قربان پيرزادو جاکوڙي جن جي ذات مهتاب اڪبر راشدي قربان پيرزادي لاءِ لکندي، مون کي پنهنجي يادگيرين کي ڪيئي سال پوئتي وٺي وڃڻو پيو. سال ۲۰۰۱ع جي ڳالهه آهي، سنڌ جي اطلاعات کاتي ۾ منهنجي سيڪريٽريءَ طور تقرري ٿي. اطلاعات کاتو، پنهنجي ڪم ڪار جي حوالي سان حڪومت جو سڀ کان وڌيڪ باخبر، تيز ۽ حساس محڪمو سمجهيو ويندو آهي. ان جي اهميت ڪو سمجهي ته وڏي آهي ۽ جي نه سمجهڻ چاهي، ته پوءِ کڻي اڄ جي اطلاعات کاتي کي ڏسو، جنهن ۾ اڄ خبر به نه ٿي پوي ته سيڪريٽري ڪير آهي؟ مان جنهن وقت جي ڳالهه ٿي ڪريان، ان زماني ۾ ڪنهن به محڪمي جو سيڪريٽري ڄڻ ته ان کاتي جو انتظامي بادشاهه سمجهو ويندو هو. وزير بيشڪ وزير هجي، پر جي آفيسر برجستو هوندو هو ته وزير به ان سان کونس گهڻي ڪو نه ڪندو هو. اطلاعات کاتي ۾ وري سيڪريٽريءَ جا دست و بازو ان جا ڊائريڪٽر اطلاعات هوندا آهن. منهنجي زماني ۾، مونکي اڪثر ڪري سٺا آفيسر مليا. سکر ڊويزن ۾ ڊائريڪٽر جي حيثيت سان قربان پيرزادي صاحب سان تعارف ٿيو. شائسته، شانائتو، نهٺو، پنهنجي ڪم جو ڄاڻو. ياد اٿم جڏهن سکر وڃڻ ٿيو ته پيرزادي صاحب، پنهنجي آفيس به ڏيکاري ۽ پريس ڪلب ۾ صحافي حضرات سان ملاقات جو اهتمام به ڪيائين. ان دوران جنهن شيءَ کي مون محسوس ڪيو اُها هيءَ هئي ته قربان پيرزادي صاحب جو صحافين سان وهنوار، بلڪل پروفيشنل هو. هر صحافي هن سان عزت سان پيش پئي آيو. هن جي مهذب ۽ پيشه ورانه پختگيءَ سبب، هن پنهنجي عزت ۽ مقام کي بلڪل مٿاهون رکيو. اهو ئي سبب هو جو، حڪومتي ترجيحات کي سمجهه سان سنڀالڻ، صحافي برادريءَ جي گُهرجن جو ادراڪ رکڻ ۽ خبرجي ترسيل ۽ پنهنجي کاتي کي، هر ضروري ڳالهه کان باخبر رکڻ ۾ پيرزادي صاحب ڪڏهين به ڪا ڪوتاهي ڪا نه ڪئي. سندس واسطو، انور پيرزادي سان آهي، مون تي اهو رازگهڻو دير سان منڪشف ٿيو. عام طرح سان ماڻهو، اڪثر پنهنجي اهميت وڌائڻ لاءِ پنهنجي ڄاڻ سڄاڻ، دوست احباب ۽ خاندان جي ڪن ڄاتل سڃاتل ماڻهن جا نالا پنهنجي آفيسر جي ڪن تائين پهچائڻ ۾ دير ئي ڪونه ڪندا آهن. پر قربان پيرزادي، ان حوالي سان به پنهنجي تعارف کي پاڻ تائين ئي محدود رکيو ۽ انور جو حوالو ڪٿي به نه ڏنائين. زندگيءَ جو هڪ وڏو حصو، پنهنجن مٽن ما ئٽن، دوستن ۽ هم پيشه دوستن سان ملندي جُلندي ۽ ڪم ڪندي گذريو وڃي. ان دوران انسان پنهنجي شخصيت جي ڪيترن ئي مختلف روپن ۾ انهن جي سامهون ايندو آهي. مختلف صورتحال ۾ هن جو ماڻهن سان ڪار وهنوار ئي ان جي شخصيت جي اصل حقيقت کي ظاهر ڪندو آهي. قربان پيرزادي متعلق سندس دوستن ۽ احبابن جا هن متعلق تاثرات ان ڳالهه جو ثبوت آهن. هن جو دوستن سان دوستيءَ جو ناتو نڀائڻ، تازو ڇپيل ڪتاب ”ڇنڻ مُور نه سکيا“ ۾ سندس ڏک سک ۾ ساٿ ڏيڻ، ضرورت پوڻ تي هر ڪنهن کي ڪم اچڻ ۽ ان سڄي سلسلي ۾ اخلاق ۽ فضيلت جي پهلوءَ کي مٿاهون رکڻ ئي قربان پيرزادي کي نمايان ڪري ٿو. سندس پنهنجن مضمونن ۾ گهڻي ڀاڱي “سنڌ” ئي هن جي اظهار جو موضوع آهي. ان تي حيرت ڪا نه ٿيم. ٻلهڙيجيءَ جي پيرزادن کي سندن امڙين سنڌ سان محبت جي اهڙي سُتي پياري آهي جو هر ننڍو وڏو، ان جي عشق ۾ غلطان آهي. هنن جي سوچ جي ابتدا به سنڌ سان ٿي ٿئي ته انتها به ان تي آهي. ٻلهڙيجي کي “لِٽل ماسڪو”، جنهن به سبب سان چيو ويو هوندو، پر اها به هڪ حقيقت آهي ته ان ننڍڙي ڳوٺ جي هڙني مردن توڙي عورتن جي سوچ ۽ خيالات جي پرواز اشتراڪيت ۽ انسان ذات جي ڀلائيءَ واري سوچ سان ئي هم آهنگ رهي آهي ۽ ان سوچ سان واڳيل رهڻ جو اظهار، توهان کي پيرزادي صاحب جي تحريرن ۾ باربار ملندو. سندس دوستن جي مضمونن مان پڙهندڙن کي اها به خبر پوندي ته، قربان، گهمڻ ڦرڻ جو به شوقين آهي ته مهمان نوازي به خوب ڪري ڄاڻي. اطلاعات کاتي جي نوڪريءَ به ان سلسلي ۾ سندس ڪافي مدد ڪئي. مختلف جاين تي وڃڻ، اتي جي معلومات هٿ ڪرڻ، حڪومتي ڪار پردازن کي به ان کان باخبر رکڻ ۽ پاڻ سان گڏ، ٻين جي معلومات ۾ به واڌارو آڻڻ کي قربان پيرزادي صاحب پنهنجي فرض ادائي سمجهي ڪيو آهي. سندس ڪتاب انهن سڀني ڳالهين جو مظهر آهي. قربان پيرزادو جيڪو ڇنڻ مور نه سکيو خالد ٻانڀڻ ماڻهوءَ جو من پرکڻ، ان جي اندر جون ڳالهيون سمجهڻ صورت ۽ سيرت جو چڱي ريت اندازو لڳائڻ ان جي اخلاق پيار مان پرکي سگهجي ٿو. پاڻ من جا موجي، من پنهنجو موجي آهي. موهه ۽ مرڪ جڏهن چپڙن جي ڪنارن سان ڳالهيون ڪرڻ لڳي، تڏهن هڪڙو احساس جنم وٺندو آهي ته هي انسان ڪيڏو نه خوشنصيب آهي، جنهن وٽ سدائين قرب ۽ پنهنجائپ ورهائڻ جا اندر ۾ ڄڻ ته ڪي انيڪ خزانا آهن. اهڙن سٻاجهڙن انسانن مان هڪڙو قربان پيرزادو به آهي، هو جڏهن سکر ۾ سڌ سماءُ کاتي جو ڊائريڪٽر هيو ته مون کي ياد ناهي ته اسان ڪڏهن هن سان ڪنهن ڏهاڙي تي نه مليا هجون. جيڪڏهن اسان سندس آفيس يا آستاني تي نه ويندا هئاسين ته هو اچي آفيس پهچندو هو ۽ مرڪندي چوندو هو ڇو ڀلا ٻاجهه ڪانگهاري ڪري ڇڏي اٿوءُ؟ تڏهن اسان سندس معياري ٿي پوندا هئاسين. هو رڳو سڌ سماءُ جو ڊائريڪٽر نه هيو پر ڪتابن سان دلچسپي، پڙهڻ لکڻ هن جي زندگي جو حصو آهن. مون هن جهڙو هن دور ۾ لطيف شناس نه ڏٺو. لطيف سرڪار جي شعرن ۾، ڪنهن لفظ ۾، منجهندا هئاسين ته منهنجي پهرين فون سائين قربان پيرزادو ڏانهن ويندي هئي. جيڪو لطيف جي بيتن جون معنائون اهڙي سهڻي انداز ۾ ٻڌائيندو ۽ سمجهائيندو هو جو اصل واهه واهه ٿي ويندي. سليم ڀٽو لطيفي جڏهن سکر ۾ ايڪسائيز کاتي ۾ آفيسر ٿي آيو ته منهنجي ان سان پهرين ملاقات به قربان پيرزادو جن ڪرائي هئي. تقريبن شام جو لطيفي جي ڪتابن سان ڀريل هڪ ننڍڙي ڪمري ۾ ڪچهري ڪرڻ لاءِ قربان جن سان گڏ ويندو هئس، جتي سليم ڀٽو لطيفي ۽ قربان پيرزادو جن جي وچ ۾ لطيف سرڪار جي فن فڪر، شعرن تي وڏا وڏا بحث ٿيندا هئا. اسان اڪثر ڪري خاموشي سان ٻڌندا هئاسين. جتي ٿوري گهڻي عقل آهر ضرورت پوندي هئي ته بحث ۾ حصو وٺندا هئاسين. قربان پيرزادو اڄ به پنهنجي ذات ۾ هڪڙي علم ادب ۽ پيار جي يونيورسٽي آهي، هو ڪيترا سال اڳ سڌ سماءُ کاتي مان ريٽائرڊ ٿي موهن جي دڙي ڀرسان وڃي پنهنجو ڳوٺ ٻلهڙيجي وسايو، پر سندس گڙدن جي تڪليف گهڻو وقت کيس اتي رهڻ نه ڏنو، هينئر هو ڪراچي جي گهميل هوائن ۾ ڊائلاسز تي رهي ٿو. ڌڻيءَ در دعا آهي، کيس جلد صحتيابي نصيب ٿي ۽ زندگي جون اڃا کوڙ ساريون بهارون ماڻي. تازو سندس زندگي تي قربان صاحب جي پنهنجي لکڻين تي ڪتاب ”ڇنڻ مور نه سکيا“ ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو آهي، پر مون تائين نه پهتو هو. مان جڏهن ڪجهه ڏهاڙا پهرين سکر جي سڌ سماءُ واري آفيس ۾ ڪم سانگي ويس ته سيد آصف شاهه جي ٽيبل تي ڪتاب پيل ڏٺم. آصف شاهه، قربان پيرزادو جي شاگردي ۾ رهندي هن وقت سکر اطلاعات کاتي جو ڊائريڪٽر آهي. مان نه رڳو هجت ڪري اهو ڪتاب اتان کنيو، پر آصف شاهه فون تي قربان پيرزادو جن سان ڳالهه به ڪرائي. فون تي وڏي عرصي کان پوءِ تمام گهڻي ڪچهري ٿي. سندس آواز ۾ اڃا تائين ساڳي کل مذاق ۽ هجتن جا انبار مليا. ڪتاب ”ڇنڻ مور نه سکيا“ ۾ جن به دوستن قربان پيرزادو تي لکيو آهي، اهو پورو سچ ۽ هن جي شخصيت سان انصاف ڀريو آهي. قربان پيرزادو اڄ به انور پيرزادي کي پنهنجو استاد ٿو سمجهي. بدر ابڙي لکيو آهي ته قربان پيرزادي جي عمر ايتري لڳي ڪونه ٿي، جيتري ٻڌائين ٿا. چون ٿا ته ۱۹۴۸ع ۾ جنم ورتائين ۽ انور جڏهن سنڌ يونيورسٽي ۾ انگريزي پڙهائيندو هو، تڏهن قربان اتي انگريزي ادب ۾ داخلا ورتي ۽ ايم اي ڪري نڪتو. معنيٰ ته قربان پيرزادو انگريزي ادب جو به وڏو ڄاڻو آهي. هو جڏهن انفارميشن جو ڊائريڪٽر هو تڏهن به فقيري هن جي وجود جو حصو هئي. وڏن وزيرن، مشيرن، ڪامورن جي گڏجاڻين ۾ نوڪري جي نسبت سان ويندو ضرور هو پر هو تڪڙ ڪري ڊائريڪٽر هجڻ جي حيثيت سان ڪڏهن به اڳي ڪرسي تي وڃي ويهندي ڪو نه ڏٺو. هميشه ڪنڊائتي ڪرسي ڳولي وڃي، ان تي ويهي رهندو هو. شور شرابي کان هميشه پاسيرو رهندو هو. اڪيلائي هن جي بهترين ڪرت هوندي هئي، نه ته اسان وٽ ڪوئي رڳو سترهين گريڊ ۾ وڃي ٿو، تڏهن به آڪڙ ۾ ڪنڌ جي هڏي سڄائي ڇڏي ٿو. ڪنڌ ۾ ڄڻ ڪلي لڳل هجيس پر هن فقير ماڻهوءَ وٽ اهڙيون ارڏايون ڪو نه هيون. ڇو ته هو پاڻ خانداني، ڳوٺ جو زميندار ۽ تمام وڏي حيثيت رکندڙ آهي. پر ان کي ڪڏهن به محفلن ۾ ظاهر ڪونه ڪيو. هڪ سچي کري انسان جون اهي به خوبيون هونديون آهن ته هر ڳالهه سڌي منهن تي چئي ڏئي، جيڪا ڳالهه قربان پيرزادو جي طبيعت جو حصو آهي. مونکي اها خبر ڪتاب ڇنڻ مور نه سکيا مان پئي ته هو شاعر به آهي. نوڪرين دوران هن ڪڏهن نه ٻڌايو ته شاعري به ڪندو آهيان. ڪتاب ۾ عبدالڪريم گدائي تي لکيل نظم پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي ته هو ڪيڏو پختو شاعر آهي، سندس لڪيل راز کي پڙهندڙن جي آڏو رکان ٿو ته ڏات جنهن وقت ٿي ماٺي ٿئي فن کي ان وقت ڄڻ ڪو ڪک ٿو سنگهي روح ٿو ريهه ڪري پاڻ ٻري جيءَ جهري جان کي جهنجهوڙ ڪري اتي مورخ هيئن چوي فن کي شايد فالج ٿيو آ واهه واهه ڪمال جو فن ۽ خيال آهي آخر تائين ٿيل شعر سان نباهه سچ پڇو ته مون کي ڏاڍو وڻيو آهي. هن ڪونج جهڙي سٻاجهي شخص ڪوئل جهڙي لات رکندڙ قربان پيرزادو ۴ سيپٽمبر ۱۹۴۸ع تي موهن جي دڙي جي قدامت تهذيب ڀرسان لاڙڪاڻي ضلعي جي ٻلهڙيجي ۾ جنم ورتو. هن ڳوٺ کي لٽل ماسڪو به چوندا آهن. ڇو ته ٻلهڙيجي علم ادب سياست جي حوالي سان پوري سنڌ ۾ نرالي تاريخ ۽ حيثيت رکي ٿو. اهو انور پيرزادو هجي، ڪامريڊ گلاب پيرزادو هجي، محب پيرزادو يا کڻي قربان پيرزادو هجي، وري نوجوانن جي کيپ ۾ زلف پيرزادو، سهيل پيرزادو، الطاف پيرزادو ۽ ٻيا کوڙ نالا حوالي طور ڳڻائي سگهجن ٿا. قربان پيرزادو ۱۹۸۱ع ڌاري سڌ سماءُ کاتي ۾ سکر ۾ تڏهن آفيسر ٿي آيو هو، جڏهن اسان کي صحافت جي ”ص“ جي به خبر ڪو نه هئي. سندس جنم ته 4 سيپٽمبر تي ٿيو هو پر رٽائرڊ وري ۳ سيپٽمبر ۲۰۰۸ع ۾ ٿيو. هن نوڪري جهڙي نيڪ دلي خوب سچائي ۽ ايمانداري سان ڪئي، شايد ڪو اهڙو آفيسر اڄ جي دور ۾ هجي، جيڪو چئي ته مان قربان پيرزادو جهڙي صاف شفاف نوڪري سرانجام ڏئي رهيو آهيان. مون کي اهڙو ماڻهو ڳولهيو ڪونه ٿو لڀي. جيڪو قربان پيرزادو جهڙو آدرشي ۽ اصول پرست هجي. سدائين قرب جون ڪچهريون، پيار جا ميلا مچائڻ هن جي زندگيءَ جو مشغلو رهيو آهي. دوستن کي سڏڻ، ڪٺو ڪرڻ ادبي ميڙاڪن ۾ هلي وڃڻ اهو به پابندي سان ۽ وقت تي پهچڻ هن کان ڪوئي سکي. چوندا آهن اندر ۾ ڀلي کڻي سوين درد ڀريل ڇونه هجي پر مک تي مرڪ لازمي آهي. قربان پيرزادي ۾ اها خوبي آهي ته مک تي سدائين مرڪ هوندس، پڪا ڀوڳ ڪرڻ، وڏا ٽهڪ ڏيڻ زندگي ۾ ڄڻ نوان رنگ ڀري ڇڏيندو آهي. هي ناچيز بندو ساڻس عمر ۾ ننڍو هجڻ جي باوجود هن کان گهڻو ڪجهه سکيو آهي. ڌڻي در دعا آهي ته هو ايئن سدائين کلندو ملندو، ٽهڪ ڏيندو رهي. هو اڃا کوڙ سارا ڪتاب پنهنجي سنڌي سٻاجهي ٻولي کي ارپيندو رهي. قربان پيرزادو هڪ دور جي پڄاڻي - هڪ مور شخص جي موڪلاڻي الطاف پيرزادو قربان پيرزادو، جنهن کي پنهنجي امڙ پيار مان قربڻ سڏيندي هئي سو قربڻ اڄ ٻلهڙيجي کان، سنڌ کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو. قربان صاحب جي سڄي زندگي جدوجهد ۽ محنت ۾ گذري، هن ننڍپڻ کان جواني تائين زندگي جي راھ ۾ ايندڙ هر ڏکيائي، هر مشڪل کي چيلينج سمجهي کنيو، ۽ انهن جو مڙس ٿي مقابلو ڪيو. نتيجي ۾ کيس اهڙي ڪامياب ۽ لازوال زندگي نصيب ٿي، جيڪا ڪنهن کي نصيب ٿيندي آهي ۽ نصيب وارن کي ئي نصيب ٿيندي آهي . هو ايماندار ۽ فرض شناس آفيسر به هو ته ذميوار پيءَ به. هو ڪچهري جو ڪوڏيو محفل جو مور اهڙو انسان هو جنهن کانسواءِ اوطاق ۽ ڪچهري ٻئي ٻسيون ڀاسنديون هيون. قربان صاحب هر ٽهي جو ماڻهو هو، هر عمر وارن جو يار، ڪمال جو انداز بيان رکندڙ هن ماڻهو جي شائسته گفتگو کي سندس ٽوٽڪائي ۽ ڀوڳائي انداز اهڙي ته رونق بخشيندو هو جو هن کانسواءِ ڪچهري ڄڻ ته بي رونق لڳندي هئي. سياست، ادب ۽ لوڪ ڏاهپ هن جي پسند جا موضوع هوندا هئا . هو سماجي خدمت ۽ ڳوٺ جي فلاح بهبود لاءِ به سرگرم رهيو. ڳوٺ لاءِ بجلي جي سهولت هجي يا ڳوٺ سڌار سنگت يا وري انڊس ڊولپمينٽ ايسوسرئيشن يا سوشل ميڊيا هر محاذ تي سرگرم رهيو. هن هر ٽهي ۽ نسل سان پاڻ کي ڳنڍي رکيو. سوشل ميڊيا جي ذريعي هن ڳوٺ سان ۽ ڳوٺ وارن سان پاڻ کي ڳنڍي رکيو. ٻلهڙيجي واٽسيپ گروپ تحت سرگرمين ۾ به پيش پيش رهيو. هو گذريل ٻن ٽن کان بيمار هيو پر بيماري کي پاڻ تي حاوي ٿيڻ بدران پاڻ بيماري تي حاوي رهيو. قربان صاحب ڪتاب به هو اديب به هو سرجڻهار به. هو دوستي جي کيتر ۾ وري اهڙو ته شاهوڪار هو جو سڄي سنڌ ۾ جتي به وڃو اوهان کي سندس دوست يار ضرور ملندا. انور پيرزادو ۽ قربان صاحب ننڍپڻ جا اهڙا پڳ مٽ ۽ لنگوٽيا يار هئا جن ٻلهڙيجي ۾ شعور جي لاٽ ٻاري. فرسوده ريتن ۽ رسمن کان بغاوت ڪري ٻلهڙيجي کي نئون دڳ، رنگ ۽ روپ ڏنو. قربان صاحب اڄ اسان کان وڇڙي ويو آهي. هن جي وڇوڙي ٻلهڙيجي جي اوطاقن کي به ٻسو ڪيو آهي ڪراچي ۾ ٻلهڙيجي واسين جي مچندڙ ڪچهرين کي به. هو اڄ پنهنجي جيون ساٿي کي به وڇوڙي جو وھ ڏئي اڪيلو ڇڏي ويو، جنهن کانسواءِ سندس پل به نه سرندي هئي. اڄ ٻلهڙيجي اداس آهي، ٻلهڙيجي سوڳوار آهي. ٻلهڙيجي پنهنجي هن صدوري ۽ سلڇڻي پٽ کي هميشه ساريندي رهندي. قربان پيرزادو زندگيءَ جي عملي تفسير جهڙو راز علي گُل ڀٽو تو تي ڇا قُربان ڪجي، ڏَسي ڇا ڪجهي. جان ودل قربان ڪجهي، ڏَسي ڇا ڪجي. هن بيت جهڙو هڪڙو ماڻهو ۱۴ جنوريءَ ۲۰۱۸ع تي اوهان اسان سڀني کان بنا موڪلائي راهه عدم جو راهي ٿي ويو، اڄ هو مخدوم شاهه جمال جي اباڻي قبرستان ۾ اهڙي ابدي ننڊ ۾ سُتل آهي، جتان کيس واهان اسان مان يا ڪير به جاگائي يا اُٿاري نٿو سگهي. حياتي گذارڻ وڏي ڳالهه ناهي، ٻين لئي جيئڻ ئي اصل زندگي آ. ٻين کي حياتي ارپڻ جو گڻ هر ڪنهن انسان ۾ ناهي ٿيندو، جيڪو قربان پيرزادي صاحب ۾ هئو. مگر هو علمي طور ان گُڻ سان مالا مال هُيو، ڪسي پڪي، ڏک سک ۾ سٿ نباهڻ وارو هي مانيٺو ماڻهو هر روح جي راحت بڻجي رهيو، ۱۹۷۹ع يا ۱۹۲۰ع ڌاري ان وقت ساڻس واچتي ملاقات ۾ مونکي اها پروڙ بنهه ڪا نه هُئي ته اڳتي هلي اسان ٻئي سڪ جي هڪڙي ئي سڳي ۾ پوئجي وينداسين، اهو اسان جي شاگرديءَ وارو زمانو هُيو، ۱۹۹۸ع ۾ جڏهن منهنجي بدلي سکر ۾ ٿي ته پتو پيو ته سائين به سکر ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر اطلاعات جي ڪرسيءَ سان قابو آهي. دوستن جي معرفت هڪٻئي سان رابطو ٿيو، ميل جول ٿي ۽ پوءِ ته اهڙا ڪڙيا سي ۽ جڙياسي جو ڪڏهن سائين منهنجي آفيس ۾ ته ڪڏهن مان سندس آفيس ۾ مٿان ٻين محبتن کي به ميڙي وٺندا هُئاسين، اهڙيون ڪچهريون لڳنديون هُيون جو ٻئي سرڪاري وقت جي خيانت ڪري وٺندا هُئاسين، سنڌي ادبي سنگت سکر شام جي گڏجاڻي يا ڪنهن ٻئي ادبي ميڙاڪي ۾ گڏجي ويندا هُئاسين، مٿان وري مون ۲۰۰۳ع ۾ عشق پبليڪيشن رسالو گمبٽ مان جاري ڪيو ته ان کي رجسٽر ڪرائڻ ۾ ڪافي ڪارائتا مشورا ڏنائين، سي به مفت ۾، سندس ياداشت ۾ پاڪستاني حاڪمن جي ٽيهارو سالن جي لڪل تاريخ محفوظ آهي، اسان جو پاڻ ۾ يادگيريون لکڻ تي وڏو بحث ٿيندو هُيو، سائين ٿڌيرو مڙس لکڻ کان لهرائيندو هُيو، نيٺ دوستن جي گڏيل ستوهه ۽ اصدار تي هڪ ڪتاب ”ڇنڻ مُور نه سکيا“ جي عنوان سان سهيڙي ۽ ڇپائي ورتو، سندس هي ڪتاب مسقتبل ۾ سنڌي ادب ۾ چڱي جاءِ والاريندو. جيڪڏهن اسان کانئس يادگيريون لکرائڻ ۾ ڪامياب ٿيون ها ته سنڌي ادب جي تاريخ کي هڪ شاهڪار ڪتاب ملي پوي ها، ڇو ته سندس دفتر هڪ ادبي مورچو هُيو، جتي ادبي اوسر ترويج، ترقي ۽ سياسي لاهن چاڙهن تي وڏا وڏا بحث ۽ ٽيڪا ٽپڻيون ٿينديون هُيون. هو ايئرڪنڊيشنر کي “ٿڌي پيتي” سڏيندو هُيو، دوستن کي صلاحڻ مهل چوندو هُيو ته يارو اچو ٿڏي پيتي هلي ٿي چاءِ تي ڪچهري ٿا ڪريون، ڪچريون هن جو جياپو هُيون، ڪجهه سالن لاءِ بيماريءَ جي جنگ دوران ٻلهڙيجيءَ سان ٻه اکيون ڪرڻ تي مجبور ٿيو، ان لاءِ هيئن ڇو نه چوان ته؛ درد دلين جو طالبوُ دليون ڳولي ٿو چين چورائي دلين جو موهن جي دڙي جي چيڪي مٽيءَ مان ڳوهيل هي ماڻهو پنهنجي ڀاوءَ ۽ سُلوڪ جي ڪري ماڻهن جي دلين ۾ عُمر به ايڏي ئي ماڻيندو، هن جي يادن جا آثار به مُنهين جي دڙي جيترا پڪا ۽ پختا آهن، جن کي گردش ايام ۽ زماني جا جهلا جهولا ميثاري نٿا سگهن. ڏکارا هن لاءِ سندس ساڻيهه ۽ سٿ ته لازمي آهن، مگر اسان جهڙا سڌڙيا به سندس جدائي جي درد کان آجا ناهن. اوهان اسان جي سنگت جو هتي هجڻ سندس گهراڻي لاءِ ته آٿت ضرور آهي، ليڪن سندس سنگت کي صرف هُن جي قيمتي گهڙين ۽ يادگيرين جو سهارو آهي، جيڪي بيشڪ اسان جي دوستيءَ جي دم لاءِ وڏو اثاثو آهن. انهن يادگيرين کي قلم جي قبضي ۾ ڪري هڪٻئي ۾ ورهائي سگهون ٿا. هڪڙي يادگيري اها به آهي ته سيپٽمبر ۲۰۰۷ع ۾ هي مانائتو ماڻهو نوڪريءَ کان آجو ٿيو ته راقم الحروف هڪ شام ملهائڻ جي خواهش ظاهرڪئي ته هن مانائتي ماڻهوءَ دلي طور اها دعوت قبول ڪئي، ان شام ۽ رات ملهائڻ جي سموري ترتيب ۾ سندس راءِ ۽ صلاحون شامل هيون. اها شام گمبٽ شهر جي باءِ پاس تي موجود هوٽل جي ڇت تي ۱۱ سيپٽمبر ۲۰۰۷ع فرشي نشت جي صورت ۾ منعقد ڪئي وئي، جيڪا شام جو ڇهين وڳي شروع ٿي ۽ صبح جو پنجين وڳي تائين جاري رهي، جنهن ۾ سئو کان وڌيڪ سندس دوستن عزيزن ۽ ڳوٺاڻن شرڪت ڪئي. هن ليک ۾ اسان جنهن شخصيت جو ذڪر ۽ فڪر ڪيو، جيڪو توهان ۽ اسان جو پيارو، ڌرتيءَ ڄائو، جيڪو سٺ سال اسان اوهان ۽ الائي ڪيترن کي کلائيندي کلائيندي ۱۴ جنوري بروز اڱارو ۲۰۱۸ع تي راڄ رُئاري سڀ ڪسرُون ڪڍي وڃي شهر حمو شان جو مڪين ٿيو آهي، اهو دلين ڌڻي آهي، سائين قربان علي پيرزادو، شل جنت ڀيڙو هجي. ۲۳ فيبروري، بروز جمعو، سندس چاليهي جي نسبت سان لکيو ويو. قربان پيرزادو ويو وڻجارو اوهري شهباز پيرزادو جنهن سماج ۾ سنجيده، نظرياتي، اصولن جي پڪن، قول ۽ فعل ۾ مضبوط ۽ ذميواريون بهتر نموني سان نڀائيندڙ ماڻهن جي کوٽ هجي اتي جيڪڏهن ڪو اهڙن اصولن سان مالا مال ماڻهو موڪلائي وڃي ٿو ته سڄو سماج ماتمي جلوس جو ڏيک ڏئي ٿو جنهن ۾ هر ماڻهو سينو ڪُٽي فطرت سان احتجاج ڪري ٿو پر فطرت هر ماڻهوءَ لاءِ پنهنجا پنهنجا قانون ٺاهيا آهن، جن کي چاهيندي نه چاهيندي به قبول ڪرڻو پوي ٿو اهڙو ئي نه چاهيندي قبول ٿيندڙ ڏينهن ۱۶ جنوري ۲۰۱۸ به آهي جنهن ڏينهن تي هڪ ذميوار، ذهين، آدرشي ۽ باڪردار ماڻهو قربان پيرزادي جي ساهه جو پنڇي جز کان جدا ٿي ڪُل ڏانهن اڏري ويو ۽ سندس اهڙي اڏام سچائي ايمانداري رواداري ۽ ماڻهپي کي به روئاري وڌو. قربان پيرزادو هڪ اهڙو انسان جنهن پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به آدرشن کي پٺي نه ڏني. سچائي جو دامن نه ڇڏيو ۽ نه ئي ڪو اهڙو ڪم ڪيو جنهن تي ماڻهوءَ کي ڪنڌ جهڪائڻو پئجي وڃي. زندگي جي ڪنهن به موڙ تي هي مايوس نه ٿيو ڇو جو هن جيڪي به قدم کنيا اهي شعوري طور کنيا ۽ شعوري طور کنيل قدمن کانپوءِ مايوسي ويجهو ئي ڪا نه ايندي آهي. قربان پيرزادو ڪچهرين جو مور ماڻهو هو. گفتو کڻڻ جو ڏانءُ اهڙو هوندو هيس جو سموري ڪچهريءَ جو مرڪز لڳو پيو هوندو هو ٻارن سان ويهندو ته ٻاراڻيون پر سبق سان ڀرپور ڳالهيون ڪندو، اوطاق تي ويهندو ته سماج، سائنس، ادب، سياست، معيشت، بيوروڪريسي، لطيف ۽ سچل سائين سندس ڪچهرين جا موضوع هوندا. هر مڪتبهء فڪر جي ماڻهوءَ سان ان جي ذهنيت مطابق ڪچهري ڪرڻ جو تمام وڏو ڏانءُ هوندو هيس. آئون جڏهن ننڍو هوندو هيس ته قربان صاحب پنهنجي ننڍپڻ جا تجربا ٻڌائيندا هو. جڏهن ڪتاب پڙهڻ لڳاسين ته هو پنهنجو ۽ پنهنجي دور جو ادبي سفر سمجهائيندو هيو. مطلب پنهنجيون ۽ پنهنجي دور جون ڳالهيون اسان کي ٻڌائيندو به هيو ۽ اڻ سڌي طرح اها تلقين به ڪندو هيو ته هنن شين کي ڌيان ۾ رکو. ادب جي دنيا جو ذڪر نڪرندو هيو ته بابا قربان چوندو هو ته اڄڪلهه سڀڪو صاحب ڪتاب ٿيڻ جي چڪر ۾ اچي ويو آهي! مطالعو گهٽجي پيو جڏهن ته اشاعت ڏينهون ڏينهن وڌي پئي. ان ڳالهه مان اوهان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته هن اسان کي پنهنجي سماج جي حالت مطابق مطالعو وڌائڻ جي هدايت ڪئي ۽ تڪڙي اشاعت کان پرهيز ڪرڻ جو به چيو. ڏسو سادن لفظن ۾ ڪيڏي وڏي ڳالهه سمجهائڻ جو هنر رکندڙ هيو قربان پيرزادو. ها قربان پيرزادو اهو ماڻهو هيو جنهن جي نظر هڪ ئي وقت بدلجندڙ سماجي ۽ عالمي حالتن تي هئي. هو پنهنجي ڳالهه دنيا جي حالتن سان ڀيٽڻ بعد پيش ڪندو هيو، ڪڏهن به غلط بياني نه ڪندو۔ جيڪڏهن ڪا ڳالهه سندس مطالعي هيٺ آيل نه هوندي ته اهو چوڻ ۾ به نه لهرائيندو ته منهنجي اها شئي پڙهيل ناهي . هڪ دفعي امر جليل صاحب پنهنجي پروگرام ۾ شهيد هوش محمد شيدي کي ”هٿ جو ٺاهيل هيرو ڄاڻايو“ شام تي بابا قربان صاحب سان ڪچهري ٿي. مون کيس چيو امر جليل پنهنجن ڳالهين تان پاڻ ڦري رهيو آهي. هن ڪنهن زماني ۾ ”هوشو شيدي جي آخري شام“ نالي ڪهاڻي لکي هئي. ترت پڇيائين ته اهو ڪتاب اوهان وٽ آهي جنهن ۾ اها ڪهاڻي شايع ٿيل آهي مون هائو ڪئي ۽ بابا صاحب مونکان ڪتاب وٺي هڪ ئي ويهڪ ۾ پڙهيو. اهو شين جي تهه تائين پهچڻ جو عشق هيو جيڪو بابا صاحب جي من ۾ آخر تائين موجود هيو ڇو جو هو پاڻ مشاهداتي ماڻهو هيو. ڳالهيون ٻڌندو هيو پر راءِ تڏهن ڏيندو هيو جڏهن پاڻ ڪٿي نه ڪٿي ان ڳالهه بابت پڙهيو هوندائين، نه پڙهڻ جي صورت ۾ پنهنجي ڳالهه زبردستي نه مڃرائيندو هو البته ايترو ضرور چوندو هيو ته ان معاملي بابت پڙهي پوءِ ڪچهري ڪبي. قربان پيرزادو هڪ شاگرد کان وٺي انفارميشن جي آفيسر تائين سچائي ۽ مخلصيءَ کي پاڻ ساڻ کڻندو هليو. هن وٽ پنهنجي دوستن عزيزن جو وڏو مان هوندو هيو. هن پنهنجي ڳوٺ ۽ آس پاس جي ماڻهن جي وس آهر مدد به ڪئي، ڪامريڊ گلاب ٻڌائيندو آهي ته جڏهن ڪامريڊن تي لٺ پئي وسي اسين سڀ جيل ۾ هئاسين، ڪير اسان جي وارثي ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه هيو اتي قربان صاحب نوڪريءَ جي پرواهه نه ڪندي سرڪاري گاڏين تي اسان سان جيل ۾ ملاقات ڪرڻ لاءِ ايندو هيو ۽ ضرورت جو سامان به مهيا ڪندو هيو. سنڌي، اردو، سرائڪي ۽ انگريزي ٻولي جا ادبي ڪتاب قربان صاحب دلچسپيءَ سان پڙهندو هيو هن جي دل ۾ ٻولين ۽ قومن لاءِ ڪا به نفرت نه هئي. چوندو هو ته دنيا جي ڪنهن به ٻوليءَ کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. سڀني ٻولين جي پنهنجي پنهنجي حيثيت آهي. جيترو ٿي سگهي انهن ٻولين کي پڙهجي ۽ انهن سان ويجهڙائي ڪجي. جيڪڏهن اسان هڪ ٻوليءَ کي نظرانداز ڪنداسون ته معني اسان هڪ قوم جي قومي حيثيت کي پٺي ڏنيسين. سو جيڪڏهن پنهنجي قومي تشخص جي ڳالهه ڪريو ٿا ته ٻين قومن جو به پاڻ جيترو قدر ڪريو.. تعليمي ۽ شعوري يافته ماڻهو سماج جي هر فرد کي تعليم يافته ڏسڻ چاهيندو آهي اهڙي ئي خواهش قربان پيرزادي جي به هئي. هو چاهيندو هيو ته هر ماڻهو لکي پڙهي تعليم يافته ٿئي. مرد توڙي عورت ۾ تعليم جي ميدان ۾ ڪا به اڻ برابري نه هجڻ گهرجي. تعليم ئي آهي جيڪا انسان کي بهتر رستي ڏانهن وٺي وڃي سگهي ٿي ۽ جهالت جي زنجيرن کي ٽوڙڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي. قربان پيرزادو پنهنجي خاندان جو پهريون نوجوان هيو، جيڪو يونيورسٽي جي اعليٰ تعليم پرائي نوڪري جي تمام وڏي عهدي تي رسيو. هن جو تعلق غريب گهراڻي سان هيو تنهن باوجود به هن همٿ نه هاري. پڙهائي سان اهڙو پيچ پاتو جنهن پيچ جو ٽٽڻ ناممڪن ٿي پيو. تاريخ شاهد آهي ته اڪيلا ماڻهو سماجن کي تبديل ڪندا رهيا آهن ۽ انهن جي پيدا ڪيل تبديلي منجهان نسلن جا نسل فائدو وٺندا آهن. قربان پيرزادي جيڪا تعليم جي لاٽ ٻاري ان لاٽ منجهان اڄ سندس اولاد سميت پورو خاندان فائدو وٺي رهيو آهي. سندس چار ئي پٽ اعلي تعليمي يافته آهن ۽ پنهنجي والد وانگر تعليم جي ميدان ۾ شاگردن سان پيش ايندڙ مسئلن ۾ انهن جي ممڪن مدد ڪندا آهن. اها قربان صاحب جي ٺاهيل تعليمي واٽ آهي جيڪا سندس گهر کان سندس ويڙهي تائين منتقل ٿيندي پئي اچي ۽ ان سڄي منتقليءَ پٺيان ڪٿي نه ڪٿي سڌي يا اڻ سڌي طرح قربان پيرزادي جو وڏو ڪردار آهي جنهن کي وساري نٿو سگهجي. نوري ۽ ناري جوڳيئڙا جهان ۾ ٻري جن ٻاري آئون نه جيئندي ان ريءَ قربان پيرزادي ڪڏهن به نه ڪن چيرايو ۽ نه ئي گيڙو اوڍيو پر پوءِ به هو تصوف جو پرچارڪ هيو. انتها پسنداڻي سوچ جي هميشه مخالفت ڪيائين ۽ انسان جي بنيادي آزادي واري فلسفي تي يقين رکندڙ هيو. جهيڙي جهٽي کان پاسو ڪبو. درگذر ڪرڻ تي وڌيڪ ڌيان ڏبو. اسان سميت هر نوجوان کي اها هدايت ڪندو رهيو ته شين جو جائزو سهپ مان وٺندا ته وڏيون ڳالهيون به ننڍڙيون نظر اينديون. پر جيڪڏهن جذباتيت جي بنياد تي فيصلا ڪبا ته ننڍڙين ڳالهين تي به وڏو معاملو اٿي سگهي ٿو. سندس فقيراڻي مزاج جي اها نشاني آهي ته پاڻ بيماري جي بستر تي پنهنجي دوستن جهڙي وڏي پٽ ڀائو حسن علي کي هدايت ڪيائين ته منهنجو وڇوڙي تي غم نه ڪجو ڇو جو وڇوڙو ئي ميلاپ آهي. اوهان مونکي فقيري انداز سان لحد ۾ لاهجو. قربان صاحب جي چاليهي تي صوفي فقيرن جي سنگ سان سچل جي ڪلامن جي سرگم تي ڀائو حسن رقص ڪندو شاهه جمال جي ميدان تائين آيو ۽ والد جي مزار تي چادر چاڙهيائين، اهو منظر انتهائي حساس ۽ ڏوکوئيندڙ هيو، هر اک آلي هئي .هڪ طرف قربان صاحب جي وڇوڙي جو ڏک هو ٻئي پاسي ڄڻ سندس ڪُل سان ملاقات جو جشن به هيو جيڪا سندس وصيعت به هئي جنهن جو پوراءُ ان جي گهر ڀاتين ان انداز ۾ ئي ڪيو جيڪو هن چاهيو. بيشڪ هن ڌرتيءَ جي گولي تي اهڙن انمول ماڻهن جي کوٽ آهي جيڪي پاڻ کي هٿرادو جوڙيل نظام جي ويجهو ڏسڻ نٿا چاهين ۽ سندن اصول ئي سندن زندگيءَ جو طريقڪار آهن. بابا قربان پڄاڻان سندس هر دوست ۽ عزيز ڏکارو آهي. ڇو جو هن جي شفقت ڀريو هٿ هر ماڻهو مٿان رهيو، سڀڪو هن کي پنهنجو يار سمجهندو هيو هڪ ئي ملاقات ۾ جيڪڏهن ڪو ماڻهو قربان پيرزادي جي محبتن جي ڪڙن ۾ قيد نه ٿيو ته ڄڻ ملاقات ئي نه ٿي! اها هن جي خاصيت هئي. پر بابا صاحب جو وڇوڙو هڪ تقاضا به ڪري ٿو ۽ هڪ پيغام کي عام ڪرڻ جي نصيحت به ڪري ٿو. اهو پيغام سندس آدرشن سان سرشار پيغام آهي، اهو پيغام جنهن منجهه لالچ لوڀ ناهي، اهو پيغام جنهن ۾ لطيفات آهي، اهو پيغام جنهن منجهه ذاتي خواهشن کان مٿي مجموعي مفاد آهن. اهو پيغام جنهن ۾ رواداري سهپ ۽ پريتڻو آهي. اچو ته ان قربان صاحب جي پيغام کي عام ڪري ساڻس محبت جو اظهار ڪيون. کاھوڙِيُنِ خَفِّيءَ سين، سوجھي لَڌو سُبُحانُ؛ عاشِقَ اَھڙي اَکَرين، لَنگِھيا لا مَڪانُ؛ ھُوءِ ۾ گَڏِجِي ھُوءِ ٿِيا، بابُو جي بِريانُ؛ سَڀوئِي سُبُحانُ، آيو نَظَرُ اُنَنِ جي. ______ مُون سي ڏِٺا، ماءِ! جنِين ڏِٺو پِرينءَ کي؛ رَھِي اَچِجي راتڙِي، تن جُنگَنِ سَندِيءَ جاءِ؛ تنِين جِي ساڃاءِ، تُرھو ٿِئي تارِ ۾. ڪاڪو قربان پيرزادو سالگرهه جي حوالي سان ڪجهه دل جون ڳالهيون! ھمسفر گاڏھي سنڌ مختصر آ، ڦري گهري ماڻهو جو ڪٿي نه ڪٿي مکاميل ٿيو وڃي. ايئن ئي سموري سنڌ ۾ مروج چوڻيون، محاورا ۽ لفظ به مختلف هنڌن تي ساڳي نوعيت ۽ معنيٰ ۾ استعمال ٿيندي ٻڌڻ لاءِ ملن ٿا. ايئن آئون تجربي آڌار چوان ٿو، ڇو ته اسان ٻاروتڻ ۾ پنهنجي والد جو ڪو ڀاءُ نه هجڻ باوجود سندس سوٽن کي احترام وچان سمورا ڀائر توڙي ويجها عزيز “ڪاڪو” ڪري سڏيندا هئاسين. ايئن اهو لفظ مونکي ۹۰ع جي ڏهاڪي ۾ تڏهن ڪنن سان ٽڪرايو جڏهن آئون روزاني عوامي آواز ۾ ڪم ڪندي سائين انور پيرزادي کي ويجهو ٿيس، کيس ٻلهڙيجي جا سمورا پيرزادا عزت ۽ احترام وچان “ڪاڪو انور” ڪري سڏيندا هئا ۽ انور صاحب جي ڪري ئي قربان پيرزادي صاحب سان ميل ملاقات ٿيندي هئي. گهڻو پوءِ مون ٻلهڙيجيءَ سان واڳيل پنهنجي ڪافي صحافي دوستن خاص طور سؤٽ زلف پيرزادي ۽ الطاف پيرزادي واتان قربان صاحب لاءِ به “ڪاڪو قربان” چوندي ٻڌو، تڏهن مونکي پڪ ٿي وئي ته ٻلهڙيجيءَ جا پيرزادا به ٺيٺ ٻهراڙيءَ واري ان ڪلچر جو مان سدا مٿاهون رکيو ٿا اچن، جنهن ۾ ڪٽنب جي هر وڏڙي کي احترام وچان ڪاڪو ئي سڏبو آهي. جيتوڻيڪ قربان پيرزادي صاحب سان منهنجي ويجهڙائپ جو ٻيو حوالو منهنجو نهايت دلبر دوست ظهير ميراڻي آهي، جيڪو اڃا به مونکي سوٽ ڪري سڏيندو آهي ۽ آءُ به کيس پنهنجي سڳن سوٽن وارو مانُ ڏيندو آهيان. ان اکر پٺيان هڪ پسمنظر آهي، ٿيو ايئن ته صحافت جي دنيا ۾ سائين ف م لاشاري ۽ سائين انور پيرزادو، هڪٻئي کي سوٽ سڏيندا هئا-اسان ٻنهي دوستن به اهو اَکر اتساهه طور کانئن اُڌار ورتو ۽ اڄ ڏينهن تائين اُن جو مانُ به رکندا اچون. ظهير وٽ به قربان صاحب سان کوڙ ڪچهريون ٿينديون هيون. ياد ٿو پويم ته جڏهن پاڻ سڌ سماءُ واري کاتي ۾ ڊائريڪٽر هئا تڏهن اسان ٻنهي دوستن سنڌ سجاڳ اخبار ۾ پارٽنرشپ ڪئي هئي جيڪا هلي ته مختصر عرصو، ان وقت سائين صفدر شاهه سنڌ انفارميشن کاتي ۾ اشتهارن واري شعبي جو جو ڊائريڪٽر هجي، جيڪو پيرزادي صاحب جو ڪلهه تائين به پڳ مٽ يار هو ۽ اڄ به آهي. بنا ڪنهن لوڀ لالچ جي انهن ٻنهي صاحبن اسان جي جيڪا مدد ڪئي اها ڪڏهن به نٿي وساري سگهجي. پر آءُ اهو سڄو ڪريڊٽ پيرزادي صاحب کي ڏيندس ڇو ته ان سان جيڪڏهن قرب جي ڪا تند جُڙيل نه هجي ها ته شايد ايئن ممڪن نٿي سگهي ها. قربان پيرزادو، جيڪو آءُ سڃاڻان گهٽ ۾ گهٽ اهو ڪامورو هوندي به ڪڏهن ڪامورو نه رهيو، ڇاڪاڻ ته هي نهايت ٻاجهارو شخص سدائين ڦلدار وڻ وانگر جهڪيل ئي رهيو. دوست، يار ته پنهنجي جاءِ تي پر سندس وٽ جيڪو به ايندو هو عزتون ماڻي ويندو هو. اهو ئي سبب آهي جو هو اڄ جڏهن پنهنجو ڪيريئر پورو ڪري رٽائرمينٽ جي زندگي گذاري رهيو آهي تڏهن به سندس وٽ دوستن احبابن توڙي سندس اڳوڻي کاتي سان واڳيل ماڻهن جي جهرمٽ نظر اچي ٿي. حالانڪه رٽائرڊ ماڻهن وٽ ڪير لڙي به نه ويندو آهي، جيڪا خود سماجي بي حسي آهي. هن لاجواب شخص کان زندگيءَ جي اوڀارين لهوارين بابت گهڻو ڪجهه پرايوسين، اهو وکر پوءِ زماني سازيءَ جو هجي يا ماڻهن کي مانُ ڏيڻ جو، بهرحال سڄي زندگي لاءِ هڙ ۾ ٻڌي رکيو آهي، جيڪو قدم قدم تي ڪم اچي پيو. ٻلهڙيجي جنهن جو سنڌ ۾ “لٽل ماسڪو” طور الڳ ٿلڳ تعارف موجود آهي، تنهن ڳوٺڙي ۾ ڪاڪي قربان پيرزادي ۴ سيپٽمبر ۱۹۴۸ع تي چاچي حسن علي پيرزادي جي گهر اک کولي-پاڪستان جو جنم ٿيو ۴۷ع ۾ ۽ قربان پيزادي صاحب جو جنم ٿيو ۴۸ع ۾، ان حساب سان پاڻ پاڪستان کان فقط هڪ سال ننڍو آهي، يعني لاوا ڪانڊا، همعصر ۽ هم عمر. قربان صاحب سڄي ڄمار کاٻي ڌر جي سياست سان واڳيل رهيو، ايم آر ڊي ۾ به ڪامريڊن جي ڪم ايندو رهيو- ليڪن خاموش سپاهي طور پنهنجو ڪردار ادا ڪيائين، ڪڏهن به پنهنجي ڪيل چڱائي کي ڪٿي به ڪئش نه ڪرايائين. ڏتڙيل طبقي ۽ سنڌ جي ڀلائي چاهيندڙ هي دلبر شخص اڄ به سماج ۾ مثبت تبديليءَ جا خواب اکين ۾ ٽاڪيو ويٺو آهي. جيتوڻيڪ عمر جي هن حصي ۾ سندس طبيعت به ٺيڪ نٿي رهي، کيس هفتي ۾ ٻه ڀيرا ڊائلاسز جي ڪرب مان گذرڻو پوي ٿو. آئون ويجهڙ ۾ به ساڻس قرب ڪچهري ڪري آيو آهيان. ورهين کانپوءِ ملياسين. تڏهن به سندن ساڳيو پيار ۽ قرب. شال سندن صحت سلامت رهي، ۽ وڏي ڄمار ماڻين. ڇو ته اهڙا ماڻهو سنڌ جهڙي سماج ۾ ورلي ڄمندا آهن، جيڪي پنهنجي ذات کان گهڻو اڳتي ڏور رس نگاهه رکندا آهن. قربان پيرزادو سندس ورسي ۽ ٻلهڙيجي ۾ ٿيندڙ جشن وصال جي صوفياڻي محفل شهباز پيرزادو ڍولڪ جي وڄت، ڇير جو ڇمڪو، ڪوهياريءَ جو آلاپ ۽ گيڙو رتي الفيءَ جو هڪٻئي سان ڪيترو تعلق آهي سو ته بيان ڪرڻ مشڪل آهي پر انسان جي جذبن جو موسيقيءَ جي سرن سان لاڳاپو ڪيترو آهي سو هر ماڻهو اکيون آليون ڪري ٻڌائي سگهي ٿو، ”سانون نچ ڪي يار مناوڻ ڏي” وارو تصور يار کي ريجهائڻ لاءِ آهي به الائي نه پر پنهنجي ذات کي ريجهائڻ لاءِ ضرور آهي. موسيقي جون صدائون انساني جذبن جي ترجماني کان ويندي گهايل دلين جي مرهم به آهن، سياري جي سانت ۾ سرن جو وکرڻ اندر ۾ سڪ ۽ سار جي اُها حرڪت پيدا ڪندڙ هوندو آهي جنهن ۾ انساني اندر مان لالچي ۽ لوڀ سان سرشار دنياوي زنگ به لهندو آهي ۽ وري اندر ۾ هڪ اهڙو منصف قائم ٿيندي به محسوس ٿيندو آهي جيڪو نامناسب عملن جو فيصلو اندر مان آواز جي صورت ۾ ڏيندو آهي جنهن بعد انسان کي صاف دل هجڻ جو دليل ڪنهن قاضيءَ کان وٺڻ جي ضرورت ناهي پوندي پر انسان پنهنجي اندر ۾ منصفاڻي حرڪت محسوس ڪندو آهي مفتي منجھ وهائي ته قاضيءَ ڪاڻيارو نه ٿئين اسان جي ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ ۾ ٿيندڙ صوفياڻي محفلن جي تاريخ لڳ ڀڳ اڌ صدي پراڻي آهي جنهن ۾ شادين مرادين، ميلن ملاکڙن، ۽ درگاهن جي عرس مبارڪ تي صوفياڻي راڳ جو اهتمام مانيءَ جي اهتمام کان وڌيڪ ڌيان طلب رهيو آهي. سنڌ جا تقريبن سڀ گويا اسان جي ڳوٺ ۾ راڳ جي محفل ڪري چُڪا آهن اوطاق جي ڪلچر ۽ درگاهن جي هجڻ ڪري اسان جي ڳوٺ جو اڻپڙهيل عام ڳوٺاڻو به شاھ، سچل جا بيت ۽ راڳ جي بندشن بابت آسانيءَ سان ڄاڻي وٺندو آهي شايد سمبارا جي پاڙي ۾ هجڻ ڪري سندس چوڙن جو ساز ٻلهڙيجيءَ جي ڳوٺاڻن جي ڪنن ۾ هميشه کان رهندو آيو آهي جنهن ساز کين موسيقيءَ جي شناس کان ويندي ثقافتيءَ رسمن جي بلڪل قريب رکيو آهي، راڳ ۽ رقص گيڙوءَ رتيءَ سنڌ جي سڃاڻپ جا نشان آهن جن جي موجودگيءَ ۾ سنڌي ماڻهو ڪفر ۽ اسلام ۾ ابتا پير ڌرڻ بدران پرينءَ راھ ڏانهن مائل ٿيو جيڪا راه منصور، سرمد، عنايت، ۽ دراشڪوه جي راه به آهي. . . جديد شهرڪاري نظام جي شروعات سبب جهڙي طرح پوري سنڌ اندر ثقافت رسمن ۽ تاريخي ريتن جي شڪل ۾ کوڙ ساري تبديلي آهي ساڳئي طرح اسان جي ڳوٺن ۾ به ايڪوسائونڊ جي آوازن فنڪارن جي ڳلي بابت سمجھ ئي ڦري ورتي آهي، ثقافتي ورثن جي جڳھ حاڪم طبقي جي ان ثقافت ولاري آهي جنهن سان غريب طبقي جي ماڻهن جو ڪوئي به واسطو ناهي ۽ محفلون، ميلا ۽ ملاکڙا مخصوص طبقن لاءِ منعقد ٿي رهيا آهن. . . . پر ۲۰۱۸ ۾ اسان جي ڳوٺ جي اندر هڪ اهڙي صوفياڻي محفل جو بنياد به پيو جنهن ۾ هر طبقي ۽ هر عمر جو ماڻهو شريڪ ٿيندو آهي، ۽ هي محفل ڳوٺ جي تاريخ ۾ سڀ کان نرالي ان معني به آهي ته هن محفل کي "جشن وصال” سان منسوب ڪيو ويو ۱۶ جنوري ۲۰۱۸ قربان پيرزادي جي وفات جو ڏينهن آهي جيڪو پوري سنڌ اندر ايمانداري ۽ اصولن سان سرشار شخصيت طور سڃاتو وڃي ٿو سندس شخصيت جي مختلف پاسن تي ڪافي ماڻهن لکيو آهي جيڪو مواد ڪتابي صورتن ۾ سهيڙيل به آهي پر سندس شخصيت جي آخري وصيعت واري پاسي کي به هزگز نٿو وساري سگهجي هي راڳ جي محفل قربان پيرزادي جي وصيعت مطابق ٿئي ٿي جنهن چيو هيو ته موت جز جو ڪل سان ميلاپ آهي ۽ اهڙي ميلاپ تي ڏک ڪرڻ بدران رقص ڪرڻ گهرجي. مذهبي رياست ۽ ڪوڙين ورايتن جي ڄار ۾ ڦاٿل سماج اندر هن قسم جي وصعيت تي عمل ڪرڻ ڪو آسان معاملو ناهي پر شاه لطيف ۽ سچل جي پيغام کي سمجهندڙ سنڌ اندر هميشه اهڙي قسم جا ڏڻ ملهايا ويا آهن جيڪي جمود جي شڪار سماج اندر تحرڪ به پيدا ڪندا آهن ته ساڳئي وقت مستقبل ۾ پنهنجي ديس جي ثقافتي رسمن سان جڙيل هجڻ واري خواب کي ساڀيائون طرف وٺي وڃڻ جي هڪ ڪوشش به هوندا آهن. . . روايتي انداز کان بلڪل الڳ هن محفل جو مزاج به پنهنجو آهي، قربان پيرزادو يادگار ڪاميٽي هر سال جنوري جي مهيني ۾ گذريل ٽن سالن کان هي صوفياڻي محفل ڪرائي رهي آهي جنهن جي شروعات قربان پيرزادي جي چاليهي کان ٿي، قربان پيرزادو نه ڪنُ چيرائي صوفي ٿيو هئو نڪي گيڙو رتي الفي اوڍي طالبي جي طمع ڪندو هيو هو انگريزي ادب منجهان گريجوئيٽ هجڻ سان گڏ ڊاريڪٽر انفارميشنس هئو پر سندس ڪردار به سندس ڪپڙن وانگر هميشه بي داغ رهيو هن ايمانداري سان نوڪري ڪرڻ سان گڏ ايمانداريءَ سان ادبي ۽ سماجي ڪم به ڪيا. سندس من لالچ کان پاڪ ۽ شفاف هئو ۽ هو سمجهندو هئو ته ايمانداري جو جهنڊو کڻڻ ئي انسان جو اصل ڪم آهي ۽ اگر شعبي سان جڙيل ماڻهو ايمانداري سان فرض ادا ڪن ته هوند ڪو به سماجي مسئلو جنم ئي نه وٺي راڳ اندر اجارڻ جو وسيلو آهي ۽ راڳ سان دليون ڌوپجي اجريو به ٿينديون آهن جنهن جي سالن پراڻي تاريخ به آهي. يونان اندر راڳ بيمارن جي علاج طور به استعمال ٿيو آهي ۽ شايد هن قسم جي وصيعت دلين تان زنگ لاهي محبوب بابت ويچارڻ جو شروعاتي قدم به آهي محبوب جيڪو اندر جا راز ڄاڻين ٿو ۽ انسان جي ڪردار جي جوڙجڪ ۾ مک ڪردار ادا ڪري ٿو ان کي ڪيڏي نه احتياط سان ريجهائڻو پوي ٿو اُها ڳالھ هڪ سچي صوفيءَ جي دل ئي سمجهي سگهي ٿي صوفي چائين سڌ ڪرين صوفين ايءَ به صلاح ڪاٽي رک ڪُلا، وجھ اُڇلي آڳ ۾ سنڌ جي صوفي فڪر جا سڀئي مظهر هن محفل ۾ نظر ايندا آهن جنهن ۾ ڳوڙها ۽ رقص به گڏ گڏ هوندو آهي ته شاه جا بيت ۽ راڳ جا آلاپ به هوندا آهن هي انوکي محفل ٻلهڙيجيءَ جي تاريخ ۾ هڪ الڳ حيثيت رکي ٿي جنهن ۾ وڇوڙي جي ڏينهن کي جشن طور ملهائي فطرت جي اصولن جي وڏي دامن سان آجيان به هوندي آهي ته قربان پيرزادي جي شخصيت کي ياد به ڪيو ويندو آهي سج لٿي کان پهرين صوفي فقير ڀائو حسن جي اوطاق کان راڳ ڳائيندا چاچا قربان جي مزار تي ايندا آهن جتي چادر چاڙهڻ کان پوءِ وصال جا ورلاپ ۽ يادگيرين جون صدائون ڍولڪ جي وڄت، هارمونيم جي سرن ۽ صوفياڻي ڪلامن سان گڏ هلنديون آهن، ڪڏهن خودساخته رقص هوندو آهي ته ڪڏهن وصال وارا بيت، هر اک آلي به هوندي آهي ته ساڳئي وقت هر ماڻهو سرن ۾ مسرور به هوندو، شهيد سرويچ پيرزادي، انور پيرزادي ۽ لطف پيرزادي ۽ مير محمد پيرزادي جون مزارن به اُتي آهن جن تي به حاضر ٿيندي آهي جيڪي پڻ ٻلهڙيجيءَ جي سڃاڻپ جا وڏا حوالا آهن. . . . ٽن سالن کان هلندڙ هن محفل جو آغاز شاه جي بيتن سان ٿيندو آهي جنهن ۾ قربان پيرزادي جا دوست، ڳوٺاڻان، ۽ سندس خاندان جا ماڻهو وڏي انگ ۾ موجود هوندا آهن، هن محفل ۾ استاد شفيع فقير، استاد اسماعيل مڱڻهار، سڪندر شفيع فقير، مجيد سيال، غلام رباني چانڊيو، فقير جاويد عباسي، خالد ڀٽي، ۽ ارباب شيخ فن جو مظاهرو ڪري چڪا آهن جڏهن ته هن سال ۲۰ جنوري تي صبح جو قربان پيرزادي جي ياد ۾ يادگار ڪاميٽي طرفان مفت اکين جي ڪئمپ ۽ محفل موسيقي جو اهتمام به ڪيو ويو آهي، هن محفل ۾ راڳ ۽ رقص سان گڏ سنڌ جو صوفياڻو ڏيک به هوندو آهي وڏي ٻاريل مچ جي ڀر ۾ ويٺل سمورا ماڻهو عاجزي، اخلاق، ۽ آردشي ڳالهيون به ڪندا آهن ۽ وچ وچ ۾ بيت به اهڙو ئي پڙهندا آهن جنهن ۾ محبوب جي قدمن تان قربان ٿيڻ جي ڳالھ هجي پوءِ محبوب ڀلي هر ڪنهن جو مختلف هجي. . . . هن سال ٿيندڙ محفل ۾ توڻيءَ جو قربان پيرزادي جو ٻيو نمبر پٽ جمشيد علي پيرزادو جسماني طور موجود نه هوندو ڇو جو ڪجھ مهينا اڳ سندس اوچتي لاڏاڻو ڳوٺ جي وڻن ۽ پکين کي به روئاري وڌو هيو هو ذهين ۽ مخلص نوجوان هيو. راڳ ۽ شاعري سندس دل جي رونهن هئا ۽ جشن وصال جي محفل ۾ پنهنجن دوستن سان گڏجي پنهنجي والد کي شعرن، رقص ۽ يادگيرين سان ڀيٽا به ڏيندو هيو، جنهن جي لاڏاڻي تي پڻ راڳ جي محفل منعقد ڪري نه رڳو هن کي ياد ڪيو ويو ۽ سندس پسند جا گيت چورائي تڏي تي ويٺل ماڻهن اوڇنگارون ۾ کيس گيتن جي ڀيٽا به ڏني هي ڀائو حسن ۽ قربان پيرزادو يادگار ڪاميٽيءَ جو ڪمال آهي جيڪا قربان پيرزادي جي وصيعت تي عمل ڪرائڻ کان ويندي سنڌ جي صوفي فڪر کي ڦهلائڻ جو ڪردار به ادا ڪري رهي آهي جنهن فڪر ۾ دين ڌرم کان اوچو ٿي انسان جي اتم سمجهيو ويندو آهي ڪاڪي سوز ٻروچ جي ڀنل اک، راز علي گل ڀٽي جا ڇڏائجي ويل لفظ ۽ قرار پيرزادي جا سگهاري انداز ۾ پڙهيل شاھ جا شعر، ۽ قربان پيرزادي جي سڀني چاهيندڙن جي دلين ۾ پاسا ورائيندڙ سندس انيڪ يادون هن محفل جو حصو هوندا آهن جيڪا محفل قربان پيرزادي جو وڏو پٽ ڀائو حسن وڏي منصوبابندي ۽ نفاست سان منعقد ڪندو آهي هر ماڻهوءَ ڏانهن ڏيان ۽ سمورن فنڪارن کي وقت تي اسٽيج تي سڏڻ کان ويندي ڪرائي ڀاڙي جو بندوبست به سندس مٿان ئي هوندو آهي. . . هي سنڌ جي صوفياڻي مزاج جي عڪس جهڙي محفل آهي جنهن ۾ يار ريجهائڻ لاءِ بم حملي يا وڏي ڏاڙهي رکائڻ جي ضرورت ڪونهي پر ايمانداري سان فرض کي نڀائڻ جي ضرورت آهي ۽ فرض آدرشن ۽ اصولن کي زندگيءَ جي سفر ۾ شامل ڪرڻ جو آهي. . . . . . کاهوڙين خفيءَ سين، سوجهي لڌو سبحان، عاشق اهڙي اکرين، لنگهيا لامڪان، هوء ۾ گڏجي هوء ٿيا، بابو جي بريان، سڀوئي سبحان، آيو نظر انن جي، (ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۶ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
خديجہ خانم دائود پوٽو سنڌ جي نامور ليکڪا! حسن پٺاڻ سنڌ جي نامور ليکڪا ۽ صحافي بيگم خديجہ خانم دائود پوٽي جو پورو نالو خديجه خانم بنت ڊاڪٽر شمس الدين شيخ هو. سندن والد حيدرآباد جي مشهور علمي گهراڻي جو فرد هو، جن مان ڊاڪٽر ضياء الدين شيخ هڪ ناميارو شخص ٿي گذريو آهي. خديجہ خانم دائود پوٽو ۱۹۱۸ع ڌاري حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سندس هڪ ڀيڻ عائشہ شيخ سنڌ جي مشهور تعليمي ماهر رهي آهي. خديجہ خانم، سنڌ جي نامور عالم، اديب ۽ تعليمدان شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي جي گهر واري هئي. نامور تعليم دان عيسيٰ دائود پوٽو سندس فرزند آهي. خديجہ خانم دائود پوٽي، شمس العلماءِ ڊاڪٽر دائود پوٽي جي سوانح عمري ’منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي‘ ترتيب ڏئي ڇپائي. ان کان سواءِ سندس ترتيب ڏنل ڪتاب ’شاعرن جو سرتاج‘ (شاه عبداللطيف ڀٽائي) پڻ قابل ذڪر ڪتاب آهي. ڊاڪٽر خديجہ خانم دائود پوٽو عورتن جي رسالي ’اديون‘ جي باني، سرپرست ۽ ايڊيٽر رهي چڪي آهي. هن رسالي سنڌي عورتن ۾ تمام وڏي علمي، سماجي ۽ ادبي سجاڳي آندي ۽ ڪيتريون ئي ليکڪائون هن رسالي ۾ لکي، وڏيون اديبائون بڻيون. خديجہ خانم دائود پوٽو جي وفات ۲۱ جولاءِ ۲۰۰۱ع تي اسلام آباد ۾ ٿي. جيجي خديجہ خانم دائود پوٽو بيدل مسرور ڪالهه جڏهن ڀاءُ حسن پٺاڻ جو سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي ڪتاب تان ورتل مانواري جيجي خديجه خانم دائودپوٽي متعلق مختصر ليک پڙهيم، ته ان ئي وقت يادن جي دري کلندي محسوس ڪيم. زمانو ڪو وڏو به ناهي گذريو، پر هاڻي اهو ماحول به ناهي رهيو، اڳي ڪنهن رسالي ۾ ڇپجڻ جو جيڪو موهه هوندو هو اهو هاڻي ناهي رهيو، ان جي سببن تي مان نه ٿو لکڻ چاهيان، ڇاڪاڻ ته هن وقت مان ۱۹۶۶ع جي دور ۾ هليو ويو آهيان: مئي جو مهينو آهي، گرمي جي شروعات آهي ۽ مان ڪراچيءَ مان شايع ٿيندڙ ماهوار رسالي ”اديون“ جي ايڊيٽر مانواري جيجي خديجه خانم دائودپوٽي کي خط لکي رهيو آهيان: جيجي! احساس ندامت ۾ آهيان جو فيبروريءَ جي بجاءِ مئي ۾ رسالي جو ساليانو چندو موڪلي رهيو آهي، اميد ته ناراض نه ٿيندءُ. جيجي امان مون کي نوڪري ملي آهي! ڇا توهان خوش نه ٿيندءُ؟ ڇا توهان مون هن خوشخبري ٻڌڻ تي مبارڪ نه ڏيندءُ؟ اپريل ۾ مون کي ٽائون ڪاميٽي اوستو محمد ۾ ڪلارڪي ملي آهي. پگهار ملڻ جي انتظار ۾ هوس ته جيئن اوهان کي پنهنجي پياري ۽ دلچسپ رسالي ”اديون“ جو ساليانو چندو موڪلي، اوهان جي ناراضگي دور ڪرڻ جو سعيو ڪريان. سو اڄ پگهار ملي آهي، اڄ ئي رسالي لاءِ ساليانو چندو ارسال خدمت آهي. اوستي محمد ۾ رهڻ جي ڪري فوٽو به گڏ ڪري نه سگهيس. ٻارن جا سڀ فوٽا شڪارپور واري گهر تي رکيل آهن، سو وري جڏهن شڪارپور وڃان ته هڪدم فوٽو اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪندس. فرط ندامت کان، ان عرصي ۾ مان ڪو به خط لکي نه سگهيو آهيان. ندامت جو سبب صرف رسالي جي خريداري نه ڪري سگهڻ هو. جيجي امان! اڄ مان هڪ افسانو ”ڳوڙها ۽ ٽهڪ“ ارسال ڪري رهيو آهيان. اميد ته شايع ڪري ممنون و مشڪور ڪرڻ فرمائيندا. منهنجو افسانو قابل اشاعت هجي ته شايع ڪرڻ جو اطلاع ضرور ڏيندا. نوازش. مان اوهان جو اڳ ئي نهايت شڪرگذار آهيان جو اوهين منهنجو ۽ منهنجي والد بزرگوار جو نظم شايع ڪيو آهي. رسالو اڳ کان اڳرو ٿو نڪري، بس دل بهار بهار ٿيو ٿي وڃي. چڱو اجازت، جوابي لفافو ارسال خدمت آهي، جواب جي نوازش فرمائيندا. هاڻي مان شڪارپور وڃان ٿو، شاهه لطيف ڪاليج ۾ پرائيويٽ پڙهڻ لاءِ شام جي ڪلاسز لاءِ داخلا وٺان ٿو. ڪجهه ڏينهن ڪاليج وڃڻ کانپوءِ واقف شاگرد، شاگرد يونين جي اليڪشن ۾ بيهڻ لاءِ چون ٿا، پر مان نوڪريءَ ۾ هجڻ جي ڪري انڪار ڪريان ٿو. ٻئي ڏينهن پوسٽ مئن ڪراچيءَ مان شايع ٿيندڙ ماهوار رسالي ”اديون“ جولاءِ ۱۹۶۶ع وارو رسالو اچي ڏئي ٿو. مان تڪڙ ڪري رسالو نه ٿو کوليان، ڇاڪاڻ ته ان کان اڳ مارچ ۱۹۶۶ع واري پرچي ۾ جڏهن سچل سائينءَ متعلق منهنجو هڪ نظم ڇپيو هو ته تڪڙ ڪري رسالو کولي ڏٺو هيم ۽ خوشيءَ کان ڄڻ چريو ٿي پيو هيم، جو دل چوي پئي ته رڙيون ڪري سڀني کي ٻڌايان ته ڏسو ڏسو منهنجو نظم ڇپيو آهي. نه چاهيندي به بيقراريءَ وچان رسالي کي کولي ڏسان ٿو، جنهن ۾ منهنجي ڪهاڻي ”ڳوڙها ۽ ٽهڪ“ شايع ٿيل آهي. ”توهان لکندا به آهيو ڇا؟“ مون کي خوش ٿيندي ڏسي پوسٽ مئن پڇي ٿو. مان رڳو هاڪاري انداز ۾ ڪنڌ لوڏيان ٿو. اهو پوسٽ مئن منهنجي ڪلاس ميٽ اياز علي سومري جو والد تراب علي سومرو آهي. اياز علي ۽ مان سنڌيءَ جا چار درجا گڏ پڙهيا آهيون. اياز علي ڏاڍو ماٺيڻو ۽ جهيڻي آواز ۾ ڳالهيندڙ آهي، پر هوشيار ڏاڍو آهي. نبي شاه جي اولهه ۾ سومرن جي پاڙي ۾ شڪارپور جي مشهور صحافي شهاب الدين چشتي صاحب جي گهر جي سامهون سندس گهر آهي. پوءِ جڏهن مان هاءِ اسڪول وڃڻ شروع ڪيو ته اسڪول وڃڻ جو رستو به اهو ئي هو. ڇاڪاڻ ته ڪني تلاءَ واري رستي سان بدبوءِ تمام گهڻي هوندي آهي. پر جڏهن پوسٽ مئن ڪاڪو تراب علي سومرو آگسٽ وارو رسالو نه ٿو آڻي ته مان جيجي خديجه دائودپوٽي ڏانهن خط ٿو لکان: جيجل! ڪالهه چوٿين تاريخ تائين پرچو ڪين مليو آهي، الائي ڇو؟ ٽپال کاتي کي مون سان ساڙ ٿي پيو آهي شايد! منهنجو خيال آهي ته آئيندي اوهان ڪو به پرچو موڪليو ته بُڪ پوسٽ لکي ان تي ٽڪليون نه هڻو، پوءِ سمجهان ٿو ته ڏنڊ جي بهاني پوسٽ مئن پرچو ضرور آڻيندو، ڏنڊ مان پاڻ ئي ڀري وٺندس، رسالو ته ملندو نه! .... در ٿو کڙڪي، ترسو شايد پوسٽ مئن آيو آهي. شڪارپور اچان ٿو ته گهر ۾ گهڙندي شرط امان ماهوار ”اديون“ جو اپريل ۱۹۶۷ع وارو پرچو ڏيندي چوي ٿي: ”ڪلهه ڪاڪي ٽپاليءَ تنهنجي پڇا پئي ڪئي، مان ٻڌايومانس ته: ”ڇوڪر! جيڪب آباد ۾ نوڪريءَ تي چڙهيو آهي. شڪارپور موڪل واري ڏينهن تي ايندو آهي.“ مان مٿو کنهان ٿو، حالانڪ مٿي ۾ جونئان ڪونهن. پر اصل ۾ ان پرچي ۾ منهنجي اها ڪهاڻي شايع ٿي آهي، جنهن کي جيڪڏهن امان پڙهيل هجي ها ته چڱي جٺ ڪري ها. اها ڪهاڻي ”هوءَ“ جي عنوان سان آهي، جنهن ۾ مان پاڻ کي ننڍي عمر وارو عاشق مزاج مڙس ۽ زال کي سهڻو ۽ لاڏڪو ڏيکاريو آهي. پر ڀائر به پڙهن ها ته ڀائرن جي ٽوڪ ان ڪري سهڻي پوي ها جو اڃا ته منهنجي شادي به ٿيل ڪا نه آهي. ماهوار ”اديون“ جي جنوري ۱۹۶۸ع وارو پرچي ۾ جڏهن منهنجو هڪ ترجمو ٿيل مضمون ”عورت ۽ مرد“ ڇپيل ٿو ڏسان ته پنهنجي ماضيءَ جي ماضيءَ مان ان ترجمي ڪندڙ جو نالو ٿو ڳولهيان. پر افسوس ٿو ٿئي ته ان مضمون جي ترجمي ڪرڻ وقت مون ان جي اصل ليکڪ جو نالو ڇو نه لکيو هو، هاڻي ڪهڙي خبر پوندي ته اهو مضمون اصل ڪنهن جو لکيل آهي. افسوس جي ان احساس سان ماهوار “اديون“ نومبر ۱۹۶۹ع وارو پرچي ۾ پنهنجي ڪهاڻي ”مجبوري يا بي وفائي“ ڇپيل ڏسان ٿو ته لڳي ٿو ته ڄڻ ان ترجمو ڪيل مضمون جي افسوس جو عنوان هجي، پر ماهوار ”اديون“ جي ڊسمبر ۱۹۶۹ع جي پرچي ۾ ڀٽو شمس الدين ”اعجاز“ شڪارپوري جو خط پڙهان ٿو ته افسوس جي شدت ڪجهه وڌندي محسوس ڪريان ٿو، لکي ٿو: ”بيدل مسرور بدويءَ جي ڪهاڻي ”مجبوري يا بي وفائي“ جيتوڻيڪ ترجمو ٿيل آهي ته به سٺي آهي ۽ منجهس سنڌي محاورا سٺا ڪم آندل آهن، اميد ته اڳتي هلي بيدل صاحب هڪ سٺو ليکڪ ثابت ٿيندو.“ حالانڪ ماهوار ”اديون“ جي ڊسمبر ۱۹۶۹ع واري پرچي ۾ منهنجو ”اڌورو افسانو“ به ڇپيو آهي، ۽ مون کي ان تي شرمندگي محسوس ٿي رهي آهي ته مون ان افساني کي ترجمو ظاهر ڇو نه ڪيو آهي. ان ڳالهه جو افسوس ٿئي ٿو ته ماهوار ”اديون“ جي سيپٽمبر ۱۹۷۰ع واري پرچي ۾ نفسيات متعلق ترجمو ڪيل مضمون ”ٻار ۽ ڪوڙ“ جي به اصل مصنف جو نالو ڇو نه لکيو آهي؟ افسوس جي ان آڙاهه ۾ جيجي خديجه دائودپوٽي جي اها شفقت، من تي ٿورو ڇنڊو وجهي ٿي. هاڻي مان سندس گهر ۾ ويٺو آهيان، ڪراچيءَ جي ڊي سلوا گارڊن لس ٻيلي واري سندن بنگلي تي. اڇا اڇا وار، اڇي اڇي ساڙهي، پيرن ۾ اڇو اڇو چمپل، چانهن جا اڇا اڇا ڪوپ. گهر ۾ اڪيلي آهي، ويهي ڪا نه ٿي. بس گهر جي مختلف ڪم ۾ مصروف ٿي نظر اچي. فون جي گهنٽي ٿي وڄي ته ان تي به مختصر ۽ جهيڻو ٿي ڳالهائي، فون بند ڪري چوي ٿي: ”اوهان جي شڪارپور جو آغا عبدالنبي صاحب ۽ ان جي گهر واري به ڪراچيءَ آيل آهن، شام جو اسان وٽ ايندا، توهان به ترسو! چانهن پي اچي هن پاسي آرام ڪريو، شام جو آغا صاحب وارن سان ملاقات به ڪري وٺجو، توهان ته واقف هوندا انهن کان؟“ ”جيجي! اصل ۾ مان، سندن جاءِ تي ئي انهن سان ملي آيو آهيان. وري سڀاڻي مون کي موٽي شڪارپور به وڃڻو آهي.“ جيجيءَ منهنجي ڳالهه نه ٿي ٻڌي يا ٻڌڻ نه ٿي چاهي. وڌي هڪ ڪمري ۾ وڃي وري جلد ئي موٽي اچي ٿي؛ ”هن پاسي ”اديون“ جا رسالا رکيا آهن، اهي ئي ويهي ڏسو.“ مان اٿي سندس پويان ان ڪمري ۾ اچان ٿو، جتي رڳو ڪتاب ۽ رسالا پکڙيل آهن. رسالا ۽ ڪتاب ڏسڻ ويهان ٿو خبر ئي ڪا نه ٿي پئي ته وقت ڪيئن ٿو گذري وڃي، ۽ جيجيءَ اچي چوي ٿي: ”اچو آغا صاحب وارا اچي ويا آهن.“ ڪمري مان ٻاهر اچي، مان آغا عبدالنبي خان ۽ سندس گهر واريءَ سان ملان ٿو. آغا صاحب مون کي ڏسي ڏاڍو سرهو ٿئي ٿو ۽ گهر واريءَ کي چوي ٿو: ”سڃاڻوس ٿا؟“ آغا صاحب جي گهر واري پنهنجي پياري مرڪ سان مون ڏي نهاري چوي ٿي: ”اتي شڪارپور ۾ پنهنجي بنگلي تي ايندا آهن،“ ڪجهه ياد ڪندي وري چوي ٿي: ”هي ڳائيندا به ته آهن.“ آغا صاحب ننڍي قد جو، بدن ۾ ڀريل پر وڏي حشمت وارو شخص آهي. ڪمشنر جي عهدي تان رٽاير ٿيڻ جي باوجود، سندس هٿ ۾ ساڳيو گهاٽي ناسي رنگ جو ننڍو رُول آهي. فارسي شاعريءَ کي تمام گهڻو پسند ڪندو آهي. پاڻ سنڌيِءَ ۾ به شاعري ڪندو آهي، ۽ سندس تخلص ”عليگ“ آهي. گهر تي مشاعرا ۽ راڳ جون محفلون ڪرائيندو آهي، جتي سنڌ جا ناميارا شاعر وٽس ايندا آهن. ان لاءِ اسان جي مربي ڀائرن کي به دعوت ڏئي گهرائيندو آهي، جتي اسان سندن مشاعري جي محفل کانپوءِ گڏجي ڳائيندا آهيون. خاص طور امير خسرو واري قوالي کيس ڏاڍي پسند آهي. ايتري قدر جو ان کي ٻڌندي وجد وچان پاڻ به جهومڻ لڳندو آهي ۽ اسان سان گڏجي ڳائيندو آهي. وٽس شڪارپور جا گهڻو ڪري سڀئي شاعر ايندا آهن، جن کي دعوت، شڪارپور جو مشهور شاعر جهامنداس ”عاشق“ ڏئي ايندو آهي. جيڪو پاڻ اداري سچل سرمست جو باني آهي، ۽ جيئن ته خود آغا صاحب به سچل سائينءَ جو پانڌيئڙو آهي، ان ڪري انهن ٻنهي جي پاڻ ۾ گهاٽي دوستي به آهي. ان کان علاوه سلطان ڪوٽ وارا پٺاڻ: آغا نادر علي ”نادر“ پٺاڻ، آغا گل حسن خان ”گل“، اسان جو ڪلاس ٽيچر سائين حبيب الله ڀٽو ۽ جيڪب آباد وارو فيض بخشاپوري سندس ويجها دوست آهن. آغا صاحب جي گهر واري به نهايت سهڻي سيبتي، ۽ تمام گهڻي پڙهي لکي آهي. شڪارپور ۾ سندن بنگلي تي ٿيندڙ مشاعرن ۾ هوءَ آغا صاحب جي ڀرسان ادب سان ايئن ويهندي آهي، ڄڻ نماز پڙهڻ لاءِ ويٺي هجي. مشاعري جي شاعرن کي رڳو داد ئي نه ڏيندي آهي پر انهن جي کائڻ پيئڻ ۽ آرام جو اونو به رکندي آهي. رسالن واري ڪمري مان ٻاهر اچان ٿو، آغا صاحب سان جهڪي ملان ٿو. هو مون کي ٻانهن کان پڪڙي سڌو ڪري ڳلي لڳائي ٿو. سندس گهر واري به وڏي عمر جي باوجود تمام حسين لڳي رهي آهي. عينڪ جي پائڻ سان سندس منهن وڌيڪ رعبدار ٿي ويو آهي. مان سندس منهن ۾ نهاري نه ٿو سگهان ته هوءَ ان ڳالهه کي محسوس ڪري مرڪي، هيج منجهان منهنجي ڳل تي ٿپڪي ٿي ڏئي. ”هي ڇوڪر پنهنجي سنگت کان سواءِ اڪيلي سر به سٺو ڳائيندو آهي. پر هنن جو والد فقير ميان غلام علي ”مسرور“ جو جواب ئي ناهي. اهو ته اسان جي شڪارپور جي سونهن هيو. جيترو سٺو ڪلام لکندو هو، اوترو ئي سٺو ڳائيندو به هو، ۽ ڇا ته ستار وڄائيندو هو...“ جيجي خديجه خانم حيرت مان مون ڏانهن نهاري چوي ٿي: ”توهان ڳائيندا به آهيو؟“ مان مرڪي ڪنڌ لوڏي هائو ڪريان ٿو. ”مون کي خبر پئي هئي ته ٻه چار ڏينهن اڳ ابراهيم علي ڀائي آڊيٽوريم ۾ ڪو سنڌي فنڪشن ٿيو هو، جنهن ۾ شڪارپور جي هڪڙي ڇوڪري، شيخ اياز جو ڪو ڪلام ڳايو هو، جنهن تي سارو هال اٿي نچڻ لڳو هو.“ ”اهو ڇوڪرو اهو آهي، خانم!“ ”هان، واهه! پوءِ اسان کي به ٻڌايو نه!“ پوءِ مان ڳايان ٿو: مون گيت چيا ها ڪويل ٿي ڪلهه ڪيسوڦل جي ٽارين جا ٿو جهرمر جهرمر گيت چوان اڃ جهومر جهومر سارين جا ڪي گيت ڏجهايل ڏاٽن جا، ڪي گيت هپايل هارين جا... ڪلام ڳائي پورو ٿو ڪريان ته جيجي خديجه خانم ۽ آغا صاحب جي گهر واري هلڪي انداز سان تاڙي وڄائي خوشيءَ جو اظهار ڪن ٿيون، پر آغا صاحب تعريف ڪندي محسوس ڪرائي رهيو آهي ته هو ڪجهه چوڻ ٿو چاهي. ”ڀلا ڪويل ڪيسوڦل جي ٽاريءَ تي ته ويهي ڳائي نه ٿي سگهي، اها ته نهايت نازڪ ٽاري هوندي آهي.“ آغا صاحب پنهنجي گهر واريءَ ڏانهن نهاري، معلوم ڪرڻ واري انداز سان چوي ٿو. ”ڪيسوڦل جي ٽاري واقعي نازڪ ٿيندي آهي آغا صاحب، پر شاعر ڪويل کي ٽاريءَ تي ويهڻ جي ڳالهه نه ڪئي آهي، پر چوي ٿو ته مون ڪويل جيان، ڪالهه ڪيسوڦل جي ٽارين جا گيت ڳايا هيا.“ آغا صاحب خاموش ٿي وڃي ٿو، پر وري چوي ٿو: ”شاعريءَ ۾ ڪيسوڦل جهڙين سُتين ڦڪين جو ذڪر ڪجهه معيوب نه ٿو لڳي.“ ”جديد سنڌي شاعريءَ ۾ هاڻي گل، بلبل جو ذڪر نه ٿو ٿئي آغا صاحب. سنڌي شاعريءَ وٽ پنهنجا وڻ ٽڻ آهن، پنهنجون وسيون واهڻ آهن، پنهنجي غريباڻي حال ۽ ميرن ڪپڙن وارن جا دک درد آهن. پر توهان پنهنجي شاعريءَ ۾ جڏهن ڪنهن حسين دوشيزه جو ذڪر ڪريو ٿا، جنهن جي آمد تي اوهان جو ڪمرو به سندس حسن سان روشن ٿي وڃي ٿو ته اهو حسن جو تصوراتي احساس کي ته اڀاري ٿو پر حقيقت ۾ اهو مبالغو آهي..“ چوندي منهن تي مرڪ تري اچيس ٿي، پل جي وقفي کانپوءِ وري چوي ٿي: ”اهو هڪ شاعراڻو خيال آهي، جيڪو فارسي شاعريءَ جو مزاج آهي!“ چوندي عينڪ لاهي ان جي شيشن کي چتائي ڏسي ٿي، ڄڻ محسوس ڪندي هجي ته ان تي ڪو داغ لڳي ويو هجي. سندس ڪنڌ جهڪيل آهي ۽ انهيءَ دوران ئي هوءَ آغا صاحب کي مرڪي مخاطب ٿي ڪري: ”ڀلا مان به ته اوهان جي ڪمري ۾ ايندي آهيان ته ڪمرو روشن ٿيندو آهي آغا صاحب؟“ آغا صاحب جي منهن تي هڪ لازوال مرڪ تري اچي ٿي، ڄڻ چوندو هجي: ’اوهان جي اچڻ سان ته اسان جا ٻئي جهان روشن ٿي ويندا آهن.‘ سندن گفتگو دوران جيجي خديجه خانم چانهن واري ٽرالي ڇڪي اچي سندن سامهون رکي آهي، جنهن ۾ چانهن کان علاوه پڪوڙا ۽ فروٽ به رکيل آهي، جيجي پنهنجي هٿن سان چانهن ٺاهڻ لڳي ٿي. ”ته هي سڀڪجهه اوهان اڪيلي سر ٿا ڪيو؟“ آغا صاحب تعريفي انداز سان جيجيءَ کي مخاطب ٿو ڪري. ”جي آغا صاحب! مرحوم ڊاڪٽر صاحب جي هوندي به مان نوڪر رکڻ ڪڏهن پسند نه ڪيو، منهنجا فرزند خاص ڪري عيسى ۽ عظيم به گهڻو ئي زور ڪندا آهن ته ڪا نوڪرياڻي رکو پر مان پنهنجا ڪم پاڻ ڪرڻ وڌيڪ پسند ڪندي آهيان، ۽ خاص طور مهمانن جي اچڻ کان اڳ ئي مان سڀڪجهه تيار ڪري وٺندي آهيان ته جيئن مهمانن سان ويهي ڳالهيون ڪري سگهجن.“ چانهن ڪوپن ۾ لهي ٿي ته آغا صاحب ڪو فارسي شعر چوي ٿو، جيجي خانم ۽ آغا صاحب جي گهر واري سندس شعر ٻڌي واهه واهه ڪرڻ لڳن ٿيون. پر جيئن ته آغا صاحب شعر فارسيءَ ۾ ٿو ٻڌائي ۽ جيئن ته مان اسڪول ۾ به فارسي پڙهڻ کان لنوائيندو هوس، ان ڪري مان جيجيءَ وارن کان موڪلائڻ بهتر ٿو سمجهان، پر سچ پڇو همٿ ڪانه ٿي ٿئي ته آغا صاحب جي شاعري ٻڌائڻ جي وچ مان، اٿي وڃان. ظاهر آهي، اهو محفل جي آداب جي خلاف آهي، سو ماٺ ڪري ويهي، آغا صاحب جي شاعري ٿو ٻڌان. ۽ اها فارسي شاعري ٻڌندي مان پاڻ کي ماضيءَ جي رٿ تان لهندي محسوس ٿو ڪريان، پنهنجي اوسي پاسي ڏسان ٿو، هي سچل ڳوٺ ڪراچي سنڌ واري گهر جو منهنجو ڪمرو آهي ۽ مون کي ياد ٿو اچي ته مان اپريل جي ويهين تاريخ سن ۲۰۲۰ع جي صبح جو اٺين وڳي پنهنجي ڪمپيوٽر تي اهي يادون لکڻ ويٺو هوس ۽ هاڻي بس رڳو منجهند جو هڪ ٿيو آهي، پر تاريخ ساڳي آهي.
