يوميات مصرية وليم جولدنج ترجمة: سمير محفوظ بشير مراجعة وتقديم: أحمد الشيمي المركز القومي للترجمة - القاهرة العدد 1754 الطبعة الأولى 2011م أنها قصة الرحلة النيلية التي قام بها الكاتب البريطاني الشهير وليم جولدنج فى ربوع مصر المجاورة للنيل مستخدما مركبا نيليا متواضعا و كانت المفاجأة الكبرى هي أنه لم يشاهد الكثير وهو فوق ظهر هذه المركب؛ لأن شاطئ النيل منخفضان، وبالكاد استطاع أن يشاهد الأطراف العليا للنخيل لكن مع ذلك ، استطاع أن يزور عددًا من المدن المصرية، وتقابل مع عدد كبير من الناس والمسئولين ، وشاهد عددًا من الآثار المصرية. للتحميل اضغط هنا أو هنا أو هنا تصفح من هنا أو هنا للقراءة و التحميل اضغط هنا أو هنا أو هنا PDF ePub Plain Text DAISY Kindle DOWNLOAD OPTIONS download 1 file ABBYY GZ download download 1 file ITEM TILE download download 1 file PDF download download 1 file SINGLE PAGE PROCESSED JP2 ZIPdownload download 1 file TORRENT
تحميل كتاب تعليم الرياضيات لجميع الأطفال pdf أ.د. وليم عبيد ، كتب رياضيات إلكترونية مترجمة إلى اللغة العربية ،الرياضيات في عالم الطفل، تعليم وتعلم
تحميل وقراءة مسرحية روميو و جوليت تأليف وليم شكسبير pdf مجانا ضمن تصنيف مسرح عربى وعالمى التحميل بروابط مباشرة وأسماء عربية.
كتاب: الباراسيكولوجي سرّ من أسرار الدولة المؤلف: هنري كرايس و وليم ديك ترجمة: منير يوسف زينل الناشر: دار الوطنية للنشر والتوزيع تاريخ النشر: 1989م رق
All the fresh, new clothes and accessories you’ll want to add to your wardrobe | GQ Weekly Wish List
وليم جي ليدرر - أمة من الغنم
كتاب تاجر البندقية تأليف وليم شكسبير متوفرة ككتاب إلكتروني على أبجد. استمتع بتحميل وقراءة كتاب تاجر البندقية وألاف الكتب العربية والمترجمة الأخرى
تحميل كتاب الكهرومغناطيسية الهندسية مع الحلول pdf كتاب الهندسة الكهرومغناطيسية pdf + حلول كتاب الكهرومغناطيسية الهندسية pdf تأليف : وليام هايت ( وليم هيت ) ، حل مسائل كتاب وليام هايت ، مسائل وحلول ، الكهرومغناطيسيات الهندسية ، ( ويليام هارف ) ، وليام هايت ، لوليم هايت Engineering Electromagnetics pdf William H. Hayt , Jr. . John A. Buck
'قصة سنغافورة 'أول مجلد عن مذكرات لي كيوان يو، الرجل الذي زرع هذه الجزيرة بقوة في خريطة العالم. في تفصيل عميق يسترجع 'لي' المعارك ضد الاستعماريين والشيوعيين والطائفيين التي قادت إلى استقلال سنغافورة.بمهارة سياسية كاملة قام بمجابهة خصوم، أو باستخدام مساعدتهم أحياناً ضد آخرين يعارضونه، في متابعة مخلصة لمصالح سنغافورة.نقرأ كيف قاد نقابيين مضربين ضد الحكومة الاستعمارية، وكيف استطاع خلال لعب الغولف وشرب الشاي أن يعزز الروابط مع لاعبين بارزين في بريطانيا والملايو، كما استطاع في لقاءات منتصف الليل في غرف ذات إضاءة سيئة أن يتحدث مع زعماء الشيوعيين المختبئين من أجل الوصول إلى تحالف معهم لكسب تأييد الجماهير ذات الثقافة الصينية.سيجد القرّاء إلهاماً عبر رؤيته وهو يقاتل من أجل عقول الناس وقلوبهم ضد الشيوعيين أولاً، ثم ضد الطائفيين في البرلمان والشوارع وعبر وسائل الإعلام.ونراه يعطينا من خلال أوراقه الرسمية غير المنشورة، والأرشيف في سنغافورة وبريطانيا، وأستراليا ونيوزيلانده والولايات المتحدة، عن مراسلاته الشخصية، صورة حية عن نظرة الآخرين إليه: صارم (لي قد يخدع ويبتز حتى آخر لحظة) محرض (تشو كانت تعلم أنني أبذل الدم من أجل السيطرة على الهوكين) طموح (قد يفكر نفسه حرياً بأن يكون زعيم مالايا) وخطر (اسحق لي! ضعه في الداخل). إنها في بعض الأحيان صورة مناقضة ولكنها متناغمة لدواعي الغرابة مع رجل الدولة الآسيوي هذا.هذا الكتاب ليس كتاباً سياسياً بحتاً: فالمؤلف يجذب القارئ إلى عالمه الخاص بصراحة غير عادية وبلمسة من المرح. نجد حكايات طريفة عن لحظات مهمة في حياته: طفولته، هروبه من المذابح اليابانية، خبرته كتاجر في السوق السوداء، مغامرته في تصنيع الصمغ المحلي التي قادته إلى رباط دائم مع كوا هيوك تشو. وهو يتبادل أيضاً الآراء مع الرجال الذين صاغوا العصر من أمثال جوه كينغ سوي، وس. راجا راتنام، وتوه تشين تشي، وهون سوي سين، وليم كيم سان وديفان نير، وليم تشين سيونغ، وتنكو عبد الرحمن، وتون عبد الرزاق، ود. إسماعيل عبدالرحمن، وسيد جعفر البار، ورؤساء الوزراء البريطانيين: هارولد ماكميلان، وهارولد ويلسون وغيرهما من الزعماء البريطانيين البارزين، ونهرو زعيم الهند، وعبد الناصر زعيم مصر، وروبرت مينزيس زعيم أستراليا.ولد لي كيوان يو في سنغافورة في 16 أيلول 1923، من الجيل الثالث من المهاجرين الصينيين من مقاطعة غوانغدونغ. درس القانون في جامعة كيمبريدج في إنكلترة. وفي عام 1954 شكل 'حزب العمل الشعبي'. بعد خمس سنوات فاز حزبه في انتخابات سنغافورة العامة وأصبح رئيساً للوزراء في الخامسة والثلاثين من العمر. في تشرين الثاني عام 1990 تسلم منصب الوزير الأول. كلمات البحث: قصه - سنغافوره - سينغافور - مذكرات - لى - كون Maktabet Alarab
محمّد لائق کوسو سگا ڪنڊيارو جي بي لوث رضاڪار جي زندگيءَ جو احوال ۽ ڪيل خدمتون. خالد حسين چنا خوش نصيب آهن اهي انسان جن جي هٿان خير ۽ چڱائيء جا ڪم ٿيڻ ٿا، جن جي ذريعي ڪيترن انسان جي ڀلائي ٿئي ٿي، ڪيترن غريب، مسڪين ۽ يتيم جا ڏک سور دور ٿيڻ ٿا. اهو انسان حقيقت ۾ خوشنصيب آهي جنهن وٽ ٻين ڪاڻ جيئڻ جو جذبو ۽ جستجو آهي. جگ مشهور سائنسدان البرٽ آئن اسٽائن پنهنجي مشهور مضمون “دنيا منهنجي نظر ۾” ۾ لکيو آهي ته جيڪو ماڻهو صرف ۽ صرف پاڻ ڪارڻ جيئي ٿو، صرف پنهنجي خوشي چاهي ٿو اهو شخص جانور وانگر آهي” ماڻهو کڻي ڪيترا به علم حاصل ڪري، ڪيترا به ٿلها اونها ڪتاب پڙهي، ڪيترا به وڏا بحث ڪري پر پوءِ به اچي ان نتيجي تي پهچندو ته زندگيءَ جو مقصد ٻين ڪارڻ جيئڻ آهي. چوندا آهن ته پسند پسند کي ڳولهي لهي سو هر ماڻهو کي پنهنجي پسند وارا ماڻهو وڻندا آهن. جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو ۾ سماجي ڀلائي ۽ ٻين جي ڪم اچڻ جو جذبو آهي ته ان کي اھڙا ئي ماڻهو وڻندا ۽ اهڙن ئي ماڻهن سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهيندو آهي. سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن اهڙن ئي بي لوث رضاڪارن جي تنظيم آهي جيڪا سڄي سنڌ ۾ غريب مسڪين ماڻهن جي معيار زندگي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ۾ گذريل اڌ صدي کان ڪم ڪري رهي آهي.سگا جي پاڻ ارپڻ ۽ ٻين ڪارڻ جيئڻ واري جذبي ڪري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڪيترا ئي بي لوث ۽ سچا ماڻهو هن ساٿ ۾ شامل رهيا. اهڙن پيارن ۽ محنتي ماڻهن منجهان سگا ڪنڊيارو سان تعلق رکندڙ محترم محمد لائق کوسو به آهي. هو ۱۰. ۰۸. ۱۹۴۳ع ۾ ڳوٺ شير خان کوسو ۾ پيدا ٿيا. سندس ابتدائي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ کانپوء مٽئرڪ جي تعليم ڪنڊيارو هاء اسڪول مان حاصل ڪيائين. مٽئرڪ جو امتحان ڏيڻ لاء نوابشاھ ويا. ڇو جو ان وقت مٽئرڪ جو امتحان نوابشاه سينٽر ڏانهن وڃڻو پوندو هو. آس پاس جي شهرن جي سهولت ڪا نه هئي. پاڻ گريجوئيشن ۱۹۷۰ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان حاصل ڪيائين. محمّد لائق کوسو کي ننڍي هوندي کان سوشل ڪمن سان ڏاڍي دلچسپي هوندي هئي. پاڻ جڏهن مٽئرڪ پاس ڪيائين. تڏهن پنهجي ڳوٺ ۾ هڪ سوشل تنظيم جو بنياد رکيائون. ته جيئن منهجي ڳوٺ جا نوجوان نسل اعلي تعليم ۽ اعلي ڪردار حاصل ڪري سگهن. ۽ پاڻ تعليم سان تمام گهڻو لڳاء شوق رکندا هئا. ڳوٺ شير خان کوسو ۾ ان وقت پرائمري تعليم جي بلڊنگ منظور ٿيل ڪا نه هئي. سندس جي ڪاوشن سان ڳوٺ ۾ پرائمري تعليم جي بلڊنگ منظور ٿئي. محمّد لائق کوسو کي ۱۹.۰۴.۱۹۶۶ع تي سرڪاري نوڪري جو آرڊر مليو. پاڻ ھيڊ ڪلارڪ سول اسپتال نوابشاه ۾ ڊيوٽي سرانجام ڏيندا هئا. هن جي والد صاحب کي دل جي تڪليف جو آرزو هيو. هن پنهنجي اعلي آفيسرن کي ٻه مهينن موڪل جي درخواست ڏني ته منهنجو والد صاحب بيمار آھي. مون کي موڪل ڏني وڃي جيڪا منظور نه ٿي سگهي. هن پنهنجي والد صاحب جي علاج خاطر اها نوڪري ڇڏي ڏنائين. ان وقت دل جي تڪليف جو علاج صرف ڪراچي ۾ ميسر هو. پاڻ ۱۹۷۱ع ۾ ڪنڊيارو شھر ۾ ميڊيڪل اسٽور کوليائين. ۽ سوشل ڪمن ۾ مصروف ٿي ويو. جڏهن به سگا جو سڏ ٿيندو هو، ڪا گڏجاڻي ٿيندي هئي ته پنهنجو اسٽور بند ڪري اچي اتي پهچندو هو. هو هڪ متحرڪ ڪردار هو ۽ هن کي پيدائشي هئي ته ماڻهن کي گڏ ڪيئن ڪجي، انهن کي سماجي ڪمن تي قائل ڪيئن ڪجي. هن کي ماڻهن کي برداشت ڪرڻ جو اعلي ظرف هو. اهو ئي سبب آهي جو محمّد لائق کوسو تقريبا ۱۱ سال ڪنڊيارو ۾ دوڪاندار ايسوسيشن جو صدر رهيو. ۽ سگا سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جو بنيادي ميمبر طور شامل ٿيو. پاڻ ۸ سال ڪنڊيارو برانچ جا جنرل سيڪريٽري پڻ رهيا. ۽ مرڪز سي سي اي ڪاميٽي جا پڻ ميمبر رهيا. محمّد لائق کوسو سگا سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن تنظيم ۾ رهي ڪري بي لوث خدمتن ڪيون. جنهن جي نتيجي ۾ تعليم لاء وليج ڪميونٽي اسڪول (هوم اسڪول) سگا جي تعاون سان هر هڪ ڳوٺ.۰۱. ڳوٺ شير خان کوسو. ۰۲. ڳوٺ خميسو خان حطار. ۰۳. ڳوٺ غازي خان گوپانگ ۰۴. ڳوٺ سائين ڏنو راڄياڻي.۰۵. ڳوٺ حاجن خان لاکو. جي اڻ پڙهيل نياڻين کي پهرين درجي کان پنجن درجي تائين مفت ۾ تعليم جي زيور سان نوازيو ويو. ڪنڊيارو شهر ۾ روشن تارا اسڪول سگا جي تعاون سان ٻه عدد هنري مرڪز ڳوٺ شير خان کوسو ۽ ڳوٺ حاجي خان کوسو ۾ قائم ڪيا. انهن ھنري مرڪز ۾ غريب ۽ بي سهارا عورتن لاء ھٿ جو هنر ڀرٿ ڪڙهائي ۽ سلائي جو ڪم ڪرايو ويندو هو. انهن بي سهارا ۽ غريب عورتن کي سيکاريو ويندو هو. ۽ سکڻ کانپوء انهن غريب عورتن جي سلائي برٿ کي اسلام آباد جي لوڪ ورثه ميله تائين رسائي ڏئي انهن کي مالي پاڻ ڀرو بڻايو ويندو هو. هنري مرڪزن کي ڏسڻ لاء سگا طرفان محترم بخش علي لاکو صاحب. محترم ولي محمد روشن صاحب. محترم مظهر ميمڻ صاحب. ۽ اسلام آباد مان هڪ تنظيم طرفان مسٽر وليم ميگرل صاحب ۽ محترمه ظاهره بابر ۽ سفينه ميمڻ پڻ وزٽ ڪرڻ کان پوء متاثر ٿيا ۽ وزٽرز نوٽ بوڪ تي اهڙي هنري مرڪز کي بهترين ڪوشش ۽ ڪامياب طريقو لکيو ويو. سگا طرفان مختلف وقتن تي جيڪي به پروگرام ڪيا ويا محمد لائق کوسو سڀني پروگرامن ۾ اڳڀرا رهيا. ۽ تقريبن سڀئي پروگرام ۾ شامل ٿيندا هئا. پوء اهي پروگرام ڀلي ٻارڙن جو عالمي ڏينهن هجي يا ٻيو ڪو سماجي انساني ڀلائي جو ڏينهن هجي. پوليو مھم هجي يا چمڙي جي مفت ڪئمپ هجن يا مفت طبعي ڪئمپ هجن. اها حقيت آھي ته هن سگا لاء جيڪو قيمتي وقت ڏنو. اهو دل جي شوق ۽ جذبي سان ڏنائين. سنڌ گريجوئيٽس ايسو سيئيشن هن جوڌي جوان کي اعلي ڪارڪردگي جي اعزازي سند ۱۹۹۴ع ۾ بي لوث خدمتن جي مڃتا ۾ گريجوئيٽ گولڊ ميڊل سان نوازيو ويو. ان وقت سنڌ جي چيف مينسٽر سيد عبدالله شاھ صاحب انهن کي گولڊ ميڊل ايوارڊ پاريو. محمد لائق کوسو ۱۸ فيبروري ۱۹۹۷ع تي هي فاني جهان ڇڏي ويو. هو سڄي زندگي پاڻ ۽ پنهنجي ٻچن کي پوئتي رکي غريب مسڪين ماڻهن جي بي لوث خدمت ڪندو رهيو. رب پاڪ پنهنجي محبوب مٺڙي محمد مصطفي احمد مجتبي جي صدقي ھن کي جنت ۾ اعلي مقام عطا ڪري. آمين هڪ ٻيو ايوارڊ محمّد لائق کوسو جي وفات کان پوء سندس جي فرزند محترم ذوالفقار علي کوسو کي ان وقت سنڌ جي چيف مينسٽر جناب علي محمد مهر صاحب کان وصول ڪيو. اهڙي طرح خدمت جو جذبو سگا ۾ نسل در نسل روان دوان آهي ۽ انشاءَالله قائم دائم رهندو.
ڪشنچند بيوس جديد سنڌي شاعريءَ جو ”وليم ورڊس ورٿ“ ڪي ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا، اهو جملو اسان هميشه ٻڌو آهي. اهڙو ئي هڪ تاريخي ماڻهو ڪشنچند بيوس پڻ آهي، جنهن جديد سنڌي شاعري ۾ موضوع ۽ فڪر جي نواڻ آندي. ڌارين تشبيهن کان منهن موڙي ڏيهي تشبيهون ڪتب آنديون. هن شمع ۽ پرواني جو ذڪر ڪرڻ بجاءِ ٿڌڙي هير جي جهونڪن جو ذڪر ڇيڙيو. هن پنهنجي شاعري ۾ پنهنجي جنم ڀوميءَ جي جهوپڙين، پکين، جيتن ۽ وڻن جو ذڪر ڪيو، جيڪو سندس شاعريءَ جي لهجي کي عام فهم ڪرڻ لاءِ ڪافي هيو نه ته هن جا همعصر يا پهرين وارا شاعر فارسيءَ جا قصه برزبان ياد ڪيون ويٺا هيا ۽ پاڻ لکڻ ۽ پاڻ سمجهڻ جي ريت نڀايون پئي آيا. ان ماحول ۾ بيوس جي شاعري هوا جو اهو جهونڪو بڻجي آئي جنهن ان غلط رخ ۾ لڙهندڙ شاعري جي ٻيڙي کي اصل رستي طرف لاڙيو ۽ تاريخ بڻجي ويو. سنڌي شاعري ءَ ۾ جدت جو ڏيئو ٻاريو، جنهن کي اڳتي هلي شيخ اياز سج جيان روشن بڻايو. ولادت ۽ حسب نسب: سنڌ جو عوامي شاعر ۽ جديد سنڌي شاعريءَ جو باني ڪشنچند تيرٿداس کتري، تخلص ”بيوس” سن ۱۸۸۵ع ۾ لاڙڪاڻي جي زرخيز زمين تي پهرين اک کولي، سندس پڙڏاڏو ملتان مان لڏي اچي لاڙڪاڻي ۾ رهيو هو، ان ڪري ئي سندن ملتان سان ويجهڙو تعلق پڻ رهيو. بيوس کي ٻه ڀينر ۽ ٻه ننڍا ڀائر هيا۽ اولاد ۾ ٻه پٽ ۽ چار نياڻيون اٿس. تعليم ۽ پيشو: ننڍپڻ ۾ ئي سنڌي اسڪول ۾ داخل ٿيو، جتان سنڌي فائنل پاس ڪيائين، انگريزي، فارسي ۽ هندي تعليم پڻ حاصل ڪيائين، استادي پيشو اختيار ڪيائين جنهن سان مرڻ گهڙيءَ تائين نڀايائين. هو هڪ اعلى آدرشي استاد هو، هن رام پنجواڻي ۽ هري دلگير جهڙا شاعر ۽ اديب پيدا ڪيا. گهڻو وقت وليد اسڪول لاڙڪاڻي ۾ تعلقي ماستر ٿي رهيو، پوءِ شاهه محمد اسڪول لاڙڪاڻي جو هيڊ ماستر بڻيو، جتان فيبروري ۱۹۴۰ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. طبيعت ۽ تخلص: نماڻپ ۽ نهٺائي هن جي طبيعت ۾ ننڍپڻ کان ئي شامل هئي، شرميلو ۽ حجابي رهيو، ايتري حد تائين جو جڏهن به کيس ڪنهن شاعرانه محفل ۾ شعر پڙهڻ لاءِ گهرايو ويندو هو ته پاڻ نه ويندو هو پر پنهنجو شعر موڪلي ڏيندو هو.پنهنجو تخلص ” بيوس” شايد ان ڪري به مناسب سمجهيائين جو هن سمجهيو ٿي ته انسان ڪيترو به با اختيار ڇو نه بڻجي وڃي پر فطرت جي آڏو ڪٿ نه ڪٿ بيوس بڻجي ويندو آهي.اهو ئي سبب آهي جو پاڻ کي بيوس، ويچارو، نماڻو، مسڪين ۽ نٻل ڪوٺرايو. سياسي ۽ سماجي لاڙو: بيوس مهاتما گانڌيءَ جو پوئلڳ هو ۽ ڪانگريس سان وابسطه رهيو، گانڌيءَ جي نظريئي موجب هميشه کاڌيءَ جا ڪپڙا پائيندو هو ۽ ديسي شيون استعمال ڪندو هو. گانڌيءَ لاءِ هي شعر چيو اٿس: ”سملي جي اوچائيءَ وارو، اوچو تنهنجو شان گانڌي چوٽ بلنديءَ تي پهچايو، ڪانگريس نشان گانڌي” گانڌيءَ کان پوءِ بيوس رابندرناٿ ٽئگور جي شخصيت مان متاثر هيو، ٽئگور جو ڪتاب ”ساڌنا” سمجهڻ ۽ پڙهڻ خاطر بيوس باوجود وڏيءَ عمر هجڻ جي انگريزي سکيو. هر آچر تي پنهنجي سنگت کي ٽئگور واري سکيا ڏيندو هو ته دنيا جي هر نظاري مان خوشي ۽ آنند ڪيئن حاصل ڪجي، حياتيءَ جي هر پهلوءَ مان راضپو ۽ سک ڪيئن تلاشجي. مصيبتن جو مرڪي مقابلو ڪرڻ جو درس هن طرح ڏنو اٿس: ”اک لڙڪ سان، منهن مرڪ ڀريو ياد ڪنداسين فرحت ڀري دنيا ۾ نه فرياد ڪنداسين.” شوقيه پيشو: استادي کان علاوهه بيوس حڪمت جو ڪم به ڄاڻندو هو، جيڪو کيس ورثي ۾ مليو هو، رٽائرمينٽ کان پوِءِ بيوس ” هوميو پيٿي” طريقي سان حڪمت شروع ڪئي هئي، اڄ جي ڪاسائي ڊاڪٽرن جيان نه هو، غريب غربي جو مفت علاج ڪندو هو. بيوس جو حڪمتي رايو هو ته ڳائو کير کائڻ سان ڪمزور ٿيل نظر ٻيهر تيز ٿي سگهي ٿي، ان کي نظر ۾ رکندي بيوس هڪ ” ڀاڳيا اسڪيم” ٺاهي هئي، جنهن لاءِ لاڙڪاڻي جي ويجهو پلاٽ به خريد ڪيو هئائين پر زندگي جي بي وفائي ان اسڪيم کي اڌ ئي رهيل رکيو. شاعري ڏانهن لاڙو: ڏات ته بيوس جي من اندر اوتيل هئي ۽ ڏانءَ کان روشناس ٿيندو رهيو پر سن ۱۹۰۰ع ۾ ڦوهه جواني کان شاعري جي شروعات ڪيائين، شاگردي دور ۾ هڪ رات برسات جي ڇم ڇم کان متاثر ٿي شعر لکيو هئائين ۽ لکندي لکندي ڪرسيءَ تي ئي ننڊ اچي ويس، جيڪو رات جو ئي هاسٽل سپريڊينٽ پڙهي ورتو ۽ صبح جو پنهنجي آفيس ۾ گهرائي پٺي ٺپيندي چيو هئاينس، ” بيوس! ڪنهن ڏينهن اعلى درجي جو شاعر ٿيندين.” اهو شعر هتي پيش ڪجي ٿو: ”اڄ، مڙي بادل کڙي آيا، ٽڙي ٽانگر به خوب پڻ چڙي ٺاري نڙي، گهر ۾ گهڙي ٿڌڪار ۾.” شاعريءَ جا موضوع: بيوس جي شاعري۾ هر فڪر ۽ خيال سمايل آهي، پر ان وقت جون سماجي ۽ سياسي تبديلين جو اثر پڻ هن جي شعر تي نظر اچي ٿو، هتي انهن مان ڪجهه جو مختصر ذڪر هتي پيش ڪريون ٿا. ۱. قومي جذبو: بيوس جي زماني ۾ خلافت هلچل، ڪانگريس تحريڪ، آزاديءَ جي تحريڪ، هاري حقدار هلچل، هندو مسلم ايڪتا ۽ ٻيون تحريڪون هليون پئي، ان ڪري بيوس جي شعر ۾ پڻ قومي درد جو جذبو موجود آهي. ” اهي مائرون ڀلي مرڪن، جي ٻاروتن ۾ لولي ڏين ته صدقي ديس تان تن من، ڪرڻ جهڙي نه ٻي خدمت. ڇڏي واپار ڌنڌن کي، ڏئي تالا مدرسن کي اچن گڏ ملڪ جي سڏ تي، ڦٽائي عيش ۽ عشرت” ۲. روحانيت ۽ تصوف: بيوس جي ڪافين ۽ ڪتاب ” سامونڊي سپن” ۾ صوفي فڪر تي طبع آزمائي ٿيل آهي ، ”پڃري آدم دي وچ ڪيئن آئين، هئين ته شير خدائي يار هئين ته مرغ هوائي يار” بيوس طبيعتن ڀي فقير منش هو، حقيقي يار جي ڳولا ۽ ان سان ملڻ جي تڙپ هن جي شعرن ۾ نظر اچي ٿي. ” لالڻ لقاءُ تنهنجو، هر جا نظر اچي ٿو، توکي ڏسان ٿو آڏو، دشمن اگر اچي ٿو.” ..... ” گهُر نه هرگز، گهرج اندر ناقصائي جو نشان فڪر بيوس ڪر فنا، طلب و تمنا واسطي.” ۳. جيون ڪوتا: بيوس گرونانڪ جي جيون ڪوتا پڻ رچي، ان کان علاوهه تلڪ مهراج، ڀڳت ڪنور رام، وشنداس قمبر واري، راڻي پرتاب سنگهه ۽ ٻين جي زندگيءَ تي مرثيا ۽شعر چيا اٿس. وشنداس قمبر واري جي پرلوڪ پڌارڻ تي هي: ” هو هليا هنگلاج ڏي، سامي سفر پورو ڪري، ٿو قمبر ڪيهون ڪري، اڄ ڳاٽ ڳوڙهن سان ڀري.” ۴. فطرت: فطرتي منظرن جي عڪسيت يا محاڪات بيوس جي شاعري ۾ چپي چپي نظر اچي ٿي، هتي ڪجهه مثال بيان ڪجن ٿا. ” کير ڌرتيءَ تي وهائي، ٿي سهائي راتڙي” ”سبز پوشي، مخملي تهه، آهه ڌرتيءَ تي چڙهيو.” ”واسينگ ڦڻ پٽن ٿا، هڪ ٻئي سان مڻ مٽن ٿا.””سهڻا لغڙ سدائين ٿو انڊلٺ مان ٺاهين!” ” جڏهن وڻن ۾ واءُ اچي ٿو، پن پن مان پڙلاءُ اچي ٿو.” ” ساهه اندر جو ساهه کڄي ٿو، بيوس من ۾ ناد وڄي ٿو.” ۵. موجي گيت/ٻاراڻي شاعري: حياتيءَ جا پويان ۱۰ سال بيوس ٻاراڻِي شاعري کي ارپيا، ٻارن لاءِ لکيل سندس اهي گيت ايترا ته سولا ۽ ترنم ۽ رڌم سان ڀرپور آهن جو درسي ڪتابن کان وٺي سنڌي گيتن تائين بيوس ئي بيوس نظر اچي ٿو. ”ڦوڪي ڦاڙ نه ڦوڪڻو، منهنجو اهي ملوڪڻو” ”اچو ته ننڍڙي ريل هلايون، باهه ببوءَ ۾ دود دکايون” ”آءُ لهي تون تارا آءُ، مونسان گڏجي ماني کاءُ، ڇو مچڪائين خالي وات، ٽمڪ ٽمڪ تاريلي رات.” ”تارن ۾ تولاءِ گهڙيال، وقت جو جنهن مان جاچين حال.” ”مٺڙا گهوڙا اوري آءُ، خوب خوشيءَ سان داڻو کاءُ.” ”آيو پاڻي ليٽ ڪري، ڪاغذ جي هي ٻيڙي تري، ڪاريگر جي ڪاڻ نه ڪائي، مون هيءَ پنهنجي پاڻ بنائي، ڦوڪ ڏيڻ سان لهرون ٺهنديون، ٻيڙيءَ کي سي اڳتي نينديون، ڪين ڪمائي ڀاڙو ڏيندي، مفت ۾ ايندي ، مفت ۾ ويندي.” ۶. سماجي براين خلاف شاعري: بيوس وياج، زميندار جي داداگيري، جوا، شراب، بيروزگاري، ڌيءُجنم ۽ ٻين سماجي براين کي پڻ پنهنجي شاعري جو موضوع بڻايو آهي. ”خون مسڪيني ٿي چوسيو، سَودخورن ڄور جيان، گهرج جي گهوٻي لڳي ۽ وياج جو وارو وريو.” ”جي زميندار پليا تنهنجي پگهر پورهئي تي، سي سگهيا قدر نه تنهنجو سڃاڻي ڪڙمي.” ”چار پيسا تيل کاتي، چار ڏوڪڙ تيل تي، ٿي لڳي کوٽي کڻت ۾، ٿي بڻيو کوٽو کنڌو.” ”هن طرح حاصل ڪيل، تعليم ڏيوالو ڏنو، مُور موڙيءَ جو ته ڇڏ، پر وياج جو لاهي نه بار.” ”تنهنجي ڄمڻ تي، ٿو وڃي راڪاس گهر گهمي، تنهنجو پلڻ، جيئڻ، نپڻ، جنجار استري.” ”کٽندڙ جو ٿئي، اڌ منهن ڪارو، هارائيندڙ جو سارو ڪارو.” ۷. ناصحانه شاعري: بيوس قدرت جي عام نظارن کي به اهڙي ته دلڪش منظر ۾ تبديل ٿو ڪري جو دل ٿڌڙي هير بڻجي، اسر ويلي باغ ۾ ڇٻر تي پنڌ ڪندي نظر اچي ٿي. قدرتي جيت جڻين جي تمثيل کي جيئرو ڪرڻ ته ڪو بيوس کان سکي. تڏ ۽ ماکيءَ جي تمثيل مان ڏکين ڏينهن لاءِ جمع ڪرڻ جو سبق ڏنو آهي. سندس هڪ ٻيو نظم ” آڱريون ۽ منڊي” پڻ وڏائي نه ڪرڻ جي صلاح ڏئي ٿو. دورانديشي ۽ نياز نوڙت تي لکيل بيوس جا مٿيان ٻئي نطم ناصحانه شاعري جو مثال آهن. ادبي ملڪيت/سرمايو: سندس هيٺيان ڪتاب ملن ٿا. ”شيرين شعر”، ”سامونڊي سپون”، ڦولداني”، ”شعر بيوس”، گرونانڪ جي جيون ڪوتا” جن کي گڏي سيد محمود شاهه بخاري پاران ۱۹۹۱ع ۾ سندس ڪليات ” ڪلياتِ بيوس” جي نالي سان شايع ڪرايو ويو. نثر جا موضوع: بيوس شعر سان گڏوگڏ ڪيترائي ناٽڪ پڻ لکيا. جن ۾ ”سورداس”، ”خوبصورت بلا”، ”پرت پوڄارڻ”، ”هرشچندر” ۽ پرهلادليلا قابل ذڪر آهن، بيوس جا لکيل ڊراما گهڻي قدر هندي ۽ اردو ڊرامن جو ترجمو آهن. بيوس جيڪي به ترجما ڪيا يا نثر لکيو، ان ۾ به سندس ٻولي ٺيٺ سنڌي ۽ انداز شاعراڻو هيو، ايتري حد تائين جو مڪالمن ۾ به تجنيس حرفي جو بار بار استعمال ڪري موضوع ۽ مڪالمي ۾ نئون روح ڦوڪي ڇڏيو. موڪلاڻي: جيون جي پوين سالن ۾ اڪيلائي پسند ٿي ويو، لاڙڪاڻي جو ”گيان باغ” سندس آرام ۽ سڪون جو مسڪن رهيو، پويان ڏهه سال ٻارن لاءُ گيت لکيائين. خلق خدا جو ڀلو سوچيندي آخر ۲۳ سيپٽمبر ۱۹۴۷ع تي پرلوڪ پڌاريائين. جديد سنڌي شاعري جي شروعات: بيوس جا همعصر يا اڳ وارا جيڪي به مشهور ۽ نالي چڙهيا شاعر هيا، تن ۾ سواءِ خليفي گل محمد جي، سڀني جي ترڪيبن، تمثيلن، تشبيهن، استعارن ۽ عڪسن ۾ ايراني شاعري جو رنگ ڪوٽان ڪوٽ ڀريل هو. جن ۾ قاسم، فاضل ۽ حامد ته قابل ذڪر نالاآهن. فارسي شاعريءَ کي افضل سمجهڻ کان وٺي، ان جي اثر ۾ طرحي مشاعرا ڪرڻ ۽ پاڻ کي فارسيءَ جو ڏاهو پيش ڪرڻ واسطي فارسيءَ جا ڏکيا لفظ چونڊي چونڊي پنهنجي شعر ۾ شامل ڪرڻ کي باعثِ فخر سمجهيو ويندو هو. حامد ۽ سانگي وغيرهه سسئي ۽ مارئي ءَ کي ڳائيندي ٿري ۽ لوڪ رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پر پوءِ به ان ۾ ڌرتيءَ جو رنگ شامل ٿي نه سگهيو پر ايرانيت واري ڌاريائپ جي ڌپ پئي آئي. ايراني اصطلاح جهڙوڪ، گل و بلبل، ساقي پيماني، چمن گلستان، باغ و گلشن ۽ محبوب جي خدوخال ۾ مصروف هيا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌي شاعريءَ ۾ ايراني، عربي ۽ ترڪستاني شاعري مان نيون صنفون، خيال، فڪر ۽ خاص علم العروض داخل ٿيو پر ان جو مطلب اهو هرگز نه هجڻ کپي ها ته انهن شيرازي گلستانن ۽ عربي خيابانن ۾ سنڌي شاعر ايترو گم ٿي وياجو کانئن پنهنجي ڀلاري ڀونءِ جو جوڀن، ماروئڙن جا مال، غريبن جون جهوپڙيون جن مان جڏهن صبوح جو سج لڪي ليئا پائي، کوهه ۾ ٻڌل نار، وڻجارن جي ونين جو اڪيلاين سان ونواهه، انبن جي ٻور مٿان ويٺل چَتون، ڪينجهر کان ڪارونجهر جو حسن، ڀٽن تي ٽلندڙ مور پکي ۽ منڇر جي پيٽ ۾ اڏامندڙ پکين جا نظارا سڀ وسري ويا. ان دور جي بيٺل پاڻي ۾ بيوس مسلسل ڪنڪر اڇلي هڪ تحرڪ پيدا ڪيو، جيڪو اڳتي هلي سنڌي شاعري ۾ تبديليءَ جو سبب بڻيو. انگريزي ادب ۾ وليم ورڊس ورٿ ۽ سيميوئل ڪالرج جيئن بيوس به سنڌي ادب جي آبياري ڪئي ۽ ان ۾ تازگي آندي ۽ شعر ۾ قدرتي نظارن کان وٺي مٽيءَ جي خوشبو تائين پنهنجي ئي ڌرتيءَ جو رنگ رچايو. جنهن کي پوءِ شيخ اياز ۽ ان جي همعصرن عروج تي پهچايو. اسان ڪشنچند بيوس کي جديدسنڌي شاعريءَ جو وليم ورڊس ورٿ چئي سگهون ٿا. جديد سنڌي شاعري ءَ ۾ ڪشنچند بيوس جو ڪردار: بيوس سنڌ جو پهريون شاعر آهي، جنهن گل و بلبل جهڙن بي روح ايراني اصطلاحن کي پيرن هيٺان چيڀاٽي وليم ورڊس ورٿ جيان قدرت جي نظارن کي شاعريءَ جو موضوع بڻايو. هن تقليد پرستيءَ جي قطار مان ٻاهر نڪري غير مقلد ٿي ”انالحق” جو علم بلند ڪيو. بيوس جي شروعاتي شعر تي فارسي جو اثر پڻ رهيو پر هن عظيم استاد پنهنجي ڌرتيءَ جي لوڪ رنگ کي پنهنجي موزون شعر ۾ عڪسي نئين روايت قائم ڪئي. جاري روايتي راند جا وکر ٽوڙي فارسي ۽ عربيءَ جي مقلدن جي صف مان ٻاهر نڪري آيو ۽ پنهنجي سنهنجي جو اصول اپنايو. هن جي ئي نغمن کان جديد فطري ۽ قومي شاعري جو دور شروع ٿيو. ان وقت جي وڏن عالمن ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ علامه دائود پوٽي ان کي شعر جي تاريخ جو انقلاب ڪوٺيو. بيوس نقل تان اصل ڏي لاڙو ڪيو. جديد خيالات ۽ ڪي قدر ترقي پسند لاڙا متعارف ڪرايا. بيوس پنهنجي شعر ۾ ادبي خوبين/ فن/ فڪر/ صنعتن تي پڻ ڌيان ڌريو. پراڻي دور واري شاعري سڀ جي سمجهڻ جي وس جي ڳالهه نه هئي بيوس فن جي پختائي کي هلڪو رکندي به خيال جو خاص خيال رکيو، هن جو لهجو اوپرو نه پر پنهنج لڳي ٿو. هن جي شعر ج نرم نرم ڇهاءُ من اندر ۾ لهي وڃي ٿو اهو ئي سبب آهي جو اڄ جا شاعر ڀي بيوس جي ڇهيل موضوعن تي عروضي شعر لکي پنهنجو نانءُ ڪمائن پيا. ڪشنچند ”بيوس“ ميمڻ عبدالغفور سنڌي ديوان ڪشنچند ”بيوس“ پٽ تيرٿ داس کتري، ۷ ڦاڳ سنبت ۱۹۴۱ مطابق ۱۹ مارچ ۱۸۸۵ع تي لاڙڪاڻي شهر جي ”ميمڻ محله“ ۾ ڄائو. سندس پتا حڪيم هو. ننڍپڻ کان ئي هن نينگر جي تربيت نهايت ئي سليقي سان ٿي. مگر پاڻ اڃا سنڌي چوٿون درجو پڙهي رهيو هو، ته سندس پتا پرلوڪ پڌرايو؛ جنهن ڪري هندو نظريي مطابق ڪنهن کان بيک مڱڻ بجاءِ، پاڻ تي انحصار ڪري، سنڌي ورنيڪيولر (فائينل) امتحان پاس ڪرڻ بعد ماستر مقرر ٿيو. ملازمت دوران سکر دادو، جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي جو چپو چپو گهميو. پڇاڙيءَ ۾ تعلقي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ وليد عباسيءَ ۾ رهي، هيڊ ماستر جي عهدي تان ۱۹۴۴ع ۾ رٽاير ڪيائين. ننڍپڻ کان ئي هن نينگر جي طبيعت موزون هئي؛ جنهن ڪري ”بيوس“ تخلص سان ٺهه پهه شعر جوڙيندو رهيو. سندس شاعري اڻامٽ اُصولن تحت ترتيب ڏنل هئي. ”بيوس“ جيتوڻيڪ لاڙڪاڻي جو رهواسي هو، مگر لاڙڪاڻي جي شاعراڻي اسڪول سان سندس وابستگي نه هئي؛ جنهن سان حاجي محمود ”خادم“، نواز علي ”نياز“ جعفري ۽ ٻيا شاعر وابسته هئا. سندس شاعري حالانڪ عروض جي فن ۾ ضرور آهي، پر مضمون ۽ مقصد جي لحاظ کان بالڪل مختلف نوعيت جي نظر اچي ٿي: عروض جي فن کان ”بيوس“ ڪي قدر اڻ واقف هو؛ انهيءَ ڪري سندس شعر ۾ عروضي قاعدن ۽ ضابطن جون اڪثر اوڻايون ڏسجن ٿيون. البته شعر ۾ مضمون جي خيال کان کيس منفرد حيثيت حاصل آهي. هن پنهنجي شعر ۾ پنهنجي وطن ۽ اُن جي مختلف شين جي جاءِ بجاءِ واکاڻ ڪئي آهي ۽ عوام کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ قومي شاعريءَ کي اوليت ڏيندي، عوام جي جذبات ۽ احساسات جي پوري پوري ترجماني ڪئي آهي. اِهوئي سبب آهي جو ”بيوس“ کي ’جديد شاعريءَ‘ جو بنيادي شاعر تسليم ڪيو وڃي ٿو. ديوان ”بيوس“، ايراني شاعريءَ جي تقليد گهٽ ڪري ٿو ۽ ان جي بدران پنهنجي وطن جي شين جون تشبيهون آڻي ٿو. سندس نظمن مان ”جهوپڙي“ هڪ شاهڪار جي حيثيت رکي ٿي. پاڻ علامه اقبال ۱۸۷۷ع – ۱۹۳۸ع) ۽ ڪن ٻين اردو شاعرن جي شعر جا سنڌي زبان ۾ ترجما به ڪيا اٿس. اُن هوندي به سندس شاعري سنڌي شعر جي تاريخ ۾ ”جديد شاعريءَ جو سنگ - ميل“ چئي سگهجي ٿي. ”بيوس“، ڪانگريس ۽ خلافت جي تحريڪن جو به سرگرم ڪارڪن ٿي رهيو. پاڻ مهاتما موهنداس ڪرمچند گانڌي (۱۸۶۹ع – ۱۹۴۸ع) جو بيحد عقيدتمند ۽ شش هجڻ سان گڏوگڏ ”هندو مسلم ايڪتا“ جو حامي پڻ هو. سندس شاگردن ۾ هوند راج ”دکايل“ ۽ پروفيسر رام پنجواڻيءَ جا نالا سر- فهرست آهن. ديس جي شين سان پيار هوس. ولايت جون ٺهيل عمديون شيون به تڇ سمان ڄاڻندو هو. پڇاڙيءَ ۾ پيءُ جي ڇڏيل ورثي (حڪمت) کي باقاعده ڪري ورتائين. مارچ ۱۹۳۳ع ۾ ”سنڌي ساهتيه سميلن“ ۾ سندس ڪارائتن خيالن کي خوب اهميت ملي. سندس ڪلام سنڌ خواهه هند مان نڪرندڙ رسالن ۾ ڪثرت سان ڇپجندو رهيو. ”سيرين ڪلام“ (۱۹۳۳ع) ۽ ”هئملٽ“ (ڊرامو) نصاب طور سنڌ ۾ پاڙهيا ويندا هئا. کيس ۲۳ سيپٽمبر ۱۹۴۷ع تي لاڙڪاڻي ۾ اگني سنسڪار ڪيو ويو. ”محبوب طبع“، ”سامونڊي سپون“، ”ڦولداني“، ”بهارستان“، ”انڊلٺ“، ”پرت پوڄارڻ“ ۽ ”گرونانڪ جيون ڪوتا“ ڪتابن کان علاوه نون ڊرامن جو ليکڪ پڻ هو. هيٺ سندس ڪلام جو نمونو ڏجي ٿو:- رام چئون رحيم چئون، مطلب ته سڌو الله سان آهه، دين چئون يا ڌرم چئون، منشا ته اُنهيءَ جي راه سان آهه، عشق چئون يا پريم چئون، اِنڇا ته اُنهيءَ جي چاه سان آهه، ساڌو بڻون، يا سالڪ ٿيون، مقصد ته دل آ گاهه سان آهه، اکرن جي اوجهڙ ۾ اڙجي مفت نه دل آزاري ڪر؛ جان وجهي بي جان- اکر ۾ ڪجهه مطلب تي ڌيان به ڌر، قومي گيتن کي جنم ڏيڻ ۽ عوامي جذبات ۽ احساسات جي ڀرپور عڪاسي ڪرڻ ۾ ”بيوس“ پيش پيش رهيو آهي. سندس خاص نظمن ۾ ”جهوپڙي“ هڪ شاهڪار جي حيثيت رکي ٿي. ڪشنچند “بيوس” جي ٻارن جي لاء ڪيل شاعري آزاد انور ڪانڌڙو ڪشنچند “بيوس” جو شمار ۲۰ هين صدي جي سنڌي ٻوليءَ جي نامور شاعرن ۾ آهي. کيس جديد سنڌي شاعريءَ جو باني سڏجي ته ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو. ڪشنچند بيوس جا پهرئين کان ڏهين ۽ انٽر تائين سنڌي نصاب ۾ شامل گيت، نظم يا ٻاراڻا ٻول هر سنڌي شاگرد کي اڄ به ياد آهن. اڪثر شاگردن کي انهن گيتن ، نظمن جي خالق شاعر ڪشنچند “بيوس” جو شايد ئي پتو هجي. ڪشنچند “بيوس” ۲۵ فيبروري ۱۸۵۸ع ۾ لاڙڪاڻي جي کتري خاندان ۾ پنهنجي دور جي مشهور حڪيم تيرٿداس کتري جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس امڙ به حڪمت جو ڪم ڪندي هئي. بيوس يارنهن سالن جو مس هو ته سندس والد وفات ڪري ويو ۽ ننڍپڻ ۾ ئي گهر جو بار مٿس پيو. فائنل پاس ڪري سنڌي ماستر ٿيو ۽ ٽريننگ ڪاليج جي تعليم مڪمل ڪري لاڙڪاڻي جي هڪ اسڪول ۾ هيڊ ماستر ٿيو. هن ۱۹۳۵ع لاڙڪاڻي ۾ بيوس شفاخانو کوليو. پاڻ به پنهنجي والد ۽ امڙ وانگر وقت جو سٺو حڪيم هيو. ۱۹۳۷ع ۾ ميونسپالٽي جي اسڪول بورڊ جو صلاحڪار بڻيو. کيس شاعريءَ جو شوق ننڍي هوندي کان هو. بيوس ورهاڱي کان اڳ ۱۹۴۰ع کان ۱۹۴۷ع تائين لاڙڪاڻي جي گيان باغ ۾ هفتيوار ادبي ڪلاس هلايا. هو بنگال جي عظيم شاعر رابيندر ناٿ ٽئگور کان تمام گهڻو متاثر هو ۽ ٽئگور جي شاعريءَ جو سنڌي ترجمو ڪري سنڌين کي ٽئگور جي شاعري ۽ شخصيت سان روشناس ڪرايو. هن ڪيترا ئي ناٽڪ به لکيا. