Jedyna w swoim rodzaju i niepowtarzalna kolekcja biżuterii ze znakiem nieskończoności. Odkryj wzory i modele dostępne w Apart i noś ten niezwykły symbol z dumą.
لیدی ویش | طلا،میوکی،دستبند،گوشواره،پابند،چوکر،گردنبند (@ladywish_accessories) • Instagram photos and videos
فرمانِ آخری نبی ﷺ جو شخص وعدے کا پابند نہیں اس کا کوئی دین نہیں۔ (مسنداحمد،4/271،حدیث:12386)
Surah al-araf ayat 172-174 part-02Para/juzz - 09Dars # 718Topic : کیا ہم وعدہ الست کے پابند ہیں#IslamicChannel #Quran #Islamic #Maarifulquranنیکی کی بات پھیل...
Name Hadad Represent Gender: Boy, Meaning: Joy; Noise; Calmer; , Hadad Name Meaning in Urdu: قید کرنے والا، پابند کرنے والا, Origin: Arabic and Religion: Islam Nicknames for Hadad and Sibling ideas
بانی چیئرمین عمران خان نے ہمیشہ موروثیت کے بجائے نظریے کی سیاست کو مقدم رکھا اور اسی لیے وہ آج پابند سلاسل ہیں،علی امین گنڈاپور کی بطور وزیر اعلیٰ کے پی نامزدگی بھی اسی نظریے کی عکاس ہے۔ #PrimeMinisterImranKhan
چیئرمین عمران خان ہمت بہادری اور حب الوطنی کا استعارہ ہیں ایک خودار ریاست پاکستان جہاں انصاف کی یکساں فراہمی ہو یہ خواب ہی ان کا سب سے بڑا جرم ہے جس کے لیے آج وہ پابند سلاسل ہیں۔ #FreeImranKhanNow
*اگر وہ کافر اپنے ملکی قانون کے پابند ہیں تو ہم اپنے آقا و مولا ﷺ کے قانون کے پابند ہیں* *کہ* *مَنْ سَبَّ نَبِيََّا فَاقْتُلُوْه* *قیامت تک جو رسول اللّٰہ ﷺ کے بارے میں بات کرے اسکو کاٹ کر رکھ دو!* *4 ستمبر 2020 کے دن* *امیر المجاہدین نور اللّٰه مرقدہ نے ہمیں یہ نعرہ عطا کیا تھا* *اس نعرے کو اپنے سٹیٹسز پر اور سوشل میڈیا پر ہر جگہ یوں بلند کریں کہ عالم کفر آج بھی اسی طرح ہیبت زدہ ہو جائے جیسے امیرالمجاہدین نور اللّٰه مرقدہ کے انداز سے ہوا کرتا تھا*
کامران بنگش ایک نوجوان اور نظریاتی سیاسی ورکر ہیں لیکن پی ٹی آئی کا حصہ ہونے اور عمران خان سے وفاداری نبھانے کے نتیجے میں غیر قانونی طور پر پابند سلاسل ہیں قوم کامران بنگش کی غیر قانونی گرفتاری سے فوری رہائی کا مطالبہ کرتی ہے۔ #ReleaseKamranBangash
چیئرمین عمران خان کیخلاف قانون اور آئین کے مطابق کوئی کیس بنتا ہی نہیں پھر بھی انھیں حقیقی آزادی کی جدوجہد سے ہٹانے کے لیے جعلی کیسز کا سہارا لے کر پابند سلاسل کیا گیا ہے جب کہ ایک عدالتی مجرم کو ڈیل کے تحت تمام آزادیاں دی گئی ہیں۔ ناحق_قید_عمران_خان
کپتان عمران خان سمیت پی ٹی آئی لیڈرشپ کو پابند سلاسل رکھنے کا مقصد ان کے حوصلے کو توڑنا ہے لیکن ان ناپاک عزائم میں نہ تو مافیا رجیم کامیاب ہوئی ہے اور نہ ہوگی، عمران خان سے کروڑوں پاکستانیوں کی امیدیں وابستہ ہیں اور وہ جانتے ہیں کہ کپتان کی رہنمائی میں ہی وہ حقیقی آزادی جیسی عظیم تحریک میں کامیاب ہوسکتے ہیں۔ #خان_پریشر_لے_گا_نہیں_دے_گا
رزق حلال سے لهو میں ایسی مثبت لہریں پیدا ہو تی ہیں جن سے روح میں کوئی مغائرت پیدا نہیں ہوتی ۔ جس وقت حلال رزق پیٹ میں پہنچتا ہے۔تو انسان رب کی ثنا اور اس کے احکامات کا خود بخود پابند ہو جاتا ہے۔۔۔ لیکن جب حرام، جسم کے اندر داخل ہوتا ہے تومنفی اسروں پھیل جاتا ہے اور ہر جرثومہ کی زندگی منفی طور پر متاثر ہوتی ہے اور وہ وقت سے پہلے ٹوٹنے لگتا ہے ۔ رزق حرام سے جو تغیرات پیدا ہوتے ہیں اُس سے پیدا ہونے والے صرف لولے لنگڑے اندھے ہی نہیں بلکہ نا امید بھی ہوتے ہیں نسل انسانی سے۔۔ اور یہ جینز نسل در نسل سف
ڊاڪٽر ڀائي خان ’هالار‘ سولنگي مٺل جسڪاڻي خيرپور جي خمير مان جنم وٺندڙ، ڊاڪٽر ڀائي خان ’هالار‘ سولنگي شاعر، نثر نويس، استاد، محقق، سماجي سرگرمين ۾ مصروف ۽ اهڙو روشن ڏيئو آهي، جنهن جو تعارف ڪرائڻ ضروري نه هجڻ باوجود، ان ڪري تعارف ڪرائڻ ضروري ٿو سمجهان، ته پاڻ وٽ موتيءَ-داڻن کي مڃتا ڏيڻ جو ڪو خاص رواج نه آهي! ان هوندي به هيءُ اڻ ورچ شخص، لوڪ کان لڪي به، پنهنجي مثبت عمل ۾ مصروف هوندا آهن. ڊاڪٽر ڀائي خان ’هالار‘ سولنگي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪيم. هن ٻڌايو ته؛ پاڻ سگا برانچ حيدرآباد جو اطلاعاتي، انفارميشن سيڪريٽري آهي. سگا جي هائوسنگ سوسائٽي جو ڊائريڪٽر آهي. آل پاڪستان سولنگي ويلفيئر ايوسيئيشن جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري آهي. سنڌ ڊولپمينٽ ايسوسيئيشن (هن تنظيم وسيلي حيدرآباد ۽ برطانيه ۾ ڪم ڪندڙ ڊاڪٽرن جي مالي سهڪار سان، 21 سرڪاري اسڪولن کي ايڊاپٽ ڪيو ويو آهي. انهن اسڪولن جي هر طرح کان سار سنڀال لڌي ويندي آهي، غريب شاگردن جي مالي سهائتا ڪئي ويندي آهي) جو جنرل سيڪريٽري آهي. سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ استاد تنظيم جو سرگرم ڪارڪن ئي نه، مختلف عهدن تي به رهيو آهي، ۽ ٻين به علمي، ادبي ۽ سماجي تنظيمن ۾ رڪنيت هجڻ ڪري، هڪ سرگرم ڪارڪن ميمبر آهي. ’هالار‘ سولنگي ٻڌايو ته؛ هن خيرپور ضلعي جي شهر راڻيپور لڳ، ڳوٺ ملهيراڻي سولنگي جي بنياد وجهندڙ ملھيار خان جي پوٽاڻ مان، استاد ڄام قربان علي سولنگي جي گهر ۾ 20 جون 1971ع تي اک کولي. سندس والد محترم جو تعارف ڪرائيندي ٻڌايائين ته؛ هو علائقي جو مشهور نيڪ مرد ۽ استاد ته هو ئي، پر سندس ڳوٺ جو، ملهير جي خاندان مان اٺون پڳدار به هو. ان ڪري ڀائي خان هالار سولنگي جي چوڻ موجب؛ سندس تعليم، تربيت ۽ رهڻي ڪهڻي تي، ان جو تمام گهڻو مثبت اثر مرتب ٿيو. هن ٻڌايو ته؛ سندس والد 1945ع ۾ بامبئي يونيورسٽي مان مئٽرڪ ڪئي، انٽرميڊيئيٽ، بي اي، بي ايڊ ، ايم اي مسلم هسٽري ۽ ايم ايڊ سنڌ يونيورسٽي مان ڪئي. هن 1945ع کان سيڪنڊري اسڪول ٽيچر رپڙي کان استاد طور خدمتن جي عملي شروعات ڪئي. پاڻ راڻيپور هاءِ اسڪول جو پهريون هيڊماسٽر ٿيو. اهڙيءَ طرح 43 سال تعليم جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ خدمتون انجام ڏيندي، پهرين جون 1988ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. ڀائي خان چيو ته؛ سندس ڏاڏو ڀائي خان سولنگي، ڳوٺ جو ستون پڳدار به هو ۽ خيرپور رياست جي انتظامڪاري ۾ ڪرسي نشين زميندار به هو. ڪرسي نشين زميندار، مون اڳ ۾ نه ٻڌو، نه پڙهيو ھيو. ان ڪري ان بابت وضاحت پڇيمانس ته ٻڌايائين؛ ان دور ۾ رياست ڌڻي هزهائينس مير علي مراد خان ٽالپر، اهڙي شخص کي ڪرسي نشين زميندار قرار ڏيندو هو، جيڪو لکيل پڙهيل هجي. ان کي فارسيءَ جو علم هجي. قرآن شريف جو حافظ ھجڻ سان گڏوگڏ حديث ۽ سنت جو پابند هجي. ان دور ۾ خيرپور رياست ۾ ست ڪرسي نشين زميندار هوندا هئا، جيڪي اتي جي عام ماڻهن جي فيصلي لاءِ، اڄڪلهه جي ميجسٽريٽ جهڙا اختيار رکندڙ منصف هوندا هئا. جيڪڏهن ڪو وڏو مسئلو ٿيندو هو، ته اهي ستئي ڪرسي نشين زميندار رياست جي ڌڻي، واليءِ رياست جي سربراهي ۾ گڏ ويهي حتمي فيصلو ڪندا هئا. ڊاڪٽر سولنگي ٻڌايو ته؛ سال 1942ع ۾، سندس ڳوٺ ۾ پهريون پرائمري اسڪول سندس ڏاڏي ڀائي خان قائم ڪرايو. جنهن ڪري هن ڳوٺ ۾ اڄڪلهه وڌ ۾ وڌ تعليم يافته ۽ مختلف شعبن ۾ ماهر موجود آهن. ڊاڪٽر ڀائي خان به پرائمري تعليم سندس ئي اباڻي ڳوٺ ۾ 1975 کان 1980ع دوران مڪمل ڪري، 1981 کان 1986ع تائين گورنمينٽ هاءِ اسڪول راڻيپور مان ميٽرڪ پاس ڪري، 88 - 1987 دوران گورنمينٽ ڊگري سائنس ڪاليج گمبٽ مان انٽر سائنس، پري انجنيئرنگ گروپ ۾ پاس ڪري، 1989ع ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ داخلا ورتي. جتان جيتن جي دنيا ائنٽامالاجيءَ ۾، 1994ع ۾ بي ايس سي ڪرڻ کان پوءِ، 1995ع ۾ ايم ايس سي جو شاگرد ئي هو، ته 22 جولاءِ 1995ع ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو زرعي ڪاليج ڏوڪري ۾ ڪانٽريڪٽ تي ليڪچرر مقرر ٿيو ۽ ان دوران ئي ايم ايس سي به مڪمل ڪري ورتائين. وقت به وقت ترقي ماڻيندي، اعليٰ تعليم لاءِ به سرگرم رهيو. پي ايڇ ڊي لاءِ هن 2011ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي زولاجي ڊيپارٽمينٽ ۾، پروفيسر ڊاڪٽر محمد سعيد وڳڻ صاحب وٽ داخلا وٺي، نيوڪلئير انسٽيٽويٽ آف ايگريڪلچر ٽنڊوڄام ۾ فني مهارتي سهڪار سان ڊاڪٽر نذير احمد جي تعاون سان تحقيق مڪمل ڪري، 2016ع ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. اڄڪلهه سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ڪراپ پروٽيڪشن فيڪلٽي ۾، ڊپارٽمينٽ آف ائنٽامولاجي ۾ ايسوسيئٽ پروفيسر طور فرائض انجام ڏئي رهيو آهي. ڊاڪٽر ڀائي خان پرائيويٽ امتحان ڏئي، بي اي، ايم اي پوليٽيڪل سائنس فرسٽ ڪلاس ٿرڊ پوزيشن ۾ ۽ ايم اي ماس ڪميونيڪشن/ جرنلزم ۾، ٽن سالن واري عرصي ۾ ايل ايل بي فرسٽ ڪلاس ۾ ڪئي. نوڪريءَ دوران ننڍي وڏي مُدي جي 20 کان وڌيڪ سکيا جي پروگرامن ۾ ڪامياب شرڪت ماڻي. هن وقت تائين سندس نگراني ۾ لڳ ڀڳ 40 شاگرد ايم ايس سي ڪري ويا آهن. اهو سلسلو جاري آهي، مستقبل ۾ ايم ايس سي ۽ پي ايڇ ڊي اسڪالرس جي نگراني سرانجام ڏيڻ جو ارادو رکي ٿو. هن وقت تائين سندس 60 کان وڌيڪ قومي ۽ بين الاقوامي مڃتا ماڻيل تحقيقي جرنلس ۾ تحقيقي مقالا شايع ٿيل آهن. نوڪريءَ دوران استاد طور ذميواريون نڀائيندي، ڊاڪٽر سولنگي ڊپٽي هاسٽل پرو ووسٽ، فيڪلٽي جي بورڊ آف اسٽڊيز جو ميمبر رهيو آهي ۽ ڊپارٽمينٽ ۾ اڃا به ميمبر آهي. اڄڪلهه سي پي ٽي فيڪلٽي ۾ گريجوئيٽ پروگرام جو ڪوآرڊينيٽر آهي. سنڌ سائنس سوسائٽي ۾ اسوسيئيٽ سيڪريٽري آهي. ان کان اڳ، 1992 کان 1994ع دوران، جڏهن شاگرد هو ته هن مختلف اخبارن جهڙوڪ؛ روزاني آفتاب، بختور، عبرت ۽ سنڌنيوز ۾، توڙي سنڌ لائين مئگزين ۾ به سب ايڊيٽر رهيو. ڊاڪٽر ڀائي خان ’هالار‘ سولنگي جي شاعري ۽ نثر سارنگ شاگرد مئگزين، عبرت مئگزين، روزاني آفتاب، عبرت، بختور، سوال، ڪاڪ، سوڀ، هلال پاڪستان، عوامي آواز، برسات، جاڳو، مهراڻ، ڪاوش ۾، توڙي ٽماهي مهراڻ ۽ ٻين رسالن ۾ پڻ شايع ٿيندو رهيو آهي. ”فرزند سنڌ استاد ڄام قربان علي سولنگي: هڪ فرض شناس ۽ مثالي ڪردار“ ڪتاب جو مرتب آهي. سندس هڪ فرزند ارجمند سراج احمد سولنگي ايم بي بي ايس ڊاڪٽر آهي ۽ ٻيا ٻار تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. (هفتيوار سنڌ اشوز حيدرآباد، سومر 31 جولاءِ 2017ع کان آچر 06 آگسٽ 2017ع تائين)
جيوڻي ٻائي ورسيءَ جي مناسبت سان سرن سان جيءُ جياريندڙ ناصر قاضي گرگلا قوم هندستان جي هڪ قديم قوم آهي، جيڪي هڪڙي خانه بدوشيءَ واري زندگي گذاريندا هئا، جن جپسي پڻ سڏيو وڃي ٿو. انهن خانه بدوشن ۾ ويهين صديءَ جي شروعات ۾ هڪ نينگري اهڙي به ڄائي، جنهن ڄمڻ سان فقيرن جي گودڙين ۾ ساهه ٻوساٽيل وجود سان پنهنجي زندگيءَ جو آغاز ڪيو، جنهن ڄمڻ سان ئي در در تي صدائن جا پڙلاءَ پنهنجي ڪنن ۾ ٻُرندي محسوس ڪيا ۽ اڳتي هلي سندس ٻالڪپڻ ڳائيندي، لوٽو کڙڪائيندي، در در صدائون هڻندي، رولاڪيون ڪندي، پنهنجي جيڏين ۽ سرتين سان گداگري ڪندي گذريو، پر شايد سندس صدائون عرش تي اهڙيون اگھاميون، جو اڳتي هلي هيءَ ننڍڙي پينانگ فقيرياڻي پوري برصغير ۾ سرن جي دنيا تي راڄ ڪندي نظر آئي، سندس آلاپيل سر هند کان سنڌ تائين هنڌين ماڳهين اهڙا ته گونجڻ لڳا، جو اهي جيوڻي ٻائيءَ جي نالي سان هميشه لاءِ سندس سڃاڻپ بڻجي ويا. جـيـوڻي ٻائيءَ هندستان جي راجپوتانا علائقي جي ’ڀيلواڙ‘ رياست ۾ ’گرگلا‘ قوم ۾ جنم ورتو، ڪن لکتن موجب سندس ڄم جي تاريخ ۲۲ جنوري ۱۹۰۱ع ڄاڻايل آهي. جيوڻيءَ جي پتا جو نالو ڦڪـو گـرگلـو، جڏهن ته سندس ماتا جو نالو ’ماڻڪي‘ هو، جيوڻيءَ جو اصل نالو ته ’جيدي‘ هو. جيئن ته مٿي بيان ڪيل آهي ته جيـوڻيءَ جا والدين غربت سبب گداگريءَ تي گذران ڪندا هئا ۽ کيس به ان جي تربيت ڏني وئي. هوءَ جڏهن ستن اٺن سالن جي ٿي ته پاڻ پنهنجي چئن، پنجن ساهيڙين سان گڏجي در در تي صدا به هڻندي هئي ۽ ڳيچ به ڳائيندي هئي، ان وقت ئي جيوڻيءَ جو آواز پيارو ۽ من موهيندڙ هوندو هو ۽ پنهنجي مڙني هم پيشه ساهيڙين مان سندس ئي آواز نمايان هوندو هو. پر اڳتي هلي ۱۹۱۸ع ڌاري جيوڻيءَ جي پتا ڦڪوءَ جي زندگيءَ ۾ هڪ هاڪارو انقلاب آيو، جو هو پنهنجو وطن ڇڏي ملتان اچي پنهنجي پوري ڪٽنب سميت حضرت شمس تبريز جي متوليءَ جي هٿ تي اسلام قبوليو. ان بعد ڦڪو ’فتح محمد‘ ٿي ويو ۽ گداگريءَ واري ڪرت هميشه لاءِ ڇڏي ڏنائين، جنهن کانپوءِ ۱۹۲۸ع ڌاري جيوڻي ٻائي سنڌ ۾راڻيپور جي بزرگ سائين صالح شاهه جي خدمت ۾ حاضر ٿي سندس مريدياڻي ٿي، جنهن بزرگ سندس نالو ’جيدي‘ مان بدلائيندي، سندس دعائيه نالو ’جيئڻي ٻائي‘ (سدائين جيئڻ واري) رکيو هو، جيڪو ’جيئڻي‘ مان ڦري ’جيوڻي‘ ٿي ويو، جنهن کانپوءِ جيوڻي ٻائيءَ جي نالي سان سنڌ توڙي هند ۾ مشهور ٿي ۽ هوءَ اڳتي هلي سنڌ جي هاڪاري ڳائڻي ثابت ٿي. سندس آواز ۾ اهڙو ته جادُو هو جو ٻڌڻ وارن جون دليون موهجي ويـنـديـون هـيـون. ملتان ۾ رهڻ دؤران جيوڻيءَ جي ملاقات مشهور راڳي استاد امير خان سان ٿي، جيڪو سندس آواز ۽ شخصيت کان ايترو ته متاثر ٿيو، جو جيوڻي ٻائيءَ کي رئو پارائي، پنهنجي ڌيءَ بڻائي، کيس راڳ جي تعليم ڏيڻ شروع ڪئي ۽ موٽ ۾ جيوڻيءَ به ڌيءُ جي رشتي وارو ڀرم اهڙو پاڙيو جو جڏهن سندس استاد امير علي خان پنهنجي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ علالت جي حالت ۾ گذارڻ لڳو ۽ انهن ڏينهن ۾ جيوڻي مستقل طور تي حيدرآباد رهندي هئي ته جيوڻيءَ کيس ملتان مان حيدرآباد گھرائي سندس علاج ڪرائڻ سان گڏوگڏ هڪ ڌيءَ هجڻ جي ناتي سندس خدمت ڪرڻ مان به ڪين گھٽايو. استاد امير خان جي سرپرستيءَ ۾هوءَ ميلن ملاکڙن ۽ محفلن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندي، فني منزلون طئي ڪندي رهي. سندس ڏيهان ڏيهه شهرت وڌڻ لڳي ۽ ملتان کان ڪراچيءَ تائين کيس راڳ جي محفلن ۾ دعوتون ڏئي گھرايو ويندو هو. سنڌ جا ماڻهو کيس گهڻو چاهيندا هئا ۽ پنهنجي محفلن ۾ کيس گهرائيندا هئا. هڪ دفعي شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي ميلي تي جيوڻي ٻائي آيل هئي، اتي سندس ملاقات سنڌ جي مشهور راڳي خانصاحب استاد خير محمد خان سان ٿي، جيوڻي استاد جي فن، شخصيت کان بيحد متاثر ٿي ۽ استاد خير محمد خان کي استاديءَ لاءِ عرض ڪيائين، جنهنڪري جيوڻي ملتان ڇڏي اچي حيدرآباد ۾ رهائش پذير ٿي ۽ استاد خير محمد خان کان راڳ جا سبق سکيائين. خاص ڪري سنڌي ڪافي ڳائڻ جي سکيا ورتائين ۽ پوءِ ته سڄيءَ سنڌ توڙي هند ۾سندس آواز گونجڻ لڳو، انهن ڏينهن ۾ ننڍي کنڊ ۾ ميڊيا جي حوالي سان گرامون فون ريڪارڊنگ ڪمپنين جو عروج هوندو هو ۽ اهڙيءَ طرح جيوڻي ٻائيءَ جي آواز ننڍي کنڊ جي هڪ ٻئي عوامي ڪلاڪار ماسٽر چندر کي گهڻو متاثر ڪيو، جنهن مهاراج ترسي داس جي معرفت سان جيوڻي ٻائي جو آواز رڪارڊ ڪرايو، جيوڻي ٻائيءَ جي ريڪارڊ ٿيل سڀ کان پهرين ڪلام جي موسيقي ڪمار خان ترتيب ڏني، جڏهن ته ان ڪلام جو رڪارڊنگ انجنيئر لال چند هو. اهڙيءَ طرح سندس آواز ۾ ريڪارڊ ٿيل ڪلامن سبب سنڌ سميت سموري ننڍي کنڊ ۾ هر طرف کان جيوڻيءَ کي داد جا درياءَ پلئه پيا. جيوڻي پاڻ به شاعره هئي، تنهنڪري ٻه ٽي رڪارڊ پنهنجي آواز ۾ پنهنجي شاعريءَ جا به رڪارڊ ڪرايائين. ان کان سواءِ هوءَ عبدالڪريم گدائي، حاجي شاهه، پرسرام ضياءَ توڙي ٻين شاعرن جا ڪلام پڻ ڳائيندي هئي. جيوڻي اسلام قبول ڪرڻ بعد حيدرآباد جي هڪ عالم الله بخش نوناريءَ کان قرآن شريف ۽ ديني تعليم حاصل ڪئي، پاڻ روزي نماز جي پابند هئي، کيس پنجتن پاڪ سان وڏي عقيدت هئي. ۱۹۳۲ع ۾ هن هڪ شخص نواب ماڪا سان شادي ڪئي، پر هن کي ڪو به اولاد نه ٿيو. جيوڻي ٻائي وڏي سريلي فنڪاره هئي. هن پنهنجي وقت ۾ ايترو ته نالو پيدا ڪيو، جو آل انڊيا ڪانفرنس ۾ لڳاتار تيرهن سالن تائين شرڪت ڪري سنڌ جي نمائندگي ڪيائين. جيوڻي ٻائيءَ جي آواز ۾ هز ماسٽرز وائس گراموفون رڪارڊنگ ڪمپنيءَ پاران سؤ کان وڌيڪ گراموفون رڪارڊ جاري ٿيا، جيڪي سڀ جا سڀ مقبول ٿيا. اهو ئي سبب هو، جو ڄاڻايل ڪمپنيءَ پاران جيوڻيءَ جي آجيان ۾ هڪ شاندار جشن ملهايو ويو، جنهن ۾ ساڍا ڏهه تولا سون جو ٺهيل ڪمپنيءَ جو مونوگرام کيس ايوارڊ طور ڏنو ويو. سندس آواز ۾ ريڊيي پاڪستان تان رڪارڊ اڄ تائين نشر ٿيندا رهندا آهن، جن ۾ ’قابو ڪوٽن ۾‘ ۽ ’بي درد جي اقرار ۾ هرگز نه سچائي آ‘ جهڙا ڪلام ٻڌي، جيوڻيءَ جي ياد تازي ٿيو وڃي. جيوڻي ٻائيءَ جي وفات بابت ٻه واقعا مشهور آهن، جن مان هڪ واقعو هن ريت آهي ته روهڙيءَ ۾ سندس هڪ سڪ جي سڏيل ڀاءُ کيس پنهنجي پٽ جي شاديءَ جي دعوت جو نياپو موڪليو ته ”مُهنجي پٽ جي شادي آهي ۽ ان ۾ پڦيءَ جي حيثيت سان توهان جي شرڪت ضروري آهي ۽ اسان جو عرض آهي ته اتي توهان کي عزيزن اڳيان ڳائڻو به پوندو“. جيوڻيءَ جي ان وقت طبيعت تمام گھڻي خراب هئي، پر ان باوجود هن پنهنجي سڪ جي سڏيل ڀاءُ جي خواهش جو احترام ڪندي شاديءَ ۾ شرڪت ڪرڻ لازمي سمجھيو. جيوڻيءَ شاديءَ ۾ نه صرف شرڪت ڪئي، پر هن ڀرپور نموني سان ڳايو، تقريب ختم ڪرڻ کان پوءِ رات جو دير سان پنهنجي طبيعت ويتر خراب ٿيندي محسوس ڪيائين ۽ ان وقت ئي روهڙيءَ مان حيدرآباد وڃڻ جي تياري ڪيائين. ان زماني ۾ لاهور کان ڪراچي صرف هڪ ريل گاڏي هلندي هئي جنهن کي لاهور ميل چوندا هُئا، جيوڻي ان ريل گاڏيءِ ۾ چڙهي حيدآباد لاءِ رواني ٿي وئي. پر جيوڻي جڏهن حيدرآباد اسٽيشن جي پليٽ فارم تي پهتي ته سندس روهڙيءَ کان حيدرآباد واري سفر سان گڏ سندس زندگيءَ جو سفر پڻ پورو ٿيو ۽ اسٽيشن تي ئي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين. جڏهن ته سندس وفات لاءِ ٻيو واقعو هن ريت آهي ته هڪ ڀيري جيوڻي ٻائي ريل گاڏيءَ ۾ سفر ڪري رهي هئي ته ساڻس سفر ڪندڙ ڪي همسفر پنهنجي هڪ صندوق جي امانت کيس سونپي، عارضي عذر ڄاڻائي ڪيڏانهن هليا ويا، ٻئي طرف کان پوليس کي اطلاع مليو ته ساڳئي ريل ۾ هڪ قتل ٿيل لاش صندوق ۾ بند پيو آهي. انڪوائريءَ دؤران پوليس جڏهن ڄاڻايل ريل گاڏيءَ جي تلاشي ورتي ته اتفاق سان جيوڻي ٻائيءَ وٽان ساڳئي صندوق مان لاش برآمد ٿيو، جنهن صندوق جي جيوڻي امانت دار طور حفاظت ڪري رهي هئي، پر کيس به معلوم نه هو ته ان صندوق ۾ ڇا بند ٿيل آهي..!! تلاشيءَ بعد جڏهن ساڳئي صندوق مان هڪ لاش برآمد ٿيو ته سڌو سنئون الزام جيوڻيءَ تي آيو، ڪيس هلڻ دؤران جيوڻي پنهنجي بيگناهي ثابت ڪرڻ بابت ڪو به دليل پيش نه ڪري سگھي، نتيجي ۾ جيوڻي ٻائيءَ کي بيگناهه سزاءِ موت جو فيصلو ٻڌايو ويو. ڪيترن ئي لکتن ۾ سندس وفات جي تاريخ ۰۵ جون ۱۹۴۲ع ٻڌائي وڃي ٿي. جيوڻي ٻائي لوڪ ڳائڻي جي ياد ۾ ابراهيم لاشاري سونهاري سنڌ هميشه مختلف وقت به وقت سر ۽ سنگيت جي گلن ۽ سرهاڻ سان سرشار رهي آهي ۽ انهن سرسنگيت جي ڳائڻ هر دور ۾ پنهنجي سنڌ جو نالو ڏيهان ڏيهه مشهور ۽ روشن ڪيو آهي ان سر ۽ سنگيت جي لڙهي مان هڪ گل ۽ لازوال۽ بي مثال ڳائڻ منجهان جيدي (جيوڻي ٻائي) به هڪ لوڪ ڳاڻي ۲۲ جنوري ۱۹۰۱ع اڱاري ڏينهن ڌاري هندستان جي راجپوتانا علائقي جي (ڀيلواڙ) رياست جي (گرگلا) قوم جي هڪ لاڏائو قبيلي (سانسي) جو ڪاري (سانوري رنگ) جي ڦڪو گرگلو نالي شخص جي گهر کان پنهنجي زندگي جو سفر شروع ڪيو جڏهن ته سندس مٺڙي امڙ جو نالو (ماڻڪي گرگلي) هو سندس والدين نهايت غريب ۽ مسڪيني واري زندگي دوران گداگري ڪري پيٽ پاليندا هئا. جيوڻي جو سچو اصل نالو (جيدي) هو جيوڻي جا والدين گداگري جي تربيت به پنهنجي نياڻي کي ستن اٺن سالن دوران ڏني ۽ جيوڻي ٻائي پنج ڇهه ٻيون ساهڙيون گڏ جي در در تي (آهي الله) جي سئن هڻنديون هيون ۽ ان دوران ڳيچ به ڳائينديون هيون ان ئي زماني ۾ جيوڻي کي قدرت واري سريلي ۽ من موهيندڙ آواز سان نوازي ڇڏيو هو سندس آواز منجهه وڏو سوز سمايل هوندو هو ۽آواز جي ڀيٽ ۾ ٻين ساهڙين کان وڌيڪ اثرائتو ۽ پيارو هو. ۱۹۱۸ع ڌاري جيوڻي ٻائي جو والد ڦڪو گرگلو زماني جي مونجهارن ۽ گردشن جي ڪري پنهنجي وطن کي الوداع ڪري ڇڏي اچي پياري پاڪستان جي ملتان شهر ۾ جهوپڙي هڻي رهائيش اختيار ڪئي جتي جيوڻي ٻائي جي اوچتو هڪ وڏي مشهور گويي استاد امير خان سان ڏيٺ وائيٺ ٿي جيڪو جيوڻي جي سريلي ۽ درديلي آواز کان ايترو ته متاثر ٿيو جو هن جيوڻي ٻائي جي مٿي تي رئو پارائي پنهنجي ڌي بڻائي کيس سر سنگيت جي علم جي سکيا ڏني هاڻ جيوڻي ٻائي جي والد جو به هن گويي استاد امير خان سان ايترو ته قرب وڌي ويو جو سموري قبيلي سميت گڏجي حضرت شمس تبريز جي متولي جي هٿ هيٺ مسلمان ٿي ڦڪو گرگلو مان نالو تبديل ڪري اسلامي نالو (فتح محمد) رکرايو اسلام قبول ڪرڻ بعد هن سموري ڪٽنب سميت گداگري (پنڻ) واري ڪرت ڇڏي ڏني. سال ۱۹۲۸ ع ڌاري جيوڻي ٻائي سنڌ جي راڻيپور جي هڪ بزرگ سائين صالح شاهه جي خدمت ۾ حاضر تي مريدياڻي ٿي هن بزرگ صالح شاهه سندس جو اصلي نالو (جيدي) تبديل ڪري سندس نالو (جيئڻي ٻائي) يعني (هميشه سدائين جيئڻ واري) رکيو، حيدرآباد ۾ جيوڻي جي سڃاڻپ سنڌ جي هڪ گويي استاد خير محمد سان ٿي جيڪو راڳ جو وڏو ڄاڻو هوندو هو. اهو ئي سبب هو جو سنڌ جي مشهور لوڪ فنڪارا به هن جي حسن جي سٽ نه سهي سگهي ۽ وڃي استاد خير محمد سان دل جو ناتو جوڙي ويٺي. جيوڻي استاد خير محمد کان سر سنگيت جا سڀ گر سکيا ۽ ڳائڻ جي مڪمل سکيا وٺي، انهيءَ زماني ۾ مشوري ماڻي ورتي. جتي ڪٿي ’واهه واهه جيوڻي‘جي صدا پئي هلي. مطالعي ڪرڻ بعد معلوم ٿيو ته وري سال ۱۹۳۲ع ڌاري جيوڻي ٻائي جي هڪ (نواب ماڪا) نالي شخص سان ملاقات ٿي جنهن بعد ٻنهي هڪٻئي سان گڏ زندگي گذارڻ جو وچن ڪيو، نواب ماڪا ڪئين به هو پر هو الله تعالي جي درد تي پنج ئي وقت نماز پابندي سان ادا ڪندو هو ۽ روزا به پابندي سان رکندو هو نواب ماڪا کي جيوڻي ٻائي کان پهريان به هڪ گهر واري هئي جيڪا سندس (مائٽياڻي) هوندي هئي جيڪا سندس سکر ڀرسان پنهنجي ڳوٺ ۾ رهندي هئي ان گهر واري منجهه ڪافي اولاد هيس مگر جيوڻي ٻائي مان ڪو به اولاد نه ٿيس جيوڻي هڪ زبردست سنڌي موسيقي جو سداحيات امر آواز جو نالو هئي. جيوڻي ٻائي صبح جي وقت روزانو ڳائڻ سندس معمول هوندو هو ۽ زندگيءَ جي آخري گهڙي تائين اهو عملي سلسلو جاري رهيو. جيوڻي جنهن زماني ۾ ڳائيندي هئي ته ان زماني ۾ سڄي ننڍي کنڊ ۾ گرامون فون ريڪارڊنگ ڪمپنين جو عروج هوندو هو اهڙي طرح ان زماني جي مشهور عوامي ڪلا سيڪي فنڪار ماسٽر چندر پڻ جيوڻي ٻائي جي آواز مان تمام گهڻو متاثر ٿي مهاراج ترسي داس جي معرفت سان ڪراچي ۾ جيوڻي ٻائي جو آواز رڪارڊ ڪرايو هو ان آواز جي موسيقي ڪمار خان ترتيب ڏني هئي ۽ انجنيئر وري لعل چند هو جيوڻي هن تمام گهڻ فونا رڪارڊ ڪمپنين سان معاهدا پڻ ڪيا مگر هن ( هزماسٽر وائيس) کان هڪ سو کان به وڌيڪ گرامون فون رڪارڊ ڪرايا ان سبب جي ڪري ڪمپني هڪ زبردست جشن ملهايو ان ڪمپني جيوڻي ٻائي کي مڃتا طور تي (ساڍا ڏهن تولا سون) جو ٺهيل ايوارڊ پيش ڪيو هو. جيوڻي ٻائي تمام سريلي فنڪارا هئي موسيقي جي دنيا ۾ تمام وڏي مڃتا ماڻي. جتي به هو ڳائيندي هئي ته ماڻهن جا هجوم گڏ ٿي ويندا هئا جيوڻي ٻائي جيڪا ڪاري رنگ وڏين اکين جي مالڪ ڀريل جسم ڊگهي قد گول ۽ سونهندڙ چهري واري جيوڻي ٻائي باعزت عورت هئي پاڻ نماز ۽ روزي جي به پابند هوندي هئي پنجتن سان کيس وڏي عقيدت پڻ هوندي هيس سندس آواز ۾ رڪارڊ ريڊيو پاڪستان تان نشر ٿيندا رهندا آهن اڄ به سندس ڪلام پراڻن جهونن پرستارن کي ساڙيو ڇڏي ٿو سندس مشهور ڪلام ٻول (قابو ڪوٽن ۾) ۽ (بي درد جي اقرار ۾ هرگز نه سچائي آ) ٻڌڻ سان جيوڻي ٻائي جي ياد تازه پڻ ٿيو وڃي هي لوڪ سداحيات آواز جيوڻي ٻائي ۵ جون جمعي ڏينهن سال ۱۹۴۲ع تي ۴۱ سالن ۴ مهينا ۱۴ ڏينهن جي عمر ۾ هي سدابهار آواز سر سنگيت جا سڀ ساز آواز بند ڪري پنهنجي زندگي جو سفر مڪمل ڪري، راهه رباني وٺي وئي. سندس اڄ ۷۵ ورسي، نهايت عقيدت سان ملهائي ويندي. جيوڻي ٻائي سنڌ جي امر گلوڪاره حميد ڀٽو سنڌ اندر هزارين فنڪارن جنم وٺي سنڌ جي فن جي شاندار نموني سان خدمت ڪئي آهي، فن جي دنيا سان تعلق رکندڙ سنڌ جي نالي واري گلوڪاره جيوڻي ٻائي پڻ هڪ آهي، جنهن پنهنجي جادوئي آواز واري فن سان پنهنجو منفرد مقام حاصل ڪيو آهي. جيوڻي ٻائي ۲۳ جنوري ۱۹۰۱ع ڌاري انڊيا جي ”پيلواڙي“ رياست ۾ ڦڪو فقير جي گهرجيڪو هڪ خانه بدوش خاندان هو تنهن ۾ جنم ورتو. جڏهن ته سندس وڏڙن جو گذر سفر پنهنجي علائقي مان سير، سفر ۽ پنڻ تي هوندوهو. جيوڻي ٻائي جي امڙ ماڻڪي خاتون خيرات وٺڻ دوران لوٽي تي ڳائيندي وڄائيندي هئي. ماڻڪي جڏهن پنهنجي ساهيڙين سان گڏ پنڻ تي ويندي هئي ته سندس ننڍڙي نياڻي جيوڻي کي پنهنجي رئي يا چادر وسيلي پٺيءَ سان ٻَڌي کڻي ويندي هئي. جيوڻي ننڍپڻ ۾ پنهنجي امڙ کي لوٽي تي ڳائيندي وڄائيندي ٻڌندي هئي، جيوڻي کي ست سالن جي ڄمار ۾ لوٽي تي ڳائي پنڻ جي تربيت سندس امڙ ڏني ۽ زندگيءَ جي شروعات کان جوانيءَ جي ڏاڪي تي پير رکندي جيوڻي پنهنجي هم عمر ساهيڙين سان گڏجي وڏڙن جي ڪرت کي جاري رکيو. جڏهن ته سندس وڏڙن ۱۹۱۸ع ڌاري پنهنجي اباڻي شهر کي ڇڏي ملتان اچي رهائش اختيار ڪئي، جتي ڳائيندي وڄائيندي ملاقات ان وقت جي ناليواري راڳي استاد اميد علي خان سان ٿي، جنهن سندس ڳائڻ ٻڌو ۽ جيوڻي جي آواز ۾ درد محسوس ڪندي کيس باقاعدي راڳداري جي مڪمل سکيا وٺڻ جو چيو، جنهن کانپوءِ جيوڻي مائٽن کان لڪي استاد اميد علي خان کان راڳداري جي سکيا حاصل ڪئي. جڏهن جيوڻي جي والدين کي اها خبر پئي ته سندس مٿان ناراض ٿيڻ بجاءِ استاد اميد علي سان ملاقات ڪئي. جنهن اڳتي هلي سندس ملاقات حضرت شمس تبريز سان ڪرائي. جنهن جي صحبت ۾ جيوڻي ۽ سندس خاندان وارا مسلمان ٿي ويا. ۽ سندس سندس والد جو نالو ڦڪو مان تبديل ڪري فتح محمد رکيو ويو جڏهن ته جيوڻي جو نالو ساڳيو رهيو. جيوڻي مسلمان ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي استاد اميد علي خان سان گڏجي منعقد ٿيندڙ وڏين محفلن جهڙوڪ ميلن، ملاکڙن، شادين مرادين ۾ ڳائڻ شروع ڪيو، سندس ڳائڻ واري نرالي انداز سبب کيس تمام گهڻي عوامي موٽ ملي جنهن کانپوءِ جيوڻي ٻائي ملتان کي خيرآباد ڪري حيدرآباد رهائش اختيار ڪئي. جيوڻي ٻائي حيدرآباد ۾ استاد خير محمد خان کان ۱۹۲۷ع ڌاري راڳداري جي وڌيڪ سکيا حاصل ڪئي، انهيءَ دوران جيوڻي ٻائي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ لڳندڙ مختلف هانڊن توڙي ٿيٽرن ۽ شادين مرادين جهڙن وڏن پروگرامن سميت تڏهوڪي سنڌ جي موسيقي سان چاهه رکندڙ زميندارن جي اهم راڳداري جي پرواگرامن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندي رهي، سندس اهي ڏينهن عروج وارا ليکيا وڃن ٿا، انهيءَ دوران جيوڻي ٻائي نواب ماڪا سان نينهن جو ناتو جوڙي ورتو، جيڪو ناتو ۱۹۳۲ع ڌاري شادي ۾ تبديل ٿيو ۽ جيوڻي ٻائي نواب ماڪا سان عشق جي شادي ڪري ورتي. نواب ماڪا کيس حيدرآباد ۾ رهائش جي لاءِ شاندار گهر جوڙائي ڏنو. نواب ماڪا اصل سکر جو رهواسي هو، ميلن ۾ لڳندڙ ٿيٽرن جو آرگنائيزر هو، جنهن جي پهرين شادي پنهنجي مائٽن مان ٿيل هئي. جڏهن ته جيوڻي ٻائي کي پنهنجي ڪابه اولاد نه ٿي سگهي. پنهنجي مڙس نواب ماڪا جي پهرين زال مان ٿيل ٻارڙن کي پنهنجي اولاد وانگر پيار ڪندي هئي ۽ فني دنيا مان مليل سموري ملڪيت نواب ماڪا جي ٻارڙن جي نالي ڪيائين. جيوڻي ٻاڻي جا پنهنجي وقت جي مشهور ڪمپنيز طرفان ڪلام رڪارڊ ڪيا ويا آهن ۽ جيوڻي ٻائي ان وقت جي نالي وارن گوين سان گڏ راڳداري جي وڏن مقابلن ۾ حصو وٺندي رهي، جنهن ۾ اڪثرطور تي جيوڻي ٻائي کي سوڀ حاصل ٿيندي هئي. جيوڻي ٻائي جو پنهنجي مڙس نواب ماڪا سان جنون جي حد تائين عشق هوندو هيو۽ ڪجهه استاد راڳي سندس عشق جا ويري هئا، جن جيوڻي ٻائي ۽ نواب ماڪا ۾ ڪجهه عرصو رنجشون پڻ پيدا ڪيون پر جيوڻي ٻائي پنهنجي ور سان انتها درجي جو پيار ڪندي هئي۽ هڪ ڀيري ڪنهن شاديءَ تان واپس حيدرآباد ريلوي اسٽيشن تي پهتي ته سندس سازندن جي سٿ مان هڪ سازندي جيوڻي ٻائي کي سندس ور بابت ڪوڙي ڳالهه ٻڌائي جنهن کي ٻڌڻ شرط ئي آ....ڪري جيوڻي ٻائي حيدرآباد جي ريلوي اسٽيشن تي ڪري پئي جيڪو ڏينهن ۵ جون ۱۹۴۲ع جو هو، جتي جيوڻي ٻائي دل بيهڻ سبب هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. انتهائي حساس طبيعت جي مالڪياڻي هئي، جنهن پنهنجو مذهب مٽائڻ بعد مسلمان ٿيڻ تائين نهايت ئي پاڪيزگي ۽ شائستگيءَ سان مذهب تي ڪاربند رهندي پنهنجي زندگي گهاري. اهڙي طرح سان جيوڻي ٻائي جي وڇوڙي کي ۲۰۱۵ع تائين ۷۳ سال گذري چڪا آهن پر جيوڻي ٻائي جي فن ۽ دل لڀائيندڙ آواز کي سنڌ وساري ناهي سگهي، جيسيتائين هن ڪائنات جو وجود آهي، تيسيتائين سنڌ واسي جيوڻي ٻائي کي هميشه ياد ڪندا رهندا، ڇاڪاڻ ته جيوڻي ٻائي جهڙا فنڪار هميشه امر هوندا آهن. جـيوڻـي ٻائـي سنڌ جي سدابهار گلوڪاره -سندس ورسيء جي مناسبت سان محمد عثمان ميمڻ جـيـوڻي ٻائي ڌيءَ ڦڪـو گـرگلـو، ۲۲ جنوري ۱۹۰۱ع ۾ هندستان جي راجپوتانا علائقي جي ’ڀيلواڙ‘ رياست ۾ ڄائي. سندس اصل نالو جيدي هو، پر جيوڻي ٻائيءَ جي نالي سان سنڌ هند ۾ مشهور ٿي. هوءَ اڳتي هلي سنڌ جي هاڪاري ڳائڻي ثابت ٿي. سندس آواز ۾ اهڙو ته جادُو هو جو ٻڌڻ وارن جون دليون موهجي ويـنـديـون هـيـون. جيـوڻيءَ جا والدين پن تي گذران ڪندا هئا ۽ کيس به ان جي تربيت ڏني وئي هئي. هوءَ جڏهن ستن اٺن سالن جي ٿي ته پاڻ ۽ پنج ٻيون ڇوڪريون گڏجي در در تي سئن به هڻنديون هيون ۽ ڳيچ به ڳائينديون هيون. ۱۹۱۸ع ۾ ڦڪو پنهنجي وطن کي ڇڏي ملتان وڃي ويٺو، جتي جيوڻيءَ جي ملاقات مشهور راڳي استاد امير خان سان ٿي، جيڪو سندس آواز ۽ شخصيت کان ايترو ته متاثر ٿيو، جو جيوڻي ٻائيءَ کي رئو پارائي، پنهنجي ڌيءَ بنائي، کيس راڳ جي تعليم ڏيڻ شروع ڪيائين. ڦڪي جو سڄو خاندان امير خان جي قرب ۽ صحبت ۾ هڪ ڏينهن ساڻس گڏجي حضرت شمس تبريز جي متوليءَ جي هٿ تي مسلمان ٿيو. ان بعد ڦڪو فتح محمد ٿي ويو ۽ جيوڻي در در تي وڃي خيرات وٺڻ بند ڪئي ۽ استاد امير خان جي معرفت ميلن ملاکڙن ۽ محفلن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندي، فني منزلون طئي ڪندي رهي. ملتان کان ڪراچيءَ تائين کيس راڳ جون دعوتون ملڻ لڳيون. سنڌ جا ماڻهو کيس گهڻو چاهيندا هئا ۽ پنهنجي محفلن ۾ کيس گهرائيندا هئا. هڪ دفعي شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جي ميلي تي جيوڻي آيل هئي، اتي سندس ملاقات سنڌ جي مشهور راڳي استاد خير محمد خان سان ٿي، جنهن کي جيوڻيءَ جي راڳ ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ جيوڻي به استاد کان متاثر ٿي. آخر استاد خير محمد خان جي صحبت ۾ جيوڻي ملتان ڇڏي اچي حيدرآباد ۾ رهائش پذير ٿي ۽ استاد خير محمد خان کان راڳ جا سبق سکيائين. خاص ڪري سنڌي ڪافي ڳائڻ جي سکيا ورتائين. پوءِ ته سڄيءَ سنڌ ۾سندس آواز گونجڻ لڳو، هوءَ سنڌ جي هر ميلي ۾ استاد خير محمد خان سان گڏ هوندي هئي. هڪ ڀيري شاهه قادريءَ جي ميلي تي استاد بيبو خان، استاد خير محمد خان، قاسم علي شاهه، ڀورو سک، ماسٽر چندر ۽ ٻيا مشهور فنڪار اچي شامل ٿيا، پر ميلي جي محفل موسيقي جيوڻيءَ کٽي ورتي. سندس آواز ٻڌي ماسٽر چندر گهڻو متاثر ٿيو ۽ مهاراج تلسي داس کي چيائين ته جيوڻيءَ کي ڪراچي وٺي اچ ته جيئن سندس آواز رڪارڊ ڪرايون. مهاراج تلسي داس جيوڻيءَ کي ڪراچيءَ وٺي ويو، ماسٽر چندر کيس رڪارڊنگ بابت سکيا ڏني. ڪمار خان جي موسيقيءَ ۾ جيوڻي ٻائيءَ جي آواز ۾ پهريون رڪارڊ انجنيئر لال چند رڪارڊ ڪيو. سڄي سنڌ ۾ هر طرف جيوڻيءَ جي سريلي آواز جي واهه واهه ٿي ويئي. جيوڻي پاڻ به شاعره هئي، تنهن ڪري ٻه ٽي رڪارڊ پنهنجن ڪلامن جا به رڪارڊ ڪيائين. ان کان سواءِ هوءَ حاجي شاهه ۽ پرسرام ضياءَ جا ڪلام ڳائيندي هئي. جيوڻي ٻائي سنڌ ۾ ۱۹۲۸ع ۾ راڻيپور جي بزرگ سائين صالح شاهه جي مريدياڻي ٿي. هن ئي بزرگ سندس نالو جيدي مان بدلائي ’جيوڻي ٻائي‘ رکيو هو. جيوڻي حيدرآباد جي هڪ عالم الله بخش نوناريءَ کان قرآن شريف ۽ ديني تعليم حاصل ڪئي. ۱۹۳۲ع ۾ هن هڪ شخص نواب ماڪا سان شادي ڪئي، پر هن کي ڪو به اولاد نه ٿيو. جيوڻي ٻائي وڏي سريلي فنڪاره هئي. هن پنهنجي وقت ۾ ايترو ته نالو پيدا ڪيو، جو آل انڊيا ڪانفرنس ۾ پورن تيرنهن سالن تائين سنڌ جي نمائندگي ڪيائين. ڪاري رنگ، وڏين اکين، ڀريل جسم، ڊگھي قد، گول ۽ سونهندڙ چهري واري جيوڻي ٻائي پُروقار ۽ باعزت عورت هئي. پاڻ روزي نماز جي پابند هئي، کيس پنجنتن سان وڏي عقيدت هئي. هٿ جي ڇوٽ هوندي هئي. جيوڻي ٻائي هز ماسٽرس وائس گراموفون رڪارڊ ڪمپنيءَ ۾ سؤ کان وڌيڪ گراموفون رڪارڊ ڀرايا، جيڪي سڀ جا سڀ مقبول ٿيا. اهو ئي سبب هو، جو هن ڪمپنيءَ وارن ساڻس هڪ شاندار جشن ملهايو، جنهن ۾ ڪمپنيءَ جو ساڍن ڏهن تولن جو سونو مونوگرام کيس اوارڊ طور ڏنو ويو. سندس آواز ۾ ريڊيي پاڪستان تان رڪارڊ اڄ تائين نشر ٿيندا رهندا آهن، جن ۾ ’قابو ڪوٽن ۾‘ ۽ ’بي درد جي اقرار ۾ هر گز نه سچائي آ‘ جهڙا ڪلام ٻڌي، جيوڻيءَ جي ياد تازي ٿيو وڃي. رئيس