مختيار ملڪ هڪ ذهين براڊڪاسٽر جي سروس جي پُڄاڻي خالد زخمي چانڊيو پنهنجي چاچي سان گڏجي خيرپور جي وڏي علم واري پاڙي ۾ بابا جي ادبي دوست مختيار ملڪ جي پُڇا ڪئي سين ته هڪ رستي ويندڙ دروازي تي آڻي بيهاريو. سائينءَ جي موجودگي معلوم ڪرڻ تي خبر پئي پاڻ گهر آهن، تن ڏينهن ۾ اسين بابا جي شهادت پڄاڻان هڪ خطرناڪ قبائلي ويڙهه جو شڪار هئاسين. بابا کان سندس دوستن جي احوال جي خبر پوندي هئي، ڪن سان ملاقاتون به ٿينديون رهيون... بابا دوستن کي پنهنجي “ملڪيت” ڀائيندو هو ۽ پنهنجي دوستن لاءِ ڪنهن خطري کي به منهن ڏيڻ لاءِ هميشه تيار رهندو هو... دوست ۽ ڀائر سندس وڏي وٿ هئا، دوستن سان ناتو به اعليٰ انداز سان نڀايائين ۽ ڀائرن لاءِ پنهنجي سِرَ کي سستو سمجهي قربان ڪري ڇڏيائين. مختيار صاحب سان ملاقات ٿي ته اول ئي ناشتي جو معلوم ڪيائين.. سندس قربائتي انداز منهنجي چاچي غلام قادر کي حيران ڪري ڇڏيو... اسين وڏي اسر جو ڳوٺان نڪتا هئاسين، ان ڪري ناشتي لاءِ سائين مختيار کي منع نه ڪري سگهياسين. جيسيتائين اسين ناشتو ڪريون، تيسين پاڻ ريڊيو پاڪستان خيرپور تي وڃڻ لاءِ تيار ٿيڻ جو چئي ويا... ناشتي پڄاڻان چانهه ورتي سين ۽ ٿوري دير کانپوءِ پاڻ نڪري آيا، ريڊيو تي گڏجي هلڻ جو چيائون. آئون ۽ چاچو ساڻس گڏجي ريڊيو تي پهتاسين ۽ کيس حال احوال کان آگاهه ڪيو... حال احوال وري ڪهڙو! قبائلي جهيڙي سبب زندگي مفلوج بڻيل هئي، هر گهڙي خوف ۽ حراس ۾ ٿي گذريو... خطرن سبب اسين اسڪول، ڪاليج توڙي سرڪاري دفترن ڏانهن وڃي به نه پئي سگهياسين... اهو مشرف واري آمريت جو زمانو هو.. هر ضلعي هيڊڪوارٽر ۾ هڪ فوجي دفتر هوندو هو... اتي اسان جي مخالف مائٽن جون عورتون هر ٻئي ڏينهن اسان جي عزيزن خلاف شڪايتون لڳائي اينديون هيون... اسان حاضر ٿياسين پر گهڻين ڪوڙين شڪايتن سبب بي اثر رهياسين... تن ڏينهنِ ۾ ثناءُالله عباسي شڪارپور ۾ ايس ايس پي هو ۽ مختيار صاحب سندس دوست آهي، اها ڳالهه مون بابا کان ٻُڌي هئي... مختيار صاحبَ، عباسي صاحب کي فون ڪئي ۽ پوءِ وڃي اسان ڪوڙين درخواستن واري معاملي کان پناهه ۾ رهياسين. منهنجي هيءَ ملاقات مختيار صاحب سان پهرين ملاقات هئي... پهرين ملاقات ۾ هُو هڪ ڳُڻائتو، وضعدار، سماج ۽ دوستن سان پيار ڪندڙ شخص محسوس ٿيو... پوءِ سچل ادبي ڪانفرسن ۾ ساڻس ملاقاتون ٿينديون رهيون... لاڙڪاڻي رهڻ دوران سندس ڀائيٽي ڊاڪٽر فرخ ملڪ سان ڪافي ملاقاتون ۽ ڪچهريون ٿيون... فرخ به مختيار صاحب جهڙو ملنسار، ٻاجهارو، پيار ڪندڙ ۽ تخليقي ماڻهو آهي. لاڙڪاڻي ريڊيو تي مختيار صاحب ۲۰۰۸ ۾ آيو ته ساڻس وڌيڪ ويجهڙائي ٿي ۽ هڪ باصلاحيت براڊڪاسٽر کان تمام گهڻو سکڻ لاءِ ميسر ٿيو. ريڊيو لاڙڪاڻي تي ان کان اڳ مانواري محمد علي ٻانڀڻ، محترم ڪوثر ٻرڙي ۽ سائين شوڪت خاصخيليءَ سان ڪم ڪرڻ جو هڪ سٺو تجربو رهيو، هاڻ ته ٽيئي ڄڻا ريڊيو جي سروس مڪمل ڪري چڪا آهن. مختيار صاحب جي دلچسپين سبب ۲۰۰۹ دوران آئون پروگرام شعبي ۾ پروڊيوسر ٿيو هوس ۽ سکڻ لاءِ سندس سڄي براڊڪاسٽنگ ڄمار جو تجربو منهنجي اڳيان هو. سندس موجودگيءَ سبب ريڊيو لاڙڪاڻي جي آڊيو ڪئسيٽن واري لائبرريءَ ڊجيٽل دور ۾ پهريون قدم رکيو، انهن ڏينهن ۾ ڪمپيوٽر تان ڪلام نشر ڪرڻ بدران اڪثر انجيئر دوست ڪئيسيٽن جا ڪي.ٽُو جبل پسند ڪندا هئا... ريڊيو جي آڊيو مٽيريل اسسٽٽ سجاد شاهاڻيءَ ۽ ڊيوٽي آفيسر حاجي حسين کي پيا ڪيسيٽن لاءِ منٿون ڪندا هئا... صاحب کي خبر نه پوي ته اسان ڪيسيٽ تان ڪلام هلايو... واه جو رنگ هجي... نيٺ چڱا ڏينهن گذرڻ بعد ڪمپيوٽر جي اجائي خوف مان نڪتا ۽ ڪمپيوٽر جي دوستي سندن پروفيشنل ڪمن کي آسان بڻايو... ڊجيٽل زماني ۾ به ڪيترائي ماڻهو مينوئل قسم جي زندگي ڪيئن ٿا گذارين سا ڳالهه اڄ به جواب طلب آهي... مختيار ملڪ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي ٻه ڀيرا اسٽيشن ڊائريڪٽر رهيو... ٻيئي دفعا ايڪسٽرا ٽائيم ڏيندڙ هن تخليقڪار شخص وٽ براڊڪاسنگ جي هر شعبي لاءِ نت نوان خيال رهيا... اديبن، شاعرن، ليکڪن، آفيسرن جي ريڊيو جي پروگرامن ۾ شرڪت لازمي ڪيئن بڻائجي... ٻُڌندڙ اسان جي پروگرامن کي ڪيئن ٻُڌندا... ريڊيو جي پروگرامن وسيلي عام ماڻهن جي مدد ڪيئن ڪجي... موسيقيءَ کي هٿي ڪيئن ڏيارجي... ريڊيو کي عوام جي ويجهو ڪيئن وٺي وڃجي... اهڙن ڪيترن ئي خيالن تي سندس نه صرف ويچار ٻُڌبا هئا پر پاڻ هڪ ڪارڪن وانگر ڪم ڪندي نظر ايندو رهيو... پروگرامن جي شيڊيول تيار ڪرڻ کان پرفارم ڪرڻ تائين پاڻ پهرين صف ۾... اهڙي ڪميٽيڊ انسان کان جنهن سکيو تنهن جي براڊڪاسٽنگ واري زندگيءَ تي مثبت اثر ضرور پوندا... عوام جي معاملن تي نظر رکندي هڪ دفعي اچي پروگرام جي دوستن سان هڪ بحث ڇيڙيو ته عام ماڻهن کي وڌيڪ ڪهڙي تڪليف آهي؟ جنهن ۾ ريڊيو پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي... نتيجي ۾ پوليس ڱان شڪايتن تي مشمل پروگرام “ريڊيو هيلپ لائن” وجود ۾ آيو... جنهن جي نگرانيءَ جي ذميواري تڏهوڪي ڊي آءِ جي پاڻ تي کنئي... اڄ تائين لاڙڪاڻي ڊويزن جي پنجن ضلعن جا آفيسر هن پروگرام ۾ شامل ٿين ٿا ۽ ماڻهن جون شڪايتون ٻُڌي انهن کي حل ڪرڻ جا جوڳا انتظام به ڪن ٿا. اڄ تائين لاتعداد ماڻهو هن پروگرام مان فائدو حاصل ڪري رهيا آهن. مختيار ملڪ پنهنجي براڊڪاسٽگ واري زندگيءَ ۾ هڪ بهترين ميوزڪ پروڊيوسر ۽ ميزبان رهيو آهي. هن سينگار علي سليم، استاد گلزار علي خان، برڪت علي، غلام علي سنديلي، ممتاز لاشاري، عاشق نظاماڻي، صنم ماروي، حميره چنه، رحمت علي ميرالي، مظهر حسين، حنيف لاشاري، بيدل مسرور، صادق فقير، ثمينه ڪنول، غلام شبير سمون سميت اڻ ڳڻين فنڪارن/ فنڪارائن جي آوازن ۾ معياري شاعري ۽ نين ڌنن تي آڌاريل ڪلامن کي رڪارڊ ڪيو آهي. ريڊيو خيرپور کان پنهنجي براڊڪاسٽنگ واري زندگيءَ جي شروعات ڪندڙ هي مهان ماڻهو اڄ جڏهن ريڊيو پاڪستان ملتان تان رٽائر ٿي رهيو آهي، تڏهن ائين هرگز نه چئبو ته سندس رٽائرمينٽ پڄاڻان براڊڪاسٽنگ جو سج لهي ويندو پر هن اميد پرست انسان جي رٽائرمينٽ جي موقعي تي اهو ضرور چئي سگهجي ٿو ته “ريڊيو کي سندس ڪمي ضرور محسوس ٿيندي ۽ اوهان جن جن ماڻهن جي من ۾ هڪ سٺي براڊڪاسٽر واري چڻنگ ٻاري آهي سان لاٽ مان لاٽ وانگر ٻرندي رهندي...” اڄ ريڊيو پاڪستان هڪ ڪامياب براڊڪاسٽر تي فخر محسوس ڪري ٿو. اوهان جي باقي ڄمار لاءِ انيڪ دعائون، سدا سلامت رهو. مختيار ملڪ سنڌ جو نامور براڊڪاسٽر ۽ شاعر - جنهن جي شاعريءَ ۾ مٽيءَ جي خوشبو آهي حفيظ چانڊيو سنڌي ادب جي تاريخ جڏهن به پڙهبي ته پتو پوندو ته اهي تخليقڪار جيڪي پنهنجي تخليقي پورهئي جون پاڙون ڌرتيءَ ۾ کپائي بني آدم جي امن ۽ اهنسا جو فڪر ڪري سندن ترقي ۽ تعمير ۾ مثبت ڪردار ادا ڪن ٿا ۽ مارن جي ڦٽل مقدر کي سنوارڻ ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪن ٿا سي ماڻهن جي دلين تي راڄُ ڪندا آهن. سنڌي ماڻهن جي دلين ۾ گهر اڏيندڙ خيرپور جو سهڻو شاعر مختيار ملڪ به اهڙن شاعرن مان آهي، جنهن جي هر سٽ مارن جي تعمير ۽ روشن مستقبل لئي مشعلِ راهه آهي. ان پيرائي ۾ جيڪڏهن اسين مختيار ملڪ صاحب جي زندگيءَ تي نظر ڌريندا سي ته هو اسان کي سماج جي سنوت ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي نظر ايندو. هن جي تخليقن ۾ مارن جا مسئلا بيان ٿيل آهن ۽ گڏوگڏ انسانيت جو اعليٰ درس به موجود آهي، هن هميشه سنڌي ماڻهن جي سک ۽ سلامتي لاءِ گيت ۽ وايون لکيون آهن. اهڙا شاعر جيڪي عام کي اجاريندا رهن سي سندن محبوب هوندا آهن. سندن مسلسل تخليقي سلسلي سبب سماج اندر ڦهليل انارڪي جو انت ناممڪن مان ممڪن بڻجندو آهي. اهي شاعر جيڪي ڪنهن سچيتائي واري رندي راهه تي نه ٿا هلن ۽ سندن اعليٰ فڪر کي عملي طور پنهنجي زندگيءَ ۾ نه ٿا اپنائن ته اهڙا تخليقڪار ڪڏهن به ترقيءَ جي منزلن تي پهچڻ کان پري رهجيو وڃن. ائين جيئن هو ڄڻ ته اونداهين ۾ بانبڙا پائي جهالت جي جهنگ ۾ ڀٽڪندي ڀٽڪندي موراڳو مري وڃن ٿا پر زندگي کي ڪا معنيٰ نه ٿا ڏئي وڃن. ڌپ هڻي ويل سماج ۾ جيڪڏهن تخليقڪار پنهنجو آدرشي ڪردار ادا نه ٿو ڪري ته نتيجي ۾ ان سماج مان نه انارڪيءَ جو خاتمو ٿيڻو آهي ۽ نه ئي اتڙي ڪنهن به قسم جي تبديلي جي اچڻ جو ڪو امڪان باقي بچي ٿو. تــون سـُتــو آن پـيـو ، ازل جــي نـِنـڊ ۾، تنهنجي قسمت نه بدلي اي هاري اڃا مون ته ورثي جيان، آهي سانڍي رکي، منهنجي سمجهي نه تو انڪساري اڃا. شاعرن کي جيتوڻيڪ هن معاشري ۾ گهربل مان مرتبو ناهي ملي سگهيو، پر مختيار ملڪ کي سنڌ جي ماڻهن جون کوڙ ساريون محبتون مليون آهن، جن جو هو اڪثر ذڪر پيو ڪندو آهي. سندس تخليقن ۾ حق جي حاصلات جي تاريخي چيخ ۽ پراڏو آهي،جنهن سان ستل ضمير گهري ننڍ مان ڇرڪ ڀري اٿي کڙا ٿي پون ٿا، هو پنهنجي ذات ۾ انمول آهي. سندس ان بي مثال ڪردار معاشري جو سونهون بڻبو، جيڪو فريب، دوکي، دولاب يا ڪوڙ کي ڌڪاري سچائيءَ کي سيني لائي ٿو. سنڌي ادب ۾ بحيثيت براڊڪاسٽر ۽ شاعر جي مختيار ملڪ جو الڳ مقام آهي. جنهن جي تخليقن سماج جي ذهني نشونما ۽ ترقيءَ لاءِ گهڻي قدر ڪارگر ڪردار ادا ڪيو آهي، مختيار ملڪ جا ٻه شعري مجموعا ٽم ٽم ٽانڊاڻا – ۱۹۸۱ع اماس ۾ به سوجهرو شايع ٿيل آهن جنهن ۾ سندس هر شعر مٽيءَ سان محبت جو اعليٰ نمونو آهي. مختيار ملڪ، سنڌ جي دردن تي دکندو رهيو آهي، ان لاءِ سندس شعرن ۾ دانهون ۽ آنهون ئي آهن، سندس اهي آنهون هر با ضمير انسان جي ذهنن ۾ تبديليءَ جي آس اڀارن پيون ۽ اونداهين کي روشنين ۾ تبديل ڪرڻ چاهن ٿيون. هو انفراديت بجاءِ اجتماعيت جو قائل رهيو آهي، ان لاءِ ئي هو پنهنجي شعرن ۾ نسلن جي غُلاميءَ وارن سنگهرن مان کين آزاد ٿيڻ جا نت نوان دڳ ٻڌائي استحصالي قوتن سان اکين ۾ اکيون ملائي قومي استحصالي جو ڪيس پيو وڙهي. شاعر هجڻ جي ناتي سان مختيار مستقبل ۾ ايندڙ قومي نقصانن کي اک ۾ رکندي نوجوان طبقي جي ذهنن تان بي پرواهي ۽ غير ذميواريءَ جو ذنگ لاهڻ چاهي پيو ته جيئن هو قومي آجپي ۾ اهو ڪردار ادا ڪن جيئن مستقبل ۾ قوم کي هڪ مستقل عزت ۽ آجپو ملي سگهي. قيد به ڄاڻون، ڀيد به ڄاڻون، ڏاڍي لئه پر سور ٿياسين وکان ڪيڏو ڏور ٿياسين صحرائن ۾ چور ٿياسين مختيار ملڪ، جديد سنڌي شاعري ۾ عجب احساس آهن، جن ۾ ڏکندڙ ماڻهن جي ڏکن کي پنهنجائي شعريءَ جو موضوع بڻايو اٿائين، هو نهايت حساس قسم ۽ ڏڍاو بئلنسڊ قسم جوماڻهو آهي، جنهن جي زندگي سندس هڪ واحد مثال آهي.هو حساس قسم جو شاندار شاعر آهي، هو ڪڏهن به ڪنهن جي اکين ۾ ڳوڙها ڏسي ناهي سگهندو، هو اهڙن تخليقڪارن کان بنهه پري رهيو آهي، جيڪي احساسن کان الاهي پري هوندا آهن، جيڪي انفراديت جي خول ۾ جيئندا آهن، وٽن ڪنهن جي لاءِ ڪو احساس ئي ناهي هوندو. اهڙن ماڻهن جي احساسن کي جهڙُڪ اڏوهي کائي وئي هجي. ماڻهن جي اهنجن ۽ ايذائن تي منجهس تڙپ ،لڇ پڇ وارو احساس سندس اندر اڌو اڌ ڪندو آهي ته ان وقت ان درد کي هو پنن تي پرٽي، مس جي روپ ۾ پنن تي ڳوڙهن کي ڇاپيندو آهي. هو سقراط ۽ سچل واري راهه جو سچو پانڌيئڙو آهي. مختيار ملڪ، پنهنجي شعري وسيلي نه رڳو جهالت کي روشنين ۾ تبديل ڪرڻ چاهي پيو، پر دقيانوسي ريتن ۽ رسمن جي خاتمي لاءِ پڻ مثبت ڪردار ادا ڪري ٿو. شاعرن جي روشن راهن تي اڪثر ڪري ڀٽڪيل ماڻهن کي سنئين واٽ ملندي رهي آهي، ساڳي ئي طرح آءُ ائين ٿو سمجهان ٿو ته مختيار ملڪ جي شاعري بي پهچ مارن جي لاءِ اتساهه جو سبب آهي، جتي هو جهٽ پل لاءِ آنند محسوس ڪن ٿا ۽ اڳتي هلي ساڳيا مايوس ماڻهو زندگيءَ کي ڪو ڪارج ڏئي وڃن ٿا. مختيار ملڪ، جي شاعري سنڌي قوم جي خوشحاليءَ جو پيغام آهي. سندس شاعري سندن سپنن جو حقيقي روپ آهي، جن جي پيروي کانپوءِ سندن زهر آلوده زندگيءَ ۾ خوشين جو سنسار ساهه کڻڻ لڳندو ۽ سندن زندگيءَ جو معمول به تبديل ٿيڻ لڳندو، ان جو بنيادي سبب ساڳيو آهي ته مختيار صاحب جي ان خدائي فڪر پويان سندس سموري زندگيءَ جو تلخ ترين تجربا ۽ مشاهدا ئي شامل آهن، جن کي هو گهڻو وقت اڳ ۾ ڏسي ۽ محسوس ڪري وٺندو آهي. مختيار ملڪ مزاجن نڊر، اڙٻنگ، ڌرتيءَ جو جهونجهار، دودي جو دوست، دولهه جو همراز شاعر آهي، جنهن جي ڪومل احساسن ۾ وطن جي حب جا منظر پسي سگهجن ٿا. سندس شاعري تشبيهن، استعارن، تمثيلن، علامتن سان ٽمٽار آهي، جنهن ۾ جمالياتي رنگ ڍنگ ۾ سڀ کان الڳ ٿلڳ نظر پيو اچي، اها مختيار جي پنهنجي رياضت آهي، ان حوالي سان نامياري شاعر ارزا پائونڊ لکي ٿو ته “ عڪس هڪ اهڙي لفظي سرشتي جو نانءُ آهي جيڪو جذبات ۽ ذهني واردات جي گڏيل ڪيفيتن کي خاص ۽ مقرر وقت ۾ پيش ڪري، عڪس ڪنهن شعر کي سمجهڻ جو اهم ذريعو آهي، انڪري عڪس تجربن واري شاعري بهتر ۽ خوبصورت شاعري چئي سگهجي ٿي”. مختيار ملڪ، سنڌي ٻوليءَ جو اهو خوبصورت شاعر آهي، جنهن جي قلم جي سگهه اڀ ۾ ٽمڪندڙ انهن ستارن جيڏي آهي، جن جي ٿڌيرڙي روشني جو احساس اونداهيءَ جي خاتمو ڪندو آهي، هن وٽ ڪمال جي اپروچ آهي، سندس شاعري ۾ ڌرتيءَ ۽ آسمانن جا اهڙا راز سمايل آهن، سندس شاعري ڦلواڙيءَ جو هر گل پنهنجي خوشبو سان پڙهندڙن کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪندي نظر پيو اچي، ان کان علاوه سندس شاعري جون پاڙون ٻوليءَ جي پاتال تائين کتل آهن، جنهن جي هڳاءَ من جي سڀني مونجهارن کي مٽائي هڪ اهڙي اميد آڻي اڳيان بيهاري آهي، جنهن سان زهر آلوده زندگيون مرڪڻ لڳن ٿيون. مختيار ملڪ جي شاعريءَ کي پڙهندڙ جڏهن مطالعي هيٺ آڻي ٿو ته سندس شعرن جي حقيقت پرجهڻ بنهه آسان ۽ سندس سمجهاڻي سليس آهي، جيئن پڙهندڙ جي دل ۾ سندس اها ڳالهه گهر ڪري ويهي رهي، ساڳي ئي طرح مختيار ملڪ صاحب جڏهن پنهنجي دردن، پيڙائن، پڇتاون، ڀوڳنائن کي لفظن ۾ سمويو ته ڪائنات جا هڙئي اسرار هن جي آڏو کُلي روشن راهن کي هموار ٿي، هن آڏو دنيا جي رازن تان پردو هٽائي، حقيقتن کان کيس همڪنار ڪن ٿا. شاعري جيڪا عام جي ڳالهه نه ٿي ڪري سا شاعري نه آهي، اها شاعري جنهن ۾ استحصالي قوتن خلاف نفرت نه آهي سا شاعري نه آهي، اها شاعري جنهن ۾ مظلوم جي طرفداري ٿيل نه آهي سا شاعري نه آهي، اها شاعري جنهن ۾ ڌرتي ڌڻين جي وڪالت ٿيل نه آهي سا شاعري نه آهي، شاعري اها هوندي آهي جيڪا سخت دل کي پگهاري ميڻ ڪري سندس اندر بيان ڪري کيس قرار بخشي سگهي. (ڏيھاڙي ڪوشش ۾، ۲۱ ڊسمبر ۲۰۱۹ع تي ڇپيل مضمون) مختيار ملڪ خوبصورت شاعر، نثر نگار ۽ براڊڪاسٽر محمد سليمان وساڻ ريڊيو سان پراڻو لاڳاپو رهيو آهي ۽ جڏهن ڳوٺ ۾ ۱۹۸۸ع تائين بجلي ڪانه هئي ته گهڻو ڪري ريڊيو جا سڀ پروگرام ٻڌندا هئاسين. ۸۰ جي ڏهاڪي ۾ ريڊيو جي پروگرامن جي ترتيب تبديل ٿيڻ سان گڏ ريڊيو ۾ هڪ انقلاب آيو ۽ ايئن ئي خيرپور ريڊيو اسٽيشن جي پروگرامن به وڏو نالو ڪمايو. ان وقت جي پروڊيوسرن شوڪت خاصخيلي، مختيار ملڪ، نصير سومرو سان گڏ اسحاق انصاري جي ڪمپيئرنگ به تمام گهڻو مقبول ٿي. ان زماني کان مختيار ملڪ جي آواز جا چاهيندڙ بڻجي وياسين. نامياري شاعر ۽ براڊڪاسٽر مختيار ملڪ جو جنم خيرپور ميرس ۾ ۲۱ ڊسمبير ۱۹۵۹ ۾ ٿيو. مئٽرڪ ناز پائلٽ اسڪول مان ۽ انٽرميڊييٽ سپيريئر سائنس ڪاليج خيرپور مان پاس ڪيائون. شاه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان آرگينڪ ڪيمسٽري ۾ ماسٽرس ڪرڻ سان گڏ ماس ڪميونيڪيشن ۾ به ماسٽرس ڪيائون. ان کانپوء پاڻ ريڊيو پاڪستان ۽ براڊ ڪاسٽنگ جي شعبي سان لاڳاپيل رهيا. ۸۰ ۽ ۹۰ جي دور ۾ ريڊيو پاڪستان خيرپور جي نشريات کي عروج تي پهچائڻ ۾ شوڪت خاصخيلي، نصير سومرو ۽ مختيار ملڪ پيش پيش رهيا. مختيار ملڪ خوبصورت آواز جو مالڪ هجڻ سان گڏ سٺو مقرر پڻ آهي. هن انيڪ پروگرامن ۾ اسٽيج سيڪريٽري جا فرض نڀايا آهن. ممتاز مرزا جي هوندي ئي هن سچل سرمست جي ميلي ۾ اسٽيج سيڪريٽري وارو ڪم وڏي خوبصورتي سان نڀايو. ايم آر ڊي جي تحريڪ دوران شاگرد سياست ۽ پرنٽ ميڊيا ذريعي جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ پاڻ رسالا ڪڍڻ ۽ لکڻ ۾ سرگرم رهيا. اهو ئي سبب هيو جو کين گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو ۽ ڪجهه عرصو روپوشي جي زندگي گذاريائون. مختيار ملڪ بهترين شاعر پڻ آهي ۽ سندن شاعري مختلف رسالن ۾ ڇپجندي رهي آهي ان کان سواءِ سندن شاعري جا هيٺيان ڪتاب به ڇپيا: ٽم ٽم ٽانڊاڻا – ۱۹۸۱ مهاڳ محترم محمد ابراهيم جويو صاحب اماس ۾ به سوجهرو – ۲۰۰۱ مهاڳ محترم تنوير عباسي صاحب مختيار ملڪ هڪ تمام سٺو نثر نگار ۽ ڪالم نگار پڻ آهي. پاڻ سنڌي ادبي سنگت جا تمام متحرڪ ميمبر ۽ جنرل سيڪريٽري پڻ رهيا آهن. هڪ ڊگهي عرصي کان ريڊيو پاڪستان لاءِ پنهنجون خدمتون نڀائيندي مختلف اسٽيشنن جهڙوڪ خيرپور، لاڙڪاڻو، ڀٽ شاهه ۾ ريڊيو جا لاجواب پروگرام پيش ڪيا اٿن. هن وقت پاڻ ڊپٽي ڪنٽرولر طور ڪراچي ۾ مقرر آهن. مختيار ملڪ يار ويس ماڻهو آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ سندس خدمتون قابل تعريف آهن. هو جڏهن به ۽ جتي به ملندو آهي ته وڏي پيار ۽ شفقت سان پيش ايندو آهي. سندس شاعريءَ مان هڪ چونڊ غزل پيش آهي. غزل تو کان ڪيڏو ڏور ٿياسين، صحرائن ۾ چور ٿياسين. ٺهندا ڊهندا رهندا آهيون، يارو! ڄڻ ڪو پور ٿياسين. قيد به ڄاڻون، ڀيد به ڄاڻون، ڏاڍي لئه پر سور ٿياسين. ڳاٽ اسان جا اوچا اوچا، اسان به اڄ منصور ٿياسين. لُٽجون ڀي ٿا، چپ ڀي آهيون، ايڏو اڄ مجبور ٿياسين. مختيار ملڪ ناميارو شاعر ۽ اديب عوامي آواز ڪراچي خيرپور جي سهڻي ڌرتيءَ پنهنجي سيني مان ڪيترين ئي شخصيتن کي جنم ڏنو آهي، جن پنهنجي محنت، سچائي، ڪمٽمينٽ سان هن سماج ۾ وڏو مقام ماڻيو آهي، انهن شخصيتن مان هڪ ناميارو شاعر، ليکڪ، براڊ ڪاسٽر مختيار ملڪ به آهي. شاعر، اديب براڊڪاسٽر مختيار ملڪ جو جنم خيرپور ميرس ۾ ۲۱ ڊسمبير ۱۹۵۹ ۾ ٿيو. مئٽرڪ ناز پائلٽ اسڪول مان ۽ انٽر سپيريئر شائنس ڪاليج خيرپور مان پاس ڪيائين. شاھ لطيف يونيورسٽي خيرپور مان آرگينڪ ڪيمسٽري ۾ ماسٽرس ڪرڻ سان گڏ ايم اي جرنلزم، ايم اي سنڌي ۽ ايل ايل بي تائين تعليم ورتي. ان کانپوءِ پاڻ ريڊيو پاڪستان کي جوائن ڪيائون. جتي مختلف عهدن تي رهيا. اسٽيشن ڊائريڪٽر جي عهدي تان رٽائرمينٽ ورتائون ۽ براڊ ڪاسٽنگ جي دنيا ۾ پاڻ مڃرايائون، ريڊيو تي ڪيترن ئي فنڪارن کي متعارف ڪرائڻ جو اعزاز رکن ٿا، پاڻ سٺا شاعر پڻ آهن ۽ سندن شاعري مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجندي رهي آهي. ان سان گڏ سندن شاعري جا هيٺيان ڪتاب به ڇپيا آهن، ٽم ٽم ٽانداڻا- ۱۹۸۱ جنهنجو مهاڳ محترم محمد ابراهيم جويو صاحب لکيو. سندس ٻيو شعري مجموعو اماس ۾ به سوجهرو- ۲۰۰۱ جنهن جو مهاڳ محترم تنوير عباسي صاحب لکيو. مختيار ملڪ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جا مرڪزي سيڪريٽري جنرل به رهيا آهن۔ ڪيترن ئي پروگرامن ۽ خاص ڪري سچل سرمست جي عرس جي تقريبن ۾ ميوزڪ واري پروگرام جي اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض پڻ سنڀاليندا رهيا آهن۔ سنڌ جي هن سهڻي شاعر مختيار ملڪ جي غزل جون ڪجھ سٽون هيٺ ڏجن ٿيون : تو کان ڪيڏو ڏور ٿياسين، صحرائن ۾ چور ٿياسين. ٺهندا ڊهندا رهندا آهيون، يارو! ڄڻ ڪو پور ٿياسين. قيد به ڄاڻون، ڀيد به ڄاڻون، ڏاڍي لئه پر سور ٿياسين. ڳاٽ اسان جا اوچا اوچا، اسان به اڄ منصور ٿياسين. لُٽجون ڀي ٿا، چپ ڀي آهيون ايڏو اڄ مجبور ٿياسين. مختيار ملڪ کي ادبي، علمي ۽ پيشيور خدمتن عيوض ڪيترا ئي اوارڊ ۽ شيلڊون مليون آهن. پر کيس بهترين پروڊيوسر، ريڊيو پاڪستان ريجنل ايڪسيلينس اوارڊ ۱۹۹۹ع ۽ ۲۰۰۲ع، سچل سرمست لائف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ ۲۰۱۳ع ۽ ۲۰۱۴ع، ٻارن لاءِ بهترين ليکڪ طور انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي اوارڊ ۱۹۸۰ع ۽ ايم اي سنڌي ادب ۾ بهرين پوزيشن تي وقت جي وزير اعلي هٿان مليل گولڊ ميڊل ذڪر جوڳا آهن. سائين مختيار ملڪ جن جي پياري شخصيت منهنجي لاءِ اتساه بخشيندڙ رهي آهي. مختيار ملڪ ھڪ محبتي، محنتي، ايماندار، سچو ۽ کرو شخص. ھڪ مڃيل ناميارو تخليقڪار. ٻاراڻي ادب جو مانائتو ۽ احترام لائق نالو. شاعري. موسيقي جو پارکو، اسان جو محسن علمي، ادبي، سماجي پروگرامن جي سونهن، ڪمال جو تخليقار رهيو آهي. مختيار ملڪ صاحب جن جي سالگره آهي. (ڏھاڙي عوامي آوزا ڪراچي ۾، ۲۱ ڊسمبر ۲۰۲۰ع تي ڇپيل) مختيار ملڪ سچل يادگار ڪميٽي جو سيڪريٽري، کاهوڙي ڪردار ايڊووڪيٽ محمد ايوب لاڙڪ کجين جو ديس خيرپور ميرس ۾ هونءَ ته کوڙ سارن مٺڙن ماڻهن ھن سماج جي بھتريءَ لاءِ پنھنجا پنھنجا عملي ڪردار ادا ڪيا آھن، اھي ڪردار جيڪي تاريخ جي امر باب ۾ لکيا ويندا، ڇو جو تاريخون سٺن، ڪردارن جي سونھن ھونديون آھن، ۽ اُنھن تاريخن جي امر باب منجھان ضلعي خيرپور ميرس جي اھڙي بيباڪ باڪردار ھردل عزيز سماج سڌارڪ، اٻوجھ ماڻھن جي چڱائي لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ مخلص شخصيت مختيار ملڪ به ھڪ آهي. ۽ مون کي يقين آهي ته اُن جي محبتن ۽ ڪاوشن کي ڏسي ڪري اسان جو ايندڙ نسل ان کي ائين ياد ڪندو. جيئن عاشق پنهنجي محبوب جي ياد کي ياد ڪري پنھنجي جيئڻ جي راھِ ھموار ڪندو آهي، سائين مختيار ملڪ جي دل ڌرتيءَ جي محبت سان ايئن ڀريل آهي جيئن خيرپور جون اصيل کارڪون مٺاڻ سان ٽٻٽار آهن. اهڙيءَ محبت جو اظهار شاھ صاحب هيئن فرمايو. جاءِ نه سڄو ڏينهن، هينئڙو اوٺي وڳ جيئن، مون پريان سين نيهن، ڇنڻ ڪارڻ نه ڪيو . . ملڪ صاحب جو ادبي دوستن پراڻن يا نون فنڪارن سان الفت جو انداز ايترو ته شفيق رھيو آھي، جو ھر مڪتب فڪه جو پارکو، ملڪ صاحب کي سچل يادگار ڪميٽي جو سيڪريٽري ٿيڻ جي نوٽيفڪيشن تي ايترو ته خوش ٿيو آهي جو اُنھن جي جذبي خوشي کي ڏسي ايئن لڳو جيئن ڪچي جا ماڻھو درياھ ۾ پاڻي اچڻ تي خوش ٿيندا آھن ۽ اُميدون ھونديون اٿن، ته ھيل بھاريون ٿي وينديون. ملڪ صاحب جي سيڪريٽري ٿيڻ سان فنون لطيفه سان لاڳاپيل سڀني سڄڻن ۾ ڄڻ سرھائي، اچي وئي آھي. مختيار ملڪ سان، جيڪڏنهن ڪنهن نه بي نڀايو هجي، پر جڏھن به ملڪ صاحب ۾ ڪم پوندو ھيو ته ھو فورن بنا فرق جي سندن ڪم ايندو هو، جيئن ڪو مذھبي عبادت لاءِ، نه سيءُ ڏسي نه مينهن، اٿي پئي عشق سان. ڪنھن جي چوڻي مطابق ته. . . ڏٺائين ڪين ڏوھ، اھڙي مدد ڪيائين جو، اکين نھاريو عقل ڏي. اھڙي ارڏي اديب حساس طبيعت واري شاعر، محقق سائين مختيار ملڪ کي سچل يادگار ڪاميٽي جي سيڪريٽري مقرر ٿيڻ تي اسين سندس کي دل جي گهراين سان مبارڪ باد پيش ڪريون ٿا ۽ اسين جس ڏيون ٿا، اٿارٽي کي جنھن ھڪ مخلص جاکوڙي باڪردار شخص کي مقرر ڪيو. اھا نھايت خوشيءِ جي ڳالھ آ. سچل سرڪار پنھنجي شعر ۾ فرمائي ٿو ته. ڪڏھن من ماڪوڙي، ڪڏهن ڪيھر شينھن سچل سارو ڏينھن حال ناهي هيڪڙو. . ملڪ مختيار جيڪو ننڍپڻ کان ئي نھايت ذھين ۽ لکڻ پڙھڻ جو بيحد شوق رکندو ھئو اسڪول ۾ ھو شيار شاگردن سان راند روند ڪندي پنھنجي مستقبل کي سنوارڻ لاءِ جاکوڙيندو رھيو. مئٽرڪ پاس ڪرڻ بعد ٻارھين سپيريز سائنس ڪاليج خيرپور مان پاس ڪري شاھ لطيف يونيورسٽي مان ھڪ اھڙي ڊگري حاصل ڪيائين. جنھن ۾ غير حيات شين جو علم ۽ سندن ڪھڙو رول ھوندو آھي ۽ انجو تعلق ڪيئن آهي اُنھيءَ سوچ سندس کي مجبور ڪيو ته حياتيءَ واريَون شيون، ماڻھن جي سوچ ويچار وارو زاويو ڇا آهي. پوءِ کيس جرنلزم علم جو شوق پيدا ٿيو ۽ گڏوگڏ ھڪ بھترين صحافت جي ڊگري حاصل ڪيائين. ملڪ صاحب صدر ايوب جي آمريت، aضياءَ جي مارشلا، لا اينڊ آرڊر جي حالتن کي مدنظر رکندي، جڏھن کين قانون جي ڄاڻ جي ضرورت محسوس ڪئي، ته ترت قانون واري ڊگري حاصل ڪيائين ۽ سندس گھڻ پاسي شخصيت مختلف عملي ميدانن ۾ پاڻ ملھائڻ بعد خصوصي خدمتون ريڊيو پاڪستان حوالي ڪيون، ۽ ملڪ جي مختلف حصن ۾ خدمتون سرانجام ڏنائون. پنھنجي خاندان ۽ اولاد جي تعليم و تربيت ذهني نشونما تي خاص توجھ ڏنو ۽ ملڪ صاحب سرڪاري نوڪريءَ کي خيرباد چئي، پاڻ ادبي دنيا ۾ مختلف ادبي سرگرمين ۾ سراپا عمل رھيا آھن. ۽ پاڻ سنڌي ادبي سنگت جا باعمل عھديدار سيڪريٽري جنرل پڻ رھي چڪا آهن. سندن سيڪريٽري جنرل جي وقت پاڻ ادبي ڪارج احسن نموني سنڀاليو، سنڌي ادبي سنگت کي اوچي پرواز ڏنائون، سنگت تي نازڪ وقت اچي ويو آهي، ملڪ صاحب کي عرض آهي ته، ادبي سنگت کي سلامت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري، ۽ اسين ملڪ مختيار صاحب مان اھا اميد ٿا ڪريون ته حضرت سچل سرمست جي فڪري ۽ الستي ايجاد کي صحيح طرح نڀائڻ ۾ثابت قدم رھندا. . ساٿ ھلندو رھي. . لاٽ ٻرندي رهي. . . . . . . . سندس ئي شعر. زندگيءَ۾ خوش گذارجي، درد دل اندر نه ڌارجي. . . . . سنڌ سلامت. ساٿ، سلامت. . . . . . . (ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۱ اپريل ۲۰۲۲ع تي ڇپيل) مختيار ملڪ نامياري اديب ۽ براڊڪاسٽر جون خدمتون زين سولنگي خيرپور جي سهڻي ڌرتيءَ پنهنجي سيني مان ڪيترين ئي املهه شخصيتن کي جنم ڏنو آهي، جن پنهنجي محنت، سچائي، ڪمٽمينٽ سان هن سماج ۾ وڏو مقام ماڻيو آهي، انهن شخصيتن مان ناميارو شاعر، ليکڪ ۽ براڊ ڪاسٽر مختيار ملڪ به آهي. مختيار ملڪ جو جنم خيرپور ميرس ۾ ۲۱ ڊسمبير ۱۹۵۹ ۾ ٿيو. مئٽرڪ ناز پائلٽ اسڪول مان ۽ انٽر سپيريئر شائنس ڪاليج خيرپور مان پاس ڪيائين. شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان آرگينڪ ڪيمسٽري ۾ ماسٽرس ڪرڻ سان گڏ ايم اي جرنلزم،ايم اي سنڌي ۽ ايل ايل بي تائين تعليم ورتي. ان کانپوءِ پاڻ ريڊيو پاڪستان کي جوائن ڪيائون، جتي مختلف عهدن تي رهيا، اسٽيشن ڊائريڪٽر جي عهدي تان رٽائرمينٽ ورتائون ۽ براڊ ڪاسٽنگ جي دنيا ۾ پاڻ مڃرايائون، ريڊيو تي ڪيترن ئي فنڪارن کي متعارف ڪرائڻ جو اعزاز رکن ٿا. پاڻ بهترين شاعر پڻ آهن ۽ سندن شاعري مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجندي رهي آهي. ان سان گڏ سندن شاعري جا هيٺيان ڪتاب به ڇپيا آهن، ٽم ٽم ٽانڊاڻا ۱۹۸۱ع جنهن جو مهاڳ محترم محمد ابراهيم جويو صاحب لکيو. سندس ٻيو شعري مجموعو اماس ۾ به سوجهرو ۲۰۰۱ع جنهن جو مهاڳ محترم تنوير عباسي صاحب لکيو. مختيار ملڪ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جا مرڪزي سيڪريٽري جنرل به رهيا آهن۔ ڪيترن ئي پروگرامن ۽ خاص ڪري سچل سرمست جي عرس جي تقريبن ۾ ميوزڪ واري پروگرام جي اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض پڻ سنڀاليندا رهيا آهن۔ مختيار ملڪ خيرپور ۾ مختلف علمي ادبي فورمن سان سلهاڙيل آهي. مختيار ملڪ ڊسمبر ۱۹۷۶ع ۾ ٻارن لاءِ هڪ رسالو “جوت” جي نالي سان شايع ڪيو، ان حوالي سان سندن ادب سان گَهِرو تعلق جڙيو. اسڪول ڪاليج جي زماني ۾ اخبار هلال پاڪستان ڪراچي جي سرپرستيءَ ۾ قائم ٿيل تنظيم “گلن جهڙا ٻارڙا سنگت” ان ۾ سرگرم رهيا، سکر ڊويزن جا آرگنائيزر پڻ رهيا، ادب ۾ لکڻ جي شروعات شعر ۽ ڪهاڻيون لکڻ سان ڪيائون. سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جي ڪلاس ڇهين جي ڪتاب ۾ هڪ نظم “پورهئي جو مان” مختيار ملڪ جو ڏنل آهي ۽ جڏهن ته گابا پبليڪيشن جي نصابي ڪتاب سنڌي پنجين ۾ هڪ گيت “ مور” مختيار ملڪ جو شايع ٿيل آهي. مختيار ملڪ کي ادبي، علمي ۽ پيشيور خدمتن عيوض ڪيترائي ايوارڊ ۽ شيلڊون مليون آهن. پر کيس بهترين پروڊيوسر، ريڊيو پاڪستان ريجنل ايڪسيلينس ايوارڊ ۱۹۹۹ع ۽ ۲۰۰۲ع، سچل سرمست لائف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ ۲۰۱۳ع ۽ ۲۰۱۴ع، ٻارن لاءِ بهترين ليکڪ طور انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي اوارڊ ۱۹۸۰ع ۽ ايم اي سنڌي ادب ۾ بهترين پوزيشن تي وقت جي وزير اعلي هٿان مليل گولڊ ميڊل ذڪر لائق آهن. مختيار ملڪ جي ادبي خدمتن جو اعتراف عالمي سطح تي درجا بندي جي اداري “ريڪنگ ڊاٽ ڪام” جي سروي جي مطابق پاڪستان جي ۳۰ مشهور شاعرن جي فهرست ۾ شمار ڪيو ويو آهي. مختيار ملڪ جي ڇپيل ڪتابن کان علاوه اٺ ڪتاب ڇپجڻ جا منتظر آهن جن ۾ قديم ڪلاسيڪي ادب ۾ عظيم صوفي شاعر حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، سامي ۽ ٻين جو ڪلام ڏنل آهي، مشهور شاعرن شيخ اياز، تنوير عباسي جن تي الڳ الڳ ڪتاب، سنڌ جي معروف افسانا نگار، ڪهاڻيڪار نسيم کرل تي اردو ۾ ڪتاب “ نسيم کرل شخصيت اور فن ” قابل ذڪر آهن.مختيار ملڪ جن سنڌي ادبي بورڊ ۽ انڊومينٽ فنڊ فار آرٽيسٽس جي بورڊ آف گورنرز جو ميمبر قابل تعريف آهن، هن وقت پاڻ سچل يادگار ڪاميٽي جا سيڪريٽري آهن. مختيار ملڪ جن جي پياري شخصيت منهنجي لاءِ اتساه بخشيندڙ رهي آهي، ان جا ڪيترائي پهلو ٿي سگهن ٿا انهن مان هڪ هي به پهلو آهي ته هنن پنهنجي ڀائٽي ڊاڪٽر فرخ ملڪ صاحب، پنهنجي پٽ سنگهار ملڪ صاحب جن جي پرورش تي خاص ڌيان ڏيئي انهن کي سي ايس ايس ڪرائي، انهن نوجوانن به ڪمال جي محنت ڪئي اڄ هو ٻئي نوجوان ايس ايس پي آهن، مختيار سائين انهن نوجوانن کي نوجوانن لاءِ هڪ رول ماڊل بڻايو آهي. مختيار ملڪ ھڪ محبتي، محنتي، ايمانتدار، سچو ۽ کرو شخص، ھڪ مڃيل ناميارو تخليقڪار، ٻاراڻي ادب جو مانائتو ۽ احترام لائق نالو آهي. پاڻ شاعري، موسيقي جو پارکو اسان جو محسن علمي، ادبي، سماجي پروگرامن جي سونهن، ڪمال جو تخليڪار رهيو آهي. مختيار ملڪ هڪ زبردست براڊڪاسٽر جو اعزاز پڻ رکن ٿا، هو مختلف ريڊيو اسٽيشنس تي رهيو، خيرپور ريڊيو اسٽيشن تي وڏو عرصو رهيا، ڪيترن ئي نوجوانن کي ريڊيو ڪمپيئر، انائونسر طور ته متعارف ڪرايو پر اتي رهڻ دوران مختيار ملڪ پنهنجي براڊڪاسٽگ واري زندگيءَ ۾ هڪ بهترين ميوزڪ پروڊيوسر ۽ ميزبان رهيو آهي. هن سينگار علي سليم، استاد گلزار علي خان، برڪت علي، غلام علي سنديلي، ممتاز لاشاري، عاشق نظاماڻي، صنم ماروي، حميره چنه، رحمت علي ميرالي، مظهر حسين، حنيف لاشاري، صادق فقير، ثمينه ڪنول، غلام شبير سمون سميت اڻ ڳڻين فنڪارن/ فنڪارائن جي آوازن ۾ معياري شاعري ۽ نين ڌنن تي آڌاريل ڪلامن کي رڪارڊ ڪيو آهي.مختيار ملڪ صاحب ريڊيو اسٽيشن ملتان تي اسٽيشن ڊائريڪٽر رهڻ دوران هنن جي ويجهڙائي سرائڪي، پنجابي، اردو ٻوليءَ جي شاعرن ۽ فنڪارن سان ٿي جيڪا پڻ ساراهه جوڳي ڳالهه آهي، هنن جي آڏو هو باصلاحيت هڪ برجستو سنڌ جو شاعر، اديب ۽ براڊڪاسٽر ثابت ٿيو، هُنن به هِن سنڌ ڄائي کي لکين عزتون ڏنيو، جڏهن اتان سرڪاري جاب تان رٽائرمينٽ پئي ورتائون ته هن سنڌ جي محبتي انسان کي سوين گلن جا هار پائي، ڪتابن جا تحفا ڏيئي، شالن ۽ اجرڪن جي تحفن ۽ سڪ جا ڀاڪر پائي رخصت ڪندي اهو چيائون ته اوهان جو يعني سنڌ جو اهو محبت ڀريو صوفياڻو رشتو ملتان واسين سان برقرار رهندو. (ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۱ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل) مختيار ملڪ اڄ سندس جنم ڏينهن آھي شوڪت نوناري هڪ سچو کرو بي لوث انسان جنهن جي نيت تي شڪ نه ٿو ڪري سگهجي. جنهن جي تخليقي صلاحيتن آڏو وڏا وڏا ادبي بت هيچ لڳندا آهن جنهن جي مطالعي جي وسعتن ۽ گهرائيءَ سان چڱو ڀلو نه پڄي سگهي. خالص ٽئلينٽ جو قدر دان جنهن اسان کي اڳتي آندو جنهن مون کي متعارف ڪرايو جنهن مون کي ان وقت ريڊيو ۾ نوڪري ڏني جڏهن يونيورسٽي ۾ پڙھڻ لاءِ پئسو نه هو ان جي برڪتن سان ئي پنهنجي تعليم جاري رکي سگهيس. زندگي جي ڪجھ اوچتن حادثن سانحن هن جي لهجي ۾ ڪڙاڻ ضرور اوتي ڇڏي پر اهو زهر هن اندر مان ڪڏهن نه اوڳاڇيو لهجي ۾ ميٺاج يارن جو يار ۽ دشمنن جو دشمن. مون هن جو ساٿ ڪڏهن نه ڇڏيو هر موڙ تي هن سان گڏ رهيس هميشه هن جو ٻانهن ٻيلي رهيس هن تي ٿيندڙ ھر وار اڳيان هيومن شيلڊ ٿي بيٺس ڪنهن به مرحلي تي هن کي نه ڇڏيم هن جو دشمن منهنجو دشمن اڄ به مختيار سان روح جا پيچ اٽڪيل اڄ به هن سان منهنجي محبت اڄ به هن کي لڳندڙ خنجر اڳيان پهريان منهنجو سينو ڇلني. مون ڪڏهن مختيار مان هٿ نه ڪڍيا هن منهنجي لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو هڪ هڪ ڳالھ منهنجي دل تي اڪريل ان ڪري مختيار ۽ مان قلم ۽ مس وانگر لازم ملزوم. ماڻھن کي هن سان همدردي پر منهنجو فخر مختيار. هو پرفيڪشن جو قائل منهنجي ٻوليءَ کي بهتر بڻائڻ وارو منهنجي شخصيت جي ڀڃ گهڙ ڪري تعمير ۽ اڏاوت ڪرڻ وارو اڻ گهڙئي ڪاٺ مان مون کي صورت ڏيڻ وارو مختيار جنهن جي اڄ سالگره المنظر هوٽل ۾ ملهائڻ پٺيان به مک ڪردار منهنجو اڄ ڪيڪ تي به هن جي تصوير ٺھرائي آ. جنهن کي ڏسي هو خوش ٿيندو مان هن جون چڱايون وساري ئي نه ٿو سگهان احسان اتارڻ چاهيان پر اتاري ئي نه ٿو سگهان. ڪلھ به مختيار جي مرڪ چلڪڻي پکراج جهڙي سچي اڄ به هن جي ٽھڪن ۾ تازن سڄر گلابن جهڙو سواد. لو يو پيارا مختيار (شوڪت نوناري جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۳ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي کنيل)
موھن ڀڳت سنڌ جو سٻاجھي لھجي وارو ڳائڻو ناصر قاضي لفظ ”ڀڳت“ سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي. سنسڪرت ۾ ان لفظ جو ٻيو اچار ’ڀڪت‘ آهي، جيڪو ’ڀج‘ لفظ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنى ”پوڄا ڪرڻ“ يا ”عبادت ڪرڻ“ ٻڌائي وڃي ٿي. ”ڀڳت“ لفظ گرامر جي گھرجن مطابق فعل به آهي ته ساڳئي ئي وقت فاعل پڻ آهي. مطلب ڀڳت واري عمل کي ”ڀڳت“ ۽ ڀڳت ڪندڙ کي به ”ڀڳت“ ئي چئبو آهي، جيڪو پنهنجي خوش الحانيءَ ۽ ساز سرود جي سنگت سان پنهنجي پالڻهار جي حمد ۽ ثنا ڪندو آهي، جنهن عمل کي ”ڀڳت“ چئجي ٿو. سنڌ ۾ ڀڳت واري راڳ جو سلسلو تمام قديم آهي. ورهاڱي کان اڳ تائين سنڌ ۾ ڪيترن ئي ڀڳتن هن قسم جي راڳ کي عام ڪيو، جن ۾ ڀڳت ڪنوررام، ڀڳت جاڙا رام، ڀڳت نيڻو رام ۽ ٻيا شامل آهن. ايتريقدر جو ڀڳت هڪ ڌرمي رسم کان وڌي موسيقيءَ جي هڪ صنف جو درجو پڻ حاصل ڪري ورتو. ورهاڱي کانپوءِ سنڌ مان ڪيترائي ڀڳت لڏي هندوستان هليا ويا، جنهن سبب آهستي آهستي سنڌ مان ڀڳت جو رواج گھٽجڻ لڳو، جيڪو هاڻي ختم ٿيڻ جي حد تي پهچي چڪو آهي. پر پوءِ به ٿر واري علائقي جا ڀڳت ڳائڻا ان مخصوص گائڪيءَ جي انداز کي اڃا به ڪنهن قدر زندهه رکيون اچن پيا، جنهن سبب هو پاڻ کي اڃا تائين ”ڀڳت“ سڏائيندا آهن. ورهاڱي کانپوءِ واري دؤر ۾ سنڌ اندر جيڪي ڀڳت باقي وڃي بچيا، انهن ۾ موهن ڀڳت پنهنجي الڳ انداز سبب منفرد مقام حاصل ڪيو، جنهن آخري دم تائين ڀڳت جي گائيڪيءَ واري انداز کي برقرار رکيو. موهن جي گائيڪيءَ جو انداز نج ڀڳت وارو ۽ نرالو هو. خاص ڪري ڀٽائي سرڪارؒ جي ڪلام کي ڀڳتي انداز ۾ ڳائڻ جي حوالي سان گذريل اڌ صديءَ کان موهن ڀڳت جو نالو ۽ حوالو ڪافي مقبول رهيو آهي. موهن ڀڳت جي گائيڪي ڀڳتي راڳداريءَ جو هڪ سهڻو نمونو هئي، راڳ جي هن انداز کي ٿر ۾ ”ڍاٽي“ پڻ سڏجي ٿو. موهن ڀڳت اسلام ڪوٽ ضلعي ٿرپارڪر ۾ ۳۰-۱۹۲۹ع ڌاري، ڀڳت اميد رام جي گھر ۾ اکيون کوليون. ڀڳت توڙي راڳ جو فن کيس ورثي ۾ مليو، ڇاڪاڻ ته سندس پيءُ اميدرام ۽ چاچو موتي ڀڳت پنهنجي دؤر جا ناميارا ڀڳت هئا. موهن ڀڳت جو ٻالڪپڻ ٿر جي ٻهراڙيءَ جي ڀٽن ۾ ٻڪريون چاريندي گذريو. هُو جڏهن ٻڪرين جي ڌڻ سان ويندو هو ته شوق منجھان اڪثر پنهنجي منهن پنهنجي وقت جُون مشهور ڪافيون جھُونگاريندو رهندو هو. جيئن ته سندس خاندان جا وڏا اڳ ۾ ئي راڳ توڙي ڀڳت جي فن سان سلهاڙيل هئا، ته اهي پنهنجن سازن مان جيڪي تارون بيڪار سمجھي ڪڍي ڦٽو ڪري ڇڏيندا هئا ته موهن پنهنجي ننڍپڻ ۾ اهي تارون کڻي گڏ ڪندو ويندو هو ۽ ٻڪرين چارڻ دؤران اڪ جي ڪاٺيءَ ۾ اهي تارون لڳائي تنبوري نما ٻاراڻو ساز ٺاهي وڄائيندو هو، اهو سڀ ٻالڪپڻ کان ئي راڳ سان سندس انس جي ساک ڀري ٿو، ان عشق کي اڃا اڀاريندڙ سندس والد ۽ چاچي طرفان کيس ان فن طرف راغب ڪرڻ هو. موهن کي راڳ جي بنيادي سکيا انهن ٻنهي کان ملي. ننڍپڻ ۾ موهن انهن سان محفلن ۾ پڻ ويندو هو ۽ اڪثر هي انهن سان گڏجي ڳائيندو هو، پر ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي وڏن جي اجازت سان الڳ پڻ ڳائيندو هو. کيس فن جي انهن مظاهرن ۾ گهڻو پسند ڪيو ويندو هو. عارفاڻي ڪلام کي ”ڀڳتي انداز“ ۾ ڳائڻ لاءِ موهن وڌيڪ سکيا ٿر جي مشهور ڳائڻي عمرو ڀڳت ۽ استاد مراد فقير کان ورتي. استاد مراد فقير ڪافيءَ جي گائڪيءَ ۾ سٺي شهرت رکندڙ راڳي هو، جنهن جي شاگردن ۾ لوڪ موسيقيءَ جي مشهور ڳائڻي مائي ڀاڳي پڻ شامل آهي، ان حوالي سان مائي ڀاڳي ۽ موهن ڀڳت هم مڪتب پڻ هئا. موهن ڀڳت مقامي سطح تي شادين مرادين، مختلف ادبي پروگرامن ۽ هندو ڌرم جي مذهبي منڊلين ۾ ڳائڻ سان پنهنجي فن جي مظاهري جي شروعات ڪئي. شروع کان ئي موهن جو آواز ۽ انداز ٻڌندڙن جي دلين کي موهي ڇڏيندو هو. هُو لطيف سائينؒ جي شاعريءَ سان گڏ اڪثر ڪبير جي شاعري ۽ ميران ٻائيءَ جا ڀڄن پڻ ڳائيندو هو. موهن ڀڳت کي ۱۹۷۰ع ڌاري سندس تر جو ڪامورو، آچار خان ريڊيي حيدرآباد تي وٺي ويو، جتي هن کيس غلام حسين شيخ سان متعارف ڪرايو. حيدرآباد ريڊيي تي سندس رڪارڊ ۽ نشر ٿيندڙ پهريون ڪلام، ڀٽائيءَ جي وائي هئي، جنهن جا ٻول هئا: ”ساٿي سڏ ڪندي ويا ساٿ جا“. جنهن کانپوءِ هن ڪيترائي ڀيرا ريڊيي توڙي پاڪستان ٽيليويزن تي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. کيس موسيقيءَ جي خدمت جي عيوض ڪيترائي ايوارڊ مليا، جن ۾ لطيف ايوارڊ ۽ سهڻي ميهار ايوارڊ قابلِ ذڪر آهن. شروع ۾ موهن ڀڳت ڳچ عرصو اڪيلو ڳائيندو هو، جنهن کانپوءِ هن سان سنگت ۾ ڳائيندڙ ٻه ساٿي، سندس ڀاءُ سروپو ڀڳت ۽ سندس ڀائيٽو شنڪر گڏ رهيا. ڳائڻ وقت موهن ڀڳت چار ساز ڍولڪ، ٽلي، دنبورو ۽ هارمونيم استعمال ڪندو هو، انهن سازن جي سنگت ۾ موهن ڀڳت پنهنجي ساٿين سان گڏ اهڙو رچاءُ پيدا ڪندو هو، جو ٻڌندڙن کي جهومائي وجهندو هو. اڪ جي ڪاٺيءَ مان ٺهيل تنبورو سندس اهم سڃاڻپ هوندو هو، جيڪو سندس ڏاڏي کان کيس ورثي ۾ مليو هو، موهن ان تنبوري کي پنهنجي عمر جي پڇاڙيءَ تائين ساهه سان سانڍيندو ۽ وڄائيندو ٿي آيو. موهن جي گائيڪي جو هڪ عليحده انداز هوندو هو، جيڪو گهڻو پسند ڪيو ويو آهي. هي مٺڙي آواز وارو من موهيندڙ فقير راڳي، موهن ڀڳت ۱۰ مارچ ۱۹۹۵ع تي سنڌ واسين کان هميشه لاءِ موڪلائي ڏورانهين ڏيهه هليو ويو. موهن ڀڳت جي لاڏاڻي کان پوءِ سندس ڀائٽيا شنڪر ڀڳت ۽ آتم ڀڳت گڏجي ساڳئي انداز ۾ ڳائين ٿا. موهن ڀڳت سندس گائيڪي ۽ صوفياڻو رنگ دولت رام کتري/مٺي موسيقي، شاعري ۽ سُرن جي سَنگم جو ٻيو نانءُ آهي. ڪائنات جي حُسناڪي، موسيقيءَ سان جُڙيل آهي. ويدن کان وٺي لطيف سرڪار جي شاعريءَ تائين ۽ لطيف کان وٺي اياز جي گيتن تائين، سنڌي شاعري موسيقيءَ سان ٽِمٽار رهي آهي. سنڌ جو پنهنجو هڪ صوفياڻو رنگ رهيو آهي. ساڌ ٻيلي کان وٺي ساڙدڙي تائين، قلندر جي نگريءَ کان وٺي رهڙڪي تائين، لطيف جي نگريءَ کان وٺي پارو فقير (پاربرهم) جي آستان تائين، سنڌ جو صوفياڻو رنگ جرڪندي نظر ٿو اچي. لطيف جي نگري توڙي ساڙدڙي جي آستان ۾ جڏهن راڳين ۽ ڀڳتن جي آواز ۾ صوفياڻو راڳ ٻڌجي ٿو، ته انهيءَ مهل سنڌ جو تصوف مون کي دنيا جي تصوف کان بنهه مختلف نظر ايندو آهي. بنياد پرستيءَ جي هن دور ۾ جتي سڄي دنيا ۾ بارود جي بوءِ اچي رهي آهي، دنيا ۾ هر هنڌ رت جي هولي کيڏي پئي وڃي، ته اُتي ڪنور ڀڳت ۽ موهن ڀڳت جهڙن ڪلاڪارن کي ٻُڌي زندگيءَ ۾گهڙي کن سڪون ضرور ملي ٿو. سنڌ جي نج ۽ صوفياڻي موسيقي ته سنڌ جي درگاهن، صوفين جي آستانن ۽ ڳوٺن جي اوطاقن جي ڪچهرين ۾ اڃا به زنده آهي. سنڌ جي صوفياڻي وجود ۾ سنڌي موسيقي، پنهنجي شاندار آب تاب سان جيئندي جاڳندي پئي اچي. ڪنور ڀڳت، جيوڻي ٻائي، مٺو ڪڇي، محمد يوسف، موهن ڀڳت، مائي ڀاڳي، استاد محمد جمن ۽ عابده پروين موسيقيءَ جي دنيا جا اهي نالا آهن، جن سنڌي موسيقيءَ جي اصل روح ۽ صوفياڻي رنگ کي زنده رکيو آهي. ٿر جي ڀرم ڀريل ڀٽن مان جڏهن هڪڙو آواز موسيقيءَ جي دنيا ۾ اُڀريو ته هن پنهنجي مخصوص انداز ۽ آلاپ سان سنڌي موسيقيءَ کي جياپو ڏنو، اهو آواز موهن ڀڳت جو هو، جنهن جي موسيقي ۽ درد ڀرئي آواز سنڌ جي صوفياڻي رنگ کي نئين سُڃاڻپ ڏني. نمن جي شهر اسلام ڪوٽ ۾ جنم وٺندڙ هن گائڪ جي گائيڪيءَ ۾ سادگي هوندي هئي. هن جڏهن لطيف جي وائيءَ کي پنهنجي مخصوص ۽ منفرد انداز سان ڳائڻ شروع ڪيو، ته هو لطيف جو راڳي بڻجي ويو. پنهنجن ابن ڏاڏن کان ورثي ۾ مليل گائيڪيءَ کي هن اهڙي انداز سان آلاپيو، جو سنڌ جي جَهر جهنگ ۽ واهڻ وستين جا ماڻهو هن جي آواز کي پسند ڪرڻ لڳا. سال ۱۹۶۸ع کان پوءِ، جڏهن موهن ڀڳت جو آواز ريڊيو ۽ ٽي ويءَ تي گونجيو ته سنڌ سميت پاڪستان جي مختلف علائقن جا ماڻهو به هن جي صوفياڻي رنگ کي پسند ڪرڻ لڳا. پِيلي پٽڪي سان گيڙو ويس لباس ۾ جڏهن هو اسٽيج تي ڳائڻ لاءِ ايندو هو ته هن جي لباس، انداز ۽ آلاپ ۾ سنڌ جو صوفياڻو رنگ نکري نروار ٿيندي نظر ايندو هو. اڄ جڏهن آئون هن جي شخصيت تي ٻه اکر لکي رهيو آهيان، ته مون کي هن جي بيوسي ياد اچي رهي آهي، جو هو ڪسمپرسيءَ واري حالت ۾ بيماريءَ جي بستري تي پنهنجي زندگيءَ جا آخري ڏهاڙا گذاري ويو هو. پنهنجي زندگيءَ جا لڳ ڀڳ ۴۵ سال سنڌي موسيقيءَ کي ارپيندڙ هن ڪلاڪار جي گائيڪيءَ سنڌي موسيقي کي اوج تي پهچايو. موهن ڀڳت پنهنجي فن جي جوهر ۾ اهڙو ڪلاڪار هوندو هو، جنهن کي موسيقيءَ سان عشق هوندو هو. بنياد پرستيءَ جي هن دور ۾ موهن ڀڳت جو آواز سنڌ جي صوفياڻي رنگ جو تسلسل آهي. سنڌ جي صوفياڻي وجود کي بچائڻ لاءِ سنڌ جي نئين نسل کي صوفياڻي راڳ جي تربيت ڏيئي، لطيف جي شاعريءَ کي عام ڪرڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن اسان سنڌ ۾ صوفي ازم جي پرچار ڪنداسين، ته ڪنهن به بنياد پرست عنصر کي جرئت نه ٿيندي، جو هو سنڌ جي صوفياڻي وجود کي زخمي ڪري سگهي. موھن ڀڳت ڀڳتي گائڪي جو ھڪ نرالو انداز ڪمال ڄامڙو موهن ڀڳت ٿرپارڪر ضلعي جي شهر اسلام ڪوٽ ۾ ڄائو. سندس پيدائش جو سال ۱۹۲۹ع يا ۱۹۳۰ع آهي. سندس ننڍپڻ ٻهراڙيءَ ۾ گذريو. موهن ڀڳت جي پرورش ڳوٺاڻي ماحول ۾ ٿي ۽ ٻڪرين جي ڌڻ سان هو جڏهن جهنگ ۾ ويندو هو ته وقت کي وندر ۾ گذارڻ لاءِ هو اڪثر ڪافي ڳائيندو رهندو هو. سندس پيءُ ڀڳت اميد رام ۽ چاچو موتي ڀڳت پنهنجي تر جا مشهور ڳائڻا رهيا آهن. موهن ڀڳت کي ننڍپڻ ۾ ڳائڻ جي سکيا پنهنجي پيءُ ۽ چاچي کان ملي. ننڍپڻ ۾ هو محفل ۾ جڏهن ڳائيندو هو ته کيس گهڻو پسند ڪيو ويندو هو. عارفاڻي ڪلام کي ”ڀڳتي انداز“ ۾ ڳائڻ لاءِ هن وڌيڪ سکيا تر جي مشهور ڳائڻي عمرو ڀڳت کان حاصل ڪئي. عارفاڻي ڪلام ڳائڻ لاءِ موهن ڀڳت، استاد مراد فقير جو پڻ شاگرد رهيو. استاد مراد فقير ڪافيءَ جي گائڪيءَ ۾ سٺي شهرت رکندڙ آهي. سندس شاگردن ۾ ملڪ جي مشهور لوڪ موسيقيءَ جي ڳائڻي مائي ڀاڳي پڻ شامل آهي. موهن ڀڳت گائڪيءَ جي هڪ مخصوص انداز جو نمائندو فنڪار هو. سنڌي موسيقي جو ڀڳتن وارو انداز گهڻو پراڻو هو. سنڌ جي ثقافت ۾ موسيقيءَ کي گهڻي اهميت حاصل رهي آهي. قديم سنڌ جا رهواسي موسيقيءَ کي گهڻو پسند ڪندا هئا، ٻيجل ۽ راءِ ڏياچ جي داستان مان اها ڳالهه ظاهر آهي ته سنڌ ۾ موسيقيءَ نه صرف عوام ۾ مقبول هئي مگر ان فن جو قدر حڪمران پڻ ڪندا هئا. راءِ ڏياچ جو موسيقيءَ جي شوق ۾ سر قربان ڪرڻ جي روايت هڪ اهڙو مثال آهي جيڪو موسيقيءَ جي تاريخ ۾ ٻي ڪنهن به ثقافت ۾ ڪونه ٿو ملي. روحاني سرور حاصل ڪرڻ ۽ وندر لاءِ موسيقيءَ جون محفلون اڄ به سنڌ جي ثقافت جو حصو آهن. عارفاڻي ڪلام کي ڀڳت جنهن انداز سان ڳائيندا رهيا آهن اهو سوين سال پراڻو آهي. سنڌ جي موسيقيءَ هر دور ۾ ننڍي کنڊ جي ٻين علائقن تي پڻ اثر انداز رهي آهي. سنڌي موسيقيءَ جا لوڪ گيت جڏهن به پنهنجي مخصوص انداز سان پيش ڪيا ويا آهن انهن پنهنجي ”لئي“ تال ۽ ڌُن جي ڪري ٻين علائقن جي ماڻهن کي به گهڻو متاثر ڪيو آهي. ننڍي کنڊ جي نامور موسيقارن سنڌي موسيقيءَ کان متاثر ٿي پنهنجي ڪجهه نغمن جي ڌن سنڌي موسيقيءَ جي سرن ۾ پڻ ترتيب ڏني آهي. موهن ڀڳت جو آواز صاف ۽ چٽو هو. سندس آواز جي خصوصيت اها آهي جو هو ڪافي ڳائڻ وقت سنڌي موسيقيءَ ۾ عام طرح استعمال ٿيندڙ لفظ ”الو ميان“ نهايت خوبصورت انداز سان استعمال ڪندو هو. سندس گلو سرن جون اڍائي منزلون يا اڍائي سپتڪون ۲.۵ OCTAVE طئي ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ هو. يعني هارمونيم ساز جي ٽيهن سرن Thirty Notes سان سندس آواز جي مطابقت آهي. ان کان سواءِ سندس لفظن جي ادائگي صاف ۽ چٽي هوندي هئي سندس آواز جي خوبصورتيءَ ۾ سندس ساٿين جي سنگت جي ڪري به هئي، جيڪي مجموعي طرح ڪافي ڳائڻ وقت Clear melodic tonal quality صاف مڌر آواز جي آميزش جو مظاهرو ڪندا آهن. موهن ڀڳت گهڻو ڪري شاهه رح جو ڪلام ڳائيندو هو. کيس شاهه رح جي ڪلام کي سرن جي مطابق پنهنجي اصلي صورت ۾ پيش ڪرڻ ۾ مهارت حاصل هئي. سندس ريڊيو سان وابستگي ۱۹۶۸ع يا ۱۹۶۹ع ۾ ٿي ۽ سندس ڪافين جو گهڻو تعداد ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ ريڪارڊ ٿيل آهي. سمنڊ سڄو ئي موت مثل مون ڇا لئه جان گنوائي آ؟؟؟ اُهي لطيف جي ان شعر جهڙا هُئا جنهن شعر ۾ لطيف اهو فرق ظاهر ڪري ڇڏيو آهي ته عاشق سُرمون نه پائيندا آهن، عاشقن جون اکيون سُرمي کان سواءِ هونديون آهن، عاشقن جي اکڙين ۾ نه سرمون هوندو آهي ۽ نه ئي ڪجل! پر انهن عاشقن جي اکين ۾ اُها لالاڻ هوندي آهي، اُهو اوجاڳو هوندو آهي جنهن جي ڪري اُنهن عاشقن کي ڏور کان پسي سگهجي ٿو ته اُهي عاشق آهن. جيئن لطيف لکيو ته: عاشقن جون اکيون، سرمون نه سُهن! اوجاڳو تن ۾ لالي تن لبن سُرخي جي مَ پسين اُهي اکيون عاشقن جون! اُهي لطيف جي ان شعر جهڙا ئي ته هُئا، عاشق سُرمي کان ڏور رهڻ وارا، انهن جي اکين ۾ اوجاڳي جو لباس ۽ اوجاڳي کان پوءِ لال لهوءَ جهڙو رنگ انهن عاشقن جي اکين ۾ لهي ايندو هو. ڳاڙهي رنگ جا عاشق سُرخا! ها! واقعي اُهي ان بيت جهڙا ئي ته هُئا! اُهي ماريا ويا، سازشن جي ور چاڙهيا ويا اهي آزادي پسند هُئا. انهن کي ديس جي آزادي گهربل هُئي انهن چاهيو ٿي ته ديس جو ڳاڙهو جهنڊو جهوليندو رهي انهن چاهيو ٿي ته سيد اهڙو ڪردار ٿي پوي جنهن ڪردار جو ڪڏهن به The End ناهي ٿيندو بس اهو ڪردار هلندو رهندو آهي. پوءِ ڏسڻ وارن کي ان ڳالهه جو اندازو لڳائڻ مشڪل ٿي پوندو آهي ته ڪردار کي بقا آهي يا اُن شخصيت کي جنهن جي ڪري اُهو ڪردار آهي. پوءِ ان شخصيت سيد جيڪو ڪجهه ڳالهايو اهو اکر اکر ڳالهڙي ٿي پيو ۽ انهن عاشقن به ان سيد جي قول کي واهڻ، واهڻ، وسندي وسندي جهر جهنگ، گهر گهاٽ تائين پهچايو ۽ انهن عاشقن سيد جي انهن الفاظن کي دل جي ڪنن سان ٻڌو انهن سيد جي انهن روحاني رمزن کي به سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪي رمزون اڄ ڪلهه جي پڙهيل لکيل شخصيتن لاءِ ڳجهارتون بڻيل آهن. اهڙيون ڳجهارتون جن ڳجهارتن کي ڪير سلجهائي! پر عاشقن اهڙين ڳجهارتن کي سمجهيو به ۽ سلجهايو به! ته انهن روحاني رمزن کي عام به ڪيو. ها واقعي اهي عاشق لطيف جي لفظن جهڙا ئي ته هئا. اهڙا لفظ جن لفظن سان شاهه جو رسالو ڀريو پيو آهي شاهه جي رسالي ۾ اهي اکر اکر ناهن پر اهي عاشق آهن جيڪي پنهنجي محبوب مرشد کي نه ختم ٿيڻ وارو سجدو ڪري رهيا آهن ۽ جڏهن مرشد انهن اکرن عاشقن کي اجازت ڏيندو آهي ته اهي اکر پوءِ سُر ٿي پوندا آهن. ڪڏهن سر سارنگ ڪڏهن سر ڪيڏارو، ڪڏهن سر يمن، ڪڏهن سر سسئي، ڪڏهن ڪهڙو سر، ڪڏهن ڪهڙو سُر. پوءِ ڪڏهن ڪڏهن اهي شاهه جا مريد عاشق اکر اهو طعنو ٿي پوندا جيڪو گهڻو ڪري هوندو ئي عاشقن لاءِ آهي ته:۹ سرمون سياهيءَ جو، رنن کي رهاءِ ڪاني ڪارائيءَ جي، مڙس ٿي مَ پاءِ، اکين ۾ اٽڪاءِ، لالائي لالڻ جي! لطيف انهن عاشقن آزادي جي متوالن، گوريلن کي هوشيار ڪري رهيو آهي ته اهي مُساڳ ڪريم ، پوڊر، سرمان، توهان لاءِ ناهن اهي سڀئي شيون عورتن، مائين لاءِ آهن توهان ته ديس جا رکوالا آهيو توهان ته هوشو، هيمون، دودا، آهبو اهو سرمون توهان جي اکين کي صرف سياهي ڏيندو. جڏهن ته مان چاهيان ٿو ته توهان جي اکين ۾ سرهائي هجي، لالاڻ هجي هوشيار ٿيو. لالاڻ کي به سانڍي رکو، سياهيءَ کان ڏور ڀڄو! ڏور ڀڄو! اکين ۾ اٽڪاءِ، لالائي لالڻ جي! اهو لالڻ جيڪو فڪر آهي، ماروئڙن جو، اهو لالڻ، جو ڏک آهي، ان بک جو جنهن جي هارين جي خاندان کي خبر هوندو آهي ۽ بس! اهو لالڻ جيڪو پنهنجي ديس ۾ هوندي به قيد ۾ هوندو آهي. جيئن منو ڀيل! لاڻ جيڪو ديس جي مهان کاهوڙي بشير خان قريشي سان ڪيو ويو ان کي زهر ڏنو ويو. اهو لالاڻ جيڪو قربان سرائي کهاوڙ سان ڪيو ويول. جيڪو مظفر ڀٽي سان ڪيو ويو يا جيڪو هر روز ڪراچي ۾ آزادي جي متوالن سان ڪيو ويندو آهي. اکين ۾ اٽڪاءِ، لالائي لالڻ جي! هاڻي نه لالڻ آهي ۽ نه ئي ان جي لالاڻ! هوئن ته ڪراچي ۾ سردي جي موسم ختم ٿي وئي آهي هاڻي ته رات جو گهرن ۾ ۽ ڏينهن جو آفيسن ۾ اي سي هلن ٿيون موسم جو مزاج جون کي ويجهون ٿيندو پيو وڃي پر ان گرمي هوندي به ڪراچي ۾ سردي جي موجودگي جو احساس اهو موٽي ايئن لڳو ته سردي ويندي ويندي موٽي اهو احساس ڏياري پئي ته دور ڪنهن مندر ۾ ڪنهن عاشق ڪو گهنڊ وڄايو آهي ۽ اهي سڀئي عاشق جيڪا ڌرتي جي ڳجهارت سلهجهائيندي سلجهائيندي پاڻ ڳجهارت ٿي مٽي ۾ دفن ٿي ويا اهي اُٿيا آهن هڪ نئين جذبي سان! هڪ نئين شوق سان! هڪ نئين گيت سان هڪ نئين روح سان! اهي هن ڌرتي جو گڏيل آواز بڻجي اُٿيا آهن اهي ڪشمور کان ڪارونجهر تائين اياز جو اهو بيت ٿي اٿيا آهن انهن لاءِ جيڪي اڃا حيات آهن ۽ جن وٽ اڃا زندگي جو ڏيئو ٻري ٿو پيو. جيڪو سوچي سمجهي سگهن ٿا ۽ ڳجهارتون سلجهائي سگهن ٿا. اڄ ديس اُجهامي ويو آهي سو سپنو کامي ويو آهي جنهن ڪالهه گلا گرمايا ها ۽ من ۾ مچ مچايا ها، ڪجهه لُنءَ لُنءَ ۾ للڪار هئي ڇا ڌارين لاءِ ڌڪار هئي! اڄ ماٺ مڙهيءَ ۾ ڀڻڪ نه آ، ڪنجهڪار نه آ ڪا ڪڻڪ نه آ ڄڻ سارو ديس مري ويو آ! اڄ منهنجو ڏڍ ڏري پيو آ، مان هيئون هاري سوچان ٿو، هي جيون واري سوچان ٿو مون ڇا لئه جان گنوائي آ؟ ڇا منهنجي ڀيٽ اجائي آ؟؟؟ ها واقعي اهي عاشق ته جان گنوائي ويا پر ڇا لاءِ؟؟؟ هن ديس جي آجپي لاءِ، هن مورڙي جي ماڳ لاءِ ڪجهه اهي عاشق هُئا به ڀٽائي جي لفظن جهڙا جيڪي هاڻ سڀئي شاهه جي رسالي ۾ اکر اکر ٿي ويا آهن ڪو ڪهڙي سُر ۾ آهي ڪو ڪهڙي سُر ۾ ها واقعي اهي لطيف جي شعرن جهڙا ئي ته هئا. ڀڳت موهن سنڌي موسيقي جو نرالو آواز ابراهيم لاشاري سنڌ ۾ موسيقي جا سڀئي ساز وڄائڻ وارا صدين کان ان ڪرت سان لاڳاپيل آهن سر سنگيت جي فنڪارن جي هن خطي ۾ ڪا ڪمي ناهي رهي مڙين فنن منجهان وري ڳائڻ واري فن ۾ ڀڳتن به پنهنجو نالو نروار ڪرائڻ ۾ ڪا ڪمي ناهي ڇڏي، اهڙن ڀڳتن منجهان ڀڳت موهن جو نالو به نرالو نظر اچي ٿو ڀڳت موسيقي جو اهو نج سنڌي نمونو آهي جنهن کي سٽاءَ ۽ پيشڪش جي لحاظ کان نه داستان گوئي جي زمري آڻي سگهجي ٿو نه مروج ۽ نج موسيقي جي ڳاڻاٽي ۾ ڀڳت جي ٽولي ۾ گهڻو ڪري چئن کان ستنجو هڪ ٽولو فنڪار ٿئي ٿو ۽ سڀ سر جا تال جا پڪا ٿين ٿا مک راڳداري ۽ داستان گوئي جو ماهر ٿئي ٿو هڪ ڄڻو هارمونيم تي ٻيون جو پاڪواز تي ٻه يا وڌيڪ ننڊي ٽهي وارو گهڻو ڪر سٺا ناچو هوندا آهن جن جو آواز مٺو هوندوئي آهي ڀڳت گهڻو ڪري رات جي ٻئي پهر ۾ ڳائيندا هئا، هونئن ڪو وقت مقرر ڪونه آهي سنڌ جا هندو ڳائڻا ان مخصوص گائڪي جي انداز ڪري پاڻ کي ڀڳت سڏائيندا آهن. سونهاري سنڌ جو نالي وارو ڀڳت موهن ۱۹۳۰ ڌاري اميد رام جي گهر کان ۲۸ ميل پري ٿر پارڪر جي هڪ شهر اسلام ڪوٽ ۾ جنم ورتو سندس وڏا سرسنگيت سان سلهاڙيل هئا موهن ڀڳت جي پروش به ڳوٺاڻي ماحول ۾ ٿي ۽ ننڊ پڻ ۾ هو ٻڪرين جي ڌڻ سان هوندو هو جڏهن جهنگ ۾ ويندو هو ته وقت کي وندر ۾ گذارڻ لاءِ پيو جهونگاريندو هو. موهن ڀڳت سورهن سالن جي ڄمار ۾ راڳ جي تربيت پنهنجي والد ڀڳت اميد رام ۽ چاچي ڀڳت موتي کان حاصل ڪئي جيڪي ٿر جي تر جا مشهور فنڪار پڻ هئا تنهن بعد موهن ڀڳت عارفانه ڪلام ڳائڻ لاءِ استاد مراد فقير جو به شاگرد رهيو عارفانه ڪلام کي (ڀڳتي رنگ) ۾ ڳائڻ لاءِ هن وڌيڪ تربيت تر جي مشهور فنڪار (ڀڳت عمرو) کان حاصل پڻ ڪئي سنڌي موسيقي ۾ (ڀڳتن) جي ڳائڻ جو انداز ئي نرالو آهي موهن ڀڳت شاهه لطيف جون وايون پر سوز هڪ منفرد ڀڳتي رنگ ۾ ڳائيندو هو پاڻ هميشه تنبوري ۽ ٽلي تي ڳائيندو هو. سندس تنبورو هڪ قديم (اڪ ) جي پاڙ مان ٺهيل هو جيڪو چيو وڃي ٿو ته سنڌ ۾ اهيو انوکو مثال پڻ آهي ان تنبوري کي ٺاهڻ جو اعزاز ( ڀانو سوٽهڙ ) نالي ڪاريگر کي آهي ٻيو ته موهن ڀڳت ڳائڻ دوران سدائين چار ساز پاڻ سان کڏ کڻندو هو هڪ ڍولڪ؛ ٽلي؛ تنبورو؛ ۽ هارمونيم انهن سازن جي سنگ ۾ اهڙو ته رچاءُ پيدا ڪندو هو جو ٻڌندڙماڻهن ۾ عجيب ڪيفيت طاري ٿي ويندي ھئي، موهن ڀڳت سنگت ڪرڻ لاءِ ٻه ساٿي به پاڻ سان گڏ کڻندو هو جن ۾ هڪ سندس ڀاءَ سروپ چند ۽ سندس پٽ شنڪر اهڙو ته رچاءُ پيدا ڪندا ها جو ماڻهو جهومي اٿندا هئا موهن ڀڳت جو آواز سوز سان ٽم ٽار هوندو هو ۽ آواز جو تحفو سندس پيدا ڪندڙ اهڙو ته عطاءَ ڪيو جو سندس ڀڳتي آواز سان ڀيت ڪرڻ مشڪل آ سندس صاف آواز جي خصوصيت اها به هوندي هيس جو ڪافي ڳائڻ مهل سنڌي موسيقي ۾ عام طرح استعمال ٿيندڙ لفظ (الو ميان) نهايت زبردست نموني ۽ خوبصورت انداز سان چوندو هو سندس آواز جي نرالي خصوصيت ان جي سنگت جي ڪري به آهي. موهن ڀڳت گهڻو ڪري حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو ڪلام ڳايو آهي هن زبان جي روانگي ۾ شاهه سائين جي ڪلام کي سرن مطابق پنهنجي اصلي صورت ۾ پيش ڪرڻ ۾ مهارت مان ڪم ورتو آهي ڳائڻ مهل سندس آواز ۽ لفظن جي ادائگي صاف ۽ چٽي هوندي هئي، سندس پر سوز ۽ درديلي آواز کي سال ۱۹۷۰ع ۾ مشهو ريڊيو براڊڪاسٽر ۽ پروڊيوسر مرحوم غلام حسين شيخ صاحب جي ڪوششن سان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي رڪاڊ ڪرايو ويو. سندس ڪافين جو جهجهو انداز ريڊيو پاڪستان حيدرآباد۾ رڪارڊ ٿيل ۽ محفوظ آهي موهن ڀڳت جي وفات کانپوءِ سندس پٽ شنڪر ڀڳت ۽ ڀائٽيو آتم ڀڳت گڏجي ساڳي انداز سان ڳائين ٿا موهن ڀڳت جي فن کي اعزاز ڏيندي کيس سال ۱۹۸۰ع ڌاري (سهڻي ميهار ايوارڊ ۽ سال ۱۹۸۹ ۾ (لطيف ايوارڊ) سان نوازيو ويو پاڻ سر ساز جي دنيا کي ۱۰ مارچ ۱۹۹۵ تي ڇڏي هميشه لاءِ اسان کان ۶۰ سالن جي عمر موڪلائي ويو. اڄ ۱۰ مارچ ۲۰۱۸ تي هن ناليواري ڀڳت موهن جي ۲۳ هين ورسي نهايت عقيدت سان ملهائي ويندي. موهن ڀڳت لڳي ڏکڻ جي هير ...! تاج جويو آءٌ جڏهن مٺيءَ ۾ ليڪچرار هوس ته سنڌ جي ريگستاني خطي جي نامياري راڳي موهن ڀڳت سان ڪافي رهاڻيون ٿينديون هيون. هن عظيم راڳيءَ جو هڪ اهڙي خاندان سان واسطو هو، جنهن جو ڪم آفيسون، گهٽيون، اسڪول ۽ ڪاليج صاف ڪرڻ آهي. اسان جو سماج هميشه اهڙن فردن کي اَوڇي نظر سان ڏسندو آهي، جن جا هٿ ۽ پورهيو اسان جي اڇائي اُجرائي ۽ سماجي مرتبي کي مٿانهون ڪندو آهي. موهن ڀڳت، جنهن جي آواز جِي ٿر بر ۾ هاڪ هُليل هئي، مٺي ٽائون ڪميٽيءَ ۾ ٻهاريدار هو. هڪ ڀيري مٺي ٽائون ڪميٽيءَ جي چيئرمئن رڻڇوڙ داس، خبر ناهي ڪهڙي ڳالهه جي ڪري سنڌ جي هن سدا ملوڪ راڳيءَ جي ملازمت ختم ڪري، کيس مٺي ڇڏڻ جو حڪم ڏنو هو، جنهن تي سڄيءَ سنڌ احتجاج ڪيو هو، ۽ مون به اُن احتجاج ۾ پنهنجو ڪمزور آواز هن ريت ملايو هو: هيڏو سارو ٿر، پوءِ به ’موهن ڀڳت‘ ڇو، مٺيءَ مان بي گهر! موهن ڀڳت، مٺيءَ جي تاريخي ڀِٽَ ’گڍيءَ‘ (گڍي ننڍي قلعي کي چئبو آهي) جي ڪڇ ۾، هڪ ڪچي گهر ۾ رهندو هو، جيڪو برساتن ۾ ڀِٽ تان مينهن جي هيٺ لهندڙ تيز ڌارائن ۾ ڪڏهن ڪڏهن جهُري پوندو هو. هڪ ڀيري جڏهن اياز گل مون وٽ گهمڻ آيو هو ته صادق فقير، گل گوماڻي، ڪريم فقير، ڪرشن شرما ۽ ٻين سان گڏ اسان موهن جي گهر ويا هئاسون. هن اسان جي وڏي آءُ ڀڳت ڪئي هئي ۽ اسان کي پنهنجي گهر جي ٺهيل چانهه پياري هئي، ۽ پوءِ اسان کانئس ڪيترو وقت ڀٽائيءَ جون وايون ۽ ڪبير ۽ ميران جا دوها ۽ گيت ٻڌا هئا. اياز گل انهن يادن کي هن ريت پنهنجي هڪ غزل ۾ قلمبند ڪيو آهي: ڀيڄ ڀنيءَ جو شاهه جي وائي، موهن جو آوازُ، ائين لڳو پئي ڳايو ويٺي ٿر جي ذري ذري! موهن ڀڳت جي گائڪيءَ جو انداز نرالو هوندو هو. خاص ڪري شاهه لطيف جي واين/ ڪافين جي حوالي سان ويهين صديءَ ۾ موهن ڀڳت جو وڏو نالو هو. موهن ڀڳت جي گائڪي سنڌ جي قديم موسيقيءَ جو هڪ اهڙو نمونو هئي، جيڪو اڃا تائين عوام ۾ مقبول آهي. سنڌ جا ٿري ڳائڻا ۽ ڀڳت، اُن مخصوص گائڪيءَ جي انداز سبب پاڻ کي ڀڳت سڏائيندا آهن. هن وقت به ڀڳڙو ڀڳت، ڀڳت بصر مل ۽ ٻيا گائڪيءَ جو هي انداز برقرار رکيو اچن. موهن ڀڳت ٿرپارڪر ضلعي جي شهر اسلام ڪوٽ ۾ ۳۰-۱۹۲۹ع ڌاري ڄائو. سندس ننڍپڻ ٻهراڙيءَ ۾ ٻڪريون چاريندي گذريو هو. هو جڏهن ٻڪرين جي ڌڻ سان جهنگ ۾ ويندو هو ته وقت گذارڻ لاءِ اڪثر ڪافيون، ڀڄن ۽ دوها ڳائيندو هو. سندس پيءُ ڀڳت اُميدارام ۽ چاچو موتي ڀڳت پنهنجي تر جا مشهور ڀڳت رهيا آهن. موهن ڀڳت کي ننڍپڻ ۾ ڳائڻ جي سکيا پنهنجي پيءُ ۽ چاچي کان ملي. ننڍپڻ ۾ هو محفلن ۾ جڏهن ڳائيندو هو ته کيس گهڻو پسند ڪيو ويندو هو. عارفاڻي ڪلام کي ”ڀڳتي انداز“ ۾ ڳائڻ لاءِ هن وڌيڪ سکيا، ٿر جي مشهور راڳي عمرو ڀڳت ۽ استاد مراد فقير کان ورتي. استاد مراد فقير ڪافيءَ جي گائڪيءَ ۾ سٺي شهرت رکندو هو. سندس شاگردن ۾ لوڪ موسيقيءَ جي مشهور ڳائڻي مائي ڀاڳي به شامل هئي. موهن ڀڳت سان سنگت ۾ ڳائيندڙ ٻه ساٿي، سندس ڀاءُ سروپو ڀڳت ۽ موهن جو پٽ شنڪر رهيا. ڳائڻ وقت موهن ڀڳت چار ساز رکندو هو: ڍولڪ، ٽلي، دنبورو ۽ هارمونيم، انهن سازن جي سنگت ۾ موهن ڀڳت پنهنجي ساٿين سان گڏ اهڙو رچاءُ پيدا ڪندو هو، جو ٻڌندڙن کي جهومائي وجهندو هو. موجوده دور ۾ اڄڪلهه جا موسيقار ۽ ڳائڻا سازن جو گهڻي تعداد ۾ استعمال ڪندا آهن، پر موهن ڀڳت صرف چئن سازن جي باوجود پنهنجي ادائگيءَ ۾ موسيقيءَ جو هڪ خاص انداز قائم رکيو هو، جيڪو گهڻو پسند ڪيو ويو. موهن ڀڳت جي لاڏاڻي کان پوءِ سندس پٽ شنڪر ڀڳت ۽ ڀائٽيو آتم ڀڳت گڏجي ساڳئي انداز ۾ ڳائين ٿا. موهن ڀڳت جو تنبورو هڪ پراڻي اڪ جي پاڙ مان سوٽهڙن ٺاهيو هو، جيڪو سنڌ ۾ انوکو مثال آهي. سنڌ جو هي سدا حيات راڳي، ۱۰ مارچ ۱۹۹۵ع تي گذاري ويو، پر اڄ به ٿر جون ڀٽون ۽ مٺيءَ جون هوائون موهن جي آواز جو پڙاڏو بڻيل آهن: لڳي ڏکڻ جي هير، مارو منهنجا مير، آءٌ هت بند ۾ بندياڻي الا! اڄ موهن ڀڳت جي ورسي اُن سمي آئي آهي، جڏهن ٿر جو ٻيو ٻاٻيهو راڳي صادق فقير سنڌ کان وڇڙي ويو آهي. هُن جي مڪي ۾ روڊ حادثي ۾ شهادت ٿي ۽ سندس تدفين هوليءَ جي تهوار جي ڏينهن مٺيءَ ۾ هزارين عورتن، ٻارن ۽ مردن جي گلن جي ورکا ۾ ٿي ۽ هي تاريخ ۾ پهريون موقعو هو جو، هندو برادريءَ هوليءَ جو ڏڻ صادق جي ڏُک ۾ نه ملهايو. هندو- مسلم ايڪتا جو هي منظر ڏسي، مون کي ۳۰ سال اڳ موهن جي مٺيءَ مان بيدخلي ياد اچي وئي. پر اڄ صادق جي لاڏاڻي وقت، تاريخ پنهنجو فيصلو تعصب، ڇوت ڇات ۽ ڀيد ڀاوَ جي خلاف ڏئي چڪي آهي: هڪ هندو ٻيا مسلمان، ٽيون وچ وڌائون وير، انڌن اوندهه نه لهي، تن کي سچ چوندو ڪير، روحل! راهه پرينءَ جي، گهمي ڏٺو سين گهير، ته رب مڙنيءَ ۾ هيڪڙو، جنهن ۾ ڦند نه ڦير... (اڱارو ۱۰ مارچ ۲۰۱۵ع) موھن ڀڳت سندس گائيڪي ۽ سنڌ جو صوفياڻو رنگ دولت رام کتري ڀٽن جي اوٽ ۾ وسيل شھر مٺي جي علم ادب آرٽ فن امن ۽ رواداري جي حوالي سان پنهنجي ھڪ منفردسڃاڻپ رھي آهي. ھي شھر موسيقي جي حوالي سان پڻ ھڪ شاھوڪار Rich شھر ليکيو وڃي ٿو. ھن شھر جي اھا پڻ سڃاڻپ رھي آهي جو ھي شھر سنڌ جي ماڻهن لاءِ ھڪ اتساھه جو سبب پڻ رھيو آهي. ھن شھر ۾ توھان کي رواداري ۽انيڪ محبتن جا رنگ پڻ نظر ايندا. ھن شھر جي اولهھ طرف گڍي ڀٽ شھر جي حسناڪي جو اھڃاڻ آهي ۽ گڍي ڀٽ جي اوٽ ۾ سنڌ جو امر راڳي موهن ڀڳت مدفون ٿيل آهن. ساڳي ريت مٺي جي ڏکڻ اوڀرطرف سنڌ جو الستي آواز صادق فقير پڻ آرامي ٿيل آهي. امن رواداري، ۽ محبتن جي هن شهر مٺي جي مندرن ۽ گھٽين ۾ توھان کي صوفياڻو راڳ پڻ ٻڌڻ ۾ ايندو. پراڻي زماني۾ شھر جي معزز ماڻھن مکي لکميچند ۽ رئيس آچار خان بجير جي اوطاقن تي فنڪارن جون محفلون پڻ ٿينديون ھيون. جتي مختلف خوشين جي موقعي تي مقامي فنڪارپنھنجي فن جو مظاهرو ڪندا ھيا. شھر مٺي ۾ عيد ڏياري ھولي جي موقعي تي وڏيون محفلون منعقد ڪيون وينديون ھيون. موسيقي جي دنيا ۾ ھن شھرمان ھڪڙو آواز موھن ڀڳت پڻ اڳتي اسري آيو جنهن جي گائيڪي جو متبادل ڳولڻ مشڪل آهي. اڄ ان عظيم ڪلاڪار جي ورسي جو ڏھاڙو آهي موھن ڀڳت پنهنجي فني شخصيت جي جوھر ۾ بنھه سادو ۽ ڪمال جو ڪلاڪار ھوندو ھو. موھن ڀڳت جي گائيڪي انهي جي گلي مان اڀريل آلاپ ۽ ان جوصوفياڻو راڳ اڄ به ماڻهن جي دلين کي موھي ٿو، حقيقت جي نگاھ سان ڏٺو وڃي ته موھن ڀڳت سميت ٿرجي جن ڪلاڪارن سنڌي موسيقي م پنهنجو لايو سجايو آهي انهن ڪلاڪارن جي گائيڪي ۾ صوفياڻي ۽ لوڪ رنگ جي جهلڪ نمايان نظراچي ٿي. سنڌ ۾ درويشين ۽ بزرگن جون درگاهون ۽ صوفين جا اوتارا موسيقي سکڻ ۽ موسيقي جي پذيرائي جو هڪ اهم ذريعو پڻ رھيا آهن. سنڌ ۾ ڪنور ڀڳت ۽ موھن ڀڳت صوفياڻي راڳ جا اھي سفير ڪلاڪار ھيا جن ڪلاڪارن کي ٻڌي زندگي ۾ گهڙي کن سڪون ضرور ملي ٿو. سنڌ جي نج ۽ صوفياڻي موسيقي ته سنڌ جي مندرن درگاهن، صوفين جي آستانن، ڳوٺن جي اوطاقن جي ڪچهرين ۾ اڃا به زندھ آهي ڪنور ڀڳت ۽ موهن ڀڳت جا صوفياڻا آلاپ سنڌ جي رواداري ۽ محبت جو ڀرم پڻ آهن. موهن ڀڳت جي درد ڀري آواز سنڌ جي صوفياڻي رنگ کي نئين سڃاڻپ ڏني. ۱۹۳۰ع ۾ نمن جي شهر اسلام ڪوٽ ۾ جنم وٺندڙ هن راڳي جڏهن لطيف جي وائين کي پنهنجي مخصوص ۽ منفرد انداز سان ڳائڻ شروع ڪيو ته هو لطيف جو راڳي بڻجي ويو. پنهنجن ابن ڏاڏن کان ورثي ۾ مليل گائڪي ۽ لطيف جي وائين کي هُن اهڙي انداز سان آلاپيو جو سنڌ جي جهر جهنگ۽ واهڻ وستين جا ماڻهو هن جي آواز کي پسند ڪرڻ لڳا. شروعاتي دور ۾ھن ڳائڻ جي سکيا پنهنجي ڏاڏي امرو والد صاحب اميدارام ۽ چاچي موتيرام کان ورتي ھئي ھن جو خاندان جڏهن مٺي لڏي آيو ته ھن ٿر جي لوڪ فنڪار مراد کان پڻ ڳائڻ جي سکيا ورتي ھئي. ۱۹۶۸ع کانپوءِ جڏهن موهن ڀڳت جو آواز ريڊيو ٽي وي تي گونجيو ته سنڌ سميت پاڪستان جي مختلف علائقن جا ماڻهو به هن جي صوفياڻي رنگ کي پسند ڪرڻ لڳا. پيلي پٽڪي سان گيڙو ويس لباس ۾ جڏهن هو اسٽيج تي ڳائڻ لاءِ ايندو هو ته هُن جي لباس، انداز ۽ آلاپ ۾ سنڌ جو صوفياڻو رنگ نکري نروار ٿيندي نظر ايندو هو. “سرتيون اوھين تان وڃوڙي ڙي وڃو منهنجو ليک لڪن سان” يا منهنجي دل جو دوست وٺيو پيا وڃن جڏهن موھن لطيف جي ھنن وائين کي پنهنجي منفرد آلاپ سان ڳائيندو ھو تڏهن پنڊال ۾ ٻڌندڙن تي عجيب ڪيفيت طاري ٿي ويندي ھئي. ھو تنبوري ڍولڪ ٽلي ۽ ھارمونيم جي سازن تي لطيف جون وايون ۽ عارفاڻا ڪلام ڳائيندو ھو ھن گائيڪ جي گائيڪي ۾ ڀڳتي رنگ ۽سادگي ھوندي ھئي. موھن ڀڳت سان گڏ سندس ڀاءُ سروپو ڀڳت ۽ پٽ شنڪر ڀڳت ساٿي فنڪار طور گڏ ڳائيندا ھيا. اڄ جڏهن ھن جي ۲۷ھين ورسي جي موقعي تي آئون هُن جي شخصيت تي ٻه اکر لکي رهيو آهيان ته هُن ڪلاڪار جي مون کي بيوسي ياد اچي رهي آهي جو هو ڪسمپرسي واري حالت ۾ بيماري جي بستري تي گذاري ويو هو. زندگي جي آخري ڏينهن ۾ موهن ڀڳت کي بي حسي، ڊاڪٽرن جا دڙڪا ۽ ثقافت کاتي جون سکڻيون همدرديون مليون، موهن ڀڳت بنھه سادو ۽ سٻاجهڙو ڪلاڪار هوندو هو. پنهنجي زندگي جا لڳ ڀڳ ۴۵ سال سنڌي موسيقي کي ارپيندڙ هن ڪلاڪار جي گائڪي جو ھڪ منفرد انداز ھوندو ھو انھي ڪري ھو لطيف جي راڳي طور مشھور ٿيو، موهن ڀڳت پنهنجي فن جي جوهر ۾ اهڙو ڪلاڪار هوندو هو جنهن کي موسيقي سان عشق هوندو هو. “بابو جيو ” جي تڪيا ڪلام سان پيش ايندڙ هن ڪلاڪار کي سوين ڀڄن پڻ ياد هوندا هئا جيڪي ھن لطيف جون وايون ڳايون آهن اھي ھن کي پنهنجن ابن ڏاڏن کان ورثي ۾ مليل ھيون. ننڍپڻ ۾ٻڪريون چاريندي جڏهن موهن ڀڳت لطيف جون وايون جهونگاريندو هو ته آس پاس جا ماڻهو هن کي ٻڌڻ لاءِ گڏ ٿيندا هئا. ۱۹۵۸ع ۾ موهن ڀڳت جو خاندان جڏهن اسلام ڪوٽ کان لڏي مٺيءَ آيو ته اُتي هُن پنهنجي فني سفر کي اڳتي آندو. ۱۹۶۸ع ۾ جڏهن محمد بخش ٽالپر مارئي جو پهريون ڀيرو ميلو لڳرايو ھوته انهي ميلي ۾ ٿر جا کوڙسارا فنڪار متعارف ٿيا هئا ته اُنهن فنڪارن ۾ هڪڙو نالو موهن ڀڳت جو به هو. اڄ سنڌي موسيقي جنهن صوفياڻي رنگ سان پنهنجي شاندار آب تاب سان جيئندي جاڳندي پئي اچي ته انهي ۾ موھن ڀڳت جھڙن ڪلاڪارن جو وڏو ڪردار رهيو آهي. موهُن لطيف کي خوب ڳايو ۽ ھڪ منفرد انداز سان ڳايو انهيَ ڪري لطيف ايوارڊ پڻ سندس حصي ۾ آيو. موهن جو پٽ شنڪر ڀڳت پنهنجي والد جي ڇڏيل ورثي کي زنده رکندو پيو اچي. شنڪر جڏهن موهن ڀڳت جي انداز ۽ آلاڀ سان لطيف جون وايون ڳائي ٿو ته گھڙي کن موهن ڀڳت جي ياد تازو ٿي وڃي ٿي. پر خبر ناھي ته ھن کي موھن ڀڳت وانگر اھا پذيرائي ڇو نه ملي سگهي آهي؟؟؟ موهن ڀڳت سان منهنجي آخري ڏينهن ۾ ويجهڙائپ رهي. مون موهن ڀڳت کي انتهائي ڪسمپرسي واري حالت ۾ بيماري جي بستري تي ڏٺو هو. انتهائي غربت واري حالت ۾ هو پنهنجو علاج پڻ نه ڪرائي سگھيو هو. ثقافت کاتي جي سکڻي همدردي ۽ ڊاڪٽرن جي دڙڪن کي موهن پنهنجي زندگي ۾ ڪو نه وساري سگهيو هو، بيماري جي بستري ۽ ڪسمپرسي واري حالت ۾ موهن ڀڳت ۱۰ مارچ ۱۹۹۵ تي وفات ڪري ويو. اڄ ۲۷سال گذري چڪا آهن پر موهن ڀڳت جون يادون ڪونه وسري سگهيون آهن. هن دور ۾ موهن ڀڳت جو آواز، سنڌ جي صوفياڻي رنگ کي زنده رکڻ جو ذريعو آهي. جيڪڏهن اسان سنڌ جي صوفياڻي وجود کي بچائڻ چاهيون ٿا ته اسان کي موهن ڀڳت جهڙا راڳي پيدا ڪرڻا پوندا. آئون سجهان ٿو ته جيستائين سنڌ ۾ لطيف جي شاعري زنده آهي، يا لطيف کي ڳائڻ وارا راڳي زنده آهن، تيستائين سنڌ جي صوفياڻي وجود کي ڪوبه نقصان نٿو پهچائي سگهي (ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۰ مارچ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