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ شيرين شعر ۱۹۲۹ع، سامونڊي سپون ۱۹۲۹ع، گرو نانڪ جيون ڪٿا ۱۹۳۵ع، موجي گيت ۱۹۳۵ع، ڦولداڻي ۱۹۳۹ع، شعر بيوس ۱۹۵۱ع، بيوس گيتانجلي ۱۹۶۰ع ڇپيل آهن. ڪشنچند “بيوس” ۲۳ سيپٽمبر ۱۹۴۷ع تي ديهانت ڪري ويو. سندس شاگردن ۾ رام پنجواڻي ۽ هوندراج دکايل وڏي مقبوليت ماڻي. گيت ڌڻيءَ جا گڏجي ڳايون گيت ڌڻيءَ جا گڏجي ڳايون! جو ٿو ٿڌڙا مينهن وسائي، باغن ۾ جو انب پچائي، ويس گلن کي جو پهرائي، ان پچائي، گاهه اپائي، عرش ۾ جو تارا ٽمڪائي، تنهن مالڪ کي سڀ ساراهيون، گيت ڌڻيءَ جا گڏجي ڳايون! (سنڌي پهريون ڪتاب ۲۰۱۶ع ) ڌڻيءَ جي وڏائي (حمد) ڏسي دنيا ۾ عجب نظارا، سائينءَ جي سگهه سمجهه پيارا، اڀ ۽ ڌرتيءَ تي اسرار، جوڙيا سائينءَ سڀ جنسار. وڻ ٽڻ ٻوٽا ڌڻيءَ اپايا، قسمين قسمين پن بنايا، گل ڦل ميوا ڪئين گلزار، جوڙيا سائينءَ سڀ جنسار. جبل، نديون ۽ چشما، لاهه، سمنڊ ، تلاءَ ۽ ڍنڍون، واهه، برف، ڳڙا سڀ ڌارو ڌار، جوڙيا سائينءَ سڀ جنسار. اڀ ڏي ٿوري نظر ڪريو، سج چنڊ تي پڻ ڌيان ڌريو، سهڻي تارن سندي قطار، جوڙيا سائينءَ سڀ جنسار. راتين پٺيان ڏينهن اچن، جهڙن پٺيان روز روشن، ڪڏهن چانڊوڪي ڪڏهن ڪار، جوڙيا سائينءَ سڀ جنسار. جڳ جو چرخو عجب چلي، سڀڪو چئي ٿو بَلي بَلي، ڪري نه ڪوئي سگهي شمار، جوڙيا سائينءَ سڀ جنسار. (سنڌي ٽيون ڪتاب ۲۰۱۵ع ) تنهنجي ساراهه سڀ ڪن تنهنجي ساراهه ، قدرت وارا! نرمل جوتي نور نظارا، قدرت وارا! ڪوٽان ڪوٽ بڻايئه ڌرتيون ، سهسين سج چنڊ تارا، جن جو انت نه پارا ، قدرت وارا! گلن اندر سرهاڻ ڌرين ٿو ، موتين سان مهراڻ ڀرين ٿو، هيرا لعل هزارا ، قدرت وارا! جڏهن وڻن تي واءُ اچي ٿو، پن پن مان پڙلاءُ اچي ٿو، ڇم ڇم جا ڇمڪارا ، قدرت وارا! چهنب چتن ۽ چيهن کولي ، بلبل ڪوئل ٻولي ٻولي، مور نچن ناميارا ، قدرت وارا! عجب بنايا بجليون بادل ، بوندون برس برس ڪن بادل، واڄٽ ڪن وسڪارا ، قدرت وارا! ساهه اندر جو ساهه کڄي ٿو، “بيوس” سائينءَ ناد وڄي ٿو، نوبت نيهن نظارا ، قدرت وارا! ڦوڪڻو ڦوڪي ڦاڙ نه ڦوڪڻو، منهنجو آهي ملوڪڻو، ڦاٽي پوندو ، سبي نه سگهبو، کوئنر لئيءَ سان لنبي نه سگهبو، ٽنڪر ڏيندو ٽوٽڻو، ڦوڪي ڦاڙ نه ڦوڪڻو. نرم ڏسين ٿو ڪهڙو آهي، جنسي ريشم جهڙو آهي، هلي هوا ۾ ڌوڪڻو. ڦوڪي ڦاڙ نه ڦوڪڻو. خالي آهي کلڙيءَ جهڙو، منهن وٽ آهي، نلڙيءَ جهڙو، جنهن کي چئجي چوپڻو. ڦوڪي ڦاڙ نه ڦوڪڻو. ڦوڪڻ سان هي گولو بڻندو، ڇڏي ڏيڻ سان سيٽي هڻندو، ڪُوڪُو ڪندو ڪُوڪڻو. ڦوڪي ڦاڙ نه ڦوڪڻو. منهنجو آهي ملوڪڻو. ڦوڪي ڦاڙ نه ڦوڪڻو. ڪاغذ جي ٻيڙي آيو پاڻي ليٽ ڪري، ڪاغذ جي هي ٻيڙي تري، ڪاريگر جي ڪاڻ نه ڪائي، مون هيءَ پنهنجي پاڻ ٺاهي. ڳن نه ڏيندي ، ونجهه نه هڻندي، منهنجي ٻيڙي بار نه کڻندي. توڙي واءُ سڻائو گهلندو، هن ٻيڙي جو سڙهه نه کلندو. ڦوڪ ڏيڻ سان لهرون ٿينديون، ٻيڙيءَ کي سي اڳتي نينديون. بندر هاڻي اوڏو آهي، ٻيڙي کيپ ڇڏيندي آهي. ڪين ڪمائي ڀاڙو ڏيندي، مفت ۾ ايندي مفت ۾ ويندي. (بتاريخ ۱۷ جولاء ۲۰۱۹ع تي، روزاني ڪاوش حيدرآباد ۾ ڇپيل) ڪشنچند بيوس جديد سنڌيءَ جو ورڊس ورٿ صدام جوکيو جديد سنڌي شاعري ۾ قوم ۽ وطن جي تهذيبي ۽ ثقافتي سڀاءَ، ماحول ۽ مزاج جي ماهيت جي عڪاسي سادن، سودن، سولن، سندر ۽ سليس لفظن ۾ ڪندڙ. سنڌ ۽ سنڌي ماحول جا ڏيک، ڏسائون، ماڳ مڪان، ڪردار، ڪنايا، استعارا، تشبيهون ۽ ترڪيبون پنهنجي ڪلام ۾ پيش ڪندڙ، سنڌ جي تهذيب، تمدن، تاريخ ۽ موجوده ماحول منجهان موصوع چونڊي سنڌي شاعريءَ کي جدت جو رنگ ارپيندڙ ۽ جديد سنڌي شاعريءَ جي پيڙهه جو پٿر رکندڙ سنڌ جي عوامي شاعر ڪشنچند بيوس تاريخ ۲۵ فيبروري ۱۸۸۵ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو هو. هن پنهنجو تخلص بيوس چونڊ ڪيو هو. بيوس جي والد جو نالو تيرٿ داس کتري هو، جيڪو پاڻ هڪ بهترين حڪيم هو. بيوس جا وڏا ملتان مان لڏي، لاڙڪاڻي شهر ۾ اچي رهيا هئا. پيءُ جي وفات کان پوءِ بيوس جي ماءُ محترمه گهر ۾ حڪمت ڪرڻ لڳي، کيس پاڙي وارا ”ڏاهي“ ڪري چوندا هئا. بيوس کي ٻه وڏيون ڀينرن ۽ ٻه ننڍا ڀائر هئا، ننڍپڻ ۾ ئي کيس سنڌي اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو، جتان سنڌي فائنل پاس ڪيائين، انگريزي، فارسي ۽ هندي تعليم پڻ حاصل ڪيائين، بيوس پورهيت ماءُ جي خرچ تي پرائمري ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج ۾ پڙهندو هو. تعليم کان پوءِ استاديءَ جو پيشو اختيار ڪيائين، هي هڪ اعلى آدرشي استاد هو. هن ڪيترائي بهترين شاعر ۽ اديب پيدا ڪيا ۽ جدت جي اهڙي لاٽ ٻاريائين جنهن جي روشني تي هلي هوند راج دکايل، هري دلگير، نارائڻ شيام ۽ شيخ اياز جهڙا اعليٰ پايي جا شاعر پيدا ٿيا. جن جديد سنڌي شاعريءَ جي ميدان کي بڻائي ڇڏيو. ڪشنچند بيوس وليد اسڪول لاڙڪاڻي ۾ ماستر جي حيثيت سان وڏو عرصو خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ پوءِ شاهه محمد اسڪول لاڙڪاڻي جو هيڊ ماستر بڻيو، جتان فيبروري ۱۹۴۰ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. بيوس مهاتما گانڌيءَ جو پوئلڳ هو ۽ ڪانگريس سان وابسته رهيو، گانڌيءَ جي نظريي موجب هميشه کاڌيءَ جا ڪپڙا پائيندو هو ۽ ديسي شيون استعمال ڪندو هو. گانڌيءَ کان پوءِ بيوس رابندرناٿ ٽئگور جي شخصيت مان متاثر هيو، ٽئگور جو ڪتاب ”ساڌنا” سمجهڻ ۽ پڙهڻ خاطر بيوس وڏيءَ عمر هجڻ جي باوجود به انگريزي سکيو ۽ لاڙڪاڻي جي گيان باغ ۾ ۱۹۴۰ع کان ۱۹۴۷ع تائين هفتيوار ادبي ڪلاس هلائي، ٽئگور جي شخصيت ۽ شاعريءَ تي ليڪچر ڏيندو هو. استادي کان علاوه بيوس حڪمت جو ڪم به ڄاڻندو هو، جيڪو کيس ورثي ۾ مليو هو، رٽائرمينٽ کان پوِءِ بيوس ”هوميوپيٿي“ طريقي سان حڪمت شروع ڪئي هئي، سندن غريبن ۽ محتاجن جو همدرد هو مفت ۾ علاج ڪندو هو. بيوس جو حڪمتي رايو هو ته ڳائو کير کائڻ سان ڪمزور ٿيل نظر ٻيهر تيز ٿي سگهي ٿي، ان کي نظر ۾ رکندي بيوس هڪ ”ڀاڳيا اسڪيم” ٺاهي هئي، جنهن لاءِ لاڙڪاڻي جي ويجهو پلاٽ به خريد ڪيو هئائين پر زندگي جي بي وفائيءَ سبب ان کي تڪميل نه ملي سگهي. سن ۱۹۰۰ع ۾ ڦوهه جواني کان شاعري جي شروعات ڪيائين، شاگردي دور ۾ هڪ رات برسات جي ڇم ڇم کان متاثر ٿي شعر لکيو هئائين ۽ لکندي لکندي ڪرسيءَ تي ئي ننڊ اچي وئي هيس. هاسٽل جي سپرنٽنڊنٽ سندس اهو شعر پڙهي ورتو هو ۽ صبح جو پنهنجي آفيس ۾ بيوس کي گهرائي سندس ساراهه ڪندي چيائين؛ ”بيوس! تون ضرور هڪ ڏينهن اعلىٰ درجي جو شاعر ٿيندين.“ بيوس جو اهو شعر هي آهي: اڄ مڙي، بادل کڙي، آيا ٽڙي، ٽانـــــــــــــــگر به خوب، پڻ چڙي، ٺاري نڙي، گهر ۾ گهڙي، ٿـــــــــــــــڌڪار ۾. سندس مٿئين خاگرديءَ واري دور ۾ لکيل شعر ۾ فطرت جا سهڻا رنگ سمايل آهن. بيوس جي تصنيفن ۾ ڦولداني، شعر بيوس، گرونانڪ جي جيون ڪوتا، جن کي گڏي سيد محمود شاهه بخاري پاران ۱۹۹۱ع ۾ سندس ڪليات ”ڪلياتِ بيوس“ جي نالي سان شايع ڪرايو ويو آهي. بيوس شعر سان گڏوگڏ ڪيترائي ناٽڪ پڻ لکيا. جن ۾ ”سورداس“، ”خوبصورت بلا“، ”پرت پوڄارڻ“، ”هرشچندر“ ۽ پرهلادليلا قابل ذڪر آهن. بيوس جا لکيل ڊراما گهڻي قدر هندي ۽ اردو ڊرامن جا ترجما ٿيل آهن. بيوس سنڌ جو پهريون شاعر آهي، جنهن گل و بلبل جهڙن بي روح ايراني اصطلاحن جي زنجيرن مان سنڌي شاعريءَ کي آزادي ڏياري. هن وليم ورڊس ورٿ جيان قدرت ۽ فطرت جي نظارن کي شاعريءَ جو موضوع بڻايو ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ نوان موضوع، نوان خيال سادي ۽ عام فهم ٻولي ۽ سنڌي جي ماحول کي متعارف ڪرايو. سندس شعر ۾ هارين ۽ زميندارن ۽ جاگرداري نظام جي حوالي سان مزاحمتي فڪر جي عڪاسي ڪندڙ شاعري هن طرح ملي ٿي. جــــــــي زميندار پليا تنهنجي پگهر پورهئي تـــي، ســـــــي سگهيا قدر نه تنهنجو سڃاڻي ڪــــــــڙمي. جديد سنڌي شاعريءَ جي ميدان ۾ بيوس جو تمام وڏو مقام آهي، ڇاڪاڻ ته هي پهريون شخص هو جنهن روايتي شاعريءَ کان نابري واريندي جديد سنڌي شاعريءَ جو بنياد رکيو. سندس شاعريءَ جو پهريون مجموعو ”شيرين شعر“ جيڪو ۱۹۳۶ع ۾ ڇپيو هو، اُن کي جديد سنڌي شاعريءَ جو پهريون ڪتاب تسليم ڪيو وڃي ٿو. ڪشنچند “بيوس” جديد سنڌي شاعريءَ جو بنيادي شاعر حسيب ناياب منگي ڪشنچند “بيوس” ۽ سندس ڪويتائون سنڌي شاعريءَ جي تاريخ جو نهايت اهم ۽ ڪارگر عنوان آهن. جن تي قلم کڻي پڙهندڙن کي ٻڌائي سگهجي ٿو ته ڪشنچند “بيوس” پنهنجي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ سالن کان وٺي شاعريءَ ۾ رائج رواجن جو رخ پنهنجي ڏات سان تبديل ڪري شاعريءَ جي سج کي اڃان وڌيڪ روشني ڏني. هن پنهنجي اعليٰ لياقتن جو استعمال جن سادن لفظن ۽ عام موضوعن تي لکي ظاهر ڪيو، سا تبديلي ان وقت جي لاءِ نهايت ضروري به هئي ۽ خاص به ثابت ٿي. ڇو جو شاعريءَ کي پنهنجي رنگ ۾ آڻڻ، شاعريءَ ۾ ڌارين لفظن جي استعمال کي ختم ڪرڻ ۽ جذبن ۽ خيالن کي عام فهم ۾ پڙهندڙن تائين پيش ڪرڻ ۾ “بيوس” پاٻ ملهايو. منهنجي دل جا ديوتا! تنهنجو لهان مندر ڪٿي، عشق جو جنهن ۾ اجالو آهه سو اندر ڪٿي. ڪشنچند “بيوس” اڄ جي دور ۾ پنهنجي ڏنل پيغام سبب جنهن نموني حيات آهي ۽ سندس ذڪر ادبي تاريخن ۽ تذڪرن اندر سونهري حرفن سان لکيل آهي ان جو سبب اهو آهي ته ڪشنچند “بيوس” جي ڏات جا جوهر اهڙن موضوعن تي خيالن پيش ڪرڻ لاءِ آماده ٿيا جن جي هر دور ۾ ترجماني ٿيڻ لازمي هوندي آهي. قدرتي نظارن جي خوبصورتي کان وطن جي حب تائين، غريبن جي اَجهن جي تعريف کان سماجي براين جي نشاندهي تائين، پريم جي پٽي پڙهائڻ کان ڪنهن عام عنوان مک ۽ تڏ تائين “بيوس” لکي ڪمال ڪيو. تڏهن ته هو پنهنجي دور جو مضبوط ۽ اهم شاعر ليکيو وڃي ٿو. سدا مشهور عالم ۾ جفا تنهنجي وفا منهنجي، حقيقت ۾ مگر آهي وفا تنهنجي جفا منهنجي. ڪريو سينگار سوَ سائين، ملڻ لئه هوت هرکائين، نه پيرو پر اندر پائين ڏسي گهٽ چاهنا منهنجي. ڪشنچند “بيوس” جو ڪلام ناصحانو به آهي ته ٻارن جي حوالي سان به سرجيل آهي. درسي ڪتابن ۾ به “بيوس” ائين پيو نظر اچي جئين کير سان ڀريل وَٽِيءَ ۾ گلاب جو گل! گيت اهڙا ته سوادي ۽ رڌم سان لبريز جو ويٺو جهونگارجي! روحاني ۽ تصوف سان گڏ سياسي هلچل ۽ مختلف تحريڪن جي حوالي سان به “بيوس” جي سنڌي شاعريءَ تي بادشاهي نظر اچي ٿي. سنڀالي هوش سان سياڻا جوا کان جلد پاسو ڪر، کهائي جا ڪري کوکو ٿي ڪيري نيٺ ڳاٽي ٿي. ــــــ سوچ ڪر سياڻا ڇڏي ڏي شوق شيطاني شراب، جو ڪري ڪارو رکي اخلاق جهڙو آفتاب. ــــــ سخت ڇولي مار ساگر آهه بندر بي منار، هن انڌاري ڏوجهري ۾ روشني رهبر ڪٿي. ڪشنچند “بيوس” پنهنجي فن ۾ پختو ۽ خيال ۾ نرم نظر اچي ٿو هن جي لفظي جوڙجڪ ايتري ته پختي ۽ وڻندڙ آهي جو جلد ئي اثر ڇڏي ٿي. ميمڻ عبدالغفور سنڌي پنهنجي ڪتاب “عظيم سنڌي انسان” ۾ ڪشنچند بيوس جي حوالي سان لکي ٿو ته “شعر ۾ مضمون جي خيال کان کيس منفرد حيثيت حاصل آهي. هن پنهنجي شعر ۾ پنهنجي وطن ۽ ان جي مختلف شين جي جابجا واکاڻ ڪئي آهي ۽ عوام کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ قومي شاعريءَ کي اوليت ڏيندي، عوام جي جذبات ۽ احساسات جي پوري پوري ترجماني ڪئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو “بيوس” کي جديد شاعريءَ جو بنيادي شاعر تسليم ڪيو وڃي ٿو”. روپ نه مالڪ ٿو ڏسي، ڏسي دل جا طاق، اندر اُجالو ٿو کپي، نه “بيوس” رنگ پوشاڪ. ڪشنچند “بيوس” جي شاعريءَ ۾ مختلف عنوانن جا گهڻا ئي نظم تن ڏينهن کان اڄ تائين تمام گهڻا مشهور رهيا آهن. “قدرت وارا”، “سهائي راتڙي”، ۾“ڪاري گهٽا”، “جهوپڙي” ۽ ٻيا اڄ تائين گهڻن ماڻهن کي ياد آهن. اهڙيءَ طرح سندس ڪتاب “شيرين شعر” (آگسٽ ۱۹۲۹ع) ۾ ڇپيل هيٺين ڪويتا کي به پڙهي ڏسو: خاص کٿوري ڀانئيان وطن جي واري، مٽي مٺڙي ملڪ جي مشڪان موچاري، پنهنجي دلبر ديس جي پڻي به پياري، گاهه به گلزاري، بٺ باغيچو ڀانئيان. ـــ وڻ ڪندا ها وڙ وڏو وطن وارن تي، پختي لڙڪي پينگهه ٿي ڏاڍن ڏارن تي، هڪ هوڏ هلي ٿي لوڏ تي، ٻيو وڙهڻ وارن تي، ٻاجهو ٻارن تي، ڇٽن ڇايا سان ڪيون. ـــ جتي جيجل ٿي ڏني جهوليءَ ۾ لولي، ٽڙي ٻنڌڻن ۾ ٻُڌي طوطيلي ٻولي، مٺڙي ٿي مون تان وئي گهڙيءَ ۾ گهولي، ڇلڪي سان ڇولي، “بيوس” وهي وطن ري. ڪشنچند “بيوس” کي جتي ديس لئه اُلڪو آهي اُتي ديس جي ڪڙميءَ جي خوشحاليءَ جي لاءِ آس به آهي. هو لکي ٿو ته : تنهنجي دردن جي هنئر آهه پڄاڻي، ڪڙمي! تنهنجي سورن جي اچي ويل وهاڻي، ڪڙمي! جـــي زمــيــــنـــدار پــــلــــــيا تــنــهــنــــجي پگهر تي، سي سگهيا قدر نه ڪو تنهنجو سڃاڻي، ڪڙمي! هوندارج دکايل لکي ٿو ته “مهان ڪوي بيوس عوامي شاعر ۽ سامانيه لوڪن جو همدرد وڪيل هو. هن پنهنجي واڻي ۽ رچنا سان ماڻهو کي مٿي ۽ مٿي هلڻ جي پريرڻا ڏني توڙي منجهس ساهه ڀريو. هو عقاب وانگر آسمان ۾ اُڏامندو رهيو پر سندس نظر سدائين زمين تي رهي”. ( سڏ پڙاڏو ساڳيو ۱۹۸۴ع ص ۶) سادگيءَ ۽ عاجزيءَ ۾ گذاريندڙ ڪشنچند “بيوس” جا خيال بلنديءَ تي پهتل نظر ٿا اچن. هو ننڍ وڏائيءَ جا فرق ختم ڪرڻ لاءِ به خوب لکي ويو آهي. هن انسانيت جي ڳالهه به تمام گهڻي ڪئي آهي: ڪر دنيا ۾ دل وڏيري تون به رهه مان ڀي رهان، آڻ من ورتيءَ ۾ ڦيري تون به رهه مان ڀي رهان. تنگ مذهب ۾ نه ماپون، قوميت ۾ جاءِ ڏي، ڀائپيءَ، انسانيت، روحانيت ۾ جاءِ ڏي، ڇڏ دئيءَ جي ديد ميري، تون به رهه مان ڀي رهان. “بيوس” جي شاعريءَ ۾ نواڻ ۽ ترقي پسند خيال مان جيڪي به نظم سرجي سامهون آيا اُهي اڄ به ادبي دنيا ۾ اهميت رکن ٿا. هو غلاميءَ جي خلاف ۽ هردم قوميت جي ڳالهه ڪندڙ شاعر هو: جيسين “بيوس” پاند ۾ هوندو هڪ غلام، هڻي سگهندو هام، ڪوبه نه آزاديءَ سندي. ڪشنچند “بيوس” جي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ جيڪي تبديليون اچي رهيو هيون ۽ سنڌ مان اتحاد ۽ ڀلائيءَ جو ڏيئو وسامڻ شروع ٿي رهيو هو، اهڙي نازڪ حالت ۾ هن ڏکايل سماج اندر آٿت جو پيغام ڏنو ۽ ايڪي ۽ اتحاد جو درس شعرن ذريعي ڦهلايو. سڌي ۽ اڻ سڌيءَ طرح هن جي ڪلام ۾ اهڙا گهڻا مثال موجود آهن: ايڪتا جا ديوتا! تنهنجو لهان مندر ڪٿي؟ جنهن ۾ اتحادي اُجالو آهه سو اندر ڪٿي؟ دربدر ٿيو دادلا تو بن اميدن جو جهاز، آس آزاديءَ لاءِ آهي بيٺڪي بندر ڪٿي؟ ڪئن فسادي خون ويندو قوميت جي قلب مان، نبض تي نشتر ڪٿي، شريان تي خنجر ڪٿي؟ جو ملائي مفردن کي مرڪبي ميلاپ ۾، سو حب الوطنيءَ جو “بيوس” جذبو ۽ جوهر ڪٿي؟ ڪشنچند تيرٿداس کتري “بيوس” ۲۵ فيبروري ۱۸۸۵ع تي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو ۽ ۲۳ سيپٽمبر ۱۹۴۷ع تي ديهانت ڪري ويو. سماج جو اعليٰ اخلاق وارو انسان ۽ فرض شناس استاد هئڻ سان گڏوگڏ هو حڪيم به هو. هو سنڌي ادب م لازوال ۽ انمول ڪردار ٿي اڀريو. سندس ڪلام جا ڏيئا هر سماجي پاسي کي روشن ڪندا رهن ٿا. اهو دور پري نه آهي جو “بيوس” جي ڪلام جو پڙاڏو هن هنڌ پوندو ۽ هر هڪ ماڻهو ان مان مثال وٺي زندگيءَ کي روشن بڻائيندو. هڪ صديءَ کان پوءِ شايد سنڌ ۾ ڪو ڪو ڪڻو، شعر خوانيءَ لاءِ گهرندو شعر “بيوس” جو ڪتاب. (ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۵ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل) ڪشنچند بيوس جديد سنڌي شاعريءَ جي علمبردار جي شاعريءَ جو اڀياس رياض ڪلھوڙو سنڌي شاعريءَ صدين جو سفر جھاڳيو آهي. انهيءَ صدين جي سفر ۾ ان پاڻ ۾ ڪيئي لاڙا ۽ نيون روايتون پئي سمايون آهن. سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ دؤر يا هڪ موڙ اهڙو به آيو، جو فقط ايران جي سرزمين ۽ ماحول جون روايتون شعر ۾ بيان ڪيون وينديون هيون. اهڙي شاعري،فقط لفظن جو ڀنڊار ته هئي، پر ان جو سنڌ جي سرزمين سان ڪو به لاڳاپو نه هو. پوءِ اهڙو دؤر به آيو، جو سنڌ جي شاعرن انهيءَ نئين روايتن جو بنياد وڌو. ”جديد ادب جو ڪم بي رحم سچاين کي پيش ڪرڻ آهي، پر ان لاءِ فن Art کي به هٿئون ڇڏڻو نه آهي، نه ئي جمالياتي تاثر تي ڪو سودو ڪرڻو آهي. جديديت جي علمبردارن لاءِ اها هڪ ڏکي ذميواري هئي“.(۱) ان ڏکي ۽ نهايت اهم ذميواريءَ کي نڀائڻ لاءِ هونئن ته لاتعداد شاعرن جا نالا آهن، جن جدت پسند تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو، پر انهن منجهان ڪشنچند ”بيوس“ سڀني کان اڳرو ثابت ٿيو. ڌرتيءَ تي هزارين شاعر جنم وٺن ٿا، پر مڃتا واري منزل تي پهچڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ڪونهي. هر شاعر جي سوچ، ويچار ۽ فڪر ۾ فرق هوندو آهي. جيئن هر ماڻهوءَ جي پنهنجي علمي سگهه آهي، تيئن فني توڙي فڪري لحاظ کان هر شاعر جي پنهنجي اڏام آهي. فني حوالي کان شاعر ڪيترو به مضبوط هجي، پر جيڪڏهن سندس فڪر ۾ اونهائي ۽ گھرائي نه آهي، ته کيس جوڳو مقام ملي نه سگھندو. ڪشنچند بيوس پنهنجي شاعريءَ ۾ زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ موجود فطري نظارن سان گڏ سنڌي سماج جا عڪس چٽيا آهن. ڪشنچند بيوس جي شاعريءَ ۾ ڪمال جي رواني، تجربن جي نواڻ ۽ فڪري گھرائي آهي، انهيءَ ڪري ئي ته علامه دائودپوٽي چيو آهي ته: ”واقعي ڪشنچند ”بيوس“ سنڌ جو هڪ عوامي ۽ انقلابي شاعر تسليم ڪجي ٿو، ڇو ته هن ئي سنڌي شاعريءَ کي نوان اسلوب ۽ موضوع ڏيئي ”جديد سنڌي شاعريءَ“ جو بنياد رکيو“. (۲) ڪشنچند ”بيوس“ لاڙڪاڻي واسي هو. هو پرائمري استاد ٿي رهيو ۽ جڏهن لاڙڪاڻي ۽ پوري سنڌ ۾ عروضي تحريڪ جوڀن تي هئي، ته هي صاحب شاعريءَ ۾ فن ۽ فڪر جي هڪڙي نئين جدت کڻي ميدان ۾ لٿو. ڏسندي ئي ڏسندي سنڌي شعر جي تاريخ تي اڻ مٽ عڪس چٽڻ لڳو. ڪشنچند ”بيوس“ جديد شاعريءَ جو باني آهي. هن ڪيتريون ئي نيون روايتون قائم ڪيون ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ انهن کي مروج ڪيو. بيوس جي جدت ۽ نرالي نانءَ سان سنڌي ادب جي تاريخ ۾ هڪ نئون باب ۽ نئون دؤر شروع ٿيو. بيوس شاعري ڪيئن ۽ ڪڏهن شروع ڪئي؟ تنهن بابت ”ڪُليات بيوس“ جي مرتب لکيو آهي ته: ”جڏهن اڃا سورنهن ورهين جو هو ۽ حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج ۾ پڙهندو هو، تڏهن به شعر چوندو هو. برسات جو نظارو ڏسندي هڪ رات جو پڙهڻ بدران ”برسات“ تي شعر لکي، ميز تي رکيائين ۽ اتي ئي ڪرسيءَ تي کيس ننڊ وٺي وئي. بورڊنگ جي سپرنٽنڊنٽ چڪر هڻندي اچي هن کي ننڊ ۾ ڏٺو ۽ ميز تي رکيل شعر وارو پنو پڙهي، چُپ چاپ واپس هليو ويو. صبح جو کيس گھرائي، سندس پٺي ٺپي چيائين ته: ”بيوس، ڪنهن ڏينهن اعليٰ درجي جو شاعر ٿيندين.‘‘(۳) ڪشنچند بيوس وٽ فن به آهي ته فڪر به آهي. هن شاعريءَ ۾ فن ۽ فڪر جو اهڙو ته سنگم جوڙيو آهي، جو فن کي پرکڻ وارو به سرهو ٿيو وڃي، ته فڪر کي پرکڻ ۽ پرجھڻ وارو به خوش ٿيو وڃي، ڇاڪاڻ ته هن وٽ فن، فڪر کي ٽيڪ ڏئي کنيو بيٺو آهي ۽ فڪر وري فن کي اڀاريون بيٺو آهي. سائنسي فارمولي وانگر ٻئي ٻِٽُ ٿي، هڪ ٻئي سان ملي بيهن ٿا. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، پنهنجي ڪتاب ”ڪٺمال“ ۾ لکيو آهي ته: ”ڪشنچند بيوس جي ٻولي آسان ۽ موضوع مقامي آهن. هن غير وطني ۽ دقيق تشبيهن ۽ سکڻي فارسي نوازيءَ کان پاڻ کي آجو ڪيو. هن سوسن سنبل، ياسمين و نسترن ۽ لاله و نرگس جا نالا کڻڻ بجاءِ فقط ”گل“ چئي پنهنجو مقصد بيان ڪيو“.(۴) شاعريءَ جي صنفن جي لحاظ کان ڪشنچند ”بيوس“ غزل، ڪافي، قصيدو، مثلث، مخمس، مسدس ۽ بيت چيا آهن. هن هڪ ماهر سائنسدان جيان مٿين صنفن ۾فني طور انيڪ تجربا ڪيا آهن. جيئن نظم کي غزل سان هم آهنگ ڪري، هڪ صنف مان ٻه مقصد ورتا اٿس. ساڳئي نموني هُن ڪافيءَ کي غزل جي گھاڙيٽي جو روپ ڏنو آهي. ڏوهيڙي ۾ وري رباعي وارو فن رکيو اٿس. بيت مسدس واري سٽاءَ ۾ لکيا اٿس. نظم ۽ غزل جي سنگم جو هڪڙو مثال پيش ڪجي ٿو. آهي مشهور عالم ۾، جفا تنهنجي، وفا تنهنجي، حقيقت ۾ مگر آهي، وفا تنهنجي، جفا تنهنجي. هزارين چشم روشن سان، اچين تان ستارن تان، تڏهن بي دل ڪدورت کان، نه ٿي آهي صفا منهنجي. نمڪ تنهنجو سدا کائي، نمت تنهنجي نه ڏيان پائي، جڳت ۾ آهه هيءَ هائي، سخا تنهنجي خطا منهنجي. ڪهان ڪهڻي گھڻي سهڻي، رهان رهڻي مگر سکڻي، وڏائي لئه وهم وهڻي، ٿي بيوس واسنا منهنجي“ (۵) ڏٺو وڃي ته هن نظم جو سٽاءُ غزل وارو آهي. مضمون مان ڪافيءَ جي مضمون جهڙو هڳاءُ ملي ٿو. ڪٿي وري نظم ۾ دوهيڙي ۽ ڪافيءَ جي ملاوٽ جو تجربو ملي ٿو. جيئن هيٺيون مثال ئي ڪافي آهي. ”ڪنهن حال تي هلين ٿو، ڪنهن چال تي چلين ٿو، مون کي نه ڳجهه سلين ٿو، پاڻان پري جھلين ٿو، اي آســمــان نــيـلا، تارن سـنـدا وسيلا. تيزي نظر نهارين، ڌرتــيءَ تــي بــاهه ٻــاريــن، ماٺي نگهه سان ٺارين، تون هيٺ کير هارين، تنهنجا ٻــه نيــڻ نيــارا، ســج چنــڊ نانو وارا‘‘.(۶) ڪشنچند ”بيوس“ جي شاعريءَ جا موضوع ، تشبيهون ۽ تمثيلون خالص ڏيهي، عام فهم ۽ سليس آهن. شعر پڙهڻ سان اوپرائپ جو احساس نه ٿو ٿئي. ها البته پنهنجائپ جو احساس هر سٽ مان بکي ٿو. سندس شاعريءَ جي موضوعن ۾ ”بهار‘‘، ”برسات‘‘، ”قدرت وارا‘‘، ”کڙکٻيتو‘‘،“سهائي راتڙي“، ”سنڌ سونهاري‘‘، ”سادگي‘‘، ”همدردي‘‘، ”سچائي‘‘، ”حياتي‘‘، ”ٻار جي سنڀال‘‘، ”غريبن جي جھوپڙي‘‘ ۽ ٻيا شامل آهن. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ادب جي تاريخ‘‘ ۾ ڪشنچند ”بيوس“ جي جدت پسند شاعريءَ بابت لکي ٿو ته: ”جڏهن سندس ڪلام جو پهريون مجموعو ۱۹۳۷ع ۾ شايع ٿيو، ته عروضين ۽ روايتي شعر وارن کيس تنقيد جو نشانو بڻايو، ڇو جو هي ڪلام روايتي وزن ۽ هيئت کان ٻيءَ طرح جو هو“.(۷) ڪشنچند ”بيوس“ جي شاعريءَ ۾ رڳو جدت ناهي، يا هن رڳو جدت کان ڪم ناهي ورتو، پر هن صوفي شاعرن جي روايتن ۽ موضوعن کي به هٿان ناهي ڇڏيو. هن جوڳين ۽ سامين جو ذڪر به ڪيو آهي. جوڳين ۽ سامين جو ذڪر سڀ کان پهرين قاضي قادن ۽ شاهه ڪريم جي ڪلام ۾ ملي ٿو. ان کان پوءِ شاهه عبداللطيف انهيءَ موضوع کي عروج تي رسايو. بيوس به پنهنجي شاعريءَ ۾ جوڳين ۽ سامين جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪو هيٺين ريت آهي: “ساميئڙن اڄ ساهُه، ساڙي منهنجو ساهه سڪايو، دونهان درد جا دم دم دکن ٿا، ڀڙ ڀڙ ڪري ٿي باهه، جوڳين جوڳ جاڳايو. اٺئي پهر اندر ۾، آديسين الله، سامين سُن لڳايو. رام رکيائون روح ۾ رميا مٿي راهه، پورب پنڌ پڇايو. ”بيوس“ بيراڳي ڏسي، گويا ٿيو گمراهه، تنهن پڻ ڪفي ڪمايو.‘‘(۸) فنا ۽ بقا جا مسئلا به اوائلي زماني کان وٺي سنڌيءَ شاعريءَ جو موضوع رهيا آهن. بيوس، فنا ۽ بقا جي موضوع کي به پنهنجي شاعريءَ ۾ سمايو آهي. بيوس جي اهڙي شاعري منجهان ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا: “نه بلبل حسب گل تي ڀل، بهاري بي بقا آهي نزاڪت، رنگ رونق جو، گھڙيءَ کن لئه لقا آهي. ڦڙي ۾ سمنڊ ٿيو ساقي، رهي فاني اندر باقي، ڦري ”بيوس“ ٿيو خاڪي، مگر ذاتي سدا آهي‘‘.(۹) جديد سنڌي شاعريءَ، پنهنجي لاءِ نه رڳو موجوده صديءَ جي تاريخي، سياسي ۽ سماجي تبديلين مان مواد حاصل ڪيو آهي، بلڪ ان پنهنجي فڪري ۽ احساساتي واڌ ويجهه لاءِ سنڌ جي زرخيز مٽيءَ ۾ گھڻي گھرائيءَ تائين، پنهنجون پاڙون پکيڙيون آهن. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ان حوالي سان لکي ٿو ته: ”سندس ڪلام جي مجموعي ”شيرين شعر“ کي سنڌي ادب ۾ اها ئي حيثيت حاصل آهي، جيڪا انگريزي ادب ۾ وليم ورڊس ورٿ ۽ سيموئل ڪالرج جي شعر جي مجموعي ”لئريڪل بئلڊس“ کي حاصل آهي.‘‘(۱۰) اساسي شاعرن جيان ڪشنچند ”بيوس“ جي شاعريءَ ۾ به نيم تاريخي داستانن جا اهڃاڻ ملن ٿا. البته هن سرن ۾ شاعريءَ ناهي ڪئي، پر نيم تاريخي داستانن جو ذڪر ضرور ڪيو آهي. نموني طور ڪجهه شعر هيٺ ڏجن ٿا: سسئـــي ســـور سمــهــڻ کان پــرايــا، جيئري ڏٺائين ڏهاڳ سمهڻ ۾ ڇاهي. (۱۱) سسئي پنهونءَ جو داستان سنڌ ۾ ڪيچ مَڪران جي وچ ۾ هلندڙ واپار ۽ قافلن جي ماحول تي ٻَڌل آهي، جيڪو عربن واري دؤر ۽ پوءِ سومرن واري دؤر ۾، ويندي پنجين صديءَ هجريءَ (يارهين صدي عيسويءَ) تائين قائم رهيو. سنڌ جي اساسي شاعرن کان وٺي عروضي شاعرن تائين ۽ عروضي شاعرن کان وٺي جديد شاعرن تائين سسئي، علامتي ڪردار طور ڳائي وڃي ٿي. سسئي علامت آهي جدوجهد جي، سسئي علامت آهي سچي محبت جي، سسئي علامت آهي ڏکن ۽ سورن جي. سسئي جو نالو کڄي ۽ سور ياد نه پون ائين ممڪن ئي ناهي. مٺي محبت مَٺي ليلان، مڻئي تي ڪيئن مٽڻ گھرجي، پرت جي پاڙ کي پاڻهي، نه پاڙان هئن پٽڻ گھرجي.(۱۲) ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ڪشنچند ”بيوس“ جي شاعريءَ بابت راءِ ڏيندي لکي ٿو ته: ”بيوس آسان زبان ڪم آندي آهي ۽ روايتي شمع، پرواني، گل و بلبل توڙي ساقي ۽ ساغر جا موضوع ڇڏي، فطرت جي رنگينين ۽ عام انسانن جي زندگيءَ بابت لکيو آهي.‘‘(۱۳) بلڪل! اها حقيقت آهي ته بيوس فطري شاعري ڪئي آهي ۽ جدت جا نوان ۽ انوکا رنگ بيان ڪيا آهن.