ڪريم بخش نظاماڻي پنهنجي آتم ڪٿا ”ڪيئي ڪتاب“ ۾ لکي ٿو ته جيوڻي ٻائي هڪ وڏي آواز باني گلي ۾ لهرن ۽ مڪن جي مالڪه ۽ پنهنجي وقت جي ”گوهر جان“ سمجهي ويندي هئي. ميلن ۽ سنڌ ۾ ڪافي شهريت جي مالڪ هئي، جنهن جا لکين رڪارڊ هلندا هئا. سندس سامهون گرامون فون رڪارڊنگ جي مقابلي ۾ ماسٽر چندر هوندو هو. جيوڻي ٻائي ۽ ماسٽر چندر جي وچ ۾ ڳائڻ جو مقابلو فقط گرامو فون ڪمينڊ جي حد تائين هو. باقي ميڙن ۽ ميلن ۾ سندس مقابلو مٺو ڪلهوڙي سان هو. جيوڻي ٻائي حد کان وڌيڪ ڪاري رنگ جي، بدشڪل، بدصورت، بدن ۾ ڀريل، ٿلهي، بيڊولي هئي، پر ڳائڻ جي انگ انگ ۽ ڍنگ، آواز جي بلندي ۽ سريلي پڻ ۾ سندس ڪو به ثاني ڪو نه هو. سندس انهي عيبن مٿان فن غالب هوندو هو. خير محمد عرف جکري کي ساڻس عشق هئڻ ڪري اهي عيب ڏسڻ ۾ ئي ڪو نه ايندا هئا، واقعي فن جيوڻيءَ جي در جو غلام هو. سنڌ جي هي سدا بهار ڳائڻي ۵ جون ۱۹۴۲ع ۾ لاڏاڻو ڪري وئي. جيوڻي ٻائي سنڌ جي مشهور لوڪ ڳائڻي فقير محمد سنڌي جـيـوڻي ٻائي ڌيءَ ڦڪـو گـرگلـو، ۲۲ جنوري ۱۹۰۱ع ۾ هندستان جي راجپوتانا علائقي جي ’ڀيلواڙ‘ رياست ۾ ڄائي. سندس اصل نالو جيدي هو، پر جيوڻي ٻائيءَ جي نالي سان سنڌ هند ۾ مشهور ٿي. هوءَ اڳتي هلي سنڌ جي هاڪاري ڳائڻي ثابت ٿي. سندس آواز ۾ اهڙو ته جادُو هو جو ٻڌڻ وارن جون دليون موهجي ويـنـديـون هـيـون ۱۹۱۸ع ۾ ڦڪو پنهنجي وطن کي ڇڏي ملتان وڃي ويٺو، جتي جيوڻيءَ جي ملاقات مشهور راڳي استاد امير خان سان ٿي، جيڪو سندس آواز ۽ شخصيت کان ايترو ته متاثر ٿيو، جو جيوڻي ٻائيءَ کي رئو پارائي، پنهنجي ڌيءَ بنائي، کيس راڳ جي تعليم ڏيڻ شروع ڪيائين. ڦڪي جو سڄو خاندان امير خان جي قرب ۽ صحبت ۾ هڪ ڏينهن ساڻس گڏجي حضرت شمس تبريز جي متوليءَ جي هٿ تي مسلمان ٿيو. سنڌ جا ماڻهو کيس گهڻو چاهيندا هئا ۽ پنهنجي محفلن ۾ کيس گهرائيندا هئا. هڪ دفعي شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جي ميلي تي جيوڻي آيل هئي، اتي سندس ملاقات سنڌ جي مشهور راڳي استاد خير محمد خان سان ٿي، جنهن کي جيوڻيءَ جي راڳ ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ جيوڻي به استاد کان متاثر ٿي. آخر استاد خير محمد خان جي صحبت ۾ جيوڻي ملتان ڇڏي اچي حيدرآباد ۾ رهائش پذير ٿي ۽ استاد خير محمد کان ڪافي جي فن جي سکيا پڻ ورتي جيوڻي ٻائي سنڌ ۾ ۱۹۲۸ع ۾ راڻيپور جي بزرگ سائين صالح شاهه جي مريدياڻي ٿي. هن ئي بزرگ سندس نالو جيدي مان بدلائي ’جيوڻي ٻائي‘ رکيو هو. جيوڻي حيدرآباد جي هڪ عالم الله بخش نوناريءَ کان قرآن شريف ۽ ديني تعليم حاصل ڪئي. ۱۹۳۲ع ۾ هن هڪ شخص نواب ماڪا سان شادي ڪئي، پر هن کي ڪو به اولاد نه ٿيو. جيوڻي ٻائي وڏي سريلي فنڪاره هئي. هن پنهنجي وقت ۾ ايترو ته نالو پيدا ڪيو، جو آل انڊيا ڪانفرنس ۾ پورن تيرهن سالن تائين سنڌ جي نمائندگي ڪيائين. ڪاري رنگ وڏين اکين، ڀريل جسم، ڊگھي قد، گول ۽ سونهندڙ چهري واري جيوڻي ٻائي پُروقار ۽ باعزت عورت هئي. پاڻ روزي نماز جي پابند هئي، کيس پنجن تنن سان وڏي عقيدت هئي. هٿ جي ڇوٽ هوندي هئي. سنڌ جي هي سدا بهار ڳائڻي ۵ جون ۱۹۴۲ع ۾ لاڏاڻو ڪري وئي. جيوڻي ٻائي پھرين مقبول سنڌي فنڪارا صالح ميمڻ پھرين عورت سنڌي فنڪاره جيوڻي ٻائي، ۲۲ جنوري ۱۹۰۱ع تي ھندوستان جي رياست راجپوتانا جي ڀيلواڙا ڳوٺ ۾ خانه بدوش قبيلي ۾ جنم ورتو، ھِن کي سنڌي موسيقي ۾ پھرين عورت فنڪاره جو اعزاز حاصل آھي. سائيسي نالي خانه بدوش قبيلو جنھن سان ھن جو تعلق ھو اُن قبيلي جي صديون پراڻي روايت ھئي ته ان قبيلي جا مرد نڪما ھوندا ھئا، عورتون ڪمائينديون ۽ مرد کائيندا ھئا، ھِند ۽ سنڌ ۾ ان طرح جا قبيلا اڄ به پنھنجي ان ساڳي پراڻي روايت سان جيئن جو تيئن برقرار آھن، جن جون عورتون ڪنھن طرح ڪمائين ٿيون ۽ مرد ڪو ڪم نه ٿا ڪن ۽ نڪمن ماکي جي مکن وانگر عورتن جي ڪمائي تي پلجن ٿا. جيوڻي جي ماءُ نالي جانڪي روزانو صبح سوير ننڍي عمر جي جيوڻيءَ جنھن جو شروعاتي نالو جيدي ٻائي ھو کي تنجڻن ۾ ويڙھي کڻي در در وڃي صدائون ھڻي پنندي ھئي، جڏھن جيوڻي ٿوري وڏي ٿي ته ماءُ سان گڏ ڪورس جي صورت ۾ صدائون ھڻي پنندي ھئي. جيوڻي جو آواز ايترو ته درد ڀريو ھو جو ماڻھن ھن کي ٻُڌي ھن کي ايترو گھڻو دان ڏنو جو ڪجه وقت کان پوءِ ھنن وٽ ايترو پئسو جمع ٿي ويو جو ماءُ ۽ ڌيءَ کي پنڻ جي ضرورت ئي نه پئي. جڏھن جيوڻي ۱۷ سالن جي ٿي ته ھن جو والد ڦَڪو گُرگلو ۱۹۱۸ع ۾ راجپوتانا کي ڇڏي گھر ڀاتين سان ملتان ۾ اچي آباد ٿيو. جتي جيوڻي جو آواز ان وقت جي نالي واري راڳي امير خان ٻڌو، جڏھن جيوڻي جي ملاقات امير خان سان ٿي ته ھو ھن جي سريلي آواز، شخصيت ۽ طبيعت کان متاثر ٿيو، ھِن کي پوتي پارائي پنھنجي ڌيءَ بڻايائين ۽ راڳ جي باقاعدا سکيا پڻ ڏنائين، ڦڪو گرگلي جو ڪٽنب ان طرح امير خان جي صحبت ۾ اچي مسلمان ٿيو، ڦڪو مان ھن جو نالو بدلائي محمد رکيو ويو، جيدي ٻائي جيوڻي ٻائي ٿي وئي، ٻائي لفظ جي معنيٰ آھي عورت، جيئن مسمات، مائي، شريمتي يا بيبي جا لفظ عورت جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندا آھن. مسلمان ٿيڻ کان پوءِ ڦڪو (محمد) جي خاندان پنڻ جو ڌنڌو مڪمل طور تي ڇڏي ڏنو، جيوڻي ھاڻ ميلن، ملاکڙن ۽ شادين جي ڪاڄن ۾ ڳائڻ لڳي، ڳائڻ جي فني سکيا ورتي، ھوءَ ملتان کان حيدرآباد ۽ ڪراچي تائين شادين ۾ ۽ ٻين موقعن تي ڳائڻ لاءِ ھڪ فنڪارا طور گھرائي ويندي ھئي، جڏھن ھن سنڌ ۾ سنڌيءَ ۾ ڳايو ته پھرين سنڌي گلوڪاره بڻجي وئي ۽ سنڌ جا ماڻھو کيس تمام گھڻو چاھيندا ھئا، ھڪ دفعي ھوءَ شاه عبدالڪريم بلڙي واري جي ميلي ۾ پنھنجو فن پيش ڪرڻ لاءِ پھتي اتي ان جي ملاقات مشھور راڳي خير محمد خان سان ٿي، ايئن استاد خير محمد خان سان ويجھڙائپ ٿي پوڻ جي ڪري جيوڻي ملتان ڇڏي حيدرآباد اچي آباد ٿي، ھِن سنڌي ڪافي ڳائڻ جي تربيت استاد خير محمد کان ورتي، ان طرح سنڌ ۾ رھڻ ڪري ھن جو آواز سنڌ ۾ گونجي ۽ مقبول ٿي ويو، ھوءَ سنڌ جي ھر ميلي ملاکڙي ۾ استاد خير محمد سان گڏ ھوندي ھئي. ھڪ ڀيري شاه قادري جي ميلي تي استاد بيبو خان، سيد قائم علي، ڀورو سنگھ، ماسٽر چندر ۽ ٻين ان وقت جي مشھور فنڪارن ۾ جيوڻي جي آواز ميدان ماري ورتو، اتان جي اھڙي مشھوري کانپوءِ جيوڻي کي فونو گرام تي سندس گيتن جي رڪارڊنگ ڪرائڻ جي آفر آئي، ھِن جي اھڙي طرح گيتن جي رڪارڊنگ ٿيڻ لڳي، ھوءَ پاڻ به شاعره ھئي، پنھنجن گيتن سان گڏ ٻين شاعرن جا به گيت ڳائيندي ھئي. ۱۹۲۸ع ۾ جڏھن جيوڻي ۲۷ سالن جي ھئي تڏھن ان وقت جي بزرگ سيد صالح شاه جي ھيءَ مريدياڻي ٿي، ھن حيدرآباد جي ھڪ عالم وٽ قرآن مجيد پڙھيو ۽ ديني تعليم پڻ حاصل ڪئي. ھوءَ جڏھن ۳۱ سالن جي ھئي ته ھن ۱۹۳۲ع ۾ ھڪ شخص نواب ماڪا سان شادي به ڪئي، پر کيس ڪو اولاد نه ٿيو. سانوري رنگ، وڏين اکين، ڀريل جسم، ڊگھي قد ۽ گول چھري واري جيوڻي ٻائي باعزت عورت ھئي ۽ روزي نماز جي پابند ھئي، کيس پنجن تنن سان گھڻو پيار ھو، ان وقت جي مشھور گرامو فون ڪمپني ھن جا لڳ ڀڳ ۱۰۰ گيت رڪارڊ ڪيا جيڪي گرامو فون تي جھر جھنگ گونجيا ۽ تمام گھڻو مشھور ٿيا، گرامو فون ڪمپني ھن جي آواز جي مقبوليت تي ھن لاءِ ڪراچي ۾ ھڪ شاندار تقريب رکي جنھن ۾ ڪمپني جي مالڪ ھن کي ساڍن ۱۰ تولن جو سونو مونو گرام انعام طور ڏنو. جيوڻي ٻائي جا گيت اڄ به ريڊيو پاڪستان تان ڳائجن ٿا، ھوءَ ۵ جون ۱۹۴۲ع تي صرف ۴۱ سالن جي عمر ۾ ھن دنيا کي پنھنجي آواز جون يادون ڏئي ڇڏي وئي. (ماھوار ھمسري حيدرآباد آن لائين جي مارچ ۲۰۲۴ع واري پرچي ۾ ڇپيل)
جمال ابڙو جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جو بانيڪار محمد سليمان وساڻ تاريخ ۳۰ جون، سنڌي ادب جي ڏاهي ڏات ڌڻي ۽ جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي بانيڪار، محترم جمال ابڙو جي ورسيءَ جو ڏيهاڙو آهي. جمال ابڙو سنڌ جي انهن ڪهاڻيڪارن مان آهي جن ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ڪهاڻيءَ کي نوان لاڙا ڏيئي منجھس فني ۽ فڪري خاصيتون به شامل ڪيون. جمال ابڙو ۲ مئي ۱۹۲۴ع تي ميهڙ جي ڳوٺ سانگين ۾ نامياري اديب ۽ تعليمدان علي خان ابڙي جي گهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم، پنهنجي ڳوٺ مان ۽ پنهنجي پيءُ جي سرڪاري نوڪريءَ ۽ تبادلن سبب لاڙڪاڻي، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص مان ميٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪئي. اين اي ڊي يونيورسٽيءَ مان انجنيئرنگ جي داخلا ڇڏي، هن قانون جي ڊگري يعني ايل ايل بي جي ڊگري حاصل ڪئي. ان کانسواءِ جمال ابڙي پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات لاڙڪاڻي مان وڪالت سان ڪئي. جنهن بعد ۱۹۴۹ع ۾ شهدادڪوٽ ۾ پبلڪ پراسيڪيوٽر طور مقرر ٿيو. ۱۹۵۲ ۾ کپري (سانگهڙ) ۾ سب جج ۽ ساڳئي حيثيت ۾ سکر، لاڙڪاڻو، خيرپورميرس، سجاول، ٽنڊو الهيار ۽ حيدرآباد ۾ نوڪري ڪندو رهيو. بعد ۾ کيس سيشن جج جي عهدي تي ترقي ملي. ۱۹۷۲ کان ۱۹۷۸ تائين سنڌ اسيمبليءَ جو سيڪريٽري، ۱۹۷۸ کان ۱۹۸۰ تائين ليبر ڪورٽ جو جج، ۱۹۸۱ کان ۱۹۸۲ تائين فيڊرل سروس ٽربيونل اسلام آباد جو ميمبر، ۱۹۸۴ع کان ۱۹۸۵ع تائين سنڌ اسيمبليءَ جو سيڪريٽري ۽ ۱۹۸۵ع کان ۱۹۸۶ع تائين اينٽي ڪرپشن جو چيئرمئن رهيو. اهڙيءَ ريت ۱۰ اپريل ۱۹۸۶ع تي ملازمت تان رٽائرمينٽ ورتائين. سنڌي ادب ۾ سندس پهرين ڪهاڻي “هو حُر هو” آھي، جيڪا هن ۱۹۴۵ع ۾ لکي. سندس لکڻ جو انداز بلڪل عوامي ۽ ٻولي به نج سنڌي ۽ عوامي هوندي هئي. سندس ڪهاڻين جا ڪردار ۽ مڪالما سچ ته ماڻهن کي انهن ڪردارن ۾ گم ڪري ڇڏين ٿا. سچ لکڻ سندس اصولن ۾ شامل هو. ڪڏهن به ان اصول تي سوديبازي ڪا نه ڪيائون. جمال ابڙو، ترقي پسند سنڌي ڪهاڻيءَ جو باني آهي. هن ترقي پسند تحريڪ جي عروج واري زماني کان ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون. هن ترقي پسند تحريڪ جي چڱن ۽ مثبت اثرن کي ضرور قبول ڪيو، پر هن ڪڏهن به ترقي پسند تحريڪ جي گهرجن کي مصنوعي انداز ۾ آڏو رکي ڪهاڻيون نه لکيون. جمال ابڙي صرف ۱۷ ڪهاڻيون لکيون جيڪي سنڌي ادب جون شاهڪار ۽ لازوال ڪهاڻيون آهن. هن پنهنجي ڪهاڻين ۾ وڏيري ، پير، ۽ معاشري جي ويري ڪردارن جي پت وائکي ڪئي آهي. سندس ڪھاڻين ۾ سماجي مسئلن جي اپٽار آهي. جمال ابڙي جي ڪهاڻين مان؛ 1. ”پِشو پاشا“، 2. ”پيراڻي“، 3. ”مان مرد“، 4. ”بدتميز“، 5. ”شاھ جو ڦر“، 6. ”بدمعاش“، 7. ”منھن ڪارو“، 8. ”ڪارو پاڻي“، 9. ”مھرباني“، 10. ”خميسي جو ڪوٽ“، 11. ”لاري“، 12. ”سينڌ“، 13. ”فرشتو“، 14. ”ماءُ جي جھولي“، 15. ”لاٽ“ ۽ ٻيون اهم آھن. ھن ڪيترا ئي شاھڪار مضمون پڻ لکيا، جن ۾ 1. ”شاھ محض صوفي نه ھو“، 2. ”پاڪستان ٺھراءُ: اصل حقيقتون“، 3. ”عورت جي اسلام ۾ عزت ۽ آزادي.“ ۽ ٻيا اهم آھن. ان کان سواءِ ھن سراج جي ناول ”پڙاڏو سو ئي سڏ“ جو مھاڳ لکيو ۽ فهميده حسين جي ڪهاڻين جي مجموعي ”هڪ حوا ڪئين ڪهاڻيون“ جو پڻ مهاڳ لکيو. پشوپاشا (افسانن جو مجموعو) چار ڇاپا ( پهريون ڇاپو ۱۹۵۹ع) جمال ابڙو (ڪهاڻيون، مضمون، شخصيت ۱۹۹۲ع ) آتم ڪهاڻي (پنجن ڀاڱن ۾) ۱-” ڏسي ڏوھ اکين سين“ ۲- ”اونهي ڳالهه اسرار جي“، ۳- ”ٿوهر ۾ ڳاڙها گل“، ۴- ”ايندو نه وري هي وڻجارو“ ۽ ۵- ”مَر پيا مينهن وسن“ شايع ٿيل آھن. کيس ڪيترا ئي ادبي ايوارڊ مليا ۽ سندس ادبي پورهئي عيوض ۱۹۹۴ع ۾ کيس صدارتي ايوارڊ براءِ حسن ڪارڪردگي سان نوازيو ويو. جڏھن ته ۳۰ جون ۲۰۰۴ع تي هن فاني دنيا مان ڪوچ ڪيائون. سنڌي ادب جي تاريخ ۾ ڪيل سندن خدمتون وسارڻ جهڙيون ناهن. هو اڄ به ياد آهي ۽ سندس لکڻيون اسانکي سندس ياد، هميشه ڏيارينديون رهنديون. ۲ جمال ابڙي ۲ مئي ۱۹۲۴ع تي ميھڙ شھر جي ڀرسان ڳوٺ سانگي ديهه منگواڻي ۾ علي خان ابڙي جي گھر ۾ جنم ورتو. علي خان ابڙو پنھنجي وقت جو ھڪ ناميارو تعليمدان، اديب ۽ ليکڪ ٿي گذريو آھي. جمال ابڙي شروعاتي تعليم ڳوٺ منگواڻيءَ جي اسڪول مان حاصل ڪئي. سيڪنڊري تعليم ميونسپل ھاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۽ نور محمد ھاءِ اسڪول حيدرآباد مان حاصل ڪيائين. جڏھن ته ھن ڪاليج جي -تعليم- بهاءُ الدين ڪاليج جھونا ڳڙھ ۽ ڊي جي ڪاليج ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي. ۴۴- ۱۹۴۳ع ۾ بنگال ۾ آيل ڏڪار دوران رضاڪار طور خدمتون سرانجام ڏيڻ لاءِ بنگال ويو. ھن اين اي ڊي (NED) انجنيئرنگ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتي، پر پوءِ انجنيئرنگ ڇڏي ”لا“ (Law) ڪرڻ جو فيصلو ڪيائين. جمال ابڙي ڪجھه عرصي تائين خاڪسار تحريڪ ۾ ڪم ڪيو ۽ پوءِ سنڌ ھاري ڪاميٽيءَ ۾ شامل ٿيو، ان کان علاوه ھو ٻين مزدور تنظيمن جو به ميمبر رھيو. سندس والد وٽ ھڪ سٺي لائبريري ھئي، جنھنڪري ھن ننڍپڻ ۾ ئي ٽئگور-، منشي پريم چند، ٽالسٽاءِ ۽ ٻين ليکڪن جا ڪتاب پڙھي ڇڏيا ھئا. ھن پھرين ڪھاڻي ”ھو حر ھو“، ۲۵ سالن جي عمر ۾ ۱۹۴۹ع ڌاري لکي، ۲۴ سالن جي عمر ۾ ۱۹۴۸ع کان لاڙڪاڻي ۾ وڪالت شروع ڪيائين. ھو بعد ۾ ۱۹۴۹ع ۾ شھدادڪوٽ جو پوليس پراسيڪيوٽر مقرر ٿيو، جتي ۱۹۵۱ع تائين رھيو. ۱۹۵۲ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري سول جج کپرو مقرر ٿيو، جنھن کان پوءِ ساڳئي حيثيت ۾ سکر، لاڙڪاڻي، خيرپور ميرس، سجاول، ٽنڊي الھيار ۽ حيدرآباد ۾ پنھنجون خدمتون سرانجام ڏيندو رھيو. بعد ۾ کيس سيشن جج جي عھدي تي ترقي ڏني وئي ۽ ترقي ڪندو ۱۹۷۲ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو سيڪريٽري مقرر ٿيو ۽ ان عھدي تي ۱۹۷۸ع تائين رھيو. ۱۹۷۸ع کان ۱۹۸۰ع تائين ليبر ڪورٽ جو جج، ۱۹۸۱ع کان ۱۹۸۲ع تائين فيڊرل سروسز ٽربيونل اسلام آباد جو ميمبر، ۱۹۸۴ع کان ۱۹۸۵ع تائين سنڌ اسيمبليءَ جو سيڪريٽري ۽ ۱۹۸۵ع کان ۱۹۸۶ع تائين اينٽي ڪرپشن ڪاميٽيءَ جو چيئرمئن رھيو. ۱۰ اپريل ۱۹۸۶ع تي سرڪاري ملازمت تان رٽائرمينٽ حاصل ڪيائين. جمال ابڙو شيخ اياز جي سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ھجڻ دوران سينڊيڪيٽ جو ميمبر ۽ سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر رھيو. سندس شاھڪار ڪھاڻين جو مجموعو ”پشو -پاشا-“ ھو، جيڪو تمام گھڻو مشھور ٿيو. ھن ضياءَ جي مارشل لا دور ۾ ”مارشل لا ۽ اسلام آباد“ جي عنوان سان ڪھاڻي لکي. اھا ڪھاڻي بعد ۾ ”فرشتو“ جي عنوان سان ’برسات‘ ۾ ڇپي. جمال ابڙي جي ڪهاڻين مان 1. ”پِشو پاشا“، 2. ”پيراڻي“، 3. ”مان مرد“، 4. ”بدتميز“، 5. ”شاھ جو ڦر“، 6. ”بدمعاش“، 7. ”منھن ڪارو“، 8. ”ڪارو پاڻي“، 9. ”مھرباني“، 10. ”خميسي جو ڪوٽ“، 11. ”لاري“، 12. ”سينڌ“، 13. ”فرشتو“، 14. ”ماءُ جي جھولي“، 15. ”لاٽ“ ۽ ٻيون اهم آھن. سندس ڪھاڻين ۾ سماجي مسئلن جي اپٽار آهي. ھن ڪيترائي شاھڪار مضمون پڻ لکيا، جن ۾ ”شاھ محض صوفي نه ھو“، ”پاڪستان ٺھراءُ، اصل حقيقتون“، ”عورت جي اسلام ۾ عزت ۽ آزادي“ ۽ ٻيا اهم آھن. ان کان سواءِ ھن سراج جي ناول ”پڙاڏو سو ئي سڏ“ جو مھاڳ لکيو ۽ فهميده حسين جي ڪهاڻين جي مجموعي ”هڪ حوا ڪئين ڪهاڻيون“ جو پڻ مهاڳ لکيو. جمال ابڙي جي ڪھاڻين جا ترجما اردو، انگريزي ۽ جرمن ٻولين ۾ ٿي چڪا آهن. ھن ۱۹۷۴ع ۾ روس ۾ ٿيندڙ بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ پڻ شرڪت ڪئي. سندس آتم ڪٿا جا پنج جلد: ۱-” ڏسي ڏوھ اکين سين“ ۲- ”اونهي ڳالهه اسرار جي“، ۳- ”-ٿوهر- ۾ ڳاڙها گل“، ۴- ”ايندو نه وري هي وڻجارو“ ۽ ۵- ”مَر پيا مينهن وسن“ شايع ٿيل آھن. ھن ۳۰ جون ۲۰۰۴ع ۾ ۸۰ سالن جي عمر ۾ دل جي تڪليف سبب ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻو ڪيو، جتي کيس گذريءَ جي قبرستان ۾ دفنايو ويو. جمال ابڙي جي ياد ۾ رکيل مورائي اليڪٽرانڪ ميڊيا جو دور آهي، شيون مختصر ڪريو. اهو اسان کي پڙهايو پيو وڃي، جيڪو اسان پڙهڻ نٿا چاهيون. ان ڪري مان پنهنجي صحافتي نوڪري دوران اهو قلم استعمال نه ٿو ڪريان، جيڪو ادب لکڻ لاءِ استعمال ڪريان ٿو. ساڳئي طرح ادب لکڻ وقت اهو قلم استعمال نه ٿو ڪريان، جيڪو صحافتي ڪجهه به لکڻ وقت استعمال ڪريان ٿو. صحافتي قلم، جمال ابڙي صاحب کي مختصر ڪرڻ لاءِ پابند ٿو ڪري، ادب ايئن نٿو ڪري، جمال ابڙي صاحب کي ننڍو ڪيئن ڪري سگهبو، هن تي لکڻ لاءِ اهو قلم استعمال ڪرڻ گهرجي، جيڪو ادب لکڻ وقت استعمال ٿيندو آهي، ايئن مان پنهنجي قلم کي اکين تي رکي جمال ابڙي صاحب تي ڪجهه لکڻ ٿو چاهيان، هيءُ لکڻ ڀلي مختصر آهي پر صحافتي قلم سان لکيل نه آهي، ادب لکڻ واري قلم سان لکيل آهي، ڇاڪاڻ ته جمال ابڙو جيڏو وڏو آهي، ان تي لکڻ لاءِ اهوئي قلم استعمال ڪرڻ گهرجي، جيڪو هن جي وڏائي بيان ڪري سگهي، هن جي ادب جي وڏائي، هن جي ڪهاڻيءَ جي اها وڏائي، جيڪا هر ٻئي ڏينهن وڌيڪ وڏي ٿي رهي آهي، مثال طور پيراڻي، جيڪا سنڌي ڪهاڻي جي اتهاس ۾ هر ڏهاڙي وڏي ٿي رهي آهي، سبب اهو نه آهي ته سنڌي ٻي ڪهاڻي ننڍي ٿي رهي آهي، سبب اهو آهي ته، اڄ جيڪا ڪهاڻي لکجي رهي آهي، اها شايد ايڏي وڏي نه آهي، جيڏي وڏي ڪهاڻي پيراڻي آهي. اڄ جيڪا ڪهاڻي لکجي رهي آهي، ان جو چڱو انگ. وڏو ٿي رهيو آهي، موضوعاتي طور اڃا به وڏو ٿيو آهي، پوءِ به شايد ان کي اڃا سفر گهرجي، ڇا به هجي، جمال ابڙو وڏي سنڌي ڪهاڻي جي پيڙهه جو اهو پٿر آهي، جنهن تي بيمثال سنڌي ڪهاڻي جي عمارت اڏي سگهجي ٿي، جنهن جي اڃا خواهش آهي. جمال ابڙو صاحب سنڌي ڪهاڻي جو اهڙو نالو آهي، جنهن جي ڪهاڻي کي وڏي ڪهاڻي طور کڻي سگهجي ٿو، هن جيڪي ڪهاڻيون لکيون انهن جو انگ ڪنهن به صورت ۾ ٻن درجنن کان مٿي نه آهي، سنڌي ادب کي ايتريون ئي ڪهاڻيون بيمثال ادب بڻائڻ لاءِ گهڻيون آهن، جيڪڏهن سچ پچ اهي سڀ وڏيون ڪهاڻيون آهن ته! سنڌي ڪهاڻيءَ جو اڀياس جڏهن به لکيو ويو (جيڪو اڃا نه لکيو ويو آهي) سنڌي ادب کي جمال ابڙي صاحب جون ڪهاڻيون ئي وڏو ادب تسليم ڪرائڻ لاءِ ڪافي آهن. سنڌي ڪهاڻي ۾ جمال ابڙي صاحب کي پنهنجي طبعيت وانگر ٿوري لکڻ ۾ گهڻو چئي سگهڻ جي سگهه هئي.، مثال طور سندس ڪهاڻي “سينڌ” کڻي سگهجي ٿي، “سينڌ” ڪهاڻي جمال صاحب ڪهڙين حالتن ۾ لکي، ان جو تفصيل تمام گهڻو تفصيل به بنهه مختصر اکرن ۾آهي، جيڪو بظاهر هڪ ننڍڙي خط جي صورت ۾ آهي ۽ هڪ بيمثال افسانو آهي. سنڌي ڪهاڻي کي سمجهڻ لاءِ ۽ خاص طور جمال صاحب کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ لاءِ اهو خط ضرور پڙهڻ گهرجي، جيڪو جمال صاحب پنهنجي ڪهاڻي “سينڌ” سان گڏ پنهنجي دوست شيخ اياز ڏي لکيو هو ۽ اهو خط ڪهاڻي سان گڏ ئي شايع ٿيو هئو. مسلسل لکندڙ طور شايد جمال صاحب جي اها آخري ڪهاڻي هئي، جيڪا پڻ چڱي وٿيءَ کانپوءِ هن لکي هئي.جنهن بعد هن ڪي هڪ ٻه ڪهاڻيون مس لکيون هيون. جمال صاحب جو هڪ ئي سڪيلڌو ڪتاب ڪهاڻي “پشوپاشا” جي نالي سان ڇپيو ۽ پوءِ الڳ الڳ مضمونن ۽ ڪن ڪهاڻين جي واڌاري سان اهوئي ڪتاب الڳ نالن سان ڇپبو رهيو آهي. جنهن کانپوءِ جمال صاحب ڪهاڻي لکڻ ڇڏي ڏني، ها! هن ڪهاڻي لکڻ ڇڏي ڏني، پر پنهنجي لکڻ جي معيار کي نه ڇڏيو. ۽ پوءِ هو افسانوي ادب کان الڳ ٿي ويو ۽ پنهنجي آتم ڪٿا محفوظ ڪيائين. پر!حيرت جي حد تائين هن عظيم ڪهاڻي ڪار پنهنجي آتم ڪٿا کي افسانوي ادب جي ويجهو اچڻ نه ڏنو، ڇاڪاڻ ته هن ان کي افسانو بڻائڻ نه چاهيو، جنهن ڪري اها خود هڪ حوالو بڻجي سامهون آئي آهي، جمال صاحب الڳ الڳ موضوعن تي ڪجهه مضمون به لکيا جيڪي پڻ سندس گڏيل مجموعي ۾ شامل آهن ۽ اهو گڏيل مجموعو جيڪو جمال ابڙي صاحب بابت اسان جي دوست بدر ابڙي مرتب ڪيو آهي. اهو به هڪ حوالو آهي، جمال صاحب هڪ شخص ۽ هڪ ڪهاڻيڪار جو شايد ڪنهن ڪهاڻيڪار کي سندس حوالي ۾ اهڙو ڪتاب نصيب ٿئي، ٻئي طرف جيڪي احترام ۽ محبتون جمال صاحب کي نصيب ٿيون، اهي پڻ ڪن ٿورن کي نصيب ٿيون آهن. ادب ۾ سندس اهميت هڪ الڳ درجي جي آهي. سڀ گڏي، سنڌ، سنڌي ادب کي هڪ ئي جمال ابڙو ڏنو جيڪو سنڌي ڪهاڻي جي اهم ۽ بيمثال سڃاڻپ آهي. اهڙي سڃاڻپ جيڪا سنڌي ٻولي جي موجود هجڻ تائين ساڳي رهڻي آهي. جنهن کي ڪو به لهر لوڏو نه آهي، ڇاڪاڻ ته اها سڃاڻپ جمال ابڙي صاحب جي آهي، جنهن جي اڄ ورسي جو ڏينهن آهي. ها! هو جسماني طور اسان سان نه آهي پر سندس سموري عمر جو پورهيو اسان وٽ محفوظ آهي. ڪتابن جي صورت ۾ سندس يادگيريون محفوظ آهن، اسان جي دلين ۾ سندس تصوير محفوظ آهي، اسان جي اکين ۾ سندس اوتار موجود آهي، بدر ابڙي جي روپ ۾، باقي سندس ڇا آهي، جيڪو اسان کان پري آهي، اڄ به سندس ياد موجود آهي، جنهن جو سبب هي ڪجهه به لکڻ آهي. جمال ابڙو جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جو وڏو نانءُ - سورهين ورسيءَ جي مناسبت سان صدام جوکيو جمال ابڙي ڪي سوين افسانه ڪو نه لکيا، نه ئي ڪي سوين ڪتاب لکيا پر هن ڪهاڻي لکڻ جو اهو ڏانءُ، اُهو فن، اُهو رستو ڳولي لڌو، جنهن سندس شخصيت کي هڪ الڳ ۽ منفرد ڪهاڻيڪار جي حيثيت ڏني ۽ سندس شمار جديد سنڌي ادب ۽ ترقي پسند ادب جي وڏن نالن ۾ تسليم ڪيو ويو. جمال ابڙي جي ڪهاڻين ۾ ڪمال جي منظر نگاري ٿيل آهي، سندس ٿورين ڪهاڻين ۾ ترقي پسند خيال ڀريا پيا آهن، هو حقيقت پسند ڪهاڻيڪار هو، سندس ڪهاڻين ۾ ڪهاڻيءَ سان ٺهڪي بيهندڙ ڪردار، ڪردارن جي نفسيات ۽ فطرت سان ٺهڪي بيهندڙ ڊائلاگس ۽ پوري ڪهاڻيءَ کي فضول لٻاڙ، مبالغي ۽ بي مقصديءَ کان بچائڻ واريون سموريون خوبيون موجود آهن. هن ٻهراڙين جي نج سنڌي ماحول ۽ مسئلن کي پنهنجي ڪهاڻين ۾ وڏي ڪاريگريءَ سان پيش ڪيو آهي، سندس اندازِ بيان زندگيءَ جي حقيقي تحرڪ جي تصوير کي بنا ڪنهن وڌاءَ ۽ مصنوعيت جي پيش ڪري ٿو. سچ ته جمال ابڙو سنڌي ڪهاڻيءَ کي نوان موڙ ۽ نوان گس ڏيندڙ ليکڪ هو، سنڌي ڪهاڻيءَ جي تاريخ ۾ جمال ابڙي جو مقام نهايت منفرد ۽ نرالو آهي ۽ رهندو. اها ئي سندس ڪاميابي آهي جو سندس ڪهاڻيون ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿيون آهن ۽ اعليٰ تعليمي ادارن ۾ پڙهايون وڃن ٿيو. شيخ اياز مطابق ”جمال ابڙو خدا دوست به آهي ته انسان دوست به آهي ۽ ادب دوست به آهي ۽ سندس ٽيئي خاصيتون سندس ڪهاڻين ۾ موجود آهن،“ غفور ميمڻ سندس ڪهاڻين جي فڪري پاسي تي ڳالهائيندي لکي ٿو ته ”جمال سنڌ ڌرتي جو اهو ليکڪ آهي، جنهن جي مٽيءَ ۾ انسانيت، امن، پيار، محبت ۽ اميد پرستي آهي، جنهن جو فڪر زندگي پروري آهي. اهو فڪر سنڌ جو فڪر آهي.“ غلام رباني آگرو کيس سنڌي افساني جو امام سڏي ٿو ۽ لکي ٿو ته ”جمال کان وڏو افسانه نگار، مون کي نه کانئس اڳ، نه پوءِ سُجھي ٿو. اھو منھنجو ذاتي رايو آھي.“ جمال ابڙي جي افسانه نگاريءَ ۾ جيڪا فڪري ۽ ٻولياتي نواڻ ۽ حسناڪي آهي، ان جا سبب بيان ڪندي، گل محمد عمراڻي لکي ٿو ته ”جمال جي افسانه نگاريءَ ۾ جيڪا حيرت انگيز جديديت فڪري تازگي ۽ لساني نواڻ (Innovation) ڏسڻ ۾ اچي ٿي، ان جو سبب به ٻيو ڪجهه به نه آهي، فقط سندس حساس ۽ باريڪ بين نظر، طبع رسا ۽ فطري انسان دوستي آهي.“ جمال ابڙي جي ڪهاڻين جي انفرادي حيثيت تي ڳالهائيندي شوڪت حسين شورو لکي ٿو ته ”هن سنڌي ڪهاڻيءَ کي نئون لهجو ۽ نئون ڊڪشن ڏنو. جمال ابڙي جي لکڻ جي پنهنجو هڪ انفرادي اسٽائل هو. وري اسين هن جي ڪهاڻين جا موضوع ڏسون ته انهن مان اڪثر اڳ ۾ اڻ ڇهيل هئا. آئون نه ٿو ڀانيان ته جمال ابڙي وٽ لکڻ جي ڏات ۽ جيڪو ڏانءُ هو، اهي ٻئي شيون ان دور ۾ ڪنهن ٻئي ڪهاڻيڪار کي شايد نصيب ٿيون هجن.“ جمال ابڙي جا افسانه ڪيتري قدر اثرائتا، وڻندڙ، پسند پيل ۽ مڃيل آهي، ان جو اندازو ڊاڪٽر سحر امداد جي هن لفظن مان لڳائي سگهجي ٿو ته ”جمال ابڙو سنڌي ٻوليءَ جي اُنهن چند ليکڪن مان هڪ آهي، جن مون کي ٽين ايج (Teen-age)۾ سنڌي ادب پڙهڻ تي هر کايو... جمال ابڙي جون ڪهاڻيون پڙهي آئون چري ٿي پيس. گهر ۾ واندڪائيءَ ۾ هر وقت اهو ڪتاب منهنجي هٿ ۾ هوندو هو.“ پشو پاشا جي مهاڳ ۾ سنڌ جو ڏاهو اديب محمد ابراهيم جويو لکي ٿو ته ”جمال جي افسانن ۾ بهرحال زندگي جي مسئلن جي نبيري جو هڪ عجيب مهر ڀريو انداز موجود ڏسجي ٿو ۽ هڪ ڪامياب افسانه نگار لاءِ هيءَ هڪڙي ڳالهه لک جي برابر آهي ته هن جي دل ۾ زندگيءَ لاءِ محبت ۽ احترام جا جذبا موجود هجن ۽ کيس زندگيءَ ۾ ڀرپور اعتقاد هجي.“ جمال ابڙي پنهنجين ڪهاڻين جي ڪارج ۽ مقصد کي بيان ڪندي پاڻ هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته ”مون ڪهاڻين ۾ اهو پيغام ڏٺو آهي ته انسان دٻجي نٿو سگهي، جيئن دٻائبو تيئن اهو اڀرندو، مهاڏو اٽڪائيندو آ ۽ نيٺ پنهنجي منزل ماڻيندو آ“ ڪهاڻيءَ ۾ هو، ڪنهن مغربي ڏاهي کان متاثر نه هو، هن ٽيئگور ۽ ٻين اديبن کي پڙهيو ضرور هو پر پاڻ انٽرويو ۾ چيائين ته ”مان شيخ اياز کان تمام گهڻو متاثر آهيان.“ جمال ابڙي کي ننڍيءَ وحيءَ کان ئي ادب ۽ ڪهاڻيءَ سان لڳاءُ هو، هن هاءِ اسڪول واري زندگيءَ کان لکڻ جي باقائده شروعات ڪئي، لاڙڪاڻي جي هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ دوران هن ڪهاڻي لکڻ شروع ڪئي ۽ نور محمد هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ دوران مضمون لکڻ جي شروعات ڪيائين، سندس ڇپجي پڌري ٿيندڙ پهرين ڪهاڻي ”هو حر هو“ هئي، جيڪا هفتيوار ”طوفان“ ۾ شايع ٿي هئي، اهڙي طرح صرف ۱۷ افسانه لکندڙ جمال ابڙو وڏي پايي جي ڪهاڻيڪارن ۾ پنهنجي جاءِ جوڙي ورتي ۽ سندس افسانن جو ڪتاب چار کان پنج ڀيرا ڇپجي چڪو آهي. جمال ابڙي جو پورو نالو جمال الدين ابڙو هو ۽ سندس والد جو نالو علي خان ابڙو هو، جيڪو خود به هڪ علمي شخص هو. جمال ابڙي ۲ مئي ۱۹۲۴ع تي ڳوٺ سانگي، تعلقي ميهڙ، ضلعي (ان دور ۾) لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. هن بنيادي تعليم ڳوٺ منگواڻي تعلقي ميهڙ جي ميونسپل پرائمري اسڪول لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي، ميئٽرڪ جي تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو ۽ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان حاصل ڪيائين، ڪاليج جي تعليم بهاءُ الدين ڪاليج جھونا ڳڙھ ۽ ڊي جي ڪاليج ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي هئائين، هن اڳتي وڌي ايل. ايل. بي شاهاڻي لا ڪاليج لاڙڪاڻو مان حاصل ڪئي. سندس تعليمي سفر بابت متفرقه رايا لکيا ويا آهن. پاڻ ملازمت جي سلسلي ۾ ڪيترن ئي پاسن تي خدمتون سرانجام ڏنائون، جن جو مختصر احوال هن طرح آهي، سال ۱۹۴۹ع کان ۱۹۵۰ع تائين پوليس پراسيڪيوٽر شهدادڪوٽ، سال ۱۹۵۱ع کان ۱۹۵۲ع تائين لاڙڪاڻي ۾ وڪالت ڪيائين، سال ۱۹۵۲ع ۾ پبلڪ سروس ڪميشن طرفان کيس سب جج مقرر ڪيو ويو ۽ پاڻ سيشن جج جي عهدي تائين ترقي ڪيائين، سال ۱۹۷۲ع کان ۱۹۷۸ع تائين سنڌ اسيمبليءَ جو سيڪريٽري رهيو، ۱۹۷۸ع کان ۱۹۸۰ع تائين ليبر ڪورٽ جو جج ٿي رهيو، سال ۱۹۸۰ع کان ۱۹۸۱ع تائين فيڊرل سروسز ٽربيونل جو اسلام آباد ۾ ميمبر ٿي رهيو، ۱۹۸۱ع کان ۱۹۸۲ع تائين سنڌ هاءِ ڪورٽ جو رجسٽرار ٿي رهيو، ۱۹۸۲ع کان ۱۹۸۴ع تائين، ليبر ڪورٽ جو جج رهيو، سال ۱۹۸۴ع کان ۱۹۸۵ع تائين سنڌ اسيمبليءَ ۾ ٻيهر سيڪريٽري مقرر ٿيو، ۱۹۸۵ع کان ۱۹۸۶ع تائين اينٽي ڪرپشن اينڊ انڪوائريز ونگ سنڌ جو چيئرمين ٿي رهيو، پاڻ ۱۰ اپريل ۱۹۸۶ع تي اتان رٽائرمينٽ ورتائين ۽ سندس ملازمت جو ٽوٽل عرصو ۳۴ سال ٻڌايو وڃي ٿو.. جمال ابڙي کي سنڌي ادبي سنگت جي باني ميمبرن مان هڪ تسليم ڪيو وڃي ٿو، هن تاج محمد ابڙي سان گڏجي لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي شاخ قائم ڪئي هئي ۽ ان کان علاوه به تمام گهڻيون خدمتون سرانجام ڏنائين. پاڻ سنڌ هاري ڪاميٽي ۽ ٻين پورهيت تنظيمن سان سلهاڙيل رهيو، سياسي لحاظ کان پاڻ خاڪسار تحريڪ سان لاڳاپيل هو. پاڻ ڪجهه بين الاقوامي ڪانفرنسن ۾ به شرڪت ڪيائين. سندس ڇپيل ڪتابن جو ڪو وڏو تعداد ناهي پر مقدار کان معيار بهتر آهي، جي مصداق تحت سندس ڪتاب نهايت معياري ۽ مڃيل آهن، سندس ڇپيل ڪتابن جو احوال هن طرح آهي ”پشو پاشا“ (ڪهاڻين جو مجموعو، زندگي پبليڪيشن، ۱۹۵۹ع، ”جمال ابڙو ڪهاڻيون، مضمون، شخصيت“ (سنڌ ثقافت کاتو ۱۹۹۲)، آتم ڪهاڻي پنجن ڀاڱن ۾ ”ڏسي ڏوهه اکين سين، اونهي ڳالهه اسرار جي، ٿوهر ۾ ڳاڙها گل، ايندو نه وري وڻجارو، مَر پيا مينهن وسن“ وغيره شامل آهن. کيس ڪيترا ئي ايوارڊ ۽ اعزاز به حاصل ٿيا جن ۾ حسن ڪارڪردگي جو صدارتي ايوارڊ ۱۹۹۴ع شامل آهي. سندس افسانن ايتري مقبوليت ماڻي جو، ڪيترا ئي سندس افسانا انگريزي، اردو، روسي ۽ جرمن ٻولين ۾ ترجمو ٿيا ۽ سندس ڪتاب پشوپاشا اڄ ڏينهن سوڌو يونيورسٽين ۾ پڙهايو وڃي ٿو. سنڌ ڌرتيءَ جي هن سچي، بيباڪ ۽ برجستي ليکڪ ۳۰ جون ۲۰۰۴ع تي ۸۰ سالن جي عمر ۾ دل جي تڪليف سبب ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي، کيس گذريءَ جي قبرستان ۾ دفنايو ويو، سندس اولاد ۾ هن سنڌ، سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي خدمت لاءِ پنهنجو پٽ برک اديب ۽ محقق بدر ابڙو ارپن ڪيو، جيڪو هن وقت سنڌي ادب لاءِ بي بها خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي۔ جمال ابڙو اڄ به زنده آهي رکيل مورائي اليڪٽرانڪ ميڊيا جو دور آهي، شيون مختصر ڪريو. اهو اسان کي پڙهايو پيو وڃي، جيڪو اسان پڙهڻ نٿا چاهيون. ان ڪري مان پنهنجي صحافتي نوڪري دوران اهو قلم استعمال نه ٿو ڪريان، جيڪو ادب لکڻ لاءِ استعمال ڪريان ٿو. ساڳئي طرح ادب لکڻ وقت اهو قلم استعمال نه ٿو ڪريان، جيڪو صحافتي ڪجهه به لکڻ وقت استعمال ڪريان ٿو. صحافتي قلم، جمال ابڙي صاحب کي مختصر ڪرڻ لاءِ پابند ٿو ڪري، ادب ايئن نٿو ڪري، جمال ابڙي صاحب کي ننڍو ڪيئن ڪري سگهبو، هن تي لکڻ لاءِ اهو قلم استعمال ڪرڻ گهرجي، جيڪو ادب لکڻ وقت استعمال ٿيندو آهي، ايئن مان پنهنجي قلم کي اکين تي رکي جمال ابڙي صاحب تي ڪجهه لکڻ ٿو چاهيان، هيءُ لکڻ ڀلي مختصر آهي پر صحافتي قلم سان لکيل نه آهي، ادب لکڻ واري قلم سان لکيل آهي، ڇاڪاڻ ته جمال ابڙو جيڏو وڏو آهي، ان تي لکڻ لاءِ اهوئي قلم استعمال ڪرڻ گهرجي، جيڪو هن جي وڏائي بيان ڪري سگهي، هن جي ادب جي وڏائي، هن جي ڪهاڻيءَ جي اها وڏائي، جيڪا هر ٻئي ڏينهن وڌيڪ وڏي ٿي رهي آهي، مثال طور پيراڻي، جيڪا سنڌي ڪهاڻي جي اتهاس ۾ هر ڏهاڙي وڏي ٿي رهي آهي، سبب اهو نه آهي ته سنڌي ٻي ڪهاڻي ننڍي ٿي رهي آهي، سبب اهو آهي ته، اڄ جيڪا ڪهاڻي لکجي رهي آهي، اها شايد ايڏي وڏي نه آهي، جيڏي وڏي ڪهاڻي پيراڻي آهي. اڄ جيڪا ڪهاڻي لکجي رهي آهي، ان جو چڱو انگ. وڏو ٿي رهيو آهي، موضوعاتي طور اڃا به وڏو ٿيو آهي، پوءِ به شايد ان کي اڃا سفر گهرجي، ڇا به هجي، جمال ابڙو وڏي سنڌي ڪهاڻي جي پيڙهه جو اهو پٿر آهي، جنهن تي بيمثالي سنڌي ڪهاڻي جي عمارت اڏي سگهجي ٿي، جنهن جي اڃا خواهش آهي. جمال ابڙو صاحب سنڌي ڪهاڻي جو اهڙو نالو آهي، جنهن جي ڪهاڻي کي وڏي ڪهاڻي(صفحن ۾ وڏي) طور کڻي سگهجي ٿو، هن جيڪي ڪهاڻيون لکيون انهن جو انگ ڪنهن به صورت ۾ ٻن درجنن کان مٿي نه آهي، سنڌي ادب کي ايتريون ئي ڪهاڻيون بيمثال ادب بڻائڻ لاءِ گهڻيون آهن، جيڪڏهن سچ پچ اهي سڀ وڏيون ڪهاڻيون آهن ته! سنڌي ڪهاڻيءَ جو اڀياس جڏهن به لکيو ويو (جيڪو اڃا نه لکيو ويو آهي) سنڌي ادب کي جمال ابڙي صاحب جون ڪهاڻيون ئي وڏو ادب تسليم ڪرائڻ لاءِ ڪافي آهن. سنڌي ڪهاڻي ۾ جمال ابڙي صاحب کي پنهنجي طبعيت وانگر ٿوري لکڻ ۾ گهڻو چئي سگهڻ جي سگهه هئي.، مثال طور سندس ڪهاڻي ”سينڌ“ کڻي سگهجي ٿي، ”سينڌ“ ڪهاڻي جمال صاحب ڪهڙين حالتن ۾ لکي، ان جو تفصيل تمام گهڻو تفصيل به بنهه مختصر اکرن ۾آهي، جيڪو بظاهر هڪ ننڍڙي خط جي صورت ۾ آهي ۽ هڪ بيمثال افسانو آهي. سنڌي ڪهاڻي کي سمجهڻ لاءِ ۽ خاص طور جمال صاحب کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ لاءِ اهو خط ضرور پڙهڻ گهرجي، جيڪو جمال صاحب پنهنجي ڪهاڻي ”سينڌ“ سان گڏ پنهنجي دوست شيخ اياز ڏي لکيو هو ۽ اهو خط ڪهاڻي سان گڏ ئي شايع ٿيو هئو. مسلسل لکندڙ طور شايد جمال صاحب جي اها آخري ڪهاڻي هئي، جيڪا پڻ چڱي وٿيءَ کانپوءِ هن لکي هئي.جنهن بعد هن ڪي هڪ ٻه ڪهاڻيون مس لکيون هيون. جمال صاحب جو هڪ ئي سڪيلڌو ڪتاب ڪهاڻي ”پشوپاشا“ جي نالي سان ڇپيو ۽ پوءِ الڳ الڳ مضمونن ۽ ڪن ڪهاڻين جي واڌاري سان اهوئي ڪتاب الڳ نالن سان ڇپبو رهيو آهي. جنهن کانپوءِ جمال صاحب ڪهاڻي لکڻ ڇڏي ڏني، ها! هن ڪهاڻي لکڻ ڇڏي ڏني، پر پنهنجي لکڻ جي معيار کي نه ڇڏيو. ۽ پوءِ هو افسانوي ادب کان الڳ ٿي ويو ۽ پنهنجي آتم ڪٿا محفوظ ڪيائين. پر !