سائينداد ساند اسحاق مڱريو مٺيءَ جو اهو شھر، جنھن کي اسان سڃاڻندا هئاسين، سو سٺ سيڪڙو ته تڏهن گذاري ويو هو، جڏهن ڀلي پار تان ڪويل جي ڪوڪ صادق فقير جي لاڏاڻي جي خبر آئي هئي، سائينداد ساند جي موت، مٺيء جي ڪلاسيڪل تعارف جي موت کي اڄ مڪمل ڪيو. هڪ اهڙو شاعر، جنھن جو نه ڪتاب ڇپيو، نه ڪنھن مشاعري ۾ ٻانهون کنجي شعر پڙهندي نظر آيو، نه هن کي پبلڪ رليشننگ ۾ ڪا دلچسپي هئي، نه ڪنھن اخبار۾ هن جو انٽرويو پڙهيوسين، نه ڪنھن رسالي هن جو نمبر ڪڍيو... پر اسان جي نسل جي دل ۾ هن سان ملڻ جي حسرت وڌي وڻ ٿيل هئي. سبب؟ سبب هن جا آهي حسين ۽ رومانس جي مٽيءَ ۾ ڳوهيل دليون ڌڙڪائيندڙ غزل هئا، جيڪي صادق فقير سنڌ جي هر محفل ۾ وڏي پيار سان ڳائيندو هو. “دردن جو داستانو، ڀلا ڪير ٿو ٻڌي” ۽ “دل کي ڌوڏيندڙ هيء گهڙي آهي” ته هرهڪ کي برزبان هوندا هئا. پر اها اسان کي پوء خبر پئي ته فوزيه سومري جو ڳايل هانءَ ۾ هٿ وجهندڙ غزل “ڪنھين هٿ هلايا ته ڳوڙها ڳڙي پيا” ۽ وحيد عليءَ جو غزل “ڳاڙهو جوڙو پاتل هوندو” به سائينداد ساند جو ئي آهي. اياز گل کان پوء هن جي همعصرن ۾ ايتري شھرت ٻئي ڪنھن شاعر جي غزلن کي نه ملي، جيتري سائينداد کي ملي. پر پنھنجيءَ طبيعت جي ٻي پرواهيءَ سبب هن کي ان سان به ڪا گهڻي دلچسپي نه هئي. مٺيء جا اڌ نوجوان هن جا شاگرد هئا، ان ڪري جنھن گھٽيء مان لنگهندو هو، هر ڪو هن کي ‘سائين سائين’ پيو ڪندو هو. سمورو شهر هن جي محبت ۽ احترام ۾ ورتل هو. پر هو محبوبن وانگر بي پرواهه پيو گهمندو هو. بلڪ لوڪ کان لڪندو نظر ايندو هو. هو شرميلي طبيعت رکندڙ، ڪنڊ ۾ جيئڻ وارو ۽ ميڙ کان پري ڀڄندڙ شاعر هو. صادق فقير ۽ سائينداد ساند ئي آهي ٻه ڪردار هئا، جن کي مٺيءَ جي هر گهر جو هر ڀاتي سڃاڻندو هو، ۽ هر گهر هنن جي مهمانيءَ ۾ خوشي محسوس ڪندو هو. جڏهن هن جو پھريون شعري مجموعو “ڳوڙهن ڳالهايو” ڇپيو، ته ڏينھن اندر وڪامي ويو، ۽ پوءِ سالن جا سال اهو مجموعو ٿر ڪتاب گهر تي فوٽو اسٽيٽ ٿي وڪامندو رهيو. مون پنھنجي ڪتاب صدا بي چين آهي جون فوٽو ڪاپيون به اتان ئي ورتيون هيون. سائينداد هڪ گهٽ ڳالهائو، پر گهڻو محسوس ڪندڙ شاعر هو. ماڻهن سان ملڻ کان لنوائڻ ۽ گهٽ ڳالهائڻ سندس شخصيت ۾ هڪ پراسراريت به پيدا ڪري ڇڏي هئي. جڏهن ۲۰۰۱ ۾ منھنجو پهريون شعري مجموعو “صدا بي چين آهي” ڇپيو، ته ان جو مھورت سائينداد ٿر ادبي سنگت پاران مٺيء ۾ ڪرايو هو،جيڪا هنن سنڌي ادبي سنگت جي ضد ۾ ٺاهي هئي. ان ڪتاب جي صدقي اسان جي واقفيت دوستيءَ جي درجي کي پھتي. ان ڪتاب ۾ شامل نظم “ڇا تون ندي آهي” هن کي بيحد وڻندو هو. سائينداد سان پھرين ملاقات صادق ڪرائي، جڏهن مٺيءَ ۾ رائچند راٺوڙ جي پھرين شاندار ورسي ملهائي ٿي وئي. ان رات شديد بارش ۽ گجگوڙ پروگرام درهم برهم ڪري ڇڏيو. صادق ۽ مان پسڻ کان بچڻ لاءِ ڊوڙي وڃي هڪ هوٽل جي ڇاپري هيٺان بيٺاسين، ته جيڪو شخص اڳ ئي اتي موجود هيو، سو سائينداد هيو. اوندهه، وڄ، هوائن ۽ شديد بارش ۾ هن سان ملي دل ۾ بيٺل ملڻ جي حسرت واري وڻ تي بھار چڙهي آئي. سائينداد سان آخري ملاقات مٺيءَ ۾ هڪ پروگرام ۾ شرڪت وقت ٿي، جنھن ۾ هو آيو ته نه هو، پر اسان کي شهر ٻاهران هڪ هوٽل تي زبردستي روڪي هن ماني به کارائي ۽ نصير مرزا سان يونيورسٽيءَ جي ڏينهن جون يادگيريون، ماٺيڻي اوٺي جي خودڪشي، طارق عالم جي عشق سميت ڪئين موضوعن تي مزا وٺي ڳالهايو ۽ چرچا گهٻا به ڪيا. اهڙي کليل ڪچھري ان کان اڳ سائينداد سان ڪڏهن نه ٿي. شايد ان ڪري به ته اها آخري ڪچهري هئي. ھاڻ جڏهن هن جي ڇڄڻ واري باهه جهڙي خبر ملي آهي، تڏهن خليل ڪنڀار ۽ مان مريءَ جي برفن مان نڪري، اسلام آباد پهتا آهيون. اڪيڊمي ادبيات جي رائيٽرس هائوس واري چنار جي ڇڻي ويل وڻ هيٺان بيهي، آسمان ۾ ٽمٽمائيندڙ ستارن کي ڏسي سوچيان ٿو، ڇا ڪنھن شاعر جي موت واري ڏينھن به فطرت پنھنجو معمول تبديل نٿي ڪري سگهي؟ اڄ جڏهن مٺيءَ جي گڊي ڀٽ تان شھر آرتيءَ جي ٿالهي نه لڳندو هوندو، ڇا تڏهن به آسمان جو ڏيئا ٻاري رکڻ ضروري آهي؟ سائينداد جو ئي غزل، سائينداد جي نالي. ھُو روانو ٿي چُڪو - مُون اکيون پُوري ڇڏيون ڪو زمانو ٿي چُڪو - مُون اکيون پُوري ڇڏيون تون جي ناھين ڇا ڏسان تُون جي ناھين ڇو ڏسان بس بھاُنو ٿي چُڪو - مون اکيون پُوري ڇڏيون مُون کي آھي پنھنجي ھِن خُوش نصيبي تي خُوشي !! غم، ترانو ٿِي چُڪو - مُون اکيون پُوري ڇڏيون ھھڙي ھاڻُوء دؤر مٍ ڪوئي جاھل ئي جِئي نيھن نشانو ٿي چُڪو - مُون اکيون پُوري ڇڏيون داد اھڙو ماڻھَو ھو، جنھن جو متبادل نہ ھو پر دِوانو ٿي چُڪو- مون اکيون پُوري ڇڏيون عشق مُنھنجي تي چڙھي وقت جي واري وَئي ڦَٽ، فسانُو ٿي چُڪو - مُون اکيون پُوري ڇڏيون۔ پروفيسر سائينداد ساند سگهارو شاعر ۽ استاد ڀارومل امراڻي سانوري رنگ ۽ سٻاجهي سڀاءُ وارو شاعر جنهن جي شاعري ۾ ڳوڙها ڳالهائيندا آهن ۽ دل جي تاريخ لکبي آهي. جنهن جي ڪلا صديون سميٽي ڪروکيتر جو ڪرڀ سنڌو ڌارا جي ڪنارن تي محسوس ڪندي آهي. جنهن جي قلم جي ‘ڪرڻ ڦل’ مان غم جي گلابن جو عرق ٽپڪندو آهي. جنهن وٽ شاعري جي ٻولن سان ٻڌندڙ جي روح کي گرمائڻ جي سگهه آهي. جنهن جي شاعري کي واريءَ جي ڀٽن جي ديس ۾ ‘وهائو تاري’ جو ويس ڌارڻ اچي ٿو.جنهن جي شاعري مان معلوم ٿيندوآهي ته، درد کي لفظن ۾ ڪيئن لهرائي سگهجي ٿو. جنهن ڪوي سو دکن دردن، اڪيلاين ۽ اداسين مان گذري ڪوتا سان نڀايو آهي. روز جنهن جي روح ۾ پيار جو تاڙو تنواريندو آهي. محبت جا مور ٽهوڪندا آهن. هُو قرب جي مينهن ڦڙي جي لاءِ واجهائي شاعري سان رسول حمزا توف جي لفظن ۾ مخاطب ٿيندو آهي ته؛ “شاعري ڇا تون نٿي ڄاڻين ته آئون توکي ڪڏهن به ترڪ نٿو ڪري سگهان، ڇا آئون پنهنجي زندگي ۾ ايندڙ خوشين ۽ پنهنجي اکين ۾ اُٿلي ايندڙ ڳوڙهن جي درياه کان ڪيڏانهن ڀڄي سگهان ٿو؟” هن کي پتو آهي ته مومل کان سواءِ مينڌرو ڪجهه نه آهي. سارنگا جي سڪ بن سڏونت جو سارو پنڌ اڪارٿ آهي. ملير جي مٽي جي تانگهه سان مارئي ابديت پاتي آهي. سنڌي ٻولي جو هي سگهارو شاعر سائينداد ساند جنهن جي شاعري جي ٻي مجموعي ‘دل جي تاريخ’ جو مهاڳ لکندي مون واضع لفظن ۾ لکيو آهي ته؛’سائين سائينداد ساند جي شاعري جو سرور من ۾ ماڻڻ کان اڳ ۾ سندس اباڻي خطي ٿر جي لوڪ شاعري جي حسناڪي جو لطف دل ۾ اُتارڻ ضروري آهي. جنهن ۾ وطن سان محبت ۽ بيپناهه جماليات جا جذبا سمايل آهن،جنهن جو پرتوو هن جي شاعري تي آهي. ۱. اڄ صبح جو سوير تلاءُ جي ڀرسان ڏٺو، ته زمين جي ٽڪري کي ديوتا سجدو ڪري رهيا هئا، آئون حيران ٿي ويس، مون اُها جاءِ وڃي ڏٺي، معلوم ٿيو ته تون اسر ويل پاڻي ڀرڻ ويئي هئين تنهنجي پيرن تي جيڪا مهيندي لڳل هئي تنهن جا نشان اُتي هئا. ديوتا اُنهي پوتر زمين کي سجدو ڪري رهيا هئا. ۲. رات امراڻي ۽ ڍاٽ جي پاسي وڄ جي چمڪاٽ جهڙي روشني ٿي، آئون پرديس ويل هئس، مون پرديس ۾ اها روشني ڏسندي ڀانيو وسڪارو ٿر تي وريو آهي. انهي مهل نڪتس، وچ رستي ۾ هڪ واٽهڙو گڏيو تنهن چيو ته مينهن ته نه وسيو آهي، ان وقت مون سوچيو ته تون شايد پينگهه لڏي هوندينءَ تنهنجي بدن تان پولڪو پري ٿيو هوندو، جنهن جي اُهاءُ سان اها چمڪاٽ ٿي آهي. ۳. اي منهنجا پٽ اُٿ مٽي جي پڪار ٻڌ، هن قومي ويڙهه واري موقعي تي پري هٽندين ته منهنجي ٿڃ تو لاءِ زهر برابر آهي. ۴. اي سکي مون کي ڪانئرن جو پاڙو ڪڏهن پسند نه آهي، آئون انهن جوڌن تان ٻلهار وڃان جيڪي سرن جو سودو ڪندا آهن. ۵. ملڻ ڀلو آهي نه وڇڙڻ، ٻنهي کي ڇڏي ڏي، وڇڙندي مڇي مري ويندي آهي، ملڻ سان پتنگ موت جو کاڄ ٿيندو آهي.’ سنڌ جي ڪڙم قبيلن ۾ سوڍا قبيلو نامور قبيلو رهيو آهي. جنهن سچائي، سورهيائي ۽ سخاوت ۾ پاڻ ملهايو آهي. چارڻ ڪوي چوي ٿو ته؛ ڪڇوا جهالا ڪم ڌج، جگ سسوڏيا جو، مڇري ڪو جادم ملي، سوڍي سمهو نا ڪو. (ڪڇوا، جهالا، ڪم ڌج (هجن) يا جڳ جا (واکاڻيل) سسوڏيا نهار، مڇري جا جادم ملن، پر انهن مان ڪو به سوڍن جو ڪڏهن مٽ نه ٿو ٿي سگهي.) سنڌ جي سوڍن پٽن رحمڪي بازار جي رڻ ۾ دودي سومري تان گهورڻ کان وٺي ٽلٽي ميدان ۾ جونجهارڪو جهيڙو مچائڻ تائين پاڻ ملهايو آهي.هانسي سوڍي کان رڻمل سوڍي تائين تاريخ جا صفحا سچن سوڍن جي تاريخي ڪارنامن سان ڀريل آهن. سنڌ جي ڪلاسيڪل توڙي جديد ادب ۾ ‘سوڍا’ لاکيڻا ڪردار رهيا آهن. ساند قبيلو جنهن کي ٿري ٻولي ۾ ‘سائوند’ سڏيو ويندو آهي.سوڍا قبيلي جي پنجٽيهه شاخن مان هڪ شاخ آهي. چيو وڃي ٿو ته گجو راڻي کان ٽي پيڙهيون اڳ ۾ ساوند سوڍو ٿيو هو. جنهن جو اولاد ساوند/ساند سڏجي ٿو. نسل در نسل تلوار جي طاقت رکندڙ سوڍن جي قبيلي ۾ ساند نک جي سڃاڻپ سنڌ ۾’تلوار ڌڻي’ کان وڌيڪ ‘قلم ڌڻي’ جي رهي آهي. ڪوتا جي ڪاڪ جي راڻن ۾ ماما جمن دربدر، حليم باغي ۽ سائينداد ساند کان وٺي حاجي ساند، انور ساند ۽ اسحاق ساند تائين ڪيترائي نامور نالا آهن. جن مڃتا جي مومل کي ماڻيو آهي. اسلام ڪوٽ لڳ ڳوٺ متاري ساند جي رهواسي محمد حسن ساند جي پنجن پٽن ۾ سائين سائينداد ننڍو پٽ آهي.سائينداد کان وڏن ڀائرن ۾ لونگ، امام بخش، پيرڏنو ۽ منڱيو شامل آهن.سائين سائينداد ساند جي جنم تاريخ اسڪول جي رڪارڊ مطابق پهرين مارچ ۱۸۶۰ع آهي. جڏهن ته اصل ۾ سال ۱۸۶۱ع آهي. سائينداد ساند پڙهائي ۾ ننڍپڻ کان وٺي ذهين رهيو آهي. پڙهائي جي لاءِ هن مختلف ڳوٺن جي اسڪولن جو سفر ڪيو. تن ۾ جوگلار، وينجهڻياري، اسلام ڪوٽ، جوڳي مڙهي، فضل ڀنڀرو ۽ نئون ڪوٽ شامل آهن. ميرپورخاص جي شاهه عبداللطيف ڪاليج مان فرسٽ ايئر جو امتحان ڏيئي انٽر جي لاءِ سچل ڪاليج حيدرآباد ۾ داخل ٿيو. ائين پڙهائي جو پنڌ ڪري سنڌ يونيورسٽي جي اولڊ ڪئمپس ۾ پهتو. هن پرائمري کان وٺي ايم اي سنڌي تائين هن سدائين نمبر کنيو.ايم اي سنڌي فرسٽ ڪلاس مان پاس ڪيائين. سائينداد ساند پڙهائي جي ڏينهن جي ساروڻين ۾ اڪثر فضل ڀنڀري جو ذڪر ڪندو آهي. جتي فقير شير محمد بلالاڻي ۽ سائينداد ساند گڏ رهندا ۽ پڙهندا هئا. نامور ڪهاڻيڪار، ڊراما نويس عبدالقادر جوڻيجو ۽ پريم شيواڻي استاد هوندا هئا. جيڪي نصاب سان گڏ ڪهاڻين، شاعري ۽ مصوري جي موضوعن تي پڙهائيندا هئا. سائينداد ساند عبدالقادر جوڻيجي جو تذڪرو ڪندي ماضي ۾ ٽٻي هڻي ٻڌائيندو آهي ته، عبدالقادر هڪ استاد کان سنڌالاجي جي ڊائريڪٽر تائين ڪيئن سفر ڪيو آهي. عبدالقادر جوڻيجي جو چاچو رمضان وقت جو ڏاهو ماڻهو هو. رمضان جي ڳالهين ۾ تشبيهون منفرد هونديون هيون. عبدالقادر جوڻيجو به سائينداد ساند کي اهڙي ئي الفت سان ساريندو آهي. سائينداد ساند ۱۸۷۸ع کان ۱۸۸۶ع تائين سنڌ الاجي ۾ ملازم ٿي رهيو. جتي سائينداد ساند جي بقول ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ ميڊم مهتاب اڪبر راشدي کان لڪي شاعري جي فن تي ڪتاب پڙهندو هو. پر انهن ڪتابن مان حاصلات غير عملي هئي. سنڌالاجي ۾ ماٺيڻو اوٺو هن سان گڏ ڪم ڪندو هو. ڄامشوري ۾ سائينداد ساند عبدالقادر جوڻيجي، امداد حسيني، ستيه پال سنتوش ڪامراڻي، الهڏتو وگهيي، نياز پنهور، قيس عالم ابڙي، ماٺيڻو اوٺي، ڊاڪٽر پرويز پٺاڻ، نصير مرزا جي سٿ ۾ رهيو. سائينداد ساند کي طارق عالم ابڙو جڏهن ياد ايندو آهي ته هُن جي لطيفن جون ڪهاڻيون مٺي ۾ دوستن کي ٻڌائي پاڻ کي سرچائيندو آهي. ۽ ماٺيڻو به سائينداد جي من تان ڪيئن اتري سگهي ٿو. جنهن جي وڇوڙي تي هن اکيون ابر جيان وسايون هيون. ۲۲ سيپٽمپبر ۱۸۸۶ع تي ڊگري ڪاليج مٺي سنڌي جي مضمون جو ليڪچرار ٿي آيو.مٺي ڪاليج ۾ رهي هن ترقي ماڻي ليڪچرار مان پروفيسر جي عهدي تي پهچي مٺي ڪاليج جو پرنسيپال پڻ بڻيو. ڊگري ڪاليج مٺي جو نالو نامور راڳي صادق فقير جي نالي منسوب هن جي ايامڪاري دوران ٿيو. سائين سائينداد فيبروري ۲۰۱۷ع ۾ ڊگري ڪاليج ڏيپلو مان سرڪاري نوڪري تان رٽائر ڪيائين، پر هڪ استاد جي حثيت ۾ اڄ به شاگرد ساٿين جو غير رسمي ڪلاس وٺي علم ونڊي رهيو آهي. پروفيسر سائينداد ساند شعر چوڻ جي شروعات انٽر ۾ پڙهڻ دوران ڪئي هئي. ڪيترن سالن تائين شعر لکي پوءِ ٽوڙي ڇڏيندو هو. پر زندگي جو پهريون غزل هن کي پهرين پيار جيان ياد رهجي ويو؛ يادون جاڳيون، سپنا جاڳيا، اکين اندر ڳوڙها جاڳيا. ‘ڳوڙهن ڳالهايو’ هن جي شاعري جو پهريون مجموعو آهي. جنهن ۾ اهو غزل شامل آهي.هن غزل کي پهرين ڪريم فقير ڳايو. پوءِ ٻين راڳين ڳايو. پر ڪريم پاري ننگر جي پوري اداسي ميڙي اهڙي پُر سوز آلاپ ۾ ڳايو آهي جو ٻڌڻ سان محسوس ٿيندو آهي ته جين مندر ۾ سڏونت سارنگا ساري ڳائي رهيو آهي. سائينداد ساند جهڙي طرح پهرين ڪتاب ‘ڳوڙهن ڳالهايو’ جي ڇپائي جي لاءِ راضي نه هو. پر دوستن دليپ ڪوٺاري ۽ ٻين جي گهڻي اسرار آڏو ڪڇي نه سگهيو. اهڙي طرح ٻي شاعري جي مجموعي ‘دل جي تاريخ’ جي لاءِ پڙ ڪڍي بيهي رهيو هو. پوءِ دليپ دوشي لوهاڻو ۽ آئون ڪنهن ريت هن کي راضي ڪري ويا هئاسين. شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت تي هن روئي روئي بيت لکيا هئا. جيڪي سندس مجموعي ‘سنڌ ڪرو کيتر جيان’ ۾ شامل آهن. صرف اهو ڪتاب ڇپرائڻ جي لاءِ شاعر پاڻ آماده هو، اميشا پبليڪشن پاران دوست واشديو جاني ڇپرايو آهي. ‘دل جي تاريخ’۽ ‘سنڌ، ڪرو کيتر جيان’ جا مهاڳ مون لکيا آهن. ‘سنڌ ڪرو کيتر جيان’ مجموعي ۾ پنجاهه کن بيت، هڪ وائي ۽ شهيد راڻي جي يادگار تصويرن تي مشتمل آهي. آئون هن ڪتاب جو مهاڳ لکندي وڏي ڪرڀ مان گذريو هوس. ڌرتي جي دامن ۾، سُتي منهنجي ڀيڻ، دنيا بڻجي نيڻ، روئي تنهن کي روز ٿي. _ راڻي تنهنجي رت مان، جُڙيا جيالا، ڀالا ئي ڀالا، سنڌ ڪُروکيتر جيان. سائينداد ساند ڪلهه ڪاليج جي هاسٽل جي ڪمري ۾ تنهائي سان ڳالهيون ڪندي سگريٽ تي سگريٽ دکائي رات آڌي ڌاري شاعري سرجندو هو. هاڻي گدام ڪالوني جي ڀر سان پنهنجي ڀرئي گهر ۾ سج اڀرڻ جي پهرين لالاڻ تي شعر لکي ٿو. پر اندر جون اڪيلايون، زماني جون تلخيون، ڳوڙها ۽ غم ساڳي ريت ساٿ آهن. هن ڪڏهن اهو الڪو نه ڪيو آهي ته ڪير نقاد بڻجي شاعري کي فٽ پٽي سان ماپي رهيو آهي ته ڪير نظرياتي نقطه نظر سان بال پين کڻي شاعري جي سٽن کي انڊر لائين ڪري رهيو آهي. هن پنهنجي جذبن جو فطري ۽ بي ساخته اظهار ڪيو آهي. هن جي زندگي جي پوري سچائي شاعري ۾ آهي. منهنجي هڪ دوست شاعري تي ڳالهائيندي مون کان سوال ڪيو ته؛ ڇا شاعري شاعر جي آتم ڪٿا هوندي آهي ؟مون بي اختياري سائين سائينداد ساند جي شاعري مان ڪجهه شعر ٻڌائيندي چيو ته، سائين سائينداد زندگي جا راز ائين سليا آهن. دل جي درري کولي نيڻ نهار کان وٺي تصورن جي ترورن تائين خوبصورتي جي تلاش ڪندي جيڪي رومانوي رنگ پسيا آهن. سوچ ۽ لوچ ۾ فڪر ۽ نفسيات جا جيڪي نوان نقطا نوٽ ڪيا آهن. تن کي شاعري ۾ پيش ڪيو آهي. ۸۰۽ ۸۰ جي وچ وارو عرصو صادق فقير ۽ ڪريم فقير جي اڀرڻ جو وقت هو، سائينداد ساند جي شاعري کي پهرين انهن راڳين ڳايو آهي، پوءِ پوري سنڌ جي گلوڪارن جي ڳلي مان هن جي شاعري گونجي آهي. فوزيه سومرو جي آلاپن ۾ سائينداد ساند جي شاعري ڏاڍي مقبول رهي آهي؛ خاص طور ‘ڪنهن هٿ هلايا ته ڳوڙها ڳڙي پيا’ ‘ڪوته اهڙو هجي، ڳوڙها منهنجا اگهي’، ‘مرڪندي مرڪندي جي تون مون سان ملين غم منهنجا خوشي ۾ بدلجي وڃن’، ‘وڇڙي وڃين ٿو تون پر ياد ڪندين ڏاڍو’ جي ڪلامن جا ٻول آهن. صادق فقير جيان سائينداد ساند جي انهن ٻولن ‘ ٽوليءَ مان ئي ٽاريو ٿا، دل پٿر جي ڌاريو ٿا،’ ‘دل کي ڌوڏيندڙ هي گهڙي آهي’ کي ڪير ڳائي نه سگهيو آهي. صادق فقير سائينداد ساند جي غزل ‘ جڏهن گهيري وڃي غم ڪو، تڏهن مون ڏي هلي اچجان’ جي هڪ بند ۾ ‘ منهنجي مٺي جانان’ جا لفظ اهڙي مٺڙي آلاپ ۾ آلاپيندو هو، جو ٻڌڻ سان اهي لفظ ڪوئل جي ڪوڪ وانگر من ۾ پيهي ويندا هئا. پيارو رجب فقير به سائينداد ساند کي روح سان ڳائي رهيو آهي. سائينداد ساند کي استاد حسين فقير پڻ غضب جو ڳائيندو هو.سائين سائينداد استاد حسين فقير کان راڳ ۽ موسيقي سکڻ جي لاءِ نئين هارمونيم ورتي. استاد هاسٽل جي روم تي سيکارڻ جو عمل شروع ڪيو هو، پوءِ اهو سلسلو ڪيترا ڏينهن هليو؟سائين راڳ ۽ موسيقي جي مانڊاڻ کي ڪيترو سکي سگهيو ؟انهي ڳالهه جو مون کي پتو نه آهي پر مون سُر ۽ ساز سان هن جي پُراڻي پريت کي ويراوير وڌ ڀيرا ڏٺو آهي. منهنجي سائين سائينداد ساند سان پهرين ملاقات ڪڏهن ٿي؟ چٽي طرح ياد نه آهي.پر اها ڳالهه ياد آهي ته ۱۸۸۷ع ۾ صادق فقير ۽ ڪجهه ٻين ساٿين پاران مٺي جي سراڻ ڪالوني ۾ جڏهن ‘وسڪاري جي آجيان’جو ڏهاڙو ملهايو ويو هو، تڏهن ان پروگرام ۾ مون هڪ ‘وائي’ پڙهي هئي ان تي سائين وڏو داد ڏيئي اتساهيو هو. ڪاليج ۾ داخلا جي پهرين ڏينهن تي سائين سائينداد ڪلاس ۾ اچي شاهه لطيف بابت اسان کان سوال پڇيا هئا. صحيح جواب ڏيندڙن ۾ آئون به شامل هوس. ڪاليج جي پڙهائي دوران ڪلاس روم کان سائين سائينداد جي هاسٽل جي ڪمري تائين علم، ادب، شاعري، ۽ زندگي جي مختلف قدرن تي روز ڪچهريون ٿينديون رهيون.ڪڏهن ڪڏهن آڌي اسر جو پتو نه پوندو هو. هڪ سرد سياري ۾ ڪچهري ڪري سائين جي ڪمري مان اٿياسين مون وٽ ڪوٽ نه جرسي. سائين سائينداد ساند پنهنجي اجرڪ ڏني، اوڍي گهر آيس. اجرڪ ڀلي هئي. اهڙي اجرڪ ان وقت خريد ڪرڻ منهنجي وس ۾ نه هئي. ٻي ڏينهن شام جو سائين کي اجرڪ واپس ڏيڻ کان اڳ ۾ اجرڪ ڪلهن ۾ وجهي شهر مان ٻه چار چڪر لڳايا هئا. سائين سان جڏهن به ملبو آهي، ساڳيو مان مرتبو، عزت احترام، ساڳي حجت ڀريو انداز رهندو آهي.سائين تمام گهڻي حساس طبيعت جو مالڪ آهي.زماني سازي جي دستور وڌيڪ دل جي چوڻ تي هلندو آهي. پنهنجي شاگردن جو خاص خيال رکندو آهي. سائين سائينداد ساند چوندو آهي ته ماڻهو ‘ڊي ڪلاس’ رهي سگهي ٿو پر ‘ڊي گريڊ’ ٿي ڪڏهن نه، ان ڪري سائيداد ساند ‘انسلٽ’ ڪڏهن برداشت نه ڪندو آهي.هن وٽ فنڪارانه انا آهي. ڪاليج ۾ ان وقت جو پرنسيپال سائين ريجهو ڪرشناڻي هوندو هو. ڇا ڳالهه ڪجي سائي ڪرشناڻي صاحب جي! گريٽ ماڻهو هو. منهنجو تمام گهڻو خيال رکندو هو. اسان ڪجهه شاگرد دوستن سائين ڪرشناڻي صاحب کي ڪارونجهر جو سير ڪرائڻ جو عرض ڪيو. سائين سائينداد اسان جي مڪمل طرفداري ڪئي. اسان سان گڏ هليو. پارڪر جو پورو پٽ گهمياسين. مون سائين جي لائبريري جا اڪثر ڪتاب پڙهيا آهن. سائين جي ويجهڙائپ جي ڪري ڪاليج جي زماني ۾ ڪاليج جي لائبريري جا ڪتاب پڙهڻ جو وڏو موقعو مليو. ٿر ۾ جديد ادب ۽ ترقي پسند فڪر جو وڏو ترجمان رهيو آهي. ‘ٿر سيمنار’ کان پوءِ ترت مٺي ۾ سائين سائينداد ساند سان رهاڻ جو وڏو پروگرام ٿيو. اهو پروگرام سائين جي شاگردن ڊاڪٽر لال لهاڻي، ڊاڪٽر سريش مکي، ڊاڪٽر ڪشور کتري، واشديو جاني ۽ ٻين رکيو هو. اهو فوزيه سومرو جي عروج جو زمانو هو.ان پروگرام جي رڪارڊنگ پپو ڪوٽڪ وٽ سنڀالي رکيل آهي. سائينداد نثر تمام ٿورو لکيو آهي پر خوبصورت لکيو آهي. ڪتاب ‘خيالن جا پکي’ سائينداد ريڊيو اسڪرپٽ، تقريرن ۽ انٽريوز جو مجموعو آهي. سائينداد جو ريڊيو پروگرام مشهور ۽ مقبول رهيو. سائينداد ساند جو لکيل هڪ ڪتاب’ ٿر جي ادبي تاريخ’ اڻ ڇپيل آهي. سائين سائينداد هڪ روزاني اخبار ۾ ڪالم لکڻ جو سلسلو شروع ڪيو هو پر ڪجهه ڪالمن کان پوءِ ڇڏي ڏنائين. سائينداد ساند جڏهن ڪاليج جو پرنسيپل ٿيو ته مون پنهنجن ساٿين شهاب نهڙيو ۽ ناشاد سمون سان گڏجي آجياڻي جو مٺي پريس ۾ پروگرام ڪرايو. سائين سائينداد پروگرام جي لاءِ راضي نه هو پر پنهنجي شاگرد ۽ دوست جي هجت کي جواب ڏيئي نه سگهيو. سائين جو ڀاءُ امام بخش راڄ نيتي جو رڄ مڙس هو. امام بخش جڏهن مٺي سائينداد ساند سان ملڻ ايندو هو ته سٺي ڪچهري ٿي پوندي هئي. راڄ ڀاڳ جا قصا، ڪهاڻيون، ٿر جي سماجي معاشي صورتحال تي تذڪرو ٿيندو هو. ڳجهارتن ۽ بيتن جي ڏي وٺ به ڪڏهن ڪڏهن سرس ٿي پوندي هئي. مون لکڻ هاءِ اسڪول ۾ پڙهائي دوران لکڻ شروع ڪيو هو. پر شاعري جي بحروزن بابت سکيا سائينداد ساند ورتي.ان کان اڳ ۾ تاج جويي جي ڪتاب ‘سنڌي گيت’ کي پڙهي ڇند وڌيا تي شعر سرجڻ جي جستجو ڪندو هوس.پر آئون ڏڏ جو نه بحر وزن کي ڀرپ ۾ ڀري سگهيس نه ڇند وڌيا کي. منهنجي نامور ڪهاڻيڪار ۽ ناول نويس علي بابا سائين پهرين ملاقات سائينداد ساند جي وليمي دعوت ۾ ٿي هئي. سهڻي شاعرحسن درس، نصير مرزا، ساغر سميجي ۽ بخشڻ مهراڻوي سان به سائينداد ساند ملايو. سائين سائينداد ساند بلبل کورواهي جو تمام وڏو احترام ڪندو آهي. بلبل کورواهي جي شاعري هن کي پنهنجي شاعري جيان ياد آهي. بلبل سان مکا ميلو به سائين سائينداد جي طفيل ٿيو . حيدرآباد جي هڪ اخباري دفتر ۾ ڪم ڪرڻ دوران جڏهن مهان ڏاهي ابراهيم جو انٽرويو ڪرڻ جو موقعو مليو. تڏهن جويي صاحب خوش خيريت کان پوءِ پهرين سائين سائينداد ساند جي شاعري بابت ڳالهه ڪئي هئي. آئون ايم اي سنڌي جي زباني امتحان ۾ مون کان گهڻو سائينداد ساند جي شاعري ۽ شخصيت متلعق پڇيو ويو. سائين سائينداد منهنجو تمام گهڻو خيال رکندو آهي. سائين مون سان ملهايل شام جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو ته، ‘آئون پنهنجي زندگي جي چئن ڪرڻن مان هڪ ڪرڻو ڀارو دوستي جو سمجهندو آهي.’ سچ ته اها سائين جي وڏائي آهي. آئون ته ايترو لهان نٿو. ڏک سک ۾ اسين هڪ ٻي جي هڪ هڪل تي گڏ ٿيا آهيون، مرڻي پرڻي جي ريتن رسمن ۾ ڀائرن جيان شرڪت ڪئي آهي. مون جڏهن هفتوار ٿر نيوز اخبار ڪڍي تڏهن به سائين سائينداد جو مڪمل ساٿ رهيو. مسلسل پنج سال ‘ ٿر نيوز جي سفر ۾ سائين اسان جي رهنمائي ڪئي. ‘ماٿاري ماٿي موريڙو ٻولي، مانرو هينئڙو هچڪولي’ جهڙي شاهڪار لوڪ گيت جو سرجڻهار پروفيسر سائينداد ساند ٿر ۾ گهري نگاهه ۽ اعليٰ حوصلي سان زندگي جا قدر طئه ڪري رهيو آهي. سائين سائينداد ڄامشوري جي دور کان وٺي سنڌي ادبي سنگت جو سرگرم ڪارڪن رهيو آهي. مٺي ۾ ڪيتري وقت تائين مٺي شاخ جي گڏجاڻي سائين جي هاسٽل واري روم تي ٿيندي رهي. سائين شاخ جو مختلف وقتن تي سيڪريٽري پڻ رهيو آهي. سائين سائينداد ساند کي ڏسي مون کي سدائين غالب جو شعر ياد ايندو آهي ته؛ نه جانوُ نيڪ هون يا بد هون، پر صحبت مخالف هي! جو گل هون تو هون صحرا مين، جو خس هون تو هون گلشن مين. صحرا جي دامن ۾ ٽڙيل گل جهڙو شاعر خوشبوءِ جيان اڪيلو آهي. پنهنجي مٽي تي منفرد آهي.هن لڙڪن جو عرق لفظن ۾ آڻي ڪوتا کي پياري رهيوآهي. ۱۸۸۸ع جي زماني ۾ سائين جي شاعري جو مسودو هاسٽل جي ڪمري مان چوري ٿي ويو. جنهن جو ارمان هن کي اڄ به آهي. آخري حصو؛ مون سائين سائينداد ساند جي شاعري تي اڳ ۾ ڪافي لکيو آهي. خيالن جا پکي ۾ نثر جو جائزو پيش ڪري چڪو آهيان. هن خاڪي ۾ سائين جي شخصيت ۽ شاعري تي لکندي دهراءٌ کان بچڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن خاڪي سان ڪيترو نڀائي سگهيو آهيان اهو پڙهندڙ فيصلو ڪري سگهن ٿا. مون سائين جي شاعري ۽ شخصيت کي جيئن محسوس ڪيو آهي. ائين لکيو آهي. ڪافي ڳالهيون رهن ٿيون. انهن جو تذڪرو ڪنهن ٻي ڀيري ڪبو . ڪنهن دور ۾ سائينداد ساند پنهنجو هي غزل بار بار ٻڌندو هو. رات گذري وڃي ته ڏاڍو سٺو، ياد وسري ته ڏاڍو سٺو. اڄڪلهه نجي ڪچهري ۾ پنهنجي دوست خالق درس کي حسن درس جا ٻول ترنم ۾ ٻڌائڻ جي بار بار فرمائش ڪندو آهي. هڪ ڏيک يادگيري هڪ شام جو تصور، کڙندڙ گلاب آهي هڪ نام جو تصور. (ڀارومل امراڻي جي ڪتاب ٿر ٿر اندر ٿاڪ ۾ ڇپيل) سائينداد ساند ۽ دروازو بند ٿي ويو! خليل ڪنڀار کليا هوندا کليا هوندا سدا دروازا هن دل جا، جڏهن مون ۾ پوي ڪم ڪو، تڏهن مون ڏي هلي اچجان! جڏھن سائينداد ساند مٺيءَ جي ڳلين کي ڇلي جيئن پاتل هوندو هو، تڏھن اسين هن جي خوبصورت غزلن جي خوبصورت ڪردارن کي ڏٺي سڃاڻندا هئاسين. اڄ به جڏھن آئون سندس غزل ڪنهن هٿ هلايا ته ڳوڙھا ڳڙي پيا اوهين ياد آيا ته ڳوڙھا ڳڙي پيا ٻڌندو آھيان ته مون کي دُور ديس کان مٺي بدلي ٿي آيل ٽيليفون آپريٽر جي اُھا بي انتها حسين ڌيءَ ياد ايندي آھي، جنهن مٺيءَ مان وڃڻ ويل ايس آر ٽي سي بس جي دريءَ مان پنهنجي ڳوري ٻانهن ڪڍي لوڏي هئي ۽ سائينداد ساند ٻارن وانگي ڍاڍون ڏيئي رُنو هو. اهو حادثو سائينداد کي سُڃاڻندڙ سڀني ماڻھُن جي مٿان ريل جيان گذريو هو ۽ سائين سائينداد ان منظر کي پنهنجي غزل ۾ چٽيو هو: کڻي آئي برسات يادُون اوهان جون کنوڻ رنگ لايا ته ڳوڙھا ڳڙي پيا هن جي مشھوري جو اهو عالم هو جو مٺي جا ننڍڙا ٻار ۽ جوان مايون سائينداد ساند کي سڃاڻنديون هيون. هو مٺي شھر جو شاعر هيرو هو. سائينداد کي ماڻھُن کان، ڪچهرين کان، محفلن کان ۽ هجومن کان ڊپ ٿيندو هو. هُو انتهائي تنهائي پسند ماڻھو هو. پاڻ سان ملهائجندڙ شام واري ڏينهن ڪاليج جي هاسٽل واري ڪمري کي تالو هڻي گم ٿي ويندو هو ۽ ماڻھو سندس غير موجودگي ۾ پيا سندس شاعري تي ڳالهائيندا هئا. هن جي شاعري جا پهريان سامعين اسين هوندا هئاسين. صادق فقير جي صدارت ۾ ڪاڪي جهامن جي هوٽل جي کٽن تي روز شام جو محفل سجندي هئي. صادق فقير اسان کان وڇڙي ويو. ان کانپوءِ اسين سڀ هڪٻئي کان وڇڙي وياسين ۽ مٺي جو شھر اُردو جي هن شعر جيئن ٿي ويو ته، ڪون ديک ڀال ڪري اس گهر ڪي روز اڪ چيز ٽُوٽ جاتي هي اسين جيڪي هڪٻئي جي اکين ۾ پرويا پيا هئاسين، اهي هڪٻئي کي ڏسڻ لاءِ سِڪي وياسين. هڪ ٻئي جي ڏُکن سُکن کان اڻ ڄاڻ بي خبر ڪير ڪنهن جو حال ڀائي نه رهيو. آئون ۽ پيارو شواڻي هن جي شاعري جي ڪڏھن ڪڏھن پئروڊي به ٺاهيندا هئاسين. ٻه چار ڏينهن جي رُسامي کانپوءِ پيرن تي هٿ رکي پرچائيندا هئاسين. تنهنجي در تان جو به اُڏاڻو پنڇي پر ۾ ويٺاسين هئاسين تون جي ڳولين ها ته پرين وارن ور ۾ ويٺا هئاسين انهيءَ غزل جي پئروڊي لکي کيس ٻڌائي سين: پوڙھا ڪنوارا، مٿان سيارا انهيءَ عمر ۾ ويٺا هئاسين سائين اسان کان رُسي ويو. هُو هڪڙو رُسڻو ماڻھُو ۽ معصوم رُوح هو. هن کي رُسي پرچڻ ۾ قرار ملندو هو. سائينداد ڪڏھن، ڪٿي، ڪيئن ۽ ڇو رسندو، ان جي ڪا به خبر نه هوندي هئي. ملڻ ۾ وڏو وقت لڳي وڃي ته سمجهبو هو ته سائين ناراض آھي. هن پنهنجي سڄي حياتي ۾ سليقي سان صرف شاعري ڪئي، باقي هر لحاظ کان بي ترتيب ئي رهيو. ڪنهن ڏنا غم ۽ ڪنهن ڏنيون خوشيون هاڻ وسري وڃي ته ڏاڍو سُٺو هڪڙي ڀيري آئون ۽ کاٽائو جاني ٿر ڪتاب گهر جي بئنچ تي ويٺا هئاسين. سائين سائينداد آيو. اسان کي اورانگهي ڪشور کان سامان وٺي واپسي ۾ به بغير نهارڻ جي هليو ويو. کاٽائو مشڪيو. مون کاٽائو کان پڇيو ته سائينءَ ايئن ڇو ڪيو؟ ته کاٽائو چيو ته، ايئن ڪرڻ سبب ئي پاڻ کيس ڀانيون ٿا. جي ايئن نه ڪري ته هو سائينداد مان هڪڙو عام ماڻھو ٿي وڃي. اها ادا ئي هن کي منفرد بڻائي ٿي. هن مون کي سدائين دعائون ڏنيون ۽ منهنجي لاءِ سدائين دعائون لکيون. خليل شال خوش ھوئين، ڪومائين نه ڪُنڀار توسان منهنجو پيار، ٻُڌائڻ کان ٻيڻو ٿيو سائين سائينداد ساند اگهو ٿي پيو آھي ته سنڌي غزل جي اڱڻ تي چوڙيلي ٻانهن واري لوڏ سان هلندڙ من موهيندڙ غزلن جي تخليقڪار لاءِ مٺي جو سڄو شھر دُعا پيو هو پر هو اسان جي هٿن مان ڪري پيل دعا بنجي ويو. اکيون انتظارن ۾ آھن، اجهو ڄڻ اچين پئي اچين پئي وڌل ڦول وارن ۾ آھن، اجهو ڄڻ اچين پئي اچين پئي نه ڪا دعوا، نه ڪي لشڪر. نه ڪي نعرا، نه ڪي تڪرار. هُن بس پنهنجي شاعري وسيلي ئي زنده رهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ھو پنهنجي ڏات جي ڪرشمي سان هر اسٽيج، هر محفل ۽ هر رهاڻ ۾ پڙھيو، جهونگاريو ۽ ڳايو ويو. سندس غزل زبان زد عام رهيا. ڌنارن جي بانسرين ۾ وڄندا رهيا،ٻانهارين جي جهرمٽ ڳايا ويا ۽ ڳائڻن جي صدا ۾ گونجندا رهيا ۽ هر پيار ڪندڙ ماڻھُو جي اظھار جو حيلو وسيلو بڻيا. هن ڪڏھن به شاعر ٿيڻ جي سازش ۾ ڪنهن کي ٺونٺ ڪو نه هنئي، ڪنهن کان مدد ڪو نه طلبي، ڪنهن تي اُلر به ڪانه ڪيائين. هن بس غزل لکيا ۽ ڇا ته غزل لکيا: ولي ٿيندي ٿيندي ٿي شاعر وياسين ڪري ڀي ڪرامت ڪري تو نه ڄاتي اسين خوش نصيب آھيون جو اسان کي هن جي دعائن جي اوٽ ۾ رهڻ جو موقعو مليو. اسان هن جي شاعري جا پهريان سامعين رهياسين. اسان هن جي شاعري جي هڪڙي هڪڙي سٽ جي پويان موجود واردات جا واقف ڪار آھيون. اسين هن جي خوبصورت شاعري ۾ موجود خوبصورت پَرين جي روپهري ٻانهن ۾ پاتل ڪنگڻن جي واڄي کي ٻڌي سگهڻ وارا خوشنصيب آھيون. اسين ڇورا ڇنا، گهر گهاٽ بنا ڄڻ ڪي هُلندڙ ھوائون اسان جون مائون نه محبوبائون سائينداد ساند پنهنجي سڀاءُ، زندگي گذارڻ جي طور طريقن ۽ پنهنجي حسين غزلن ۾ هر لحاظ کان، هر زاويي کان بس شاعر رهيو، جيئن شاعر هوندا آھن تڪرار کڙا ڪري شاعر ٿيندڙ زماني ۾. هن صرف ۽ صرف شاعري لکي. ايڏو رُوئندو نه ڪري ايڏو رلندو نه ڪر ڪوئي مون کي چوي ڪو ته اهڙو هجي اڄ مٺي هڪڙي حسين شاعر کان محروم ٿي وئي. هن پنهنجي زندگي کي ڀرپور گذاريو، حسين شاعري لکي. مٺي جو گيتن ڀريو تعارف بڻيو ۽ اڄ گذاري ويو. پنهنجي آسپاس موجود وڏن ماڻھُن سان ننڍڙا ننڍڙا حساب نه ڪندا ڪريو. توهان نٿا ڄاڻو ته اُهي جڏھن هليا ٿا وڃن ته ڌرتي جي جهولي خالي ٿي ٿي وڃي. خدا حافظ سائينداد ساند! (ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۲ فيبروري ۲۰۲۴ع تي ڇپيل) سائينداد ساند اڃان ياد آهن، گهڻيون تنهنجون ڳالهيون مشتاق ٽانوري جيئن دنيا جو تخليقي تصور، عورت جي موجودگي کانسواءِ اڻپورو آهي. بلڪل ايئن علم ۽ ادب جي دنيا، شاعريءَ جي تصور کانسواءِ اڻپوري آهي. شاعري جي جھان ۾ سنڌي شاعري لطيف سائين، شيخ اياز، نارائڻ شيام، استاد بخاري، تاجل بيوس ۽ ٻين ڏات ڌڻين جي تخليقي سگھه سبب ڪنڌ کڻي بيٺل آھي. سنڌي شاعريءَ ۾ اهڙيون کوڙ ساريون نيون صنفون متعارف ٿيون آهن، جيڪي سنڌي ٻوليءَ ۾ سنڌي شاعريءَ جي روپ طور ضم ٿيون آهن. انهن ۾ غزل واري صنف پڻ شامل آهي. غزل کي جيتوڻيڪ فارسي ادب جو مک محرڪ سمجهيو وڃي ٿو، پر حسن جي سورن ماڻ، ماپن سان سرجندڙ غزل واري هن صنف سنڌي شاعريءَ ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن. غزل جهڙي نازڪ ادبي صنف جو ذڪر، ٿر جي وارياسين ڀٽن سان تعلق رکندڙ سائينداد ساند جي ذڪر کانسواءِ اڌورو آھي. جديد سنڌي شاعري ۾ غزل جو سھڻو شاعر ۽ استاد، سائينداد ساند ۱۸۶۰ع ۾ ٿرپارڪر ضلعي جي مٺي تعلقي جي ڳوٺ متاري ساند ۾ محمد حسن ساند جي گهر ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ بعد مئٽرڪ نئون ڪوٽ هاءِ اسڪول مان ۱۸۷۶ع ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين ۽ ۱۸۸۵ع ۾ ايم. اي (سنڌي ادب) فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان حاصل ڪري، عملي زندگيءَ جو آغاز ليڪچـرار طـور ۱۸۸۶ع ۾ ڪـيـائيـن.سائينداد ساند ٻه دفعا گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مٺي جو پرنسپال ۽ هڪ دفعو ڊگري ڪاليج ڏيپلو جي پرنسيپال جي عهدي تي رهي چڪو آهي ۽ هن مختلف وقتن تي تعليم ۽ تدريس جي عمل ۾ ڪاليج جي هزارين شاگردن کي علم سان روشناس ڪرائي ۲۸ فيبروري ۲۰۱۷ع تي رٽائرمينٽ ورتي. سائينداد ساند غزل سميت شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي. سندس شاعري مختلف اخبارن توڙي علمي ۽ ادبي رسالن ۾ ڇپجي چڪي آهي. سندس شاعريءَ ۾ عوامي رنگ وڌيڪ نمايان آهي، اهوئي سبب آهي، جو هن جي شاعري ڪيترن فنڪارن ۽ فنڪارائن ڳائي خوب داد حاصل ڪيو آهي. سائينداد ساند جا گيت ۽ غزل عوام جي دلين جي ترجماني ڪن ٿا. پنهنجي مزاج ۾ انتھائي گھڻو نفيس ۽ حساس طبعيت رکندڙ ھي اھو شخص آهي جنهن جي شاعري عام لوڪن جا ماڻهو به فوزيا سومرو، صادق فقير، الھڏنو جوڻيجو، ڪريم فقير، رجب فقير، رفيق فقير ۽ ٻين جي آواز ۾ وڏي دلچسپي سان ٻڌن ٿا ۽ سنڌ جو پڙھيل لکيل طبقو پڻ ھن جي شاعري جو مداح رھيو آهي. سائينداد سنڌ جي علمي ادبي لڏي ۾ ھڪ غير تڪراري ماڻھو رھيو. ھو پنھنجي شخصيت جي جوھر ۾ ھڪ خوددار شاعر من موجي ماڻھو ھو. ھن جي شاعري ۾ ھڪ وسيع انسپائيريشن ھئي. ھو سنڌي ٻوليءَ جو پختو شاعر ھو، کيس شاعري جي ھر صنف تي چڱو خاصو دسترس حاصل ھو. ھڪ نقاد جي حيثيت سان سنڌي شاعري جي ھر صنف تي خوبصورتي سان ڳالهائي سگهي پيو. کيس خبر ھئي ته سنڌي شاعري جي جدت جا رنگ ڪھڙا آهن ۽ ھن وقت سنڌي شاعري جو معيار ڪھڙي موڙ تي بيٺل آهي. سائينداد ساند جي شاعري جا اڪثر گيت ۽ غزل موسيقي جي رڌم جي تسلسل ۾ آهن اهو ئي سبب آهي جو سندس گيتن کي سرن جي آلاپ ۾ سموئڻ ڪنهن فنڪار لاءِ ايترو مشڪل ڪونهي.سائينداد ساند سنڌي ٻولي جو سگهارو شاعر ھو. سندس شاعريءَ جا ٽي مجموعا “ڳوڙهن ڳالهـايــو” “سنڌ ڪُروکيتر جيان” “دل جي تاريخ” ڇپجي پڌرا ٿيا آهن. ان کان سواءِ سندس نثري خيالن ۽ انٽرويوئن تي مشتمل ڪتاب “خيالن جا پکي” پڻ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. ٿر واسي پروفيسر سائينداد ساند کي آنڊي جي تڪليف سبب ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي آنڊي جي آپريشن بعد سندس طبيعت وڌيڪ خراب ٿي وئي. ماءُ ٻولين جي عالمي ڏھاڙي ۲۱ فيبروري ۲۰۲۴ع تي سنڌي ٻوليءَ جو سٻاجهو شاعر سائينداد ساند ڪراچيءَ جي خانگي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. الائي ڇو اسان کي وڻيون تنهنجون ڳالهيون جتي ڀي وياسين ڳڻيون تنهنجون ڳالهيون اڃان زندگي مان ٿڪا ڪونه آهيون اڃان ياد آهن، گهڻيون تنهنجون ڳالهيون (ڏھاڙي ھمسري حيدرآباد آنلائين ۾ ۲۴ فيبروري ۲۰۲۴ع تي ڇپيل) سائينداد ساند ڳوڙھن ۽ ٽھڪن جو شاعر وڇڙي ويو! ديال صحرائي زندگي ۾ سڀ کان پھرين جيڪو ڪلام ياد ڪيو ۽ دل سان ننڍپڻ ۾ ڪچھرين ۾ ڳايو اھو ھو “اوھين ياد آيا ته ڳوڙھا ڳڙي پيا..” ھي ڪلام اھڙو مشھور ٿيو جو جيڪو به ڇوڪرو نئون سکندو ھو ته ھي ڪلام سولائي سان ڳائي سگھندو ھو. فوزيه سومرو جا ڪلام ھونئن ئي ٿر جي ڳوٺن ۾ اڻپڙھيل ماڻھن کي به ياد ٿي ويندا آھن. ھڪ ته شاعري سادي سَولي، ٻيو ٻولي عوامي ھوندي آھي، موضوع به عوامي سطح جا ھوندا آھن ۽ وري ڌنون پڻ سَوليون ۽ وڻندڙ ھونديون آھن! سائينداد ساند جو اھو مشھور ڪلام اسان وٽ جڏھن ننڍپڻ ۾ سجاڳ ٻار تحريڪ جون گڏجاڻيون ٿينديون ھيون تڏھن سڀني ٻارن جي اھا خواھش ھوندي ھئي ته پھرين منھنجو وارو اچي ته اِھو ڪلام ڳائي وٺان، متان ٻيو ڪير ڳائي نه وڃي! سادي ٻولي اھڙو وڻندڙ ڪلام لکندڙ شاعر وڇڙي ويو! ھو ھروڀرو ڏکيا لفظ ٽُنبڻ واري بيماري کان بچيل تخليقڪار ھو. سادي ۽ وڻندڙ ٻولي ۾ نوان ۽ نرالا خيال پروئيندو ھو. سائين سائينداد ساند، صادق فقير سان گڏ ٿر ڪتاب گھر تي بيٺو ھو آئون ڪو ڪتاب وٺڻ ويس، سائين سان ھٿ ملايو تڏھن سائين صادق سائينداد ساند کان منھنجي باري ۾ پڇيو ته ھن کي سڃاڻين؟ سائين چيو نه ادا، تڏھن سائين صادق منھنجو تعارف ڪرايو ته ھي پنھنجو پاڻ کي الائي ڇا ٿو ڏسڻ چاھي پر آئون ديال صحرائي کي ھڪ آرٽسٽ ئي ڏسڻ چاھيان ٿو! آئون تڏھن سنڌ يونيورسٽي جي جيئالاجي شعبي ۾ پڙھائي ڪري رھيو ھئس. تڏھن سائين سائينداد وري ھٿ ڏنو ۽ چيائين ته اسان جون اھڙيون ئي نيڪ تمنائون اوھان سان گڏ آھن! پوء سائين جتي به ملندو ھو، انھي ياد کي تازي ڪندا ھئاسين! ھن سڄي خطي جي ماڻھن کي تاريخ وڏا ڏنڀ ڏنا آھن. ماڻھن جي پاڻي لاء اُڪير، تڙپ ۽ اُڃ جا قصا ته سڄي تاريخ جو پيٽ ڀري ويٺا آھن. اڃ انھن جو اڄ بي پيڇو نٿي ڇڏي. اربين روپين جا آر او پلانٽ به ھاڻوڪن واڳ ڌڻين جي لَڇڻن جي ڪري ٿر جي ماڻھن جي اُڃ گھٽائي ناھن سگھيا. ورھاڱي وارو تازو وڍ ته جيترو ھن وارياسي کي ڏنگي ٿو ايترو ڪنھن به علائقي کي نٿو ڏنڀي. ھن بارڊر جي ڀرپاسي وارن ماڻھن کي ھر شعبي جي ماڻھن زھر جا ڍُڪ آڇيا آھن. صحرا جي اينٿراپالاجي ۾ درد پرويا پيا آھن. اڪثر صحرائي ماڻھن جا ھينئان پرڻ ٿيل ھوندا آھن! انھي صحرائي علائقي جي دردن جو سائين وڏو ترجمان رھيو! ڪيترين ئي دلين جي احساسن کي منظوم ٻولي ڏني! جدائي، رشتا، لڙڪ، محبت، نڀاءُ ۽ بي وفائي جھڙن احساسن جي وڪالت ڪندڙ لفظن کي پنھنجي غزلن جي گود بخشي! ھن پنھنجي زندگي کي خوب ملھايو. ھن جي شاعري اڻپڙھيل کي به سمجھ ۾ ايندي ھئي ۽ ٻڌي دل سان واھ واھ ڪندو ھو ته وري ادب تي پي ايڇ ڊي ڪندڙ شخص به ھن جي شاعري ياد ڪرڻ تي مجبور ٿيندو ھو! ھن جي غزلن کي صادق جي آواز ۾ ٻڌڻ واري خواھش چانڊوڪي رات ۾ ٿر جي ڀٽ تي ويھي اُڀ ۾ چنڊ سان مقابلو ڪندڙ تارو تَڪَڻ واري تمنا جھڙي ئي خوبصورت لڳندي آھي! ھر شاعر غزل جو شاعر نٿو ٿي سگھي. سھڻا غزل لکڻ واري ڏات رياضت سان سنڀالڻ ايئن ڏکيو آھي جيئن ٿر جي واري کي مُٺ ۾ سنڀالڻ ڏکي آھي! سٺو غزل باذوق ماڻھو جي موڊ کي نيراڻي آرس موڙڻ کان وڌيڪ چس ڏيندو آھي! سائينداد ساند جھڙا غزل سنڌي شاعري جا چند نالا ئي لکي سگھيا آھن! پنھنجي علائقي جو ساءُ شاعري ۾ رچائڻ ۽ زندھ رکڻ جو ڏانءُ ھن وٽ ھو، ھن جا غزل ٿر جي مال جي اڃاري گھوري کي ٻني م پيل ڪوري گھڙي جي ٿڌي پاڻي جھڙي تاسير ڏيندا آھن! وڻن جي ٿڙھن تي لکيا پاڻ نالا اھي ڪنھن مٽايا ته ڳوڙا گڙھي پيا! سادگي ھن شخصيت جو سينگار ھئي. ٻولي کان وٺي شاعري پڙھڻ ۽ لفظن جي ادائگي تائين سائين جي شخصيت مان نوڙت، پنھنجائپ ۽ سچائي بَکندي پيئي ھئي. سائينداد ساند کي ڪيترن ئي بھترين راڳين ڳايو. انھن. سڀني ڪلامن مان جڏھن وحيد علي خان، “ڳاڙھو جوڙو پاتل ھوندو” ڳائيندو ھو ته ٻڌندڙن کي ڄڻ ته ساھ کڻڻ وسري ويندو ھو. موسيقي سان پيار چَئوڻ تي وڌي ويندو ھو، ڍولڪ جي تِيائي ۽ ٺيڪن تي آئيڊيئنس کي رقص ڪرائيندو ھو. راڳي کي شاعري وڻندي آھي تڏھن انھي کي ٺھڪندڙ ڌُن ترتيب ڏيئي سگھندو آھي. شاعري جڏھن پابند ھوندي آھي تڏھن موسيقي ۾ رچاءُ ايندو آھي.صادق فقير سميت جن به ڳايو آھي عوام انھي کي پنھنجي دل ۾ جاء ڏني آھي. اھو ئي سبب آھي جو سائينداد ساند جي وڇوڙي تي ادب ۽ فن سان تعلق رکندڙ ھر ماڻھو پنھنجي دل ۾ تڏو وڇائي ويٺو آھي ۽ ڏک جي اظھار ۾ سائين ۽ سندس پونئيرن سان پنھنجائپ جا ڀاڪر آڇي پيو (ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۸ فيبروري ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)
شاهنواز جوڻيجو سنڌ جو ڪلاسيڪل وڏيرو مير نادر علي ابڙو سنڌ اوليائن ۽ بزرگن جي سرزمين طور ڏيهان ڏيهه مشهور آهي. هن ڌرتيءَ تي ڪجهه اهڙن ڪردارن پاڻ ملهايو، جن کي وسارڻ باوجود به اهي چهرا سنڌي عوام جي ذهنن تان پردو ناهي ڪري سگهندا. انهن چهرن مان سنڌ جو مهان چهرو چاچا مرحوم شاهنواز جوڻيجو به هڪ آهي. هن جا عڪس اڄ به سنڌ جي هر طبقي جي نيڻن ۾ سمايل نظر ايندا آهن. هن سنڌ جي وڏيرڪي طبقي ۾ ڪلاسيڪل وڏيري جي حوالي سان تمام گهڻي مشهوري ماڻي. منجهن بي پناهه خوبيون ۽ صلاحيتون سمايل هيون. انتهائي محبتي ۽ بي پناهه پيار ڪندڙ انسان هو. هو شروع کان آخر تائين انسانيت جي بقا لاءِ جهاد جاري رکندو آيو. هن ڪڏهن ڪنهن موڙ تي ساهي نه پٽي. هن جي اندر ۾ محبت جو جذبو ۽ بي پناهه قوت هر وقت ڪنهن حاصلات ۾ پتوڙيندي نظر ايندي هئي. چاچا شاهنواز سان منهنجي پهرين ملاقات سن ۲۰۰۳ع ڌاري ٿي هئي. جڏهن آئون سرڪل آفيسر عمرڪوٽ هئس ۽ صوبائي صلاحڪار فقير محمد جادم منڱريو جي والده ماجده جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪرڻ لاءِ سندس ڳوٺ ويو هئس ته اتي کائنس ڪجهه پلن لاءِ ڪچهري ٿي. بعد ۾ پاڻ مونکي ڳوٺ اچڻ جي دعوت به ڏنائون. ساڻس اها منهنجي پهرين ۽ آخري ملاقات هئي. تنهن بعد زندگيءَ ۾ وري ڪڏهن اهڙو موقعو نصيب نه ٿيو. سياسي ميدان ۾ پاڻ ڪنهن کان پوئتي نظر نه آيو. پاڻ سنڌ جي غريب عوام جي حقن حاصلات لاءِ سياست ۾ ڀرپور سياسي قوت سان لٿو ۽ مختلف پارٽين ۾ رهيو. سياسي ميدان ۾ ساڻس وڏا وڏا ليڊر به بحث ڪرڻ کان لنوائيندا هئا. پاڻ، سچو، کرو ۽ کير کان به وڌيڪ صاف شفاف انسان هو. جيڪا ڳالهه سامهون ايندي هئي سا چئي ڏيندو هو. هن جي انهيءَ عادت ڪارڻ ڪافي دوست رسندا به هيا پر پاڻ ڪڏهن به پنهنجي موقف ۽ اصولن تي سودو نه ڪندو هو ۽ نه ئي همت هاري. هو هر مامري کي هر وقت مڙس ٿي منهن ڏيڻ لاءِ سنبريو بيٺو هوندو هو. چاچا شاهنواز خان جوڻيجي جي زندگي ۾ شروع کان آخر تائين عجيب رنگ رهيا. پاڻ گهوڙن جي ريس کان ويندي ڪڪڙن جي ميل ۽ ڪتن جي شڪار جا به تمام وڏا شوقين هئا. غريب غربي جي مدد ڪرڻ، کيس انصاف وٺرائي ڏيڻ، حق تي فيصلا ڪرائڻ، هر سڏ ۾ گڏ انهن ساڻ هجڻ هن جي وڏي خوبي چئي ويندي هئي. هن جي اوطاق ڪچهري جي ڪوڏين لاءِ انتهائي راحت ڀري ثابت ٿيندي هئي. هن ماڻهو ۾ فيصلا ڪرڻ جي جرئت ۽ ماڻهن کي مطمئن ڪرڻ جو بي پناهه فن هو. انهن ئي ڳالهين جي ڪري سندس شخصيت سنڌ ۾ تمام گهڻي پذيرائي حاصل ڪئي ۽ سنڌي ماڻهن کيس سنڌ جي ڪلاسيڪل وڏيري جو لقب ڏنو. اهو لقب هن لاءِ يادگار ثابت ٿيو. پر اڄ سنڌ جو اهو ڪلاسيڪل وڏيرو اسان کان وڇڙي چڪو آهي، تنهن بعد وري ڪو اهڙو وڏيرو اسان کي نظر نه آيو. جيڪو اهڙي پروقار شخصيت جو مالڪ هجي. اڄ اسان وٽ وڏيري لفظ کان ماڻهو خوف کائين ٿا، ڇو جو ان لفظ کي زيادتين جي حوالي سان تمام گهڻو ياد ڪيو ٿو وڃي، جنهن ڪارڻ هن لفظ جي اسان وٽ اهميت به ڪري پئي آهي. بابا ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سان چاچا شاهنواز جوڻيجو جو انتهائي ويجهو لاڳاپو رهيو ۽ اڪثر پاڻ سندن ذڪر ڪندا هئا. هو اڄوڪي سنڌ جو اڪيلو ڪلاسيڪل وڏيرو هو. مونکي ائين لڳي ٿو ته ڄڻ ڪالهوڪي ڳالهه آهي. اسان ماڻهو خوشنصيب ۽ سنڌ ڌرتي مهان آهي جنهن جي پيٽ مان انهن ديوتا نما انسانن جنم ورتو، جن جا نغما اڄ پوري سنڌ ۾ جهونگاريا وڃن ٿا، اهي ماڻهو اسان وٽ ناهن رهيا پر انهن جون يادون، خيال ۽ سپنا اسان جي چوگرد گهمن ٿا ۽ اسان کي سندن هر هر يادگيريون اچن ٿيون ته اوهان آهيو ڪٿي ۽ هي ڇا پيا ڪيو؟ اسان جو ڏنل درس ڇا اوهان کان وسري ويو آهي؟ اهي ڳالهيون زندگي جي حسين لمحن ۾ سدائين يادن جي ٽياس تي ٽنگي ڇڏينديون آهن. اڄ چاچا شاهنواز خان جوڻيجو جي ٻي ورسي آهي ۽ انهيءَ ڏينهن تي منهنجي سنڌ جي سمورن سڄاڻ سلجهيل طبقن، اديبن، دانشورن، صحافين، سياستدانن، قلمڪارن ۽ سماجي اڳواڻن کي اها وينتي آهي ته پنهنجي مهان ماڻهن کي سڃاڻو ۽ انهن جي پرگهور لهو، ڇو جو اهي چهرا سنڌ جو لازوال خزانو آهن. (تعمير سنڌ، خبرون، هلال پاڪستان، سڪار، سنڌو، فيصلو، مقدمو ، هلچل، عبرت، ڪاوش) شاھنواز جوڻيجو سنڌ جي روايتن سان نڀائيندڙ ڪردار! نور سنڌي چاچو شاهنواز جوڻيجو هڪ عام زميندار هو، ليڪن سندس رهڻي ڪهڻي، روزانو فيصلن لاءِ ايندڙ سوين ماڻهن کي ماني کارائڻ کانسواءِ نه ڇڏڻ واريون روايتون علائقي توڙي سنڌ واسين کان ڪڏهن به نه وسرنديون. شاهنواز جوڻيجو هڪ بهادر، بي باڪ، ارڏو ۽ ذهين شخص هو. پاڻ سنڌ ۾ هڪ روايتي وڏيرو هو، جنهن سنڌ جي ثقافت سان آخري دم تائين نڀائيندو آيو، جنهن ڪري کيس ڪلاسيڪل وڏيري جو لقب مليو. شاهنواز جوڻيجو سنڌ جي روايتي وڏيرن جيان ڀلن گهوڙن جي ڊوڙ، ملاکڙا ڏسڻ، بوسڪي يا اجرڪ جو پٽڪو ٻڌندو هو. مهمان نوازي جو اهو عالم هو ته روزانو ڪم ڪارين لاءِ توڙي هر هفتي فيصلن لاءِ ايندڙ سوين ماڻهن کي ماني کارائڻ کانسواءِ ڪونه ڇڏيندو هو. چاچو شاهنواز جوڻيجو جي ڳالهائڻ جو انداز ئي نرالو هو، پرائي کي به پنهنجو ڪري ڇڏيندو هو. اهو ئي سبب هو جو نه صرف علائقي جا پر سڄي سنڌ جا ماڻهو سندس عاشق هئا. شاهنواز جوڻيجو جون پ پ ۾ وڏيون قربانيون رهيون. پارٽي ۾ سندس رت، ست ۽ ڊگهي جدوجهد شامل هئي. پ پ ۾ ڏنل قربانين ۾ 6 سالن کان وڌيڪ عرصو جيل ۾ رهيو. 1977ع ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو خلاف سلطاني گواهه بنجڻ کان انڪار ڪرڻ تي کيس 6 حرن واري قتل ڪيس ۾ جيل موڪليو ويو. ايم آر ڊي تحريڪ ۾ ڀرپور نموني حصو وٺڻ ڪري کيس جيل موڪليو ويو، جڏهن ڄام صادق علي خان سنڌ جو وڏو وزير ٿيو ته شاهنواز جوڻيجو کي پ پ کي ڇڏي ڄام گروپ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ وڏيون پرڪشش آفرون ڏنيون ويون، پر پاڻ پ پ سان سچو رهندي اُهي آفرون ٺڪرائي ڇڏيون ته ڄام صادق علي خان انتقامي ڪاررواين تي لهي آيو، کيس معاشي طور تباهه ڪرڻ وارين ڪاررواين سان گڏ مٿس ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن مارائڻ وارن ڪيسن ۾ ڦاسايو ويو ۽ کيس جيل موڪليو ويو. شاهنواز جوڻيجو نه جهڪڻ نه وڪامجڻ واري شخصيت هو، ڄام صادق علي حياتي جي آخري ڏينهن ۾ شاهنواز جوڻيجو سان ملاقات ڪري اهو اعتراف ڪيو ته شاهنواز جوڻيجو واقعي دلير، سورهيه، مڙس ماڻهو، اصول پرست، سچو سياستدان ۽ پنهنجي پارٽي سان سچو ۽ وفادار آهي. حالانڪه ڄام دور ۾ چڱا ڀلا پ پ پ جا وڏيرا ڄام صادق علي جي جوهه جلال جي سٽ نه سهي سگهيا ۽ پ پ ڇڏي ڄام گروپ ۾ شامل ٿي ويا. پاڻ سنڌ جي بزرگن جي ميلن ۾ يا عيد جي ڏينهن تي ٽنڊو آدم، ريس ڪورس ڪراچي ۽ لاهور ۾ پنهنجا گهوڙا پاڻ ڊوڙائيندو هو، گهوڙي سواري ۾ پير سائين پاڳارو به سندس تعريف ڪندو هو. شاهنواز جوڻيجو جي شوقن ۾ تترن جو شڪار به شامل هو، پاڻ اڪثر مخدوم امين فهيم، مخدوم اعجاز مرحوم، مخدوم خليق الزمان ۽ ٻين سان گڏ تترن جا شڪار ڪيا ۽ جڏهن چاچو شاهنواز دوستن ۾ ويهي شڪار جون ڳالهيون ڪندو هو ته ٻڌندڙ ائين محسوس ڪندا هئا، جهڙوڪ تترن جي شڪار تي هو ساڻس گڏ هجن. سائين جي ايم سيد سندس پسنديده شخصيت هو. شاهنواز جوڻيجو سنڌ ۽ سنڌ واسين جي حقن جي حاصلات ۽ سنڌ واسين سان ٿيندڙ زيادتين خلاف قوم پرست پارٽين، تنظيمن پاران ٿيندڙ جلسن، جلوسن، احتجاجي مظاهرن، لانگ مارچن ۾ شريڪ ٿيندو هو. عوامي تحريڪ پاران ڪالاباغ ڊيم خلاف لانگ مارچ ۾ ڀٽ شاهه ۾ سچ تي مبني ڪڙي تقرير ڪرڻ ڪري جيل ۾ ويو. ايم آر ڊي جي تحريڪن ۾ سندس شاندار ڪردار رهيو. هن بهادر عوام دوست ڪلاسيڪل وڏيرو شاهنواز جوڻيجو جي ساهه جي تند 14 جولاءِ تي صبح جو 4 وڳي ڌاري سنگاپور جي هڪ اسپتال ۾ ٽُٽي پئي ۽ هو پنهنجي لکين چاهيندڙن کي ڇڏي حقيقي مالڪ ڏانهن هليو ويو. شاهنواز جوڻيجو دم ڌڻي حوالي ڪرڻ کان اڳ سندس طبيعت اوچتو خراب ٿي وئي، ڪراچي آغا خان اسپتال ۾ ٽيسٽن بعد خبر پئي ته کيس ڦڦڙن جو ڪينسر آهي، کيس مخدوم امين فهيم ضروري ٽيسٽن ۽ علاج لاءِ دبئي وٺي ويو، جتي به سندس وڌيڪ ٽيسٽون ڪري سنگاپور اسپتال جي هڪ اسپتال لاءِ ريفر ڪيو ويو. دبئي مان به مخدوم امين فهيم کيس سنگاپور اسپتال وٺي ويو، جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪيو. اڄ سندس 12هين ورسي اباڻي ڳوٺ سنجر جوڻيجو ۾ ملهائي پئي وڃي.
منصور ميراڻي مٽيءَ جي مهڪ جهڙو شاعر ۽ اديب زين سولنگي ڪافي سال اڳ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ پڙهڻ دوران سچل چيئر جي بلڊنگ جي سامهون خوبصورت باغيچي ۾ هڪ ڪلاس-ميٽ سان خيرپور جي شاعرن، ليکڪن ۽ صحافين متعلق ڪچهري ڪري رهيو هئس ته ان ٻڌايو؛ ”خيرپور، اديبن، شاعرن، ليکڪن ۽ صحافين سان ڀري پئي آهي.“ ڳالهه شروع ٿي حضرت سچل سرمست کان، نانڪ يوسف، سخي ابو محمد صالح شاه جيلاني، مير علي نواز ناز، عطا محمد حامي، تنوير عباسي، تاجل بيوس، منير سولنگي، پروفيسر خادم سنڌي کان ٿيندي وڃي منصور ميراڻيءَ تي پهتي. حقيقت اها آهي ته مون کي ان ڪچهريءَ کان اڳ، محترم منصور ميراڻي جي اها ڄاڻ نه هئي ته هو به خيرپور جو آهي. جڏهن ته مون ان کان اڳ، نامياري فنڪار سرمد سنڌيءَ جي نهايت ئي پرڪشش خوبصورت آواز ۾ منصور ميراڻيءَ جو اهو شاندار گيت: ’جند جڙي، مال ڇڙي، رات کٽي ٿي، باک ڦٽي ٿي سانت وئي سارا پکي لات لنون ٿا ڪا بات چون ٿا‘ ٻڌو هو. ڪمال جي شاعري ۽ آواز سرمد سنڌيءَ جو، جسم مان سيسڙاٽ ڪڍي ڇڏيا هئا. منصور ميراڻي جو گهر، ميرواهه ڪئنال جي ڪپ تي سرمد جو گهر کان ڏهن منٽن جي پيادل سفر تي، ڳاڙهي پل کان پهريان آهي. نيٺ آ به ٻئي ڏينهن ڪئمپس کان پوائنٽ ذريعي، ڀرڳڙي ريگيوليٽر وٽ پهتس. اتان ميرواه ڪئنال جي ڪپ سان پيادل سفر ڪندو خاڪي شاهه جي پل طرف سفر ڪيو. ميرواه ڪئنال جي ڪپ سان خوبصورت نمن، ٽارين جا وڏا وڏا وڻ، انهن جي وچ ۾ مختلف گلن جا ٻوٽا ماحول کي خوبصورت بنايون بيٺا هئا. ان خوبصورت ماحول کي انجواءِ ڪندي، وڃي خاڪي شاه جي پل تي موجود سرمد جي گهر پهتس. ڊاڪٽر تنوير عباسي سان ڪجهه منٽ ڪچهري ٿي. کانئس، هڪ ليٽر وٺي، محترم منصور ميراڻيءَ جي گهر ڏانهن سفر شروع ڪيو. ولوءَ واري هوٽل کان ٿورو اڳتي، هڪ وڏي جڳهه نظر آئي، جنهن تي روزاني عوامي آواز وڏن اکرن ۾ لکيل هو. مون کي پڪ ٿي ته اها جڳهه منصور ميراڻي جن جي آهي. بلڪل واهه جي ڪناري واري پاسي، هڪ ڪمري ۾ منصور صاحب جن ڪجهه دوستن سان ڪچهري ڪري رهيا هئا. سلام دعا ڪرڻ بعد، هنن احوال ورتو. مون چيومانِ ته؛ ”اوهان جو نالو ٻڌي، بس ڪچهري ڪرڻ آيس.“ ڪجهه حال احوال ٿيا؛ ادب، صحافت، شاعري وغيره تي. هنن پنهنجائپ ڏني، موڪلائي هليو آيس. ماڻهو ڏاڍو بهترين محسوس ٿيو. جڏهن رستي ۾ اچي رهيو هئس ته هڪ صحافي دوست مليو، جنهن پڇيو ته”؛ سولنگي صاحب! خير ته آهي؟ هيڏي ڪاڏي ويا هئا؟“ چيومانس ته؛ ”محترم منصور ميراڻيءَ سان ملڻ ويس.“ ان چيو ته؛ ”ميراڻي صاحب، ڊان وارو صحافي.“ مون چيو ته؛ ”جي! ماڻهو بهترين آهي.“ خير ميراڻي صاحب جن سان ملاقات کي ڪجهه سال گذري ويا. مون کي ڪنهن سماجي اداري طرفان، وومن امپاورمينٽ تي سيمينار ڪرائڻو هو، پريس ڪلب خيرپور ۾. ان ۾ اسپيڪر طور منصور صاحب جن کي دعوت ڏيڻ لاءِ سندس گهر جي در تي ويس. مختصر تعارف ڪرائيندي چيومانس؛ ”اوهان جي لائق فرزند سر جاويد حسين ميراڻي صاحب جو شاگرد آهيان.“ چهري مبارڪ تي هڪ منفرد مسڪراهٽ اچي وين. دعوت نامو ڏيندي، حجت مان منصور صاحب جن کي چيم ته؛ ”سر اوهان جي شرڪت اسان لاءِ باعث فخر هوندي.“ منصور صاحب جن چيو ته؛ ”زين آ پروگرامن ۾ نه ويندو آهيان. پريس ڪلب به گهٽ وڃڻ ٿئي ٿو. هاڻ صحت به اجازت نه ٿي ڏيئي. پر حجت ڪري آيا آهيو. نوجوان آهيو. ڪم به بهتر ٿا ڪيو، شرڪت ڪبي.“ نيٺ ان ننڍڙي شاندار سيمينار ۾ منصور صاحب جن شرڪت ڪئي. نه صرف شرڪت ڪئي پر ان سيمينار ۾ خوبصورت اتساهيندڙ ڳالهيون به ڪري، پوءِ موڪلائي هليا ويا. پوءِ منصور صاحب جن ڪڏهن ڪڏهن اسان واري دوست محترم، صاحب خان ڀنڊ جي آفيس انفارميشن آفيس خيرپور ۾ ملي ويندو هو. حال احوال ڪري وٺندا هئاسين. محترم صاحب خان ڀنڊ صاحب جن پڻ ميراڻي صاحب جن جي تعريف ڪندا هئا. منصور صاحب جن جو حضرت سچل سرمت رح متعلق هڪ تحقيقي آرٽيڪل سرمست ۾ پڙهيو هو. بهترين انداز ۾ لکيل هو. ڪافي سال اڳ، ڪجهه تحريرون اخبارن ۾ نظر آيون، جيڪي پڻ تحقيقي بنيادن تي لکيل هيون. مان سمجهان ته ڪافي سال اڳ، ميراڻي صاحب جن عوامي آواز ۾ به ڪم ڪيو. ڀلي ڀت ڄاڻ آهي ته عوامي آواز جا فائونڊر، ميراڻي صاحب جن گهاٽا دوست هئا. خير جيتري قدر مون کي ڄاڻ آهي ته منصور ميراڻي صاحب جن ريڊيو پاڪستان خيرپور سان به منسلڪ رهيا. پاڻ هارين مزدورن جي حقن جي حوالي سان جاکوڙي ڪردار رهيا آهن. ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جهڙي ڏاهي انسان سان خاص قربت رَهينِ. سنڌ جي معروف شاعر، ليکڪ، صحافي سائين انور پيرزادي سميت ٻيا ڪيترا ئي ليکڪ ۽ اڳواڻ پڻ، هنن سان رهاڻيون ڪندا هئا. محترم منصور ميراڻي صاحب جن سنڌي ادب ۾ هڪ ئي وقت نثر توڙي نظم تي نهايت ئي خوبصورت انداز ۾ ڪم ڪيو آهي. سندس نثري تحريرون توڙي شاعري پڙهڻ ۽ ٻڌڻ وٽان آهي. حقيقت اها آهي منصور صاحب جن جي شاعريءَ ۾ ڪجهه اهڙيون شيون لکيون آهن، جيڪي خيرپور جا مها اديب ۽ صحافي نه لکي سگهيا آهن. سنڌ جي نامياري صحافي شيخ عزيز جي اصرار تي صحافت ۾ پير پائيندڙ منصور صاحب جن، سنڌي صحافت ۾ پاڻ مڃرائي، وڃي ملڪ جي وڏي اخبار ڊان جي صحافت تي دنگ ڪيو. اتي به هنن پنهنجو هڪ منفرد تعارف پيدا ڪيو. منصور صاحب جن درازا جي ڌرتيءَ جو اثر قبول ڪيو. سچل سرمست رح جي شاعريءَ جو اثر هنن جي شخصيت ۽ هنن جي شاعريءَ تي رنگين نوع ۾ نظر اچي ٿو. هن وٽ گيڙو ويس کي وڏي اهميت حاصل آهي. هو فيشني گيڙو ويس جي بدران جوڳين واري گيڙو ويس جو عاشق آهي. هو جوڳين سان رهاڻيون ڪندي دلي سڪون محسوس لري ٿو. منصور صاحب جن ڪيترا ئي ائٽمس، پنهنجي شاعريءَ ۾ جوڳين متعلق تخليق ڪيا آهن. جيئن منصور صاحب جن هڪ هنڌ لکيو آهي: منهنجو جوڳين سان، منهنجو سامين سان اديون ڙي، نيهن لڳو آ رڳ رڳ ۾ تات تنين جي تن سوا ٿو جاڙ جيئان. يا هڪ ٻئي هنڌ ميراڻي صاحب جن چيو آهي ته: جوڳين سان هلي جالجي، سامين سان ملي جالجي، گيڙو رتائون ويس پائي پيٽ بُکن تي پالجي گهر تڙ ڪهڙو رِڻَ جا راهي مِٽُ نه ڪنهن جو سڏائجي! جي منصور جوڳي قبولين “تارڪ” نانءُ سڏائجي. منصور صاحب جن جو شعري مجموعو “نٻر نينهن سندوم” ڊسمبر ۲۰۱۹ع ۾ ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي چڪو آهي. ان ڪتاب جو مهاڳ جڳ مشهور ليکڪ ۽ صحافي حسن مجتبيٰ لکيو آهي. جڏهن ته ان ڪتاب بابت ٻه اکر سنڌ جي معروف ليکڪ ۽ صحافي اسحاق مڱريي لکيا آهن. ڪتاب جو مهاڳ پڙهڻ جهڙو آهي پر اسحاق مڱريي به لکڻ جي حوالي سان خوب نڀايو آهي.. منصور صاحب جن جو شعري مجموعو ڇپرائڻ تي سندس لائق فرزندن ۽ گهر ڀاتين کي جس ڏيان ٿو. ان ڪتاب جو گهڻن کي انتظار هو. منصور ميراڻي صاحب جن جي شخصيت گهڻ رخي ۽ متحرڪ هجڻ ناتي، هڪ ئي وقت شاعر، ليکڪ، صحافي، فنون لطيفه سان وابسطه، موسيقيءَ جو ڄاڻو، تحقيقدان، هارين مزدورن جي حقن جو آوز بلند ڪندڙ. هو هڪ صوفي ۽ تبديلي پسند شخصيت جو مالڪ، جنهن ڪنگري جي ڪچي جون رونقون به ڏٺيون، اتان جي قدرتي حسن کي به پرکيو، اتي درياءَ بادشاه جي مستيءَ کي به ڏٺو، اتي جي تترن جي تنوارن کي به ٻڌو، مکڻ، لسي، ماکي، ساڳ، پلي، پٻڻن کي به انجواءِ ڪيو. مگر ان حسين خوبصورت ماحول کي عارضي الوداع ڪري خيرپور شهر جي ميرواه ڪئنال جي ڪناري اچي پنهنجو جوڳي واهيرو بنايو. اهو ميرواه ڪناري وارو جوڳي واهيرو، هنن جي فيمليءَ لاءِ هڪ تبديلي ۽ ترقيءَ جو باعث بنيو. ڇو ته منصور صاحب جن تبديلي پسند صوفي صفت ته اڳ ئي بڻجي چڪا هئا. ان جوڳي واهيري مان هنن جا ٻار پٽ توڙي نياڻيون پڙهي اڳتي آيون. ميراڻي صاحب جن پنهنجن پٽن سان گڏ نياڻين کي به تعليم جي زيور سان آراسته ڪيو. اڄ سندن پٽ تعليم يافته بڻجي سٺين منزلن تي پهتا آهن ۽ سندن نياڻيون پڻ تعليم يافته بڻجي مختلف فيلڊن ۾ پاڻ مڃرائي رهيون آهن. مان سمجهان ٿو ته صوفي انقلابي شخصيت منصور صاحب جن جو اهو ڪم، انتهائي تعريف جوڳو آهي. دعا آهي ته ڌڻي پاڪ محترم منصور ميراڻي صاحب جن کي بهتر صحت ۽ وڏي ڄمار ڏئي ته جيئن سنڌي ادب جي خدمت ڪندا رهن. منصور ميراڻي کاٻي ڌر جي هڪ ”منصور“ جي موڪلاڻي .. ايڊيٽوريل عوامي آواز سنڌ هر دور ۾ ڪيترائي املهه ماڻڪ پيدا ڪيا آهن، جن پنهجي علم،ڏاهپ ۽ اورچائي سان انسان ذات جي خدمت ڪندي پنهنجو وارو وڄائي ويا. اهڙن ئي روشن خيال فردن ۾ غلام قادر المعروف منصور ميراڻي جو به شمار ٿئي ٿو.پاڻ ڪالهه سومر واري شام پنهنجي گهر ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. منصور ميراڻي، هڪ ئي وقت شاعر، فنڪار، لطيف جو پارکوُ،صحافي ۽ کاٻي ڌر سان واڳيل اڳواڻ هو، خيرپور ضلعي جي ڪنگري تعلقي جي پير ڳوٺ ڀرسان ڳوٺ غلام علي شاهه ۾ ۱۹۵۵ ۾ ڄائوهو، جنهن ابتدائي تعليم سان گڏوگڏ ظالم سان وڙهڻ جو سبق پڙهيو هو. منصور ميراڻي صوفي مت ۽ تبديلي پسند ذهن جو مالڪ هو. هن هارين نارين جي حقن جو جهنڊو به هٿ ۾ کنيو هوته پورهيتن سان به پچار ۾ گڏ هو، هن شاگردن سان گڏجي به جدوجهد ڪئي ته وري هر ظلم خلاف صحافي جي روپ ۾ پڻ پاڻ ملهايو. سندس ادبي شناخت مزاحمتي شاعر طور به رهي ته وري مارشل لا جي اونداهي دور ۾ هڪ صحافي بڻجي به اڀريو هو.. ميرن واري خيرپور ۾ هو نه رڳو سچل جو پاڙيسري هو پر هو نانڪ يوسف،مير علي نواز ناز، عطا محمد حامي، تنوير عباسي، تاجل بيوس جهڙن شاعرن جو به تسلسل برقرار رکيو.سندس اورچائي هن کي سموري سنڌ ۾ هڪ جدا سڃاڻپ ڏني هئي. منصور ميراڻي جو هڪ منفرد حوالو اهو به رهيو ته سندس هڪڙو ئي گيت سموري سنڌ ۾ ٻُرندو رهيو آهي . جنهن کي عرصي کان سنڌ ۾ هر ڌر جي سياسي توڙي سماجي پروگرام ۾ جهونگاريو ويندو آهي. جنهن کي هر ڪو پنهنجو ئي گيت سمجهندو آهي. جيڪو سنڌ جي ٺيٺ ٻهراڙيءَ جي منظر ڪشي آهي، ان گيت ۾ انقلابي خيالن کي اهڙو ته سهيڙيو ويو آهي جو هر باذوق انسان ان مان لطف وٺي سگهي ٿو. جڏهن ته هر عام فرد ان جي ڌُن مان ئي وڏو محظوظ ٿئي ٿو. جنهن کي گهڻو پوءِ سرمد سنڌي به ڳايو هو. ”جنڊ جُڙي، مال ڇُڙي ،رات کٽي ٿي، باک ڦُٽي ٿي“. ڪن ڏاهن جو چوڻ آهي ته اهو انسان اڌورو آهي جنهن وٽ پنهنجي ٻهراڙيءَ جو پس ۽ پيش منظر ناهي.اهو سنڌ جي حوالي سان درست ثابت ٿئي ٿو. ٻهراڙيءَ کان ڪٽيل هئڻ جو شايد مطلب اهو ٿئي ته اسان پنهنجي شاهوڪار ثقافت ۽ورثي کان بي خبر رهجي ويا هجون.ان جو جي ويهي ليکو چوکو ڪبو ته منصور ميراڻي جي مزاج ۾ سنڌ جي ثقافت جا سمورا پهلو موجود هئا. ان کان به ٿورو اڳيان اهو مرحلو به اچي ته دنيا جي ڪارووهنوار کي هلائڻ جي لاءِ عمومي علم،ڄاڻ گهڻي ضروري هجي پر انسان جي نفيس جذبن۽لطيف خيالن کي محسوس ڪرڻ جي لاءِ موسيقي ۽ شاعريءِ سان سلهاڙجڻ به اشد ضروري آهي، انهن شعبن سان به هن فنڪار شخص عشق ڪيو، سندس اهڙي گهڻ پاسائي سخصيتي پکيڙ کيس سنڌ جي عالمي شاعر شاهه عبدالطيف سان به روشناس ڪرايو ته وري موسيقي جي دنيا جو دروازو به ڏيکاريو. اتان اڳتي وڌندي هن جي روح ۾ صوفي فڪر به اچي ويو . جنهن کيس زندگيءَ جي هر موڙ تي مدد ڪئي.ان تي ئي پاڻ اهو به لکيو،”جوڳين سان هلي جالجي،سامين سان هلي جالجي،گيڙو رتائون ويس پائي،پيٽ بکن تي پالجي،“ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ تي ڪم ڪندي هو اهڙن بيتن تائين پڻ پهتو جيڪي ڪنهن رسالي ۾ شامل نه آهن، ڀٽائي جي شاعريءَ ته هڪ وقت کان ان لحاظ سان به بحث جاري آهي. ڪيترائي ماهر ڪن بيتن کي ڀٽائي جا بيت قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن، انهن جي ڇنڊ ڇاڻ توڙي انهن جي سهيڙڻ وارو ڪم به هلندڙ آهي.منصور ميراڻي ان نسبت سان پڻ ڪجهه ڪم ڪيو هو پر گذريل ٽن سالن کان سندس طبيعت درست نه رهڻ سبب اهو ڪم اڌ ۾ رهجي ويو. اڳوڻي خيرپور رياست واري خطي جورهواسي منصور ميراڻي، ادب، شاعريءَ ،صحافت ۽ سياست ۾ پنهنجي علائقي جي نوجوانن جي لاءِ هڪ استاد جيتري حيثيت رکندڙ هو،هو نوجوانن جي همت افزائي ڪندو هو.انهن جي ممڪن حد تائين تربيت پڻ ڪندو هو، هو پنهنجي علائقي ،ثقافت، تهذيب. ريتن،رسمن. توڙي لوڪ ڏاهپ بابت انسائڪلوپيڊيا جيتري معلومات رکندو هو. هو پنهنجي مزاج ۽ طبيعت ۾ عوامي ماڻهو هو، هرمحفل ۾ ڇانيل رهندڙ هن شخص کي ڪنهن به قسم جو ڪو ڪامپليڪس ڪڏهن نه رهيو. انڪري ئي کيس عام مڃتا حاصل هئي. هو هر ننڍي وڏي سان بنا ڪنهن رنگ نسل جي هڪ جيتري اهميت ڏيندڙ ن مان هو .هر محفل ۾،هر ڪچهري ۾ پنهنجي ڳالهه ڪمال فن سان پيش ڪري ويندو هو .هر محفل کي مچائڻ جوبه هن وٽ خاص هنر هو. هن دنيا ۾ جيڪو به آيو اهي ان کي نيٺ هتان وڃڻو آهي جيڪو ٺڪر ٺهيو آهي ان کي ڊهڻو آهي، انسان جي هن دنيا مان هليو وڃڻ پڄاڻان سندس ڪم،خدمتون ۽ ان جا ڳڻ ئي رهجي ويندا آهن.جيڪي سندس ڪار گذارين جون شاهديون ڏيندا آهن،ا نڪري ئي ڪي ماڻهون اهڙا هوندا آهن جن کي هي دنيا سولائي سان وساري نه سگهندي آهي. منصور ميراڻي سنڌ جو اهڙو عاشق هو جنهن سنڌ جي خوشحالي جا خواب ڏٺا هئا انهن جي تعبير جي لاءِ پنهنجي وس ۽وت آهر جيڪو هن کان ٿي سگهيو ان کان ٿورو سرس ئي ڪم ڪيو، هن پنهنجي سياسي سوچ کي پکيڙن جي لاءَ جهرجهنگ به جهاڳيو، پورهيتن سان ڪچهريون ڪري انهن جي سکيا به ڪئي، شاگردن ۾ اتساهه ۽ حوصلي پيدا ڪرڻ جي لاءِ انهن کي پنهنجا گيت ارپيا، وطن جي محبت ۾ شاعريءَ به ڪئي، هن هر وک تي سنڌ جي سورن کي گهٽائڻ جي لاءِ پاڻ پتوڙيو. پينگهي کان وٺي ساهه جي سڳي ٽٽڻ تائين جدوجهد جاري رکي، هو ڪڏهن به مايوس ٿي نه ويٺو، ڪنهن به تڪليف جي ڪا شڪايت زبان تي نه آندي. هو عوامي مقبوليت رکندڙ شاعر، متحرڪ سياسي ڪارڪن، بي ڊپو صحافي پنهنجو وارو وڄائي ويو.دنيا هڪ اعليٰ قدر رکندڙ.آدرشي انسان کان محروم ٿي وئي. (ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲ نومبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل) منصور ميراڻي جنھن جو وڇوڙو، جيءُ جهوري ويو حميده گهانگهرو منهنجو ماضي، منهنجيون ساروڻيون، زندگيءَ جا گهاريل ۶۲ سال.. هاڻي ته منهنجا ڀائر ۽ ڀينرون به اهو چئي خاموش ٿي ويندا آهن ته ڀيڻ جو پنهنجو خاندان ۽ پنهنجي برادري آهي. منهنجي لاءِ اهو اعزاز آهي ته مان پنهنجي ماضيءَ جي نظرياتي جدوجهد ڪندڙ ساٿين کي پنهنجي شعور کان الڳ نه ڪيو آهي. جتي اڄ جي دور ۾ محل، گاڏين ۽ پئسي جي کوکلي ڏيکاءُ واري سڃاڻپ کي اهميت ڏني ٿي وڃي. اتي مونکي پنهنجن مخلص، مفلس، سچن ۽ بهادر ساٿين جي سڃاڻپ اتساهه ڏئي اڳتي جيئڻ جو موقعو ٿي ڏئي ۽ جڏهن ڪير وڇڙي وڃي ٿو ته ڄڻ رت جو اهم رشتو وڇڙي ويو. دراصل هي رت جو رشتو نه پر نظريي جو رشتو آهي جيڪو رت جي بي حسي، خود پسندي ۽ خوشامد پرستي کان تمام گهڻو مٿانهون آهي. زلزلا، طوفان، ٻوڏون سڀ زمين تي ايندا آهن پر دل ۽ دماغ تي ڪا خبر به زلزلي وانگي ڌوڏي ڇڏڻ جهڙي هوندي آهي. منهنجو ساٿي، منهنجو ڀاءُ ۽ ستلن کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ جهنجهوڙي لفظن جي گونجار ۾ اکين کولڻ واري (غلام قادر ميراڻي) منصور ميراڻي جي وڇڙي وڃڻ جي خبر ڄڻ سمنڊ مان سونامي اٿلائي آيو. منصور ميراڻي انهيءَ دور جي جدوجهد جو بهترين شاعر ۽ ساٿي رهيو آهي. جڏهن وک وڌائڻ به ڏکي هوندي هئي.عام طور تي هر نظرياتي رسالي ۽ ڪتاب تي پابندي هئي، تنهن هوندي به شعور قيد نه هو. قيد، جيل ۽ روپوشيءَ ۾ به اهي نظرياتي گيت، سجاڳيءَ جي علامت طور مايوسيءَ جي ڌٻڻ کان بچائيندا هيا. جڏهن ٿوري به ماٺ نظر ايندي هئي ته منصور ميراڻي اُڀ ڏاريندڙ نعري وانگر پنهنجي سريلي آواز ۾ چوندو هو ”جو به ڪنڌ هيٺ نٿو جهڪي سو سدا، جيئي ڀلي جيئي“ اهي اتساهيندڙ آواز ڄڻ به ڪنن ۾ گونجن ٿا. جيئن شاهه عبداللطيف کي ڌرتيءَ ماروئڙن ۽ جهانگيئڙن جو شاعر چئجي ٿو. منصور ميراڻي به نظرياتي طور ڌرتيءَ جي هارين، مزودرن، شاگردن جو درد، آواز ۽ جدوجهد کي سمجهندڙ شاعر هو، هن جي، اصل ۾هاري تحريڪ اندر اها ذميواري هئي پر هو سرگرم جاکوڙي جدوجهد ڪرڻ واري هر مڪتب فڪر ۾ موجود هو. هارين تي ۱۱۰ قلم لاڳو ڪري پنهنجي حق گهرڻ کان محروم ڪيو ويو ته اتي منصور ميراڻي، آواز بلند ڪندي چوي ٿو. منهنجو آهي هاري پيءُ گرمي توڙي سيءُ ڪاهي هر ڪکائون گهر ليڙون ليڙون ويس ۱۱۰ جو ڪيس هاري تي هر سال ٿيو. چوڻ ۾ ته جمهوريت هئي. پر هارين، مزدورن، شاگردن، اديبن ۽ صحافين تي تمام گهڻا ڪيس هئا. پر سچ ڀلا ڪيئن رڪي، هڪ استاد اشوڪ ڪمار کي گم ڪري شايد شهيد ڪيو ويو ۽ انجي لاش جي اڄ تائين خبر ناهي پئجي سگهي. ان امڙ جي درد تي منصور ميراڻي لکي ٿو. ڪا ماءُ ديواني روئيندي وتي هر ماڻهوءَ کان ڪا ڳالهه پڇي ڪنهن منهنجو ڏٺو آ اشوڪ ڪٿي هو مون سان ملايو، منهنجو راڻو آ هر ذهن آهي زندان اندر هر قدم قدم تي ٿاڻو آ. ايئن ٿو محسوس ٿئي ڄڻ منصور ميراڻي، ڏاڍ ۽ ظلم جي هر دور جو شاعر آهي، اڌ صديءَ جو شاعر ڄڻ صدين جو شاعر آهي. توڻي جوکڻي هو آخري ڏينهن ۾ جسماني طور بيمار ۽ ضعيف ٿي ويو هو. کيس گهر واري جو صدمو تمام گهڻو هو، جڏهن مون فون ڪري ساڻس تعزيت ڪئي ته چوي پيو ادي منهنجي ڏک سک جي ساٿياڻي اڪيلو ڪري وئي، مان روز قبر تي ڪچهري ڪرڻ ويندو آهيانس. منصور سائينٽيفڪ ۽ نظرياتي سوچ جو ديوانو به چوي ٿو ته مٽيءَ مان به خوشبو ٿي اچي منهنجي ساٿياڻيءَ جي. يقينن هن جو سرمايو سندس جيون ساٿياڻي، ٻار ۽ گهر، سڄي گهر جون ڀتيون ۽ پيل ڪتاب هئا. گهڻو اڳ مان شاڪر شاهه جي گهر وئي هئس ته چيائين ڀاءُ گهر گهمي وڃ. واقعي سندس گهر جون ڀتيون گواهي پيون ڏين ته هن ساٿيءَ جي لاءِ پارٽي جي ماڻهن جو ملڻ ڪا معنيٰ رکي ٿو. سندس هڪ دنيا ڪتاب ۾ قيد آهي جنهن کي هر پل روزانا ڏسي ٿو ۽ اها ئي سندس شعور جي دنيا جيئڻ جو اتساهه آهي. ٽي مهينا اڳ مون فون ڪري چيومانس ادا هاڻي توهانجا ڪتاب ڇپجي ويا آهن مون ڏي موڪليو ته چيائين حاضر ۽ هاڻي ”نير نينهن سندوم“ منهنجي اڳيان ٽيبل تي پيو آهي ڄڻ ادا منصور ميراڻي سامهون ويٺو ڳالهائي. هڪ ڀيرو ڳوٺ ۾ هارين جي ڪچهريءَ دوران ٻاهر فصل ڏسي ۽ هر طرف ساوڪ ۽ گلن جي خوشبوءِ ۽ وري عورت جي سنگن سٽڻ تي ڳوٺ جي صبح واري سڄي ڪيفيت کي ايئن بيان ڪري ٿو. جند جڙي، مال ڇڙي، رات کٽي ٿي، باک ڦٽي ٿي سانت وئي سارا پکي لات لنون ٿا ڪا بات چون ٿا گهور انڌاري مان اجها، جان ڇٽي ٿي، باک ڦٽي ٿي سڄي نظم جي گهرائيءَ کي ڏسبو ته هاريءَ جي خوشيءَ جو به اظهار آهي ته حالتن کي به مبهم انداز ۾ اظهار ڪيو اٿس، حقيقت اها آهي ته منصور ميراڻيءَ جا گيت خاص ڪري ”جنڊ جڙي، مال ڇڙي ۽ رات به مينهڙا وٺا“، اسڪولن ۾ ٻارن کان ٽيبلو ڪرائي به ڳايا ويندا هئا. وائسز گروپ جي ڪيسٽ ۾ بهترين ميوزڪ سان گيت ٻڌندڙن کي جهومائي ڇڏيندا آهن منصور ميراڻي، جڏهن اسان جي گهر محرابپور ايندو هو ته امان جي خاص فرمائش تي ”جو به ڪنڌ هيٺ نٿو جهڪي“ ضرور ڳائي ٻڌائيندو هو ۽ منهنجي امان جنهن کي سڀ تنظيم جا ساٿي امڙ چوندا هئا. هلڪي آواز ۾ گڏ ڳائيندي هئس. ماضيءَ ۾ نظرياتي ساٿي گهر جي ڀاتين وانگر جيڪو حال آهي انهيءَ تي راضي رهي ڪڏهن به ڪا خاص فرمائش ڪري مهمان نوازي نه ڪرائيندا هئا. اڄ منصور ميراڻي ضرور ڌرتيءَ ماءُ جي جهول ۾ وڃي پنهنجي امڙ سان ڪچهري ڪري پنهنجي ونيءَ کي چوندو ته ڏس مان جلدي اچي ويس پر کيس ياد ۽ قدر ڪرڻ وارا ساٿي، اولاد ان گونجار کان محروم ٿي ويا پر ڪتابن ۾ موجود سندس زنده سوچ کيس مرڻ نه ڏيندي. نظرياتي ماڻهو جسماني طرح مري ٿو. نظرياتي طرح نسلن تائين زنده آهي. سندس هڪ بيت ”گمنام قبر“ جنهن لاءِ چوندو هو ته منهنجي محبوب اڳواڻ ساٿي نذير عباسي لاءِ جيترو به لکجي گهٽ آهي پر جڏهن اندر جهري ٿو ته قلم به ڳوڙها ڳاڙي ٿو ته هن ماٺ جي مقام ۾، هڪ آتما عظيم آ سا خبر به ڪونه آ ته ڪهڙي آهي ڪٿ مرڪيو بيحد ٻانڪو هو سوليءَ مٿي ان مهان مهندار جو لاش پوريل هت. کوليءَ ۾ کلندو رهيو ڪاري ڪاري رات ۾ سچ سائين هن سليو سوليءَ مٿي سڪرات حوصلو هيڏو ڏسي هيسجي ويا جلاد قاتلن کي به اچي ويون آڱريون سائين وات ۾ مرڻ نه آهي مهڻو سائين، سوليءَ کي جو سينگاري ڪڙيون پائي پورهيت خاطر کوليءَ ۾ کلندي گهاري، کلندي گهاري اصل ۾ هي سچايون، تاريخ جو وڏو سچ آ توڻي جوکڻي وڇڙڻ وارا وڇڙي وڃن پر ڇا سقراط کي ڪير ماري سگهيو آهي؟ (ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲ نومبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل) منصور ميراڻي ديومالائي شخصيت زرار پيرزادو ¨ منصور ميراڻي جيتوڻيڪ ٽيون ڏينهن پهرين نومبر تي اسان کان جسماني طور وڇڙي ويو پر هو ڪافي وقت کان بيمار هو. ۽ سندس جيئري خاص ڪري بيماري ۾ سندس ڪيتري سار لهي وئي تنهن جو جائزو وٺبو ته اسان سڀني کي پنهنجي بي حس رويي ۽ بي قدري جو احساس شدت سان ستائيندو جيڪو انفرادي به آهي ته اجتماعي به. ¨ ان ڪري منهنجو ان ڳالهه تي زور هوندو آهي ته ماڻهن کي وڌ کان وڌ جيئري مڃتا ڏيڻ گهرجي ۽ سندن جنم ڏينهن کي ڀرپور نموني ملهائڻ گهرجي پر افسوس ته اسان مرڻ کانپوءِ ئي ماڻهن جي اڃان ڪٿ ڪرڻ شروع ڪندا آهيون جيڪو الميو آهي. ¨ ان شخصي، ادبي يا صحافتي ڪٿ جي ذاتي طور تي منصور ميراڻي جهڙين شخصيتن کي ڀلي ضرورت نه هجي پر اسان جي سماج توڙي تاريخ کي ان جي تمام گهڻي ضرورت هوندي آهي. ¨ منصور ميراڻي جهڙين شخصيتن جي ئي اصل ۾ هن دنيا کي ضرورت رهي آهي. انهن جي دم سان ئي سماجي تبديلي ايندي رهي آهي ۽ انقلاب برپا ٿيندا آهن. ¨ منصور ميراڻي شخص ته هڪڙو هو پر هو الائي ڪيترن پاسن ۾ ورهايل هو ۽ سندس هر پاسو سراپا سون هو. ڄڻ ڪو معجزو هو. ڪو ديو مالائي ڪردار هو سندس شخصي تاريخ پڙهبي ۽ سندس گهمندي ڦرندي، ويٺي ويٺي، ڪچهري ڪندي شاعري ڪري وٺڻ صحافتي رپورٽون لکڻ، مشيني انداز سان سياسي، تحريڪي، فڪري ۽ تخليقي ڪم ڪرڻ کي ڏسبو ته ڏندين آڱريون اچي وينديون. ¨ هو هڪ ئي وقت کاٻي ڌر سان سلهاڙيل انقلابي هو، مزاحمتي شاعر هو، غير روايتي صحافي هو، ڀٽائي جو پارکو هو، موسيقيءَ جو تمام وڏو ڄاڻو هو، ريڊيو ڪمپيئر هو، ڪچهري جو مور هو، ڪلاسيڪل صوفي ورثي جو تسلسل هو، گائڪ هو، رول ماڊل هو، ڇا ڪجهه نه هو، منصور ميراڻي. ¨ ۽ ڪمال اهو آهي ته انهن سڀني شعبن ۾ سندس منفرد مقام هو. پر افسوس ته سندس شخصي، ادبي، سياسي، صحافتي، سماجي پاسن تي ڪو ڪم ئي ناهي ٿيو. ¨ منصور ميراڻي جي اندر ۾ سنڌ جا سڀ ڪلاسيڪل شاعر ۽ ورثا موجود هيا. انقلابي هئڻ ڪري هو پنهنجي اندر ۾ مارڪس به هو، لينن به هو، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي به هو، ڪامريڊ نذير عباسي به هو، ڪامريڊ ڄام ساقي به هو. انور پيرزادو به هو سيف ٻنوي به هو. ¨ شخصي طور ساڻس سلهاڙيل واقعا، سندس گفتگو، سندس بحث مباحثا، سندس بهادري، سندس بي باڪي، سندس ثابت قدمي، سندس اڏول هجڻ، باضميري، روشن خيالي، زنده دلي، مهمانوازي ذهانت، حاضر دماغي، برادري سان اٿڻ ويهڻ سڀ معجزاتي هيا. ¨ سندس شاعري، سنگيت جي ڄاڻ، صوفي فڪر ۾ دلچسپي، ڀٽائي صاحب تي ڪيل ڪم، صحافت ۾ سندس ڪيل ڪم کي سندس جيئري جيترو نظرانداز ڪيو ويو آهي تنهن تي ماتم ئي ڪري سگهجي ٿو. ¨ منصور ميراڻي جو خيرپور ۾ گهاريل وقت به خيرپور جي اڳوڻي رياست وانگر تاريخي حيثيت رکي ٿو. ¨ اهڙيون شخصيتون پنهنجي ذات ۾ ادارو هونديون آهن. تنهن ڪري سندن هڪ جنم وارو ڪم الائي ڪيترن جنمن جيترو هوندو آهي. اهو ڪم هاڻي سندس نالي اڪيڊمي قائم ڪري ئي، ڪري سگهجي ٿو. ¨ اندارو لڳايو ته ڪيڏو نه قيمتي ماڻهو هو ۽ جيڏو هي قيمتي ماڻهو هو، اوڏي ئي بيدردي سان نظرانداز رهيو ۽ ڪيو ويو. ان جو ڪارڻ يقينن اهو ئي هو ته هي کاٻي ڌر سان سلهاڙيل هو. ¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته منصور ميراڻي جهڙيون کاٻي ڌر سان سلهاڙيل شخصيتون غير انقلابي دور ۾ ايئن ئي نظرانداز ٿينديون رهيون آهن. (ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۳ نومبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