حيرت جي حد تائين هن عظيم ڪهاڻي ڪار پنهنجي آتم ڪٿا کي افسانوي ادب جي ويجهو اچڻ نه ڏنو، ڇاڪاڻ ته هن ان کي افسانو بڻائڻ نه چاهيو، جنهن ڪري اها خود هڪ حوالو بڻجي سامهون آئي آهي، جمال صاحب الڳ الڳ موضوعن تي ڪجهه مضمون به لکيا جيڪي پڻ سندس گڏيل مجموعي ۾ شامل آهن ۽ اهو گڏيل مجموعو جيڪو جمال ابڙي صاحب بابت اسان جي دوست بدر ابڙي مرتب ڪيو آهي. اهو به هڪ حوالو آهي، جمال صاحب هڪ شخص ۽ هڪ ڪهاڻيڪار جو شايد ڪنهن ڪهاڻيڪار کي سندس حوالي ۾ اهڙو ڪتاب نصيب ٿئي، ٻئي طرف جيڪي احترام ۽ محبتون جمال صاحب کي نصيب ٿيون، اهي پڻ ڪن ٿورن لکندڙ کي نصيب ٿيون آهن. ادب ۾ سندس اهميت هڪ الڳ درجي جي آهي. سڀ گڏي، سنڌ، سنڌي ادب کي هڪ ئي جمال ابڙو ڏنو جيڪو سنڌي ڪهاڻي جي اهم ۽ بيمثال سڃاڻپ آهي. اهڙي سڃاڻپ جيڪا سنڌي ٻولي جي موجود هجڻ تائين ساڳي رهڻي آهي. جنهن کي ڪو به لهر لوڏو نه آهي، ڇاڪاڻ ته اها سڃاڻپ جمال ابڙي صاحب جي آهي، جنهن جي اڄ ورسي جو ڏينهن آهي. ها! هو جسماني طور اسان سان نه آهي پر سندس سموري عمر جو پورهيو اسان وٽ محفوظ آهي. ڪتابن جي صورت ۾ سندس يادگيريون محفوظ آهن، اسان جي دلين ۾ سندس تصوير محفوظ آهي، اسان جي اکين ۾ سندس اوتار موجود آهي، بدر ابڙي جي روپ ۾، باقي سندس ڇا آهي، جيڪو اسان کان پري آهي، اڄ به سندس ياد موجود آهي، جنهن جو سبب هي ڪجهه به لکڻ آهي. هن اسان کان جسماني طور تي ٽيهه جون ۲۰۰۴ ۾ موڪلايو. (ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچي ۾ ۳۰ جون ۲۰۲۱ع تي ڇپيل) جمال ابڙو صاحب هڪ پر سڪون چهرو جيڪو هاڻ ڏسڻ ۾ نٿو اچي رکيل مورائي هونئن سنڌي ٻوليءَ جي حسين ڪهاڻيڪار جمال ابڙي صاحب تي ڪجهه به لکڻ کان اڳ ۾ سنڌي ڪهاڻيءَ جي اڀياس لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هڪ صدي ته پوئتي وڃڻو ئي پوندي. پر نئين سنڌي ڪهاڻيءَ لاءِ شايد ايترو پوئتي وڃڻو پوي، جيترو عرصو پشو پاشا جي پهرئين ڇاپي جي ڇپائي آهي. پشو پاشا ڪتاب سنڌي نئين ڪهاڻيءَ جو هڪ اهڙو ڪتاب آهي، جنهن کي اساسي سنڌي ڪهاڻيءَ جو آخري ڏاڪو چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو، ڇو ته هن ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻيون سنڌي ڪهاڻي جو مڪمل روپ آهن. هيءُ ڪتاب جمال ابڙي صاحب جي ڪهاڻين جو پهريون ۽ آخري ڪتاب آهي، پر نئين سنڌي ڪهاڻيءَ جو شايد پهريون ڪتاب آهي. شيخ اياز صاحب پڻ اهڙي ئي ڳالهه ڪئي آهي. جمال صاحب جون ڪهاڻيون سنڌي ادب لاءِ ڀاڳ آهن، ساڳئي وقت هي ڪهاڻيون ۽ جمال ابڙي صاحب جون ٻيون لکڻيون، جن ۾ آتم ڪٿا ۽ ڪي مضمون شامل آهن پڙهڻ کان پوءِ اها ڳالهه چٽي نظر اچي ٿي ته جمال ابڙي صاحب جو نثر، اول ۽ آخر سندس اثر هيٺ ئي آهي، ٻيءَ طرح هر اديب ڪنهن کان ضرور متاثر ٿيندو آهي، پر جمال صاحب جون سڀ لکڻيون توڻي نثر پڙهي، بلڪ چٽيءَ طرح اهو واضع محسوس ٿئي ٿو ته جمال ابڙو صاحب، سنڌ جو اهڙو ڪهاڻيڪار آهي، جنهن جي نثر تي، نه هن کان اڳئين ليکڪن جو اثر آهي ۽ نه ئي همعصر لکندڙن جو اثر سندس نثرتي آهي، سندس نثر اول ۽ آخر سندس ئي آهي ۽ اهو ائين آهي، جيئن نجوسون، تخليقي طور جمال صاحب سڀني کان الڳ ۽ منفرد آهي، اهو هڪ لکندڙ طور وڏو معجزو آهي. ۽ شخصي طور جمال ابڙي سان جن شخصن زندگي گذاري آهي، انهن سڀني جي راءِ هڪجهڙي آهي ته هو شخص بيمثال هئو. دنيا جي ادب ۾ توڻي سنڌ جي ادب ائين ٿيندو آيو آهي ته ادب کي کڻي اديب تي پڻ لکيو ويو آهي، جن ۾ ليکڪ جي ذات کي پڻ ڪڙي توڻي مٺي تنقيد مان گذرڻو پيو آهي پر هيءُ شخص ته عجيب چئبو، جيڪو ادب توڻي، پنهنجي شخصي دائري، ۾ ڪٿي به متنازع نه آهي، سندس دوستن توڻي پڙهندڙن سندس باري ۾ گهڻو ئي لکيو آهي، خاص طور منهنجي دوست نوجوان اديب ادريس جتوئيءَ جو لکيل مونوگراف، جنهن کان پوءِ اهو بي مثال ڪتاب آهي. جيڪو بدر ابڙي صاحب سهيڙيو آهي، ۽ سنڌيڪا اڪيڊميءَ ڪراچيءَ شايع ڪيو آهي اهم ڪتاب آهن. پر هيءُ شخص ۽ ڪهاڻيڪار، سنڌي ادب جو اهڙو نالو آهي، جنهن کي پڙهي کيس لاءِ احترام وڌي ويندو آهي ۽ کيس ڏسي، واشواس ٿيندو آهي ته ”ٻاجهه“ لفظ جي معنيٰ ڳولبي ته اها جمال ابڙي صاحب جي صورت ۾ ظاهر ٿيندي. اهڙو منهنجو شخصي مشاهدو هڪ کان وڌيڪ ڀيرا سندن زندگيءَ ۾ ٿيو هئو، ۽ هاڻ به جڏهن بدر ابڙي صاحب سان ملبو آهي ته اکين ۾ جمال صاحب جو نوراني چهرو تري ايندو آهي. هونئن بدر جي پنهنجي الڳ سڃاڻپ آهي، جيڪا سندس نالي ۽ ڪم سان آهي، پر بدر جي ان ڀاڳ سان ته ريس نٿي ڪري سگهجي ته هو. جمال ابڙي صاحب جو پٽ آهي، جمال ابڙو صاحب جنهن کي پڙهي، دماغ ۾ تازگي ايندي آهي ۽ جنهن سان ملي، روحاني ۽ دلي تازگي محسوس ٿيندي هئي. ۽ اکيون جڏهن هي نه ڏسڻ جهڙو سڀ ڪجهه ڏسڻ کان بيزار ٿينديون هيون ٿه سندس چهرو ڏسڻ چاهينديون هيون، هڪ پر سڪون چهرو جيڪو هاڻي ڏسڻ ۾ نٿو اچي. جمال ابڙو آدرشي انسان ۽ بيباڪ ڪهاڻيڪار رضوان گل ڪهاڻي جو تعلق انساني زندگيءَ سان ايترو ئي پراڻو آهي جيترو انساني تاريخ، ڇا لاءِ ته انسان جي پيدا ٿيڻ سان ئي ڪهاڻي جنم وٺي ٿي ۽ پوءِ ان سان لاڳاپيل مسئلن ۽ انهن جي حل لاءِ جدوجهد دوران به ڪيتريون ئي ڪهاڻيون وجود ۾ اچن ٿيون. هونئن هر انسان به ته هڪ الڳ ڪهاڻي آهي يا وري ڪنهن ڪهاڻيءَ جو ڪردار، جيڪو سڄي ڄمار مختلف اسٽيجن تي پرفارم ڪندو رهي ٿو ۽ آخرڪار سندس ڪردار جي پڄاڻي ٿئي ٿي. ڪهاڻي زندگيءَ جو عڪس آهي يعني ڪهاڻيڪار ڪهاڻيءَ ذريعي سماج جو عڪس چٽي ٿو ته جيئن سماج اندر مثبت تبديليون اچي سگهن. سنڌي سماج ۾ جيڪا بدديانتي ۽ انياءُ آهي، انهيءَ حوالي سان ڪيترن ئي ڪهاڻيڪارن ڀرپور نموني لکيو آهي، جن مان بيباڪ ڪهاڻيڪار جمال ابڙي جو نالو نهايت اهم آهي. هو جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي حوالي سان پيڙهه جي پٿر واري حيثيت رکندڙ آهي. جمال ابڙو ۲ مئي ۱۹۲۴ع تي ميهڙ جي ڳوٺ سانگين ۾ نامياري اديب ۽ تعليمدان علي خان ابڙي جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس ننڍپڻ وارا ڏينهن ڳوٺ ۾ ئي گذريا، جتي هن ابتدائي تعليم به حاصل ڪئي، جنهن کان پوءِ سندس والد نوڪريءَ سانگي لاڙڪاڻي ۾ رهائش اختيار ڪئي، جنهن ڪري جمال ابڙي وڌيڪ تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ ورتي. سندس والد جي مختلف هنڌن تي تقريرن جي نتيجي ۾ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ ڇهين درجي ۾ داخل ٿيو. جڏهن ته مئٽرڪ ميرپور خاص جي هاءِ اسڪول مان ڪيائين. فرسٽ ايئر ۽ انٽر ڊي جي ڪاليج مان ڪرڻ بعد اين اِي ڊي انجنيئرنگ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتائين پر پوءِ جلد ئي انجنيئرنگ واري شعبي کي خدا حافظ چئي قانون جي تعليم وٺڻ لڳو. سندس چوڻ موجب ”مون انگريزن جي نوڪري نه ٿي ڪرڻ چاهي، انهيءَ ڪري مون انجنيئرنگ ڪاليج ڇڏي لا ڪاليج ۾ داخلا ورتي“. جمال ابڙو انهن خوش نصيب ليکڪن مان هڪ هو، جن جي قلم جي نوڪ مان نڪتل هر اکر جي تاريخي حيثيت ۽ اهميت هوندي آهي. هن پهرئين ڪهاڻي ”هو حُر هو“ ۱۹۴۵ع ۾ لکي، جڏهن سندس عمر ۲۴ سال هئي. پاڻ بهترين ڪهاڻيڪار هئڻ کان علاوه گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو. هو مسلسل ڪم ڪرڻ جو عادي هو، کيس خاموش ٿي ويهي رهڻ کان چڙَ هئي. هن پنهنجي قلمي پورهئي سان سنڌي قوم ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، جيتوڻيڪ پاڻ ڪيترن ئي اعليٰ انتظامي عهدن تي فائز رهيو پر هن سچ لکڻ کان ڪڏهن به نه ڪيٻايو. جمال ابڙي پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات لاڙڪاڻي مان وڪالت سان ڪئي، جنهن بعد ۱۹۴۹ع ۾ شهدادڪوٽ ۾ پبلڪ پراسيڪيوٽر طور مقرر ٿيو. ۱۹۵۲ع ۾ کپري (سانگهڙ) ۾ سب جج ۽ ساڳئي حيثيت ۾ سکر، لاڙڪاڻي، خيرپور ميرس، سجاول، ٽنڊو الهيار ۽ حيدرآباد ۾ نوڪري ڪندو رهيو. بعد ۾ کيس سيشن جج جي عهدي تي ترقي ملي. ۱۹۷۲ع کان ۱۹۷۸ع تائين سنڌ اسيمبليءَ جو سيڪريٽري، ۱۹۷۸ع کان ۱۹۸۰ع تائين ليبر ڪورٽ جو جج، ۱۹۸۱ع کان ۱۹۸۲ع تائين فيڊرل سروس ٽربيونل اسلام آباد جو ميمبر، ۱۹۸۴ع کان ۱۹۸۵ع تائين سنڌ اسيمبليءَ جو سيڪريٽري ۽ ۱۹۸۵ع کان ۱۹۸۶ع تائين اينٽي ڪرپشن جو چيئرمين رهيو. اهڙيءَ ريت ۱۰ اپريل ۱۹۸۶ع تي ملازمت تان رٽائرمينٽ ورتائين. جمال ابڙي پنهنجي ڪهاڻين ۾ معاشري جي اهڙن ڪردارن جي پت وائکي ڪئي جيڪي اسان جي سماج ۾ بظاهر عزت دار ۽ پوتر آهن، جڏهن ته سندن اصل چهرا ڀيانڪ ۽ مڪروهه آهن. اهي مير، وڏيرا، پير هجن يا جاگيرداراڻي نظام جا چڱا مڙس. جمال ابڙو، اياز قادري ۽ غلام رباني آگرو سنڌي ڪهاڻيءَ جي ٽه-مورتيءَ طور سڃاتا وڃن ٿا، جن ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ڪهاڻيءَ کي نئين زندگي ڏني. اهو ئي سبب آهي جو سندن ڪهاڻيون اڃ به پڙهيون وڃن ٿيون. جمال ابڙي جيتوڻيڪ سڄي عمر ۾ رڳو سترنهن ڪهاڻيون لکيون، پر اهي سترنهن ئي ڪهاڻيون جديد سنڌي ڪهاڻي کيتر ۾ پنهنجي الڳ سڃاڻپ ۽ اهميت رکندڙ آهن. ”خميسي جو ڪوٽ“، ”پيراڻي“، ”منهن ڪارو“، ”بدتميز“، ”شاهه جو ڦر“، ”ماءُ جي جهولي“ ۽ ”پشو پاشا“ جهڙيون شاهڪار ڪهاڻيون جمال ابڙي پاران سنڌي ادب جو سرمايو رهندا. سندس ڪهاڻين جا اڪثر موضوع ظلم، جبر، ڏاڍ، سماجي ناانصافي، حقن جي لتاڙ ۽ اهڙا ڪُڌا ڪردار رهيا آهن جن غريب ۽ بي پهچ ماڻهن کي چيچلائي ماريو آهي. اهي ڪردار من گهڙت نه، پر جيئرا جاڳندا اسان جي سماج ۾ موجود آهن. سندس ڪهاڻيون سنڌي سماج جو آئينو آهن. جمال ابڙي جون سنڌي ادب ۾ ڪيل خدمتون وسارڻ جهڙيون نه آهن. وسارڻ جهڙي ڳالهه ته اها به ناهي جو هن پنهنجي اولاد مان بدر ابڙي جهڙو جاکوڙي محقق، تاريخ دان ۽ صحافي سنڌ کي ڏنو آهي، جنهن ڪيترن ئي شعبن ۾ اورچائي سان پنهنجي منهن ڪم ڪيو آهي. جمال ابڙي ۳۰ جون ۲۰۰۴ع تي وفات ڪئي. جمال ابڙو اڄ به زنده آهي رکيل مورائي اليڪٽرانڪ ميڊيا جو دور آهي، شيون مختصر ڪريو. اهو اسان کي پڙهايو پيو وڃي، جيڪو اسان پڙهڻ نٿا چاهيون. ان ڪري مان پنهنجي صحافتي نوڪري دوران اهو قلم استعمال نه ٿو ڪريان، جيڪو ادب لکڻ لاءِ استعمال ڪريان ٿو. ساڳئي طرح ادب لکڻ وقت اهو قلم استعمال نه ٿو ڪريان، جيڪو صحافتي ڪجهه به لکڻ وقت استعمال ڪريان ٿو. صحافتي قلم، جمال ابڙي صاحب کي مختصر ڪرڻ لاءِ پابند ٿو ڪري، ادب ايئن نٿو ڪري، جمال ابڙي صاحب کي ننڍو ڪيئن ڪري سگهبو، هن تي لکڻ لاءِ اهو قلم استعمال ڪرڻ گهرجي، جيڪو ادب لکڻ وقت استعمال ٿيندو آهي، ايئن مان پنهنجي قلم کي اکين تي رکي جمال ابڙي صاحب تي ڪجهه لکڻ ٿو چاهيان، هيءُ لکڻ ڀلي مختصر آهي پر صحافتي قلم سان لکيل نه آهي، ادب لکڻ واري قلم سان لکيل آهي، ڇاڪاڻ ته جمال ابڙو جيڏو وڏو آهي، ان تي لکڻ لاءِ اهوئي قلم استعمال ڪرڻ گهرجي، جيڪو هن جي وڏائي بيان ڪري سگهي، هن جي ادب جي وڏائي، هن جي ڪهاڻيءَ جي اها وڏائي، جيڪا هر ٻئي ڏينهن وڌيڪ وڏي ٿي رهي آهي، مثال طور پيراڻي، جيڪا سنڌي ڪهاڻي جي اتهاس ۾ هر ڏهاڙي وڏي ٿي رهي آهي، سبب اهو نه آهي ته سنڌي ٻي ڪهاڻي ننڍي ٿي رهي آهي، سبب اهو آهي ته، اڄ جيڪا ڪهاڻي لکجي رهي آهي، اها شايدد ايڏي وڏي نه آهي، جيڏي وڏي ڪهاڻي پيراڻي آهي. ڄ جيڪا ڪهاڻي لکجي رهي آهي، ان جو چڱو انگ. وڏو ٿي رهيو آهي، موضوعاتي طور اڃا به وڏو ٿيو آهي، پوءِ به شايد ان کي اڃا سفر گهرجي، ڇا به هجي، جمال ابڙو وڏي سنڌي ڪهاڻي جي پيڙهه جو اهو پٿر آهي، جنهن تي بيمثال سنڌي ڪهاڻي جي عمارت اڏي سگهجي ٿي، جنهن جي اڃا خواهش آهي. جمال ابڙو صاحب سنڌي ڪهاڻي جو اهڙو نالو آهي، جنهن جي ڪهاڻي کي وڏي ڪهاڻي طور کڻي سگهجي ٿو، هن جيڪي ڪهاڻيون لکيون انهن جو انگ ڪنهن به صورت ۾ ٻن درجنن کان مٿي نه آهي، سنڌي ادب کي ايتريون ئي ڪهاڻيون بيمثال ادب بڻائڻ لاءِ گهڻيون آهن، جيڪڏهن سچ پچ اهي سڀ وڏيون ڪهاڻيون آهن ته! سنڌي ڪهاڻيءَ جو اڀياس جڏهن به لکيو ويو (جيڪو اڃا نه لکيو ويو آهي) سنڌي ادب کي جمال ابڙي صاحب جون ڪهاڻيون ئي وڏو ادب تسليم ڪرائڻ لاءِ ڪافي آهن. سنڌي ڪهاڻي ۾ جمال ابڙي صاحب کي پنهنجي طبعيت وانگر ٿوري لکڻ ۾ گهڻو چئي سگهڻ جي سگهه هئي.، مثال طور سندس ڪهاڻي ”سينڌ“ کڻي سگهجي ٿي، ”سينڌ“ ڪهاڻي جمال صاحب ڪهڙين حالتن ۾ لکي، ان جو تفصيل تمام گهڻو تفصيل به بنهه مختصر اکرن ۾آهي، جيڪو بظاهر هڪ ننڍڙي خط جي صورت ۾ آهي ۽ هڪ بيمثال افسانو آهي. سنڌي ڪهاڻي کي سمجهڻ لاءِ ۽ خاص طور جمال صاحب کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ لاءِ اهو خط ضرور پڙهڻ گهرجي، جيڪو جمال صاحب پنهنجي ڪهاڻي ”سينڌ“ سان گڏ پنهنجي دوست شيخ اياز ڏي لکيو هو ۽ اهو خط ڪهاڻي سان گڏ ئي شايع ٿيو هئو. مسلسل لکندڙ طور شايد جمال صاحب جي اها آخري ڪهاڻي هئي، جيڪا پڻ چڱي وٿيءَ کانپوءِ هن لکي هئي.جنهن بعد هن ڪي هڪ ٻه ڪهاڻيون مس لکيون هيون. جمال صاحب جو هڪ ئي سڪيلڌو ڪتاب ڪهاڻي ”پشوپاشا“ جي نالي سان ڇپيو ۽ پوءِ الڳ الڳ مضمونن ۽ ڪن ڪهاڻين جي واڌاري سان اهوئي ڪتاب الڳ نالن سان ڇپبو رهيو آهي. جنهن کانپوءِ جمال صاحب ڪهاڻي لکڻ ڇڏي ڏني، ها! هن ڪهاڻي لکڻ ڇڏي ڏني، پر پنهنجي لکڻ جي معيار کي نه ڇڏيو. ۽ پوءِ هو افسانوي ادب کان الڳ ٿي ويو ۽ پنهنجي آتم ڪٿا محفوظ ڪيائين. پر !حيرت جي حد تائين هن عظيم ڪهاڻي ڪار پنهنجي آتم ڪٿا کي افسانوي ادب جي ويجهو اچڻ نه ڏنو، ڇاڪاڻ ته هن ان کي افسانو بڻائڻ نه چاهيو، جنهن ڪري اها خود هڪ حوالو بڻجي سامهون آئي آهي، جمال صاحب الڳ الڳ موضوعن تي ڪجهه مضمون به لکيا جيڪي پڻ سندس گڏيل مجموعي ۾ شامل آهن ۽ اهو گڏيل مجموعو جيڪو جمال ابڙي صاحب بابت اسان جي دوست بدر ابڙي مرتب ڪيو آهي. اهو به هڪ حوالو آهي، جمال صاحب هڪ شخص ۽ هڪ ڪهاڻيڪار جو شايد ڪنهن ڪهاڻيڪار کي سندس حوالي ۾ اهڙو ڪتاب نصيب ٿئي، ٻئي طرف جيڪي احترام ۽ محبتون جمال صاحب کي نصيب ٿيون، اهي پڻ ڪن ٿورن کي نصيب ٿيون آهن. ادب ۾ سندس اهميت هڪ الڳ درجي جي آهي. سڀ گڏي، سنڌ، سنڌي ادب کي هڪ ئي جمال ابڙو ڏنو جيڪو سنڌي ڪهاڻي جي اهم ۽ بيمثال سڃاڻپ آهي. اهڙي سڃاڻپ جيڪا سنڌي ٻولي جي موجود هجڻ تائين ساڳي رهڻي آهي. جنهن کي ڪو به لهر لوڏو نه آهي، ڇاڪاڻ ته اها سڃاڻپ جمال ابڙي صاحب جي آهي، جنهن جي اڄ ورسي جو ڏينهن آهي. ها! هو جسماني طور اسان سان نه آهي پر سندس سموري عمر جو پورهيو اسان وٽ محفوظ آهي. ڪتابن جي صورت ۾ سندس يادگيريون محفوظ آهن، اسان جي دلين ۾ سندس تصوير محفوظ آهي، اسان جي اکين ۾ سندس اوتار موجود آهي، بدر ابڙي جي روپ ۾، باقي سندس ڇا آهي، جيڪو اسان کان پري آهي، اڄ به سندس ياد موجود آهي، جنهن جو سبب هي ڪجهه به لکڻ آهي. جمال ابڙو سنڌي ادب جي يونيورسٽي مير نادر علي ابڙو پنهنجي گهر جي ڀاتين تي لکڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. اڃا تائين پنهنجي والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو تي به ڪو مفصل مضمون ڪو نه لکي سگهيو آهيان. چاچا جمال تي ڪيئن لکان! ڳالهه سمجهه ۾ ئي ڪونه ٿي اچي. چاچا جمال جي ٽيجهي تي سندس پٽ بدر چيو ته مضمون لکجانءِ، سندس چوڻ ته مڃيم، پر ڪٿان کان شروع ڪيان ۽ ڪٿي ختم ڪيان؟ چاچا جمال جيتوڻيڪ اسان جو سڳو چاچو ڪونه هو، پر سنڌ اندر اهو ئي مشهور آهي ته جمال ابڙو ۽ تاج محمد ابڙو ٻئي ڀائر آهن. انهي جا الاهي سارا سبب آهن جن مان خاص هي آهن ته چاچا جمال ۽ بابا سائين ٻئي ذات جا ابڙا، ٻئي سنڌ ۾ ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج رهيا، ٻئي لاڙڪاڻي جا هيا، ٻئي هڪڙي ئي استاد چاچي شمس الدين ابڙي وٽ وڪالت ۾ شاگرد رهيا، ٻئي اديب، ٻئي سياسي شخصيتون، ادب، عدليا، سياست توڙي ذاتي زندگي ۾ اگر ڪوبه قدم کڻبو ته ٻئي هم صلاح ۽ قدم به قدم ملائي گڏ هليا. مان ته جڏهن کان هوش سنڀاليو ته چاچا جمال جو نالو گهر ۾ ڪنن تي ٻڌندو اچان ٿو. ياد اٿم ننڍپڻ جا ڏينهن جڏهن بابا سائين ڪراچي هلندو هو ۽ اتي چاچا جمال مون کي آڱر کان وٺي سمنڊ جي ڪناري تي گهمائيندو هو ۽ وري اهو ڏينهن به ياد اٿم، جڏهن چاچا جمال مون کي ڪراچيءَ ۾ زندگي جي پهرين واچ ننڍپڻ ۾ وٺي ڏني هئي جا مان پائي وڏي فخرمنجهان پنهنجن دوستن کي پيو ڏيکاريندو هئس. اهو ڏينهن به اڃا ڪونه وسريو اٿم، جڏهن هالي ڊي ان هوٽل ڪراچي ۾ چاچا جمال جي نياڻيءَ جي شادي هئي. سڄي سنڌ مان مخصوص سئو کن معتبر شخصيتون شادي ۾ شريڪ هيون. ان وقت جو وڏو وزير سيد غوث علي شاهه جڏهن هوٽل ۾ پهتو ته، چاچا جمال بجاءِ پنهنجن پٽن جي پهرين منهنجو تعارف ڪرائيندي غوث علي شاهه کي چيو ته هيءُ ادي تاج محمد مرحوم جو شهزادو آهي. غوث علي شاهه هلي اچي مون وٽ چار پنج منٽ بيهي حال احوال وٺڻ لڳو. شادي ۾ شريڪ سڀ ماڻهو حيرت ۾ هئا ته هيءُ پندرهن سالن جو ٻار ڪير آهي، جنهن سان سنڌ جو حاڪم بيهي رهيو آهي. اها حقيقت ۾ چاچا جمال جي بابا سائين سان محبت هئي. جنهن جو هن اظهار اهڙي نموني ڪرائي سڄي پنڊال ۾ ماڻهن آڏو منهنجي عزت ڪرائي. چاچا جمال جون اهي محبت ڀريون ڳالهيون هن مهل ياد ٿيون اچن ته ڄڻ نٽهڻ اُس ۾ وڏي بڙ جي ڇانوَ کسجي وڃڻ محسوس ڪري رهيو آهيان. چاچا جمال ته پنهنجي سر پاڻ سنڌ جي عدليه، ادب ۽ سياست جو وڏو نانءُ ته هيو ئي پر انهيءَ کان علاوه هو سنڌ جي هڪ وڏي نامور هستي علامه علي خان ابڙي جو به سپوت هو، جيڪو سنڌ جو پهريون سنڌي مسلمان ايم اي پاس ڪيل هو. جيڪو پنهنجي دؤر ۾ وڏو عالم دين، تعليمي ماهر ۽ تعليم کاتي ۾ اَفيسر هو. جنهن چاچا جمال جي اهڙي ته تربيت ڪئي جو اڳتي هلي هن نه فقط سنڌ پر پوري ملڪ ۾ ادب جي حوالي سان نالو پيدا ڪيو ۽ صدارتي ايوارڊ حاصل ڪيا. هو رڳو جج يا اديب نه هيو پر هن جي سياست سان به وڏي دلچسپي هئي. هڪ دفعي چاچا جمال پنهنجي حياتي جون ڳالهيون ٻڌائيندي چيو ته “تنهنجي والد تاج محمد سان ياراڻي پڪي هيم. مان لاڙڪاڻي ۾ اچي وڪيل ٿيس ته تاج محمد به لاڙڪاڻي ۾ وڪيل ٿي آيو. اهو سڀ تاج محمد جو ڪرشمو هو جو مان کاٻي ڌر جي تحريڪن، هاري پارٽي ۽ مزدور يونين ۾ ڪم ڪرڻ لڳس. مون پنهنجي وڪالت جي آفيس ۾ پاڪ سوويت دوستي جي انجمن کولي، اهو آئيڊيا به تاج محمد جو هو، همٿائڻ به ان جو هو. سوويت لٽريچر جي لائبريري به اتي ئي قائم ڪئي. مون تي ايڏو ڀروسو ڪيو ويو جو ڪميونسٽ پارٽي جون ميٽنگون به اتي ڪيون وينديون هيون، اهو به ڪرشمو تاج محمد جو هيو. مير علي احمد خان ٽالپر، شيخ اياز ۽ تاج محمد ڪتابن جا عاشق هئا ۽ ڪنهن کي به ڪتاب نه ڏيندا هئا. تاج محمد ذوالفقار علي ڀٽو کي تمام گهڻو ويجهو هيو ۽ سندس نجي محفلن جو رڪن هيو. مون تاج محمد کي چيو ته ڇو نه ڀُٽي صاحب کي چئي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي کي جيل مان آزاد ڪرائجي. تاج محمد کي اها ڳالهه پسند آئي ۽ هن ڀُٽي صاحب سان ڳالهايو. ڀٽو صاحب خود ان ڳالهه جو هو ته روس سان لاڳاپا وڌائجن سو هڪدم هائو ڪيائين. سوڀو گيانچنداڻي جيل مان نڪري آيو. ذوالفقار علي ڀُٽي بعد ۾ تاج محمد کي چيو ته هو ڪميونسٽ پارٽي تان بندش لاهي پيو ۽ ڀلي پارٽي کلم کلا پنهنجي منشور مطابق ڪم ڪري. ڀُٽي صاحب ايئن ڪري ڏيکاريو پر پارٽي وارا ٻاهر ڪونه نڪتا. سو ذوالفقار علي ڀُٽي تاج محمد کي چيو ته هاڻي چئو نه پنهنجي دوست ڪامريڊ سوڀي کي ته هو ڪميونسٽ پارٽي کي بي ڌڙڪ منظم ڪري.“ هڪ ٻيو واقعو چاچا جمال ٻڌايو ته؛ ”هڪ دفعي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جيل ۾ واڙجي ويو. پويان پاڻ هرتڙن پارٽي اندر ڏنڊا انقلاب (ڪو) ذريعي اٿل پٿل آڻي، قبضو ڪري صدر، سيڪريٽري ۽ ٻيا عهديدار چونڊجي بالم ٿي ويهي رهيا. انهي ڪم جي مون کي ۽ تاج محمد کي ذميواري سونپي وئي ته ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جي مدد ڪيو. انهن يارن ڇا ڪيو جو اخبارن ۾ خبرون ڇپائي پاڻ عهدن تي قابض ٿي ويهي رهيا هئا. تاج محمد تمام گهڻو ذهين ماڻهو هيو، سو حل ڪڍي آيو. چيائين ته هاري ڪميٽي جي ميٽنگ ۽ ڪارروائي جا من پسند فيصلا لکي هاري حقدار اخبار ۾ ڇپائي ٿا ڇڏيون، انهي جڙتو ميٽنگ جي ڪارروائي بحث مباحثا ۽ سوال جواب اهڙي نموني لکياسون جو اهو سڀ ڪجهه سچ ٿي لڳو. سو وڏي حڪمت عملي سان هاري حقدار اخبار جنهن تي پابندي هجڻ باوجود ڪنهن طرح سان وڏي محنت ۽ ڪوشش ڪري اسان ٻئي لاڙڪاڻي کان حيدرآباد پهچي اخبار محمد عثمان ڏيپلائي جي مدد سان ڇپرائي سون ۽ اسان جي محنت رنگ لاتو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جيئن ئي جيل مان نڪتو ته کيس هار پارائي جلوس ڪڍي اچي هاري حقدار آفيس ۾ صدارت جي ڪرسي تي ويهاريائونس.” هر انسان پنهنجو وارو وڄائي ويندو، هن ڌرتي تي ڪوبه هميشه لاءِ رهي ڪونه سگهيو آهي پر چاچا جمال جي وفات تي افسوس اهو اٿم ته اسان جا سينيئر اديب آهستي آهستي اکيون ٻوٽيندا پيا وڃن پر اسان نوجوان ٽهي انهن جي جتي ۾ پير پائڻ جهڙا ڪونه ٿي سگهيا آهيون، جيڪو سنڌ لاءِ سٺو سنوڻ ڪونهي. چاچا جمال واقعي به هڪ بزرگ، الله لوڪ ۽ درويش صفت انسان هيو. هن جي سنڌ لاءِ ڪيل خدمتن عيوض سندس نالو سنڌ جي تاريخ ۾ سنهري لفظن ۾ لکيو ويندو. هن جي خوشبو جهڙين لکڻين منجهان اسان جو ايندڙ نسل صدين تائين فيضياب ٿيندو رهندو. (خبرون، شام، سنڌ، مهراڻ، سنڌو، عبرت، تعمير سنڌ، هلچل) جمال ابڙو (سدا بهار ڪهاڻيڪار - ڏات ته رڳو ڏنگ هڻي ٿي.) رزاق سهتو ليک جي شروعات امر جليل جي انهن امر جملن سان ڪرڻ چاهيان ٿو جنهن چيو: “ڪهاڻي ان ڏينهن پيدا ٿي جنهن ڏينهن انسان پيدا ٿيو هو. ڪهاڻي ان ڏينهن پنهنجو پاڻ مري ويندي جنهن ڏينهن دنيا جو آخري ماڻهو مري ويندو.” هي جملا اهو ظاهر ڪن ٿا ته ڪهاڻي پوري جوڀن سان سنڌ ۾ سرجي رهي آهي ۽ اڳتي به اهو عمل جاري رهندو. سنڌ جون جيڪي موجوده حالتون آهن. نهايت ڳنڀير آهن. جيڪو اهم معاملو آهي. اهو ٻوليءَ جي بقا جو مسئلو آهي. دنيا جڏهن ڪمپيوٽر جي مائوس کي ڪلڪ ڪرڻ واري دور ۾ اچي پڳي آهي. توهان ڪلڪ ڪيو ۽ مانيٽر جي اسڪرين تي ڏسندا ويئو ۽ دنيا سان ڳنڍجي ويئو. هر موضوع تائين رسائي سيڪنڊن ۾ ٿيو وڃي. پوءِ اسان پنهنجي ٻوليءَ جي وجود کي برقرار رکڻ ۾ ڪامياب وينداسين يا نه؟ اهو هڪ وڏو سوالُ آهي. جنهن جي جواب لاءِ اسان سڀني کي گڏجي جُٽجي وڃڻو پوندو. جڏهن ادبي ورثو بچائڻ ۾ ڪامياب وياسين ته پوءِ اسان، جمال ابڙي جي لکڻين کي به جيئدان ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين. جنهن کي اڄ هتي پاڻ ياد ڪرڻ لاءِ مِڙيا آهيون. جمال ابڙو سنڌي ٻوليءَ جو، مهندار ڪهاڻيڪارن منجهان، نرالو ڪهاڻيڪار آهي. جنهن ڪهاڻيءَ کي جدت جي رنگ ۾ رنگي ڇڏيو. “مان مرد”، “پيراڻي”، “پشو پاشا” ۽ “سينڌ” جهڙيون شاهڪار ڪهاڻيون جديد گھاڙيٽي جي آڌار تي سرجيائين، جنهن جي پيرويءَ ۾ اڄ جو ڪهاڻڪيار به سرگردان آهي. تخليقڪار جنهن سماج سان لاڳاپيل هوندو آهي موضوع، ڪردارن جي چونڊ به ڪهاڻيءَ اندر سماج مان ئي ڪندو آهي. پر جنهن پيشي، منهنجو مطلب آهي، جتي هو نوڪري ڪري ٿو يا ڪو پورهيو ڪري ٿو يا ڏينهن رات جو گھڻو وقت جتي گذاري ٿو. تنهن جو عڪس، اولڙو، سندس لکڻين ۾ اچي ٿو. جيئن ته جمال ابڙو جج هئو، تنهنڪري سندس ڪهاڻين ۾ اهڙي، جھلڪ چوڏهينءَ جي چنڊ جيان چِٽي پِٽي آهي. مثال طور ڪهاڻي “پشو پاشا” پڙهي، ڏسو ڪورٽ جي جيڪا منظرنگاري ٿيل آهي. سا ڪيڏي ته خوبصورت آهي. ان جو سبب اهو آهي ته جمال ابڙو پاڻ به جج هئو. جمال ابڙي جي شخصيت جي ڳالهه ڪجي ته هو مذهب پرست هئو پر بنياد پرست يا انتها پسند ڪو نه هئو. پنهنجي لکڻين ۾ جيڪي هُن، مذهب جي حوالي سان لکيو، انهن ۾ اسلام جي تشريح ڪري ٿو پر تبليغ نٿو ڪري. سندس هڪ مضمون آهي “عورت جي اسلام ۾ عزت ۽ آزادي” هن اهو ليک ڇو لکيو پاڻ ٻڌائي ٿو ته: “تازو ڪراچيءَ ۾ ترقي پسند مصنفين جي ڪانفرنس ٿي گذري، ان ۾ هڪ محترمہ، شاعره هڪ شعر پڙهيو. جنهن طنزًا اسلام ۾ عورت جو تصور “مان تنهنجي کيتي آهيان” بار بار ورجايو ويو. ظاهر آهي ته اهو رويو حبِ علي، بجاءِ بغضِ معاويه جي مصداق هئو.” پاڻ وڌيڪ چوي ٿو: “مذهب ۽ خدا جي شان ۾ گستاخانه ڪلمان چئو ته ترقي پسند ۽ جي حڪومت کي گاريون ڏيو ته انقلابي. اهڙي رجحان کان وڏي ۾ وڏو نقصان ترقي پسند تحريڪ ۽ انقلابي تحريڪن کي پهتو. جنهن جو ازالو ڪرڻ ئي مشڪل مرحلو ٿي پيو آهي.” جمال ابڙي، سڄي مضمون ۾ عورت جي اسلام ۾ عزت ۽ آزادي حي حوالي سان تشريح ڪري ٿو. سندس ان پهلوءَ ۽ زندگيءَ جي اهم رخ ڏانهن، ڪنهن خاص ڌيان ڪو نه ڪيو آهي “شاھ محض صوفي نه هو” ۾ پڻ مذهب طرف جھڪاءُ ۽ لاڙو چٽو نظر اچي ٿو. پاڻ بنيادي طور مذهبي گھراڻي مان هئا ۽ سندس والد علي خان ابڙي جو قرآن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو پڻ ٿيل آهي. جمال ابڙو ڪامياب ڪهاڻي لکڻ لاءِ ڪجھ صلاحون ڏئي ٿو. اهي هن طرح آهن: “ڪهاڻيءَ لاءِ اخلاص، جذبي جي سچائيءَ جو هجڻ لازمي آهي. ان سان گڏ سچ چوڻ جي جرئت ۽ مهل سر، صحيح ڇينڀ ڏئي نوان لاڙا ۽ موڙ ڏيڻ ضروري آهي. زندگي هر رنگ ۾ روان دوان آهي. هونئن به ادب ڇا آهي؛ سونهن، سچ، نيڪي، ۽ خالق. خالق، سونهن ۽ سچ ته آهن ئي آهن. خالق جا جلوا ۽ نيڪي آهي. ان تائين پهچڻ لاءِ عملي راهه انهن چئن عنصرن مان هڪ به ڪڍي ڇڏيو ته ادب، ادب ئي نه رهندو.” جمال ابڙي جي ڪهاڻين ۾ ٻولي، اسلوب، ورتاءُ، گھاڙيٽو، موضوع جي چونڊ بلڪل نرالي آهي. سندس ڪهاڻيون ساههُ کڻندڙ انهن جِيوَن جون ڪهاڻيون آهن، جنهن جا ڪردار سماج ۾ تبديلي چاهن ٿا. غربت، مسڪيني حَالُ، ماڻهن جي زندگي بدلائڻ جا تمنائي آهن. هر ڪهاڻيءَ ۾ هڪ پيغام آهي. ڪهاڻي پوري ٿئي ٿي ته چند لمحن لاءِ پڙهندڙ سوچ جي سمنڊ ۾ ٻه ٽي غوطا هڻي وٺي ٿو. اها ئي تحرير جي ڪاميابي آهي ته پڄاڻيءَ تي پڙهندڙ جي جامد ذهن ۾سوچ جون لهرون پيدا ڪري. جمال جون ڪهاڻيون، لهرون رڳو پيدا نٿيون ڪن پر ذهن ۾ سوچ جي ٻوڏ آڻي ڇڏين ٿيون. ۽ فرد، سماج ۾ ڪجھ ڪرڻ لاءِ اٿي کڙو ٿئي ٿو. مون کي هيءُ جملو چوڻ ڏيو ته؛ ’سنڌي زبان ۾ سرجندڙ ڪهاڻيءَ تي اڄ به جمال ابڙي جا اثر آهن.‘ عالمي ادب جي حوالي سان، جي مختصرًا ڳالهه ڪجي ته ۱۷ صديءَ جي آخر ۾ تخليقڪارن ۽ ليکڪن اهو محسوس ڪيو ته اسان کي پنهنجي سماج ۾ موجود، آس پاس جي موضوعن تي نظر وجھڻ گھرجي ۽ انهن مان ڪردار کڻي ڪهاڻيون ۽ ٻيون تخليقون سرجڻ گهرجن. تان جو اها ادبي لهر ساري دنيا جي ليکڪن تي ڇانئجي وئي. انگلينڊ ۾ چارلس ڊڪسن، فرانس ۾ ايمل زولا، ناروي ۾ ڊسن، جرمنيءَ ۾ ٽامس مئن، روس جي ترگنيف ۽ چيخوف، وارن ليکڪن عوامي حيات کي حقيقت پسنديءَ سان، فن جي قالب ۾ آڻڻ جي هنر کي معراج تي پهچايو. جمال ابڙي جي ڪهاڻين جي ڀيٽ، جيڪڏهن مٿي بيان ڪيل جملن سان ڪئي وڃي ته صاف ظاهر نظر ايندو ته هن به پنهنجي ڪهاڻين جا ڪردار عام زندگي گھاريندڙ ماڻهن مان چونڊيا آهن. ۽ ڪهاڻيءَ جو تاڃي پيٽو، به ڏاڍو گھرو ۽ سادو جوڙيو آهي. تڏهن ته جمال جا افسانا، تيزيءَ سان اسان جي سماج تي اثر ڇڏين ٿا. جنهن جي ڪري سندس ڪَهاڻينِ قبوليت ۽ مقبوليت ماڻي. پاڻ ڏاڍو گھٽ لکيائون پر جيڪو لکيائون منڊيءَ تي ٽِڪَ، مثل نشانبر آهي. سنڌي ٻوليءَ جو اهم سرمايو آهي. ڪاش! جمال ابڙي سان هٿ ساٿ ڏئي ها ته هو اڃا وڌيڪ انمول افسانا لکي سگھي ها. پر هن ڪڏهن اهڙو اظهار عام طرح ڪٿي به ڪو نه ڪيو. اڪثر خاموش رهندڙ ۽ گھٽ ڳالهائيندڙ شخص جمال، پنهنجي پياري دوست شيخ اياز ڏانهن لکيل هڪ خط ذريعي پنهنجي اندر جي اڻ تڻ اوري آهي: “لکڻ ڇڏئي ورهيه ٿيا. توهان جي چوڻ نئون امنگ ڏنو. امنگ ته توهان ڏنم، پر ڏات ڪيئن وري، ڏات رڳو ڏنگ هڻي ٿي پر ڏنگ ۽ ڏاگھ، گھري ٿي. اهي ڪٿان آڻيان. مٿان منهنجو، ڏُڏو هٿُ ٻئي هٿ ڪم آڻيان، تڏهن به قلم ڏڪندو ڪنبندو هلي. هي ست صفحا، مون لاءِ جبل چڙهڻ مثل هئا. اتي لکڻيءَ جي رواني ۽ جولان ڪٿان ايندم.” جمال ابڙي جي انهن جملن ۾ جيڪا بيوسي آهي، سا سندس اندر جي ڪهاڻي آهي. ساڳئي وقت لکڻ سان چاهه ظاهر ڪري ٿو ته هو لکڻ چاهي پيو پر مجبوري اٿس جو هٿَ ساٿ نٿا ڏينس. اسان مٿس اهو الزام هڻي نٿا سگھون ته هو ڪيترن ئي ڪهاڻيڪارن ۽ افساني لکندڙن جيان عمر جي آخري حصي ۾ سَنڍِ ٿي ويو هئو. سنڍ ٿي ويل ليکڪ، هاڻ رڳو پاڻ کي ادبي اسٽيجن جون ڪرسيون سنڀالڻ ۽ اجايا هٿ ٺوڪيا جملا گھڙي، ادبي اشوز جوڙي پاڻ کي زندهه رکندا پيا اچن. پر جمال ابڙو ائين نه هئو. هن وٽ ڏات هئي، ڏانءُ هيو پر افسوس جو قلم کي پني تي نرت ڪرائڻ جيتري طاقت نه هئي. ۽ آڱرين بيوفائي ڪئي هئي. کيس ڏات نه لکي سگهڻ ڪري کيس ڏنگ پئي هنيا. هونئن به حال کي وڏي اهميت آهي. پاڻ جو اڄ آهيون ٻئي پل الائي ڇا هجي، مستقبل ڏاڍو ڀوائتو هوندو آهي. ڇاڪاڻ جو ايندڙ وقت ٻڌائي نه ايندو آهي. شيخ اياز چواڻي: جو لکڻو اٿي لکي وٺ اڄ ڪنهن ڄاتو آ سڀاڻي کي جو پل پل آ مهانگو آ سستو سمجھ نه هاڻي کي. (سنڌي ادبي سنگت گلشن حديد ڪراچي شاخ، جمال ابڙي تي منهنجي صدارت ۾ پروگرام ڪرايو، ان ۾ پڙهيل ليک. تنهن زماني ۾ شاخ جو سيڪريٽري، ناميارو شاعر محترم غوث پيرزادو هئو.) (رزاق سھتو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲ جون ۲۰۲۲ع تي کنيل) جمال ابڙي جي جيون ۾ جهاتي نالو: جمال الدين ابڙو. والد جو نالو: علامه علي خان ابڙو پيدائش جي تاريخ: ۲ مئي ۱۹۲۴ع (۲۷ رمضان). ڳوٺ: سانگي، تعلقو ميهڙ (تڏهن ضلعو لاڙڪاڻو). پرائمري تعليم: ڳوٺ منگواڻي تعلقو ميهڙ ۾ ميونسپل پرائمري اسڪول لاڙڪاڻو. هم ڪلاسي دوست: الله بخش ”انيس“ انصاري، دوست محمد ابڙو، عباس شيخ، آنند لال تولاڻي. هاءِ اسڪول: گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو (۳۹-۱۹۳۵) نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد (۴۰-۱۹۳۹)، گورنمينٽ مدرسه هاءِ اسڪول ميرپورخاص (۴۱-۱۹۴۰). ميٽرڪ: ۱۹۴۸ع (بمبئي يونيورسٽي). ايل ايل بي: شاهاڻي لا ڪاليج لاڙڪاڻو (يونيورسٽي آف سنڌ). رانديون: ڪرڪيٽ، ٽينس، بيڊمنٽن ۽ شطرنج. لکڻ جي شروعات: گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ پڙهائي واري وقت ۾ ئي ”ڪهاڻي“ لکڻ سان ۽ نور محمد هاءِ اسڪول واري زماني ۾ ”مضمون“ لکڻ سان. پهرين ڇپيل ڪهاڻي: ”هو حر هو“ (هفتيوار ”طوفان“، حيدرآباد (۱۹۴۹). ڊي جي، نيشنل ڪاليج حيدرآباد (۴۲-۱۹۴۱). بهاءُ الدين ڪاليج جهونا ڳڙهه (۴۳-۱۹۴۲). ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچي. شاهاڻي لا ڪاليج لاڙڪاڻو. سماجي خدمت: بنگال جي ڏڪر دوران رضاڪاراڻي شرڪت ۽ خدمت (۴۴-۱۹۴۳). سنڌي ادبي سنگت ۾ سرگرمي: باني ميمبرن مان هڪ، جڏهن پهريون ڀيرو سنڌ مدرسي ڪراچي ۾ سنڌي ادبي سنگت جو ڪنوينشن سڏايو ويو، پوءِ تاج محمد ابڙي سان گڏجي لاڙڪاڻي ۾ سنگت جي شاخ قائم ڪيائين، نواز علي نياز، اياز قادري، هري دلگير، جمال الدين بخاري، انيس انصاري ۽ ٻيا ڪيئي مقامي ليکڪ ۽ ادبي دوست ساڻس گڏ هئا. سچل اڪيڊمي ۾ سرگرمي: باني ميمبرن مان هڪ، جڏهن ان جي پهرين گڏجاڻي سندس ئي رهائشگاهه مخدوم منزل خيرپور ميرس ۾ ٿي. (۶۰-۱۹۵۹). ادبي گڏجاڻيون: سنڌي ادبي سنگت کان اڳ ترقي پسند اديبن جون گڏجاڻيون، جيڪي ليسلي ولسن هاسٽل (جناح ڪورٽس) ۾ ٿينديون هيون، انهن ۾ حصو ورتائين، حشو ڪيولراماڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند پنجابي، سوڀو گيانچنداڻي، رام پنجواڻي، شيخ اياز، عبدالستار شيخ، سائينداد سولنگي ۽ ٻيا اديب شامل ٿيندا هئا. بين الاقوامي ڪانفرنس: ائفرو ايشين رائٽرز ڪانفرنس الماٽا (تڏهوڪي سويت يونين ۾) سيپٽمبر ۱۹۷۴ع ان ڪانفرنس ۾ فيض احمد فيض، ڪامريڊ سجاد ظهير، عطر سنگهه ۽ اتم به شامل هئا. (ان سانفرنس دوران ڪامريڊ سجاد ظهير دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو ۽ فيض صاحب سندس لاش سان گڏ دهلي هليو ويو. فيض جي غير موجودگي ۾ پاڪستاني وفد جي اڳواڻي ڪيائين). نوڪري ڪيريئر: ايل ايل بي ۱۹۴۸ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ پنهنجي ڀاءُ شمس الدين ابڙي سان گڏ وڪالت شروع ڪيائين. ۵۱-۱۹۴۹ع تائين پوليس پراسيڪيوٽر، شهداد ڪوٽ. ۵۲-۱۹۵۱ع لاڙڪاڻي ۾ وڪالت. ۱۹۵۲ع ۾ پبلڪ سروس ڪميشن سب جج ڪري چونڊيو. ۲۴ آڪٽوبر ۱۹۵۲ع تي کپري ۾ پهرين مقرري، ان کانپوءِ سکر، شڪارپور، خيرپور ميرس، سجاول، ٽنڊي الهيار، حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ مقرريون ٿيون ۽ سيشن جج جي عهدي تائين پهتو. ۷۸-۱۹۷۲ع سنڌ اسيمبليءَ جو سيڪريٽري. ۸۰-۱۹۷۸ع ليبر ڪورٽ جو جج. ۸۱-۱۹۸۰ع ميمبر فيڊرل سروسز ٽربيونل، اسلام آباد. ۸۲-۱۹۸۱ع رجسٽرار سنڌ هاءِ ڪورٽ. ۸۴-۱۹۸۲ ليبر ڪورٽ جو جج. ۸۵-۱۹۸۴ع سنڌ اسيمبليءَ ۾ ٻيهر سيڪريٽري. ۸۶-۱۹۸۵ع چيئرمين اينٽي ڪرپشن اينڊ انڪوائريز ونگ سنڌ. رٽائرمينٽ: ۱۰ اپريل ۱۹۸۶ع: ڪهاڻين جا ترجما: روسي، جرمني، اردو ۽ انگريزي (پشوپاشا“ پنجابيءَ ۾). سياست ۾: خاڪسار تحريڪ سان لاڳاپو. عملي شرڪت: شروع کان وٺي سنڌ هاري ڪاميٽي ۽ لاڳاپيل پورهيت تنظيمون (شاگرديءَ جي زماني کان وٺي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي وفات تائين لاڳيتو هاري ڪاميٽيءَ سان دلچسپ- ۽ عملي سهڪار). ڇپيل ڪتاب: ۱. ”پشو پاشا“ (افسانن جو مجموعو) چار ڇاپا. (سڀ کان پهرين ”زندگي پبليڪيشن“ حيدرآباد پاران ۱۹۵۹ع ۾ حميد سنڌيءَ شايع ڪيو). ۲. ”جمال ابڙو ڪهاڻيون، مضمون، شخصيت“، سنڌ ثقافت کاتو ۱۹۹۲ع. ۳. آتم ڪهاڻي (چئن ڀاڱن ۾). - ”ڏسي ڏوهه اکين سين“ - ”اونهي ڳالهه اسرار جي“ - ”ٿوهر ۾ ڳاڙها گل“ - ”ايندو نه وري وڻجارو“ ۴. حسن ڪارڪردگي جو صدارتي ايوارڊ ۱۹۹۴ع. وفات جي تاريخ: ۳۰ جون ۲۰۰۴ع.
ڳنڍيندڙ جي ڳولا ھوش محمد ڀٽيءَ جي ڪهاڻي ڪتاب ’ڪوءِ ڳنڍيندڙ ھوءِ‘ جو تجزيو۔ حيدر دريا دنيا ۾ هر ٻولي، ڳالهائڻ ۽ ڳائڻ، پڪار ۽ پچار، تعلق ۽ لکت وارن لڇڻن لاءِ آهي. ۽ ٻولي اھا وسيل آهي، جيڪا زندگي جي سماج سان گڏ خدا ۽ خلق جي وجود جو ضامن آهي. ڪنهن ڪجھ لکيو آهي يا لکي پيو ته ان لکت جا ٽي ڀاڱا اهم رهن ٿا. هڪ؛ معرفت، ٻيو؛ مقصد ۽ ٽيون؛ نتيجو. ادب جي هر صنف به ان اصول جي پابند آهي. نظم توڙي نثر جي خوبصورتي لاءِ مذڪوره ٽي بنيادي اصول، اهم هوندا آهن. ڪنهن به لکت ۾ اهي ٽي اهم نقطه نٿا هجن ته لکت پنهنجي هيئت ۾ نامڪمل هجي ٿي. اها الڳ ڳالھ آهي ته دنيا سڄي هن تيز رفتار دور سبب، پنهنجي مقصد واري شهرت جي نتيجي لاءِ، تڪڙي اُپاءَ واري عمل سبب، ڪيترا ئي قلمڪار پنهنجي تڪڙي مُراد واري معاملي کي، نامراد مقابلن جي منهن ۾ وجھي، پنهنجي اميد کي ڄڻ هڪ اهڙي آکاڙي ۾ وجھندا آهن، جنهن ۾ اصول، اهميت، نتيجن ۽ ڪاميابيءَ وارو احساس ئي فوت ۽ فنا ٿيو وڃي. جيڪڏهن ايئن چئجي ته، دنيا دنگ جو ليڪو ڪڍي، هڪڙي ئي رُخ ۾ رهي سوچيندي هجي، ته اهو به ناممڪن آهي. لکڻ، پڙهڻ واري معاملي ۾ ڪجھ شعبه اهڙا به آهن، جن ۾ سواءِ خوشامد جي باقي شهرت جي سفارش لاءِ ناڻي جون نديون نٿيون وَهن. شهرت جا اگھ، خاص توڙي عام لاءِ، اگھامن ئي ڪو نه ٿا. انھن شعبن مان، ادب اهو شعبو آهي، جنهن ۾ شهرت جي خريداري ۽ وڪرو حقيقي مانُ ماڻيدڙ هرگز ناهي. ادب ۾ مڃتا ماڻڻ لاءِ محنت ۽ وقت درڪار هجي ٿو. تخليقار کي جيترو گھڻو علم، شعور ۽ جذبو حاصل هوندو آهي. ان کي اوترو ئي گھڻو ڊگھو وقت ڏيڻو پوي ٿو. ان کان علاوه ادب آهي ئي قوم، سماج، رياست، ملڪ ۽ نظرين جي نفسيات، تهذيب، ٻولي ۽ حالتن تي نظرون ڄمائي رکڻ وارو عمل. يعني ادب، خارجي توڙي اندروني حالتن تي درست لکڻ وارو اُهو خفو آهي، جنهن تي ڪم ڪندي، هڪ بي دين ۽ ملحد جهڙا مهڻا هنڍائيندي، خود پاڻ تي ۽ خدا تي به سچ لکڻو پوي ٿو. اهڙي حالت ۾ ڪو ئي به پنهنجي شهرت جو شهر اڏي ان جي بازار جا مُلھ پنهنجي مرضيءَ جا مقرر ڪري، خيال خريد ڪرڻ سان نوبل پرائز نٿو ماڻي سگھي! ادب جي اسڪول ۾ رڳو داخلا وٺڻ لاءِ به هوش محمد ڀٽي جهڙي نوجوان جيان پنهنجي جواني جون سڀئي خوبصورتيون، جوانيءَ سميت ادب جي نانءِ ارپنا ڪري، پنهنجون سموريون صلاحيتون سچ لاءِ خرچ ڪرڻيون پون ٿيون. هوش محمد ڀٽي، جنهن کي ڪيترا ئي دوست ”هوش ڀٽي“ يا ”هوشو“ جي نانءَ سان پڪاري ڄڻ ”مرسون مرسون، سنڌ نه ڏيسون“ جي نعري کي اهميت ڏئي هوشو شيدي جي تاريخي وفا کي ورجائيندا هجن. جنهن ميرن جي غلامي ۽ سنڌ وطن جي آزاديءَ لاءِ تلوار وهائيندي پاڻ به پڙ تي وڍجي وطن لاءِ شهيد ٿي ويو. اسان جو دوست هوش محمد ڀٽي، توڻي جو هڪ نفسياتي ماهر جيان سنڌي ادب جي فڪري پهلو تي چڱي دسترس رکي ٿو. پر نظرياتي طور پنهنجي نالي جي نسبت سان جڙيل آهي. لکاريءَ جي حيثيت سان ناول، شاعري، ڪهاڻي وغيره جي مختلف صنفن تي ڪتاب لکيا اٿس. ان سان گڏ سنڌي ادب جي مثبت تنقيد جو تجرباتي نقاد پڻ آهي. گاهي ماهي گھڻ رخي تنقيد جا جوهر به سندس فلڪياتي فن وارِي ڪائنات مان جرڪي پوندا آهن. مان سندس ڪهاڻين جي هڪ ڪتاب ”ڪوءِ ڳنڍيندڙ هوءِ“ جيڪو ۲۰۱۸ع ۾ مُرڪ پبليڪشن ڪراچي وارن ڇپيو آهي. سندس اهو ڪتاب پڙهڻ وقت، سندس ڪهاڻين تي مختصر نوٽ لکڻ لاءِ ڪاغذ ۽ قلم اڳ ۾ ئي پاڻ وٽ ايئن موجود رکيا، جيئن ڪو ئي ڪتاب پڙهڻ وقت اڪثر ان تي مختصر نوٽ لکي ان ڪتاب ۾ ئي رکي ڇڏيندو آهيان. اهڙيءَ طرح هوش محمد ڀٽيءَ جي ڪهاڻين تي ٿورو ڪجھ لکڻ وقت سندس فني ۽ تمثيلي رڌم کي ڇڏي، صرف سندس ڪهاڻين جي نتيجن تي مختصر لکڻ لاءِ ڪيفيت ۽ قلم ساٿ ڏنو، جنهن ۾ سٽاءَ موجب پهرين ڪهاڻي آهي ”موڙو.“ مُوڙو، لفظ جي ڪير معنيٰ ڪڍي ٿو ته اها ان جي مرضي، پر ان لفظ جي مفهوم موجب اُن جي مراد اها آهي، جيڪا نڪاح کانپوءِ، شادي جي وقت، لائون لهڻ بعد، منهن ڏسڻ مهل ڪنوار کي بخشش طور نقد يا سوکڙي سوغات جو انعام ڏيڻ. (اهو انعام ڪنوار کي ڇو ٿو ڏنو وڃي؟) اهو هڪ الڳ وڏو مفهوم آهي. ان تي ڪنهن ٻئي وقت لکبو. في الحال مان ڪهاڻي، ان موضوع واري ڪهاڻي جي نتيجي تي ٿو لکان. جنهن ۾ هڪ ڪمزور نفسيسات عاشق، پنهنجي محبوبا جي شادي ڪنهن ٻئي مرد سان ٿي وڃڻ کانپوءِ، ان جي رخصتي جي وقت هو کيس هٿوهٿ هزار جو نوٽ مُوڙي ۾ ائين ٿو ڏئي، جيئن ڪو عشق جي جنگ ۾ هارايل عاشق پنهنجا زخم سيڪيندي، پنهنجي نااهلي کي نديندو به نه هجي! ڪهاڻيڪار ڪهاڻي ۾ عاشق جي نفسيات ۽ ڪيفيت کي ان ڪيف ۾ پڌرو ڪيو آهي، جنهن کي عاشق ۽ عشق جي سماج ۾ حيا، حجاب ۽ احترام چئي سگھجي ٿو. جڏهن ته عاشق لکيو پڙهيو ۽ عشق عالمگير ڪيفيت آهي. شايد ڪاهاڻيڪار، عشق جي ايوان ۾ علم ۽ عقل کي هيجاني حالت ۾ وجھي حقير ڪري پيش ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي آهي. پر پوءِ به ڪتاب ۾ ليکڪ جي شروعاتي ڪهاڻي، باقي ڪهاڻين کي پڙهڻ لاءِ آماده ڪري ٿي. ان کانپوءِ ٻيو نمبر ڪهاڻي ”ڪوءِ ڳنڍيندڙ هوءِ“ ڪتاب جي ٽائٽل ڪهاڻي آهي. جيڪا پنهنجي موضوع جي حساب سان، ليکڪ جي سوچ ۽ ڪتاب ۾ موجود ڪيترين ئي ڪهاڻين جي مرڪزي خيال جي نمائندگي ڪندڙ آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ سنڌ جي قومي تحريڪ جو تجزيو پيش ڪندي، تحريڪ کي مفادن جي طوفان ۾ ورهايل ڏيکاريو ويو آهي. ان ۾ قومي تحريڪ جي بانيڪار محترم جي ايم سيد جي عالمي شخصيت هجڻ واري اهميت کي روحاني انداز ۾ ان جي طبيعت، مزاج ۽ رويا وغيره شاه عبدالطيف ڀٽائي سان ڀيٽيندي ڪهاڻي اڳتي وڌائي ٿو. جنهن ۾ ڪهاڻي جو مرڪزي ڪردار، سائين جي ايم سيد واري مزار جي پيراندي کان ويهي، سوچيندي سندس من ۾ هڪ ايذائيندڙ اهو سوال اڀري ٿو ته؛ ”هي سنڌ ۾ قومي سياست جي گروه بندي واري سوچ آخر ڪهڙو بهتر نتيجو ڏيندي؟“ پوءِ انهيءَ سوال جي معرفت، ليکڪ هر وطن پرست واري ڪيفيت جي ترجماني ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي آهي. جنهن جو نتيجو، مايوس حالتن کي پڌرو ڪري ٿو، پر مرڪزي ڪردار پوءِ به بااميد آهي! ڪهاڻي ۾ ڪجھ ٻيا ڪردار به ڄڻ اهڙا محسوس ٿين ٿا، جيڪي ڳالهائن ڪجھ نٿا پر تمثيل ۾ اهڙي احساس کي پڙهندڙ لاءِ پڌرو ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي ويئي آهي. اهو اهڙو فن يا ڏانءُ، هر هڪ ڏات ڌڻي کي حاصل نٿو هجي، جيڪو هوش محمد ڀٽي جو احساس سندس ڪهاڻين کي پختگي بخشي ٿو. ان کانپوءِ ٽيون نمبر ڪهاڻي ”مائوٿ آرگن“ آھي. مائوٿ آرگن، هڪ سازيندي جو نالو آهي. مون کان جيڪڏهن ان لفظ جي ڪو ئي معنيٰ پڇي، ته مان ان کي ان جي معنيٰ ”محبت ۽ سنگيت جو سنگم“ ئي ٻڌائيندس. سنڌ جي عظيم شاعر، شاھ لطيف به ساز ۽ سنگيت جي معاملي کي ٻيجل ۽ جھوناڳڙھ جي راجا راءِ ڏياچ جو قصو بيان ڪري، تند جي تنوار تي، واري واري سر وڍي ڏيئڻ جو ذڪر ڪيو آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ به هيروئن کي محبت جو مريض ڏيکاري، ان کي مائوٿ آرگن جي وڄت واري سوز جي معرفت، ذهني سڪون واري احساس ذريعي مريضه کي صحتياب ٿيندي پيش ڪيو ويو آهي. احساساتي پيچيدگيءَ کي پڌرو ڪرڻ واري اظهار لاءِ، ڪنهن حد تائين ڪهاڻيڪار جو فني ڪمال چئي سگھجي ٿو. چوٿون نمبر ڪهاڻي؛ ”امن جو خواب“ هن ڪهاڻي ۾ هڪ فوجي آفيسر، جيڪو جنگ ۽ امن جي وچڙيل ويچارن جو ڪردار آهي ۽ جيڪو عالمي امن بابت روايتي انداز ۾، هڪ فوجي سپاهي جيان پنهنجي ملڪي سرحد تي پنهنجي هم منسب سپاهين کي پياسي موت مرندي ۽ تڙپندي ڏسي، خود به دنيا کي آزادي جهڙي بهشت ڏيڻ واري خيال سان، سيني ۾ دشمن جي گولي جو گھاءُ کائيندي، سندس امن پسند روح به ڪبوتر جيان پرواز ڪيو وڃي. هڪ جنگجُو جو خواب، قتل ٿيندي ڏيکاريو ويو آهي. ايئن ڪهاڻي ۾ عالمي امن وارو نقطو دهرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. پنجون نمبر ڪهاڻي؛ ”پنهنجو ديش، اوپرا ماڻهو“ آھي. هن ڪهاڻيءَ ۾ راجا ڏاهر نالي ڪردار، ڄڻ جُوڻ مٽائي، عربن جي بدلي افغانين جي نفرت جو نشانو بڻجي ٿو. ڪهاڻي ۾ تمثيلي ڏانءَ سان اهو پڌو ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي ويئي آهي ته، عربن کان انگريزن تائين ۽ هاڻ سنڌ وطن ۾ موجود ڌارين جون لوڌون، سنڌ وطن جي وارثن کي نفرت، ڪيني ۽ حسد جي نظر سان پيون ڏسن، پوءِ به سنڌي پاڻ ۾ ورهايل آهن ۽ قومي وحدت جو کين احساس ئي ناهي! ”ناچڻي، ڪام ۽ ڪروڌ“ هن ڪهاڻي ۾ شهوت جي باھ، دل ۽ دماغ تي ٻري وڃڻ کانپوءِ ڪيفيت ۾ پيدا ٿيندڙ ڪاڙهي کي جنسي لذت جي نالي سان، نفسياتي احساس محسوس ڪرائڻ لاءِ تمثيل گھڙي ويئي آهي. ڪهاڻي ۾ نفسياتي خواهش تي گھڻو ڪجھ لکي سگھجي پيو، پر جڏهن ته ڪهاڻيڪار رڳو احساسن کي ڇُهيو آهي ۽ مان سندس پندرنهن ڪهاڻين جي صرف نتيجن تي مختصر پيو لکان ۽ باقي ٻن آخري ڪهاڻين سميت تفصيل سان لکڻ، ٻين لاءِ پيو ڇڏيان. ”دادلو درياھ“ هن ڪهاڻيءَ جو مرڪزي ڪردار اعجاز جي نالي سان آهي، جيڪو موهن جي دڙي جو رهائش پذير آهي. جنهن کي ۱۹۸۰ع واري ٻوڏ کان ۳۰ سال اڳ؛ يعني ۱۹۵۰ع سندس پيءُ درياھ تي وٺي ايندو آهي. تڏهن اعجاز جي عمر، اندازي موجب ۰۸ سال آهي ۽ ان عمر کان سندس من ۾ درياھ سندس عقيدو ڏيکاريو ويو آهي. جيڪو ۱۹۸۰ع واري ٻوڏ دوران عمر ۾ ۳۸ سالن جو شادي شده ۽ اولادي آهي، تڏهن به سنڌو درياھ ۾ پاڻي کوٽ سبب، سنڌي ماڻهن جي سياسي احتجاج، مظاهرن، مطالبن ۽ سائنسي انجنيئرنگ واري ويڙھ کان وڌيڪ عقيدي کي اهميت ڏيئي، دريا کي پاڻي سان پلٽائي، سڄي سنڌ کي ٻوڏ جي عذاب ۾ دربدر ڏيکاريو ويو آهي. جنهن مان دعا جي دهشت جو عڪس ته اڀري ٿو، پر عقل ۽ علم واري اُنس کان، انسانيت محروم ڏيکاري وئي آهي! اهڙي طرح هن ڪهاڻي ۾ سنڌي سماج کي، ارتقا کان هن ڪهاڻي لکڻ تائين، احتجاج ۽ اعتراض جهڙي جدوجهد کان وڌيڪ سماج کي عقيدي جي احساس جو اهڙو ئي ديوانو ڏيکاريو ويو آهي، جيئن شاھ لطيف سُر سهڻي ۾ محبت جي هڪ ڪمزور ڪردار، ميهار جي زباني چوي ٿو. ”درياھ تو تي دانهن، ڏيندس ڏينهن قيام جي!“ (شاه) ان کانپوءِ ”ڪامريڊ II“ ۽ ”ڪامريڊ III“ اهي ٻئي ڪهاڻيون نمبروار گڏ ڏنل آهن. ڪتاب ۾ موجود اڪثر سڀني ڪهاڻين ۾ ڪهاڻيڪار، انساني نفسيات جي احساسن جو ڄڻ تجربو ڪيو آهي. پر ان ۾ وطن پرستي واري قومي فڪر جي جھلڪ بلڪل واضح آهي. ڪو ئي منفي سوچ رکندڙ نقاد، ڪجھ ڪهاڻين کي ته نعريباز ڪهاڻيون به چئي سگھي ٿو! مذڪوره ٻنهي ڪهاڻين مان هڪ ڪهاڻي ۾ شبير نالي قوم پرست ڪامريڊ جو ڪردار آهي، جيڪو بدين جو رهاڪو آهي، جنهن پنهنجي سڄي عمر قومي فڪر جي پرچار ۾ قربان ڪئي آهي. پر پڇاڙڪي عمر ۾ ان جي حالت ڄڻ سگريٽن جا ٽوٽا پيئندڙ هڪ پينو فقير واري ڏيکاري ويئي آهي ۽ وطن پرستي لاءِ جيڪو هن پورهيو ڪيو، ان لاءِ ماڻهو کانئس ڪجھ ٻڌڻ لاءِ دائرو ٻڌي بيهن ٿا ته، انهن کي به جانوري سوچ سان انسان جي شڪل ۾، اُهي ڄڻ رول ڪتا ڪري ڏيکاريا ويا آهن! اهڙي طرح اهو قوم پرست ڪامريڊ ڪردار، قوم پرستي جو ڄڻ نفسياتي ديوانو ڏيکاريو ويو آهي ۽ سندس سياسي جدوجهد جو نتيجو نا اميدي ظاهر ڪري ٿو! ساڳي طرح ”ڪامريڊ III“ ڪهاڻي ۾ راشد جتوئي نالي مرڪزي ڪردار آهي ۽ صوفي شاھ عنايت شهيد جي نگري جو رهاڪو آهي، جيڪو پهريان پپلزپارٽي جو جيئالو ڪارڪن آهي، پر پي پي جي مفاد پرست وڏيرن جا ڪڌا عمل ڏسي، قوم پرستي جو نعرو هڻي، انهن وڏيرن جو سخت مخالف ٿي وڃي ٿو ۽ پوءِ اچانڪ ئي ان پرچار ۾ هميشه لاءِ گم ٿي وڃي ٿو. نه پاڻ ٿو هٿ اچي ۽ نه سندس نعري جو ڪو ئي نتيجو. بس رڳو انهن وڏيرن هٿان اغوا ٿي وڃڻ جا اشارا آهن. هن ڪهاڻي ۾ ”جو کيڙي، سو کائي“ ان نعري جو بانيڪار صوفي شاھ عنايت کي ڏيکاريو ويو آهي، پر حقيقت ۾ اهو معاملو تاريخ ۾ اڃا ديبل بندر جيان زيرِ بحث ۽ تحقيق طلب آهي. ڪتاب ۾ ڏهون نمبر ڪهاڻي جو نالو آهي ”ملان شريف“. هن ڪهاڻي ۾ مسجد جي پيش امام جو عمل سندس نالي جي ابتڙ آهي. سندس نالو شريف آهي پر نيت بدمعاش اٿس. پر ملي جو اهڙو ئي رواجي ڪردار آهي، جيئن صدين کان سنڌ جا صوفي شاعر مُلي بابت تُڪ بندي ڪندا آيا آهن. تنهنڪري هڪ نفس پرست پيٽُوڙي ملي جي ڪردار ڪهاڻي کي به روايتي رنگ ڏيئي ڇڏيو آهي. ”مهين جو دڙو“ هن ڪهاڻي ۾ موهن جي دڙي جي تاريخي اهميت ۽ دراوڙن جي ترقي يافتا تهذيب کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ۽ ان ماڳ تي تفريح خاطر ايندڙ ماڻهن جي بدسلوڪي، پنج هزار سال پراڻي تاريخي ماڳ کي پنهنجو ورثو سمجھي ان کي سنڀالڻ، سنوارڻ جي بجاءِ انهن جي ذريعي ان جي لتاڙ ڏيکاري وئي آهي. اهڙي طرح ڪهاڻي جي اختتام ۾ سنڌي قوم جي سڌاري وارو امڪان گھٽ ڏيکاريو ويو آهي. پر منهنجي خيال ۾، ليکڪ ڪهاڻي جو ڪلائميڪس شعوري طور ايئن شايد نه پيو ڏيڻ چاهي، بلڪ لکڻ دوران ڪڏهن ڪڏهن اسلوب پنهنجي لکاري کان پنهنجي مرضي مڃائي وٺندو آهي. اهو منهنجو گمان آهي! ٿي سگھي ٿو ايئن نه به هجي. پر مونکي جيئن محسوس ٿيو، تيئن لکيم. ان کان علاوه هن ڪهاڻيءَ ۾ ليکڪ جي مشاهدي ۽ مطالعي واري علم واري ڳنڍ ۾ ٻڌل موتي ڳڻي سگھجن ٿا، ڪهاڻي ۾ منظرڪشي خوبصورتي سان چٽي ويئي آهي. ”گھايل گھٽائون جيون“ ڪهاڻي پڙهڻ سان، ليکڪ جي ذاتي سوچ ڏانهن ذهن ڇڪجي وڃي ٿو. جنهن مان ايئن محسوس ٿيندو آهي، ته ليکڪ ڄڻ جنسي لذت واري نفسيات کي واضح ڪرڻ جو ڪو ئي ذاتي مقصد رکندڙ آهي، جنهن ڪري ٻين ڪهاڻين جيان هي ڪهاڻي به انسان جي رئيس عضون سان ذهن وندرائڻ ۽ جنسي لذت واري چسڪي ۾ مڙهي ويئي آهي! جنهن ۾ جنسي لذت واري مريض کي سچي محبت واري مسيحائي کان محروم ڏيکاريو ويو آهي. ايتري تائين جو عورت جي خاص عضون کي ماکيءَ جو رس مکي، انهن عضون کي اکيون پوري چٽڻ واري حوس ۽ چس وٺڻ واري چرپڻ کي چڱي طرح چٽو ڪيو آهي. پر زندگي جي مقدس رشتن تي پوندڙ منفي اثر جو ڪو ئي اشارو ۽ ان خواهش واري انتها سبب پيدا ٿيندڙ نفسياتي بيمارين جي آگاهي لاءِ، هڪ اڌ ڪنايو ڏيڻ به ليکڪ جو خيال خاموش آهي. جڏهن ته ليکڪ نفسيات بابت چڱي ڄاڻ رکندڙ به آهي. ”ڇو نٿو مون کي سڏين“ ڪهاڻي ۾ به محبت ۽ جنسي تعلق جا احساس دهرايا ويا آهن، جنهن ۾ مرڪزي ڪردار يا ان کي ڪهاڻي جي هيروئن چئون، شادي کان اڳ ۾ ڪنواري محبت جي لذت ۽ شادي کان پوءِ ڪنوارپ واري پراڻي لذت جا احساس ۽ پنهنجي جسم لاءِ ٻن عاشقن وارو جنسي لطف، جنهن ۾ هڪ زال ۽ ٻيو محبوبا جي حيثيت سان ان جنسي ڪيف ۾ سوچون ورهائيندي خود به ورهائجي وڃي ٿي ۽ ٻهِ پُڙي سڻڀي اڦراٽي جيان پچندي به ان احساس کان محروم آهي. (محبت ۾ جنسي لذت ۽ زندگي جي اصل حقيقت، ٻه الڳ الڳ احساس آهن.) بلڪ ايتري تائين جو شهوت جي باھ دوران، سنجوڳ جي وقت، جسم جي اڳ، پُٺ واري ساڃاھ سالم رکڻ کان به محروم آهي! شايد سنجوڳ واري جنسي جولان ۾ ليکڪ، ماڻهپي جو موت ڏيکاريڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ”افطاري“، ڪتاب ۾ چوڏهون نمبر ڪهاڻي آهي. هن ڪهاڻي ۾ تخليق ڪيل ڪردار، هڪ اهڙي بي حس سماج جي نادان روين سان ڌڪاريو ويو آهي، جيڪو سماج غير مهذب ۽ قومي غلامي واري محروميت سبب انسانيت جي اهڃاڻن کان به محروم آهي ۽ اوکي ويل، پنهنجي آدميت به سلامت رکي نه سگھيو آهي. هي هڪ اهڙي احساساتي ڪهاڻي آهي، جيڪا هڪ باشعور فرد کي پنهنجي قومي جاڳرتا لاءِ سندس ستل احساس کي بيدار ڪري ٿي. ”گاريون“ هي سَو سوا لفظن تي مشتمل مائڪرواسڪوپ ڪهاڻي، جنهن ۾ شادي جي خواهش سبب، مقدس رشتن کي ڌڪاري، ماڻھپي کي رشتن جي احساس کان محروم ڏيکاريو ويو آهي. مائڪرو اسڪوپ ڪهاڻي جو پلاٽ ئي ايترو هجي ٿو، جنهن کي ٿورن لفظن ۾، تڪڙو نتيجو ڏيندڙ قصو يا ڪهاڻي چيو ويو آهي. هي تمام مختصر اسلوب ڪهاڻي باشعور، ترقي يافته ۽ مصروف ترين سماج ۾ پنهنجو ملڪو ماڻي چڪي آهي. پر سنڌي ادب ۾ ان تي اڃا تڪرار ايئن هلندڙ آهي، جيئن سنڌ جي نامڪمل تاريخ تي تحقيق هلندڙ آهي! ان جو خاص ڪارڻ غلام سماج ۽ محڪوم قوميت آهي. جنهن ڪري قصا، ڪهاڻيون ۽ ناول وغيره وڏي مغز خور ڊيگھ ۽ ڊگھِي مدت تائين مرِي مرِي جيئڻ واري حالت مان گذرن ٿا. ايتري تائين جو سماج جا رويا ۽ نسل به تبديل ٿيو وڃن ۽ قصن، ڪهاڻين جا نتيجا ان تبديليءَ جي محور ۾ ئي گم ٿيو وڃن يا مريو وڃن. پر هڪ سڄاڻ ليکڪ اهو سمجھي ٿو ته، صحتمند ۽ سگھاري ٻوليءَ ۾ تخليق ڪيل ادب تاريخ ۾ زنده رهي ٿو. تنهن ڪري اُهو ليکڪ پنهنجن لکڻين وارن تجربن کي ترڪ نٿو ڪري ۽ پنهنجي تخليق کي تاريخ جي تهن ۾ جمع ڪندو رهي ٿو ۽ ان عمل ۾ ٿڪجي هرگز نٿو ۽ نه پنهنجي پورهيي مان نااميد رهي ٿو. اصل ۾ ان کي ئي آدرش، مستقل مزاجي ۽ ادب سان سڄي عمر جو تعلق جوڙي رکندڙ، هڪ لکاري يا اديب چيو ويو آهي. جيڪو پنهنجو سڀئي صلاحيتون سچائي سان، ڪُل وقتي، پنهنجي مقصد لاءِ، وقف ڪندڙ آهي. محترم هوش محمد ڀٽي به پنهنجي عمر جو گھڻو حصو، ادب کي ڏنو آهي. جنهن ۾ کيس نظم توڙي نثر تي، ڪافي تجربو حاصل آهي. سندس ڪهاڻين جو هي ڪتاب ۲۰۱۸ع ۾ ڇپيو آهي، جنهن ۾ سندس سترهن ڪهاڻيون آهن. ڪهاڻين ۾ ٻوليءَ کي دلچسپ بڻائڻ لاءِ تجنيس خطي ۽ من موهيندڙ رڌم واري روانگي تي وڏو ڌيان ڏنو اٿس. جنهن ڪري پروف جون ڪافي غلطيون محسوس ئي ڪو نه ٿيون ٿين. ليکڪ جي اها مهارت ساراھ جوڳي آهي. ته هو پنهنجي پڙهندڙ کي پنهنجي ٻولي سان پرڀائي ٿو وٺي. پر ڌيان ڏئي پڙهندڙ لاءِ پروف جون غلطيون، ڄڻ سندس ڪيفيت جون نسون ڪپي وڌيڪ پڙهڻ کان روڪينديون هجن. ليڪن ليکڪ جي ڏاهپ انهن غلطين کان پوءِ به مٿڀري آهي. جيڪا ڪردارن کي پنهنجي ڪِرت ۽ ادائگيءَ ۾ سندن ڪردار مطابق، شڪل چٽڻ واري مصوري، سندس ڏات کي نروار ڪندڙ آهي. البت ايئن ڪجھ محسوس بلڪل ٿئي ٿو ته، ٻوليءَ تي سندس ايترو عبور حاصل نظر نه پيو اچي، جيترو سندس جذبو، انساني نفسيات پرکڻ ۾ جذب ٿيو آهي. ان جو ڪارڻ اهو به شايد ٿي سگھي ٿو ته، دنيا ۾ جيتريون صورتون اوترا چاهيندڙ ۽ اوتريون ئي ڪهاڻيون/قصا آهن. انهن لاءِ سوچيندڙ اوترا ئي آهن پر انهن تي لکندڙ اوترا ناهن، بلڪ ٿوررا ڪي آهن. جنهنڪري هر ڪهاڻيڪار جي حصي ۾ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون، پنهنجا قصا ۽ منظر پيش ڪندڙ رهيون آهن ۽ ڪهاڻيڪار، پنهنجي هر ڪهاڻيءَ کي سونهائيندڙ زيور پارائي نه سگھيو آهي! سنڌ وطن ۽ سنڌي ادب سان محبت رکندڙ، هوش محمد ڀٽي لاءِ ايترو ضرور چئي سگھجي پيو ته، ادبي ڌارا ۾ سندس ٻيڙي ترندي ڏسي، ائين لڳي ٿو ته، پاڻ اهڙي پتڻ جو پاتڻي آهي، جتان سوچن جا ڪيئي مسافر سِير کي سامهون سينو ساهي، زندگي جي ٻيڙي اجھاڳ سفر ۾ هاڪاريندڙ آهن. زندگي جھاڳ اجھاڳ جي جھاڳور ۾، چانڊوڪي رات دوران رلندڙ ڪڪر جيان آهي، جنهن جي موت کان سواءِ باقي ڪنهن منزل جي يقيني پروڙ نٿي رهي. هي اهو سفر آهي جيڪو رڪڻ سان به نٿو رڪجي. اهو ئي سبب آهي جو، زندگيءَ جي ان اڪيلي سفر لاءِ ماڻهو محبتون جوڙين/ ڳنڊين ٿا ۽ پنهنجين عمرين سان گڏ قوم، وطن، سماج، ٻولي ۽ تهذيب کي جيئارين ٿا. هوش محمد ڀٽي پنهنجي ڪتاب جو نالو ”ڪوءِ ڳنڍيندڙ هوءِ” شايد انهيءَ خيال سان ئي رکيو آهي ۽ ڪتاب ۾ اڪثر ڪهاڻين جو مرڪزي خيال به، ايئن زندگي جي سفر کي نفرتن جي نيئرن مان ڇڏائي ڪنهن اهڙي اجتماعي اتحاد کي ڳولي، ان سان ڳنڍيندڙ آهي، جيڪو سياسي، سماجي، علمي توڙي معاشي ترقي واري ڌارا جي مست درياھ مان پار اڪاري، آزادي ۽ خوشحالي جهڙيون آسائشون پنهنجي وطن واسين لاءِ پيدا ڪندڙ هجي. اهڙو آدرش، هڪ سٺي ۽ سيبتي ليکڪ جو ئي هجي ٿو. (ھوش محمد ڀٽي جي فيسبڪ وال تان تاريخ ۱۱ اپريل ۲۰۲۰ع)
رحيم بخش آزاد کاٻي ڌر کان وسري ويل استاد ۽ ڪامريڊ – ۲۱ مئي ۲۰۱۹ع ڊاڪٽر ايوب شيخ اڄ صبح جو ملڪ جو نامور ۽ غريب دوست ڪامريڊ، هيٺئين طبقي سان واڳيل استاد رحيم بخش ”آزاد“ گذاري ويو. هن کي گهڻي وقت کان شگر جي بيماري هئي. رت ۾ شگر واڌ ۽ سماجي بدحالي کيس وڌيڪ ضعيف بڻائي ڇڏيو هو. پر هو ڪڏهن به ”آسرن“ جي پناري نه لڳو. هن ڪڏهن به آسرن ۾ زندگي نه گذاري ۽ پنهنجي پتيءَ جو ڪم ڪندو رهيو. هن جي وهمن ۾ آسرا نه هوندا هيا بس! جيڪي سندس سامهون آهي، اهو ئي اهم آهي ۽ ان تي اعتبار ڪري سگهجي ٿو. ايئن هن توڪل جي ترهي تي ترندي زندگي جو ساٿ نڀايو. جنهن هنڌ رحيم بخش آزاد کي دفنايو ويو ان هنڌ قبرن جي ترتيب هيءَ هئي ته سندس سيرانديءَ کان هڪ شخص نالي پير محمد ”مسافر“ جي قبر هئي، ان جي پاسي ۾ محمد اسحاق ”روزي“ پوريل هو ۽ انهن جي پاسي ۾ ٻه زال مڙس خدا بخش بلوچ ۽ لال بي بي بلوچ دفن هيا. انهن دفنايل انسانن جي پاسي ۾ آزاد پڻ دفن ٿيو هو، جيڪو سڄي ڄمار روزي روٽي لاءِ محنت ته ڪندو رهيو پر ڪڏهن به ان کي رڳو زندگي نه سمجهيائين. رحيم بخش بلوچ ”آزاد“ نامياري دانشور ڊاڪٽر فيروز احمد سان گڏجي ۱۹۷۰ع ڌاري جناب رسول بخش پليجي جي ”عوامي تحريڪ“ ۾ شامل ٿيو هو. قبرستان ۾ موجود ماڻهن ٻڌايو ته ”ايم آر ڊي جي دور ۾ ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد رسول بخش پليجي پنهنجي گهرواري ۽ لوڪ ڳائڻي جيجي زرينا بلوچ کي آزاد جي گهر ۾ لڪي رهڻ جو چيو هو ۽ جيجي ڪيئي مهينا اتي رهي هئي“. اهڙي طرح لياري عوامي تحريڪ وارن لاءِ ”پناهه گاه“ جو ڪم ڪندي هئي. ”آزاد“ کي معلوم هو ته علم ئي وڏو هٿيار آهي. علم ئي سوشلسٽ انقلاب جو بنيادي ٿنڀ آهي. آزاد علم لاءِ بيپناه ڪم ڪيا. رڳو لياري ۾ لائبررين ٺاهڻ لاءِ هن جيڏا ڪم ڪيا سي سندس زندگي ۽ موت کي لازوال بڻائڻ لاءِ وڏا پاسا آهن. ڀلا! ڪنهن کي خبر هئي ته سر عبدالله هارون جي جوڙايل لائبرري جي بقا به آزاد جي هٿن سان ٿيندي. گل حسن ڪلمتي پنهنجي تاريخي ڪتاب ؛ ”ڪراچي سنڌ جي مارئي“ ۾ لکيو آهي ته سنگو لين کان ويندي ميران ناڪا تائين، کڏي کان ويندي ماڙيپور تائين ڪيئي لائبرريون هونديون هيون. نامياري صحافي بينا سرور جي ڀيڻ صهبا سرور جي ورتل هڪ انٽرويو ۾ آزاد کين ٻڌايو ته ۴۰ لائبررين ۾ لکين ڪتاب هوندا هيا. آزاد جي وڏن مشغلن ۾ هڪ ڪم اهو به هيو ته جڏهن به ڀٽو صاحب لياري ۾ ايندو هو ته هي نوجوانن کي گڏ ڪري ڀٽي صاحب اڳيان آڻيندو هو ۽ اهي جناب ذوالفقار علي ڀٽي کان گهر ڪندا هيا ته ” لياري کي لائبرريون ڏيو“. ڀلا! لياري ۾ اهڙا مطالبا ٿيندا هوندا؟ اها ڳالهه ڪنهن سوچي ۽ ٻڌي هئي؟ آزاد سان اسان جي ملاقات تڏهن ٿيندي هئي جڏهن هو ڊاڪٽر فيروز احمد جي ايڊيٽريءَ ۾ اردو ۾ نڪرندڙ شاندار رسالي ”پاڪستان فورم“ جون ڪاپيون سنڌ ميڊيڪل ڪاليج جي هاسٽل ۾ رهندڙ سنڌي شاگرد تحريڪ جي ميمبرن وٽ پهچائيندو هو. پاڪستان فورم اردو جو اهو تاريخي رسالو آهي جنهن ۾ عالمي انقلابن سميت پاڪستان جي سياسي ۽ سماجي جائزن ۽ مارشلائن ۽ انهن جي مخالفتن جا حساب ڪتاب لکيا پيا هوندا هيا. اڄ رحيم بخش آزاد اسان کان جدا ٿيو. اسان هن جي قبر تي ڳاڙها گل گلاب جا سجائي رهيا هئاسي. آئون اتي ماڻهن کي ڏسي رهيو هوس. نوجوانن ۾ آزاد جيئرو هو. سڀ آزاد جا مالڪ بڻيا بيٺا هيا. مون کي خوشي ٿي ته جناب ايڌيءَ جو فرزند فيصل ايڌي، جان بليدي، واحد بلوچ، سعيد بلوچ، عباس جلباڻي به اسان سان گڏ هيا. پر ان خوشيءَ سان گڏ اهو سوال مون سان ويڌن ڪري رهيو هو ته ”ڇا ڪنهن امير ڪامريڊ جي جنازي مان به کاٻي ڌر جا ڪامريڊ ايئن ئي غائب هجن ها؟“ رحيم بخش آزاد آزاد به هليو ويو رئوف نظاماڻي آزاد گذاري ويو. هڪ ڊگھو عرصو بيمار رهڻ کانپوء هو هن دنيا مان هليو ويو. هو انهن ماڻهن مان هو جيڪي اهڙن وشال دريائن وانگر هوندا آهن، جيڪي هڪ ڊگھي عرصي تائين آبادين ڪرڻ، زرخيزي، آسودگي ڦهلائڻ کانپوءِ سرسوتي جيان آب گم ۾ تبديل ٿي هڪ ڏند ڪٿا بڻجي ويندا آهن. ماڻهن وٽ رڳو سندن قصا، ڪهاڻيون ئي رهجي وينديون آهن. اسان جو دوست رحيم بخش آزاد جنهن کي نه رڳو ڪراچي پر پوري ملڪ جي خاص طور تي کاٻي ڌر جي حلقن ۾ آزاد بلوچ جي نالي سان سڃاتو ويندو هو پنهنجي ان بيماري جي عرصي ۾ شايد اهڙي ئي هڪ ڏند ڪٿا ٿي ويو هو. هن دنيا سان پنهنجو ناتو گھٽائي ڇڏيو هو پر سندس دوستن کيس هر طريقي سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. آزاد سان منهنجو تعلق جيتوڻيڪ سنڌي عوامي تحريڪ جي حوالي سان ٿيو پرپوء اهو هڪ ذاتي تعلق ۾ بدلجي ويو، عوامي تحريڪ کان ڌار ٿيڻ کان پوء به اهو هلندو، مضبوط ٿيندو آيو، اخري وقت تائين اهو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ جاري هو. هوهڪ اهڙو شخص هو جنهن جو گھر، جنهن جي دل ٻولي، نسل، نظرئي جي تفريق کانسواء ڪن خاص ماڻهن لاء نه پر سڀني لاء کليل هوندا هئا، اهو سندس زندگي جي آخر وقت تائين رهيو. گھڻن جي لاء هو استاد هو، گھڻا کيس پنهنجي پي جيان سمجھندا هئا. کيس گھڻن ماڻهن جيان زندگي جي ڪنهن هڪ خاني ۾ بند ڪرڻ انتهائي ڏکيو آهي، سندس شخصيت به اهڙي نه هئي جو رڳو هڪ خاني ۾ سمائجي سگھي. اهو چوڻ ته سندس واسطو رڳو سياست سان رهيو اڌوري ڳاله ٿيندي. هڪ ئي وقت ۾ ساڻس ملڻ وارن ۾ مختلف موضوعن، شعبن سان دلچسپي رکندڙ دوست موجود هونڌا هئا، هو انهن سڀني سان منهن ڏيندو هو، کين مطمئن ڪندو هو. سندس دوستن ۾ سياست سان گڏ ادب، ميوزڪ، ڊانس سان واسطو رکندڙ ماڻهو به شامل هئا جن کي انهن شعبن متعلق چڱي خاصي ڄاڻ هئي. آۡزاد وٽ پاڻ سٺو ميوزڪ سسٽم، گيتن، ڪتابن جو چڱو ذخيرو موجود هونڌو هو جيڪو سندس بيٺڪ ۾ هونڌو هو جتي دوستن سان ڪچهري ٿيندي هئي. انهن سڀني شين مان سڀ دوست فائدو حاصل ڪندا هئا، هو پاڻ ان ڳاله جي همت افزائي ڪندو هو. ڪتابن سان گڏوگڏ آئون کانئس ڊرامن، فلمن جون ڪيسٽون پڻ وٺي ويندو هوس. مون اهو ڏٺو ته کيس دوستن کي اهي شيون ڏيندي خوشي ٿيندي هئي، هو ان ڳاله جي پرواه نه ڪندو هو ته انهن مان گھڻيون شيون موٽن ٿيون. کانئس ورتل ڪجھ ڪتاب شايد مون وٽ اڃا به موجود آهن. ان وقت جڏهين ضياءالحق جي دور ۾ پاڪستان متعلق گھڻن ڪتابن تي بندش هونڌي هئي ته اهي ڪتاب يا انهن جون فوٽو اسٽيٽ ڪاپيون آزاد وٽان ملي وينديون هيون جيڪي کيس پرڏيه ۾ رهندڙ سندس دوست ڪنهن ريت موڪليندا هئا. آزاد لاء اهو چوڻ وڌيڪ مناسب ٿيندو ته سندس واسطو کاٻي ڌر، سنڌي، بلوچ قوم پرست سياست سان هو. پر کيس ڪنهن هڪ خاص سياسي جماعت سان جوڙي نه ٿو سگھجي. ان سلسلي ۾ مٿس تنقيد به ٿيندي هئي پر هو ان جي پرواه نه ڪندو هو، کلي ڳاله ٽاري ڇڏيندو هو. لالا لعل بخش رند، يوسف نسڪندي سندس ويجھا دوست هونڌا هئا، سندس ان روئي تي سندس سرزنش به ڪندا هئا پر اهي ساڳي وقت ساڻس هڪ ويجھڙائي، قربت به رکندا هئا. هو انهن سڀني کي ٻڌنڌو هو پرِ پنهنجي ورتاءَ لاء ڪنهن جواز، دليل ڏيڻ جي بجائي بس هڪ زوردار ٽهڪ ان جو جواب هونڌوهو. اهو نه هو ته سندس مقصد پنهنجي ان ورتاءَ مان ڪي ذاتي فائدا حاصل ڪرڻ هو بس اها سندس طبيعت هئي، شايد ان ڪري ئي کيس آزاد چيو ويندو هو. سندس پيپلز پارٽي جي اڳواڻن، خاص طور تي لياري جي اسمبلي ميمبرن، وزيرن ستار گبول، رحيم بلوچ، ٻين اڳواڻن سان ذاتي ناتا هونڌا هئا، وٽس کانئن فائدا حاصل ڪرڻ جا گھڻا موقعا هئا جنهن جي لاء کيس چيو به ويندو هو پر هن نه پاڻ کي پابند ڪرڻ ٿي چاهيو، نه ئي پنهنجي برابري واري حيثيت تي ڪو ڪمپرومائز ڪرڻ لاء تيار هو. هو آخر وقت تائين سنگولين جي ساڳئي گھرءِ ساڳئي پاڙي ۾ رهيو، ساڳئي طريقي سان پنهنجي زندگي گذاريندو رهيو. ساڳي وقت هو سنڌي عوامي تحريڪ سان به لاڳاپيل هو، ڪراچي ۾ ان جي تنظيم ۾ هڙان، وڙان نه گھٽائيندو هو. بي ايس او عوامي، بلوچ ادبي تنظيمن جا دوست به مختلف معاملن، ڪراچي ۾ رابطن لاء ساڻس رابطي ۾ هونڌا هئا. لياري ۾ سنڌي ادبي سنگت کي متحرڪ ڪرڻ ۾ سندس اهم ڪردار هو. هن ان جي لاء پهرين مولوي عثمان پارڪ جي لائبريري، پوء چاڪيواڙي ۾ فٽ بال هائوس ۾ گڏجاڻين لاء جاء جو بندوبست ڪيو، پاڻ به، انهن گڏجاڻين ۾ باقاعدي شرڪت ڪندو هو. هر وقت متحرڪ شخص جيڪو ڪنهن به عوامي، انساني حقن جي تحريڪ ۾ شامل هئڻ لاء تيار هونڌو هو. بلوچستان ۾ جڏهين ذڪري فرقي خلاف مذهبي جماعتن هڪ مهم شروع ڪري کين هراسان ڪرڻ شروع ڪيو ته آزاد ڄڻ ان سڄي ناانصافي خلاف هڪ اڳواڻ جي طور تي سامهون آيو، هن سڄي ڪراچي ۾ جلسن، جلوسن، پريس ڪانفرنسن، مختلف سياسي، سماجي، انساني حقن جي اڳواڻن سان ملاقاتن وسيلي ان مسئلي کي نروار ڪيو، گھڻي حد تائين مذهبي جماعتن جي دٻاء کي گھٽائڻ ۾ ڪامياب ويو. لياري جي حوالي سان آزاد کي هڪ حوالو سمجھيو ويندو هو. ان جو اندازو مون کي ساڻس تعلق جي شروع ۾ ئي ان وقت ٿيو جڏهين مون ۱۹۷۷ ۾ پي اين اي جي ڀٽو حڪومت خلاف تحريڪ وقت لياري جي سياسي صورتحال جي حوالي سان هڪ مضمون لکيو هو جيڪو عوامي تحريڪ جي ترجمان رسالي تحريڪ ۾ شائع ٿيو هو. ان مضمون جي سلسلي ۾ جيڪڏهين آئون ائين چوان ته وڌاء نه ٿيندو ته ان ۾ جيڪڏهين آزاد جي مدد، رايا شامل نه هجن ها ته اهو اڌورو رهجي وڃي ها. نه رڳو ڪراچي پر پاڪستان، پرڏيه جي صحافين کي به لياري جي مختلف سماجي، سياسي مسئلن جي حوالي سان ڪا اسٽوري ڪرڻي هونڌي هئي ته کين آزاد سان رابطي ۾ اچڻ لاء چيو ويندو هو جيڪو کين مختلف ماڻهن سان ملائيندو، مختلف علائقن ۾ وٺي ويندو هو. اهڙا حوالا ڪيترن انگريزي، اڙدو رسالن، اخبارن ۾ ڏسي سگھجن ٿا. لياري جي حوالي سان خاص طور تي سندس ڄاڻ انسڪلوپيڊيائي هئي. لڳندو ائين هو ته هو بس مڙد ميدان هو جيڪو ڪتاب وغيره رکي، دوستن کي ڏيئي بس پنهنجي علم دوستي ظاهر ڪندو هو. پر ائين نه هو. ساڻس مختلف موضوعن تي ڳالهائي سگھجي پيو. هو ساڳي وقت بلوچي، سنڌي، اڙدو ۾ لکي سگھندو هو، انهن جي شاعرن، ليکڪن، ٻين اهم شخصيتن تي سير حاصل ڳاله ٻوله ڪري سگھندو هو. منجھس مون هڪ خاص ڳاله ڏٺي ته جڏهين کيس ڪنهن موضوع تي لکڻ لاء چيو ويندو هو ته اهو گھٽ ئي ٿيندو هو ته هو اڳواٽ ئي لکي اچي. پروگرام جي ڪاروائي شروع ٿيڻ کان ڪجھ وقت اڳ هو اتي پهچي هڪ پاسي ٿي ويهي رهندو هو. يڪي ڪجھ کيس لکڻو هونڌو هو اهو لکي وٺندو هو. اهو ساڳيو طريقو مون ڪنهن حد تائين فقير محمد لاشاري ۾ به ڏٺو هو. آزاد جو اداره امن و انصاف، جنهن جو ملڪ جي ترقي پسندن سان ويجھو تعلق هو، جنهن هڪ ڊگھي عرصي تائين سنڌي ادبي سنگت ڪراچي کي گڏجاڻين لاء پنهنجي جاء استعمال ڪرڻ جي اجازت به ڏني هئي، سان هڪ خاص تعلق هو. هو هڪ ڊگھي عرصي تائين اداري پاران اڙدو ۾ نڪرندڙ رسالي جفاڪش جو ايڊيٽر رهيو، اداري جي مختلف سرگرمين ۾ پڻ حصو وٺندو رهيو. اها سندس خوش قسمتي هئي ته اداري تي جڏهين دهشت گردن جو حملو ٿيو جنهن ۾ اتي موجود سڀ ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا ان کان رڳو ڪجھ وقت پوء آزاد اتي پهتوهو جنهن ان سڄي ڪاروائي کان دنيا کي آگاه ڪيو. ان حملي کان پوء ادارو، رسالو جفاڪش ٻيئي بند ٿي ويا، حملو ڪندڙ ٻين گھڻن اهڙن حملن جيان نامعلوم جي ڌنڌ ۾ گم ٿي ويا. لياري ۾ هئڻ وقت آزاد سان اڪثر ملاقات ٿيندي رهندي هئي. منهنجي گلشن حديد منتقل ٿيڻ کان پوء انهن ملاقاتن ۾ وقفو وڌي ويو. آزاد جو گھر پراڻي ڪنڀار واڙي جي پاڙي سنگولين ۾ آهي جيڪو هڪ لحاظ کان ڄڻ گينگ وار جي مختلف گروهن جو ڳڙه رهيو آهي. ان ڪري لياري جي صورتحال جي خراب ٿيڻ کان پوء اهو رابطو ڄڻ ختم ئي ٿي ويو. بس شهر ۾ ٿيندڙ ڪنهن ادبي، سياسي، ثقافتي پروگرام وغيره ۾ سرسري ملاقات ٿي ويندي هئي جيڪا وري ملڻ جي واعدي تي ختم ٿي ويندي هئي. پر پوء اهو سلسلو به ختم ٿي ويو. ڪجھ دوستن کان خبر پيئي ته آزاد پاڻ کي بلڪل گھر تائين محدود ڪري ڇڏيو هو. هو نه ته موبائل فون رکندوهو، نه ئي گھڻن دوستن سان ملڻ، ڳالهائڻ پسند ڪندو هو. ان جو هڪ ڪارڻ سندس صحت به ٿي سگھي پيئي. پرتازو هڪ گڏيل دوست کان اها خبر پيئي ته جڏهين سندس صحت ٺيڪ هئي تڏهين به هو پنهنجي گھر تائين ئي محدود ٿي ويو هو. هن دوست جو چوڻ هو ته آزاد جو ڏينهن شام چئين وڳي کان شروع ٿيندو هو، پوء هو رات جو دير تائين جاڳندو رهندو هو جنهن دوران هو اٽڪل سورنهن اخبار پڙهندو هو. ان جي باوجود ته پنهنجن آخري ڏينهن ۾ آزاد پاڻ کي پنهنجي صحت وغيره جي لحاظ کان پنهنجي گھر تائين محدود ڪري ڇڏيو هو پرسندس دوست اڃا به ٻاهرين دنيا سان رابطي لاء سندس ذريعو هئا. سٺي ڳاله اها هئي ته آزاد کي اڪيلو نه ڇڏيو ويو هو. خاص طور تي سندس ٻار سندس جوڳي سار سنڀال لهندا هئا، سندس ذاتي دوستن مان گھڻا آخر وقت تائين به ساڻس گڏ هئا. رحيم بخش آزاد چڱو سنگتان سدائين گڏ حسن مجتبيٰ هيءَ جيڪا لياري، ڪراچي ۾ ويجهي ماضي تائين شايد اڄ به هجي، ڀٽن ۽ پيپلزپارٽِي جو ڳڙهه بڻيل رهي هئي تنهن کي دادل ۽ شيرل رستي ماڻهن توڻي مخالفن کي دٻائي رکندڙ ٻاويهه خاندانن مان هڪ هارون خاندان کان کسي پي پي پي جو قلعو بڻائڻ ۾ هٿ رحيم بخش آزاد بلوچ جو به رهيو هو. رحيم بخش آزاد بلوچ ئي هو، جنهن سندس ڪن ساٿين سان گڏجي لياري ۾ ايوب خاني آمريت کي للڪاريندڙ ذُوالفقار علي ڀٽي جي تڏهن نئين جوڙيل پارٽي جون نه فقط آفيسون کوليون هيون پر ڀٽي کي لياري جي عوامي بلوچي توڻي سنڌي ڪڇي مزاج کان به واقف ڪيو هو. انهي لياري ۾ پوءِ ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن داخل ٿيو هو ته هڪڙي جلسي ۾ هن چيو هو، “لياري ۾ دادل، شيرل، هارونن جا بدمعاش آهن پر مون کان وڏو بدمعاش ڪير ٿيندو؟” لياري ۾ ڀٽي، شيرل دادل رستي هارونن جي جيڪا مٿ ٽوڙِي هئي، تنهن جي پٺيان جيڪي دماغ ها انهن ۾ رحيم بخش آزاد بلوچ به هو، جنهن سياسي طور پوءِ گهڻا سال اڳ منهنجي دوست اسلم خواجي کي پُٽيلو ايڊاپٽ ڪيو هو. ڪڏهن اهو لياري جيڪو هاڻ عذير جان بلوچ ۽ رحمان ڊڪيت مان ڦري سردار عبدالرحمان بلوچ، بابا لاڊلا، غفار ذڪري جي نالن سان سڃاپجڻ لڳو هو سو ڪالهه تائين رحيم بخش آزاد بلوچ جهڙن سياسي نظرياتي جوڳين جي نالن سان سڃاپجندو هو. رحيم بخش آزاد ۽ هن جي گهٽي سنگهولين، جيڪا پوءِ گينگ وار جي ور چڙهي ويئي تنهن ۾ ڊاڪٽر فيروز جهڙي کاٻي ڌر جي دانشور کان وٺي رسول بخش پليجي، ڄام ساقي، معراج محمد خان ۽ بزنجو توڻي منهنجي دوست عيني علي خان تائين دنيا ڀر جا کوجناڪار جيڪي به لياري جي سياست ۽ سماج کي سمجهڻ چاهيندا هئا سي ڪتابن سان سٿيل ڪمري ۾ رحيم بخش آزاد جي انهي گهر ۾ آيا هئا. وري پوءِ اڻويهه سو ستر جي ڏهاڪي ۾ بلوچستان ۾ ڀٽي خلاف ويڙهه ڪندڙ نوجوانن رحمان برادران يا ٽالپر برادران مان ڪير ڪير نه رحيم بخش سان ڪچهريون ڪري چڪو هو! رحيم بخش آزاد بلوچ نه فقط لياري پر ٻنهي بلوچستانن پاڪستاني توڻي ايراني بلوچستان جي سياست، سماجيات، ادب شاعري سميت جيئرو جاڳندو انسائيڪلو پيڊيا هو، هو گوگل کان گهڻو اڳ پيدا ٿيو هو. هو پاڻ گوگل هو. رحيم بخش آزاد بلوچ لياري ۽ بلوچستان تي انتهائي ڄاڻ رکندڙ توڻي اتان جي عوام لاءِ درد رکندڙ ٽمورتي مان هڪ هو. اها ٽمورتي ڪڏهوڪو ٽٽي پيئي هئي، اها ٽمورتي هئي لال بخش رند باالمعروف لالا، يوسف نسقندي ۽ رحيم بخش آزاد بلوچ. هي جيڪو به لياري ۽ بلوچستان تي ملڪي توڻي پرڏيهي سٺو سهيوڳي (همعصر) مواد ملي ٿو، انهن جي کوجناڪارن جي پٺيان وڏن دماغن مان هڪڙو دماغ رحيم بخش آزاد رهيو. هو ڪراچي جي سمونڊ کان وٺي گودار، جيوني، پسني، اورماڙا واري نيري سمونڊن (سمونڊکي بلوچ ندي چون) جي پاڻين جي تهن ۾ مڇين توڻي مهاڻن تي نه رڳو ٻڌائي سگهندو هو پر سمونڊ رستي بين الاقوامي روٽ ڏانهن ٿيندڙ تاريخي اسمگلنگ بابت به ٻڌائي سگهندو هو. هڪ ڀيرو هن مونکي منهنجي ساحلي بلوچستان ۾ هڪڙي سر جي جوکم واري اسٽوري ڪرڻ لا وڃڻ کان اڳ هڪڙي فارسي واري بلوچستان جو نقشو ڪڍي سمجهايو هو، جيڪو هن ٻڌايو هو ته هن تهران جي فوٽ پاٿ تان خريد ڪيو هو. ڏورانهان ڏاکڙن ڀريا سفر ڪرڻ هن جو اهڙو شوق هو، جيڪو جيسين سندس جسم ۽ صحت اجازت ٿي ڏني، هن ڇڪي رکيو هو. مان هن کي مذاق ۾ چوندو هوس ته، “اهي سسئي وارا پنڌ جهاڳڻ تون پنهون جي مائٽ کي ڪيئن ٿا اچن!” لياري ۾ سياست ۽ ادب توڻي تاريخ جي شاگردن، ليکڪن، سياسي ڪارڪنن جو نسل کيس استاد رحيم بخش سڏيندو هو. هو انتهائي بهادر انسان هو. دانشور، پورهيت، بهادر. هن جيلون به ڏٺيون ته ريلون به. هو ڪڏهن آل پاڪستان سئنيما گيٽ ڪيپر ايسوسيئيشن جو مرڪزي صدر هو. ڪراچي ۾ سئنيما جي پورهيتن جي هڪڙي هڙتال دوارن چون ٿا ته هن سئنيما مالڪ حاڪم علي زرداري کي ڳلي کان جهليو هو. واجا رحيم بخش بلڪل پنهنجي قد بت ۾ پراڻن زمانن جي دادن جهڙو لڳندو هو پر صفا ڪپهه جي ڪوڻِين جهڙو نفيس سوچ وارو انسان. هو آل پاڪستان ذڪري ايسوسيئيشن جو جنرل سيڪريٽري پڻ رهيو. هن مارڪسوادي رحيم بخش جو تعلق بلوچ مسلم ذڪري عقيدي وارن سان هو. ذڪري يا ذگري۔ تربت ڀرسان ڪوهه مراد تي ٿيندڙ ذڪري مسلمانن جي وڏي اجتماع جا بندوبست ڪرڻ وارن مان هڪڙو رحيم بخش آزاد به هو. مير غوث بخش بزنجو، توڻي سردار بهادر يار جنگ ۽ بلوچستان اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر سميت ڪيترين ئي مشهور شخصيتن جو تعلق ذڪري صوفي عقيدي سان هو. لياري ۾ ذڪري صدين سالن کان آباد آهن. رحيم بخش بلوچ جيڪو پاڻ انتهائي سيڪيولر ۽ ترقي پسند سوچ جو هو پر هو سماج جي ڪنهن به لتاڙيل حصي کي سندس حقن ڪاڻ منظم ڪرڻ ۾ وسان نه گهٽائيندو هو. پوءِ اها مسلم ذڪري ايسوسيئيشن هجي يا ڪراچي جا هيٺين طبقن جا مسيحي (ڪجهه سال اڳ هو 2002ع ۾ ادارا امن و انصاف طرفان نڪرندڙ رسالي “جفاڪش” جو ايڊيٽر هو، جڏهن ان جي ڪراچي ۾ رمپا پلازا واري جفاڪش جي آفيس تي دهشتگرد حملو ٿيو هو. حملي وقت دفتر ۾رحيم بخش به شايد موجود هو. هن جا ساٿي ڪارڪن مارجي ويا هئا، رحيم بخش معجزاڻي طرح بچي ويو هو. ڪيتري عرصي تائين رحيم بخش ان حملي جي ٽراما مان گذرندو رهيو هو) رحيم بخش آزاد بنيادي طرح پورهيت طبقي سان تعلق رکندڙ هو ۽ هو پورهيتن جون ٽريڊ يونينون منظم ڪرڻ ۾ مهارت رکندو هو ۽ ان ڳالهه ۾ به يقين رکندو هو ته پورهيت لاءِ پرديس به ساڳيو، ديس به ساڳيو. هو ان ڪم ۾ ڪراچي کان گدون امازئي تائين ويو هو. آل پاڪستان سئنيما گيٽ ڪيپرس ايسوسيئيشن تڏهن منظم ڪئي هئائين، جڏهن پاڻ به هو ڪراچي جي هڪڙي سئنيما تي گيٽ ڪيپر هو. هن بلوچ ترقي پسندن ۽ وطن دوست نوجوانن ۽ ليکڪن کي پڻ منظم ڪيو. هو بلوچي رسالي “لپزڪان” جو ايڊيٽر به رهيو، جنهن ۾ هن منهنجي ڪن سنڌي نظمن جو ترجمو پڻ ڪيو. هن جي هڪڙي سڃاڻپ بلوچي ٻولي ۽ ادب تي سندس اٿارٽي هجڻ پڻ هو. هو ورلڊ ڪلاس بلوچ دانشور هو. اصل سندس تعلق بلوچستان جي دشت علائقي سان هو. ڪئين صديون اڳ سندس وڏا ايراني بلوچستان مان لڏي لياري ڪراچي ۾ آباد ٿيا هئا. هو سنڌين سان بلوچي لياري واري لهجي ۾ سنڌي ٻولي ۾ ڳالهائيندو هو ۽ سنڌي ادب ۽ شاعري توڻي سياست تي سندس ڄاڻ حيرتناڪ هئي. منهنجي هن سان پهرين ڏيٺ ويٺ پهريون ڀيرو مٺِي واري انهي بدقسمت ٿر ڪانفرنس ۾ وڃڻ لاءِ گڏ سفر دوران ٿي هئي، جنهن ۾ نعري بازي تان فائرنگ ۾ هوٽل تي ڪم ڪندڙ هڪڙو پورهيت مارجي ويو هو. رحيم بخش پنهنجي دور ۾ فوٽ بالر به هو. لال بخش رند جنهن کي لياري توڻي بلوچستان جا ماڻهو پيار مان لالا سڏيندا هئا، رحيم بخش آزاد، نون ميم دانش، يوسف نسقندي، ڪامريڊ رمضان بلوچ، اسانجو پيارو سائين جيئي سدائين نادر شاه عادل، سندس والده ۽ بلوچي شاعره بانل دشتياري، لطيف بلوچ ۽ صديق بلوچ توڻي عثمان بلوچ، لياري ڪڏهن ملڪ جي وڏي حزب مخالف پارٽي نعپ جو به مرڪز رهي ته ڪڏهن اتان جي عبدالله هارون ڪاليج ۾ فيضاحمد فيض جهڙا پرنسپال ۽ ڊاڪٽر ري حسان جهڙا استاد رهيا. لياري کي پنهنجي اهڙن سياسي سرچشمن هجڻ جي سزا ڏيئي ان کي رياستي ۽ غير رياستي تشدد برقرار رکڻ ڪاڻ ان کي گينگ وارز جو مرڪز بڻايو ويو. لياري کي لياري هجڻ جي سزا ڏني ويئي ۽ منهنجي دوست ۽ رحيم بخش آزاد جي سوٽ سعيد بلوچ کي گهڻي ڳالهائڻ جي (هاهاها)۔ رحيم بخش آزاد پنهنجي پٽ جو نالو حسن ناصر رکيو. لياري ۾ منهنجي دوست ليکڪا ۽ صحافڻ عيني علي خان ان وقت به راتين جو لياري ۾ چانهه خانن ۽ اتي ويهندڙن ۽ لياري جي عورتن تي لکڻ لاءِ راتين جو به گهمندي رهي هئي، جڏهن اتي گينگ وارز هيون، تنهن مونکي چيو هو “لياري ۾ جڏهن نادر شاه عادل جهڙا ماڻهو به لڏي وڃن ته پو لياري، لياري نه ٿي رهي!” مان رحيم بخش آزاد لاءِ به ساڳي ڳالهه ڪندس، “لياري وڌيڪ يتيم ٿي ويو. لياري ۾ باباءِ لياري نه رهيو. چڱو سنگتان واجا رحيم بخش آزاد بلوچ، سدائين گڏ!”
ڊاڪٽر هرچند راءِ جنهن کي ثقافتي خدمتن تي صدارتي ايوارڊ مليو ڀارو مل امراڻي هو انهن انگ ڌڙنگ انسانن مان هو، جن پنهنجي پورهئي جي پگهر ۽ غير معمولي ذهانت سان انساني تاريخ کي نوان موڙ ڏنا آهن. جڏهن ٿر ۾ ثقافتي رنگ روپ ۽ سائنسي سوچ جي سنگم سان انساني سونهن جاڳرتا جي جلوي ۾ جرڪندي، جڏهن ملير جي مٽي تي عام ماڻهو معاشي طور مضبوط ٿي جوڀن رُت ۾ گل جيان ٽڙندو، تڏهن هن شخص کي ضرور ياد ڪيو ويندو. ٿر ۾ انساني سگهه، حوصلي، بي پناهه قوت ۽ پختي ارادي جي علامت رهندڙ ڊاڪٽر هرچندراءِ هڪ ئي وقت مسيحا، سماجي اڳواڻ، سياستدان ۽ محقق هجڻ سان گڏ ثقافتي رنگن روپن جو رکوالو هو. هن جي گهڻ رخي شخصيت هڪ اداري، هڪ تحريڪ، هڪ جدوجهد جو نالو آهي.هن شخص نه صرف ڇاڇري کان عمرڪوٽ ۽ عمرڪوٽ کان مٺي ڏانهن پنڌ ڪيو هو. پر سانگهڙ کان ننگرپارڪر تائين پوري خطي جون واهڻ وستيون، ڍنڍون، ڍورا، مڙها ۽ ڏهر پنهنجي پيرن هيٺ لتاڙيا هئا.هن زندگي ۾ ڏک ڏولاوا ڏسي بيمار انسانن جو علاج ڪيو هو. سخت پورهيو ڪري هيڻن کي حوصلو ڏنو هو. رڃن ۾ رابيل پوکي وطن جا ويڙها وسايا هئا. هن مارو ماڻهن جي ويڙهن ۽ جهوپڙن کي قلعن، ڪوٽن ۽ محلن کان مٿانهون پيش ڪيو هو. هن جي اندر جي تمنا هئي ته مارو ماڻهو عزت ۽ آبرو سان ثقافتي رنگ روپ ميڙي برن ۾ بازارون قائم ڪن. هن تهذيب ۽ تاريخ جي ٽٽل سلسلن کي جوڙڻ جي لاءِ پنهنجي گهر ۾ ميوزم جو بنياد رکيو. هن سياست ۾ عام ماڻهو جي داخلا جي لاءِ ڏاڍ جا ڏونگر ڪٽڻ جي لاءِ گهاڙو گهڙيو. هن عام ماڻهو جي زبان تان پهرو لاهڻ جي لاءِ پتوڙيو. قلم جي آزادي جي لاءِ جستجو ڪئي. هن تعليم جي تير سان ظالم وڏيرن جي وجود کي پروڻ ڪرڻ جي لاءِ مسڪين شاگردن جي پڙهائي ۾ هڙان وڙان مدد ڪئي. هن وٽ راشد مورائي جي نظم “اچو نئون سماج ڪو، نئون جهان جوڙجي!” جهڙو نعرو هو. ٿر جي ڀٽن ۾ هن جو روح ڪڏهن اداس نه ٿيو. هن جي اکين ۾ سدائين پختن ارادن جون ريکائون نمايان هونديون هيون. ڊاڪٽر هرچندراءِ جا وڏا گڊڙي ۾ به رهيا. ڊاڪٽر صاحب جو ڏاڏو ڌنجي مل پنهنجي دور ۾ راڄ ڀاڳ جو وڏو رکوالو هو. ڊاڪٽر هرچند راءِ جو جنم تعلقي ڇاڇري جي ڳوٺ ڪيتا ۾ سندس مامي هرناٿ جي گهر ۱۵ سيپٽمبر ۱۹۱۵ع ڌاري ٿيو. ڊاڪٽر هرچند جو والد صاحب سائين گرڌاري لال پنهنجي دور جو مهان استاد هو. هن پنهنجي پٽ کي پرائمري جي تعليم نيو ڇور مان مڪمل ڪرائڻ کان پوءِ فائينل پاس ڪرائي استاد طور ڏسڻ ٿي چاهيو پر عمرڪوٽ ۾ رهندڙ هالاڻي جي رهاڪو ڊاڪٽر جندارام عيدناڻي سائين گرڌاري لال جي سوچ ۾ ڦيرو آندو. سائين گرڌاري لال کي آماده ڪيو ته، “هو پنهنجي پٽن کي ڊاڪٽري پڙهائي جيئن هتان جي غريب مريضن جي مدد ٿي سگهي.” ڊاڪٽر جندارام جي چوڻ تي سائين گرڌاري لال هرچند راءِ کي “سنسڪرت وڌيا شالا” ۾ انگريزي پڙهڻ جي لاءِ داخل ڪرايو. ۱۹۳۴ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد مان مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ ۱۹۴۰ع ۾ هن بمبئي جي فزيشن اينڊ سرجن ڪاليج مان ايل سي پي ۽ ايس جي ڊگري حاصل ڪري هن خزان جي موسم ۾ ميڊيڪل آفيسر بطور “اينٽي مليريا” پنهنجون خدمتون شروع ڪيون. فيبروري ۱۹۴۱ع کان عمرڪوٽ ۾ پرائيويٽ مشق لاءِ به وقت مخصوص ڪيو. انهي زماني ۾ ڊاڪٽر هرچند راءِ جي ڀاءُ ڊاڪٽر کيت به ايل سي پي ڪري اسلام ڪوٽ ۾ پرائيويٽ پرئڪٽس شروع ڪئي هئي. ڊاڪٽر هرچند راءِ جو مسيحائي پيشي ۾ ڊاڪٽر جندارام “آئيڊيل” هوندو هو. سائين گرڌاري لال جڏهن عمرڪوٽ ۾ هيڊماستر هو. تڏهن ڊاڪٽر جندارام کي مريض ڏيکارڻ جي لاءِ ماڻهو سائين گرڌاري وٽ ايندا هئا يا بزرگ جڳو مل کي چوندا هئا. ڊاڪٽر مريض ڏسي دوائون لکي ڏيندو هو. مريض جا عزيز ڊاڪٽر کي چوندا هئا ته سائين شام جو ٻيهر مريض ڏيکارڻ جي لاءِ وٺڻ اچون، ورندي ۾ چوندو هو ته، نه ضرورت ڪونهي، پر پاڻ پنهنجي ليکي شام جو پهچي ويندو هو، مريض نهاريندو هو. مريض جو عزيز في جي آڇ ڪندو هو ته جواب ڏيئي چوندو هو ته توهان مون کي وٺڻ ٿورو ئي آيا هئا. آئون سائين گرڌاري لال هيڊماستر وٽ ويس پئي، سوچيم مريض کي نهاريندو وڃان. ڊاڪٽر هرچند راءِ ڊاڪٽر جندارام جيان مريض کي تپاسي ڪڏهن در تي بيهي في نه گهري. نه ڪڏهن علاج پوري ٿيڻ کان پوءِ بل مريض کي ڏنو. بل ڏيڻ کي به گهرڻ جو هڪ نمونو سمجهندو هو. ميرپورخاص جو مشهور مسيحا ڊاڪٽر ڊرائگو ڊاڪٽر هرچند راءِ جو بمبئي ڪاليج ۾ ڪلاسي هو. ويجهي دوست هئڻ ناتي ٻنهي هڪ ٻي سان نڀايو. ڊاڪٽر ڊرئگي ۽ ڊاڪٽر هرچند راءِ گڏجي ملڪ جي آزادي وقت لڏپلاڻ ڪري ايندڙ قافلن ۾ بيمار ۽ زخمي ماڻهن جو کوکراپار، ميرپورخاص سميت مختلف هنڌن تي ڪئمپون قائم ڪري علاج ڪيو. ڊسمبر ۱۹۴۸ع ۾ ڊاڪٽر هرچند راءِ تعلقه اسپتال عمرڪوٽ ۾ ميڊيڪل آفيسر طور جوائن ڪيو. مختلف وقتن تي سانگهڙ، سامارو، سڪرنڊ ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ نوڪري ڪئي. سرڪاري نوڪري دوران ڊاڪٽر صاحب صبح اسپتال ۾ اچي ويهندو هو، رات دير تائين مريض پيو ڏسندو هو. ميڊيڪو ليگل ڪيسن جا ڌڪيل ڏسي ڌڪ ڦٽ نوٽ ڪري اسپتال ۾ داخل ڪرائي علاج ڪرائيندو هو. عمرڪوٽ ۾ پوسٽ مارٽم جون رپورٽون ٺاهيندو هو ته ڪڏهن ڪڏهن ڇاڇري مان تار ايندي هئي ته لاش اڳتي کڻڻ جيان نه آهي، هتي اچي پوسٽ مارٽم ڪري ڏيو. پوءِ رات جو اٺ تي چڙهي روانو ٿيندو هو، هُتي پهچي پوسٽ مارٽم ڪري اسپتال ۾ آيل مريضن کي تپاسي علاج ڏيئي رات جو ٿوري دير ننڊ جو جهوٽو کائي صبح سج اڀرڻ کان اڳ ۾ نڪرندو هو. علاج دوران مريض کي جيستائين سڪون نه ايندو هو، تيستائين هُن وٽ ويٺو هوندو هو. ناليواري ليکڪ ارباب نيڪ محمد پنهنجي هڪ ليک ۾ لکيو آهي ته “شهيد بختاور جو پوسٽ مارٽم ڊاڪٽر هرچند راءِ ڪيو هو.” رپورٽ ڦيرڻ جي لاءِ هن تي وڏو دٻاءُ وڌو ويو پر اڳيان گرڌاري لال جو ڄايل ڊاڪٽر هرچند راءِ هو. اپريل ۱۹۵۹ع تي ٽنڊي محمد خان ۾ ڊيوٽي دوران هن سرڪاري نوڪري تان استعيفيٰ ڏني. ٽنڊي محمد خان جي ميمڻ سيٺ مرحوم عبدالخالق اتي ئي پرائيويٽ اسپتال قائم ڪرڻ جي لاءِ زور ڀريو. هُن اسپتال جي لاءِ جاءِ ڏيڻ جي به آڇ ڪئي. پر هن ڪو نه مڃيو. ڊاڪٽر چيو ته، “مون تي پهريون حق منهنجي عزيزن جو آهي، پوءِ پاڙي وارن، پوءِ ڳوٺ وارن جو، پوءِ ٿر وارن جو آهي” هن ٻيهر عمرڪوٽ ۾ سينٽر کوليو. پنهنجي اسپتال جو نالو “ٿر ڪيوئر ڪلينڪ” رکيو. ساڳي سال ۾ نومبر ۱۹۵۹ع تي ڪنري ۾ به اسپتال قائم ڪئي. ڪجهه وقت اتي ڏيڻ شروع ڪيو. ڪنري واري اسپتال ۱۹۶۲ع تائين رهي. ڊاڪٽر صاحب جي ڪوششن سان ۱۹۶۶ع ڌاري عمرڪوٽ ۾ ٽي بي سينٽر قائم ٿيو. سينٽر جي قائم ٿيڻ جي ڏينهن کان وٺي پنهنجي اڌ ڏينهن جي ڪمائي ٽي بي سينٽر کي ادا ڪندو رهيو. ٽي بي ايسوسيئيشن، فئميلي پلاننگ ايسوسيئيشن ۽ ڪلچرل ڪاميٽي جو عهديدار رهيو. حلال احمر ضلعي عمرڪوٽ جو کيس تاحيات ميمبر بڻايو ويو. روٽري ڪلب جي لاءِ به هن پنهنجون خدمتون آڇيون. مختلف هنڌن تي ڪئمپن ۾ ڊاڪٽر صاحب اهم ڪردار ادا ڪندو رهيو. ٿر جي سماجي ورڪر نندن لال نندن جي سماجي ڪمن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ڊاڪٽر صاحب خاص دلچسپي وٺي نندلال نندن چئرٽيبل فائونڊيشن قائم ڪئي. ڏڪار جي وقت ۾ هن اداري جي پليٽ فارم تان مخير ساٿين کي ميڙي غريب ماڻهن جي مدد ڪئي. ڊاڪٽر صاحب گپت دان (لڪيل خيرات) جو به گهڻو قائل هو. ڪيترن ئي خاندانن جي انهي جذبي تحت پرگهور لڌي. ان سهڪار کي ڪڏهن پڌرو ٿيڻ نه ڏنو. ۱۹۶۸ع ۽ ۱۹۶۹ع جي زماني ۾ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو صاحب عمرڪوٽ آيو. تڏهن ڀٽي صاحب کي قلعي کان جلسي گاهه تائين ڊاڪٽر هرچند راءِ جي گاڏي ۾ آندو ويو هو. ڀٽي صاحب ڊاڪٽر هرچند راءِ جي ان گاڏي جي ڊرائيور جمال مکراني کي ڏهه ايڪڙ زمين تحفي طور ڏني هئي. ڊاڪٽر صاحب جو ڪامريڊ روچيرام وڪيل سان تمام گهاٽو سٻنڌ هو. ۱۹۵۹ع ۾ بنيادي جمهوريت جي چونڊن ۾ بيٺو ته ڊاڪٽر صاحب روچيرام کي ووٽ ڏيڻ جي لاءِ مٺي ۾ رهندڙ واسطيدارن کي خط لکيا. ۱۹۶۵ع ۾ هڪ ڪوڙي ڪيس ۾ ڊاڪٽر صاحب کي جيل ياترا به ملي. روچيرام وڪيل پنهنجي هڪ خط ۾ لکيو آهي ته، “ڊاڪٽر صاحب جيل ۾ هو، ته پويان سندس ٻني تي سيد صالح محمد شاهه ڦڏو ڪيو. ڪيس ڪورٽ ۾ هو. راجا غني سرزمين تي مدد ۾ هو ۽ آئون هن سان گڏ سول جج جي ڪورٽ ۾ هوس. ۱۹۷۰ع جي چونڊن ۾ راڻي چندر سنگهه جي سامهون ڊاڪٽر هرچند راءِ صوبائي اسيمبلي جي تڪ تي چونڊ لڙيو. وڪيل مراد علي ڊاڪٽر هرچند راءِ جي حق ۾ هٿ کنيو. ان چونڊ ۾ ڪامريڊ ڄام ساقي به حصو ورتو هو. وڏو دنگل متو هو. ڊاڪٽر هرچند راءِ جي ورڪن ۾ مامو جمن دربدر به سرگرم هوندو هو. جلسي جي ڪمپئرنگ وغيره مامي جمن جي حوالي هئي. جنهن ڳوٺ ۾ جلسو رکيل هوندو هو. ان ڳوٺ ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ مامي جمن وارا اطلاع ڏيندا هئا. ماڻهو ڊاڪٽر هرچند جو نالو ٻڌي مريض وٺي اچي گڏ ٿيندا هئا. ڊاڪٽر سياسي تقرير مختصر ڪري مريض نهاريندو هو. نيٺ مامي جمن ڊاڪٽر صاحب کي چيو ته، توهان سياسي سرگرمي کي وقت گهٽ ڏيئي رهيا آهيو. ماڻهو توهان کي وري مريضن ۾ قابو ڪري ٿا ڇڏين. ائين پاڻ هارائي وينداسين. ڊاڪٽر صاحب موٽ ۾ پنهنجي روايتي انداز سان مرڪندي جمن کي ورندي ڏنائين ته، “جمن آئون به سمجهان پيو، هارائي ويندس پر آئون اها روايت وجهڻ ٿو چاهيان ته وڏي ماڻهو جي سامهون غريب ماڻهو چونڊ لڙي سگهي ٿو. جن غريب جاتين جي لاءِ اوڇا لفظ ادا ڪيا پيا وڃن، انهن جي ووٽ جو قدر ٿئي. پنهنجي انهي جستجو سان جاگيردارن ۽ وڏيرن کي انهن عام ماڻهن وٽ ووٽ جي لاءِ منٿون ڪرڻيون پونديون.” ۱۹۷۰ع ۾ هار باوجود هن وٽ وڏو حوصلو هو. ڄام ساقي سان گڏجي ڇاڇري ۾ عام ماڻهن جا ٿورا مڃڻ جي لاءِ هن ريلي ڪڍي. ۱۹۸۵ع جي غير جماعتي چونڊن ۾ ڀڏيلي جي سوڍي جيتمال سنگهه قومي اسيمبلي جي سيٽ تي فارم ڀرايو ته ڊاڪٽر هرچند راءِ به صوبائي سيٽ تي حصو ورتو. ۱۹۸۵ع ۾ ڌار ووٽ جو سرشتو هجڻ جي ڪري اقليتي ميمبر جي لاءِ پورو صوبو حلقو هوندو هو. آساني سان هيرا ڦيري جا موقعا موجود هئا. ڊاڪٽر صاحب ان موقعي ڪافي ووٽ کنيا پر “مايا جي ڇايا” جي بنياد تي ڊاڪٽر صاحب کي هارايو ويو. ڊاڪٽر صاحب جي ويجهن دوستن ڊاڪٽر صاحب تي “ڏيتي ليتي جي زماني سازي” ڪرڻ جي لاءِ زور ڀريو پر هن اڏول انسان وٽ “نه ته نه هو. مکي نهال چند ۽ مير حيات ڊاڪٽر صاحب جي ڪاميابي جي لاءِ پنهنجي طرفان وڏيون ڪوششون ورتيون پر سيٺين “ڏنو پٽ ڇٽي جو” جي آڌار وارو وڄائي ورتو. ۱۹۹۳ع ۾ ڊاڪٽر هرچندراءِ جي فرزند مهندر ديو پ پ پ جي ٽڪيٽ تي صوبائي سيٽ تي چونڊن ۾ حصو ورتو. مهندر به سخت مقابلو ڪيو. پهرين ڏينهن شروعاتي چونڊ نتيجن ۾ مهندر ديو کي ڪامياب قرار ڏنو ويو. پر پوءِ هيرا ڦيري جي “هنرمندي” ۾ ڪيرايو ويو. مهندر ديو ٽربيونل ۾ ويو. ٻه سال ڪيس هليو. پر ڪيس جو فيصلو اچڻ وارن ڏينهن م اسيمبليون معطل ٿي ويون. عمرڪوٽ شهر جي ووٽن ۾ ڊاڪٽر هرچندراءِ “ڪنگ ميڪر” جي حيثيت رکندو هو. سيٺ ٽيڪم سا ڊاڪٽر هرچند راءِ جو وڏو حمايتي هوندو هو. ڊاڪٽر هر چندراءِ ۱۹۶۶ع، ۱۹۷۹ع، ۽ ۱۹۸۳ع ۾ ٽائون ڪاميٽي عمرڪوٽ جو ميمبر ٿيو. ۱۹۸۳ع ۾ ٽائون ڪاميٽي عمرڪوٽ جو چيئرمين چونڊيو ويو. ڊاڪٽر هرچند راءِ جي ٽائون جي چيئرمين شپ دوران ڪيترائي ڪم ٿيا. جن ۾ صوفي شاعر روحل فقير جي نالي سان منسوب روحل بس اسٽينڊ عمرڪوٽ، پبلڪ پارڪ ۽ شهر جي مختلف ڳلين جا رستا شامل آهن. ۱۹۷۳ع ۾ وڏيرن ۽ جاگيردارن جي مخالفت ڪرڻ جي ڪري ڊي سي ٿرپارڪر سيد نور احمد شاهه تي دٻاءُ پيو ته “پبلڪ سيفٽي يا ٻي ڪنهن نموني جي ڪيس ۾ ڊاڪٽر هرچند ۽ سندس ساٿين کي گرفتار ڪيو وڃي.” ڊي سي صاحب انڪوائري ڪري لکيو ته، “هي ماڻهو صاف سٿرا عزت وارا آهن. آئون انهن کي گرفتار نٿو ڪري سگهان. جيڪڏهن انهن کي گرفتار ڪرڻ ضروري آهي ته مون کي بدلي ڪرائي ٻي ڊي سي کان اهو ڪم ورتو وڃي.” ائين ڊاڪٽر ۽ سندس ساٿين کي ٻڌڻ وارو اهو معاملو ٽري ويو. ۱۹۷۴ع ۾ سنڌ حڪومت پاران “سنڌ صدين کان” جي عنوان سان پروگرام رٿيو ويو. ڊي سي ٿرپارڪر ۽ لوڪل بورڊ ٿرپارڪر جي صدر هڪ مرڪزي ڪاميٽي جوڙڻ سان گڏ تعلقن جون سب ڪاميٽيون ٺاهيون. عمرڪوٽ جي ڪاميٽي ۾ ڊاڪٽر هرچند راءِ کي ميمبر طور کنيو ويو. سب ڪاميٽي جي گڏجاڻي ۾ ڊاڪٽر هرچند راءِ خاموش ويٺو رهيو، آخر ۾ ڪنهن ميمبر چيو ته ڊاڪٽر صاحب توهان ڳالهايو نه ٿا، پنهنجي راءِ ڏيو. ڊاڪٽر ٺهه پهه وراڻيائين ته “ڳالهين جي لاءِ توهان موجود آهيو، مون کي ڇڏيو ته آئون ڪم ڪري ڏيکاريان.” پوءِ ثقافتي شين کي ميڙڻ جي ڪم سان لڳي ويو. مختلف قسمن جا زيور، هنا پاکڙا، ارٽ، سڪا، ڀرت جا نمونا، رليون، ويس وڳا، برتن وغيره ڪٺا ڪيائين. جڏهن ميرپورخاص ۾ پروگرام ٿيو ته ڊاڪٽر صاحب اتي ثقافتي شين جو شاندار اسٽال لڳايو. ڊاڪٽر صاحب جو اسٽال تمام گهڻو توجهه جو مرڪز رهيو. سائين غلام مصطفيٰ شاهه ۽ ان وقت جي ثقافتي وزير پيار علي الانا تمام گهڻو ساراهيو. ساڳي سال ۾ اهڙو ثقافتي ڏهاڙو صوبائي سطح تي ڪراچي ۾ ملهايو ويو. ضلع ٿرپارڪر مان ڊاڪٽر هرچندراءِ کي ثقافتي اسٽال لڳائڻ جي لاءِ چيو ويو. انهي اسٽال ۾ ڊاڪٽر هرچند راءِ ميرپورخاص واري اسٽال کان وڌيڪ سامان رکيو. هنرمندن جون تيار ڪيل شيون ۽ انهن کي گهربل سامان ۽ ثقافتي شيءِ جڙڻ جو سارو عمل بيان ڪري رکيو. ان وقت جي وفاقي وزير مولانا ڪوثر نيازي به نمائش جو دورو ڪري ڊاڪٽر صاحب کي جس ڏنو هو. ڊاڪٽر هرچند راءِ ذاتي طور تي ڪوششون وٺي مختلف وقتن تي ثقافتي ميڙ به ڪوٺايا. ٿر جي تاريخ تهذيب، ٻولي ۽ ثقافت جو انسائيڪلو پيڊيا هو. ۱۹۸۶ع ۾ ان وقت جي وزيراعظم محمد خان جوڻيجي جي خاص دلچسپي تي هن ميرپورخاص جي پوليس لائين جي گرائونڊ تي هڪ ماڊل ٿري گهر ٺهرايو. جنهن ۾ ٿر جي روزمره جي زندگي ۾ ڪم ايندڙ شيون رکيون ويون. وزيراعظم محمد خان جوڻيجي دنيا جي مختلف ملڪن جي سفيرن کي ماڊل ٿري گهر جو دورو ڪرايو. ڊاڪٽر هرچند راءِ سنڌالاجي جهڙي اداري جي خريدي ڪاميٽي جو ميمبر رهيو. ٿر مان ثقافتي شيون خريد ڪرڻ ۾ هن وڏو سهڪار ڪيو. اهڙي طرح سنڌ ميوزم ۽ شمش العلماءَ عمر بن دائود پوٽا لائبريري جي سار سنڀال ڪاميٽي جو به ڊاڪٽر صاحب کي ميمبر بڻايو ويو. جتي به هن پنهنجو اثرائتو ڪردار ادا ڪيو. ڊاڪٽر صاحب سنڌي، اردو، انگريزي، هندي ۽ سنسڪرت ٻولين جو ڄاڻو هو. ڍاٽڪي هن جي روح جو حصو هئي. هن ڍاٽڪي ٻولي ۽ ثقافتي شين نالن جي ڊڪشنري به تيار ڪئي پر اها اڻ ڇپي رهجي ويئي. هن پنهنجي آتم ڪهاڻي به لکي. ڊاڪٽر صاحب جا خط به تاريخ جو اهم حصو آهن. مختلف ڪتابن تي ٽيڪاٽپڻي ڪندي اڀياس به لکيا. پر اهي سڀ شيون اڻ ڇپيل آهن. ڊاڪٽر هرچند راءِ کي زندگي ۾ سندس خدمتن جي مڃتا ۾ صدارتي ايوارڊ سميت مختلف ايوارڊ مليا. جن ۾ ايگريڪلچر اينڊ انڊسٽيريل ايگزيبيشن (۱۹۸۵ع) ٿرپارڪر ميلو ايوارڊ (۱۹۸۵ع) قائداعظم خدمت خلق ايوارڊ (۱۹۹۴ع) نشان لطيف ايوارڊ، ٻانهن ٻيلي ايوارڊ (۱۹۹۸ع) انٽرنيشنل والينٽري ڊي ايوارڊ (۷-۲۰۰۶-۸) سامي ايوارڊ (۱۹۹۴ع) پي ايس اي گولڊ ميڊل، ايجوڪيشن اينڊ ڪلچرل افيئر ايوارڊ (۱۹۹۸ع) روٽري ڪلب سگنيفڪشن اچيومينٽ ايوارڊ شامل آهن. صداري ايوارڊ ۲۰۰۷ع ۾ مليو. ٿر جي ڳوٺ گوڌيار ۾ جوڌو جي مڪڙ کي ڊاڪٽر هرچند جي ماسي پرڻايل هئي، ماسي جي وفات تي ڊاڪٽر صاحب جو والد صاحب سائين گرڌاري ۽ امڙ تعزيت جي لاءِ جوڌو جي مڪڙ جي گهر ويا. سائين گرڌاري جو اڃان ڪو اولاد نه هو. اتي واپسيءَ ۾ سائين گرڌاري لال وندر جي لاءِ جوڌو جي کان پٽ گهريو. جوڌي جي پنهنجو وڏو پٽ ڪيشو لال سائين گرڌاري لال جي حوالي ڪيو. گرڌاري لال ڪيشو لال کي پڙهايو. نوڪري وٺي ڏني، شادي ڪرائي. ڊاڪٽر هرچند راءِ ۽ سندس ڀائرن ڪيشو لال کي سدائين پنهنجو وڏو ڀاءُ سمجهيو. سائين ڪيشو لال مٺڙيو ڀٽي ۽ ڀرپاسي جي تپن ۾ تعليم عام ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ۱۹۲۰ع جي زماني ۾ عمرڪوٽ ۾ هڪ پيٽ جي بيماري منهن ڪڍيو جنهن کي مقامي ٻولي ۾ ٻرهل سڏيو ويندو هو. ان بيماري سبب عمرڪوٽ مان ماڻهن جي وڏي پيماني تي لڏپلاڻ ٿي. سائين گرڌاري لال به عمرڪوٽ مان لڏي نيوڇور ۾ رهائش اختيار ڪئي. ڪجهه سالن کان پوءِ وري واپس عمرڪوٽ آيا. نيوڇور وارو گهر گهڻي وقت تائين سلامت رهيو. ان گهر جي ڀر سان اسڪول هوندي هئي. جنهن ۾ ڊاڪٽر هرچند راءِ پڙهيو هو. ان اسڪول کي جڏهن وڌيڪ پلاٽ جي ضرورت محسوس ٿي ته ڊاڪٽر صاحب پنهنجي پراڻي گهر جو پلاٽ اسڪول کي ڊونيٽ ڪيو. سائين گرڌاري لال نه صرف مثالي استاد هو پر با اصول بيٽ آفيسر پڻ ٿيو. اسڪول جي وزٽ توڙي امتحانن ۾ ڪڏهن استاد ۽ ڳوٺاڻي تي وزن نه وڌو. پنهنجي کاڌي پيتي جو سامان گهوڙي تي گڏ هوندو هو. گهوڙي کي به ڪک ڪانا توڙي داڻو پاڻي پنهنجن پئسن جو خريد ڪري ڏيندو هو. ڊاڪٽر صاحب جڏهن سرڪاري نوڪري شروع ڪئي، تڏهن سندس والد صاحب گرڌاري لال گرهستي جيون ڇڏي سنياس ڌارڻ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ڊاڪٽر صاحب جي ڀيڻ لڪشمي ٻائي جي ڄڃ آيل هجي، ٻائي لڪشمي جي پارڻيت جي ٻي ڏينهن رهاڻ ۾ سائين گرڌاري اٿي بيهي چيو ته، آئون اوهان سڀني کي پرڻام ڪري پنهنجي زندگي بابت هڪ اهم اعلان ڪرڻ چاهيان ٿو. هاڻي منهنجا گرهست (گهرو) فرض پورا ٿي چڪا آهن. هرچند راءِ روزگار لڳي ويو آهي. پنهنجن ڀائرن کي اڳتي پڙهائڻ توڙي ڀيڻن کي ساهرن مان ڪوٺڻ ۽ موڪلڻ جي سگهه رکي ٿو. گهر جي سرپرستي اڄ ڏينهن کان پوءِ ڊاڪٽر هرچندراءِ جي حوالي آهي. آئون سنياس ڌارڻ ڪريان ٿو. ڊاڪٽر هرچند راءِ پنهنجي والد صاحب جو اهڙو اعلان ٻڌي پهرين ته ڏاڍو پريشان ٿي ويو. پر پوءِ دل جهلي اٿي بيهي هٿ جوڙي والد صاحب جون ڏنل ذميواريون قبول ڪيائين.سائين گرڌاري لال سنياس جي زندگي ۾ پرلوڪ پڌارڻ جو اطلاع ڏيندي امراڻي جي معزز شخصيت سوڍي آئيڏان سنگهه چيو ته، ”ڊاڪٽر صاحب منهنجو روحاني پتا پرلوڪ پڌاري ويو.“ اهو چوڻ سان سوڍي جون اکيون بڊي جي بادل جيان برسي پيون. ڊاڪٽر هرچند راءِ جي سيني ۾ دلير دل ڌڙڪندي هئي. هن جي ٻانهن ۾ رڻ کيتر جي سپاهين جهڙو ٻل هو. ۹۸ سالن جي عمر به هن کي هيڻو نه ڪري سگهي. هن آخري گهڙي تائين پاڻ کي ڪڏهن نٻل، ويچارو ۽ ويڳاڻو محسوس نه ڪيو. هن کي ڏسي سائين راشد مورائي جون سٽون ياد اينديون هيون. ڪي ڪي ڦوهه جوانيءَ ۾ ئي ذهني طور لڳن ٿا پوڙها ڪي جهور جهان ۾ آهن، جن جا جذبا جوان لڳن ٿا. ڊاڪٽر صاحب کي مارئي جي ڪردار سان پنهنجائپ ۽ اڪير هئي ته عمر جي انصاف جو قدر هو. عمر بادشاهه هجڻ باوجود مارئي تي ڏاڍ نه ڪيائين. مارئي جو ست سلامت رهيو. هن علي احمد بروهي کي گهرائي عمرڪوٽ ۾ هڪ پروگرام ڪرايو، جنهن جو موضوع هو، “مارئي پئي ملڪن ۾ ڳائجي، عمر ڇو نه!” ڊاڪٽر صاحب علي احمد بروهي وانگر سچ چئي ڏيندو هو. ڊاڪٽر صاحب جا سچ گوگفتا ڳوٺن ۾ مشهور آهن. هڪ دفعي سياسي اختلافن تان ڊاڪٽر صاحب کي موتمار ڌمڪيون مليون ته، ڊاڪٽر صاحب مرڪي ڌمڪي ڏيندڙ کي چيائين ته اڳ ۾ آئون ڪمري ۾ سمهندو آهيان، هاڻي ٻاهر گھٽي جي ٿلهي تي سمهندس. ڊاڪٽر صاحب جو هڪ دوست ۷۰ جي ڏهاڪي ۾ لک جي قريب پئسا اڌارا وٺي ويو، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اڌارا پئسا وٺي ويندڙ دوست جي دل ڦري، پئسا ڦٻائڻ جي لاءِ ڊاڪٽر صاحب ڏانهن وڃڻ ڇڏي ڏنائين. ڪجهه وقت گذرڻ کانپوءِ هن پنهنجي دوست کي ملڻ جي لاءِ نياپو ڪيو، نه چاهيندي به دوست کي نياپي تي اچڻو پئجي ويو. پئسا به گڏ آندائين. ڊاڪٽر صاحب پئسا وٺڻ جي بدران دوست کي چيائين ته تو انهن پئسن جي ڪري مون سان ملڻ جو تعلق ختم ڪري ڇڏيو. آئون انهن پئسن کي ڇا ڪريان! ؟ اهي پئسا جن جي ڪري دوست جو من ڦري وڃي پوءِ پئسن جي دستي روپيو روپيو ٿي ويئي پر هن اڏول انسان انهن پئسن کي هٿ نه لاٿو. سڀ ۾ پرين پسڻ واري ڊاڪٽرهرچنداراءِ جو عقيدو ويدانتي پنٿ سان هو. هو پنهنجي ڌرمي عقيدي موجب صبح جو اٿي ويدن جا منتر پڙهندو هو پوءِ يگيه ۽ هون ڪندو هو. ڊاڪٽر صاحب سان منهنجي پهرين ڪچهري الياس ٿري سان گڏ ٿي هئي ڪافي موضوع کليا هئا. پر اي بي آريسر ۽ مون ڊاڪٽر صاحب سان هڪ دفعي دنيا جي مختلف ڌرمن تي ڀرپور ڪچهري ڪئي. هُو ڌرمي فلاسافر جيان هر سوال جو جواب ڏيئي رهيو هو. مون کي ائين لڳو ته، آريائي دور جو رشي نئين روپ ۾ صحرا جي ڀٽ تي اچي پهتو آهي. آڳاٽن رشين جيان سنڌ هن جي روح ۾ سمايل هئي. سنڌ هن جي رڳن ۾ رت جو روپ هئي. هن ڪڏهن سنڌو ماتا کان منهن نه موڙيو؛ ماتا تو کان منهنڙو موڙي، ڪيئن رهندس آنءُ سنڌڙي، مان ته سڃاپان ئي تنهنجيءَ نسبت ساڻ ! ڊاڪٽر صاحب پنهنجي والد صاحب جيان عمر جي آخري حصي ۾ سنياس وٺڻ ٿي چاهيو، پر شهر جي چاهيندڙن ائين ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. پر پوءِ به هن پنهنجي گھر کي رين بسيرا، جي جاءِ وانگر ڏٺو؛ ماٽي چن چن ڪي محل بڻايا، مورک ڪهي گھر ميرا ناهي گھر ميرا، ناهي گھر تيرا، ديا جهنگل ۾ هي ديرا پيرسائين پاڳاري شاهه مردان شاهه راشدي صاحب سان ڊاڪٽر هرچند راءِ جي دلي عقيدت هئي. ۱۹۸۹ع ۾ ڊاڪٽر هرچند راءِ کي جڏهن ڌاڙيلن اغوا ڪيو تڏهن پيرسائين پاڳاري صاحب ڊاڪٽر جي بازيابي لاءِ خاص طور دلچسپي ورتي هئي. ڊاڪٽر صاحب جي بازيابي لاءِ ٿرپارڪر جي ان وقت جي ڊي سي نثار احمد صديقي صاحب جون انتظامي سطح تي ورتل ڪوششون ساراهه لائق آهن. عوامي دٻاءُ پڻ وڏو اٿيو هو. تعلقي عمرڪوٽ جي هر سياسي سماجي خاندان سان ڊاڪٽر هرچند راءِ جو پنهنجائپ جو تعلق رهيو. سڀ ڊاڪٽر هر چندراءِ جو مان رکندا هئا. عمرڪوٽ شهر جا ماڻهو کيس “ٻاء” سڏيندا هئا. راڻي چندر سنگھه سان سياسي لاڳاپن جي لاهن چاڙهن باوجود سماجي طور تي ڊاڪٽر صاحب جو گھاٽو تعلق جڙيل رهيو. ٻنهي خاندانن پاڻ ۾ “ڌرميلي” جو دستور پوري ريت نڀايو. راڻي چندر سنگهه جي پرلوڪ پڌراڻ کان پوءِ راڻي همير سنگھه سدائين ڊاڪٽر صاحب جي مان مرياده رکي. ڪنور ڪرڻي سنگھه ڊاڪٽر صاحب جي وڇوڙي تي آخري سفر ۾ “پيرين اڀراڻو” شامل ٿي پيڙهين جي تعلق کي اجاري اڇو ڪيو. کاروڙي ۽ کيجراڙي جي ساڌاتن، ۽ ناري جي نواب پلي ڀائرن ۽ ٽالپرن جي ڊاڪٽر صاحب سان پريم ڀاونا مثالي رهي. نواب يوسف ٽالپر وقت به وقتن ڊاڪٽر صاحب سان رهاڻيون رچائيندو رهيو. مٺي جي ملاڻي خاندان ۽ پروفيسر شيام داس جوشي سان ڊاڪٽر هر چند راءِ جيءُ جو رشتو جوڙي رکيو هو. جڏهن به ڊاڪٽر صاحب جو مٺي اچڻ ٿيندو هو ته شيام داس سان ضرور ملندو هو. ڊاڪٽر صاحب جنهن به ڪردار ۾ اعليٰ انساني ڪردار ڏسندو يا ٻڌندو هو، هن کي اتساهيندو هو. مٺي جي منفرد ڪردار حاجي محمد دل جو پروفائيل اخبار ۾ پڙهڻ سان ڊاڪٽر صاحب مٺي ملڻ آيو هو. ڪراچي جو اڳوڻو سٽي ناظم مولانا نعمت الله صاحب ڪراچي کان جڏهن عمرڪوٽ ايندو هو ته ڊاڪٽر صاحب سان ضرور ملندو هو. سپر اسٽار بيسٽ مين سعيد انور عمرڪوٽ آيو ته فروٽ ۽ مٺائي جو تحفو کڻي ڊاڪٽر صاحب هُن سان ملڻ ويو. ڊاڪٽر صاحب جي مولانا عبدالرحمان جمالي صاحب سان وڏي نيازي مندي هوندي هئي. جمالي صاحب ۽ ڊاڪٽر صاحب جون پاڻ ۾ ڪچهريون ٻڌڻ جھڙيون هونديون هيون. ڊاڪٽر صاحب جي پر لوڪ پڌارڻ کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب جي پهرين ورسي جي صدارت مولانا جمالي صاحب ڪئي. ان موقعي تي مولانا صاحب آفاقي دعا گھري هئي. ڊاڪٽر هرچند راءِ جي لاءِ مشهور آهي ته هُو مزاج ۾ سخت هوندو هو. مريضن کي ڏنل دڙڪن ۽ لطيفن جو وڏو داستان آهي. پر ويجھڙائپ ۾ رهندڙ ساٿين جو چوڻ آهي ته هُو من جو ملائم پڻ هو. سماجي روين جي ڪڙاڻ کي هن ڏاڍو برداشت ڪيو. درد مند دل جي قرار جي واسطي بي قرار رهندو هو. هن خزان نصيب زندگي جي لاءِ بهار ڳوليو هو. هن پنهنجي هستي مات ڪري ٻين کي مسرور بڻايو هو. ڊاڪٽر هرچند راءِ ڪيترن ئي شاگردن کي پڙهائي ۾ معاشي مدد ڪرڻ سان گڏ حوصلو ڏنو. ڪيترن ئي نوجوانن کي روزگار وٺي ڏنو. ڪيترن ئي نوجوانن جي تربيت ڪئي. سنڌ جي نامور اديب سائين وليرام ولڀ ڊاڪٽر هر چند راءِ کي “ڀيشم پتامهه”، سڏيو آهي. وليرام ولڀ کي جڏهن صدارتي ايوارڊ مليو ته ڊاڪٽر صاحب نه صرف هلي وڃي کيس مبارڪباد ڏني پر وليرام جي مان ۾ عمرڪوٽ ۾ هڪ پروگرام پڻ رکيو. ڊاڪٽر صاحب سوٽهڙ قبيلي ۾ جادم ونس جي راجا تنو ڀاٽي جي اولاد مڪر عرف مڪڙ/ماڪڙ جي نک سان تعلق رکندڙ هو. پر هن ”جانگڙ براهمڻ“ جي متي کي به گھڻو پڙهيو هو. ننڍي کنڊ جي هن هنرمند جاتيءُ جي ڀلائي ۽ بهتري جي لاءِ ڊاڪٽر هر چند راءِ هر طرح واهر ۽ وسيلو ٿي بيٺو. هن علائقي سان گڏ پنهنجي ڪميونٽي ۾ به سياسي سگھه پيدا ڪرڻ جي لاءِ وڏا جتن ڪيا. ڊاڪٽر صاحب منهنجو مربي ۽ محسن هو. جڏهن به ڊاڪٽر صاحب سان منهنجو ملڻ ٿيندو ته مون کي ڳل ڳراٽڙي پائي پنهنجن ٻاجھارن هٿن سان آسيس ڏيندو هو. چيلهار مان ڪو مريض ويندو هو يا ڪوئي عزيز ڊاڪٽر منهنجو ضرور پڇندو هو. ڊاڪٽر صاحب مختلف وقتن تي مون ڏانهن خط به لکندو هو. سچ اهو آهي ته ڊاڪٽر صاحب جھڙو نيڪ شخص ٻين ۾ نيڪين جي تلاش ڪندو هو. ڊاڪٽر صاحب منهنجي هڪ لوڪ ادب واري ڪتاب،گيت سانوڻ من ڀانوڻ جا” جو تفصيلي تنقيدي اڀياس لکيو. عمر جي آخري ڏينهن ۾ ڊاڪٽر صاحب مون تي اهو ڪم رکيو هو ته، ٿر ۾ ڳائجندڙ همرچي جا قسم گڏ ڪري موڪل، ڊاڪٽر صاحب کي ۹۸ سال جي عمر ۾ به همرچي جي تانگھه هئي. مون ڊاڪٽر صاحب جي لاءِ همرچي جا مختلف رنگ ميڙيا پر روايت سستي سبب موڪلي نه سگھيس. ۽ ڊاڪٽر صاحب ۴ مارچ ۲۰۱۳ع تي هن فاني دنيا مان موڪلائي ويو.