بادل جمالي کُتيري ٻيلي جو ماڻهو پير عبيد راشدي لال پشپ لکيو هو ته ”مون آڏو هڪ سوال اڀرندو آهي ته ليکڪ جي اندرين تهن مان لڳاتار هڪ ندي وهي ٿي، انهيءَ مان اڻ ڳڻيون لهرون وکرن ٿيون جنهن جي شور جو انت نه وري ڳاڻيٽو هوندو آهي. محترم بادل جماليءَ جي داخلي دنيا مان جيڪي بي انت اڻ ڳڻيون لهرون وکرن ٿيون، سي سندس اباڻي پٽ وٽان وهندڙ روهڙي ڪئنال وانگر آهن يا سنڌ جي شهر ڪراچيءَ جي سمنڊ جهڙيون، بادل جماليءَ جي اندر مان پلٽو هڻندڙ مضمون ۽ برجستي ڪهاڻي ٻروچڪي گج ڀرت ۽ سنڌي ٽوپيءَ وانگر لکن ۾ پڌري آهي. بادل جمالي ۱۹۷۵ع کان زندگي جي سمنڊ مان نه ڄاڻ ڪيترا موتي، پٿر ڪوڏ سپون ميڙي ڪهاڻين جي مال جوڙيندڙو ٿو هلي. هن جي ڪهاڻي ڪونج ڪتاران آهي يا روهڙي ڪئنال جي ٽاپ تان مٽندڙ اوٺي وڳ جيان،پر آهي موهيندڙ. هن جا احساس سمند وانگر بيڪنار آهن. هن جي اندر ۾ هڪ وقت منهوڙي ٻيٽ تي پئي پراڻي مندر جون گهنٽيون آهن ته مڪي مديني شريف ۽ نجف شهر مان پڙاڏجندڙ ٻانگ جا پاڪ ڪلما به وسندا آهن هو وچٿرو آهي. هو سچل جي وائي جو ورلاپ آهي. بادل جمالي، ڪميٽيڊ ليک آهي، ڪهاڻيءَ جي خصوصيت اها به بيان ڪري سگهجي ٿي ته انهيءَ ۾ زندگيءَ جي ڪنهن هڪ هاڃي، ڪيفيت پيرائتي نموني بيان ڪجي، سماج ۾ ٿيندڙ اٿل پٿل ۽ ڏاڍ کي اثرائتي ۽ نرالي ڍنگ ۾ پيش ڪجي ڪهاڻي نه رڳو ڪنهن امير جي ڊرائنگ، ڊائننگ هال جو گلدان آهي پر ڪهاڻي روهڙي ڪئنال جي بند تي پاڻ مرادو ڦٽل سر جو ٻوڙو به آهي. بادل لاءِ روهڙي ڪئنال ائين آهي جيئن ميخائل شولوخوف ۽ ميڪسم گورڪيءَ ولاءِ وولگا ندي هپ ڏکن جو ڊگهو رڻ پٽ جهاڳي پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن جي ڪرسيءَ تي ويٺو.ڪرسيءَ تي ويهڻ کانپوءِ ماڻهن جي روش مٽجي ويندي آهي. پر هن ۾ ڪا به تبديلي نه آئي. فنڪارن، اداڪارن ۽ ليکڪن کي مانُ ۽ عزت ڏيندو هو. پي ٽي وي تي ڪن کان هو سکيو ته ڪن جي هن رهنمائي ڪئي. بادل جو ن ڪهاڻيون فرد جي داخلي ڪيفيت کان وٺي، قوم، قبيلي سان ٿيل ڏاڍ جو الميو بيان ڪن ٿيون. محترم بادل جي پسند جو ليکڪ ننڍي کنڊ جو وڏو ليکڪ سعادت حسن منٽو آهي. منٽو وانگر چٽي ۽ سهڻي نموني سان ڪهاڻي لکي ٿو، هن جي ڪهاڻين ۾ خوبصورت تشبيهون، استعارا ۽ اثرائتا مڪالما آهن هن جي ڪهاڻين ۾ سعادت حسن منٽو، امر جليل، علي بابا ۽ جمال ابڙي جي فڪر وانگر هڪ بي ڊپو باغي بي چين روح ۽ منفرد موضوع آهن، جي ڊگهي وقت تائين پڙهندڙن تي اثر ڇڏين ٿا. انهيءَ ڪري ڪيترا پڙهندڙ کيس جيءَ ۾ جايون ڏيندا آهن بادل سنڌ جو آهي پر آسمان جي بادل وانگر سندس روح جي ڪا حد نه آهي. بادل جمالي حساس ۽ خوددار آهي. کيس پاڻ وڻائڻ جي بيماري نه آهي. هو هروڀرو ڪنهن ادبي ڪاڄ ۾ نه ويندو آهي.جيستائين ڪو کيس ور ور ڪري سڪ مان نه سڏي منهنجي خيال ۾ اها سندس سٺي وصف آهي. ادبي دنيا ۾ جتي وڏي ادارڪ. دل ونڊڻ وارا ۽ مرڪندڙ ماڻهو آهن ته اُتي ڪي پٿر دل انا جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ماڻهو پڻ آهن. ان جو مثال اهو ڏيندس ته جڏهن ڪهن ليکڪ جي ڪهاڻي، آرٽيڪل ۽ شاعري متاثر ڪندي اٿم ته انهيءَ ڏانهن سڪ جو هٿ ڊگهو ڪندو آهيان ۽ پوءِ هو ٻه ٽي ڏينهن چاهه جا ڏئي اوپرا ٿيو وڃن ۽ نه ملڻ جا بهانا ڪندا آهن. هو هوندا پنهنجن شهرن ۾ پر مسيج ياڪال تي جواب ڏيندا ” پير واقعي ابن پير آهين. هاڻ هاڻ قومي شاهراههَ تان تنهنجي ڳوٺ جا وڻ ڏسندي مٽيوآهيان. بادل جماليءَ جا ٻه ڪتاب ”سنگرام“ ۽ ”پاڙي ناهي پروڙ“ ڇپيل آهن اڃا به وٽس ٻن ڪتابن جيتريون ڪهاڻيون آهن. ڪتاب ”سنگرام“ جي ارپنا خود هڪ ماسٽر پيس ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ پورهيت پنهوار جي همت حوصلي ۽ جدوجهد جي مڃتا آهي. جي تتيءَ ٿڌيءَ روڊ رستن، واٽر ڪورسن تي ٻن ٽڪرن لاءِ ڪمائين ٿا. روڊ رستا، پلازه ۽ فصل آباد ٿي وڃن ٿا. پر پورهيتن جا اهي ساڳيا ڪکاوان گهر! بادل لکي ٿو ڪو به انقلاب اچي يا ڪو نئون نظام، پر مزدور جي اها ڇلي اها ئي تغاري ٺيڪيدارن،جمعدارن جادڙڪا ڇڙٻون، ڪنهن ڪچهريءَ ۾ بادل کان لکڻ جو ڪارڻ پڇيم، هو کي پل لاءِ چهچ سائي ڇٻر ۽ ڪنارن سان لڳل گلاب ڏسي خاموش ٿي ويو ۽ پوءِ رکي مٺو ڳالهائيندي چيائين ” سائين پير شاھ صدر جي شاھ آباد واري بنگلي جي باغيچي جي خوشبوءِ تنهنجي هن فارم هائوس ۾ وسي ٿي“ بادل جي اکين ۾ ماما سائين شاھ صدر جي شاھ آباد واري اٺاس کن جي ولار تي ڦهليل عاليشان بنگلي جا پارڪ ۽ گلاب لهڻ لڳا. شاھ صاحب جو اهو بنگلو 1950 واري ڏهاڪي جي شروعاتي ۾ جڙي راس ٿيو هو. جنهن جي مهاڙي تي برڪت منزل 1952ع لکيل هوندو هو. هي اهو زمانو هو. جو جڏهن حيدراباد، سانگهڙ، مٽياري ضلعن ۾ ڪنهن امير جو اهڙو بنگلو نه هوندو هو. بيڊ رومن سان گڏ هڪ ذاتي ناياب ڪتابن واري لائبريري هوندي هئي. جنهن ۾ ڪتابن سان گڏ پراڻين اخبارن جا سيٽ ٿيل فائل هوندا هئا. ”مون لکڻ جو ڪارڻ پڇيو هو؟“ مرڪندي پڇيم. وراڻيائين: ”عام ماڻهوءَ جي ياد تي وقت جو هوائون ليپو ڏئي ڇڏينديون آهن پر ليکڪ جي اندر ۾ ورهه پراڻين باغن باغيچن ۾ ٻرندڦ فانوسن ۽ پراڻين گهرن ۾ گاسليٽ وارن هٿ بتين جي بوءِ ۽ روشني واسيل هوندي آهي گلاب ڇڻي ويندا آهن، لالٽين جي وٽ اجهامي ويندي آهي پر انهن جي هٻڪار حواسن سان اک ٻوٽ ڪري احساسن جي ڪوري ڪاغذ تي لفظن جي چمي ڏئي ويندي آهي.“ ”بادل يار اڄ وس وسڪار ڪر لفظن جي ڇم برسات ڪر؟“ مون کيس کولڻ ٿي چاهيو، ”ليکڪ آڏو زندگيءَ جون تلخ انفرادي ۽ اجتماعي حقيقتون هونديون آهن، قلم کان ڪنهن مشعل جو ڪم وٺڻو پوي ٿو، لکڻ ڏکندڙ دل جي وارتا آهي“ بادل وضاحت ڪري چپ ٿي ويو، پر هو چپ ڪٿي هو، ٻاهر پام سنگل ۽ بادام جي لامن تي پکين لات ٽي لنئي، ملازم ٽيبل تي پليٽ ۾ پيل صوفي ٻير، زيتون ۽ ڇري رکي پر تي موٽي ويو”بسم الله“ کيس صلاحيم. بادل چپن ۾ بسم الله چئي ۽ ڳاڙهي صوفي ٻير کي لاٽون سمجهي ڦيرائڻ لڳو ۽ وکريل لهجي ۾ چيو ”رت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي“ ”مرحوم سائين شاھ صدر جون دعوتون ياد هوندئي؟” بادل پڇيو. وراڻيم: ”نوابشاھ سانگهڙ جا روينيو ۽ آبپاشي کاتي جا آفيسر ۽ وزير ته هميشه ايندا هئا. پر هڪ ڀيرو پير سائين پاڳارو، محمد خان جوڻيجو، ڄام صادق علي، سيد ذوافلقار علي شاھ ڄاموٽ ۽ ڄام سبب علي، پير صاحب سان گڏ ها. پير صاحب جو ڊگهو جلوس هالا بئراج موريءَ کان روهڙي ڪئنال، علي بحر ٽاپ تائين هو، واهن جي ٽاپ تي حر جماعت جا جمالي، لغاري ۽ سنجراڻي فقير خوشيءَ مان نعرا هڻي رهيا هئا. مرحوم پير صاحب جيئن سائين شاھ صدر مرحوم جي بنگلي تي لٿو، پير صاحب سامهون نئين اڏجندڙ مسجد ڏسي وڃي بيلچو کنيو، تغاري ڀري ڄام صادق علي ۽ مرحوم محمد خان جوڻيجي کان کڻايون. بادل جمالي ڏسڻ ۾ خاموش توري تڪي ڳالهائڻ وارو پنهنجو پاڻ ۾ گم رهڻ وارو، پر اندر مشاهديءَ جا ست سمنڊ ڇليل اٿس، هن وٽ پي ٽي وي شوبز جون اڻ ڳڻيون نه وسرڻ جهڙيون ساروڻيون آهن. هو عابده پروين، استاد منظور علي خان، لتا، روشن آرا بيگم، اقبال بانو، محمد رفيع، وحيدمراد، زيبا محمد علي ۽ پٺاڻي خان جو نالو وڏي سڪ ۽ پاٻوھ مان کڻندو آهي. هو مهل موقعي جي نزاڪت سان انهن جا ٻول جهونگاريندو به آهي. بادل جمالي سنڌ جي نالي واري ڪهاڻيڪار، شاعر، ناٽڪ نويس ۽ پروڊيوسر سان ڪچهري عبدالسبحان جمالي وطن جي مٽي ۽ ماڻهن سان اڻمئي محبت ڪندڙ بکر جمالي واسي شخصيت ليکڪ، شاعر، محقق، اداڪار، پروڊيوسر، ڊائريڪٽر ۽ سماجي ڪارڪن جي سڃاڻپ رکندڙ نثري ادب ۽ اداڪاري فيلڊ ۾ پنهنجي باوقار ڪردار جي مالڪ بادل جمالي جو اصل نالو محمد سليمان جمالي آهي هن ۲۹ مئي ۱۹۴۷ع تي ڳوٺ شهداد جمالي ۾ جنم ورتو هن پنهنجو ننڍپڻ بکر جمالي جي ڀر سان ڳوٺ شهداد جمالي ۾ گذاريو شروعاتي تعليم ڳوٺ علي مراد جمالي مان حاصل ڪئي ان کانپوءِ ميٽرڪ هن گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول بکر جمالي مان ۱۹۶۹ع ۾ ڪئي. ميٽرڪ کانپوءِ ڪراچي فلم انڊسٽريز ۱۹۷۳ع ۾ پهتو اُتي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪيو. ۱۹۷۴ع ۾ پاڪستان ٽيليوزن نيٽ ورڪ ۾ نوڪري ملي هن اُتي پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪيو ۽ ۲۰۰۷ع ۾ اُتان ريٽائر ٿيو. سنڌي ادب سان لڳاءُ هجڻ سبب هينئر سيڪريٽري طور سنڌي ادبي بورڊ نيو سعيد آباد ۾ ڪم ڪري رهيو آهي هن پنهنجي پهرين ڪتاب “پاڙي ناهي پروڙ” جو (نسيم کرل) گولڊ ميڊلسٽ آهي اهو ڪتاب ۱۹۸۰ع ۾ لکيو هو. س: توهان کي ادب ۾ ڪڏهن ۽ ڪيئن شوق ٿيو؟ ج: ادب پڙهڻ ۽ لکڻ جو شوق ننڍپڻ کان هو مون شاعري سان لکڻ جي شروعات ڪئي ۽ اڳتي هلي جڏهن آئون ڪراچي پهتس ته منهنجوواسطوسنڌي ادب سان ٿيو، مون ڪهاڻين کي ترجيع ڏني ۽ پوءِ مون ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ اڳتي آئون شاعري نه ڪري سگهيس ءِ ڪهاڻيڪار ٿي ڪري سامهون آيس. دوستن ڪهاڻيون پسند ڪيون. س: اوهان سنڌي ادب ۾ ڪهاڻين جا ڪهڙا ڪتاب لکيا آهن؟ ج: پهريون ڪتاب “پاڙي ناهي پروڙ” مون ۱۹۸۰ ۾لکيو جنهن کي ۱۹۸۰ جو بهترين ڪهاڻين جو مجموعو سمجهي نسيم کرل گولڊ مڊ ميڊل مليو ۽ ساڳئي سال شاعري تي شيخ اياز کي به مليو. ان کانپوءِ منهنجو ٻيو ڪتاب (سنگرام) ۱۹۸۷ ۾آيو ۽ ان کان علاوه (چونڊ سنڌي ڪهاڻيون) ۱۹۷۵ کان ۱۹۸۰ جي وچ واريون جيڪي ڪهاڻيون هيون انهن جي چونڊ مون ڪئي هئي. ريٽائير ٿيڻ کانپوءِ مون ۲۰۱۳کان ڪهاڻيون لکيون آهن ۽ هاڻي سٺو مجموعو ٿيو آهي انشاءالله تمام جلد نئين ڪتاب جي صورت ۾ ڏيندس. س: محمد دائود بلوچ سان ڪهڙن ڪتابن تي ڪم ڪيو ۽ ڪڏهن ڪيو؟ ج: مون محمد دائود بلوچ سان گڏ (چار ڪهاڻيڪار چار نقادس) جي نالي سان هڪ ڪتاب ترتيب ڏنو هو جيڪومنصور پبليڪيشن جو مالڪ به هو ۽ اسان جو مانوارو دوست هو ان کان سواءِ ان ساڳئي اداري لاء ٻه ڪتاب ڪهاڻي نمبر جي نالي سان مون ۽ محمد دائود گڏجي ۱۹۸۲ ۽ ۱۹۸۳ ۾ ترتيبت ڏنا هئا. س: توهان ڪهڙي قسم جي شاعري ڪئي پنهنجي ڪا شاعري ٻڌايو؟ ج: جيڪا منهنجي شروعاتي شاعري هئي اها رومانوي قسم جي هئي پر تڏهن اهڙي خاص يا شاندارشاعري نه هئي جنهن تي آئون فخر ڪيان ۽ انهي ڪري ڇپائي نه ٿي سگهي ڇاڪاڻ ته اها ڪچي ڦڪي شاعري هئي ان زماني جي منهنجي لکيل شاعري هن ريت هئي. نحص پنهنجي تي نادم ناهيان جي وقت جي بازي مون نه کٽي جيت اسان جي ٿئي يا نه ٿئي هار ته هميشه پنهنجي آ س: سنڌي ادب جي بهتري جي لاءِ ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو آهي؟ ج: هڪ ليکڪ طور سنڌي ادبي بورڊ جي ميمبر ۽ ورڪر جي حيثيت سان ۱۹۷۵ ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڪراچي ۾ جوائننگ ڪئي هئي، ورڪر جي حيثيت سان ۽ ميمبر جي حيثيت سان مون اتي تقريبن اٺ کان ڏهه سال سنگت ۾ گذاريا جتي منهنجي ڪردارکي ڏاڍو ساراهيو ويو، ادب ،لکڻ ، تنقيد ۽ رهنمائي جي حوالي سان دوستن تمام گهڻي تعريف ڪئي منهنجوڏاڍو سٺو ۽ پازيٽيو ڪردار رهيو. س: سنڌي ادب جي حوالي سان سنڌي ڪهاڻي جي پڙهڻ ، تخليق ڪرڻ ۽ غلطين جي باري ۾ ڇا چوندا؟ ج: ڪہاڻين جو پڙهڻ هر وقت هر دور ۾ هوندو آهي پر ادب ۾هاڻي ڪهاڻين جو رجهان بدلجندو پيو وڃي عام پڙهندڙ کي هينئر معياري ڪتاب نٿو ملي ڇاڪاڻ ته ڪهاڻين ۾ ٻولي غلط لکي ويندي آهي. شاعري ۾ پڻ ٻولي جو غلط استعمال ڪيو ويندو آهي، مذڪر ۽ مونث جو تقريبن فرق ئي ختم ٿي ويو آهي جئين ٿو ڪير محسوس ڪري تئين ٿو لکي هو پنهنجو معيار ڪونه ٿو ڏسي ته آئون مارڪيٽ ۾ ڪهڙي شئي موڪليان پيو ان جو ڪهڙو معيار هجي ڇاڪاڻ ته تخليقڪار کي جڏهن پنهنجي معيارجي خبر نه آهي ته اهو ٻولي کي ڇا ڏسندو مٿان وري اصلاح به نه ٿي ٿئي ڇاڪاڻ ته اڳ ايڊيٽر هوندا هئا اهي ان شئي کي پڙهي درست ڪري پوءِ ڇاپيندا هئا. هاڻي ته ايڊيٽر به اسان جا دوست اهڙا وڃي ٿيا آهن جن کي اها توفيق به ڪانهي جو هو غلط کي صحيح ڪن جنهن جي ڪري اها شئي غلط لکي وئي آهي ته هاڻي اها ڇپجي به غلط پئي ۽ اها جاري آهي هاڻ ڪو ماڻهو ڪٿي جملو پڙهيو (منهنجي آواز خراب آهي) ته هو به چوڻ شروع ڪندو ته (منهنجي آواز خراب آهي) جنهن ڪري اسان کي سنڌي ٻولي جو معيار بهتر ڪرڻ گهرجي ۽ ايڊيٽرن کي به گهرجي ته اهڙيون غلطيون جتي ٿين ٿيون انهن کي درست ڪري اصلاح ڪن اهو انهن جو فرض آهي. س: ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ادب ۽ اخلاق تي ڪهڙو اثر پئي ٿو؟ ج: اڳئي اسان ڪهاڻين ۾ ٽيلي فون کي وڏي اهميت ڏيندا هئاسين وڏو ڪاري رنگ جو پي ٽي سي ايل وارن جو سيٽ هوندو هو ان ذريعي گفتگو ٿيندي هئي ماڻهو ڪمرن تائين محدود هوندا هئا. هن وقت موبائل جو زمانو اچي ويو آهي هر ڪنهن جي کيسي ۾ موبائل آهي اوهان جبل تي هجو، جهنگ ۾ هجو،يا کڻي باغ ۾ هجو جنهن سان وڻي ڳالهائي سگهو ٿا اها سهولت تازي آئي آهي اسان جي دور ۾ پابنديون هيون ايتري قدر جو ڪهاڻيڪارن لاءِ پيار ڪرڻ جي جڳهن ته پيار جو اظهار ڪرڻ محبوبه کي ڏکيو لڳندو هو هاڻي ته ڪو به مسئلو ڪونهي هاڻي وڏي آزادي ٿي وئي آهي جو هر هنڌ مرد توڙي عورت وٽ موبائل آهن هر ڪو ڳالهائي سگهي ٿو هن وقت موبائل جي ڪري معاشري تي تمام غلط اثر پئجي رهيو آهي اهڙي طرح اهي سڀ ڳالهيون ادب ۽ اخلاق تي به اثر انداز ٿين ٿيون ڇاڪاڻ ته ماڻهو هاڻي دلير ٿي ويو آهي اڳيون ڳالهيون ناهن رهيو. اڳي ڪنهن سان پنهنجي دل جي ڳالهه ڪرڻ ڏاڍي ڏکي هئي پر اڄڪلهه هلندي ڦرندي ماڻهو دل جي ڳالهه چئي ٿا وٺن. ان ڪري اهي تبديليون معاشري سان گڏوگڏ ادب ۽ اخلاق تي به اثر انداز ٿين ٿيون هاڻي اهڙو معتبر قسم جو ادب تخليق ڪجي جيڪو هر ڪنهن جي لاءِ قابل قبول هجي اهو اڄ به مشڪل آهي ڇو جو ماڻهو اڄ به لکڻ تي ويهي ٿو ته هو شعور جي وهڪري ۾ اهڙيون شيون لکي ويندو آهي جيڪي عام ماڻهن جي اڳيان ڳالهائڻ جهڙيون نه هونديون آهن پوءِ انهن تي تنقيد ٿيندي آهي پر معتبر ادب ته اهو آهي جيڪو سڀني جي لاءِ هڪجهڙو هجي مرد توڙي عورت سڀ پڙهي سگهن ۽ ان ۾ بي ادبي نه هجي. س: اليڪٽرانڪ ميڊيا جي اچڻ سان ادب تي ڪهڙو اثر پيو آهي؟ ج: اليڪٽرانڪ ميڊيا جي اچڻ سان ڪتابن جي وڪري تي ضرور اثر ٿيو آهي ڇاڪاڻ ته اڳي هزار ڪتاب مهيني ٻن ۾ وڪامبا هئا هاڻي نٿا وڪامن ڇو جو تڏهن لکڻ پڙهڻ کي گھڻي ترجيع ڏني ويندي هئي ڇاڪاڻ ته اڳي ماڻهن وٽ وقت گذارڻ جي لاءِ ڪا ٻي مصروفيت نه هوندي هئي هاڻي الڪيٽرانڪ ميڊيا اچي وئي آهي ان کانپوءِ سڄو ڪريڊٽ ٽي وي ڏانهن وڃي ٿو، توهان ڊراما ڏسو، ميوزڪ ٻڌو ۽ ٻيا پروگرام ڏسو اهي سڀ شيون ڏسڻ کانپوءِ ماڻهو وٽ ڪتاب پڙهڻ لاءِ ٿورو وقت ٿو بچي تنهن هوندي به جنهن جي ادب سان دلچسپي آهي اهو اڄ به پڙهي ٿو، ڪتابن جو وڪرو اڄ به جاري آهي. س: سنڌي ادب شاعري ۽ آرٽ جي حوالي سان ڪهڙي حيثيت رکي ٿو؟ ج: ادب، شاعري ۽ آرٽ اهي ٽئي ساڳيا چئبا ڇاڪاڻ جو ٽئي ادب سان ملندڙ آهن، اوهان انهن کي الڳ نه ٿا ڪري سگهو، ادب تمام وسيع آهي اوهان جي موسيقي ان ۾ اچي ٿي وڃي، اوهان جي شاعري ان ۾ اچي ٿي وڃي، ڊرامه به ان ۾ اچي ٿا وڃن، تقرير به ان ۾ اچي، ايستائين ٻولي سڄي ان دائيري ۾ آهي. س: پاڪستان ٽيليوزن نيٽ ورڪ ۾ اوهان عوام لاءِ ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو؟ ج: مون وڌ کان وڌ ادبي پروگرام ڪيا آهن، ادب ۽ ٻولي جي حوالي سان تمام خوبصورت پروگرام ڪيا آهن. ان ۾ اسان بحث مباحثو، ڪريڪيولم ۾ غلطيون جهڙوڪ اسان واري دور جا ڪتاب ٻارن کي پڙهايا ويندا هئا ۱۹۵۰ واري ڇاپي سبب ٻار پريشان ٿيا ڇو جو مارڪيٽ ۾ اهي ڪتاب نه پيا ملن. ان تي اسان تعليمي آفيسرن کي گھرايو ۽ تمام سخت بحث ڪيا ان ۾ مون سان ڪافي تعليم کاتي جا آفيسر ناراض به ٿيا پر بعد ۾ ٽيليوزن تي جڏهن اهي پروگرام ڏٺائون ته کين خبر پئي ته اسين پنهنجي جاءِ تي صحيح هئاسين ۽ اصل ۾ غلطيون هنن جو هيون جن کي بعد ۾ هنن تسليم به ڪيو هو ان کان پوءِ هنن ان ڌيان طلب مسئلي تي غور ڪرڻ جو واعدو ڪيو. جنهن کان هنن جيڪي ڪتاب مارڪيٽ ۾ ناهن انهن جي جاءِ تي نوان ڪتاب ڏنا. پاڪستان ٽيليوزن نيٽ ورڪ جي پليٽ فارم تان مون پروڊيوسر جي حيثيت سان ادب جي لاءِ سٺا ادبي پروگرام ڪيا ۽ بيشمار مشاعره ڪيا ادبي مباحثه ڪيم ڪيترائي ليکڪ، فنڪار، ادب جا ماڻهو مون متعارف ڪرايا آهن ۽ وڌ ۾ وڌ پاڪستان ٽيلي وزن نيٽ ورڪ مون ادب جي حوالي سان وڌ ۾ وڌ ڪم ڪيو. س: پاڪستاني ڊرامن کي دنيا ۾ گھڻي چاهه سان ڏٺو وڃي ٿو، هن جو ڪريڊٽ ڪنهن ڏانهن وڃي ٿو؟ ج: ڪنهن هڪڙي ماڻهو کي نه پر سڄو ڪريڊٽ پاڪستان ٽيليوزن نيٽ ورڪ جو آهي ڇاڪاڻ ته پاڪستان ٽيليوزن نيٽ ورڪ نه صرف پاڪستان جو پهريون پر دنيا جو وڏو ادارو به رهي چڪو آهي هن جا جيڪي ڊائريڪٽر هئا انهن کي ٻين ملڪن ۾ تربيتون ڏياريون ويو، ان کان پوءِ انهن تمام خوبصورت ڊرامه ڪيا آهن، انهن نه صرف پاڪستان ۾ پر پاڪستان کان ٻاهر پڻ وڏو نالو ڪمايو خاص ڪري هندستان جي فلمي اڪيڊمي جيڪا پونا ۾ هئي ان ۾اداڪارن کي سکيا طور پاڪستان جا ڊرامه ڏيکاريا ويندا هئا ته اداڪاري ڪيئن ڪجي ڊائريڪشن ڪيئن ڪجي اهي پونا جي ڊائريڪٽرن جو ڳالهيون آهن. ان کان پوءِ اسان جا تمام وڏا بهترين ڊائريڪٽ محمد نثار حسين جيڪو لانگ پلي ڪندو هو طويل دورانيا جو وڏو ڊائريڪٽر هو. ان کانپوءِ ياورحيات، شهزاد خليل، شعيب منصور، سيد محسن علي ۽ قاسم جلالي اهي سڀ اسان جا وڏا ڊائريڪٽر هئا ۽ اسان انهن کان تربيت حاصل ڪئي انڪري اسان به پنهنجي حال سارو سٺا ڊرامه ڪيا خاص ڪري سنڌي ۾ جيڪي اڄ تائين يادگار آهن. س: ڇا پرائيويٽ چينل اچڻ کانپوءِ پي ٽي وي جي ڏسندڙن ۾ گھٽتائي آئي آهي؟ ج: جي بلڪل گھٽتائي آئي آهي ڇاڪاڻ ته پي ٽي وي هڪ قومي ادارو آهي ان جي پنهنجي سرڪاري پاليسي آهي ڇا ڪرڻ گھرجي ڇا نه ڪرڻ گھرجي، جڏهن ته پرائيوٽ ادارا جيڪي آهن اهي ان پاليسي ته عمل نه ٿا ڪن اهي هر قسم جون شيون ڏيکاريندا آهن، اهي پنهنجي مالڪ جي مرضي تي ٿا هلن. چينل جا مالڪ جيڪڏهن پاڻ بهادر آهن ته اهي هر قسم جون شيون جيڪي هو هلائڻ چاهين عشق محبت جون هجن يا جيڪو به ڪجهه پرائويٽ چينل ذريعي ڏيکاري سگھن ٿا انهن کي آزادي آهي. پي ٽي وي ۾ اڄ به اها ناهي، پي ٽي جو پروڊيوسر يا ڊائريڪٽر جڏهن سوچين ٿا ته انهن کي هزارين پابندين کي منهن ڏيڻو پوندو آهي ان پابندين جي باوجود به هو پنهنجن ڊرامن کي مٿي ڪري رهيا آهن جو اڄ به دنيا ۾ انهن جو نالو آهي ڪڏهن اهو دور هو ته ٽي وي تي ڪا سيرل هلندي هئي ته ماڻهو مارڪيٽون بند ڪري ان کي ڏسندا هئا اهو سڄو دور پي ٽي وي سان هو هاڻي اوهان وٽ وڏا چينل آهن. جنهن ۾ ڊرامن جي ڪروڙين روپين جي بجيٽ آهي پر توهان جو مارڪيٽون هيئنر بند نه ٿيو ٿين ڇو جو اداڪاري يا ڊائريڪشن جو معيار اهو ناهي جيڪو پي ٽي وي جو هو. س: نوجوان نسل ۾ ڀارت جي ڊرامن ۽ فلمن جو شوق تمام گھڻي حد تائين پيدا ٿي ويو آهي، ڇا سماج تي هنن جي ثقافت جا منفي اثر پئجي سگھن ٿا؟ ج: اهو اسان تي هندوستاني ثقافت جو حملو آهي ۽ اهو ٿيندو رهيو آهي ۽ اسان جا نوجوان واقعي متاثر ٿين پيا اهو جيڪو ٽين ايج يا ارلي ٽوئنٽي ۾ جيڪي نوجوان آهن انهن نوجوانن ۾ ڇوڪرا هجن توڙي ڇوڪريون هجن انهن کي اهي انڊيا جون شيون متاثر ڪن ٿيون. هاڻي "بي بي تيري چٽيان ڪلائيان" آهي اهو پاڪستاني چينل طرفان ته ڪون ٿو ٿي سگهي ۽ نه ڪو ٻيو چينل اهڙو ڪرڻ جو سوچيندو به. انڊيا مان ڊائريڪٽ اهي شيون اچن ٿيو ۽ ماڻهو ڏسن ٿا حيرت ان تي آهي ته اڄ اسان جي شادين جي موقعن تي اهي انڊين گانا هلن ٿا جن ۾ "عشق ڪمينا" يا "چولي ڪي پيڇي ڪيا هي" پڻ شامل آهن. اسان پي ٽي وي ذريعي اهي شيون عوام کي نٿا ڏيکاريون توهان پنهجن پرائيويٽ طريقن سان اهي سڀ شيون گھرن ۾ فيملين کي به ڏيکاريو ٿا ان ڪري اها ٻي پاليسي آهي. ڪجهه ماڻهن فلمن جي آزادي ۽ ڊرامن تي پابندي هڻڻ جي ڳالهه گورنمينٽ جي سامهون رکي ته گورنمينٽ جو اهو موقف آيو ته ٽي وي تي فيملي چينل به آهن ۽ فلمن کي ماڻهو پاڻ شوق سان ڏسڻ چاهين ٿا. ان ۾ اها شئي جيڪي توهان ڏسڻ لاءِ ويا اها توهان ڏسي سگهو پيا پر ٽي وي گھر گھر موجود آهي هن ۾ اهڙو ڪجهه نه ڏيکاريو ويندو آهي ڇاڪاڻ ته گھر ۾ ويٺي ڏسندڙن کي اهو ناهي خبر اڳيان ڇا ايندو تڏهن ڊرامن ۾ آزادي نه ٿا ڏئي سگهون. س: سنڌي ادب ۾ اوهان جي نظر ۾ سٺا ليکڪ ڪهڙا آهن؟ ج: سڀني سٺو ڪم ڪيو آهي ۽ ڪن پيا پر ڪجهه خاص لکيڪ آهن جن تمام بهترين ڪم ڪيو آهي جيئن جمال ابڙو صاحب جيڪو منهنجو روحاني استاد پڻ آهي، آغا سليم جيڪو ڪمال جو افسانا نگار ۽ نثر نگار هو ان کانپوءِ سائين امر جليل آهي، نسيم کرل هو، ميڊم مهتاب جا افسانه، ميڊم خيرالنساءِ جعفري جنهنجا افسانا توهان پڙهندئو ته توهان کي خبر پوندي ته اهي ڪمال جا ليکڪ هئا. س: نوجوانن کي ڪهڙو پيغام ڏيندا؟ ج: عام پيغام آهي پڙهو گھڻو پڙهندئو ته ذهن کلندئو انگريزي ادب پڙهو اردو ادب پڙهو سنڌي ادب پڙهو پر پڙهو ۽ ان کي پروڙيو ۽ پنهنجي وڪيبلري جيڪا آهي اُها وسيح ڪيو لفظ پنهنجي ذهن ۾ تمام گهڻا شامل ڪيو انهن جي معنيٰ اوهان کي اچڻ گھرجي ٻي ڳالهه ته پنهنجو ذهن کليل رکو ڪٿي به وڃو مشاهدو ڪيو ڪاريگر وٽ ويندئو ته ڏسو ڪم ڪيئن ٿو ڪري محنت ڪش وٽ ويندا ته ڏسو محنت ڪيئن ٿو ڪري پنهنجي دل ۾ جنون پيدا ڪيو ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو. بادل جمالي سنڌي ڪهاڻيءَ کي بادل جي جنم ڏينهن جون مبارڪون رکيل مورائي هو شخص/ ليکڪ جيڪو اسان جي نسل لاءِ سدائين احترام وارو رهيو آهي، هن جڏهن ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون هيون تڏهن سنڌي ادب جي آسمان تي لکندڙن جي هڪ ڪهڪشان جرڪي رهي هئي، جن مان ڪيترا ئي هن جهان سان ۽ سنڌي ادب سان ناتو ٽوڙي ٻئي جهان ۾ وڃي سکي/دکي ٿيا آهن پر جيڪي اڄ اسان پنهنجي اکين آڏو نه رڳو ڏسي رهيا آهيون پر اهي سدا بهار به آهن ۽ باوجود گهڻي وٿيءَ جي اڄ تائين پنهنجي پنهنجي فيلڊ ۾ لکي به رهيا آهن ۽ ڪڏهن به “ورچي نه ويٺا” آهن، انهن اسان جي احترام لائق لکندڙن مان بادل جمالي صاحب به آهي، ساڳئي وقت سندس همعصر لکندڙ ڀاءُ نور گهلو به آهي، جيڪو چڱي وٿيءَ کان پوءِ ئي سهي پر مسلسل لکي رهيو آهي. بادل جمالي صاحب تڏهن به اسان ۽ سنڌي ادب لاءِ اهم هئو، جڏهن هن پنهنجو پهريون ڪهاڻي ڪتاب “پاڙي ناهه پروڙ” اسان کي ڏنو هئو ۽ اڄ به اسان ۽ سنڌي ادب لاءِ اوترو ئي آبرودار آهي، جڏهن هن پنهنجو اڄ تائين آخري ڪهاڻي ڪتاب “اويلو مسافر” ڏنو آهي، وچ جو عرصو اهو آهي جيڪو هو پي ٽي وي جو پروڊيوسر هوندي ڪهاڻي کان وڌيڪ ناٽڪ جي ويجهو رهيو. هن جي کاتي ۾ سنڌي ناٽڪ ته آهي ئي آهي، پر ٻيا ڪيترا ئي ادبي پروگرام به آهن جن جي معرفت هن اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ ادب جي خدمت ڪئي ۽ ڪيترن نوجوانن اديبن کي هن اليڪٽرانڪ ميڊيا تي متعارف ڪرايو، جيڪي اڄ پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ ڏئي رهيا آهن. سنڌي ناٽڪ کي پي ٽي وي تان اعليٰ مرتبو ڏيارڻ ۾ ٻين سنڌي پروڊيوسرن سان گڏ بادل جمالي صاحب جو به هڪ وڏو حصو آهي، پر سچ اهو آهي هن جي ٻين سڀني شعبن کان وڌيڪ اسان کي عزيز سندس هڪ ڪهاڻيڪار وارو ڪم آهي، جيڪو سندس پهرين ۽ آخري سڃاڻپ آهي. هو “پاڙي ناهه پروڙ” کان “سنگرام” تائين ۽ اتان کان وٺي “ اويلو مسافر” تائين سنڌي ٻوليءَ جو هڪ اهڙو ڪهاڻيڪار آهي جنهن ڪهاڻين معرفت سنڌي ٻوليءَ کي شاهوڪار ڪيو آهي. بادل جمالي صاحب جي ڪهاڻين جا موضوع ڳوٺاڻي زندگيءَ جا به آهن ته شهري زندگيءَ جا به آهن، سندس ڪهاڻين ۾ زرعي زندگي جي اوريجنلٽي به آهي ته شهري زندگيءَ جون چمڪندڙ مصنوعي روشنيون به آهن ۽ انهن روشنين پٺيان غضبناڪ اونداهي به آهي جيڪا شهري ماحول مان جنم وٺندي آهي. ايئن سندس ٻولي صاف، سٺي، وڻندڙ ۽ احساس کڻي ايندڙ آهي، جنهن ۾ ڪي به ور وڪڙ نه هوندا آهن، سندس ڪهاڻي جي اڻت ڪهاڻيءَ جون مروج سڀ گهرجون پوريون ڪندڙ رهي آهي، جنهن ڪري سندس ڪهاڻيون سندس همعصرن توڻي کائنس پوءِ ايندڙ ۽ لکندڙ ڪهاڻيڪارن توڻي پرهندڙن جي ذهنن ۽ دلين ۾ ياد رهجي ويون آهن، نه رڳو موضوعاتي حوالي ۾ پر پنهنجي سموري احساس سان گڏ! ۽ ڪهاڻي جي حاصلات لاءِ ٻيو ڇا گهرجي؟!! ڪڏهن ڪڏهن بادل جمالي صاحب جون ڪهاڻيون پڙهي محسوس ٿيندو آهي ته جيڪڏهن هو ان ئي موضوع تي ڪو ناول سنڌي ادب کي ڏئي، ڇاڪاڻ ته وٽس ٻوليءَ جي سونهن، موضوع جي چونڊ ۽ ان جي اڻت نهايت وڻندڙ هوندي آهي، اميد ڪجي ٿي ته هو اسان کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ناول ضرور ڏيندو ۽ ايستائين پڪ سان اسان سندس صحت لاءِ ۽ وڏي آورجا لاءِ گهڻيون گهڻيون نيڪ خواهشون سانڍيون ٿا!. بادل جمالي صاحب اڳوڻي ضلعي حيدرآباد ۽ هاڻوڪي مٽياري جي تعلقي هالا جي هڪ ننڍي ڳوٺ شهداد جماليءَ ۾ جنم ورتو، سندس جنم ننڍي کنڊ ۾ سدائين ياد رکيو ويندڙ سال ۱۹۴۷ع ۾ مئي مهيني جي ۲۹ تاريخ تي ٿيو. هونئن سال جا سڀ ڏينهن مقدس ٿين ٿا پر اسان پنهنجي عالمن ۽ اديبن جي جنم ڏينهن کي وڌيڪ ڀاڳ وارو ڏينهن سمجهندا آهيون ۽ پڪ سان اڄ جو ڏينهن به سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ خاص طور تخليقي ادب ۾ ڪهاڻيءَ لاءِ ڀاڳ وارو ڏينهن آهي، ڇو ته اهو بادل جماليءَ صاحب جي جنم جو ڏينهن آهي. سندس تعليمي لياقتون سندس سرٽيفڪيٽن ۾ درج آهن جن کي اڪيڊمڪ ادارن ۽ حوالن ۾ استعمال ڪري سگهبو، هت سندس حوالو نج ادبي آهي ۽ ادب ۾ نصاب جي اهميت ثانوي آهي، تخليق جي اهميت اوليت واري آهي ۽ اها ئي اهميت بادل صاحب جي سنڌي ادب ۾ آهي جيڪا سدائين رهڻي آهي. اڄ بادل جمالي صاحب جو جنم ڏينهن آهي، پڪ سان اهو سنڌي ادب لاءِ اهم ڏينهن آهي، سنڌ جي ادبي دنيا پاران کيس گهڻيون مبارڪون ۽ خواهش آهي ته هو پنهنجي گذرندڙ حياتيءَ جو ڪجهه وقت لڳاتار سنڌي ادب خاص طور سنڌي ڪهاڻي کي ارپيندو واڌو هڪ ناول کي به.! بادل جمالي اسان جو هيرو آهي علي بخش پٺاڻ بادل جمالي، سنڌي ٻوليءَ جي تخليقي ۽ منفرد ڪهاڻيڪار طور ڄاتو ۽ سڃاتو وڃي ٿو. توڙي جو سندس ڪهاڻين جي شايع ٿيل ٽنهي مجموعن “پاڙي ناهه پروڙ، “سنگرام” ۽ “اويلو مسافر” ۾ ڇپيل توڙي اڻ ڇپيل ڪهاڻين جو مجموعي انگ صرف ۴۲ ڪهاڻيون آهي پر اهي ڪهاڻيون پنهجن موضوعن، ڪهاڻي پڻي، ٻولي، پيش ڪش جي انداز ۽ تخليقي خوبين سان ڀرپور سنڌي ادب جي نمايان ڪهاڻين واري حيثيت رکن ٿيون ۽ انهن بادل جماليءَ جي نالي کي سنڌي ڪهاڻيءَ جو خوبصورت حوالو بڻائي ڇڏيو آهي. ايتريقدر جو سنڌي ڪهاڻيءَ جو ذڪر بادل جي ڪهاڻين جي ذڪر کان سواءِ اڻپورو هوندو آهي. بادل جماليءَ لکڻ جي شروعات ۱۹۷۰ع واري ڏهاڪي ۾ شاعريءَ سان ڪئي پر جلد ئي شاعريءَ کي ڇڏي هن ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون. ۽ جلد ئي هڪ سگهاري ڪهاڻيڪار طور پاڻ مڃرائي ورتو. ڇاڪاڻ ته سندس ڪهاڻين جي ٻوليءَ ۾ پڪل ميوي جهڙو رس ۽ چس هو پر سندس ڪردار نگاري ۽ منظرنگاريءَ به ڪمال فن واري هئي. سندس مشاهدو ته منڊيءَ تي ٽِڪَ وانگر هيو جنهن مان چُڪ ڪڍڻ سُئيءَ جي پاکڙي مان اٺ کي پار ڪرائڻ برابر هيو. ۱۹۷۰ع واري انهيءَ ڏهاڪي ۾ آرٽس ڪائونسل ۾ سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جون گڏجاڻيون ٿينديون هيون جن ۾ تاج بلوچ، انور پيرزادو، عبدالرحمان نقاش ۽ هدايت منگيءَ جهڙا سينيئر ليکڪ ۽ نقاد موجود هوندا هئا انهن جي موجودگيءَ ۾ بادل جماليءَ پنهنجي پهرين ڪهاڻي “خيرات” پڙهي هئي. جنهن جي بي پناهه ساراهه ٿيڻ تي هن لڳاتار هر هفتي ڪهاڻي پڙهڻ شروع ڪئي هئي ۽ مسلسل پنج گڏجاڻين ۾ هن پنج ڪهاڻيون پڙهيون هيون. بادل جي ڪهاڻين کي ته ساراهيو ويو پر سينيئر ليکڪن پاران همت افزائيءَ جي نتيجي ۾ کيس تمام گهڻو اتساهه مليو هو ۽ سندس ڪهاڻي “خفتي” امداد حسينيءَ جي ادارت ۾ شايع ٿيندڙ سنڌي ادبي بورڊ جي معياري مخزن “مهراڻ” ۾ شايع ٿي هئي. ۽ ۱۹۸۰ع ۾ اهي ڪهاڻيون “پاڙي ناهه پروڙ” جي عنوان سان شايع ٿيون ته بادل جماليءَ کي سگا پاران “نسيم کرل گولڊ ميڊل” مليو. سندس لکڻ جو سلسلو تيزيءَ سان جاري رهيو ۽ ٽن سالن جي وقفي کان پوءِ ۱۹۸۳ع ۾ سندس ڪهاڻين جو ٻيو مجموعو “سنگرام” جي عنوان سان شايع ٿيو. هن جي ٻنهي مجوموعن ۾ شامل ڪهاڻين کي قارين ٿوڙي نقادن وٽان تمام سٺي موٽ ملي. خاص طور تي “خفتي”، “پاڙي ناهه پروڙ”، “ماڳ سندو مامرو”، “نوابي” ۽ “ڀورو گلاڻي” کي سنڌي ادب جون شاهڪار ڪهاڻيون سڏيو ويو. اهڙيءَ طرح بادل جماليءَ ڪجهه ماڊرن ڪهاڻيون پڻ لکيون جن ۾ “جيون جي زنجير ۾ جڪڙيل هڪ شخص”، “گگهه اونداهيءَ ۾ کسجي ويل ٽارچ”، “ويچارو انسان”، خواب نٿا نيڻن ۾ ماپن” ۽ ٻيون ڪهاڻيون شامل آهن. بادل جماليءَ جي ڪهاڻين جي فني پختگيءَ جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو ته جڏهن هن ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ماسٽرس پئي ڪئي، تڏهن ئي جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جو وڏو نالو سائين اياز قادري بادل جماليءَ جون اهي ڪهاڻيون پنهنجي ڪلاس ۾ شاگردن کي پڙهائيندو هيو. بادل جماليءَ پنهنجي ڪهاڻين ۾ زندگيءَ جي حقيقي رنگ ڀريندي عام ماڻهن جي احساسن جي ترجماني ڪئي ۽ سندن مسئلن ۽ محرومين جي نمائندگي اهڙي ته زبردست انداز سان ڪئي آهي جو سندس ڪهاڻيون پڙهندي انهن ڪردارن جي تڪليفن تي اسان به ڏکارا ٿي پئون ٿا ۽ ڪٿي ڪٿي ته لڙڪن کي اکين جي بند ۾ قابو ڪرڻ به اوکو بڻجي ٿو وڃي. پنهنجي ڪهاڻين جي انهن ڪردارن بابت بادل جو پنهنجو چوڻ پڻ اهو آهي ته، “پنهنجي ڪهاڻين جي ڪردارن جون مجبوريون ۽ انهن جون حالتون منهنجي اکين اڳيان ڦرنديون رهنديون آهن ۽ اڪثر منهنجو ويهاڻو ڳوڙهن سان آلو ٿي ويندو آهي.” بادل جمالي واقعي تمام حساس ڪهاڻيڪار آهي هو رڳو ڪردارن کي ڪهاڻين جا موضوع نه ٿو بڻائي پر انهن جي اهنجن، تڪليفن ۽ دردن کي محسوس ڪري ڍنڍڪرون ڏئي روئي به پئي ٿو. سائين محمد علي پٺاڻ، ڊاڪٽر احسان دانش ۽ پروفيسر رضوان گل سان يوٽيوب چئنل “ساهت ٽي وي” تي ڪچهري ڪندي بادل جو چوڻ هو ته، “ڪو وڏو ماڻهو پيار مان ڪلهي تي ٿڦڪي هڻي ڳلي لڳائيندو آهي ته به منهنجون اکيون ڀرجي اينديون آهن. ۽ ڪو پيارو ماڻهو اکيون ڪَرڙيون ڪري ڏسندو آهي ته به ٻارن وانگر روئي پوندو آهيان.” بادل جمالي چوندو آهي ته ٽي ويءَ جا ڊراما هجن يا ڪهاڻيون هو بنا ڪنهن خوف يا دٻاءَ جي لکندو رهيو آهي ۽ ڪڏهن به کيس نتيجن جي پرواهه نه رهي آهي. پنهنجي لکڻين جي حوالي سان به هو واضح موقف رکي ٿو ۽ چوي ٿو ته، لکڻ لاءِ ته مان ويٺي ويٺي ناول به لکي سگهان ٿو پر مون کي مقدار کان وڌيڪ معيار جو فڪر ماريندو آهي ۽ مان پنهنجي ڪهاڻي ايسيتائين مڪمل نه سمجهندو آهيان جيسيتائين ان مان مطمئن نه ٿيندو آهيان. ۽ ڪو ليکڪ جيڪڏهن پنهنجي ڪهاڻيءَ ۾ ترميم نه ڪرڻ جي دعويٰ ٿو ڪري ته مان ان کي مبالغو ئي سمجهندو آهيان.” بادل جمالي ۲۹ مئي ۱۹۴۷ع تي مٽياري ضلعي ۾ نيو سعيد آباد ويجهو ڳوٺ بکر جماليءَ ۾ پئدا ٿيو. اتان ئي شروعاتي تعليم به حاصل ڪيائين. هو پاڻ ڪهاڻيڪار ته آهي پر سندس زندگي پڻ هڪ دلچسپ ڪهاڻيءَ کان گهٽ نه آهي. هو پنهنجي جيون ڪهاڻي بيان ڪندي شروعات اتان ڪندو آهي ته، ڇهين ڪلاس ۾ پڙهندي هو جڏهن اڃان ۱۱ ورهين جو هيو ته سندس سِرَ تان ابي جي ڇپر ڇانوَ نه رهي هئي، انهيءَ يتيمي ۽ غربت کيس مئٽرڪ ۾ نمايان نمبرن سان پاس ٿيڻ باوجود سندس ڊاڪٽر بڻجڻ وارو خواب چڪنا چور ڪري ڇڏيو هو. شاگرديءَ جي ان زماني ۾ کيس فلمن جو پڻ ڏاڍو شوق هوندو هيو ۽ فلم انڊسٽريءَ جا وڏا نالا غلام حيدر صديقي، بابو ڀائي، اي ڪيو پيرزادو ۽ ٻيا فلمن جي شوٽنگ جي سلسلي ۾ سندس ڳوٺ ايندا هئا ته هو ڊوڙي وڃي اها شوٽنگ ڏسندو هو. ڪراچيءَ ۾ بادل جمالي هڪ فلم ۾ هدايتڪار آغا نظر ڪاوش جو اسسٽنٽ مقرر ٿيو پر جلد ئي انهيءَ فلم جو پروڊيوسر آغا صغير مرزا گذاري ويو، فلم بند ٿي وئي ۽ بادل بي روزگار ٿي ويو جنهن ڪري ڪجهه مهينا هڪ ڊاڪٽر وٽ ڪمپائونڊر جي نوڪري پڻ ڪيائين. ۽ ڪجهه عرصو سراج جي نگرانيءَ ۾ انور پيرزادي، فقير محمد لاشاري، دستگير ڀٽي، هدايت منگي ۽ ٻين سان گڏ “روزاني هلال پاڪستان” ۾ پڻ ڪم ڪيائين. انهن ڏينهن ۾ ئي مشهور اداڪار نور محمد لاشاريءَ نه رڳو بادل کي ريڊيو پاڪستان ۽ پي ٽي ويءَ تي نوڪريءَ لاءِ درخواستون ڏياريون هيون پر کيس وٺي وڃي ٻنهي ادارن جي جنرل مئنيجرس سان به ملايو هو. اهڙي طرح کيس ۱۹۷۴ع ۾ پي ٽي وي جي اسڪرپٽ سيڪشن ۾ نوڪري ملي وئي ۽ هن ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ خانگي طور پنهنجي پڙهائي به جاري رکي. کيس ۱۹۸۵ع ۾ پي ٽي ويءَ تي اسسٽنٽ پروڊيوسر، ۱۹۸۹ع ۾ پروڊيوسر ۽ بعد ۾ سينيئر پروڊيوسر مقرر ڪيو ويو. پي ٽي ويءَ تي سندس پهرين ڊرامه سيريل رزاق مهر جي يونيورسٽيءَ جي موضوع تي لکيل “وڇوٽيون هئي. جنهن بعد هن رحمت الله ماڃوٺيءَ جي “قربتون”، حفيظ ڪنڀر جي “منزلون ۽ مسافر”، ماڪن شاهه رضويءَ جي “ڪجل ڀنا نيڻ” سميت انور ابڙي، ڪيهر شوڪت ۽ ٻين ليکن جون ڪيتريون ئي سيريل ۽ سولو پليز ڪيا. ان سان گڏو گڏ هن ٻارڙن جو پروگرام “روشن تارا”، ادبي پروگرام “سنڌ رنگ” ۽ ٻيا ڪيترائي پروگرام ڪيائين. پي ٽي ويءَ تي ايامڪاريءَ دوران بادل جماليءَ ڪيترن ئي نون اداڪارن ۽ فنڪارن کي پڻ متعارف ڪرايو جيڪي اڄ ڪلهه شوبز جي دنيا جا وڏا نالا آهن. پي ٽي ويءَ تي مصروفيتن سبب هو ڪهاڻيون لکڻ کان مڪمل طور ڪٽجي ويو هو پر ۲۰۰۷ع ۾ پي ٽي ويءَ تان رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ بادل جماليءَ ڪهاڻيءَ ڏانهن ٻيهر موٽ کاڌي ۽ ۳۰ سالن جي وٿيءَ کان پوءِ “ٽامي” جهڙي شاهڪار ڪهاڻيءَ سان شروعات ڪيائين. ۽ پوءِ لڳاتار “مَنَ جون اکيون”،”خان ڊولپرز”، “امان” ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ساهه ۾ سانڍڻ جهڙيون ڪهاڻيون لکيائين. سندس نين ڪهاڻين جو مجموعو “اويلو مسافر” ۲۰۱۷ع ۾ شايع ٿيو ته ان کي به اهڙي ئي ڀرپور موٽ ملي، جيڪا سندس پهرين مجموعي، “پاڙي ناهه پروڙ” ۽ “سنگرام” کي ملي هئي. کيس انهيءَ ڪتاب تي اڪيڊمي آف ليٽرس پاڪستان پاران بهترين ڪهاڻين جو ايوارڊ پڻ مليو. ادبي دنيا سان نئين سر سلهاڙجڻ جو سمورو ڪريڊٽ هو پنهنجي پياري دوست سائين محمد علي پٺاڻ کي ڏيندو آهي ۽ چوندو آهي ته، “جيڪڏهن ۲۰۱۳ع ۾ محمد علي پٺاڻ لڳاتار زور نه ڀريندو رهي ها ته مان شايد ٻيهر ڪهاڻيون نه لکان ها. ڇو ته ٻيو مجموعو “سنگرام” شايع ٿيڻ بعد مون ٻيهر ڪڏهن به نه لکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو هو.” هاڻي بادل جماليءَ جو نَون ڪهاڻين تي ٻڌل چوٿون مجموعو ڇپائيءَ لاءِ تيار آهي، جيڪو پڙهندڙن جي هٿن تائين ايندو ته يقينن پسند ڪيو ويندو. اڄ ۷۳ هين جنم ڏينهن جي موقعي تي اسان جون نيڪ تمنائون پنهنجي محبوب ليکڪ سان گڏ آهن ته شال سندس صحت ۽ قلم سلامت رهي ۽ هو سنڌي ادب جي جهولي ايئن ئي شاندار ڪهاڻين سان ڀريندو رهي.
قادر بخش ميمڻ سگا هالا سان واسطو رکندڙ بي لوث محنت ڪندڙ رضاڪار جي زندگي ۽ ڪارڪردگي جو مختصر احوال... خالد حسين چنا هڪڙا ماڻهو هميشه ڪارڪن ٿئي ڪم ڪرڻ ۾ خوشي ۽ فخر محسوس ڪندا آهن. اهي ليڊر ٿيڻ جي ڪوشش به نه ڪندا آهن ۽ ننڍن وڏن سان رلجي ملجي خير جو ڪم ڪندا آهن. جنهن ڪري ڪيترن ئي ماڻهن جي دلين ۾ محبت ۽ احترام پيدا ڪري وٺندا آهن. اهڙو ئي هڪ پيارو شخص سگا هالا شاخ سان تعلق رکندڙ محنتي ۽ محبتي محترم قادر بخش ميمڻ به آهي. هن سان اسان جي اڪثر ڪري عيد جي ٻئي ڏينهن تي هالا ۾ سگا جي سرواڻ ۽ محبوب شخصيت ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ صاحب جي گهر ملاقات ٿيندي هئي ۽ ڪيئي دفعا هن سان روشن تارا اسڪول ۾ وزٽ يا پروگرامن ۾ به ملاقات رهي آهي. ۲۰۱۵ع ۾ سگا جي مرڪزي اليڪشن ۽ ڪنوينشن دوران قادر بخش ميمڻ بلڪل متحرڪ نظر آيو. مهمانن جي خدمت ۽ ڪم ڪار سڀني سان ملڻو جلڻو نهايت پيارو ماڻهو قادر بخش پاڻ کي ائين رکندو پيو اچي ڄڻ ته هو بلڪل به پوڙهو نه هجي. روشن تارا سيڪريٽريٽ طرفان ۲۰۱۴ ۽ ۲۰۱۵ع ۾ “اسان جو شاھ” جا سڄي سنڌ ۾ ڪلسٽر پروگرام ٿيا. دادو، ڪراچي، گهوٽڪي ۽ هالا ۾ لطيف شناسي تي زبردست پروگرام ٿيا. هالا جي خوبصورت هال ۾ شاندار ۽ يادگار پروگرام کي ڪامياب ڪرڻ ۾ محترم محمد ابراهيم شيخ، پرنسپل، استادن ۽ سگا جي ساٿين سميت قادر بخش ميمڻ جون ۽ هن جي نياڻي جيڪا اسڪول ۾ استاد آهي محنتون شامل آهن. جڏهن روشن تارا اسڪول کي بهتر ڪرڻ ۽ سگا شاخ هالا کي سرگرم ڪرڻ لاءِ ۲۰۱۹ ع ۾ روشن تارا اسڪول هالا ۾ سگا شاخ هالا جو عام اجلاس سڏايو ويو هو جنهن ۾ ميمبرن کان علاوه سگا جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل محترم جاويد احمد انڙ ۽ سيڪريٽري تعليم محترم عبدالحميد بلو ۽ مينيجر ايجوڪيشن سگا محترمه اشرف لاريب ۽ مينيجر ريسرچ محترمه پارس چنا شريڪ ٿيا. مان حيدرآباد مان صبح نڪري رستي تي کيبر مان اعجاز شهوڪ کي کڻي اچي هالا پهتم. ڏسان ته سائين مراد ڳاهوٽي صاحب سان گڏ محترم قادر بخش ويٺو هجي. گڏجاڻي سٺي رهي. سگا شاخ هالا کي بهتر ۽ متحرڪ ڪرڻ لاءِ قادر بخش ميمڻ صاحب پنهنجي پاڻ تي هر ڪم ۽ ذميواري کڻڻ لاءِ تيار هو. هن جو سگا ۽ ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ سان سالن جو عشق آهي. ماضيءَ جا واقعا ۽ قصا ٻڌائي هن سڄي گڏجاڻي کي گرمائي ڇڏيو. هن جوش ۾ اچي پاڻ کي ۽ پنهنجي ساٿين کي بهتر ڪم ڪار لاءِ چيو. قادر بخش ميمڻ ۴ اپريل ۱۹۴۵ع تي هالا ۾ پيدا ٿيو. شروعاتي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ ڪرڻ کان پوءِ مئٽرڪ گورنمينٽ مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول هالا جڏهن ته گريجوئيشن سروري اسلاميه ڪاليج هالا مان حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ پاڻ ماسٽرز جون ڊگريون اسلامڪ ڪلچر ۽ لائبريري سائنس، سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان حاصل ڪيائين. سندس جي تعليم وارو دور انتهائي ڏکيائين مان گذريو. ان دوران پاڻ يونيورسٽي ۾ پڙهندا هيا ۽ پڙهائي مان بچندڙ وقت کان پوءِ سينيئر اسسٽنٽ لائبريرن جي حيثيت سان سنڌ يونيورسٽي ۾ نوڪري پڻ ڪندا رهيا. اهڙي ريت پاڻ ڪيريئر جي شروعات ۱۹۶۵ع کان ڪيائين. ۳۰ فيبروري ۱۹۷۶ع کان پاڻ سگا جا سرگرم بنيادي ميمبر رهيا آهن. سندن سماجي خدمتن جي هڪ ڊگهي فهرست آهي. ۱۹۸۵ع کان سگا طرفان مختلف اکين ۽ چمڙي جي ڪئمپ ۾ ڀرپور حصو ورتو. پاڻ پهرين جنوري ۱۹۹۳ کان روشن تارا اسڪول هالا جي ايڊمنسٽريٽر طور ذميواريون سنڀاليون. ۱۹۸۱ع ۾ روشن تارا اسڪول هالا جا وائيس چيئرمين رهيا. هن سگا طرفان ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ به اسٽال لڳايا ۽ ڀرپور داد حاصل ڪيو. سندس سماجي ڪمن ۽ اعليٰ ڪارڪردگي جي عيوض سگا مرڪز طرفان مختلف ايوارڊ جنهن ۾ حيدري ٽرافي ۽ “ڊاڪٽر ياسمين گولڊ ميڊل” ۽ روشن تارا اسڪول هالا طرفان ڪيترا ئي ايوارڊ حاصل ڪيا اٿس. پاڻ روشن تارا اسڪول هالا جي پلاٽ حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. قادر بخش ميمڻ هميشه ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ جن جي سرپرستي ۾ ڪم ڪيائين. ڪيترا ئي پروگرام روشن تارا اسڪول طرفان شروع ڪيا ويا جنهن ۾ بالغن جي تعليم، آغا خان يونيورسٽي، اسرا يونيورسٽي طرفان ٻهراڙين ۾ پروگرام ڪرايا. طالب الموليٰ لائبريري ۾ ٽي ڏهاڙا ادبي ڪانفرنس لڳي جنهن ۾ مختلف ڪتاب ۽ قرآن شريف جيڪو سون جي پاڻي سان ٺهيل هيو رکيائين جنهن تي مظهر الحق صديقي هٿان سرٽيفيڪٽ ڏنو ويو. ان کان علاوه ٻهراڙين ۾ ميڊيڪل ڪئمپون لڳايون ويون جنهن ۾ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن جي ڪوششن سان هالا ۾ سماجي کيتر ۽ تعليم جي ميدان ۾ ڀرپور حصو ورتائين. پاڻ سگا جي هر ڪنوينشن ۽ سالگرهه ۾ ڀرپور نموني شرڪت ڪيائين. قادر بخش ميمڻ هن وقت حقوق العباد ۽ حقوق الله جي پاسداري ڪندي پنهنجي زندگي جو وقت عبادت ۽ خدمت ۾ گذاري رهيو آهي. رب پاڪ کان دعا آھي ته ھو پنھنجي اهل عيال سميت هميشه صحت ۽ سلامتي سان هجي! آمين پهريون ڊرافٽ... ۲۰. ۰۷. ۲۰۲۰
دادي ليلاوتي تلسي داس هرچنداڻي ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ تعارف دادي ليلاوتي تلسي داس هرچنداڻي جو جنم ۲۰ ڊسمبر ۱۹۱۷ع تي سنڌ جي شهر حيدرآباد ۾ ٿيو. داديءَ جو خاندان پڙهيل لکيل آهي. سندن ڀاءُ واڌواڻي تيرٿ داس مشهور شخص هو ۽ هوتچند مولچند گربخشاڻي وارا سندن پڦيءَ جا پٽ هئا. هن سڄي خاندان کي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ سان وڏي عقيدت آهي. دادي راڳ جي ڄاڻو، شاهه جي شيدائي ۽ رسالي جي پارکو آهي. هوءَ شاهه صاحب جون ڪافيون ۽ بيت اُڪير سان ڳائيندي آهي، کين مرحوم عثمان علي انصاري ريڊيو تي متعارف ڪرايو ۽ داديءَ سنڌ جي ڪيترين ئي نينگرين کي پنهنجو فن منتقل ڪيو آهي، جن ۾ روبينا قريشي ۽ جيجي زرينه بلوچ جا نالا اهم آهن، سندن خدمتون سنڌ جي نياڻين جي تعليم ۽ تربيت جي سلسلي ۾ اهم آهن. دادي ليلا جي دور ۾ عورتن جي تعليم ايتري عام ڪونه هئي. هن مشهور ڪندن مل گرلس اسڪول مان پڙهيو. عامل خاندان جي ديوانن مان آشا/ غلام فاطمه شيخياڻي (اسلام قبول ڪرڻ کانپوءِ جو نالو) ساڳئي اسڪول مان پڙهندڙ هئي ۽ پوءِ ڊاڪٽر شمس عباسي ۽ پوپٽي هيراننداڻي پڻ ساڳئي اسڪول مان پڙهيون هيون. انهيءَ اسڪول جون ماسترياڻيون داديءَ چواڻي ته Oxford جون پڙهيل هيون. دادي متي، دادي جگو ۽ ٻين کي انگريزي ٻوليءَ تي عبور حاصل هو. دادي ليلا ميوزڪ جي ڊگري پڻ حاصل ڪئي ۽ بي اي ۽ ايم اي (سنڌي) فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. اپوا، ريڊ ڪراس، روٽري ڪلب، لئميڪ ۽ ٻين ادارن معرفت هن ڪيترائي سماجي ڀلائيءَ جا ڪم ڪيا آهن. هوءَ سماج سڌارڪ ۽ تعليمي ماهر ۽ فنڪار جي حيثيت ۾ سڃاتي وڃي ٿي. ٽريننگ ڪاليج فار وومين جي پرنسپال کان سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر (ٽي سال) ٿيڻ تائين پاڻ ڪيترن ئي ادارن جي سربراهي سنڀالي، سندس خدمتن جي عيوض هند توڙي سنڌ مان کيس ايوارڊن ۽ انعامن سان نوازيو ويو آهي. چند سال اڳ کيس صدارتي ايوارڊ عطا ٿيو. اڄ نوي سالن کان به وڌيڪ ڄمار هوندي دادي ليلا پنهنجي جنم ڀوميءَ سنڌ ۽ سنڌين جي خدمت کي افضل ڄاتو آهي. مون سندس گهر ٻه دفعا هرچنداڻي مينشن ڀرڳڙي روڊ هيرآباد تي ملاقات ڪئي ۽ کانئس انٽرويو وٺڻ چاهيم، پر داديءَ رسمي انٽرويو کان وڌيڪ جيڪا روبرو ڪچهري ڪئي، اها تمام اثرائتي هئي، جنهن جا اهم نقطا هن ريت آهن: ۱ . نياڻين جي تعليم تي تمام گهڻي توجهه ڏيو ۽ کين ڪڏهن به بوجهه نه سمجهو، عورت جي عزتِ نفس کي مٿانهون رکو. ۲ . پنهنجي ماءُ، پنهنجي ٻولي ۽ پنهنجي ڌرتيءَ کي سدا اهميت ۽ عزت ڏيو، اهي ٽيئي توهان جون مائرون آهن. 3 . دان ڏيو، مالَ جو، علم جو ۽ جان جو ۽ هر هڪ جي ڪم اچو. ۴ . سنڌ جي تعليمي معيار ڪرڻ جو اهم سبب اڄ استاد، استاد نه رهيو آهي ۽ شاگرد، شاگرد نه رهيو آهي. استاد غير ذميوار ۽ شاگرد لاپرواهه هئڻ سبب تعليم تباهيءَ جي ڪناري تي بيٺل آهي ۽ جڏهن ڪنهن قوم ۾ علم ۽ ادب نه رهندو، تڏهن انهيءَ قوم جي هستي آهستي آهستي ختم ٿي ويندي. ٻوليءَ ۽ قوم کي جيئارڻ لاءِ اڳيان وڌو. قوم جي ڀلي لاءِ سچو جذبو ۽ سچي دل کپي ۽ سنڌي سماج تڏهن ترقي ڪندو، جڏهن قوم تعليم يافته ٿي هن ڌرتيءَ جي خدمت ڪندي. ۵ . عورت جي آزاديءَ جي حق ۾ مان بلڪل آهيان، پر ان لاءِ هڪ دائرو هجي ۽ ان دائري ۾ رهي ڪم ڪجي. پنهنجي حيثيت، عزت ۽ علميت کي وڌائڻ عورتن لاءِ اُتم آهي. ۶ . شاهه صاحب جي ڪلام کي پرکيو، پروڙيو، عمل ڪريو ۽ عام ڪريو. داديءَ جو سنڌي نثر ۾ ڪم مضمون نويسيءَ ۾ آهي. تعليم جي موضوع تي تمام گهڻا مضمون لکيا اٿن. انهيءَ کانسواءِ کين شاعريءَ جو شوق آهي. داديءَ سنڌي عورتن جي لاءِ هيءُ پيغام ڏنو: اي سنڌوءَ جي سگهڙ سياڻي، تنهنجي هوندي ڇو سنڌڙي ويڳاڻي، تون ته ناز و ادا کان نياري، تون ته بيشڪ آهين نوري نماڻي. ........... اي سنڌوءَ جي سگهڙ سجاڳ ٿي، هيءُ وقت اٿئي هوشيار ٿي. هيل تائين ڪيڏو نه تون سٺو آهه، هاڻي جهالت جي جن کي تو ڀڄايو آهه. دادي ليلا اڄ سؤ سالن جي ٿي وئي نصير مرزا سنڌ اڄ شادمانا ملهائي. اسان ۽ توهان جي دادي، هير آباد حيدرآباد واسي، تعليمدان، دادي ليلا خيرن سان اڄ سئو سالن جي ٿي چڪي. هيپي برٿ ڊي ٽو يُو دادي صاحبه ۽ ڇا ته خوش نصيب شهر هي حيدرآباد، جنهن ۾ رهندڙ محمد ابراهيم جويي صاحب کانپوءِ، علم ادب ۽ تعليم جي دنيا جي، هي ٻي اهم ترين هستي دادي ليلا، جنهن اڄ حياتيءَ جا سئو سال پورا ڪري ورتا آهن، اي ڪاش! هن ڪالم جي اشاعت بعد، سنڌ جا علمي ادبي ۽ تعليمي ادارا، گلن، گلدستن ۽ سوکڙين پاکڙين جا انبار کڻي، ميرن جي قبن سامهون، هيرآباد جي ان پِيلي محل جي دروازي تي وڃي رکي اچن، جتي اندر هڪ آرامده پلنگ تي، سنڌ جي نياڻين کي تعليم يافته ڪندڙ هيءَ ملڪه اڄڪلهه خاموش زندگي گذاري رهي آهي. جتي سندس اڪيلو فرزند ڊاڪٽر پرديپ، ننهن ۽ ڪي نرسون، ڏينهن رات سندس ديک ريک ۾ مصروف آهن. بيشڪ، سئو ساله دادي ليلا صاحبه سفيد اڇي پهراڻ ۽ لينگي ۾ هن وقت ڄڻ ته مقدس سرسوتي ديويءَ جو روپ آهي، پر هڏڙين جي مُٺ، نحيف ۽ ڪمزور هوندي به ۽ هن ڄمار ۾ به طرح طرح جا راڳ، ڀڄن، ٻاڻيون ۽ بزرگن جا صوفياڻا ڪلام کيس ازبر آهن. ها! سندس ازبر به حافظو ٿورو ٿورو جواب ضرور ڏئي ويو آهي ۽ قوت سماعت پڻ گهڻي گهڻي مجروح ٿي وئي اٿس پر ٿورو وڏ سري آواز ۾ پڇيومانس ته، دادي! اوهان جي ولادت ڀلا ڪٿي ٿي؟ ته ٻڌايائين: ”سئو سال اڳي حيدرآباد جي ڇوڏڪي گهٽيءَ، پوليس اسٽيشن واري چاڙهيءَ ڀرسان ماڙيءَ واري هڪ گهر ۾ ڄائي هيس. پتا جو نالو، هوتچند واڌواڻي هو، هڪڙي ڀيڻ ديوي ڪماري، ڇهه ڀائر..... جن منجهان سهجرام واڌواڻي، اُهو ته مشهور ميوزڪ ڊائريڪٽر ٿيو ۽ مشهور موسيقارن سي ارجن ۽ بلوسي رائيءَ جو پڳ مٽ يار هو. ٻيو ايڊووڪيٽ تيرٿ داس..ماهر قانوندان، شاهه لطيف شناس، جنهن تصوف تي ڪيترائي انگريزيءَ ۾ مضمون لکيا. ۱۹۲۶ع ڌاري، پتا جو سارو پريوار، هن موجوده هنڌ هيرآباد عامل ڪالوني لڳ اچي رهيو. الاس!! هڪ هڪ ٿي سڀني جون ارٿيون هاڻي ته چتا تي چڙهي ويون آهن، رهي نانءُ رب جو.“ پوءِ دادي ٻڌائڻ لڳي: ”اسان جو سارو پريوار پڙهيل هو، پر منهنجي ماتا به ايتري ته اکر شناس هئي جو ڪم ڪار ۽ رسوئي جي وندر مان واندي ٿي، گهر ۾ ايندڙ روزاني اخبار کولي ويٺي پڙهندي هئي. هاڻي پرديپ ٻڌائيم ٿو ممي، شروع کان ئي چُست ڦڙت، گهٽ خوراڪ، ويشنو، گوشت ماس کان نهايت پري ۽ ابتدا کان ئي اورچ هئي ۽ جيتوڻيڪ گهر ۾ نوڪر چاڪر ۽ سک آرام به موجود هو پر رسوئي ۾ بيهي ڦلڪا پچائڻ، ٻوڙ رڌڻ هن جي روز مرهه جي ڪرت ۾ شامل هوندو هئو. وٽس جيڪو به ان وقت ملڻ جلڻ لاءِ ايندو هو ته ان کي ضرور چوندي هئي ته نياڻين کي ضرور پڙهايو، ائين هُو چالاڪ ۽ مڪار مردن هٿان ٺڳجڻ کان بچي وينديون.“ پوءِ دادي خود ٻڌائڻ لڳي، ”اسان هندن ۾ هر نياڻيءَ کي ٻيو ڪجهه سيکارجي يا نه، پاپڙ ويلڻ، پاپڙ ترڻ ۽ پاپڙ ٺاهڻ جي تربيت هر حالت ۾ ڏني ويندي آهي ۽ ڪنهن کي اِهو فن نٿو اچي ته اهو هن جي عيب ۾ شمار ڪبو هو.“ پوءِ ٻڌائڻ لڳي، ”جن جن نياڻين، مون کان پاپڙ ٺاهڻ سکيا، انهن ساهراڻي گهر تي راڄ ڪيو، حڪم هلايا ۽ پنهنجي گهوٽن جون اُهي دل گهريون ڪنوارون ثابت ٿيون.“ پرديپ هرچنداڻي مون کي آگاهه ڪيو: ”ممي پرائمري تعليم گُلي ٻائي اسڪول مان حاصل ڪئي، جيڪو حيدرآباد واري تلڪ چاڙهيءَ لڳ هوندو هو. پوءِ هو جامع عربيه ۽ نور محمد هاءِ اسڪول ۾ به ميٽرڪ تائين پڙهي، جتي ڪو ايجوڪيشن هوندي هئي.“ ان تي دادي ٻڌائڻ لڳي، ”منهنجا هڪ جيڏا هندو مسلمان ڇوڪرا محض ان ڪري به دل لڳائي پڙهندا هئا، جيئن استادن آڏو ۽ ڇوڪرين جي سامهون، بي عزت ٿيڻ کان بچيا رهن.“ پرديپ ٻڌايو: ”هائير ايجوڪيشن دادي صاحبه گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موريءَ مان حاصل ڪئي، جنهن کي پڻ ايندڙ سال ۲۰۱۷ع ۾ سئو سال پورا ٿيندا.“ انسائيڪلوپيڊيا ۾ مون دادي ليلا صاحبه جي پروفائيل ۾ جهاتي پاتي.. لکيل هو: ”هُوءَ ننڍپڻ کان ئي خوش گُلو هئي، تيز فهم ۽ هوشيار، ۽ ٻالڪپڻ کان ئي شديد ميوزڪ پسند. ان ڏس ۾ ساڌو ٽي ايل واسواڻي جي آشرم مان به هُن گهڻو ئي پرايو. سوين ڀچن ڀاو ياد ڪيا. ان دور جي ميوزڪ ۽ باجي ماستر مسٽر جوشيءَ کان هن هارمونيم وڄائڻ سکيو. پوءِ ۱۹۴۰ع ڌاري ٽريننگ ڪاليج فار مئن ۾ ميوزڪ ٽيچر جي آساميءَ لاءِ انٽرويو ڏيڻ وئي، ته سائين جي ايم سيد ۽ سائين ميران محمد شاهه، هڪ تعليم يافته سنڌي نياڻيءَ کي اهڙو زبردست هار مونيم وڄائيندي ۽ شاهه، سچل جا صوفياڻا ڪلام ڳائيندي ٻڌو ته دنگ رهجي ويا.“ دادي پاڻ مون کي ٻڌائڻ لڳي: ”بابا، تنهنجي پدر بزرگوار قليچ بيگ کي اٺن ڏهن ورهين جي ڄمار ۾ سندس غزل ”دنيا ۾ دل جو مطلب پورو ٿيو ته ڇا ٿيو“ اسڪول فنڪشن ۾ ڳائي ٻڌايو ته، دعا ڏنائين؛ ”اي ننڍڙي نينگري راڳ وديا ۾ تنهنجو وڏو نالو ٿيندو“ مون هڪ ڀيرو ٻيهر داديءَ جي جيون ۾ جهاتي پاتي، لکيل مليو: دادي ليلا صاحبه ۱۹۵۱ع ۾ بي ٽي ڪئي، ۱۹۶۸ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪئي. ۱۹۵۸ع ڌاري پاڻ ڊپٽي انسپيڪٽر اسڪول مقرر ٿي، گڏ ميران هاءِ اسڪول جي هيڊ مسٽريس پڻ ۽ ان کان اڳ ميرپور خاص جي هڪ هاءِ اسڪول ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين. ۱۹۵۸ع ۾ ئي بلبل مهراڻ روبينه صاحبه کي ريڊيو حيدرآباد تي پنهنجي شاگردياڻيءَ جي حيثيت ۾ متعارف ڪرايائين. بعد ۾ دادي صاحبه، انسپيڪٽريس آف اسڪولس جو عهدو ماڻيو. ۱۹۷۲ع ۾ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر مقرر ٿي. ۳۵ ورهين جي پخته ڄمار ۾، دادي صاحبه جي شادي سينٽرل جيل حيدرآباد جي ڊاڪٽر ڊاڪٽر تلسي داس هرچنداڻي سان ٿي ۽ ان بعد دادي ليلا سڏجڻ لڳي، ”ليلا وتي هرچنداڻي“... اولاد ۾ داديءَ بس هڪ ئي پُٽ ڄڻيو، پرديپ ڪمار... جيڪو هاڻي پنهنجي ئي گهر جي هڪ ڪنڊ ۾ ”دادي ڪلينڪ“ هلائيندو آهي. ۱۹۵۲ع کان دادي صاحبه ريڊيو ڪراچي تان ڳائڻ جا به ڪي پروگرام ڪيا. ۱۹۷۵ع ڌاري ريٽائرمينٽ بعد ڊاڪٽر آپا شمس عباسي صاحبه سان گڏجي، سنڌ جي ٻهراڙين ۾ سوين ڪميونٽي سينٽر قائم ڪيا، جتي نياڻين جي تعليم ۽ ان جي واڌاري لاءِ ڪئين دلچسپ پروگرام ترتيب ڏنا. ۱۹۸۵ع تائين اقليت جي حوالي سان پنهنجي ڪميونٽيءَ جي نمائنده طور به هن ڪم ڪيو. سائين جي ايم سيد، ميران محمد شاهه، علامه آءِ آءِ قاضي، مرزا قليچ بيگ، شاهه جو شارح غلام محمد شهواڻي، پروفيسر دادا منگها رام ملڪاڻي کي دادي صاحبه اکين سان ڏٺو. محفلن ۾ انهن سان گڏ اُٿي ويٺي ۽ کين پنهنجا راڳ ٻڌايا ۽ وندرايو. سندس گهر ۾ مون چوطرف نگاهه ڦيرائي هر طرف ايوارڊ ۽ شيلڊون سينگاريل نظر آيم ۽ انهن سڀني جي وچ ۾ چوڏهينءَ جي چنڊ وانگر چمڪندڙ هو ”تمغه امتياز حڪومت پاڪستان“. تڏهن ان وقت اٿڻ کان اڳ مون کيس وينتي ڪئي ته دادي! پنهنجي حياتيءَ جون ڪي يادگار ۽ سٺيون سٺيون ڳالهيون ٻڌايو. چوڻ لڳي: ”اري بابا، اڳي اسان جي سانڀر ۾ حيدرآباد ۾ هر گهٽيءَ جو هڪڙو نالو هوندو هو. ان ڪري هر ماڻهوءَ کي خط پٽ سولائي سان اچي ملندو هو، هاڻي ته گهٽين جي سوڙهه ايڏي آهي جو، ڏسندي ئي ساهه ٻوساٽجڻ ٿو لڳي“. پوءِ ٻڌائڻ لڳي، ”ٽيهارو کن سال اڳ ڀارت ياترا تي آئون ويئي هئس. هڪڙي ڏينهن ميزبانن مون کي هڪ اهڙي رنگا رنگ تقريب ۾ پهچايو، جتي سنڌي نياڻين اڃان جهومي جهومي ڳايو مس ته ”راڻا تو مان راڄ ٿيندا، راڻا تو مان لک ٿيندا“...ته بس محفل ۾ اوچتو وٺ وٺان شروع ٿي وئي. پوليس جو ڊنبلو اسٽيج تي چڙهي آيو...بابا خير...بابا خير... چيائون اري ظلم ڙي ظلم.. هي ته خانداني منصوبي بندي وارن جو پبلسٽي پروگرام آهي، جن جو مول متو ئي آهي ته ”ٿورا ٻار، پيار ئي پيار“ ...۽ هي مايون وري اسان جي پروگرام کي تباهه ڪرڻ لاءِ ڳائين پيون ..... راڻا تو مان راڄ ٿيندا، راڻا تو مان لک ٿيندا....“ پوءِ ان ڏينهن دادي هي به ته ٻڌائڻ لڳي هئم: ”ان وقت ڀارت ۾ رهندي اڃان ڪي ٿورا ئي ڏينهن ٿيا هوندا، جو ناچاڪ ٿي پيس، تڏهن لڳم...بس چل چلاءَ قريب آهي، سو وٺي گهوڙا گهوڙا ڪئم. چيم...ڀائي! مون کي جلد از جلد پنهنجي جنم ڀومي، ماتر ڀومي سنڌ پهچايو.. ڇا جي لاءِ، جو هتي منهنجو ديهانت ٿي ويو، ته هي ته منهنجي رک کي گنگا ۾ لوڙهي ڇڏيندا. سو چاهيان ٿي ته پويان پساهه به پنهنجي سنڌ ۾ ئي وڃي کڻان، جيئن منهنجون هاٺيون سنڌوءَ جي امر جل ۾ سماپت ڪيون وڃن.“ اهڙي پراڻي ساروڻي ٻڌائيندي ٻڌائيندي داديءَ تي اوچتو هڪ زبردست ڪيفيت طاري ٿي وئي ۽ جيئن نه ڪا ماءُ لاڏلي پُٽ جي ڪاڄ ۾ ٻانهون مٿي کڻِ جهمريون هڻندي آهي، دادي ليلا به جهومي جهومي اسان کي ٻڌائڻ لڳي، ”اري بابا، هاڻي موت جو فرشتو مون کي وٺڻ ايندو، ته آئون ائين ئي نچندي ڪڏندي ان سان گڏ هلي وينديس! سدائين سدائين جي لاءِ....“ دادي ليلان سؤ ورهين جي ڄمار ۾ داخل حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) ننڍي کنڊ جي نامياري تعليمي ماهر دادي ليلان ۱۰۰ ورهين جي ڄمار ۾ داخل. سالگرهه جي تقريب. اديبن پاران دادي ليلان کي گلدستا پيش. سنڌ حڪومت کان حيدرآباد ۾ دادي ليلان جي نالي سان ميوزيڪل اسڪول قائم ڪري، سندس نالي سان منسوب ڪرڻ جو مطالبو. تفصيل موجب ننڍي کنڊ جي نامياري تعليمي ماهر دادي ليلان ۱۰۰ هين سال جي ڄمار ۾ داخل ٿي وئي آهي. ڪالهه حيدرآباد جي علائقي هيرآباد ۾ سندس رهائشگاهه تي سندس سالگرهه ملهائي وئي. سالگرهه جي موقعي تي سنڌ جي اديبن؛ نصير مرزا، گل ڪونڌر، قاضي خادم، موهن مدهوش ۽ ٻين رهائشگاهه تي پهچي دادي ليلان کي گلدستا پيش ڪري کيس سالگرهه جون مبارڪون ڏنيون. ان موقعي تي اديبن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته دادي ليلان کي سندس زندگيءَ ۾ ئي مڃتا ڏيڻ لاءِ، ان جي نالي سان حيدرآباد ۾ ميوزيڪل اسڪول جو قيام عمل ۾ آندو وڃي ۽ ان کي دادي ليلان جي نالي سان منسوب ڪيو وڃي. سالگرهه جي تقريب ۾ دادي ليلان جي پٽ ڊاڪٽر پرديپ ڪمار پڻ موجود هو. (روزاني عبرت ۲۱ ڊسمبر ۲۰۱۶ع تان کنيل) دادي ليلان سندس خدمتون غلام حسين خاصخيلي سنڌ جي تاريخي شهر حيدرآباد جي ٿڌين هوائن واري علائقي هيرآباد ۾ جنم وٺندڙ دادي ليلان تعليم جي دنيا ۾ تمام وڏي خدمت ڪئي آهي. نياڻين جي اسڪولن کولرائڻ ۽ تعليمي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ جيڪا جدوجهد ڪئي. ان جدوجهد تي حيدرآباد سميت پوري دنيا جا ماڻهو کيس سلام پيش ڪري رهيا آهن. اهڙين شخصيتن کي هر ماڻهو سلام ڪندو آهي. دادي ليلان نياڻين جي تعليم لاءِ تمام وڏو ڪم ڪيو آهي پاڻ به اسڪول ۾ نياڻين کي تعليم ڏيندي هئي. اسڪولن ۾ نياڻين جي تعليم سان گڏوگڏ هنر جي سکيا ڏيڻ لاءِ اسڪولن ۾ باقاعدي سان ڪلاس هلايا ويندا هئا. موجوده وقت ۾ به دادي ليلان وانگر تعليم لاءِ جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي. دادي ليلان تعليمي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ سيمينار به ڪرايا، انهن سيمينارن ۾ تعليم جي اهميت بابت والدين کي سمجهايو ويندو هو. تعليم بنا انسان اڻپورو آهي، نياڻين لاءِ تعليم تمام ضروري آهي نياڻين کي پنهنجو گهر وسائڻو هوندو آهي. پڙهيل لکيل ماءُ پنهنجي اولاد جي لاءِ تعليمي شعور کي اڳتي وڌائي ٿي، دادي ليلان جو چوڻ آهي ته علم حاصل ڪرڻ سان انسان وٽ تمام وڏي طاقت تمام وڏو هٿيار آهي. جنهن وٽ علم جو هٿيار موجود آهي. اهو گهر وڌيڪ مضبوط طاقتور آهي. نياڻين کي تعليم ڏياريو. نياڻين کي پڙهائڻ سان معاشري ۾ علم جا ڏيئا وڌيڪ روشن ٿين ٿا، علم جي ڏئي ٻرڻ سان دنيا جي گهرن ۾ وڌيڪ روشني پيدا ٿئي ٿي. اهڙي روشني ۾ طاقت هوندي آهي. علم جي روشني جيتري طاقت ور هوندي، معاشرو اوترو وڌيڪ طاقت ور هوندو آهي. داديي ليلان جي اهڙي جدوجهد کي سلام ڪندي اسان کيس ڀيٽا ڏئي رهيا آهيون. اهڙين شخصيتن جو نالو هميشه روشن هوندو آهي. دادي ليلان هينئر به علم ادب جي لاءِ جدوجهد واسطي هر ماڻهوءَ کي سبق ڏيندي رهندي آهي، دادي ليلان هر ماڻهوءَ کي پنهنجي پهرين جملي ۾ اهو پڇندي آهي ته ڇا توهان پنهنجي نياڻين کي پڙهايو ٿا. هر ماڻهوءَ کي اهو چوي ٿي، بابا پنهنجي نياڻين کي پڙهايو. نياڻين کي پڙهائڻ سندن والدين جي اولين ذميواري آهي. جنهن گهر ۾ نياڻي اڻ پڙهيل آهي. اهو گهر پريشانيءَ واري حالت ۾ هوندو آهي. اهڙي پريشانيءَ کان بچڻ لاءِ نياڻين کي علم ڏياريو. دادي ليلان پنهنجي وقت ۾ اسڪولن ۾ نياڻين کي تعليم ڏيارڻ سان گڏوگڏ هنر جي سيکا به ڏياريندي هئي. نياڻين کي ڀرت ڀرڻ، گهر جو ماحول بهتر رکڻ جهڙن مسئلن تي نياڻين کي سکيا ڏيارڻ لاءِ پريڊ هلايا ويندا هئا. هنر ۽ علم جي لاٽ ٻرندي رهندي هئي. دادي ليلان تعليم جي اهڙي بهتر ماحول سبب سندس جدوجهد کي هند توڙي سنڌ ۾ وڏي مڃتا ڏني پئي وڃي. اهڙين شخصيتن وانگر هر ماڻهو جدوجهد ڪري ته هر گهر تائين تعليم پهچي سگهي ٿي. اهڙي تعليمي جاڳرتا پيدا ڪرڻ واسطي دادي ليلان جي ٻاريل ڏيئن کي وڌيڪ روشن رکڻ لاءِ اسان سڀني کي دادي ليلان جي ساٿ ۾ ساٿ ڏئي سڏ ۾ سڏ ملائي هرهنڌ علم جا ڏيئا روشن ڪرڻ لاءِ جدوجهد جي راهه کي تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. دادي ليلان جي اهڙي جدوجهد ڪاميابي جي منزل ڏانهن قدم آهي. اسان سڀ قدم کي قدم سان ملائي هلڻ جي ضرورت آهي. دادي ليلان ته اڄ به اهو چوي ٿي ته سنڌ بزرگن اوليائن جي ڌرتي آهي. جنهن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست کان وٺي ڪيترائي اهڙا هيرا پيدا ٿيا آهن. جن جدوجهد ڪندي علم جي ڏيئن کي روشن ڪيو آهي. سنڌ ڌرتي علم جي حوالي سان پوري ۾ دنيا ۾ سڃاتي وڃي ٿي. اهڙي سهڻي ثقافت رکڻ واري ڌرتي تي هاڻ اسڪولن جي بند پيل هئڻ جون ڳالهيون ٻڌي اکين ۾ لڙڪ اچي وڃن ٿا. اسان سڀني کي گڏجي علم جي ڏيئن کي روشن ڪرڻو پوندو اهڙي علم جي جاکوڙ لاءِ جدوجهد ڪرڻ واسطي پنهنجي گهر، محلي، علائقي، شهر، يوسي، تعلقي، ضلعي، صوبي ۽ ملڪ ۾ علم جي ڏيئي کي روشن رکڻ واسطي سچائي سان قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. دادي ليلان جي اهڙي تعليمي جدوجهد کي روزاني عبرت طرفان شخصيتن کي ڀيٽا ڏيڻ واسطي ملهايل هفتي جي حوالي سان ڀيٽا پيش ڪري رهيا آهيون. دادي ليلان مهان شخصيت آهي. کيس سلام پيش ڪريو ٿا ۽ دعا آهي ته سندس جدوجهد تعليم لاءِ اڃان سگهاري بڻجي وڃي. دادي ليلان ڏيهه جي ڏاهي ڏاڏي به ديهانت ڪري وئي گل مورو دادي ليلان سنڌوءَ جي اها سگهڙ سياڻي نوري نماڻي هئي جنهن ٻهراڙيءَ جي عورتن جي تعيلمي آبياري ڪرڻ لاءِ پنهنجي سفر دوران سوين ڳوٺن ۾ پنڌ، ڏاند گاڏين، گڏهه گاڏن، بسن ۽ ڇڪڙن ۾ چڙهي ديس جي دردوندن جي درن تي وڃي حقيقي سماج واد بڻجي عورتن کي حقن جي آگاهي ڏني کين شعور ڏنو ۽ فرسوده سماج جي انڌيري مان ڪڍڻ لاءِ وهمن، وسوسن ۽ ڀرمن مان ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي. هن تعليم جي شعور سان گڏ هنرن جي به تربيت ڏني ته جيئن ٻهراڙيءَ جون عورتون معاشي طور تي پاڻ ڀريون ٿي سگهن پنهنجي بکئي پيٽ کي ڀري سگهن ۽ ڪنهن جي آڏو هٿ نه ٽنگين ۽ کين شعوري تعليم ڏيڻ جو به اهو ئي مقصد هو ته نه رڳي پاڻ جهالت واري زندگيءَ کان جان آجي ڪن پر پنهنجي ايندڙ نسل معصوم نينگرن توڙي نينگرين کي علم جي ذريعي پنهنجي وطن پنهنجي ڌرتي جي فڪري سوچ ڏئي سگهن ته جيئن سماج مان جاهلياڻين رسمن جو خاتمو اچي سگهي. انهيءَ علمي سوچ جي آبياري لاءِ دادي ليلان ديس جي دردوندن، بکايلن، ستايلن ۽ انگ اگهاڙن معصوم ٻارڙن جي جهڳين ۾ وڃي ڏاڏي بڻجي ڏاهي ڏاڏي وارو فرض نڀائيندي علمي آکاڻيون ٻڌايون، روح جون رهاڻيون رچايون ۽ پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري سنڌ جي وستين، واهڻن ۾ جڏهن پهچندي هئي ته سنڌ جون سٻاجهون نياڻيون دادي کي رحمت جو فرشتو سمجهنديون هيون. هن عورتن جي اهميت تعليم ۽ هنر بابت ڪيتريون ئي راڳڻيون ۽ لوريون تيار ڪرايون جنهن ۾ مارئي جي حب الوطني، سسئي جي جدوجهد ۽ نوري جي محبت جون علامتون اڄ به موجود آهن. هيءَ ڏيهه جي ڏاهي ڏاڏي دادي ليلان ئي هئي جنهن تعليم کاتي ۾ ۵۸ سالن تائين پنهنجي فرض شناسي سان نڀايو انهيءَ عرصي دوران به تعليمي جاڳرتا لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيائين ۽ مينڌري جي مومل بڻجي رڃ ۽ اڃ ۾ به راڻو راڻو ڪندي رهي. هن ڪڏهن به مذهبي متڀيد کي اهميت نه ڏني، هن جو هڪڙو ئي منشور ۽ دستور هو ته سنڌ جي اٻوجهه نياڻي علمي اڀياس حاصل ڪري، تڏهن ئي سماج ۾ تبديلي اچي سگهي ٿي. حقيقت ۾ ته هن اصلي سنڌ جو درشن ڏيهه جي ڏوٿيئڙن وٽ وڃي ڪيو کين چاهه ۽ چاهت جون چميون ڏئي اهو درس ڏنو ته “علم پرايو، نياڻيون پڙهايو”. دادي ليلان جهالت جي خاتمي لاءِ يونيسيف جي تعاون سان سنڌ جي سوين ٻهراڙي وارن ڳوٺن ۾ ڪميونٽي سينٽر قائم ڪرايا جتي اڄ به نياڻين جا پرائمري، سيڪنڊري ۽ هاءِ اسڪول هلي رهيا آهن، جڏهن دادي ٽن ضلعن حيدرآباد، ٺٽي ۽ بدين جي ڊي اي او هوندي ايڊيشنل ڊائريڪٽر هئي ته ان عرصي دوران به هن مٿان ڪڏهن به ڪو ڪرپشن جو الزام ئي نه لڳو، ڪيترين بيواهن مسڪين عورتن کي تعليم ڏياري روزگار ڏياريو جيڪي آفيس توڙي سندس گهر اچي دعائون ڏينديون هيون. هيءَ اها دادي هئي جنهن ديس جي محبت ۾ ورهاڱي دوران اڪثر سنڌي هندن کي ڪڍيو پئي ويو ته هن وطن مان بي وطن ٿيڻ قبول نه ڪيو ۽ سنڌ ۾ ئي رهي ڌرتي جي نياڻين جي نيڻن مان نه رڳي نير اگهيو پر تعليمي شعور لاءِ عملي قدم کڻي سنڌ جي سونهن ۽ سڀيتا کي دان ۽ مان ڏيڻ لاءِ سندرو ٻڌي نڪري پئي ۽ جهانسي راڻي جيان عملي جهاد ۾ جنبي وئي. هيءَ راڳ کي روح جي غذا ۽ عبادت سمجهندي هئي ڇو ته هن پنجن سالن جي معصوم عمر ۾ ڀڄن ڳائڻ شروع ڪيا هئا. هي اها دادي راڳ جي راڻي هئي جنهن گڏيل هندوستان واري وقت ۾ دهليءَ ۾ ۱۴ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي ڳائڻ واري مقابلي ۾ حصو ورتو هو انهيءَ راڳ واري مقابلي ۾ سندس عمر ۲۰ ورهين جي هئي، دادي ليلان ان وقت هي ميران ٻائي جو مشهور ڀڄن ڳايو هو. ميرا تو گر ڌر گوپال دوسرا نه ڪوئي ري دادي اهو ڪلاسيڪل انداز ۾ ڳائي سڀني کي ميدان ماري پهريون نمبر حاصل ڪيو هو. دادي جي جيون تي حقيقت ۾ شاهه لطيف سنڌ توڙي هند جي سنت صوفين جي فڪر جو گهرو اثر هو. حالانڪه هن پنجن ورهين جي عمر ۾ ڳائڻ حاصل ڪيو ستن ورهين جي عمر ۾ پراٿنا جا گيت ڳائيندي رهي پر جڏهن سندس سنڌ جي عظيم صوفي شاعر شاهه لطيف جي شيدائي ساڌو ٽي ايل واسواڻي سان سٻنڌ ٿيو ته ان ڏينهن کان سندس مٿان شفقت ڀريو هٿ اهڙو ته ڪرشمو بڻجي پيو جو هن جو نصيب نيارو ٿي ويو. هن سنڌي نياڻين کي تعليمي خدمتن دوران شاهه، سچل، سامي، ٽي ايل واسواڻي، نوري، مرزا قليچ بيگ ۽ ٻين ڪيترن ئي اهم شاعرن جا ڪلام ياد ڪرائڻ سان گڏ کين سنڌي تعليم ۽ هنرن بابت پنهنجا ۽ پروفيسر ناگراڻي جا تيار ڪيل گيت پڻ سيکاريا ۽ نياڻين کي وطن دوستي، علم ۽ هنر جي اهميت وارا گيت ۽ نظم سيکاريا ۽ جڏهن ۱۹۴۰ ۾ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جيڪو ديوان ڪوڙي مل چندن مل جي برصغير ۾ وڏي ۾ وڏي نياڻين جي يونيورسٽي ليکي ويندي هئي ته دادي کان نوڪري لاءِ موسيقي جي استاد ٿيڻ لاءِ سائين جي ايم سيد، ميران محمد شاهه، ڊاڪٽر دائود پوٽي ۽ ٻين عالمن ستن ڏينهن تائين انٽرويو ورتو هو ۽ ان ۾ هوءَ ڪامياب بڻي. نه رڳي اهو پر جڏهن هن ئي ٽريننگ ڪاليج ۾ ان وقت جي ممبئي جي گورنر مودي جي گهرواري سنڌ ياترا ڪرڻ آئي هئي ته خطاب ڪندي چيو هيائين ته دادي نه رڳي سنڌ جي پر پوري برصغير جي دادي آهي ۽ جيڪڏهن هي هند هلي اهو ئي علمي درس ڏئي ته اسين کيس سڄي هند ۾ سندس علمي درسگاهون کولي ڏيڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏينداسين پر ڏٺو وڃي ته هتي تعليم جي فقدان هوندي به علمي اڀياس لاءِ جيڪي هن کان حاصل ڪرڻو هو اهو نه رياست حاصل ڪري سگهي نه وري اسين ۽ نه وري ان جي واٽ وٺي سگهياسين. هونئن به ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ ۾ ڏات هوندي آهي پر دادي جي خاندان ۾ نه رڳي راڳ جي ڏات ۽ ڏانءُ هو پر علمي ۽ فڪري سوچ جي پختگي به هئي جو سندس امڙ لال هندوري ۾ به لوريون ڏيندي هئي ۽ سندس پيءَ اسٽيج ڊرامن ۾ ڀڳتن جا ڀڄن پيش ڪري ديس جي دردوندن جون ڪهاڻيون سڻائيندو هو ۽ دادي انهيءَ روايت کي برقرار رکندي روح رهاڻيون رچايون تڏهن سنڌ جون نوريون نماڻيون جهومي پونديون هيون. اڄ ڏاڏيءَ جي ديهانت تي نه رڳي هيرآباد جون ٿڌڙيون هوائون گهٽجي گهٽجي ساهه کڻي ٿڌا شوڪارا ڀريندي ڄامشوري جي چنچل هوائن جي ڳلڙن تان ڳوڙها اُگهي رهيون آهن پر هند توڙي سنڌ ۾ اگني سنسار جي سڳنڌ جو واس وٺي هر ڏيهه ڌڻي اهو چئي ۽ روئي رهيو آهي ته ديس جي دادي به ديهانت ڪري وئي. دادي ليلاوتي هرچنداڻي سندس وڇوڙو تاج جويو سنڌ جي نامياري تعليمدان ۽ سماجي خدمتگار دادي ليلاوتي هرچنداڻي، هوتچند واڌواڻيءَ جي گهر ۾، هيرآباد، حيدرآباد ۾، ۲۰ ڊسمبر ۱۹۱۶ع تي جنم ورتو. داديءَ جو والد حيدرآباد جو هڪ معزز شخص هو، جيڪو اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ جو ائڊوائيزر به رهي چڪو هو. داديءَ وارا پاڻ ۾ ٻه ڀينرون ۽ ڇهه ڀائر هئا، جن مان هڪ ڀيڻ ۽ چار ڀائر داديءَ کان وڏا هئا. داديءَ جو سڀ کان وڏو ڀاءُ ڊاڪٽر ’بولچند هوتچند واڌواڻي‘ بصري (بغداد) ۾ پرئڪٽس ڪندو هو، جتي هُو ۲۰ سال رهيو ۽ ۱۹۵۰ع ۾ وفات ڪيائين. داديءَ جو ٻيو ڀاءُ تيرٿداس هوتچند واڌواڻي، ۴ جون ۱۹۰۶ع ۾ ڄائو، بي.