آخري سفر ۾ ٿر ۽ عمرڪوٽ جا هزارين ماڻهو شريڪ ٿيا پر آئون رولاڪ شخص شامل نه ٿي سگھيس. چو طرف سُڃ خزان ٿي، نيڻن نهار تائين. افسوس هُو نه آيو، راشد مزار تائين منهنجي اکين ۾ اڄ به ڊاڪٽر هر چند راءِ جو متحرڪ روپ آهي. تصور ۾ اڄ به هُڙڪ هرچند راءِ آهي. جيڪو هُڙڪ هلڻ جو سڏ ڏيئي رهيو آهي. هڙڪ هلو، ڌيما هلو، پنڌ پري هو، ڪير ڪري هو، واٽ اواٽي، ڏيل ڏري هو، پو به پرينءِ جو پنڌ ڀلو هو، هڙڪ هلو، ڌيما هلو. (شيخ اياز) ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاني ناميارو سماج سڌارڪ ڀڳوانداس کتري عمرڪوٽ عالمي سطح تي سماجي خدمتن عيوض مڃتا ايوارڊ ماڻيندڙ ناميارو سماج سڌارڪ ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاني (۹۸) ورهين جي ڄمار ۾ ديهانت ڪري ويو. (۲۲) ڏينهن تائين حياتي سان جنگ جوٽيندڙ ڊاڪٽر هرچند راءِ جو، ۱۴ مارچ ۲۰۱۳ع تي شام ساڍي ڇهين وڳي، ساهه جو سڳو ٽٽي پيو. ڊاڪٽر هرچند راءِ جي ديهانت جو ٻڌي، سوين شهري سندس گهر پهچي ويا، جڏهن ته سڄو شهر سوڳ ۾ بند رکيو وي آهي. ڊاڪٽر هرچند راءِ جي ۱۲ فيبروري تي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي، جنهن بعد نيم بيهوشي واري حالت ۾ بستري داخل ٿيو. سال ۱۹۱۵ع ۾ پرائمري استاد گرڌاري لال جي گهر ۾ جنم وٺندڙ هرچند راءِ لکاني ۱۹۴۰ع ۾ بمبئي مان (ايل سي پي اين ايس) ڊاڪٽري جي ڊگري حاصل ڪئي. سال ۱۹۴۲ع ۾ عمرڪوٽ شهر اندر، پنهنجي خانگي اسپتال قائم ڪئي ۽ ۱۹۴۴ع ۾ سرڪاري نوڪري مليس. ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاني ۱۹۴۴ع کان ۱۹۵۹ع تائين عمرڪوٽ، سانگهڙ، سامارو، سڪرنڊ ۽ ٽنڊو محمد خان سرڪاري اسپتالن ۾ سب ميڊيڪل آفيسر طور فرائض سرانجام ڏنا. سال ۱۹۵۹ع ڌاري سرڪاري نوڪري ڇڏي، عوام جي خدمت شروع ڪئي. اڌ صدي کان وڌيڪ غريب ۽ بي سهارا ماڻهن جي خدمت ڪرڻ عيوض ڪيترا ئي ايوارڊ مليا. ڊاڪٽر هرچند راءِ نامياري سماج سڌارڪ سان گڏ ايشيا جو ماهر ڊاڪٽر پڻ هو. اڳوڻي صدر جنرل پرويز مشرف ۲۰۰۷ع ۾، سماجي خدمتن عيوض، تمغه امتياز سان نوازيو. ڊاڪٽر هرچند راءِ عمرڪوٽ ٽائون ڪميٽي جو پنج سال چيئرمين پڻ رهيو ۽ سندس دور ۾ عمرڪوٽ شهر اندر رڪارڊ ترقياتي ڪم ٿيا. ڊاڪٽر هرچند راءِ ۱۹۸۵ع جي غير جماعتي بينادن تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ اقليتن جي سيٽن تان چونڊ وڙهي. ڊاڪٽر هرچند راءِ وٽ ملڪ جي ڏورانهن علائقن مان مريض علاج لاءِ ايندا هئا. ڊاڪٽر هرچند راءِ پاران مريضن کان ملندڙ فيس، عمرڪوٽ ۾ فلاحي اداري پاران هلندڙ ٽي بي سينٽر کي ڏني ويندي هئي. سرڳواسي ڊاڪٽر هرچند راءِ پنهنجي زندگي ۾ ڪنهن ننڍي توڙي وڏي کي ويهي هٿ نه ڏنو. ڊاڪٽر هرچند راءِ سوڳوارن ۾ (۳) پٽ شهديو، مهاديو ڀارت ۾ رهائش پذير آهن. جڏهن ته سندس هڪ نوجوان پٽ جئه ديو ديهانت ڪري ويو ۽ هڪ ننڍو پٽ مهندر ديو عمرڪوٽ ۾ رهي ٿو، کيس پنج نياڻيون پڻ آهن. ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي حقيقي عوام دوست ڪردار حاجي گل حسن آريسر اڄ هتي هڪ اهڙي حقيقي انسانيت جي خدمت ڪندڙ، سچ جي علمبردار ۽ سماج سڌارڪ سرڳواسي ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي جو ذڪر ڪريان ٿو، جيڪو سياست ۽ سماج ۾ تبديلين لاءِ جدوجهد ڪندڙ ۽ سماج جي بهتري لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ انسان هو. ساڳي وقت ڊاڪٽري مسيحا پيشي سان لاڳاپيل هجڻ باوجود پنهنجي پيشي سان ثابت قدم رهيو، اڄ جي ڊاڪٽرن وانگر نه جيڪي مفادن خاطر انساني حياتين سان کيڏيندي دير نٿا ڪن. ڊاڪٽر هرچند راءِ وٽ ائين نه هو. سرڪاري اسپتالن ۾ مريضن جو مفت علاج ڪندو هو ۽ سندس پرائيويٽ اسپتال ۾ ايندڙ مريضن جو سستو ۽ درست علاج ٿيندو هو. ۵ پئسن واري گوري ۾ فائدو سمجھندو هو ته ان کي ۵ روپين واري دوا لکي نه ڏيندو هو. وڏي ڳالهه ته بيماري کي سڃاڻڻ وارو جڏهن هتان جا مريض حيدرآباد ڪراچي وڃي نامور اسپيشلسٽ کي ڳريون فيون ڀري ڏيکاريندا هئا ته اهي ماهر سرجن جو مريض کان پهريون سوال اهو هوندو ته عمرڪوٽ کان آيو آهين اتي ته ڊاڪٽر هرچند راءِ ويٺو آهي ڇا ان کي ڪو نه ڏيکاريو آهي. ڊاڪٽر هرچند راءِ جا شاگرد ڪم ڪندڙ بعد ۾ ڊاڪٽر تي نالو به ڪمايو ۽ خوب پئسو به حيدرآباد جي ناليواري ڊاڪٽر بيکارام ۽ ٻيا وغيره وغيره ٿر جي ڀٽن وچ ۾ هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڪيتا ۾ سن ۱۹۱۵ع ۾ جنم وٺندڙ ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي ڊاڪٽري پاس ڪري ڊاڪٽر ٿيڻ کانپوءِ هن هن عمرڪوٽ کي آخري رهائش گاهه بڻايو ان گهر کي به مسافرخانو ”رين بسيرا“ چوندو هو. ڊاڪٽر صاحب جي پڇاڙي واري دور يعني تقريبن ۶-۷ سال رڳو مون ڊاڪٽر هرچند راءِ جي ڪردار بابت هن جي پٽ مهيندر ديو کان ڄاڻ وٺي عمرڪوٽ ۾ ٽي بي جي مريضن لاءِ ٽي بي اسپتال عمرڪوٽ کي هر سال ۱۰ هزار روپين جو فنڊ ڏيڻ جو ڊاڪٽر صاحب بابت لکيل ۽ شايع ڪرايل ڪالم ۾ ذڪر ڪيو، ڇاڪاڻ جو ڪجھ سال اڳ ۾ واقعي ڊاڪٽر هرچند راءِ ٽي بي اسپتال کي ۱۰ هزار روپيه جو فنڊ ڏيندو هو پر هن وقت ڪو نه ڏيندو هو مون ته پٽ مهيندر ديو جي چوڻ موجب ذڪر ڪري ڇڏيو. بس هُن ڪالم کي پڙهڻ بعد ڊاڪٽر ناراض ٿي ويو ناراضگي جي حد نه رهي بس هاڻي نوجوان ته توهان جي پٽ مهيندر ديو ڄاڻ ڏني ته مهيندر ديو جو خير نه هو، انڊيا موڪلي هان مون پاڻ تي رهايو، اڳيان حوالا ڏنا مانس هاڻي ٻڌايو ته ان کان وڌيڪ سچو ماڻهو ڪهڙو ٿيندو؟ اڄ ڪلهه ته سستي شهرت وارا گند مان گل ڪند بنائڻ وارا هڙان وڙان خرچ ڪري ميڊيا ۾ پاڻ کي تيس مار ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن جيڪي ڪجھ به ڪو نه هوندا آهن ماءُ جو واکاڻ وارو پٽ سپوت نه هوندو آهي، جنهن کي جڳ واکاڻي اهو هوندو. سو اڄ ڪلهه ميڊيا جا دوست ذاتي مفادن سبب ميڊيا ۾ خرابي کي گل قند بنائيندا رهن ٿا سرڳواسي حياتي جون ۹۸ بهارون ماڻيو پر ان هوندي به صحتمند زندگي گذاري. هر ادبي سماجي سياسي ميڙاڪي وغيره ۾ دعوت ملندي هيس ته پڇاڙي جو پاڻ کڻائي به اتي پهچندو هو. سنڌ جي ثقافت جو ماڻڪ موتي ثقافتي تقريبن ۾ چاهي عمرڪوٽ جي قلعي ۾ هجي يا ٻئي ڪنهن ثقافتي هنڌ تي ڊاڪٽر هرچند راءِ جو ثقافتي اسٽال ضرور لڳل هوندو هو، خصوصي طور ٿر جون نشانيون اٺن ۽ گهوڙن جا سنج، پاکڙا رليون، ٿر جون لويون ۽ ٻيون بيشمار ٿري کٿا ۽ انمول شيون اسٽال جون سينگار هونديون هيون. اڄ سرڳواسي ڊاڪٽر هرچند راءِ جي ياد ان ڪري اچي ٿي ته سنڌ سان پيار ڪندڙ شهيد راڻي جو پٽ بلاول ڀٽو سنڌي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ موئن دڙي کان سنڌ فيسٽيول ملهائڻ جي ابتدا ڪئي ته ڊاڪٽر هرچند راءِ زنده هجي ها ته هو سرڳواسي اهي ثقافتي سوکڙيون کڻي موئن جي دڙي ضرور پهچي ها. سنڌ جي محبت جو هڪ ٻيو ثبوت هي آهي ته سرڳواسي کي اڻ خبري ۾ سرمائيدار سمجھي سفيد پوشي سبب ڌاڙيلن اغوا ڪيو جڏهن ڌاڙيلن کي خبر پئي ته ڊاڪٽر هرچند راءِ اهو آهي ته ڌاڙيلن چيو چاچا اوهان جي اسان کي ضرورت آهي. اوهين فقط غريب اسان ماڻهن جو علاج ڪجان بس. ڊاڪٽر ڌاڙيلن کي چيو ته مون کي ٻڌايو ته توهان سنڌي آهيو ته پوءِ سنڌي ماڻهن کي اغوا ڪري ڦرلٽ ڪريو ٿا، ڌاڙيلن مڃيو. واقع سچ ٿا چئو پر اسان جي مجبوري آهي. سماج ۾ تبديلي لاءِ پاڻ جاکوڙيو آهي. اهڙي طرح ڊاڪٽر هرچند راءِ جنهن کي ”ڇوڏو“ چوندا هئا، مڙڻ وارو نه هو سو ڊاڪٽر سياست ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ ڪافي دفعا قومي صوبائي اسميبلين ۽ لوڪل باڊيز جي چونڊن ۾ حصو ورتو. عمرڪوٽ ٽائون ڪميٽي جو چيئرمين به ٿيو. ترقياتي ڪم ڪرايا ۽ مدو پورو ڪرڻ وقت ٽائون ڪميٽي عمرڪوٽ جو خزانو لکين روپين سان ڀريل ڇڏيو، ڪا به عوامي بجيٽ جي پئسي ۾ هيرا ڦيري نه ڪئي. ڳالهه اڄ به ڳائجي پئي ملڪ جي معروف قانوندان علي احمد بروهي ۽ اڳوڻي سيشن جج ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۽ ٻين اعليٰ شخصيتن سان گهرو واسطو به هوندو هو. ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي ٿر ۽ عمرڪوٽ جو مسيحائي ڪردار مير نادر علي ابڙو آئون سنڌ جي ڪهڙي به ڪنڊ ڪڙڇ شهر ۾ هجان پر هر وقت اُنهيءَ شهر ۾ پلجندڙ تاريخ ساز انسانن جي ڳولا ۾ هوندو آهيان ۽ انهن ساڻ پنهنجي روح جا لاڳاپا جوڙي ڪچهرين کي اوليت ڏيندو رهيو آهيان. انهن انسانن مان هميشه مون ڪجهه پرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهي انسان اسان جي سنڌ جو لازوال خزانو آهن. جن کي ڳولهي لهڻ انهن جي سهائتا ڪرڻ اسان تي فرض ٿو ٿئي، جڏهن آئون بطور سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن جي شهدادڪوٽ کان بدلي ٿي عمرڪوٽ پهتس ته اتي مون کي اهڙو ئي ٿر ڄائو مسيحائي انسان نظر آيو، جنهن جو نالو عمرڪوٽ سميت سموري ٿر ۾ تمام وڏي احترام سان ورتو ٿو وڃي. اهو پاڻ ۾ هزارين داستان سانڍي ويٺو آهي. پر ڪڏهن ڪنهن پير ۽ مير جي حاضري ناهي ڀريندو. اهو ميسحائي انسان ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي جن آهن، جن جو تعلق سنڌ جي امر ڪردار ماروي جي ديس عمرڪوٽ سان آهي، پاڻ لازوال بي مثال خصوصيتن جا مالڪ آهن. عمرڪوٽ کان ويندي ٿر تائين سندن جو وڏو نانءُ آهي. خاص طور تي هتي جي ريتن رسمن ڪلچر جي حوالي سان تما م وڏي ناليج اٿس. وڏي ڪوشش بعد ساڻس ملاقات ٿي، پاڻ انتهائي حسرت ڀريل نگاهن سان منهنجو آڌر ڀاءُ ڪيو هئائين. اهو ان لاءِ نه ته ڪو آئون اينٽي ڪرپشن جو سرڪل آفيسر هئس پر ان لاءِ جو آئون ڪامريڊ تاج محمد ابڙي مرحوم جو فرزند هئس. ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي کان پهرين قرب ڀري ڪچهري کان پوءِ نه ڄاڻ ايئن محسوس ٿيو ته هي اهو ئي انسان آهي جنهن جي منهنجي روح کي سالن کان تلاش هئي. دل چاهيو هو ته هن جي احترام ۾ ايترو ڪجهه ڪري وڃان ۽ ماڻهن کي اهو احساس ڏياريان ته پنهنجي وڏن جو احترام ڪيو ۽ انهن کي سڃاڻو. ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي سان پهرين ملاقات بعد هن سان منهنجو گهريلو ناتو جڙي ويو. هن مون کي عزت ڏيندي پنهنجي پٽ جي حيثيت ڏني، جيڪا مون لاءِ انتهائي فخر جهڙي ڳالهه آهي. عمرڪوٽ جڏهن به وڃڻ ٿئي ٿو، تڏهن پهريائين حاضري ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي جن جي ڀربي آهي. تنهن بعد ٻئي سنگت. ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي عمرڪوٽ جي هر گهر کي پنهنجو سمجهندو آهي ۽ شهر جي هر ماڻهوءَ کي ايئن سڃاڻي جهڙو هو هن جي گهر جو فرد هجي پراڻا شهري سندن کي جيءَ ۾ جايون ڏين ٿا، پاڻ عمرڪوٽ ٽائون ڪميٽي جا چيئرمين به رهيا ۽ انهيءَ زماني جا ڪيل سندن ڪم اڄ به عمرڪوٽ جي عوام جي دلين تي ڇانيل آهن. پاڻ عمرڪوٽ ۾ ٽائون ڪميٽي جا چيئرمين رهڻ دوران سنڌ جي امر ڪردار روحل فقير جي نانءُ پويان جرنل بس اسٽينڊ تعمير ڪرايو ۽ گڏوگڏ شهرين جي تفريح جي ضرورتن کي مدِ نظر رکندي پبلڪ پارڪ عمرڪوٽ به تعمير ڪرايائين ۽ ان دؤر ۾ پاڻ عمر ڪوٽ شهر ۾ روڊن جو ڄار وڇايو ۽ هر ڪم ۾ اڳ ڀرا نظر آيا. اهو ئي نه پر ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي جن ٿر جي ثقافت کي ٻاهرين ملڪن ۾ متعارف ڪرائڻ لاءِ عمرڪوٽ جي تاريخي قلعي ۾ هڪ ملڪي سطح جو ميلو به لڳايو، جنهن ۾ ٿر جي هنر کان ويندي هر ڪا تاريخي شيءِ ڏسڻ جهڙي هئي ۽ هن ۾ ملڪي ۽ غير ملڪي سفيرن ۽ سياحن شرڪت ڪئي هئي، انهيءَ کان علاوه پاڻ کي سماجي خدمتن عيوض لاتعداد ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن، پر هي ماڻهو ڪڏهن به ٿڪو ناهي هر وقت چست چوبن ۽ ڪم جي لاءِ تيار آهي. سمهندي مهل به هن جو ذهن جاڳندو آهي. هي هر وقت پنهنجي علائقي جي غريب ٿري ماروئڙن لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ خاطر سوچي ٿو. سندس گهر ۾ ٿري هنر جا لاتعداد نمونا ۽ ثقافتي رنگ پيل آهن. جيڪي هن کان آرڪيالاجي کاتي عمرڪوٽ وارن به عمرڪوٽ جي قلعي واري ميوزيم ۾ رکڻ لاءِ گهريا هئا پر پاڻ اهو چئي جواب ڏنو هو ته اوهان وٽ انهن شين جي حفاظت ناهي. پاڻ انسانيت سان تمام وڏي همدردي رکي ٿو ۽ بغير ڊگري هجڻ جي به سنڌ جي چند وڏن ڊاڪٽرن ۾ سندن شمار ڪيو ٿو وڃي. اڄ به جڏهن ڪو مريض لاعلاج ٿيندو آهي ته آخري گهڙين ۾ اهو ئي انسان انهيءَ جي جيون دان جو وسيلو بڻبو آهي ۽ ڪيترن ئي ماڻهن کي هيل تائين هي انسان موت جي مُنهن مان ڪڍي چڪو آهي. سندن جي اسپتال مان جيڪا ڪمائي ٿئي ٿي اهو پاڻ رکڻ بجاءِ ٽي بي اسپتال عمرڪوٽ کي ڏيندو آهي، جنهن ۾ عمرڪوٽ ۽ ٿر جي ٽي بي ۾ ورتل مريضن جو مفت ۾ علاج ڪيو ٿو وڃي ۽ پاڻ ٽائيم جا انتهائي پابند آهن. ادبي پروگرام هجي يا سماجي پر ٽائيم تي پهچڻ هن جي ڪمزوري آهي. جڏهن سندن گهر واري لاڏاڻو ڪري وئي، تڏهن به پاڻ مريضن کي ڏسڻ ۾ مشغول هئا ۽ جڏهن مون کيس چيو هو ته ڊاڪٽر صاحب هلي تڏي تي ويهو. تڏهن پاڻ ورندي ۾ چيائين ته “مرڻ واري مري وئي پر آئون ڪجهه جيئرن لاءِ ڪرڻ ٿو چاهيان.” پاڻ واقعي به بي مثال لاجواب امراڻي جا وڏي دل رکندڙ امر انسان آهن. جي عمرڪوٽ مان سياسي حوالي سان سيد مظفر حسين شاهه ۽ سماجي حوالي سان ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي جو نالو ڪڍيو وڃي ته باقي ڪجهه نه رهندو، بابا مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جڏهن سيشن جج اڳوڻي ٿر پارڪر ضلعي جا هئا ته مون کي اڪثر ڪچهرين ۾ چوندا هئا ته سنڌ جي اصل ثقافت جا رنگ ٿر ۾ سمايل آهن، جيڪا ڳالهه اڄ سمجهي چڪو آهيان. ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي تي سندن جيون ۾ ڪجهه لکڻ جي تمنا هئي، سا اڄ پوري ٿي آهي ۽ آئون دعاگو آهيان ته شل الله پاڪ ٿر جي هن لاڏلي مهان ماڻهو ۽ ميسحائي انسان کي اڃا به وڏو جيون عطا فرمائي ۽ ايئن ئي هن جي دم سان ٿر ۽ امراڻي جون رونقون تاحيات قائم دائم ۽ زنده رهن. (عوامي آواز، عبرت، سڪار، هلال پاڪستان، خبرون، سنڌو ڊائجسٽ، هلچل، سوڀ) ڊاڪٽر هرچند راءِ عوامي خدمتگار مير نادر علي ابڙو هن ڌرتي تي اهڙن مهان انسانن جنم ورتو جن جو اعتراف ڪندي وفاقي حڪومت اهو تحرير ڪيو آهي ته ڊاڪٽر هرچند راءُ لکاڻي سنڌ جي علائقي ٿر جي نامور سماجي شخصيت آهي. انهن صحت ۽ ثقافت جي شعبي ۾ تمام گهڻو جاکوڙيو آهي. سنڌ جي مختلف علائقن ۾ بطور ميڊيڪل آفيسر بڻجي مفت ميڊيڪل ڪئمپون لڳايون. ريٽائرمينٽ بعد به اهو ڪم جاري رکيو. تنهن کانپوءِ ناياب ثقافتي شيون، گڏ ڪرڻ انهن کي محفوظ بڻائڻ، نمائشون لڳائڻ سان گڏ پراڻي دور جون ناياب شيون. انهي زماني جا زيور، هٿ جي هنر ۽ ٻيا کوڙ سارا ثقافتي رنگ وٽن سهيڙيل آهن. پاڻ پنهنجي پاڻ تحت انهن شين جي نمائش جا اسٽال به مختلف شهرن ۾ لڳائيندو رهيو آهي ۽ هاڻ انهن ناياب شين تي تحقيق ڪري پيو جيڪي هينئر زوال پذير آهن. سماجي ميدان ۾ خدمتن جي نمايان مقام رکڻ تي انهي جي اعتراف ۾ مڃتا طور صدر اسلامي جمهوريه پاڪستان ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي کي تمغه امتياز جو اعزاز ڏنو. هي اهي لفظ آهن جيڪي سندن جي شخصيت لاءِ وفاقي گورنمينٽ تحرير ڪيا. جيڪي حقيقي طور تي تمام وڏي اهميت جا حامل آهن. سندن نالو ٿر ۾ تمام وڏي احترام سان ورتو وڃي ٿو. پاڻ پنهنجي پاڻ ۾ هزارين داستانون سانڍي ويٺو آهي. سندن تعلقه سنڌ جي امر ڪردار مارئي جي ديس امرڪوٽ سان آهي. سندن جي شخصيت ۾ بي پناهه صلاحيتون شامل آهن. سندن نالو خاص طور تي ٿر ۾ وڏي احترام کان ورتو ٿو وڃي. وٽس هتي جي ريتن رسمن ڪلچر جي حوالي سان وڏي ڄاڻ اٿس. سندن پهرين ڪچهري ۾ مون اهو محسوس ڪيو ته منهنجي روح کي سالن کان هن انسان جي تلاش هئي. دل ڪجهه پل لاءِ اهو چاهيو ته هن جي احترام ۾ ايترو ڪجهه ڪري وڃان جو ماڻهو مثال ڏين. ساڻس پهرين ملاقات بعد منهنجو ساڻس گهريلو ناتو جڙي ويو ۽ مون جهڙي انسان کي انهن پٽ جي حيثيت ڏني جيڪا مون لاءِ باعث فخر آهي. اڄ به جڏهن سندن وٽ وڃڻ ٿئي ٿو ته اهو ئي قرب اڳي وارو ملي ٿو. سندن اها وڏي خصوصيت آهي ته عمرڪوٽ جو هر شهري سندس پنهنجي گهر جي ڀاتين وانگر سڃاڻي ۽ کيس جيءَ ۾ جايون ڏين ٿا. ڊاڪٽر هرچند راءِ لاکاڻي، عمرڪوٽ ٽائون ڪميٽي جو چيئرمين به رهيو. سندن هن دور ۾ ڪيل ڪم جا اڄ به ماڻهو مثال ڏين ٿا. پاڻ هن دور ۾ روحل فقير جي نالي پويان جنرل بس اسٽاپ تعمير ڪرايو. شهرين جي تفريح کي منظر رکندي پبلڪ پارڪ عمرڪوٽ ۾ تعمير ڪرايائين ۽ شهر ۾ روڊن تي ڄار وڇايائين. هو هر ڪم ۾ اڳڀرو نظر ٿر جي ثقافت کي ٻين ملڪن ۾ متعارف ڪرائڻ لاءِ عمرڪوٽ جي تاريخي قلعي ۾ ملڪي سطح جو ميلو به مچايو جنهن ۾ ٿر کان ويندي راجسٿاني ڪلچر جا سمورا رنگ پسڻ جهڙا هئا. هن ميلي ۾ ملڪي ۽ غير ملڪي سياحن شرڪت ڪئي هئي. ڊاڪٽر صاحب کي سماجي خدمتن عيوض لاتعداد ايوارڊ ۽ سرٽيفيڪيٽ هيل تائين ملي چڪا آهن پر هي ڪڏهن به ٿڪو ناهي. هر وقت چست چوبند ۽ ڪم جي لاءِ تيار آهي. سمهندي مهل به سندن ذهن جاڳ ۾ هوندو آهي. هر وقت پنهنجي پٺتي پيل علائقي جي غريب ماروئڙن کي خوش ڪرڻ خاطر سوچي ٿو. سندن گهر ۾ ٿري هنر جا لاتعداد نمونا ۽ ثقافتي رنگ چٽيل آهن. جيڪي هن عمرڪوٽ جي آرڪيالاجي کاتي وارن عمرڪوٽ جي قلعي ۾ موجود ميوزيم ۾ رکڻ لاءِ گهريا پر پاڻ اهو ئي چئي جواب ڏنو ته اوهان وٽ انهن شين جي حفاظت ناهي. سندن وٽ انسانيت جي تمام وڏي قدر آهي هو سنڌ جي چند وڏن ڊاڪٽرن ۾ شمار ڪيو ٿو وڃي. اڄ به ڪو مريض جڏهن لاعلاج ٿيندو آهي ته آخري گهڙين ۾ اهو ئي انسان انهي جي جيوندان جو وسيلو بڻبو آهي ۽ هيل تائين ڪيترن ئي ماڻهن کي هي موت جي منهن مان ڪڍي چڪو آهي. سندن اسپتال مان جيڪا ڪمائي ٿئي ٿي اها پاڻ رکڻ بجاءِ عمرڪوٽ جي ٽي بي اسپتال کي ڏيندو آهي. جنهن ۾ ٿر ۽ عمرڪوٽ ۾ ٽي بي ۾ ورتل مريضن جو مفت علاج ڪيو ٿو وڃي. پاڻ وقت جو انتهائي پابند ڏسجڻ ۾ آيو آهي. وقت تي پهچڻ سندن سڀ کان وڏي ڪمزروي آهي. پاڻ هر پل جستجو واري جيون مان گذرندو نظر اچي ٿو. جيڪر عمرڪوٽ مان سماجي حوالي سان ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي جو نالو ڪڍجي ته باقي ڪجهه به نه رهندو. بابا مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جڏهن سيشن جج ٿرپارڪر هو ته مون کي اهو چوندو هو ته سنڌ جي ثقافت جا اصل رنگ ٿر جي علائقي ۾ ڏسجڻ ۾ ملن ٿا. ڊاڪٽر هرچند راءِ سان ملي مون کي اهي لفظ سچ سمجهه ۾ آيا.
سيد الهندو شاهه سج اُلٿي سيئن شعبان وسطڙو سنڌ صدين کان وٺي سکي ستابي رهي آهي پر جڏهن به ڪو ڪوسو واءُ سنڌ تي گهليو به آهي تڏهن به ڪو نه ڪو سرواڻ ۽ مانجهي مڙس سامهون نروار ٿي انهي مشڪل کي آسان نڀايو ۽ سنڌ جو ڳاٽ اوچو ڪرايو آهي، اهڙو هڪ مڙس مٿير جڏهن تعليمي حوالي سان سنڌ اونداهي ڄار ۾ ڌڪليجي وڃي رهي هئي، تڏهن هڪ اهڙو غازي جنهن سموري سنڌ مان جهالت ختم ڪرڻ جو وچن ڪيو ۽ ساهتي پرڳڻي کان شروعات ڪئي ۽ اهڙو ته ڪارنامو سرانجام ڪري ڏيکاريو جنهن ساهتي پرڳڻي کي تعليمي روشني سان منور ڪري جاکوڙي ڪردار ادا ڪيو، اهو ڪردار نڀائيندڙ هو خان بهادر الهندو شاهه هو، جيڪو اهڙو ته تاريخي ڪم ڪري ويو، جنهن هزارين خاندانن جون زندگيون جياري پاڻ امر ڪردار بنجي تاريخ ۾ پنهنجو نانءُ جياري ويو. انگريزن جي حڪومت ۾ جڏهن پڙهائي جي جديد طرز عمل تي نظرثاني ڪئي وئي ۽ روايتي ڍانچي کي تبديل ڪيو ويو تڏهن مسلمانن جدت پسندن ۾ انهي طريقي کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ جتن ڪيا ويا، حالانڪه ان وقت جي مذهبي ماڻهن انهن عمل جي سخت مخالفت ڪئي پر ڏاها ماڻهو جن جي سوچ ۽ فڪر جي انتها اها هئي ته جيڪڏهن ايندڙ وقت جي حالتن کي مدنظر رکندي انهي تي عمل نه ڪبو ته قوم کي ڪهڙين ڀوڳنائن کي منهن ڏيڻو پوندو. جنهن جو ازالو ڪرڻ کان ماڻهو قاصر رهجي وڃي ۽ ان دک جو درد قوم کي ڀوڳڻو پوي، ان لاءِ ڇونه قوم کي اهڙي طرف وٺي وڃجي، جيڏانهن واءُ گهلندو هجي ۽ اها به وڏي ڏاهپ چئبي جو انهي طرف جي انهن کي ڄاڻ هئي ته واءُ ڪهڙو گهلندو، اهڙن ڏاهن، مدبر انسانن مفڪرن ۽ آئيندي جي سوچ رکندڙن مان ساهتي پرڳڻي جو هڪ ڀوتار، وڏيرو ۽ زميندار جنهن جي ذهنيت، قوم جي ماڻهن کي اذيت ڏيڻ نه پر انهن جون زندگيون تبديل ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات انهي فڪر ۾ هيون ته قوم کي ڪنهن اهڙي منزل تي پهچائجي جو جنهن ۾ هن کي پنهنجي سڃاڻپ ۽ شناخت ملي. اهڙو مانجهي مڙس مٿير شخص شعور ۽ ساڃاهه رکندڙ سادات گهراڻي جو سيد الهندو شاهه ئي هيو جنهن انهن حالتن کي ڏسندي ايندڙ وقت لاءِ قوم لاءِ ڪجهه سوچيو. لاکا لک هئا، فلاڻي ڀير ٻيو، اَجا اوڏ ٿيا، پکئي لڳي جنهن جي. ڪنهن ڏاهي جا لفظ آهن ته، ”وڏا خوش قسمت ۽ ڀاڳن وارا اهي شخص آهن جن کي اونداهن لمحن ۾ اميدن جا ڪرڻا نظر ايندا آهن.“ ۽ مون کي انهي ڳالهه جي خوشي آهي ته اسان جي معاشري جو هڪ اهڙو فرد جيڪو سيد به هجي ۽ وڏيرو به هجي، ان جي اها سوچ ته قوم جي لاءِ ڪجهه ڪرڻو آهي، سچ ته ان دور ۾ انهي وقت جو وڏو ڏاهو ۽ مفڪر شخص سيد الهندو شاهه ئي ملي ٿو ۽ شيخ سعدي جي انهي لفظن ۾ ته ”اهو ئي مڪمل انسان آهي، جنهن وٽ نصيحت لاءِ لفظن بدران سٺو عمل ۽ ڪردار هوندو آهي.“ هن اڪيلي سر جيڪو ڪم ڪري ڏيکاريو، سو ڪنهن به تعريف جو محتاج ناهي، بلڪ سندس ڪيل تاريخي ڪم، تاريخ جي ورقن ۾ سنهري اکرن سان لکي سگهجي ٿو، هونءَ به چوندا آهن ته جنهن شخص جا خيال نيڪ، نظريا بلند ۽ دل وسيع هوندي آهي، اهو اڪيلي هوندي به اڪيلو نه هوندو آهي. سيد الهندو شاهه ۱۸۶۳ع ۾ سيد يوسف شاهه جي گهر ۾ ڊڀرئي جي هڪ ننڍڙي پر تاريخي شهر ۾ جنم ورتو. بنيادي تعليم ڊڀري (جيڪو پوءِ درٻيلي جي نالي سان مشهور ٿيو) جي ديني مدرسي مان پرايائين. سيد الهندي شاهه سياسي ڪيرئير جي شروعات ضلعي لوڪل بورڊ کان ڪئي، جتي ۱۸۹۷ع کان ۱۹۱۹ع تائين ضلعي لوڪل بوڊ حيدرآباد جو ميمبر رهيو ۽ سندس سياسي جاڳرتا کي مڃتا ڏيندي ۱۹۰۹ع ۾ ممبئي ڪائونسل جو چونڊيل ميمبر مقرر ٿيو ۽ ۱۹۱۶ع کان وائسراءِ اسيمبلي جو چونڊيل ميمبر رهيو. پنهنجي ان سموري سياسي دور ۾ هن پنهنجي ٻاجهائپ صبر ۽ تحمل واري طبيعت سان سياسي دور ۾ هڪ بهترين ڪردار ادا ڪيو، جنهن جي مڃتا سبب انگريز سرڪار کيس ۱۸۹۸ع ۾ اعزازي جج مئجسٽريٽ مقرر ڪيو. بنيادي طور شاهه صاحب هڪ نرم دل، حليم ۽ ٻاجهاري طبعيت وارو شخص هو پر ان سان گڏ هو هڪ اصول پرست به رهيو جنهن لاءِ نه هن ڪڏهن اصول کي ٽوڙيو ۽ نه ٽوڙڻ ڏنو، جنهن به عهدي تي رهيو، نهايت ايماندارانه صلاحيتن ۽ پنهنجي قابليت سان پنهنجا فرض خوش اسلوبي سان نڀايا. سيد الهندو شاهه ننڍي هوندي کان ئي ڏاڍو ذهين ۽ هوشيار ۽ مثبت سوچ رکندڙ ماڻهو هو، کيس عربي ۽ فارسي زبانن تي عبور حاصل هو پر جنهن دور جي هو پيداوار هو ته هن کي به اها سرت ۽ ساڃاهه ذهن ۾ ويٺي ته ڪو اهڙو ڪمال ڪجي جنهن سان قوم کي دڳ لائي سگهجي. پاڻ سيد گهراڻي ۾ پلجندي به ديني تعليم سان گڏ سندس ذهني صلاحيتن ۾ سياسي ۽ سماجي شعور به پلجندو رهيو، پاڻ سر سيد احمد خان جي علي ڳڙهه واري تحريڪ کان متاثر ٿيندي، آل هند محمدن ايجوڪيشن جي ڪيترن ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪئي ۽ ان وقت پنهنجي من ۾ اها ڳالهه سمائي ڇڏي ته سر سيد احمد خان ۽ حسن علي آفندي جي ڪيل محنتن ۽ ڪاوشن جيان پاڻ به هڪ اهڙو ادارو قائم ڪري جيڪي ديني تعليم سان گڏ انگريزي ۾ به اتان جي ماڻهن کي شعور ۽ سمجهه جي ڄاڻ فراهم ڪري ۽ اڳتي هلي سندس من جون مرادون پوريون ٿيون، نوشهروفيروز ۾ مدرسا ۽ هاءِ اسڪول قائم ڪرڻ ۾ ڪاميابي ماڻي. شاهه صاحب هڪ زندهه دل شخص هو هن کي پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتي وارن سان بيحد چاهه ۽ محبت هئي، هن پنهنجي سموري ڄمار جهڙي قوم کي ارپي ڇڏي هئي. سندس زندگي جو هڪ اهم ڪارنامو جيڪو تاريخي حيثيت ۾ اڄ به پيو ڳائجي، هن جيڪا پنهنجي ماڻهن يعني آبادگارن، هارين لاءِ هڪ وڏي جدوجهد ڪري ڍل معاف ڪرائي جيڪا انگريز سرڪار غيرآباد زمين تي به لاڳو ڪئي هئي. سندس اهڙي ڪارنامي تي ماڻهن ۾ اهڙي ته سرهائي اچي وئي جو سندس خدمتن، همتن جا گيت ڳائڻ لڳا، هونءَ به اها ڪوشش، ڪاوش ۽ همت ڪا معمولي ڪانه هئي پر انهن سڀني ڳالهين کي مدنظر رکندي جنهن ڳالهه جو کيس وڌيڪ اونو ۽ فڪر هيو سا هئي سنڌ جي ماڻهن جي تعليم. سنڌ جو وڏيرو ۽ ڀوتار هونءُ ئي سنڌ جي ماڻهن کي هيل تائين غلام رکندو پئي آيو، جيڪا ڳالهه شاهه صاحب کي ڏاڍي ڏکي لڳندي هئي. هن کي ننڍڙي هوندي کان ماءُ اها سُتي ڏني هئي ته علم حاصل ڪريو يا ٻين ماڻهن کي علم جهڙي زيور سان روشناس ڪرايو ۽ سنڌ جي غريب ماڻهن کي تعليم ڏياري خدمت ڪجي، اها ڳالهه شاهه صاحب جهڙي پلاند ۾ ڳنڍ ٻڌي ڇڏي، ارسطو جي انهي جملي ۾ ته ”جيڪو شخص علم جي ڳولا جي تڪليف برداشت نه ڪندو، انهي کي جهالت جون تڪليفون برداشت ڪرڻيون پونديون.“ ۽ انهي معاملي ۾ هن هڪ مجاهد جيان اهڙو ته تير ڪمان مان ڪڍي نشاني تي هنيو جنهن اونداهي جي ڪارن ڪڪرن کي اُڀ کان هٽائي روشن ڪري ڇڏيو ۽ نوشهروفيروز ۾ بي پهچ ۽ غريب ماڻهن لاءِ ۱۹۰۳ع ۾ مدرسو قائم ڪيو جنهن جو نانءُ رکيائين ”نوشهرو مدرسو.“ اها سنڌ جي ماڻهن لاءِ وڏي سرهائي هئي پر خاص ساهتي پرڳڻي جي ماڻهن لاءِ ته اها خوشي هئي جنهن ۾ هو ماپي نه پئي سگهيا. مدرسو قائم ٿيڻ سان هتان جي غريب مسڪين ۽ بي پهچ ماڻهن مدرسي جي تعليم مان لاڀ حاصل ڪيو ۽ فيض پرايو ۽ ڏسندي ڏسندي هي سمورو خطو تعليمي خزاني سان مالا مال ٿيندو ويو. هونءَ به هتان جا ماڻهو انگريزي تعليم پرائڻ لاءِ ڪراچي جو رخ ڪندا هئا پر انهن ۾ جيڪي سرندي وارا، باقي بي پهچ ۽ غريب ويچارا من ۾ حسرتون سانڍي پنهنجو جيون خاموشي سان گذاريندا رهيا، تڏهن ڊڀرئي جي هڪ وڏيري سيد الهندي شاهه قومي درد محسوس ڪندي اهو سوچيو ته جيستائين مسلمانن جا ٻار انگريزي تعليم حاصل نٿا ڪن تيستائين اسان جي سنڌ ڪا خاص ترقي نه ڪري سگهندي، تڏهن پاڻ مسلمانن جي ٻارن لاءِ انگريزي تعليم پڙهائڻ لاءِ مدرسي جو بنياد وڌو. سندس خدمتن کي مدنظر رکندي نه رڳي خطي جي ماڻهن سندس ساراهه ۾ ڳيچ ڳايا پر انگريز سرڪار به سندس سياسي سماجي ۽ تعليمي خدمتن کي پرکيندي ان وقت جي وڏي سول ايوارڊ ”خانبهادر“ جهڙي لقب سان نوازيو. سنڌ اڄ جنهن دور مان گذري رهي آهي سا ڳالهه هر ماڻهو اکين سان ڏسي رهيو آهي ته سنڌ ڪيڏانهن وڃي رهي آهي اهڙين حالتن ۾ اڄ اسان کي ڪو الهندو شاهه ڳولي نه پيو لڀي، اهڙي هڏڏوکي سچي ۽ همدرد ماڻهو لاءِ اسان جا هٿ دعائن لاءِ کڄن ٿا، پر ان سان گڏ سندس ڪمي محسوس ڪندي شاهه صاحب جو هي بيت هانو تي هُري اچي ٿو ته: ويو ٻاروچو نڪري هاڻي ڪريان ڪيئن؟ سج اُلٿي سيئن، سٽون ڏينديس سڃ ۾. سيد الهندو شاهه شاهد چنه جڏهن برصغير ۾ تعليم جي کوٽ هئي ته ان وقت سنڌ جي آفندي خاندان جيان ساهتيءَ جي سپوت سيد الهندو شاهه ۳۳ سالن جي ننڍڙي عمر ۾ ۱۸۸۳ع ڌاري مدرسه هاءِ اسڪول نوشهروفيروز جوڙايو، انهي مڪتب مان ڪيترا ئي عالم اديب پڙهي نڪتا. علامه آءِ آءِ قاضي کان وٺي ڊاڪٽر دائودپوٽي تائين، کوڙ سارا سنڌ جا ماڻهو جيڪي علمي روشنيءَ کان وانجهيل هئا انهن اها علمي لاٽ اتان ئي حاصل ڪئي. سيد الهندي شاهه جون ڪوششون علمي حوالي سان ساراهڻ جوڳيون هيون. ڇو ته برطانوي راڄ دوران، سنڌ ۾ تعيلم جو فقدان ۽ اڻهوند انتهائي حد کان وڌيڪ هئي. انهن حالتن کي نظر ۾ رکندي، سيد الهندي شاهه سنڌ جي ماڻهن لاءِ علمي مڪتب کولي وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو. اهو ئي سبب آھي جو، هن وقت به هند توڙي سنڌ ۾، جن به هن مڪتب مان علم جي روشني حاصل ڪئي، سي اڄ به سيد الهندي شاهه کي ياد ڪري سندس فضيلتن جو بيان ڪندي کيس ساراهين ٿا. حقيقت به اها آهي ته سنڌ جي هن سپوت پاران، جيڪڏهن هي مدرسه هاءِ اسڪول ۱۹هين صديءَ ۾ نه جڙي ها ته ڪيترا ئي عالم اديب، جنم نه وٺن ها. افسوس جو سنڌ حڪومت کان وٺي ڪنھن ساڃاهه وند تائين، ڪو به هن کاهوڙي ڪردار جي ياد تازي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. نه وري ڪڏهن سندس جوڙايل مڪتب ڏي، ڪنھن منهن ورائي ڏٺو آهي ته ان جي حالت، پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ڪهڙي بڻجي وئي آهي. اهي هاسٽلون، اهي ڪلاس روم ۽ سندس جوڙايل انهيءَ پارڪ ۽ لائبريريءَ جو هن وقت نشان به نظر نٿو اچي. ان تباهيءَ تي ٻيو ڪو ڳوڙها ڳاڙي نه ڳاڙي پر درٻيلي ۾ ۱۹ آڪٽوبر ۱۹۱۹ع تي، ھيءُ جھان ڇڏيندڙ، سيد الهندي شاهه ضرور لڙڪ لاڙيا هوندا. ڪيڏي نه افسوس جوڳي ڳالهه آهي، جو سندس جوڙايل تاريخي مدرسه هاءِ اسڪول کي سوا صدي گذري چڪي آهي پر هن وقت تائين ان جي تاريخي حيثيت کي وڌائڻ لاءِ ڪهڙي به سرڪار ڪردار ادا ناهي ڪيو. جنهن جي ڪري هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سيد الهندي شاهه جي خدمت ۽ وقار کي جيڪڏهن اڳتي وڌائڻو آهي ته سنڌ جي ساڃاهه وندن کي ان جي ٻاريل شمع کي روشن ڪرڻو پوندو. اڄ به سيد الهندي شاهه کي سنڌ ساري ٿي. ان جي مڪتب ڏانهن نهاري ٿي. چوي ٿي ته؛ سيد الهندي شاهه جي ٻاريل شمع کي اچو ته روشن ڪريون. افسوس جو سنڌ جي ٻين عظيم هستين جيان سيد الهندو شاهه به سنڌ کان وڇڙي ويو. سڄي سنڌ توڙي هند، کيس اڄ به خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. سيد الهندو شاهه [ ۱۸۶۷ع – ۱۹۱۹ع ] ميمڻ عبدالغفور سنڌي سنڌ جي سر زمين تي ڀانت ڀانت جي انسانن جنم ورتو آهي، جيڪي مختلف قسمن ۽ حيثتن جا مالڪ ٿي گذريا آهن؛ انهن مان ڪن جي زندگي نيڪيءَ ۾ گذري آهي، ته ڪن وري پنهنجي خداداد لياقتن سببان قوم جي ڏک ۾ ڀاڱي ڀائيواري ڳنڍي آهي. اهڙن نيڪو ڪارن جو نالو سنڌ جي تاريخ ۾ سدائين عزت ۽ احترام سان ورتو وڃي ٿو. تعلقي ڪنڊياري، ضلعي نوابشاه جي ڳوٺ ”ڊڀري“ جو مشهور زميندار، سيد الهندو شاه ولد سيد يوسف شاه به هڪ زنده دل ۽ غريبن جو هڏ ڏوکي ٿي گذريو آهي، سندس ولادت ۲۴ شعبان ۱۲۸۴ هه مطابق ۱۷ آڪٽوبر ۱۸۶۷ع تي ٿي آهي. ٻهراڙيءَ جي رواج موجب، ڊڀري جي مدرسي مان عربي ۽ فارسيءَ ۾ ڀڙ ٿيو. سندس طبيعت ۾ سنجيدگي، سادگي ۽ نرمائي زياده کان زياده هئي، خداوند سندس ذهن تيز ڪيو هو؛ جنهن ڪري ٿوري وقت ۾ سنڌيءَ سان گڏ انگريزيءَ جي به خاص ڄاڻ حاصل ڪري ورتائين. سيد صاحب کي، قوم لاءِ هر وقت اونو هوندو هو. ننڍي خواه وڏي ۽ امير توڙي غريب لاءِ وٽس ساڳئي ئي ڪرسي هئي. ڪنهن کي به ڪڏهن گهٽ نه گهريائين. اهوئي سبب هو، جو ۲۴ ورهين جي عمر ۾ دهليءَ جي وائسراءِ جي ليجسليٽو اسيمبليءَ جو رڪن منتخب ٿيو. موقعي ملڻ سان، ويتر قومي خدمت کي پنهنجو فرض ڪري ڄاتائين، ان زماني ۾، سنڌ جي ماڻهن تي، غيرآباد پيل زمين تي زوريءَ ڍل وصول ڪئي ويندي هئي؛ جنهن کي ”نوبت“ چوندا هئا. نوبت نه ڏيڻ جي صورت ۾، زمين ضبط ٿيندي هئي. سيد صاحب هن ڏس ۾ ذاتي دلچسپي وٺي، نوبت کي هميشہ هميشہ لاءِ معاف ڪرائي ڇڏيو. سيد صاحب، قومي خدمتن سان گڏوگڏ سخاوت ۾ به مشهور هو. وس ورندي ضرورت مند خواه محتاج در تان واپس نه موٽائيندو هو. قومي خدمتن عيوض، سرڪار طرفان کيس ”فرسٽ ڪلاس آنرري مئجسٽريٽ“ به مقرر ڪيو ويو؛ جنهن عهدي تي پاڻ ڪافي وقت رهيو. سندس پوشاڪ سادي ۽ گهڻو ڪري سفيد هوندي هئي. اڪثر پهرياڻ تي پٽڪو ٻڌندو هو. انگريزي رواج موجب ٽاءِ (Tie) به ڳچيءَ ۾ وجهندو هو. پيرن ۾ سنڌي جتي ۽ موسم مطابق ڪوٽ پائيندو هو. پاڻ عوام جي سک ۽ سهنج لاءِ ڪيترا ئي ڪم ڪيائين. خاص ڪري مسلمانن جي تعليم لاءِ ۱۹۰۳ع ۾ نوشهري فيروز ۾ مدرسو قائم ڪري، مسلمان ٻارن کي خوب همٿايائين. مدرسي لڳ ٻاهران آيل شاگردن لاءِ رهائشگاه (هاسٽل) پڻ تعمير ڪرايائين. اڄ هي مدرسو هاءِ اسڪول جي صورت ۾ سندس ياد تازي ڪري رهيو آحي. اهڙيءَ طرح لوڪل بورڊ جي سهڪار سان نياڻين جي تعليم لاءِ پڻ ڪافي مڪتب کولرايائين. افسوس! سنڌ جي هن مثال انسان کي حياتيءَ ساٿ نه ڏنو؛ جنهن ڪري ۵۳ ورهين جي ڄمار ۾، ۱۳۳۸ هه مطابق ۱۹۱۹ع تي راه رباني ورتائين. پاڻ صوم صلوات جو پابند ۽ هر روز صبح جو قرآن پاڪ جي تلاوت ڪندو هو. مسجدون جوڙائڻ، مسافر خانا ٺهرائڻ، کوه کوٽائڻ ۽ آئي وئي لاءِ کاڌي جو بندوبست ڪرڻ؛ سندس خاص مشغلو هو. ازانسواءِ سرڪاري ڪمن سان وڏو سهڪار ڪيائين سندس خدمتن عيوض سرڪار کيس آفرين نامن سان گڏ ”آنربل“ ۽ ”خانبهادر“ جا خطاب به ڏنا. پٺيان ٻه فرزند: قرارو شاه ۽ محمد علي شاه ڇڏيائين. (۱)– پاڻ متعلوي سيدن جي شاخن مان هڪ وڏي خاندان جو فرد ۽ وڏيءَ پڄنديءَ وارو شخص هو. [”الوحيد“ (سنڌ آزاد نمبر)، ۱۵ جون ۱۹۳۶ع، ص -۱۶۳]. (۱) – سيد صاحب، درٻيلي ۾ عيد گاه جي تعمير لاءِ هندن سان سخت جدوجهد ڪئي. نوبت آخر فساد جي صورت اختيار ڪئي؛ جنهن کي پاڻ ڏاهپ سان، مقدمي جي وسيلي نهايت ئي مدبرانه انداز ۾ ڪاميابيءَ سان نبيريو. الهندو شاھ ساهتي پرڳڻي جو سرسيد فتح محمد برفت نوشھروفيروز (رپورٽر) سنڌ يونورسٽي ڪيمپس خانبهادر سيد الھندو شاھ نوشھروفيروز ۾ بزنس ارينا (روزگار جا ذريعا) جي عنوان سان ھڪ پروگرام ٿيو، جنهن کي خطاب ڪندي سنڌ يونورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد برفت چيو ته جنهن وٽ لطيف، سچل ۽ علامه اقبال جهڙا آفاقي شاعر ھجن اها قوم ترقي ئي ڪندي. ھن چيو ته سيد الهندو شاھ ساهتي پرڳڻي جو سرسيد احمد خان ھو علي ڳڙھ به هڪ اسڪول هو جيڪا يونورسٽي بڻي مدرسه هاءِ اسڪول نوشھروفيروز ھڪ يونورسٽي آھي. ظفر علي شاھ چيو ته ۱۹ صدي جي آخر ۱۸۹۳ع ۾ ھي ادارو قائم ٿيو، ان وقت نوشھروفيروز هڪ واهڻ هيو ان دور ۾ اسان جي وڏن خانبهادر سيد الهندو شاھ انگريزي تعليم جي شمع ٻاري، سيد الهندو شاھ شاگردن کي ھاسٽل ۾ رھائڻ جو بندوبست به ڪندو هو ۽ تعليم به ڏياريندو هو. ھن يونورسٽي ڪيمپس جي لائبريري جي ڪتابن جي لاءِ ۲ لک رپين جو اعلان ڪيو. تعليمي ماھر ۽ يونورسٽي لاءِ جدوجهد ڪندڙ فقير محمد ميمڻ مطالبو ڪيو ته ڪيمپس کي الڳ يونورسٽي جو درجو ڏنو وڃي جنهن لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ ۲۱ فيبروري ۲۰۱۲ تي ايم پي اي احمد علي شاھ هڪ ريزوليشن پڻ پاس ڪرايو هو. ڪيمپس جي پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر اسلم پرويز ميمڻ چيو ته بزنس ارينه پروگرام منعقد ڪرڻ جو مقصد نوجوانن کي تعليم کان پوءِ پنهنجي پيرن تي بيهارڻو آھي، جنهن لاءِ اسان مختلف اسٽال پڻ لڳايا آھن. تقريب کي ايم پي اي شھناز انصاري ضلع وائيس چيئرمين پير قربان علي ۽ ٻين خطاب ڪيو. (پنھنجي اخبار ۾ ۱۴ اپريل ۲۰۱۹ع تي شايع ٿيو) خانبهادر سيد الهندو شاھ تاريخ ساز شخصيت مبين چنا ساهتيءَ جي اھم تهذيب يافتہ شهرن مان درٻيلو پڻ هڪڙو خصوصي ۽ نمايان حيثيت رکندڙ شهر هو. هن شهر جو پراڻو نالو ڊڀرو هو. ”راڻو سهتو ڀوئر راٺوڙ (سهتو) درٻيلي تي راڄ ڪندو هو. جنهن جي گاديءَ جو هنڌ ديرو هو.