اي، ايل.ايل.بي تائين تعليم حاصل ڪيائين. پهرين مختيارڪار ۽ بعد ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيو. رٽائرمينٽ کان پوءِ وڪالت ڪيائين ۽ سندس شمار ڪرمنل ڪيسن جي حوالي سان، سنڌ جي ناميارن وڪيلن ۾ ٿيندو هو. تيرٿداس صوفي منش هو، شاهه لطيف جي فڪر ۽ شاعريءَ سان خاص اُنس هئس. هن شاهه لطيف جي زندگيءَ پيغام ۽ شاعريءَ تي انگريزيءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا. داديءَ جو ٽيون ڀاءُ سهجرام واڌواڻي پڻ وڪيل هو، گڏوگڏ هُو حيدرآباد شهر جو مشهور ’ميوزڪ ڊائريڪٽر‘ هو. شهر جي اڪثر دَرسگاهن ۽ مکيه فنڪشنن ۾ موسيقيءَ جا اسم سندس نگرانيءَ ۽ هدايتن هيٺ ترتيب ڏنا ويندا هئا. سندس چوٿون ڀاءُ لالچند واڌواڻي، پهريون سنڌي هو، جيڪو ۱۹۳۵ع ۾، آمريڪا ۾ انجنيئرنگ پڙهڻ ويو ۽ ٻن سالن کان پوءِ، والده جي وفات جي صدمي هيٺ، انجنيئرنگ جي چوٿين سال جي تعليم حاصل ڪرڻ دوران ۱۹۳۷ع ۾ اُتي ئي گذاري ويو. داديءَ جي ٻن ننڍن ڀائرن مان هڪڙو ڀيرومل واڌواڻي واپاري هو ۽ ٻيو دولترام واڌواڻي، ڪالٽيڪسCaltex ڪمپنيءَ ۾ انجنيئر هو. سندس والد ۱۹۵۳ع ۾ وفات ڪئي. دادي ليلاوتيءَ جو خاندان سُکيو ستابو ۽ مڇيءَ مانيءَ وارو هو. اُن زماني ۾ کين پنهنجي موٽرڪار ۽ هيرآباد ۾ ٽي جايون هيون، جيڪي داديءَ کي ماءُ، ۱۹۳۷ع ۾ حوالي ڪيون. سندس والده عامل خاندان مان هئي، هن مختصر تعليم حاصل ڪئي هئي ۽ اخبار پڙهي ويندي هئي. دادي ليلا جي خاندان کي راڳ ڳائڻ جي خداداد ڏات حاصل هئي. سندس اَمڙ مٺي آواز ۾ شبد ۽ لوليون ڳائيندي هئي. سندس والد جو آواز به ڏاڍو مٺو هوندو هو ۽ ننڍي هوندي ڊرامن ۾ حصو وٺندو هو ۽ اُتـي ڳائيندو به هو. دادي ليلا، گُلي ٻائي پرائمري اسڪول، تلڪ چاڙهي حيدرآباد ۾ ڇهه درجا پڙهيا ۽ ساڳئي ئي اسڪول مان ورنيڪيولر فائينل ڏنائين. ۱۹۳۵ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد (جيڪو هاڻي نور محمد هاءِ اسڪول سڏجي ٿو) مان مئٽرڪ ڪيائين. هن ۱۹۴۰ع ۾ ڊي. جي. گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد مان بي. اي پاس ڪئي. دادي لـيلاوتي، ۱۹۴۰ع ۾ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ مـوسيقيءَ جي استاد مقرر ٿي. هن پوسٽ لاءِ داديءَ کان جي. ايم. سيد، ميران محمد شاهه، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي ۽ ٻين ستن عالمن لاڳيتو ست ڏينهن ڌار ڌار انٽرويو ورتو. دادي ليلا، ۳۵ روپيا ماهوار پگهار تي ’ميوزڪ ٽيچر‘ مقرر ٿي. هوءَ نياڻين کي دلي لڳاءَ، پيارَ، پاٻوهه ۽ پنهنجائپ سان راڳ سيکاريندي هئي. داديءَ کي راڳ جي سکيا لاءِ هڪ پاسيرو ڪلاس ڏنو ويو هو، باوجود اُن جي ڪيتريون ڇوڪريون پاڻيءَ پيئڻ يا ٻئي ڪنهن بهاني سان نٽائي، اچي سندس ’راڳ جي ڪلاس‘ ۾ شريڪ ٿينديون هيون. هن نياڻين کي وطن دوستيءَ، تعليم ۽ هُنر جي اهميت وارا ڪيترا گيت ۽ نظم سيکاريا. اُن زماني ۾ حيدرآباد کي تعليمي لحاظ کان ڪراچيءَ کان به وڌيڪ اهميت حاصل هئي. ممبئيءَ جي گورنر مسٽر موڊيءَ جي بيگم، جڏهن ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جي هڪ فنڪشن ۾ شرڪت ڪئي ۽ داديءَ ۽ سندس تيار ڪيل شاگردياڻين کان راڳ ٻڌائين ته ايڏو ته خوش ٿي، جو ڪاليج جي ’وزيٽرس بُڪ‘ تي داديءَ جي ساراهه ۾ هڪ ڀرپور نوٽ لکيائين. دادي ليلا ’ميوزڪ ٽيچر‘ طور وڏي عزت ۽ مانُ ماڻيو. داديءَ جو ڀاءُ سهجرام ميوزڪ ڊائريڪٽر، ڪاليج جي پروگرامن ۾ سندس وڏي مدد ڪندو هو. ڪاليج ۾ ڊراما ٿيندا هئا، ان لاءِ به دادي راڳَ تيار ڪرائيندي هئي ۽ سڄي شهر جا ناميارا شهري هنن پروگرامن ۾ شريڪ ٿيندا هئا. دادي ۱۹۴۷ع تائين حيدرآباد ۾ ميوزڪ ٽيچر طور خدمتون سرانجام ڏنيون. ميوزڪ ٽيچر واري ملازمت دوران يا ان کان پوءِ تعليم کاتي ۾ ملازمت ڪندي هن سنڌي نياڻين کي شاهه، سچل سرمست، سامي، ٽي. ايل واسواڻي ’نوري‘، قليچ بيگ ۽ ٻين ڪيترن اهم شاعرن جا ڪلام ياد ڪرائڻ سان گڏ، کين سنڌي تعليم ۽ هنرن بابت پنهنجا ۽ پروفيسر ناگراڻيءَ جا تيار ڪيل گيت پڻ سيکاريا. دادي ليلاوتيءَ کي موسيقيءَ ۽ راڳ سان دلچسپي گهرَ کان ئي ورثي ۾ ملي. داديءَ چئن ورهين جي عمر ۾ ڳائڻ شروع ڪيو. ستن ورهين جي عمر ۾ پرائمري پهرئين درجي ۾ هارمونيم تي ڌڻيءَ جي ساراهه ۽ پرارٿنا جا گيت ڳائيندي هئي. اٺن ورهين جي ڄمار ۾ سندس واسطو سنڌ جي عظيم سنت، صوفي ۽ شاهه لطيف جي شيدائي ساڌو ٽي. ايل واسواڻيءَ سان پيو، جنهن کي سچو گُرو ۽ سنت ڪري مڃيندي هئي. ساڌو واسواڻيءَ سندس سِرَ تي شفقت جو هٿُ رکيو. کيس هندستان جي ’عظيم موسيقار‘ King of Musicians ’وشنو ڊگمبر‘ جي به آسيس حاصل رهي. دادي ليلا هر آچر تي ٿياسافيڪل لاج (بيسنت هال، حيدرآباد) ۾ راڳ جي سکيا وٺڻ ويندي هئي. هن ڪلاسيڪل راڳ جي ڄاڻ به حاصل ڪئي. جڏهن هوءَ انٽر جي شاگردياڻي هئي، تڏهن ۱۹۳۶ع ۾ ڊي جي گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد، سنڌ ۾ هڪ ’آل انڊيا ميوزڪ ڪامپيٽيشن‘ ٿي، جنهن ۾ سڄي هندستان جي ۲۰ ورهيه ڄمار وارن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين شرڪت ڪئي. هن مقابلي ۾ سنڌ ۽ هندستان جي مختلف شهرن- بڙودا، بيڪانير، نينيتال، ڪلڪتي، دهليءَ وغيره مان ۱۴ ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن حصو ورتو. داديءَ اُن موقعي تي ميران ٻائيءَ جو مشهور ڀڄن ’ميرا تو گرڌر گوپال، دوسرا نه ڪوئي وي‘، ڪلاسيڪي انداز ۽ رنگ ۾ ڳائي پهريون نمبر حاصل ڪيو. برصغير جي ورهاڱي کان پوءِ جڏهن گرلس اسڪولن ۾ پڙهائيندڙ اڪثر هندو سنڌي ماسترياڻيون، حالتن جو شڪار ٿي هندستان لڏي ويون، ته داديءَ کي ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ اسسٽنٽ ٽيچر ڪري رکڻ سان گڏ ’ليڊي سپرنٽيڊنٽ‘ جي جاءِ ڏني وئي. هن وطن مان بي وطن ٿيڻ نه قبوليو ۽ سنڌ ۾ رهي، نياڻين جي تعليمي خدمت ڪئي. اُستاد بنجڻ کان پوءِ سندس ’ڪئريئر‘ Career ۾ وڏي تبديلي آئي ۽ هن راڳ ڳائڻ ڇڏي ڏنو، ڇو ته سندس نظر ۾ راڳ کي روح جي غذا ۽ عبادت سمجهڻ وارا ئي نه رهيا هئا ۽ عام ماڻهن ڳائڻ کي عزت واري نگاهه سان نه ٿي ڏٺو. داديءَ ۱۹۵۱ع ۾ ڪراچيءَ مان بي ٽيءَB.T جو امتحان ڏنو ۽ ۱۹۵۴ع ۾ سندس هيڊ مسٽريس طور ترقي ٿي. هوءَ ساڍا ٽي سال گرلس هاءِ اسڪول ميرپورخاص ۾ هيڊ ماسترياڻي رهي ۽ هن گرلس هاءِ اسڪول ميرپورخاص کي وڏي اوج تي رسايو. ميرپور خاص ۾ هر اُهو خاندانُ داديءَ کي عزت جي نگاهه سان ڏسندو هو، جنهن خاندان جون نياڻيون سندس اسڪول ۾ تعليم پرائينديون هيون. هن تعليمَ سان گڏ نياڻين ۾ موسيقيءَ، ڊرامن، تقريري مقابلن ۽ ٻين سرگرمين ۾ حصي وٺڻ جو وڏو چاهه پيدا ڪيو. جڏهن ۱۹۵۷ع ۾ داديءَ کي ميران هاءِ اسڪول حيدرآباد جو پرنسپال بنايو ويو. دادي ليلاوتيءَ ايم. اي سنڌي، سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪري ٻيو نمبر حاصل ڪيو. ۱۹۵۸ع ۾ داديءَ جي امريڪا جي اسڪالرشپ منظور ٿي، کيس ٻاهر وڃي تعليم حاصل ڪرڻ جو شوق وڏو هو، ڪافي خرچ به ڪيائين، پر کيس آمريڪا جي ويزا نه ملي ۽ سندس اسڪالرشپ رد ٿي وئي، جنهن جو ڏک کيس آخري وقت تائين رهيو. ۱۹۵۸ع جي آخر ۾ داديءَ جي ڊپٽي انسپيڪٽريس آف گرلس اسڪولس طور ترقي ٿي ۽ سندس هٿ هيٺ پنج ضلعا: حيدرآباد، ٿرپارڪر، دادو، سانگهڙ ۽ ٺٽو ڏنا ويا. داديءَ کي ۱۹۶۴ع ۾ ڪلاس ون ۾ ترقي ڏئي انسپيڪٽريس گرلس اسڪولس سنڌ بنايو ويو، جتي ۱۹۷۲ع تائين ان عهدي تي رهي. هن عورتن جي تعليم ۾ وڏا سڌارا آندا. ۱۹۷۲ع ۾ جڏهن ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسرسD.E.Os جون پوسٽون مقرر ٿيون ته ٻين سمورن ضلعن لاءِ هڪ هڪ D.E.O مقرر ڪيو ويو، پر داديءَ کي D.E.O مقرر ڪري، کيس ٽي ضلعا (حيدرآباد، ٺٽو ۽ بدين) ڏنا ويا، ان مان سندس انتظامي ۽ تعليمي صلاحيتن ۽ قابليت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ان عرصي دوران ائڊيشنل ڊائريڪٽر اسڪولس جي چارج به وٽس رهي. هن هر پوسٽ کي چئلينج سمجهي نڀايو. ايمانداري، محنت ۽ دلي لڳاءَ سان ڪم ڪيو. داديءَ جي ايامڪاريءَ ۾ ڊائريڪٽوريٽ ۾ ٽَڪو به رشوت نه ورتي وئي. هن آفيس جي ڪلارڪن تي ڪرڙي نظر رکي، منجهن بچت جو مادو پيدا ڪيو، ايتريقدر جو ڪلارڪن جي زالن کي جڏهن مُڙسن جا پگهار پورا مليا ته داديءَ وٽ اچي کيس دعائون ڏنائون. داديءَ ماسترياڻين کي سهوليتن وارا اسڪول ۽ رعايتون ڏنيون. سرڪاري گرانٽ جو صحيح استعمال ڪيو ۽ الاٽمينٽ دوران بچت ڪري ڪيتريون رٿائون مڪمل ڪرايون. داديءَ تعليم کاتي مان جولاءِ ۱۹۷۵ع ۾، ۵۸ سالن جي عمر ۾ رٽائر ڪيو. دادي ليلا پنهنجي زندگيءَ ۾ ۱۹۸۱ع کان ۱۹۹۱ع واري دور کي پنهنجي زندگيءَ جو انتهائي ڪارگر ۽ مثالي دور سڏيندي هئي. رٽائرمينٽ کان پوءِ واري هن عرصي ۾ دادي ليلاوتيءَ، يونيسيف ۽ بيورو آف ڪريڪيولم، ڄام شوري جي سهڪار سان سنڌ جي ٻهراڙين ۾ سوين ’ڪميونٽي سينٽر‘ قائم ڪرايا، جن ۾ اڄ ڇوڪرين جا پرائمري، سيڪنڊري ۽ هاءِ اسڪول هلي رهيا آهن. داديءَ، ٻهراڙي جي هن سفر دوران سوين ڳوٺن ۾ عورتن ۾ تعليم ۽ هنر لا ءِ وڏو چاهه پيدا ڪيو. هن سچي ۽ اصلي سنڌ اُن دور ۾ ئي ڏٺي. هوءَ پنڌ، ڍڳي گاڏين، گڏهه گاڏن، اٺ گاڏن، بسن ۽ ڇڪڙن ۾ چڙهي سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ پهتي. هن هڪ سڌارڪReformer جو ڪردار ڪري عورتن کي سماجي حقن جي آگاهي ڏني، کين وهمن، ڀرمن، وسوسن ۽ سَنسن مان ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي. منجهن تعليم جي شعور سان گڏ هُنرن لاءِ دلچسپي ۽ گهرداريءَ جي ساڃاهه پيدا ڪئي. هوءَ پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري ڳوٺن ۾ پهچـنـدي هـئي. عـورتـون، داديءَ کـي رحـمـت جـو فـرشـتو سمجهـنديون هـيـون. هن انهي عرصي ۾ عورتن جي اهميت، تعليم ۽ هنرن بابت ڪيترا راڳ تيار ڪرايا، جيڪي کين ڳائي ٻڌائيندي هئي ۽ سندن همت وڌائيندي هئي. ’اي سنڌوءَ جي سگهڙ سياڻي‘ ۽ ’ڏي سنڌي عورت ساک سچي!‘ جهڙا گيتَ داديءَ ته ان ئي عرصي ۾ لکيا ۽ ڳاتا. سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو: اي سنڌوءَ جي سگهڙ نياڻي، تنهنجي هوندي ڇو سنڌڙي ويڳاڻي، تون ته ناز و ادا کان نياري، تون ته بيشڪ آهين نوري نماڻي. پهرين اپريل ۱۹۸۱ع تي سنڌ ۾ پهرين ’عورت ڪانفرنس‘ ڪراچيءَ ۾ ڪوٺائي وئي هئي، جنهن ۾ داديءَ پنهنجي ٽيم سان ان جو مُکيه گيتTheme Song تيار ڪري ڳايو، جنهن جا ٻول هئا: ’ڏي سنڌي عورت ساک سچي!‘ دادي ليلاوتي اپوا، ريڊ ڪراس، روٽري ڪلب، لئميڪ ۽ ٻين ادارن معرفت ڪيترائي سماجي ڀلائيءَ جا ڪم ڪيا. داديءَ کي هڪ پٽ ڊاڪٽر پرديپ ڪمار آهي، جنهن جو ڪوڏاڻو نالو ’چاند‘ آهي. سندس نُنهن ’ڊاڪٽر ڪُسم پرديپ‘ به ڊاڪٽر آهي ۽ کين ٻه ٻار آهن. تازو ڪجهه سال اڳ اسپتال ڀيڙي ٿي، جڏهن روڊ حادثي ۾ کيس ڌڪ لڳا هئا، نه ته جسماني بيماري، مٿي جي سور ۽ بخار ۾ به ڪڏهن مبتلا نه رهي، اُن جو سبب دادي جو صحت جي نيمن جو پالن ڪرڻ، سادو کاڌو کائڻ ۽ سادگيءَ سان زندگي گذارڻ جو طور طريقو هو. دادي ليلاوتيءَ کي صدارتي اوارڊ ۽ ٻيا ڪيترا اوارڊ مليا. دادي ليلاونتي ۱۳ سيپٽمبر جي رات جو لاڏاڻو ڪري ويئي. سندس اعليٰ خدمتن تي کيس صدين تائين سنڌ ياد رکندي. هڪڙي هئي هيرآباد جي دادي ليلان امداد سومرو ڏهاڪو کن سال اڳ هن وٽ ڪهي وڃڻ کانپوءِ سوچيم پئي ته هن وٽ ڪڏهن هيرآباد مان گذرندي طبع پرسيءَ لاءِ وڃان تان جو موت جو گهوڙو بنا رڪاب جي آيو ۽ هن کي کڻي ويو. هڪ صديءَ جي عمر رکندڙ دادي ليلان جو موت شخصيت کان وڌيڪ سنڌ جي هڪ صديءَ جو موت آهي. دادي ليلان جيڪڏهن واقعي به سنجيدگيءَ سان يادگيرين تي ٻڌل ڪتاب لکي ها ته اهو سنڌ جي هڪ صديءَ جي تاريخ هجي ها جنهن ۾ ٻين ڪتابن جا حوالا نه پر پنهنجا اکين ڏٺا مشاهدا هجن ها. ننڍڙي سان فرانسيسڪو جهڙو شهر ڪيئن لٽيرن جي ور چڙهيو، اهو دادي ليلان کان وڌيڪ ڪير پئي ڄاڻي سگهيو. حيدرآباد جي هيرآباد واري علائقي ۾ سنڌ جي ڪنهن دور جي ناليواري تعليمدان، ايجوڪيشن شعبي جي ڊائريڪٽر، صوفي شاعره ۽ ڪنهن وقت جي سرگرم خاتون پارليامينٽرين دادي ليلان جو گذريل رات ديهانت ٿي ويو. هوءَ عظيم صوفي دانشور ۽ شاعر ساڌو واسواڻي جي مريدياڻي ۽ شاگردياڻي هئي. شاهه عبدالطيف جي شاعريءَ سان عشق هن کي ساڌو واسواڻي کان مليو. هوءَ عمر جي آخري گهڙي تائين ٽن شين کي وساري نه سگهي جن ۾ شاهه لطيف، سنڌ ۽ سنڌي ٻولي ۽ ساڌو واسواڻي شامل آهن. ۱۰۲ سالن جي ڄمار ۾ ديهانت ڪندڙ دادي ليلان ورهاڱي جي ڏک ۽ تڪليفن کي اکين سان ڏٺو. لڏپلاڻ دوران هنن ڪيترن ئي لڱ ڪانڊاريندڙ واقعن کي ڏٺو جيڪي هن جي ذهن تي نقش ٿي ويا پر ان باوجود هن ڌرتي ۽ پنهنجي هيرآباد کي نه ڇڏيو. هيرآباد ۾ هن جو گهر به ساڌو واسواڻي جي گهر ڀرسان آهي. هيرآباد ۾ اهو پپر جو وڻ اڃا به موجود آهي جتي ساڌو واسواڻي جو گهر هو. شايد اڃا به هن جي گهر جي لڪڙيءَ جي بالڪوني جابجا موجود هجي. دادي ليلان جو گهر ساڌو واسواڻيءَ جي گهر ۽ ميران اسڪول ۽ ليڊيز ڪلب هيرآباد جي وچ تي آهي. وچ هيرآباد ۾ دادي ليلان جو گهر هو جتي هن جي پونئيرن گهر سان گڏ ڪلينڪ پڻ کولي هئي. وڏي ڳالهه ته ان هڪ صديءَ جي گهر ۾ ڪا به تعميراتي تبديلي نه ڪئي وئي هئي ۽ اهو گهر اڄ به ساڳي ريت جڙيل آهي ۽ موجود آهي. مون کي ۱۹۹۸ع جي هڪ شام جو داديءَ ٻڌايو هو ته هن ليڊيز ڪلب هيرآباد ۾ راڳ رقص جي سکيا ورتي هئي جيڪو ان وقت اليٽ هندن جي عورتن جو ڪلب هوندو هو. ان ڪلب ۾ ڪلڪتي جا ڪٿڪ ڊانس ماسٽر ڇوڪرين کي ڪٿڪ سيکاريندا هئا ۽ ٻيو راڳ جي سکيا ڏيندا هئا. اهو ڪلب پوءِ بلڊر مافيا جي قبضي کان ذري گهٽ بچيو هو. اتي هاڻ هڪ اسڪول هلي ٿو بس. ان جي ئي ڀر ۾ ميران اسڪول آهي. شاندار ڳاڙهسري عمارت.. پر جيئن ورهاڱي کانپوءِ هر شيءِ جا نالا مٽايا ويا ميران اسڪول جو نالو بدلائي ان کي مسلمان ڪيو ويو. جسم سان گڏ روح به بدلجي ويا. مون کي ڪي سال اڳ ان عمارت جي ورانڊي ۾ ساڌو واسواڻيءَ جي تصوير نظر آئي هئي، پتو ناهي ته اڄ اها تصوير اتي موجود به آهي الائي نه. دادي ليلان سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ هميشه ڪوشان رهي ۽ ان وقت به جڏهن سنڌي ٻوليءَ کي پوئتي ڪرڻ جا ڪيئي طريقا آزمايا ويا. دادي ليلان جڏهن عزيزن وٽ ڀارت ويندي هئي ته اتي سنڌي هندن جي نئين نسل کي سنڌي ٻوليءَ جي سکيا توڻي سنڌي ٻولي لکڻ ۽ ڳالهائڻ لاءِ تلقين ڪندي رهندي هئي. هوءَ چوندي هئي ته مون کي ڀلي ٻين ٻولين تي دسترس هجي پر منهنجي ماءُ ٻولي رڳو سنڌي آهي. هوءَ صوفي مزاج اسڪالر هئي ۽ ڪنهن لاءِ به ڀيد ڀاو نه رکندڙ نسل جي نمائنده خاتون هئي. اها ٽهي هاڻ اسان وٽان تيزيءَ سان گم ٿي وئي آهي. دادي ليلان سنڌ سان گڏ پنهنجي شهر حيدرآباد جي عروج ۽ زوال جي پڻ اکين ڏٺي شاهد هئي ته ڪيئن هيءُ شهر اجاڙيو ويو. هوءَ هيرآباد جي جن گلاب ڌوتل رستن تي گهمي هئي اتي پوءِ لڏپلاڻ وقت فسادن دوران رت وهندي پڻ ڏٺو. ڪيئن سنڌي هندن جي گهرن تي راتين جو راتاها لڳندا هئا ۽ ڪيئن خوف شهر تي ڇانيل رهندو هو، هن اهي سڀ وارتائون پاڻ ڏٺيون هيون. هوءَ سنڌي، هندي ۽ انگريزي شاعريءَ تي هڪ جيترو عبور رکندي هئي پر هن جو لاڙو گهڻو تڻو سنڌي شاعري طرف هو. هوءَ ساڌو واسواڻي جا ڀڄن به دل سان ڳائيندي هئي. جڏهن سندس طبعيت اڃا چڱي هئي تڏهن شام جو هن جي گهر مان رستي ويندڙن کي هارمونيم جي سرن تي ڀڄن ٻڌندي ملندا هئا. هوءَ شاهه لطيف جا تقريبن سر خاص ڪري سر مارئي ڏاڍي اڪير سان ڳائيندي هئي. دادي ليلان وڏي تعليمدان هئي. ان دور ۾ جڏهن عورت تعليم جو ڪلچر بنهه نه هجڻ برابر هو تڏهن هن نه رڳو اعليٰ تعليم حاصل ڪئي پر پوءِ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جوائن ڪري خاص ڪري نياڻين جي تعليم لاءِ ڪافي ڪم ڪيو. دادي ليلان درسي ڪتاب پڻ لکيا ته شاعري جا پڻ ڪتاب لکيا. ڪيئي سال اڳ مان هن جي گهر ڪهي ويو هوس ته هن منهنجي خاطر تواضع پاپڙن ۽ چانهه سان گڏ ساڌو واسواڻي جي انگريزيءَ ۾ لکيل شاعري، شاهه لطيف جي سر مارئي جي انگريزي ترجمي سان ڪئي هئي. هن ان شام جو لوڪ گيت به ته ڳاتا هئا ۽ هارمونيم پڻ. ڪي سال لنگهي وڃڻ کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر مان تڏهن وٽس لنگهي ويو هوس جڏهن هڪ ٽي وي چئنل لاءِ ميران اسڪول تي ڊاڪيومينٽري پئي ڪيم. هوءَ تڏهن به ساڳي اڪير سان ملي هئي. هوءَ ان ڏيهاڙي به عظيم صوفي دانشور ساڌو واسواڻي ۽ شاهه لطيف کي ياد ڪري رني هئي. هن ان ڏينهن به هارمونيم کنيو ۽ ڪجهه ڳائڻ لڳي هئي. هوءَ ان ڏيهاڙي به رني هئي. (شايد آخر ۾ زندگيءَ جي ميڙي چونڊي پوءِ بس ڳوڙهن جي صورت ۾ بچي ٿي). دادي ليلان رٽائرمينٽ کانپوءِ وارا زندگيءَ جا باقي ۴۲ سال به ساڳي دل سان انهن ئي آدرشن سان جيئندي رهي جيڪي هن جي مرشد ۽ استاد ساڌو واسواڻي کيس امانت طور سونپيا هئا. هن وٽ ورهاڱي کان اڳ واري سنڌ جون ڪيئي ڳالهيون، مشاهدا ۽ ساروڻيون هيون جيڪي هوءَ پاڻ سان گڏ کڻي قديمي مساڻ ڀيڙي ٿي. پر هڪ ڳالهه جيڪا هن جي سهري تي وڃي ٿي سا آهي ته هن پنهنجي جنم ڀومي، شهر ۽ پاڙي کي نه ڇڏيو. هن ويندي گهر ۾ مرمتي تبديلي به ڪرڻ نه ڏني ڇو ته ان ئي گهر ۾ هن ننڍپڻ گذاريو هو ته جواني ۽ پيرسني به. هن جو ديهانت سنڌ جي هڪ صديءَ جي جيئري جاڳندي تاريخ جو نقصان آهي. هيرآباد ۾ جيڪي هاڻ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا قديم گهر بچيا آهن انهن ۾ دادي ليلان جو گهر سرفهرست آهي. ”مان ان وقت اسڪول ۾ پڙهندي هيس. سهميل هيس. رات جو گهرن ۾ لٽيرا اچي هندن کان گهر خالي ڪرائيندا هئا يا پئسو زيور ڦريندا هئا“، هن مون کي ٻڌايو هو:”مان هنن کان نه ڄندي هيس ۽ دروازو بند ڪري ويٺل هوندي هيس ته جي ڪو ڦورو آيو ته گهٽ نه ڪنديمانس“. اهو چئي هوءُ ٻارن وانگر پنهنجي کل روڪي نه سگهي هئي. هوءَ ڄڻ گارشيا مارڪئيز جي ناولن جهڙي دادي هئي جنهن وٽ قصن ڪهاڻين جي املهه ميراث کانسوا پونئيرن لاءِ ڪو نه هو. اها املهه ميراث ئي ڪنهن به ماڻهو، ڪنهن به ڌرتيءَ ۽ نسل جي اصل ميراث هوندي هئي. ڪتابن ۾ ڪجهه به محفوظ هجي، پر اصل تاريخ سينا به سينا منتقل ٿيندي رهي ٿي. ٽيليڪميونيڪيشن جي هن ايج ۾ ان جي سارسنڀال ڪير ٿو لهي! ان ڪري دادي ليلان گهڻو تڻو اسان جي سماج ۾ اڻ ڳاتي رهجي وئي. ايئن ٿيڻ نه گهربو هو. دادِي لِيلاوتي هرچنداڻي حيدرآباد جي ھير محمود مغل دادِي لِيلاوتي هرچنداڻيءَ جهانُ ڇڏيو. علم و ادب جو هڪ استعارو، موسيقي، سِکيا، جاڳرتا، ماڻهپي ۽ سوچ جو هڪ چوکو رنگُ، اجل جي ڌنڌ ۾ گم ٿي ويو. دادي وڃي چڪي آهي. هڪ طويل ساٿُ رهيو داديءَ سان. ڊسمبر ۱۹۹۳ع ۾ ڪيل سندن ٽيليوزن انٽرويوءَ کان جو سلسلو شروع ٿيو، ته ڄڻ فقير گهرڀاتي بڻجي ويو ۽ ۲۴ سال اها نسبت قائم رهي. جيتوڻيڪ ميل ملاقات جو جهانُ ڪو گهڻو آباد نه رهيو، پر بهرحال اهو ڏَڍُ ته ”دادي آهي“، هن پاڙي ۾ سندس خوشبو وسي ٿي، جِيءَ ۾ جايون جوڙيندڙ هو. هيرآباد، هيرآباد لڳندي هئي. دادي جو اتي رهندي هئي. اُن هيرآباد سان سندس جِيءُ جَڙيل هو. داديءَ سڄي عمر اُتي ڏني ۽ آخري پساهه به اتي پورا ڪيائين. کيس پنهنجي وچن کي نڀائڻ جو ڏانءُ هو. ۲۰ ڊسمبر ۱۹۱۶ع تي حيدرآباد شهر ۾ چيف اڪائونٽنٽ هوتچند واڌواڻيءَ جي گهر هڪ نياڻيءَ جو جنم ٿيو، جنهن جو نالو لِيلاوتي رکيو ويو. تعليمي گهراڻي سان تعلق رکندڙ هن نياڻيءَ بنهه ننڍپڻ کان ڪتابي علمَ ۽ علمِ موسيقيءَ سان ساهه سانڍيو. ۸ سالن جي عمر کان هن هارمونيم وڄائڻ شروع ڪيو ۽ باقاعده راڳ جي سکيا به حاصل ڪيائين. سندس گهر ۾ خوش گُلُو فردن جو انگُ وڌيڪ هيو. هُوءَ پاڻ به ڳائيندي هئي ۽ ٻين سان موسيقيءَ جي حوالي سان شراڪت به ڄڻ سندس اندر جو حصو هو. ۱۹۴۰ع ۾ گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ سُتت ئي کيس پنهنجي حياتيءَ جي پهرين سرڪاري نوڪري ملي هئي ۽ هُن ”ميوزڪ ٽيچر“ جي حيثيت سان پنهنجي عملي حياتيءَ جو آغاز ڪيو. ”منهنجو آواز ننڍپڻ کان ئي ڏاڍو سٺو هو.“ ڊسمبر ۱۹۹۳ع ۾، پاڪستان ٽيليوزن جي پروگرام ’اڄ جو مهمان‘ ۾ هن فقير کي انٽرويو ڏيندي هُن ٻُڌايو هو، ”پر پوءِ مون کي سُتت ئي لڳو ته ماڻهو ڳائڻ کي سُٺي نظر سان نٿا ڏسن، ڳائڻو يا ڳائڻي ٿا سڏين. مون کي ٿيڻو هو استاد...هاڻي چوڻ ته اها ڳائڻي استاد آهي...سو اها ڳالهه مون کي نه وڻي، پر پوءِ مون ڳائڻ وري به ڪونه ڇڏيو. نجي محفلن ۾ ڳائيندي هئس. جنهن زماني ۾ بِي ٽِي ڪندي هئس، تنهن زماني ۾، ريڊيو تي منهنجا مهيني ۾ ۴ پروگرام هوندا هئا ۽ تنهن کان سواءِ ”هِز ماسٽرس وائيس ڪمپنيءَ“ منهنجا چار لانگ پلي رڪارڊز به ٺاهيا هئا.“ اسڪرين تي سندس مُشڪ ۽ نيڻن جي جرڪَ موهيندڙ آهي. مان انٽرويوءَ کي ٽرانسڪرائب ڪندي، سندس وجود جي مهڪ محسوس ڪيان ٿو. ”مون اسڪولن ۾ ته انگلش ۽ مئٿاميٽڪس تي زور ڏنو، ڇاڪاڻ ته ان زماني ۾ نياڻين ۾ انهن سبجيڪٽن کي سمجهڻ جي ڏاڍي ڪمزوري هئي ۽ انسپيڪٽريس آف اسڪولس جي حيثيت سان سڄيءَ سنڌ جا دورا ڪيم ۽ انهن سبجيڪٽن تي زور ڏنم. مان ايڊيشنل ڊائريڪٽر اسڪولس، اسٽيٽسٽيڪل آفيسر ۽ اڪائونٽس آفيسر به رهيس. مٿان وري مون تعليمِ بالغان تي به وڏو زور رکيو.“ ڀيروي، مالڪوس، آساوري ۽ ڀيم پلاسي پسند ڪندڙ دادي، اسڪول جي اسيمبليءَ ۾ دعا ۽ تراني ڳائڻ ۾ هارمونيم پاڻ وڄائيندي هئي. هُوءَ ڪهاڻيڪاره، شاعره، نثر نگار ۽ اعليٰ درجي جي منتظم هئي. کيس عورتن بابت بيحد ڳڻتي هوندي هئي ۽ اهڙو اظهار، سندس سِٽُن ۾ به واضح نظر اچي ٿو. اَي سنڌُ جي سُگهڙَ سياڻي، تون ته ڏاڍي آهين مون کي پياري تنهنجي رَڌَپچاءَ ۾ رَسُ آ، تنهنجي ڏوئيءَ ۾ ڪيڏو نه ڏسُ آ تنهنجي چانوَرَ جي چِلڙَي ۾ چَسُ آ، تنهنجي پَلَي ۽ آنِيءَ جي آس آ تنهنجي جَوئر جي ڍوڍَي ۾ جَسُ آ، تنهن هوندي به مُنهن ڇو لٿل آ تنهنجي سَيبَي ۽ ٽوپَي ۾ سونهَن آ، تنهنجي ڀرتَ ۽ گجَ ۾ ڪشِش آ تنهنجي سڳيُن ۽ سُوسيُن ۾ سهاڳُ آ، تنهنجي اجرڪَ ۽ ٽوپيءَ ۾ شان آ اَي سنڌُ جي سُگهڙَ سياڻي، تون ته ڏاڍي آهين مون کي پياري دادي لِيلان، پنهنجي زماني جي هڪ سخت منتظم ليکي ويندي هئي. اهو زمانو هو جڏهن تعليم جي ميدان ۾ دادي لِيلان، آپا شمس عباسي، محترمه حميده حيدر جهڙين خواتين جا نالا، سروس بورڊس تي چمڪندا هئا ۽ ملاقاتين جو جهڙو ساهُه سُڪي ويندو هو. ”هئس سخت...بلڪل هئس“ هُوءَ مرڪي ٿي، ”ٿيڻو پوي ٿو دادا...نياڻين جو معاملو آ...ڳوٺن ۾ آرڊر ڏيڻ کان پهرين، ڇوڪريءَ جي ماءُ کان پڇندي هئس، ته تون ويندينئس گڏ؟...اتي رهندينءَ؟ پوءِ ان کان پڪ ڪري ٻنهي کي گڏ موڪليندي هئس. ڪانٽيجنسيءَ مان اهڙو ڪو انتظام ڪندي هئس، جو تقريبن هڪ پٽيواليءَ جيترو پگهار ارينج ٿي سگهي. ان جو بندوبست ماءُ لاءِ ڪندي هئس، پر ٻُڌائيندي نه هئس. متان هُوءَ پاڻ کي انفيرئر سمجهي ته ڌيءَ ماسترياڻي، مان پٽيوالي...پر اک سڀني تي ڪَرڙِي رکندي هئس.“ دادِي، ۱۹۸۵ع کان ۱۹۸۸ع تائين سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر رهي ۽ اتي به سندس آواز سدائين جيان بلند رهيو. ”مون جيڪِي به مدد ڪئي، جيڪا به نوڪري ڏنم، اهو حال سارُو ڪيم. جنهن جو حال اڀرو رهيو، مون ان جو هٿُ ڪڏهن نه ڇڏيو.“ ”توهان جي خيال ۾ دادِي اسان جي تعليم ترقي ڪئي آهي يا تنزل جو شڪار آهي؟“ منهنجي سوال تي، هيل تائين ڪڙڪي سان ڳالهائيندڙ دادِيءَ جو ڪنڌ جُهڪي ٿو، سندس چهري تي عجيب لڄ اچي ٿي. شرمساري واضح طور پڙهي سگهجي ٿي. هُوءَ جهيڻي آواز ۾ وراڻي ٿي، ”دادا...ترقي نه ڪئي آ...“ تعليم کي پنهنجي حياتيءَ جي اڌ صدي ارپيندڙ مهربان وجود تقريبن ۲۴ سال اڳ به اها ورندي ڏئي ٿو ۽ شايد اها ئي سوچ هئي، جو انٽرويوءَ جي پڄاڻيءَ ۾ پيغام ڏيندي هُن چيو هو، ”مالڪ شل مهربان ٿئي...بس سڀ پاڻ سان سچا ٿين...بس، پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي قوم سان سچا ٿين.“ سندس لهجي جي اُڪير، دعا جي طلب ۽ ايندڙ وقت ۾ آسرو صاف ڏسڻ ۾ اچي ٿو. خميس ۱۴ سيپٽمبر ۲۰۱۷ع تي حيدرآباد شهر سان بيپناهه محبت ڪندڙ دادي لِيلاوتي هرچنداڻيءَ کي هتي ئي اگني سنسڪار جو موقعو مليو. هن سڄي عمر هن شهر سان والهانه محبت ڪئي هئي ۽ جنهن گهر ۾ پرڻجي آئي هئي، اُتان ئي سدائين لاءِ رخصت ٿي. دادِي، اهو ڊاڪٽر چاند هجي...اوهان جو رَتَ ڄائو يا ڀاڀي ڪُسم، اوهان جي نُنهن...اوهان جا پوٽا پوٽيون هجن يا اسين سڀ...اوهان جي محبت، عنايت، سِڪَ ۽ اُڪيرَ ۽ اسان سڀني لاءِ علم، حلم، سٺي حياتي گذارڻ ۽ سٺي ڪردار لاءِ سوچڻ تي اوهان جا ٿورا ادا ڪيون ٿا. ذاتي حوالي سان هڪ ڀيرو ڪچهري ڪندي هُن چيو هو، ”هيرآباد ۾ منهنجو رڳو بُت ناهي، ساهُه به آهي. اهي رڳو لفظَ ناهن ڇوڪرا، منهنجي اندر ۾ هيرآباد جي هِيرَ هُري ٿي. مان نه هونديَس ته اها پئي منهنجيون پُڇائون ڪندي.“ هاڻي جڏهن هُوءَ پنهنجي سفر تي رواني ٿي وئي آهي ته هيرآباد جي هيرَ، ڪنهن کان به ڪجهه پُڇڻ نٿي چاهي. کيس خبر آهي ته جوابَ قدردانن وٽان ئي ملندا آهن ۽ دادِي لِيلان جهڙو قدردان هرڪو ناهي هوندو. جهالت جو جِنُ ۽ ليلاوتي وسعت الله خان ورهاڱي کان اڳ سنڌ ۾ شهر جي وصف اها هئي ته ايترا خيراتي شفاخانا ۽ تعليمي ادارا هجن جو ڪنهن کي مايوس ٿي نه موٽڻو پئي. ان ڪم لاءِ سرڪار جو انتظار نه ڪيو وڃي پر جنهن وٽ به درد رکندڙ دل ۽ پئسا هجن، اڳتي اچي ته جيئن ٻيا به ان جي مدد لاءِ اڳتي اچن. ان وصف تي ٽي چار شهر ئي پورو لهندا هئا. شڪارپور جتي راءِ بهادر اڌاداس تاراچند اسپتال سڀني لاءِ هئي. عاجزيءَ جي حد اها هئي جو راءِ بهادر اسپتال جي ڏاڪڻ تي پنهنجو نالو اهڙي نموني لکرايو ته جيئن ان تي پير ڏيڻ بنا اسپتال ۾ داخل ٿي نه سگهجي. عورتن لاءِ هيرانند گنگا ٻائي ليڊيز اسپتال الڳ هئي، سنڌ ۾ ڇوڪرين لاءِ پهريون ايشوريا گرلز هاءِ اسڪول، قاضي محلا (نادر وارو) بوائز اسڪول ۽ پهريون ڪاليج چيلا سنگهه سيتل داس جي نالي سان شڪارپور ۾ قائم ٿيو. سٺ سيڪڙو شڪارپوري مسلمانن ۽ چاليهه سيڪڙو هندن لاءِ، هي سڀئي فلاحي ادارا، ڀائي بند واپاري هندن ان دور ۾ قائم ڪيا. جڏهن شڪارپورين سوشل ريسپانسبلٽي جو اصطلاح اڃا ايجاد ئي نه ٿيو هو. اهو حال ڪراچيءَ جو به هو، جتي هندو ۽ پارسي سرنديءَ وارن، تعليمي ادارا ۽ اسپتالون، ان جذبي سان قائم ڪيون. حيدرآباد ۾ اهو ئي ڪم عامل هندو ڪميونٽيءَ ڪيو. سنڌ ۾ جيتوڻيڪ مسلمان اڪثريت ۾ هئا پر فلاحي ڪمن ۾ غيرمسلم اڳتي هئا. اهم ڪارڻ هي هئا ته اڪثر مسلمان آبادي، ٻهراڙي ۽ غيرمسلم آبادي شهري هئي. واپاري شهري ملازمتن جي حوالي سان پئسو ۽ خواندگيءَ جي وڌيڪ شرح هئڻ سبب، مسئلن ۽ انهن جي حل تي سندن وڌيڪ ڌيان هو. فضول خرچي ۽ ڏيکاءَ کان بچندي ڪميونٽيءَ جا وڏا، پنهنجي ٻارڙن جي تربيت به اجتماعي بهتريءَ واري سوچ سان ڪندا هئا. سو مستقبل ۽ ترقيءَ جي حوالي سان سندن سوچ ۽ نگاهه وڌيڪ عميق هئي. جيتري تائين مسلمانن جو معاملو آهي ته بعضي بعضي ڪنهن رقم لاءِ، عددي اڪثريت مان حاصل ٿيندڙ تحفظ جو احساس به پنهنجن يا ٻين لاءِ پري ڊگهي سوچ واري رفتار به سست ڪري ڇڏيندو آهي ۽ جي وري سياسي طاقت به پاڻ وٽ هئڻ جو احساس هجي ته حساسيت ويتر گهٽ ٿيو وڃي ٿي. ڪجهه ڪسر وري اهي ملا حضرات به پوري ڪندا رهيا آهن، جيڪي حالتن کي پرکڻ ۽ پروڙڻ بنا، مسلمانن کي ٻڌائيندا رهيا ته تعليم بس ايتري ئي ڪافي آهي جو قرآن پاڪ پڙهي سگهجي ۽ دنيا ته بس عارضي آهي، اصل سيڙپ ته آخرت لاءِ آهي. تعليم خاص ڪري عورتن لاءِ نظريو هي هو ته جي ڇوڪرين کي اسڪول موڪليندا ته انهن ۾ اخلاقي خرابيون پيدا ٿينديون. پر اهي شايد اهو ٻڌائڻ وساري ويٺا ته اسلام ۾ انسانيت جي فلاح، صحت ۽ صفائي گهٽ حيثيت ۽ مستحقن جو خيال رکڻ تي ڪيترو نه زور ڀريو ويو آهي. ڇو جو دنيا سنوارڻ بنا عاقبت نه ٿي سڌري سگهي. سو جن مسلمانن کي انسانيت جي فلاح جو پيغام سمجهه ۾ آيو تن ان جو ثبوت به ڏنو، مثال طور ٽنڊي باگي ۾ مير غلام محمد ٽالپر جو گرلس اسڪول، ويم گهر ۽ دائي تربيتي مرڪز، حيدرآباد ۾ نور محمد هاءِ اسڪول، خان بهادر محمد صديق جو مدرسة النبات هاءِ اسڪول، سردار بهادر محمد بخش شيخ جو حمايئت الاسلام گرلز اسڪول، ويمن هيلٿ سينٽر، ميٽرنٽي هوم ۽ ڪراچي ۾ سنڌ مدرسة الاسلام وغيره. ورهاڱي کان اڳ، سنڌ ۽ ننڍي کنڊ جي ٻين علائقن جي مجموعي سماجي تصوير هي هئي جو غير مسلم شهري برادرين ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي تعليم تي هڪ جيترو زور هو ۽ مسلمان برادرين ۾ پراڻن جاگيرداراڻن ۾، قدرن مضبوط هئڻ ڪري، ڇوڪرين جي تعليم تي گهڻو ڌيان نه هو. ڇوڪرين کي اعليٰ تعليم ڏيارڻ جو عام طرح ته ڪو تصور ئي ڪين هو. ان سڄي پس منظر ۾ دادي ليلاوتي واسواڻي سنڌ جو آخري تهذيبي ڪردار آهي، جيڪا چار ڏينهن اڳ هڪ سئو ٻه ورهين جي ڄمار ۾ موڪلائي وئي. ليلاوتي ويهه ڊسمبر اڻويهه سئو سورنهن ۾ حيدرآباد جي هڪ آسودي عامل خاندان ديوان هوت چند تيرٿ داس واڌواڻي جي گهر ۾ جنم ورتو. ڪندن مل اسڪول مان ميٽرڪ ڪئي، رواج موجب ڀڄن گائيڪي جي تعليم چئن سالن جي عمر ۾ ئي استاد جوشيءَ کان حاصل ڪئي. انهن ڏينهن ۾ ڇوڪرين لاءِ سرڪاري هاءِ اسڪول جي سهولت ميرپورخاص، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۽ ميٽرڪ کان مٿي پڙهائي ۽ امتحان جي سهولت صرف ڪراچيءَ ۾ ميسر هئي. اڻويهه سئو چاليهه ۾ جنهن سليڪشن بورڊ ليلاوتيءَ کي ٽريننگ اسڪول فار ويمن لاءِ موسيقي جي استاد طور چونڊيو، ان ۾ وزير تعليم جي ايم سيد ۽ سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر ميران محمد شاهه به شامل هئا. زندگي درست نموني هلي رهي هئي جو ستن سالن کان پوءِ ورهاڱي جو شور اٿيو ۽ آر پار لڏپلاڻ شروع ٿي وئي. ليلاوتي جا ٻئي ڀائر ڀارت لڏي ويا پر ليلاوتي انڪار ڪري ڇڏيو، هن جي گرو ساڌو ٽي ايل واسواڻي سمجهيو ٿي ته نئين ملڪ کي اسان جي ضرورت آهي، هن کي محمد علي جناح جي قيادت تي مڪمل يقين هو. جناح صاحب لاڏاڻو ڪري ويو ته گرو جي ورت رکيو ۽ گيتا جي تلاوت ڪندو رهيو. ٿوري عرصي ۾ ئي حالتون اهڙيون تنگ ٿي ويون جو خود گرو کي به ڪوچُ ڪرڻو پيو. پر هو ليلاوتي کي نصيحت ڪري ويو ته پوري ڪوشش ڪجانءِ ته مٽيءَ سان ڳنڍيل رهين ۽ ڌرتيءَ جي خدمت ڪندي رهين. ليلاوتي اڻويهه سئو ٻاونجاهه ۾ ڪراچيءَ جي اين جي وي اسڪول مان بيچلر آف ٽيچنگ جي ڊگري حاصل ڪئي. تعليم دوران ريڊيو پاڪستان ۾ ڪجهه عرصو گلوڪاري به ڪندي رهي. اڻويهه سئو چوونجاهه ۾ سول سرجن تلسي داس هرچنداڻي سان شادي ٿيس، هڪڙو پٽ پرديپ ڪمار اٿس. جنهن ليلاوتي کي باقي سنڌ ”دادي ليلان“ جي نالي سان سڃاڻي ٿي تنهن جو آدرشي سفر ميرپور خاص کان شروع ٿيو، جڏهن هوءِ هاءِ اسڪول جي هيڊ ماسترياڻي ٿي. هن ڏٺو ته اسڪول ۾ گهڻو ڪري هندو ڇوڪريون آهن. ميرپورخاص ۽ ٿرپارڪر ۾ ڳوٺ ڳوٺ ۾ وڃي مسلمان خاندانن کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پنهنجي نياڻين کي اعليٰ تعليم ڏيارين. بقول ليلاوتيءَ جي؛ انهن خاندانن کي سڀ کان وڏو خوف، جنهن تي مان کلندي هيس، هي هو ته جي انهن ڇوڪرين لکڻ پڙهڻ سکي ورتو ته پوءِ اهي لڪي لڪي ڇوڪرن کي پيار جا پتر لکنديون ۽ اڻ پڙهيل والدين کي خبر ئي نه پوندي. پر جنهن جنهن خاندان جو اهو وهم ليلاوتي ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي، تنهن ليلاوتيءَ جي بي لوثيءَ تي اعتبار ڪندي، پنهنجي ڌيئن کي اسڪول موڪلڻ شروع ڪري ڇڏيو. جڏهن ليلاوتيءَ جي بدلي ٿي ته ان وقت تائين هاءِ اسڪول ۾ پنج سؤ مسلمان ڇوڪريون داخل ٿي چڪيون هيون. نامياري صحافي ليکڪ ۽ شاعر حسن مجتبيٰ جي هڪ مضمون مطابق هڪ ڳوٺ ۾ جڏهن ليلاوتي وئي ۽ ڪو هوائي جهاز مٿان گذريو، ڪجهه عورتون ڊڄي ويون، جن آيو جن آيو جو شور شروع ٿي ويو. ليلاوتي هڪ نظم لکيو، جنهن جو نچوڙ هي هو ته؛ اي سنڌ جون ڌيئرون! اوهان ايتريون بي جند ۽ نا خواندي ڇو آهيو؟ تعليم حاصل ڪري جهالت جو جن ڇو نه ٿيون ڀڄايو. هڪ ڀيرو ليلاوتي ٽنڊي آدم ريلوي اسٽيشن تي، ريل جو انتظار ڪري رهي هئي. هڪ اڻ پڙهيل عورت، کيس ٽڪيٽ ڏيکاريندي چيو ته ان تي قيمت ڪيتري لکيل آهي؟ ليلاوتي کي خبر پئي ته بڪنگ ڪلارڪ ان عورت کان وڌيڪ پئسا ورتا آهن. سو هن ڪلارڪ کي پوليس جي ڌمڪي ڏني، اضافي پئسا واپس ڪرايا ۽ عورت کي چيو ته جي تون پڙهي سگهين ها ته ائين نه ٿئي ها. پنهنجين نياڻين کي اسڪول موڪل ته جيئن انهن سان ائين نه ٿئي. ليلاوتي ان عورت جي ڳوٺ وئي ۽ هن جي نياڻين کي اسڪول آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. ليلاوتي ويمن ٽريننگ ڪاليج جي پرنسيپال رهي. جڏهن انسپيڪٽر آف گرلز اسڪولز جي عهدي تي هئي ته بقول سندس هڪ ڏينهن ميهڙ جو هڪ وڏيرو ڪجهه هٿياربند ماڻهو ساڻ ڪري سندس آفيس ۾ گهڙي آيو ۽ ڌمڪي ڏني ته جي هن سندس علائقي ۾ اسڪول کوليو ته چڱي نه ٿيندئي. مان انهن سڀني کي چيو ته اوهان ايڏو ڊگهو سفر ڪري آيا آهيو، ويهو ٿڌو پاڻي پيئو. ان کان پوءِ مان کين سمجهائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس ته اهي صرف توهان جون نه هن قوم جون به نياڻيون آهن ۽ اسان کي اڻ پڙهيل ڌيئن جي بار جي نه پر تعليم سان مالامال نسل جي ضروت آهي، جيڪي پنهنجي حفاظت پاڻ ڪري سگهن. اڻويهه سئو ڇاهٺ ۾ ليلاوتي ڊپٽي ڊائريڪٽر ايجوڪيشن جي عهدي تان رٽائر ٿي وئي، پر واندي ويهڻ واري ڪاٿي هئي. گرلز گائيڊ جي ڊپٽي ڪمشنر طور ڊگهي عرصي تائين تحريڪ جي رهنمائي ڪندي رهي. ڪميونٽي سينٽري ويمن انڊسٽريل هوم هلائيندي رهي. سماجي ڪارڪن طور به همت نه هاريائين. عورتن جي تنظيم ”ناري سڀا“ جاري رکيائين. هيرآباد ۾ چتربائي جوت سنگهه طرفان عطيي طور ڏنل خانداني زمين تي قائم ليڊيز پارڪ جي زمين هڪ بلڊر طرفان ڦٻائڻ جي ڪوششن خلاف تحريڪ کي منظم ڪيو. اڻويهه سئو پنجاسي ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر بڻي. مٿس واحد الزام اسيمبليءَ ۾ اقليتي ميمبرن طرفان هي لڳو ته پنهنجي ڪوٽا جون اڪثر نوڪريون هندو نوجوانن بدران مسلمانن ۾ ورهائي ڇڏيون. ليلاوتي جو جواب هو مسلمانن ۾ بيروزگاري گهڻي آهي ۽ جڏهن عورتون پيرين اگهاڙي پنهنجي اولاد لاءِ نوڪريون گهرڻ اينديون ته مان ڪيئن انڪار ڪنديس. پڇاڙڪن سالن ۾ يادداشت ڪمزور ٿي وئي هئس، پر هارمونيم تي گرو ٽي ايل واسواڻي ۽ ڀٽائيءَ جو ڪلام روزانو ڳائڻ نه وسريس. تعليم جي شعبي ۾ وڌندڙ ڪرپشن کيس ڏکي ڪري وڌو. چوندي هئي؛ مان ته اڄ تائين پنهنجي پيءَ جي گهر ۾ رهان ٿي پر تعليم کاتي جي آفيسرن ۽ ماسترن راتو رات ڪئين محل اڏي ڇڏيا ۽ تعليم جون عمارتون ويهنديون پيون وڃن. بقول دادي ليلاوتي؛ ”دنيا ۾ دل جو مطلب پورو ٿيو ته ڇا ٿيو“. سٻاجهي نياڻيءَ کان محروم ٿي ويل سنڌ! گل مورو دادي سنڌوءَ جي اها سگهڙ سياڻي نوري نماڻي هئي جنهن ٻهراڙيءَ جي عورتن جي تعيلمي آبياري لاءِ پنهنجي سفر دوران سوين ڳوٺن ۾ پنڌ ڪيا ۽ ديس جي دردوندن جي درن تي وڃي حقيقي سماج واد بڻجي عورتن کي حقن جي آگاهي ڏني، کين شعور ڏنو ۽ فرسوده سماج جي انڌيري مان ڪڍڻ لاءِ وهمن ۽ وسوسن مان ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي. هن تعليم جي شعور سان گڏ هنرن جي به تربيت ڏني ته جيئن ٻهراڙيءَ جون عورتون معاشي طور تي پاڻ ڀريون ٿي سگهن، پنهنجي بکئي پيٽ کي ڀري سگهن ۽ ڪنهن جي آڏو هٿ نه ٽنگين ۽ کين شعوري تعليم ڏيڻ جو به اهو ئي مقصد هو ته نه رڳي پاڻ جهالت واري زندگيءَ کان جان آجي ڪن پر پنهنجي ايندڙ نسل معصوم نينگرن توڙي نينگرين کي علم جي ذريعي پنهنجي وطن، پنهنجي ڌرتي جي فڪري سوچ ڏئي سگهن ته جيئن سماج مان جاهلياڻين رسمن جو خاتمو اچي سگهي. انهيءَ علمي سوچ جي آبياريءَ لاءِ دادي ديس جي دردوندن، بکايلن ۽ ستايلن معصوم ٻارڙن جي جهڳين ۾ وڃي ڏاڏي وارو فرض نڀائيندي علمي آکاڻيون ٻڌايون، روح جون رهاڻيون رچايون. پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري سنڌ جي وستين، واهڻن ۾ جڏهن پهچندي هئي ته سنڌ جون سٻاجهون نياڻيون دادي کي رحمت جو فرشتو سمجهنديون هيون. هن عورتن جي اهميت تعليم ۽ هنر بابت ڪيتريون ئي راڳڻيون ۽ لوريون تيار ڪرايون جنهن ۾ مارئي جي حب الوطن، سسئي جي جدوجهد ۽ نوريءَ جي نوڙت جون علامتون اڄ به موجود آهن. هيءَ ڏيهه جي ڏاهي دادي ليلان ئي هئي، جنهن تعليم کاتي ۾ ۵۸ سالن تائين پنهنجي فرض شناسيءَ سان نڀايو. انهيءَ عرصي دوران به تعليمي جاڳرتا لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيائين ۽ مينڌري جي مومل بڻجي رڃ ۽ اڃ ۾ به راڻو راڻو ڪندي رهي. هن ڪڏهن به مذهبي متڀيد کي اهميت نه ڏني. هن جو هڪڙو ئي منشور ۽ دستور هو ته سنڌ جي اٻوجهه نياڻي علمي اڀياس حاصل ڪري، تڏهن ئي سماج ۾ تبديلي اچي سگهي ٿي. حقيقت ۾ ته هن اصلي سنڌ جو درشن ڏيهه جي ڏوٿيئڙن وٽ وڃي ڪيو. دادي جهالت جي خاتمي لاءِ يونيسيف جي تعاون سان سنڌ جي سوين ٻهراڙيءَ وارن ڳوٺن ۾ ڪميونٽي سينٽر قائم ڪرايا، جتي اڄ به نياڻين جا پرائمري، سيڪنڊري ۽ هاءِ اسڪول هلي رهيا آهن. جڏهن دادي ٽن ضلعن حيدرآباد، ٺٽي ۽ بدين جي ڊي اي او هوندي ايڊيشنل ڊائريڪٽر هئي ته ان عرصي دوران به هن مٿان ڪڏهن به ڪو ڪرپشن جو نشان ئي نه لڳو ڪيترن بيواهن مسڪين عورتن کي تعليم ڏياري روزگار ڏياريو، جيڪي آفيس توڙي سندس گهر اچي دعائون ڏينديون هيون. هيءَ اها دادي هئي جنهن ديس جي محبت ۾ ورهاڱي دوران اڪثر سنڌي هندن کي ڪڍيو پئي ويو ته هن وطن مان بي وطن ٿيڻ قبول نه ڪيو ۽ سنڌ ۾ ئي رهي. ڌرتيءَ جي نياڻين جي نيڻن مان نه رڳي نير اگهيو پر تعليمي شعور لاءِ عملي قدم کڻي سنڌ جي سونهن ۽ سڀيتا کي دانُ ۽ مانُ ڏيڻ لاءِ سندرو ٻڌي نڪري پئي ۽ جهانسي راڻي جيان عملي جهاد ۾ جنبجي وئي. هي راڳ کي روح جي غذا ۽ عبادت سمجهندي هئي. ڇو ته هن پنج سالن جي معصوم عمر ۾ ڀُڄن ڳائڻ شروع ڪيا هئا. هي اها دادي راڳ جي راڻي هئي جنهن گڏيل هندوستان واري وقت ۾ دهلي ۾ ۱۴ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين ڳائڻ واري مقابلي ۾ حصو ورتو هو، انهيءَ راڳ واري مقابلي ۾ سندس عمر ۲۰ ورهين جي هئي. هن دادي ليلان ان وقت هي ميران ٻائي جو مشهور ڀُڄن ڳايو هو. ميرا تو گر ڌر گوپال دوسرا نه ڪوئي وي دادي اهو ڪلاسيڪل انداز ۾ ڳائي سڀني کي ميدان ماري پهريون نمبر حاصل ڪيو هو. دادي جي جيون تي حقيقت ۾ شاهه لطيف ۽ سنڌ توڙي هند جي سنت صوفين جي فڪر جو گهرو اثر هو. حالانڪه هن پنجن ورهين جي عمر ۾ ڳائڻ سکيو، ستن ورهين جي عمر ۾ پراٿنا جا گيت ڳائيندي رهي پر جڏهن سندس سنڌ جي عظيم صوفي شاهه لطيف جي شيدائي ساڌو ٽي ايل واسواڻي سان سٻنڌ ٿيو ته ان ڏينهن کان سندس مٿان شفقت ڀريو هٿ اهڙو ته ڪرشمو بڻجي پيو جو هن جو نصيب نيارو ٿي ويو. هن سنڌي نياڻين کي تعليمي خدمتن دوران شاهه، سچل، سامي، ٽي ايل واسواڻي، نوري، مرزا قليچ بيگ ۽ ٻين ڪيترن ئي اهم شاعرن جا ڪلام ياد ڪرائڻ سان گڏ کين سنڌي تعليم ۽ هنرن بابت پنهنجا ۽ پروفيسر ناگراڻي جا تيار ڪيل گيت پڻ سيکاريا ۽ نياڻين کي وطن دوستي، علم ۽ هنر جي اهميت وارا گيت ۽ نظم سيکاريا ۽ جڏهن ۱۹۴۰ ۾ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جيڪو ديوان ڪوڙل مل چندن مل جي برصغير ۾ وڏي ۾ وڏي نياڻين جي يونيورسٽي ليکي ويندي هئي ته دادي کان نوڪري موسيقي جي استاد ٿيڻ لاءِ سائين جي ايم سيد، ميران محمد شاهه، ڊاڪٽر دائود پوٽي ۽ ٻين عالمن ستن ڏينهن تائين انٽرويو ورتو هو ۽ ان ۾ ڪامياب بڻي. نه رڳي اهو پر جڏهن هن ئي ٽريننگ ڪاليج ۾ ان وقت جي ممبئي جي گورنر مودي جي گهرواري سنڌ ياترا ڪرڻ آئي هئي ته خطاب ڪندي چيو هيائين ته دادي نه رڳي سنڌ جي پر پوري برصغير جي دادي آهي ۽ جيڪڏهن هي هند هلي اهو ئي علمي درس ڏئي ته اسين کيس سڄي هند ۾ سندس علمي درسگاهون کولي ڏيڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏينداسين پر ڏٺو وڃي ته هتي تعليم جي فقدان هوندي به علمي اڀياس لاءِ جيڪي هن کان حاصل ڪرڻو هو، اهو نه رياست حاصل ڪري سگهي نه وري اسين ۽ نه وري ان جي واٽ وٺي سگهياسين. هونئن به ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ ۾ ڏات هوندي آهي پر دادي جي خاندان ۾ نه رڳي راڳ جي ڏات ۽ ڏانءُ هو پر علمي ۽ فڪري سوچ جي پختگي هئي جو سندس امڙ لال هندوري ۾ به لوريون ڏيندي هئي ۽ سندس پيءُ اسٽيج ڊرامن ۾ ڀڳتن جا ڀڄن پيش ڪري ديس جي دردوندن جون ڪهاڻيون سڻائيندو هو ۽ دادي انهيءَ روايت کي برقرار رکندي روح رهاڻيون رچايون. تڏهن سنڌ جون نوريون نماڻيون جهومي پونديون هيون. دادي ليلان سنڌ جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ فهميده جروار سماج سڌارڪ عورتن جي حقن ۽ تعليم لاءِ جاکوڙيندڙ سئو سالن کان مٿي جي ڄمار ماڻيندڙ دادي ليلان سنڌ ۾ عورتن جي حقن ۽ عورتن جي تعليم لاءِ اڄ به هو نوجوان نسل لاءِ اتساهه جو سبب بڻيل هئي، جڏهن ته هن پيرسني سبب سماجي پروگرامن ۾ پنهنجو اچڻ وڃڻ ڇڏي ڏنو هو، هوءَ پيرسني واري ڄمار جي باوجود روزاني پنهنجي صبح جي شروعات ڳائڻ سان ڪري ٿي، ڀڄن، شاهه لطيف، سچل سامي ۽ پنهنجي گرو ساڍو واسواڻي جي شاعري ڳائڻ هن جو روزاني جو معمول بڻيل آهي، پر ڪجهه عرصي کان عمر جي ضعيفي سبب هارمونيم وڄائڻ کان قاصر هئي، هوءَ هڪ ئي وقت ريڊيو اسٽيج تي ڳائڻ، نچڻ ڊراما ۽ اداڪاري ڪرڻ، ميوزڪ جون ڌنون جوڙڻ ۽ مختلف پروگرام ڪرڻ سان گڏوگڏ عورتن جي حقن ۽ تعليم جي حاصلات لاءِ جاکوڙيندر رهي هئي، جڏهن سنڌ جي بهراڙين جي ماڻهن ۾ اسڪولن ۾ پڙهڻ، خاص تي نياڻين جي پڙهائي جو رواج صفا گهٽ هو، ان وقت ٻهراڙي جي ماڻهن ۾ نياڻين کي تعليم ڏيارڻ جو مشن هٿ ۾ کڻن سبب پنهنجون ذاتي مصروفيتون ڳائڻ، وڄائڻ ۽ ريڊيو تي ثقافتي ۽ ٻيا پروگرام ڪرڻ پڻ گهٽائي ڇڏيائين ۽ پنهنجو سمورو وقت نياڻين کي تعليم ڏيارڻ ۾ لڳائي ڇڏيائين، جڏهن ته دادي ليلان جو جنم حيدرآباد جي مسونپل واري علائقي ۾ رهندڙ ڊاڪٽر هوتچند واڌواڻي جي گهر ۾ ۲۰ ڊسمبر ۱۹۱۶ع ۾ ٿيو، سندس والد هوتچند واڌواڻي ۱۹۲۲ع ۾ ميونسپل واري علائقي کي ڇڏي ان وقت جي حيدرآباد جي ٿڌي هوائن واري علائقي هيرآباد ۾ گهر وٺي رهڻ لڳو ۽ انهي هيرآباد واري گهر ۾ ۱۹۵۳ع ۾ ديهانت ڪري ويو، دادي ليلان پاڪستان کي اکين سان ٺهندي ڏنو ۽ ان جا سمورا لوڏا لمحا به پنهنجي اکين سان ڏٺا، ورهاڱي دوران سندس ۶ ڀائر ۽ هڪ ڀيڻ هندستان هليا ويا، پر سندس والد هوتچند واڌواڻي سنڌ ڌرتي جي سهڻي شهر حيدرآباد جي ٿڌين هوائن، سنڌو درياءَ جي مٺي پاڻي، اڻ ڳڻين دوستن ۽ هيرآباد واري گهر کي ڇڏي هندستان لڏي نه ويو، اهو ئي سبب هو جو دادي ليلان هندستان لڏي وڃڻ بدران پنهنجي والد ۽ سنڌ ڌرتي جي خدمت ڪرڻ کي پنهنجي لاءِ وڌيڪ اهم سمجهو، ايتري قدر جو هندستان کان مهاجر ٿي لڏي آيل ماڻهن جي گهر گهر وڃي نياڻين کي تعليم ڏيارڻ لاءِ سمجهائيندي ۽ انهن جي تعليم جي حوالي سان مالي مددد ڪندي هئي، دادي جڏهن به ڀائرن سان ملڻ لاءِ هندستان ويندي هئي ته اتي گهڻو عرصيو ان ڪري نه رهندي هئي ته متان سنڌ ڌرتي کان پري موت نه اچي وڃي، اهو ئي سبب آهي جو هوءَ آخري ڀيرو ۱۹۹۸ع ۾ ڀائرن سان ملڻ هندستان وئي، جنهن کانپوءِ ڀائرن سان نه ملي، جڏهن ته هيرآباد وارو گهر ۱۹۲۲ع کان اڄ ڏينهن تائين دادي ليلان جو گهر بڻيل آهي، جنهن ۾ دادي ليلان، ڊاڪٽر تلسيداس ميرچنداڻي سان ۱۸ اپريل ۱۹۵۴ع ۾ ڦيرا پائي وهانءُ رچايو، سندس گهر وارو ۵۵ سالن جي ڄمار ۾ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر طور ۱۹۶۷ع ۾ رٽائرڊ ٿيو، دادي ليلان کي اولاد ۾ صرف هڪ پٽ ڊاڪٽر پرديپ ڪمار آهي، ڊاڪٽر پرديپ ڪمار پنهنجي ڪٽنب سميت دادي سان گڏ هيرآباد واري گهر ۾ رهي ٿو، جيڪو ايل ايم يو ۾ نوڪري ڪندڙ هو، جيڪو ٽن مهينن کان رٽائر آهي، گذريل ڏهن سالن کان هو پنهنجي امڙ دادي ليلان جي خدمت ۾ هر وقت حاضر رهندڙ آهي، دادي ليلان سئو سالن کان مٿي جي ڄمار هوندي به حيدرآباد جو هيرآباد جي اوج وارو دور اڄ به دل سان ياد ڪري ويٺل هئي، هوءَ اڄ جي ڳالهه وانگر ياد ٻڌائيندي ئي ٿي ته مارڪيٽ ٽاور کان جيل روڊ تائين صبح شام ۲ دفعا روڊ کي ڌوتو ويندو هو، هن وٽ حيدرآباد جي پراڻي دور کان وٺي اڄ جي دورن جون ڪئين يادون دل جي ڪاڳر تي لکيل آهن، انهيءَ عرصي تائين جيتوڻيڪ تبديل ٿي ويل قدر به هوءَ انتهائي گهرائي سان ڏسندي ۽ محسوس ڪندي رهي آهي پر هوءَ هڪ عملي سماجي ورڪر ۽ تعليمي ماهر هئڻ جي ناتي ڪنهن سان به ڪا شڪايت ڪرڻ بدران عملي طور تي فقط پنهنجو ڪم ڪرڻ ۾ کي دلچسپي وٺندي رهي آهي، هن چئن سالن جي ڄمار ۾ ڳائڻ شروع ڪيو ۽ ستن سالن جي ڄمار ۾ هارمونيم وڄائڻ سکي، هن جي ٽريننگ ڪاليج فار وومين جي پروگرام ۾ راڳ ٻڌائڻ کانپوءِ ان جي دور جي تعليم واري وزير سائين جي ايم سيد کيس ميوزڪ ٽيچر طور مقرر ڪيو، چون ٿا ته هن جي ميوزڪ ٽيچري واري نوڪري لاءِ سائين جي ايم سيد، ميران محمد شاهه، ڊاڪٽر عمر بن دائود پوٽي سميت ستن تعليمي ماهر ست ڏينهن ۾ مختلف تائين تي کائنس انٽرويو دوران ڳائڻ ٻڌو، جنهن تي هوءِ پهرين ذهني تڪليف ۾ پڻ آئي پر پوءِ ان قسم جي سخت انٽرويو کي پنهنجي لاءِ بهتر سمجهائين، ۱۹۴۲ع ۾ هن کي ۳۵ رپيا ماهوار پگهار تي ميوزڪ جي ليڊي ٽيچر طور مقرر ڪيو ويو، راڳ ۽ ميوزڪ هن کي ورثي ۾ مليو هو، هن جي ماءُ پڻ ڀڄن گهر ۾ ڳائيندي هئي، جڏهن ته دادي جو ٻيو ڀاءُ سمجرام واڌواڻي ميوزڪ ڊائريڪٽر هو، ان ڪري دادي راڳ کان وٺي اسٽيج جي پروگرامن ۾ اڳڀرو رهندي آئي، هن اسٽيج جي پروگرامن کي سماج ۾ سماجي سجاڳي لاءِ ڀرپور استعمال ڪيو، هوءَ سنڌ جي راڳ جي راڻين جي جي زرينه بلوچ ۽ روبينه قريشي جي پڻ استاد هئي، هن ٻنهي کي نه رڳو راڳ جي سکيا ڏني پر ان دورجي ريڊيو ڊائريڪٽر کي چئي ٻنهي راڳ جي راڻين کي ريڊيو تي راڳ لاءِ ٽائيم پڻ وٺي ڏنائين، هن ماسٽر چندر ۽ پريتم داس سان گڏ ڳايو هو جڏهن ته ڀڳت ڪنور رام جي ڀڳتين ۾ ويهڻ جو هن کي موقعو مليو هو، ساڳيئ ريت هن ٻنهي راڳ جي راڻين جي گهر ڀاتين کي پڻ ريڊيو تي ڳائڻ لاءِ موڪل پڻ وٺي ڏنائين، ورهاڱي کانپوءِ ليڊي ٽيچرس جي وڏي کوٽ پيدا ٿي ته تعليم کاتي پاران دادي ليلان کي ميوزڪ ٽيچر جي بدران تعليمي شعبي ۾ شامل ٿيڻ جو چيو ويو، دادي ان ڪم کي پڻ چئلينج سمجهي ڪيو، هن ان لاءِ ايم اي پڻ ڪئي، هوءَ جڏهن تعليم کاتي ۾ٽيچر ٿي ته هن وڏو عرصو ميرپورخاص جي هاءِ اسڪول ۾ پڙهائڻ ۾ گذاريو، هوءَ جڏهن انهي اسڪول ۾ وئي ته فقط چند ڇوڪريون گرلس اسڪول ۾ ايندڙ هيون پر دادي ان لاءِ ماڻهن جي گهر گهر وڃي سندن نياڻين کي اسڪول موڪلڻ لاءِ آماده ڪيو، اهو ئي سبب هو جو جڏهن ڪجهه سالن کانپوءِ هن جي پوسٽنگ هيرآباد جي ميران هاءِ اسڪول ۾ ٿي ته ان وقت انهي اسڪول ۾ پنج سئو شاگردياڻيون پڙهي رهيون هيون، هن ۱۹۷۵ع ۾ ڊائريڪٽر تعليم تان رٽائرڊ ٿي، ان کانپوءِ هو ريٽائرڊ ٿي گهر ۾ نه وٺي پر ان کانپوءِ ۱۹۸۱ع کان ۱۹۹۱ع تائين يونيسيف ۽ سينٽرز وارا اسڪول قائم ڪرڻ واري ڪم ۾ شريڪ ٿي هن انهي ڪم کي پڻ چئلينج سمجهي هٿ وڌو، هوءَ شهري خاتون هئڻ جي باوجود سنڌ جي ٿر ڪاڇي، ڪوهستان ۾ پهچي اهڙا ڪم ڪيا، هن جي چواڻي مون اصل سنڌ انهي ڪم دوران ڏٺي هوءَ اهڙن ڳوٺن ۾ اٺن، گڏهه گاڏي، ڍڳي گاڏين تي چڙهي هئي، ڳوٺ ڏسي اسڪول قائم ڪرايا، ساڳي ريت هن انهن اسڪولن لاءِ نياڻيون پڙهائڻ لاءِ ڳوٺن ۾ مائٽن کي منٿيون ڪيون ۽ ماسترياڻين لاءِ پڻ انهن جي مائٽن سان ملي نوڪري لاءِ آماده ڪيو، ۽ اسڪول کي ڪامياب بڻايو، هن سنڌ جي نياڻين جي پڙهائي بابت پنهنجي تجربي تي مبني ٽي ڪتاب لکيا آهن، جيڪي پڻ ڇپجي نه سگهيا آهن، هن جا ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي ۶ ڪلام پڻ رڪارڊ ٿيا، پر اهي قديم رڪارڊ ڪيل ڪلامن جو سندن ڪٽنب وٽ ڪو به رڪارڊ موجود ناهي، دادي ليلا پهرين هندو پارليامينٽرين هئي ۱۹۸۵ع ۾ هو ايم پي اي پڻ بڻجي، جنهن دوران هن نه رڳو تعليم جي واڌاري جون رٿائون پاس ڪرايون پر هن غريب ۽ ذهني نوجوانن کي نوڪريون پڻ ڏياريون، جن ۾ هن ۵۰ اهڙين ذهين نوجوانن کي نوڪرين ان دور ۾ ڏياريون، جن ۾ ۶ هندو نوجوان پڻ شامل هئا، هوءَ هندو پنچائت جي ڪمن ۾ پڻ وڏي دلچسپي وٺندي هئي، بمبئي بيڪري جي مالڪ سرگواسي ڪمار ٿڌاڻي جي ڏنل فنڊ تي سماجي اڳواڻ ۽ وڪيل ايم پرڪاش ۽ هن گڏجي نياڻين جي پڙهائي ۽ غريب نياڻين کي ڏاج ڏيڻ وارو ڪم پڻ خوش اصلوبي سان هلايو، هوءَ اڄ به سنڌجي عورت جدوجهد لاءِ وڏي اتساهه جو سبب بڻيل آهي، هوءَ هڪ ئي وقت ميوزيڪ ٽيچر کان وٺي سنڌ جي ڳوٺن تائين اسڪول کولرائڻ تائين وارو ڪم وڏي شوق ۽ سنڌ جي ڳوٺاڻي عورتن کي اڳتي آڻڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رهي هئي، اهو ئي سبب آهي جو هوءَ اڄ به سنڌ ۾ عورتن جي جدوجهد جي علامت بڻيل آهي. نوٽ: هي مضمون ڪجهه وقت اڳ روزاني سنڌ ۾ شايع ڪيو ويو هو، داداي ليلان جي ديهانت بعد ٻيهر شايع ڪيو پيو وڃي.
بادام ناتوان مضمونن کي فڪشن جو روپ ڏيندڙ پهرين عورت ليکڪه حسيب ناياب منگي انساني معاشري ۾ عورتن جي سجاڳي، علم ۽ ادب ڏانهن کين راغب ڪرڻ، انهن جي حقن لاءِ لکڻ ۽ لکي پاڻ مڃرائڻ ۾ جيڪو ڪردار سنڌي ادب اندر بادام ناتوان جو ادا ٿيل آهي، سو ڪنهن کان ڳجهو ڪونهي. اهو به هڪ دور هو جو ماهوار نئين زندگي ۽ ٻين رسالن ۾ سنڌي ادب لاءِ محترمه زينت عبدالله چنا گهڻو لکندي هئي ته سڀني جون ڏندين آڱريون اچي وينديون هيون. تن ڏينهن ۾ عورتن کي صلاحون ڏيندي، انهن جي حقن لاءِ شڪارپور مان بادام ناتوان جهڙي قلمڪاره لکڻ شروع ڪيو ته سڀني جي اکين آڏو سندس قابليت جا جوهر آيا. هڪ ٻئي پٺيان سندس ڪتاب ڇپيا ته بادام ناتوان جي مطالعي ۽ مشاهدي جي جڳ کي پرک ٿي. هڪ طرف سندس تحريرون سنڌي ادب ۾ اهم جاءِ والارينديون ويون ته ٻئي طرف سنڌ جي نارين جن جي پهچ ڪتابن تائين ضرور هئي تائين حق ۽ سچ، سمجهه ۽ ساڃاهه، شعور ۽ علم توڙي نصيحت جي ڳالهه پهتي، جنهن عمل سان عورتن ۾ معاشري اندر ذميوارين کي نڀائڻ ۽ حقن لاءِ پاڻ پتوڙڻ جو جذبو جاڳيو. بادام ناتوان جو قلم جنهن تيزيءَ سان هليو، تيڏي تيزيءَ سان اسان کيس وساري ڇڏيو. ٿيڻ ته ائين کپندو هو ته سندس علمي پورهيو نصابن ۾ شامل ٿئي ها، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين اندر پڙهايو وڃي ها، پر اهو ڪجهه به نه ٿيو ته سندس قلمي ڪتاب منظر عام تي آڻايا وڃن ها. اها به افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته جن ادب ۽ سماج جي سيوا ڪندي پنهنجون حياتيون گذاري ڇڏيون تن جا نه ته تذڪره محفوظ ٿي سگهيا نه وري سندن اڻڇپيل ڪتاب ئي منظر عام تي آيا. بادام ناتوان جي جي ڇپيل ڪهاڻين يا مضمونن جي ڇپيل مجموعن تي نظر ڪبي ته انهن ۾ عورت جي اخلاق، ڪردار، پرهيزگاري، اعتماد، ذميوارين توڙي علم جي ڳالهه عام نظر ايندي. بادام ناتوان جي پهرين تصنيف “شڪسته زندگي” جي نالي سان ۱۹۵۰ع ۾ ڇپيل آهي. هي ڪتاب بشير احمد ائنڊ سنس ڪراچي طرفان ٻن ڀاڱن ۾ شايع ٿيو. ڪتاب جو هر هڪ ڀاڱو اڍائي سؤُ صفحن تي ڦهليل آهي. بادام ناتوان جي ٻي اهم تصنيف “خوش خصلت خاتون” آهي، جنهن لاءِ مصنفه پاڻ لکي ٿي ته “هن ڪتاب جي لکڻ وقت مَسُ جي عيوض جگر جو خون ڪم آندو آهي.” هن ڪتاب کي سنڌي ادبي بورڊ ۱۹۵۶ع ۾ نه صرف ڇپائي منظر عام تي آندو پر ليکڪه کي انعام سان پڻ نوازيو. هن ڪتاب کي ليکڪه ڏهن مضمونن سان سينگاري پيش ڪيو. هن ئي ڪتاب تي تبصرو ڪندي سيد ميران محمد شاهه لکيو هو ته “هيءَ تصنيف اڳين کان بدرجها بهتر آهي. . . . اهڙي ڪوشش ۽ جفاڪشي ڪرڻ لاءِ هيءَ خاتون، تحسين ۽ تبريڪ جي لائق آهي.” بادام ناتوان جو ٽيون ڪتاب “قلبي اُڃ” جي نالي سان شڪارپور جي پراڻي پبلشر مولوي محمد عظيم اينڊ سنس طرفان ۱۹۶۶ع ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب تي سنڌ جي عالم اديب ۽ محسن علامه آءِ آءِ قاضي جو رايو پڻ شامل ڪيل ٿو ڏسجي. هي ڪتاب به ليکڪه جي قلم جو بهترين مظهر آهي. مضمونن جي هن مجموعي تي نظر ڪبي ته سندس مضمونن ۾ جوش ۽ جذبو نظر ايندو. حقيقي پهلو کي ظاهر ٿي ڪري، شاعر جي اکين جيان معاشري ۾ جيڪا برائي ٿيندي ڏٺائين، قلم کڻي خوب لکي وئي. سندس تحريرن ۾ نارين کي اهو سمجهايل نظر ٿو اچي ته هو روحاني راهه ٿي گامزن ٿي حقوق الله ۽ حقوق العباد سرانجام ڏين ۽ جهالت کي پري ڀڄائي علم جي شمع کي روشن ڪرڻ جا جتن ڪن. مطالعي جو مٿس گهرو اثر نظر ٿو اچي، جو ڪتابن ۾ ڪٿي فارسي، ڪٿي انگريزي، عربي ۽ سنڌي ادب مان قول، شعر ۽ حڪايتون پيش ڪندي مضمونن کي سينگاري ۽ سنواري پيش پئي ڪري. بادام ناتوان جي ذاتي زندگيءَ متعلق اها پروڙ پوي ٿي ته هُوءَ ۷ مارچ ۱۹۲۴ع تي شڪارپور ۾ پنهنجي والد محمد حسن جي گهر ۾ ڄائي. والده جو مٿس گهرو اثر رهيو جيڪا هيڊ مسٽريس هئي. شڪارپور مان ئي تعليم مڪمل ڪيائين پوءِ لکڻ شروع ڪيائين. سندس ڀيڻ روشن آرا مغل به سنڌي ادب ۾ مختصر مگر اڻ مٽ نقش ڇڏيا. نسيم ٿيٻو جا سندس ڌيءَ آهي تنهن پڻ سنڌي ادب جي جهولي کي ڪهاڻين سان ڀريو. بادام ناتوان جي اڻڇپيل ڪتابن: “رنم رت ڦڙا”، “خلوت ۾” ۽ “نماڻي نار” کي به ڇپائڻ گهرجي. بادام ناتوان شڪارپور ۾ ئي ۸ فيبروري ۱۹۸۸ تي هي فاني جهان ڇڏي وئي. دعا آهي ته الله کيس جنت ۾ جايون جوڙي ڏي. آمين. امان بادام ناتوان سنڌ جي پهرين ناول نگار حميده گهانگهرو سنڌ صدين کان علم، ادب، فن، هنر، سياست، ادب، آرٽ، سچائي جو انمول مثال رهي آهي. مردن سان گڏوگڏ عورتن جو به وڏو حصو جن پنهنجو پاڻ کي تاريخ جي ورقن ۾ مڃرايو آهي. بهادر عورتن ۾ ٻاگهل ٻائي، مائي بختاور، ادب، سياست، تعليم ۾ مهتاب محبوب، مهتاب اڪبر راشدي، ڊاڪٽر فهميده حسين، ڊاڪٽر درشهوار سيد، رضيه بلوچ، شمس عباسي، عطيه دائود وغيره ڳڻپ ۾ پنا ڀرجي وڃن ڳاڻيٽو ختم نه ٿئي. پر ان علم ادب جي اونهي سمنڊ ۾ هڪ نالو امان بادام ناتوان جو آهي. شڪارپور ۾ جنم وٺندڙ بادام ناتوان پيءُ جي جدائيءَ کان پوءِ پنهنجي امڙ استاد جي حيثيت ۾ ٻار پڙهائڻ گهرو ذميوارين ۽ ڌيئرن کي باعزت طريقي سان پڙهائڻ ۽ پرورش ڪري ٿي، شهر جا ماڻهو کيس عزت مان جيجي ساران جي نالي سڃاڻن ٿا. هن جي هڪ ڌيءُ روشن آرا، ٻي ڌيءُ بادام ناتوان سندس گهر جي اڱڻ ۾ پلجي جوانيءَ جي رنگت ۾ نظر اچي ٿي، اڇي گل جي رنگت واري بادام ناتوان جي چهري تي جڏهن مسڪراهٽ ايندي هئي ته ڄڻ گلاب جو گل ڳل تي رکجي ويندو هو. سٻاجهي، سياڻي، سلجهيل بادام ناتوان جي گهر وسائڻ جو اونو امڙ کي ٿيڻ لڳو، اهو خواب جوان ٿيڻ واريءَ ڌيءُ جي هر ماءُ جي چهري تي نظر ايندو آهي، هر ماءُ جي خواهش هوندي آهي ته سندس ڌيءُ ڪنهن سکي ستابي گهر ۾ وڃي ۽ اهڙيءَ طرح امان بادام ناتوان جو به زندگيءَ جو سفر شڪارپور کان دادو ضلعي جي شهر ميهڙ ڀرسان ڳوٺ گهاڙي جيڪو ٿيٻن جي ڳوٺ سان مشهور آهي. پنهنجي شڪارپور شهر جي حسين تاريخي عمارتن ۽ روڊن رستن کي ڇڏي اچي گهاڙي ۾ زندگي گذارڻ جو وچن ڪري ٿي. سندس ور عبدالباقي ٿيٻو زميندار ۽ ڳوٺ جو وڏيرو آهي. هن ڳوٺ ۾ هڪ حويلي نما گهر ۾ پنجن پٽن ۽ ٻن ڌيئرن کي جنم ڏنو، گهر ۾ نوڪر چاڪر ڪم ڪرڻ لاءِ آهن. سندس تخليقي صلاحيتن جي ڪري ڳوٺ جي عورتن جي مسئلن ۽ حقن کي سمجهي ٿي. عورتن سان ٿيندڙ زيادتين تي قلم جي نوڪ تيزيءَ سان ڊوڙي ٿي ۽ عورتن جي اکين مان نڪتل ڳوڙهن کي اڇن ورقن تي سجائي هڪ ادبي اڳواڻ طور اڀري ٿي. هيءَ باشعور آهي، بهادر آهي، وڏيرڪي سماج ۾ اڪيلي هئڻ باوجود به انهن فرسوده رسمن ۽ عورت سان ٿيندڙ ڏاڍاين تي غمزده آهي. ۽ غم ۾ ننڌال سندس قلم جڏهن اوڇنگارون ڏئي ٿو ته پنن تي لکجي وڃي ٿو. خوش خصلت خاتون، قلبي اڃ، زخم رت ڦڙا، شڪست زندگي جهڙا شاهڪار ناول ادب جي دنيا ۾ نروار ٿين ٿا ۽ سنڌ جي پهرين ناول نگار بادام ناتوان ان دور جي بهترين شخصيت بڻجي وڃي ٿي، جڏهن اڃا ايترو عورتون نه لکنديون هيون، ان دور ۾ هڪ وڏيرڪي سماج ۾ ٿيل ڏاڍاين کي بادام ناتوان جا چارئي ناول ڊاڪيومينٽ ڪن ٿا. عورتون ڪيئن ڪجھ سال ته سٺا گذارين ٿيون ۽ پوءِ ٻي عورت جي استحصال يعني سريت سان مڙس جي لاڳاپن کي ڪيئن برداشت ڪري ٿي ۽ ڪپرومائز ڪري هوءَ زال بجاءِ ماءُ جي حيثيت ۾ گهر جي چانئٺ تان ٻاهر پير ڪڍڻ به پنهنجي شان جي خلاف ٿي سمجهي. هوءَ سڀني عورتن جا داد فرياد ٻڌي ٿي سڀ سانئڻ سانئڻ چئي کيس پنهنجو درد ٻڌائن ٿيون. بادام ناتوان ان تاريخ ۾ ان ڪيس کي رکي ٿي. عورتون ڏاڍو برداشت ڪن ٿيون، عورت ڪا قرباني جو ٻڪرو ناهي پر بادام ناتوان جو چوڻ آهي ته عورتن کي مرد ۽ مردن کي عورتون ته ملي وينديون آهن پر ٻچن کي پيءُ ماءُ جي جدائيءَ جا ڏاڍا ڏکيا اثر پوندا آهن. حالانڪه انهيءَ جهڳڙن ۾ به اولاد تي اثر پون ٿا پر بادام ناتوان اهو سنڌي عورت جو نسل آهي جيڪا ٻڌائي ٿي ته ڪيترن به ڏکيائين ۾ عورت مجبور به آهي، هوءَ پنهنجين خوشين کي قربان به ڪري سگهي ٿي ۽ سماج جي واڳن ۾ اڪيلائي جي سفر ۾ به تڪليف سمجهي ٿي. اڄ به سندس ناولن ۾ اها حقيقت ۽ سچائي نظر اچي ٿي جنهن جي ڀوڳنا ۾ اڄ به عورتون نشانو بڻجن ٿيون، اڄ به ڪاروڪاري تحت عورت ڪسجي ٿي، پر هن سماج جا گونگا، ٻوڙا رشتا لاشن کي کڻي مڻ مٽيءَ ۾ دفنائي ٿا اچن پر بادام ناتوان جو تمام گهڻو طاقتور ٿو نظر اچي. عورت ايتري بهادر اها بادام ناتوان دليريءَ سان بڻايو. ان کان وڌيڪ ته ڏاج ۾ شايد ڪي ضرورت جي شين کانسواءِ ٻيو ڪجھ نه هجي پر سنڌي باشعور عورت سندس زندگيءَ جو ڏاج آهي ۽ هوءَ گهر ۾ ڪتابن سان الماڙيون سجائي ٿي ۽ پنهنجي ٻارن کي انهيءَ ذخيري جي خوراڪ ڏيندي رهي ٿي. سندس اولاد ۾ اهي جهلڪيون نظر اچن ٿيون سندس وڏي ڌيءُ نذيرا ٿيٻو، نسيم ٿيٻو به بهترين ڪهاڻيڪار ثابت ٿيون، سندس وڏو فرزند گلزار ٿيٻو، مختيار ٿيٻو، مير ٿيٻو ۾ سياسي سوچ ۽ ماءُ جي ادبي صلاحيتن جا اثر نظر اچن ٿا. شهزادو ٿيٻو ۾ به اهي صلاحيتون آهن، هو ڊپلوما ڊاڪٽر آهي ۽ ڳوٺ جي غريب ماڻهن جو علاج مفت ۾ به ڪندو آهي، سندس ٻيو پٽ آفتاب ٿيٻو استاد هو پر ان جو پٽ آصف ٿيٻو ڪافي سوشل آهي ته سندس ننهن سورٺ ٿيٻو ڳوٺ جي وڏيرڪي زندگيءَ جي آرام آسائش ٿڏي هڪ سياسي اڳواڻ طور ڪيترن سالن کان عوام جي حقن لاءِ وڙهي ٿي، بادام ناتوان جي شعور ۽ بهادريءَ جي جهلڪ سندس اولاد ۾ ته آهي پر پوٽاڻ ۾ به آهي، جو هڪ دفعي وڏي پٽ گلزار ٿيٻو جي گهر تي ڌاڙيلن ڪاھ ڪئي ته سڀ ٻار پيءُ ماءُ سان گڏجي ڇت جي مورچي تان مقابلو ڪيو. ڌاڙيلن جي اها شڪست ان ڳوٺ جو ئي مثال آهي. گلزار ٿيٻو جي گهر اڳيان مڇيءُ جا تلاءَ آهن، بادام ناتوان ۽ سندس امڙ جو آخري آرامگاھ مڇيءُ جي تلاءَ جي ڪناري تي آهي. آخري آرامگاھ ۾ به ماءُ جي هنج ۽ پٽ جي اڱڻ اڳيان گهري ننڊ ۾ ستل آهي. اقبال ملاح جي شاديءَ ۾ حنيف لاشاري جي ان فرمائشي گيت ته “سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو” شروع ٿيو هو ته ڌاڙيلن حملو ڪري ڳوٺ جي پنجن معصوم غريب نوجوانن ۽ مير ٿيٻو، حفيظ دايو، سجاد ظهير کي اغوا ڪري رنگين گولين جي چمڪاٽن سان ٻيلي روانا ٿيا هئا. ۱۹۹۱ع ۾ ڌاڙيلن جو تمام گهڻو شور هو ۽ سنڌ جا ماڻهو خاص طور ڳوٺ ويران ٿيندا پيا وڃن. امان بادام ناتوان جي ابدي ننڊ ۾ به هوءَ تڙپي هوندي، مون تڏهن لکيو هو ته امان بادام ناتوان جي نگريءَ تي ڌاڙو، پر اڄ مان چوان ٿي ته امان بادام ناتوان سنڌ جي سجاڳ ذهن جو سهارو به هئي. هوُءَ پنهنجي قلم جي نوڪ تي اڄ به نظر اچي رهي آهي.
خيرالنساءِ جعفري هڪڙي هئي خيرو! جامي چانڊيو زندگيءَ ۾ اڳتي نهارجي ٿو ته وقت جو احساس ئي نه ٿيندو آهي. لڳندو آهي وقت اڳتي سُري ئي نه ٿو. زندگي ڄڻ ته اوسيئڙو ۽ انتظار ٿيو پوي. وري جڏهن ڪا ياد، ڪو وڇڙي ويل ماڻهو، ڪو گذري ويل پل يا حادثو، ڪا پوئتي رهجي ويل سار، ڪي اَڌ ۾ رهجي ويل ماضيءَ جون وِکون، ڪنهن لمحي هنيانءَ ۾ چُهنڊي پائي زندگيءَ ۾ پٺتي نهارڻ تي مجبور ڪنديون آهن ته ماڻهوءَ کان بي ساخته دانهن نڪريو وڃي، مارِ! زندگي ته بس ڪجهه يادن، حادثن، ناڪامين، ڪاميابين، حسرتن ۽ اَڌ ۾ رهجي ويل اُڌمن ۽ ڪنهن اڄاتل بيوسيءَ ۽ اداسيءَ جو نالو آهي. ماڻهوءَ جي حياتي بس ڪجهه پاڻمرادو کنيل ٻرانگهون ئي ته آهن. ماڻهوءَ جو ٻاروتڻ ته هڪ ڌنڌلي خواب جيان اک ڇنڀ ۾ گذريو وڃي. اسان وٽ ته گهڻن تي ٻاروتڻ ايندو ئي ناهي. خوشين کانسواءِ ڪهڙو ٻاروتڻ! ماڻهوءَ جي ٻي ٻرانگهه بي پرواهه جوانيءَ ۾ ته ٽين ٻرانگهه ۾ ماڻهو پيريءَ کان ٿيندو وري ٻاروتڻ ۾ پڄيو وڃي. بس فرق رڳو ايترو آهي جو ٻاروتڻ ۾ زندگي بي پرواهه ۽ سراپا اتساهه هوندي آهي ۽ پيريءَ ۾ بس هڪ بارُ! اکيون ٻوٽي تصور جي اکين سان پٺتي نهاري زندگيءَ ۾ وڇڙي ويل پيارن ماڻهن کي ساريان ٿو ته روح مان سَٽَ اُڀريو وڃي. دل نه ٿي مڃي ته سنڌ جي سدا ملوڪ ڪهاڻيڪاره ۽ ليکڪا خيرالنساءِ جعفريءَ ۽ منهنجي آپا خيروءَ کي وئي ڀريا چوڏهن سال ٿي ويا آهن. ويساهه ئي نه آيو. فون ڪري آپا خيروءَ جي ڌيءَ صائمه کان پڇيم ته؛ هن به تصديق ڪئي ته کيس وئي چوڏهن سال ٿي ويا آهن. زندگيءَ ۾ انيڪ ماڻهو گڏيا، ڪيترن سان زندگي گڏ گذري، هر رنگ ۽ ڍنگ جا ماڻهو زندگيءَ ۾ آيا ۽ ويا. پر خيرو سنڌ ته ڇا هن ڪائنات ۾ هڪ ئي هئي. خيرو ڪير سڏائي! آپا خيرالنساءِ جعفريءَ سان منهنجون ٻٽيهه نه، پر ٻٽيهه هزار دليون هيون. هن جون به مون سان جيءَ جون جڙيون هيون. خيرالنساءِ جعفري، هونئن ته سندس سڃاڻپ لاءِ اهو نالو ئي ڪافي آهي، ڀلا سنڌ ۾ ڪير نه سڃاڻي ”تخليق جو موت“، ”69،68،67“ ۽ ”حويليءَ کان هاسٽل تائين“ جهڙين منفرد سنڌي ڪهاڻين جي بي باڪ ليکڪا کي؟ ڪو وقت هو جڏهن حيدرآباد جي هر ادبي محفل هن کانسواءِ ٻُسي هوندي هئي، يا ڪنهن به ادبي فنڪشن جي ڪاميابيءَ لاءِ اهو ئي ڪافي هوندو هو ته ان جي دعوت نامي تي خيرالنساءِ جعفريءَ جو نالو هجي. هوءَ جڏهن ادبي محفلن ۾ تقريرون ڪندي هئي ته هال سندس ٻڌندڙن جي بي اختيار ٽهڪن سان گوجندا هئا ۽ اوچتو کلائيندي کلائيندي هوءَ ڪا اهڙي چُڀندڙ ۽ دل کي ڇهندڙ ڳالهه ڪري ويندي هئي جو ماڻهو سوچ ۾ ٻڏي ويندو هو ته هوءَ ڇا ڇا نه چئي وئي! گهڻن جيان مان به کيس خيرو سڏيندو هوس ۽ نصير مرزا کان وٺي ٽنڊي ولي محمد جا موالي کيس ”ادي گُڏي“ سڏيندا هئا. هوءَ حيدرآباد ۾ مون لاءِ ڄڻ ته سڀ ڪجهه هئي، هڪ رازدان دوست، بنهه حجائتي سهيلي ۽ ماءُ جهڙي مهربان. عبدالقادر جوڻيجي صحيح چيو آهي ته ”گڏي، خيرو ۽ خير النساءِ جعفري هڪڙو ماڻهو، هڪڙو روپ، ٽي نالا، جنهن کي جهڙي ڏسڻ ۾ آئي، انهيءَ کڻي اهڙو نالو رکيو هوندس“. هونئن ته ماڻهن جي سوچ، زندگيءَ ۽ ڪردار تي ڪتاب لکي سگهجن ٿا، پر اسان جي خيرو بيان ڪرڻ کان زور آهي. هن جي شخصيت ۽ سڀاءَ جو پنهنجو هڪ تکو مِٺو ذائقو هو، جنهن کي شايد لفظن ۾ بيان نه ڪري سگهجي. هڪ وجود ۾ سندس انيڪ روپ هئا ۽ سندس هر روپ هڪ ٻئي کان وڌيڪ نرالو، تخليقي ۽ عجيب هو. ڪيئن چئجي ته سندس شخصيت جو ڪهڙو روپ وڌيڪ حسين هو. زنده دل، بي ريا، ٺهه پهه منهن تي چئي ڏيڻ واري، ٺهي آيس ته وَسَ پڳي جملن جا طنز ڀريا تير هڻڻ کان مڙندي ڪو نه ۽ جي پاڻ کي لڳس ته ڌَڪُ دشمن جو به نه وڃائيندي، واهه جو ڀِير تي ڏونڪو هڻي مڃيندي پر وير وري اهڙو وٺندي (هن جو وير به سندس جيان بنهه معصوم هوندو هو) جو اڳئين کي ڀل ته ڇٺيءَ جو کير ياد اچي وڃي. ڏسڻ ۾ بنهه سادي، رڌڻي ۾ صندليءَ تي ويهي ماني پچائيندي ته لڳندو هو ڪا ڳوٺاڻي سگهڙ زال هجي، جنهن زندگيءَ ۾ ڪو هڪ اکر به ناهي پڙهيو. خيرو لکي يا ڳالهائي ته اهو ڏانءُ ڪو کانئس سکي. زندگيءَ ۾ تمام ٿورو لکيائين، پر سنڌي ادب ۾ پنهنجو اهو مقام ٺاهي وئي جو سنڌي ڪهاڻيءَ جي تاريخ سندس ذڪر کانسواءِ سدائين اڻپوري رهندي. نفسيات جي استاد هئي پر زندگيءَ جي هڪ موڙ تي پاڻ به چريائپ جو شڪار ٿي. هيءَ اُها چريائپ هئي، جيڪا دل جي بادشاهه نما فقيرن جي ڪُڻي ۾ نڪرندي آهي. هوءَ صحيح معنيٰ ۾ سنڌ جي هڪ درويش صفت انسان هئي. هي سماجي وهنوار، جتي ماڻهو هر ڏينهن ڇا، هر گهڙي ٻين سان ته ٺهيو پر پاڻ سان وڙهندو وتي، ٻهروپي ڪندو پنهنجي اردگرد خوشفهمين ۽ خود فريبين جا ڄارَ اُڻندو وتي ۽ پوءِ پنهنجي ئي اڻيل ڄارَ مان نڪرڻ لاءِ هٿوراڙيون هڻندو وتي، پر خيرو جهڙي اندر تهڙي ٻاهر. هوءَ اهڙي مِٽيءَ مان ڳوهيل هئي جو ڪنهن سان به ڪوڙ، ٺڳي ۽ دوکو جي چاهي به ها ته نه ڪري سگهي ها، جو ان تي سندس ڪو وَسُ نه هو. عبدالقادر جوڻيجي هن بابت لکيو آهي ته، ”خيرو جهڙي دوست دنيا ۾ ملڻ مشڪل آهي.“ مان ڀاڳ وارو هوس جو هوءَ منهنجي دل گهري دوست هئي. مان جي حيدرآباد ۾ هوندو هوس ته ٻئي ٽئين ڏينهن هن سان ضرور ملاقات ٿيندي هئي. پر جي وچ ۾ ڪا وٿي پئجي وڃي ته پوءِ سڄو ڏينهن گهر ۾ ويٺي گاريون ڏيندي هئي (گاريون ڏيڻ آپا جو محبوب مشغلو هوندو هو) ۽ سندس ڌيءَ صائمه کي چوندي هئي، ”اِهو مُئو جامي الائجي ڪيڏانهن گم ٿي ويو آهي، هاڻي اچي ته ساڻس جُٺِ ڪبي.“ وري جي مان اچي نڪرندس ته ڏاڪڻ جي کڙڪي مان ئي سمجهي ويندي هئي ۽ سموري ڪاوڙ گم، ويهڻ شرط پڇندي ”چانهن ڪهڙي پيئندين؟“ ڳاڙهي يا کير واري؟ وري چانهه کڻي ايندي ته چوندي ”ڀلا اڄ ڏينهن جو ڇا کاڌئي؟“ آپا خيرو، کائڻ جي بلا جي شوقين هئي ته کارائڻ جي به. ڇا ته کاڌا ٺاهيندي هئي، جهينگن جو سنڌي پلاءُ، سيهيل پلاءُ، پلي جون تريل آنيون، ٻاڪري مغز جا چهرا پڪوڙا، بادامن ۽ پستن ۾ ٺهيل ڪڪڙن جون ڪڙهايون ۽ ٻيو الائجي ته ڇا ڇا؟ سندس والد جيڪو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ رجسٽرار رهيو، سو به کائڻ جو بلا جو شوقين هو. مجال آهي جو بمبئي بيڪريءَ کانسواءِ ڪو بسڪيٽ يا ڪيڪ کائي. ٽنڊي ولي محمد ۾ سندس گهر ”شيرين ڪارنر“ گُڏي-گُڏيءَ (سندس ڀاءُ کي به گڏو چوندا هئا) جو اباڻو گهر ئي نه، پر حيدرآباد جو هڪ جهان هو. مهمانن کي ماني ۽ چانهه ملندي، دوستن کي گاريون، پاڙي وارين ماين کي سفيد پَنَ جون ٻيڙيون ۽ پاڙي جي ڪُتن کي تئي تان لٿل گرم گرم مانيون ملنديون هيون. مانيءَ جو وقت ٿيو ناهي، پاڙي جا ڪُتا ”شيرين ڪارنر“ جي ڏاڪڻين جي اوٽ ۾ اچي ويهي رهندا، جو کين خبر هئي ته اهو خيروءَ جو گهر آهي، جتان ٻيو ته ٺهيو پر ڪتن لاءِ به سکڻو موٽڻ خيروءَ لاءِ عيب هو. زندگيءَ جي مادي حقيقتن کان بنهه پري، نه شهرت جي بُک نه پئسن ميڙڻ جي هٻڇ، نه وڏائي نه هَٺُ، اصل ملنگ مست. ڪُرسي گهر جي هجي يا آفيس جي، هن لاءِ عذاب هوندي هئي. پنهنجي گهر ۾ پينگهي ۾ ويهندي هئي يا آڳر ۾ رکيل صندليءَ تي. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ نفسيات جي پروفيسر هئي. جڏهن کيس ڊپارٽمينٽ جو چيئرپرسن مقرر ڪيائون ته عذاب ۾ هئي، جيسين عهدي تان استعيفيٰ نه ڏنائين، سُک جو ساهه نه کنيائين. ماڻهو ڪرسين خاطر سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ لاءِ تيار هوندا آهن ۽ هوءَ هئي جو ڪرسي هن لاءِ عذاب هئي. پنهنجي گهر ۾ هن کي صائمه کان پوءِ ڪاٺ جي صندلي ۽ اُها دٻلي پياري هوندي هئي، جنهن ۾ ڳاڙهي چانهه ۾ وجهڻ لاءِ ايراني يا اٽليءَ جو زعفران پيل هوندو هوس. آپا خيروءَ کي ننڍپڻ ۾ گُڏي چوندا هئا، جو هن جو اندر، زندگيءَ جي آخري پل تائين واقعي به ڪنهن گُڏيءَ جهڙو هو. خيرو، معنيٰ زندگيءَ ۾ وڏن مسئلن کي ليکيندي ڪو نه ۽ ننڍڙن مسئلن لاءِ سخت پريشان ٿي ويندي. اصل زندگي حرام هوندس، ٻارن جيان ننڍڙين ڳالهين تان خوش ٿي ويندي، ڪو دوستيءَ ۾ دغا ڪري ويس ته درگذر ڪري ڇڏيندي. حضور شرميءَ کان اڳئين کي نه چئي سگهندي ته پنهنجي منهن ويٺي ان تي عجب کائيندي يا صائمه ۽ منهنجي سامهون کين دل کولي گاريون ڏيندي ۽ پوءِ وري اهڙي هلڪي ٿي ويندي، ڄڻ ته اهي گاريون هن نه پر ڪنهن ٻئي ئي ڏنيون. ڀلا هوندو ڪو دنيا ۾ اهڙو! جتي آپا خيروءَ جون محبتون غير مشروط هيون، اُتي سندس جهيڙا به عالم آشڪار هئا. خيروءَ سان سنگت ۽ ساڻس جهيڙو نه ٿئي. اهو ڪيئن ممڪن آهي؟ کوڙو ئي نٿو لڳي! جتي محبتون ڏيڻ ۾ حاتم طائي هئي، اُتي جهيڙي ۾ به هن جو ”زيب داستان“ ۽ افسانوي انداز ڏسڻ وٽان هوندو هو. اڳئين جون جملي بازيءَ سان کلون لاهي، سندس کيسي ۾ وجهي ڇڏيندي هئي. ڊڄڻي اهڙي جهڙي سهي جي کَلَ، اصل جهرڪيءَ کان به هيڻي ۽ جي خيرو پنهنجيءَ تي اچي ته پوءِ خبر ناهي انهيءَ سهي جي کل ۾ اُها سگهه ڪٿان اچي ويندي هئي. خيرو پنهنجيءَ تي اچي ته سمنڊ پار ڪري ويندي ۽ جي اَٽڪي بيهي رهي ته سندس لاءِ ڪَکُ به ڳرو. پر سندس هر انداز ۾ هڪ-جهڙائپ هئي ۽ اُها ھئي سندس معصوميت. هن پنهنجي اندر جي ٻار کي ڪڏهن به مرڻ نه ڏنو. هن جي کِلَ، روئڻ، رُسڻ، پرچڻ، خوش فهميون، مايوسيون، دلاسا ۽ شرارتون، سڀ ٻارن جيان ئي ته هيون ۽ جيڪو ماڻهو اهڙو معصوم هجي، ان جي دل ۾ ڪير ڪندو. هونئن ته ساڻس وابسته سوين ڇا هزارين واقعا آهن پر هڪ واقعو مون کان نه وسرندو آهي. مان هڪ ڀيري پنهنجي دوست ڊاڪٽر محبت ٻرڙي کي وٽس سنڌ يونيورسٽيءَ واري گهر تي وٺي ويس. ڀانيان ٿو منهنجو فلسفي دوست جاويد ڀٽو به اسان سان گڏ هو. ان ملاقات جي ڪجهه ئي ڏينهن کان پوءِ، ڊاڪٽر محبت ٻرڙو دل جي دوري ۾ گذاري ويو. خيرو مون سان سخت ناراض ٿي ته جڏهن محبت کي جلد ئي مري وڃڻو هو ته پوءِ مون کيس ساڻس ڇو ملايو؟ محبت جو بي وقتائتو موت کانئس آخر تائين نه جو نه وِسريو. ايتري حساس هئي ان ڪري ئي سندس دوست ڪي گهڻا نه هئا. ڇاڪاڻ ته جنهن کي زندگيءَ ۾ دوست سمجهندي هئي، اهو/ اُها سندس ڪمزوري بڻجي ويندا هئا. ناتا وقتي طور ٽوڙيندي ٻارن وانگر هئي، پر نباهيندي عجيب انداز سان هئي، بلڪل هڪ مهربان ماءُ مثل! آپا خيرالنساءِ جعفري گهڻو پڙهيل نه پر تمام گهڻو ڪڙهيل انسان هئي. هن زندگيءَ جي ڪتابن کي تجربن ۽ محسوسات جي اک سان پڙهيو هو. جيتوڻيڪ زندگيءَ ۾ گهڻو ۽ معياري پڙهڻ بيحد ضروري آهي. پر شايد گهڻو ڪڙهڻ ان کان به وڌيڪ اهم آهي. هوءَ سچ پچ هڪ ڪڙهيل انسان هئي. هن جتي زندگيءَ ۾ انيڪ محبتن کي ماڻيو، اتي زندگيءَ جي نٽهڻ اس جهڙين تکين حقيقتن ۽ بيرحمين کي پڻ ڀرپور ڀوڳيو. اهي حقيقتون ئي هيون، جيڪي کيس زندگيءَ جي هڪ موقعي تي چريائپ جي درجي تي پڻ وٺي ويون. آپا خيروءَ جا آخري ڏينهن گهڻو بيمارين ۽ اداسين ۾ گذريا. زندگي هن لاءِ ڄڻ ته بارُ ٿي پئي هئي. ويندي ويندي به پنهنجي زنده دلي نه ڇڏيائين. دنيا ۾ ڪو اهڙي وصيت ڪري سگهندو! لکي وئي؛ ”مُئي کان پوءِ جيڪو به منهنجي قبر تي اچي ته خالي پنا، بال پينيون ۽ سفيد پَنَ جون ٻيڙيون کڻي اچي.“ خيرو سچ پچ به هڪ عجيب انسان هئي. ماڻهو نه هئي، ڄڻ سنڌي ادب ۾ دوستن لاءِ قدرت جو ڪو انعام هئي خيرو! هن جي لکيل ادب، ڏنل محبتن ۽ بي باڪ انوکي شخصيت کي ڪڏهن به وساري نه سگهبو. آپا خيرو! “We miss you badly” خيرالنساءِ جعفري جيڪر ڪريان ريهه شعبان وسطڙو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجا ماڻهو به اوپرا لڳندا اٿم ۽ ڪڏهن ڪڏهن اهي ماڻهو اندر منجهه اوطاقون ڪري رهڻ لڳندا آهن، ڄڻ سالن کان انهن لاءِ سڪايل هجون، تڏهن اهڙن ماڻهن جو وجود بلڪل پنهنجو ڀاسندو آهي ائين جئين سڄڻ اوطاقون ڪري، تن سان جڏهن ملبو آهي تڏهن سوين زمانا پنهنجو ماضي ڀائنبو آهي ۽ ذهن تي اهي ماضيءَ جون يادون انڊلٺي رنگن جيان وکرجي وينديون آهن ۽ اهي انڊلٺي رنگ جهڙا سڄي وجود ۾ پيهي ويا هجن. اهي ماڻهو جن کي ڏسي من ۾ حق ۽ سچ جي صدا ٻرندي آهي، انهيءَ آسري ته شايد هن جي حصي مان ڪي سچ جون ڪڻيون اسان جي جهول ۾ به پون، اهڙا ماڻهو ارادن جا اٽل هوندا آهن، جيڪي ڪارونجهر جبل جيان ڪر کنيو ڪڏهن به نه ٿڪڻ جا وچن ڪندي آئيندي جي اميدن جا سندرا ٻڌيو بيٺا هوندا آهن. اهڙن اٽل ۽ مضبوط ارادن وارا ماڻهو، ڪڏهن به ڪنهن جي آڏو جهڪي سلامي نه ڏيندا آهن، پر هو سوين سلاميون وٺندا آهن، اهڙن مجاهدن جي لسٽ ڏاڍي ننڍي هوندي آهي ڇوته هو سچ جي راهه جا راهي هوندا آهن، پر انهيءَ ننڍڙي صف ۾ هڪ مجاهدياڻي، امن، حق ۽ سچ جو علم کڙو ڪيو، سنڌي قوم جي حق ۽ سچ جي وائي ڳائيندي نظر ايندي آهي، انهيءَ مجاهدياڻي جي مک تي پوپٽن جا رنگ مون خود ڏٺا آهن، هن کي مون محبت ونڊيندي به ڏٺو آهي، جيڪا جهول ۾ کڻي هوءَ محبتي ماڻهن جي اوسيئڙي ۾ هوندي آهي ۽ مان به انهيءَ گس تان لنگهندي کانئس محبت جو ونڊ وٺي سگهيو آهيان، ونڊ وٺڻ کانپوءِ ائين لڳو ته هوءَ جهڙو ماڻهوءَ تي جادو ڪري، منڊي ڇڏيندي هجي ۽ ماڻهو جهڙو سندس مريد بنجيو پوي! اهو سندس محبتن ۽ قرب جو ڪمال آهي ۽ ائين لڳندو آهي ته هوءَ شايد نفرتن جي پاڇن مان ڪڏهن گذري به نه آهي، محبت جي مشعل هٿ ۾ کڻندي اسان کي گس ڏسيندي آهي، حق ۽ سچ جو، ۽ اها نئين دڳ لائيندڙ سنڌي ادب جي پانڌياڻي ۽ اسان سڀني سنڌي ماڻهن جي لاڏلي، خيرالنساءِ جعفري آهي. يونيورسٽي ۾ پڙهائڻ دوران مون کي ائين لڳو ته هوءَ شاهه جي سورمي بنجي جبل جهاڳيندي هجي ۽ سچ به ته خيرالنساءَ سان جڏهن منهنجي ويجهڙائپ ٿي، تڏهن ائين لڳو ته هن به جهڙي سسئي واري ستي پيتي هجي! جو سور سندس سَنڌ سَنڌ کي وڪوڙي ويا هجن پر پوءِ به هوءُ عورت هئڻ جي ناتي سان گڏوگڏ مڙسيءَ وارو اکر پاڻ سان رکندي هر معاملي کي منهن ڏيندي پئي آئي. ڪي دوست چوندا آهن ته خيرالنساءِ نڪ ۽ اک جي ڏاڍي پڪي آهي، پر مان چوندس ته نه، جيڪڏهن هوءَ نڪ ۽ اک جي پڪي هجي ها ته، نڪ تي نظر جو چشمو، اکين کي لڪائڻ لاءِ نه پائي ها، جن مان دکن جي لاٽ لڙندي مون خود ڏٺي، هوءَ ڏاڍي دلير ۽ بهادر هئڻ سان گڏ ڏاڍي حساس عورت به هئي، هن جي من ۾ ڪومل ۽ حسين جذبن واري هڪ دل به ڌڙڪندي هئي، تڏهن ته کيس دل جي بيماري اچي ورايو! هوءَ من جي ڏاڍي اجري ۽ صاف هئي، هن جو من شيشي جيان نازڪ هو، جيڪو ٿورڙي چوٽ لڳڻ سان پرزا پرزا ٿي ويندو هو ۽ خيرالنساءِ جي دل به ائين ئي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان ڏاڍاين جي ڪري چڪنا چور ٿي وئي. سنڌي قوم ته ازل کان وٺي ڏکن ۽ ڏوجهرن جي گهاڻي ۾ پسجيندي رهي آهي، پر ڪو به ڪم جڏهن دهرائبو آهي، پوءِ اهو ۲۰ سيپٽمبر هجي يا ٺوڙهيءَ جو ڪربلائي سانحو يا سنڌ ٻرندي هجي ۽ اها باهه ڏامر يا ٽائرن وانگي اندر جي آگ بنجي جوالا ڏيندي هجي، تڏهن سچ به مون کي خيرالنساءِ ڪاري ويس ۾ ڀنل نيڻن سان مرثيه چوندي نظر آئي ۽ سندس ڀرپاسي ۾ ويٺل جو به جيءَ جهري پوندو هو. حيدرآباد ۾ سنڌي ماڻهن جي خون سان هولي کيڏي ويئي ۽ اهو سلسلو ڪافي وقت جاري رهيو، سنڌي ماڻهن کي بيدرديءَ سان ڪٺو ويو، سنڌي ماڻهن کان اباڻا اجها کسيا ويا، سڄي حيدرآباد بارودي ڌپ ۽ سنڌي ماڻهن جي خون سان واسيل هئي، تڏهن فون تي منهنجو ساڻس ڳالهائڻ ٿيو هو، پاڻ چيو هئائين، “شعبان! هي سڀ ڪجهه منهنجي برداشت کان ٻاهر آهي، مان اڳيئي دل جي ڪمزور......!!” لفظ سندس ڳلي ۾ گهٽجي پيا هئا، جهڙا برف جا ڳنڍا هجن! ۽ پوءِ آواز آيو، صرف فون جي رسيور رکڻ جو...! ۽ پوءِ حيدرآباد جون حالتون نهايت ئي خراب ٿي ويون هيون، تڏهن خبر پئي هئي ته اسان جي هيڏن اٽل ارادن ۽ مضبوط خيالن واري ڀيڻ حساس دل هئڻ جي ناتي سان، وڃي ديوان مشتاق جي حاضري ڀري، مون کي جڏهن اها خبر پئي ته مان سندس خير و عافيت پڇڻ لاءِ وڃي حاضر ٿيس، سڄي جسم تي اي سي جي جون تارون لڳل هئس، تنهن هوندي به مون کي ڏسي هلڪي مرڪ ڇائنجي وئي هيس چهري تي، پر اها مرڪ شايد منهنجي دل کي خوش رکڻ لاءِ هئي ته جيئن مان محسوس ڪري سگهان ته ادي خيرو دل وڃائي به دل جي وارڊ ۾ خوش هئي! پر پوءِ ڄاڻ پئجي ويئي ته هوءَ ڏاڍي منجهيل هئي، ان جي لاءِ نه ته هوءَ دل جي ڳولا لاءِ هتي پهتي هئي ۽ اڃان به سندس دل کيس صحيح سلامت نه ملي هئي پر ان لاءِ ته ٿڌو ساهه کڻندي مون ڏانهن نهاريندي چيائين ”شعبان!... ڪيستائين.... اهي ظالم ائين سنڌي ماڻهن کي بيدرديءَ سان ماريندا رهندا؟“ تڏهن مان سندس سموري دل جي راز کي پروڙي ورتو ۽ جلديءَ ۾ ڳالهه مٽائيندي چيو هيومانس ”ڪڏهن ٿا اسپتال مان گهر شفٽ ٿيو؟“ مان اها ڳالهه ڪري ته ويٺس پر ڏٺم ته هوءَ به زمانن جي ماڻهو آهي، سڄي ڳالهه کي سمجهي وئي، تنهن هوندي به مرڪ مک تي آڻيندي چيائين، ”منهنجي دل بهلائڻ جي ڪوشش نه ڪر، مان مران ڪانه ٿي، پر اندر جهڙو پروڻ ٿيو پيو آهي، رڳي اوهان جهڙن نوجوانن جي حوصلي ۽ قرب جي ڪري اڃان به ڪي دم آهن، جنهن ڪري وقت ڪٽجي پيو، ”مان اهڙيءَ حالت ۾ سندس حوصلو ڏسي ڏاڍو خوش ٿيس ۽ اڃا جيتر چوڻ لاءِ ٻيو ڪجهه سوچيان، تيستائين پاڻ چيائين ”شعبان! تو کي ڪيئن خبر پئي منهنجي هتي اچڻ جي؟“ چيومانس، ”گهر فون ڪئي هيم، تڏهن خبر پئي ته دل جي درد توهان کي ديوان مشتاق اچي رسايو آهي.“ پڇيومانس ته ”ڏيو خبر ڪهڙا ڪهڙا ادب دوست پڇڻ آيوَ؟ ڪجهه نالا کنيائين، پر ٿڌو ساهه ڀريندي چيائين، ”هڪ ادبي ساٿياڻي آئي هئي، پر اندر ۾ ڏنڀ ڏئي وئي آهي.“ ڪجهه وقت خاموش رهي ڇت ڏانهن گهوريندي چيائين ته انهيءِ سانئيڻ مون کي چيو، ”خيرو توکي ٻاهر موڪلڻ جي ڪوشش ڪريان؟“ چيومانس ته ايتري هلندي پڄندي اٿئي ڇا چيائين، ”تون رڳو ها ڪر.“ مان چپ ٿي ويس منهنجي چپ جو فائدو وٺندي ڪافي وڌاءُ واريون ڳالهيون ڪندي رهي، تنهن تي مون چيس ته سامهون ابراهيم منشي دل جي تڪليف ۾ اچي هتي پهتو آهي، هن کان پڇيو اٿئي؟ اڻ ڄاڻائي ۾ لاتعلقيءَ واري خيال سان چيائين ”ڪهڙو ابراهيم منشي؟“ چيومانس ته جيڪو پنهنجي شاعريءَ ۾ دکن جا دور آلاپيندو آهي ۽ هن وقت به سنڌي قوم تي ٿيندڙ ستم ظريفي نه سهندي، دل وڃائي اچي هتي پهتو آهي، چيائين ”اڇا، ادا ابراهيم! ها ملانس ٿي.“ پر خبر اٿئي! اها مهان ليکڪا ابراهيم منشيءَ سان ملڻ ته ٺهيو پر مون وٽ وري نه آئي! خيرالنساءِ اها ڳالهه ٻڌائي مون کي دکي ڪري وڌو، پر ڏٺومانس ته سندس نيڻ به ڀنل هئا. خيرالنساءِ جعفري کي سخاوت ڪندي فقير لڏي جيان اکين ۾ ٽمندڙ رت واري قومپرستيءَ واري روپ ۾ مون به ڏٺو آهي، نسلي جهيڙن ۾ سنڌي ماڻهن جا لاش، جڏهن سنڌ جي هڪ هڪ ڳوٺ ڏانهن روانا ٿيڻ لڳا هئا، تڏهن هوءَ يونيورسٽيءَ ۾ ڪارو ويس پائي اچڻ لڳي، انهن سنڌي ماڻهن جي شهيد ٿيڻ جو ڏک سندس اندر مان ليڪا پائيندي نظر اچڻ لڳو. حق ۽ سچ جي ڳالهه جڏهن سامهون اچي ٿي ته وڏي واڪي چئي سگهان ٿو ته سنڌي ادب ۾ ههڙي بيباڪ، سگهاري، اٽل ۽ اڏول جذبن واري ليکڪا خيرالنساءِ جعفري کانسواءِ مون کي نه سُجهي، انهن سمورين ڳالهين جو ثبوت، سندس مڙني ادبي ڪارنامن جي لکيل ڪتاب، ”منهنجو تخليقي سفر“ منجهه بلڪل ظاهر آهي بقول سندس، ته مون ته اڃان ڪجهه لکيو ئي ناهي، لفظ منهنجي ڳلي ۾ برف جي ڳنڍن جيان ڦاٿا پيا آهن. خيرالنساءِ جعفري الائي ڇو مون کي مولا علي جي قدمن جي اها فقيرياڻي لڳندي هئي، جنهن کان مان ناد علي وٺي چانديءَ ۾ پورائي، تعويذ ٺاهي لڱائي چڱائي کان ڳلي ۾ وجهي گهمندو رهيس، ڇو ته ناد علي جي شان ۽ ان جي اهميت کان آئون واقف آهيان ۽ منهنجو ڪامل يقين آهي ته علي سائين ۾ منهنجو ايڏو ته ويساهه آهي ۽ گڏي خيروءَ کي سنڌي ادب جي فقيرياڻي سمجهي مان به پنهنجي هٿن منجهه شڪتي پيدا ڪرڻ لاءِ اهڙِ دعا وٺندو رهيس ۽ هوءَ جڏهن مون کي دعائون ڏيندي هئي ته سچ به ته مان کيس پنهنجي آڏو مٺڙي امڙ جي روپ ۾ ڏسندو هئس، جا هر پل ۽ هر وقت مون کي دعائون ڏيندي هئي ۽ ڦيڻا پڙهي شوڪاريندي هئي. آپا خيرالنساءِ جعفري ڪڏهن به نه وسرندڙ شخصيت مرتضيٰ سيال ڪالھ مون عبدالقادر جوڻيجي جو خيرالنساءِ جعفري تي لکيل خاڪو پڙهيو، عبدالقادر جو انداز ۽ اسلوب ته منفرد آهي ئي پر آپا خيرو جو به ڪو جواب نه هو. ڪالھ کان وٺي مون کي آپا خيرو جون تمام گهڻيون ڳالهيون ياد اينديون رهيون آهن. شروعاتي دور ۾ ته هوءَ حيدرآباد شهر ۾ رهي پر آخري وقت ۾ پنهنجي ڄامشوري واري گهر ۾ اچي رهي، سنڌ يونيورسٽي سوسائٽي ۾ آئون پنهنجي فيملي سميت اڪثر ڪري آپا سان ملڻ ويندو هوس، سندس ڪچهري ۽ ڳالهيون وسرڻ جهڙيون آهن ئي ڪون. عبدالقادر سورهن آنا سچ چيو آهي ته: "خيروءَ جهڙو دوست دنيا ۾ ملڻ مشڪل آهي، خيروءَ جهڙو دشمن به دنيا ۾ ملڻ مشڪل آهي. گهڻگهرائي ۾ سر ڪپي وڃ، ٻڙڪ ڪا نه ڪڍندي. ڏک سُک ۾ ٻئي ڪُلها وهي ويندي. ڦاٽل دل جي مالڪ آهي، سو به اهڙي دنيا ۾ جتي دلين جا دروازا نه رڳو بند هوندا آهن پر مٿن پنج شيرا ڪُلف به لڳل هوندا آهن. خلوص خرچ ڪرڻ وقت ٻئي هٿ کُليل هوندا اٿس. روايتي سخين وانگر هٿ لڪائي خلوص خرچ ڪو نه ڪري. جيڪا چُلھ تي سا دل تي، ڳالھ ڪبي ته کُلي ڪبي ۽ صاف صاف ڪبي ڪنهن کي وڻي نه وڻي، اُن ۾ خيروءَ جو نڪو اڌ نڪو ٽين پتي" عبدالقادر جو پنهنجو الڳ انداز هو لکڻ جو، سندس ڪتاب ۱۹۷۹ جو شايع ٿيل آهي جنهن ۾ اهو خاڪو به شامل آهي، ممڪن آهي اهو خاڪو ان کان به ڪافي اڳ جو لکيل هُجي. آپا خيرو جو ڪهاڻيڪاره ۽ ليکڪا طور سنڌي ادب جي عورت ليکڪائن ۾ الڳ حيثيت هُئي پر شخصي حوالي کان به ڏاڍي نيڪ نيت، سڌي ڳالھ ڪندڙ، ٻيائيءَ کان سئو ڪوه پري رهندڙ، همدرد ۽ حساس دل رکندڙ انسان هُئي. جيڪو دل ۾ هوندو هيس زبان تي به اهو ئي هوندو هوس، جنهن کي جيڪو چوڻو هوندو هوس سو منهن تي وڏي واڪ چئي ڇڏيندي هئي، دل ۾ بلڪل نه رکندي هُئي. آپا خيروءَ لکندي ۽ ان جون ڳالهيون ياد ڪندي اڄ مون لاءِ سچ پچ ته لفظن جي چونڊ ڏکي ٿي پئي آهي. آپا زماني ۽ زندگيءَ جون سڀ تلخيون ڀوڳڻ جي باوجود ڪڏهن به انهن ڀوڳنائن جو ذڪر نه ڪندي هُئي، آپا جي گهٽ ماڻهن سان لڳندي هئي ڇاڪاڻ ته هوءَ رک رکاءُ مان نه ڄاڻندي هُئي نه ئي ڪنهن جي ڪا پرواھ هوندي هيس، جنهن سان لڳندي هيس ان تي ساه صدقو ڪرڻ لاءِ به تيار هوندي هئي، زندگيءَ جون لاتعداد سختيون ڏسڻ جي باوجود پاڻ ڏاڍي نرم دل واري هئي. آپا جي گهر ويندا هئاسين ۽ ساڻس ڪچهري ۾ ويهندا هئاسين ته هن کان موڪلائڻ تي دل نه چاهيندي هئي. سوسائٽي مان سندس گهر وٽان لنگهندي سدائين آپا خيروءَ کي ياد ڪندو آهيان، سندس ان گهر ۾ هاڻي اسڪول آهي پر مون کي اهو گهر سدائين آپا خيروءَ جي ياد تازي ڪرائيندو آهي. خيرالنساءِ جعفري ڪهاڻيڪاره ۽ سفر نامه نگار رضوان گل سنڌي ڪهاڻيءَ جي عورت ليکڪائن جو جڏهن به ۽ جتي به ذڪر نڪرندو، اُتي خيرالنساءِ جعفري جو نالو نهايت اهميت وارو هوندو، ڇا لاءِ ته خيرالنساءِ هڪ اهڙي حقيقت پسند ڪهاڻيڪاره هئي جنهن پنهنجي ڪهاڻين ذريعي سوچ ۽ فڪر جا نوان دڳ ڏنا. جيئن سندس ڪهاڻين جا موضوع منفرد آهن تيئن اسلوب ۽ فن به ٻين ڪهاڻيڪارن کان کيس الڳ ڪري بيهاري ٿو. سندس شمار سنڌي جي بهترين ڪهاڻي نويسن ۾ ٿئي ٿو. خيرالنساءِ جعفري، جنهن کي پيار مان ”خيرو“ ۽ ”گُڏي“ جي نالن سان به پُڪاريو ويندو هو، ۷ اگسٽ ۱۹۴۷ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. بنيادي تعليم اتي ئي حاصل ڪرڻ بعد نفسيات ۾ پوسٽ گريجوئيشن ڪيائين ۽ سن ۱۹۷۰ ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي نفسيات واري شعبي ۾ ليڪچرار طور مقرر ٿي. باضابطا لکڻ جي شروعات ۱۹۷۴ ۾ ڪهاڻيون لکڻ سان ڪيائين. سندس پهرين ڪهاڻي ۱۹۷۴ ۾ ئي ”سوجھرو“ رسالي ۾ شايع ٿي. خيرالنساء جي لکڻين ۾ اڪثر علامتي اهڃاڻ موجود آهن، جن ذريعي هن سماجي اڻ برابرين ۽ بُراين جو ذڪر جاندار انداز ۾ خوبصورت اسلوب سان ڪيو آهي. انهن ڪهاڻين کي پڙهڻ کان پوءِ ماڻهو سوچڻ تي مجبور ضرور ٿئي ٿو. هن هندوستان ياترا کان واپس ٿي هڪ سفرنامو به لکيو جنهن ۾ پنهنجي وطن جي سِڪ ۽ محبت جو ڏاڍن نفيس احساسن ۾ اظهار ڪيو اٿائين. ان کان سواءِ پاڻ مختلف موضوعن تي مضمون به تحرير ڪيائين، جن ۾ ٻارڙن جي نفسيات بابت لکيل سندس مضمون تمام ڪارائتا آهن، ڇاڪاڻ ته سندس سبجيڪٽ ئي نفسيات هو. انهيءَ ڪري هن جي ڪهاڻين ۽ ٻين لکڻين ۾ به داخلي احساسن ۽ جذبن جي اپٽار ججھي انداز ۾ ٿيل آهي. انهيءَ حوالي سان هن ادب جي نفسياتي لاڙن وارين تحريرن جو اضافو ڪيو. خيرالنساءِ ۱۹۷۴ کان مسلسل ڪهاڻيون لکندي رهي. سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”تخليق جو موت“ جنوري ۱۹۷۸ ۾ شايع ٿيو، جنهن تي کيس تمام مانائتي موٽ ملي. هن پنهنجي ڪهاڻين جا ڪردار عام سنڌي معاشري مان چونڊيا آهن، جن کان ٺيٺ سنڌيءَ جا تُز محاورا به چوَرايا اٿائين، جيڪا سندس ڪهاڻين جي خاص خوبي آهي. خيرو جي ڪهاڻين جو ڪوبه ڪردار تصوراتي يا غير ضروري محسوس نه ٿيندو. جملا جيءُ جھنجھوڙيندڙ، ٻولي دلڪش ۽ منظر ڪشي لاجواب. هن جي تحرير ۾ گرفت ايتري جو پهرين سِٽَ پڙهڻ کان پوءِ سڄي ڪهاڻي پڙهڻ بعد ئي اُٿجي. خيرالنساء جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون تمام گھڻيون مقبول ٿيون. عبدالقادر جوڻيجو سندس ڪهاڻين بابت راءِ ڏيندي چوي ٿو ته ”خيرالنساء ڪهاڻي لکڻ وقت پنهنجي ماحول ۽ ان طبقي جي بي پاڙن ڪردارن کي پاڻ سان ڳنڍيل رکيو آهي. هن اهڙا ئي ڪردار کنيا آهن جيڪي سندس آسپاس موجود آهن ۽ سندس ماحول سان گھاٽو تعلق رکن ٿا.“ خيرالنساءِ پنهنجي مشهور ڪهاڻي ”حويليءَ کان هاسٽل تائين“ ۾ اهڙي مسئلي طرف ڌيان ڇڪايو آهي جيڪو صدين کان اسان جي سماج ۾ پيوست ٿي ويو آهي. عورت جي مظلوميت، ڪمتري ۽ مجبوريءَ جو عڪس جنهن خوبصورت اندز ۾ هن ڪهاڻيءَ اندر ملي ٿو سو هڪ حساس ماڻهو درد مند دل رکندڙ ئي سمجھي سگھي ٿو. مثال ان ڪهاڻيءَ جون هي سِٽون پڙهي ڏسو: ”مڃان ٿي مقدس آهي هيءَ حويلي، جنهن جي اوچين ديوارين تان سج صدين کان لنگھڻ ڇڏي ڏنو آهي. ڏينهن ته هن حويليءَ تان ڪڏهن گذرڻو ئي ناهي. هروقت رات ئي رات سان رُسڻ پرچڻ ٿيندو رهندو آهي. پوءِ جتي ڏينهن اچڻ ڇڏي ڏي، صرف رات ئي رات جو ديرو دُکندو رهي، اُتي ناجائز مال ڪيڏو نه اُپائي ۽ نپائي سگھجي ٿو.“ ڪهاڻي ”تخليق جو موت“ هڪ احساساتي ڪهاڻي آهي، جنهن جي جملن جي جوڙجڪ ۽ اڻت پڙهندڙ کي پنهنجي سحر ۾ وڪوڙي ڇڏي ٿي. ڪهاڻيءَ جو ڪردار عزيز هڪ آزاد خيال من موجي ماڻهو آهي، جيڪو رهندو ته هاسٽل ۾ آهي پر اڪثر و بيشتر پنهنجي ڀيڻ جي گھر حيدرآباد ۾ به رهي پوي ٿو، جتي سندس هم عمر ڀاڻيجيءَ سان جملن جي ڏي وٺ ٿيندي رهي ٿي. ڪهاڻي ”پيڙا جو پڙلاءُ“ ۾ جذبن جا عڪس ايڏا ته دل کي ڇُهندڙ آهن جو پڙهندي پڙهندي انهن لفظن جو مٺاج مَن کي سڪون بخشي ٿو. درد جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ماڻهوءَ جا احساس علامتي انداز ۾ پيش ڪرڻ جو وٽس خاص ڏانءُ آهي، جيڪو هن ڪهاڻيءَ ۾ نمايان نظر اچي ٿو. ”تون ۽ مان هڪ ڪناري جون ٻه ڪُنڊون هئاسين، جن جا رُخ ازل کان جُدا، تون درياءَ جي مست وهڪري جيان جتان چاهيئي اتان لنگھندو وئين. زندگيءَ جي هر تجربي کي پاڻ ۾ پائي بي فڪر ٿي روم هليو وئين، جيئن ڀانيئه تيئن ڪيئه، سوچڻ ۽ لوچڻ تنهنجي اڳيان اجايا هئا، تو آڏو زندگيءَ جو ساز رُڳو موج ۽ مستيءَ جي آواز لاءِ هو. پنهنجي هر ڪرڻي کي بهادري ۽ ويساھ ڀانيئه، شايد اعتماد جي اها گھڻائي هئي تو ۾، جو مون هميشه توکي پُرسڪون ۽ سانتيڪو ڏٺو.“ خيرالنساءِ جعفري جي ڪهاڻين جو مجموعو ”منهنجو تخليقي سفر“ ۱۹۹۲ ۾ سنڌيڪا پاران ڇاپيو ويو، جنهن ۾ اڳ شايع ٿيل ڪتاب ”تخليق جو موت“ کان علاوه ٻيون ڪهاڻيون، تقريرون، انٽرويو ۽ انڊيا جو سفرنامو پڻ شامل ڪيا ويا. هن ڪتاب جو مهاڳ مشهور ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامه نويس عبدالقادر جوڻيجي لکيو. خيرالنساءِ جعفري گڏي، خيرو، خيرالنساءِ جعفري عبدالقادر جوڻيجو گڏي، خيرو، خيرالنساءِ. هڪ ماڻهو، ٽي نالا. جنهن کي جهڙي ڏسڻ ۾ آئي، انهيءَ اهڙو کڻي نالو رکيس. اک اک جو ڦير آهي، سوچ سوچ جو تفاوت آهي. نه ته خيرالنساءِ آهي ته هڪڙي ئِي روپ رنگ جي مالڪ. وقت جي نزاڪت کي اک ۾رکي، پنهنجو روپ ڪو نه بدلائي. جهڙي پر پٺ، اهڙي منهن تي. منهن تي جيڪڏهن شينهن شير خدا جو سڏائي ته پر پٺ گدڙ وارا ڪم ڪونه ڪندي. ان ڪري مڙس ماڻهو هئڻ باوجود، شير دي بچي چورائڻ جي ڪوشش ڪا نه ڪئي اٿس. جيتوڻيڪ انهن رسمن جو ڪاروبار، ادبي دنيا ۾ چوٽ تي چڙهيل آهي. بقول هڪ دوست جي؛ ”جنهن وچولي طبقي مان خيرو، کنڀيءَ وانگر ڦٽي نڪتي آهي، اتي ماسڪ سان مارڪيٽ ڀريا پيا آهن. جيڪو کپئي سو کڻي منهن تي چاڙھ!“ ننڍپڻ لاء سندس نالي گڏي رکڻ وارو ڪو مستقبل جو نجومي ٿو نظر اچي. معاملو ڪيترو به ڦاٿل هجي، ان ۾ ڦاٿل ماڻهو ڪيترا به ويجها هوندس، پر سندس منهن تي اهڙي ته معصوميت سادگي ۽ لاتعلقي ڇانيل هوندي جو کيس بي اختيار گڏي چوڻ تي دل چاهيندي. پوءِ چوڻ واري جي عمر ڇا به هجي. مون کي ته شڪ آهي ته سڀاڻ جيڪو اولاد ٿيندس، اهو به کيس امان جي بدران گڏي نه چوي. قد بت ۽ ڪپڙن ۾ به گڏي پئي لڳندي آهي. ڪنهن ڳالهه پئي ڪئي ته شاديءَ وقت، جڏهن کيس سينگاري سندس سهيلين سهرا پئي ڳايا ته انهن کي پنهنجو ننڍپڻ ياد آيو، جڏهن گڏيون پرڻائينديون هيون. آرٽس فئڪلٽي ۾ ڪير ڪنهن کي سڃاڻي نه سڃاڻي، گهڻي خلق خدا جي ڪاريِڊور پيئي ڪڇي، پر جڏهن خيرو، ليلا ۽ تنو جو قافلو، ليڊيز روم مان نڪري، ڪاريڊار جي فرش تي پير ڌريندو آهي ته فرش وڄڻ شروع ٿيندو آهي ۽ ڪڪريون اڏامنديون آهن. ڪٿي ڪنڌ جي لوڏ، ڪٿي مٺا اکر، ڪٿي ڪڙا، ڪٿي ٿڪ بجو. کين پري کان ايندو ڏسي، ڪي ڌريون اٺ پکي وانگر واري ۾ مٿو لڪائينديون آهن. ليلا سان ته هڻي کڻي منهن ڏيئي وڃي پر خيرو، منهن جا ته ٻئي هٿ ڪنن تي آهن، مجال آهي جو خيروءَ جو جملو گسي. زبان جي ملهه جو انگ انگ سجهيس. ڪهڙو حملو ڪهڙي هنڌ تي ڪجي. ان وقت معصوم گڏي الائي ڪيڏانهن پر ڪري اڏامي ويندي آهي. خيروءَ جهڙو دوست دنيا ۾ ملڻ مشڪل، خيروءَ جهڙو دشمن دنيا ۾ ملڻ مشڪل. ڏک سک ۾، ٻيئي ڪلها وهي ويندي. ڦاٽل دل جي مالڪ آهي، سو به اهڙي دنيا ۾ جتي دلين کي پنج سيرا ڪلف چڙهيل آهن. خلوص خرچ ڪرڻ وقت به ٻيئي هٿ کليل هوندا اٿس. جيڪا چلهه تي سا دل تي. صاف صاف ڪنهن کي وڻي نه وڻي، تنهن ۾ خيرو جو نه اڌ نه پتي. خيرو دشمني جي فن کان به چڱي طرح واقف آهي دشمني کي هڪڙي ئي ڌڪ ۾ ڇڏائي ڇڏيندي آهي پوء جي رينگ رينگان مان نه ڄاڻي. ذاتي نقصان اصل نه ڏيندي. باقي زبان جي جهٽڪي سان ايترو گهرو گهاء ڏيئي ويندي جيڪو پوء ڏينهن تي وڃي ڇٽندو. منهن تي سچ چوڻ جي بندوق جي گهوڙي تي، هر وقت هٿ رکيو اٿس. نشانو ور چڙهي آيس ته گهوڙو دٻائيندي دير نه ڪندي آهي. بارود جي دونهين وچان، رڳو کنڀڙاٽيون اڏرنديون نّظر اينديون. رسڻ پرچڻ ۾ خيرو ٻين اديبن وانگر آهي. ڪڏهن هاٿي مٿانس چڙهي وڃي ته ڪانه ڪڇندي، ڪڏهن ڀڻڪي تي ڳالهه وڃي ڏه سيڪڙو کان سو سيڪڙو تي پهچي ويندي. جڏهن سرچندي آهي ته سڀ پنا نه رڳو ڦاڙي ڇڏيندي آهي پر ساڙي ڇڏيندي آهي. خيرو اٿڻ ويهڻ ۾ عورت بجاء مرد وڌيڪ لڳندي آهي. ڪهڙي به ڳالهه هجي ته ڪن لاٽار نه ڪندي، نڪو وٽي سٽي عام ڇوڪرين وانگر. ذهني تحفظات، صفا ڪا نه رکي. سچ سان اک ملائيندي، اک ڇڀيندي ڪا نه. جنهن ماحول ۾ چانهن جو ڪوپ غنيمت آهي، اتي خيرو ماني کارائڻ لاء باقاعدي سازش سٽيندي آهي. اڄ نه سڀاڻ ڪو نه ڪو مهمان ڦاسي پوندو آهي. ماني کائي پوءِ هر وقت ان ڄار ۾ ڦاسڻ لاء واجهه وجهندو آهي. هاڻ اچو خير النساءِ تي. گڏيءَ مان خيرالنساءِ ٿيڻ ۾ الائي ڪيترو وقت لڳو. پر ان لاڳيتي عمل جي رسي ۾ اهڙيون ڳنڍيون نه آهن جنهن جي نشاندهي ڪري سگهجي. پر خيرو ادب جي دنيا ۾ وڏي شان مان سان ڳائي وڄائي خيرالنساءِ ٿي ويئي آهي. سنڌي افساني جي ارتقا ۾ ماڻڪ جي نئين روپ ۾، مشتاق جي نالي کانپوءِ، ڪجهه وقت ماٺ اچي وئي هئي ۽ ڪو اهڙو نئون نالو ڏسڻ ۾ نٿي آيو، جنهن کي سٺن ڪهاڻيڪارن ۾ ڳائي سگهجي. ڪهاڻي ۾ نيون فڪري راهون ڳولي لهڻ پنهنجي جاء تي، پر هڪ تازي تواني نالي جو وجود جيڪو هن پيڙهيءَ کي ڀليون ڪهاڻيون ڏيئي سگهي. وڏي خوشي جي ڳالهه آهي پوءِ چاهي کڻي ان ڪهاڻيڪارن جون فڪري راهون نه ڳولي لڌيون هجن پر سندس فن ۾ زندگي نواڻ ۽ مستقبل شيخيل آڱر هجي. سنڌي افساني جي اها ڪمي خيرالنساءِ جيتوڻيڪ ڪافي وقت کان ڪهاڻيون لکندي اچي. پر سندس تخليق جي موت ۾، سندس اندر ۾ ويٺل آرٽسٽ پڌرو ٿيو آهي. ان کانپوءِ حويلي کان هاسٽل تائين لکي اٿس، جيڪا ليکڪ جو نالي چٽن اکرن ۾ لکائي ڇڏي ٿي ۽ ايندڙ ادبي پيڙهين ۾ به ياد ڪئي ويندي. خيرالنساءِ ڪهاڻي لکڻ وقت پنهن جي ماحول طبقي کي ۽ان طبقي جي بي پاڙي ڪردارن کي پاڻ سان سلهاڙيو اچي اهڙائي ڪردار کنيا اٿس جيڪي سندس اسپاس موجود آهن ۽ سندس ماحول سان گهاٽو تعلق رکن ٿا نه ته شيرين ڪارنر ني ڪنهن ڪمري جي ٿڌي ڪنڊ ۾ ويهي هارين ناين جون ڳالهيون ڪيون اٿس ۽ نه وري ٽنڊي ولي محمد ۾ رهي ڪري جيٽ ايج جو ڀوت سوار ٿيو اٿس ۽ نه وري مغربي ادب جا چاليهارو سال اڳ ڦٽا ڪيل خيال ڊسٽ بن مان ڪڍي پنهن جي منهن تي ملي پنهن جو پاڻ زوري ماڊرن ازم جو شڪار بنايو اٿس ۽ پنهن جي اصلي شڪل ڦٽائي ويهي رهي آهي اها ئي سندس فن جي وڏي ۾ وڏي سچائي آهي ها البت ٻولي جي نڪته نگاه کان ڪن جڳهين تي مٿس اعتراض ڪري سگهجي ٿو جيڪو اڳتي هلي مسلسل لکڻ سان ختم ٿي سگهي ٿو ڪهاڻي جي ڪردار کي جيئن به اهن جهڙا به آهن قبول ڪري پنهن جو پاڻ کي انهن کان ڇني ڌار ڪري غير جانبدار ٿي انهن کي لکت جي سٽاء ۾ آڻي جي مڪتب فڪر ۾ اچڻ بدران خيرو پنهن جي ڪهاڻين جي ڪردارن سان نسبتًا وڌيڪ involve؛ ٿيل آهي هر ڪردار ۾ خيرو سڄي ساري ته نه پر سندس پاڇولا ڏسڻ ۾ اچن ٿا ان ڪري کيس بنا شڪ شبهي جي. جي مڪتبه فڪر ۾ڳڻائي سگهجي ٿو هت اهو به سوچڻ گهرجي ته اسان وٽ ٿيندڙ پرک ۾ فن جي جوڙ جڪ جي مڪتبه فڪر جي نڪته نگاه کان تمام گهڻين ڪهاڻيڪان کي sure realistic؛ سمجهيو وڃي ٿو، حالانڪ ائين نه آهي. جمال ابڙو، غلام رباني ۽ منھنجي لاء اهو چيو وڃي ٿو ته؛ اهي شوئر ريئلسٽ آهن. حقيقت انهن ليکڪن جون ڪهاڻيون غور سان پڙهبيون ته ليکڪ جي ڪردارن بهرحال خيرالنساءِ جو فني نڪته نگاه سان، ڪهڙي به مڪتبه فڪر سان تعلق هجي، پر ڪهاڻي ڏانهن سندس سخت artistic approach هئڻ ڪري، سندس ڪهاڻيڪارن ۾ اوچو مقام آهي. خير النساءِ جعفري خيرو جي قلم جو ڪمال ريحانا نظير ۲۱ هين صدي کي عورتن جي حقن جي صدي چيو وڃي ٿو، ڇو ته هن صدي ۾ سڄي دنيا اندر سجاڳي ۽ حقن جي لاءِ آواز اٿاريندڙ تحريڪن جنم ورتو. اڳتي هلي جيئن انسان صنعتي دور ۾ قدم رکيو، تيئن ئي سماجي ڀڃ ڊاھ نئين سر عمل ۾ آئي، جنهن مظلوم ۽ محڪوم طبقن کي ڀرپور پليٽ فارم مهيا ڪيو، عورتن به غلامي جا طوق لاهي ڦٽا ڪيا ۽ انهي شعوري ويڙھ ۾ شامل ٿيون. طبقاتي ماحول جي سوڙھ ۽ زندگي جي سکن کان ڌڪاڻيل هئڻ جي ڪري عورتن کي اهو مزاحمت جو رستو اختيار ڪرڻو پيو، ڇاڪاڻ ته دنيا جي سمورن مظلوم طبقن ۾ عورتن جو ڪثير تعداد نظر اچي ٿو، جيڪي نه صرف مذهب پر رياست ۽ سماج جي ڏاڍ جو مسلسل شڪار رهيون آهن. ڪيئي سياسي تحريڪون هليون ۽ جاري آهن، پر پوءِ به اهي سڀ گڏجي به ان استحصال کي روڪي نه سگهيون آهن. جيستائين عورتون پاڻ اڳڀرائي ڪري اڳتي نه آيون، تيستائين اهي ويساھ گهاتيون جاري رهيون. سنڌ ۾ سياسي توڙي سماجي تحريڪن جو فڪري پس منظر سنڌي ادب يا کڻي چئجي ته ترقي پسند ادب جي ذريعي تحرڪ ۾ آيو آهي ۽ جن عورتن ان ڏس ۾ نشانبر ٿي لکيو، انهن ۾ خير النساءِ جعفري جو پنهنجو نمايان مقام آهي. هي اهو وقت هو جڏهن اديب فرار پسند ۽ مايوس ادبي لاڙن کي ادب جو موضوع بڻائي لکي رهيا هئا، ان وقت ۾ خير النساءَ ترقي پسند رجحان ساڻ ڪري ادبي ميدان ۾ لٿي ۽ افساني ذريعي پنهنجو فڪر عام ماڻهن تائين پهچايو. سندس ڪهاڻيون ڀلي جمال ابڙي جي ڪهاڻين جيان تعداد ۾ گهٽ آهن، پر ادبي معيار ۾ ڪٿ ڪجي، ته جمال ابڙي وانگر خير النساءَ جون ڪهاڻيون به اسٽائيل، ٽيڪنڪ، فن ۽ موضوع ۾ جديد ڪهاڻين ۾ اعلى مقام رکن ٿيون، جن جا موضوع سماج سان لاڳاپيل، ڪردار سچا ۽ کرا، مقالما تکا ۽ تيز طنز سان ڀرپور نظر اچن ٿا. سندس هر افساني ۾ سندس سوچ جي پختگي ۽ زندگي جي تجربن جو باريڪ مشاهدو ۽ خيالن جي جدت ۽ وسعت گران قدر نظر اچي ٿي. هيٺ سندس مشهور ڪهاڻين جي ٽمورٽي “حويلي کان هاسٽل تائين”، “پيڙا جو پڙلاءُ” ۽ “تخليق جو موت” جو مختصر جائزو وٺون ٿا. “حويلي کان هاسٽل تائين” ڪهاڻي سخت سماجي پابندين تي گهري چوٽ مثل آهي، جنهن جي هر هڪ سٽ ۾ حويلي جو درد ۽ دانهن سمايل آهي. مثال طور: “منهنجو اصل مسڪن منهنجي پراڻي پناھ گاھ حويلي، جنهن جي مقدس ڪنگرن تان سج ڪڏهوڪو لنگهڻ ڇڏي ڏنو آهي. رات ويلا بين آرياڻين جيان ڪنهن بلائوزر کي ڀاڪر ۾ ڀري زندگي پئراميشم جيان پنهنجي ئي وجود جهڙي حصي سان لئي ۾ اچي لڙهڻ لڳندي آهي. انڌيرن جي خوف کان، ڪن بسترن جي ڀوءَ کان سماج، اتم پڻو ۽ ساداتي تقدس سڀ ساٿ ڇڏي پري هليا ويندا آهن. باک ڦٽڻ سان اهي نستا احساس لاشن سمان منهنجي ضمير کي ضربون هئڻ شروع ڪندا آهن، اهوئي ڪنهن اڻ ڏٺي پاپ ۽ پيڙا جو احساس، ڪنهن ڀڃ ڊاھ ۽ پڇتاءُ جي ڀوڳنا!! ڪنهن ڪاتب تقدير کان ڪا شڪايت ناهي، شايد اهو ئي اسان جو در ڀاڳ آهي”. “تخليق جو موت” سندس ڪرداري افسانو آهي، جنهن کي پڙهندي مون کي عصمت جو لکيل پنهنجي ڀا جو خاڪو “دوزخي” ذهن تي تري اچي ٿو. الاءِ ڇو مون کي عصمت ۽ خير النساءَ جعفري جي ڪيترين ئي ڳالهين ۾ مشابهت نظر ايندي آهي. سڀ کان وڏي مشابهت سندن قلم جي بي باڪي، سخت موضوعن جي چونڊ ۽ فڪر جي گهرائي آهي. مثال طور، وڏين حويلين ۾ قيد عورتن جي جذبن ۽ احساسن کي عصمت لحاف ۾ ڍڪيل پيش ڪيو، ته خيرالنساءَ وري ان کي عورت جي حويلي کان هاسٽل تائين جي سفر ۾ بيان ڪيو، جنهن ۾ هم جنس پرستي کي موضوع بڻايو آهي. جيئن عصمت پنهنجي وڏي ڀاءُ جي موت جو خاڪو “دوزخي” جي عنوان هيٺ قلمبند ڪيو آهي. ساڳي ريت، خير النساءَ جعفري وري پنهنجي مامي جي جواني مرگ کي “تخليق جو موت” جي عنوان سان ڪهاڻي ذريعي پيش ڪيو آهي، جنهن جي سٽ سٽ مان ان ڪردار جي اهميت بيان ٿيندي نظر اچي ٿي. اهي رشتا جيڪي بظاهر ته ان وزبل (نظر نه ايندڙ) لڳندا آهن پر حقيقت ۾ انهن جو وڇڙڻ ايئن هوندو آهي، جيئن جسم جو ڪو عضوو ٽٽي ويندو آهي، ته درد پيدا ٿيندو آهي. ان پل پل جي پيڙا کي هن “تخليق جو موت” جو عنوان ڏنو آهي. خير النساءَ جعفري پنهنجي ڪهاڻين ۾ نيون فڪري راهون ڳوليون. مثال طور، “ڪهڙو برانڊ، ڪهڙو سگريٽ” ۾ هن زندگي جي ٺوس ۽ حساس روين جي اپٽار اهڙي ته ڪلاڪاري سان ڪئي آهي جنهن کي پڙهندي سندس فڪري شعور جي ڪٿ ڪري سگهجي ٿي. مثال طور، هوءَ لکي ٿي ته ڪو به مرد ذهين ۽ هوشيار عورت کي دوست بڻائي ته فخر ڪري سگهي ٿو پر زال بڻائي ڪڏهن به چين نه پائيندو. سندس برجسته جملا ڪهاڻي جي موضوع کي واضح ڪري ڇڏيندا آهن، ڪهاڻي “پيڙا جو پڙلا ۾ هو لکي ٿي: “ڀلا ازل کان ئي جن قسمن جي بنواس ۾ ڀڪشو جيان بن بن ڀٽڪڻ هجي، اهي ڪٿي ٿا هڪ هنڌ گوتم جيان گيان ۾ گذارين. شايد آئون به ڀڪشو آهيان ۽ مون کي به بن بن ڀٽڪڻو آهي”. سندس تعلق جيئن ته نفسيات جي شعبي سان هو، ان ڪري هوءَ سماج جي نفسيات کي چڱي طرح سڃاڻي پئي. مثال طور “حويلي کان هاسٽل تائين” ۾ هوءَ قيد واري زندگي کي بيان ڪندي لکي ٿي: “مڃان ٿي ته مقدس آهي هي حويلي، جنهن جي اونچين ديوارن تان سج صدين کان لنگهڻ ڇڏي ڏنو آهي، هر وقت رات ئي رات جو رسڻ پرچڻ ٿيندو رهندو آهي، پوءِ جتي ڏينهن اچڻ ڇڏي ڏئي صرف رات جو ديرو دکندو رهي، اتي ناجائز مال ڪيڏو نه اپائي ۽ نپائي سگهجي ٿو”. “حويلي کان هاسٽل تائين” ڪهاڻي به مصلحتن جي زنجيرن ۾ ڦاٿل جذبن جي بغاوت ۾ کنيل انتهائي قدم، بند ڪوٽن ۾ قيد عورتن جي ذهني اذيت ۽ نفسياتي پيڙا جو عملي نمونو آهي، جنهن جو مرڪزي ڪردار فرد جي ذهن جي ناآسودگي مان اڀري ٿو، تنگ دلي ۽ ڪوتاھ انديشي سان وچڙي مصلحت جون سڀئي زنجيرون ٽوڙي ٿو ڇڏي. مان ته “تخليق جو موت” ڪهاڻي کي تخليق جو جنم چوندس، جنهن ۾ هڪ پاڪيزا رشتي جي وڇڙي وڃڻ جو درد، ڀوڳنا، پل پل جي پيڙا جو اظهار نظر اچي ٿو. هو لکي ٿي “ته حيران آهيان گوتم به ته روشنين جو ڳولائو هو، پوءِ ان کي ڇو زندگي تياڳڻ ۾ روشني ملي هئي، جڏهن ته روح زندگي جي انهن روشنين مان نور پايو وڃي ۽ من کي جا ان روشني مان آسيس ملي ٿي، سا وري تياڳڻ ۾ ڪٿي؟” گهر ۾ رهندڙ ساڳئي گهر جا ڀاتي ۽ سندن نوڪ جهونڪ ۾ به خيالن جي اڏام ۽ تخيل جي اهڙي اثرائتي رواني صرف خيرالنساءَ جي ئي قلم جو ڪمال هئي. ننڍين ننڍين ڳالهين ۾ وڏيون نصيحتون ۽ تجزيا صرف هن کي ئي اچن ٿا. مثال طور، “تخليق جو موت” ۾ اهي سٽون ته “عزيز تنهنجي فڪر ۽ تدبر جي پرواز باٿ روم کان شروع ٿي وري اتي ئي دم ٽوڙي ڇڏي”، واھ واھ ڇا ته خيالن جي اڏام آهي. هڪ ٻي جاءِ تي هوءَ عزيز کي ڪنهن ڳالھ تي ٽوڪيندي چوي ٿي ته “اها ته ڪا ڳالھ ناهي، جڏهن موچڙو گهٽ، ماني ڍءُ تي هجي ته پوءِ فرسٽريشن فرار بڻجي ويندي آهي”. هي ڪهاڻي هر پڙهڻ واري کي پنهنجي گهر جي ڪهاڻي لڳندي آهي، جنهن ۾ پيڙا جو پڙلاءَ تڏهن اڀري اچي ٿو، جڏهن عزيز جو ايڪسيڊنٽ ۾ موت واقع ٿئي ٿو، ان لمحي کي بيان ڪندي خيرو لکي ٿي ته “جڏهن اسين اسپتال پهتاسين امان بي چين ٿي وڃي وارڊ ۾ گهڙي، باقي مان در تي بيٺي هئس، مون کي ڏسي امي چادر هٽائيندي ٻاڪارائين، هي ڏس منهنجي بابي جو قعبو ڪيئن نه ڊهي پيو آ”. مان ڪيئن ڏسان ان ٽٽل تاري کي جيڪو اڻ پوري رچنا ۽ جهريل جذبو هو، وکريل آس ۽ ڇڳل سپنو هو، ڀلا جيون جون اهي جهوريون ڪي ڏسڻ جون هيون. . . پنهنجي لکڻين بابت سندس چوڻ آهي ته مون به ادب کي عبادت جي حد تائين پوڄيو آهي، جيڪي ڪهاڻيون لکيون اٿم سي ڪنهن پر ڪوڙيون نه آهن، سچن موتين جيان سمورو ئي سچ آهي. مون ڪابه ڪهاڻي ادب ۾ انقلاب آڻڻ لاءِ ڪونه لکي، ڪهاڻي لکندي مان صرف پنهنجو پاڻ کي پنهنجي اندر جي آرسي ۾ ڏسندي آهيان. منهنجون اڪثر ڪهاڻيون ڊگهي رات جي پيڙائن ۾ سرجنديون ۽ اسر جي ان ويل انجام تي پهچنديون آهن، جنهن وقت عام طور تي جيون سان غداري ڪندڙ قيدي ڦاهي تي چڙهندا آهن. اهڙي وقت اذان جي آواز تي ڪنهن نه ڪنهن قيدي سان گڏ منهنجي ڪهاڻي قلم جي صليب تان لهندي آهي.
هيمراج سوٽهڙ سگھڙ سياڻو ڀارومل امراڻي سوٽهڙ ٿر جي اونداهه راتين ۾ هُن وٽ ڏيئي جھڙي ڏيا هئي، هُن پنهنجي مڻيا سان اوتارو آباد ڪيو هو. سج لهندي چيلهار ۾ هُن جي چوئنري واري اوتاري جي اڳيان ماڻهن جا ميڙا ٿي ويندا هئا. منهنجي اها خوشي نصيبي آهي جو مون کي پنهنجي چاچي هيمراج جي ويجھو رهڻ جو وڏو موقعو مليو. چاچو هيمراج سوٽهڙ ٿرجي لوڪ ڏاهپ جو وڏو ڄا ڻو هو. هن جي ڳالهين ۾ وڏي گھرائي هوندي هئي. هُو سماج جي بنيادي نقطن تي سوچيندو هو. سماجي نفسيات کي سمجھندڙ هن شخص وٽ تجزئي ۽ پرک ڪرڻ جو وڏو تجربو هوندو هو. چاچو چوندو هو ته؛ مڙس ۽ گھوڙي کي پهرين نظر ۾ سڃاڻبو آهي. مون چاچي هيمراج کان سماجي سائنس سمجھڻ جو بنيادي شعور پاتو. هن وٽ لوڪ ادب کان وٺي لوڪ مرياده تائين سڀ موضوع هوندا هئا. ڪڏهن هيمارين، ڳوڙهن ۽ ڳاهن تي گفتگو هوندي هئي ته ڪڏهن ڌرتي جا دوها ۽ ٿر جا ٿوڪ محفل جو حصو ٿيندا هئا. ڪڏهن راڄ جي رهاڻ رس، ريت رسم ۽ اٿ ويهه تي ويچارن جي ونڊ ملندي هئي. مون پهريون ڀيرو ملڪ محمد جائسي جو شعر چاچي هيمراج جي ڪچهري ۾ ٻڌو هو ته؛ ناسيڪ کين کڙڪ ڪي ڌارا، کين لنڪ جن ڪيهر هارا. (نڪ سنهو، تلوار جي ڌار وانگر، سنهي ڪمر(جنهن کان) چيتي به هار کاڌي) چاچو هيمراج ڍولا ماروئل جو قصو کڻڻ کان اڳ ۾ چوندو هو ته ؛ جُون سالُوران سروران، جُون ڌرتي سون ميهه، چمپڪ ورڻ بالهه، چند مکي سون نيهه. (جنهن نموني ڏيڏر جي پريت تلاءُ سان آهي، جنهن نموني مينهن جو پريم ڌرتي سان هوندو آهي، اهڙي طرح چنبيلي جي رنگ واري پريتم ڍول جي چنڊ جهڙي مارئي سان پريم آهي.) چاچو هيمراج سچو ۽ کرو شخص هو. هُو پنهنجي ڪردار ۾ صاف سٿرو، جھڙو اندر هو، تهڙو ٻاهر هو. هن ڪڏهن پنهنجي سماجي آدرشن جي سپنن کي وقت جي طوفان ۾ واري ڪڻن جيان اُڏامڻ نه ڏنو ڍاٽ جي سوٽهڙ قبيلي ۾ جادم ونسي راجا تنو جي اولاد مڪڙ ڀاٽين جي نرالي حيثيت رهي آهي. پيڙهين جو ڊگھو پوتاميل کولڻ جي بدران ڳالهه اتان شروع ٿي ڪجي ته، جوڳو جي سوٽهڙ جا ڄايل امرو ويرو ۽ آڏو ٽئي ڀائرسپوٽ هئا. امري جي چئني پٽن اڻندي، موتي، ناهري ۽ واگهي والدين جي واٽ جاري رکي.اڻندي ۽ موتي پنهنجن رشتيدارن کي ميڙي ان دور ۾ پنهنجو آجو ڳوٺ سوٽهڙن جو تڙ اڏيو. سوٽهڙن جي لوڏ هوندي هئي.ان دور ۾ نئون پڊ ڪڍڻ ۽ کوهه کوٽائڻ مشڪلات ڀريو ڪم هوندو هو. پر چيلهار جي اتريئن لڪ کان وٺي ساهياڙي ۽ سوٽهڙن جي تڙ تائين، ساڏورن، سميجن ۽ سوٽهڙن جي پاڻ ۾ سنپت هئي. ساڏور سوڍن ۾ جوجھار سنگهه، چهنسنگهه، آنٻجي، سونجي ۽ سميجن ۾ صاحب سميجو، سيلو سميجو، احمد سميجو صالح سميجو، يوسف سميجو، مير محمد سميجو، ڪير سڏائي !؟ سوٽهڙن جو تڙ کان اڳ ۾ امرو ۽ سندس ڀائر سڀ راڻاسر کان ڏکڻ طرف ڀٽ تي رهندا هئا. چاچو هيمراج هنا، پاکڙا، در، دريون وغيره ٺاهڻ جو ڄاڻو هو. ڪاٺي تي هٿ جي هنر جي منفرد چٽسالي ڪندڙ هن ڪاريگر کي لوهه ۽ پتل کي مڙهن جو ڏانءُ هو ته سون ۽ چاندي جا زيور به گھڙڻ ايندا هئا. چاچي هيمراج کوهه جا چرخ به ٺاهيا. چيلهار ۽ آس پاس جي ست راڄي ڳوٺن ۾ چاچي هيمراج جو اڪثر ساهياڙو، ٻورلي، ڏٻڙڇا، گونگيو، اڪليون، هريار، آسار، جوڙئو، جنجھير ڏانهن نه صرف ڪاٺي جو ڪم ڪرڻ جي سلسلي ۾ وڃڻ ٿيندو هو، پر انهن ڳوٺن ۾ ست پيڙهياتا واسطا هئا. جتي “آهتپي” جي اچ وڃ کان وڌيڪ ڀائرن جھڙو تعلق رهيو. جنهن کي پنهنجن وڏڙن جيان چاچي هيمي ۽ سندس وڏي سئوٽ چاچي گيني پوري ريت نڀايو. ڳوٺ”سوٽهڙن جو تڙ” ۾ سڀو جي سوٽهڙ جي گھر ۾ جنم وٺندڙ هيمراج هاٺي ڪاٺي ۾ قدوار، ڀريل بت ۽ شهپرن جي موڙ سان سڀاويڪ ۽ رڄ مڙس لڳندو هو. هن نه صرف اڻ گھڙيل ڪاٺيون گھڙيون هيون پر پنهنجي دور کي گھڙيو هو. هن نه رڳو پنهنجن همعصر ساٿين چاچو ڪامل نهڙي، وڏيرو احمد سميجو، مٺو سمجيو، عبدالله سميجو، مريد نهڙي، سائين محمد سانوڻ” علڻ هاليپوٽو، ليلوجي سوٽهڙ، نظر محمد سميجو، چاچو ڀڳت سترام داس، بردو سوڍو، نور محمد کوکر، سونو خان کوکر، رامچند رامچند سوٽهڙ، گينو سوٽھڙ،پونم چند سوٽھڙ، جيسو سوٽهڙ، سائين عبدالحميد مڱريو، واگھجي مالهي، ڀيرو لال مهراج، سائين ڍولو خان حجام، کنگھار حجام ۽ ٻين سان رهاڻيون رچايون هيون پر نوجوانن کي اتساهيو هو. چاچو ڪچهري ۾ رئيس سڪيلڌي کوسي جي ساراه جا ڍڪ ڀريندو هو ته شڪور نهڙي جا سماچار ڏيندو هو. شڪور پکي جي ٻولي تي ڌڪ هڻندو هو. رئيس سڪيلڌو کوسو ۽ شڪور نهڙي ٿر جا بهادر ۽ چترائي وارا ڪردار ٿي گذريا اهن. ڏکين حالتن ۾ هنن ٿر جي راڄن جي رکوالي ڪئي. چاچو چوندو هو ته، ساڏور سوڍن ۾ جوجھار سنگھه جهڙو ڪوئي سخي نه ٿيو. هن جو پوٽو آنٻجي به پنهنجي لوڏ ۾ نالو رکي ويو. آنٻجي جو چاچو چمن سنگھهه وڏو سگھڙ هوندو هو. چيلهار جي سوٽهڙن ۾ جيسو جس جي رات ڄائو هو. هنر مند هجڻ سان گڏ بهادر هوندو هو. ڀوريلي جو محمد سخي نهڙي ۽ سائين محمد رحيم نهڙي پنهنجي دور جا ڏاها ۽ راڄ نيتي جا نامور نالا هئا. ساڏورن ۾ لونگجي سوڍو ساکائتو شخص هو. ڀوريلي جو سکر نهڙي سوڻن ساٺن جو وڏو هوشيار هوندو هو. سکر هڪ دفعو سنئوڻ ٻولائڻ ويو، ٻني ۾ پهچندي ڏسي ته اٺ تي به همراهه پيا وڃن. هن سڏ ڪري پڇيو ته ابا ڪير؟ اٺ واري هڪڙي ورندي ڏني ته سائين آئون ڪارو آهيان. وري هن پڇيو ته ٻيو ڪير آهي..؟ ته ورندي ۾ ڪاري چيائين ته سائين ٻيو منهنجو ڀاءُ آهي. سکر واپس موٽي آيو ، ڳوٺ ۾ اچي ڳالهه ڪيائين ته هي سال ڏڪار آهي پر ايندڙ سال به ساڳيو رهندو. چاچو هيمراج خانصاحب اسماعيل نون کي ٿر جو سچو ڪامورو سڏيندو هو. خانصاحب اسماعيل نون ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي ٿر ۾ لوڪ ادب ميڙن ۾ وڏي مدد ڪئي. ٿر جا سگھڙ گھرائي ڏيڻ يا سگھڙن جي ڪچهري منعقد ڪرڻ جي ذميواري پاڻ تي کڻندو هو. چاچو هيمراج ٻڌائيندو هو ته هڪ دفعي نون صاحب سگھڙن جي ڪچهري رکائي هڪ سگھڙ ڪچهري ۾ دودي ۽ چنيسر جي ڪهاڻي کنئي. سگھڙ ڳالهه ڪندي جڏهن دودي سومري جي موت جي ڳالهه تي پهتو ته خانصاحب هڪ ڪري چيو ته؛ سائين مڙسن کي ڪچهري ۾ نه ماربو آهي”ڳالهين جا ڳوٺ ٻڌيندي سنگرام موکي ۽ خان مياڻي بابت نئين نسل کي آگاهه ڪندو هو ته؛”سنگرام موکو وٽ جي علائقي ڪوئنرل جي راجواڙي جو ٽيلات هو، سندس رعب تاب ۽ سورهيائي جون ڳالهيون اڄ به ڳوٺ ڳائين ٿا، سنگرام جا وڏا اصل ننگرپارڪر جي ڳوٺ موکئي جا ويٺل هئا. سنگرام جيڏانهن به ويندو هو ته ويهارو اٺن ۽ گھوڙن جون قافلو گڏ هلندو هو. تروٽ ٿر جي چڱن مڙسن کي پنهنجا ڪرڻ جي لاءِ عمرڪوٽ ۾ هڪ رهاڻ رچائي هئي. ان رهاڻ ۾ ٿر جا گھڻا اٿندڙ ويهندڙ پهچي ويا پر وٽ مان سنگرام موکو ۽ خان مياڻو نه ويا، گوري کي سڄي رات محفل ۾ ڳڻتي رهي ته انهن کي ڪيئن پنهنجا ڪري.؟ خان مياڻي جي ڳوٺ جو نالو ٺٺ آهي. وڏي ٺٺ ٺانگر وارو شخص پاڻ سان گڏ سئو اٺن ۽ گھوڙن جو قافلو رکندو هو. سڀ اٺ، گھوڙا ۽ سوار هڪ ويس ۾ سينگاريل هوندا هئا. خان مياڻي کي ست تلي معافي ملي هئي خان مياڻي جو پٽ عوامي اگر گلو مياڻو ٿيو. چاچي هيمراج جي دور رس نگاهه هوندي هئي. هُو ننڍي نظر رکڻ ۽ هلڪي ڳالهه ڪرڻ تي ناراض ٿي پوندو هو. چڙي چوندو هو ته ٻانڊي سوچ نه رکو ۽ اوڇوي ڳالهه نه ڪريو. ٿر جي سگھڙ سياڻو هيمراج چوندو هو ته، ماڻهو جو پنهنجي ڏات، پنهنجي ڪرت، پنهنجي جدوجهد سان جيترو گھرو سٻنڌ هوندو، اوتري هن ۾ جيئري رهڻ جي شڪتي وڌيڪ هوندي آهي. راڄ ڀاڳ جي برادرين ۾ فيصلو ڪرڻ وارو پاڻ ڪنهن ڳالهه ۾ لانجھو نه هوندو هو. راڄ ڀاڳ جو چڱو مڙس تمام وڏو چتر هوندو هو. مرڻي توڙي پرڻي جي ڪاڄ ۾ ماڻهو صلاح وٺندا هئا. چڱا مڙس ڪاڄ سڌاريندا هئا. چاچي هيمي ۾ هي سڀ ڳڻ موجود هوندا هئا. چاچو آس پاس جي ڳوٺن ۾ راڌارو(رڌ پچاءُ ڪندڙ) هوندو هو ته “سارٿيو” (ساري سنڀالي ماني کارائڻ وارو) پڻ جيستائين ڪاڄ نه نبري تيستائين چاچو هيمون اڀي پير بيٺل هوندو هو. چاچي هيمراج جا ٻول هوندا هئا ته، دل گھئي دوستن کان سواءِ ٻي کي ڪمزوري جو پتو ڪئين پوي. دوست دل جو دفتر ۽ ڀائر ٻانهن جو ٻل هوندا آهن. سچو دوست ڪڏهن راز پڌرو نه ڪندو آهي. دوستي جي موضوع تي ڳالهائيندي هُو بي اختيار هانسي سوڍي جي ذڪر تي پهچي ويندو هو. جنهن دوري جو نياپو ملڻ شرط چونئري جا ڦيرا اڌ ۾ ڇڏي دودي جي دشمن سان جنگ جوٽي هئي. چيلهار ۽ سوٽهڙن جو تڙ جي وچ ۾ سوڍن جي پراڻن پڊن جي ڀرسان بيڀاڻي جي پڌر کي ۸۱-۱۹۸۰ع ۾ سوٽهڙن جي تڙ مان لڏي اچي آباد ڪيو هو. مون ڳوٺ “سوٽهڙن جي تڙ” جو عروج نه ڏٺو هو. پر ڳوٺ بيڀاڻي جي ريلي ۾ ڳوٺاڻي ڪچهري جا سوين رنگ روپ اندر ۾ اتاريا. چاچي هيمي جي ڪچهري ۾ لڇي گنگاڻي جا محاورا اڄ به ياد آهن. بارٿو منواڻي معاشي طور اڀرو هوندو هو پر دل جو بادشاهه هوندو هو. سدائين مرڪندو اچي ڪچهري ۾ شامل ٿيندو هو. ۱۹۹۴ع جي ٻوڏ ۾ بيڀاڻي ۾ اسان جا سمورا گھر ڊهي ويا. تڏهن ڳوٺ ۾ اتي ٻيهر گھر جوڙڻ جي بدران چيلهار ۾ نئين ڪالوني آباد ڪرڻ جي رٿ سامهون آئي. پوءِ انهي رٿ تحت بيڀاڻي کي ڇڏي چيلهار شهر ڏانهن لڏڻ جو سفر شروع ٿيو. چيلهار ۾ چاچي هيمي پهرين چونئري وارو اوتارو ٺاهيو. هن جو دستر خوان ڪشادو هوندو هو. سدائين مهمان هوندا ئي هوندا هئا. چاچي هيمي جو موسيقي سان وڏو لڳاءُ هوندو هو. هن اڪ جي ڪاٺي مان هڪ تنبورو ٺاهي اوتاري ۾ رکيو هو. جانجھه جون چار جوڙيون به ورتيون هيون. ڪچهري ۾ راڳ جي رهاڻ به ٿيندي هئي. ڪڏهن چاچو ڀڳت سترام داس ڳائيندو هو ته ڪڏهن ڳوٺ جا نوجوان.نرسو جي ۽ چاچو هيمون گڏ ڳائيندڙ ”سرتئي” طور حصو وٺندا هئا. چاچي جي ڪچهري ۾ ڪڏهن ڪڏهن ٻورليءَ جو پونجو ڀڳت به اچي شامل ٿيندو هو. ڇا ته پونجو ڳائيندو هو، جيڏو آلاپ مٺو هو، ايترو ئي موسيقي جو فن ڄاڻيندڙ هو. پونجو تنبورا، مرليون ۽ پاوا ٺاهيندو ۽ وڄائيندو هو. موهن ڀڳت جيان هن وٽ به لطيف سائين کي ڳائڻ جو منفر انداز هو. پر هن جي پذيرائي نه ٿي سگھي. صحرا ۾ ٽڙيل گل وانگر هن جي خوشبوءِ پورو ڏيهه واسي نه سگھي، ست سنگ” جي محفل ۾ ڀڳت”واڻي” ڳائڻ دوران سڌي ڳالهه ۾ ڪٿا کڻندو آهي، تڏهن راڳي کي داد ڏيڻ، ڳالهه ۽ راڳ کي جاري رکڻ جي لاءِ مخصوص قسم جا ڊائلاگ ٿيندا آهن جن کي “جيڪارو” چئبو آهي. چاچو هيمراج “جيڪارو” ڏاڍو سهڻو ڏيندو هو. اوتاري واري ڪچهري ۾ چاچي جا ٽي فرزند مهاديو، ديو دت ۽ مٿراداس ساز وڄائڻ سکيا. ڪشنچند بيوس جي سٽ هن جي محفل جو حصو هوندي هئي ته؛ چنتا چکيا کان بري، هوءَ ٻري، هيءَ باري. ڏينهن ڏهاڙي جي ڪچهري ۾ چاچو هيمراج ۽ سندس ڀائر ڀانو جي، ماڻڪ لال، ڪانجي ۽ وينجهراج گڏ اچي ويهندا هئا ته پوءِ چرچن، لطيفن ۽ مزاحيه مثالن سان ٻڌندڙ کيرا ٿي پوندا هئا. ٽهڪن ۾ ٽڙيل ڪچهري ۾ اوچتو چاچو هيمراج لوڪ ڪهاڻي کڻندو هو ته ماٺ ڇائنجي ويندي هئي. ڳالهه ڪرڻ جو هُن وٽ وڏو ڏانءُ هوندو هو. ۳ جنوري ۲۰۰۴ع تي صبح اٿي، چاچي هيمراج گھر جي سمورن ڀاتين سان ڪچهري ڪيائين. ماضي جا قصا ڪهاڻيون وري ٻڌايائين. جن جن زندگي ۾ گڏ پير ڀريا ۽ جن ڪساڻ ڪئي انهن جو احوال ٻڌائيندي شام جو پاڇا ورڻ ٽاڻي پنهنجي وڏي پٽ هالجي جي گوڏي تي سر رکي دم ڌڻي حوالي ڪيائين. زمانہ بڑے شوق سے سن رہا تھا ہمیں سو گئے داستاں کہتے کہتے
رئيس علي نواز انڙ غريبن لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ مولائي ملاح ماڻهوءَ کي جڏهن دولت جو نشو چڙهندو آهي، ته اهو پنهنجي اوڙي پاڙي کان وٺي سڄو تر تپائي ڇڏيندو آهي ۽ ڪنهن به مسڪين ماڻهوءَ جو احساس نه ڪندو آهي. اهو به جيڪڏهن ڪو وڏيرڪو ٻار هجي پوءِ ته ڇٽيون ڳالهون ..! سنڌ ۾ اسان کي سونن چمچن سان کاڌو کائڻ وارا اهڙا ڪيترا ئي وڏيرا ۽ امير ڪبير ملندا جن جا شوق اهڙا رهيا آهن، جن جي شوق جو ٻارڻ غريب عوام جون زندگيون رهيون آهن. اهڙن وڏيرن جا شوق ۽ شڪار به پنهنجي مزاج مطابق رهيا آهن، سندن جيئڻ جو مقصد به ڪنهن کي آزارڻ ئي رهيو آهي. وڏيرڪي سماج ۾ اوڙي پاڙي جي غريب تي دل کولي سخاوت ڪرڻ جهڙا تمام گھٽ ماڻهو ملندا، پر اهڙا انسان دوست وڏيرا آهن ضرور، جن جي ڪري هن جڳ جو چرخو هلي پيو. شاهه چواڻي ته: ”اڃا ڪي آهين ڪل جڳ ۾ ڪاپڙي“ اهڙن انسان دوست شخصيتن مان قاضي احمد جي هردل عزيز شخصيت الحاج رئيس علي نواز خان انڙ به هڪ هيو، جنهن اجتماعي طور تي غريب عوام جو مستقبل سنوارڻ لاءِ پنهنجي ذاتي ملڪيت وقف ڪري ادارا قائم ڪيا. رئيس علي نواز خان انڙ، قاضي احمد جي امير گھراڻي جي اهڙي شخصيت هيو، جنهن اميراڻين روايتن کي ٽوڙي سماجي ڀلائيءَ وارن ڪمن کي هٿي ڏني. هن ڪتن، ڪڪڙن، تترن ۽ سوئرن جا ميل ڪرائڻ ۽ علائقي جي غريب عوام جي حقن ۽ جانين جو شڪار ڪرڻ بجاءِ وس آهر عوام جي بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن عظيم انسان شهر قاضي احمد ۾ علم جي روشني ڦهلائڻ ۾ وسيع ڪردار ادا ڪري شهرين کي علم جي زيور سان آراسته ڪيو. شهر کي خوبصورت بڻائڻ ۽ شهرين کي سهولتون بخشڻ لاءِ هن شهر ۾ گل ٻوٽا، پارڪ ۽ هڪ عاليشان نازباغ لڳرايو. هي سچ ۽ سونهن جو عاشق، سڄي زندگي سونهن جو شڪار رهيو. هن جو عشق رڇ ڪتي ۽ سوئر جي بڇ بجاءِ انسانن جا اهنج دور ڪرڻ، سماجي تبديلي ڏانهن رهيو. سندس اهڙي عشق جا مثال اڄ به حقيقت جي روپ ۾ موجود آهن، جنهن کي ڪو ئي مٽائي نه ٿو سگھي. رئيس علي نواز خان انڙ، گھڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هيو، هو هڪ ئي وقت زرعي ماهر، سنڌ جو ناميارو آبادگار، سياستدان ۽ سماج سڌارڪ پڻ رهيو، عوامي سياست ۾ سندس کوڙ سارو حصو شامل رهيو. هن پنهنجي زندگيءَ ۾ عوام جي بهتر مستقبل جي حفاظت لاءِ اهڙي فوج تيار ڪئي، جيڪا ڪنهن به محاذ تي ڪڏهن به شڪست نه ٿي کائي سگھي، جنهن جي جھلڪ سياست نامي جي مصنف نظام الملڪ طوسيءَ جي هن مشهور واقعي ۾ پسي سگھجي ٿي. ”هو سلطان وٽ وزيراعظم هيو ۽ مشهور شاعر عمر خيام جو دوست هيو. سلطان هن کي ڪجھ پئسا ڏنا ته فوج ڀرتي ڪر، پر هن اها سڄي رقم مڪتبن تي خرچ ڪري ڇڏي، جڏهن سلطان کي اها خبر ملي ته هن ٻيهر نظام الملڪ طوسيءَ کي گھرايو بنا ڪنهن پڇا ڳڇا ڪرڻ جي ٻيهر کيس پئسا ڏئي چيو ته فوج ڀرتي ڪر، نظام الملڪ طوسيءَ ٻيهر ساڳئي ڪار ڪئي ۽ اهو سمورو پئسو مڪتبن کولڻ تي خرچ ڪري ڇڏيائين، هاڻ سلطان کي ڪاوڙ لڳي، هن وزيراعظم کي گھرائي ان جو سبب پڇيائين نظام الملڪ طوسيءَ جيڪو جواب سلطان کي ڏنو اهو تاريخ ۾ سنهري اکرن ۾ لکيل آهي. هن چيو ته: ”سلطان! هيءَ جيڪا اڻ پڙهيل جاهل فوج آهي مان ان کان بهتر فوج پڙهيل ۽ عالم فوج ٺاهي رهيو آهيان. اها فوج، هن جاهل فوج کان بهتر طريقي سان تنهنجي سلطنت جو دفاع ڪندي.“ هن شخص جي زندگيءَ جو هڪ حصو اهڙي فوج تيار ڪرڻ ۾ گذريو آهي پر، افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته جڏهن سندس اميدن جو ميوو پچي راس ٿيو ته پاڻ هن دنيا ۾ نه رهيا. سنڌ جي ڪنهن علائقي ۾ ورلي ڪو وڏيرو، رئيس ائين هوندو جيئن هي شخص هيو. سماج جي تبديليءَ ۾ سندس زندگي هڪ نمونو هئي.رئيس علي نواز خان انڙ، پنهنجي تاريخ جو تمام وڏو ماڻهو هيو. هن علم، ادب، ڏاهپ ۽ صحت، پکين ۽ جانورن جي واڌ ويجھ لاءِ، بنا ڪنهن معاوضي جي لکن روپين جي زمين ادارن کي وقف ڪئي. جنهن جا سندس خاندان کان مليل تفصيل ڪجھ هن ريت آهن. گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول (هاسٽل) لاءِ مين روڊ جي ساڄي پاسي تي ڏنل ۸ ايڪڙ زرعي زمين، گرلزهاءِ اسڪول ۽ گرلز پرائمري اسڪول لاءِ (وچ شهر ۾) مليل ۴ ايڪڙن تي مشتمل پلاٽ، ايڌي سينٽر، پولٽري فارم ۽ ايگريڪلچر آفيسن لاءِ نيشنل هاءِ ويز تي زرعي زمين ۲ ايڪڙ، ان جي سامهون ئي رورل هيلٿ سينٽر لاءِ زرعي زمين ۴ ايڪڙ، ڪميونٽي سينٽر لاءِ ۲ ايڪڙ، علي نواز گرلز اسڪول لاءِ ۲ ايڪڙ، عورتن جي دستڪاري اسڪول ۽ شهر جي ۴ عدد پرائمري اسڪولن، ٽيلي فون ايڪس چئنج ۽ ٽائون ڪاميٽيءَ جي آفيسن لاءِ به سندس ئي زمين وقف ٿيل آهي. ان کان علاوه عوام جي تفريح ۽ تراوت خاطر جوڙايل ناز باغ جيڪو ۶ ايڪڙن ۽ سفاري پارڪ جتي پکي ۽ جانور رکيل آهن، اهو ۶۰ ايڪڙن تي مشتمل، بنا ٽڪيٽ ڏسڻ وٽان آهي. نور ماڊل وليج ۽ وچ شهر مان گذرندڙ ’ون وي‘ روڊ منظور ڪرائڻ ۾ به سندس ئي ڪاوشون شامل آهن. عوام جي ڀلي خاطر وقف ڪيل زمينن تي قائم ٿيل سرڪاري ادارن مان عوام ڀرپور فائدو حاصل ڪري رهيو آهي. سنڌ جي اڪثر علاقن ۾ وڏيرن پاران وقف ڪيل اسڪولن ۽ اسپتالن لاءِ زمينن تي تعمير ٿيل عمارتن ۾ سندن اَن، بُههَ ۽ ڀاڻ جا ڀانڊا، ته ڪٿي ڪمدارن جون اوطاقون بڻيل آهن. هي وڏيرو اهڙي سوچ جي ابتڙ رهيو. شايد ته استاد بخاريءَ به علي نواز انڙ جهڙن ڪردارن لاءِ ئي چيو هيو ته: مونکي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آهي، جو قوم جيئاري، اهو جيئندو رهندو. علي نواز خان انڙ، جي گھاريل مثالي زندگي سماجي تبديليءَ جي تاريخ جو هڪ باب آهي، جيڪو سنڌ جي ٻين رئيس ۽ وڏيرن لاءِ هڪ مثال بڻيل آهي، جيڪڏهن سنڌ جا سڀ رئيس، علي نواز خان انڙ جيان بڻجي پون ته، سنڌ جا ڳوٺ واهڻ ۽ وسنديون ساڃهه ۽ شعور جي سگھ سان خوشحال ٿي ٻهڪي پون. استاد بخاري چواڻي ته: جھنگ جھر ۾ روشنيون اڀري پون، بر پٽ ۾ زندگيون اسري پون، ماڻجن جيئري ئي جڳ ۾ جنتون، سنڌ تنهنجا ڳوٺ جي سڌري پون. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته سندس حياتيءَ ۾ هن شهر، چوڪن ۽ چوراهن تي ڪڏهن به گندگيءَ جا ڍير لڳل ۽ ان مٿان مکين ۽ مڇرن جا ميڙ، ميلا متل نه ڏٺا. مين روڊ تان گذرندڙ تيز رفتار گاڏين جي حادثن ۾ مرد، عورتن ۽ معصوم ٻارڙن کي گاڏين سان ٽڪرجڻ ڪري روڊ تي تڙپندي نه ڏٺو ...! هڪ ڀيري صدر ايوب خان کي شهر جي شاهي بازار گھمائڻ لاءِ وٺي آيو ته، اهو به هن شهر جي صفائيءَ جو نظام ڏسي حيران ٿي ويو. رئيس علي نواز خان انڙ، پنهنجي حياتيءَ ۾ جيڪي به سماجي ڀلائيءَ جا ڪم ڪرايا، اهي بنا ڪنهن لالچ ۽ تختين جي ڪرايا، پاڻ جن ادارن کي قائم ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ورتائين، اهي ادارا اڄ به عوام جي ڀلي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، جتان هن علائقي جو غريب عوام بنا ڪنهن سفارش جي فائدو حاصل ڪري رهيو آهي. رئيس علي نواز خان انڙ پنهنجي ڪردار جي ڪري هميشه تاريخ ۾ زندهه رهندو. رئيس علي نواز انڙ ذڪر سنڌ جي شاھجھان باغبان جو نصير مرزا مون ڪن سرلا ڪيا ته ڀرسان ايندڙ اهي بيقرار بلبلين جا آواز هئا، جيڪي پاڻ ڏانهن سڏي رهيا هئا مونکي. اگرچه صرف ٿوري وقت لاءِ ئي انهيءَ بس اسٽاپ لڳ آئون ترسيو هوس، سو اتاولائي مان بلبلين جي آوازن ڏانهن ڏيان ڏيندي، نگاهه جو مون مٿي کنئي ته ڇا ڏسان، سامهون دروازي جي ڪمان مثل اڌ گول مٿان وڏن وڏن اکرن ۾ لکيل هو، ”ناز باغ قاضي احمد“. تڏهن اوچتو ياد آيم، ڪيئي ورهيه اڳ، ڪمشنر سکر شفيق احمد مهيسر جي ڏاڏا سائين، غلام محمد مهيسر جي عرس لاءِ ڪمال ديري ڏانهن ويندي، نفيس احمد شيخ تي زور ڀرڻ تي اڻ ڪوٺيو ئي سهي، ان باغ ۾ آئون هليو ويو هوس ۽ اندر باغ ۾ ڇا ته گل گلزاريون هيون. هر پاسي سرينهن، نمن ۽ انبن جا هڳاءُ ڀريا وڻ، جن جي ٽارين تي رنگ رنگ جا پکيئڙا، بلبليون، ڪٻريون ۽ ڳيرا پنهنجي پنهنجي لات لنوڻ ۾ مست مگن. الائي ڪنهن اطلاع ڏنو ان هستيءَ کي، جيڪو سنڌ جي ان واحد پرائيويٽ پبلڪ پارڪ جو دياوان ديالو باغبان هو ۽ جنهن جو نالو هو رئيس علي نواز انڙ. ڇا ڏسان سامهون راهداريءَ تان اسان جي آڌرڀاءُ لاِ ويجها ايندا پيا وڃن. ڀانئيان ٿو اهو ناشاد جو ڪرشمو هو، جنهن ڳجهه ڳوهه ۾ پنهنجي متوقع آمد جو اطلاع ڪو اڳي ئي کين ڏيئي ڇڏيو هو. بدن بيهڪ سندن مناسب هئي. تڏهن ناز باغ ۾ جيڪا سنڌي طرز تعمير واري اوطاق، جنهن کي پاڻ لانڍي پئي سڏيائون، اتي ڪيڏو نه پرتڪلف ضيافت جو انتظام رکيو هئائون اسان لاءِ پر اها ته ڪيئي ورهيه پراڻي ڳالهه مون هتي لکي، جيڪا منهنجي حافظي مان گم ئي ته ٿي وئي هئي ۽ اجهو هاڻي هڪ دفعو ٻيهر ناز باغ جي در وٽ وڃي بيٺس ته هڪ پاسي ڪنُڊ سان ڪنهن گلفروش جو هٽ هو، جنهن جو مالڪ گلاب جي گلن تي پاڻي ڇڻڪاري رهيو هو ۽ جنهن جا ڪجهه ڪامي ڪنهن گهوٽ جي ڪار کي گلن سان سينگاري رهيا هئا ته ڪي ٻيا مزدور وري ڪنهن مرحوم جي مڙهه لاءِ گلن جي چادر تيار ڪري رهيا هئا، پر ناز باغ جي در سامهون پٽ تي دونهين دُکائي ويٺل هي ’قلعي گر‘ به ته اوچتو منهنجي دلچسپي جو سبب بڻجي ويو هو. هڪ هٿ ۾ ٽامي جو گرو ميرو ٿانءُ، ان تي چاندي رنگ، ڪيميڪل رڳڙي مٿان نوشادر ٻُرڪي، موئي سان مهٽڙو ٿي ڏنائينس ته اهو ’مَر- هاڻو‘ ٿانءُ، اک ڇنڀ ۾ ’چم چم‘! تڏهن دل ۾ ”هئه ڙي رنگي تنهنجا رنگ“ چوندو ۽ در وٽان ورتل کٽڙيون مٺڙيون نارنگيون ڇلندو کائيندو ناز باغ ۾ داخل ٿي ويس. ورهين پڄاڻان، باغ ۾ قدم جو رکيم ته ڇا ڏسان، اها ئي سنگ مرمر واري شاندار قديم مسجد پاڪ، جنهن جي صحن مبارڪ ۾ ڪيئي ڳوٺاڻا شلوار يا گوڏ قميص ۾ مٿي تي سنڌي ٽوپي پائي، ڪلهي تي پوتڙو رکي ظهر واري نماز پڙهڻ ۾ مصروف. ناز باغ جيئن ته بس اسٽاپ سان لڳو لڳ هو، ان ڪري ڪيترا ٻار ۽ خواتين شايد سواريءَ جي انتظار ۾ باغ جي ڇٻر تي پوتڙا وڇائي آرامي هئا. ڪنهن ڪنهن وڻ جي هيٺان ڪي شاگرد به ته مونکي مطالعي ۾ مصروف نظر آيا. هاڻي اتان اڳتي وڌيس ته ڇا ڏسان هڪڙو ٻيو دروازو. نگاهه مٿي کنيم ته ڏٺم، ان تي لکيل هو، ”باب مخدوم سائين محمد زمان طالب الموليٰ“. انهيءَ دروازي مان اندر داخل ٿيس ته ناز باغ جو اندريو منظر صفا اهڙو، جهڙو لاهور وارو شالامار باغ. وچ وچ راهداري ۽ پاسن کان چمن چمن، ڪلي ڪلي، گل ئي گل. تڏهن راهداريءَ تي پسار ڪندي، اڳيان وڌندي منهنجي ته چپن تي بيدل سائينءَ جي ڪافيءَ جا هي ٻول ”هر جا گُل گلزاريون، وهه وا.... چلو ري سيان چرچا ويکين...“ راهداري تان اڳتي ويندي دل ۾ چوان ٿو، جيڪو به جوان ان تان لنگهندو پڪ سان سمجهندو، آئون شهزادو سليم آهيان. حُسن اتفاق سمجهو ته مون به پاڻ کي شهزادو سليم ئي سمجهيو هو پر پوڙهو شهزاد سليم پر هي ناز باغ جي رنگا رنگي گلن ۽ خاص ڪري گلاب جي گلن ۾ ايتري ته ايڏي تيز خوشبو ڇو هئي؟ تڏهن باغ جي مالهيءَ ٻڌايو، بيشڪ اسلام آباد کان لاهور، ڪراچيءَ جي سرڪاري پبلڪ پارڪن ۾ طرحين طرحين جا رنگين گل، پر اهي سڀ ته ولايتي آهن ۽ جن جا رنگ ته چوکا چوکا پر منجهن خوشبو بنهه ندارد. پوءِ ٻُڌائڻ ٿو لڳي، گلاب جا گُل، سنڌ ۾ ڪي تبت چپن مان ۽ ڪي ڪوهه ڪاف مان به هتي پهتا هئا. انهن کي جڏهن سنڌوءَ جو پاڻي ۽ هتان جي خوشبودار مٽي نصيب ٿي ته انهن جي مهڪ ئي دوبالا ٿي وئي. پوءِ ٻڌائڻ لڳو، سنڌ ۾ گلابن جا هونئن ته سوين رنگ ۽ قسم آهن پر سنڌ جي ”سدا گلاب“ جي سُڳنڌ تي ڳالهه ختم. اڳتي وڌيس ته نمن جي گهاٽن چهچ ساون ڏارن تي ڳاڙهين چُهنبن ۽ ساون کنڀن سان طوطن جا ڪٽڪ... يقين ڪريو، ڪنهن هڪ هنڌ ۽ ايترا طوطا مون ته زندگي ۾ ڪڏهن به نه ڏٺا هئا. لڳو اهي طوطا ساري ناز باغ کي ڄڻ کنڀن تي کنيو بيٺا هئا. راهداريءَ جي انت تي هڪڙو نئون چوڪور باغ هو، جنهن جي وچ ۾ هڪ اسٽينڊ اڀو هو، جنهن جي چوطرف گولائي ۾ ڇڄهرو هو ۽ ان جي چوگرد وري ڪاٺ جون ننڍڙيون ننڍڙيون ڪبوترن جون کُڏيون هيون. هاڻي ڇڄهري جي ڪٽهڙي تي ڇا ڏسان.. اڇا اڇا ۽ ڪاسني ڪبوتر جوڙا جوڙا ٿي ائين، جيئن ڌرتي سج جي چوطرف ڦري ٿي. ”ڳٽرڪون ڳٽرڪون“ ڪري هڪ ٻئي جي چوطرف کان ڦرندا نظر آيا. اهڙا ڪبوتر، جن جون ماديون اندر آنن تي هيون، اهي وري نوخيز ڪبوترين جي چوطرف ٺڙڪ هڻڻ ۾ مصروف هئا. باغ جي ان حصي ۾ ڊيل ۽ مور به ته پسار ڪندي نظر آيا. تڏهن مون هر وقت ڪجهه نه ڪجهه جهونگاريندڙ قلمڪار جي چپن تي اوچتو آيو، ”راڻا راڻا مور ڀلي ٿو ٽلي....“ مالهي ٻُڌائي ٿو، سنڌي فلم ”ممتا“ جا ڪي گيت، هيرو مشتاق چنگيزي ۽ هيروئن ريٽا تي جڏهن پڪچرائيز پئي ٿيا ته ناز باغ جي اندر جيترا به ڏينهن شوٽنگ ٿي پئي، چوطرف کان ماڻهو ڏسندا ۽ خوش ٿيندا رهيا. ناز باغ جي هن باغ بهار چوڪ جي ڀرسان، بلڪه ائين چوان ته محل نما هي ڇا ته خوبصورت عمارت! اصل ۾ اها ئي ته اوطاق هئي، جنهن کي رئيس علي نواز انڙ صاحب ”لانڍيءَ“ جو نالو ڏنو هو ۽ جنهن جي ديوارن تي بوگن ويلا جون گلن سان ڀريل ٽاريون ائين پئي لڳيون، ڄڻ شهزاديون آرام فرمائي رهيون آهن. لانڍيءَ جي وچ اڱڻ ۾ جيڪو سرينهن نما وڻ هو، اهو ته ڄڻ لانڍيءَ اندر محفل جو مور وڻ پئي لڳو. تڏهن ان وڻ وٽ پهچي ان لانڍيءَ ۽ ناز باغ جي باغبان رئيس علي نواز انڙ کي مون آواز ڏنو، تڏهن در و ديوار مان هي اداس آواز آيو، ”اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين“. خبر پئي سنڌي طرز تعمير جي اعليٰ نموني ۽ هن اوطاق لانڍيءَ جي دور حاضر جا وارث هاڻي رئيس علي نواز جا فرزند آهن. رئيس شوڪت علي انڙ، رئيس ذوالفقار علي انڙ ۽ رئيس آفتاب علي انڙ. ڪنهن وقت رئيس علي نواز بابت جيڪو يادگار ڪتاب شايع ٿيو هو ”اچي بوءِ بهار جي“، اهو ناشاد صاحب وٽان تحفي طور به ته مليو هئم ۽ ان ۾ هن شاندار باغ بابت هي ڇا ته دل وڻندڙ سٽ مون پڙهي هئي: ”ناز پرور ساڻ گهمجي ناز باغ“. هيءَ ڳالهه به ته ان ئي ڪتاب ۾ پڙهي هئم ته ناز باغ، لانڍي اوطاق ۽ قاضي احمد ۾ هاءِ اسڪول جي شاندار عمارت تعمير ڪرائڻ تي رئيس علي نواز کي سنڌ جو شاهجهان به ته ڪري سڏيو ويندو هو. تڏهن سنڌ ۾ چوطرف نظر ڦيري سنڌ جي جاگيردار دبنگ وڏيرن، دياوان ديالو مڙسن ۽ هڪ کان هڪ سياستڪار کي ذهن ۾ مون آندو ۽ پاڻ کان سوال ڪيو هو، رئيس علي نواز انڙ جهڙي اهل دل انسان کانسواءِ ڪو ٻيو باذوق وڏيرو به هئو ڇا، جنهن ناز باغ وانگر سنڌ ۾ ڪو ٻيو اهڙو پبلڪ پارڪ ٺهرايو هجي؟ جواب آيو، ٻيو ته بابا ڪو به نه! تڏهن باغ جو مالهي ٻُڌائي ٿو، ڪيترا ورهيه اڳي رئيس علي نواز انڙ جڏهن وصال ڪيو ته سندن مڙهه کي لانڍيءَ ۾ عام ديدار لاءِ آڻي رکيو ويو هو ۽ پوءِ مسجد پاڪ جي اڳيان هزارين ڪانڌين جنازي نماز ادا ڪئي هئي، تنهن بعد وصيت مطابق، کين ناز باغ ۾ پنهنجي مٺي امڙ جي ويجهو ئي سپرد خاڪ ڪيو ويو هو. هاڻي ان طرف به ويس ته ڇا ڏسان، لان ۾ ڪنڊ سان ٻه ڪچيون قبرون هيون، جن جي مٿان ريشمي سائي ڇٻر ائين وڇايل هئي، جيئن ڪنهن درگاهه ۾ اولياءَ جي مزار مٿان عقيدت وارو معطر پڙ پيل نظر ايندو آهي. سندن لحد جي ڀرسان ڪي گهڙيون وڃي ويٺس ته ڪتاب ”اچي بوءِ بهار جي“ ۾ پنهنجي باري ۾ چيل سندن ڪيئي نقشا ۽ گفتا منهنجي ذهن ۾ گونجڻ لڳا. ”مون هميشه پاڻ کي ڪمتر سمجهيو، جواني کان پيريءَ تائين ڪم ڪرڻ جو عادي رهيس، پنهنجي تر ۾ باغ، اسڪول ۽ اسپتال قائم ڪرڻ کي پنهنجو فرض ڄاتم، مون هميشه سوچيو، جيڪڏهن ڪنهن جي خدمت ڪجي ته سچي نيت سان ڪجي، بي لوث ۽ بي غرض ٿي ڪجي، انشاءَ الله اهو وقت جلد ايندو، جو هن علائقي جو ننڍو وڏو علم جي زيور سان سينگاريل هوندو.“ تڏهن هي وچئين جو وقت هو جو، سنڌ جي هن سنڌ سينگار ۽ قاضي احمد جي هن شاندار شخصيت رئيس علي نواز جي تربت وٽان اُٿي ناز باغ مان روانو پئي ٿيس ته، لانڍيءَ واري باغ جي وڻ، جهولن ۾ جُهولندڙ جهرڪين جي چرٻر، چبوتري مٿان چهڪندڙ ڪبوترن، ڪٻرين جي لاتين، ڳيرن جي گهوگهو ۽ گلاب گلن جي ٽارين تي بود ۾ ڀرجي ٻوليندڙ بُلبلين جا رنگ رنگيلا ۽ سُريلا آواز پري پري تائين منهنجو پيڇو ڪندا آيا. الحاج رئيس علي نواز خان انڙ ”ناز باغ“ جو مالڪ مومن جوڻو رئيس الحاج علي نواز خان انڙ، سن ۱۹۲۲ع ڌاري، قاضي احمد جي انڙ گهراڻي ۾، رئيس ولي محمد خان انڙ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. پنهنجي والد بزرگوار جي نظرداريءَ هيٺ، ديني ۽ مدرسي جي تعليم حاصل ڪيائين. رئيس علي نواز خان انڙ جي شخصيت، پنهنجي وجود ۾ گهڻ پاسائي شخصيت آهي. کيس زمينداري ته ورثي ۾ ملي هئي، تنهنڪري زراعت سان سندس محبت ۽ محنت شامل هئي. ان ڪري کيس پوري سنڌ ۾ زرعي ماهر طور سڃاتو ويندو هيو. اهو ئي سبب آهي جو پنهنجي زمين جو ڪافي حصو، جنهن تي زرعي فارم، سفاري پارڪ ۽ قاضي احمد شهر جي سونهن ناز باغ قائم آهن. آرٽ جو فن به کيس قدرت طرفان ڏات ۾ عطا ٿيو. سندن نظر ايڏي تيز ھئي جو هڪ دم اهو محسوس ڪري وٺندا هئا، ته هڪ شيءِ ڦڏي/ٽيڙي آهي يا سڌي. زراعت ۾ نوان نوان تجربا متعارف ڪرايائين. سال ۱۹۶۵ع ۾، آمريڪا گورنمينٽ جي هڪ پروگرام تحت، پاڪستاني وفد سان گڏ ويا ۽ واپس اچي آمريڪا جا زرعي سسٽم متعارف ڪرايائين. رئيس علي نواز خان انڙ، قدرت ۽ فطرت جي سونهن جو عاشق هيو. سندس پاران جوڙايل ناز باغ، جنهن ۾ قسمين قسمين گل فطرت جو حسين منظر پيش ڪندا رهندا آهن. ناز باغ جي اندر جوڙايل مسجد به هن دور جي شاھڪارن مان هڪ آهي. اڄ به پري پري کان ماڻهو ناز باغ ۽ مسجد گهمڻ لاءِ ايندا آهن. کيس عمارتن جي اڏاوتن جي فن سان پڻ دلچسپي هئي. سندس باغ ۾ ٺهيل مخدوم طالب الموليٰ لانڍي به ڏسڻ وٽان آهي ۽ ان اندر لڳل تصويرون به هڪ يادگار ماضي آهن، جيڪي هر ڏسندڙ ماڻهو کي پاڻ ڏانهن متوجھه ڪن ٿيون. رئيس علي نواز خان انڙ سياست جي شروعات پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ئي شروع ڪري ڇڏي هئي، پر پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سياست جي ميدان ۾ ڪيتريون ئي ڪاميابيون ماڻيائين. سڀ کان پهريائين هن ننڍڙي شهر شهر قاضي احمد کي يونين ڪائونسل جو درجو ڏياريو ۽ پاڻ انجو پهريون چيئرمين مقرر ٿيو ۽ پوءِ ٽائون ڪميٽي جو درجو ڏياري چيئرمين ٿيو، ۽ شهر کي خوبصورت بڻائڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪندو رهيو. حاجي علي نواز خان انڙ ۱۹۷۱ع ۾ ملڪي اليڪشن ۾ آزاد اميدوار جي حيثيت ۾ حصو ورتو ۽ اڪثريت سان ڪامياب ٿيو MPA چونڊجڻ بعد پ پ پ جي چيئرمين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ٽڪيٽ تي هڪ دفعو وري MPA جي سيٽ تي سوڀارو ٿيو. رئيس علي نواز خان انڙ جنهن جي سروري جماعت (هالا شريف) سان آهي وٽ ڪيترا ئي سياسي، سماجي، مذهبي رهنما ۽ ذاتي دوست زميندار اڪثر مهمان ٿي ايندا هيا جيڪي سندس پاران جوڙايل عمارتون ۽ ناز باغ ۽ ان ۾ اندر بيهاريل جانور ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندا هيا، جن جون يادگار تصويريون اڄ به مخدوم طالب الموليٰ لانڍي جون سونهن بڻيل آهن انهن ۾ حضرت قبله مخدوم محمد زمان (طالب الموليٰ)، حضرت پير حاجي فيض محمد نقشبندي) (پير آف لواري شريف) قبله مخدوم امين فهيم صاحب، پير صاحب پاڳارو، سردار غلام محمد مهر، سردار واحد بخش سرڪي، احمد ميان سومرو، سائين محمد علي شاھ درٻيلو، سيد حسن بخش شاھ، فيلڊ مارشل محمد ايوب خان، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو، ميان محمد نواز شريف، غلام مصطفيٰ جتوئي، سيد بشير احمد شاھ، سيد ظفر علي شاھ، ارباب غلام رحيم، رئيس غلام مجتبيٰ خان جتوئي. ڊاڪٽر سهراب سرڪي، ڄام صادق علي، شاھنواز خان جوڻيجو، سردار خان محمد ڏاهري، ۽ ٻيا ملڪ جا ڪيترائي نالي وارا سياستدان ۽ صحافي شامل آهن. حاجي علي نواز خان انڙ جتي سياست ۾ پنهنجو پاڻ مڃرايو اتي علمي ادبي خدمتن ۾ پڻ خوب نڀايو، تعليم جي ميدان ۾ گرلس هاءِ اسڪول، پرائمري اسڪول، بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول، تعلقه اسپتال، جانورن جي اسپتال، وغيره جا پلاٽ ڏئي، ڪوششون وٺي قاضي احمد شهر جي لاءِ سهولتون مُهيا ڪيون، جڏهن ته روڊ رستن جي حوالي سان پڻ هن شهر کي سهولتن سان آراسته ڪيو، سندس پاران تعمير ٿيل (ناز باغ) جنهن کي سنڌ جو شالامار باغ سڏيو وڃي ٿو اڄ به تفريح ڪندڙن جي لاءِ باعث سڪون بڻيل آهي. رئيس علي نواز خان انڙ پنهنجي ذات ۾ دين دار ماڻهو هو، مختلف وقتن تي ديني پروگرامن جو انعقاد ڪرائيندو هيو ۽ باغ اندر مسجد ۽ ان سان گڏوگڏ مدرسه قائم ڪرڻ ۾ به سندس ڪردار آهي. ان مدرسي سان گڏ لائبريري جو قيام پڻ عمل ۾ آندائين، ۱۹۸۶ع ۾ ڪعبت الله جو پيش امام پڻ قاضي احمد ۾ رئيس علي نواز خان انڙ جو مهمان بڻيو. اهڙي طرح هن الله لوڪ ۽ شريف النفس انسان ۸۴ سالن جي عمر ۾ ۳۱ آگسٽ ۲۰۰۶ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو- سندس ڪيل خدمتون، سنڌ وارن لاءِ ساراھ جوڳيون آهن.
امين اڏيرائي شاعري توڙي نثر جو ھڪ منفرد نانءُ مٺل جسڪاڻي امين اڏيرائي، سنڌي، اردو ۽ پنجابي ٻوليءَ جو اھڙو شاعر، جنھن سنڌي ٻولي ۾ تمام گھڻو ۽ سٺو ڪم ڪيو آھي. سندس شاعري جي مجموعن سميت مختلف شاعرن جي شاعري کي ترتيب ڏئي به ڳچ سارا ڪتاب شايع ڪرائڻ ۾ انتھائي اھم ڪردار ادا ڪيو اٿس. اڏيرولال اسٽيشن کان آس پاس مان ٿيندو، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان ٿيندو، سڄي ملڪ مان ٿي، سوشل ۽ پرنٽ ميڊيا وسيلي عالمي سطح تي، سندس حلقي ۾ مڃتا ماڻيندو رھيو آھي. ڪيترن ئي مشاعرن ۾ پاڻ ته مڃائيندو رھيو آھي، پر سندس شاگرد شاعرن کي به متعارف ڪرائيندو، مڃتا ڏياريندو رھيو آھي. امين اڏيرائي جي شاعري ۾ اھو سڀ ڪجھه آھي، جيڪو شاعري ۾ ھجڻ گھرجي. امين اڏيرائي جو نثر به لاجواب آھي. سندس ڪيتريون ئي مختصر ڪھاڻيون، پڙھندڙ جي من اندر ۾ لھي ويندڙ آھن. ڇاڪاڻ ته سندس ڪھاڻين ۽ افسانن ۾ ڪجھه اھڙا موضوع به آھن، جن کان گھڻا ليکڪ نٽائيندا رھندا آھن. امين اڏيرائي جي سنگت به، سندس شاعري ۽ نثر وانگر انيڪ رنگ ۽ عجيب دلچسپيون رکندڙ ۽ مثالي آھي، ڇو ته سندس سنگت ۾ اھڙا سڀ شامل آھن، جھڙا جڳ ۾ موجود آھن. مون ڳچ دفعا سندس شاعري ۽ نثر تي لکڻ به چاھيو ۽ اڄ به جيڪو ڪجھه لکڻ چاھيان پيو، بنا ڪنھن اھم سبب جي، نه پيو لکي سگھان! اڄ (بتاريخ ۵ نومبر ۲۰۱۸ع) امين اڏيرائي جو جنم ڏينھن آھي. جنم ڏينھن جي نسبت سان سندس لاءِ نيڪ تمنائون ۽ واڌايون. امين اڏيرائي محبتن جو امين - دل جي ڳالھ احساس ميرل سنڌ ڌرتيءَ جي سر زمين اسان کي اهي املھ ھيرا ڏنا آهن جِن جو ڪو مثال ئي نٿو ملي سائين منهنجا اسان جو شهر اڏيرو لال اسٽيشن به علم و ادب جو مرڪز رهيو آهي. سنڌي پهرين فلم ٺاهيندڙ حسين علي شاھ فاضلاڻي جو تعلق به هن شهر سان هو. ان کان علاه ھڪ وڏو عالم دين قاري عزيزالله ابڙو، ماھر تعليم سائين صديق بڙدي، محمد طالب حاجاڻو ۽ ٻيا کوڙ سارا پيارا انسان هن شهر سان وابسته رھيا آھن پر منهنجو ادبي استاد سائين امين اڏيرائي به هن شهر ۾ ڄائو نپنو آهي سائين امين ۱۹۸۲ ڌاري باقائدي شاعري جي شروعات ڪئي ۽ پاڻ شروعاتي ادبي سکيا ۽ اصلاح سائين امين محمد بڙدي کان ورتي. سائين امين ھڪ وقت م شاعر توڙي ڪھاڻيڪار اھي.. سائين امين اڏيرائي جا وڏڙا، هندستان جي ضلعي هوشيارپور جي ڳوٺ شام چوراسي جا هئا. سائين امين جو والد لال خان جنهن ٻڌايو ته اسان شام چوراسي ڳوٺ ۾ رهندا هئاسين ۽ اسان جي پاڙي ۾ گوين جو گهراڻو رهندو هو جيڪي شام چوراسي گهراڻي جي نالي سان مشهور آھن. سائين امين اڏيرائي جا وڏڙا اتان لڏي لڌيانا ۾ اچي رهائش پزير ٿيا. اوهان کي يقينن خبر هوندي ته ساحر لڌيانوي به اتي جو هيو. پوءِ ۱۹۴۷ع ۾ نواب شاھ سنڌ ۾ آيا. سائين امين جو ڏاڏو، نواب شاھ ۾ وفات ڪري ويو. سائين امين جو والد، لال خان ۱۹۶۲ع ڌاري، اڏيرو لال اسٽيشن آيو. سندس ٽي ڀائر نواب شاھ ۾ ئي رهي پيا. ڪجھ سالن کان پوءِ تقريبن ۱۹۶۹ ۾ سائين امين جو هڪ چاچو، شادي ڪري انگلينڊ هليو ويو. سائين امين جي پيدائش پنج ۵ نومبر ۱۹۶۴ع جي آھي. سندن تعليمي لياقت ايم اي سنڌي ۽ بي ايڊ آهي. پاڻ ۱۹۹۵ع ۾ شادي ڪيائون. کين ۷ آگسٽ ۱۹۹۶ تي نياڻيءَ جو اولاد ڄائو، پر افسوس ان ڏينهن سندن جيون ساٿياڻي هميشہ هميشہ لاءِ موڪلائي وئي. سائين امين کي پنهنجي گهرواريءَ جي ڏک اڌو اڌ ڪري ڇڏيو. سال ۱۹۹۷ع ۾ سائين امين کي آنڊي جي تڪليف ٿي ۽ ۱۹۹۹ع ۾ لياقت نيشل ڪراچي ۾ ڪامياب آپريشن ٿيو ۽ سائين امين کي نئين زندگي ملي. سائين امين پنهنجي نياڻي خاطر ٻي شادي نه ڪئي. هن وقت سندن نياڻي پنهنجي گهر جي ٿي چُڪي آهي. الله پاڪ منهنجي ڀيڻ جا ڀاڳ ڀلارا ڪري. سائين امين اڌ صديءَ کان مٿي جو پنڌ اورانگھي آيو آهي، جنهن ۾ هڪ وڏو سبق پڻ آھي. آئون خوش نصيب آهيان جو هڪ علم و ادب جي خزاني سان گڏ آهيان، جنهنجي هر ڳالھ مان ڪجھ نه ڪجھ سکڻ لاء ضرور ملندو آهي. پاڻ سدائين مون ادنيٰ ماڻهوءَ جي اصلاح ڪندا رهندا آهن. جنهن جو مثال سندن هي سٽون ڏسو؛ جي ڪڏهن ڪنهن جي ڪم نه آئي آ سمجھ پوءِ زندگي اجائي آ پاڻ زندگيءَ جو وڏو حصو ادب کي ارپيو اٿن. سائين امين اڏيرائي جيڪو ادبي پورهيو ڪيو آهي، اهو اوهان جي سامهون آهي. سندن ڇپيل ڪتاب!!! سنڌي ڪتاب ۱: اچو سورن واريون (شاعري۱۹۸۴ع) ۲: سڏڪا سڏڪا زندگي (ڪهاڻيون۱۹۸۷ع) ۳: ڪشڪول ۾ چنڊ (شاعري۱۹۹۳ع) ۴: چانڊوڪيء جو گهاءُ (شاعري ۱۹۹۹ع) ۵: وڇوڙي جو درد (ڪهاڻيون۲۰۰۶ع) ۶: خوابن جي جاگير (شاعري۲۰۰۹ع) ۷: چنڊ، چانڊوڪي ۽ سور (ڪليات ۲۰۱۵ع) اردو ڪتاب ۱: هاٿون پي سورج ( شاعري ۲۰۰۳ع) ۲:ايڪ وجود اور (ڪهاڻيون ۲۰۰۷ع) ۳:احساس ڪي خوشبو (شاعري۲۰۰۸ع) ۴: چاندني ڪي اُس پار (طويل ڪھاني ۲۰۰۹ع) ۵: رشتا آنکھ اور پاني ڪا (شاعري۲۰۱۱ع) پنجابي ڪتاب ۱. دل دا ڪاسا (شاعري ۲۰۱۳ع) سائين امين جا ۱۳ نج ادبي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. جڏھن ته سندن ۱۰ کن ڪتاب مرتب پڻ ڪيل آھن... سائين امين زندگي جا لڳ ڀڳ ۳۸ سال ادب کي ارپي ڇڏيا آهن. سندن حوصلي کي سلام آهي. بقول سائين امين جي؛ هن قافلي ۾ ڪئين ماڻهو آيا ۽ غائب ٿي ويا پر جن پنهنجي ڪم سان سچائي ڪئي، جن پنهنجي صلاحيتن جو قدر ڪيو، انهن جو وقت قدر ڪيو... تڏهن هي شعر لکيو اٿن؛ وقت تي ڀروسو ڪرين تون متان، وقت ڪنهن جو به يار ڪونهي ڪو. تقريبن ۲۰۰۰ع ۾ سائين امين سان منهنجو تعلق جڙيو. سائين امين انتهائي ماٺيڻي طبييت جو مالڪ، سندس مزاج امن پسند آهي. پاڻ سدائين در گذر واري ڳالھ جا حامي رھيا آهن. مون کي پنهنجي اولاد وانگي ڀانئيندا آهن. آئون پنهنجي لاءِ اعزاز ٿو سمجهان ته منهنجو ادبي استاد، سائين امين اڏيرائي آھي. الله پاڪ جا لک احسان آهن جو، اسان جي اوڻيهن سالن جي ساٿ ۾ ڪڏهن به ڪا وٿي ناهي آئي. الله ڪندو ته هي روح جو رشتو زندگي ڀر جاري رهندو....!!!
Portal of Encyclopedia Sindhiana, Sindh, Sindhi, Media, Science, nature,sea,mountain, human,animals, ocians, life, Personalties, books, Litrature, war, History, Education, Researchانسائيڪلوپيڊيا جو پورٽل، سنڌ، سنڌي ٻولي، ميڊيا، سائنس، فطرت، سمنڊ، ڪنارا، نديون، باغ، جهنگل، درياءَ،زندگي، حياتي، ماڻهو، جنگيون، ريسرچ،تاريخ، شهيد، مزارون
جيوڻي ٻائي ورسيءَ جي مناسبت سان سرن سان جيءُ جياريندڙ ناصر قاضي گرگلا قوم هندستان جي هڪ قديم قوم آهي، جيڪي هڪڙي خانه بدوشيءَ واري زندگي گذاريندا هئا، جن جپسي پڻ سڏيو وڃي ٿو. انهن خانه بدوشن ۾ ويهين صديءَ جي شروعات ۾ هڪ نينگري اهڙي به ڄائي، جنهن ڄمڻ سان فقيرن جي گودڙين ۾ ساهه ٻوساٽيل وجود سان پنهنجي زندگيءَ جو آغاز ڪيو، جنهن ڄمڻ سان ئي در در تي صدائن جا پڙلاءَ پنهنجي ڪنن ۾ ٻُرندي محسوس ڪيا ۽ اڳتي هلي سندس ٻالڪپڻ ڳائيندي، لوٽو کڙڪائيندي، در در صدائون هڻندي، رولاڪيون ڪندي، پنهنجي جيڏين ۽ سرتين سان گداگري ڪندي گذريو، پر شايد سندس صدائون عرش تي اهڙيون اگھاميون، جو اڳتي هلي هيءَ ننڍڙي پينانگ فقيرياڻي پوري برصغير ۾ سرن جي دنيا تي راڄ ڪندي نظر آئي، سندس آلاپيل سر هند کان سنڌ تائين هنڌين ماڳهين اهڙا ته گونجڻ لڳا، جو اهي جيوڻي ٻائيءَ جي نالي سان هميشه لاءِ سندس سڃاڻپ بڻجي ويا. جـيـوڻي ٻائيءَ هندستان جي راجپوتانا علائقي جي ’ڀيلواڙ‘ رياست ۾ ’گرگلا‘ قوم ۾ جنم ورتو، ڪن لکتن موجب سندس ڄم جي تاريخ ۲۲ جنوري ۱۹۰۱ع ڄاڻايل آهي. جيوڻيءَ جي پتا جو نالو ڦڪـو گـرگلـو، جڏهن ته سندس ماتا جو نالو ’ماڻڪي‘ هو، جيوڻيءَ جو اصل نالو ته ’جيدي‘ هو. جيئن ته مٿي بيان ڪيل آهي ته جيـوڻيءَ جا والدين غربت سبب گداگريءَ تي گذران ڪندا هئا ۽ کيس به ان جي تربيت ڏني وئي. هوءَ جڏهن ستن اٺن سالن جي ٿي ته پاڻ پنهنجي چئن، پنجن ساهيڙين سان گڏجي در در تي صدا به هڻندي هئي ۽ ڳيچ به ڳائيندي هئي، ان وقت ئي جيوڻيءَ جو آواز پيارو ۽ من موهيندڙ هوندو هو ۽ پنهنجي مڙني هم پيشه ساهيڙين مان سندس ئي آواز نمايان هوندو هو. پر اڳتي هلي ۱۹۱۸ع ڌاري جيوڻيءَ جي پتا ڦڪوءَ جي زندگيءَ ۾ هڪ هاڪارو انقلاب آيو، جو هو پنهنجو وطن ڇڏي ملتان اچي پنهنجي پوري ڪٽنب سميت حضرت شمس تبريز جي متوليءَ جي هٿ تي اسلام قبوليو. ان بعد ڦڪو ’فتح محمد‘ ٿي ويو ۽ گداگريءَ واري ڪرت هميشه لاءِ ڇڏي ڏنائين، جنهن کانپوءِ ۱۹۲۸ع ڌاري جيوڻي ٻائي سنڌ ۾راڻيپور جي بزرگ سائين صالح شاهه جي خدمت ۾ حاضر ٿي سندس مريدياڻي ٿي، جنهن بزرگ سندس نالو ’جيدي‘ مان بدلائيندي، سندس دعائيه نالو ’جيئڻي ٻائي‘ (سدائين جيئڻ واري) رکيو هو، جيڪو ’جيئڻي‘ مان ڦري ’جيوڻي‘ ٿي ويو، جنهن کانپوءِ جيوڻي ٻائيءَ جي نالي سان سنڌ توڙي هند ۾ مشهور ٿي ۽ هوءَ اڳتي هلي سنڌ جي هاڪاري ڳائڻي ثابت ٿي. سندس آواز ۾ اهڙو ته جادُو هو جو ٻڌڻ وارن جون دليون موهجي ويـنـديـون هـيـون. ملتان ۾ رهڻ دؤران جيوڻيءَ جي ملاقات مشهور راڳي استاد امير خان سان ٿي، جيڪو سندس آواز ۽ شخصيت کان ايترو ته متاثر ٿيو، جو جيوڻي ٻائيءَ کي رئو پارائي، پنهنجي ڌيءَ بڻائي، کيس راڳ جي تعليم ڏيڻ شروع ڪئي ۽ موٽ ۾ جيوڻيءَ به ڌيءُ جي رشتي وارو ڀرم اهڙو پاڙيو جو جڏهن سندس استاد امير علي خان پنهنجي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ علالت جي حالت ۾ گذارڻ لڳو ۽ انهن ڏينهن ۾ جيوڻي مستقل طور تي حيدرآباد رهندي هئي ته جيوڻيءَ کيس ملتان مان حيدرآباد گھرائي سندس علاج ڪرائڻ سان گڏوگڏ هڪ ڌيءَ هجڻ جي ناتي سندس خدمت ڪرڻ مان به ڪين گھٽايو. استاد امير خان جي سرپرستيءَ ۾هوءَ ميلن ملاکڙن ۽ محفلن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندي، فني منزلون طئي ڪندي رهي. سندس ڏيهان ڏيهه شهرت وڌڻ لڳي ۽ ملتان کان ڪراچيءَ تائين کيس راڳ جي محفلن ۾ دعوتون ڏئي گھرايو ويندو هو. سنڌ جا ماڻهو کيس گهڻو چاهيندا هئا ۽ پنهنجي محفلن ۾ کيس گهرائيندا هئا. هڪ دفعي شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي ميلي تي جيوڻي ٻائي آيل هئي، اتي سندس ملاقات سنڌ جي مشهور راڳي خانصاحب استاد خير محمد خان سان ٿي، جيوڻي استاد جي فن، شخصيت کان بيحد متاثر ٿي ۽ استاد خير محمد خان کي استاديءَ لاءِ عرض ڪيائين، جنهنڪري جيوڻي ملتان ڇڏي اچي حيدرآباد ۾ رهائش پذير ٿي ۽ استاد خير محمد خان کان راڳ جا سبق سکيائين. خاص ڪري سنڌي ڪافي ڳائڻ جي سکيا ورتائين ۽ پوءِ ته سڄيءَ سنڌ توڙي هند ۾سندس آواز گونجڻ لڳو، انهن ڏينهن ۾ ننڍي کنڊ ۾ ميڊيا جي حوالي سان گرامون فون ريڪارڊنگ ڪمپنين جو عروج هوندو هو ۽ اهڙيءَ طرح جيوڻي ٻائيءَ جي آواز ننڍي کنڊ جي هڪ ٻئي عوامي ڪلاڪار ماسٽر چندر کي گهڻو متاثر ڪيو، جنهن مهاراج ترسي داس جي معرفت سان جيوڻي ٻائي جو آواز رڪارڊ ڪرايو، جيوڻي ٻائيءَ جي ريڪارڊ ٿيل سڀ کان پهرين ڪلام جي موسيقي ڪمار خان ترتيب ڏني، جڏهن ته ان ڪلام جو رڪارڊنگ انجنيئر لال چند هو. اهڙيءَ طرح سندس آواز ۾ ريڪارڊ ٿيل ڪلامن سبب سنڌ سميت سموري ننڍي کنڊ ۾ هر طرف کان جيوڻيءَ کي داد جا درياءَ پلئه پيا. جيوڻي پاڻ به شاعره هئي، تنهنڪري ٻه ٽي رڪارڊ پنهنجي آواز ۾ پنهنجي شاعريءَ جا به رڪارڊ ڪرايائين. ان کان سواءِ هوءَ عبدالڪريم گدائي، حاجي شاهه، پرسرام ضياءَ توڙي ٻين شاعرن جا ڪلام پڻ ڳائيندي هئي. جيوڻي اسلام قبول ڪرڻ بعد حيدرآباد جي هڪ عالم الله بخش نوناريءَ کان قرآن شريف ۽ ديني تعليم حاصل ڪئي، پاڻ روزي نماز جي پابند هئي، کيس پنجتن پاڪ سان وڏي عقيدت هئي. ۱۹۳۲ع ۾ هن هڪ شخص نواب ماڪا سان شادي ڪئي، پر هن کي ڪو به اولاد نه ٿيو. جيوڻي ٻائي وڏي سريلي فنڪاره هئي. هن پنهنجي وقت ۾ ايترو ته نالو پيدا ڪيو، جو آل انڊيا ڪانفرنس ۾ لڳاتار تيرهن سالن تائين شرڪت ڪري سنڌ جي نمائندگي ڪيائين. جيوڻي ٻائيءَ جي آواز ۾ هز ماسٽرز وائس گراموفون رڪارڊنگ ڪمپنيءَ پاران سؤ کان وڌيڪ گراموفون رڪارڊ جاري ٿيا، جيڪي سڀ جا سڀ مقبول ٿيا. اهو ئي سبب هو، جو ڄاڻايل ڪمپنيءَ پاران جيوڻيءَ جي آجيان ۾ هڪ شاندار جشن ملهايو ويو، جنهن ۾ ساڍا ڏهه تولا سون جو ٺهيل ڪمپنيءَ جو مونوگرام کيس ايوارڊ طور ڏنو ويو. سندس آواز ۾ ريڊيي پاڪستان تان رڪارڊ اڄ تائين نشر ٿيندا رهندا آهن، جن ۾ ’قابو ڪوٽن ۾‘ ۽ ’بي درد جي اقرار ۾ هرگز نه سچائي آ‘ جهڙا ڪلام ٻڌي، جيوڻيءَ جي ياد تازي ٿيو وڃي. جيوڻي ٻائيءَ جي وفات بابت ٻه واقعا مشهور آهن، جن مان هڪ واقعو هن ريت آهي ته روهڙيءَ ۾ سندس هڪ سڪ جي سڏيل ڀاءُ کيس پنهنجي پٽ جي شاديءَ جي دعوت جو نياپو موڪليو ته ”مُهنجي پٽ جي شادي آهي ۽ ان ۾ پڦيءَ جي حيثيت سان توهان جي شرڪت ضروري آهي ۽ اسان جو عرض آهي ته اتي توهان کي عزيزن اڳيان ڳائڻو به پوندو“. جيوڻيءَ جي ان وقت طبيعت تمام گھڻي خراب هئي، پر ان باوجود هن پنهنجي سڪ جي سڏيل ڀاءُ جي خواهش جو احترام ڪندي شاديءَ ۾ شرڪت ڪرڻ لازمي سمجھيو. جيوڻيءَ شاديءَ ۾ نه صرف شرڪت ڪئي، پر هن ڀرپور نموني سان ڳايو، تقريب ختم ڪرڻ کان پوءِ رات جو دير سان پنهنجي طبيعت ويتر خراب ٿيندي محسوس ڪيائين ۽ ان وقت ئي روهڙيءَ مان حيدرآباد وڃڻ جي تياري ڪيائين. ان زماني ۾ لاهور کان ڪراچي صرف هڪ ريل گاڏي هلندي هئي جنهن کي لاهور ميل چوندا هُئا، جيوڻي ان ريل گاڏيءِ ۾ چڙهي حيدآباد لاءِ رواني ٿي وئي. پر جيوڻي جڏهن حيدرآباد اسٽيشن جي پليٽ فارم تي پهتي ته سندس روهڙيءَ کان حيدرآباد واري سفر سان گڏ سندس زندگيءَ جو سفر پڻ پورو ٿيو ۽ اسٽيشن تي ئي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين. جڏهن ته سندس وفات لاءِ ٻيو واقعو هن ريت آهي ته هڪ ڀيري جيوڻي ٻائي ريل گاڏيءَ ۾ سفر ڪري رهي هئي ته ساڻس سفر ڪندڙ ڪي همسفر پنهنجي هڪ صندوق جي امانت کيس سونپي، عارضي عذر ڄاڻائي ڪيڏانهن هليا ويا، ٻئي طرف کان پوليس کي اطلاع مليو ته ساڳئي ريل ۾ هڪ قتل ٿيل لاش صندوق ۾ بند پيو آهي. انڪوائريءَ دؤران پوليس جڏهن ڄاڻايل ريل گاڏيءَ جي تلاشي ورتي ته اتفاق سان جيوڻي ٻائيءَ وٽان ساڳئي صندوق مان لاش برآمد ٿيو، جنهن صندوق جي جيوڻي امانت دار طور حفاظت ڪري رهي هئي، پر کيس به معلوم نه هو ته ان صندوق ۾ ڇا بند ٿيل آهي..!! تلاشيءَ بعد جڏهن ساڳئي صندوق مان هڪ لاش برآمد ٿيو ته سڌو سنئون الزام جيوڻيءَ تي آيو، ڪيس هلڻ دؤران جيوڻي پنهنجي بيگناهي ثابت ڪرڻ بابت ڪو به دليل پيش نه ڪري سگھي، نتيجي ۾ جيوڻي ٻائيءَ کي بيگناهه سزاءِ موت جو فيصلو ٻڌايو ويو. ڪيترن ئي لکتن ۾ سندس وفات جي تاريخ ۰۵ جون ۱۹۴۲ع ٻڌائي وڃي ٿي. جيوڻي ٻائي لوڪ ڳائڻي جي ياد ۾ ابراهيم لاشاري سونهاري سنڌ هميشه مختلف وقت به وقت سر ۽ سنگيت جي گلن ۽ سرهاڻ سان سرشار رهي آهي ۽ انهن سرسنگيت جي ڳائڻ هر دور ۾ پنهنجي سنڌ جو نالو ڏيهان ڏيهه مشهور ۽ روشن ڪيو آهي ان سر ۽ سنگيت جي لڙهي مان هڪ گل ۽ لازوال۽ بي مثال ڳائڻ منجهان جيدي (جيوڻي ٻائي) به هڪ لوڪ ڳاڻي ۲۲ جنوري ۱۹۰۱ع اڱاري ڏينهن ڌاري هندستان جي راجپوتانا علائقي جي (ڀيلواڙ) رياست جي (گرگلا) قوم جي هڪ لاڏائو قبيلي (سانسي) جو ڪاري (سانوري رنگ) جي ڦڪو گرگلو نالي شخص جي گهر کان پنهنجي زندگي جو سفر شروع ڪيو جڏهن ته سندس مٺڙي امڙ جو نالو (ماڻڪي گرگلي) هو سندس والدين نهايت غريب ۽ مسڪيني واري زندگي دوران گداگري ڪري پيٽ پاليندا هئا. جيوڻي جو سچو اصل نالو (جيدي) هو جيوڻي جا والدين گداگري جي تربيت به پنهنجي نياڻي کي ستن اٺن سالن دوران ڏني ۽ جيوڻي ٻائي پنج ڇهه ٻيون ساهڙيون گڏ جي در در تي (آهي الله) جي سئن هڻنديون هيون ۽ ان دوران ڳيچ به ڳائينديون هيون ان ئي زماني ۾ جيوڻي کي قدرت واري سريلي ۽ من موهيندڙ آواز سان نوازي ڇڏيو هو سندس آواز منجهه وڏو سوز سمايل هوندو هو ۽آواز جي ڀيٽ ۾ ٻين ساهڙين کان وڌيڪ اثرائتو ۽ پيارو هو. ۱۹۱۸ع ڌاري جيوڻي ٻائي جو والد ڦڪو گرگلو زماني جي مونجهارن ۽ گردشن جي ڪري پنهنجي وطن کي الوداع ڪري ڇڏي اچي پياري پاڪستان جي ملتان شهر ۾ جهوپڙي هڻي رهائيش اختيار ڪئي جتي جيوڻي ٻائي جي اوچتو هڪ وڏي مشهور گويي استاد امير خان سان ڏيٺ وائيٺ ٿي جيڪو جيوڻي جي سريلي ۽ درديلي آواز کان ايترو ته متاثر ٿيو جو هن جيوڻي ٻائي جي مٿي تي رئو پارائي پنهنجي ڌي بڻائي کيس سر سنگيت جي علم جي سکيا ڏني هاڻ جيوڻي ٻائي جي والد جو به هن گويي استاد امير خان سان ايترو ته قرب وڌي ويو جو سموري قبيلي سميت گڏجي حضرت شمس تبريز جي متولي جي هٿ هيٺ مسلمان ٿي ڦڪو گرگلو مان نالو تبديل ڪري اسلامي نالو (فتح محمد) رکرايو اسلام قبول ڪرڻ بعد هن سموري ڪٽنب سميت گداگري (پنڻ) واري ڪرت ڇڏي ڏني. سال ۱۹۲۸ ع ڌاري جيوڻي ٻائي سنڌ جي راڻيپور جي هڪ بزرگ سائين صالح شاهه جي خدمت ۾ حاضر تي مريدياڻي ٿي هن بزرگ صالح شاهه سندس جو اصلي نالو (جيدي) تبديل ڪري سندس نالو (جيئڻي ٻائي) يعني (هميشه سدائين جيئڻ واري) رکيو، حيدرآباد ۾ جيوڻي جي سڃاڻپ سنڌ جي هڪ گويي استاد خير محمد سان ٿي جيڪو راڳ جو وڏو ڄاڻو هوندو هو. اهو ئي سبب هو جو سنڌ جي مشهور لوڪ فنڪارا به هن جي حسن جي سٽ نه سهي سگهي ۽ وڃي استاد خير محمد سان دل جو ناتو جوڙي ويٺي. جيوڻي استاد خير محمد کان سر سنگيت جا سڀ گر سکيا ۽ ڳائڻ جي مڪمل سکيا وٺي، انهيءَ زماني ۾ مشوري ماڻي ورتي. جتي ڪٿي ’واهه واهه جيوڻي‘جي صدا پئي هلي. مطالعي ڪرڻ بعد معلوم ٿيو ته وري سال ۱۹۳۲ع ڌاري جيوڻي ٻائي جي هڪ (نواب ماڪا) نالي شخص سان ملاقات ٿي جنهن بعد ٻنهي هڪٻئي سان گڏ زندگي گذارڻ جو وچن ڪيو، نواب ماڪا ڪئين به هو پر هو الله تعالي جي درد تي پنج ئي وقت نماز پابندي سان ادا ڪندو هو ۽ روزا به پابندي سان رکندو هو نواب ماڪا کي جيوڻي ٻائي کان پهريان به هڪ گهر واري هئي جيڪا سندس (مائٽياڻي) هوندي هئي جيڪا سندس سکر ڀرسان پنهنجي ڳوٺ ۾ رهندي هئي ان گهر واري منجهه ڪافي اولاد هيس مگر جيوڻي ٻائي مان ڪو به اولاد نه ٿيس جيوڻي هڪ زبردست سنڌي موسيقي جو سداحيات امر آواز جو نالو هئي. جيوڻي ٻائي صبح جي وقت روزانو ڳائڻ سندس معمول هوندو هو ۽ زندگيءَ جي آخري گهڙي تائين اهو عملي سلسلو جاري رهيو. جيوڻي جنهن زماني ۾ ڳائيندي هئي ته ان زماني ۾ سڄي ننڍي کنڊ ۾ گرامون فون ريڪارڊنگ ڪمپنين جو عروج هوندو هو اهڙي طرح ان زماني جي مشهور عوامي ڪلا سيڪي فنڪار ماسٽر چندر پڻ جيوڻي ٻائي جي آواز مان تمام گهڻو متاثر ٿي مهاراج ترسي داس جي معرفت سان ڪراچي ۾ جيوڻي ٻائي جو آواز رڪارڊ ڪرايو هو ان آواز جي موسيقي ڪمار خان ترتيب ڏني هئي ۽ انجنيئر وري لعل چند هو جيوڻي هن تمام گهڻ فونا رڪارڊ ڪمپنين سان معاهدا پڻ ڪيا مگر هن ( هزماسٽر وائيس) کان هڪ سو کان به وڌيڪ گرامون فون رڪارڊ ڪرايا ان سبب جي ڪري ڪمپني هڪ زبردست جشن ملهايو ان ڪمپني جيوڻي ٻائي کي مڃتا طور تي (ساڍا ڏهن تولا سون) جو ٺهيل ايوارڊ پيش ڪيو هو. جيوڻي ٻائي تمام سريلي فنڪارا هئي موسيقي جي دنيا ۾ تمام وڏي مڃتا ماڻي. جتي به هو ڳائيندي هئي ته ماڻهن جا هجوم گڏ ٿي ويندا هئا جيوڻي ٻائي جيڪا ڪاري رنگ وڏين اکين جي مالڪ ڀريل جسم ڊگهي قد گول ۽ سونهندڙ چهري واري جيوڻي ٻائي باعزت عورت هئي پاڻ نماز ۽ روزي جي به پابند هوندي هئي پنجتن سان کيس وڏي عقيدت پڻ هوندي هيس سندس آواز ۾ رڪارڊ ريڊيو پاڪستان تان نشر ٿيندا رهندا آهن اڄ به سندس ڪلام پراڻن جهونن پرستارن کي ساڙيو ڇڏي ٿو سندس مشهور ڪلام ٻول (قابو ڪوٽن ۾) ۽ (بي درد جي اقرار ۾ هرگز نه سچائي آ) ٻڌڻ سان جيوڻي ٻائي جي ياد تازه پڻ ٿيو وڃي هي لوڪ سداحيات آواز جيوڻي ٻائي ۵ جون جمعي ڏينهن سال ۱۹۴۲ع تي ۴۱ سالن ۴ مهينا ۱۴ ڏينهن جي عمر ۾ هي سدابهار آواز سر سنگيت جا سڀ ساز آواز بند ڪري پنهنجي زندگي جو سفر مڪمل ڪري، راهه رباني وٺي وئي. سندس اڄ ۷۵ ورسي، نهايت عقيدت سان ملهائي ويندي. جيوڻي ٻائي سنڌ جي امر گلوڪاره حميد ڀٽو سنڌ اندر هزارين فنڪارن جنم وٺي سنڌ جي فن جي شاندار نموني سان خدمت ڪئي آهي، فن جي دنيا سان تعلق رکندڙ سنڌ جي نالي واري گلوڪاره جيوڻي ٻائي پڻ هڪ آهي، جنهن پنهنجي جادوئي آواز واري فن سان پنهنجو منفرد مقام حاصل ڪيو آهي. جيوڻي ٻائي ۲۳ جنوري ۱۹۰۱ع ڌاري انڊيا جي ”پيلواڙي“ رياست ۾ ڦڪو فقير جي گهرجيڪو هڪ خانه بدوش خاندان هو تنهن ۾ جنم ورتو. جڏهن ته سندس وڏڙن جو گذر سفر پنهنجي علائقي مان سير، سفر ۽ پنڻ تي هوندوهو. جيوڻي ٻائي جي امڙ ماڻڪي خاتون خيرات وٺڻ دوران لوٽي تي ڳائيندي وڄائيندي هئي. ماڻڪي جڏهن پنهنجي ساهيڙين سان گڏ پنڻ تي ويندي هئي ته سندس ننڍڙي نياڻي جيوڻي کي پنهنجي رئي يا چادر وسيلي پٺيءَ سان ٻَڌي کڻي ويندي هئي. جيوڻي ننڍپڻ ۾ پنهنجي امڙ کي لوٽي تي ڳائيندي وڄائيندي ٻڌندي هئي، جيوڻي کي ست سالن جي ڄمار ۾ لوٽي تي ڳائي پنڻ جي تربيت سندس امڙ ڏني ۽ زندگيءَ جي شروعات کان جوانيءَ جي ڏاڪي تي پير رکندي جيوڻي پنهنجي هم عمر ساهيڙين سان گڏجي وڏڙن جي ڪرت کي جاري رکيو. جڏهن ته سندس وڏڙن ۱۹۱۸ع ڌاري پنهنجي اباڻي شهر کي ڇڏي ملتان اچي رهائش اختيار ڪئي، جتي ڳائيندي وڄائيندي ملاقات ان وقت جي ناليواري راڳي استاد اميد علي خان سان ٿي، جنهن سندس ڳائڻ ٻڌو ۽ جيوڻي جي آواز ۾ درد محسوس ڪندي کيس باقاعدي راڳداري جي مڪمل سکيا وٺڻ جو چيو، جنهن کانپوءِ جيوڻي مائٽن کان لڪي استاد اميد علي خان کان راڳداري جي سکيا حاصل ڪئي. جڏهن جيوڻي جي والدين کي اها خبر پئي ته سندس مٿان ناراض ٿيڻ بجاءِ استاد اميد علي سان ملاقات ڪئي. جنهن اڳتي هلي سندس ملاقات حضرت شمس تبريز سان ڪرائي. جنهن جي صحبت ۾ جيوڻي ۽ سندس خاندان وارا مسلمان ٿي ويا. ۽ سندس سندس والد جو نالو ڦڪو مان تبديل ڪري فتح محمد رکيو ويو جڏهن ته جيوڻي جو نالو ساڳيو رهيو. جيوڻي مسلمان ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي استاد اميد علي خان سان گڏجي منعقد ٿيندڙ وڏين محفلن جهڙوڪ ميلن، ملاکڙن، شادين مرادين ۾ ڳائڻ شروع ڪيو، سندس ڳائڻ واري نرالي انداز سبب کيس تمام گهڻي عوامي موٽ ملي جنهن کانپوءِ جيوڻي ٻائي ملتان کي خيرآباد ڪري حيدرآباد رهائش اختيار ڪئي. جيوڻي ٻائي حيدرآباد ۾ استاد خير محمد خان کان ۱۹۲۷ع ڌاري راڳداري جي وڌيڪ سکيا حاصل ڪئي، انهيءَ دوران جيوڻي ٻائي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ لڳندڙ مختلف هانڊن توڙي ٿيٽرن ۽ شادين مرادين جهڙن وڏن پروگرامن سميت تڏهوڪي سنڌ جي موسيقي سان چاهه رکندڙ زميندارن جي اهم راڳداري جي پرواگرامن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندي رهي، سندس اهي ڏينهن عروج وارا ليکيا وڃن ٿا، انهيءَ دوران جيوڻي ٻائي نواب ماڪا سان نينهن جو ناتو جوڙي ورتو، جيڪو ناتو ۱۹۳۲ع ڌاري شادي ۾ تبديل ٿيو ۽ جيوڻي ٻائي نواب ماڪا سان عشق جي شادي ڪري ورتي. نواب ماڪا کيس حيدرآباد ۾ رهائش جي لاءِ شاندار گهر جوڙائي ڏنو. نواب ماڪا اصل سکر جو رهواسي هو، ميلن ۾ لڳندڙ ٿيٽرن جو آرگنائيزر هو، جنهن جي پهرين شادي پنهنجي مائٽن مان ٿيل هئي. جڏهن ته جيوڻي ٻائي کي پنهنجي ڪابه اولاد نه ٿي سگهي. پنهنجي مڙس نواب ماڪا جي پهرين زال مان ٿيل ٻارڙن کي پنهنجي اولاد وانگر پيار ڪندي هئي ۽ فني دنيا مان مليل سموري ملڪيت نواب ماڪا جي ٻارڙن جي نالي ڪيائين. جيوڻي ٻاڻي جا پنهنجي وقت جي مشهور ڪمپنيز طرفان ڪلام رڪارڊ ڪيا ويا آهن ۽ جيوڻي ٻائي ان وقت جي نالي وارن گوين سان گڏ راڳداري جي وڏن مقابلن ۾ حصو وٺندي رهي، جنهن ۾ اڪثرطور تي جيوڻي ٻائي کي سوڀ حاصل ٿيندي هئي. جيوڻي ٻائي جو پنهنجي مڙس نواب ماڪا سان جنون جي حد تائين عشق هوندو هيو۽ ڪجهه استاد راڳي سندس عشق جا ويري هئا، جن جيوڻي ٻائي ۽ نواب ماڪا ۾ ڪجهه عرصو رنجشون پڻ پيدا ڪيون پر جيوڻي ٻائي پنهنجي ور سان انتها درجي جو پيار ڪندي هئي۽ هڪ ڀيري ڪنهن شاديءَ تان واپس حيدرآباد ريلوي اسٽيشن تي پهتي ته سندس سازندن جي سٿ مان هڪ سازندي جيوڻي ٻائي کي سندس ور بابت ڪوڙي ڳالهه ٻڌائي جنهن کي ٻڌڻ شرط ئي آ....ڪري جيوڻي ٻائي حيدرآباد جي ريلوي اسٽيشن تي ڪري پئي جيڪو ڏينهن ۵ جون ۱۹۴۲ع جو هو، جتي جيوڻي ٻائي دل بيهڻ سبب هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. انتهائي حساس طبيعت جي مالڪياڻي هئي، جنهن پنهنجو مذهب مٽائڻ بعد مسلمان ٿيڻ تائين نهايت ئي پاڪيزگي ۽ شائستگيءَ سان مذهب تي ڪاربند رهندي پنهنجي زندگي گهاري. اهڙي طرح سان جيوڻي ٻائي جي وڇوڙي کي ۲۰۱۵ع تائين ۷۳ سال گذري چڪا آهن پر جيوڻي ٻائي جي فن ۽ دل لڀائيندڙ آواز کي سنڌ وساري ناهي سگهي، جيسيتائين هن ڪائنات جو وجود آهي، تيسيتائين سنڌ واسي جيوڻي ٻائي کي هميشه ياد ڪندا رهندا، ڇاڪاڻ ته جيوڻي ٻائي جهڙا فنڪار هميشه امر هوندا آهن. جـيوڻـي ٻائـي سنڌ جي سدابهار گلوڪاره -سندس ورسيء جي مناسبت سان محمد عثمان ميمڻ جـيـوڻي ٻائي ڌيءَ ڦڪـو گـرگلـو، ۲۲ جنوري ۱۹۰۱ع ۾ هندستان جي راجپوتانا علائقي جي ’ڀيلواڙ‘ رياست ۾ ڄائي. سندس اصل نالو جيدي هو، پر جيوڻي ٻائيءَ جي نالي سان سنڌ هند ۾ مشهور ٿي. هوءَ اڳتي هلي سنڌ جي هاڪاري ڳائڻي ثابت ٿي. سندس آواز ۾ اهڙو ته جادُو هو جو ٻڌڻ وارن جون دليون موهجي ويـنـديـون هـيـون. جيـوڻيءَ جا والدين پن تي گذران ڪندا هئا ۽ کيس به ان جي تربيت ڏني وئي هئي. هوءَ جڏهن ستن اٺن سالن جي ٿي ته پاڻ ۽ پنج ٻيون ڇوڪريون گڏجي در در تي سئن به هڻنديون هيون ۽ ڳيچ به ڳائينديون هيون. ۱۹۱۸ع ۾ ڦڪو پنهنجي وطن کي ڇڏي ملتان وڃي ويٺو، جتي جيوڻيءَ جي ملاقات مشهور راڳي استاد امير خان سان ٿي، جيڪو سندس آواز ۽ شخصيت کان ايترو ته متاثر ٿيو، جو جيوڻي ٻائيءَ کي رئو پارائي، پنهنجي ڌيءَ بنائي، کيس راڳ جي تعليم ڏيڻ شروع ڪيائين. ڦڪي جو سڄو خاندان امير خان جي قرب ۽ صحبت ۾ هڪ ڏينهن ساڻس گڏجي حضرت شمس تبريز جي متوليءَ جي هٿ تي مسلمان ٿيو. ان بعد ڦڪو فتح محمد ٿي ويو ۽ جيوڻي در در تي وڃي خيرات وٺڻ بند ڪئي ۽ استاد امير خان جي معرفت ميلن ملاکڙن ۽ محفلن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندي، فني منزلون طئي ڪندي رهي. ملتان کان ڪراچيءَ تائين کيس راڳ جون دعوتون ملڻ لڳيون. سنڌ جا ماڻهو کيس گهڻو چاهيندا هئا ۽ پنهنجي محفلن ۾ کيس گهرائيندا هئا. هڪ دفعي شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جي ميلي تي جيوڻي آيل هئي، اتي سندس ملاقات سنڌ جي مشهور راڳي استاد خير محمد خان سان ٿي، جنهن کي جيوڻيءَ جي راڳ ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ جيوڻي به استاد کان متاثر ٿي. آخر استاد خير محمد خان جي صحبت ۾ جيوڻي ملتان ڇڏي اچي حيدرآباد ۾ رهائش پذير ٿي ۽ استاد خير محمد خان کان راڳ جا سبق سکيائين. خاص ڪري سنڌي ڪافي ڳائڻ جي سکيا ورتائين. پوءِ ته سڄيءَ سنڌ ۾سندس آواز گونجڻ لڳو، هوءَ سنڌ جي هر ميلي ۾ استاد خير محمد خان سان گڏ هوندي هئي. هڪ ڀيري شاهه قادريءَ جي ميلي تي استاد بيبو خان، استاد خير محمد خان، قاسم علي شاهه، ڀورو سک، ماسٽر چندر ۽ ٻيا مشهور فنڪار اچي شامل ٿيا، پر ميلي جي محفل موسيقي جيوڻيءَ کٽي ورتي. سندس آواز ٻڌي ماسٽر چندر گهڻو متاثر ٿيو ۽ مهاراج تلسي داس کي چيائين ته جيوڻيءَ کي ڪراچي وٺي اچ ته جيئن سندس آواز رڪارڊ ڪرايون. مهاراج تلسي داس جيوڻيءَ کي ڪراچيءَ وٺي ويو، ماسٽر چندر کيس رڪارڊنگ بابت سکيا ڏني. ڪمار خان جي موسيقيءَ ۾ جيوڻي ٻائيءَ جي آواز ۾ پهريون رڪارڊ انجنيئر لال چند رڪارڊ ڪيو. سڄي سنڌ ۾ هر طرف جيوڻيءَ جي سريلي آواز جي واهه واهه ٿي ويئي. جيوڻي پاڻ به شاعره هئي، تنهن ڪري ٻه ٽي رڪارڊ پنهنجن ڪلامن جا به رڪارڊ ڪيائين. ان کان سواءِ هوءَ حاجي شاهه ۽ پرسرام ضياءَ جا ڪلام ڳائيندي هئي. جيوڻي ٻائي سنڌ ۾ ۱۹۲۸ع ۾ راڻيپور جي بزرگ سائين صالح شاهه جي مريدياڻي ٿي. هن ئي بزرگ سندس نالو جيدي مان بدلائي ’جيوڻي ٻائي‘ رکيو هو. جيوڻي حيدرآباد جي هڪ عالم الله بخش نوناريءَ کان قرآن شريف ۽ ديني تعليم حاصل ڪئي. ۱۹۳۲ع ۾ هن هڪ شخص نواب ماڪا سان شادي ڪئي، پر هن کي ڪو به اولاد نه ٿيو. جيوڻي ٻائي وڏي سريلي فنڪاره هئي. هن پنهنجي وقت ۾ ايترو ته نالو پيدا ڪيو، جو آل انڊيا ڪانفرنس ۾ پورن تيرنهن سالن تائين سنڌ جي نمائندگي ڪيائين. ڪاري رنگ، وڏين اکين، ڀريل جسم، ڊگھي قد، گول ۽ سونهندڙ چهري واري جيوڻي ٻائي پُروقار ۽ باعزت عورت هئي. پاڻ روزي نماز جي پابند هئي، کيس پنجنتن سان وڏي عقيدت هئي. هٿ جي ڇوٽ هوندي هئي. جيوڻي ٻائي هز ماسٽرس وائس گراموفون رڪارڊ ڪمپنيءَ ۾ سؤ کان وڌيڪ گراموفون رڪارڊ ڀرايا، جيڪي سڀ جا سڀ مقبول ٿيا. اهو ئي سبب هو، جو هن ڪمپنيءَ وارن ساڻس هڪ شاندار جشن ملهايو، جنهن ۾ ڪمپنيءَ جو ساڍن ڏهن تولن جو سونو مونوگرام کيس اوارڊ طور ڏنو ويو. سندس آواز ۾ ريڊيي پاڪستان تان رڪارڊ اڄ تائين نشر ٿيندا رهندا آهن، جن ۾ ’قابو ڪوٽن ۾‘ ۽ ’بي درد جي اقرار ۾ هر گز نه سچائي آ‘ جهڙا ڪلام ٻڌي، جيوڻيءَ جي ياد تازي ٿيو وڃي. رئيس ڪريم بخش نظاماڻي پنهنجي آتم ڪٿا ”ڪيئي ڪتاب“ ۾ لکي ٿو ته جيوڻي ٻائي هڪ وڏي آواز باني گلي ۾ لهرن ۽ مڪن جي مالڪه ۽ پنهنجي وقت جي ”گوهر جان“ سمجهي ويندي هئي. ميلن ۽ سنڌ ۾ ڪافي شهريت جي مالڪ هئي، جنهن جا لکين رڪارڊ هلندا هئا. سندس سامهون گرامون فون رڪارڊنگ جي مقابلي ۾ ماسٽر چندر هوندو هو. جيوڻي ٻائي ۽ ماسٽر چندر جي وچ ۾ ڳائڻ جو مقابلو فقط گرامو فون ڪمينڊ جي حد تائين هو. باقي ميڙن ۽ ميلن ۾ سندس مقابلو مٺو ڪلهوڙي سان هو. جيوڻي ٻائي حد کان وڌيڪ ڪاري رنگ جي، بدشڪل، بدصورت، بدن ۾ ڀريل، ٿلهي، بيڊولي هئي، پر ڳائڻ جي انگ انگ ۽ ڍنگ، آواز جي بلندي ۽ سريلي پڻ ۾ سندس ڪو به ثاني ڪو نه هو. سندس انهي عيبن مٿان فن غالب هوندو هو. خير محمد عرف جکري کي ساڻس عشق هئڻ ڪري اهي عيب ڏسڻ ۾ ئي ڪو نه ايندا هئا، واقعي فن جيوڻيءَ جي در جو غلام هو. سنڌ جي هي سدا بهار ڳائڻي ۵ جون ۱۹۴۲ع ۾ لاڏاڻو ڪري وئي. جيوڻي ٻائي سنڌ جي مشهور لوڪ ڳائڻي فقير محمد سنڌي جـيـوڻي ٻائي ڌيءَ ڦڪـو گـرگلـو، ۲۲ جنوري ۱۹۰۱ع ۾ هندستان جي راجپوتانا علائقي جي ’ڀيلواڙ‘ رياست ۾ ڄائي. سندس اصل نالو جيدي هو، پر جيوڻي ٻائيءَ جي نالي سان سنڌ هند ۾ مشهور ٿي. هوءَ اڳتي هلي سنڌ جي هاڪاري ڳائڻي ثابت ٿي. سندس آواز ۾ اهڙو ته جادُو هو جو ٻڌڻ وارن جون دليون موهجي ويـنـديـون هـيـون ۱۹۱۸ع ۾ ڦڪو پنهنجي وطن کي ڇڏي ملتان وڃي ويٺو، جتي جيوڻيءَ جي ملاقات مشهور راڳي استاد امير خان سان ٿي، جيڪو سندس آواز ۽ شخصيت کان ايترو ته متاثر ٿيو، جو جيوڻي ٻائيءَ کي رئو پارائي، پنهنجي ڌيءَ بنائي، کيس راڳ جي تعليم ڏيڻ شروع ڪيائين. ڦڪي جو سڄو خاندان امير خان جي قرب ۽ صحبت ۾ هڪ ڏينهن ساڻس گڏجي حضرت شمس تبريز جي متوليءَ جي هٿ تي مسلمان ٿيو. سنڌ جا ماڻهو کيس گهڻو چاهيندا هئا ۽ پنهنجي محفلن ۾ کيس گهرائيندا هئا. هڪ دفعي شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جي ميلي تي جيوڻي آيل هئي، اتي سندس ملاقات سنڌ جي مشهور راڳي استاد خير محمد خان سان ٿي، جنهن کي جيوڻيءَ جي راڳ ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ جيوڻي به استاد کان متاثر ٿي. آخر استاد خير محمد خان جي صحبت ۾ جيوڻي ملتان ڇڏي اچي حيدرآباد ۾ رهائش پذير ٿي ۽ استاد خير محمد کان ڪافي جي فن جي سکيا پڻ ورتي جيوڻي ٻائي سنڌ ۾ ۱۹۲۸ع ۾ راڻيپور جي بزرگ سائين صالح شاهه جي مريدياڻي ٿي. هن ئي بزرگ سندس نالو جيدي مان بدلائي ’جيوڻي ٻائي‘ رکيو هو. جيوڻي حيدرآباد جي هڪ عالم الله بخش نوناريءَ کان قرآن شريف ۽ ديني تعليم حاصل ڪئي. ۱۹۳۲ع ۾ هن هڪ شخص نواب ماڪا سان شادي ڪئي، پر هن کي ڪو به اولاد نه ٿيو. جيوڻي ٻائي وڏي سريلي فنڪاره هئي. هن پنهنجي وقت ۾ ايترو ته نالو پيدا ڪيو، جو آل انڊيا ڪانفرنس ۾ پورن تيرهن سالن تائين سنڌ جي نمائندگي ڪيائين. ڪاري رنگ وڏين اکين، ڀريل جسم، ڊگھي قد، گول ۽ سونهندڙ چهري واري جيوڻي ٻائي پُروقار ۽ باعزت عورت هئي. پاڻ روزي نماز جي پابند هئي، کيس پنجن تنن سان وڏي عقيدت هئي. هٿ جي ڇوٽ هوندي هئي. سنڌ جي هي سدا بهار ڳائڻي ۵ جون ۱۹۴۲ع ۾ لاڏاڻو ڪري وئي. جيوڻي ٻائي پھرين مقبول سنڌي فنڪارا صالح ميمڻ پھرين عورت سنڌي فنڪاره جيوڻي ٻائي، ۲۲ جنوري ۱۹۰۱ع تي ھندوستان جي رياست راجپوتانا جي ڀيلواڙا ڳوٺ ۾ خانه بدوش قبيلي ۾ جنم ورتو، ھِن کي سنڌي موسيقي ۾ پھرين عورت فنڪاره جو اعزاز حاصل آھي. سائيسي نالي خانه بدوش قبيلو جنھن سان ھن جو تعلق ھو اُن قبيلي جي صديون پراڻي روايت ھئي ته ان قبيلي جا مرد نڪما ھوندا ھئا، عورتون ڪمائينديون ۽ مرد کائيندا ھئا، ھِند ۽ سنڌ ۾ ان طرح جا قبيلا اڄ به پنھنجي ان ساڳي پراڻي روايت سان جيئن جو تيئن برقرار آھن، جن جون عورتون ڪنھن طرح ڪمائين ٿيون ۽ مرد ڪو ڪم نه ٿا ڪن ۽ نڪمن ماکي جي مکن وانگر عورتن جي ڪمائي تي پلجن ٿا. جيوڻي جي ماءُ نالي جانڪي روزانو صبح سوير ننڍي عمر جي جيوڻيءَ جنھن جو شروعاتي نالو جيدي ٻائي ھو کي تنجڻن ۾ ويڙھي کڻي در در وڃي صدائون ھڻي پنندي ھئي، جڏھن جيوڻي ٿوري وڏي ٿي ته ماءُ سان گڏ ڪورس جي صورت ۾ صدائون ھڻي پنندي ھئي. جيوڻي جو آواز ايترو ته درد ڀريو ھو جو ماڻھن ھن کي ٻُڌي ھن کي ايترو گھڻو دان ڏنو جو ڪجه وقت کان پوءِ ھنن وٽ ايترو پئسو جمع ٿي ويو جو ماءُ ۽ ڌيءَ کي پنڻ جي ضرورت ئي نه پئي. جڏھن جيوڻي ۱۷ سالن جي ٿي ته ھن جو والد ڦَڪو گُرگلو ۱۹۱۸ع ۾ راجپوتانا کي ڇڏي گھر ڀاتين سان ملتان ۾ اچي آباد ٿيو. جتي جيوڻي جو آواز ان وقت جي نالي واري راڳي امير خان ٻڌو، جڏھن جيوڻي جي ملاقات امير خان سان ٿي ته ھو ھن جي سريلي آواز، شخصيت ۽ طبيعت کان متاثر ٿيو، ھِن کي پوتي پارائي پنھنجي ڌيءَ بڻايائين ۽ راڳ جي باقاعدا سکيا پڻ ڏنائين، ڦڪو گرگلي جو ڪٽنب ان طرح امير خان جي صحبت ۾ اچي مسلمان ٿيو، ڦڪو مان ھن جو نالو بدلائي محمد رکيو ويو، جيدي ٻائي جيوڻي ٻائي ٿي وئي، ٻائي لفظ جي معنيٰ آھي عورت، جيئن مسمات، مائي، شريمتي يا بيبي جا لفظ عورت جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندا آھن. مسلمان ٿيڻ کان پوءِ ڦڪو (محمد) جي خاندان پنڻ جو ڌنڌو مڪمل طور تي ڇڏي ڏنو، جيوڻي ھاڻ ميلن، ملاکڙن ۽ شادين جي ڪاڄن ۾ ڳائڻ لڳي، ڳائڻ جي فني سکيا ورتي، ھوءَ ملتان کان حيدرآباد ۽ ڪراچي تائين شادين ۾ ۽ ٻين موقعن تي ڳائڻ لاءِ ھڪ فنڪارا طور گھرائي ويندي ھئي، جڏھن ھن سنڌ ۾ سنڌيءَ ۾ ڳايو ته پھرين سنڌي گلوڪاره بڻجي وئي ۽ سنڌ جا ماڻھو کيس تمام گھڻو چاھيندا ھئا، ھڪ دفعي ھوءَ شاه عبدالڪريم بلڙي واري جي ميلي ۾ پنھنجو فن پيش ڪرڻ لاءِ پھتي اتي ان جي ملاقات مشھور راڳي خير محمد خان سان ٿي، ايئن استاد خير محمد خان سان ويجھڙائپ ٿي پوڻ جي ڪري جيوڻي ملتان ڇڏي حيدرآباد اچي آباد ٿي، ھِن سنڌي ڪافي ڳائڻ جي تربيت استاد خير محمد کان ورتي، ان طرح سنڌ ۾ رھڻ ڪري ھن جو آواز سنڌ ۾ گونجي ۽ مقبول ٿي ويو، ھوءَ سنڌ جي ھر ميلي ملاکڙي ۾ استاد خير محمد سان گڏ ھوندي ھئي. ھڪ ڀيري شاه قادري جي ميلي تي استاد بيبو خان، سيد قائم علي، ڀورو سنگھ، ماسٽر چندر ۽ ٻين ان وقت جي مشھور فنڪارن ۾ جيوڻي جي آواز ميدان ماري ورتو، اتان جي اھڙي مشھوري کانپوءِ جيوڻي کي فونو گرام تي سندس گيتن جي رڪارڊنگ ڪرائڻ جي آفر آئي، ھِن جي اھڙي طرح گيتن جي رڪارڊنگ ٿيڻ لڳي، ھوءَ پاڻ به شاعره ھئي، پنھنجن گيتن سان گڏ ٻين شاعرن جا به گيت ڳائيندي ھئي. ۱۹۲۸ع ۾ جڏھن جيوڻي ۲۷ سالن جي ھئي تڏھن ان وقت جي بزرگ سيد صالح شاه جي ھيءَ مريدياڻي ٿي، ھن حيدرآباد جي ھڪ عالم وٽ قرآن مجيد پڙھيو ۽ ديني تعليم پڻ حاصل ڪئي. ھوءَ جڏھن ۳۱ سالن جي ھئي ته ھن ۱۹۳۲ع ۾ ھڪ شخص نواب ماڪا سان شادي به ڪئي، پر کيس ڪو اولاد نه ٿيو. سانوري رنگ، وڏين اکين، ڀريل جسم، ڊگھي قد ۽ گول چھري واري جيوڻي ٻائي باعزت عورت ھئي ۽ روزي نماز جي پابند ھئي، کيس پنجن تنن سان گھڻو پيار ھو، ان وقت جي مشھور گرامو فون ڪمپني ھن جا لڳ ڀڳ ۱۰۰ گيت رڪارڊ ڪيا جيڪي گرامو فون تي جھر جھنگ گونجيا ۽ تمام گھڻو مشھور ٿيا، گرامو فون ڪمپني ھن جي آواز جي مقبوليت تي ھن لاءِ ڪراچي ۾ ھڪ شاندار تقريب رکي جنھن ۾ ڪمپني جي مالڪ ھن کي ساڍن ۱۰ تولن جو سونو مونو گرام انعام طور ڏنو. جيوڻي ٻائي جا گيت اڄ به ريڊيو پاڪستان تان ڳائجن ٿا، ھوءَ ۵ جون ۱۹۴۲ع تي صرف ۴۱ سالن جي عمر ۾ ھن دنيا کي پنھنجي آواز جون يادون ڏئي ڇڏي وئي. (ماھوار ھمسري حيدرآباد آن لائين جي مارچ ۲۰۲۴ع واري پرچي ۾ ڇپيل)
پروفيسر شيوارام ڦيرواڻي سنڌي ٻولي جو ناميارو نثرنويس حسيب ناياب منگي شيوا رام ولد نرسنگهداس جو جنم شڪارپور ۾ ۱۸۶۷ع ڌاري ٿيو. جنهن اڳتي هلي اعلي ڪارناما سرانجام ڏنا ۽ شڪارپور جي تاريخ ۾ پنهنجو نانءُ مٿانهون ڪيو. سندس تعليمي سفر جي شروعات، شڪارپور مان ئي ٿي ۽ بمبئي جي يونيورسٽيءَ ۾ ايم اي جو امتحان امتيازي حيثيت سان پاس ڪيائين. بعد ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ ۱۹۱۲ع ڌاري پروفيسر مقرر ٿيو ۽ ۱۹۲۴ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان پروفيسري ڇڏي اچي شڪارپور ۾ رهيو. شڪارپور ۾ راءُ بهادر اوڌوداس تاراچند اسپتال جي تعمير هڪ اعلي ڪارنامو آهي جيڪو راءُ بهادر اوڌوداس تاراچند ڇاٻڙيا سرانجام ڏنو. ان ڪارنامي ۾ پروفيسر ڦيرواڻيءَ جون ڪي تجويزون ۽ ڪاوشون ضرور شامل آهن. شڪارپور ۾ سي اينڊ ايس ڪاليج جي قيام ۾ به هن سخي مرد پروفيسر ڦيرواڻيءَ جون ڪاليج بانيڪارن چيلاسنگھ ۽ سيتلداس سان به ڏنل ساٿ وسارڻ جهڙو ناهي. هو شڪارپور جي ترقي خاطر ڏينهن رات محنت ڪندو رهيو. ڇوڪرين لاءِ تعليم عام ڪرڻ واسطي شڪارپور ۾ هن سخي مرد ڏينهن رات محنت ڪئي. اهو ئي سبب آهي جو پروفيسر شيوارام ڦيرواڻي جي محنتن جي نتيجي ۾ شڪارپور اندر ايشوري ٻائي گرلس هاءِ اسڪول هلي رهيو آهي. پروفيسر ڦيرواڻي ضرورت محسوس ڪندو هو ته والدين وٽ وڃي سندن ٻارن کي اسڪولن ۾ داخلا وٺي ڏيڻ لاءِ زور ڀريندو هو. ڪڏهن ڪنهن ميڙ ۾ بيهي تعليم جي اهميت تي ڳالهائيندو هو ته شڪارپور ۾ شعور جي ڪرڻن جي روشنائي سندس گيان جي ذريعي ڦهلبي هئي. هو اسان وٽ سنڌ ۾ ادب ۽ تعليم جي حوالي سان هڪ ادارو هو، جنهن کي وقت به وقت ادبي ۽ تعليمي خيالات ايندا هئا، جن جو هو استعمال ڪري ادب توڙي تعليم کي، وڌيڪ ترقي ڏيارڻ لاءِ ڪوششون وٺندو هو. پاڻ “پرائمري اسڪول بورڊ ميونسپالٽي شڪارپور” جو چيئرمين پڻ ٿيو هو. تعليمي ماهر هجڻ سان گڏوگڏ هو سماج-سڌارڪ پڻ هو. جڏهن شڪارپور ۾ پهريون برف جو ڪارخانو هڪ جرمن انجنيئر کوليو ته ڪجهه شڪارپور واسي اهو چوندا هئا ته گورن کانسواءِ اهڙو ڪارخانو ڪو ڪڍي ئي ڪو نه سگهندو. اهڙي روايت جي برعڪس پاڻ ۱۹۰۴ع ۾ برف جو ڪارخانو کوليائين. اهڙي طرح ۱۹۰۸ع ۾ پروفيسر ڦيرواڻي سيٺ اڌلداس جي مدد سان ڪپڙي اُڻڻ جو ڪارخانو کوليو ھيو. اهو ڪارخانو سنڌ ۾ جديد نوعيت جو ڪپڙو اڻڻ جو پهريون ڪارخانو هو. ان کانپوءِ روهڙيءَ ۾ ڪپڙي اڻڻ جا ڪارخانا کليا. شيوارام ڦيرواڻي شاعر ۽ اديب پڻ هو. سندس شعر ته ايترو ڪو نه ٿو ملي باقي نثر ۾ سندس مضمون ۽ ڪتاب تمام گهڻا ٿا ملن پر هن وقت سڀ اڻلڀ آهن. سندس ڪتابن جا نالا ڪجهه هن طرح آهن: (۱) ايڪٽيھ چڱا لڇڻ (ڇپيل جون ۱۹۲۶ع) (۲) ساٿ سکيا يا پنگتي جيون (آگسٽ ۱۹۲۷ع) (۳) ڊالٽن رٿ موجب تعليم (مئي ۱۹۲۹ع) (۴) اسين سکون ڪيئن (ترجمو جولاءِ ۱۹۳۵ع) (۵) تعليمي من وديا (جولاءِ ۱۹۳۶ع) (۶) نئون تعليمي ڪورس (۱۹۳۶ع جڳتراءِ شوداساڻي سان گڏ لکيل) (۷) ڪبن جو ڪتاب (ترجمو ۱۹۳۷ع) (۸) راج رشي ديوان ڏيارام گدومل جو جيون چرتر (۱۹۳۸ع) (۹) هندو مسلم انساني ايڪتا (۱۹۳۹ع) (۱۰) سڀاويڪ ٻاراڻي سکيا پنهنجي يونيورسٽي (۱۹۴۱ع) (۱۱) صحت بچائڻ ۽ عمر وڌائڻ جا چوڏهن قاعدا (۱۹۴۷ع) ۽ (۱۲) ميونٽسري سکيا. پروفيسر شيوارام ڦيرواڻي صاحب جڏھن بمبئي يونيورسٽيءَ اندر پروفيسر ھيو، تڏھن پاڻ ھڪڙو ڪتاب انگريزي زبان ۾ به لکيائين، جيڪو ۱۹۲۴ع ڌاري ھيٺ ڏنل نالي سان ڇپيو. SOCIAL EFFICIENCY: INDIA’S GREATEST NEED انگريزيءَ ۾ سندس ٻيو ڪتاب ھيٺ ڄاڻايل نالي سان پڻ لکيل آھي، جيڪو ۱۹۲۶ع ڌاري ڄيٺمل پرسرام گلراج، بلوٽسڪي پريس، بنڌو آشرم، حيدرآباد سنڌ مان ڇپرايو. MUNICIPAL EFFICIENCY (WITH SPECIAL REFERENCE TO THE BOMBAY PRESEIDENCY) هن جا مضمون ماهوار سنڌو، ماهوار اخبار تعليم، روزانه قرباني ۽ روزانه سوراج ۾ ڇپبا هئا. سندس لکيل ڪجھ مضمونن جا نالا هت پيش پيو ڪريان، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هو تعليم جي حوالي سان ڪيترو پاڻ پتوڙي ويو آهي. سنڌ جي پنگتي حالت (ڇپيل ڀارت واسي ۱۹۲۴ع) ٻاراڻي درجي ۾ مانٽيسوري سکيا (ماهوار اخبار تعليم آڪٽوبر ۱۹۳۴ع) ساهتيه ڇا آهي؟ ۽ ان کي ڪيئن زور وٺائجي (ماهوار سنڌو مئي ۱۹۳۵ع) خيالن جي نقشبندي (ماهوار اخبار تعليم نومبر ۱۹۳۶ع) ڏيارام گدو مل (ڪتاب سنڌي سونهارا ۱۹۳۶ع) نئين من وديا (ماهوار اخبار تعليم نومبر ۱۹۳۷ع) مجموعي زندگي لاءِ ترتيب (ماهوار اخبار تعليم فيبروري ۱۹۳۸ع) نئين سکيا (الف) تواريخي نظر (ماهوار اخبار تعليم جولاءِ ۱۹۳۸ع) نئين سکيا (ب) عام اصول (ماهوار اخبار تعليم جولاءِ ۱۹۳۸ع) وڏن کي ڪيئن سيکارجي ڊاڪٽر فرئنڪ جا رايا (اخبار تعليم اپريل ۱۹۳۹ع) زندگي جو ساز (ماهوار سنڌو جنوري ۱۹۴۶ع) شيوارام شاعر پڻ هو سندس من جا موتي هن طرح ميڙيا ويا آهن: شل گهر گهر اخلاق ۽ گهر گهر انصاف ٿئي! گهر گهر سکيا ۽ گهر گهر صحت وڌي! گهر گهر وندر ۽ گهر گهر هنر اچي! ۽ گهر گهر خوشي ۽ گهر گهر خوراڪ هجي. ان کان علاوه شڪارپور تي هڪ انگريزي نظم پڻ لکيو هئائين، جنهن جو سنڌي منظوم ترجمو منهنجي والد محترم نقش ناياب منگي ڪيو هو. ان جا هڪ ٻه شعر هت پيش پيو ڪريان. تفصيلي شعر منهنجي ترتيب ڏنل ڪتاب ”شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾“ (۲۰۱۷ع) ۾ ڏسي سگهجي ٿو. ڪنهن ٽاڻي هو گهاٽو ٻيلو مارين لئه ميدان، ڪورين اُتڙي ڳوٺ ٻڌائي عام ڪيو اعلان. هر دک دور ڪبو شهرين جو تڏهن ته ٿيندو سُک، شهر اسان جو ڏيهه سڄي ۾ ليکيو ويندو مُک. پروفيسر شيوارام ڦيرواڻي شڪارپور جي مختلف علمي ۽ سماجي ادارن جي وجود لاءِ چندو پڻ ڏنو. ادبي حوالي سان سندس قد ڪاٺ ايترو ته بلند هو جو هندستان ۽ ان کان ٻاهر جي علمي ادبي ادارن جو ميمبر هو. ورهاڱي کانپوءِ هندستان ۾ رهيو جتي ئي ۱۹۵۰ع ۾ ديهانت ڪيائين. سندس خدمتن تي سموري سنڌ کي ناز آهي. سنڌ جي علمي ادبي ادارن کي گهرجي ته سندس ڪتابن کي ٻيهر شايع ڪرائي علم جي پياسن جي اُڃ اجهائن. (مدد: شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾، ايڪٽيهه چڱا لڇڻ، ماهوار پيغام ڪراچي ۽ روزانه هلال پاڪستان ڪراچي، ماهوار اخبار تعليم وغيره جا مختلف پرچا.) شيوارام ڦيرواڻي ڀڳوانداس ميگھواڙ سنڌي ٻوليءَ جي مشهور ليکڪ، دانشور، تعليمي ماهر، سماجي شخصيت شيوارام ڦيرواڻي ۱۸۶۸ع ڌاري شڪار پور سنڌ ۾ جنم ورتو، ھن جو اصل نالو پروفيسر شيوارام نرسنگهداس ڦيرواڻي ھو، ھن بنيادي تعليم شڪار پور سنڌ، ماسٽرس بمبئي يونيورسٽيءَ مان ڪئي، تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ ئي درس تدريس جو ڪم ڪيائين، پوءِ نوڪري ڇڏي واپس شڪار پور سنڌ اچي ويو، ھتي به تعليم جي سڌاري لاءِ ڪوششون ڪيائين، واپار به شروع ڪيائين، ھن شڪار پور ۾ برف ٺاهڻ ۽ ڪپڙي اڻڻ جا ڪارخانا قائم ڪيا، ميونسپالٽي شڪار پور جو پھرين ميمبر، پوءِ چيئرمين رھيو، ان دوران هن تعليم جي بهتري لاءِ قدم کنيا، بوائز ۽ گرلز اسڪول قائم ڪيا، جيڪي پوءِ ھائي اسڪولز ۽ ڪاليجز ٿيا، عورتن لاءِ صحت ۽ ھنري سينٽر قائم ڪيا، ھن مختلف اخبارن ۽ رسالن سان سھڪار ڪيو، "سنڌو ٽرسٽ بورڊ" جو ميمبر رهيو، شيوارام ڦيرواڻي ۽ رامچند ويرومل ڀوراڻيءَ گڏجي هفتيوار اخبار "شيوڪ" به جاري ڪئي، سندس ڪتابن ۾: ايڪٽيھ چڱا لڇڻ، ساٿ سکيا يا پنگتي جيون، سڀاويڪ ٻاراڻي سکيا، ڊالٽن رٿ موجب تعليم، اسين سکون ڪيئن ٿا؟، نئون تعليمي ڪورس، ڪيف جو ڪتاب، تعليمي من وديا، راج رشي ديوان ڏيارام گدومل جو جيون چرتر، هندو مسلم ۽ انساني ايڪتا، پنهنجي يونيورسٽي، صحت بچائڻ ۽ عمر وڌائڻ جا چوڏهن قاعدا، ميونسپل افيشنسي، مانٽيسوري سکيا وغيره شامل آهن. . (ڀڳوانداس ميگھواڙ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱ نومبر ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)
عبدالحڪيم ارشد زبانن تي تالا، تخيل تي پهرا جو خالق شاعر گل مورو سنڌ جي عظيم ڏاهي علامه غلام محمد گرامي هڪ هنڌ لکيو آهي ته شاعر جي منصب ۽ پد مان ڪنهن جي به ريس يا برابري ڪانهي. خلقڻهار جي هن ڪائنات ۾ جيڪي به وهي ۽ واپري ٿو تنهنجي جيتري ٻُڌ سُڌ شاعري آهي تيتري ٻئي ڪنهن کي به ڪا نه ٿي سگهندي. عالم ۽ فاضل ماڻهو ڪتابي علم سان ڀرپور آهن پر شاعر جي دل اندرين روشني جو ڀنڊار هوندي آهي شاعر ٻين جي ٻڌ سُڌ تي ڪو نه ٿو هلي يا شين ۽ زندگي بابت ٻين جا تجربا نه ٿو پلٽي هن جو ڪم آهي ته جُڳت جي پسڻ ۽ ان سونهن جو مزو ٻين کي چکائڻ اهو حسن عام ماڻهوءَ جي پسڻ ۽ پرکڻ کان مٿي آهي ان سونهن جي ڪٿ انساني وٽن ۽ ڪسوٽين مان ٿيڻ مشڪل آهي. انهيءَ حقيقت جيان اها حقيقت آهي ته سنڌ جي عظيم ڏاهي علامه غلام محمد گرامي ڄڻ ته هي سمورا لفظ تاريخ جي انمول هيري عبدالحڪيم ارشد جي لاءِ جوڙيا هجن جنهن سڄي زندگي اُلفت ۾ گذاري الفت واري زندگي گذاريندڙ ماڻهو ئي پنهنجي وطن، ٻولي، تهذيب جي بقا جي جنگ ۾ جيئو جنگ بڻجي سولي جو سينگار بڻجڻ لاءِ هر وقت پهرين صف ۾ نظر ايندا آهن سو جڏهن سنڌ مٿان ون يونٽ واري زنجير هڻي لکڻ پڙهڻ ۽ سنڌ پڪارڻ تي بندش هنئين وئي هئي ته سنڌ جي امر ڪردار جيئو جُنگ جي جنم ڀومي سڪرنڊ جي سامهون ۱۳ جون ۱۹۳۹ع جي سانوڻي واري مند ۾ ڳوٺ لکمير ۾ سنڌ جي هن ارڏي ڪردار عبدالحڪيم ارشد اک کولي هئي. هن ابتدائي تعليم ته پنهنجي ڳوٺ کان حاصل ڪئي هئي پر سنڌ جي تحريڪي مرڪز پير جهنڊي ۾ جتي عربي، فارسي سکڻ سان گڏ ڪائنات جي انقلابي فڪر کي غور سان پڙهيو ۽ پروڙيو ۽ اُتي ئي تعليم دوران سنڌ جي سياسي حالتن ۽ تبديل ٿيندڙ هوائن جي رُخ جو هن گهرائي سان جائزو ورتو ته پياسي من جي پياس آس نراس مان ٿي سگهي ٿي ڇو ته گيتن جي بهار ۾ مالهي جي رنگت جنهن ۾ سونهن ۽ سنگيت جي سنگت جيڪا ادبي سنگت جي روپ ۾ ون يونٽ خلاف وڏو مچ مچائي چڪي هئي ان کيس ايترو ته اٽل ارادي وارو انسان بڻائي ڇڏيو جو جڏهن ۱۹۵۴ع ۾ ڪراچي ۾جيڪو تمام وڏو ميڙ سنڌي ادبي سنگت پاران ڪوٺايو ويو هو ان ۾ ارشد تمام وڏو بهرو ورتو ۽ ڪراچي سنگت شاخ جو ڪيتري وقت تائين عهديدار به رهيو سنڌي ٻولي تي بندش تحرير ۽ تقرير تي تالا هڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته هن انهيءَ ڏاڍ ۽ جبر کي غلامي جو ڳٽ سمجهي قبولڻ کان ئي انڪار ڪيو. پنهنجي شاعري وسيلي چوڻ لڳو ته؛ زبانن تي تالا، تخيل تي پهرا ! لکڻ کان به وياسين، ڪڇڻ کان به وياسين. مليو جيڪڏهن ڀي ڪو همدرد اسان سان، پري کان ئي گونگا اشارا ڪياسين. هن جي جيون ۾ ساگر جي گهراڻي ايتري ته ڪشادي هئي جو پنهنجي خواهشن کي وطن ۽ ڌرتي جي عشق ۾ صليب تي ٽنگي ڇڏيو ته ڇا به ٿي پوي سنڌوءَ جي اُجري سينڌ کي ميرو ٿيڻ نه ڏبو اها گهري سوچ هن جي ذهنن ۾ اڃا به وڌيڪ گهري ان سبب جي ڪري بڻي جو هي انقلابي مڪتب ۾ پڙهڻ دوران سياست، علم، ادب جي سمورن رُخن جو اڀياس ڪري چڪو هو. ٻيو ته مشرقي علمن جو به ماهر هو هن سمورن ايندڙ خطرن کي سمجهي ورتو هو ته ايندڙ وقت ۾ هزارين سالن کان قديم سنڌ ڌرتي جيڪا هر دور ۾ شاداب هجڻ جي ڪري ڌارين جي اک ۾ ڪنڊي جيان چڀندي رهي آهي انهيءَ خوشحال سنڌ تي اڄ به هي ون يونٽ واري ڪوڙڪي ان ساڳي تناظر ۾ مڙهڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي ته هتان جي وطني ماڻهن کان ڪهڙي به طريقي سان سندن مالڪي واري سوچ کي ختم ڪجي اهڙي جابرانه سوچ خلاف سنڌ جي سگهاري آواز شيخ اياز کان وٺي استاد بخاري تائين اٽل آدمي واري روپ ۾ ڀٽائي جي ڀونءِ سان هي وچن ڪري چڪو هو ته سوليءَ جو سينگار بڻجڻ عظيم سپوتن جو ئي ورثو هوندو آهي هاڻي ڏات ماٺ ناهي ٿيڻي. جڏهن ظلم جي زنجيرن جون ڪڙيون وڌيڪ سوڙهيون ٿيڻ لڳيون ته ارشد پنهنجي زبان جي ڳالهه پنهنجي زبان سان ڪندي چيو ته؛ زبان وڍجي وڃي ته ڇا ٿي پيو، اڃا دل ۾ آهن سي جذبات باقي، جي ڪاوڙ اچي وئي رهي ڪين سگهندا. هي جلاد، مقتل، اڏيون، ڪات باقي. سنڌ جو هي خوددار شاعر ئي هو جنهن وطن جي محبت ۽ پورهيت جي پريت کي پنهنجو مقصد بڻائي پنهنجي پيٽ گذر لاءِ علمي استاد واري عظيم شعبي کي باعزت طريقي سان نڀايو. مارو.ئڙن جي پيرن اگهاڙن معصوم ٻارڙن کي علم جي زيور سان مالا مال ڪندو رهيو پر هن نه ذات وڪي نه وري ڪڏهن ڪنهن وقت جي حاڪم اڳيان ڏات وڪي. هن نوڪري دوران به ڪراچي، موري کان وٺي نوابشاهه سميت جتي به رهيو گوبند مالهي جي شرم ٻوٽي واري ادبي ٻوٽي جي عهديدار توڙي ڪارڪن ٿي ڪري آبياري ڪئي. سنڌ جي مشهور ڪهاڻيڪار امر جليل سنڌ جي ڏاهي ارشد جي شاعري تي “ارشد ۽ گردش” عنوان هيٺ لکيو آهي ته ارشد سنڌ جي تمام وڏن مزاحمتي شاعرن مان هڪ آهي. ارشد هڪ غريب ماستر آهي ڄمندي هن جي وات ۾ چاندي جو چمچو ڪو نه هو ان ڪري وڏو شاعر هوندي به هن جو نالو وڏن شاعرن ۾ نه ٿو ورتو وڃي.جڏهن ته امر جليل جي ان سوچ ۽ ڳالهه سان آئون قطعي طور تي سهمت ناهيان ته ارشد کي سنڌي شاعري ۾ ڪو مان ۽ مرتبو نه مليو فرق صرف اهو آهي ته هن هميشهه سادگي واري زندگي گذاري، لٻاڙ واري ٻولي نه ڳالهائي ۽ خاموشي سان انقلابي گيتن کي جنم ڏيندو رهيو ۽ جيڪي به خاموش انقلاب ايندا آهن اهي ئي تبديلي آڻيندا آهن، سنڌي ٻولي کي ترقي وٺرائڻ ۽ ترقي پسند سوچ کي وڌائڻ ۾ ارشد جو تمام وڏو ڪردار آهي اڄ به سنڌ جو سڄاڻ ماڻهو ارشد کي سنڌ جو تمام وڏو ماڻهو سمجهي ٿو ڇو ته اها حقيقت آهي ته ارشد جي شاعري مطالعاتي ۽ مشاهداتي طور تي تمام گهڻن شاعرن کان سگهاري نظر اچي جنهن ۾ فڪر جي پختگي ۽ علمي اڀياس جي اپٽار به آهي ارشد نثر توڙي نظم ۾ تمام وڏي مهارت رکندڙ شاعر هو سندس شعر پڪو پختو سندس شاعر جي خاص ڳالهه اها به آهي ته سنڌ جي سانگيئڙن، هارين، پورهيتن ۽ پيٽ بکايل ٻارڙن جي مسئلن ۽ انهن جي اهنجن ۽ پيڙائن جي اپٽار ڪيل آهي سندس سوچ جي عڪاسي سندس ئي هن بيت مان ڪري سگهجي ٿي ته؛ ساٿيو آواز ڏيو، ڪيڏانهن وئيو، آهيو ڪٿي! گڏ ٿيو، گڏجي وري ڪا باهه ٻاريون دوستو. ظلم جي زنجير جو هڪڙو حصو ڪٽجي ويو، ڪجهه گهڙيون باقي بچيون، تن کي به ڏاريون دوستو. سندس شعر ۾ قديم ۽ جديد ٻولي جو سنگم ملي ٿو سندس مطالعو ايترو ته وسيع آهي جو ڪهڙي به ڏکئي موضوع کي هن خوش اسلوبي سان نڀايو هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي، نظم، غزل، گيت توڙي نثر اڄ به پڙهي جذبا جوان ٿي پون ٿا. هن لاتعداد علمي، ادبي، توڙي تعليمي حوالي سان مقالا، مضمون ۽ ٻين ٻولين مان به ترجما ڪيا هي عبدالحڪيم ارشد جنهن کي سنڌ جي ارڏي شاعر سان گڏ سنڌ جو ترجمان شاعر چئجي ته ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو. عبدالحڪيم ارشد محبت، مزاحمت ۽ سونهن جي شاعر جو لاڏاڻو فياض لطيف سائين عبدالحڪيم ارشد جو شمار به اهڙن ماڻهن ۾ ٿيندو هو، جن جو آجپو فقط ساهن پساهن جي سلسلي تي نه، پر آدرش ۽ آرٽ جي آجپي ۽ احساس سان سلهاڙيل هوندو آهي. هو توڙي جو عمر جي آخري حصي ۾ هو، جنهن ۾ روايتي طور ساهن پساهن جي زندگي جيئندڙ ماڻهو رڳو لٺِ ۽ ڪٺِ جي سهاري تي ڏينهن پورا ڪرڻ ۾ پورا هوندا آهن. پوري عمر هٺ ۽ غرور ۾ گذاري، پوئين پلن ۾ موت جي ڊپ کان بي روح سجدا ڏئي ۽ تسبيحون سوري پاڻ کي ڪوڙي تسلي ڏيڻ ۾ رات ڏينهن مگن ۽ مشغول هوندا آهن، پر ارشد سائين نه رڳو غير روايتي ماڻهو هو، پر سچ پچ هو غير رواجي شاعر ۽ سرجڻهار پڻ هو. پيڙهي ۾ به اَجل جي ڊپ کان آجو ۽ بي ڊپو جياپو جيئي ٿو. هن جي ٻُڍڙي جسم ۾ جوان ۽ زنده جذبن سان ڀرپور دل موجود هئي، ، انهيءَ ڪري ’محبت، مزاحمت ۽ حُسن‘ جي احساسن سان سرشار شاعري سِرجي، سچل جي انهيءَ سچ جي ساک ڀري ٿو، ته “سچو عشق ٻُڍا نه ٿيوي، توڙي چٽڙي هويس ڏاڙهي... .”! سائين عبدالحڪيم ارشد پنهنجي پوري عمر، ادب ۽ آرٽ کي ارپي. هن کي جڏهن کان حُسن ۽ عشق جي واسينگ واسيو، تڏهن کان هن شاعريءَ سان پيچ پاتو آهي. ٻين لفظن ۾ شاعريءَ سان سندس سنڱ ۽ سياپو جوانيءَ کان هن جھور عمر تائين جو هو. ڳڀرو عمر ۾ شاعري سندس جوان محبوبه وانگر هم راز ۽ هم سفر هئي، ته ٻُڍڙي وهيءَ ۾ اها هڪ مهربان ۽ شفيق ماءُ وانگر سندس ساٿ ۽ سنگ ۾هُئي. هن پنهنجي عمر ڀر جي پورهئي مان رڳو ڪمائي ۽ بچائي ته شاعريءَ جي پونجي ئي آهي، جيڪا سچ ته ڪنهن مها زردار جي ڪاغذي خزاني کان گھڻي نرالي ۽ اَملهه آهي، پر هن وقت تائين ان ججھي پونجي مان سندس شاعريءَ جا ٽي ڪتاب ئي منظر عام تي اچي سگهيا آهن، جن ۾ “ڏيئا ڏات جا”، “آجپي جي گيت جھڙي شاعري” ۽ “ٽٽل عڪس سونهن جا” شامل آهن. سندس شاعريءَ جو پهريون مجموعو، “ڏيئا ڏات جا” ۱۹۷۶ع ۾ شايع ٿيو ۽ پنهنجي اظهار ۽ انداز جي سندرتا ۽ سلوڻائپ سبب پڙهندڙن ۾ ايترو مقبول ٿيو، جو ۱۹۹۷ع ۾ ان جو ٻيو ڇاپو به ڇپيو. ساڳيءَ ريت سندس شاعريءَ جي ٻئي مجموعي،”آجپي جي گيت جھڙي شاعري” پڻ پاٺڪن ۾ چڱي مقبوليت ماڻي. ناميارو شاعرو مقصود گل سندس شاعري ۽ شخصيت جي حوالي سان پنهنجي ليک، “سُر رامڪليءَ جو رمتو” ۾ لکي ٿو، “سائين ارشد تن جو ته سادڙو آهي، پر هو من جو به سادڙ انسان آهي... . هو سائين جي ايم سيد ۽ ڪن ٻين صوفين سان ڪچهريون ڪري تصوف ڏي راغب ٿيو ۽ ترقي پسند ادب جو چڱو مطالعو ڪيائين. مون هميشه کيس ماڻهپي واري مذهب جو حامي ڏٺو آهي... .. سندس شاعري، طبيعت ۽ سُڀاءَ وانگر سادڙي ۽ سلوڻي آهي. هن جي شاعريءَ ۾ سچ ۽ سونهن به آهي، ته سنڌ سان محبت ۽ عقيدت جي اُپٽارا به ملي ٿي”. مِٺي سنڌ تنهنجون دعائون کپن دعائن جي سايي ۾ ئي مان جِيان. غزل منجھه ڳالهيون سندس ڇيڙجن اها سوچ ارشد ويٺو سوچيان! (ٽٽل عڪس سونهن جو، ص۴۳) آ ته گلن جي سونهن پَسون مُکڙين لاٿو آ گھونگھٽ. سونهن سراپا، آهي سنڌ ٻي ڪا جنت مور نه مَٽُ! (ٽٽل عڪس سونهن جو، ص۵۵) سائين ارشد ڊارائنگ روم جو شاعر نه هو، پر عمل، جدوجهد، مزاحمت ۽ ماڻهن سان ميٺ محبت ۽ دوستانه تعلقات قائم رکي، نوجوانن کي همت ۽ حوصلو ڏيڻ وارو تخليقڪار هو. هو سنڌي ادبي سنگت ۾ پڻ تمام گھڻو سرگرم رهيو. خاص ڪري سنڌي ادبي سنگت شاخ سڪرنڊ ۽ نواب شاهه جي نوجوان اديبن ۽ شاعرن جي فني تربيت ۽ فڪري اوسر ۾ سندس قابلِ تعريف ڪردار رهيو آهي، جنهن جو اعتراف ڪندي نوجوان شاعر ۽ خوبصورت ليکڪ رحمت پيرزادو لکي ٿو، “پاڻ انتهائي سٻاجھو، مخلص ۽ ڪتابن ۾ لکيل اَورچ ڪردارن جھڙو انسان آهي... نئين ٽهيءَ جي اوسر ۾ سائينءَ جو انتهائي اهم ڪردار آهي. سندس شاعريءَ جا نقطا پڙهي، اسان زندگيءَ جو سبق پِرايو آهي. سندس شاعريءَ جا ٻه زاويا هڪ رومانوي ۽ ٻيو انقلابي ۽ قومي آهي ۽ انهن ٻنهيءَ ۾ زندگيءَ جو درس ملي ٿو”. سائين ارشد پنهنجي”ڀري پيءُ جام محبت وارو” جي سِري سان لکيو هو ته: موجود منهنجي شاعريءَ جي مرڪزي موضوع جو آسانيءَ سان ادراڪ ڪري سگهو ٿا ۽ ان جو مطالعو اوهان کي ان نتيجي تي پهچائي سگهي ٿو، ته هيءَ شاعري هڪ اهڙي بي حس، انڌي، ٻوڙي ۽ گونگي پٿر سماج ۾ هڪ اهڙي زخمي، ڇيهون ڇيهون ٿيل وجود تي هر طرح جي ناڪامين، محرومين، درد، الم ۽ پيڙائن جي پٿرن جي وسڪار جي آتم ڪٿا آهي، جنهن جون آرزوئون انگاسن تي لڙڪيل ۽ جنهن جا سپنا چور چور ٿي ويا هجن. هي فقط هڪ فرد جي ڪهاڻي ناهي. هيءَ تاريخ آهي هن پٿر سماج جي، ان مدي خارج سرشتي جي، جنهن جي گھاڻي ۾ پيڙجندڙ هزارين لکين انسانن جا ارمان مُرادن جي منزل نه ماڻي سگھيا... ..هيءَ شاعري آرسي آهي منهنجي اندر جي اُڌمن، ڪلپنائن، آرزوئن ۽ پيڙائن جي. هيءَ شاعري منهنجي روح جي ٻولي ۽ دل جي ويران صحرا مان اُڀري آيل صدائن جو پڙاڏو آهي... ..آءٌ نهايت محبت، خلوص ۽ دل جي گھرائين سان، محبت ۽ وفا جي راهه تي هلندڙ مسافرن جي قدمن ۾ هيءَ معمولي ڪاوش پيش ڪريان ٿو. جيڪڏهن مانَ واري پڙهندڙن مان ڪن جي دل ۾ ڇُپايل درد ۽ پيڙا جي ترجماني بڻجي، منهنجا ڪي شعر انهن جي احساس کي ڇهندا محسوس ٿين، سندن نيڻ ڀرجي اچن ۽ انهن جا جيءَ پنهنجي خاموش تنهائين ۾ بنا سُر ۽ آلاپ جي ڪا سِٽَ جھونگاري وجھن. جيڪڏهن اوهان مان ڪن جو درد منهنجي درد سان هم آهنگ ٿي وڃي ۽ ڪنهن جي دل جي تار وڄي پوي، ته آءٌ سمجھندس ته مون کي منهنجي ڪاوش جو صلو ملي ويو”. پر سندس شاعريءَ جي مجموعي مطالعي مان مون کيس غزل جو سگهارو ۽ سيبتو شاعر محسوس ڪيو آهي. هن جي غزل ۾ ’غزاليت‘ جا گڻ به آهن، ته ان جو پورو فڪري ۽ فني پورائو به ملي ٿو. هو اڪثر سنڌي شاعرن وانگر غزل ۾ ’نظميت‘ ۽ نظم ۾ ’غزليت‘ جي آميزش جو قائل نظر نه ٿو اچي، پر هر صنف ۾ ان جي گھربل تقاضا موجب پنهنجي جذبن ۽ احساسن جي اوت اوتي ٿو. هن جي غزل ۾ ’سونهن‘ ۽ ’عشق‘ جي حقيقي ۽ اثرائتي جھلڪ پَسي سگھجي ٿي. جيئن: عشق الستي سَين هنئي آ، حُسن اڃا انڪاري آ عشق حُسن جو رشتو ’ارشد‘ بنجي ويو تڪراري آ. مُند بهاري، بوندا باري، موسم پياري پياري آ هاءِ! ويچاري اڌ هه مئل دل، ڏڍ نه ڪا دلداري آ. هيل اسان وٽ ڪوتا آئي، نينهن جو نئون سنديش کڻي دل جي ويران کنڊر ۾ مون، ڏات هه ڏياٽي ٻاري آ. (ٽٽل عڪس سونهن جا، ص۳۳) چنڊ تنهنجو نانءُ آ، چانڊاڻ تنهنجو نانءُ آ سونهن توکي ٿا سڏن، سرهاڻ تنهنجو نانءُ آ. دل ٻُڏي وئي، سڀ ڇڏي ويا، پوءِ به ناهيان هيڪلو آءٌ آهيان،مون سان گڏ ٻيو، هاڻ تنهنجو نانءُ آ. (ٽٽل عڪس سونهن جا، ص۴۴) جيڪو سائين ارشد جي وڏي بحر ۾ لکيل غزلن ۾ بخوبي موجود ملي ٿو، پر ننڍي بحر ۾ سرجيل سندس غزلن ۾ ردم جي رواني ۽ خيال جي اُڇل پڻ موهيندڙ ۽ متاثر ڪندڙ آهي. مٺڙيون يادون، سُرهي سار ڪيڏي پياري سونهن پچار. ڳوڙها بڻجي ڳڙندو هانءُ، ڇيڙ نه ڇورا! دل جي تار. منهنجون اکڙيون، تنهنجا پير سونهن سلامي، سجدا يار. ڪاريون راتيون، روشن هٿ ٺاهڻ ڊاهڻ جا ويچار. (ٽٽل عڪس سونهن جا، ص۴۸) مٿئين غزل ۾ ’مِٺڙيون يادون، سُرهي سار، دل جي تار، سونهن سلامي، ڪاريون راتيون ۽ روشن هٿ‘ ڪهڙيون نه نڪور ۽ نرمل ترڪيبون آهن. ان کان علاوه ’ڳوڙها بڻجي هانءُ جو ڳڙڻ، ڪاري راتين ۾ روشن هٿن سان ٺاهڻ ڊاهڻ جا ويچار ۽ مٺڙي مٺڙي يادن ۾ سونهن پچار‘ جا احساس ڪيترا نه تخليقي ۽ سگهاري شاعراڻي تخيل جي ساک ڀريندڙ آهن. سائين ارشد غزل ۾ عشق ۽ حسن جي موضوع کان سواءِ زندگيءَ سان لاڳاپيل ٻين ڪيترين ئي خارجي ۽ داخلي سچائين کي پڻ اظهاريو آهي. ڌرتي، وطن واسي، بک، بدحالي، ناانصافي، امن جي آشا، آزاد آجپو، بي لوث محبت، خواب، خوبصورتيون، تصوف، ترقي پسندي ۽ روشن خيالي جا سمورا رخ ۽ رعنايون سندس غزل جو موضوع آهن. شيخ اياز پنهنجي اظهار جي سگهاري اُڇل سان غزل جي روايتي لب و لهجي، احساس ۽ آهنگ کي تبديل ڪري، ان ۾ نه رڳو سنڌيت جو حُسن ۽ هڳاءُ پرٽيو هو، پر ان ۾ صوفيت جي رازن ۽ رمزن جون رنگينيون اوتي ان کي ’گيڙو ويس غزل‘ بڻائي ڇڏيو هو. ساڳي روايت کي ڪنهن حد تائين سائين ارشد اڳتي وڌايو آهي، اهو ئي سبب آهي جو پاڻ چوي ٿو: ايرانڻ تي سنڌي ويس سنڌي ٻوليءَ منجھه غزل. عبدالحڪيم ارشد جي غزل ۾ ڪٿي ڪٿي فارسيت جو رنگ پڻ ملي ٿو، جيڪو اَٽي ۾ لوڻ برابر آهي. مجموعي طور تي سندس غزل ۾، ڌرتيءَ جي مٽيءَ جي سڳنڌ ۽ سنڌ جي ڪلچر ۽ روايتن جو روح ڌڙڪندي محسوس ٿئي ٿو. پاڻ غزل ۾ نه رڳو پنهنجي اندر جا احساس ۽ اُڌما پوري ڀرپوريت سان اظهاري سگهيو آهي، پر خارجي سونهن ۽ صداقت کي پڻ سهڻي سليقي سان سمايو اٿائين. سندس غزل ۾انيڪ اهڙيون تشبيهون، استعارا، ڪنعايه، اشارا، تلميحون ۽ ترڪيبون ملن ٿيون، جن کي پڙهي ۽ پَسي روح تازو ٿي وڃي ٿو. ڪتاب ۾ هڪ نثري نظم ۽ گيت پڻ شامل آهي. گيت جا ٻول: مند ملڻ جي آئي موٽي، موٽي رت بهار پوءِ نه اڃان تو واعدو پاريو، ڪانه لهين ٿو سار او پرديسي يار! يرَ! واڳ ورڻ جي وار... .