“ شايد ڊڀرو ”ديرو“ جي بگڙيل صورت آهي. ڪن تاريخدانن جو خيال آهي تہ درٻيلو هڪ پرڳڻي جو نالو هو. هيءُ شهر آمدرفت جي لحاظ کان تمام اهم هو. سيوهڻ شهر کي سامهون هئڻ جي ڪري هن جي اهميت اڃان بہ وڌي وئي هئي. سيوهڻ ۽ درٻيلي جي وچ ۾ سنڌو درياھ هن وقت بہ پنهنجي پوري آب تاب سان وهي رهيو آهي. جيڪو آمدرفت جو بهترين ذريعو هو ۽ آهي، ارغونن ۽ ترخانن جي دور ۾ هي شهر وڏي افاديت ۽ اهميت رکندڙ هو. هن شهر جو اوج ڪلهوڙن جي اوائلي دور ۾ بہ قائم هو پر ڪلهوڙن جي پوئين دور ۾ جڏهن هالاڻي کي محالڪاريءَ جو درجو مليو تہ هن شهر جي اهميت گهٽجي وئي ۽ پوءِ مدد خان پٺاڻ جي حملي هن شهر جو آڪي باقي اوج بہ ختم ڪري ڇڏيو. اڄ ڪالھ درٻيلو پراڻو يونين ڪائونسل جي سطح وارو شهر آهي جڏهن تہ درٻيلو نئون ڀريا تعلقي جي حددن ۾ آهي. درٻيلي شهر هر دور ۾ انمول هيرا پيدا ڪيا آهن جن پنهنجي سموري زندگيءَ انسانيت جي خدمت ڪندي گذاري آهي اهڙن ئي انمول هيرن مان هڪڙو سيد الهندو شاھ بہ آهي، جيڪو متعلوي ساداتن جي هڪ معزز گهراڻي ۾ ۱۸۶۴ع ۾ درٻيلو شهر ۾ تولد ٿيا. سندس وڏا اصل ۾ مٽياريءَ جا هئا جتان هجرت ڪري درٻيلي ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. سندس والد سيد يوسف علي شاھ پنهنجي وقت جو وڏو بزرگ ۽ پهتل ٻانهو هو، فقير فولاد شر پنهنجي ڪتاب ”روح اعظم “ ۾ لکيو آهي تہ مون کي فيض درٻيلي جي بزرگ سيد يوسف علي شاھ کان مليو آهي. سيد الهندي شاھ کي بنيادي تعليم لاءِ درٻيلي جي ديني مدرسي ۾ داخل ڪيو ويو جتي هن عربي، فارسي ۽ سنڌي ۾ تعليم حاصل ڪئي. شاھ صاحب ۱۸۹۷ع کان ۱۹۰۹ع تائين حيدرآباد لوڪل بورڊ جو چونڊيل ميمبر، ۱۹۰۹ع تائين بمبئي ڪائونسل جو چونڊيل ميمبر ۽ ۱۹۱۶ع کان هندوستان جي وائسراءِ اسيمبلي جو چونڊيل ميمبر رهيو. خانداني پيشي زمينداري سان گڏ ۱۸۹۸ع ۾ جڏهن هو حيدرآباد لوڪل بورڊ جو چونڊيل ميمبر هو تہ سندس لياقتون ۽ صلاحيتون ڏسي، انگريزن کيس قاضي يا اعزازي اسپيشل مئجسٽريٽ پڻ مقرر ڪيو. جنهن منصب کي هن نهايت ئي قابليت ۽ ايمانداري سان ادا ڪيو، جنهن ڪري انگريزن کيس ”خانبهادر“ جو لقب عطا ڪيو. شاھ صاحب اعلي دماغ ۽ رعبدار شخصيت جو مالڪ هو. پاڻ پنهنجي دور جو ڏهيسر هو. قومي درد رکندڙ ۽ مسلمانن جو هڏ ڏوکي هو. شاھ صاحب جڏهن دهلي جي وائسراءِ جي ليجسليٽو اسيمبلي جو ميمبر هو تہ انهن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ غير آباد زمين تي بہ ڍل هوندي هئي. جنهن کي نوبت سڏيو ويندو هو. ان جي نہ ڏيڻ تي سرڪار زمين ضبط ڪري ڇڏيندي هئي. آنربل سيد الهندي شاھ جي ڪوششن سان اها ڍل يعني غير آباد زمين تي معاف ٿي. ان کان سواءِ زمينداري جي ڌنڌي ٽيڪس جي مقرري جو بل پيش ٿيو تہ شاھ صاحب اهو بل ٻئين ميمبرن جي مدد ۽ تعاون سان رد ڪرايو. خانهادر سيد الهندو شاھ پوک ۽ باغباني جو وڏو عالم هو، پاڻ پنج وقت پابندي سان نماز پڙهندڙ، خوش اخلاق خوش طبع، مهمان نواز، انسان دوست ۽ نهايت ئي سادو انسان هو. سندس پوشاڪ نهايت صاف ۽ سادي هوندي هئي. پاڻ نهايت ئي سخي مرد هوندو هو، سندس در تان ڪو بہ ضروت مند خالي واپس نہ ويندو هو. کيس ”ساهتيءَ جو سرواڻ“ واري لقب سان پڻ ياد ڪيو ويندو آهي. خانبهادر سيد الهندي شاھ کي خدا پاڪ ٻہ لائق فرزند عطا فرمايا (۱) سيد قرارو شاھ جيڪو ۱۹۰۸ع ۽ ڄائو ۽ (۲) سيد محمد علي شاھ جو ۱۹۱۲ع ۾ ڄائو. جئين تہ شاھ صاحب پاڻ علم جو وڏو شائق هو ان ڪري پنهنجي اولاد جي تعليم ۽ تربيت لاءِ ان وقت سنڌ جي وڏي عالم مولوي ميان فتح محمد سيوهاڻي جن جون خدمتون حاصل ڪيو ۽ ٻنهي کي مدرسہ هاءِ اسڪول نوشهرو فيروز ۾ داخل ڪرايو. جڏهن انگريزن ۱۸۴۳ع ۾ ٽالپرن کان سنڌ فتح ڪئي ۽ هتي انگريزن جو راڄ شروع ٿيو تہ انگريزن سنڌ جي لاءِ نئين تعليمي پاليسي اختيار ڪئي. ان کان پهريون سنڌ جي مدرسن ۽ مڪتبن ۾ عربي، فارسي ۽ سنڌي ۾ تعليم ڏيڻ وارو سسٽم رائج هو جنهن کي ڪافي ڌڪ لڳو. وري جڏهن ۱۸۵۳ع ۽ انگريزن سنڌي ٻوليءَ لاءِ نئي الف بي تيار ڪرائي سنڌ جي تعليمي درسگاهن ۾ مروج ڪرائي تہ سنڌ جي هندن انگريزيءَ تعليم ۾ وڏي ترقي ڪئي هر هنڌ اسڪول ۽ ڪاليج قائم ڪيا ۽ سنڌ جي مسلمانن ۾ انگريزن خلاف سخت نفرت موجود هئي جنهن ڪري سنڌ جي عالمن ۽ عام ماڻهن انگريزي تعليم جي بہ سختي سان مخالفت ڪئي، اهو ئي ڪارڻ هو جو سنڌي مسلمان انگريزي تعليم پرائڻ کان اُن وقت پيٺي رهيا. ان ئي صورتحال کي ڏسي برصغير جي مسلمانن انگريزي تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ وڏي جدوجهد شروع ڪئي. انهي ڏس ۾ جسٽس امير علي ۱۸۷۶ع ۾ ڪلڪتي ۾ ” سينٽرل نيشنل محمدن ائسوسيئيشن“ نالي هڪڙي جماعت قائم ڪئي، ۱۸۸۴ع ۾ جڏهن ڪنهن ڪم جي سلسي ۾ جسٽس امير علي ڪراچي آيو تہ هتان جي سنڌي ملسمان اڳواڻن سان ڪافي گڏجاڻيون ڪيون ۽ کئين مسلمانن لاءِ انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ تي زور ڀريو ۽ ان ئي سلسلي ۾ ڪراچي ۾ ”محمدن ايسوسئيشن“ جي شاخ قائم ڪئي. ان ئي سلسلي ۾ ۱۸۸۵ع ۾ حسن علي آفندي ڪراچي ۾ ”سنڌ مدرسہ السلام" جو بنياد رکي سنڌ جي مسلمانن کي انگريزي تعليم پرائڻ جو آغاز ڪيو. ساھتي پرڳڻو سنڌ جو وچولو وارو خطو آهي ان ۾ ڪيترائي ورھ انگريزي تعليم لاءِ ڪو بہ خاطر خواہ بندوبست ٿيل نہ هو. انهن مڙني ڳالھن کي آڏو رکندي سيد الهندي شاھ پنهنجي اباڻي شهر درٻيلو کي ڇڏي نوشهرو فيروز ۾ ۱۹۰۳ع ۾ مسلمانن جي لاءِ انگريزي تعليم پرائڻ لاءِ ”مدرسہ هاءِ اسڪول نوشهرو فيروز" جو بنياد رکيو. نوشهرو فيروز ۾ ان مدرسہ جو بنياد رکڻ جو هڪڙو سبب اهو بہ هو تہ ان وقت نوشهرو فيروز ڊويزن جو هيڊڪوارٽر هجڻ سان گڏ ساھتي پرڳڻي ۾ هن شهر کي قديم زماني کان وٺي مرڪزي حيثيت حاصل هئي. هن مدرسہ جو پهريون نالو ”نوشهرو فيروز مدرسہ" رکيو ويو هو جتي صرف ڇهين ڪلاس تائين انگريزي تعليم ڏني ويندي هئي. ۱۹۰۴ع ۾ ضلعي لوڪل بورڊ شاگردن جي رهائش لاءِ هڪ عاليشان هاسٽل تعمير ڪرائي هئي. سيد الهندي شاھ جي ذاتي ڪوششن سان مدرسو اڳٿي هلي ”ھاءِ اسڪول“ جي سطح تي آندو ويو ۽ ۱۹۱۸ع ۾ ميٽرڪ تائين تعليم ڏيڻ جو بندوبست ڪيو ويو. سيد الهندي شاھ هر وقت وڏي فراخدلي سان هن مدرسي جي وڏي مالي مدد ڪئي ۽ ڪيترن ئي غريب ۽ نادار شاگردن کي اسڪالرشپ ڏئي کئين تعليم جي راھ ۾ همٿايو. سنڌ جا وڏن نالن هن اسڪول مان تعليم حاصل ڪئي آهي جن ۾ شمش العلماءِ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، غلام رباني آگرو، جسٽس محمد بچل ميمڻ، اسٽيٽ بينڪ جي اڳوڻو گورنر جي اين قاضي، پاڪستان جو اڳوڻو وزير اعظم غلام مصطفي جتوئي سميت بيشمار نالا آهن جيڪي هن اسڪول مان تعليم حاصل ڪري وڏن عهدن تي پهتا. ۳۱ آڪٽوبر ۱۹۹۵ع ۾ ”سئو سالا جشن گورنمينٽ مدرسہ ھاءِ اسڪول نوشهرو فيروز“ ملهايو ويو جنهن ۾ وڏي ڪوشش سيد ظفر علي شاھ صاحب جي هئي، هن جشن ۾ صدر پاڪستان محترم فاروق احمد لغاري صاحب شرڪت ڪئي ۽ صدارتي فنڊ مان مدرسہ هاءِ اسڪول لاءِ ۳۰ لک روپين جي فنڊ جو اعلان ڪيو. سيد ظفر علي شاھ صاحب ۽ ڊاڪٽر احمد علي شاھ صاحب جي ذاتي ڪوشش سان نوشهرو فيروز ۾ خانبهادر سيد الهندو شاھ جي نالي سان سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشوري جي ڪمپس قائم ٿي آهي جتان هن علائقي جي غريب شاگردن کي اعلي تعليم حاصل ڪرڻ جي سهولت حاصل ٿئي آهي. ساھتي جو سرواڻ، درٻيلو شهر جو شان سيد الهندو شاھ جهڙو تاريخ ساز اڳواڻ ۱۹ آڪٽوبر ۱۹۱۹ع ۾ ۵۶ سالن جي عمر ۾ اسان کان وڇڙي ويو ۽ کيس درٻيلو شهر ۾ سندس اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. درٻيلو جي ڪنهن دوست کي سيد الهندي شاھ جي سياسي، ادبي ۽ علمي خدمتن تي پي ايڇ ڊي ڪرڻ گهرجي ۽ ان گڏ سان شاھ صاحب جو جيڪڏهن لکيل ڪو مواد هجي تہ ان کي جلد کان جلد شايع ڪرڻ گهرجي تہ جئين سنڌ جي نئي نسل کي اسان جي اصل هيرن جي باري ۾ معلومات ملي سگهي. (ڏھاڙي سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد ۾ ۱۹ ڊسمبر ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
خليل مورياڻي نسيم بخاري سنڌ جو ناميارو اديب، محقق ۽ مرتب شڪارپور جو عاشق خليل مورياڻي اڄ صبح پنهنجي گهر مورياڻي محلا شڪارپور ۾ ۷۰ سال ۽ ڪجھ مهينن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو آهي خليل مورياڻي شڪارپور هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جو باني ۽ روح روان هو سندس ترتيب ڏنل ڪتابن ۾ شڪارپور سونهن جو شهر، شڪارپور تاريخ ۽ تحقيق، ڳالهيون نعمت ڀاءُ جون، ڀڳت ڪنورام ۽ موئن جو دڙو شامل آهن شهيد قيوم منگي بابت ڪتاب ڪمپوز ٿي چڪو آهي. خليل مورياڻي انڊيا جي مشهور سنڌي رسالي ''رچنا'' جي خصوصي نمبر ثميرا زرين جو ايڊيٽر به رهي چڪو آهي پاڻ شڪارپور جي شخصيتن جي حوالي سان توڙي شڪارپور بابت ڪيترائي سيمينار به ڪرايائين خليل مورياڻيءَ بابت سنڌ جي نامياري صحافي، ناولسٽ، ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ سنڌيڪار مرحوم آغا سليم چيو هو ته اوهان کي جيڪڏهن شڪارپور سان ملڻو آهي ته اوهان خليل مورياڻيءَ سان ملو. ڪجھ وقت اڳ خليل مورياڻي پنهنجي ڪراچيءَ کان آيل هڪ دوست کي شاهي باغ گهمائڻ ويو هو ته شاهي باغ جي مک دروازي تي ٿاٻڙجڻ سبب ڪري پيو هو جنهن ڪري ڄنگھ ڀڄي پئي هئي پاڻ ڪيتري ئي عرصي کان شگر جو مريض به هو خليل مورياڻي پنهنجي زندگيءَ مان مطمئن هو هن سڄي زندگي شادي نه ڪئي کيس اڪيلائيءَ سان پيار هو. سنڌي ادبي سنگت شاخ شڪارپور جي سيڪريٽري سجاد مهر پاران خليل مورياڻيءَ جي اوچتي وڇوڙي تي ۳ ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي. --- نامياري اديب خليل مورياڻي سوين آلين اکين ۽ سڏڪن سان سوڳوار ماحول ۾ مختيارڪاري قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو جنهن جي جنازي نماز مورياڻي پاڙي ۾ قاري نثار احمد منگي پڙهائي جنازي نماز ۾ سنڌ جي نامور اديبن اسرار علوي، اياز گل، ادل سومرو، ڊاڪٽر عامر عباس سومرو، بدر اڄڻ، ارشاد شيخ (آدرش)، ضياءُ شاھ، عديل مهر، نسيم بخاري، انور سومرو، سجاد مهر، لطف سيال، اسد مڱڻهار، زبير سومرو، حسام ميمڻ، حمير چانڊيو، سلمان سومرو سميت اڳوڻي وائيس چانسلر شيخ اياز يونيورسٽي لطف الله منگي جماعت اسلامي سنڌ جي نائب امير نظام الدين ميمڻ، عبدالحئي مورياڻي، فهد مورياڻي، ڪائونسلر عرفان مورياڻي،جسقم اڳواڻ عبدالسميع بلالي، پروفيسر بدر هڪڙو، ضلعي ڪائونسل ميمبر نادر شاھ، پروفيسر پرڪاش لعل، محمد حسين سومرو پرنسپل حرا اسڪول، پروفيسر آغا سمندر خان، پروفيسر عبدالباقي شيخ، جگن ناٿ لائبريريءَ جي لائبريرين فريد احمد شيخ، پريس ڪلب صدر حاجي رحيم بخش جمالي، زاهد نون، سلطان رند، سوڍو جي، صلاح الدين اوستو، جلال الدين اوستو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. خليل مورياڻي منظور پرواز اسان جو پيارو دوست ۽ سنڌ جو مايه ناز اديب محقق سائين خليل مورياڻي اسان کان ھميشه لاء موڪلائي ويو. ساڻس آخري ملاقات ۽ ڪچھري ۱۴ نومبر خميس ڏينھن سائين ضياء شاھ سان گڏ ٿي. مگرسندس طرفان گروپ ڦوٽوء جي فرمائش پوري نه ٿي سگھي جو اسان ۾ ڦوٽو ڪڍڻ جو افعال ئي ڪونه ھيو۰مان وڏي عرصي کانپوء شايد ساڻس ئي آخري ملاقات لاء آيو ھوس جو پاڻ به فون تي بار بار ملاقات لاء ياد پئي ڪيائين شايد اسان کان جلد ئي موڪلائڻو ھيس. ملاقات دوران فزيوٿراپيءَ واري کي به ڪلاڪ دير سا اچڻ لاء چيائين. ھوھڪ ٻئي پياري دوست ارشاد ڪاغذي جي وڇوڙي کانپوءِ اڪيلو ٿي پيو ھو جيڪو کيس ھر وقت اچي سنڀاليندو ھو ۽ سندس لاء وڏو آٿت ھيو. خليل مورياڻي جو اوچتو وڇوڙو ھند سنڌ ۽ شڪارپور لاء ھڪ وڏو نقصان ۽ خال آھي جيڪو زندگيء ڀر ڀرجي نه سگھندو. خدا پاڪ کيس جنت ۾ جاء ڏيندو ۽ دوستن ۽ پوين کي صبر جي توفيق عطا ڪندو. آمين خليل مورياڻي شڪارپور جو اتهاس وحيدمحسن شڪارپور علم و ادب جي حوالي سان ڏيهان ڏيهه مشهور آهي ۽ اُن مٽيءَ جو ڪمال آهي جنهن پنهنجي خوشبو کي قائم رکيو آهي ۽ هڪ اهڙو تسلسل ڏنو آهي جنهن تي دنيا وارا رشڪ ڪندا رهن ٿا! جيئن سنڌي ٻوليءَ جي نامور ڪهاڻيڪار امر جليل هڪ تحرير ۾ لکيو آهي ته: ”آءٌ شڪارپور ۾ ڇو نه ڄميس“ بهر حال هن مٽيءَ جي محبت جا وڏا وڏا مثال ملن ٿا، جهڙي طرح سامي، غلام علي مسرور بدوي، شيخ اياز، نياز همايوني، ثميره زرين، نقش ناياب منگي، ڊاڪٽر عبدالخالق ”راز“ سومرو، آغا سليم، ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو جن هن ئي مٽيءَ مان جنم ورتو. شڪارپور جي ڇا ڳالهه ڪجي ڪو دؤر هو جڏهن شهر جي چئني طرفن کان خوبصورت باغ هوندا هئا ۽ اُتي فطرت مرڪندي هئي، اهڙي ئي ماحول ۾ هدايت الله مورياڻي جي گهر ۱۸ جنوري ۱۹۴۹ع تي خليل مورياڻي جنم ورتو جنهن جو ڇٺيءَ جو نانءُ خليل الرحمان رکيو ويو اهو ڏينهن شڪارپور جي لاءِ ڀاڳن ڀريو ثابت ٿيو. خليل مورياڻي شروعاتي تعليم جماڻي هال پرائمري اسڪول شڪارپور مان حاصل ڪئي، مئٽرڪ ۱۹۶۵ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور مان حاصل ڪئي، انٽر ۱۹۶۷ع ۾ بي.اي ۱۹۶۹ع ۾ سي.اينڊ ايس ڊگري ڪاليج شڪارپور مان ڪئي. اُن کان پوءِ ايم.اي (پوليٽيڪل سائنس) ۱۹۷۲ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي ۽ ۱۹۷۳ع ڌاري سنڌ سرڪار جي فوڊ ڊپارٽمينٽ ۾ ملازمت اختيار ڪئي. جتان جنوري ۲۰۰۹ع ۾ ڊسٽرڪٽ ڪنٽرولر جي عهدي تان رٽائر ٿيو خليل مورياڻي کي مطالعي جو ذوق اسڪول واري دؤر کان ئي رهيو هن پڙهي پرجهي مضمون لکڻ جي شروعات ڪئي جيڪي مختلف اخبارن ۽ رسالن جي زينت بڻبا رهيا ۽ سندس دلچسپيءَ جا موضوع تاريخ ۽ سنڌي ادب رهيو آهي. هڪ ڳالهه جيڪا خليل مورياڻيءَ کي نمايان ڪري ٿي اُها اهم ڳالهه اها آهي ته هن شڪارپور جي تاريخ تي وڏو ڪم ڪيو آهي ۽ ٻه ڪتاب انهيءَ موضوع تي مرتب ڪيا آهن. اسان جڏهن خليل مورياڻيءَ سان ڪچهري ڪندا آهيون ته شڪارپور جي تاريخ جا ورق کلي پوندا آهن ۽ انهيءَ مهل خليل مورياڻي شڪارپور جو اتهاس لڳندو آهي ۽ سندس گفتگو ۽ چاشني هوندي آهي هڪ تسلسل هوندو آهي. اهڙو اتهاس ٻُڌي تاريخ کي پڙهڻ جو شوق پيدا ٿيندو آهي. خليل مورياڻي شڪارپور سان بي انتها پيار ڪندي تاريخ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ پنهنجن اديب دوستن سان ملي ڪري ۱۹۸۴ع ڌاري شڪارپور هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جو بنياد وڌو ۽ شڪارپور هسٽاريڪل سوسائٽي اڄ به قائم دائم آهي ۽ مان به اُن جو حصو آهيان ورڪر آهيان، ويجهڙ ۾ خليل مورياڻي جي جستجو سان مشاهير شڪارپور ڪانفرنسون ڪوٺايون ويون آهن جنهن سان پڻ شڪارپور جي تاريخ ۽ ادب کي روشناس ڪيو پيو وڃي سندس اها خدمت پڻ قابل داد آهي، خليل مورياڻي هڪ باذوق مرتب آهي ۽ پاڻ بنيادي طور تي مضمون نگار آهي جنهن پنهنجي ڪرت کي قائم رکيو آهي سندس هيٺيان ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. ۱. ”شڪارپور: سونهن جو شهر“ ۱۹۹۶ع ۲. ”شڪارپور: تاريخ ۽ تحقيق“ ۲۰۰۴ع، ۳. ”ڳالهيون نعمت ڀاءُ جون“ ۲۰۱۰ع ، ۴. ”موهن جو دڙو“ ۲۰۱۱ع ، ۵. ”سنڌ جو ڪنور ڀڳت رام“ ۲۰۱۴ع ۶. ”ساهت ۽ ڪلا جي - رچنا ثميره زرين نمبر“ انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي طرفان شايع ڪيو ويو آهي. خليل مورياڻي جا اڻ ڇپيل ڪتاب هن ريت آهن. ۱. ٿر ۾ ڪهڙا ٿاڪ: ٿر جو سفر نامو ۲. صدين جو سرجڻهار ۳. تاج صحرائي فن ۽ شخصيت ۴. سامي سهسين سج. خليل مورياڻي ۱۹۸۴ع ۾ سرهاڻ پبليڪيشن نالي اشاعتي ادارو ڪائم ڪري سنڌ جي ترقي پسند ليکڪ ڪهاڻيڪار گوبند پنجابيءَ جي ڪهاڻين جو مجموعو ”هوءَ موٽي آئي“ شايع ڪيو هو. خليل مورياڻيءَ جي سهيڙيل ڪتابن جو جڏهن مطالعو ڪجي ٿو ته انهيءَ مان هڪ ڳالهه عيان ٿئي ٿي ته سندس ترتيب ۽ چونڊ شاهڪار آهي ۽ هن جي تحريرن ۾ سنڌ؛ شڪارپور، سونهن ۽ تاريخ جا تجلا ڏئي ٿي. خليل مورياڻي اڄ صبح ۲۶ نومبر ۲۰۱۹ ع تي شڪارپور کي الوداع ڪندي پنهنجي گهر مورياڻي محلي ۾ اسان کان ھميشھ لاء وڇڙي ويو سندس وڇوڙي تي سڄي سنڌ جا اديب سوڳوار آهن. خلیل موریانی بھی نہیں رہے علی عابد سومرو میں جب بھی شکارپور جاتا تو لکھیدر گیٹ پرموجود ادیبوں ، شاعروں اور صحافیوں کے ملنے کی جنکشن اسٹیشن۔ انڈس ہوٹل پر چکر ضرور لگاتا ، جہاں پر آدرش، سلمان سومرو، ھمیر چانڈیو اورمحترم خلیل موریانی صاحب بھی اکثر ملا کرتے تھے۔ خلیل موریاںی سے ملاقات ہوتی تو شکارپور کی تاریخ کے کسی نہ کسی پہلو پربات ضرور ہوتی۔۔کبھی وہ شکارپور کے ادب پر کبھی شکاپورکے تعلیمی اداروں پر کبھی اس شہر کی خوبصورتی اور یہاں کے لوگوں کی خوش لباسی پر بات کرتے تو کبھی شاہی باغ اور شیخ ایاز اور ان کی شاعری میں آرائیوں کے ذکر پرمفصل گفتگو کرتے۔۔۔ خلیل موریانی تقسیم ہند سے پہلے کی شکارپور اور یہاں پر ہونے والے عالمی سطح کے کاروبار اور یہاں کے لوگوں کی خوشحال زندگی پر بڑی دیر تک بات کرتے ۔۔ شکارپور میں روایتی تانگہ سواری اور تانگہ بانوں کی خوش گپیوں پر بڑے ہی دلچسپ تبصرے اورسیرحاصل گفتگو کیا کرتے ۔۔۔ان کے منہ سے نکلی ہر بات مصدقہ اورعالمانہ ہوتی تھی ۔۔ خلیل موریانی شکارپور شہرکے چلتی پھرتی انسائکلو پیڈیا کی حیثیت رکھتے تھے ۔۔وہ جہاں پیرس دور کے شکارپور کی خوبصورتیاں بیان کرکے نہیں تھکتے تھے وہیں انہیں شکارپورشہر کے اصل شہریوں کی کراچی اوردیگر ممالک نقل مکانی پربھی بڑا افسوس رہتا تھا ۔۔ وہ کہتے تھے کہ قبائلی لوگوں کی شہرمیں دھڑا دھڑ آبادی جہاں شکارپور شہر کے موجودہ حالت کی ذمہ دار ہے ۔۔وہیں اس شہر کے اصل باسیوں کی اس سے بیوفائی کو اس سے بری الذمہ نہیں کر سکتے ۔۔ خلیل موریانی صاحب کا پہلے لکھیدر پر ہی واقع ماڈرن پرنٹنگ پریس مسکن ہوا کرتی تھی ۔۔جب غلام رسول میمن جو اس وقت اپنی پرنٹنگ پریس سے قربانی اخبار سمیت رسائل اور جرائد نکالا کرتے تھے ۔۔ شکارپور میں ماڈرن پرنٹنگ پریس بھی علمی ادبی لوگوں کے ملنے کا ایک اہم مقام ہوتا تھا ۔۔ مرحوم غلام رسول میمن کے بعد وہ پریس ان کے شاگرد وحید قریشی نے آباد رکھا تھا لیکن پھرانہوں نے بھی اپنا الگ رائل پرنٹنگ پریس کے نام سے الگ پریس قائم کرلیا ۔۔خلیل موریانی سے وحید قریشی کے پریس پر بھی ملاقاتیں ہوتی تھیں ۔۔ شہر میں ادبی کانفرنسز ہوں یا دیگر تقریبات خلیل موریانی ہر جگہ پہنچ جاتے اوراپنے ہونے کا احساس دلاتے۔۔ادبی سنگت کے ہفتہ وار کلاسز ہوں یا شعرا کے ساتھ شامیں۔۔ خلیل موریانی کسی بھی نشست میں غیر حاضر نہیں رہتے تھے۔ میں نے تو ان کو موسیقی کی محفلوں میں بے حد محظوظ ہوتے اور گلوکاروں کو داد دیتے ہوئے بھی دیکھا تھا ۔گویا وہ فنون لطیفہ کی ہر صنف سے بے انتہا محبت کرتے تھے ۔ وہ فنون لطیفہ سے محبت کرنے والا بندہ تھا ، اس لیے تو مزاجاً اتنا ماٹھا ،سنجیدہ اور ملنسار تھا ۔۔خلیل موریانی اپنے اندر ایک الگ دنیا آباد رکھے ہوئے تھے ۔۔ وہ دنیا تھی ان کے خوابوں کی ۔۔ ان کا خواب تھا کہ شکارپور پھر سے پیرس بن جائے۔۔۔یہ شہر پھر سے پڑھے لکھے لوگوں کا شہر ہوجائے ۔۔اس کی سڑکیں پھر سے گلاب کے پانی سی دھوئی جائیں ۔۔۔وہ آرائیں اچانک کہیں سے آجائیں جو شاہی باغ سے پھول توڑکر ٹوکریاں بھربھر کر شہر میں ہردروازے پر پھول پیش کیا کرتے تھے ۔۔ خلیل موریانی شکارپور شہر کی ادبی محفلیں پھر سے آباد دیکھنا چاہتے تھے ، وہ اس شہر کا پھر وہی اوج دیکھنا چاہتے تھے ۔۔لیکن موت نے ان کی یہ مہلت نہیں دی ۔۔اور اچانک ہی خبر آگئی کہ خلیل موریانی اب جہاں میں نہیں رہے ۔۔۔ ہاں خلیل موریانی اس دنیائے فانی میں نہیں رہے مگران کے خیال ان کے خواب یہیں کہیں موجود ہیں ۔۔۔وہ ہمارے ارد گرد ان خیالوں اور خوابوں کی صورت میں موجود ہیں۔۔ہمیں ان کے ان خیالوں اور خوابوں کو تکمیل تک پہنچانے کے لئے ان کے اس سفر کو آگے لیکر چلنا ہوگا ۔۔ہمیں شکارپور کو پھر سے محبتوں اور ادبی سرگرمیوں کا گہوارہ بنانا ہوگا ۔۔ہمیں آنیوالی نسلوں تک خلیل موریانی کا یہ پیغام پہنچانا ہوگا ۔۔۔ خليل مورياڻي سنڌ ۽ هند کان وڇڙي ويل پيارو ماڻهو نسيم بخاري سنڌ ۽ هنڌ کان هڪڙو پيارو اديب خليل مورياڻي هميشه هميشه لاءِ وڇڙي ويو آهي، جنهن جي وڇڙي وڃڻ جو درد سندس خاندان، پاڙي ۽ شهر تائين ئي محدود ناهي پر ان جو دائرو سنڌ ۽ هنڌ تائين پکڙيل آهي. ڇو ته خليل مورياڻي صاحب جو سنڌ ۽ هنڌ جي اديبن سان هڪ ئي وقت هڪ جيترو نه رڳو تعلق هوندو هو پر مسلسل رابطو ۽ واسطو به رهندو هو. خليل مورياڻي پاڻ ته هينئر اسٽورٽ گنج ٿاڻي جي حد اناج منڊيءَ جي سامهون واري قبرستان ۾ مدفون آهي پر هن جون ساروڻيون پنهنجي شهر ۽ پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ جڳن تائين ڳائبيون رهبيون. هن سنڌ جي پراڻي تهذيب موهن جو دڙو جي حوالي سان يادگار مضمونن تي مشتمل هڪ لاجواب ڪتاب ترتيب ڏئي پڙهندڙن کي تاريخي معلومات فراهم ڪئي آهي. خليل مورياڻي صاحب سنڌ جي امر ڪردار ڀڳت ڪنور رام جي حوالي سان لکيل شاندار مضمونن کي سهيڙي ۽ ڪتابي صورت بخشي نئين نسل آڏو ڀڳت ڪنور رام جي عظمت اظهاري آهي. هن گوبند پنجابيءَ جي ڪهاڻين جو ڪتاب به ڇپرايو هو، جنهن جون ڪجھ ڪاپيون مون کي به سوکڙي ڪري ڏنيون هئائين. خليل مورياڻي صاحب شڪارپور هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جو باني ۽ روح روان رهيو، سندس محنتن سان شڪارپور ۾ ادبي سازگار فضائون يقيني بڻيون. دراصل شڪارپور ورهاڱي کان اڳ ايڏو ادبي شوق ۽ ذوق سان ڀرپور رهيو آهي جو ڪوئي چاهي يا نه چاهي، ان ۾ ادبي رجحان پيدا ٿي وڃي ٿو. اهو ئي سبب آهي ته خليل مورياڻي صاحب به ادبي دنيا ۾ پنهنجو نانءُ پيدا ڪيو؛ نه رڳو نانءُ پيدا ڪيو پر گهڻو ڪجھ ڪري به ڏيکاريائين. سندس جنم ۱۸ جنوري ۱۹۴۹ع تي مورياڻي محلا شڪارپور ۾ هدايت الله مورياڻيءَ جي گهر ۾ ٿيو. هدايت الله مورياڻي پنهنجي دور جو معتبر اوستو هو. خليل مورياڻي جنهن گهر ۾ رهندو هو، اهو ننڍڙو ۽ خوبصورت گهر به سندس بابا جي هٿن سان تعمير ٿيل آهي. هي دل سان ماڻهن جا گهر ٺاهيندو هو، جيڪي اڄ به يادگار آهن. هدايت مورياڻي ماڻهن کي اجها آڇيا، خليل مورياڻي وري ماڻهن جي دلين ۾ ادبي احساس جاڳايو ۽ اهو محسوس ڪرايو ته خوراڪ صرف جسم کي نه کپندي آهي پر روح ۽ دل کي به اها درڪار هوندي آهي، جيڪا سٺي صحبت ۽ بهترين مطالعي سان ئي ممڪن هوندي آهي. خليل صاحب جو گهر نه رڳو شڪارپور جي اديبن آرٽسٽن ۽ محققن لاءِ ادبي مرڪز بڻيل هوندو هو پر سنڌ جو يا هنڌ جو ڪو به اديب شڪارپور ايندو هو ته اهو خليل مورياڻي صاحب جو مهمان بڻبو هو ۽ خليل صاحب نه رڳو سٺي ميزبان جا فرض سرانجام ڏيندو پر ٽوئرسٽ گائيڊ بڻجي کيس پنهنجي شهر جا تاريخي ماڳ مڪان به گهمائيندو هو. هو سنڌي ادبي سنگت جو ميمبر هو. ادبي تقريبن ۾ نه رڳو شريڪ ٿيندو هو پر انهن جي اهتمام ۾ به پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪندو هو. خليل مورياڻي صاحب جي اها به خوبي هئي ته پنهنجي شهر کان ٻاهر ٻين ضلعن جي شهرن ۾ ادبي تقريبن ۾ پنهنجي شهر جي اديبن کي به پاڻ سان پنهنجي گاڏيءَ ۾ ساڻ وٺي ويندو هو. هن قرآن پاڪ جي تعليم پنهنجي مورياڻي پاڙي جي ۱۹۵۵ع ۾ عبدالمجيد مورياڻيءَ پاران قائم مدرسي مان قاري نثار احمد صاحب کان حاصل ڪئي. ان مدرسي ۾ علي محمد ڪاڪيپوٽو به ايندو هو، جيڪو جڏهن لاهور اورينٽل ڪاليج ۾ استاد هو ته لاڳيتو ٽي مهينا اردوءَ جي مشهور شاعر علامه اقبال کي فلسفو پڙهايو هئائين ۽ زندگيءَ جي پڇاڙڪي دور ۾ ساڳي مدرسي ۾ ٽي مهينا به گذاريا هئائين. خليل مورياڻيءَ جو ويجهو عزيز بشير مورياڻي سنڌي ٻوليءَ جو مشهور ڪهاڻيڪار ٿي گذريو آهي، جنهن جي ترجمن جا ڪتاب به عاليشان آهن. سندس ڪهاڻين جي مجموعن ۾ نيو فيلڊس پاران ڇپايل ڪتاب ۽ ايڇ آر احمد وارن پاران شايع ٿيل ”اجنبي“ سيني ۾ سانڍڻ جهڙو ڪتاب آهي. هن جو ٻيو به ڪيترو ئي مواد شايع ٿي چڪو آهي. خليل صاحب جي ويجهي مائٽ عبدالحئي مورياڻيءَ جو شڪارپور جي مسجدن جي حوالي سان تازو تحقيقي ڪتاب ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. اهڙي خانداني ادبي پس منظر سان تعلق رکندڙ خليل مورياڻيءَ پرائمريءَ جا پنج درجا جماڻي هال اسڪول ۾ پڙهيا، کيس پهريون ۽ ٻيون درجو نامياري محقق ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي جي والد محمد صديق هڪڙو پڙهايو. خليل مورياڻي صاحب محمد صديق هڪڙو جي آڱر پڪڙي پنهنجي گهر موٽندو هو. محمد صديق صاحب جي لاڏاڻي کان پوءِ به هن جو هٿ ڊاڪٽر انور فگار جي هٿَ ۾ رهيو ۽ ٻنهي جي پاڻ ۾ محبت ۽ عقيدت مورياڻي صاحب جي آخري پساهن تائين برقرار رهي. خليل مورياڻي ميٽرڪ هاءِ اسڪول نمبر ون مان ڪئي. گريجوئيشن سي اينڊ ايس ڪاليج ۽ ايم اي پوليٽيڪل سائنس ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي. شڪارپور سي اينڊ ايس ڪاليج ۾ اسٽوڊنٽس يونين جي حوالي سان به متحرڪ رهيو. خوراڪ کاتي ۾ فوڊ انسپيڪٽر طور نوڪريءَ جو آغاز ڪيائين ۽ ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر تائين ترقي ڪيائين. سندس شڪارپور سان بي انتها محبت هئي. اهو ئي سبب آهي جو پاڻ ناميارن ڪالمنگارن، محققن ۽ ليکڪن جو مواد سهيڙي نه رڳو شڪارپور ”سونهن جو شهر“ ڪتاب ڇپرايائين پر شڪارپور ”تاريخ ۽ تحقيق“ به پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچايائين. ويجهڙ ۾ سنڌ ثقافت کاتي پاران شڪارپور بابت مضمونن تي مشتمل شايع ڪرايل مدد علي سنڌيءَ جي ڪتاب جي حوالي سان به خليل مورياڻي صاحب جو مدد علي سنڌيءَ سان وڏو سهڪار رهيو. هن جو ٿر سان وڏو لڳاءُ هو، ان ڪري ٿر بابت لکيل مضمون ۽ سفرناما سهيڙيا هئائين. هن ڇپائيءَ لاءِ هڪ اداري کي مواد به ڏنو هو پر ڪتاب ڇپجي نه سگهيو آهي. شڪارپور جي صوفي منش سياسي شخصيت قيوم منگيءَ بابت به مختلف وقتن تي شايع ٿيل مضمون گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ آڻڻ پئي چاهيائين. هن اهو مواد ڪمپوز به ڪرائي ڇڏيو هو، پر ان ڪتاب جي ڇپائي سندس حياتيءَ ۾ ٿي نه سگهي. هن شڪارپور جي شخصيتن بابت به هڪ ڪتاب مرتب ڪري ڇپائڻ پئي چاهيو ۽ مواد به گڏ ڪري ڇڏيو هئائين. شڪارپور شهر بابت به لکيل تحريرون ڪتابي صورت ۾ آڻڻ پئي گهريائين پر بي رحم موت کيس اها مهلت نه ڏني. عام طور تي ماڻهو مرڻ کان پوءِ رڳو چند ڏينهن تائين ئي ساريو ويندو آهي پر خليل مورياڻيءَ جون ادبي خدمتون کيس گهڻي وقت تائين زنده ۽ جاويد رکنديون. خليل مورياڻي جي جنازي ۾ رڳو شهر جا ماڻهو پلٽجي نه پهتا هئا پر جتي جتي به ۽ جنهن جنهن کي به ان جي لاڏاڻي جي خبر پئي هئي. اهو اتان هلي هن جي آخري ديدار پسڻ لاءِ پهتو هو. ماڻهن جي هن سان اها محبت اسان لاءِ اهو پيغام ڏئي وئي آهي ته اسان به پنهنجي زندگي اهڙي نموني سان گذاريون جو اسان پڄاڻان ڪو اسان کي محبت سان ياد ڪرڻ لڳي. خليل مورياڻي صاحب جو مون سان تمام گهڻو پنهنجائپ وارو تعلق هو. هن جي هر روز صبح جو جيئن اک کلندي هئي، تيئن هن جو آڱريون جيڪو پهريون نمبر ڊائل ڪنديون هيون سو منهنجو هوندو هو. هن منهنجي ڪتاب ”جاگيرداراڻي جبر هيٺ“ جو نه رڳو شاهڪار مهاڳ لکيو پر منهنجي اسرار تي منهنجي ايڊيٽرشپ هيٺ شايع ٿيندڙ ماهوار ”وک“ شڪارپور جي لاءِ هندستان جي سفرنامي لکڻ جي شروعات به ڪئي، جنهن جي پهرين قسط مون پنهنجي رسالي ۾ شايع به ڪئي هئي، ان کان پوءِ اڳتي لکي نه سگهيو. خليل مورياڻي صاحب کي شگر جي بيماري هئي پر کيس شگر ايتري تڪليف نه ڏني جيتري پريشاني سندس ڄنگھ ڀڃڻ جي ڪري ڏسڻي پئي. هو پنهنجي هڪ ڪراچيءَ مان آيل دوست کي شاهي باغ گهمائڻ ويو هو ته شاهي باغ جي مک دروازي وٽ پير ٿاٻڙجڻ وارو واقعو پيش آيو، جنهن کان پوءِ ڪيترائي ڏينهن پاڻ سکر جي حرا اسپتال ۾ داخل هئا. شڪارپور ۾ ڪافي عرصو پنهنجي گهر ۾ بستري تائين محدود رهيا. بعد ۾ صحت ۾ ڪافي بهتري آئي، شهر ۾ ٻاهر چڪر لڳائڻ لاءِ به نڪرندا هئا. هن جي گهر اڪثر ادبي دوستن جي اچ وڃ سندس آخري ڏينهن تائين برقرار رهي. ۲۶ نومبر جو سج جيئن ئي اڀريو ته اهو ننڊ ستل خليل مورياڻي صاحب لاءِ ابدي آرام جو اطلاع کڻي آيو. اهو اطلاع رڳو عام اطلاع نه هو پر ان اطلاع سبب ادبي، صحافتي ۽ شهري سڄاڻ حلقن جي هانءُ ۾ هٿ پيا هئا، دلين تي سوڳ جي موسم طاري ٿي وئي هئي. ڇو ته هاڻ خليل مورياڻي صاحب هن فاني دنيا مان هليو ويو هو. خليل مورياڻيءَ جي لاڏاڻي واري خبر جيئن ئي پهتي، تيئن ئي مورياڻي محلي ۾ سندس رهائشگاھ تي پرستارن جي اچ وڃ شروع ٿي وئي. هن جي جنازي کان تدفين تائين سندس برادريءَ جي ماڻهن کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ شهر جا ٻيا ماڻهو متحرڪ به ٺاهيا. مقصود ميراڻي هجي يا ميراڻي برادريءَ جا نوجوان، آزاد جوکيو هجي يا وقار سومرو، ڪنهن ڪنهن جي ڳالھ ڪجي، مورياڻي محلي کان نئين مقام تائين وارو پنڌ چڱو خاصو پنڌ آهي. ان سفر دوران ميت کي ڪنڌي ڏيندڙن جي محبت ڏسڻ وٽان هئي. هر ڪنهن ڪلهي ڪانڌي ٿيڻ جو اعزاز ماڻڻ پئي چاهيو. اها ايڏي وڏي عوامي محبت ۽ ادبي خراج هر ڪنهن جي حصي ۾ ناهي ايندو. مورياڻي صاحب جي تڏي کڻڻ کان نئين مقام تي سندس مزار تي اديبن پاران سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت شاخ شڪارپور سجاد مهر جي اڳواڻيءَ ۾ حاضري ۽ گلن جي چادر چاڙهي قل پڙهي دعا بخشڻ تائين هر لمحو پنهنجي اندر لطيف سرڪار جي ان بيت کي جيئاري رهيو هو ته، ماڻهو سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنج ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجھ اچي بوءِ بهار جي خليل مورياڻيءَ جو موت اسان کي اهو احساس ڏياري ويو آهي ته مرڻو ته هر ڪنهن کي آهي پر موت کي جيڪڏهن مات ڏيڻي آهي ته زندگي ائين گذارجي جيئن خليل صاحب گهاري ويو آهي. خليل مورياڻي تعزيتي گڏجاڻي ۲۸ نومبر ۲۰۱۹ ع خميس ڏينهن سانجھ ڌاري نامياري اديب خليل مورياڻي جي مرتيي تي سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪراچي جي گڏجاڻي آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ گل رنگ جي آڳنڌ تي مظفر ميمڻ جي صدارت ۾ ٿي. گڏجاڻي جي ڪارروائي سيڪريٽري باري منگي ھلائي ان ڳالھائيندي چيو ته خليل مورياڻي سنڌ جو ڏاھو اديب ھو ان جون ادبي خدمتون قابل داد آهن ۽ خاص ڪري شڪارپور جي تاريخ تي جيڪي ھن ڪتاب مرتب ڪيا اھي ھن وقت اھي حوالي طور ڳڻجن ٿا ۽ ھو ترقي پسند اديب ھو سندس ڪاوشون بھترين ۽ شخصيت مثالي ھئي. وحيدمحسن پيپر پڙھندي چيو ته شڪارپور علم و ادب جي حوالي سان ڏيھان ڏيھ مشهور آهي انھيءَ مٽيءَ جو ڪمال آهي جنهن تي دنيا وارا رشڪ ڪندا رھن ٿا! خليل مورياڻي جي ھڪ مرتب طور چونڊ لاجواب ھوندي ھئي ان جا ڪتاب پنهنجي موضوع جي حوالي سان سھڻا ڪتاب آهن. پنج ڪتاب ۽ ماھوار رچنا جو خاص نمبر جنهن کي مرتب ڪيائين ”ساھت ۽ ڪلا جي رچنا ثميرا زرين نمبر“ قابل ذڪر آهن. شھيد قيوم منگي جي شخصيت تي ڪتاب ڪمپوز ٿيل موجود آهي ۽ چار ڪتاب اڻ ڇپيل موجود آهن - ادب ۽ شڪارپور جو عاشق ھو سندس گهر ۾ موجود خوبصورت لائبريري ان جي وابستگيء جو شاھڪار مثال آهي جنهن ۾ شڪارپور بابت سڀئي ڪتاب موجود آهن ۽ ان جي ڪتابن جي ڪليڪشن لاجواب آهي جنهن مان مون به ڪجهه استفادو ڪيو ھو، خليل مورياڻي منھنجن ويجهن دوستن مان ھو ڇا ته شخص ھو جڏهن اسان علمي ادبي ڪچھري ڪندا ھئاسين ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ گذري ويندا ھئا ان جو حافظو آخر تائين قائم رهيو ۽ مطالعي جي ڪرت کي به قائم رکيو جنهن جو مثال ورلي ملي ٿو اڄ ان جي مرتيي تي اسان ڏک ۾ ويڙهيل آهيون، س ا س شاخ ڪراچي ان کي ٽربيوٽ ڏيندي گڏجاڻي ترتيب ڏني. عبدالواحد سومري چيو ته خليل مورياڻي تي جيڪو مضمون وحيدمحسن پڙھيو آهي ان جي ادبي خدمتن کي ڏسي اھا ڳالهه ذهن تي لھي اچي ٿي ته ان پنهنجي حياتي ۾ تمام گهڻو ادبي ڪم ڪيو ۽ دوستن جي رھنمائي به ڪئي جيڪا وڏي ڳالهه آهي تاريخ ۽ تھذيب تي سٺو ڪم ڪيو ان جو ڪتاب ”موھن جو دڙو“ به ھڪ مثال ملي ٿو - گڏجاڻي جي صدر مظفر ميمڻ ڳالھائيندي چيو ته سائين خليل مورياڻي جي شخصيت جي وڇوڙي سان گڏ سندس تعارف منهنجي سامهون آيو اھو اسان جي سماج جو وڏو الميو آهي ڪاش سندس حياتيء ۾ اسان سندس تعارف سان ھمڪنار ٿيون ھا، اھا خلش عمر ڀر تائين رھندي - ان جا شڪارپور جي تاريخ تي سھيڙيل ڪتاب پڙهڻ لاء ذھن ۾ خيال ڊوڙن ٿا ۽ رشڪ پيدا ٿئي ٿو. امين جويي ڳالھائيندي چيو ته خليل مورياڻي جي ڪتابن جو ذڪر ٻڌي مون کي پڙهڻ جو عشق جاڳي ٿو ۽ تحقيق تي ڪتاب ھونئن به منهنجي لاء اھم ھوندا آهن. ھن گڏجاڻي ۾ ڊاڪٽر جويريا شيخ، پرويز وسطڙي، اصغر علي، ڊاڪٽر محمد حسن ۽ سليم انور عباسي شرڪت ڪئي. (وحيدمحسن جي وال تان ۲۹ نومبر ۲۰۱۹ع) ڀيٽا پيش رستم ۾ شاعر ۽ محقق جي ياد ۾ تعزيتي گڏجاڻي لکي غلام شاھ (ت ر) رستم ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ رستم پاران نامياري شاعر اديب محقق خليل مورياڻي جي ياد ۾ تعزيتي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، گڏجاڻي جي صدارت وقتي صدر فدا حسين سمون ڪئي، ان موقعي تي يونٽ سيڪريٽري گوهرسنڌي ڪارروائي هلائي، جنهن ۾ غني غمدل، سارنگ لطيف، ميان سعيد سومرو، حاجي عبدالحق سومرو، گوهرسنڌي، عرفان دانش، سهيل سومرو ۽ ٻين ادبي دوست خليل سائين جي زندگي تي روشني وڌي، وقتي صدر فداسمون، گوهر سنڌي ڳالهائيندي چيو ته خليل مورياڻي اسان جو سرمايو هو، هو هڪ بااخلاق شخص هو، جنهن جي اوچتي وڇوڙي جيءَ جهوري وڌو آهي، غني غمدل خليل مورياڻي جي ياد ۾ شاعري ٻڌائي ۽ چيو ته خليل سائين جي وڇوڙي تي ساري سنڌ ڏکاري آهي، خليل مورياڻي جو خال ڀرجڻ مشڪل آهي. آخر ۾ خليل مورياڻي جي مغفرت جي لاء دعا گهري وئي. خليل مورياڻي ھڪ ليکڪ، محقق ۽ تاريخدان فقير محمد سنڌي سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز جي جنم ڀوميءَ جي هڪ لاثاني وارث ۽ سنڌي ادب ۽ ٻولي جي عاشق، ناليواري ليکڪ، محقق ۽ تاريخدان خليل مورياڻيءَ زندگيءَ جون ۷۰ بهارن پوريون ڪري، سنڌ ۽ ادب کان هميشه لاءِ موڪلاڻي ڪئي آهي. خليل مورياڻي، سنڌي ادب جو برجستو نالو رهيو آهي. سندس اصل نالو خليل الرحمان ولد هدايت الله مورياڻي آهي. هن ۱۸ جنوري ۱۹۴۹ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم جماڻي هال پرائمري اسڪول شڪارپور مان ورتائين. ڪنهن ڄاتو ٿي ته اهو ننڍو ٻالڪ، سڀاڻي هڪ جاکوڙي فرد ثابت ٿيندو. خليل مورياڻيءَ جو شعور آهستي آهستي تعليم جي طرف وکون کڻندو رهيو. سال ۱۹۶۵ع ۾، گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور مان مئٽرڪ ڪيائين. سال ۱۹۶۹ع ڌاري، سي اينڊ ايس ڪاليج شڪارپور مان بي اي ڪري، پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ۱۹۷۲ع ۾ ايم اي (پوليٽيڪل سائنس) ۾ ڪيائين. خليل مورياڻي اسڪول جي دور کان نثر ۾ سھڻي اسلوب کي ڄاڻي ورتو هو. خليل مورياڻي، ٽئين اک جي سوجهري سان ڪيترا ئي مضمون لکي، مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ڪرايا. سندس سوچ جو محور ۽ دلچسپي جا موضوع، تاريخ ۽ سنڌي ادب رهيا. ڇو جو محقق، انساني غور ۽ فڪر، دلي امنگن جا ترجمان ئي رهن ٿا. خليل مورياڻيءَ کي ۱۹۷۳ع تي فوڊ کاتي ۾ ملازمت جو موقعو ملي ويو. جنوري ۲۰۰۹ع ۾ ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر جي عهدي تان رٽائر ٿيو. ۱۹۸۴ع کان شڪارپور هسٽاريڪل سوسائٽيءَ لاءِ پنهنجون خدمتون سر انجام ڏنائين. ادب، نالو آهي انسان لاءِ انسان کي تلاش ڪرڻ جو. ادب فن آهي، جنھن جو موضوع زندگي آهي. اهڙن ئي موضوعن کي خليل مورياڻيءَ جهڙا انسان دوست ئي تلاش ڪندا آهن. ۲ مئي ۱۹۸۵ع ۾ شڪارپور سيمينار منعقد ڪرڻ ۾ سندس ڪردار ساراهه جوڳو هو. ڪماري دُرو گرسهاڻي جي چوڻ مطابق ته “هر قوم کي پنھنجي ٻولي ۽ ادب تي فخر هوندو آهي، مون کي پنهنجي قوم، ٻوليءَ ۽ ادب تي فخر آهي. جڏهن مان سنڌين جي ساراهه ٻڌندي آهيان ته منهنجي واتان بي اختيار نڪري ويندو آهي ته مون کي ناز آهي ته مان سنڌياڻي آهيان”. خليل مورياڻي به سڄي زندگي ان سوچ تي عمل ڪيو. خليل مورياڻي جي ڇپيل ڪتابن ۾ هيٺيان ڪتاب اچي وڃن ٿا: شڪارپور سونهن جو شهر، ۱۹۹۶ع، شڪارپور، تاريخ ۽ تحقيق، ۲۰۰۴ع، ڳالهيون نعمت ڀاءُ جون، نعمت الله ڀٽو جي ياد ۾ لکيل مضمون ۲۰۱۰ع ۽ موهن جو دڙو ۲۰۱۱ع شامل آهن، جيڪي يقينن سنڌي ادب جو اثاثو آهن ۽ رهندا. فنڪار جي ميراث، ڇڏيل سندس فن ۽ فڪر آهي، جيڪو تاريخ ۾ امر رهڻو آهي. خليل مورياڻي ۱۹۸۴ع ۾ سرهاڻ پبلڪيشن قائم ڪري، سنڌ جي ترقي پسند ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪارن جا ڪتاب ڇپرايا. ۲۶ نومبر ۲۰۱۹ع تي سنڌ جو ڏاهو ڏات ڌڻي زندگيءَ جا خوبصورت لمحا ڇڏي، مختيارڪاري واري قبرستان شڪارپور ۾ هميشه لاءِ آرامي ٿيو آهي. ٻرياسون ته ٻه پل، پر اجھامڻ کان اڳ، هزارن چراغن کي ٻاري ڇڏيوسين. تعزيتي ميڙاڪو شڪارپور جي عاشق، نامياري اديب سائين خليل مورياڻيءَ جي ياد ۾ *نامور اديب مرحوم خليل مورياڻيءَ جي ياد ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ شڪارپور پاران جگن ناٿ لائبريريءَ ۾ منعقد تعزيتي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي نامور اديب اسرار احمد علوي چيو آهي ته خليل شڪارپور جو عاشق ۽ اندر جو اجرو انسان هو هن نه ته ڪڏهن ڪنهن کي تڪليف ڏني نه ئي ڪنهن جي گلا ڪئي هو ماڻهن کي منهن تي سچ چئي ڏيندو هو.* *خليل مورياڻيءَ جي ويجهي مائٽ ۽ شڪارپور جي مسجدن ۽ عيد گاهن جي حوالي سان تحقيقي ڪتاب لکندڙ عبدالحئي مورياڻي چيو آهي ته خليل مورياڻي نه رڳو ادبي پر مذهبي خدمتون به ڪيون آهن هن ٻه ڀيرا عمرا ڪيا سکر، گهوٽڪي ۽ شڪارپور ۾ مسجدون به جوڙايون.* *خليل مورياڻي جي ڀاڻيجي فهد مورياڻي چيو ته خليل مورياڻي شڪارپور بابت انگريزيءَ ۾ لکيل ۽ ڇپيل مواد سهيڙي ڪتاب ڪمپوز ڪرايو هو جيڪو جلد شايع ڪرائبو.* *نامياري صحافي ۽ ايڊيٽر عبدالحميد منگي جو چوڻ هو ته مورياڻي صاحب جيترو باشعور هو اوترو ئي بهترين انسان به هو خليل صاحب جسماني طرح جدا ٿيو آهي پر ان جو پورهيو اسان وٽ موجود آهي.* *سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت ۽ جديد غزل جي شاعر سجاد مهر چيو ته خليل مورياڻي پنهنجي زندگيءَ مان مطمئن ۽ اڪيلائيءَ سان پيار ڪندڙ انسان هو.* *ڪالمسٽ نسيم بُخاري چيو ته خليل مورياڻي سٺو نثر نويس به هو هن جي ''جاگيرداراڻي جبر هيٺ'' ڪتاب جي لکيل مهاڳ تي اديب ريس ڪندا آهن هن هندستاني سفرنامو به لکڻ پئي چاهيو ۽ ان حوالي سان ابتدائي تحرير نه رقم ڪئي هئائين.* *ڪالمسٽ ممتاز منگي چيو ته دنيا جي وڏن اديبن جيان خليل مورياڻيءَ پڄاڻان ان جو ذاتي گهر ميوزيم ۾ تبديل ٿيڻ گهرجي جيڪڏهن اهو ممڪن نه هجي ته سندس ذاتي لائبريريءَ جا ڪتاب جگن ناٿ لائبريريءَ ۾ رکي هڪ ڪارنر قائم ڪيو وڃي.* *ڪالمسٽ عديل مهر چيو ته خليل مورياڻي شڪارپور جو تعارف قلمي انداز ۾ ڪرائي وڏو ڪم ڪيو آهي خليل جو جسم ڀل قبر ۾ لهي ويو هجي پر خليل خود پاڻ اسان جي روح ۽ دل ۾ لهي ويو آهي.* *شاعر حسام ميمڻ چيو ته خليل صاحب جو تحقيقي ڪم ته گهڻو ڪيل آهي پر تخليقي ڪم گهٽ ٿيو آهي.* *پروفيسر خالد ويسر چيو ته تحقيق به هڪ قسم جي تخليق ئي هوندي آهي خليل مورياڻي تعلقات رڳو رکڻ نه ڄاڻيندو هو پر اهي نڀائڻ جو آرٽ به رکندو هو.* *پروفيسر شريف شاد چيو ته هاڻ شڪارپور جون شامون ۽ ميلا خليل کان سواءِ خالي خالي ۽ اڪيلا ٿي ويا آهن خليل جو چؤياريون هاڻ ساروڻين ۾ بدلجي ويون آه (نسيم بخاريءَ جي فيسبڪ وال تان کنيل) خليل مورياڻي شڪارپور جو اتهاس - پھرين سار وحيدمحسن شڪارپور علم و ادب جي حوالي سان ڏيهان ڏيهه مشهور آهي ۽ اُن مٽيءَ جو ڪمال آهي جنهن پنهنجي خوشبو کي قائم رکيو آهي ۽ هڪ اهڙو تسلسل ڏنو آهي جنهن تي دنيا وارا رشڪ ڪندا رهن ٿا! جيئن سنڌي ٻوليءَ جي نامور ڪهاڻيڪار امر جليل هڪ تحرير ۾ لکيو آهي ته: “آءٌ شڪارپور ۾ ڇو نه ڄميس” بهرحال هن مٽيءَ جي محبت جا وڏا وڏا مثال ملن ٿا، جهڙي طرح سامي، غلام علي مسرور بدوي، شيخ اياز، نياز همايوني، ثميره زرين، نقش ناياب منگي، ڊاڪٽر عبدالخالق “راز” سومرو، آغا سليم، ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو جن هن ئي مٽيءَ مان جنم ورتو. شڪارپور جي ڇا ڳالهه ڪجي ڪو دؤر هو جڏهن شهر جي چئني طرفن کان خوبصورت باغ هوندا هئا ۽ اُتي فطرت مرڪندي هئي، اهڙي ئي ماحول ۾ هدايت الله مورياڻي جي گهر ۱۸ جنوري ۱۹۴۹ع تي خليل مورياڻي جنم ورتو جنهن جو ڇٺيءَ جو نانءُ خليل الرحمان رکيو ويو اهو ڏينهن شڪارپور جي لاءِ ڀاڳن ڀريو ثابت ٿيو. خليل مورياڻي شروعاتي تعليم جماڻي هال پرائمري اسڪول شڪارپور مان حاصل ڪئي، مئٽرڪ ۱۹۶۵ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور مان حاصل ڪئي، انٽر ۱۹۶۷ع ۾ بي اي ۱۹۶۹ع ۾ سي اينڊ ايس ڊگري ڪاليج شڪارپور مان ڪئي. اُن کان پوءِ ايم اي (پوليٽيڪل سائنس) ۱۹۷۲ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي ۽ ۱۹۷۳ع ڌاري سنڌ سرڪار جي فوڊ ڊپارٽمينٽ ۾ ملازمت اختيار ڪئي. جتان جنوري ۲۰۰۹ع ۾ ڊسٽرڪٽ ڪنٽرولر جي عهدي تان رٽائر ٿيو. خليل مورياڻي کي مطالعي جو ذوق اسڪول واري دؤر کان ئي رهيو هن پڙهي پرجهي مضمون لکڻ جي شروعات ڪئي جيڪي مختلف اخبارن ۽ رسالن جي زينت بڻبا رهيا ۽ سندس دلچسپيءَ جا موضوع تاريخ ۽ سنڌي ادب رهيو آهي. هڪ ڳالهه جيڪا خليل مورياڻيءَ کي نمايان ڪري ٿي اُها اهم ڳالهه اها آهي ته هن شڪارپور جي تاريخ تي وڏو ڪم ڪيو آهي ۽ ٻه ڪتاب انهيءَ موضوع تي مرتب ڪيا آهن. اسان جڏهن خليل مورياڻيءَ سان ڪچهري ڪندا آهيون ته شڪارپور جي تاريخ جا ورق کلي پوندا آهن ۽ انهيءَ مهل خليل مورياڻي شڪارپور جو اتهاس لڳندو آهي ۽ سندس گفتگو ۾ چاشني هوندي آهي هڪ تسلسل هوندو آهي. اهڙو اتهاس ٻُڌي تاريخ کي پڙهڻ جو شوق پيدا ٿيندو آهي. خليل مورياڻي شڪارپور سان بي انتها پيار ڪندي تاريخ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ پنهنجن اديب دوستن سان ملي ڪري ۱۹۸۴ع ڌاري شڪارپور هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جو بنياد وڌو ۽ شڪارپور هسٽاريڪل سوسائٽي اڄ به قائم دائم آهي ۽ مان به اُن جو حصو آهيان ورڪر آهيان، ويجهڙ ۾ خليل مورياڻي جي جستجو سان مشاهير شڪارپور ڪانفرنسون ڪوٺايون ويون آهن جنهن سان پڻ شڪارپور جي تاريخ ۽ ادب کي روشناس ڪيو پيو وڃي سندس اها خدمت پڻ قابل داد آهي، خليل مورياڻي هڪ باذوق مرتب آهي ۽ پاڻ بنيادي طور تي مضمون نگار آهي جنهن پنهنجي ڪرت کي قائم رکيو آهي سندس هيٺيان ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. ۱. “شڪارپور سونهن جو شهر” ۱۹۹۶ع ۲. “شڪارپور – تاريخ ۽ تحقيق” ۲۰۰۴ع، ۳. “ڳالهيون نعمت ڀاءُ جون” ۲۰۱۰ع، ۴. “موهن جو دڙو” ۲۰۱۱ع، ۵. “سنڌ جو ڪنور ڀڳت رام” ۲۰۱۴ع ۶. “ساهت ۽ ڪلا جي – رچنا ثميره زرين نمبر” انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي طرفان شايع ڪيو ويو آهي. خليل مورياڻي جا اڻ ڇپيل ڪتاب هن ريت آهن. ۱. ٿر ۾ ڪهڙ اٿاڪ – ٿر جو سفر نامو ۲. صدين جو سرجڻهار ۳. تاج صحرائي فن ۽ شخصيت ۴. سامي سهسين سج. ۵ - شھيد قيوم منگي جي شخصيت تي ڪتاب ڪمپوز ٿيل آهي خليل مورياڻي ۱۹۸۴ع ۾ سرهاڻ پبليڪيشن نالي اشاعتي ادارو ڪائم ڪري سنڌ جي ترقي پسند ليکڪ ڪهاڻيڪار گوبند پنجابيءَ جي ڪهاڻين جو مجموعو “هوءَ موٽي آئي” شايع ڪيو هو. خليل مورياڻيء جي سهيڙيل ڪتابن جو جڏهن مطالعو ڪجي ٿو ته انهيءَ مان هڪ ڳالهه عيان ٿئي ٿي ته سندس ترتيب ۽ چونڊ شاهڪار آهي ۽ هن جي تحريرن ۾ سنڌ : شڪارپور، سونهن ۽ تاريخ جا تجلا ڏئي ٿي. خليل مورياڻي ۲۶ نومبر ۲۰۱۹ ع تي شڪارپور کي الوداع ڪندي پنهنجي گهر مورياڻي محلي ۾ اسان کان ھميشھ لاء وڇڙي ويو ھو اڄ ان جي پھرين سار آهي سڀيئي دل گهريا دوست ان کي ياد ڪري رھيا آهن. خليل مورياڻي نامور ليکڪ ۽ محقق خليل مورياڻيءَ جو پورو نالو خليل الرحمان ولد هدايت الله مورياڻي آهي. هن ۱۸ جنوري ۱۹۴۹ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم جماڻي هال پرائمري اسڪول شڪارپور مان ورتائين. ۱۹۶۵ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور مان مئٽرڪ ڪيائين، ۱۹۶۹ع ڌاري سي اينڊ ايس ڪاليج شڪارپور مان بي. اي ڪري پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ۱۹۷۲ع ۾ ايم اي (پوليٽيڪل سائنس) ۾ ڪيائين. ادبي مطالعي جو ذوق کيس اسڪول واري زماني کان ئي رهيو، ڪيترائي مضمون لکي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ڪرايائين، سندس دلچسپيءَ جا موضوع تاريخ ۽ سنڌي ادب رهيا. ۱۹۷۳ع ڌاري هن سنڌ سرڪار جي فوڊ ڊپارٽمينٽ ۾ ملازمت اختيار ڪئي، جتان جنوري ۲۰۰۹ع ۾ ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر جي عهدي تان رٽائر ٿيو. ۱۹۸۴ع ڌاري قائم ڪيل شڪارپور هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جي باني ميمبرن مان هو. ۲ مئي ۱۹۸۵ع ۾ ’شڪارپور سيمينار‘ منعقد ڪرڻ ۾ سندس وڏو ڪردار رهيو. خليل مورياڻيءَ جي ڇپيل ڪتابن ۾ هيٺيان اچي وڃن ٿا: (۱) ’شڪارپور سونهن جو شهر‘ (۱۹۹۶ع) (۲) ’شڪارپور- تاريخ ۽ تحقيق‘ (۲۰۰۴ع) (۳) ’ڳالهيون نعمت ڀاءُ جون‘ (نعمت الله ڀُٽي جي ياد ۾ لکيل مضمون: ۲۰۱۰ع) (۴) موهن جو دڙو (۲۰۱۱ع). خليل مورياڻيءَ ۱۹۸۴ع ۾ سرهاڻ پبلڪيشن نالي اشاعتي ادارو قائم ڪري سنڌ جي ترقي پسند ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار گوبند پنجابيءَ جي ڪهاڻين جو مجموعو ’هوءَ موٽي آئي‘شايع ڪيو هو. اڄوڪي ڏينهن ۲۰۱۹ع تي سنڌ جو هي يگانو اديب اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو. (انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا تان کنيل) خَليل مورياڻي پِپَر ۾ پَرميشِوَر سجاد مھر اکين جي علاج کان ويندي روحَ جي رهنمائي ڪندڙ، فِتني ۽ فساد کان ناآشنا، رابيلن ۽ گلاب جي گلن سان ڌوپجندڙ، هن شهر شڪارپور جو هڪ اهڙو شخص جنهن جي اڳيان اوڌو داس جهڙي عظيم انسان کان ويندي سَرهينري هالينڊ، چيلا سنگهه سيتل داس ۽ شهيد الهه بخش سومري جهڙن جڳ مشهور انسانن جو حوالو تاريخ جي سونن ورقن مان سِج جي ڪِرڻن جيان ليئا پائي لنگهندو هُجي، اُن شهر سان اسان جي سائين خليل مورياڻيءَ جو نالو سلهاڙجڻ کانپوءِ سَچُ پُڇو ته ائين ٿو لڳي، جيئن دَلپت جهڙي دلير شاعر پنهنجي بي باڪ اظهار ۾ چيو هو ته: ”جي پِپَر ۾ پَرميشوَر تان ڪو ٻَٻر ۾ ٻيو، مُڙهَي ۽ مسجد ۾، روشنِ هڪ ڏيئو، دَلپت ڪيئن پَيو، خلل اچي هِن خلق ۾...“ پپر ۽ پرميشور وارو اهو شاعراڻو اظهار مون کي لڳو ته اهو شعر ڪيئي سال اڳ هُو، سائين خليل مورياڻيءَ جي شخصيت لاءِ لکي ويو هُجي، يا کڻي اتفاق وارو اهو اندازو جيڪو موجوده حالتن ۾ هڪ اهڙي شخص تي سئو سيڪڙو ٺهڪي ٿو اچي، جيڪو ويندي ويندي پنهنجي دل جي اڱڻ تي نمن جي ٻُورَ جهڙو ساءُ ۽ پنهنجي پَرَ ۾، پِپَر ۾ پرميشور پوکي ويو آهي. پوشاڪ ۽ پاٻوهَه جو پُختو، ٻُڪ ۾ دُعا جيان ڀريل هي دلبر ماڻهو، سَچُ ته رابطن جو راڻو هُيو. پکيءَ جهڙي اک رکندڙ هُجومن ۽ هُشمامن کان گهڻو اڳتي هيڪلائيءَ کي پسند ڪندڙ، مِٺيءَ ماٺ جو ماهرُ هي ماڻهو پنهنجي روحَ جي سحرا ۾ اڪيلو رَهڻ ئي پسند ڪندو هو. توڙي جو هُن جي دوستن جي ڊگهي فهرست آهي، هند کان سِنڌ تائين هِن جي چاهيندڙن ۽ پيار ڪندڙن جو وڏو انگ موجود آهي ۽ انهن سڀني رشتن کي نڀائڻ ۾ ڪمال حد جو ڏانءُ رکندڙ هي محبوبُ ماڻهو وقت جي وارن ۾ وڇوڙي جي ڦَڻي ڦيري، پَرَ هڻي الاهي پَري اُڏامي ته ويو آهي پر سندس ساروڻيون ۽ ڇڏي ويل احساس اڄ به اسان جي اکڙين ۾ واسو ڪري ويهي رهيا آهن. هي شخص مُحبت جو مُنڪر ته نه هيو پر عِشق جي ڄَڻُ ته انڪار مان اُڀري آيو هو. محبت جو مڪتب ويران ڪري ويندڙ هي وجود، ڪچهريون ڪندڙ ڪتابن جي وات ۾ اچرج وچان آڱريون وجهرائي ويو آهي، هِن جي محبت جو مَحور اهي سمورا سٿيل ڪتاب، خانن ۾ پنهنجي خراب قسمت تي ماتم ڪري رهيا آهن. انهن هٿن جي ڳولها ۾ آهن، جن هٿن سان هو الماڙين جي جنت ۾ پاڻ کي محفوظ هُجڻ جي بيعت ڪري ويٺا هئا. انهن ڪتابن جو والد وفات ڪري ويو آهي، سندس سوڳ ۾ وَرق وَرق مٿان سڪتو طاري آهي، پَنو پَنو پنهنجي مالڪ جي منهن موڙڻ تي اُداس حال آهي. مورياڻي محلي ۾ اَڏيل چاهت وارو اهو چئونرو ڄَڻُ ته ڪنهن سنسان مندرَ جو ڏيک ڏئي رهيو آهي، هَڙئي ڪتابن تي چڙهيل دَز چَئي رهي آهي ته سوڳ اسان سان گڏ اچي سُتو آهي. اکرُ اکرُ اوڇنگارون ڏئي روئي رهيو آهي، اولاد جڏهن پيءُ جي شفقت کان محروم ٿي ويندو آهي ته پوءِ مايوسي ولرن جي صورت وٺي اُڏامي ايندي آهي. سائين خليل مورياڻي انتهائي عجيب ماڻهو هو، مِٺو ٿيندو هو ته صفا ماکي لڳندو هو ۽ جي تکو ٿئي ته تلوار به نه پُڄيس. اڪثر ماٺيڻو رهندو هو، هُن جي مخالفت جو انگ صفا ٿورو ۽ سندس محبت ڪندڙن جا ڪٽڪ آهن. پکين کي پيار جي دامَ ۾ ڦاسائڻ جو فن خوب ڄاڻيندو هو. هر ڪنهن لاءِ دل ۾ دُعا جا داڻا هوندا هئس. هِن جي هُجري ۾ آيل همراهه هِن جو مداحُ ٿي موٽندو هو. سندس اکين جو آکيرو هَر پکيءَ لاءِ کليل رکندو هو، ڏيکاوَ کان ڏاڍو لنوائيندو هو، اسٽيج تي ويهڻ کان اڳواٽ مَنع ڪري هَٿ ٻڌي، هيٺ ويهڻ کي پَلو پائيندو هو. هِن جي قلندريءَ دل تي جڏهن ڪيف جي ڪيفيت طاري ٿيندي هُئي ته ملاقاتين جا سلسلا وڌائي ڇڏيندو هو، هُو خيالن جي خُدائيءَ جو اڪيلو وارث هو ۽ پنهنجي بي خوديءَ ۾ پنهنجن پيارن سان پيار جا واهُڙ وهائيندو. هَڙان وَڙان خرچ ڪري ڪيڪ گهرائي سنگت جون سالگراهون ملهائيندو هو، هُو ماڻهن جي مصيبت تي گهري نظر رکندڙ هُيو. ڪيلاش واديءَ جو وڻجارو اهو شخص پنهنجي شهر مٿان وَسڻ جي موسم هرگز نه هٽائيندو هو. ٻاهريون آيل ماڻهو هِن جي شهر اچي اطلاع ڪري ته قرب ۾ قالين جيان وڇائجي ويندو هو. دل جي دَستر خوان تي ڀانت ڀانت جي سَوادنِ سان پنهنجي سِر سنوارجي ويندو هو. اکين انتظار جي موسم ۾ خالي پينگهه تي لڏڻ سيکاري ڇڏيو هئس. پُڇڻ تي ٿڌو ساهُه ڀرڻ کانپوءِ هلڪي مُرڪ سان سوال کي لوڻ پاڻي ڪري ڇڏيندو هو، اڪيلائيءَ جي اُس هُن کي ڪڏهن به تڪليف نه ڏني، دونهون بڻجي سونهون ٿيڻ ڄاڻيندو هو. عاشق ته نه هو پر انداز سمورا عاشقانه هُئس. پنهنجي شهر جو ديوانو هو. مورُ ماڻهو هو، تنهن ڪري ٿَر بَر کوڙ پنڌ ڪيائين. هُن جي خيالن جي خوشبوءِ مان گُلن جا گنجَ پيدا ٿي پيا آهن. خاموشي هِن جي گهر جي ڪيئي سال مهمان ٿي ٽِڪي هُئي، اُجري جَهرڻي جهڙي آواز ۾ ڪال ڪري جڏهن چوندو هو ته ڪٿي آهيو؟ اچو ته گڏجي چانهه پيئون ۽ ڪي گهڙيون ڪچهري ڪيون ته ماڻهو پنهنجي نصيب تي سوچڻ ويهي رهندو هو. وڃڻ وقت ڀلي گهري ننڊ ۾ هُجي پر پيرن جي آهٽ ۽ دروازي جي چيڪٽ کان پوءِ ڪيرُ چَوي ته سائين سُتل آهي. اکيون مهٽي اُٿي مُرڪ سان آڌرڀاءُ ڪندو هو. توڙي جو دردُ اڪيلائيءَ جي چَپن تي چُميون رکي ويندو هُئس پر هِن مَن جي مومن ڪڏهن به مات نه مَڃي، هن جي دل جي ڪچي قلعي ۾ سارَ ساندهه حَملا ڪندي رهندي هئي پر ناسي نيڻن وارو هي البيلو شخص پنهنجو واڱڻائي وقت گذارڻ خوب ڄاڻندو هو. لفظن جا لشڪر پالي رکندو هو ۽ پُڇڻ تي ڏاڍو سنجيدگيءَ سان چوندو هو ته يار ڪجهه گذري آ ڪجهه گذري ويندي. پنهنجي طلسماتي شهر تي پيو سوچيندو ۽ ليکڪن کي گهرائي ان جا گهڙاوٽ ۽ بُنياد تي پيو قديمي شهر جا قصا کڻندو هو. شهر هُن لاءِ شهزاديءَ مِثل هو ۽ ان جو هر منظر مَڇيءَ جي لڙاٽيل اک منجهان ڏسي وٺندو هو. وڃڻ هارو منهنجو سُپرين کلندي کلندي اکين جي اسڪرين تان اڏامي ويو. هَر فرد کي فَهد سان مِلائي ڄَڻ ته پنهنجو جانشين ادبي ڇڏيل ڪم جي پورائي لاءِ ڇڏي ويو. ڏائڻ وقت کي گُل مَروڙڻ جي عادت ته اوائلي آهي پر هي اهڙي ويل وٺي ويو جيڪا ويل وَڃڻ جهڙي نه هُئي، هِن جي وڇوڙي تي گهايل هَوا نوحو ڳايو، مَن جي موتيي، مگري سورج مُکيءَ سوچيو، مور جي ٽهوڪي سان ڪونج الائي ڇو ڪُرايو، رومَ جون رنگين بَتيون ٻري، اُجهاميون، هُجومن اهو معجزو پنهنجي گناهگار اکين سان پَسيو. هڙئي خواهشون پيرانديءَ کان پاسو جهلينديون اچي سيرانديءَ کان سُتيون، ساهَه جي اُڏامڪ پکيءَ جڏهن پَرڙا ساهيا ته ڪمري ۾ ڪاغذن وَجهه وٺي اُڏامڻ جي ڪَئي، پر پوءِ سنجهي تائين سندس ڇاتيءَ جي سرحد تي چنبڙيا رهيا، ڀَر ۾ پيل ٽيليفون جي ڀڻڪي ماڻهن جي ميڙ کي ڄَڻيو، آواز ڏنائين ته وقت جو وڻجارو وڃي رهيو آهي. ڪمري ۾ ٽنگيل تصويرن ۾ سُس پُس پئجي وئي. اکين جي خيمي مان ٻه ڳوڙها گلن جي جنت ڇُهڻ ڪاڻ لهي آيا، دردُ مِٽيءَ تي نانگ جو پٽو پائي ويو. وقت جي چيچَ مان زندگي ڇڏائجڻ لڳي، ماڻهن جو مَحبوب رُسامو ڪري رهيو هو، اينٽڪ شيون ترتيب بدلائڻ لڳيون، ڪٻٽ ۽ ڪُرسيون خاموش ٿي ويون، صوفن ۽ شيشي جي ٽيبلن روئي ڏنو، ڀڙڪو کائي ڀتيون اورانگهي هڪڙو اُلڪو اڏامي ويو. گلن جو اجلاس ٿيو، مورياڻي محلي جي هوائن اوڇنگارون ڀريون، سمورو سامان سُڏڪي رهيو هو. فرش تي پيل مجسمي مٿان پاڻي هاريو ويو، نئون وڳو اوڍايو ويو، دُعائن لاءِ هٿ هوائن ۾ هليا ويا، اکين آلو ٿي پنهنجو ڪم ڪيو. نئين قبرستان تائين پيرن پنڌ ڪيو. ساميءَ جي سلامي ڀري وئي. ڌڱ ڌوڙ ۾ لَٽجي ويو، اسان اُڀي بيهي ڏٺوسين، مٽي، مٽيءَ سان وڃي سانتيڪي ٿي ته گل مٽيءَ جي بَدن تي چُميون ڏيڻ پهچي ويا... (ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۷ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل) خليل مورياڻي شڪارپور سان نينهن جو ناتو نڀائڻ وارو نرالو ڪردار. . . حسيب ناياب منگي سنڌي ٻولي جي عظيم شاعر شيخ اياز پنهنجي جنم ڀومي شڪارپور کي “هڪ ڪيفيت” قرار ڏنو هو، واقعي شڪارپور هڪ ڪيفيت جو نالو آهي. هي شهر صدين کان وٺي سنڌ جي سونهن ثابت ٿيو آهي. علم، ادب، فن، آرٽ، سياست، صحافت، سماجي خدمت ۽ ٻين ڪيترن ئي حوالن جي ڪري شڪارپور جو مٽ ملڻ مشڪل آهي. هن شهر جي سڻڀي مٽيءَ تي جن به هيرن جو جنم ٿيو آهي، سي پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ڪندي لعل ثابت ٿيا آهن. فن ۽ آرٽ جي دنيا ۾ شڪارپوري ڪمال جو ڪم ڏيکاري ويا ۽ ساڳيو ئي جوش اڃان پڻ جاري آهي. سياست هجي يا سماجي خدمت اندر پڻ شڪارپور جا ماڻهو واقعي سنڌ اندر اڻ مٽ نقش ڇڏيندڙ ثابت ٿيا آهن. صحافت ۽ علم جون آڱريون جي روشن ٿيون ته شڪارپورين جي هٿ هيٺ! ساڳئي طرح ادب جي دنيا ۾ جهاتي پائي ڏسبي ته شڪارپور راڄ ڪندي نظر ايندي. سامي، پروفيسر جهامنداس ڀاٽيه، پروفيسر شيوارام ڦيرواڻي، فقير ميان غلام علي “مسرور”، پروفيسر لطف الله بدوي، شيخ اياز، هاسي ٻائي “نماڻو” فقير، بادام ناتوان، ثميره زرين، روشن آرا مغل، رشيده حجاب، آغا سليم، چنا شبير احمد ناز، ولي دائود پوٽو، تاج صحرائي، نورالدين سرڪي، شاهه محمد “ثاقب”، “نقش” ناياب منگي، غلام رسول ميمڻ، الهورايو طارق صديقي، پروفيسر اسرار احمد علوي، رئيس عبداللطيف ناپر، نظر محمد “بسمل”، بيدل مسرور بدوي ۽ ٻيا ڪيترائي عالم، اديب ۽ شاعر شڪارپور جي پيداوار آهن. اهڙن انمول هيرن جو ذڪر ڪندي مون کي شڪارپور سان پيار ڪندڙ ڪيترائي اهل علم ياد اچن ٿا. پروفيسر لطف الله بدوي شڪارپور متعلق گهڻا ئي سنڌي توڙي اردو ۾ مضمون توڙي مقالا لکيا. جيڪي تاريخ ۽ تحقيق جي راهه تي هلڻ وارن شاگردن لاءِ اڄ به ڪارائتا آهن. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي به شڪارپور ۾ ڄمڻ ڪري هميشه شڪارپور متعلق ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. سووينئر ۽ ڪتاب ترتيب ڏنا، “شڪارپور جي ٻولي” جهڙو بهترين ڪتاب لکيائين. سائين حبيب الله ڀٽو مشهور استاد، اديب ۽ شاعر هو. پنهنجي شهر سان بي پناهه محبت ڪندو هو، سالن جا سال شهر جي حوالي سان مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڪيترائي مضمون لکيائين. روزاني هلال پاڪستان ڪراچي جي مختلف اشاعتن ۾ سندس جيڪي مضمون ڇپيا هئا، سي ڄڻ “شڪارپور خاص اشاعت” لڳندا هئا. ڇو جو اخبار جو سمورو صفحو سندس هڪ ئي تحرير ۽ شڪارپور جي تصويرن سان سينگاريل هوندو هو. ڊاڪٽر عبدالخالق “راز” به شڪارپور متعلق ڪافي مضمون ۽ مقالا لکيا. اهڙي ريت مرحوم “نقش” ناياب منگي، مرحوم غلام رسول ميمڻ ۽ مرحوم غلام مرتضيٰ ابڙي به شڪارپور سان بي پناهه محبت ڪئي، “نقش” ناياب منگيءَ شڪارپور جي حوالي سان ڪيترائي ليک لکيا ۽ ڌارين ٻولين مان سنڌيءَ ۾ ترجما ڪيا، غلام رسول ميمڻ ڪڏهن پبلشر ته ڪڏهن تنظيم جو اڳواڻ ثابت ٿي ڪتاب ۽ اخبارون شايع ڪيون ۽ ليڪچر يا پروگرام ترتيب ڏنا، ساڳئي طرح غلام مرتضيٰ ابڙي صحافي جي روپ ۾ شڪارپور جي نمائندگي ڪندي سرخرو ٿيو. سندن ئي همعصر ۽ صحبتي خليل مورياڻي به شڪارپور جو عاشق هو. خليل الرحمٰن مورياڻي شهرين وٽ گهڻو اڳ “چَاچا خليل” جي نالي سان مشهور هو، علم ادب دوست هجن يا ڪامورا ۽ سياستدان کيس چاچو ڪري ڪوٺيندا هئا. شهر جي ننڍڙن کيس “سائين” ڪري ڪوٺيو. منهنجي نگاهه ۾ هو “شڪارپور جو عاشق” هو. چاچا خليل مورياڻي نفيس طبيعت جو مالڪ، ڪاٺ، ڪپڙي ۽ ڪتاب جو شوقين، دوستن جو خيال رکڻ وارو، مطالعي جو پابند، سير سفر جو ڪوڏيو، سنجيده شخصيت جو مالڪ هو. پنهنجي لياقت ۽ حيثيت مطابق ڪم ڪري ڏيکارڻ جو پابند هو. پاڻ ظاهري طور تي ته اسان جي وچ ۾ ناهي پر هن جون يادون ۽ صلاحون اڄ به سڀ جي ذهن تي نقش ۽ سيني ۾ سانڊيل آهن. خليل مورياڻيءَ کي شڪارپور سان گهڻو پيار هو، شهر جي تاريخ ۽ ان سان وابسته موضوعن تي پاڻ گهڻو مواد گڏ ڪيو هيائين. ڪتاب، رسالا ۽ اخبارون وٺندي انهن مان “شڪارپور” تي ڇپيل مواد گڏ ڪرڻ جو کيس گهڻو چاهه هو. اهو چاهه ۽ خاص ڪري تاريخ ۾ دلچسپي وٺڻ جو رنگ کيس “نقش” ناياب منگيءَ جي صحبت ۾ رهندي چڙهيو هو، نه ته ان کان اڳ پاڻ ۽ توڙي سندس سنگت کي ناول، ڊائجسٽ ۽ سياسي ادب پڙهڻ ۾ دلچسپي هوندي هئي. شڪارپور تي تحقيق ڪرڻ ۽ نوان موضوع ڏئي سنڌ توڙي هند جي قلمڪارن کان مضمون ۽ مقالا لکرائڻ سندس خاص مشغلو بڻجي ويو هو. خليل مورياڻي، پنهنجي دوستن: غلام رسول ميمڻ، “نقش” ناياب منگي، نثار چنا، ڊاڪٽر ڪشور ڪمار ۽ گرڏنو گرل داس وغيره سان گڏجي ۱۹۸۴ع ۾ “شڪارپور ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي” جو بنياد رکيو. نئين پليٽ فارم تان نوان موضوع متعارف ٿيا، ڪڏهن ليڪچر ته ڪڏهن ڪانفرنس جو اهتمام ڪرائڻ ۾ خليل مورياڻي پنهنجي دوستن جو ٻانهن ٻيلي ثابت ٿيو. ابتدائي طور تي ته “شڪارپور سيمينار” نالي هڪ سووينئر “نقش” ناياب منگيءَ کان ترتيب ڏياري سندس معاون ٿي ۱۹۸۵ع ۾ شايع ڪرايائين، ان کانپوءِ هڪ ڪتاب “شڪارپور صدين کان” ڊاڪٽر عبدالخالق “راز” سومري کان ترتيب ڏياري پهرين جنوري ۱۹۸۸ع تي شايع ڪرايائين، جنهن ۾ به منهنجو والد سندس ٻانهن ٻيلي هو. خليل مورياڻيءَ جو پنهنجي جنم ڀوميءَ سان اهو عشق وڌندو ويو، ان وچ ۾ هن “سرهاڻ پبليڪيشن” جو پايو وجهي سگهاري ڪهاڻيڪار ۽ شڪارپور ڄايي، هندستان جي نامور قلمڪار گوبند پنجابيءَ جي ڪهاڻين جو ڪتاب “هوءَ موٽي آئي” ڇپرائي پڌرو ڪيو هو. “شڪارپور سونهن جو شهر” ۽ “شڪارپور تاريخ ۽ تحقيق” جهڙا تحقيقي ڪتاب سهيڙي پاڻ شڪارپور سان محبت ڪرڻ جو چٽو ثبوت پيش ڪري ويو. خليل مورياڻي جا اهي ٻئي ڪتاب اڄ به تاريخ ۽ تحقيق سان دلچسپي رکڻ وارن لاءِ مددگار ثابت ٿين ٿا. شڪارپور تي انگريزي زبان ۾ ڪتاب آڻڻ جو پڻ کيس وڏو شوق هو، جيڪو افسوس جو پورو نه ڪري سگهيو، ان سلسلي ۾ پاڻ گهڻو مواد گڏ ڪيو هيائين، جيڪو هاڻي به منظر عام تي اچي سگهي ٿو. ساڳئي ڪوشش “شيخ اياز”، “قيوم منگي”، “سامي” ۽ “تاج صحرائي” متعلق پڻ ڪيائين، اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل ڪافي مواد گڏ ڪري، ڪتاب سهيڙي ويو پر ڇپجي ناهن سگهيا. “موهن جو دڙو”، “ثميره زرين رچنا خاص نمبر”، “ڀڳت ڪنوررام” ۽ “ڳالهيون نعمت ڀاءُ جون” سندس ڇپيل ڪتاب آهن. مون کي ياد آهي ته شڪارپور جي شخصيتن تي “مشاهير شڪارپور” جي نالي سان ڪجهه پروگرام ڪرايا هيائين، شڪارپور ۾ پهريون ڀيرو “صوفي ٻڍل فقير” جي حوالي سان شاندار ادبي ڪانفرنس ڪرائڻ جو سهرو به سندس سر تي رهيو، سڀني پروگرامن ۾ مون کي الڳ الڳ موضوعن تي مقالا لکڻ جي دعوت ڏنائين، مون سڀني پروگرامن ۾ نه صرف شرڪت ڪئي هئي پر پنهنجا لکيل تحقيقي مضمون ۽ مقالا پڻ پڙهيا هئا. شڪارپور چار سوءُ سالا جشن جي موقعي تي ثقافت کاتي پاران ڪرايل ڪانفرنس کي ڪامياب ڪرائڻ ۾ سندس هٿ رهيو. سنڌي ٻوليءَ جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پمفليٽ لکي گهر گهر پهچائڻ واري عمل کان ڪجهه مضمون ۽ سفرنامو وغيره لکڻ تائين سندس تحريرون پسند ڪرڻ جهڙيون ۽ معلوماتي آهن. شڪارپور شهر جي سڌاري ۽ ترقيءَ لاءِ جيڪي رٿون ترتيب ڏنيون وينديون هيون ۽ سرڪاري سطع تي جيڪي پروگرام ٿيندا هئا تن مان گهڻن ۾ وس پڄندي وڃي پهچندو هو ۽ بنا اجوري پنهنجون صلاحون، مشورا ۽ قيمتي وقت “شڪارپور” جي لاءِ پيش ڪندو هو. گهڻن ئي شهر سڌارڪ ڪاميٽين جو حصو ٿي رهيو هو. گهڻن ئي شاعرن، اديبن، استادن، عالمن، صحافين ۽ ڪامورن سان گهرا ۽ گهريلو تعلقات عمر جي آخري وقت تائين قائم رکندو آيو. اها ڳالهه کلي عام چئي سگهجي ٿي ته شڪارپور جي حصي ۾ پروفيسر لطف الله بدوي، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ۽ حبيب الله ڀٽو جهڙا لائق پٽ نه اچن ها ته شڪارپور تي لکي ڪري عشق نڀائڻ واري روايت جنم نه وٺي ها. مرحوم غلام رسول ميمڻ، مرحوم “نقش” ناياب منگي ۽ مرحوم خليل مورياڻي شڪارپور سان محبت جي عيوض علم ۽ ادب جي سخا نه ڪن ها ته شڪارپور جي تاريخ تي ايترو ادبي ۽ تحقيقي ڪم ڪڏهن به نه ٿي سگهي ها ۽ هن شهر جي تاريخ جا ورق حقيقتن سان ايترا لبريز نه هجن ها جيترو اڄ جرڪي رهيا آهن. شڪارپور کي پنهنجي انهن نيڪ صالح ٻچڙن تي ناز آهي، جن پنهنجي جيئري ته جيئري پر مُئي پڄاڻان به شهر جي نانءَ کي روشن رکيو آهي. انهن ٽنهي وڏڙن جي روايت تي هلندي اسان شڪارپور متعلق جيڪو به تاريخي ۽ ادبي يا تحقيقي پورهيو ڪري رهيا آهيون تنهن ۾ به سندن ئي علم ۽ ڄاڻ جي کاڻ جي روشني عيان آهي. شل سندن علم جي لاٽ هر دور ۾ قائم ۽ دائم رهي. خليل مورياڻي جو جنم ۱۸ جنوري ۱۹۴۹ع تي شڪارپور ۾ هدايت الله مورياڻي جي گهر ۾ ٿيو هو، پاڻ ۲۳ نومبر ۲۰۱۹ع تي گذاري ويو. (ڏھاڙي هلال پاڪستان ڪراچيءَ ۾ ۱۸ فيبروري ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)