‘ ايترا ته رسيلا ۽ سُريلا آهن، جو انهن جو تاثير ۽ سوز ڀريو انداز من کي موهي وجھي ٿو. سائين ارشد جو مزاج سچ پچ ته گيت جي سوز ۽ گداز سان هم آهنگ ڀاسي ٿو، سائين ارشد جي آزاد نظم ۾ پڻ هڪ اُڇل ۽ بي ساختگي آهي. سندس آزاد نظم ’ياد، ڏوراپو، سوال، گيت گلن جو، عشق حسن جو فلسفو ۽ تون ڇا ڄاڻين‘ انتهائي سندر ۽ دل جي دوار تي دستڪ ڏئي، نيڻن کي اوجاڳا ارپڻ جي شڪتي رکندڙ آهن. سندس واين ۽ ڪافين ۾ عارفاڻو ۽ صوفياڻو رنگ ۽ احساس جھلڪي ٿو. حق اناالحق الا او! صورت، صورت منجهه سمايو! پاڻ وڃائي پاڻ سڃاتم، لاهي دل جو شڪ الا او! . محبت، مزاحمت ۽ سونهن جو هي شاعر ڪالهه ۶ فيبروري تي اسان کان جسماني طور تي وڇڙي ويو. عبدالحڪيم ارشد سنڌ جو البيلو ۽ يگانو شاعر معشوق ڌاريجو شاعري وقت جي اتهاس جو آئينو آهي ۽ اها شاعري ئي آهي جيڪا هر دؤر ۾ پنهنجو سماجي ڪارج برقرار رکي ٿي، عبدالحڪيم ارشد به سنڌ جو اهڙو البيلو ۽ يگانو شاعر هو جنهن جي شاعريءَ ۾ صدين تائين سلامت رهڻ واري سگهه جيئن جو تيئن موجود آهي. ارشد جا شعر ماڻهن کي پنهنجي لڇندڙ ۽ ڦٿڪندڙ جذبن جي ترجماني محسوس ٿين ٿا. ارشد جي پنهنجي شعرن ۾ زندگيءَ جي مسئلن کي جنهن ڏاهپ ۽ ڪاريگريءَ سان بيان ڪيو آهي اهو سندس علمي ۽ عقلي ڏاهپ جو ڪمال آهي. شاعري موضوع منهنجو، ناهه هرگز دوستو! مون حقيقت جي سدائين، ترجماني آ ڪئي. عبدالحڪيم ارشد حقيقتن جي ترجماني ڪندڙ شاعر آهي جنهن جي سموري شاعري بامقصد ۽ بامعنيٰ آهي. ارشد جي شاعريءَ ۾ محفل کي تڙپائڻ ۽ پٿر جهڙي دل کي ميڻ ڪرڻ واري شڪتي، سگهه ۽ طاقت جيئن جو تيئن موجود آهي، جيئن: دل جو آڻي درد چپن تي، گيت سريلو ڳائيندو، ارشد کي ٿا ڇيڙيو ارشد، محفل کي تڙپائيندو. پوڻيءَ وانگر پرزا ٿي پئي، پٿر جهڙي کهري دل، غم جو شاعر اهڙو نغمو، ڳائي ويٺو آ. سنڌ ڌرتيءَ جي محبتن جا سُريلا گيت ۽ نغما ڳائيندڙ شاعر عبدالحڪيم ارشد سنڌ جو سگهارو رومانوي، انقلابي، مزاحمتي ۽ عوامي شاعر هو. ارشد جي شاعريءَ ۾ شعر جي پختگي، سلاست، نواڻ ۽ موضوعاتي ويرائٽي نه رڳو پڙهندڙ کي پاڻ ڏانهن ڪشش ڪري ٿي پر زندگيءَ جي اُداس ۽ اڻانگن پيچرن تي پنڌ ڪرڻ لاءِ به سندس رهبري ۽ رهنمائي ڪري ٿي. ٻرندي ويندي، لاٽ او ساٿي! ٻرندي ويندي لاٽ. ڏاڍ جا ڏونگر ڏرندا، ٺهندي ويندي واٽ، ٻرندي ويندي لاٽ. ارشد جا شعر حقيقت جا ترجمان آهن، وٽس قومي رنگ ۽ جذبو وڌيڪ آهي. هن جا شعر چنڊ جي کير جهڙي اجري روشنيءَ جيان پڙهندڙ کي راهه جي گهر کڏي کوٻي ۾ ٿيڙ ۽ ٿاٻو کائڻ کان بچائي وٺن ٿا. سندس شاعريءَ ۾ عجيب قسم جي حسناڪي ۽ موسيقيت سمايل آهي، جيئن: ان وقت ٺري ٿا نيڻ پون، ٿو دل کي سڪون ڪيڏو نه اچي! جنهن وقت اسان جي محفل ۾، ڪو پيارو ماڻهو ايندو آ. چوري چوريءَ ڪوئي ڪنهن سان، نيڻ ملائي ويٺو آ، هيڏيءَ ساريءَ محفل ۾ ڪو پاڻ وڃائي ويٺو آ. ارشد جي شاعري ٺريل رت کي گرمائيندڙ ۽ جذبن ۾ جوش ۽ جنبش پيدا ڪندڙ شاعري آهي. ارشد پنهنجي نظم “پر” ۾ لکي ٿو ته: اڄ جي سنڌي شاعري، سچ جو آواز آهي. اها حقيقت آهي ته اڄ جي سنڌي شاعري وانگر ارشد جي شاعري به سچ جو آواز آهي. هن ڌرتيءَ، دک جي ڌرتيءَ تي، تون نينهن نڀائڻ آيو آن، ۽ پٿر جي هن شهر اندر، موتين کي ورهائڻ آيو آن. او واٽ، مسافر وڻجارا، تون پهتين، ڪهڙي وستيءَ ۾، هِتِ ڪنهن کي ڪنهن جي ڪاڻ نه آ، هر ماڻهو پنهنجي مستيءَ ۾. عبدالحڪيم ارشد جي شاعري قومي غيرت جي شعور سان گڏ اجڙيل روحن ۽ واٽ مسافر وڻجارن جي رهنمائي به ڪري ٿي. ارشد وٽ زندگيءَ جوسڀ کان وڏو مقصد امن ۽ پيار هو. ارشد جي شاعري امن، پيار ۽ آشتيءَ جي شاعري آهي. عبدالحڪيم ارشد سندس ڇڏيل تخليقي ۽ فڪري ورثو گلزار ملاح هن وقت انقلابي شاعري ته ڇا پر اپسرائن جي ذلفن کي ڪارين گهٽائن سان تشبيھه ڏيڻ بدران شاعر اهڙي شاعري تي لهي آيا آهن، جيڪا شاعري ڪوبه باذوق سخن شناس ماڻھو ٻڌڻ بجاءِ ھوٽلن ۽ ٽريڪٽرن جي ڳرن لائوڊن کي ڪن ڏئي اهي ماڻھو ٻڌن ٿا، جيڪي نه ڌرتي جي عشق کي سمجهي سگهيا آھن، نه ئي ڪنهن چلوليءَ جي چيچ کي پڪڙي يونيورسٽي جي روڊن تي هليا آھن، ائين ناهي ته مزاحمتي شاعري سرجي نٿي، اڄ به حليم باغيءَ ايوب کوسي تائين اهڙا ڪيترا ئي شاعر آھن، جيڪي ڌرتيءَ جي درد کي لکن ٿا، اهي شاعر جن جا گيت هتان جي سياسي ڪارڪنن جي چپن کي چُمي ڏئي نڙيء مان ڪنهن رُڃ ۾ رڙ جيان نڪرن ٿا، عبدالحڪيم ارشد جو شمار به اهڙن ئي شاعرن ۾ ٿئي ٿو، جن جا گيت سياسي ڪارڪنن کي هر وقت گرمائيندا رهن ٿا، سندس جنم ۱۳ جون ۱۹۳۸ع ۾ تعلقي نوابشاھ جي لکمير ڳوٺ ۾ ٿيو، سندس ٻاروتڻ جي عمر ۾ ڪنهن به نه سوچيو هوندو، ته جڏھن ٻار سمجھ ڀريو ٿيندو تڏھن هو، شاعري جي صنف سان لائنون لهندو، سندس نظم توڻي غزل ۾ ڪٿي به اهڙي سٽ نٿي ملي جنهن سٽ ۾ ڪو لفظ به مايوسي ۾ ويڙھيل هجي، سندس جنم ان صديءَ جي اڌ ۾ ٿيو جيڪا صدي انگريزن جي خلاف بغاوت جي منادي کڻي آئي هئي، هن جڏھن لکڻ جي عمر ۾ پير پاتو ته سنڌ ون يونٽ خلاف تحرڪ ۾ هُئي، ان ئي دور هن جي هٿ ۾ هڪ اهڙو قلم ڏنو جنهن قلم آخري وقت تائين حُسن ۽ سنڌ کي ئي لکيو، جڏھن هو جواني جي ڏاڪي تي پهتو ته سڄي سنڌ ضياءَ واري آپي شاهيءَ جي نشاني تي هُئي، سنڌ اندر ماڻھوءَ جمهوريت جي بحالي ۽ ضياء جي آمريت خلاف جدوجهد ۾ هُئا، هو عظيم شاعر هو ان کان به وڌيڪ عظيم ماڻھو هو هن جي رزق ورهائيندڙ رازق روزي به اهڙي شعبي ۾ لکي جنهن شعبي کي پيغمبري پيشي سان مشابهت ڏني وئي آھي، پاڻ ۱۹۶۴ کان ۱۹۹۸ع تائين بطور استاد جي سنڌ جي تعليم جي سينڌ سنواريندو رهيو، عبدالحڪيم ارشد جو شمار جيڪڏهن تنهنجو عشق اتاهون سائين هر جابر جي ذات اڳيان، تنهنجو ڪنڌ جهڪڻ جو ناهي، ڪنهن به لات منات اڳيان، جهڙا خيال لکندڙ شاعر سان ڪجي ته وڌاءُ نه ٿيندو، هو سونهن جو عاشق هو، هو هن صدي ۾ شاعرن اندر اهو هوشو شيدي هو جيڪو پنهنجي خيال ۽ شاعري کان هوشو شيدي جي تلوار جو ڪم وٺندو هو، سندس شاعري ۾ رڳو ڪنهن چلولي چنچل ادائن واري ڇوريءَ جو ڪو نوجوان ڄار کڻي رستو تڪيندي بيٺل نظر نٿو اچي، پر سندس شاعري ۾ قافيو قافئي ساڻ ملاءِ، ڌرتيءَ سان ڪو نينهن نڀاء جهڙيون سٽون به سياسي ڪارڪنن ۾ هڪ اهڙو روح ڦوڪين ٿيون جيڪو روح زندان جي بند خولين مان به نڪري ٿو اچي، توڻي جو عبدالحڪيم ارشد زندگي جا پڇاڙڪا ڏينهن عمر جي ان حصي ۾ گذاريا، جنهن حصي ۾ نه ڪا سونهن پسبي آهي، نه ئي حُسن کي سجدا ڪباآھن، جنهن عمر ۾ ڪنڌ محراب ۾ جهڪائي جواني جي ڇڙواڳ ڏينهن جي غلطين تي توبهه تائب ٿبو آھي، عبدالحڪيم ارشد عمر جي ۸۰ سالن جي پوڙھائپ ۾ به استاد بخاري جي شاعري جيان آخري وقت ۾ سنڌ جي تسبيح سوريندي عبادت ڪندو رهيو، هو جيڪو سن جي سيد جي ڪچهرين جي ئي اثر ۾ تصوف جو پيروڪار ٿيو، هن سنڌ سان عشق جي انتها جي منزل به ان ئي سيد جي ڪچهرين مان ماڻي، هو زندگي جو مقصد ئي انسان جي خدمت ۽ ڀلائي کي سمجهندو هو، خلائن مان مونکي آواز نه ڏي، مان ڪجھه ڌرتيءَ تي رهڻ ٿو گهران اڙي موت! منهنجو آ مقصد عظيم، مان انسانيت لاء جيئڻ ٿو گهران، هو جيڪو ڏسڻ ۾ ته جهور پوڙهو هو، پر سندس جذبا ان جرنيل جيان جوان هئا جيڪو ساهه جي آخري هڏڪي تائين به وطن جي حُدن جي رکواليءَ خاطر وڙھندو آهي، هُن سچ لکيو ته، ماڻھن ليکي ارشد صاحب، واٽ وڃائي ويٺو آهي، سچ به هُن آجپي جي اهڙي واٽ ورتي جنهن واٽ ته جڏھن ڪو پير ڌريندو آهي ته سدائين سچ کان خوف کائيندڙ ماڻھو انکي ڀُليل ئي ڪوٺيندو آهن، پر هن جيڪا واٽ ورتي ان واٽ تي سندس مزاحمتي شاعري جو پرچم کڻي ڪيترا ئي سياسي ڪارڪن، آجپي جي منزل ڏانهن پنڌ ڪري رهيا آھن. هاڻي توڻي جو هو زندگي جا پساهه پورا ڪري سنڌ امڙ جي هنج ۾ وڃي آرامي ٿيو آهي، پر سندس ادبي پورهئي کي سنڌ سدائين پنهنجي هنئين سان هنڊائيندي، پاڻ سنڌي ادب جي هنج ۾ پنهنجا، ً ڏيئا ڏات جا ً آجپي جي گيت جهڙي شاعري جا مجموعا ڏُنا، پاڻ جسماني طور ته اسان کان سدائين وڇڙي ويو آهي، پر هو روحاني طور سدائين اسان جي وچ ۾ رهڻو آهي، مان روح جي ٻولي ٻڌندو ها، هي روح مخاطب ٿيندو آ. سائين عبدالحڪيم ارشد هڪ ڏيئو جيڪو وسامي ويو رکيل مورائي چوريءَ چوريءَ ڪوئي ڪنهن سان نيڻ ملائي ويٺو آ. هيڏيءَ ساريءَ محفل ۾ ڪو پاڻ وڃائي ويٺو آ. تخليقي عمل هڪ مسلسل عمل آهي، جو اندر ئي اندر هلندو رهي ٿو. ڪُجهه جوڙيندو رهي ٿو، گهڻو ڪجهه رَدِ ڪندو رهي ٿو، جوڙڻ ۽ رد ڪرڻ واري اِن عمل سبب هڪ تخليقڪار اڪثر غير مطمئن رهي ٿو. گهڻو ڪجهه “ خاص “ چوندي به ، هنَ کي ڪُجهه “ خاص “ نٿو لڳي، اِها ڪنهن به تخليقڪار جي زندهه هُجڻ جي نشاني آهي، بهتر لاءِ دائما ڪوشش هن کي تخليقڪار طور وڌيڪ پختو ڪندي ٿي رهي، سائين ارشد جو مٿيون شعر هر ان تخلقيڪار جو اظهار آهي، جو تخليق جي ان تڪليف دهه، پر ساڳئي وقت سڪون بخش عمل مان گذرندو رهي ٿو، سائين ارشد لاءِ اها سڪون بخش تڪليف ان ڪري گهٽ آهي، جو هن هڪ دور ۾ لکيو ۽ ان ئي دور ۾ لکڻ بند ڪيو، پر ساڳئي وقت اِهو عمل ان تخليقڪار لاءِ ڪجهه وڌيڪ تڪليف دهه هوندو، جنهن ارشد جي دور کان لکڻ شورع ڪيو ۽ وچئين دور کان ٿيندو، اڄ هي نئين دور تائين مسلسل لکندو رهيو آهي، مسلسل لکندڙ ليکڪ اڳئين دور کي ڪيترو رد ڪيو آهي. ان جو ظاهر بيان نه ڏيندي به سندس تخليقي عمل مان صاف صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ۽ سندس ليک ان ڳالهه کي صاف ظاهر ڪن ٿا. خود سائين ارشد جا شعر ئي واضح ڪن ٿا ته جڏهن شاعر تخليقي سطح ٿي محسوسيو آهي ته هو ڪنهن به حوالي ۾ ڦرجي رهيو/ ڦرجي ويو آهي. ته هو تخليقي طور گم ٿي ويو ۽ هڪ سڄو دور گم رهيو، پنهنجي احساس جي پوراءَ لاءِ. سائين ارشد جنهن دور ۾ لکيو، ان دور ۾ لفظن کي احساس کان وڌيڪ اهم بڻايو ويو، جنهن ڪري سندس نالي سان گڏ ذڪر ۾ ايندڙ گهڻن ئي نالن جي تخليق تي مصنوعت جي گمان ٿيڻ جو انديشو وڌيڪ هُئو ۽ آهي. پر سائين ارشد جا شعر پڙهندي، ڪٿي به ۽ ڪڏهن به اهڙو احساس نه اڀريو آهي، سندس شعرن مان ! سندس هر شعر پنهنجي سِر فطر تي تخليق ٿي پيو آهي. نه فقط ايترو پر معني جي لحاظ کان به سائين ارشد ڪٿي ڪمزور ڪو نه ٿيو آهي. سندس شاعريءَ ۾ ڪٿي به، ڳوليندي به ڪو واڌو لفظ نه ملندو، ان ڪري سندس شعرن جي بندش هر لحاظ کان چست آهي. سندس ٻولي سليس ۽ روانيءَ واري آهي ۽ شعر وزن تي پڪا پختا آهن. سنڌي شاعريءَ جي پاٺڪن کي خبر هوندي / هجڻ گهرجي ته شاعريءَ جي فن تي سائين ارشد جهڙو ضابطو تمام ٿورن سنڌي شاعرن کي آهي. خيالي خوبصورتيءَ سان گڏ قافيي ۽ رديف جي مناسبت ۽ مصرعن جو هڪ ٻئي سان ربط بندش ۽ طرز بيان، اهي سڀئي گڏجي سائين ارشد جي شاعريءَ کي جاندار بڻائين ٿا. شاعري هڪ (Fine Art) لطيف فن آهي ۽ ڪنهن به فن جو ذڪر لفظن ۾ ڪرڻ ممڪن ئي ڪونهي، چتر ڪاري، سنگيت، نرتيه سنگتراشي شاعري انهن سڀني جو ذڪر ڪرڻ، اهڙي ڪا ڪوشش ڪرڻ صرف هڪ ڪوشش ئي آهي، ڪلا جي مڪمل بيان ڪري سگهڻ جي! سائين ارشد گهڻو وقت لکڻ ڇڏي ڏنو، چڱو ڪيائين ! سندس ٽهيءَ مان جن مسلسل لکيو آهي. انهن جي لکڻين جو ڪيترو حصو، ارشد جي لکڻين جهڙو آهي؟ جيڪي لکي به نه لکڻ جهڙو لکن ٿا، انهن لاءِ ڇا چئبو ؟ هن پنهنجي من کي شانت ڪرڻ لاءِ سڪون ماڻڻ لاءِ عام لکندڙن جي ڀيڙ کان پري رهي يقينن اڀياس نه تياڳيو هئو. جڏهن وري هو نئين دور ۾ نئين جذبي سان لکڻ لڳو آهي. سندس ڏات جو درياءُ وري موج ۾ آيو ۽ سنڌي ادب جي آڳند ۾ پنهنجي ڏات جا ڪيترا ئي ڏيئا ٻاريائين، ائين سنڌي ادب ۾ سندس حصي جي نئين روشني وڌيڪ چٽي ٿيڻ لڳي ۽ ايستائين اها روشني اسان وٽ موجود رهندي جيستائين اها ٻولي ڳالهائيندڙ ۽ لکندڙ موجود آهيون. جنهن ٻوليءَ ۾ هن اڌ صديءَ کان وڌيڪ عرصو لڳاتار پنهنجا گيت لکيا. ۱-رڃ ۾ رڙ ٿي ۲-ڏيئا ڏات جا (شاعري) ۳-آجپي جي گيت جهڙي شاعري ۴-ٽٽل عڪس سونهن جا ۵-مون نينهن نڀايو ڌرتي سان جهڙا ڪتاب ڏيندڙ سائين عبدالحڪيم ارشد پنهنجي آخري ڏينهن ۾ به ايستائين لکندو رهيو، جيستائين سندس زندگيءَ جو ڏيئو وسامي ويو ۽ سندس اکين جي روشني ۽ ذهن جي روشني ختم ٿي وئي، اهو ڏينهن پنجين فيبروريءَ جو هئو. تيرهن جون اڻيهه سئو اٺيتاليهه ۾ جنم وٺندڙ روشني پنهنجي آس پاس ۽ سنڌ جي وڏي حص کي روشني ڏيئي نيٺ اجهامي ويو پر هو پنهنجي پويان هٿن ۾ قلم جا ڏيئا کڻي ايندڙ ليکڪن کي اهو پيغام ڏئي ويو آهي ته: قوم جا شاعر ڄاڻي واڻي، تون ڀي جي چپ ٿي ويندي، نينهن جو نياپو دل وارن وٽ، ڪير ٻيو پهچائيندو. عبدالحيڪم ”ارشد“ هن هيڏي ساري محفل ۾....! اظھر امر سنڌ ڌرتيءَ جو ناميارو شاعر عبدالحڪيم (ارشد) جنھن جو هن ڌرتيءَ تي جنم ۱۳ جون ۱۹۳۹ تي ڳوٺ لکمير تعلقي ۽ ضلعي نواب شاھه ۾ ٿيو. ۱۹۶۴ع ۾ تعليم کاتي ۾ استاد پيشي سان مقرر ٿيا جتان سائين ۳۶ سال پنھنجون ذميواريون نڀايون. جتان سائين ۲۸ ڊسمبر۱۹۹۸ تي رٽائر ٿي ويا. پاڻ باقائدا لکڻ جو شروعات ۱۹۵۴ کان ڪئي، پاڻ ارشد جي تخلص سان لکندو رهيو. سائين عبدالحڪيم ارشد شاعري جي سمورين صنفن تي تقريبن طبع آزمائي ڪئي آھي ۽ سنڌ جي ڪنهه مشق شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو. سندس شاعريءَ ۾ قومي ۽ مزاحمتي عنصر وڌيڪ نمايان آهي. ان سان گڏ سندس شعر ۾ رومانوي رنگ به ڪمال جو آهي. عبدالحڪيم ارشد، پنهنجي همعصر راشد مورائيءَ وانگر اسٽيج جو اهم شاعر هو. سندس شاعري سنڌ جي مشهور فنڪارن وحيد علي، سرمد سنڌي، سڄڻ سنڌي ۽ ٻين ڳائي آهي. عبدالحڪيم ارشد جو هڪ گيت جيڪو مون کي تمام گھڻو وڻيو مان ڪڏھن ڪڏھن پنھنجي منھن ويٺو هوندو آھيان پيو جھونگاريندو آھيان. ”چوري چوري ڪوئي ڪنهن سان نيڻ ملائي ويٺو آ‘ هن هيڏي ساري محفل ۾ ڪو پاڻ وڃايون ويٺو آ.“ ان گيت وحيد علي جي آواز ۾ تمام گھڻي مقبوليت ماڻي اڄ تائين به ڪافي ماڻھو ٻُڌندا رهن ٿا. عبدالحڪيم ارشد جي شاعريءَ جا پنج مجموعا منظر عام تي آيا، جن ۾ ”ڏيئا ڏات جا“، ”آجپي جي گيت جھڙي شاعري“ ”ٽٽل عڪس سونهن جا“، ”آواز اندر جو“، ”مون نينھن نڀايو ڌرتيءَ سان” تن مان سائين جو پهريون مجموعو ’ڏيئا ڏات جا‘ ۱۹۷۶ع ۾ ڇپيو، جنهن جو ٻيو ڇاپو مارئي اڪيڊمي نواب شاهه۱۹۹۷ع شايع ڪيو. "ڏيئا ڏات جا” مجموعو ٽيون دفعو ۲۰۱۸ع ۾ خورشيد خضر علمي؛ ادبي ۽ اشاعتي ادارو نواب شاھ طرفان شايع ڪري پڌو ڪيو ويو جڏهن ته سائين جو قومي شاعريءَ جو ٻيو ڪتاب ’آجپي جي گيت جهڙي شاعري‘ ڊسمبر ۲۰۱۰ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، سائين عبدالحڪيم جي سڀني ڪتابن پذيرائي حاصل ڪئي پر سندس ڪتاب "ڏيئا ڏات جا” تمام گھڻو قبول ٿيو جنھن ڪتاب کي ٽي ڀيرا شايع ڪري پڙھندڙن اڳيان پيش ڪيو ويو. سندس شاعري مختلف وقتن تي رسالن وغيره مان پڙھندا رهياسين، سندس ڪتابن جي پڻ تلاش ڪندو رهيس، سائين ارشد پنھنجي زندگي جو ڳچُ حصو سنڌي ادب/آرٽ کي ارپي ڇڏيو هو، سندس ادب لاءِ ڏنل قربانيون وساڻ جھڙيون ناهن. سائين عبدالحيڪم ”ارشد“ آخري عمر صفا پيرسن ٿي ويو هيو، سائين ارشد زندگي جي جنگ ۶ فيبروري ۲۰۱۸ تي هارائي وڃي مالڪ حقيقي سان مليو. عبدالحڪيم ارشد سائين جي پنجين ورسي جو ڏينهن اسد ڪيريو اڄ منھنجي ادبي استاد، سنڌ جي سرموڙ ليکڪ، محبت ۽ مزاحمت جي سٻاجهڙي شاعر، عالم، اديب ۽ ڏاھي سائين عبدالحڪيم ارشد جي وڇوڙي جو ڏينهن آهي، ھي سادو ۽ صوفي مڻش اڄ کان پنج ورھيہ اڳ اڄوڪي تاريخ ۶- فيبروري َ ۲۰۱۸ع تي جسماني طور اسان کان جدا ٿيو پر روحاني طور ۽ پنھنجي لازوال تخليقن جي روپ ۽ ھو ھميشه اسان سان نہ رڳو گڏ آھي پر پنھنجي انھن بي مثال تحريرن جي آڌار اسان جي رھنمائي پڻ ڪري پيو، ۱۳- جون ۱۹۳۰ع تي نوابشاھ ايئرپورٽ لڳ ڳوٺ کٻڙ لکمير ۾ حاجي يار محمد لکمير جي گھر ۾ جنم وٺندڙ سنڌ جو روشن خيال ۽ با ضمير تخليقڪار عبدالحڪيم ارشد ۱۹۵۰ع جي ڏھاڪي کان لکڻ شروع ڪيو سندس پھريون شعري مجموعو ڏيئا ڏات جا ۱۹۷۶ع ۾ ڇپيو ته پنھنجي اصلوب، خيالن جي گھرائي/وسعت، لاجواب مقصد ۽ ڪمال جي روانيءَ سبب پاڻ سنڌ جي ادبي حلقن ۾ وڏي مڃتا ماڻي، سائين عبدالحڪيم ارشد جا بعد ۾ نثر توڙي نظم جا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيا جڏھن ته سندس ڪجھ ڪتاب سندس وفات بعد سندس لائق فرزند ۽ سڄاڻ ليکڪ پياري راشد لکمير انتھائي خوبصورت انداز سان ڇپائي پنھنجي فرزنديء جو بھترين حق ادا ڪيو، جڏھن ته اڃا به سائين عبدالحڪيم ارشد جو ڪجھ نثري پورھيو ڇپائيءَ ھيٺ آھي جيڪو بقول سندس لائق فرزند راشد لکمير جي ته چند ھفتن ۾ سنڌ جي ادبي حلقن جي ھٿ ۾ ھوندو . سائين عبدالحڪيم ارشد جي شاعريءَ کي ڪيترن فنڪارن پنھنجو آواز پڻ ڏنو خاص طور سندس غزل “چوري چوري ڪوئي ڪنھن سان نيڻ ملائي ويٺو آ، ھيڏي ساري محفل۾ ڪو پاڻ وڃائي ويٺو آ” جڏھن استاد وحيد علي يا رحمان مغل (سرمد سنڌي) جي آوازن ۾ سماعتن سان ٽڪرائيندو آھي ته سرگم جا ست ئي سر مھڪي پوندا آهن .اڄ منھنجي ادبي مرشد سائين عبدالحڪيم ارشد جي ورسيءَ جي موقعي تي سندس اھو بي مثال غزل ڀيٽا طور اچو تہ برک گائڪ استاد وحيد علي خان جي آواز ۾ ٻڌون ۽ سائين جي ساروڻين کي ھينئين ھنڍايون. (اسد ڪيريو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۶ فيبروري ۲۰۲۳ع تي کنيل) عبدالحڪيم “ارشد” سندس مَنَ اندر جون ڳالهيون معشوق ڌاريجو “ڳالهيون من اندر جون” عبدالحڪيم ارشد جي لکيل خاڪن ۽ مضمونن جو ڪتاب آھي، جنھن ۾ سندس مَنَ جون ڳالهيون آھن. کَرِيون، سِڌيون ۽ سَچيون ڳالهيون. ھو جڏھن پنھنجي ڳالهين جي ڳَنڍِ کوليندو ھو، تڏھن پنھنجي ڪيترن ئي چاھيندڙن کي پنھنجي ڳالهين جي ڳنڍ ۾ ٻَڌي ڇڏيندو ھو. ھي ڪتاب سندس پڳدار پٽ راشد احمد لکمير مرتب ڪَيو آھي. ڪتاب جو پھريون حصو نثري ڪتابن تي لکيل تعارف، مھاڳ ۽ مضمونن تي مشتمل آھي، جنھن کي ”سو ئِي راحَتَ رُوحَ جي!“ جو سِرو ڏنو ويو آھي. روحاني ارتقا ۾ ذڪر ´اسم ذات` جي اھميت مضمون پڙھي ارشد جي علميت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. پنھنجي ڳالھه کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ وٽس لاتعداد سنڌي، اردو ۽ فارسي شاعري جي چونڊ، اقوال ۽ مثال موجود ھيا. سندس تحرير ۾ تسلسل آھي. جنھن ۾ پاڻ لکي ٿو ته: ”تصوف ۽ روحانيت جو بنيادي مقصد بَندي ۽ خدا جي وچ ۾ رابطو، تعلق ۽ حقيقي نسبت قائم ڪرڻ آھي. انھيءَ مقصد جي حصول لاءِ، ھر دؤر ۾، الله جي نيڪ بندن، عارفن، ولين، درويشن ۽ صوفين ڪيئي طريقا، عمل ۽ عبادتون، ورد ۽ وظيفا، نفس جا چِلا ۽ رياضتون بيان ڪيون آھن.سڀ پنھنجيءَ پنھنجيءَ جاءِ تي برحق، بر صواب ۽ اکين تي، پر معرفت ۽ سلوڪ جي انھيءَ راھه ۾ الله جي ذڪر ´اسم ذات` کي ۽ ´اسم اعظم` جي ذريعي رَبَ جي ياد، ان جي فڪر ۽ سوچ کي جيڪا اھميت، فوقيت، بالادستي ۽ برتري حاصل آھي، اُھا ڪنھن به قسم جي ڪنھن ئي عمل کي قطعاً حاصل ناھي.“ سندس ٻيو مضمون مولانا محمد عبدالله کڏھري جي رِسالي ´القول الاظھر في ثبوت بشريت الرسول الانور`جو تعارف آھي. جنھن کي پڙھي سندس فڪري چِٽائيءَ کي پَرکي سگهجي ٿو. ارشد صاحب پنھنجي تقرير، تحرير ۽ تدريس ۾ مثبت سوچَ جو حامي، حِمايتي ۽ داعي رھيو. ارشد صاحب، اعليٰ قبله سڄڻ سائينءَ جن تي لکندي، پاڻَ کي ادنيٰ ثابت ڪندي ڪيڏي نه نوڙت، نياز، ادب ۽ عاجزيءَ سان اظھارُ ڪري ٿو ته: ”ڪوهه هماليه جي دامن ۾ چرندڙ ڪِوِلِ کي ڪھڙي خبر، ته ھن جبل جي رفعت ۽ وسعت ڇاھي؟” ’موري تي مالڪ جي مھر‘ پروفيسر شمشاد احمد سومري جي تصنيف ’جوڳيئڙا جھان ۾‘، جو مھاڳ آھي. ارشد لکي ٿو ته: ”مورو محبتن جو شھر آھي.“ لکڻ جي معاملي ۾ ارشد، فرھاد جھڙو جذبه جنون رکندڙ فولادي جگر وارو ليکڪ ھو. ’ايءُ عشق جو آواز!‘ جي سري واري ٻئي ڀاڱي ۾ ادبي، روحاني ۽ فيلسوفيانه مضمون شامل آھن. ’رُڃن مان رَڙِ ٿي!‘ ارشد صاحب جو طويل مضمون آھي، جيڪو ”جون 1980ع ۾ ڪرائون سائيز جي ڪتابڙي جي صورت ۾ ”نئين سوچ“ ڪتابي سلسلي تحت سڪرنڊ مان شايع ٿيو.“ ڪتاب جي ڇويھه صفحن تي مشتمل ھي مضمون فڪري ۽ معنيٰ خيز آھي. ´روح جون رڙيون!` نھايت ئي اھم مضمون آھي، جيڪو پھريون ڀيرو ھن ڪتاب ۾ ئي ڇپيو آھي. ھن مضمون ۾ ڄاڻايل حوالا ارشد صاحب جي وسيع مُطالعي جا ساکي آھن. ’عوام، ادب ۽ اديب‘ پڻ ھڪ بھترين مضمون آھي. ارشد جي لکڻين ۾ ”ڌرتيءَ جي دانھن، ساڻيهھ جا سورَ ۽ پورھيتن جي پيڙا سمايل ھوندي آھي.” ´علم جو آپگهات` ھي ارشد صاحب جو پنجيتاليھه، ڇائيتاليھه سال پراڻو مضمون آھي. جيڪو منھنجي الف ب پڙھڻ واري زماني کان به اڳ جو لکيل آھي. ’سُونھان، ساٿَ – ڌَڻِي‘ جي سِري سان ڪتاب جي ٽئين حصي ۾ تاثر، خاڪا ۽ ساروڻيون شامل آھن. جنھن ۾ پھريون مضمون ’سنڌ جو رھبر ۽ رھنما: سائين جي ايم سيد‘ سائين جي ايم سيد تي لکيل آھي. جنھن ۾ ارشد لکي ٿو ته: ”سيد، اسان کي عزتِ نفس سان جيئڻ جو سبق سيکاريندو ھو.“ ”ھُو اسان کان ڪڏھن به مايوس نه ٿيو. ھڪ لمحي لاءِ به ھُن جي اٽل ارادي ۾ ڪا لَچَڪَ نه آئي.“ ’عالمن جو آفتابُ: ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو‘ سنڌي ٻوليءَ جي محسن ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي تي لکيل مضمون آھي. ’نڍي کنڊ جي ترقي پسندن جو اڳواڻُ: سيد سجاد ظھير‘ ۾ ارشد لکي ٿو ته: ”ھُن جي زندگي عِلم ۽ عَمل جو سنگم ھئي.“ ’منھنجو فڪرِي اُستادُ: نورالدين سَرِڪي‘ ۽ ’منھنجو اُستادُ، منھنجو رَھبَرُ: نورالدين سَرِڪي‘ سَرِڪي صاحب تي لکيل مضمون آھن. سَرِڪي صاحب جي حوالي سان ارشد لکي ٿوته: ”زندگيءَ ۾ مون جن ساڃھه وند شخصيتن کان ڪجھه سِکيو، پِرايو ۽ شعور حاصل ڪيو آھي. تن ۾ نورالدين سَرِڪيءَ جو نانءُ نشابر آھي.“ ”سرڪي، سنڌ ڌرتي ماءُ جو املھه ھيرو ھو. مون ھميشه کيس ھڪ جھڙو ڏٺو. بيحد معتدل مزاج، متوازن شخصيت ۽ ڏاڍو سنجيدو ھوندو ھو.“ تقريباً اڌ صديءَ جي رفاقت، دوستي ۽ ’سنڌي ادبي سنگت‘ ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ دوران مون سَرِڪي صاحب جو اسان جھڙن نوجوانن سان سڀاءُ ۽ رويو نھايت شفقت ڀريو محسوس ڪيو.” ’سنڌ ڌرتيءَ جو داناءُ ديوانو: قاضي فيض محمد‘، ’گيتن جو بادشاھُه: ” بَردو“ سنڌي‘ ۽ ’سڪرنڊ جو مشھور سياسي، سماجي ڪارڪن ۽ ھاري ورڪر: ڪامريڊ محمد لاکو‘ پڻ تمام گهڻي پيار سان لکيل مضمون آھن. ’مولانا عبيد الله سنڌيءَ جو مجذوب: عبدالوارث دَلُ‘ به تعزيت نامو آھي. جنھن ۾ سندس ڳڻن جون ڳالهيون ڪندي ارشد لکي ٿوته: ”انتھائي سٻاجهڙو، سچو ۽ سپتيو انسان ھوندو ھو. ھر قسم جي لالچ، ذاتي خواھش، ريا ۽ ٻھروپ کان پاڪ، مٿانھون ۽ اعليٰ قدرن، صفتن ۽ انساني خوبين جو مالڪ ھوندو ھو. ھن جي زندگيءَ جو فقط ھڪ ئي مشن ھوندو ھو ۽ اھا ھيءَ ھئي ته مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي فڪر، سوچ ۽ تعليم کي گهر گهر پھچائجي.“ ’ھڪ منفرد ۽ لافاني شخصيت: سيد امداد محمد شاھه‘ سائين امداد جي وڇوڙي تي لکيل تعزيت نامو آھي جنھن ۾ ارشد لکي ٿوته: ” سائين امداد محمد شاھه، سائين جي. ايم. سيد جي امانت جو امين ھو.“ ھڪ سِٽَ ۾ ايڏي وڏي راءِ ارشد جي علمي قابليت جو وڏي ۾ وڏو دليل آھي. ارشد صاحب اڳتي لکي ٿوته: ” امداد محمد شاھه – جلال شاھه، زين شاھه ۽ ضياءَ شاھه جو روپُ وَٺي، تيستائين ھر طرح جي انياءَ سان اٽڪندو رھندو. جيستائين سنڌ جي ظلم ستم ۽ استبداد جو سلسلو جاري رھندو.“ ’منھنجي جانِ جي جان: حاجي خان‘ ڊاڪٽر حاجي خان ڪيريي تي لکيل مضمون آھي، جيڪو ڊاڪٽر حاجي خان ڪيريي جي ڪتاب ”ٿي تند وڙھي تلوارن سان“ ۾ پڻ شايع ٿي چُڪو آھي. ’مون ”حافظ“ محمد بخش خاصخيليءَ کان ڇا پرايو؟‘ ھي مضمون، ھڪ تعزيت نامو ۽ گڏ اعتراف نامو آھي. جنھن ۾ ارشد، حافظ جي ڪم ۽ ڪردار سان گڏ سندن واسطيداريءَ تي لکي ٿو ته: ”حافظ، محبت وچان مون کي ´مرشد ارشد` ڪري سڏيندو ھو.“ ’ترقي پسند فڪر جو روشَن سِتارو: پروفيسر عبدالله مگسي‘ پروفيسر عبدالله مگسي جي پھرين ورسيءَ جي مناسبت سان لکيل ليک آھي، جنھن ۾ ارشد لکي ٿوته: ”جيستائين سِنڌُ ۾ فِڪِرُ، ڏاھَپَ، انقلابي ۽ ترقي پسند سوچَ سلامت آھي، عبدالله خان مگسي جاويد ۽ امر رھندو.“ راشد احمد لکمير پنھنجي والد صاحب جي مضمونن جي مرتب ڪيل ڪتاب جي ارپنا پنھنجي وَڏي ڀاءُ محمد سليم لکمير (مرحوم) جي نالي ڪئي آھي، جيڪو منھنجو دلبر دوست ھو. ھِنَ ڪتاب ۾ ارشد صاحب جا ننڍا وڏا ٻاويھهَ مضمون شامل آھن، جيڪي نھايت ئي اھم ۽ بامقصد آھن. ھِنَ ڪتاب جو شاندار لي آئوٽ، پروف ريڊنگ، اعرابون ۽ بيھڪ جون نشانيون ڏِسي سائين بشير احمد ھيسباڻيءَ جي ٻاجهاري شخصيت تصور ۾ تَري اچي ٿي، جنھن جي سوڌ ۽ سنوار ۽ تحقيقي لڳاءَ ھن ڪتاب جي حسن کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آھن. (ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۸ جنوري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
رشيد راڄڙ سنڌ جو ارڏو ڪردار علي ڏنو جروار هونئنءَ ته سنڌ ۾ ڊسمبر جا وڇوڙا مشهور آهن، ڇو ته ڊسمبر ۾ اسان سنڌ واسين کان بينظير ڀٽو، شيخ اياز، سرمد سنڌي، قاسم پٿر ۽ ٻيا ڪيترائي بهترين انسان وڇڙي ويا آهن. پر هن سال نومبر جو مهينو شروع ٿيڻ سان ئي اسان کان سائين محمد ابراهيم جويو وڇڙي ويو ۽ اڄ وري سنڌ جو هڪ سينئر ۽ بيباڪ صحافي رشيد راڄڙ به اسان کان وڇڙي ويو آهي. رشيد راڄڙ جو سنڌ جي صحافت ۾ تمام وڏو نالو آهي. رشيد راڄڙ جي وڇوڙي تي سڄي سنڌ جا صحافي، سياسي ڪارڪن، کاٻي ڌر جا سياسي ورڪر توڙي قومپرست سڀئي ڏکويل آهن، لطيف سائين جون اهڙي موقعي بابت سٽون آهن ته لڏيو لطيفن، پلاڻي پنڌ پيا هٿان حبيبن ڪونه ڏکويو ڪڏهن رشيد راڄڙ سان منهنجو تعلق ۱۹۸۵ع کان وٺي هو، آئون ان وقت سنڌ جي شاگرد سياست ۾ سرگرم هوس، مون کي به رشيد راڄڙ سان گڏ ڪيترن ئي مرحلن، موقعن ۽ محاذن تي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. هر موقعي تي رشيد راڄڙ جي رهنمائي مان اسان گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو ۽ پرايو. ان دور ۾ ٿيندڙ ڪيترين ئي سياسي، سماجي، علمي، ادبي سرگرمين ۾ حيدرآباد جي محفلن ۾ رشيد جو وڏو اهم ڪردار هوندو هو. ان کانپوءِ دنيا جون حالتون بدليون ته کاٻي ڌر جا سڀئي سياسي ڪارڪن ۽ ورڪر مختلف اخبارن ۾ صحافتي ذميواريون نڀائڻ ۾ مشغول ٿي ويا. جن ۾ لالا رحمان سمون، رشيد راڄڙ، ارشاد گلاباڻي ۽ ٻيا شامل آهن. رشيد راڄڙ جون سنڌ جي صحافتي ميدان ۾ تمام گهڻيون خدمتون شامل آهن، هو مختلف اخبارن جو رپورٽر ۽ ايڊيٽر رهيو آهي. آخري لمحن تائين ڪوشش اخبار جو ايڊيٽر رهيو ۽ هن جي رپورٽنگ توڙي ايڊيٽوريل يا وري ٻيا مضمون پڙهڻ جوڳا هوندا هئا. سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي رشيد راڄڙ سدائين مضبوطي سان اسٽينڊ وٺندو رهيو آهي. سنڌ جي اخبارن ۾ ڪم ڪندڙ ڪيترائي صحافي سندس شاگرد ۽ دوست آهن. هن جهڙا مضبوط ۽ بهادر صحافي ورلي پيدا ٿيندا آهن. اسان سنڌ واسي رشيد جهڙن بيباڪ صحافين جي ڪردار لاءِ واجهائيندا رهنداسين. رشيد راڄڙ ۽ سندس دوست جنهن دور ۾ سنڌ جي صحافت ۾ داخل ٿيا اهو هڪ ڏکيو دور هوندو هو. پر پوءِ به هنن جي سڄي ٽيم جنهن نموني سان صحافت ۾ پنهنجا پير کوڙيا اهو دور انتهائي يادگار رهندو. ڇو ته رشيد راڄڙ ۽ سندس ٻين دوستن ٽنڊي بهاول واري واقعي کان وٺي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت، سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ ٻين ٻرندڙ مسئلن تي قلم کنيا ۽ جاکوڙ ڪئي. رشيد راڄڙ ۽ سندس دوست ضياءُ الحق جي دور ۾ صحافتي ميدان ۾ آيا هي اهو دور هو جنهن ۾ ملڪ جون سڀئي اخبارون سينسرشپ جي تلوار هيٺيان هونديون هيون. جيڪي اخبارون ڇپبيون هيون اهي پهرين سينسرشپ جي مرحلي مان گذرنديون هيون. مون کي اهو به زمانو ياد آهي جو اسان جو اخبارون اڌ کان به گهڻيون خالي پيون هونديون هيون. ڇو ته سينسرشپ واري ٽيم اخبارن ۾ ان وقت داخل ٿيندي هئي جنهن وقت اخبار جي ڪاپي مشين طرف ويندي آهي. هو ان وقت اچي پيسٽ ٿيل ڪاپي تي راتاهو هڻندا هئا. اهڙي دور ۾ رشيد راڄڙ ۽ سندس دوستن سنڌي صحافت ۾ پنهنجو نمايان ڪردار ادا ڪيو ۽ سنڌي صحافت کي مضبوط بنياد فراهم ڪيا ۽ نوان رخ متعارف ڪرايا جن کي نوان ٽرينڊ چيو ويندو آهي. رشيد راڄڙ وارا سڀئي ساٿي جن جن اخبارن ۾ رهيا انهن ۾ ڄڻ ساهه پيدا ڪري ويا. اهو ئي ڪارڻ آهي جو اڄ سنڌي صحافت پنهنجي پوري عروج تي آهي، ان صحافت جو پايو وجهندڙن ۾ رشيد راڄڙ ۽ ٻين کاٻي ڌر جي ورڪرن جو وڏو حصو آهي. رشيد راڄڙ اڄ اسان جي وچ ۾ موجود ته ناهي پر سندس يادون ۽ صحافتي ڪردار توڙي سياسي ورڪر وارو انداز سنڌ واسين جي دلين ۾ سدائين لاءِ ياد رهندو. لطيف سائين اهڙن ئي بهادر ۽ دلير انسانن لاءِ فرمايو آهي ته مون سي ڏٺا ماءُ، جنين ڏٺو پرينءَ کي تنين سندين ڪاءِ، ڪري سگهان ڳالهڙي سو اسان سنڌ واسين کان بهادر ۽ بهترين ڪردار آهستي آهستي موڪلائيندا پيا وڃن پر سنڌ جي سرزمين اهڙي ته زرخيز ڌرتي آهي جو اها وقت به وقت اهڙي قسم جا بهادر انسان ۽ ڏاها انسان پيدا ڪندي رهندي آهي. مونکي اميد آهي ته رشيد راڄڙ جا پونيئر هي وڏو صدمو برداشت ڪري سگهندا. تنهن کانسواءِ هي به عارضو آهي ته سنڌ جي صحافت، علم ۽ ادب جي ميدان تي سدائين رشيد راڄڙ جهڙن انسانن جو هٿ يا پاڇو رهي، جنهن ڪري اهي پنهنجو ڪم پوري ايمانداري ۽ سچائي سان ڪري سگهن. صحافي رشيد راڄڙ هڪ موتيءَ داڻو الطاف پيرزادو اسان جهڙن ٽين دنيا جي ملڪن ۾ سچ لکڻ، درست ۽ حقي معلومات ماڻهن تائين پهچائڻ ڏاڍي جي ڏمر کي جيئن جي تيئن رپورٽ ڪرڻ، مظلومن جو ڪيس ڳائڻ يا ائين کڻي چئجي ته صاف سٿري ۽ غيرجانبدار صحافت ڪرڻ کپُر تي پير رکڻ کان گهٽ ناهي. اهڙي سماج ۾ غيرجانبدار صحافت ڄڻ ته اڻ ٿيڻي ڳالهه ڀائنجي اتي پاڻ بچائي پيشيور اصولن تي ڪاربند رهندي جيڪڏهن ڪو صحافي ڪنهن ڏاڍ ۽ ڏمر جي اڳيان آڻ نه مڃي، نه جهڪي، نه وڪامي، جيڪو درست سمجهي سو چئي ڏئي ۽ لکي به ڏئي فقط پنهنجي دل جي ڳالهه مڃي، سو سچ پچ به موتيءَ داڻو ئي ٿي سگهي ٿو، اهڙو موتيءَ داڻو رشيد راڄڙ به هو جيڪو ۱۹ نومبر ۲۰۱۷ع تي يعني ٽيون ڏينهن سنڌ کان وڇڙي ويو. رشيد راڄڙ سنڌ اخبار ۾ منهنجو ايڊيٽر رهيو، ڊيسڪ تان اٿاري مون کي فيلڊ ۾ رپورٽنگ لاءِ موڪلڻ وارو يا ائين کڻي چئجي ته مون کي رپورٽر بڻائڻ وارو به رشيد راڄڙ هو، اسان جي مڌر اخبار جيتوڻيڪ عوامي آواز آهي اسان کان وڏي ۽ اسان کان سينيئر ٽهي جو سکيا گهر عوامي آواز رهي آهي، عوامي آواز جيئن ته کاٻي ڌر جي سرگرم سياسي ڪارڪن جو ميڊيائي ادارو هو، سو جڏهن آدرشي ۽ نظرياتي سياست جو زوال آيو ۽ مخلص سياسي ڪارڪن يا ته خاموش ٿي ويهي رهيا يا وري صحافت جي شعبي ۾ اچي ويا. صحافت جي شعبي ۾ به هنن سچائي جو دامن هٿ مان نه ڇڏيو، هن محاذ کي به هنن مظلومن لاءِ آواز اٿارڻ جو هڪ مضبوط مورچو بڻايو. سو رشيد راڄڙ به صحافت جي شروعات عوامي آواز ذريعي ڪئي، هو جيئن ته سنڌ ۾ شعور ۽ شاگرد سياست جي نرسري سنڌ يونيورسٽيءَ مان پڙهي نڪتو هو، ٻيو ته اتي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي شاگرد ونگ ڊي ايس ايف جو اڳواڻ به هو، سو هن صحافت کي به هڪ مشن سمجهي سرانجام ڏنو، اتي به مظلومن جو ڪيس ڳايو، مارن جو ڪيس ڳايو ۽ سنڌ جو ڪيس ڳايو. ۵ نومبر ۱۹۹۵ع تي حيدرآباد جي بابن شاهه ڪالونيءَ واري علائقي مان روزاني سنڌ اخبار نڪتي، ان دور ۾ اسان ڪراچيءَ ۾ عوامي آواز اخبار ۾ ڪم ڪندا هئاسين، تڏهن عوامي آواز جي آفيس هاڪي اسٽيڊيم نه پر سٽِي ڪورٽ جي سامهون نامڪو سينٽر مان نڪرندي هئي. سنڌ اخبار به کاٻي ڌر جي دوستن يعني ڪامريڊ غلام رسول سهتي، مهيش ڪمار، يونس سومري، منير ميمڻ، ڪامريڊ امداد، صالح بلو، شڪارپور واري حسين سومري ۽ ٻين جو گڏيل پراجيڪٽ هئي، جيئن چئي آيو آهيان ته عوامي آواز کي سنڌ صحافين جي نرسري هئڻ جو اعزاز حاصل رهيو آهي، سو پنج نومبر ۱۹۹۵ع تي جڏهن سنڌ اخبار نڪتي ته مختلف اخبارن ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جي هڪ گڏيل ٽيم جوڙي ان ۾ شامل ڪئي وئي، جنهن سنڌ اخبار کي هڪ پراجيڪٽ نه پر هڪ مشن سمجهي هٿ ۾ کنيو. رزاق سروهي، ڀائو زلف، مان، سهيل، ذوالفقار شاهه، ارشاد کوکر، اعجاز منگي، ارشاد گلاباڻي، مطلب ته هڪ مضبوط ٽيم ٺاهي سنڌ اخبار جي ڊيسڪ تي ويهاري وئي، رپورٽنگ ۾ اسحاق مڱريو، ممتاز بخاري، صادق ابڙو، فياض منگي، مرتضيٰ ڪلهوڙو، مطلب ته ڊيسڪ تي توڙي رپورٽن جو مضبوط نيٽ ورڪ جوڙيو ويو. هن اخبار جو ايڊيٽر رشيد راڄڙ ۽ مالڪ غلام رسول سهتي جهڙي ڪميٽيڊ ماڻهو هئا، تنهن ڪري ڪنهن به معاملي تي ڪنهن به اشوءَ تي ڪمپرومائيز ڪرڻ سنڌ اخبار ۽ ان جي ٽيم سکيو ئي نه هو. جنهن جي ڪري ڪنهن به ميڊيا ئي شعبي لاءِ شهه رڳ جي حيثيت رکندڙ ”اشتهار“ وارو هن اخبار جو پاسو ڪمزور رهيو. ۲۰ سيپٽمبر ۱۹۹۶ع تي ڪراچيءَ ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو شهيد ٿيو، تڏهن اداري محسوس ڪيو ته لاڙڪاڻي ۾ ڊيسڪ تان ڪنهن نوجوان کي بيورو چيف ڪري موڪلڻ گهرجي، ايئن رشيد صاحب ٽيم سان صلاح ڪري طئي ڪيو ته الطاف کي بيورو چيف ڪري لاڙڪاڻي ٿا موڪليون، ايئن مون کي رپورٽنگ جي فيلڊ ۾ آڻڻ وارو به رشيد صاحب ئي هو. هن نه رڳو رپورٽر ڪري فيلڊ ۾ موڪليو پر يقيني بڻايائين ته اتي آفيس به هجي، ٽيلي فون ۽ فيڪس وغيره جون سهولتون به، نوان پيشور لاڙا متعارف ڪرائڻ ۽ مظلومن جو ڀرپور آواز اٿارڻ، سنڌ جو ڪيس ڳائڻ جو عزم هو، تنهن ڪري جڏهن ڊيسڪ تان فيلڊ ۾ لاڙڪاڻي جو بيورو چيف ڪري موڪليو ٿي ويو، تڏهن رشيد صاحب مون کي رپورٽنگ جا گُر به سيکاريا هئا، ٻڌايو هئائين ته معلومات ماڻهن جو حق آهي، جنهن تي ڪو ڪمپرومائيز نه ڪجان ۽ صرف ۽ صرف ”سچ“ رپورٽ ڪجان. پوءِ ٿيو به ايئن لاڙڪاڻي وڃي ايڪسڪليوسو اسٽوريون ڏيڻ سان گڏوگڏ ”سنڌ ڪورٽ“ نالي ڪچهرين جو سلسلو به شروع ڪيوسين. رشيد صاحب جي ڊڪشنريءَ ۾ صحافين ۾ ڪمپرومائيز وارو لفظ هئو ئي ڪين، تنهن ڪري هن پنهنجي صحافتي زندگيءَ ۾ هميشه پيشور اصولن کي اتم رکيو. هن سڄي عمر عام ڪارڪنن وانگر ڪم ڪيو، رشيد اسان جو صحافتي استاد به هو ته دوست به هو، مون کي هميشه پيار مان ”الطڻ“ ڪري سڏيندو هو. اڄ رشيد وڇڙيو آهي ته مان به ماضيءَ ڏانهن کن پل لاءِ موٽي ويو آهيان، اسان سان ابتدائي سٿ ۾ مديجي ۾ جاويد جوکيو، وارهه ۾ اصغر مڱريو، ٽنڊي آدم ۾ عزيز جان بلوچ، جيڪو سنڌي ميڊيا جو پهريون نيوز ڪاسٽر بڻيو هو، سي سڀ اسان جي سٿ ۾ هئا، ۽ اڄ اسان کان وڇڙي ويا آهن. رشيد راڄڙ صاحب سنڌي صحافت ۾ جيڪي نوان لاڙا متعارف ڪرايا جيڪي پيشور بنياد رکيا، اسٽوري کي ڪيئن ڊولپ ڪجي؟ تنهن جي پنهنجي ٽيم کي جيڪا تربيت ڏني، جن صحافتي اصولن تي ڄمي بيٺل رهيو تنهن جي ڪري هميشه زندهه رهندو. نه سي ٿڙ هوڙاڪ، نه وايون وڻجارن جون، سرتيون سامونڊين جا اڄ پڻ چڪيم چاڪ، مارينم فراق، پاڙيچون پرين جا (شاهه). رشيد راڄڙ گھاٽين يارين ۽ گھاٽن وڻن کي الوداع منظور ميراڻي انهيءَ ڳوٺ جون ٻيون به ڪيتريون ئي سڃاڻپون ٿي سگهن ٿيون، پر مون لاءِ ان ڳوٺ جي هڪڙي سڃاڻپ ان جا گهاٽا وڻ آهن، ٻي سڃاڻپ اهو رشيد راڄڙ، جيڪو ڪالهه اهي گهاٽا وڻ ڇڏي هليو ويو. هاڻي اهي وڻ سدائين ان جو پتو پڇندا رهندا ۽ انهن جي ڇانءَ انهيءَ فقير منش ماڻهوءَ لاءِ سڪندي رهندي، جنهن لاءِ انهن وڻن جي ڇانءَ وٺڻ به ڪنهن عياشيءَ کان گهٽ نه هوندو هو. اهو پنهنجو ڳوٺ ته ناهي، پر بقول حسن درس جي ”پرائو ڳوٺ هو ليڪن پرينءَ جي پار وانگي هو!“ پرينءَ جي پار جهڙي انهيءَ ڳوٺ ڏانهن توڙي جو ڪڏهن ڪڏهن وڃڻ ٿيو، پر ڪڏهن ايئن تصور ۾ به نه آيو ته اتي رشيد جي آخري سفر تي اُسهڻ مهل کيس الوداع به ڪرڻ اچبو...! اهي ڪارڪن، جن نظرين جي پويان گهڻو ڪجهه ڇڏيو، ورهين کان پوءِ جڏهن ڪنهن گهٽيءَ جي موڙ تي انهن ڪنڌ ورائي پوئتي ڏٺو ته ڪنهن بيوفا محبوبه وانگر انهن کي نظريه به الوداع ڪندي نظر آيا...ان ڪري لڳندو آهي ته نظرين جي پويان پنڌ ڪندڙ ڪارڪن ته ڪڏهن ٿڪجي نه سگهيا، پر ڄڻ ته نظريا ٿڪجي کين اڌ ۾ ڇڏي ويا هجن. ان هوندي به انهن جو ڪڏهن انهن سان رشتو ٽُٽي نه سگهيو...هن جي رت ۾ به نظرين جي ستي پيل هئي، ان ڪري هن جي شخصيت ۽ هن جي صحافت ۾ به اهو عڪس سدائين نظر آيو...هن جو پهريون سياسي پيار پنهنجي پاڙيسري شهر سن کان شروع ٿيو، جتان سائين جي ايم سيد سنڌ کي سنڌ سان محبت ڪرڻ سيکاري رهيو هو. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته هن جي پهرين محبت سنڌ هئي، جنهن کان پوءِ هو ان ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ويجهو ٿيو، جنهن کي هڪ کيت، هڪ باغ نه، پر پوري دنيا گهربل هئي. سائين جي ايم سيد کان هن سنڌ سان پيار ڪرڻ سکيو ۽ ڪميونسٽ پارٽي هن کي پوري دنيا سان پيار ڪرڻ سيکاريو. ايک کهيت نهين، ايک باغ نهين، هم ساري دنيا مانگين گي! (فيض). ڪالهه اسان جڏهن ان جي تدفين ۾ شريڪ هئاسين، تڏهن هن جي موت تي سندس شاديءَ جو ڏينهن به ياد اچي رهيو هو، جيڪو لڳو پئي ته ڪالهوڪو ڏينهن هجي...مون کي ياد آهي ته رشيد راڄڙ گهوٽ ڪيئن پئي لڳو ۽ مون ڪالهه به ڏٺو ته هو گهوٽ ئي پئي لڳو...گهوٽ ايئن ئي هوندا آهن، گهوڙن وانگر، جن کي ٿورا ڏينهن مليل هجن ٿا، ان جي شاهدي ته ڀٽائي به ڏئي ويو آهي. رشيد کي به زندگيءَ جا ٿورا ڏينهن مليا، پر انهن ٿورن ڏينهن کي هن ڀرپور نموني گذاريو، ايئن ئي جيئن اسان جو يار حسن درس ٿوري ۽ هڪڙي زندگيءَ ۾ ڪيتريون ئي زندگيون جي ويو. زندگي گذارڻ ۽ زندگي ماڻڻ ۾ فرق هجي ٿو، زندگي ته سڀ پيا گذارين، ڪو زندگي ماڻي ڏيکاري ته مڃجي. رشيد ان ئي نسل جو ماڻهو هو، جن زندگيءَ کي گذاريو نه، پر ماڻيو...هن جي پڄاڻان توڙي جو ڪالهه هن جا سنگتي، مائٽ مٽ روئي رهيا هئا، پر رشيد جيڪا به زندگي گذاري ان تي هن وٽ ڪو روئڻ پٽڻ ڪونه هو. جيڪڏهن روئڻ هو ته فقط سنڌ جي حالتن تي روئڻ هو. جيئن عادي پياڪ ٻه گلاس چڙهڻ کانپوءِ محبوبه جو ذڪر ڪرڻ لڳندا آهن. ايئن ساڳيا ٻه گلاس هن کي سنڌ جي درد ڏانهن وٺي ايندا هئا. اهڙي ئي هڪ محفل مان هڪ ڏينهن رشيد اٿي آيو ۽ اسان ڪاوش آفيس مان گڏجي ڄامشوري پئي وياسين، تڏهن مون هن کان پڇيو ته ”رشيد ڪهڙا حال آهن؟“ تڏهن هن جواب ڏنو ”منهنجا حال ته ٺيڪ آهن، پر سنڌ ٺيڪ ناهي!“ ۽ پوءِ ڪاوش آفيس کان ڄامشوري تائين هن جي ذڪر ۾ بس سنڌ هئي. جڏهن ۹۰ع واري ڏهاڪي ۾ سوويت يونين جو فال ٿيو هو، ته اهو ڪو ڪنهن هڪڙي ملڪ يا ڪنهن هڪڙي بلاڪ جو فال نه هو، پر اهو انهن ڪيترن ئي نظرياتي ڪارڪنن جو فال به هو، جيڪي انقلاب جي آجيان لاءِ پنهنجي زندگين جا گل نڇاور ڪرڻ جا منتظر هئا. انقلاب ته نه آيو، پر پوءِ سياسي ڪارڪن جتي به ويا، اتي انهن ننڍڙا ننڍڙا انقلاب آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. هر شعبي وانگر صحافت اندر جيڪي Taboos هئا، انهن کي اهڙن ڪارڪنن ئي ڌڪ هنيو، صحافت جو پراڻيون روايتون ٽُٽيون ۽ روايتي ماڻهو حيران ٿيا ته ايئن به ٿي سگهي ٿو. هيءَ اها ئي ”ايک کهيت نهين، ايک باغ نهين....“ واري ايپروچ ۽ ويزن هو ته اخباري صفحا رڳو رولنگ اليٽ جي خبرن لاءِ ڪونهن، پر انهن تي پنڌ هلندڙ پورهيتن، ٽانگي وارن، دڪاندارن ۽ هارين جو به حق آهي. جنهن کيپ صحافت ۾ اچي اهي Taboos ٽوڙيا، رشيد به ان ئي کيپ جو حصو هو. اهو ڪم جيڪو سياسي ڪارڪن اڳ پارٽين اندر رضاڪارانه طور تي ڪندا هئا، ساڳي ڪم لاءِ هنن کي هتي پگهار به ملڻ لڳي. کين لڳو ته سوويت يونين جي فال کان پوءِ انهن جي زندگي بي معني ناهي ٿي، پر ان کي معني ڏيڻ جو فقط انداز تبديل ٿيو آهي. پوءِ انهن پنهنجي پروفيشن کي به معني خيز بڻايو. ان ڪري جڏهن به صحافتي ڪم کي معني ڏيندڙن جو ذڪر ٿيندو، تڏهن رشيد کي قطعي به وساري نه سگهبو. هر انسان ۾ ڪي ڪمزوريون به هجن ٿيون، ڪمزوريون نه هجن ته پوءِ انسان ته نه ٿيو، ان کي بت ئي ڪوٺي سگهجي ٿو. ايئن رشيد جون ڪمزوريون به هونديون، مون کي ان جي ٻين ڪمزورين جي گهڻي ڄاڻ ڪونهي، پر هن جي هڪڙي ڪمزوريءَ جو مان پاڻ اکين ڏٺو شاهد آهيان. اها ڪمزوري هن جي ننڍڙي ڌيءُ رُباب هئي. ۱۰، ۱۲ سال ٿيندا هڪڙي ڀيري آفيس ۾ ڪنهن ڳالهه تي اسان جو هڪٻئي سان تڪرار ٿي پيو، گهر پهچي مون کي لڳو ته ڏوهه منهنجو هو، سموري رات ننڊ نه آئي، ان ڪري صبح جو سوير رشيد کان معافي وٺڻ لاءِ هن جي ڳوٺ ويس. هن جي حالت مان به لڳو ته اوجاڳيل آهي، پوءِ ٻڌايائين ته راتوڪي بدمزگيءَ جي ڪري هو به سڄي رات سمهي ناهي سگهيو. مون جڏهن هن کي گهران سڏيو ته هو ننڍڙي رُباب کي ڪڇ تي کڻي گهر کان ٻاهر نڪتو هو، اسان جيتري دير هن جي اوطاق تي ويٺا هئاسين، رُباب هن سان گڏ هئي. پوءِ جڏهن هن ڪجهه وقت ڪي ٽي اين لاءِ ڪراچي آفيس اچي وسائي ته هن سان ڪڏهن ڪڏهن فون تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهندي هئي. مون کي خبر هئي ته رشيد جو ڄامشوري وارو ڳوٺ ۽ ننڍڙي رُباب هن جي ڪمزوري آهن، سو هڪ ڏينهن مون هن کي فون ڪري کيس جذباتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم ته ”يار ڪراچي وڃي رهي پيو آهين، توکي رُباب ياد نٿي اچي، ڳوٺ ڏانهن ويندڙ رستي جا گهاٽا وڻ توکي ياد نٿا اچن؟ اهي وڻ ۽ رُباب ته توکي سارين ٿا.“ اهي جملا ٻڌڻ کانپوءِ هن جنهن نموني ڳالهايو پئي، مون کي محسوس ٿيو ته رشيد صبح جو اچي ڳوٺ جا وڻ وسائيندو. ٿيو به ايئن ئي هو رات جو ئي ڪراچيءَ مان نڪري پيو، ۽ صبح جو ٻڌايائين ته ”ابا رات جو ئي پهچي ويس، ڪراچيءَ ۾ رهڻ مشڪل آهي.“ پوءِ اهو ڳوٺ هو، ڳوٺ جا اهي وڻ هئا، ۽ رشيد هو، جيڪو آخري وقت تائين ان ڳوٺ ۾ ئي رهيو. ڪالهه جڏهن گهران ان جو جنازو نڪتو پئي، ۽ اندران روئڻ جا آواز پئي آيا ته الائي ڇو انهن آوازن ۾ مون کي ان ننڍڙي رُباب جو روئڻ نمايان پئي لڳو، جيڪا هن ڳوٺ جي گهاٽن وڻن جيان رشيد جي ڪمزوري هئي. رشيد راڄڙ سنڌ جو بيباڪ ڪردار معصوم مصطفيٰ ڪنڀر تاريخ به ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي پاڻ کي دهرائي ڪو انمول ڪردار پيدا ڪندي آهي ۽ سنڌ اهڙن ڪافي ڪردارن سان ڀري پئي آهي جن پنهنجي ڀومي سنڌ امڙ لاءِ پنهنجي سموري زندگي وقف ڪري ڇڏي پر ڪڏهن ظلم، جبر جي اڳيان عار نه مڃيائون، اهڙي مانجهي مرد بيباڪ ڪردارن مان سنڌ جي چيڪي مٽي تي هن ڌرتي جي ڪُک مان جنم وٺندڙ رشيد راڄڙ به شامل آهي جنهن پنهنجي سموري زندگي صحافتي قلم ذريعي سنڌ امڙ تان وقف ڪري ڇڏي پر انهي ڪشمش جي هلندڙ صورتحال دوران رشيد پنهنجي قلم کي نروار ڪندي صحافتي جنگ وڙهندي وڙهندي نيٺ هن اڀاڳي نومبر جي راتين ۾ ۵۳ سالن جي ڄمار ۾ اسان سنڌ واسين کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو جيڪو سنڌ جي صحافت ۾ هڪ وڏو خال پيدا ڪري ويو جيڪو شايد ئي ڪوئي ڀري سگهي، رشيد راڄڙ پنهنجي صحافتي سفر کي جاري رکندي ڪجهه مهينا پهريان بيمار ٿي پيو هو جنهن بعد ٽيسٽون ڪرائڻ بعد ڪينسر جهڙو موضي مرض ظاهر ٿي پيو هو ۽ هو ڪافي مهينن کان ڪراچي جي اسپتال ۾ ڪينسر جهڙي موضي مرض سان جهيڙيندو رهيو ۽ نيٺ زندگي هن سان وفا نه ڪئي ۽ زندگي جي واٽي تان ساهه جو سڳو هن کان هميشه جي لاءِ ٽُٽي ويو. رشيد راڄڙ جيڪو مظلومن ۽ خاص ڪري ڏتڙيل طبقي جو آواز هيو. غريبن جو غم خوار ۽ مسڪينن بي يارو مددگار ماڻهن جو جهڙوڪ ڪو ساٿي هو جو انهي مظلوم ڏتڙيل طبقي جي ماڻهن جي ڏکن، سورن، دردن کي پنهنجي مٿان بار سمجهي پنهنجي صحافتي قلم ذريعي انهن کي نروار ڪندو هو، هن جي لکڻين ۾ ماروئڙن مسڪينن جو درد شامل هو ۽ هو جيڪو به ڪجهه لکندو هو اُن مان ٿر جي وارياسي ڀٽن تي وسندڙ مينهن کانپوءِ پيدا ٿيندڙ خوشبو جهڙي هُٻڪار ايندي هئي، هن جي لکڻين ۾ٿر جي وارياسي ڀٽن تي رهندڙ ان امڙ جو درد شامل هيو جيڪا پنهنجي ٻچڙي جي حياتي بچائڻ لاءِ اسپتالن جي درن تي ٺوڪرون کائيندي رهي ٿي، ان جي لفظن ۾ پيرن اگهاڙي هلندڙ جهوني پوڙهي جو درد سمايل هو جيڪو ٿر جي تپندڙ واري تي پاڻي جي ڍڪ لاءِ هميشه سهڪندو رهي ٿو هن جي سوچ ۽ فڪر ۾ ڏتڙيل طبقي جي دردن ۽ آنهن جو ذڪر شامل هوندو هو، هن جو قلم هميشه حق سچ لاءِ اٿيو، رشيد راڄڙ سنڌ جي قلم ڌڻين ۾ هڪ وڏو نالو هيو ۽ هڪ سچو سنڌ جو سپاهي هيو جنهن پنهنجي ڏات ذريعي سنڌ جي جهر جهنگ جي ڏکن ڀرين ڪهاڻين کي پنهنجين لکڻين ذريعي ايوانن تائين پهچايو، هن پنهنجن لکڻين ۾ سنڌ جي هر ننڊي وڏي مسئلي لاءِ آواز اٿاريو ۽ خاص ڪري سنڌ جي پٺتي پيل علائقن جي مسئلن کي وڌيڪ ترجيع ڏيندي پنهنجن ڪالمن ۾ هميشه نروار ڪيو. هو نه فقط قلمڪار هيو پر هڪ صحافتي ادارن جو سرواڻ به رهيو ۽ ڪافي سنڌي اخبارن ۾ ايڊيٽر طور ڪم ڪيائين. رشيد راڄڙ جون سنڌ جي صحافتي ميدان ۾ تمام گهڻيون خدمتون شامل آهن، هو مختلف اخبارن جو رپورٽر ۽ ايڊيٽر رهيو آخري لمحن تائين ڪوشش اخبار جو ايڊيٽر رهيو ۽ هن جي رپورٽنگ توڙي ايڊيٽوريل يا وري ٻيا مضمون پڙهڻ جوڳا هوندا هئا. سنڌ جي باهه جيان ٻرندڙ مسئلن تي رشيد راڄڙ سدائين مضبوطي سان قلم ذريعي ڪيس وڙهندو رهيو، ان کان علاوه سنڌ جي اخبارن ۾ ڪم ڪندڙ ڪيترائي صحافي سندس شاگرد ۽ دوست آهن. هن جهڙا مضبوط ۽ بهادر صحافي ورلي پيدا ٿيندا آهن جيڪي پنهنجي سموري زندگي مسڪين ماڻهن جي لاءِ وقف ڪري حق ۽ سچ جي جنگ وڙهندا رهندا آهن. رشيد راڄڙ ۽ سندس دوست جنهن دور ۾ سنڌ جي صحافت ۾ داخل ٿيا اهو هڪ ڏکيو دور هوندو هو. پر پوءِ به هنن جي سموري سٿ جنهن نموني سان صحافت ۾ پنهنجا پير کوڙيا اهو دور انتهائي يادگار رهندو. ڇو ته رشيد راڄڙ ۽ سندس ٻين دوستن ٽنڊي بهاول واري واقعي کان وٺي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت، سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ ٻين ٻرندڙ مسئلن تي قلم کنيا ۽ جاکوڙ ڪئيرشيد راڄڙ جيئن ته سنڌ ۾ شعور ۽ شاگرد سياست جي نرسري سنڌ يونيورسٽيءَ مان پڙهي نڪتو هو، ٻيو ته اتي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي شاگرد ونگ ڊي ايس ايف جو اڳواڻ به هو، سو هن صحافت کي به هڪ مشن سمجهي سرانجام ڏنو، اتي به مظلومن جو ڪيس ڳايو، مارن جو ڪيس ڳايو ۽ سنڌ جو ڪيس ڳايو، رشيد نه رڳو اخباري ادارن ۾ فرض سرانجام ڏنا پر هو هڪ سماجي ڪارڪن به هو جيڪو سنڌ جي مسئلن تي اُٿي کڙو ٿيندو هو ۽ هر سنڌ جي حمايتي تحريڪ جو ساٿي هو جيڪو هر وقت پنهنجي پختگي سان سنڌ سان وفا جو وچن پيو ورجائيندو رهندو هو. رشيد راڄڙ اخبار ي دنيا جي حوالي سان سنڌي اخبارن ۾ نوان نوان طريقه پڻ بلڊ اپ ڪيا ۽ جديد طرز سان خبر ٺاهڻ ۽ اسٽوري ٺاهڻ، خبر جي اهميت وڌائڻ سميت مختلف نوان طريقا متعارف ڪرايا جيڪي مستقبل جي صحافي نوجوانن لاءِ راهه هموار طور ثابت ٿيا، هن پنهنجي صحافت جي سفر ۾ پنهنجا ڪافي شاگرد به پيدا ڪيا جيڪي مختلف ادارن ۾ ڪم پڻ ڪري رهيا آهن. هن نفسا نفسي جي دور ۾ جتي هر ماڻهو پنهنجي پيٽ ڀرڻ کي وڌيڪ اهميت ڏيندو، ظلم ۽ بربريت جي انتها هجي، ماڻهو بک ۽ بدحالي جو شڪار هجن ۽ انهن غريبن جي دانهن ۽ ڪوڪ ٻڌڻ وارو ڪو ئي نه هجي، هر پاسي انصاف جا در بند ٿيل هجن، سنڌ جي حقن تي ڌاڙا هنيا وڃن، حق ۽ سچ جو آواز اٿارڻ هڪ ڏوهه سمجهيو وڃي، هر ماڻهو انتقامي ڪارواين جو نشانو بڻجندو رهي ۽ ٻين ڪارڻ جيئڻ وارو جذبو هن جُوءِ مان ئي لڏي وڃي ته اُتي رشيد راڄڙ جهڙا ڪردار تاريخ ۾ هميشه ياد ڪيا ويندا ۽ تاريخ انهن کي هميشه سٺن سونهري اکرن سان ياد ڪندي ۽ سنڌ امڙ هميشه اهڙن پنهنجن جوڌن تي ناز ڪندي رهندي، رشيد راڄڙ اڄ اسانجي وچ ۾ ناهي رهيو پر هن جون ڪيل خدمتون، هن جا ڪيل انساني قدر احساس، هن جا جذبا، هن جون محنتون، هن جون ڪاوشون ،ڪوششون، ۽ هن جي پيدا ڪيل درد ن جي دانهن ٻڌڻ واري هٻڪار اڄ به زندهه آهي جيڪا هميشه اسان سنڌ واسين جي دلين تي راڄ ڪندي رهندي. رشيد راڄڙ جديد سنڌي صحافت ۾ سندس ڪردار زلف پيرزادو ڏانهن ڪر ٿيام، ساڃاهه سپيرين سين تڏانهن ڪر تر جيترو، وير م وسريام، اندر روح رهيام، سڄڻ اوطاقون ڪري. (ڀٽائي) رشيد راڄڙ سنڌ جي انهن اڪيچار صحافين مان هڪ هو، جن صحافت رڳو پيٽ گذر لاءِ نه ڪئي پر بامقصد صحافت ڪئي. اهو پورهيو رشيد نه رڳو قومي فرض سمجهي ڪيو پر انتهائي خبرداري، بي باڪي، سچائي ۽ ايمانداريءَ سان ڪيو. رشيد راڄڙ سان منهنجي سڃاڻپ ڪنهن سياسي ڪارڪن طور نه پر هڪ صحافي طور ٿي جڏهن روزاني عوامي آواز جي نيوز ڊيسڪ تي سب ايڊيٽر طور ڪم ڪندو هيس ۽ رشيد عوامي آواز کي حيدرآباد مان بيورو چيف طور خبرون ڏيندو هو، ڇاڪاڻ ته ان وقت ڪميونيڪيشن اڃا ڏکي هئي، ان ڪري تازيون خبرون اداري تائين پهچائڻ جو واحد وسيلو ٽيليفون هئي.ان ڪري سنڌ جا ضلعي رپورٽر شام جو فون ڪري اداري کي خبرون لکائيندا هئا. رشيد راڄڙ جو قدرتي طور ڳالهائڻ اهڙو هو جو سندس ڳالهه ٻڌڻ واري لاءِ سمجهڻ هڪ وڏو امتحان هو، سو وري فون تي لکائي خبرون ته سب ايڊيٽر لاءِ سندس خبر ٻڌڻ ۽ سمجهڻ ڄڻ ته اڃا وڏو امتحان هوندو هو، سو ٿيو ايئن جو جيئن ئي رشيد جي فون ايندي هئي ته پوري ڊيسڪ ڏڪي ويندي هئي، جيڪو فون کڻندو هو. سو رڙ ڪندو هو، نيوز ايڊيٽر رزاق سروهي کي ته سائين حيدرآباد کان رشيد راڄڙ صاحب خبرون لکائيندو. سئوٽ سروهي هڪدم حڪم ڪندو ادا سئوٽ زلف جي حوالي ڪيوس، پاڻهي منهن ڏيندو ۽ مون کي مرڪي چوندو سئوٽ سنڀاليو پنهنجي يار کي اسان کان ڳالهه ڳري آهي. پوءِ رشيد ۽ اسان فون تي پيا ڀوڳ به ڪندا هئاسين ۽ خبرون به لکندا هئاسين. اها هئي رشيد سان دوستيءَ جي ابتدا پوءِ ته وري رشيد هليو ويو روزاني ڪاوش ۾، اتي رشيد بهرحال هڪ بهترين صحافيءَ طور پاڻ مڃايو. ان کان پوءِ وري رشيد سان گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو تڏهن مليو جڏهن کاٻي ڌر جي سياسي ماٺار بعد ڪجهه دوست واندا هئا ۽ چندو ڪري روزاني سنڌ اخبار شايع ڪيائون، رشيد ڪراچيءَ آيو ۽ رزاق سروهي کي سنڌ اخبار ۾ نيوز ايڊيٽر طور ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪيائين، پوءِ رزاق سروهي پنهنجي ٽيم ٺاهي ۽ اٽڪل عوامي آواز جي سموري نيوز ڊيسڪ ڄڻ ته سنڌ اخبار ۾ منتقل ٿي آئي. رشيد راڄڙ جي ايڊيٽرشپ هيٺ ڪامياب اخبار شايع ٿي پر اڳتي هلي مالي مسئلن سبب ادارو ٺهي نه سگهيو، نيٺ دوست هيڏي هوڏي ٿيا. مون کي زندگيءَ ۾ صحافت جو عجيب ۽ انوکو تجربو ڪرڻو پيو يعني بنا بقايا جي سنڌي اخبار ڪڍڻي پئي ۽ روزاني الک اخبار ۾ وڃي پهتس. اهو تجربو به ڪنهن حد تائين ڪامياب ٿيو پر مختلف سببن جي ڪري اها اخبار آخرڪار بند ٿي وئي. زندگيءَ ۾ لاها چاڙها ايندا رهيا پر رشيد سان ياريءَ جو رشتو مضبوط ٿيندو رهيو، آخرڪار گهرڀاتين سميت هڪ ٻئي جي گهرن ۾ اچڻ وڃڻ، رهڻ جو سلسلو شروع ٿيو جيڪو اڄ به قائم آهي. هاڻ به جڏهن ٻارڙن کي موڪلون ٿينديون آهن ته چوندا آهن ابو! چاچا رشيد ته هليو ويو هاڻي ڄام شوري هلنداسين؟. آئون چوندو آهيان بابا رشيد ڪاڏي به نه ويو آهي، هو منهنجي ۽ پنهنجن يارن جي اندر ۾ اوطاق قائم ڪري ويٺل آهي. اوهان کي موڪلون ٿينديون ته ضرور ڄام شوري هلنداسين. هڪ ڀيري مون کي خبر پئي ته رشيد جي طبعيت خراب ٿي پئي آهي، اتفاق سان منهنجي امڙ به بيمار هئي ۽ ڪراچي سول اسپتال ۾ داخل هئي، مون رشيد کي موبائل تي ڪال ڪئي ۽ طبعيت جي پڇا ڪئي ته جواب ۾ چيائين ته دل جي تڪليف آهي، معاملو ڪراچيءَ ۾ ڪو نيشنل ميڊيڪل سينٽر آهي اتي حل ٿيندو، سو جڏهن تون ٽائم ڏيندين ته ايندس ۽ اسپتال ۾ مون سان تون گڏ هوندين، ٻيو ڪير به نه هوندو، مون چيو ته دل جو معاملو آهي جلد اچ، چيائين ته ڊاڪٽر جو نمبر موڪليان ٿو، ان کان ٽائيم وٺي مون کي ٻڌاءِ مون ڊاڪٽر منصور کان ٽائيم ورتو ۽ رشيد کي گهرايو، هڪ دوست کان ڪجهه ڏينهن لاءِ موٽر سائيڪل ورتي، رشيد آيو اين ايم سي وياسين، ڊاڪٽر چيو ته هن جي دل جو وال ٻن هنڌان بند آهي، لکن ۾ خرچ ٻڌايائين پر ڇاڪاڻ ته رشيد اداري جي پينل تي هو سو مون ڊاڪٽر کي چيو ته جيڪو به ڪرڻو آهي اهو ڪيو، ڊاڪٽر لکن ۾ خرچ ٻڌايو ۽ چيو ته هن جا وارث ڪاٿي آهن، انهن کي صحيح ڪرڻي پوندي، سو رشيد راڄڙ هڪدم ڊاڪٽر کي چيو ته منهنجو وارث اهو زلف آهي، اهو ئي صحيح ڪندو. ڊاڪٽر کلي چيو ته هي لاڙڪاڻي جو پيرزادو تون ڄام شوري جو راڄڙ هي تنهنجو وارث ڪيئن ٿيو. بهرحال جيئن تيئن ڪري دليل ڏئي ڊاڪٽر کي قائل ڪيوسين ته اسان هڪ ٻئي جا وارث آهيون، اوهان صحيح وٺو ۽ آپريشن ڪيو. بس! پوءِ موٽرسائيڪل تي ڪنهن وقت امان وٽ سول اسپتال پهچان، ان کان ٿي وري رشيد وٽ پهچان، خير گهڻا ڏينهن ڪو نه لڳا، رشيد ٻن ڏينهن ۾ صحتياب ٿي ويو ۽ پنهنجي دوست منير ميمڻ جي اوتاري تي وڃي آرامي ٿيو ۽ پوءِ فائنل چيڪ اپ ڪرائي ڳوٺ روانو ٿيو، ان بعد جڏهن به چيڪ اپ لاءِ ايندو هو ته هڪل ڪندو هو، يار ڊاڪٽر کان ٽائم وٺ اچان ٿو، چيڪ اپ لاءِ اهڙي طرح رشيد راڄڙ سان سنڌ جي مختلف علائقن ۾ سفر جا موقعا به مليا هڪ اڌ سفر ۾ ته سئوٽ اقبال ملاح به شامل هو، اهي سفر به يادگار آهن، جيڪي اڄ به ياد ڪري سئوٽ اقبال ۽ اسان خوبصورت يادگيرين جا بند ڀڃي وجهندا آهيون، رشيد سان زندگيءَ ۾ جن به يارن وڙ ڪيا، انهن کي رشيد هميشه ياد رکيو ۽ مون سان ذڪر به ڪندو رهيو. رشيد جو ڪراچيءَ جڏهن به اچڻ ٿيندو هو ته ٺڪاڻو علي بخش مورو جو هوندو ۽ پوءِ مرحوم ارشاد گلاباڻي، ارباب چانڊيو ۽ مون کي فون ڪندو هو، ابا آيا آهيون، سردار علي بخش جي اوتاري تي آهيون، اچو ته محفل مچايون، پوءِ اچي گڏ ٿيندا هئاسين، هڪ ٻئي سان چرچا، ڀوڳ، گارگند، ميهڻا ۽ ميارون ڏئي وري روانا ٿيندا هئاسين. هڪ ڀيري رمضان شريف جو مهينو هو سردار علي بخش جو زم زمه پارڪ لڳ فليٽ هو، رشيد راڄڙ آيو، سڀ دوست گڏ ٿياسين محفل هلي ۽ ڪجهه دوست پنهنجي گهرن ڏانهن روانا ٿيا. ان ڏينهن رشيد ضد ڪيو ۽ ضد به سفا ٻاراڻو، مون کي چيائين رات گهر نه وڃ، اتي رهي پئه، هن جي ٻاراڻي ضد تي رهي پيس، روزي رکڻ جي وقت کان ٿورو اڳ سردار علي بخش کي فرمائش ڪيائين ته سمنڊ تي هلون، سردار به دير ڪا نه ڪئي، ڪلٽس گاڏي ورتي هيائين، سو ڊرائيور کي حڪم ڪيائين ته هلو سمنڊ تي ٿا هلون. ننڊاکڙن نيڻن سان سمنڊ ڪناري پهتاسين، رشيد پير پسائڻ بهاني سمنڊ ۾ گهڙي پيو ۽ پوءِ وڃي اڳتي وڌندو. سردار ۽ اسان کيس پوئتي ڇڪڻ لڳاسين، چيائين! اڄ مون کي ڇڏيو سمنڊ منهنجو، آئون سمنڊ جو، مون کي پاڻ سمنڊ حوالي ڪرڻ ڏيو!. پوءِ جيڪا مون سان ۽ سردار علي بخش سان ٿي، اها ڪيفيت بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي. وڏي مشڪل سان رشيد کي سمنڊ کان ٻاهر وٺي آياسين. بهرحال رشيد سان تمام گهڻيون يادگيريون لاڳاپيل آهن. رشيد صوفي منش صفا سچو، کرو ۽ ايماندار انسان هو. هن ڪڏهن به قلم کي پنهنجي ذاتي مفاد ۽ فائدي لاءِ استعمال نه ڪيو. سنڌي صحافت ۾ سندس نالو هڪ ڪميٽيڊ، ايماندار، آدرشي ۽ کري صحافي طور هميشه ياد رکيو ويندو. باقي ذاتي طور منهنجي ڪيفيت اڃا تائين لطيف جي هن بيت جيان آهي: ڪارا ڪنديس ڪپڙا، هٿن سين هاڻ هيم جا رهاڻ، سا ڀڃي هوت هليا ويا. ڪامريد رشيد راڄڙ اڙٻنگ شخصيت ۽ ڪردار صالح بلو وقت ڪيئن تيزي سان گذري ويو ۽ ڪامريڊ رشيد راڄڙ کي هڪ سال وڇوڙي کي ٿي ويا، جيڪو بيشڪ جسماني طور اسان وٽ موجودگي ڪونهي ليڪن روحاني ۽ نظرياتي طور هو موجود آهي. رشيد راڄڙ جي زندگي ڏکن سورن جدوجهد ۾ گذري جنهن نه ڪنهن سان ڪا شڪايت ڪئي نه ڳالهه ڪئي، ليڪن پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهيو، سندس زندگي جي مقصد واري ڪا نه هئي، جنهن جو عشق ڌرتي ۽ مظلوم عوام سان هو جيڪو هر وقت سوچ ۾ گم ۽ ڪجهه نه ڪجهه سوچيندو رهندو هو رشيد راڄڙ جنهن شاگردي زماني ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي ونگ شآگرد تنظيم ڊي ايس ايف ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ حيدرآباد جو صلعي صدر ٿيڻ بعد ڪامريڊن جي محبت ۾ اچي ڪميونسٽ پارٽي ۾ رهيو، جيڪو پنهنجي خيالن جو نه صرف اظهار ڪندو هو بلڪه اختلاف پڻ رکندو هو، ڪامريڊ رشيد راڄڙ جيڪو ننڍي هوندي کان بهادر حق گوئي انسان هو، جيڪو قومن جي وجود لاءِ سنڌي قوم کي پنهنجو حق ڏيارڻ لاءِ جدوجهد ڪندو رهندو هو، هن سياست بعد صحافت ۾ اچي مسڪينن کي حق ڏيارڻ لاءِ عزم ڪيو هو ۽ ڪامريڊ ساٿين پاران ڪراچي مان ڪڍيل اخبار عوامي آواز جي بيورو رپورٽر حيدرآباد بنيو جنهن بعد جڏهن ڪامريڊ ساٿين پنهنجي هڙون وڙون ڏيئي ۱۹۹۵ع ۾ سنڌ اخبار ڪڍي ته ان وقت رشيد راڄڙ ڪاوش اخبار ۾ ڪم ڪندو هو جيڪو بعد پنهنجي ساٿين سميت ڪاوش ڇڏي سنڌ اخبار ۾ پهرين ايڊيٽر طور ڪم ڪيو، جتي ارشاد گلاباڻي، لالا رحمان ۽ ٻيا ساٿي هٿ ونڊرائيندا رهندا هئا، ڪامريڊ رشيد راڄڙ جيڪو آزادي سان پنهنجي ويچار ونڊڻ ۽ سوچ ڦيلائڻ سنڌ اخبار مان ڪري سگهيو پئي اهو ڪاوش مان نه پيو ڪري سگهيو، جنهن جو گهر ڪاوش نه بلڪه سنڌ اخبار هئي، جيڪا ڪارڪنن جي اخبار جنهن کي هلائڻ وارو رشيد راڄڙ هڪ بهادر بي باڪ انسان هو، جنهن ڪنهن به عامر جابر جي اڳيان نه جهڪيو نه وڪيو، جيڪو زندگي جي هر ڏکي موڙ اچڻ ته به ان انسان ڄڻ کيڏندو رهيو، جنهن جي دور جا ڪيترا واقعا سامهون آيا، جڏهن ته خاص واقعو ٽنڊو بهاول ڪيس جيڪو هن جنهن جو جرئت بهادر سان نمودار ڪيو ۽ ڪيترو به دٻاءُ هجڻ باوجود نه جهڪيو ۽ ميجر کي ڦاهي جي ڦندي تائين پهچايو، جيڪو ٽنڊو بهاول ڪيس ۾ حيدرآباد جي ٻين ڪجهه صحافي جي مڙسي کي وساري نه ٿو سگهجي. رشيد راڄڙ جيڪو هڪ ڪميٽڊ انسان هو ۽ پنهنجي نظرئي سان سچو سنڌ ڌرتي سان پيار ڪندڙ محبتي ماڻهو جيڪو پنهنجي فرض کي بهتر نموني نڀائيندو رهندو هو، جنهن ڪڏهن به اصولن تي سودي بازي نه ڪئي، جنهن سان ٻيا ڀلي اختلاف رکندا هجن، ليڪن سندس ڪردار ۽ قلم جو پورهيو ڪير وڪڻي نه پئي سگهيو، ڪامريڊ رشيد راڄڙ، جنهن جو گهر ۾ مڪمل ٺهيل نه هجڻ ۽ ڳوٺ جو رستو تباهه حال ٿيڻ ليڪن هو ڪنهن اڳيان هٿ نه ڦيلايا بلڪ بهادر کي ۽ جرئت سان منهن ڏيندو رهيو، رشيد راڄڙ وٽ هر ڪنهن لاءِ عزت هوندي هئي، رشيد راڄڙ جيڪو صحافت جي سچ جو امين هو، جنهن پنهنجو پورهيو ڪري ثابت ڪري ڇڏيو هو ته هو ڪڏهن به مرڻو نه آهي، رشيد راڄڙ جو واسطو هڪ ڪنهن مڪتب فڪر سان هو ۽ انهن سان آخري وقت تائين نڀائيندو رهندو. هو ڪڏهن ڪڏهن ته اهڙا ڀوڳ ڪندو هو ته دماغ چڪرائجي ويندو، ڪڏهن ته ماٺڻي طبعيت سان خاموش بنيل جيڪو صحافين لاءِ ڇپر ڇانو هو ته ايندڙ لاءِ محبتي انسان هو، رشيد راڄڙ جي خطرناڪ بيمار ڪينسر جيڪا کيس خبر به هئي، ليڪن هو نهايت ئي بهادري سان ان کي توجهه نه ڏيندو هو، ليڪن بيماري کيس وڪوڙي وئي ۽ موت جي منهن مان هو بچي نه سگهيو ۽ جسماني طور اسان کان جدا ٿي ويو، سندس يادون ملهايون وڃن پيون.