ڊاڪٽر سحر امداد حسيني پنهنجي ڪتاب ”شعور شاعر شاعري“ ۾ جديد ادب لاءِ لکيو آهي ته: ”نئون ۽ جديد اهو آهي جو پنهنجي فن، فڪر، مواد ۽ پيشڪش ۾ نئون ۽ نڪور آهي، جنهن جي فڪر ۾ نواڻ آهي، جنهن جي سوچ ۾ تازگي آهي، جو نئين جو ادراڪ رکي ٿو. جنهن جي پيشڪش جو انداز منفرد ۽ نيارو آهي. جو گھرو آهي، جو بلند آهي، جو نوان پر جٽاءُ دار بنياد رکي ٿو. جو پنهنجي ٻوليءَ کي نوان ۽ صحتمند خيال، خواب ۽ تصور آڇي ٿو. جو مدي خارج ۽ پاروٿو ناهي.‘‘(۱۴) جڏهن ڪشنچند بيوس جي شاعريءَ کي، ڊاڪٽر سحر امداد جي مٿين ڪسوٽيءَ تي پرکيون ٿا ته، اها ان تي پوري لهي ٿي. سندس شاعريءَ ۾ جدت جا عڪس ۽ اولڙا پَسجن ٿا. بيوس شاعريءَ کي نئين موڙ سان نروار ڪيو، پر سندس اسلوب ۾ ڪا به ڪمي نه آهي. عالمن ادائگيءَ جي طريقيڪار کي اسلوب سڏيو آهي اهم ڳالهه اها ناهي ته اسان ڇا چئي رهيا آهيون، پر اسان اهو ڪيئن چئي رهيا آهيون. اردو ادب ۾ اسلوب جو اهو ڪمال حافظ، سعدي، فردوسي، مير ۽ انيس ۽ ... جڏهن ته سنڌي ادب ۾ وري مرزا قليچ، ڀيرومل، ڊاڪٽرگربخشاڻي، پيرحسام الدين، ڏيپلائي، شيخ اياز، جمال ابڙي، شمس الدين عرساڻي، نسيم کرل، امرجليل ۽ ڪجهه ٻيا نمايان نظر اچن ٿا. اسلوب ۾ لفظن جي چونڊ، سندن آواز جو معيار ۽ تازگي ۽ جماليات تمام اھم آھن. اسلوب ۾ خيالن کي رنگين بڻائڻ جي صلاحيت هوندي آهي.غلام محمد گراميءَ پنهنجي ڪتاب ”ويا سي وينجھار“ ۾ لکيو آهي ته: ”بيوس پنهنجي سليس ۽ سلوڻي، عوامي ۽ فطرتي شاعريءَ جو موجد هو.‘‘(۱۵) جهڙيءَ طرح ڪشنچند ”بيوس“ جي سنجيده شاعري، جدت ۽ فڪر سان ڀرپور آهي، اهڙي طرح سندس ٻاراڻي شاعري به جدت جو انوکو مثال پيش ڪري ٿي. کانئس اڳ يا وري پوءِ ڪنهن به شاعر اهڙو شعر ناهي جوڙيو. بيوس جي هن نوعيت جي شاعري سنڌيءَ جي درسي ڪتابن ۾ به شامل آهي، پر ڪو زمانو اهڙو به هو، جو پهرين درجي کان پنجين درجي تائين جي درسي ڪتابن ۾، بيوس جا هن قسم جا حسين شعر پڙهڻ لاءِ ملندا هئا. سڀ ڪن تنهنجي ساراهه، قدرت وارا، نرمل جوتي نور نظارا، قدرت وارا. يا اچو ته ننڍڙي ريل هلايون، باهه ببوءَ ۾ دود دکايون، ڪري واءُ سان واهه جون وايون، ڇهه ڇهه پيسا ٻه ٻه پايون يا مٺڙا گھوڙا اوري آءُ خوب خوشيءَ سان داڻو کاءَ يا ڦوڪي ڦار نه ڦوڪڻو، منهنجو آهي ملوڪڻو. يا کهنبي رتڙي لال ڪنوار! هل ته ڀنڀوري ڀڻون هزار. مطلب ته ڪشنچند ”بيوس‘‘ جي شاعري اڄ به سنڌ ۾ وڏا توڙي ننڍا مٺاس ڀريئي منفرد ٻوليءَ ۾ آلاپيندا رهن ٿا. بيوس کان پوءِ ڪيترن ئي شاعرن اهڙي شاعري لکڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪو به سندس برميچي نه سگھيو. ڇاڪاڻ ته ٻاراڻو ادب سرجڻ لاءِ ٻار ٿيڻو پوي ٿو ۽ اهو سڀ ڪجهه هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه آهي. بيوس جي انهيءَ ڪردار بابت سندس نياڻي پورن ديوي جو چوڻ آهي ته: ”ايتريون ساريون مشغولين هوندي به اسان کي ڪڏهن نه چيائون ته مون وٽ وقت ڪونهي، جيڪا گُھر ڪندا هئاسين، سا پوري ڪندا هئا. رانديون ڪيون ته کيس گھوڙو بڻايون. کيڏندي کيڏندي گيت تيار ٿي ويندو هو.”شاباش منهنجا گھوڙا، تيار، تکي ريل هل رفتار“. ساڻس گڏ ڦوڪڻا ڦوڪي اڏايون ته راڳ تيار ”ڦوڪي نه ڦوڪڻو، منهنجو آهه ملوڪڻو“. هڪ ٻئي جي چولي جي پٺ پڪڙي ريل هلايون ته گيت تيار ”اچو ته ننڍڙي ريل هلايون، ڇهه ڇهه پيسا ٻه ٻه پايون“. پاڻيءَ جي ٿالهه ۾ ڪاغذ جي ٻيڙي تاريون ته نظم تيار ”ٿالهه پاڻيءَ جو آڻيو ڀري، ڪاغذ جي هيءَ ٻيڙي تري“ وغيره“. (۱۶) حقيقت ۾ ٻاراڻو ادب سرجڻ تمام گھڻو مشڪل آهي،پر بيوس وٽ ڪيترو نه سهنجو آهي. ڪنهن به ڪيفيت مان گذري گيت جوڙڻ ۾، بيوس پنهنجو مٽ پاڻ آهي. ڪشنچند بيوس زندگيءَ جي اهم ۽ سماج جي نهايت سنجيده موضوعن تي به قلم کنيو آهي. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌيءَ سندس شاعريءَ متعلق لکيو آهي ته: ”هن پنهنجي شعر ۾ پنهنجي وطن ۽ ان جي مختلف شين جي ساراهه ڪئي آهي ۽ عوام کي سجاڳ ڪرڻ جي لاءِ قومي شعر چيو آهي ۽ عوام جي جذبات ۽ احساسيت جي ترجماني ڪئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو کيس جديد شاعريءَ جو بنيادي شاعر تسليم ڪيو ويو آهي. هو ايراني شاعريءَ جي تقليد گھٽ ڪري ٿو، پر ان جي بدران پنهنجي وطن جون شيون آڻي ٿو“.(۱۷) ڪشنچند ”بيوس“ پنهنجي شاعريءَ ۾ جيڪي موضوع سمايا آهن، انهن ۾ آزاديءَ جي تحريڪ، هاري حقدار هلچل، هندو مسلم ايڪتا، روحانيت ۽ تصوف، گرو نانڪ، تلڪ مهراج، ڀڳت ڪنور رام، وشنداس قمبر وارو، راڻو پرتاب سنگهه، کيرٿر جبل، وڻ ٽڻ ٻوٽا، زميندار جي داداگيري، جوا، شراب، وياج، بيروزگاري، ڌيءُ جو جنم ۽ ٻيا موضوع شامل آهن. ڪشنچند بيوس جي شاعري ۾ تخيل جي اوچي اڏام ۽ فن جي مهارت، سمنڊ ۾ موجود ڇولين جيان نروار آهي. نتيجو: • بيوس پنهنجي شاعريءَ کي ايران جي اثر کان آجو رکيو آهي. پاڻ پارسي تشبيهن کي پاسي تي رکي، نج سنڌي ماحول جا عڪس چٽيا اٿس. اهو ئي سبب آهي، جو عالمن کيس ”جديد سنڌي شاعريءَ جو سنگ ميل“ سڏيو آهي. • ڪشنچند بيوس جي شاعريءَ ۾، حب الوطني جو عنصر به نمايان نظر اچي ٿو. قومي گيت لکي، سنڌ جي ماڻهن کي بيدار بڻائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ورتيون اٿس. • ڪشنچند بيوس روايتي شاعريءَ کي موڙ ڏئي، جديد شاعريءَ جو بنياد وجھندڙ اهو شاعر آهي، جنهن جي شاعريءَ ۾ نج سنڌي ماحول جون تشبيهون، استعارا، ڪنايه، مجاز مرسل، اصطلاح، تلميحون، تمثيلون، چوڻيون ۽ پهاڪا ملن ٿا. سندس شاعري سلاست، فصاحت، بلاغت ۽ جدت سان ڀرپور گلن جو هڪ خوبصورت گلدان آهي. • ڪشنچند بيوس جي ٻارڙن لاءِ لکيل شاعري نصيحت آموز موضوعن تي مشتمل آهي. حوالا: ۱. حسيني، ڊاڪٽر سحر امداد. ”شعور شاعر شاعري“. ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ، ۲۰۰۸ع، ص ۵۰ ۲. بخاري، سيد محمود شاهه، ڊاڪٽر. ”ڪليات بيوس“ لاڙڪاڻو: آزاد پبليڪيشنز، ۱۹۹۱ع، ۳۳ ۳. ساڳيو. ص ۲۰ ۴. جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر. ”ڪٺمال“ ڄامشورو: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ۲۰۰۲ع، ص ۷۶ ۵. بخاري، سيد محمود شاهه، ڊاڪٽر. ”ڪليات بيوس“ لاڙڪاڻو: آزاد پبليڪيشنز، ۱۹۹۱ع، ص ۷۸ ۶. ساڳيو، ص ۸۰ ۷. جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر. ”سنڌي ادب جي تاريخ (جلد ٻيو)“ حيدرآباد: سنڌي لينگئيج اٿارٽي، ۲۰۰۵ع، ص ۵۳۵ ۸. ساڳيو، ص ۵۷ ۹. ساڳيو، ص ۱۱۳ ۱۰. سنڌي، ميمڻ عبدالمجيد، ڊاڪٽر. ”سنڌي ادب جي تاريخ“. لاڙڪاڻو: ڪاٺياواڙ اسٽور، ۱۹۹۳ع، ص ۲۳۶ ۱۱. ساڳيو، ۱۲. ساڳيو، ص ۷۳ ۱۳. جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر. ”سنڌي ادب جي تاريخ (جلد ٻيو)“ حيدرآباد: سنڌي لينگئيج اٿارٽي، ۲۰۰۵ع، ص ۵۳۵ ۱۴. حسيني، ڊاڪٽر سحر امداد. ”شعور شاعر شاعري“. ڄاموشورو: سنڌي ادبي بورڊ، ۲۰۰۸ع، ص ۵۰ ۱۵. گرامي، غلام محمد. ”ويا سي وينجھار“. ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ، ۱۹۹۵ع، ص ۰۳ ۱۶. جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر. ”سنڌي ادب جي تاريخ (جلد ٻيو)“ حيدرآباد: سنڌي لينگئيج اٿارٽي، ۲۰۰۵ع، ص ۴۴ ۱۷. سنڌي، عبدالغفور، ميمڻ. نواز علي نياز جعفريءَ جي شاعري. لاڙڪاڻو: سلاطين پبلڪيشن سولنگي ڳوٺ، ص ۱۱۴ (’لوچي لڌم لال‘ تان کنيل) ڪشنچند بيوس جديد سنڌي شاعريء جي پيڙهائتي شاعر جي ۱۶۶ هين سالگره مبارڪ. مصطفا انڙ ڪشنچند “بيوس” جو شمار ۲۰ هين صدي جي سنڌي ٻوليءَ جي نامور شاعرن ۾ آهي. کيس جديد سنڌي شاعريءَ جو باني سڏجي ته ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو. ڪشنچند بيوس جا پهرئين کان ڏهين ۽ انٽر تائين سنڌي نصاب ۾ شامل گيت، نظم يا ٻاراڻا ٻول هر سنڌي شاگرد کي اڄ به ياد آهن. اڪثر شاگردن کي انهن گيتن، نظمن جي خالق شاعر ڪشنچند “بيوس” جو شايد ئي پتو هجي. ڪشنچند “بيوس” ۲۵ فيبروري ۱۸۵۸ع ۾ لاڙڪاڻي جي کتري خاندان ۾ پنهنجي دور جي مشهور حڪيم تيرٿداس کتري جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس امڙ به حڪمت جو ڪم ڪندي هئي. بيوس يارنهن سالن جو مس هو ته سندس والد وفات ڪري ويو ۽ ننڍپڻ ۾ ئي گهر جو بار مٿس پيو. فائنل پاس ڪري سنڌي ماستر ٿيو ۽ ٽريننگ ڪاليج جي تعليم مڪمل ڪري لاڙڪاڻي جي هڪ اسڪول ۾ هيڊ ماستر ٿيو. هن ۱۹۳۵ع لاڙڪاڻي ۾ بيوس شفا خانو کوليو. پاڻ به پنهنجي والد ۽ امڙ وانگر وقت جو سٺو حڪيم هيو. ۱۹۳۷ع ۾ ميونسپالٽي جي اسڪول بورڊ جو صلاحڪار بڻيو. کيس شاعريءَ جو شوق ننڍي هوندي کان هو. بيوس ورهاڱي کان اڳ ۱۹۴۰ع کان ۱۹۴۷ع تائين لاڙڪاڻي جي گيان باغ ۾ هفتيوار ادبي ڪلاس هلايا. هو بنگال جي عظيم شاعر رابيندر ناٿ ٽئگور کان تمام گهڻو متاثر هو ۽ ٽئگور جي شاعريءَ جو سنڌي ترجمو ڪري سنڌين کي ٽئگور جي شاعري ۽ شخصيت سان روشناس ڪرايو. هن ڪيترائي ناٽڪ به لکيا. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ شيرين شعر ۱۹۲۹ع، سامونڊي سپون ۱۹۲۹ع، گرو نانڪ جيون ڪٿا ۱۹۳۵ع، موجي گيت ۱۹۳۵ع، ڦولداڻي ۱۹۳۹ع، شعر بيوس ۱۹۵۱ع، بيوس گيتانجلي ۱۹۶۰ع ڇپيل آهن. ڪشنچند “بيوس” ۲۳ سيپٽمبر ۱۹۴۷ع تي ديهانت ڪري ويو. سندس شاگردن ۾ رام پنجواڻي ۽ هوندراج دکايل. ڌڻيءَ جي وڏائي (حمد) ڏسي دنيا ۾ عجب نظارا، سائينءَ جي سگهه سمجهه پيارا، اڀ ۽ ڌرتيءَ تي اسرار، جوڙيا سائينءَ سڀ جنسار. وڻ ٽڻ ٻوٽا ڌڻيءَ اپايا، قسمين قسمين پن بنايا، گل ڦل ميوا ڪئين گلزار، جوڙيا سائينءَ سڀ جنسار. جبل، نديون ۽ چشما، لاهه، سمنڊ، تلاءَ ۽ ڍنڍون، واهه، برف، ڳڙا سڀ ڌارو ڌار، جوڙيا سائينءَ سڀ جنسار. اڀ ڏي ٿوري نظر ڪريو، سج چنڊ تي پڻ ڌيان ڌريو، سهڻي تارن سندي قطار، جوڙيا سائينءَ سڀ جنسار. راتين پٺيان ڏينهن اچن، جهڙن پٺيان روز روشن، ڪڏهن چانڊوڪي ڪڏهن ڪار، جوڙيا سائينءَ سڀ جنسار. جڳ جو چرخو عجب چلي، سڀڪو چئي ٿو بَلي بَلي، ڪري نه قُدِرَتَ وارا ڪِشِنچَندُ 'بيوس سَڀُ ڪَنِ تُنۡهِنۡجِي ساراھَ قُدِرَتَ وارا! نِرِمَلُ جوتِي نُورَ نَظارا! ڪوٽانۡ ڪوٽِ بَڻايَئي ڌَرِتِيُونۡ سَهَسينۡ سِجَ، چَنڊرَ، تارا، ڪَتِيُونۡ، جِنِجو اَنتُ نَه پارُ آ قُدِرَتَ وارا گُلَنِ اَندَرِ سُرَهاڻِ ڌَرينۡ ٿو مِوتِنِ سانۡ مَهَراڻُ ڀَرينۡ ٿو هِيرا، لالَ هَزارا قُدِرَتَ وارا! جَڏَهِنۡ وَڻَنِ کي واءُ لَڳي ٿو پَنَ پَنَ مانۡ پَرِلاءُ اَچي ٿو ڇِمِ ڇِمِ جا ڇِمِڪارا قُدِرَتَ وارا! چُهِنۡبَ چَتُنِ ۽ چِيهَنِ کولِي بُلبُل ڪويَلِ ٻولي ٻولِي مورَ نَچَنِ موچارا قُدِرَتَ وارا! عَجَبُ بَڻايَئي بِجِلِيُونۡ بادَلَ بُونۡدُونۡ بَرَس بَرَس ڪَنِ ٿاڌَلِ واڄَٽَ ڪَنِ وَسِڪارا قُدِرَتَ وارا! مُلڪُ مِڙِيوئِي مَندَرُ آھي، آڳو سَٿَجي اندَرِ آهي، ديهُنِ مَنجھِ دُئارا قُدِرَتَ وارا! ساھَ اَندَرِ جو ساھُ کَڄي ٿو، 'بيوَسِ' سائِينۡئَنۡ نادُ وَڄي ٿو، نَؤبَتِ نِينۡهَنۡ نَظارا قُدِرَتَ وارا! مٺڙا گهوڙا ﻣﭡڙﺍ ﮔﻬﻮڙﺍ ﺍﻭﺭﻱ ﺁءُ ﺧﻮﺏ ﺧﻮﺷﻲءَ سان داڻو ﮐﺎءُ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻨﻬﻦ ﺗان ﻻﻫﻪ ﻟﻐﺎﻡ ﺗﺎﺯﻭ ﮔﺎﻫﻪ ﻫﻠﻲ ﭼﺮ ﺟﺎﻡ ﺟﺘﻲ ﭼرڻ ﻻءِ ﺁﻫﻲ ﮔﺎﻫﻪ ﺍﺗﻲ ﻭﻫﻲ ﭤﻮ ﺳﻬﮣﻮ ﻭﺍﻫﻪ ان ﻭﺍﻫﻲ ﻣﺎن ﭘﺎﮢﻲ ﭘﻲءُ ﮂءُ ڪﺮﻱ ﺗﻮﻥ ﮔﺪ-ﮔﺪ ﭤﻲءُ ﺟڏﻫﻦ ﺷﺎﻡ ﺟﻮ ﻭﭴﻨﺪﺍ ﭘﻨﺞ ﺗﻮﺗﻲ ﻭﺟﻬﻨﺪﺱ ﺳﻬﮣﺎ ﺳﻨﺞ ﺳﺌڊﻝ ﺗﻲ ﻣﺎﻥ ﭤﻴﺎﻥ ﺳﻮﺍﺭ ﺗﻮﻥ ٽپ ٽپ ٽاﭘﻲءَ ﺗﻲ ﺗﻴﺎﺭ ﺗﻮڙﻱ ﻫﭣ ۾ ﭼﻬﺒڪ ﮐﮣﻨﺪﺱ ﻣﭡڙﺍ ﺗﻮﮐﻲ ﻣُﻮرُ ﻧﻪ ﻫَﮣﻨﺪﺱ ﺟڏﻫﻦ ڏﺳﻴﻦ ڪﻲ ﻧﻨﮃڙﺍ ﭔﺎﺭ ﻫﻠﻨﺪﻱ ﻫﻠﻨﺪﻱ ڪﺞِ ﻫِﮣڪﺎﺭ ﭔﺎﻟڪ ﭼﻮﻧﺪﺍ ڊﻭڙﻭ ڊﻭڙﻭ ڏﺳﻮ ڪِڪﻲ ﺟﻮ ﺳﻬﮣﻮ ﮔﻬﻮڙﻭ ﺁئون ﻧﻪ ﭘﻮءِ ﻫﻨﻲ ﺗﻲ ﻭﻫﻨﺪﺱ ﺍﭜﻮ ﺭڪﺎﺑﻦ ﺗﻲ ﭤﻲ بيهندﺱ ﻫڪﻞ ڪﺮﻱ ﭼﻮﻧﺪﺱ ﺍﻱ ﭔﺎﺭﻭ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﮔﻬﻮڙﻭ ﺁﻫﻪ ﭜٽارو ﺍﭼﻮ ﺍﭼﻲ ﭜﻞ ﺷﺮﻁ ﭘﭵﺎﻳﻮﻥ ڊﻭڙﻱ ڊﻭڙﻱ ﺁڳ ڪﮃﺍﻳﻮﻥ ﻫﺮ ڪﻮ ڊﻭڙﻱ ﺳﺎﮢﻮ ﭤﻴﻨﺪﻭ ﮔﻬﻮڙﻭ آڳ کٽڻ نه ڏﻳﻨﺪﻭ! پکيءَ جي پُڪارَ تازو تـَري اچي ٿو دل تي اُهو زمانو، جنهن ۾ اَڏيو اَجهو مون، آزاد آشيانو، لامُن تي لوڏَ منهنجي، شاخن تي شادمانو، غُنچن گـُلن ڦـُلن تي، منهنجو هو خاص گانو، موجود ۽ مُيسر هو سيرُ آسماني، چهري تي ٿي خوشيءَ جي نروار ٿِي نشاني. سهڻو صبح سَمو مون گلزار ۾ گذاريو، مُکڙين کي هير ايندي ٿي ننڊ مان اُٿاريو، نازڪ گلن ڦلن کي مُنهن ماڪ ٿي ڌئاريو، ڌرتيءَ جي فرش کي ٿي سبزيءَ کُلي سنواريو، منهنجو اٿڻ، اڏڻ هو پنهنجي وڏي ولر سان، خوش هوس پنهنجي پر ۾ گَد گَد گذاري گهر سان. ڪافي نہ قُوت منهنجي ٿورن ڪچن ڪڻن تي، آزاد ٿي وڃي جي ويهي رهان وڻن تي، چوڳي لئه چهنب منهنجي شايد پوي مڻن تي، خوراڪ آهه خاصي گهاٽن ڇُڳن گهڻن تي، وٺندو وتان خوشيءَ سان مٺڙي هوا چمن جي، مون کي پَڻي پياري پنهنجي پرين وطن جي. وڇڙي وطن وَلَر کان هي حال ٿي رهيو آ، دل غم کي پي رهي آ، غم دل کي پي رهيو آ، جيڪس هي جسم جنسي بي جان جي رهيو آ، هيڻن هڏن بنا ٻيو باقي نه ڪي رهيو آ، پڃري جو قيد مون لئه موجن جو ماڳ ناهي، هيءَ دانهن آهي دردي، آلاپ راڳ ناهي. آجو رهي ٿو ماري ڪيئن پاڻ موج ماڻي، ليڪن نه مون پکيءَ تي ٿو ترس ڪو به آڻي، آزاد جنهن گذاريو سو قيد مان نه ڄاڻي، بانديءَ جي حال دل جو باندي رڳو پڇاڻي، آزاد مون کي ڪر تون او قيد ڪندڙ سائين! مون بي زبان جي ”بيوس“ آسيس کٽ سدائين! غريبن جي جهوُپڙي * جا آهه جائداد نه ورثي وبالَ کان، ٿيندي نه زير بار جا گرويءَ جي خيال کان، اونو نه جنهن کي آهه ڪو جوکي جنجال کان، هلڪي رهي جا هانوَ تي سولي سنڀال کان، جنهن ۾ غرور زر نه سراسر سگهي گهڙي- اَلا! جهُري مَ شالَ غريبن جي جهوپڙي! * جا ونئن وڃي ٿي چيز ڪنهن نازڪ نفيس کان، آجي رَهي جا اوچ گذاري جي ريس کان، پڻ ٿي پناهه ۾ رهي حاسد حريص کان، ڌاري نه خاص خوف ڪو خوني خبيث کان، بي ڪُرف ۽ ڪَڙي رهي سوگهي صندوقڙي- اَلا! جهُري مَ شالَ غريبن جي جهوپڙي! * ڇانگي ڇَنو اڏيائون جو لامن لکن منجهان، سارو اجهو سٽيائون، پراڻن پکن منجهان، ڪاڍو ڪڍيائون ڪڙٻ جي ڪانن ڪکن منجهان، پورهيو پٽيائون پاڻ ۽ سرتن سکن منجهان، مفتي مدد تي آيا مچي مڙس ٿي مِڙي- اَلا! جهُري مَ شالَ غريبن جي جهوپڙي! * جنهن تي نه نقشِ ساز کي ڪو ناز ٿو رهي، رازو، ڊکڻ نه جنهن تي ڪو لوهار ٿو وهي، چوني، پٿر يا سر جو نه سر بار ٿو رهي، ”محصول جاءِ“ ڳاهه جي هيٺان نه جا ڳهي، مسواڙ بي مهار جي آهي نه جا پِڙي- اَلا! جهُري مَ شالَ غريبن جي جهوپڙي! سج، چنڊ واجهه ٿو وجهي جنهن جي وٿين منجهان، تِرڪيو اچن ٿا ترورا تارن ڪتين منجهان، ڀڻڪا ڪندي ڀڄي هوا جنهن جي ڀتين منجهان، ڇڻڪار مينهن ٿو ڪري ڇٽڪي ڇتين منجهان، قدرت سندي ڪمال، صحت لاءِ سوکڙي- اَلا! جهُري مَ شالَ غريبن جي جهوپڙي! * جنهن ۾ جشن مچي، مٺي ڍوڍي جوار تي، سادو گذر وجهي نه طبيبن تنوار تي، پورهيو وجهي ٿو واڌ وڏيري ڄمار تي، غالب پوي نه حرص خوشيءَ جي خمار تي، ”بيوس” جتي جلائي نه چنتا جي چوچڙي اَلا! جهُري مَ شالَ غريبن جي جهوپڙي! (سرءُ، ۱۹۵۵ع) گيت ڌڻيءَ جا گڏجي ڳايون گيت ڌڻيءَ جا گڏجي ڳايون! جو ٿو ٿڌڙا مينهن وسائي، باغن ۾ جو انب پچائي، ويس گلن کي جو پهرائي ان پچائي، گاهه اپائي، عرش ۾ جو تارا ٽمڪائي تنهن مالڪ کي سڀ ساراهيون، گيت ڌڻيءَ جا گڏجي ڳايون! ڌڻيءَ جي وڏائي (حمد) ڏسي دنيا ۾ عجب نظارا، سائينءَ جي سگهه سمجهه پيارا، اڀ ۽ ڌرتيءَ تي اسرار، جوڙيا سائينءَ سڀ جنسار. وڻ ٽڻ ٻوٽا ڌڻيءَ اپايا، قسمين قسمين پن بنايا، گل ڦل ميوا ڪئين گلزار، جوڙيا سائينءَ سڀ جنسار. جبل، نديون ۽ چشما، لاهه، سمنڊ، تلاءَ ۽ ڍنڍون، واهه، برف، ڳڙا سڀ ڌارو ڌار، جوڙيا سائينءَ سڀ جنسار. اڀ ڏي ٿوري نظر ڪريو، سج چنڊ تي پڻ ڌيان ڌريو، سهڻي تارن سندي قطار، جوڙيا سائينءَ سڀ جنسار. راتين پٺيان ڏينهن اچن، جهڙن پٺيان روز روشن، ڪڏهن چانڊوڪي ڪڏهن ڪار، جوڙيا سائينءَ سڀ جنسار. جڳ جو چرخو عجب چلي، سڀڪو چئي ٿو بَلي بَلي، ڪري نه ڪوئي سگهي شمار، جوڙيا سائينءَ سڀ جنسار. ڦوڪڻو ڦوڪي ڦاڙ نه ڦوڪڻو منهنجو آهي ملوڪڻو ڦاٽي پوندو، سبي نه سگهبو کوئنر لئيءَ سان لنبي نه سگهبو ٽنڪر ڏيندو ٽوٽڻو ڦوڪي ڦاڙ نه ڦوڪڻو نرم ڏسين ٿو ڪهڙو آهي جنسي ريشم جهڙو آهي هلي هوا ۾ ڌوڪڻو ڦوڪي ڦاڙ نه ڦوڪڻو خالي آهي کلڙيءَ جهڙو منهن وٽ آهي، نلڙيءَ جهڙو جنهن کي چئجي چوپڻو ڦوڪي ڦاڙ نه ڦوڪڻو ڦوڪڻ سان هي گولو بڻندو ڇڏي ڏيڻ سان سيٽي هڻندو ڪُوڪُو ڪندو ڪُوڪڻو ڦوڪي ڦاڙ نه ڦوڪڻو منهنجو آهي ملوڪڻو ڦوڪي ڦاڙ نه ڦوڪڻو ڪاغذ جي ٻيڙي آيو پاڻي ليٽ ڪري ڪاغذ جي هي ٻيڙي تري ڪاريگر جي ڪاڻ نه ڪائي مون هيءَ پنهنجي پاڻ ٺاهي ڳن نه ڏيندي، ونجهه نه هڻندي منهنجي ٻيڙي بار نه کڻندي توڙي واءُ سڻائو گهلندو هن ٻيڙي جو سڙهه نه کلندو ڦوڪ ڏيڻ سان لهرون ٿينديون ٻيڙيءَ کي سي اڳتي نينديون بندر هاڻي اوڏو آهي ٻيڙي کيپ ڇڏيندي آهي ڪين ڪمائي ڀاڙو ڏيندي مفت ۾ ايندي مفت ۾ ويندي ڳوڙهو ڳوڙهن سان تنهنجي ڳانڍڙ منهنجو به خُون آهي سوداء سر ۾ تنهنجي، منهنجو جُنون آهي تنهنجي بهار کان ئي منهنجي چَمن ۾ چَهه ـ چَهه تنهنجي خزان تي منهنجي حالت زبُون آهي ويو رات کي اکين مان آرام موڪلائي! ڪنهنجو ڪچو ڪنن تي پئڙو پرون آهي هي حال دل جو ”بيوس“ تون پاڻ تان سهي ڪر! آٿت جو آهه تو لئه، مون لئه ستُون آهي!!!! (مصطفا انڙ جي فيسبڪ وال تان ۲۵ فيبروري ۲۰۲۴ع تي کنيل)
ڊاڪٽر ادل سومرو سنڌ جو ٻهڳڻو شاعر ۽ ليکڪ محمد سليمان وساڻ پيار کان جي ڌار آهي شاعري سا به ڪهڙي يار آهي شاعري سنڌ جي موجوده دور جي شاعرن جو جڏهن ذڪر ڪبو ته سکر جي ڊاڪٽر ادل سومرو جو نالو سڀني کان مٿانهون هوندو. ڊاڪٽر ادل سومرو پنهنجي شاعريءَ ۾ احساسن، امنگن، جذبن، سونهن ۽ سُريت کي سهڻي انداز سان پيش ڪيو آهي. ڊاڪٽر ادل سومري جو اصلي نالو عبدالڪريم سومرو آهي ۽ سندس جنم سکر ۾ محمد صالح سومرو جي گهر ۱۵ آگسٽ ۱۹۵۵ع تي ٿيو. شروعاتي تعليم سکر مان ۽ پوءِ ميٽرڪ ۽ بي اي به اتان ئي ڪئي. ايم اي اقتصاديات ۾ سنڌ يونيورسٽيء مان ۱۹۷۷ع ۾ فرسٽ ڪلاس سان پاس ڪرڻ سان گڏ سنڌ يونيورسٽيء مان ئي ۱۹۷۹ع ۾ سنڌي ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن سان ايم اي به پاس ڪيائون. ۱۹۹۹ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان سنڌي ادب ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائون. ڊاڪٽر ادل سومرو پنهنجي لکڻ جي شروعات ماءُ بنا ٻار نالي نظم لکي ڪئي، جيڪو ۱۹۶۹ع ۾ روزانه هلال پاڪستان ۾ ڇپيو. وقت سان گڏ سندس شاعريء ۾ نکار اچڻ لڳو جنهن جو هڪ سبب سندس هم عمر ساٿي اياز گُل سان گڏ سکر ۾ ٿيندڙ سنڌي ادبي سنگت جي ادبي گڏجاڻين ۽ ڪچهرين ۾ اچڻ وڃڻ سبب پيدا ٿيو. جتي شيخ اياز، رشيد ڀٽي، فتاح ملڪ ۽ تنوير عباسي جهڙن عظيم شاعرن ۽ لئڪن کان سکڻ جو موقعو حاصل ٿين. ڊاڪٽر ادل سومرو ٻارن لاءِ شاعري ۽ ڪهاڻين جا ڪتاب لکي سنڌي ادب ۾ ٻاراڻي ادب جي کوٽ جي پورائي ڪرڻ جهڙو اهم ڪم پڻ ڪيو آهي. ادل سومرو سنڌي شاعريءَ ۾ غزل، هائيڪي، نظم، بيت، گيت ۽ وائي جو پختو شاعر ٿي اڀريو آهي ۽ سندس هاڪ سنڌ ۽ هند ۾ هر هنڌ آهي. ادل سومرو شاعريء سان گڏ ڪهاڻيون، مقالا، مضمون ۽ ريڊيو لاء اسڪرپٽ پڻ لکيا آهن. انکانسواٰءِ هن ڪيترائي ڪتاب مرتب ڪرڻ سان گڏ شاعريءَ کي ٻين ٻولين ۾ ترجمو پڻ ڪيو آهي. ڊاڪٽر ادل سومرو سنڌيءَ سان گڏ اردوءَ ۾ پڻ شاعري ڪئي آهي. سندس شاعري سنڌ جي اهم فنڪارن ريڊيو ۽ ٽي وي سان گڏ اسٽيج تي ڳائي خوب داد حاصل ڪيو آهي. ريڊيو ۽ ٽي وي تي سندس 200 کان مٿي گيت، وايون ۽ غزل رڪارڊ ٿي چڪا آهن. ڊاڪٽر ادل سومرو ۱۹۸۱ع ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي سنڌي شعبي ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر طور پنهنجون ذميواريون سنڀالي سنڌي ادب جي شاگردن لاءِ هڪ رهنما طور ڪم ڪري رٽائرمينٽ ورتي آهي. سندس ادبي ڪمن ۾ ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن: وليون وڻ ڦلارئا (شاعري)، سمنڊ جاڳي ٿو (شاعري)، وساري نه ڇڏجو (شاعري)، اسين مسافر پيار جا (نثر)، روز ٽڙن رابيل (ٻارن لاءِ شاعري)، چنڊ پشم گولو (ٻارن لاءِ شاعري)، آچر جا احوال (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون)، پتلين جو تماشو (ٻارن لاءِ شاعري)، جيتن جي ڪانفرنس (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون)، نئين دؤر جا نوان سبق (ٻارن لاءِ ڪالم)، مٽيءَ جا رانديڪا (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون) ڇپيل آهن. انهن کانسواء سندس ترتيب ڏنل ڪتابن ۾ سنڌالاجي ۽ ساميءَ جا مٽ (سگا مرڪز) مرتب، سنگت ڪهاڻي نمبر (مرتب)، سنگت شاعري نمبر (مرتب)، سنگت ڪارڪردگي نمبر (مرتب)، رنگ برنگي ڦوڪڻا (ٻارن لاءِ شاعري) سنڌالاجي ڄامشورو (مرتب)، ٻارن لاءِ چونڊ ڪهاڻيون - اڪيڊمي آف ليٽرز اسلام آباد (مرتب)، ٻارن لاءِ گيت (سگا روشن تارا اسڪول لاءِ) (مرتب)، سرمست (خيرپور) مرتب، نيروليءَ جو خواب (مضمون ۽ خاڪا)، ڏات جي ڏيهه مان (فنڪارن جا تعارفي خاڪا)، انقلاب، اسٽين گن ۽ ڪتو (ڪهاڻيون)، سنڌي ادبي سنگت، تاريخ ۽ ڪردار (ڊاڪٽريٽ جو مقالو) شامل آهن. ڊاڪٽر ادل سومرو هڪ شاعر ۽ اديب هجڻ سان گڏ نفيس انسان پڻ آهي. سندس بي بها خوبين مان هڪ خاصيت سندس مرڪي ملڻ ۽ هر ننڍي يا وڏي کي عزت ۽ مان ڏيڻ ، ملنساري سان گڏ حوصلا افزائي ڪرڻ واري به آهي. ادل سومرو کي سندس مڃتا عيوض اڻ ڳڻيا ادبي ۽ مڃتا اوارڊ مليا آهن. کيس 2011 ۾ سندس ادبي مڃتا عيوض حڪومت پاڪستان پاران صدارتي اوارڊ براءِ حسن ڪارڪردگي سان پڻ نوازيو ويو. ادل سومرو جو گهڻو وقت سنڌي ادبي سنگت ۽ ادبي ميڙاڪن ۾ گذريو آهي. ان کانسواءِ هو سماجي ڪم ۾ به اڳڀرو رهيو آهي. سنڌي ادبي سنگت سکر جو جنرل سيڪريٽري، سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري، سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي سڪريٽري جنرل، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سکر جو نائب صدررهڻ سان گڏ مختلف ادبي، علمي ۽ سماجي ادارن ۽ تنطيمن جو اعزازي ۽ صلاحڪاري بورڊ جو ميمبر رهندو اچي. اڄ ڪلهه روزاني عوامي آواز ۾ بيت لکي رهيو آهي. سنڌ جي هن ڏاهي ڏات ڌڻيءَ لاءِ دعا آهي ته زندگيء جو نئون سال شال سندس زندگيءَ ۾ خوشين جا خزانا ۽ نئين بهارن جا پيغام آڻي. ادل سومرو سنڌ جو آدرش وادي ڪردار رحمت الله پيرزادو ادل سومرو، محمد صالح سومري جي گهر ۾ ۱۵ آگسٽ ۱۹۵۵ع تي سکر ۾ ڄائو. سندس نالو عبدالڪريم رکيو ويو. ادل سومري ۱۹۷۳ع ڌاري، سنڌ يونيورسٽيءَ مان اقتصادياتEconomics ۾ ايم اي ڪئي ۽ ۱۹۷۹ع ڌاري سنڌي لٽريچر ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ فرسٽ ڪلاس پوزيشن گولڊ ميڊل ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي. ادل سومري، ۱۹۹۹ع ڌاري شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان، سنڌي ادب ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. ادل سومري جي ادبي اوسر ترقي پسند تحريڪن مان ٿي. هو سنڌي ادب سنگت ۽ سنڌ گريجوايٽس ايسوسيئيشن کان ويندي ڪيترين ئي قومي ۽ بين الاقوامي تنظيمن سان سلهاڙيل رهيو آهي. سنڌي ادب ۾، ادل سومرو هڪ خوبصورت شاعر طور سڃاتو وڃي ٿو. ادل سومرو ذاتي طرح شيخ اياز، ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ تاج جويي جي ويجهو رهڻ ڪري ۽ انهن جي صحبت ۾ ادب جي سنجيدگيءَ کي سمجهي چڪو آهي. سندس ادبي پرورش ۾ انهن سينئر شاعرن جو وڏو حصو آهي. سندس ڏات، هر وقت سندس ذات تي حاوي رهي آهي. ذاتي طرح، ادل سومري ۾ مون اهو محسوس ڪيو آهي ته هو هڪ ئي وقت ليڊر ۽ ورڪر واريون ٻئي خصوصيتون رکي ٿو. جيڪا شيءِ ٻڌائي ٿي ته هو ادب کي نظرياتي طرح به Own ڪري ٿو. ادل سومري جي شاعري وائيءَ کان شروع ٿئي ٿي. هن شروعات ۾ تمام خوبصورت وايون، بيت ۽ دوها (يعني ڪلاسيڪل صنفون) لکيا. ان بعد خوبصورت غزل، گيت ۽ نثري نظم لکيائين. سندس منفرد اسلوب، کيس پنهنجي همعصر شاعرن کان الڳ ڪري بيهاري ٿو. موجودهه سنڌي شاعريءَ ۾ جيئن ته غزل سڀ کان وڌيڪ مقبول صنف ٿي اڀريو آهي، جنهن ۾ سنڌي شاعرن قابل داد تجربا پڻ ڪيا آهن، ادل سومري جو غزل سندس خوبصورت سڃاڻپ آهي. هو غزل جو ڪامياب شاعر آهي. هن وٽ پنهنجو ڍنگ (Diction) آهي. ادل واحد شاعر آهي جنهن وٽ شهرن توڙي ڳوٺن جي زندگيءَ جو درد ساڳيءَ شدت سان نظر اچي ٿو. هو سادي ٻوليءَ ۾ شديد کان شديد احساس بيان ڪرڻ جو ڏانءُ رکي ٿو. هو هر صنف جي نزاڪتن سان گڏ پنهنجي مقصد جي ڳالهه چئي وڃي ٿو. هو وائيءَ ۾ ڪرفيو ۽ بم ڌماڪن جو ذڪر ڪري ڄاڻي ٿو. ”طبقاتي سماج ۾ دلبر ٿيو پٿر“ سندس اهي خيال، شديد ڪرب مان گذريل محسوس ٿين ٿا. طبقن واري ٽڪساٽ ۾، محبوب ڪيئن پٿر ٿئي ٿو؛ ان سماجي رويي کي شعر ۾ اظهارڻ ادل جي فن جو معراج آهي. ادل جو شاعراڻو پيچرو اهو آهي. هو رومانوي ڪيفيتن جو مصور شاعر آهي. مگر حالتن جي ڀڃ ڊاهه ۽ غير يقينيءَ جي صورتحال ۽ سنڌ جي احساس ڪمتريءَ وارو سڄو پس-منظر ادل جي اصل تخيل کي گرد آلود ڪندو رهيو آهي. (جيڪو تقريبًا سندس دور جي هر تخليق ڪار جو الميو آهي). ادل سومرو، سنڌي ٻوليءَ جو خوبصورت رومانوي شاعر آهي. پر هو جلندڙ روم کي ڏسي، نيرو جي بنسري وڄائڻ بجاءِ، پنهنجي رومانوي انداز ۾ احتجاج ڪري، پنهنجي دور جي سچن لکارين ۾ ڳاٽ اوچو ڪري، هلندي نظر اچي ٿو. هاڻ ادل ڀلي وڏين ۽ شاندار نوڪرين تي ويٺل هجي. (جن جو هو حقدار به آهي) هن پنهنجو پاند آزاد ۽ بي داغ رکيو آهي. هو ڊرائنگ روم سوسائٽيءَ جو حصو ناهي بڻيو. ادل اڄ به اورچ، جاکوڙي ۽ محنتي آهي. هو سنڌ جو آدرش وادي ڪردار آهي. ادل سومرو سِنڌُ جي اَدلَ جا ۶۸ سال فرهاد جيلاني هيءَ پوري دنيا توڙي سموري سنڌُ عظيم ڏاهن، اعليٰ خيالن جي علمبردارن سان ڀري پئي آهي هر ڪنهن پنهنجي نشست پنهنجي سوچ ۽ خيالن جي اڏام سان محفوظ ڪئي آهي ايئن ئي سنڌ جا شاعِر پنهنجي اعليٰ خيالن سان سنڌي ادب جي واڳ کي مضبوطيءَ سان جهلي سنڌي ادب جي نگهباني ڪري رهيا آهن، جن جو مقصد مقبوليت نه پر اڀرندڙ ذهنن جي آبياري ڪرڻ آهي. انهن منجهه ادل سومري جو نالو به اچي وڃي ٿو جنهن پنهنجي زندگيءَ جو گهڻو حصو ادب کي ڏنو آهي. ۱۵ آگسٽ ۱۹۵۵جي ڏهاڙي تي ادب جي دنيا ۾ هڪ مکڙي کلي پئي جيڪا اڄ هڪ وڏو گلشن بڻجي ڪري انيڪ مکڙين کي ڇانورا بخشي رهي آهي. ادل سومرو سنڌ جو اهو شاعر آهي جنهن هميشه کان ئي شاعريءَ تي ڀرپور نموني ڪم ڪيو آهي، پنهنجي ادبي زندگيءَ ۾ ۱۰ کان مٿي ڪتاب الڳ مضمونن تي سنڌي ادب جي جهوليءَ کي عطا ڪيا آهن جيڪي تقريبن سڀ ئي مقبول بڻيا آهن جن منجهه “اسين مسافر پيار جا”، “سمنڊ جاڳي ٿو”، “وساري نه ڇڏجو” ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن .انهيءَ کان علاوه هُو ٻارڙن جي شاعر جو اعزاز به ماڻي چڪو آهي،ادل ٻارن لاءِ ۱۵ کان مٿي ڪتاب لکيا آهن جن ۾ “مٽيءَ جا رانديڪا”، “آچر جا احوال”، “پوپٽ جهڙا گيت” ۽ ٻيا ڪتاب گهڻا مقبول آهن. سنڌ جي هن سرموڙ شاعر ڪٿي انقلابي بڻجي ته ڪٿي محبت جو سفير بڻجي پنهنجا خيال پنهنجين لکڻين ۾ آندا آهن، سڀڪو سمجهي ڪين ٿو، قصو هيءُ قديم، رهيو عشق عظيم، آهي هر ڪنهن دور ۾. ادل جي شخصيت نهٺائي، سان ٽمٽار آهي، هو هڪ ئي ملاقات ۾ ماڻهوءَ کي پنهجو شائق بڻايو ڇڏي. سچ ته معاشري ۾ اهو ئي اديب جو ڪردار هجڻ گهرجي جو هڪ ئي ملاقات منجهه هو ملندڙ کي پنهنجو زر خريد بڻائي ڇڏي. سنڌ جي ادل سالن کان هر هڪ ڏينهن تي هر هڪ موضوع کي چوسٽي ۾ بند ڪري پنهنجا خيال لوڪ تائين پهچايا آهن. ادل سومري پنهنجا ۶۸ سال سنڌ کي ارپيا جڏهن ته هن پنهنجي زندگيءَ۾ انيڪ ڏکاين کي منهن ڏئي ڪري پاڻ کي ادبي ميدان ۾ برقرار رکيو ۽ انيڪ اعزاز پنهنجي نانءُ ڪيا جن ۾ ثقافت کاتي پاران مليل بيسٽ بڪ ايوارڊ، تمغه امتياز، سچل سرمست بيسٽ پوئٽ ايوارڊ، ڪاروانِ ادب ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي ايوارڊ حاصل ڪيا. ادل سومرو جنهن جو قلمي نالو عبدالڪريم سومرو آهي خيرپور جي سرزمين سان سلهاڙيل رهي انيڪ ادبي خدمتون سرانجام ڏنيون، هن وقت پاڻ شاهه لطيف يونيورسٽي جي پروفيسر طور ڪم ڪري چڪو آهي جتان هن سنڌي ادب ۾ پي ايڇ ڊيءَ جي ڊگري حاصل ڪئي. پنهنجي بيچلرس ۽ ماسٽرس جي ڊگري سنڌ ورسٽيءَ مان حاصل ڪري ادبي دنيا ۾ اڃا وڏو نالو ڪمايائين جڏهن ته هن کي مقبوليت حاصل ڪرڻ جو ڪو به فڪر نه هوندو هيو.ادل سائينءَ ڪڏهن ڪڏهن ويڳاڻو هوندي به پاڻ کي ڪڏهن اڪيلو محسوس نه ڪيو آهي جيئن هن پاڻ ئي چيو آهي ته؛ دوست سڀ مصروف آهن سومرا، اڄ پنهنجو پاڻ سان ڪچهري ٿي وڃي. ادل سومري پنهنجي زندگيءَ ۾ غزل، هائيڪو، ٽيڙو، چوسٽا، بيت، گيت ۽ ٻين صنفن تي گهڻو ڪم ڪيو جڏهن ته اڄ ادل جي شاعري پڙهي ۽ مختلف سرن ۾ ڳائي وڃي ٿي جيڪا دنيا جي تقريبن ۳۶ ئي موضوعن تي(امر جليل چواڻي) لکيل آهي ادل سومري جو هڪ ٽيڙو آهي ته؛ شاهه سچل سامي، پياري ڀري پرڀات جا، آهن پيامي. سندس شاعريءَ ۾ ترنم، تجنيس حرفي، تجنيس زائد ۽ ٻيا موجود عنصو ملن ٿا جيئن مٿين ٽيڙوءَ ۾ “پيار ڀري پرڀات” تجنيس جو پورائو ڪري ٿي. هر انسان جي ادبي دنيا ۾ پنهنجي جڳهه هوندي آهي جيئن پنهنجي سوچن ۽ خيالن جي اڏار سان انسان پنهنجي جڳهه جوڙي وٺندو آهي جيڪا هن کي آسمان جي وسعتن تائين رسائيندي آهي. ادل جهڙا املهه موتي دنيا ۾ گهٽ ئي ملن ٿا جن جو قدر جوهريءَ جيان هڪ اديب ئي ڪري سگهي ٿو. ڀٽائيءَ جي هيٺ بيان ڪيل شعر جهڙو ادل سومرو پنهنجي ادبي سڀاءَ ذريعي قوم جي نوجوانن ۽ معاشري جي ٻين سڀني فردن جي آبياري ڪندو رهندو مائرون سي مرڪن، جنين جنگ نپايا، ٻين ويچارين، ڄڻيندي ڄمار ويئي. نامياري شاعر ادل سومري سان ڳالهه ٻولهه انٽرويو: سارنگ منير سومرو س... سڀ کان پهريان اوهان پنهنجي تعليمي ۽ پيشيوراڻي سفر بابت ڪجهه ٻڌائيندا؟ ادل سومرو .. ادا منھنجو نالو عبدالڪريم سومرو ولد محمد صالح سومرو، ادب ۾ منھنجي سڃاڻپ ادل سومري جي نالي سان آھي، منھنجو جنم سکر ۾ اجرڪ ڇريندڙ ھنرمند خاندان ۾ ۱۵ اگسٽ ۱۹۵۳ تي ٿيو، منھنجو والد محمد صالح سومرو ۽ ڏاڏو ٺارو سومرو اجرڪ جي فن جا مشھور ڪاريگر ھئا، منھنجي پرائمري کان ماسٽر تائين تعليم سکر ۾ ئي ٿي، پڙھائي دوران پرائمري استاد به رھيس، بعد ۾ پلاننگ اينڊ ڊيولپمنٽ ڊپارٽمنٽ ۾ ايڪانامڪ انويسٽيگيٽر، مختلف ڪاليجن ۾ ليڪچرار ۽ آخر ۾ سنڌي شعبي شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان پروفيسر چيئرمين جي حيثيت سان ۲۰۱۳ع ۾ رٽائر ٿيس. س ... اوھان جو ادب سان لڳاء ڪيئن ۽ ڪڏھن ٿيو ادل سومرو ..اسڪول ۾ اٺين درجي ۾ پڙھائئ دوران عظيم استاد سائين ممتاز علي مغل جن جي ھدايت تي مير معصوم شاھ لائبرري ويندو ھيس، جتي مطالعي جو شوق پيدا ٿيو ۽ اتساھ جا نوان دروازا کليا، ڪتابن جي دنيا سان تعارف ٿيو، لوڪ ڪھاڻين جا ست جلد اتي پڙھيا، ادب ۾ پھريون ليکڪ امر جليل ھو جنھن جون ڪھاڻيون اتي پڙھيون ۽ ان بيحد متاثر ڪيو، ائين کڻي چئجي ته مون لاءِ، ادب جو دروازو سائين امر جليل کوليو، پڙھڻ سان گڏ مون ۾ لکڻ جو جذبو به انھيءَ دوران پيدا ٿيو ۽ مون زندگي جو پھريون نظم به ان دور ۾ تخليق ڪيو، جنھن جو عنوان ھو ماء بنا ٻار جو نظم جيڪو ھلال پاڪستان اخبار ۾ ڇپيو ھو. اھو نظم مون ماءُ بابت لکيو ھو، جيڪا ويھن سالن جي عمر ۾ گذاري وئي ،جڏھن ته منھنجي عمر ان وقت صرف ڇھه مھينا ھئي، منھنجي پرورش منھنجي ڏاڏي مريم ڪئي ھئي، اڳتي ھلي گلن جھڙا ٻارڙا ۽ سنڌي ادبي سنگت جو پليٽ فارم مليو جتي ادبي آبياري ٿي، اتي شيخ اياز، رشيد ڀٽي، تنوير عباسي، فتاح ملڪ، ڪامريڊ آزاد ۽ ٻين جي رھنمائي حاصل ٿي ۽ ائين ادبي سلسلو وڌندو ويو. س .. ننڍپڻ جو ڪو يادگار واقعو ادل سومرو: پرائمري ٽئين درجي ۾ اسان جو استاد ھوندو ھو سائين عبدالرزاق مڱريو، جيڪو اسڪول ۾ سڀ کان پھريان نماز واري ڪاپي چيڪ ڪندو ھو ، جنھن ۾ ھر نماز جي سامھون، پيش امام جي صحي ٿيل ھوندي ھئي، مان فجر جي نماز نه پڙھي سگھندو ھوس، جنھن ڪري روز صبح جو مار کائيندو ھوس، مار کان بچڻ لاءِ مون ھڪ اٽڪل سوچي جو فجر واري خاني ۾ مان پاڻ پيش امام جي ڪوڙي صحيح ڪري ڇڏيندو ھوس، اھا ڳولي سوچي مان اڄ به مرڪي پوندو آھيان، ان تي اسان جي وڏڙن کي سوچڻ کپي. س: ھن وقت تائين ڪيتري شاعري ڪري چڪا آھيو ادل سومرو..ادا ھي ته پيار جو پنڌ آھي جنھن ۾ وکون ناھن ڳڻبيون، بس اھو اطمينان آھي ته مان پنھنجي تخليقي سفر ۾ ڪٿي ساھي پٽي رڪيو ناھيان، مسلسل لکندو ۽ ڇپجندو رھيو آھيان جنھنڪري پڙھندڙ سان منھنجو تعلق قائم رھندو آيو آھي س: اوهان شاعر نه هجو ها ته ...؟ ادل سومرو ... ته وري به شاعر ھجان ھا ڇو ته ڏات جي اھا فيڪلٽي ڪنھن نه ڪنھن روپ ۾ ظاھر ٿئي ھا س: شاعري ۾ ڪنھن کان متاثر آھيو ادل سومرو .. شاھ عبداللطيف ڀٽائي ۽ شيخ اياز س .. پسند جو غزل يا شاعري جنھن کي اوھان، ھميشه ياد ڪندا آھيو؟ ادل سومرو .. ھونئن ته ھر تخليقڪار کي پنھنجي سڀني تخليقن سان پيار ھوندو آھي، انھن مان چونڊ ڪرڻ مشڪل ھوندو آھي منھنجي پسند،جون منھنجون ڪيئي تخليقون آھن. نظمن ۾ نيروليءَ جو خواب، ٻارن جي وارڊ ۾ لائيٽ آف، ڪئمپ، ڪرفيو ۽ چنڊ غزلن ۾ تنھبجي گھر جي ڀرسان آھيان ڄڻ مندر جي ڀرسان آھيان سونھن جا اجرن پکين ۾ ٽي رھي شاعرن جي سا دلين ۾ ٿي رھي دوستيءَ کي روشنيءَ سمجھي، اسان ڪلھه وياسين راھ ۾ رلجي اسان س .. ڪيسٽي عام پسند، واري شاعري معاشري ۾ ڪھڙي ڪلچر کي ھٿي ڏئي ٿي؟ ادل سومرو: ائين ته سٺي ۽ معياري شاعري به ڪيسٽن ۾ آئي آھي پر گھڻو رجحان غير ادبي ۽ سطحي شاعري وارن ڪلامن جو رھيو آھي، اھڙي شاعري جي عمر گھٽ ٿئي ٿي، ان شاعري جو ڪو وڏو ڪارج نٿو ھجي، سماجي اعتبار کان ان وسيلي تماشبيني ڪلچر کي ھٿي ملي ٿي ۽ اخلاقي لحاظ کان ھڪ بگاڙ پيدا ٿئي ٿو سوال: اوهان جي پسند جو شاعر شيخ اياز آهي انهيءَ جي شاعريءَ کي ڪئين ٿا ڏسو؟ ادل سومرو: شيخ اياز جي شاعري ھر دور جي شاعري آھي، جيئن جيئن وقت گذرندو ويندو ھن جي تخليق جا نوان رخ ظاھر ٿيندا ويندا، اياز جي ذڪر کانسواءِ سنڌي شاعري نامڪمل آھي، اسان جن نام نھاد نقادن اياز جي تخليقن سان انصاف نه ڪيو، شخصي حوالا ڏيئي ھن جي دل آزاري ڪئي وئي، ھن جي ڪردار ڪشي ڪئي وئي. سوال: سنڌي ٻولي جو آئيندو اوهان ڪئين ٿا ڏسو..؟ ادل سومرو: سنڌي ٻولي جو آئيندو محفوظ آھي پر ان لاء خطرا موجود آھن، ٻاھر کان وڌيڪ اندر جا خطرا آھن، اسان جن ڪيترن گھرن جا ٻار سنڌي لکي ۽ پڙھي نٿا سگھن جيڪو مستقبل جو وڏو خطرو آھي ان لاءِ اسان ذميوار آھيون، اسان کي وري وچن ورجائڻو پوندو، سنڌي لکو پڙھو ۽ ڳالھائيو. ادل سومرو صاحب نامياري شاعر سان ڪيل منھنجي ڳالھ ٻولھ ڳالھ ٻولھ: امر اقبال اوهان جي ننڍپڻ ۽ ان وقت جي ماحولَ جي باري ۾ ڄاڻڻ چاهينداسي، جنهن اوهان جي شخصيت جي تعمير ڪئي... مُختصر اهو، ته منھنجو جنم سکر ۾ ٿيو. ننڍپڻ، پرائمري، سيڪنڊري ۽ ڪاليج سطح تائين تعليم سکر ۾ ئي ٿي. سنڌيءَ ۾ ماسٽرس ڪئي، فرسٽ پوزيشن سان، ايڪانامڪس ۾ ٿرڊ پوزيشن سان، پوءِ وري سنڌي ادب ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي... سکر علمي، ادبي ۽ تاريخي پس منظر رکندڙ شھر آهي، اديبن ۽ عالمن جو شھر آهي. تعليم جي حوالي سان تعلق هن ئي شھر سان رهيو. خانداني پسمنظر اهو آهي، ته منھنجي خاندان ۾ ڪجهه پڙهيل لکيل ماڻھو هيا، ڪجهه استاد هيا. منھنجو والد صاحب محمد صالح سومرو، منھنجو ڏاڏو ٺارو خان سومرو اجرڪ جي صفت سان لاڳاپيل هئا. منھنجي والد صاحب انھيءَ ئي هنر کي پنھنجي زندگيءَ جا پنجاهه سال ارپيا. مان وري تعليم جي پاسي ڏي، تدريس جي نوڪريءَ ۾ آيس. اجرڪ سازيءَ جي هنر سان ايڏي وابستگي نه رهي. ڄاڻَ رَهي... ننڍپڻ ۾ لئبريرين ۾ وڃڻ ٿيندو هيو. سکر جي معصوم شاهه لئبريري، اتساهَه جو هڪ وڏو مرڪز هئي. اٺين درجي کان وٺي اُتي وڃڻ شروع ڪيو. لوڪ ڪھاڻين جا جُلد پڙهيا... ان کانپوءِ وري امرجليل جي افسانن ڏي لاڙو ٿيو... لئبريريءَ ۾ عملي ادبي ماحول مليو. ان کان علاوه ”گلن جھڙا ٻارڙا“ تنظيم هئي، ان سان وابستگي رهي. اسڪولَ ۾ سرگرميون ٿينديون هيون... تقريري مُقابلا، مضمون نگاريءَ جا مقابلا، شاعري... ”گلن جھڙا ٻارڙا“ جيڪو رسالو آيو، ان ۾ به لکڻ شروع ڪيوسي. اهو جيڪو شروعاتي دؤر هُيو، ان ۾ هڪ بھتر ماحول مليو. سنڌي ادبي سنگت وري ان کانپوءِ ٿي اچي، جڏهن ڪاليج جي دؤر ۾ پھتاسي.... اتي وري شيخ اياز، تنوير عباسي، رشيد ڀٽي، فتاح ملڪ... اِهي ماڻھو هُيا، جن وري سنڌي ادبي سنگت ۾ هڪڙو بھتر ماحول ڏنو... اجرڪ سازي اوهان جي وڏڙن جو هنر آهي. اجرڪ اوهان جي شاعريءَ ۾ به هڪ ڀرپور استعاري طور نظر ٿو اچي... جڏهن کان شعوري عُمر ۾ پير رکيو، اجرڪ جا ئي رنگ نظر آيا. هنرمند، پورهيت، پنھنجي پورهئي سان سچا، هر وقت ڪم ۾ مصروف نظر ايندا هيا... ڪڏهن ٺاري سُومري، ڇُري ڪجهه اجرڪَ اها ڏياري پَڪَ، ته سنڌ ثقافت جيئندي اجرڪ پائي اوچتو، سامھون جو آئي لطيف جي وائي، مون کي لڳي هُوبَھو اوهان جي ڪتاب ”نيروليءَ جو خُواب“ جو نالو ئي اجرڪ جي رنگن سان لاڳاپيل آهي... نيرولي منھنجو والد صاحب هيو. منھنجي اڳ واري ڪتابَ ”سمنڊ جاڳي ٿو“ ۾ اُهو نظم ”نيروليءَ جو خوابُ“ شامل آهي.... منھنجو پيءُ نيرولي آهي ان جو ٺاهيل ڪوئي اجرڪ شايد اوهان جي گهر به هجي... انھيءَ جون علامتي معنائون به ٿي سگهن ٿيون. ائين به ٿي سگهي ٿو نيروليءَ جو خُوابُ، يعني انھيءَ نيروليءَ جو پُٽ، هڪ تخليقڪار بڻجي ويو آهي... ستر واري ڏهاڪي ۾ شاعريءَ جي جهانَ ۾ داخلا کانپوءِ، اوهان پنهنجي انفراديت ڪيئن حاصل ڪئي؟ شعوري ڪوشش هُئي يا فطِري طرح... اصل ۾ ڇا هي ته هِڪُ تخليقڪارُ پاڻ اِهو سڀ ڪجهه نه ٿو ٻُڌائي سگهي. مان ته چوندو آهيان ته شاعر کي آزاد ڇڏي ڏيو ته هُو ڪھڙي به گهاڙيٽي ۾ لکي... باقي وٽس فڪري اڏام ڪيتري آهي، سادگي ڪيتري آهي، گھرائي ڪيتري آهي... اهي شيون مُشاهدي سان پيدا ٿينديون، تجربي سان پيدا ٿينديون. هاڻي اهي شيون وري ٻاهريون ماڻھو، جيڪو پڙهندڙ آ، يا نقاد آ، اهو ٻُڌائي سگهندو. جيئن توهان راءِ ڏني... مان پنھنجي باري ۾ نه ٿو چئي سگهان، ته منھنجي شاعري ڪٿي پھتي آهي... بھرحال هِڪڙي ڪوشش ٿئي ٿي ته اهڙي شيءِ تخليق ڪجي، جيڪا پڙهندڙ پڙهي محسوس ڪري ته هُو پھريون دفعو پڙهي رهيو آهي. اڪثر ائين محسوس ٿيندو آهي ته تخليق ٿيل شاعري اڳ به پڙهيل آهي. شَيون مِلائي، Re-Cycling ڪري، ٻي جو خيال کَڻي شعر ٺاهڻ جو ڪم به ٿئي ٿو. ڪوشش اها هجڻ گهرجي ته جيڪو خيالُ آهي، ڪھڙو به آهي، سادو آهي، پَر پنھنجو هجي... ڪٿان ورتل نه هجي. باقي هِڪَ تسلسل ۾ همعصر شاعريءَ جا هڪٻئي تي اثر به ٿين ٿا. پر پوءِ به ڪوشش ڪجي ته پنھنجي لھجي جي الڳ سڃاڻپ ٿئي. مان گهٽ ۾ گهٽ ان حوالي سان مطمئن آهيان ته مون مسلسل لکيو آهي، ڪڏهن به وٿي ناهي آئي، پڙهندڙن ۽ منھنجي وچ ۾ به .... هر دؤر ۾ توهان جي شاعريءَ جو آواز نئون بنو ۽ تازو توانو رهيو آهي... هر ڏهن سالن کانپوءِ پڙهندڙ بدلجي ٿو وڃي. ڏهه سالَ جيڪڏهن توهان گم ٿي ويئو، ڪتابن مان، رسالن مان، ته پڙهندڙ توهان کي ڪو نه سڃاڻيندو. پوءِ وري انھن سان نئون تعارف ٿيڻو پوندو. منھنجو پڙهندڙ سان تعارف هِڪَ ٻارَ کان وٺي رهيو آهي. هاڻي اهڙا دوست به ملندا آهن، جيڪي چوندا آهن ته، سائين! اسان توهان جي ٻارن لاءِ لکيل شاعري پڙهندا هياسي... اهي وڏا ٿي ويا آهن، وڏن لاءِ لکيل شاعري پڙهڻ ٿا، پر چوندا آهن ته اسان توهان جي ڪتابَ جي ڪري، پڙهڻ طرف آياسي... پڙهڻ جي عادت هيٺين عُمر کان پئي ٿي... اوهان هر صنف تي لکيو آهي. وايون اوهان جون تمام گهڻو مقبول ٿيون. غزل اوهان جو ”اسان کي او سهڻا! وساري نه ڇڏجو“... اها ڪجهه Popular Poetry آهي، جيڪا عوامي سطح تي مقبول ٿئي ٿي. اهو منھنجو غزل ٻارهين درجي ۾ لکيل آهي، معنيٰ شروعاتي دؤر جي شاعري آهي. اها جڏهن آواز جي روپ ۾ آئي ته گهڻو مقبول ٿي. شاعر جڏهن ڪو شعر لکي ٿو ته اُهي هِڪڙا سادا لفظ آهن.... پَر جڏهن توهان ڳائڻ جي ڳالھه ٿا ڪيو ته انھيءَ ۾ ٽي Faculties اچي ٿيون وڃن. هِڪڙو موسيقار، ڪمپوزر، هِڪڙو شاعرُ ۽ هِڪڙو راڳي... اهي ٽئي شيون جڏهن گڏجن ٿيون، ته اها شيءِ وڌيڪ اثر انداز ٿئي ٿي. ماڻھن تائين پھچي ٿي. انھن ماڻھن تائين پھچي ٿي، جيڪي ڪتابَ تائين نه ٿا پھچن... ته اهو هڪ مظبوط وسيلو آهي Communication جو..... سڀني صنفن تي اوهان لکيو آهي. ڪهڙي هِڪَ صنف آهي، جنهن تي لکندي اوهان کي وڌيڪ مزو ٿو اچي؟! اصل ۾ تخليقڪار پنھنجي ڳالھه ڪرڻ چاهيندو آهي. صنفون هڪڙا Frame آهن. ڪڏهن ڪڏهن ڇا ٿيندو آهي، ته هڪڙو وڏو خيال آهي، هِڪڙو ئي Thought آهي، اهو ڀرپور انداز ۾ غزل ۾ نه ٿو ڏئي سگهجي. غزل ۾ Verity هوندي آهي. جيڪڏهن اَٺَ شعر آهن ته اٺ ئي الڳ انداز جا آهن. الڳ الڳ ننڍا ننڍا خيال اچن ته اهي هِڪَ غزل ۾ ڏئي سگهجن ٿا، پر جي هڪڙو ئي خيال آهي، مرڪزي خيال هڪڙو آهي، ته ان لاءِ نظم ئي مددگار ٿي سگهي ٿو. جيڪا ڳالھه ڪرڻ چاهيو ٿا، ان ۾ ڀرپور نموني ڪري سگهو ٿا. منھنجي شاعريءَ ۾ غزل، آزاد نظم، نثري نظم، بيتَ ۽ وايون گهڻيون آهن. اهي چار پنج صنفون... روزاني بنياد تي به ته اوهان بيتَ ۽ چؤسٽا لکڻ جو تجربو ڪيو... اهو هِڪُ تجربو هيو. ان ۾ به مون ڪوشش ڪئي ته تخليقي انداز هجي.بيت ۽ وائي اسان جون مظبوط ڪلاسيڪل صنفون آهن. انھن کي شيخ اياز به recognize ڪيو آهي. امداد حسيني صاحب به تازو ڪنھن انٽرويوءَ ۾ چيو ته اِهي اسان جون ڪلاسيڪل صنفون آهن، اسان کي انھن کي جيارڻ کپي. بيتَ لکڻ جا جڏهن تجربا ٿيا، ته ان ۾ ڪافي شاعر دوستن ٻولي ساڳي رکي، لطيفَ واري سچَلَ واري... يا وري موضوعَ ساڳيا رکيئون... ها بلڪل.... پَر منھنجو اهو خيال هو ته ڀلي صنف ساڳي هجي، پَر اها جديد دؤر سان اهم آهنگ هجي. ٻولي اڄ جي هجي. جيڪڏهن بيتَ ۾ زوريءَ تجنيسِ حرفي هڻبي ته مزو نه ٿيندو. اها مصنوعي لڳندي. اَڄُ جي دؤر جي هئڻ گهرجي. مان اِهي تجربا ڪيا ۽ اخبار لاءِ اِهو نئون تجربو هيو. اخبار ۾ روزانو بيت اڳ ڪڏهن به ڪو نه آيو هو. مان چار پنج سالَ ”عوامي آواز“ ۾ روزانو بيت لکيا. ان کانپوءِ ”ڪاوش“ ۾ چؤسٽا لکيم ۽ انھن ۾ به اها ڪوشش ڪيم ته همعصر موضوعن ۽ حالتن جي عڪاسي ته هجڻ کپي، پَر تخليق اهڙي هجي جو اڄ کان ڏهه سالَ پوءِ به ماڻھو پڙهن ته انھن کي ان دؤر جي لڳي... وکر سو وهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي... جي.... مطلب اهو آهي ته جيڪڏهن سياسي حالتن تي ڪو چؤسٽو لکجي، ته انھيءَ ۾ سياستدانن جا نالا نه لکجن.... مان چوندو آهيان ته، جي ائين آهي، ته پوءِ خبر ۽ شاعريءَ ۾ ڪھڙو فرق ٿيو؟ هِڪڙي خبر کڻي ان کي چئن سِٽن ۾ تبديل ڪندئو ته اها ته خبر ئي رهندي. تخليق ته نه ٿيندي نه.... ڳالھه ضرور ڪيو، پَر انھيءَ ۾ Creativity هجڻ گهرجي. ڪو استعارو، ڪا تشيبهه، جيڪا ان شيءِ کي ابديت ڏئي. اهي شاعريءَ جا Tools آهن. لطيف سائينءَ جي شاعري ڏسو. ان ۾ ايڏيون جديد تشبيھون ملن ٿيون.... جديد مان مُراد اڳ ۾ استعمال ٿيل ناهن، پنھنجي دؤر جون نيون ۽ جديد تشبيھون آهن. اهي شيون اڄ به پڙهئون ٿا ته تازيون ٿيون لڳن. مون اها ئي ڪوشش ڪئي ته، ائين نه ٿئي ته اُنھن چؤسٽن جي عمر به هِڪَ يا ٻن ڏينھن جي هجي... وايُن ۾ اَوهان سنڌ جي صنعتي سماجَ جا عڪسَ جام کڻي آيئو... هوٽل، هُلَ، هشام دونھان دونھان زندگي لارين پويان ڊوڙندي شھر ۾ ٿي وئي شام دونھان دونھان زندگي اوهان جي وائيءَ ۾ وراڻيءَ جو بند سان جَڙاءُ به منفرد هوندو آهي... بس، هِڪَ ڪوشش هوندي آهي... شيخ ايازَ سان اوهان جو وڏو ساٿُ رهيو. انهيءَ ساٿَ کي ڪيئن ياد ڪندؤ؟! اصل ۾ ڇاهي ته شيخ اياز صاحب گهڻو مصروف رهندو هيو. هن جو Profession ئي اهڙو هُيو... وڪالت. ان کي گهڻو وقت ڏيڻو پوندو هيس ۽ خاص ڪري هُو ڪرمنل ڪيس گهڻا کڻندو هيو، جنھن لاءِ کيس گهڻو مطالعو ڪرڻو پوندو هيو. هُنَ جي زندگي هِڪڙي ٽائيم ٽيبل مطابق گذرندي هئي. ٽائيم ٽيبل ۾ جيڪڏهن دوستو وسڪيءَ کي وقت ڏنل آهي يا خليل جبران کي وقت ڏنل آهي، يا ڪنھن به شاعِرَ کي... ته اهو وقت هُنَ ڪنھن دوستَ کي نه ڏنو. اهو وقت هن ڪتابَ کي ڏنو. اها هن جي هِڪڙي وڏي Commitment هوندي هئي. ملندو ڪو نه هيو ماڻھن سان. جي ڪو ويجهو دوست به آيو ته ان سان دروازي تي ملي موڪلائبو.... اسان کي وري لالچ هوندي هئي دل ۾، ته هيڏي وڏي شخصيت آ، انھيءَ سان ملجي. ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ به شيخ صاحب ايندو هيو ته مختصر ايندو هيو. مون کي ياد آ ته ادبي سنگت جي گڏجاڻيءَ ۾ شيخ صاحب منھنجي وائيءَ جي Correction ڪئي هئي. اها ڪاپي اڃان مون وٽ محفوظ آهي. سو، دل ۾ اها خواهش هوندي هئي ته سائينءَ سان ڪچھري ڪجي. هڪ دفعو هُن ڳالھه ڪئي ته هُنَ جو تخليقي ڪم ايڏو وڌي ويو آ، جو هُو اُنَ کي فيئر نه ٿو ڪري سگهي. ائين به چوندو هُيو ته، مان ڪو ماڻھو پگهارَ تي رکي سگهان ٿو، پَر ڪو اهڙو ماڻھو هجي، جيڪو منھنجي ڳالھه کي سمجهي به.... ته پوءِ مون پاڻ ئي کيس آڇَ ڪئي ته، سائين! مون وٽ وقت آهي، صُبح جو پڙهائيندو آهيان، ان کانپوءِ وقت هوندو آهي.... خواهش اِها ئي هئي ته ساڻس ويجهو ٿجي. هُو علم جو ڀنڊار هيو، هُنَ وٽ ايتريون ڳالھيون هونديون هُيون... رات جو گهمندا هئاسي، روز پُراڻي سکر جي گهٽين ۾.... اتي ڪچھريون ڪندو هُيو، دلِ سان..... جڏهن ماڻھو گڏ رهي ٿو، ته پوءِ تڪلف ختم ٿي ٿا وڃن، پوءِ دل جو ڳالھيون، ٻيون ڳالھيون، سَڀُ سامھون اچي ٿيون وڃن... گهڻو پِرايوسي اياز صاحب مان... اياز صاحب مهاڳ به لکيو اوهان جي ڪتابَ جو... جي ها ”سمنڊ جاڳي ٿو“ جو.... هِڪ دفعي جنوريءَ جو مھينو هيو. سيءَ ۾ سگري ٻارينداهياسي. بجلي بند ٿي وئي، ڳاڙهي رنگ جي سگري پئي ٻَري..... ان وقت اياز صاحب مون کي چيو ته، مان جڏهن هليو وڃان ته هي يادگيريون لکجانءِ.... مرڻ کانپوءِ، انھن متعلق ماڻھو ڪُوڙَ بَدُوڙَ به لکن ٿا. مثال هينئر مان لکان ته شيخ اياز سان ويٺو هُيس، مون کي هيئن چيئين يا هونئن چيئين.... شاهد ته ڪوئي ڪونھي، هُو پاڻ به ڪونھي.... مون چيو، سائين! مان، توهان جي جيئري ئي لکندس.... ۽ پوءِ يادگيرين جي حوالي سان چار، پنجَ مضمون مون سائينءَ جي جيئري ئي لکيا. هُنَ پاڻَ پڙهيا. ”پرنس ڪامپليڪس ۾ رهندڙ بادشاهه“ يا ٻيا... شيخ اياز صاحب ته پنهنجي هِڪَ ڏيڍ سٽي ۾ اوهان سان مخاطب به ٿيو آهي... اهو ڇا ٿيندو هُيو ته، جيئن ڪراچيءَ اچجي ٿو ته ڪڏهن ايترا ڪم ڪاريون ٿين ٿا، جو ڪنھن دوستَ سان ملي نه ٿو سگهي ماڻهو. ڪنھن سان مليو، نه مليو.... پوءِ وري ڪو دوست چوندو هيو اياز صاحب کي، ته، سائين! ادل سومرو آيو هو ڪراچيءَ، توهان سان نه مليو ڇا؟!.... ته چوندو هو، نه يار! مون سان نه مليو.... پوءِ دوست ٻڌايو ته چيائين، آهي ته سُڃن اديبن جي جماعت سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل، پاڻ کي اقوامِ متحده جو سيڪريٽري جنرل ٿو سمجهي ڇا؟ (کلندي)... ته پوءِ لکيائين.... ڇـا ڳــالـــھه ادل آهـــــــي؟ سکر ته ٿڌيرو آ، يا مند بدل آهي؟ مطلب، اهڙي ڪا ڳالھه ٿي وئي آ ڇا، جو تنھنجو روَيو تبديل ٿي ويو آهي؟!... شابس آ اياز صاحب کي، جو شعر ۾ ياد ڪيائين.... وقت جي عظيم شاعِرَ جي سٽن ۾ اوهان جو ذڪر يقينن اوهان لاءِ به خوشيءَ جو سبب بڻيو هوندو... ها، بلڪل.... تخليقي ۽ تحقيقي ڪَمَ سان گڏ هِڪَ ايڊيٽر يا مرتب جي حيثيت سان به اوهان جو گھڻو ڪم آهي... ائين ته مون ويھه پنجويھه ڪتابَ Compile ڪيا آهن، پَر جيڪي ٻَه اينٿالاجيون مُون ترتيب ڏنيون، انھن ۾ مون گهڻي محنت ڪئي. انھن ۾ ضرورت هئي اڃان به ڪم جي... ڇاڪاڻ ته ۱۹۴۷ع کان وٺي ۲۰۰۸ع تائين، سنڌي ڪھاڻيءَ جو چونڊ هُئي.... هزارين صفحن تي ڦھليل ڪھاڻين هُيون، پوءِ به مون ساڍا پنج، ڇھه سؤ صفحن ۾ انھن جي چونڊ ڪئي. شاعريءَ ۾ به ايترو لڳ ڀڳ... انھيءَ ڪم مان گهڻو مطمئن رهيس ته هڪڙو چڱو ڪم آهي ۽ انھيءَ ڪَمَ مان Research Scholars کي تمام گهڻي مدد ملي سگهي ٿي. هِڪَ دؤر جي حوالي سان شاعريءَ جا Trends ڪھڙا رهيا؟! شاعرن ڇا پئي لکيو؟.... ته اهي اينٿالاجيون مددگار ثابت ٿي سگهن ٿيون... سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻ جي حيثيت ۾ به اوهان اهڙو ڪم ڪيو... ها، ”شاعري نمبر“ آندو، ”ڪھاڻي نمبر“، ”ڪارڪردگي نمبر“... اوهان پاڻ به ته شروعاتي دؤر ۾ ڪهاڻيون لکيون؟ جيڪا شروعاتي زندگي هوندي آ نه، ته ان ۾ ماڻھو سڃاڻپ جا حوالا ڳوليندو آ. مان انھن ڪھاڻين مان مطمئن ناهيان. هڪڙي ڪوشش هئي، Inspiration هئي.... ٺيڪ هيون ڪھاڻيون، پَر پوءِ مون محسوس ڪيو ته منھنجي اندر ۾ جيڪو شاعر آ، اهو پنھنجي ڳالھه وڌيڪ بھتر انداز سان ڪري سگهي ٿو. انھيءَ ڪري سوچيم ته هروڀرو All Rounder ٿيڻ جي ضرورت ناهي. گهڻا دوست چوندا هيا ته ڊراما لکي ڏي.... هاڻي ڊرامو منھنجو شعبو ئي ناهي.... لکي ته ويندس، مسئلو ناهي، پَر اهو منھنجو شعبو ناهي. منھنجي جيڪا شاعر واري سڃاڻپ آهي، اها ئي رهي ته بھتر آ.... ريڊيو خيرپور لاءِ توهان جو گهڻو ڪم رهيو آهي... ادبي پروگرامَ جي ميزباني، اداريا... ها اهي اداريا به لکيا ۽ ”ڏات جي ڏيھه ۾“ هڪڙو سلسلو هيو، جنھن لاءِ اديبن ۽ راڳين جا پروفائيل لکيا. اهي اسڪرپٽ به محنت سان لکيا. شيخ اياز، تنوير عباسي، شمشير الحيدري، قمر شھباز، امداد حسيني، مخدوم طالب الموليٰ... وڏيون وڏيون شخصيتون... انھن تي لکيم... اهي اسڪرپٽ به محفوظ ٿيڻ گھرجن... ها، اُهي چڱا هِن، ڪتابُ ڇپجي سگهجي ٿو. ان سان گڏ هڪ سلسلو هوندو هُيو، ”هڪ شاعِرُ، هڪ فنڪار“... ان ۾ عابده پروين، زرينه بلوچ، محمد جمن، استاد منظور علي خان، مائي ڀاڳيءَ ۽ ٻين تي به اسڪرپٽ لکيل آهن منھنجا.... تنوير عباسي صاحب جي ڪَمَ ۽ شخصيت جي حوالي سان اوهان اردوءَ ۾ به ڪتاب لکيو... ”پاڪستاني ادب ڪي معمار“.... هڪڙو سلسلو آهي، پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس جو، جنھن ۾ مختلف ٻولين جي اديبن، شاعرن، عالمن جو سوانحي تعارف اردوءَ ۾ ڪتابن جي صورت ۾ ڪرايو ويندو آهي، ته جيئن ٻين ٻولين وارن کي، خبر پوي ته انھن ماڻھن جو ڪم ۽ حيثيت ڇا آهي..... نالا ته ٻڌن ٿا سڀ، پر انھن جي پوري زندگيءَ جي باري ۾، ڪَمَ جي باري ۾ خبر پوي ٿي. اهو سٺو ڪم آهي. مون به ڪوشش ڪئي... سٺو ڪم ٿي ويو. اهو به اطمينان ٿيو ته پنھنجي محسن لاءِ، استاد لاءِ، مون پنھنجي حصي جو ننڍڙو ڪم ڪيو. تنوير صاحب جي وفات کان پوءِ ئي اهو ڪتاب ڇپيو هو..... نئين شاعري جيڪا ٿي رهي آهي، شاعرن جا هجوم ڏسون ٿا، ان شاعريءَ جي معيارَ متعلق ڇا چوندؤ؟! گهڻا سُٺا شاعِرَ به آهن. نوجوانَ Creative آهن، تخليقڪار آهن، پر انھيءَ ۾ وري هِڪڙي شئي ٿئي ٿي ته.... هڪ ته تنقيد پاڻ وٽ آهي ڪونه، سٺا نقاد ڪونھن، يا ته تمام گهڻي تعريف ٿئي ٿي، يا ته وري ڪوئي ڪنھن تي ناراض آهي ته ان تي Personal ٿي لکي ٿو. Personal شيون تنقيد جي زمري ۾ ناهن اينديون.... يا وري ڪا سطحي راءِ ڏئي ڇڏڻ. مثال، ڪڏهن ڪڏهن ائين پڙهندو آهيان ته، ادا! هي ڪتابُ آهي، انھيءَ ۾ ٻَه غزل سٺا آهن، باقي سڀ ڀرتي آ.... اها راءِ سطحي آ. جڏهن ڪنھن به فنپاري تي اوهان راءِ ٿا ڏيو ته، ان ۾ Justification هُجي. دليلن جي بنياد تي هجي. شاعري ٿئي پئي. تمام سٺا شاعر به آهن. نئين ٽھيءَ جي جيڪا شاعري آهي، اها اڳتي وڌندڙ آهي، پَر ان ۾ وري ڪافي اهڙيون شيون به آهن... (کلندي)مطلب ”شوقيه فنڪار“ به آهن..... توهان ڪنھن کي روڪي نه ٿا سگهو. هي هڪڙو آزاد ماحول آ. جنھن کي به وڻي ڪتابُ لکي. ائين به ٿئي ٿو ته هِڪڙو شاعر آهي، جنھن کي لکندي اڃان سال به مس ٿيو آ، پنھنجو ڪتاب ڇپرائي ٿو ڇڏي. اها ان جي هڪڙي خواهش آ. باقي اسان ڪنھن کي روڪي نه ٿا سگهئون. باقي جيڪو Real Poet آهي، ان جي شاعري Surrive ڪندي. اهو هلندو. باقي ڪجهه شيون اهڙيون آهن، جيڪي عارضي طور تي هونديون آهن. ماڻھو ايندا، وري هليا ويندا. هڪڙا مسافر ايندا، ٻيا ويندا.... ڊگهو سفر اهي مسافر ڪندا، جن وٽ Base هوندو، جن جو تخليقي بنياد مضبوط هوندو. شعور جي وسعت، احساس کي سمجهڻ ۽ مشاهدو.... اهي سڀ شيون جيڪڏهن ڪنھن مسافر وٽ آهن، ته اهو هلندو گهڻو.... باقي ٻيا رستي ۾ ئي ٿڪجي پوندا. ها، انھن کي Encourage ڪرڻ گهرجي. عام طور تي اها شڪايت ٿيندي آ ته Generation Gaps آهن، پَر منھنجي خيالَ ۾ اهڙي ڳالهه به ڪانھي... سنڌي ادبي سنگت جي موضوع تي پي ايڇ ڊي ڪرڻ جو تجربو ڪيئن رهيو؟ اصل ۾ تحقيقي ڪم به تمام گهڻو محنت طلب ڪم هوندو آهي. هِڪڙو Creative ماڻھو وڌيڪ بھتر تحقيق ڪري سگهي ٿو. منھنجو اهو Opinion هوندو آ. مان پنھنجي سڃاڻپ وري صرف هڪڙي چاهيندو آهيان، منھنجي شاعري.... ڊاڪٽر تنوير عباسي صاحب سان منھنجي محبت هُئي هِڪَ شاعِرَ جي حيثيت ۾.... ۽ مون جڏهن شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ ۾ نوڪري اختيار ڪئي ته مون کي احساس ٿيو ته مون کي تحقيقي ڪم ڪرڻ گهرجي. ان زماني ۾ پروموشن جي لاءِ پي ايڇ ڊيءَ جي پابندي نه هئي، جيئن اڄڪلھه آهي. ان زماني ۾ مون پي ايڇ ڊيءَ لاءِ موضوع چونڊيو ”سنڌ جي مزاحمتي شاعريءَ جو تنقيدي جائزو“ ۽ ان جو خاڪو ٺاهي تنوير صاحب وٽ ويس. هاڻي پي ايڇ ڊيءَ کانسواءِ ڪو به رهنما نه ٿو ٿي سگهي، پَر ان وقت ڪو به عالِمُ رهنما ٿي پئي سگهيو. غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب، پير حسام الدين راشدي صاحب، تنوير عباسي صاحب.... اِهي سَڀُ پي ايڇ ڊي نه هيا. مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي ته تنوير عباسيءَ جھڙو وڏو قابل ماڻھو مون کي رهنما مليو. سائينءَ مون کي صلاح ڏني ته، هي جيڪو موضوع آهي، مزاحمتي شاعري.... يا وري علامتي شاعري.... انھيءَ تي ڪوئي به پي ايڇ ڊي ڪري سگهي ٿو، پر ”ادبي سنگت“ اهڙو موضوع آهي، جنھن تي ٻيو ڪوئي، انھيءَ انداز سان نه ڪري سگهندو.... منھنجي ادبي سنگت سان Involvement به هُئي ۽ ۱۹۹۲ع ۾ مون جڏهن انھيءَ موضوع لاءِ رجسٽريشن ڪرائي ته ان وقت تقريبن سَڀُ، سنگت جا اڳوڻا سيڪريٽري جنرل به زندهه هيا. سنڌي ادبي سنگت جا اڳواڻ، مھندار، جيئن شيخ اياز صاحب، اياز قادري صاحب، تنوير عباسي صاحب، رشيد ڀٽي صاحب، تاج بلوچ صاحب.... اهي سڀ وڏيون شخصيتون زندهه هُيون.... انهن جي سينن ۾ جيڪا تاريخَ سمايل هُئي، اُها به اوهان جي پهچ ۾ هئي... جي بلڪل.... اهو ئي... تنوير عباسي صاحب چيو ته اَڄُ جيڪو ڪجهه تون لکندين، اهو سَچُ هوندو. سُڀاڻي لکڻ وارا ڌُڪا به هڻندا. سنڌي ادبي سنگت تي جيڪو تحقيقي ڪم هُيو، اهو هِڪ لحاظ کان مختلف به هيو. مثال، جيڪڏهن اڄ مان شيخ اياز جي شاعريءَ تي پي ايڇ ڊي ڪرڻ ٿو چاهيان، ته سڄو مواد دستياب آهي. هڪڙي الماڙي ڀري پئي آهي، جنھن ۾ شيخ اياز جا سَڀُ ڪتابَ موجود آهن. سنڌي ادبي سنگت اهڙو موضوع هُيو، جنھن متعلق ڪتابن ۾ ڪو مواد ئي ڪو نه هيو. اسان وٽ ادبي سنگت ۾ روايت اها رهي آهي ته رڪارڊ رکڻ جو رواج ڪونھي. مثال، ڪنھن شاخ جو نئون سيڪريٽري اچي ٿو ته انھيءَ کي رڪارڊ منتقل نه ٿيندو. پنَن تي ڪاروائي لکي وئي، اخبار ۾ ڇپجي وئي، بس.... مون گهڻو مواد اخبارن مان حاصل ڪيو. ۵۶-۱۹۵۵ع جون اخبارون سنڌالاجيءَ مان ڳوليم.... اوهان ادبي سنگت جي ڪردار کي ننڍي کنڊ ۾ ترقي پسند تحريڪَ جي ڪردار سان جوڙيو آهي... هيءَ سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي تحريڪ آهي. ننڍي کنڊ ۾ جيڪا ترقي پسند تحريڪ شروع ٿي، اُن جا سنڌي ادب تي ڪھڙا اثر پيا، اِها سموري تاريخ موجود آهي، هِنَ مقالي ۾. سنڌي ٻوليءَ جي لاءِ سنڌي اديبن سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان جيڪا جدوجھد ڪئي، اهو هڪ الڳ باب آهي. اها هِڪ الڳ تاريخ آهي. چوڏنھن بابَ آهن ڪُل... انھيءَ ۾ سڀ شيون آهن. ادبي سنگت جا اختلاف، مزاحمت.... تقريبن سڀ موضوع آهن ۽ اها پنجاهه سالن جي تاريخ آهي. ۱۹۴۷ع کان ۱۹۹۷ع تائين.... ادبي سنگت کانسواءِ مختلف ادارن جي سربراهَه جي حيثيت سان اوهان جو گھڻو ڪَمُ آهي ۽ اوهان کي ايوارڊ به گھڻا مليا آهن... توهان ذڪر ڪيو مختلف ادارن جو.... اصل ۾ عُھدن ۽ رُتبن جي ايتري اهميت ناهي هوندي. اصل اهميت Commitment جي هوندي آهي. ماڻهو جتي به آهي، سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ سان ڪَمُ ڪري. باقي.... هي سَندُون، ميڊل، تعريفون دِل! تنھنجي لئه هڪ دوکو آ جو راهِه وفا ۾ آهِه مليو سو گهاءُ به ڄڻ ڪو تمغو آ ڏَهَه ماڻهو، ڪَمَ جي حوالي سان محبت ڪن ٿا، ته انھيءَ کان وڌيڪ ڪو ايوارڊ ڪونھي ڪو. توهان سان دلي طرح ڪو محبت ڪري، صرف هِڪَ شاعِرَ جي حيثيت ۾، هڪ ليکڪ جي حيثيت ۾، ته ان کان وڌيڪ ڪو ايوارڊ آهي ئي ڪو نه.... سنڌ جي ٻارن جي لاءِ به اوهان جو نظم توڙي نثر ۾ گھڻو ڪم آهي... ننڍپڻ جو، جيئن مون ذڪر ڪيو ته ”گلن جھڙا ٻارڙا“ تنظيم هئي. غفران عاقلاڻي، خدا بخش ابڙو، اياز گل، نصير مرزا، اخلاق انصاري، نياز پنھور.... ۽ ٻيا دوست، انھيءَ تنظيم ۾ هوندا هيا. اتان هِڪُ اتساهه مليو. رسالو نڪرندو هيو ”گلن جھڙا ٻارڙا“، جنھن ۾ ٻارن جي لاءِ شاعري لکي سي. لکندا رهندا هياسي. سال ۱۹۷۷ع ۾ منھنجو پھريون ڪتابُ آيو ٻارن لاءِ ”روز ٽڙن رابيل“.... اهو توهان ڏسندؤ ته انھيءَ ۾ جيڪا ڪئليگرافي آهي، اها به مان پاڻ ڪئي. اسڪيچ به مان پاڻ ٺاهيا. ٽائيٽل به پاڻ ٺاهيو. وليم بليڪ جي ڪتابَ “Songs of Innocent” مان مون کي اها Inspiration ملي. معصوم شاهه لئبريريءَ ۾ مون اهو ڪتابُ پڙهيو. جنھن ۾ هُنَ ڪئليگرافي، اسڪيچ، ٽائيٽل سڀ شيون پاڻ ڪيون آهن... سو منھنجي انھيءَ تجربي کي گهڻو پسند ڪيو ويو. ان کانپوءِ ڪهڙا ڪتابَ آيا اوهان جا، ٻارن لاءِ؟! ”چنڊ پشم گولو“، ”پتلين جو تماشو“، ”پوپٽ جھڙا گيت“، ”مٽيءَ جا رانديڪا“.... هِڪ تسلسل رَهيو شاعريءَ ۾. نثر ۾ به ڪتاب آيا ٻارن لاءِ ”آچر جا احوال“، ”جيتن جي ڪانفرنس“، ”نئين دؤر جا نوان سبق“.... اها سَڀُ هِڪڙي ڪوشش هئي پنھنجي طرف کان، ڇاڪاڻ ته ٻارن جو ادب وڏي اهميت رکي ٿو، انھيءَ حساب سان ته ٻارن ۾ Reading Habit انھيءَ عمر ۾ پيدا ٿئي ٿي. ٻاراڻي وهيءَ ۾ جيڪي دوست ڪتابن طرف آيا ته سڄي زندگي ڪتابن سان ئي رهيا. اِها منھنجي انفرادي ڪوشش هئي. ٿيڻ ائين گهرجي ته انھيءَ سلسلي ۾ اجتماعي ڪوششون ٿيڻ گهرجن. اسان وٽ انفرادي سطح تي ٿورو ٿورو سڀني Contribute ڪيو آهي. خوشيءَ جي ڳالھه آهي ته اسان وٽ ٻارن جو ادب متعارف ٿيو ۽ گهڻو هليو. هتي پي ٽي ويءَ تي منھنجا ٻارن لاءِ لکيل تقريبن سڀ گيت رڪارڊ ٿيل آهن. وڏن فنڪارن جي آواز ۾.... استاد محمد يوسف، منظور سخيراڻي، سرمد سنڌي..... بادل! ٿورو بيھُه برن ۾ واريءَ تي وسڪار ڪري وڃ! خوش ٿرين جا ٻارَ ڪري وڃ! اهو سرمد سنڌيءَ جي آواز ۾ رڪارڊ ٿيل آهي.... اوهان اڄ به ٻارن لاءِ لکو پيا، اها اوهان جي شخصيت جي سُٺائي ئي آهي... منھنجو هِڪُ اڻ ڇپيل شعري مَجموعو ”اکرن جا رنگ“ اچي رهيو آهي، جنھن ۾ سنڌي الفابيت جي ٻاونجاهه اکرن سان، موضوع جي حساب سان ٻاونجاهه نظم آهن... ڏسو نه، ٻولين جي لاءِ خطرا به موجود هوندا آهن، ٻوليون ترقي به ڪنديون آهن، ته زوال پذير به ٿينديون آهن. پنھنجي ٻوليءَ کي بچائڻ لاءِ تعليم ئي سڀ کان وڏو ذريعو آهي. هڪ تعليم ۽ ٻيو تخليقي ادب... هاڻي اسان وٽ اهڙي صورتحال ٿي وئي آهي، جو اسان جو ٻار ڳالھائي ته سنڌي ٿو، پر سنڌي لکي پڙهي نه ٿو سگهي. اهو هڪ وڏو الميو آ. ان لاءِ ضروري آهي ته اسان پنھنجي ٻار کي پنھنجي سنڌي ٻوليءَ ڏانھن راغب ڪيون. والدين جي حيثيت ۾ اسان انھيءَ سلسلي ۾ وقت نه ٿا ڏيون. استاد به اهو ڪردار ادا نه ٿا ڪن. دل چوي ٿي ته اوهان کان اوهان جي شاعري ٻُڌجي... مسافر! ننڊ جو ڀاڪر نھوڙي نينھن کي ويندو اڄوڪي ڏينھن کي ويندو ڪڏهن هن جاڳ ڏي هلجي ڀلي جي ماڳ جو رستو ڏٺل ناهي، ته پوءِ ڇا هي؟! اڄاتل ڀاڳ ڏي ڀُلجي چون ڇا ٿا هي پرماري؟ انھن کي ڇو ڀلا ٻُڌجي؟! وطن جي عاشقيءَ ۾ پرَ پَڪو ويساهُه ئي رکجي لڦون پيرن جون ڇو ڳڻجن؟ مٽيءَ جي درد کي ڳڻجي وساري سڀني چھرن کي ڪڏهن هن سنڌ کي ڏسجي ڪٿي ڪو ٻارُ جي روئي سندس معصوم ڳوڙهن کي وڃي پاٻوهه مان اگهجي رسالو شاهَه جو کولي ڪڏهن ڪو بيتُ ئي پڙهجي وطن لئه ڇا ڪيو آهي؟ ڪڏهن هي پاڻ کان پُڇجي مسافر! ننڊ جو ڀاڪر نھوڙي نينھن کي ويندو اڄوڪي ڏينھن کي ويندو واهه سائين واهه... اوهان جي اردو نظمن جو ڪتابُ ”مين اپنا وقت بيچتا هون“ به آيو آهي... انهيءَ ۾ ڪهڙا موضوع آهن؟ موضوعَ اهي ئي ساڳيا آهن زندگيءَ سان لاڳاپيل. داخلي ڪيفيتون به آهن.... انھن کان ماڻھو پري نه ٿو ٿي سگهي. آس پاس جون معروضي حالتون، ڌرتي، ماڻھو، ماڻھن جا مسئلا، ڏک، سک، خوشيون، انتظار، وڇوڙا، اهي سَڀُ شاعريءَ جون ڪيفيتون آهن. موضوع ساڳيا ئي هوندا آهن، پر هر شاعر جو وري پنھنجو ڏانءُ آ. ساڳي موضوع کي توهان ڪيئن ٿا بيان ڪري سگهو؟ توهان وٽ ڪيترو آرٽ آهي، ان ڳالهه کي بيان ڪرڻ جو؟ اهو آرٽ ضروري آهي، انھيءَ تخليق ۾. مان ڪوشش ڪئي آهي ته انھن اردو نظمن ۾ به ائين ئي هجي... ادل سائين! ڳالهيون گهڻيون آهن، پَر وقت اسان کي وڌيڪ اجازت نه ٿو ڏئي. اوهان جي تمام گھڻي مهرباني جو اسان کي قيمتي وقت ڏِنُوَ... توهان جي مھرباني جو منھنجي لاءِ تمام سُھڻا لَفظَ چيَوَ.... توهان جي محبت آهي اها.... توهان عزت ڏني... (ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد جي ’ڪاوش دنيا‘ ۾ ٻن قسطن منجھ ۳۰ مئي ۲۰۲۱ع تائين ڇپيل) ادل سومرو ابراھيم کرل درياءَ پار سھڻيءَ جو ميھر ھو جنھن لاءِ ھوءَ جھنگ جو پنڌ ڪري دلو ڪڇ تي رکي سرن ٻوڙن، ڪنڊاون پيچرن کي لتاڙي جڏھن ڪناري پھچندي ھئي تہ سندس من ۾ رڳو محبوب ھوندو ھو وچ واريون تڪليفون ھوءَ لکائيندي ئي ڪونہ ھئي، درياءَ جي دھشت کيس ڌڪي پوئتي نہ ڪري سگھندي ھئي، ڪُنن جا ڪڙڪاٽ، سيسرن جا سرٻاٽ ۽ سرڙاٽ کيس سسيءَ جو سانگ ڪرڻ ڏانھن ڪڏھن بہ متوجھ نہ ڪري سگھندا ھئا، ھن جو عشق پاڻيءَ تي ترندو وڃي ميھر سان ملندو ھو. ائين عشق ڪنھن بہ رڪاوٽ، تڪليف، اڻانگي رستي، خوفناڪ ۽دھشت زد علامت، ڏيک، کي حواسن تي حاوي ٿيڻ نہ ڏيندو ھو ائين ڪنھن طرفان مليل پيار، عزت، ھمت افزائي، اتساھ بہ حوصلو ڏيندو رھي ٿو تہ اسان کي او سھڻا وساري نہ ڇڏجو ڏئي پيار دل مان ڌڪاري نہ ڇڏجو درياءَ جي ھن پار رھندڙ ھڪ شخص جڏھن پنھنجي پيار جا پر پکيڙي اسان مٿان ڇانورو ڪري بيھي ٿو تہ اسين اس ۾ سڙي ڪٿي ٿا سگھون، سندس وڌندڙ ھٿ جڏھن اسان جي ڪلھي تي پوي ٿو تہ دنيا جا بار ھلڪا ٿي وڃن ٿا. ھو جڏھن آڱر سڌي ڪري رستو ٻڌائي ٿو تہ منزل نظرن کان ڏور نہ ٿي رھي، چيچ پڪڙي وٺي ھلي ٿو تہ اسان جا قدم لڙکڙائن ڪونہ ٿا. سمنڊ کي جاڳائيندڙ اھو شخص، جڏھن لفظن کي ڪوڏ، سپيون بڻائي شعرن جو روپ ڏئي ٿو تہ اھڙيون مالھائون جڙن ٿيون جن کي پائڻ جون سڌون ھرڪو ڪري ٿو، سندس ساٿ جي مالھا رنگا رنگ آھي، ھن ڪڏھن بہ ڪنھن کي گھٽ ڪرڻ نہ چاھيو آھي نہ ئي پاڻ ممبر تي چڙھي واعظ ڪيا آھن ۽ نہ ئي پنھنجو قد وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، ورنہ ھن دنيا۾ ڍينڍڙن جي فوج ۾ ڪمي ڪانھي جيڪي شھرتن جو ڍول ڳڄيءَ ۾ وجھي بادشاھي ھوڪا ڏيڻ ۾ مشھور ٿي پيا آھن، ۽ غلاميءَ جي سنگھر کي بہ مالھا سمجھي رھيا آھن. ھن بيت لکيا آھن، وايون چيون آھن جيڪي ديس جا نقشا چٽا پيش ڪن ٿيون، ھن خوشامدي قصيدا ڪونہ لکيا آھن ۽ نہ ئي مير، پير جي ساراھ جا ڍڪ ڀريا آھن جو ڪنھن مھل موقعي تي ڪاڪڙي کي آڱر ھڻي الٽي ڪرڻي پوي. ھو چوڏھين جي چنڊ جيان ھميشه چٽو ٿي بيھندو آھي، دل ۾ ڳالھ رکندو ڪونھي چئي ڏيندو آھي پوءِ ڀلي درياءُ وھي وڃي. غلطي تسليم ڪيو، اعتراف ڪيو، ساڳئي جو ساڳيو، ور وڪڙ ٿيڻ ڪونہ ڄاڻي، لڪي وار نہ ڪري نہ ئي سانڊي واريون ڦوڪون ڏئي، کيس باھ ٻارڻ ڪونہ اچي دکندڙ ٻنڍيءَ تي پاڻي ھاري ڇڏي، ڀل دونھون سندس اکين مان پاڻي وھائي وجھي پر اف نہ ڪبي. ھٿ جو سخي، دوستن اڳيان کيسو ٻاھر ڪڍي ابتو ڪري ڇڏبو پر ٻن آڱرن سان ڇڪي، ڳڻي ڪاغذ جا ٽڪرا ٻاھر ڪونہ ڪڍندو نہ ئي کين ڌڪو ڏئي تري تائين پھچائيندو، سندس ھت جون تريون سڌيون رھنديون. ھن ڪڏھن بہ ٻٽونءَ جي زپ کي پڪڙ سان بند نہ ڪيو آھي جو وقت اچڻ تي نہ کلي. ۱۵ آگسٽ سندس جنم ڏينھن آھي، سکر جھڙي سخت شھر ۾ دل جو ڪونئرو ھي ماڻھو ادل سومرو آھي، جنھن جي شخصيت جا کوڙ پاسا آھن، خدا ڪري ھو وڌئون وڌ ھجي، ڪوسو واءُ نہ لڳيس، اسان جي مٿان سندس شفقت وارو ھٿ رھي، کيس جنم ڏينھن جون مبارڪون ھجن. (ابراھيم کرل جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۵ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي کنيل) ادل سومرو الفت حسين سکر جي سُڃاڻپ منهنجي ادبي دوست سائين ادل سومري کي ڪير نه سُڃاڻي، جنهن پنهنجي زندگي شاعريءَ ادب ۽آرٽ سان گڏ گذاري آھي. يونيورسٽيءَ ۾ پڙھڻ دوران سائين ادل سومري مون کي همت ۽ حوصلي جا سبق پڙھايا۔ ڏکين وقتن ۽ حالتن مان نڪرڻ جو رستو ڏسي منهنجي رهنمائي ڪئي. زماني جا حقيقي رنگ سُڃاڻڻ جو هنر ڏنو سندس ڪچهريءَ جا منفرد انداز وڻندڙ آهن. هڪ دفعي منهنجي بابا سائين (تاج جويي) جي طبيعت ٺيڪ نه هجڻ ڪري، سائين ادل سومرو بابا سائين سان ملڻ ۽ سندس طبيعت پُڇڻ بابا سائين جي گهر حيدرآباد آيا هئا۔ بابا سائين مون کي به فون ڪري گهرايو. سائين ادل سومري اتي بابا سان ايترا ڀوڳ چرچا ڪيا جو بابا کان پنهنجو بخار ئي وسري وي ۽ هو پنهنجا ٽهڪ روڪي نه سگهيو. سائين سان ڪافي ڪچھريون ۽ پروگرامن ۾ ملاقاتون ٿيون آهن ۽ انهن ڪچهرين ۾ اسان کان پنهنجا ڏک وسري ويندا آھن. بابا سائين تاج جويو اڪثر اُها ڳالھ چوندو رهندو آهي ته ادل سومري سان منهنجي جيتري هجت آهي ايتري ڪنهن سان اهي۔ يا ادل به مون سان هجت ڪندو آهي ڀوڳ ڪندو آهي خوش رهندو آهي گھمندو وتندو آهي۔ زندگي خوش ٿي گذاري ٿو. چوندو آھي؛ ”ادل سان منهنجي دوستي ستر پنجھتر کان وٺي رهي آهي پر هن دوستيء ۾ ڪڏهن به دوکو ناهي ڪيو. “ مان هتي آغا سليم جا اُهي لفظ لکڻ چاهينديس جيڪي سائين ادل سومري جي ڪتاب سمنڊ جاڳي ٿو جي بيڪ ٽائيٽل تي لکيل آھن. ”ادل سومري جي شاعريءَ جھڙي، شاعري ڪرڻ جي حسرت اٿم. “ (آغا سليم) هڪ ڏينهن بابا ڪچهري ڪرڻ وقت مون کي چيو هي ڪتاب پڙهي ڏس۔ سائين ادل سومري جو اهو ڪتاب وساري نه ڇڏجو. مون ٻه دفعا پڙهيو آهي. ان ڪتاب جي باري ۾ آئون سائين لڇمڻ ڪومل جا هي لفظ ضرور لکڻ چاهيندس جيڪي منهنجي دل جي ترجماني ڪن ٿا. ”تنهنجي شاعريءَ جو مجموعو "وساري نه ڇڏجو" ٻه ڀيرا پڙهيو اٿم. “ هڪ ڀيري ٻوليءَ جي لئي جو لطف وٺڻ لاءِ، ٻيو ڀيرو سوچ جو سلسلو جوڙڻ لاء اڄ سائين ادل سومري جو جنم ڏينهن آھي سائين کي جنم ڏينهن جون ڪروڙين دلي واڌايون هجن. . . !! بي وفائيءَ هو مون کي ٻوڙي ڇڏيو تار مان تنهنجي بچايو پيار هو. (ادل سومرو) (الفت حسين جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۵ آگسٽ ۲۰۲۲ع تان رکيل/ کنيل) ادل سومرو دادا سنڌي ادل سومرو جيڪو هر سنڌي ٻار ۽ ٻڍي، جوان ۽ جهوني جو ادل آهي. هن صاحب، جنهن خلوص ۽ جذبي سان، سنڌي ٻاراڻي ادب جي خدمت ڪئي آهي، سا ڪڏهن به وساري نه ٿي سگهجي. نظم ۽ سندس ٽي ڪتاب ۽ نثر ۾ ” نئون نصاب “ پنهنجي انفراديت ۽ افاديت جي لحاظ کان، سنڌي ادب ۾ جداگانه حيثيت رکي ٿو. (۸۷ – ۱ – ۲۸) ادل جو لاڙو ٻاراڻي ادب ڏانهن گهڻو آهي. گل ڦل ۾ سندس نئون نصاب هلندڙ آهي. ڏاڍو رقت انگيز ۽ اثرائتو آهي. طنز ۽ مزاح سان گڏ ننڍن لاءِ نصيحت آميز به آهي. ٽوپي، جتي، تاج، جهوپڙي وغيره پڙهي مونکي ابن انشاءَ جو ڪالم ۽ ڪرسي ياد اچي ويا. جيڪڏهن کيس مان سنڌي ٻاراڻي ادب جو ابن انشاءَ سڏان ته غلط نه ٿيندو. ابن انشاءَ جو انداز تحرير به اهڙو آهي. ٻار جو ذهن ۽ دل ڪنئرو ۽ نرم هوندو آهي. هي ٻار اڳتي هلي سٺا شهري بنجن، پنهنجن حقن حاصل ڪرڻ سان منجهن فرض ادائي جو شعور جاڳي. پنهنجي لاءِ جيئڻ سان گڏ ٻين لاءِ جيئڻ سکن ته ان لاءِ ادل جو هي نصاب ڪارگر اڃا شروعات آهي، پر سلو اهو جو انگورو ڀلو، وانگر هي سلسلو مون کي ڏاڍو وڻي ٿو. تازو هن مهيني مون جهوپڙي پڙهيو. هي بيوس وري جهوپڙي آيه، جنهن چيو هو ته ” الا جهريءَ م شال غريبن جي جهوپڙي“. پر هن جهوپڙي تي ادل پنهنجن پوءِ پراون بلڊوز گهمايا. غريب ۽ مسڪين مارن جي مٿي لڪائڻ جي جاءِ به کسي وڃي ويئي. اسان جو معاشرو جاگيردارانه آهي ۽ اڄ جي ٻار کي اهڙي سکيا ڏيڻي آهي. جيئن هو سرمائيدارانه نظام کان نفرت ڪري. جيستائين اسان هن استحصالي ۽ پرماريت واري نظام کي کوکلو نه ڪنداسين تيستائين اسان هن استحصالي مان نڪري پنهنجي نئين نسل لاءِ صحتمند معاشرو قائم نه ڪري سگهندا سين. ادل جي نصاب جو تاڃي پيٽو اهو آهي. ڀ ڀت، ج جتي ۾ هن طرف اشارو ڏنل آهي. بهر حال مان هن تي ضرور لکندس. ( ۱۹۷۷ع )
نارائڻ شيام هجي جا کاڻ خوبين جي وينا شرنگي پهتاسين ڪهڙي ماڳ وڃي ڇا ڪندين پڇي ها، ڏس ته هن سفر ۾ لنگهياسين ڪٿان ڪٿان. (شيام) سدا حيات شاعر شيام ڪهڙو ماڳ وڃي وسايو آهي، ان جو انت لهڻ ته مشڪل آهي، پر زندگيءَ جي سفر ۾ هو ڪٿان ڪٿان رهگذر ٿيو، ان سفر جو پيرو کڻن ته مشڪل آهي، جنهن تخليقي شعور جي منزل ۽ ماڳن جي بلندين کي شيام ڇهيو تنهن نقش پا، جي مٽيءَ جي خوشبو ۽ هڳاءَ جو واس جڏهن به، جنهن به ماڻيو آهي، اهو مدهوشيءَ جي عالم ۾ پاڻ وڃائي ويٺو آهي، هو سچ ۽ سنهن جو شاعر هو، سندس ٻوليءَ ۾ مٺاس، ۽ ان جو استعمال اهڙي ته ٺهڪندڙ نموني ڪيو آهي جو عبارت ۽ سندس اسٽائيل ٻين شاعرن کان الڳ ٿي بيهي ٿي، سندس شاعري بلندين کي ڇهي ٿي، پوءِ چاهي شاعريءَ ۾ ڪتب آندل تشبيهون هجن يا وري مُحاورا يا مثال – شيام پنهنجي رچنائن ۾ جا ٻولي ۽ لفظ ڪتب آندا آهن، تن جي باري ۾ شاعر سڳن آهوجا جو چوڻ آهي ته : هو اهڙا لفظ نه گهڙيندو آهي جن مان ٻوليءَ جي بگڙجڻ جو انديشو هجي، شيام پنهنجا لفظ گهڙيندو ضرور آهي پر اهڙا جن سان شاعريءَ ۽ ٻوليءَ جي خدمت ٿي سگهي، دهليءَ جي سدا حيات شاعر جي فڪر ۽ شخصيت جي ڪن پهلوئن کي اوهان آڏو پيش ڪندي خوشي ٿي رهي آهي، شيام سان ڪهڙي سال ملاقات ٿي، اهو ته ياد نه آهي پر ماضيءَ جي جهروڪن مان سندس ماٺيڻي شخصيت جا ڪي عڪس ۽ اولڙا اُڀري اچن ٿا، سندس گفتگو ٿڌي هير جيان، اڄ به اچي دڳ جهلي ٿي بيهي، تقريبن اڌ صديءَ شيام شاعريءَ جي نانءِ ڪري ڇڏي، دهليءَ جي هن سدا حيات شاعر جو جنم ۱۹۲۲ع ۾ ٿيو، ۱۹۳۹ع ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪئي، سندس پتا ڪامورو هو، سندس ادبي پونجي. پنکڙيون (رباعيون ۽ روپ مايا کنڊ ڪاويه (۲) رنگ رتي لهر (۳) روشن ڇانورو) (۴) ماڪ ڀنا رابيل (۵) واريءَ ڀريو پلاند (۶) آڇيندي لڄ مران (۷) مهڪي ويل صبح (۸) ڏات ۽ حيات (ڀاڱو پهريون ۽ ٻيو) شيام کي مرڪزي ساهتيه اڪادميءَ طرفان ”آڇيندي لڄ مران“ تي انعام سان نوازيو ويو، ساهتيه اڪادميءَ طرفان شيام تي مونو گراف شايع ڪرايو، آهي. شيام – غزل، دوها، سورٺا، قطعه، رباعيون، هائڪو (تصويرون، گيت، سانيٽ، آزاد نظم کنڊ ڪاويه کي سونو چوڌريءَ ڪجهه ڦير ڦار سان منچ تي آندو آهي، جنهن ناٽيه روپانتر کي جبلپر ۾ سڀا جي پروگرام ۾ ڏسڻ وٽان موقعو مليو. لطيف فن ۾ موسيقيءَ کي اهم درجو آهي، شاعري ۽ موسيقي ٻنهي جو پاڻ ۾ گهرو رشتو آهي، جا شاعري دلين ۾ ديرو ٿي ڄمائي، وليم ورڊس ورٿ موجب. Poetry is the first and last of all the knowledge, it is as immortal as the heart William words worth شاعري اها شئي آهي جيڪا جٽادار آهي، شيام پنهنجي شاعريءَ ذريعي زنده آهي، سندس شاعري Immortal آهي. فن ۽ شخصيت جي ڪن پهلوئن تي نظرثاني ڪرڻ سان دهليءَ جي هن صدا حيات شاعر جا انيڪ پهلو اکين آڏو اُڀري اچن ٿا، شيام قد ڪاٺ جو پورو پنو يا ائين کڻي چئجي ته ڏٻرو، پر تخليقي شعور سان ڀرپور، ڏات هن تي مهربان رهي، سندس آواز جو مڌم لهجو، نرم (سافٽ) جڏهن به هن سان ملاقات ٿي مون کيس ڪڏهن به هاءِ پچ تي ڳالهائيندي نه ڏٺو، پهنجائپ وارو رويو، مٿي جا وار بلڪل ڇڍا اکين ۾ روشني، انهيءَ جي باوجود اڃان روشني ڏٺي اڃان روشني ڏٺي-جي ڌڻيءَ در پراٿنا جا روشني، جو نور سندس تخليقي سرمائي مان ڇلڪي ٿو، آل انڊيا ريڊيو جي پرڏيهي نشريات جي سنڌي سروس ۾ مون کيس ستر واري ڏهاڪي کان ڏٺ. سندس ڀاءُ هيم ناگواڻيءَ سان ته باقاعدي هفتي ۾ ٻه ٽي ڀيرا ملاقات ٿيندي هئي، پر نارائڻ شيام سان مهيني ٻن کانپوءِ ملاقات ٿيندي هئي، ادبي گلشن پروگرام لاءِ شعرو شاعري رڪارڊ ڪرائڻ ايندا هئا، سندن رڪارڊنگ ڪڏهن مان، ڪڏهن پروگرام آفيسر ڪندا هئا، ڪڏهن ممبئي، جئپور، ڀڄ يا احمد آباد جي آڪاشواڻي مرڪزن طرفان، سندن شاعري رڪارڊ ڪرائڻ جو خط ايندو هو، براڊڪاسنگ هائوس جي سيڪنڊ فلور تي اسان جو ڪمرو هوندو هو، ڪڏهن لفٽ هلندي هئي ڪڏهن نه، اسان هيٺ لهي ته ويندا هئاسين پر گهڙي گهڙي چڙهڻ کان ڪنارو ڪندا هئاسين. جو چڱي خاصي پريڊ ٿيندي هئي، اسان رڪارڊنگ جو ٽائيم گهڻو ڪري منجهند جو رکندا هئاسين، جو لنچ ۾ اسٽڊيو خالي ملندا هئا، موبائيل فون جي سهوليت به ڪانه هوندي هئي، گهڻو ڪري فون ٺپ ئي رهندا هئا، اهڙيءَ حالت ۾ نارائڻ شيام ڏاڪڻيون چڙهي مٿي يونٽ ۾ ايندا هئا، سندن چهري تي مٺي مرڪ ۽ چپن ۾ ٻه اکر ڳالهائي حال احوال وٺندا، سندس شخصيت جو هڪ رنگ اهو به شڪوه شڪايت نه ڪرڻ هن جا ڪيترائي غزل ريڊيو تان نشر ٿيندا هئا، حسين وادين ۾ کوئجي ويندا هئاسين، چپ نه چريا اک ڳالهايو پئي مون انهيءَ مرڪ لاءِ واجهايو پئي، چپ نه چريا... يا نئين آهي نت ناز وارن جي ٻولي نگهائن ادائن اشارن جي ٻولي، نارائڻ شيام آل انڊيو جي سنڌي سروس باقاعدي ٻڌندا هئا، تن ڏينهن پروگرام جي رسپشن به سٺي هوندي هئي ۽ آواز ڪليئر ٻڌڻ ۾ ايندو هو، جنهن ڳالهه جي ڄاڻ سندن شاعريءَ مان معلوم ٿي. ريڊيو سان وابسته قطعه ۾ فرمائي ٿو. دوست تنهنجو ڪلام رات ٻڌم اوچتو آيو دهلي ريڊيو تان سچ ته هر شعر ٿئي ڇهيو دل کي پر چوان واهه واهه ڪنهن لاءِ (شيام ) ريڊيو سان ئي وابسته پنهنجي ٻئي قطعه ۾ فرمائي ٿو : ڪنهنجو ريڊيو کليل هو پاڙي ۾ آيو آواز بنسريءَ جو پئي تنهنجي هٿ ۾ کليل هئي گيتا شيام ريڊيو مگر تو ٻڌو پئي! (شيام) هٿ ۾ گيتا هوندي بينسريءَ جي مڌر تان ۾ پاڻ کي مگن پائي ٿو، هن جو سنگيت سان روح جو رشتو رهيو، ماڻڻ لاءِ به سچائي، پرکڻ واري اک، شوق ۽ ذوق گهرجي! شيام ايترو قداور ۽ عظيم شاعر هو، سچ پچ ان وقت اهو احساس نه ٿيو جو شيام ڪڏهن به ان طرح جو احساس نه ڏياريو، عام رواجي شخصيت جيان سندن ننڊي چاهي وڏي سان وهنوار هڪجهڙو هوندو هو، جڏهن نارائڻ شيام جي شاعري هاڻي پڙهون ٿا يا فنڪارن جي آواز ۾ سندس گيت ٻڌو ٿا، تڏهن احساس ٿئي ٿو ته ڪجهه ڏات ۽ انهن جو ڏانو مان سندن حيات دوران رهنمائي حاصل ڪريون ها، شيام پاڻ فرمائي ٿو، شيام کي شعرن منجهان سمجهي سگهيس. گر چه مون سمجهي نه هن جي شاعري! (شيام) سندس شاعري سمجهڻ جي دعوا ڪري اسان ته ڇڏيو، ان کي سمجهڻ چڱن ڀلن جي وس کان ٻاهر آهي، پر ان جي ٻوليءَ جي سُنهن، ردم ۽ حسن کي ماڻي اندر ملهر ڊوڙي وڇي ٿي، ڪنهن به شاعر جي اها وڏي ڪاميابي آهي جو هن جي لکيل شعرن مان، هر ماڻهو کي لڳي ته هيءُ منهنجي زندگيءَ جو عڪس آهي، اهو ئي سبب آهي جو هر فنڪار ۽ هر اديب شيام جي شاعريءَ کي پئي ڪوٽ ڪيو آهي. شيام فرمايو آهي، شاعري محسوسات جو سريلو اظهار آهي، شاعري جذبات جي طوفان کي لفظن ۾ قابو ڪرڻ جو نالو آهي، جذبات کي لفظن ۾ قابو ڪرڻ سولو ناهي، مگر شاعر جيڪو تخليقي لفظن جو استعمال ڄاڻي ٿو، اڻ ٿيڻيءَ کي ٿيڻي ڪري ڏيکاري ٿو. شيام جي شاعري، جهرڻي جي ڪل ڪل جيان ڪڏهن اڇلون کائيندي، ڪڏهن البيلي نار جيان نچندي ٽپندي حسين وادين مان لگهندي، فضائن کي خوشبوءَ سان معطر ڪندي، هند سنڌ پهتي، ۱۹۶۸ع ۾ چيٽي چنڊ جي موقعي تي شيام ڪانسٽيٽيوشن ڪلب ۾ منهنجي سنڌ جي سفرنامي پکا ۽ پنهوار ڏٺي مون ڏينهن ٿيا رليز ڪندي پنهنجي ڌرتيءَ متعلق گهڻو ڪجهه چيو پر مون کي سندس هڪ سٽ اڄ به هانو ۾ هري ٿي، ورهاڱي اسان سان ڇا ڇا نه ڪيو، پنهنجي جنم ڀوميءَ کي ساريندي چنڊ کان سوال ڪري ٿو: روئي روئي هاءِ، مون جا چانڊوڪي ڇڏي تون ئي چنڊ ٻڌاءِ، اڄ به آهي سنڌ ۾؟ سنڌ جو نقشو عنوان تحت نظم ۾ جذبن جو اظهار ڪندي فرمائي ٿو: سنڌ جو نقشو ڏسندي ئي بس، هريا هانو ۾ گذريل ڏينهن، ڌوئي ساوا چهچ ڪيا وڻ، جيئن وسي سانوڻ جو مينهن! (شيام) ترائيل ۾ هو چوي ٿو: سنڌ کي ڪونه ڇڏائي ڪو سگهي سنڌين کان سنڌ سنڌين ۾ وسي سنڌ هتي سنڌ هُتي ملڪ بڻجي ٿو مٽيءَ سان نه مگر ماڻهن سان سنڌ کي ڪو نه ڇڏائي سگهي سنڌين کان! اڳتي ترائيل ۾ فرمائي ٿو: ڄاڻ ماڻهن جي پوي صاف سندن ٻوٽيءَ مان شيام ڳالهائجي سنڌي ٿي جتي، سنڌ اتي سنڌ کي پوني ۾ نارائڻ شيام، لڇمڻ ڪومل ۽ مان هئاسين، جتي موهن ڪلپنا گني سامتاڻي سان ڪنهن ڳالهه تي تڪرار ٿيو، شيام مونکي ٻانهه کان جهلي باهر وٺي آيو ۽ گهر جي بزرگ جيان ڇٽ بڻجي حفاظت ڪئي، سندس شخصيت جو اخلاقي قدرن وارو اهو پهلو ان وقت نظر آيو، ڪا به ساهتيه تي يا ادبي ميڙاڪي جي گفتگو شخصي دائري کان باهر نڪري ادبي تاريخ بڻجي ٿي، اڄ هتي ادبي بيٺڪ ۾ جيڪا به ڳالهه ٻولهه آهي اها اڳتي هلي ادبي تاريخ جو حصو بڻبي، خود سدا حيات شاعر شخصي آزمودن تي راءِ ظاهر ڪندي چوي ٿو: پنهنجي قسمت، تقدير سان مقابلو، پيار ماڻن جهڙن شخصي آزمودن جي تهن ۾ جيترو اونهو پيهي ڏسون ٿا اوترو جدا جدا ديسن، الڳ الڳ دورن جي ماڻهن جي ساڳين آزمودن ۾ ڪيڏي نه ويجهڙائي ۽ موافقت نظر ٿي اچي، جيترو گهڻو شخصي اوترو گهڻو ڪائناتي (شيام) شيام ته خوبين جي کاڻ هو، پر تعريف کان ڪوهين ڏور ها، پنهنجي زندگي ۽ شاعريءَ لاءِ فرمائين ٿا، هجي جا کاڻ خوبين جي ۽ خامين کان بنهه آجي نه پنهنجي زندگيءَ اهڙي، نه پنهنجي شاعري اهڙي دادا دلگير ڏات ۽ حيات جي مهاڳ ۾ لکيو آهي، شيام جي شاعريءَ جي واقفيت سڳن آهوجا جي روشن ڇانورو جي مهاڳ مان ملي ٿي، اڳتي فرمائين ٿا، ماڪ ڦڙا ۾ شيام جي پهرين تجرباتي شاعري آهي جنهن م خيال توڙي گهاڙيٽي جي نواڻ آهي، آزاد نظم، گيت، سانيٽ جا ڪامياب تجربا آهن، ٻولي صاف سٿري ۽ سرل آهي، شبدن ۾ رواني ۽ ردم آهي، دادا دلگير، شيام ۽ اياز جي دوستي جو ذڪر ڪندي لکيو آهي، سر نارائڻ شيام – نالي اياز جو مجموعو ڪونج پبليڪشن طرفان ڇپيو ۽ روپ مايا – کنڊ ڪاويه ۽ شاعريءَ متعلق لکن ٿا، اُن ۾ جماليات جا جهرڻا پاتا وڃن ٿا. شيام هڪ هند فرمايو آهي :پڙهندڙ، جڏهن شاعر سان تخيل جي راهه ۾ هم قدم ٿيندو تڏهن ئي شعر جو جمالياتي لطف ماڻي سگهندو، هونءَ به اهڙو ڪهڙو نئون سچ آهي، جو شاعر اظهاري ٿو؟ سڀڪجهه اڳي ئي چيل، ڏٺل ٻڌل آهي، صرف سندس اظهار جو انداز ئي نيارو آهي، جنهن راهه تان ان سچ تي پهتو آهي، ان سفر جو ئي لطف ته پڙهندڙ کي وٺڻو آهي شاعر جو پيرو کڻي. ۲۲ جولاءِ ۲۰۰۸ع تي دهلي سنڌي اڪادميءَ هڪ شام – نارائڻ شيام جي ناءَ ڪئي هئي، ڪماني آڊيٽريم ۾ ٻن مخملي آوازن پدم شري شانتي هيرانند ۽ گهنشام واسواڻيءَ سنگيت سان ان شام کي سنواري دهلي جي حاضرين جي دل جيتي شيام جي نالي ملهايل شام هڪ نئون رنگ، نئين خوشبو ۽ مسرت جون گهڙيون کڻي آئي، پدم شري شانتي هيرانند غزل پيش ڪري حاضرين جو خوب داد حاصل ڪيو، اک نه تارن ۾ ٻڏي...... زندگي جي راهه تي ڊوڙي... حسن کي ضد نه هو .... نه ئي آهي نت ناز وارن جي ٻولي ..... پنهنجي مخصوص انداز واري گايڪيءَ سان محفل کي رنگت بخشي، تاڙين جي گڙ گڙاهٽ ۽ لبن تي واهه! واهه!! رهي، هن سنهري شام جي رنگين سلسلي کي نوجوان ڳائيندڙ فنڪار گهنشام واسواڻيءَ سينگاريو، جنهن سنگيت جي سلسلي ۾ حسين نظارم، ڪائنات ، زندگي جو سچايون ۽ شاعر جي باڪمال شاعري کي پنهنجي آواز جي هيٺ مٿاهين لئه ۽ تال جي سنگم سان پر نور ڪري ڇڏيو، هن چيو : سٺا شاعر نيگيٽو نه ٿيندا آهن شيام جي شاعري جو عروج ۽ ڪماليت جو راز اهو ئي آهي جيئن ڪهڙي دنيا مٺي جي ڳالهه ڪريون، مرڪندڙ زندگيءَ جي ڳالهه ڪريون.... ان موقعي تي نارائڻ شيام جو فرزند ناگواڻي ۽ سندس ڀاءُ ڀڳوانداس ناگواڻيءَ به موجود هئا. مون لاءِ هيءَ شام ان لحاظ کان به يادگار هئي، جو نارائڻ شيام جڏهن حيات هئا، تڏهن شاعر نارائڻ شيام جي اجازت سان، شام سان هڪ شام، سنوارڻ جو شرف حاصل ٿيو ان تاريخي موقعي تي ڊاڪٽر هرومل سدرنگاڻي، لڇمڻ ڪومل ۽ ٻيون شخصيتون موجود هيون، جا نه صرف مون لاءِ پر سنڌي جاتيءَ لاءِ به بي بها سرمايو آهي، جنهن جي يادگار ويڊيو رڪارڊنگ موجود، ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي خادم ڏات ۽ حيات جي مُهاڳ ۾ فرمائي ٿو، شيام جي شاعري احساسن جي شاعري آهي شبد چتر ان جي جان آهن، شعر پڙهڻ سان اکين آڏو هڪ تصوير اڀري اچي ٿي ۽ پنهنجو مفهوم محسوس ڪرائي ٿي. چاندني رات ۽ اڪيلائي، ننڊ نيڻن ۾ هاءِ شرمائي گهنشام واسواڻي ۽ سُلکشڻا پنڊت هيءُ ڊيوٽ طور فلم هل ته ڀڄي هلون لاءِ ڳاتو آهي، دهلي سنڌي اڪادميءَ طرفان منعقد ڪيل هن ادبي بيٺڪ ۾ سدا حيات شاعر شيام جي شاعريءَ جي سفر ۾ اوهانکي همسفر بڻائيندي الوداع ڪنديس... شعر تو سان رهاڻيون ڪندا قرب مان مان نه هوندس ته ڇا ٿي پيو اي پرين آدمي ٿو جئي بس ڳڻيل ڏينهن ڪي شعر جي زندگي سج سنئين نت نئين! سندس شعر ذريعي اظهار وقت جي وڇوٽيءَ جي باوجود نت نئون آهي، مستقبل ۾ به ساڳ پيو جلوو پائيندو. نارائڻ شيام رکيل مورائي ڏھ جنوري ان شاعر جو شاعريءَ جي آڪاس تان الهي وڃڻ جو ڏينهن آهي، جنهن پنهنجي ٻاهرين غريبيءَ سان سنڌي شعر کي اهڙي اميري بخشي جيڪا سنڌ سان ۽ سنڌي شاعريءَ سان سدائين ساڻ رهِڻي آهي ۽ جيڪا ڪڏهن به گهٽجڻي نه آهي. هُن پنهنجي ڪيفيت جو اظهار هن طرح ڪيو هُئو ته: چتيون لڳل رنگين، ڪيڏيون ان تي آس جون، هيءَ دل آهي ڪين، ڪا گودڙي فقير جي. سنڌي شاعراڻي ادب جو اهو وڏو سچُ آهي ته هُن جي دل، فقير جي گودڙي نه هئي. هُن جي دل اها باک ڄڻيندڙ دل هُئي، جنهن پنهنجي تخليق سان هند ۽ سنڌ کي روشن ڪيو. هن ورهاڱي کان اڳ، سنڌ جي شعري ۽ ادب کي روشن ڪيو ۽ جڏهن ورهاڱي جو وَڍُ کائي هو هند پهتو ته اتي هُن اهائي روشني ڪئي، جنهن کي سنڌي ٻوليءَ جي غير معمولي نقاد ۽ شاعر سُڳن آهوجا، هڪ دور جي روشني ڪوٺيو آهي. ۽ هن جي ڏنل اها روشني اڄ به جرڪي رهي آهي ۽ شاعريءَ جي سفر تي هر اُسهڻ واري نوجوان جي راهه روشن ڪري رهي آهي. هُن جو نالو نارايڻ شيام هُئو. نارايڻ شام پنجويهين جولاءِ اوڻيهه سؤ ٻاويهن تي، سا هتي پرڳڻي جي هڪ ننڍي ڳوٺ کاهي قاسم تعلقي ۽ ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو ۽ ورهاڱي کانپوءِ، هُن عالم جي لاجواب شهر، دهليءَ ۾ وڃي اجهو اڏيو. جتي آخري ڏينهن تائين هو شاعراڻي روشنيءَ جي لاٽ روشن رکيون آيو. اها لاٽ ڏهين جنوريءَ اوڻيهه سؤ اڻانوي تائين ٻرندي رهي ۽ نيٺ قدرت جي هڪ ڊگهي ڦوڪ سان اجهامي وئي. نارائڻ شيام جي ڏنل روشني اها روشني آهي، جنهن جون پاڙون سنڌ جي ساهتي پرڳڻي جي شهر نوشهري فيروز ۾ کتل آهن، جنهن لاءِ نارائڻ شيام سدائين چنڊ کي ڏسي اظهاريندو هئو ته: روئيندي روئيندي هاءِ، مون جا چانڊوڪي ڇڏي، تون ئي چنڊ ٻڌاءِ، اڄ ڀي آهي سنڌ ۾. اها به عجيب ڳالهه آهي، ته نارائڻ شيام جو اظهار اهڙو نرم ۽ سيتل آهي، جهڙي چنڊ جي چانڊوڪي. هُن جي شاعري پرهه جي باک جهڙي وڻندڙ ۽ روح کي راحت ڏيندڙ آهي. سندس شاعراڻو ۽ اندر جو آواز هن شعر مان ڄاڻي سگهجي ٿو: رات ايئن ها سيج تي، وکريل تنهنجا وار. ڄڻ شاعر جي ذهن تي، رابط بنا اشعار. شاعر جي ذهن جي بيربطگي ۽ کليل وارن جي جي بيربطگي سونهن جا بيمثال اهڃاڻ آهي. جيڪي، نارائڻ شيام جي شعر ۾ نه رڳو پڙهي سگهڻ جهڙا آهن، پر اهي احساس اکين سان ڏسڻ جهڙا ۽ روح سان ماڻڻ جهڙا آهن. ايئن نارائڻ شيام سنڌي شاعريءَ جي ڪن کِڻن کي ماڻڻ جو احساس جاڳايو آهي، پنهنجي پڙهندڙن جي دل ۽ دماغ ۾. نارائڻ شيام سنڌي شعر ۾ جيڪو کِڻن کي تصويري سونهن ڏئي اظهاريو آهي، ان جو مثال جيڪڏهن ڪو ملندو ته اهو پڪ ئي پڪ وري به نارائڻ شيام ئي هوندو. نارائڻ شيام، سنڌي شاعريءَ کي درجن کن ڪتاب ڏنا. جن جا سِرا/ نالا به سندس طبيعت وانگر نهايت نفيس ۽ معصوم آهن. هو بنيادي طور بيحد معصوم شخص هُئو، سدائين مرڪندڙ ۽ بنهه ٿورو ڳالهائيندڙ، دوستن سان بيحد پيار ڪندڙ ۽ خود پيار ڪرڻ جهڙو شاعر جيڪو ڏهين جنوريءَ تي دهليءَ ۾ ديهانت ڪري ويو. پر اهو نه وسارڻ گهرجي ته سنڌ ۽ هند جي وچ ۾ جيڪا ادبي پل جڙيل آهي، انهيءَ جو هڪ مضبوط ٿنڀو اياز آهي ۽ ٻيو مضبوط ٿنڀو نارائڻ شيام آهي. باقي ٻيو سڀ ڪجهه پوءِ ٿو اچي. ها! نارائڻ شيام هند ۽ سنڌ جي وچ ۾ جڙيل پل تان پاڻ ڪڏهن به سفر ڪري سنڌ اچي نه سگهيو ۽ اهو ڏک هو دل ۾ سانڍي اسان کان جدا ٿي ويو. پر آخري گهڙيءَ تائين هڪ وشال ديس ۾ کيس اهو احساس ڏکوئيندو رهيو ته: الا ايئن نه ٿئي جو، ڪتابن ۾ پڙهجي، ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي. نارائڻ شيام سنڌ ۽ هند جو شاعر ۽ سندس شاعري گل مورو سنڌي ٻوليءَ جي هن سدا بهار شاعر نارائڻ شيام جولاءِ جي جهولن واري مهيني ۾ ساهتي پرڳڻي جي قديمي ڳوٺڙي کاهي قاسم نوشهروفيروز ۾ ديوان گوڪلداس ناگواڻيءَ جي آڳنڌ تي ۲۵ جولاءِ ۱۹۲۲ع ۾ اک کولي، اڄ به سنڌ توڙي هند ۾ ڏات ڏڻي ان راءِ تي مطفق آهن ته شيخ اياز کان پوءِ جيڪڏهن ٻيو سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو شاعر هو، اهو نارائڻ شيام هو اها به حقيقت مڃڻي پوندي ته شاهه لطيف کان پوءِ ڌرتيءَ جي فڪر جا شاعر سنڌ ۾ اياز، هند ۾ شيام، ۽ بنگال ۾ رابندر ناٿ ٽئگور هيا. جن جي شاعريءَ ۾ زندگيءَ جا ماڪ ڦڙا، پريت جون پنکڙيون، ڏات ۽ حيات جا روشن ڏيئا نظر اچن ٿا. هنن ڏات ڌڻين جو خواب آزادي، سوراج جو پنو، ۽ ڌرتيءَ جي خوشي ئي هو. تڏهن ته نارائڻ، ڀٽائي جي ڀونءِ تي لطيف جو ٻيجل بڻجي چوندو هيو. آءٌ گهٽين جو ڳائيندڙ آءٌ ڳايان ٿو جنتا جو راڳ نارائڻ شيام نارائڻ لاءِ جنتا، لطيف ۽ سچل جي ڌرتيءَ جا وارث هيا. جن جي خوشحالي ۽ شادابيءَ لاءِ ٻيجل ٻڻجي ٻاڪاريندو رهيو. سنڌ جي سڄڻن کي سجاڳيءَ جو درس ڏيندي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ممتا جي ٻولي تي ٿيندڙ وارتائن جي نشاندهي ڪندي شاعراڻي انداز ۾ آگاهه ڪيو. الا ائين م ٿئي، جو ڪتابن ۾ پڙهجي. ته هي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي. نارائڻ آڌي رات جا گدڙ ٻاگهل جي ٻوليءَ تي ضرور وار ڪندا ائين ئي ٿيو. ورهاڱي جي بي رحم لڪيرن کان پوءِ جڏهن ون يونٽ جي واڳن ڀٽائي جي ٻوليءَ ۽ ڌرتيءَ کي پنهنجي وات ۾ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ته اياز ڪارونجهر جي ڪوهيارن کي هيئن ڪوڪاريندو رهيو. سدا اُڀريا سنڌ ۾، ڪوپا ڪنچل لوڏ. هوڙيايون ۽ هوڏ، ڏسي پنهنجي ڏيهه سان. اياز جڏهن اُلهاس ننگر جي آڳنڌ تي اياز جي اها ڪوڪ نارائڻ جي ڪن تي پئي ته کيس آٿت ڏيندي چوندو رهيو: سنڌ سنڌين ۾ وسي، سنڌ هتي سنڌ هُتي، ملڪ بڻجي ٿو مٽيءَ سان نه مگر ماڻهن سان، ڄاڻ ماڻهن جي پوي صاف ٻوليءَ مان، شيام ڳالهائجي سنڌي ٿي، جتي، سنڌ اُتي، نارائڻ شيام جڏهن نارائڻ جي جندڙي مُڏي ڀريندي ڀُرڻ لڳي، سنڌڙي تي وار ٿيڻ لڳا، جهريل جيءَ ۾ باهه جا اُلا ٻرڻ لڳا، جڏهن به سنڌوءَ جي سڄڻ جو ڪو سنيهو کيس مليو. پنهنجا پور پريت جي پنن تي لکي هيئن اوريندو رهيو. اهي سُورن جون سوين صورتون پنهجي ساهه ۾ سانڍي پنهنجي قدرتي ماتاکي ياد ڪندو رهيو. ڇو ته ورهاڱي هن اندر ۾ وڍي وجهي ڇڏيا هئا. اسان جي هن ٻهڳڻي شاعر دوهي، بيت، وائي، نظم، آزاد نظم کان وٺي گيت، غزل تقريبن شاعري جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي. هو دوهي ۾ چوي ٿو: جاڳ جاڳ مومل مٺي، جاڳ سهاڳڻ جاڳ. موٽي وڃي مينڌرو، پٺي نه ڏئي ڀاڳ. نارائڻ شيام نارائڻ شيام ورهاڱي کان پوءِ هيءُ وڃي رهيو ۽ آخري گهڙيءَ تائين سنڌ ڏسڻ لاءِ تڙپندو رهيو. جنهن جو اظهار هن پنهنجي شاعريءَ ۾ هينئن ڪيو آهي. الائي ڪهڙيءَ گهڙيءَ ان مان شيام نڪتاسين. وطن ورڻ ته ڇا، سرحد ڏسڻ نصيب نه ٿي. شيام نارائڻ شيام ڀٽائيءَ جي فڪر جو به ڄاڻو هو، ڀٽائي کي خراج تحسين پيش ڪندي سنڌ سونهاري سان پنهنجي عقيدت ۽ محبت جو اظهار هن ريت ڪيو: اڄ شاهه جي رسالي تي نظرون کپي ويون، موٽي صدين کان پوءِ ٿي ڄڻ سنڌ مون ڏٺي، (۲) ٿر جون ڀٽون پري ۽ پري سنڌ جون ڀٽون، اڄ پاڻ وٽ نڪو شاهه نه ڪا مارئي ڏسان. سنڌ جي هن ساهتي پرڳڻي کي اهو فخر به ڪرڻ گهرجي. ته نوشهروفيروز جي ادبي تاريخ لاءِ اهو اعزاز به آهي جو هن ڀاڳ ڀريي خطي جي ڳوٺڙي کاهي قاسم سنڌ ۽ هند جي سدا حيات شاعر نارائڻ شيام کي جنم ڏنو. جيڪو سنڌ ۽ سنڌوءَ جي جياپي ۽ آجپي لاءِ آخري گهڙيءَ تائين. جهيڙويندو رهيو. هي وطن جو ويساهه سنڌ ۽ سنڌوءَ جو ساهه ۱۰ جنوري ۱۹۸۹ع تي سنڌ ۽ هند کان ساهتيءَ جو سپوت وڇڙي ويو. نارائڻ شيام وطن ورڻ ته ڇا جنھن کي سرحد ڏسڻ نصيب نه ٿي رکيل مورائي اڄ جڏهن سچ پچ سنڌي شاعريءَ جو وڏو حصو مقام ڏانهن وڃي رهيو آهي، تڏهن اسان جو اهو فخر اڌ رهجي وڃي ٿو ته سنڌ شاعريءَ جي معاملي ۾ خوشحال آهي. اهڙين حالتن ۾ اسان کي وري پنهنجي ماضيءَ ڏي ڏسڻو ٿو پوي ۽ ايئن وري هڪ نئون فخر ٿئي ٿو ته سنڌ وٽ شاعريءَ جي صورت ۾ ڪجهه آهي ضرور. وقتي طور جيڪڏهن ڪا تخليقي طور گهٽتائي آئي آهي ته ان جو ازالو وقت ڪري وٺندو. اهو اطمينان سرهائي بخشي ٿو. سنڌي شاعريءَ جي گهڻن ئي فخر جوڳن حوالن مان هڪ حوالو سنڌ جي ساهتي پرڳڻي مان جنم وٺندڙ نارائڻ شيام آهي. جيتوڻيڪ ايئن چوندي به اسان سنڌ وارن کي فخر ٿئي ٿو ۽ خود ساهتي پرڳڻي کي به فخر ٿئي ٿو ته هند ۾ سنڌي تخليقي شاعريءَ جا گهڻي ڀاڱي اهم نالا ساهتي پرڳڻي سان تعلق رکن ٿا. مثال طور؛ نارائڻ شيام، ايم ڪمل، ارجن حاسد، ارجن سڪايل ۽ لڇمڻ ڪومل. ادب جي ٻين شاخن ۾ اڻ ڳڻيا نالا ساهتي پرڳڻي سان واسطو رکن ٿا. پر انهن ۾ اهم حوالو سنڌ لاءِ فخر جوڳو اهو آهي ته نارائڻ شيام سنڌي ٻوليءَ جو شاعر آهي، لڇمڻ ڪومل ڪٿي لکيو آهي ته ”سٺ واري ڏهاڪي ۾ ايشين رائٽرس ڪانفرنس دهليءَ ۾ ٿي رهي هئي، جنهن جي مشاعري جي صدارت پابلو نرودا ڪري رهيو هو، جڏهن نارائڻ شيام پنهنجو ’روپ مايا‘ جي نالي سان نظم پڙهيو ۽ ان جو ترجمو پابلو نرودا ٻڌو ته ڪرسيءَ تان اٿي مائيڪ تي چيائين ته ڪنهن اڻ سڃاتل ٻوليءَ ۾ ههڙي شاعري ٿي رهي آهي؟“ ايئن نارائڻ شيام تي اسان سنڌي شاعري جي حوالي سان جيترو فخر ڪريون اهو گهٽ آهي. هو سنڌي شاعريءَ کي اهڙي نفاست ۽ نزاڪت ڏيندڙ شاعر آهي، جنهن جو مٽ وري ڪوبه شاعر نه ٿي سگهيو آهي. هن جي شاعري جي نزاڪت ۽ نفاست ڏسي ۽ پڙهي محسوس ٿيندو آهي ته سنڌي شاعري سورنهن ئي سينگار ڪري، پنهنجي ڀرپور جوانيءَ جو درشن ڪرائي رهي آهي. سندس شعر سندس نالي سان ئي سڃاپي ٿو. مثال طور هن سنڌ کان پري رهي، جڏهن محسوس ڪيو ته سنڌ هاڻ اسان جي نه رهي آهي ته هن پاڻ کي آٿت ڏيڻ لاءِ هيءَ ترائيل لکيو، جيڪو سرحدن جي ٻنهي پاسي ڏاڍو پڙهيو ويو ۽ شايد سنڌي ڪڏهن به هن شعر کي نه وساري سگهن: سنڌ کي ڪونه ڇڏائي ڪو سگهي سنڌين کان، سنڌ سنڌين ۾ وسي، سنڌ هِتي، سنڌ هُتي، ملڪ بڻجي ٿو مٽيءَ سان نه مگر ماڻهن سان، سنڌ کي ڪونه ڇڏائي ڪو سگهي سنڌين کان ڄاڻ ماڻهن جي پوءِ صاف سندن ٻوليءَ مان، شيامَ ڳالهائجي سنڌي ٿي جتي، سنڌ اُتي، سنڌ کي ڪونه ڇڏائي ڪو سگهي سنڌين کان، سنڌ سنڌين ۾ وسي، سنڌ هِتي، سنڌ هُتي. سنڌي ٻوليءَ جو سدابهار شاعر نارايڻ شيام جنهن سنڌ کان پري رهي تبديل ٿيل حالتن کان مايوس ٿي هيءُ شعر به لکيو ۽ رنو هو ته: الا ايئن مَ ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي، ته هُئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي. نارائڻ شيام ۲۲ جولاءِ ۱۹۲۲ع ۾ ساهتي پرڳڻي جي ڳوٺ کاهي قاسم ضلعي نوشهري فيروز ۾ گوڪلداس ناگواڻيءَ جي گهر جنم ورتو. نارايڻ شيام اياز کان پوءِ سنڌيءَ جو وڏو شاعر مڃيو ويو آهي. سنڌ ۾ اياز ۽ هند ۾ نارايڻ شيام، ٻه اهڙا سنڌي شاعر هئا، جن هند ۽ سنڌ جي ادبي وايومنڊل کي ڳنڍي رکيو. نارايڻ شيام ورهاڱي کان پوءِ دهليءَ ۾ وڃي رهيو ۽ آخري گهڙيءَ تائين سنڌ ڏسڻ لاءِ تڙپندو رهيو. جنهن جو اظهار هن پنهنجي هڪ شعر ۾ هيئن ڪيو آهي: الائي ڪنهن گهڙيءَ ان مان شيام نڪتاسين، وطن ورڻ ته ڇا، سرحد ڏسڻ نصيب نه ٿي. ننڍو وات، وڏي ڳالهه؛ ليکي وڃي پر پوءِ چوڻ چاهيان ٿو ته نارايڻ شيام جي مٿين ٻن سٽن جو درد تارازيءَ جي هڪ پڙ ۾ وجهبو ۽ ٻئي پڙ ۾ ورهاڱي جي درد سان ڀريل ڪيئي ڪتاب رکبا ته هنن سٽن جو بار وڌي ويندو. ان درد ۽ پيڙا سان ڀريل شاعريءَ سان گڏ هُن سنڌي شاعريءَ کي نئين نفاست ۽ نزاڪت به ڏني، سندس شاعريءَ جا ڪيترائي ڪتاب، هند توڙي سنڌ ۾ ڇپيا آهن. مان ان چوڻ ۾ هن جي ڪا به وڏائي بيان نه ٿو ڪريان، پر اهو سچ آهي، ته نارايڻ شيام تي سموري سنڌ سان گڏ نوشهري فيروز جي ادبي تاريخ فخر ڪندي ته ان هڪ غير معمولي شاعر کي جنم ڏنو. نارائڻ شيام کي سندس ڪيترن ئي ڪتابن تي اڻ ڳڻيا انعام ڏنا ويا. آئون ته هوند ايئن چوان ته هن انعام وٺي انهن انعامن کي عزت بخشي آهي، سندس ڪتاب ”واريءَ ڀريو پلاند“ تي کيس مرڪزي ساهتيه اڪيڊميءَ ۱۹۷۰ع ۾ هند جو نهايت وڏو ادبي انعام ڏنو ويو. نارايڻ شيام ۱۰ جنوري ۱۹۸۹ع تي سنڌ نه ڏسي سگهڻ جي آس دل ۾ سانڍي عالم جي لاجواب شهر دهليءَ ۾ وفات ڪئي. سندس ڇپيل ڪتابن هيٺيان آهن: 1. ماڪ ڦڙا، (شاعري) ۱۹۵۳ع، (هري دلگير سان گڏ)، 2. پنکڙيون، (شاعري) ۱۹۵۵ع، 3. رنگ رتي لهر، (شاعري) ۱۹۵۶ع، 4. روشن ڇانورو، (شاعري) ۱۹۶۲ع، 5. ماڪ ڀنا رابيل (شاعري) ۱۹۶۴ع، 6. واريءَ ڀريو پلاند، (شاعري) ۱۹۶۸ع، 7. آڇيندي لڄ مران، (شاعري) ۱۹۸۲ع، 8. مهڪي ويل صبح جي، (شاعري) ۱۹۸۳ع، 9. نه سورنگ، نه سا سرهاڻ (شاعري) ۱۹۸۷ع، 10. بوند، لهرون ۽ سمنڊ (شاعري) ۱۹۸۸ع، 11. ڏات ۽ حيات-۱ (شاعري) ۱۹۸۸ع، 12. ڏات ۽ حيات-۲ (شاعري) ۱۹۹۸ع. اڄ سندس جنم ڏينهن تي سنڌ کيس ياد ڪري رهي آهي، هو سُرڳ ۾ به سنڌ جي ان گرم جوشيءَ کي محسوس ڪندو هوندو ۽ اسان جون نيڪ خواهشون قبول ڪندو اهڙي پڪ آهي. نارايڻ شيام تنهنجو قدر اڳتي ئي هلي ٿيندو رکيل مورائي شاعريءَ ۾ نارايڻ شيام جو پنهنجو مقام آهي، جيڪو ڪنهن به تعريف توڻي تنقيد جو محتاج هاڻ نه رهيو آهي. هند ۾ نارايڻ شيام ۽ سنڌ ۾ شيخ اياز، سنڌي شاعريءَ جون ٻه اهڙيو ڌارائون آهن، جيڪي لڳاتار گڏوگڏ هلنديون ته رهن ٿيون پرن ملن نٿيون. اياز گرجندڙ آواز آهي ۽ نارايڻ شيام بلڪل ڌيمو آواز! هو نوشهري ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ڄائو، ڪي سال نوابشاهه ۾ پڙهيو ۽ پو ڪراچيءَ ۾ پڙهيو، ورهاڱي وقت ڪيترن سنڌين سان گڏ سندس خاندان به جلاوطن ٿي هند پهتو. هن دهليءَ ۾ آکيرو جوڙيو ۽ آخر تائين دهليءَ ۾ ئي رهيو، دهلي جيڪو غالب شهر به آهي، اهو چوڻ ٺيڪ رهندو ته اردوءَ ۾ جيڪا غالب جي حيثيت آهي، اهڙي ڀلي نارايڻ شيام سنڌيءَ ۾ نه ماڻي سگھيو هجي پر غالب ۽ شيام شاعريءَ ۾ جيڪا سانتيڪي لهر اُڀري ٿي اها ڪيترن ئي گرجندڙ آوازن کي دٻائي ڇڏي ٿي يا ٻوڙي وڃي ٿي. اڄ تائين سنڌ ۾ نارايڻ شيام جي شاعري ته لڳ ڀڳ سموري ڇپجي وئي آهي پر مٿس جيترو لکڻ گھربو هئو ايترو نه لکيو ويو آهي. ائين ڪري اسان پنهنجي هڪ وڏي شاعر جو مرتبو نه سڃاڻن جو گناهه ڪيو آهي. پر هند جي سنڌي شاعراڻي ادب ۾ شيام جو مرتبو گهڻو اوچو رکيو ويو آهي. جنهن جو هو حقدار آهي. منهنجي ڄمڻ کان هڪ سال پوءِ ۱۹۶۶ع ۾ ممبئي مان نڪرندڙ هند ۽ سنڌجي ادب کي ڳنڍيندڙ رسالي ”ڪونج“ پاران نارايڻ شيام تي هڪ خاص نمبر شايع ڪيو هئو، ۽ کيس اهڙي مڃتا ڏني وئي، جنهن جو مثال سنڌي ادب ۾ اڳ نٿو ملي. ان کانپوءِ سهڻي رسالي شخصيت نمبر ڪڍيا ۽ هند توڻي سنڌ جي ادب کي ڳنڍڻ ۾ اهڙو ئي ڪردار ادا ڪيو، جهڙو ڪونج. اڄ نه ڪا ڪو هري موٽواڻي رهيو آهي، نه طارق اشرف رهيو آهي ۽ نه ئي نارايڻ شيام. ها! البت نارايڻ شيام جو هڪ چاهيندڙ ۽ ساڳئي وقت دلي دوست به هري همٿائي جيئرو آهي، هو اجمير ۾ رهندڙ آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جو اعليٰ ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار آهي، سندس هڪ ناول ”اُساٽ“ تازو ئي سنڌ ۾ شايع ٿيو آهي، جيڪو ڪويتا پبليڪشن حيدرآباد پاران ڇپيو ويو آهي. اجنتا پبليڪيشن، هري همٿاڻي صاحب جي آهي. هن اداري کي اهو اعزاز حاصل آهي ته نارايڻ شام جا اڪثر ڪتاب هن اداري پاران ئي ڇپيا ويا آهن. آخر ۾ سندس سموري شاعري گڏي ٻن جلدن ۾ به هن ئي اداري ڇپي آهي. جنهن جو نالو آهي ”ڏات ۽ حيات“. هري همٿاڻي جو نارايڻ شيام سان عجيب موههُ رهيو آهي. تازو ئي هري همٿاڻي صاحب! هند ۾ نارايڻ شيام بابت هڪ ضخيم ڪتاب ڇپايو آهي، جنهن جو نالو آهي ”شخصيت ۽ شاعري نارايڻ شيام“ هند ۾ ساڍن چئن سئو صفحن جو سنڌي ڪتاب ڇپائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي پر نارايڻ شيام تي هيءُ ڪتاب هري همٿاڻي صاحب جي عشق جو ڪرشمو ئي چئي سگھجي ٿو. جڏهن هند ۾ پڙهندڙ عدم موجود آهي، سنڌي لکندڙن منجھن ٿورا وڃي رهيا آهن. انهن حالتن ۾ ساڍن چئن سئو صفحن جو ڪتاب، نارايڻ شيام بابت ڇپائڻ عشق ئي آهي. جتي هڪ سئو صفحن جو ڪتاب به نه پڙهيو وڃي، پڙهندڙ اهي آهن، جيڪي لکندڙ به آهن، اتي نارايڻ شيام کي ائين ياد ڪرڻ سچ پچ سنڌي ٻوليءَ لاءِ. هند ۾ نارايڻ شيام جي هن شعر وانگر ئي معاملو آهي. چون ٿا شيام! تنهنجو قدر اڳتي ئي هلي ٿيندو ته سچ سنڌيءَ جي لئه زنده رهڻ جي هيءَ دعا آهي. ۽ هيءُ ڪتاب هڪ دعا مثل ئي آهي. هن ڪتاب ۾ ”ڪونج“ جو شايع ٿيل سڄو پرچو جيئن جو تيئن ڏنل آهي. شيام جي جن به ڪتابن تي ٻين عالمن، اديبن ۽ شاعرن جا مهاڳ لکيل آهن، اهي سڀ مهاڳ ڏنا ويا آهن. الڳ الڳ وقتن تي هند جي اديبن جيڪو شيام بابت لکيو آهي، اهو به شامل ڪيو ويو آهي ۽ اهم ڳالهه ته نارايڻ شيام جي ڪن چونڊ لکڻين کي به شامل ڪيو ويو آهي، جن ۾ ڪجھه سندس يادگيرين تي ٻڌل آهن ۽ ڪتاب ۾ اهم حصو اُهو آهي. جنهن ۾ شيام جا پنهنجا لکيل خط ڏنل آهن. خط ٻن حصن ۾ آهن، هڪڙا اُهي، جيڪي ڪونج ۾ ۱۹۶۶ع ۾ ڇپيل آهن ۽ ٻيا اهي جيڪي شيام اسيءَ واري ڏهاڪي ۾ دوستن ۽ اديبن کي لکيا آهن. جتي شيام ۽ سندس شاعريءَ کي سمجھڻ لاءِ سُڳن آهو جا جو جڳ مشهور ”روشن ڇانورو“ ڪتاب جو مهاڳ مدد ڪري ٿو ۽ ڊاڪٽر تنوير عباسيءُ جو سندس ڪتاب ”بوند، لهرون، سمنڊ“جو مهاڳ سندس شاعريءَ جي وياکيا ٿو ڪري، اتي سندس شخصيت جي باريڪين، طبيعت جي نفاستن، نظرين، شاعريءَ ڏانهن سندس روين کي اهي خط ظاهر ڪن ٿا، جيڪي هُن ڪن دوستن ڏي لکيا آهن. پڪ سان هيءُ اهڙا خط آهن، جيڪي ڇپجڻ جي منشا موجب نه لکيا ويا هئا، جيئن ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي “ ۾ آيل اياز صاحب جا خط، جيڪي ڇپجڻ جي منشا موجب ئي لکيا ويا هئا. يا ٻين ڪيترن اديبن جا ادب بابت خط. جيڪي ڇاپڻ لاءِ لکيا ويا آهن. شيام جا هيءَ خط جيئن ته ذاتي حوالي ۾ ادبي احوال آهن، ان ڪري هاڻ اهي خط ڇپجڻ وقت، ڪتاب جي مرتب جي اها مجبوري ٿي پئي آهي ته هُو انهن جا ڪي حصا ايڊٽ ڪري، ڇاپي کان الڳ ڪري ۽ ائين خطن ۾ آيل ڪن اديبن، شاعرن، ۽ عالمن جا نالا پڻ خطن مان ڪاٽي. برابر اها اُنهن شخصيتن جي مريادا جي گُھرج هوندي، پر ان مان جيڪو نقصان ٿئي ٿو، اهو هيءَ ته انهن خطن جي اصليت متاثر ٿي آهي. جڏهن شيام اهي خط لکيا هوندا ته پنهنجي ذميواريءَ سان لکيا هوندا ۽ هاڻ جڏهن شيام نه رهيو آهي ته اهي خط ايڊٽ ڪرڻ نه کپندا هئا. بهرحال هنن خطن مان شيام جي ڏات ۽ حيات آسانيءَ سان سمجھي سگھجي ٿي. هونءَ ته ڪنهن شخصيت کي سمورو سمجھڻ لاءِ سوين ڪتاب به گھٽ آهن ”شخصيت ۽ شاعري نارائڻ شيام“ هند ۾ ڪنهن به شخصيت تي نڪتل ڪنهن به ڪتاب کان اهم ڪتاب آهي. سبب اهو آهي ته نارايڻ شيام، هند ۾ رهندڙ ڪنهن به شاعر کان وڌيڪ اهم آهي. ان ڪري هُو سڀني کان وڌيڪ سرحد جي ٻنهي پاسي مڃتا لهڻي ٿو. ڪتاب ۾ شامل مواد جو سمورو اڀياس ۽ ان جي ڇنڊ ڇاڻ لاءِ الڳ وقت گھرجي ۽ پڪ سان هن هڪ اڀياسي ڪتاب تي، هڪ کان وڌيڪ اڀياس لکڻ گھرجن. جيڪي لکيا ويندا، اهڙي اميد آهي. پر هن ڪتاب ۾ شيام بابت جن لکيو آهي، اها خود اهڙي فهرست آهي، جيڪا ڪنهن به شخصيت جي باري ۾ ڄاڻائڻ اعزاز کان گھٽ نه آهي. اها فهرست هرومل سدارنگاڻي ”خادم“، فتح چند وسواڻي، شيخ اياز، سڳن آهوجا، ڊاڪٽر تنوير عباسي، هري دلگير، هريش واسواڻي، گوورڌن محبوباڻي، واسديو نرمل، ارجن حاسد، لڇمڻ ڪومل، واسديو موهي، هري همٿاڻي، ڍولڻ راهي، ٻين نالن تي ٻڌل آهي. هن سموري محنت پويان اسان جي ناليواري ڪهاڻيڪار هري همٿاڻي صاحب جي محنت کان وڌيڪ محبت شامل آهي. گڏوگڏ هن ڪتاب سهيڙڻ وقت ساڻس ٻانهن ٻيلي، اسانجو پيارو شاعر ڍولڻ راهي پڻ رهيو آهي. ان جو ذڪر نه ڪرڻ مناسب نه ٿيندو. پڪ سان ڍولڻ راهيءَ وٽ به شيام لاءِ هڪ خاص احترام آهي. جيڪو هن ڪتاب ۾ شامل آهي. ڪتاب اجمير مان اجنتا پبليڪيشن ڇپايو آهي، سنڌ ۾ هيءُ ڪتاب ضرور ڇپجڻ گھرجي. ائين اسان نارايڻ شيام کي هڪ ڀيٽا ڏينداسين. سنڌ جي عالمن، اديبن ۽ شاعرن لاءِ هيءُ ڪتاب هڪ اهم اڀياس آهي. جنهن جو مٽ سنڌ ۾ گهٽ ملندو. هن سانڍڻ جهڙي ڪتاب جو مهاڳ سنڌي ٻولي جي ڏاهي اديب سائين محمد ابراهيم جوئي صاحب لکيو آهي. نارايڻ شيام نئين سنڌي شاعريءَ جو جنم رکيل مورائي سنڌي شاعراڻي ادب ۾ جڏهن به نارايڻ شيام جو ذڪر ايندو ته سنڌ جي مٽيءَ جي ان حصي کي فخر ٿيندو، جنهن کي ساهتي پرڳڻو ڪوٺجي ٿو. ڇاڪاڻ ته هو ساهتڪ رُچيءَ سان ڀرپور ان پرڳڻي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ کاهي قاسم ۾ پنجويهين جولاءِ اوڻيهه سؤ ٻاويهن تي گوڪلداس ناگواڻي جي گهر ۾ ڄائو. هيءُ ڳوٺ ضلعي نوشهرو فيروز ۾ آهي. ٻي طرح نارايڻ شيام سنڌي شاعريءَ جو اهڙو نالو آهي جنهن تي سنڌي شاعري سدائين فخر ڪندي، نارايڻ شيام سنڌ کان جدا ٿي هند جهڙي وڏي ديس ۾ آخر ۾ دهليءَ جهڙي عاليشان شهر ۾ ٿانيڪو ٿيو ۽ آخري گهڙيءَ تائين دهليءَ ۾ رهيو. هو شيخ اياز، تنوير عباسي ۽ هري دلگير جو ھمعصر شاعر هو، پر هو شاعريءَ ۾ بنهه نرالو اسلوب رکندڙ شاعر هئو. نارايڻ شيام وٽ چنڊ جي نرم ۽ ٿڌي چانڊوڪيءَ جهڙا احساس آهن. سندس شاعراڻي ٻولي، سندس مزاج جيان نهايت نفيس ۽ شرميلي آهي. سندس شاعريءَ جا موضوع پڻ ائين نفيس ۽ معصوم آهن. هو پنهنجي مزاج ۾ هن تصوير جهڙو هئو. ساز رکيل ڀت ساڻ، بند اکيون چپ ڳائڻو، راڳن ساڻ رهاڻ. نارايڻ شام کي اهو اعزاز حاصل هئو، جو هن جپاني صنف هائيڪو کي پهريون ڀيرو سنڌيءَ ۾ آندو، جنهن کي هن تصوير جو نالو ڏنو ۽ پنهنجن تصويرن ۾ شيام جيڪو سنڌي شاعريءَ کي ڏنو اهو سندس نالي سان سڃاتو ويندو. سندس هڪ تصوير آهي. ماءُ ڏنس پئي مار، پوءِ به چنبڙي ماءُ کي، ٻار ڪڍيا پئي پار. نارايڻ شيام زندگيءَ جي ڪيترن ئي اهڙن ننڍڙن کڻن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ آندو آهي جيڪي هونئن شايد نظر نه اچڻ جهڙا آهن. هن جي شاعراڻي نظر ڏاڍي تيز هئي. هن جنهن به صنف تي لکيو، ان ۾ هڪ نئين تازگي آندي، ممڪن آهي ته انگريزيءَ جو سانيٽ پڻ پهريون ڀيرو سنڌي ويس ۾ نارايڻ شيام ئي آندو هجي، جنهن جي هڪ سلسلي کي هن ”روپ مايا“ جي نالي سان آندو، هيءُ ڊگهو سانيٽ جو فارم ۾ آندل نظم خود نارايڻ شيام جي شاعريءَ جو هڪ واڌو ساراهڻ جوڳو ڪم آهي. پر ان ۾ جيڪا تازگي نارايڻ شيام آندي آهي، اها کانئس اڳ سنڌي شاعريءَ ۾ نه ملندي، هندي ۽ سنڌي شاعريءَ جي صنف سورٺي کي نارايڻ شيام جيڪا تازگي ڏني اها سندس هن سورٺي مان ڏسي سگهجي ٿي. چتيون لڳل رنگين، ڪيڏيون اُن تي آس جون، هيءَ دل آهي ڪين، ڪا گودڙي فقير جي. نارايڻ شيام جي شاعري پڙهڻ ساڻ ئي دل ۽ دماغ ۾ هڪ نفيس تازگيءَ جو احساس اچي وڃي ٿو، جيڪو فقط کيس وٽ ئي آهي، ساڳئي وقت هڪ ٻي قديم صنف دوهو آهي، جنهن تان ڀٽائي سائينءَ پڻ اثر ورتو آهي، سنڌ جي لڳ ڀڳ سڀني شاعرن دوهو لکيو آهي، پر نارايڻ شيام جي دوهي ۾ هڪ ئي وقت پوپٽ جي پرن جهڙي رنگين تازگي آهي، ٻئي طرف گلاب جي پنکڙين جهڙو نفيس احساس ۽ تازگيءَ ڀريو هڳاءُ. رات ائين ها سيج تي رکريل تنهنجا وار، ڄڻ شاعر جي ذهن تي ربط بنا اشعار. شيام وٽ نه رڳو احساس جي نفيس اڻت آهي، پر هن وٽ ٻولي به نفيس آهي، جنهن ڪري هن جي شاعريءَ جو لهجو، منڇر جي ماٺي پاڻيءَ جيان نرم آهي، سندس اظهار نهايت چٽو، سادو بنا ڪنهن ابهام جي، پر اهو نهايت گهرو، سوچ ڏانهن وٺي ويندڙ ۽ پوءِ خاموش ڪرائي ڇڏيندڙ، سندس شاعريءَ ۾ واڪو نه آهي، نرم آهه آهي. ۽ ڪمال اهو آهي ته هن جي آهه ۾ جيڪا احساس جي شدت آهي، اها رڳو سندس ئي نصيب ۾ آيل آهي، هو سنڌ ڇڏي هند ويو، زندگيءَ جي انيڪ پيڙائن مان گذريو، هڪ موڙ تي کيس احساس ٿيو ته سندس سوچڻ ويچارڻ ۽ لکڻ سڀ ڪجهه اجايو آهي ۽ هن ذري گهٽ لکڻ ڇڏي ڏنو هئو. ان موڙ تي سندس بيمثال ڪتاب ”روشن ڇانورو“ تي نامياري نقاد ۽ شاعر سڳن آهوجا جو سندس ڪتاب تي اڄ تائين ڪنهن به سنڌي شاعراڻي ڪتاب تي نه لکيل، مهاڳ لکي کيس اهو احساس ڏياريو ته تون اهڙو شاعر آهين، جنهن سنڌي شاعريءَ کي هڪ نئين روشني ڏني آهي. هڪ نئون اسلوب ڏنو آهي، هڪ نئون احساس عطا ڪيو آهي، هڪ نئين ٻولي ڏني آهي. ان مهاڳ مٿس اهڙو اثر ڪيو جو هو نئين قوت سان اڏامڻ لڳو ۽ پوءِ هن جيڪو سنڌي شاعريءَ کي ڏنو اهو سڀ سنڌي شاعراڻي ادب جو فخر جوڳو سرمايو آهي. هند ۾ رهندڙ سڀني کيس کان پوءِ ايندڙ شاعرن سندس اثر قبوليو آهي، بلڪل ائين جيئن سنڌ ۾ شيخ اياز جي شاعريءَ جو اثر قبوليو ويو آهي. ائين سنڌي شاعريءَ جي هڪ دور کي ٻن نالن سان تاريخ ۾ ياد ڪري سگهبو، سنڌ ۾ شيخ اياز ۽ هند ۾ نارايڻ شيام، ساڳئي وقت هڪ روشني پنهنجي سامهون ٻيءَ روشنيءَ کي ٽربيوٽ ڏيندي لکيو هئو، هيءُ سنگرام سامهون آ نارايڻ شيام. ............................... ۽ ورهاڱي جي درد کي اڌ صدي ڀوڳندي نارايڻ شيام جيڪو لکيو اهو سڀ هاڻ هند توڻي سنڌ ۾ ڪتابن جي صورت ۾ موجود آهي، ورهاڱي بابت سرحد جي ٻنهي پاسي نثر توڻي نظم ۾ گهڻو لکيو ويو آهي. پر وطن جي سار کي جيئن نارايڻ شيام لکيو آهي ان جو مثال نٿو ملي. روئندي روئندي هاءِ، مون جا چانڊوڪي ڇڏي، تون ئي چنڊ ٻڌاءِ، اڄ ڀي آهي سنڌ ۾؟. ڌرتي جو وڇوڙو، دوستن جي جدائي، ٻوليءَ جي دوري، اندر جي اڪيلائي، اهي سڀ اهڙا احساس آهن، جيڪي شخص کي اندران اندران ڀوري ڇڏين ٿا، اندر جا اهي ڏک انسان کي ۽ خاص ڪري، حساس تخليقڪار کي، ڏاڍي تڪليف ڏين ٿا، شيام هند وڃي اها تڪليف ڏٺي ۽ ڀوڳي. هن هڪ ڀيرو ئي سنڌ کي ڏسڻ لاءِ ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر هو سنڌ کي ڏسي نه سگهيو ۽ هڪ وڏي آهه سندس دل مان نڪتي جنهن شاعراڻو اهڙو روپ ورتو، جهڙو روپ نثر جي هزارين صنفن ۾ شخصي طور مون کي نظر نه آيو آهي، اهو آهي: الائي ڪنهن گهڙيءَ ان مان شيام نڪتاسين، وطن ورڻ ته ڇا، سرحد ڏسڻ نصيب نه ٿي. ۽ ائين هو وطن سنڌ کي ڏسڻ لاءِ وجهائيندي ڏهين جنوري ۱۹۸۹ع تي دهليءَ ۾ گذاري ويو. ورهيه پوءِ سندس وڏي نياڻيءَ کي، اجمير ۾ ڏسي، منهنجي اها آس پوري ٿي، جيڪا سالن کان کيس ڏسڻ جي هئي. سندس نياڻيءَ جي اکين ۽ چهري ۾ نارايڻ شيام جيئرو جاڳندو مون کي ڏسڻ ۾ آيو ۽ ائين مان چوڻ ۾ حق بجانب آهيان ته مون نارايڻ شيام کي ڏٺو هو. جنهن ڪري جو منهنجي اکين ۾ اڄ به زندهه آهي. نارائڻ شيام سندس شاعريءَ تي هڪ نظر حسيب ناياب منگي شاعر سماج ۽ ذاتي زندگي جي ڏکن ۽ سکن جو مشاهدو ڪرڻ کانپوءِ تخليق ذريعي جيڪو پيغام ڏيئي ٿو سو ظاهري طور تي محسوس ڪري سگهجي ٿو ته اهو سندس اندر جي پيڙاهه جو نفسياتي توڙي جذباتي اظهار آهي پر حقيقت ۾ شاعر جڏهن محسوس ٿو ڪري ته هو پنهنجي لفظن سان جيڪو ڄار وڇائي ٿو سو پڙهندڙ آڏو نهايت ئي اهم آهي تڏهن اهڙي ٿو مالا پوئي جو سندس پيغام ذاتي نه پر اجتماعي سورن ۽ دردن جو حوالو بڻجي اڀري اچي ٿو. اهڙو خيال وري درد ۽ ڏک تي مشتمل نه آهي، کل، خوشي، پيار، پريت، تعريف ۽ محبت جي اظهار وغيره لاءِ به چئي سگهجي ٿو. شاعر جي شخصيت جو اڀياس ان جي خيالن، جذبن ۽ شعرن مان پسي سگهجي ٿو، عڪس، اشاري ۽ بيان مان جيڪي ڪجهه نتيجو پڙهندڙ ڪڍي ٿو، سو شاعر جي تڪليفن کي به ظاهر ڪري ٿو ته وري کيس مليل محبت جا عڪس به اڀاري پيش ڪري ٿو. حقيقت اِها آهي ته گهڻي قدر شاعري سماج ۾ ٿيندڙ ناانصافين کان شاعر مٿان گذرندڙ قيامت تائين جو کليل اظهار آهي جيڪو پڙهندڙ يا ٻڌندڙ تي ايترو ته جلدي اثر ڪري ٿو جو شاعر جي شاعري ماڻهن جي ذهنن تي نقش ٿي وڃي ٿي. اها ڪرامت ڪا اڄڪلهه جي نه آهي صديون اڳ جڏهن کان شاعريءَ لکڻ جي شروعات ٿي آهي ۽ چپن تي شاعري ورد ٿيڻ لڳي آهي تڏهن کان اڄ تائين اهو عام ٿي ويو آهي ته شاعري معاشري جي حقيقتن جي اظهار جو نالو آهي. ان ڪوشش ۾ جن به شاعرن پنهنجون محنتون پڙهندڙن آڏو پيش ڪيون آهن تن مان نارائڻ شيام جي ڪوشش سچ پچ ۾ نياپو ٿي اڀري آهي. هي سنڌي زبان جو اهو شاعر آهي جنهن جي نياپي ۾ پنهنجائپ جي خوشبو اچي ٿي. هو سنڌ کان تمام گهڻو پري دهليءَ ۾ ويٺو شعر لکي پر اسان جتي به سندس شعر کي پڙهون پيا اسان کي ائين محسوس ٿئي ٿو ته هو سنڌ ۾ آهي ۽ سنڌ لاءِ ٿو ٻڌائي. اهو ڪمال جن به ٿورڙن شاعرن کي نصيب ٿيو آهي انهن ۾ نارائڻ شيام پري کان پڌرو نظر ٿو اچي. “شيام” پنن جي ٻيڙي ٺاهي، گيتن ساڻ ڀري، سونپيم سنڌوءَ جي لهرن کي، من ڪا وير تري! جيئن مينهن جي پوڻ سان ڌرتي کي خوشبو کي گلن کي تازگي ملي وڃي تهڙي ريت نارائڻ شيام جي شاعري ۽ پڙهندڙ جي جذبن جو پاڻ ۾ گهرو تعلق آهي. نارائڻ شيام غزل جو باڪمال شاعر آهي. هن جي خيال ۾ جهڙي ريت پيار ۽ محبت ڇانيل آهي اهڙي طرح سندس غزلن ۾ ڌرتيءَ جي ڳالهه به اچي وڃي ٿي. هن جي ڪلام ۾ خاموشيءَ سان وهندڙ نديءَ جهڙي رواني به آهي ته انداز بيان دلفريب ۽ گهرو اثر ڇڏيندڙ آهي. تو ڏينهن ڏٺي ديپ ته ٻاريو، احساس انڌاري جو ڏياريو. ڪا عمر ٿي پرڏيهه ۾ رهندي، ڏيهي به ملڻ سان لڳو ڌاريو. تو جسم کي يا پيار کي ڪنهن جي، هئن روئي وڇوڙي ۾ ٿي ساريو. نارائڻ شيام جا غزل سندس جذبات جو آئينو ٿا لڳن، غزل جي صنف ۾ هن جيڪا مٽي ڳوهي آهي سا شاعريءَ ۾ ميدان ۾ پنهنجي سڳنڌ ڦهلائي چڪي آهي. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جن لکن ٿا ته “نارائڻ شيام بلند پايه سنڌي شاعر هو ۽ جديد شاعرن ۾ سندس حيثيت تمام مٿانهين هئي. شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪيائين. هر صنف ۾ نوان لاڙا، نئون رنگ ۽ نئون اسلوب پيدا ڪيائين. جدت ۽ انفراديت رنگيني ۽ رواني سندس شاعري جون خاص خوبيون آهن”. (سنڌي ادب جو تاريخي جائزو ص ۲۴۳). نارائڻ جي شاعري ۾ واقعي رواني ۽ نئون رنگ سمايل آهي. هن جي شاعريءَ ۾ عشق جي ڳالهه به گهڻي اچي ٿي. هئي بس منهنجي دل ۾روح پرور ياد تنهنجي ئي، ستارن پوءِ به پوئين رات پت ۾ چڻگ چڻڪائي. ـــــــ سامهون نه جي هجيم ته ساڻس ڪٿان رُسان، سامهون هجي ته ڪيئن رُسان، ڇا رُسي سڪان؟ ـــــــ انهن ئي اکين آگ دل ۾ لڳائي، انهن ئي اکين اگ دل جي وسائي. سندس گفتگو ڄڻ پراهون پڙاڏو، نگاهون ائين ڄاڻ ڀاڪر ۾ آئي. غزل جي سرزمين تي نارائڻ شيام جا تجربا خود غزل کي سنڌي ماحول جي ويس ۾ آڻڻ لاءِ شاعر جون ڪوششون ڪاميابي جي راهه ڏانهن وڌائيندي نظر اچن ٿيون. جهڙي ريت غزل شاعريءَ جي رنگين ۽ لطيف صنف آهي تهڙي ريت ئي شيام غزل سان نڀائي ڏيکاريو آهي. سندس چيل غزل ۾ پيار ۽ محبت سان گڏ سماجي حالتن جو به ذڪر ڪيل ڏسجي ٿو. ڊاڪٽر تنوير عباسي لکي ٿو ته “شيام جي شاعري اسان جي دور جي شاعري آهي. ويهين صديءَ جي شاعري آهي، ۽ شيام اسان جي دور جو، اسان جي جڳ جو، ويهينءَ صديءَ جو شاعر آهي. شيام لکي ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته غزل جي صنف محدود نه آهي. اُها وشال آهي. ان ۾ هر دور جي عڪسن، احساسن، جذبن، توڙي پيچيدگين کي سهڻي ريت سمائي سگهجي ٿو. رڳو ان لاءِ شيام جهڙي فنڪار جي ضرورت آهي”. (بوند لهرون ۽ سمنڊ : ص ۲۱) نارائڻ شيام بيتن ۽ رباعي جو به سٺو شاعر هو ، بيت هجن يا رباعي هن جي ڪلام ۾ فطري منظر نگاري ۽ سادگي ڪمال جي آهي. سندس ڪلام جي خوشبو ئي نرالي آهي. شيام پکين جي لات، هو پيهو ۽ نار ڀي، نيڻن مان جذبات، نيسر مان پاڻي وهي. ـــ روئي روئي هاءِ، مون جا چانڊوڪي ڇڏي، تون ئي چنڊ ٻڌاءِ، اڄ ڀي آهي سنڌ ۾؟ ـــــ شيام جا دوها هجن يا هائيڪا وائي هجي يا ترائيل پنهنجي تعريف پاڻ ٿيون ڪرائن. مطلب ته نارائڻ شيام سنڌي شاعريءَ جي ڪيترين ئي صنفن ۾ لکي ڪري هند هجي يا سنڌ ۾ مقبول ٿي ويو. اياز قادري “سنڌي غزل جي اوسر ۾” ۾ کيس “سنڌي جو شهزادو شاعر” ڪري لکيو آهي. اهڙي ريت پڻ گوبند مالهي جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته “شيام سنڌي ساهتيڪ گلشن جي اها ڪوئل آهي جنهن پنهنجي ڪنٺ سان نه، هردي سان سرشٽيءَ سماج ۽ انسانيت جي سندرتا ۽ مڌرتا نروار ڪئي آهي”. (ص ۵۴۲ ۽ ۵۴۳). شيام جيڪر ٿي پوان ها تار تنهنجي ساز جي، تنهنجون نازڪ آڱريون ڇيڙن ها منهنجي دل جو گيت. ليءِ هجان ها جيڪڏهن تنهنجي مڌر آواز جي، منهنجي دل جو گيت ٿئي ها هوند تنهنجي دل جو گيت. نارائڻ داس گوڪلداس ناگواڻي جو جنم نوشهروفيروز جي ڳوٺ کاهي قاسم ۾ ۱۵ جولاءِ ۱۹۲۲ع تي ٿيو هو. پرائمري تعليم نوشهروفيروز ۽ انگريزي تعليم نوابشاهه ۾ حاصل ڪري ڊي جي سنڌ ڪراچيءَ مان بي اي پاس ڪيائين. گورنمينٽ مدرسه هاءِ اسڪول نوابشاهه ۾ ملازمت به ڪيائين. هندستان لڏي ويو ته اتي پوسٽ ۽ ٽيليگراف آڊٽ آفيس دهليءَ ۾ نوڪري ڪرڻ لڳو. اسڪول ۾ پڙهڻ دوران شاعريءَ سان شوق پيدا ٿيس، هن پنهنجي والد کان شاعريءَ جا ڪجهه سبق ورتا، اهڙي ريت ڪشنچند عزيز به سندس رهبر بڻيو. حاجي محمون خادم، مولوي محمد عاقل، پرسرام ضياءُ ۽ هرومل سدارنگاڻي جي صحبت مان شاعريءَ جي فن ۽ عروض بابت گهڻو ڪجهه پرائيندو رهيو. سنڌ ۾ “سنڌي ادبي سرڪل” هجي يا هندستان ۾ “ساهتيه اڪيڊمي” جو حصو رهيو. ڏات جي حوالي سان گهڻا ئي ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ سندس حصي ۾ آيا. اهڙي طرح سندس ڪلام جا جيڪي ڪتاب ڇپجي ظاهر ٿيا تن ۾ “ماڪ ڦڙا پنکڙيون”، “رنگ رتي لهر”، “روشن ڇانورو”، “ماڪ ڀنا رابيل”، واريءَ ڀريو پلاند”، آڇيندي لڄ مران”، “مهڪي ويل صبح جي نه سورنگ نه سا سرهاڻ”، “بوند لهرون ۽ سمنڊ”، توڙي “ڏات ۽ حيات ٻه جلد” ڇپيل آهن. سنڌي ٻوليءَ جو ناليواري ڪوي نارائڻ شيام جنهن سدائين پنهنجي شاعريءَ ۾ پيار ۽ محبت توڙي امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏنو تنهن لاءِ هري دلگير “ڏات ۽ حيات” ۾ سچ لکيو ته “شيام غمن جي ڪنڊن سان ويڙهيل هوندي به سدائين گلاب وانگر ٽڙندو رهيو ۽ خوشبو ڏيندو رهيو” (ص۲۹) اها خوشبو ڏيندي ڏيندي هن ۱۰ جنوري ۱۹۸۹ع تي هي جهان ڇڏيو. سنڌي ٻوليءَ ۾ سندس امر رچنائون ايندڙ وقت تائين حيات رهنديون ۽ سندس شاعريءَ جي خوشبو ادبي چمن ۾ تازگيءَ جو سبب بڻجندي رهندي. نارائڻ شيام شيام جيڪو سنڌ مان نڪتو ۽ پوءِ ڪڏهن سنڌ جي سرحد به نه ڏٺائين. - سنڌي غزل جو وڏو شاعر - ۲۵ جولاءِ ۲۰۲۲ تي شيام جي ڄمڻ کي هڪ سؤ سال پورا ٿيندا. مصور حسين سنڌ توڙي هند جو مشهور شاعر ۽ سنڌي ٻوليءَ جو پرچارڪ نارائڻ شيام ۲۵ جولاءِ ۱۹۲۲ع تي نوشهروفيروز ضلعي جي ڳوٺ کاهي قاسم ۾ گوڪلداس ناگواڻيءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. نوشهروفيروز کي ساهتي پرڳڻي ۾ شمار ڪيو ويندو آهي ۽ ديوان ڪوڙو مل کلناڻي، حشو ڪيولراماڻي، عبدالخالق خليق، نارائڻ داس ڀمڀاڻي، لڇمڻ ڪومل، سوڌو سنڌي ٻوليءَ جا ڪيترائي مشهور اديب هن پرڳڻي سان تعلق رکن ٿا. نارائڻ شيام پنهنجي ابتدائي تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪئي ۽ ان کان پوءِ بي. اي جي ڊگري ڊي جي سنڌ ڪاليج مان حاصل ڪري هو تعليم کاتي ۾ فارسيءَ جو استاد مقرر ٿيو. ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران سندس ڄاڻ سڃاڻ سنڌ جي مشهور شاعر شيخ اياز سان ٿي جيڪو به ان وقت ان ئي اداري مان تعليم پرائيندو هو. ۱۹۴۷ع ۾ هندستان ۽ پاڪستان جو ورهاڱو ٿيو ته هو اڃان ۲۵ سالن جو هو. مذهب جي بنياد تي ٿيل هن ورهاست ماڻهن جي اندر ۾ اهڙي ته نفرت جي باهه ڀڙڪائي وڌي جو ماڻهو پنهنجي ماڻهپي کان نڪري وحشي بڻجي پيا ۽ هندو توڙي مسلمان هڪٻئي جي خون جا پياسا بڻجي پيا. پنجاب ۾ ڪافي وڳوڙ ٿيا، اهڙيءَ طرح هندوستان جي مختلف علائقن ۾ پڻ هندو مسلم ڇڪتاڻ ٿي، سنڌ ۾ اڃان گهڻي ڀاڱي امن امان هو پر هتان جي سنڌي هندن ۾ خوف جي لهر ڇانيل هئي. اهڙيءَ طرح نارائڻ شيام کي پنهنجي ڪٽنب سوڌو ٻين لکين سنڌي هندن وانگر پنهنجي ڀونءِ مجبوري تحت ڇڏڻي پئجي وئي. جنهن کان پوءِ هو هندوستان جي مختلف شهرن ۾ شرنارٿري طور رهيو. ڪجهه وقت کان پوءِ کيس ٽيليگراف کاتي ۾ ڪلارڪي جي نوڪري ملي وئي جتان هن ۱۹۸۰ع ۾ هيڊ ڪلارڪ جي عهدي تان رٽائر ڪيو. شيام جي شاعريءَ جي شروعات ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچي کان ٿي، جتي هن پڙهائي دوران شيخ اياز، هري دلگير ۽ شيخ راز سان گڏجي ”سنڌ ادبي مرڪز“ جي پليٽفارم تان جديد سنڌي شاعريءَ جو بنياد وڌو. سندس شاعريءَ جو پهريون ڪتاب ۱۹۵۳ع ۾”ماڪ ڦڙا“ جي عنوان سان شايع ٿيو جنهن ۾ هري دلگير جي شاعري پڻ هئي. اهڙي طرح سندس ٻين ڇپيل ڪتاب جو تفصيل هن طرح آهي. پنکڙيون (رباعيون ۽ هڪ نظم ) ۱۹۵۵ع، رنگ رتي لهر (غزل) ۱۹۵۶ع، روشن ڇانورو (شاعري) ۱۹۶۱ع، واريءَ ڀريو پلاند(غزل) ۱۹۶۸ع، ماڪ ڀنا رابيل (شاعري) ۱۹۷۱ع، آڇيندي لڄ مران (غزل) ۱۹۷۱ع، مهڪي ويل صبح جي ( غزل) ۱۹۸۳ع، نه سو رنگ نه سا سرهاڻ، (شاعري) ۱۹۸۷ع، بوند لهرون ۽ سمنڊ(غزل) ۱۹۸۷ع، ڏات ۽ حيات( شاعري) ۱۹۸۸ع. نارائڻ شيام ان کان علاوه سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪبير ۽ غالب جي شاعريءَ بابت لکيل مونوگراف پڻ ترجمو ڪيا. ان کان سواءِ ۱۹۹۸ ۽ ۹۹ ۾ مصطفيٰ نانگراج سندس ٻه ڪتاب ”راهون پنڌ پيون“ (غزلن جي ڪليات) ۽ ”نکريو آهي نينهن “ (چونڊ شاعري )ڇپرايا. شيام جڏهن سنڌ ڇڏي تڏهن هو ۲۵، ۲۶ سالن جو هو، جنهن کان پوءِ سندس سڄي عمر هندوستان ۾ گذري پر هن سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي نه وساريو. عمر جي آخري گهڙين تائين کيس سنڌي ٻوليءَ جي چنتا هئي. سندس هڪ شعر آهي. الا ايئن مَ ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي، ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي. هن سنڌ کي جوانيءَ ۾ ڇڏيو پر ان باوجود سنڌ سان ۽ سنڌي ٻوليءَ سان سندس اٽوٽ رشتو قائم رهيو. دهلي جهڙي شهر ۾ رهندي جتي مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهو رهن ٿا هن پنهنجي مٺڙي ٻولي کي نه وساريو ۽ سنڌ جي ٻولي، سنڌ جي ڪردارن ۽ منظرن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ زنده رکندو آيو. ان حوالي سان ڊاڪٽر تنوير عباسي لکي ٿو. ” شيام غزل جهڙي ڌاريءَ صنف ۾ سنڌي لوڪ ڪهاڻين جا ڪردار، سنڌ متعلق پراڻين يادگيرين جا عڪس اهڙيءَ ته فنڪاريءَ سان آندا آهن جو غزل جو غزل جو تغزل به نه ٿو زخمي ٿئي ۽ شيام پنهنجو اظهار به ڪري وڃي ٿو. “ شيام جي شاعري جنم ڀومي ڇڏڻ جي درد سان ڀرپور آهي. سندس شاعري جلاوطنيءَ جي آتم ڪٿا آهي. هن جي شاعريءَ ۾ سنڌ جي چٽين چانڊوڪين ۽ گذري ويل وقت جون ڳالهيون آهن، سندس شاعري پڙهندي ڪيترا ڀيرا اهو احساس ٿئي ٿو ته هي ڪنهن ماڻهو جا نه پر اهڙي ڪونجڙي جي اندر جا احساس آهن جيڪا پوياڙيءَ جي پهر ۾ پنهنجي ولر کان وڇڙي وئي هجي ۽ ڪرلائي ڪرلائي پنهنجي ساٿين کي سڏيندي هجي. الائي ڪهڙي گهڙي شيام ان مان نڪتاسين، وطن ورڻ ته ڇا سرحد ڏسڻ نصيب نه ٿي. ****** روئي روئي هاءِ، مون جا چانڊوڪي ڇڏي. تون ئي چنڊ ٻڌاءِ. اڄ ڀي آهي سنڌ ۾. ******* گنگا جمنا امرت امرت، ٿڃ ته پنهنجي سنڌو آهي. . شيام جي دل ۾ مرڻ کان اڳ پنهنجي ڌرتي ڏسڻ جي وڏي حسرت هئي پر اها پوري نه ٿي سگهي. مشهور مفڪر محمد ابراهيم جويو سندس ان حسرت بابت لکي ٿو”هن ڪيترائي ڀيرا سنڌ اچڻ چاهيو پر سرحد جي لڪيرن ۽ ٻنهي طرفن جي سرڪارن جي ڪٺورتائيءَ کيس پنهنجي جنم ڀومي ڏسڻ کان دور رکيو. “ شيام جي شاعريءَ جا ڪيترائي رنگ آهن، هن جي شاعريءَ جا موضوع گوناگون آهن. جيئن ڪو پوپٽ باغ ۾ گهمندي مختلف گلن جو واس پيو وٺندو آهي شيام پڻ ايئن ئي مختلف موضوعن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. سندس شاعري رومانيت ۽ جماليات سان ڀرپور آهي. هن جا غزل جيڪي گهڻي ڀاڱي رديف کان خالي ۽ عام قافين تي ٻڌل آهن، خيال جي نفاست، سادگي ۽ لفظن جي چونڊ سان دل ۾ جاءِ ٺاهي وٺندڙ آهن. سندس شاعريءَ تي راءِ ڏيندي سنڌ جو ناليوارو شاعر ارجن حاسد لکي ٿو ”نارائڻ شيام جي غزل جون بي مثل ۽ نراليون وصفون کيس عالمي شاعرن ۾ بيهارين ٿيون. سنڌي غزل جي شاعريءَ ۾ اهڙو مثال ئي نه ٿو ملي جنهن جو مقابلو نارائڻ شيام جي غزل سان ٿي سگهي. “ سندس غزلن ۾سادگي ۽ نفاست ۽ خيالن جي گهرائي ته ڏسو گهميس شهر ۾ پئي اڪيلو اڪيلو، ته ڪو پاڻ جهڙو ملي پئي گهٽيءَ ۾. **** ڪيئي ڀيرا پنهنجو ئي در پاڻ مون کڙڪايو، مون پئي سمجهيو اندران ايندو منهنجو ئي آواز. ***** لکندي تنهنجا وار ڇُڙيل هئا، خط جي خوشبو هي به ڏسيو پئي. ***** هجي جا کاڻ خوبين جي ۽ عيبن کان بنهه آجي، نه پنهنجي زندگي اهڙي، نه پنهنجي شاعري اهڙي. سنڌ جو ناليوارو شاعر شيخ اياز، نارائڻ شيام جو گهاٽو دوست هو. ۱۹۶۵ع ۾ پاڪ ڀارت جنگ دوران اياز هڪ نظم ” هي سنگرام هو سنگرام، سامهون آ نارائڻ شيام “ لکيو هو ته اياز کي اهو نظم لکڻ جي ڏوهه ۾ قيد ڪيو ويو هو ۽ سندس ڪتابن تي پڻ پابندي وڌي وئي هئي. سنڌي ٻوليءَ جي هن سدا حيات شاعر ۱۰ جنوري ۱۹۸۹ع دهليءَ ۾ ديهانت ڪئي. سندس وفات کان پوءِ سندس سيهوڳي شاعر شيخ اياز کيس ڀيٽا ڏيندي ”سر نارائڻ شيام “ لکيو جنهن مان هڪ بيت هتي ڏجي ٿو. تنهنجي رک کڻي ويون، گنگا جون لهرون سنڌوءَ اُٻهريون، ٻانهون ڦهلايون گهڻو. (ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد جي سنڊي مئگزين ۲۴ جولاءِ ۲۰۲۲ع ۾ ڇپيل)
عبدالقادر جوڻيجو چوٽيءَ جو ڊرامه نگار، ڪالم نگار، ليکڪ ۽ اديب محمد سليمان وساڻ عبدالقادر جوڻيجو )پهرين نومبر ۱۹۴۵ع – ۳۰ مارچ ۲۰۲۰ع)، ٿر جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ جنھاڻ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم بي اي، بي ايڊ ۽ ايم اي سوشيالاجي آهي. عبدالقادر جوڻيجو جي سڄاڻ هڪ ڪالم نگار کان وڌيڪ هڪ ڊرامه نگار جي آهي. جنهن جا ڊرامه ريڊيو سان گڏ ٽي وي تي به ايترو ته مشهور ٿيا آهن جو ماڻهو انهن ڪردارن کي وساري به ناهن سگهيا.عبدالقادر جوڻيجو ريڊيو تي ۲۲ کان وڌيڪ سنڌي ڊرامه ۽ ۲ اردو ڊرامه لکيا آهن. هن ٽي وي تي اهڙا ته ڊرامه لکيا جن تي کيس ڪيترائي اوارڊ ملڻ سان گڏ اهي ڊرامه ۽ ڪردار يادگار بڻجي ويا. پاڻ ٽي وي تي ۱۶ سنڌي ڊرامه ۽ ۷ سنڌي ڊرامه سيريل لکيون آهن، هن اردو ۾ ۶ ڊرامه ۽ ۱۵ ڊرامه سيريل لکيون آهن. سندس يادگار ڊرامن ۾ ديوارين (سنڌيء ۾ راڻيء جي ڪهاڻي)، ڪاروان، ڇوٽي سي دنيا، سيڙهيان، دک سک، ٿوڙي خوشي ٿوڙا غم ۽ پرانده گهڻو مقبول ٿيا. سندس ڊرامه نه صرف پاڪستان پر ٻاهرين ملڪن پڻ ٽيليڪاسٽ ٿيا. ڊارمه سيريل ڇوٽي سي دنيا تي مشهور جرمن اينٿروپولاجسٽ ڊاڪٽر هيلني باسو جرمن ٻوليءَ ۾ برلن جي فري يونيورسٽيء ۾ ٿيسسز لکي. ڊرامه سيريل ديوارين بي بي سي جي چينل ۴ تي انگريزي سب ٽائٽل سان گڏ نشر ڪيو ويو. ڊرامه سيريل سيڙهيان آمريڪا ۽ ڪئناڊا سميت ۱۳ ملڪن ۾ ٽيليڪاسٽ ٿيو. ڊرامه سيريل پرانده پاڪستان سان گڏ ڪئناڊا ۾ پڻ ٽيليڪسٽ ٿيو. عبدالقادر جوڻيجو صاحب جيڪي ڪتاب لکيا آهن انهن ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن: واٽون راتيون ۽ رول (شارٽ اسٽوريز) ۱۹۶ شڪليون (سنڌي ليکڪن جا خاڪا) ۱۹۷۹ ويندڙ وهي لهندڙ سج (شارٽ اسٽوريز) ۱۹۸۴ وڏا اديب وڏيون ڳالهيون (ترجمو) ۱۹۸۴ سونو روپو سج (شارٽ اسٽوريز) ۱۹۸۶ ايوريسٽ تي چڙهائي (ترجمو) ۱۹۸۷ ڪرسي (ڪالم) ۱۹۹۸ ڇو ڇا ۽ ڪيئن (ترجمو) ۱۹۹۹ خط ٻن اديبن جا (خط) ۱۹۹۹ در در جا مسافر (ثقافتي اخلاقيات) ۲۰۰۱ وڻ وڻ جي ڪاٺي (ترجمو) ۲۰۰۲ ڇا لکان (ڪالم) ۲۰۰۷ ائين ڀلا ڪيئن ھوندو؟ (مضمون) ۲۰۱۰ع انگريزي ناول The Dead River عبدالقادر جوڻيجو سنڌ جي انهن ليکڪن مان آهي جنهن جا ڪالم سڀ کان وڌيڪ پڙهيا وڃن ٿا. تمام ڊگها ڪالم لکندڙ عبدالقادر جوڻيجو جو لکڻ جو انداز اهڙو ته ڀلو ۽ تجسس وارو هوندو آهي جو پڙهندڙ ڪالم کي پورو ڪري ساهه پٽيندو آهي. سندس ڪالم مختف اخبارن ۾ سياسي، سماجي ۽ حالات حاضره تي ڇپجندا رهن ٿا جن ۾ ڄاڻ سان گڏ تحقيق ۽ صحتمند تنقيد جو پهلو به شامل هوندو آهي. سندس ڪم جي مڃتا عيوض کيس ڪيترائي اوارڊ مليا آهن جن مان ڪجهه خاص هيٺ ڏجن ٿا: حسن ڪارڪردگي صدارتي اوارڊ – ۱۹۸۹ حسن ڪارڪردگي صدارتي اوارڊ – ۲۰۰۷ ساليانو بهترين ليکڪ جو پي ٽي وي اوارڊ – ۱۹۸۳ (ديوارين سيريل) ساليانو بهترين ليکڪ جو پي ٽي وي اوارڊ – ۱۹۸۵ (ڪاروان سيريل) پي ٽي وي سلور جوبلي اوارڊ – ۱۹۸۹ ڏهاڪي جو بهترين اوارڊ ۱۹۸۸ کان ۱۹۹۸ (ڄار سيريل) ريڊيو پاڪستان گولڊن جوبلي اوارڊ – ۱۹۹۹ عبدالقادر جوڻيجو اڄ، ۳۰ مارچ ۲۰۲۰ع تي، اسان کان موڪلائي ويو آهي پر هو پنھنجي لکڻين ذريعي سدا ياد رهندو. عبدالقادر جوڻيجو جنھاڻ جو جوڻيجو آدرش اَسان ڪهڙي به سواري، هوائي جهاز، ريل گاڏي، ڪوچ، بس يا وئن ۾ سفر ڪيون، گاڏي چُرندي مسَ ته ڀِڪ ۾ ويٺل سان شروع ٿي وينداسون، “سائين! توهان ڪير آهيو؟” هو سڀ ڳالهيون پوئتي ڇڏي اٿندي ئي پنهنجي ذات ٻڌائيندو، پوءِ ته بصر وانگر کلَ مٿان کلَ لهندي ويندي. هر سور سک سليو ويندو. خير سان سفر پورو ٿيندي، هڪٻئي جو اَڇو چِٺو هڙ ۾ ٻڌي سوگهو ڪري موڪلائينداسون. جوڳي نه ڪنهن جا مِٽَ. وري ٻيهر ملڻ يا نصيب. سفر ڪندڙ مسافر وري نه ملندا آهن. همَ سفر کان ميمڻ ٻڌندي هڪدم سئي سڳي سان کيسي کي سبڻ ۾ لڳي ويندا آهيون. شيخ ٻڌي چپن تي مرڪ آڻيندي، جنت ۾ ڏاڏي حوا کي ورغلائيندڙ کي ياد ڪندا آهيون. شڪارپور جو شيخ ٻڌي مرڪ غائب ٿي ويندي آهي. ڏڪڻي وٺي ويندي آهي. سومرو ٻڌي جيجل امڙ ڏانهن ڊڪندا ويندا آهيون. ڪنڀار ٻڌي سهڻيءَ جو ڪچو دلو ياد ايندي، اکيون آليون ٿي وينديون آهن. جوکيو بدوي ٻڌي سلڇڻي مائي دائي ياد ايندي آهي. ملاح ٻڌي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي پوندا آهيون. نظاماڻي ٻڌي حر مجاهد ڪلهي ۾ بندوق سوڌو نظر ايندو آهي. لغاري ٻڌندي پرينءَ جي ڪاري ڪتي ياد ايندي آهي. زرداري ٻڌي اٺن جي قطار وڃڻ لڳندي آهي. سولنگي ٻڌندي ڏنڀرو مڇي هانوَ تي هري ايندي آهي. جتوئي، مهر، چانڊيو ٻڌڻ سان سِيٽَ تي ڍلا ٿي ويندا آهيون. سيد سڳورو ٻڌي، مرشد کي ست بسمِ الله هيون ڪري، کانئس پٽ ڄمڻ جو تعويذ لکرائيندا آهيون. جوڻيجا پنهنجو مٽ پاڻَ، ڄام صادق علي ڪون سڏائي؟ اَسان ڪهڙا به سرٽيفڪيٽ ڏيون، سچي ڳالهه اها آهي ته پنهنجي سانڀر ۾ ٻه دبنگ ۽ سگهارا وڏا وزير ڄام صادق ۽ ممتاز علي ڀٽو ڏٺاسون. ڇا وهنوار هلائيندڙ هئا. چيف سيڪريٽري يا آءِ جي ته ڇا، چڱا ڀلا وفاقي عملدار کانئن لنوائيندا هئا. ڄام صادق علي، جوڻيجو هو. ڪلاسيڪل وڏيرو شاهنواز جوڻيجو به باڪمال هو. پنهنجو ٿري يار لياقت جوڻيجو به لک لهي، سٺو پڙهيل لکيل، ماٺيڻو، بردبار ۽ سياستدان لياقت جوڻيجو، پرويز مشرف جي دور ۾ ناظمي نظام ۾ يونين ڪائونسل چيئرمين لاءِ اميدوار هو. اَسان جو شاعر ۽ ثقافت جو وزير سردار شاهه آمهون سامهون هيس. شاهه صاحب ملهه ماري ويو هُيس. عمرڪوٽ جي هڪ ريسٽورنٽ ۾ منجهند جي ماني کائڻ کانپوءِ لياقت ميان پيپسي ڪولا بوتل مان اطمينان سان ڍڪُ ڀرڻ کانپوءِ ڏاڍي معصوميت سان زبردست جملو چيو هو: “ادا ارشاد! سردار شاهه ان ڪري کٽي ويو هو جو مون هارايو هو.” سڀُ ذاتيون اکين تي، رب جي ذات سڀ کان اُچي آهي. جوڻيجا سڀ سرَ جا سائين، جنهاڻ جو جوڻيجو پنهنجي دل ۾ رهندو آهي. عبدالقادر جوڻيجو کي ڪير نه سڃاڻي؟ ٿر جي واهڻ ۾ اکيون کوليائين. سڄي دنيا ڏٺائين. انڊلٺ جا رنگَ پَسيائين. شروعات ۾ پيغمبري پيشو اختيار ڪري بليڪ بورڊ تي دعائون لکڻ لڳو. دعا ڌڻي ٻڌس، پنهنجي پاڙيسري ۽ مهان شاعر شيخ اياز هن جو هٿ پڪڙي، سنڌيالاجي ۾ پبليڪشن آفيسر جي ڪرسيءَ تي اچي ويهاريس. ترقيءَ جا ڏاڪا چڙهندو ويو. وقت گذرندي ويرم نه لڳي. ڊائريڪٽر ٿي رٽائر ڪيائين. ادب جي واٽ کانسواءِ دنيا داريءَ جو به ڄاڻو. رٽائرمينٽ کانپوءِ ارباب وزير جي مِهر سان چيئرمين بااختيار ٻوليءَ جي اداري جو بڻيو. عبدالقادر جوڻيجو پاڻ وانگر بُوڪِش مئن (Bookish Man). نوي جي ڏهاڪي ۾، خط پٽن جو زمانو هو. هڪٻئي ڏانهن خط لکڻ شروع ڪياسون. هن جي خطن ۾ علم جو درياهه هوندو هو. ڳچيءَ ۾ تعويذ وانگر اڄ به فائيل ۾ محفوظ آهن. جوڻيجو صاحب ڪهاڻيون لکيون. ڪمال جون آهن. “واٽون، راتيون، رول” ۽ “ويندڙ وهِي، لهندڙ سج” ڇا ته ڪهاڻي ڪتاب آهن! ٻولي، تشبيهون، انداز بيان، ڪهڙي تعريف ڪجي؟ هن جو ناول “سو ديس مسافر منهنجو ڙي!” الائي ڇا هوندو. اڌوري محبت وانگر آهي. خبر ناهي ان کي پورو ڇو نه ٿو ڪري. هن انگريزيءَ ۾ ناول لکيو. ڇپيو. پذيرائي حاصل نه ڪري سگهيو، پنهنجو پڙهيل ناهي، ڌُڪي تي راءِ نه ڏبي. عبدالقادر جوڻيجو ٽيليويزن ناٽڪ لکيا. ڌاڪو ڄمايائين. “راڻيءَ جي ڪهاڻي”، “سيڙهيان” ۽ “خان صاحب” وغيره جهڙا ڊراما سندس ئي هٿ لکي سگهي ٿو. هو کرو ماڻهو آهي، مٺ تي سگريٽ جا ڪش هڻي، چپٽي وڄائي، ڦلو ڪيرائيندي ڳالهه سنئين سڌي ڪندو. هن جو اسٽائيل من موهيندڙ پنهنجو آهي. هڪ ڀيري اردو اخبار “ايڪسپريس” ۾ هن جو انٽرويو پڙهيم. ان ۾ هن جنرل پرويز مشرف لاءِ چيو هو، “مان هن کي سليوٽ ڪيان ٿو.” اهو پڙهي باهه وٺي وئي. ڪاوڙ مان هڪدم خط لکيومانس. ترت ورندي ڏيندي لکيائين، “ادا! مون ڪڏهن ڪو نعرو نه هنيو آهي. فرشتو ناهيان، پيٽ اٿم، اجهو لٽو گهربو آهي، ڇا به الزام هڻو، مون کي انهن نوازيو آهي، سلام ڇو نه ڪندم، جنهن جو کائجي، تنهن جو ڳائجي.” عبدالقادر جوڻيجو پڙهاڪو وڏو. نوان ڪتاب ڊالر ڀري گهرائيندو. شوق جو مُلهه نه ڏسندو آهي. پاڻ به ان واٽ جا آهيون. ڪوٽ پراڻو پائجي، ڪتاب نئون وٺجي. هن نه رڳو پڙهيو آهي، لکيو به جهجهو آهي. تمام سٺو لکيو آهي. ڇا ڪالم! ڇا آتم ڪهاڻي جا ڪجهه فصل. ڇا ڪهاڻيون، مضمون، ڪمال جا ترجما! ترجمو تخليق کان وڌيڪ ڏکيو فن آهي. هن عالي شان ترجما ڪيا آهن. اڄ ڪلهه سندس طبيعت ٿوري ناساز آهي، ڌڻي سڳورو صحت عطا ڪندو. مهينو سوا اڳ “پنهنجي اخبار” ۾ منهنجو ڪالم ڇپيو. ان ۾ جوڻيجي صاحب لاءِ جملو هو. سانگهڙ جو ليکڪ ۽ سٺو پڙهاڪو منظور ملاح آهي. هو جوڻيجي صاحب ڏي وڃي ڀئرو ڀڃندو آهي. پراڻا لاڳاپا اَٿس، اهو ٻڌائي پيو؛ ”جوڻيجي صاحب جو وڏ ماڻهپو ڏسو. مان جوڻيجي صاحب وٽ ويٺو هيم. اوهان جو ڪالم ڇپيو هو.“ مون پڇيومانس: “سائين! آدرش جو ڪالم پڙهيو اٿو؟” وراڻيائين: “يرَ! ان کي ڪير نه پڙهندو؟” مون ٺونگو هڻندي چيومانس: “سائين! ان ۾ اوهان جي خلاف به ته لکيو اٿائين.” جواب ۾ چيائين: “منظورَ! اهو ضمير وارو ليکڪ آهي. ان تان ستَ خون معاف آهن.” (پنهنجي اخبار ۾، جمع ۲۱-۰۲-۲۰۲۰ع تي ڇپيل.) عبدالقادر جوڻيجو مختيار ملڪ افسوس ته عبدالقادر جوڻيجو به اسان کان وڇڙي ويو۔ سنڌي ڪهاڻي جي آئيندي جو اونو رکندڙ ۽ ترقي جو خواب ساڀيا ڪرڻ لاءِ لفظن سان اتساهه بخششيندڙ ليکڪ عبدالقادر جوڻيجو اهو سنڌي نثر نگار آھي جنهن ريڊيو پاڪسان ۽ پي ٽي وي تي انيڪ يادگار ڊراما لکيا، جن وڏو اوج ماڻيو۔ هن ريڊيو تي ۲۲ کان وڌيڪ سنڌي جا ڊراما ۽ ۲ اردو ڊراما لکيا، جڏهن ته پي ٽي وي تي ۱۶ سنڌي ڊراما ۽ ۷ سنڌي ڊراما سيريل لکيون آهن، جن ۾ راڻي جي ڪهاڻي، گردش، ويندڙ وهي، جانچ، ڳولا، مون ۾ آھين تون، اصل معاملو، هن وستيءَ ۾، خانصاحب، واٽون واٽن جھڙيون، ڀنگ ڄار، انکانسواءِ هن اردو ۾ ۶ ڊراما ۽ ۱۵ ڊراما سيريل لکيون. سندس يادگار ڊرامن ۾ کاروان، ديواريں، بدلتے موسم، چھوٹی سی دنیا، سيڑهيان، دکھ سکھ، تھوڑی خوشی تھوڑا غم، گھر گلیاں، رشتے ، زرا نم هو تو یه مٹی، پرانده، اهڙا ڊراما هئا جن ان دور جي ماڻھن کي ٽي وي اسڪرين ڏانهن ڇڪي آندو ۽ سان ڊراما ڏسڻ تي مجبور ڪيو۔ . عبدالقادر پهريون سنڌي نثر نويس هو، جيڪو اردو ۾ به ايترو ئي معروف هو۔ عبدالقادر جوڻيجو هڪ منفرد ڪهاڻيڪار آھي۔ هن ڪهاڻي جي سفر جي شروعات ماهوار روح رهاڻ ۾ ڇپيل پهرين ڪهاڻي ”مٺ مٺ سورن سڀ ڪنهن۔۔ “ سان ڪئي۔ هيل تائين سندس ڪهاڻين جا ۳ مجموعا پڻ شايع ٿي چڪا آھن ،جن ۾ واٽون ، راتيون ۽ رول (۱۹۷۳)، ويندڙ وهي لهندڙ سج (۱۹۸۱) ۽ سونو روپو سج (۱۹۸۶) شامل آھن۔ عبدالقادر جوڻيجو شخصيتن جا خوبصورت خاڪا پڻ لکندو رهيو۔ سندس خاڪن جا ٻه مجموعا به شايع ٿيل آھن۔ جن ۾ پهريون شڪليون (۱۹۷۹) ۾ ۽ ٻيو ”وڻ وڻ جي ڪاٺي“ (۲۰۰۱) ذڪر جوڳا آھن۔ عبدالقادر جوڻيجو هڪ گهڻ پڙهيو ليکڪ هو، جنهن پرڏيهي ادب جو جهجهو مطالعو ڪيو ۽ ٽن ڪتابن جا سنڌي ترجما به ڪيا، انهن ۾ پهريون ”وڏا اديب وڏين ڳالهيون“ (۱۹۸۴)، ٻيو ”ايورسٽ تي چڙھائي“ (۱۹۸۹) ۽ ٽيون ڇو، ڇا ۽ ڪيئن؟ شامل آھي۔ عبدالقادر ٿر مان حيدرآباد جو سفر ڪيو۔ پر سندس وجود ۾ هڪ ٿريو سدائين جاڳندو رهيو۔ جنهن جو اثر سندس لهجي ۽ اولڙو سندس موضوعن ۾ پسي سگهجي ٿو۔ سندس هڪ ڪتاب هن ”درد جا مسافر“ ۾ لاڏائو ذاتين کي موضوع هيٺ آندو آھي۔ هن جي قلم جي جبش ڪڏهن بند نه ٿي۔ هو لاڳيتو ڪالم لکندو رهيو۔ هن ناول نگاري ڏانهن وکون پڻ وڌايون، هڪ انگريزي ناول لکيو ۽ ٻيوانگريزي ناول اڻ ڇپيل ٻڌايو پيووڃي، جڏهن ته هڪ سنڌي ناول پڻ آخري مرحلن ۾ ھو، جيڪو مڪمل ٿيو الاجي نه. هو اڻٿڪ محنت ڪندڙ هڪ سادي مزاج رکندڙ مصنف هو. عبدالقادر جوڻيجو امر لغاري سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ ھڪ ئي وقت ادب سرجيندڙ سنڌ جو منفرد ڪھاڻيڪار، ڊراما نويس ۽ ناول نگار عبدالقادر جوڻيجو اڄ لاڏاڻو ڪري ويو آھي. عبدالقادر جوڻيجي جي لاڏاڻي تي اسان پنھنجي ھن گروپ پاران ھن جي چاھيندڙن، پڙھندڙن ۽ پونيرن سان ڏک جو جو اظھار ڪيون ٿا. عبدالقادر جوڻيجي سنڌ جي نوجوانن ۾ نه فقط عالمي ادب پڙھڻ جو ذوق وڌو، پر انھن منجھ پنھنجن چاھيندڙن ۽ پڙھندڙن جو ھڪ وڏو حلقو پيدا ڪيو. ھو ھڪ گھڻ پاسائون ليکڪ ھو. ھڪ ئي وقت ڊراما، ڪالم، ڪھاڻيون ۽ ريويوز ھن جي قلم مان پيان نڪرندا ھئا. ماحوليات، اينٿراپالاجي، سياست، ادب ھن جا پسنديده موضوع ھئا. ھن انگريزي ۾ ھڪ ناول به لکيو. دا لوسٽ رٍور. ٻئي تي ڪم پئي ڪيائين. ڪجھ مھينا اڳ جڏھن اسان ڪجھ دوست ساڻس ملڻ وياسين ته ھن پنھنجي اڌوري ناول بابت ھڪ دلچسپ جملو سگريٽ جي چپٽيء تي ھيئن چيو: ھونداسين جيئرا ته پورو ڪري وٺنداسين، نه ته آياسين.......... قادر کرو ماڻھو ھو. انڪري گھڻن ماڻھن سان نه پوندي ھيس. ھو ھڪ ئي وقت ملڪ جي ٻين ٻولين جي اديبن، آرٽيسٽن، اداڪارن ۽ ٻاھرين ملڪن جي ريسرچ اسڪالرن ۽ سنڌ جي گھڻ پاسائين موضوعاتي ڄاڻ وچ ۾ ھڪ قسم جي پل جو ڪردار ادا ڪندڙ ھو. جڏھن به ساڻس ملبو ھو ته کائنس ڪا نه ڪا نئين ڳالھ سکبي ھئي يا ٻڌبي ھئي. ھو ڳالھين جو ڀنڊار ھو. ڳالھيون ھن جي زبان تان پيرن جيان پچي پيون ڇڻنديون ھيون. قادر عمر جي آخري ڏھاڪن تائين پڙھندو ۽ لکندو رھيو. ھر ڪنھن جي جسم جي مشين ھڪ ڏينھن بيھڻي آھي. پر قادر پنھنجن ٽھڪن، دلچسپ ڳالھين، ڪھاڻين، ڊرامن، ناولن ۽ مضمونن ساڻ اسان جي وچ ۾ سدائين حيات رھڻو آھي. عبدالقادر جوڻيجو عشق ۽ ادب سان وفا ڪندڙ جوڻيجو ماڪن شاھ رضوي سڄي سنڌ ڄاڻي ٿي ته هو سنڌي ادب جو بي تاج بادشاھ هو. ڪهاڻي هجي يا ڊرامو، ڪالم هجي يا تاثر، پر عبدالقادر جوڻيجو هڪ اهڙو نالو هو، جيڪو ان تحرير جي ڪاميابي جي ضمانت هو. هن جي قلم سان لکيل ۽ ذھن مان اسريل هر لفظ نج سنڌي ٻوليءَ جو ترجمان هوندو هو. قديم دريائي وهڪري هاڪڙي جي ڪپ تي آباد تاريخي شھر لطيف سائين جي امر ڪردار جکري جي راڄڌاني نهٽي، جنهن لاءِ حضرت راضي شاھ فرمايو هو ته، جڏهن جهاري جکري، تڏھين نهٽي نئون سئو هٽ، پري کان پانڌين کي، ٿي آئي عطر ڇٽ، محبت سندا مٽ، هئا مهراڻي جي ملڪ ۾! ها جتي ٿر جي اڃايل واريءَ ۽ بئراجي شاداب ڌرتي جو پڙ ھڪٻئي کي ڀاڪرن ۾ ڀري ٿو، ان سڄي ڪس کي مهراڻو سڏبو آھي. اتي ئي ويجهو لاکيڻي لطيف جي هڪ ٻئي ڪردار برووي جو به ماڳ آھي. ٿانور ڀٽي جو به ڀڙو آھي، ۽ اتي ئي اهو ڳوٺ جنهاڻ جوڻيجو آھي، جتي پوليس آفيسر مريد علي جي پٽ ۽ چاچي منٺار جي ڀائٽي عبدالقادر جوڻيجي جنم ورتو. پر نه هو پوليس وارو ٿيو، نه وڏيرڪي پڳ ٻڌائين. هن وڃي ماستري جي چونڊ ڪئي، پر هن من ئي من ۾ ٻن اهم عظيم ڳالهين کي لڪائي رکيو، هڪ عشق، ٻيو ادب! ھن جي صحبت جتي سندس شاگرد نياز پتافي کي شاعر بنائي ڏيهان ڏيھ مشھور ڪري ڇڏيو، اتي هن جي مستانين اکين مامي نجمه کي سندس ديوانو بنائي ڇڏيو. (مامي ان ڪري لکيم، جو عبدالقادر منهنجو ان نسبت سان مامون هو، جو منهنجي مامي جو پڳ مٽ يارهو) تن ڏينهن هو جهڏي ۽ ٽنڊي جان محمد جي وچ ۾ ڳوٺ ڪمال خان پتافي ۾ پرائمري استاد هو. پوءِ جو قسمت ڪرم ڪيس ته شادي ڪري اچي سنڌو ڪناري مادر علمي سنڌ يونيورسٽي ۾ خيما کوڙيائين، ۽ قلم هٿ ۾ جهلي هن سنڌي ادب اوتڻ شروع ڪيو، جنهن به هن جو ڪتاب ”لڙيو سج لڪن ۾“ ۽ ڪهاڻي ”هورو“ پڙھي هوندي، ان کي نج سنڌي ٻولي جي سونهن ضرور دل ۾ چڀي ۽ اکين ۾ کپي ويئي هوندي. پوءِ ھن پهرين ريڊيو حيدرآباد لاءِ ڊراما لکيا، سندس ڊرامو ”وانڪل جو گهيڙ“ ھڪ ادبي تاريخ بنجي ويو. مٺ تي سگريٽ جو ڪش ھڻي هو وري ڪا نئين سٽ سرجڻ جو سوچيندو هو. وري هن پي ٽي وي لاءِ ڊراما لکڻ شروع ڪيا ”راڻي جي ڪهاڻي“، جيڪو پوءِ اردو ۾ ”ديوارين“ جي عنوان سان ٽيليڪاسٽ ٿيو، جنهن ۾ ڪردار جي گهرج ڏسي عظيم اداڪار يعقوب ذڪريا پنهنجا سمورا ڏند ڀڃائي هيروئن ”سُکان“ جي پيءُ جو ڪردار ڪيو هو. وري ”دراڙين“ لکيائين، ”پرانده“ لکيائين، پوءِ الاءِ ڇا ڇا لکندو ويو. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جو چيئرمين بنيو، سنڌ الاجي جو ڊائريڪٽر به رھيو. صدارتي ايوارڊ ماڻيائين. ڪاوش ۾ ڪالم لکيائين ته اتي به نج ٻولي ۽ وڏي ڄاڻ ڏنائين. پوءِ ڪن ٻين اخبارن ۾ به سنڌي ۽ انگريزي ڪالم لکندو رهيو. ٻولي توڙي قلم سان سدائين نڀايائين، راڄن ڀاڳن سان به مرڻي پرڻي ناتو ڪونه ڇنائين. مونکي اهو اعزاز حاصل آھي ته منهنجي هڪ ڪهاڻي ڪتاب ”اجهاميو ٻران“ جو مهاڳ ماما عبدالقادر لکيو، جيڪو ڪتاب سنڌي لئگئيج اٿارٽي ۽ ثقافت کاتي پاران سال جو بهترين ڪتاب ۽ ايوارڊ ماڻي آيو. آخري ملاقات ۾ ٻڌايو هئائين ته پاڻ ڪو انگريزي ناول پيو لکي، پر اڄ جڏهين سڄي سنڌ لاڪ ڊائون ۽ حراسيل آھي، تڏهين هن ڌرتي جي عظيم ليکڪ پنهنجون سدائين جاڳندڙ اکيون هميشه لاءِ پوري ڇڏيون. عبدالقادر جوڻيجو ڪھاڻي ۽ محبت جو درياءُ گذاري ويو حسن مجتبيٰ سنڌي ڪهاڻي ۽ اردو ٽيلي ڊرامي، ڪتابن جو پاڙهو، هڪڙي انگريزي ۽ سنڌي ناول جو ليکڪ، ملڪ جو سرموڙ ڪهاڻيڪار، يارن جو يار، ٻارن سان ٻار، عاشق زهر پياڪ، نصير ۽ گلشن جو بابو، ٿر جهڙي ملڪ ملير جو ڄائو عبدالقادر جوڻيجو مري ويو۔ هڪڙي دفعي ڪئين سال ٿيا مون هن کان پڇيو هو ته، “هو ڇا آهي؟” هن سموري مون واري مٿي ڇتن شاهه واري ڊيگهه پٽاڙ کي سندس مٺ ۾ چيچ سان جهليل سگريٽ مان سوٽو هڻندي چيو هو. “مان پاڻي ۽ مٽي مان ٺهيل ماڻهو آهيان ڇو ته منهنجو پيءُ جوڻيجو ۽ منهنجي ماءُ مهاڻي هئي.” ها، اهو ٿر جي ٿڌي واريءَ مان ٺهيل عبدالقادر جوڻيجو هي جهان رنگ و بوءِ ڪالهه ڇڏي ويو۔ “ميا ئي جياس، جو وڃي مڙهه ملير ڏي.” مون اڃا ڪجهه ڏيهاڙا اڳ ئي لکيو هو، عبدالقادر جوڻيجي جي خبر ناهي پر زندگي ۽ سياست ٻن ٿرين عبدالواحد آريسر ۽ ڄام ساقي کي ٺڳي ويئي۔ ٿر کان ٻاهر ٿر جو ماڻهو ايئن آهي جيئن ڀٽائي جي بيت ۾ ٿر ٻاٻيهو۔ پوءِ هو مارئي وانگر ڀل جان ڪيترن ئي قيد ڪڙن ۾ رهي يا پٽ پٽيهرن ۾۔ عبدالقادر جوڻيجو به ايئن هو۔ هڪ اٺائين وڳ جهڙو هينئون رکندڙ ماڻهو۔ بلڪل سندي ڪهاڻي “هورو” واري اٺ جهڙو سنڌ ۾، دنيا ۾۔ سندس اکرن ۾ “ڇوٽي سي دنيا ۾.” عبدالقادر جوڻيجو ٻڌائيندو هو ته هڪڙي ڀيري اسلام آباد ۾ ليکڪن جي ڪانفرنس ۾ انهي وقت جو وزير اعظم محمد خان جوڻيجو ليکڪن سان تعارف مهل سندس ڇاتيءَ تي لڳل بيج تي “جوڻيجو” ڏسي رڪجي ويو هو ۽ کانئس پڇيو هئائين ته ڪهڙن جوڻيجن مان ۽ ڪٿان کان آهين؟ هن جي ٻڌائڻ تي کانئس پنهنجي سادي انداز ۾ پڇيو هئائين، “هُتان کان هتي اسلام آباد تائين ڪيئن پهتين؟” عبدالقادر کيس چوڻ چاهيو هو، “بس جيئن اوهان پهتا.” عبدالقادر اهڙيون ڳالهيون يا دل ۾ پنهنجو پاڻ سان چوندو هو يا وري سندي ڪهاڻين ۽ ڊرامن ۾۔ پاڻ جوڻيجي سميت گهڻن ٽي وي ڏسندڙن جو خيال هو ته “ڇوٽي سي دنيا” يا “خانصاحب” جو مرڪزي ڪردار محمد خان جوڻيجو جو هو۔ سنڌڙيءَ جو جوڻيجو محمد خان گونگو پاڻي هو، جنهن نيٺ ضياءُ الحق جهڙي آمر کي به مرڻ کان اڳ ٻوڙيو هو۔ جڏهن هو ضياءَ هٿان اقتدار وڃائي ڳوٺ پهتو هو ته سنڌڙيءَ جي ماڻهن سندس واٽ تي بينر هنيا ها جن تي لکيل هو، “فاتح ضياءُالحق محمد خان جوڻيجو زنده باد.” پر آمر ضياءُالحق جي زماني ۾ پڻ جڏهن ايم آر ڊي واري تحريڪ به عروج تي هئي تڏهن شامن جو سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڄڻ ڪرفيو جهڙو ڏيک ڏسڻ ۾ ايندو هو (يا وري جيئن هاڻ لاڪ ڊائون) جڏهن عبدالقادر جوڻيجو جو پي ٽي وي تي تڏهن لکيل ڊرامو “راڻي جي ڪهاڻي” هلندو هو، جيڪو پوءِ اردو ۾ سندس “ديوارين” بڻيو۔ هن جو ٻيو ۽ سندس نروس بريڪ ڊائون وارو بلاڪ بسٽر ٽيلي ڊرامو “ڪاروان” هو. ڪاروان ۾ منصور علي جو هڪڙو ڪردار هو جيڪو هن اسان ٻنهي جي دوست پنهنجي زماني جي مشهور شاگرد اڳواڻ ۽ زاهد مخدوم بقول سندس زاهد مخدوم تي لکيو هو. ٿر جي ڳوٺ جنهاڻ ۾ پوليس صوبيدار خانصاحب مريد حسين جوڻيجي جي گهر جنم وٺندڙ عبدالقادر جوڻيجي جو گهڻو تڻو ننڍپڻ يا ته ڏاکڻين وچولي سنڌ جي ٿاڻن جي پوليس ڪوارٽرن جتي هو لاڪپن ۾ واڙيل قيدين سان سيخن اڳيان ڪچهريون ڪندو هو يا واري تصور پچائيندي گذريو جهن ۾ هن جون پنهنجون فينٽسيز هونديون هيون، جن ۾ هو ڪڏهن پنهنجو پاڻ کي چور، سپاهي، ته ڪڏهن ڌاڙيل ۽ صوبيدار سمجهندو هو۔ هڪ ڀيري هن مونکي ٻڌايو هو۔ باقي (هلندڙ) بس يار زنده نه رهيو پر صحبت باقي۔۔۔ عبدالقادر جوڻيجو ڀارومل امراڻي ٿريو آخر ٿريو هوندو آهي، پوِءِ ٿر جي ڀٽن تي ولر واريندڙ ڌنار هجي يا جڳ مشهور ليکڪ. هُو زمين آسمان سج چنڊ تارا، چارا، نديون، نالا سڀ ٿريو ٿي ڏسندو آهي، هن جي اندر ۾ صدين جي اڃ هوندي آهي. مينهن ۽ نينهن مان ڪڏهن هن جو ڍو نه ٿيندو آهي. عبدالقادر جوڻيجو ٿر جي طبعي ڀاڱي مهراڻي جي ڳوٺ جنهاڻ جوڻيجا ۾ جنم وٺندڙ ٿريو هو. هن ڏکن کان اتر تائين پوري سنڌ گهمي، ملڪ جي ٻين حصن ۾ به ويو، هن دنيا جي ملڪن ڏانهن به پنڌ ڪيو پر هنڌ کي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ‘هورو’ پوندو هو. هوري جي اڻ تڻ ۾ ‘هورو ’ جهڙي شاهڪار لکي. هن جي من جي مايا روپي ندي هاڪڙو هوندي هئي. هاڪڙي جي لهرن هن جي لفظن ۾ نئون جنم ورتو هو. چون ٿا ته هاڪڙي جي ڪنارن تي ۳۰۰ شهر آباد هوندا هئا. هن جي ڪهاڻين، ڪالمن، ڊرامن، ناول، خاڪن ۽ ترجمي جي لکڻين جو ڪل تعداد ٽي سو آهي. منهنجون سان گهڻيون ملاقاتون ڪتابن ۽ ڪالمن ۾ ٿيون، هن جي ڊرامن جي ڊائلاگن ۾ ڪچهرين جو وڏو رس ورتو. پر ڪجهه ملاقاتون سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ۾ هن جي چئرمين شپ دوران روبرو ٿيون. هُو دل گهرئي ماڻهو کي پريان کان ايندو ڏسي مرڪندو هو. هن هڪ ڀيري سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري ۾ ڪچهري ڪندي ٻڌايو ته دنيا ۾ رقص جا چاليهه نمونا آهن ڇٽيهه نموني جو رقص ٿر جو ماڻهو ڄاڻي ٿو. هن ڳاله ڪري دنگ ڪئي ته مون چيو بروبر سائين ‘ڇٽيهه نموني جو رقص اوهان جي مرڪ ۾ موجود آهي. پوءِ هن وڏا ٽهڪ ڏيئي مهراڻي جي ڀٽن، ڪونڀٽن ۽ ڄارين جي جڳهٽن تي ڳالهايو هو. هن دنيا جو ادب پڙهيو هو. هن پنهنجي پسند جون لکڻيون ترجمو ڪري سنڌي ادب جي پڙهندڙ تائين پهچايون هيون، پر هن جي طبعزاد لکڻين ۾ مقاميت حاوي هوندي هئي. ڳالهه ڪٿان جي ڪئين هجي پرهن جي تشبيهه جو رنگ چاچي رمضان جي ڳالهين تي اچي دنگ ڪندو هو. هُو تحقيق ۾ پيرا رامجي ڪولهي وانگر کڻندو هو. هن وٽ ٻيا به ڪيترائي ڪردار هئا. جن مان هن اتساهه وٺي پنهنجي لکڻي کي هن ڇٽيهه لکڻي بڻائي هئي. هن جو والد صاحب پولس جو صوبيدار هو. هن پوليس ۾ نوڪري ورتي. پر والد جي چوڻ تي ڇڏي ڏني. پوءِ ماستر ٿيو. هن جي ڪهاڻي پڙهي شيخ اياز سنڌالاجي ۾ نوڪري ڪرڻ جي لاءِ گهرايو. هُو شيخ اياز جي نياپي تي جنهاڻ مان سوا پرهه سج مٿي اچڻ تي نڪتو هو. هن جو جسم خاڪي مهراڻي جي مٽي ۾ ابدي آرام ڪرڻ جي لاءِ سوا پرهه سج مٿي اچڻ تي پهتو. هن کي اهي ڳوٺاڻا ماڻهو وڻندا هئا، جيڪي پٽ پاٿاري تي ڪانڀ ٻڌي ويهندا آهن. هن جي آخري سفر ۾ اڪثريت انهن ماڻهن جي هئي. عبدالقادر جوڻيجو مرتضيٰ سيال عبدالقادر جوڻيجو سنڌ جو يگانو ڪهاڻيڪار، ناٽڪ نويس، ڪالم نگار ۽ هڪ منفرد انسان هئو. ادب جي دنيا جو قداور نالو هئڻ جي باوجود وڏائي سندس پاسي کان به لنگهي نه سگهي، پنهنجي طبيعت ۾ نهٺائي رکندڙ اهڙو فقير ماڻهو هئو جنهن وٽ بادشاهيءَ جا گرُ هئڻ جي باوجود هو پنهنجي ڌُن ۾ مگن رهندڙ هڪ بنھ دلبر انسان هئو. ڊرامو هُجي، ڪهاڻي هُجي يا ڪو ڪالم هجي هر لکڻي ۾ هُن جو هڪ الڳ ڊڪشن ۽ انداز آهي. هن جي ڳالهين کان ويندي لکڻين تائين سندس مطالعي ۽ مشاهدي جي پختگي نظر ايندي، هُن جيترو لکيو اُن کان وڌيڪ پڙهيو ۽ پروڙيو. پنهنجي حياتيءَ ۾ هو پڙهڻ ۽ لکڻ کان ڪڏهن به نه ٿڪيو، سنڌ جو هي واحد ليکڪ هو جيڪو لڳاتار لکندو رهيو، پڙهڻ ۽ لکڻ سان هن جو ازلي عشق رهيو. عبدالقادر جوڻيجو پرائيڊ آف پرفارمنس ۽ ٻيا ڪيترا ئي ايوارڊ ماڻيا پر هُن پنهنجي ڪيريئر ۽ حياتيءَ ۾ ڪڏهن ايوارڊن ۽ انعامن کي خاطر ۾ نه آندو. هو پنهنجي زندگيءَ ۾ ته ڏاڍو لاپر واھ ماڻهو رهيو پر لکڻ ۽ پڙهڻ توڙي نون ۽ نوجوان ليکڪن کي همٿائڻ جي معاملي ۾ هن ڪڏهن به لاپرواهي نه ڪئي، جن ڏينهن ۾ سندس طبيعت ناساز رهي انهن ڏينهن ۾ به هن لکڻ پڙهڻ کي نه ڇڏيو. ٿر جي مٽيءَ مان ڳوهيل هن محبوب ماڻهوءَ جي لکڻين ۽ ڳالهين مان به ٿر جي واري جو چلڪو ۽ برسات کانپوءِ مٽيءَ جي مهڪ محسوس ٿيندي هئي. عبدالقادر جوڻيجو سان منهنجون تمام گهڻيون يادون وابسته آهن. 1989 ۾ جڏهن آئون سنڌ يونيورسٽي جي ماس ڪميونيڪيشن جو شاگرد هئس ان وقت کان ساڻس محبتن وارو رشتو جڙيو، اُن زماني ۾ عبدالقادر سنڌ الاجي جو ڊائريڪٽر هئو، آئون ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ کان پوءِ عبرت مئگزين ۾ ڪم ڪندو هئس، عبدالقادر پنهنجي آفيس جون ذميواريون نڀائڻ کان پوءِ اڪثر ڪري گلستانِ سجاد ۾ منهنجي آفيس ايندو هئو، جتان اسان شهر روانا ٿيندا هئاسين پوءِ ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي دوستن، فنڪارن ۽ اديبن جو ميلو مچندو هئو، اهڙي طرح ڪچهرين جو نه کٽندڙ سلسلو هوندو هئو، عبرت مئگزين فائينل ڪرڻ وارن ڏينهن ۾ آئون نه نڪري سگهندو هوس ته عبدالقادر اسان جي انچارج مرحوم غفور ڪريمي سان ڪچهري ۾ ويهي رهندو هو، اهڙي طرح هو جتي به ويهندو هئو اتي محفل ۾ ڪچهريءَ جو مرڪزي ڪردار هوندو هو. هو اسان جهڙن سيکڙاٽ ۽ نون ليکڪن سان گڏ ويهي اسان کي نه رڳو اُتساھ بخشيندو هئو پر اسان سان گڏ ويهي وڏا وڏا ٽهڪ به ڏيندو هئو. هو مون کان نه رڳو عمر ۾ پر هر حوالي سان وڏو هئو پر پنهنجي سڀاءُ ۽ پيار سان محسوس ائين ڪرائيندو هو ڄڻ اسان هڪجيترا يار آهيون، مون هن کي هميشه يار جي نالي سان ئي ياد ڪيو آهي. اڄ يادگيرين جو نه کُٽندڙ سلسلو ڇڏي يار وڃي جنهاڻ جوڻيجو جي مٽيءَ ۾ آرامي ٿيو آهي. پر هو اسان جي دلين ۾، ذهنن ۾ پنهنجن لکڻين ۾ سدائين زنده رهندو. عبدالقادر جوڻيجو سنڌ کي ٿر جي اکين سان ڏسندڙ! حسن پٺاڻ سنڌ جو برک ڊرامانگار، ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار عبدالقادر جوڻيجو، سنڌ جي اهڙن قلمڪارن جي صف ۾ پهرين نمبر تي آهي جن پنهنجي ڌات ۽ قلمي پورهئي سان پنهنجي زندگيءَ ۾ هڪ اعلى مقام حاصل ڪيو. سندس جنم پهرين نومبر ۱۹۴۵ع تي ٿر جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ٿيو. جتي هُن زندگيءَ جي شروعات سال گذاريا ۽ پنهنجي شروعاتي تعليم مڪمل ڪئي، سندس تعليم بي اي، بي ايڊ ۽ ايم اي سوشيالاجي هئي. پر هُن پنهنجي زندگي پنهنجي حاصل ڪيل تعليم جي ابتڙ ادبي حيثيت ۾ گذاري ۽ ان ۾ ئي نالو پيدا ڪيو. سندس سڃاڻپ ڪالم نگار کان وڌيڪ ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامانگار واري رهي. هن ڊارمه نويسيءَ ۾ شروعات ريڊيو ناٽڪن کان ڪئي ۽ بعد ۾ ٽي وي ڊرامن طرف وريو. سندس ڊراما ريڊيو سان گڏ ٽي وي تي مقبول ٿيندا ويا پر اڳتي هلي ٽي وي تي پيش ٿيندڙ سندس ڊرما مقبوليت جي انتها تي پهچي وئي جنهن ڪري سندس سڄي دنيا ۾ هڪ ڪامياب ڊرامه نگار جي حيثيت ۾ مڃتا ٿي. سندس ڊرامن ۾ پيش ڪيل ڪردارن کي ماڻهو اڄ تائين وساري نه سگهيا آهن. عبدالقادر جوڻيجي ريڊيو تي ۲۲ کان وڌيڪ سنڌي ۽ ۲ اردو ڊراما لکيا. هن ٽي وي تي جيڪي به ڊراما لکيا انهن نه صرف سندس لاءِ مقبوليت جا در کولي ڇڏيا پر انهن ڊرامن جي ڪري کيس مڃتا طور تي ڪيترائي ايوارڊ پڻ مليا ۽ انهن ڊرامن ۾ جن به ڪردارن کي هُن پيش ڪيو اهي ڪردار اهڙا ته انمول هيا جو عوام جي دلين ۾گهر ڪري ويهي رهيا ۽ ماڻهو عام زندگيءَ ۾ انهن ڪردارن جو ذڪر ڪرڻ لڳا. هُن ٽي وي تي ۱۶ سنڌي ڊراما ۽ ۷ سنڌي ڊراما سيريل لکيون آهن، هن اردو ۾ ۶ ڊراما ۽ ۱۵ ڊراما سيريل لکيون آهن. سندس يادگار ڊرامن ۾ راڻيءَ جي ڪهاڻي ۽ اردو ۾ ترجمو ڪيل (ديوارين)، ڪاروان، ڇوٽي سي دنيا، سيڙهيان، دک سک، ٿوڙي خوشي ٿوڙا غم ۽ پرانده شامل آهن جيڪي تمام گهڻو مقبول ٿيا. عبدالقادر جوڻيجو اهڙو ليکڪ هو جنهن وٽ ڪنهن شاهڪار، مصور جيان لفظن جا پڪا رنگ هُئا، هُو پنهنجي ليک جي ڪينواس تي اهڙا نقش ڇٽي ڇڏيندو هو جيڪي پڙهندڙ توڙي ڊراما ڏسندڙ جي ذهن ۾ پيا ڦرندا هُئا. سندس ڊراما نه صرف پاڪستان پر ٻاهرين ملڪن ۾ پڻ ٽيليڪاسٽ ٿيا. ڊراما سيريل ڇوٽي سي دنيا تي مشهور جرمن اينٿروپولاجسٽ ڊاڪٽر هيلني باسو جرمن ٻوليءَ ۾ برلن جي فري يونيورسٽيءَ ۾ ٿيسسز لکي. ڊراما سيريل ديوارين بي بي سي جي چينل ۴ تي انگريزي سب ٽائٽل سان گڏ نشر ڪيو ويو. ڊراما سيريل سيڙهيان آمريڪا ۽ ڪئناڊا سميت ۱۳ ملڪن ۾ ٽيليڪاسٽ ٿيو. ڊراما سيريل پرانده پاڪستان سان گڏ ڪئناڊا ۾ پڻ ٽيليڪسٽ ٿيو. عبدالقادر جوڻيجو صاحب جيڪي ڪتاب لکيا انهن ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن:واٽون راتيون ۽ رول (ڪهاڻيون) ۱۹۶، شڪليون (سنڌي ليکڪن جا خاڪا) ۱۹۷۹، ويندڙ وهي لهندڙ سج (ڪهاڻيون) ۱۹۸۴، وڏا اديب وڏيون ڳالهيون (ترجمو) ۱۹۸۴، سونو روپو سج (ڪهاڻيون) ۱۹۸۶ ايوريسٽ تي چڙهائي (ترجمو) ۱۹۸۷، ڪُرسي (ڪالم) ۱۹۹۸، ڇو، ڇا ۽ ڪيئن (ترجمو) ۱۹۹۹، خط ٻن اديبن جا (خط) ۱۹۹۹، در در جا مسافر (ثقافتي اخلاقيات) ۲۰۰۱، وڻ وڻ جي ڪاٺي (ترجمو) ۲۰۰۲، ڇا لکان (ڪالم) ۲۰۰۷ع عبدالقادر جوڻيجو سنڌ جي انهن ليکڪن مان هو جن جا ڪالم سڀ کان وڌيڪ پڙهيا ويا. تمام ڊگها ڪالم لکندڙ عبدالقادر جوڻيجي جو لکڻ جو انداز اهڙو ته ڀلو ۽ تجسس وارو هوندو هو جو پڙهندڙ ڪالم کي پورو ڪري ساهه پٽيندو هو. سندس ڪالم مختف اخبارن ۾ سياسي، سماجي ۽ حالات حاضره تي ڇپجندا رهيا، جن ۾ ڄاڻ سان گڏ تحقيق ۽ صحتمند تنقيد جو پهلو به شامل هوندو هو. سندس ڪم جي مڃتا عيوض کيس ڪيترا ئي ايوارڊ مليا جن مان ڪجهه خاص هيٺ ڏجن ٿا:حسن ڪارڪردگي صدارتي ايوارڊ – ۱۹۸۹، حسن ڪارڪردگي صدارتي ايوارڊ – ۲۰۰۷، ساليانو بهترين ليکڪ جو پي ٽي وي ايوارڊ – ۱۹۸۳ (ديوارين) سيريل، ساليانو بهترين ليکڪ جو پي ٽي وي ايوارڊ – ۱۹۸۵ (ڪاروان) سيريل، پي ٽي وي سلور جوبلي ايوارڊ – ۱۹۸۹، ڏهاڪي جو بهترين ايوارڊ ۱۹۸۸ کان ۱۹۹۸ (ڄار) سيريل، ريڊيو پاڪستان گولڊن جوبلي ايوارڊ – ۱۹۹۹سنڌ جو هي ناليوارو ليکڪ هاڻ اسان ۾ نه رهيو آهي پر سندس لکڻيون سدائين اسان کي سندس ياد ڏيارينديو رهنديون. عبدالقادر جوڻيجو مينهن وساڙي جهڙي ماڻهوءَ جي موڪلاڻي علي نواز آريسر سنڌ اڄ هڪ ذهين انسان کان محروم ٿي وئي. اهڙو ذهين، جنهن ٿر ۾ جنم ورتو، پر سڄي دنيا ۾ پاڻ مڃايو. هن ڪهاڻيون لکيون، ڊراما لکيا، ترجما ڪيا، يادگيريون لکيون، اخبارن لاءِ ڪالم لکيا ۽ بي پناه عشق ڪيا ۽ پاڻ هر ڪم ۾ ڪامياب رهيو. عبدالقادر جوڻيجي، ٿر جي واريءَ جي ڀٽن جي وچ ۾، هڪ ننڍڙي ڳوٺ جنهاڻ، تعلقي مٺيءَ، ضلعي ٿرپارڪر ۾ مريد حسين جوڻيجي جي گهر ۾، پهرين نومبر ۱۹۴۵ع تي اک کولي. ٿر جي واريءَ ۾ بانبڙا پائيندي، واريءَ جا گهر ٺاهيندي، چڙن جي چُونگار کي هينئين سان هنڊائي وڏو ٿيو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان پاس ڪري، سيڪنڊري تعليم نوابشاهه ضلعي جي مختلف شهرن، ۽ هاءِ اسڪول ڏيپلي مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. سندس والد پوليس آفيسر هو. ۱۹۶۲ع ۾ کيس پوليس کاتي ۾ اي ايس آءِ طور چونڊيو ويو، پر والد جي زور ڀرڻ تي پرائمري ماستر ٿيو ۽ مختلف ڳوٺن ۾ پڙهائڻ لڳو. ڪيترا ئي ڪلوميٽر پنڌ ڪري پڙهائڻ ويندو هو ۽ رستي جي سفر ۾ واريءَ جي ڀٽن، ڏهرن ۾ چرندڙ ڍڳين ۽ ٻڪرين، رڍن سان ڪچهريون ڪندي اسڪول پهچندو هو، ته سندس ذهن ۾ افسانو جڙي پوندو هو. ائين هن افسانا، ڪهاڻيون لکندي سنڌ جي ڏاهي، محمد ابراهيم جويي سان خط و ڪتابت شروع ڪئي، ۽ پنهنجا افسانا جويي صاحب کي موڪليندو رهيو؛ ۽ جويو صاحب سندس رهنمائي ڪندي، اُهي افسانا مهراڻ ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپائيندو ۽ کيس خط لکي همت افزائي ڪندو رهيو. ايئن هن افسانا ۽ ڪهاڻيون لکندي بي اي، بي ايڊ ۽ ايم اي سوشيالاجيءَ جون ڊگريون ۱۹۷۷ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيون. ۱۹۷۶ع تائين پڙهائڻ جو ڪم جاري رکيائين ۽ ان دوران نواب حيدر علي لغاري ۽ شوڪت حسين شوري سان خط و ڪتابت به هلندي رهي. اڳتي هلي پاڻ سنڌالاجيءَ ۾ پبليڪيشن آفيسر طور مقرر ٿيو. ڄامشوري جي افسانوي سرزمين سندس اندر ۾ سُتل ڪهاڻيڪار کي جهنجهوڙي جاڳايو ۽ ڏات جي ديوي مٿس مهربان ٿي، ۽ جوڻيجو صاحب لکڻ کي عبادت سمجهي پابنديءَ سان فرض ادا ڪندو رهيو. جوڻيجي صاحب جو سنڌ يونيورسٽيءَ وارو دور هڪ شاندار دور چئي سگھجي ٿو، ڇو ته هتي هن جو گھڻو وقت سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز ۽ ڀلوڙ نثرنويس غلام رباني آگري سان گذريو ۽ سنڌي ادب جي هن ٽه-مورتيءَ، سنڌ کان علاوه پوري دنيا جي ادب تي طويل بحث ڪيا، راتين جون رولاڪيون به سندن حصي ۾ آيون ته خوبصورت نيڻن جا اسير به بڻيا. عبدالقادر جوڻيجو سنڌالاجيءَ ۾ پبليڪيشن آفيسر، ايڊيشنل ڊائريڪٽر ۽ پوءِ ڊائريڪٽر ٿيو، جتي ۲۰۰۵ع تائين فرض نڀايائين؛ ۽ ۲۰۰۵ع ۾ ئي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو چيئرمئن مقرر ڪيو ويو، جتي پڻ پنهنجو وقت خوبصورت نموني ۽ خوش اسلوبيءَ سان گذاريائين. منهنجي ساڻس ملاقات سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ٿي. ٿيو هيئن جو هڪڙي ڀيري آريسر صاحب ماٺيڻي اوٺي جي ورسيءَ جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ اٿارٽي ويو هو، جتي ڪچهريءَ دوران منهنجي نوڪريءَ جو چيو هئائين؛ جنهن تي جوڻيجي صاحب چيو ته کيس صبح جو موڪلي ڏي. پوءِ ٻن مهينن کانپوءِ آئون حيدرآباد آيس، ۽ ڌڻي بخش سولنگي ۽ شهيد روپلي چولياڻيءَ سان گڏجي ملڻ ويس؛ پهرين ته ڪيترا ئي انومان ذهن ۾ ايندا رهيا ته هو هيڏو وڏو ماڻهو ملندو الائي نه؟ ڪهڙي موٽ ڏيندو، ايئن سوچن جي ساگر ۾ ٻڏندي ترندي جوڻيجي صاحب جي آفيس تائين پهتاسين، بنا ڪنهن پڇا ڳاڇا ۽ اطلاع جي اندر داخل ٿياسين، ته پاڻ اُٿي بيهي مليو ۽ اسان کي ويهڻ جو چيائين؛ ۽ يڪدم گھنٽي وڄائي پٽيوالي کي چانهه جو چيائين. پاڻ حال احوال ورتائين. جڏهن ٻڌايومانس ته ”سائين آريسر صاحب موڪليو آهي، نوڪريءَ جي لاءِ آيو آهيان“ ته پاڻ چيائين؛ پُٽ اِداري جي بجيٽ تمام ٿوري آهي، ۳۰۰۰ روپيا پگهار تي ڪانٽريڪٽ تي آئون تو کي ملازمت تي رکي سگهان ٿو. مون چيو؛ سائين مون کي منظور آهي، ته چيائين؛ ڏهن ڏينهن کانپوءِ فون ڪجانءِ. ايئن پنهنجو موبائيل نمبر پني تي لکي ڏنائين ۽ مون کان به نمبر لکائي ورتائين. مون وٽ ان وقت موبائل ڪو نه هو، سو گهر جو نمبر لکي ڏنم. ايئن ان ڏينهن اسان ۲ ڪلاڪ مسلسل ڪچهري ڪئي. مون کي هيءُ ماڻهو انتهائي پيارو، نفيس ۽ محبتن جو وهندڙ درياھ محسوس ٿيو. سندس محبت ڀريون ڳالهيون ٻڌندا رهياسين، ٻن ڪلاڪن کانپوءِ موڪلايوسين. اهڙيءَ ريت مون کي هفتو کن حيدرآباد ۾ لڳي ويو، ڇو ته قسمت سان اچڻ ٿيندو هو، ان ڪري يارن دوستن مان نڪرڻ به ڏکيو هو؛ هفتي کانپوءِ گهر پهتس ته گهروارن ٻڌايو؛ عبدالقادر ۵ ڀيرا فون ڪري چڪو آهي! مون فوري طور فون ڪئي مانس، ته پيار مان چيائين بابا ڪٿي آهين؟ ڪيتريون فونون ڪيون اٿمائين! چيو مانس سائين حيدرآباد ۾ ئي هئس، اڄ ئي واپس پهتو آهيان، ته چيائين صبح جو ئي اچ ۽ نوڪري جوائن ڪر! ايئن ٻئي ڏينهن اٿارٽي پهچي نوڪري جوائن ڪيم. ڪم کي لڳي ويس. ڪافي ٽائيم گذري ويو، ساڻس ملڻ لاءِ به نه ويس. هڪ ڀيري آريسر صاحب ملڻ آيو ته شڪايت ڏنائين، ته مون وارو ڀائٽيو ملڻ به ناهي ايندو! آريسر صاحب مون کي دڙڪو ڏيندي چيو ته جوڻيجو صاحب شڪايت پيو ڪري. چيومانس؛ سائين! جوڻيجو صاحب چوندو ته آئون روزانو گهر وڃي ڪچهري ڪري ايندس، باقي هتي آفيس ۾ ملندس ته چاپلوسيءَ جو ٺپو لڳندو. واقعي ڪنهن آفيسر سان ويجهو رهڻ به وڏي ۾ وڏو عذاب آهي. هڪ سال تائين ڪچي ملازمت ۾ ڪم ڪيم. هڪ سال کانپوءِ پاڻ مون کي جونيئر ڪلارڪ طور ريگيولر ڪيائين، ۽ ان ڏينهن چيائين ته واعدو ڪر، ته هن آفيس ۾ پنهنجي محنتن سان اڳتي وڌندين ۽ سٺي عهدي تي پهچندين. ۲۰۰۸ع ۾ پاڻ اٿارٽيءَ مان هليو ويو، سچي ڳالهه اِها آهي ته هيءُ ماڻهو مون کي ڪامورو بلڪل نه لڳو؛ انتهائي پيار ڪندڙ انسان لڳو. ۲۰۰۹ع ۾ مون جڏهن آريسر صاحب جو ڪتاب ”زندگي، آزادي ۽ محبت“ پئي ڇپايم ته جوڻيجي صاحب کان مهاڳ لکرائڻ لاءِ ويس، دروازي تي پهچي اطلاع ڏنم ته پاڻ نڪري آيو ۽ وٺي وڃي ڊرائينگ روم ۾ ويهاريائين ۽ دڙڪو ڏيندي چيائين، تون ڌاريو آهين جو دروازي تي بيهي رهين؟ سچ ته آئون پنهنجي لاءِ اهو اعزاز ٿو سمجهان جو هُن مونکي ايترو پنهنجو سمجھيو، ڇو ته اسان جي هن سماج مان ڏينهون ڏينهن پنهنجائپ جو تصور ئي ختم ٿيندو وڃي. ڪافي ٽائيم ڪچهري ڪئي سين، چانهه وغيره جو دؤر به هليو. مون جڏهن ڪتاب جو مهاڳ لکڻ لاءِ چيو ته پاڻ مون کي چيائين ته بابا آريسر صاحب کي ڪهڙي ضرورت آهي، ڪتاب جي مهاڳ لکرائڻ جي! توهان دنيا جي وڏن ليکڪن جا ڪتاب پڙهو، اهي پنهنجي ڪتابن جا مهاڳ پاڻ لکندا آهن؛ پر پوءِ به مون کي خوشي آهي ته آريسر صاحب جي ڪتاب جي مهاڳ لاءِ منهنجي چونڊ ڪئي وئي آهي؛ آئون ضرور لکندس. پوءِ هفتي اندر شاندار مهاڳ لکي ڏنائين. ان ڪتاب جو انتساب به آريسر صاحب عبدالقادر جي نالي ڪيو آهي. جوڻيجو صاحب آريسر صاحب کي تمام گهڻو ڀائيندو هو. جوڻيجي صاحب جون علمي، ادبي خدمتون به تاريخ جي سُنهري ورقن ۾ لکڻ جھڙيون آهن. سندس ڪهاڻين، افسانن، خاڪن ۽ ترجمي جا ۱۳ کن ڪتاب ڇپيل آهن، جنهن جو وچور هن ريت آهي: واٽون راتيون رول (ڪهاڻيون: ۱۹۷۳ع) شڪليون (سنڌ جي شخصيتن تي خاڪا: ۱۹۷۹ع) ويندڙ وهي لهندڙ سج (ڪهاڻيون: ۱۹۸۴ع) وڏا اديب وڏيون ڳالهيون (ترجمو: ۱۹۸۶ع) ايوريسٽ تي چڙهائي (ترجمو: ۱۹۸۷ع) ڪرسي (ادب، تعليم، ميڊيا ۽ ثقافتي ائنٿراپالاجيءَ بابت مضمون: ۱۹۹۸ع) ڇو ڇا ۽ ڪيئن (ترجمو: ۱۹۹۹ع) خط ٻن اديبن جا (محمد ابراهيم جويي ۽ عبدالقادر جوڻيجي جا خط: ۱۹۹۹ع) دَرَ در جا مسافر (ڪلچرل ائنٿراپالاجي: ۲۰۰۱ع) وڻ وڻ جي ڪاٺي (۲۰۰۲ع) ڇا لکان؟ (تاريخي، سماجي، سياسي ۽ ادبي مضمون: ۲۰۰۷ع) ايئن ڀلا ڪيئن هوندو؟ (۲۰۱۰ع). ادب اندر ۾ ويٺل جن ۽ ڀوت (۲۰۱۴ع) عبدالقادر جوڻيجي جا هي سمورا ڪتاب انتهائي اهم ۽ ڄاڻ جو خزانو آهن. ان کان سواءِ پاڻ ٿر جي ريگستان تي انگريزيءَ ۾ هڪ ناول به لکيائين. جوڻيجي صاحب لکڻ جي شروعات افساني کان ڪئي، پر پوءِ اڳتي هلي ڪهاڻي ۽ ڊرامي جي صورت ۾ ادب تي ڇائنجڻ لڳو. سندس پهرين ڪهاڻي مُٺ مُٺ سُور آهي، جيڪا ۱۹۶۳ع ۾ مشهور ادبي رسالي روح رهاڻ ۾ ڇپي. کيس نه صرف سنڌ، پاڪستان ۾ پر ڀارت، نيپال، ايران ۽ جرمنيءَ ۾ اردو ڊرامي نگاريءَ جي حوالي سان عالمي مڃتا ملي. پاڻ ريڊيي لاءِ به ڪيترائي ناٽڪ لکيائين. سندس پهريون ناٽڪ ۱۹۷۰ع ڌاري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي نشر ٿيو. اهڙي ريت سندس ٽيهن کان وڌيڪ ريڊيو ناٽڪ نشر ٿيا، جن کي تمام گهڻي موٽ ملي. ۱۹۷۶ع ۾ سندس پهريون ٽي وي ناٽڪ ”تلاش“ پي ٽي وي ڪراچيءَ تان ٽيليڪاسٽ ٿيو. ان بعد سندس ۱۶ کان وڌيڪ سنڌي ۽ ۱۶ اُردو سولو پلي ۽ سيريل ٽيليڪاسٽ ٿيا. اردوءَ ۾ سندس ۱۳ ڊراما پي ٽي وي ۽ ٻين چئنلن تي رليز ٿيا، جن ۾ ڪاروان، ڇوٽي سي دنيا، سيڙهيان، دُک سُک، پرانده ۽ ڌول عالمي شهرت ۽ مڃتا ماڻي. سندس ٽي وي سيريل ڇوٽي سي دنيا تي مشهور جرمن انٿراپالاجسٽ، ڊاڪٽر هيلن باسو (DR. Hellene Basu) فري يونيورسٽي برلن ۾ ٿيسز لکي چُڪي آهي، جنهن جو اختصار انگريزيءَ ۾ به ترجمو ٿي چُڪو آهي. سندس سنڌي ڊرامي ”راڻي جي ڪهاڻي“ سنڌ ۾ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي ۽ ٻهراڙين ۾ اڄ به ماڻهو انهي سيريل جي واکاڻ ڪندي ڍاپن ئي ڪو نه ٿا؛ ۽ ساڳي سيريل اردوءَ ۾ ”ديوارين“ جي نالي سان ٽيليڪاسٽ ٿي ۽ اردو ڊرامي نگاريءَ تي پنهنجي ڇاپ ڇڏيائين. ان بعد (B.B.C) چئنل- ۴ تان انگريزيءَ ترجمي سان ٽيليڪاسٽ ٿي. هيءَ ڏکڻ ايشيا جي پهرين سيريل هئي، جيڪا (B.B.C) تان ٽيليڪاسٽ ٿي هئي. ان کان علاوه سندس ڊرامي ”سيڙهيان“ آمريڪا ۽ ڪئناڊا سميت ٻين ملڪن ۾ به مڃتا ماڻي. اهڙيءَ طرح ٽي وي ڊرامو ”پرانده“ پڻ ڪئناڊا ۽ يونائيٽيڊ عرب امارات (U.A.E) ۾ به ٽيليڪاسٽ ٿيو. کيس نه رڳو سڄي سنڌ نالي سان سڃاڻي، پر دنيا جي ٻين به ڪيترن ملڪن ۾ سندس نالو ڪنهن کان ڳُجهو ڪونهي. کيس مڃتا طور ڪيترائي ايوارڊ مليا، جن ۾ ۱۹۸۹ع ۾ پهريون صدارتي ايوارڊ ۽ ۲۰۰۸ع ۾ ٻيو صدارتي ايوارڊ مليو. قسطوار ڊرامي ڪاروان تي بهترين ليکڪ جو ساليانو پي ٽي وي ايوارڊ، ۱۹۸۹ع ۾ پي ٽي وي سلور جوبلي ايوارڊ، ۱۹۸۸ع کان ۱۹۹۸ع واري ڏهاڪي جو ايوارڊ ۽ ريڊيو پاڪستان جو ۱۹۹۹ع جو گولڊن جوبلي ايوارڊ (قومي) ملي چُڪا. پر آئون سمجهان ٿو اهي اوارڊ عبدالقادر جوڻيجي لاءِ اعزاز ناهن، بلڪه انهن ادارن ۽ انهن اوارڊن لاءِ اهو اعزاز آهي، جو اُهي عبدالقادر جوڻيجي جي نالي منسوب ٿيا آهن، ڇو ته ڪي ڪي شخصيتون اوارڊن ۽ اعزازن کان مٿانهيون ۽ مانائتيون هونديون آهن، ۽ عبدالقادر جوڻيجي جو شمار اهڙين شخصيتن ۾ ٿئي ٿو. عبدالقادر جوڻيجي ٽي وي ڊراما نگار جي حيثيت ۾ ٻه ڀيرا چين جو مطالعاتي ۽ ثقافتي دورو به ڪيو. سندس سڄي زندگي لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ گذري آهي، پاڻ ادب، ثقافت، تعليم، آرڪيالاجي ۽ صحافت وغيره سان لاڳاپيل ۱۸ کان وڌيڪ ادارن جي مختلف ڪميٽين جو ميمبر به رهيو. ان کان علاوه پاڻ مختلف ادارن جو سربراهه به بڻيو، پر پوءِ به هيءُ فقير صفت انسان فقيراڻي طبيعت جو مالڪ رهيو، پاڻ وڏو ماڻهو ته ٿي ويو، پر وڏ ماڻهپو نه ڪري سگھيو؛ ۽ نه ڪامورو ٿي سگهيو. هيءُ بس يارن جو يار رهيو، اهو ئي سبب هو، جو پاڻ ڪنهن سياسي ۽ ادبي تنظيم جو حصو نه بڻيو. هيڏو وڏو عالمي شهرت رکندڙ اديب هئڻ جي باوجود، ادبي سنگت جي لهه وچُڙ ۾ نه آيو، ڇو ته هي سماجي روايتن جو امين هو، ڪنهن به سياسي ادبي تنظيم جو حصو بڻجي، هن پنهنجي پاڻ کي وڃائڻ کان بچائيندي رشتن جو ڀرم رکيو هو. هي مينهن وساڙي جھڙو پيارو ۽ نفيس انسان سٺا ڪپڙا پائڻ جو شوقين، سٺي پرفيوم استعمال ڪندو ته هر شئي نهايت ئي عمدي قسم جي هوندي هئي. اڪثر ڪري ايراني ليٽر پيڊ ۽ شيفر پين سان لکندو هو، سندس اکر ڪنهن ڪاتب جي اکرن کان به سٺا هوندا هئا. مُٺ تي سگريٽ پيئندو هو ۽ سگريٽ جو ڪش هڻي دونهون هوا ۾ اُڏاري ڳالهائڻ شروع ڪندو هو سڄي دنيا جو ادب پلٽائي ڇڏيندو هو. پاڻ جيتوڻيڪ اڄ اسان جي وچ ۾ ناهي رهيو، پر هو سنڌ سميت سڄي دنيا جي لکين دلين ۾ هميشه زنده رهندو. لاڪ ڊائون جي اداس گھڙين ۾ اڄ ھن جي ان جڳ کي الوداع ڪرڻ جي ڏکوئيندڙ خبر ملي جنھن جڳ کي برصغير جي عظيم شاعر شيخ اياز سپني سان ڀيٽ ڏني ھئي. گھڙي پل لاءِ ايئن لڳو ته اسان ڪورونا جي زد ۾ آيل دنيا ۾ نه پر نارمل دنيا ۾ رھي رھيا آھيون ۽ اھا نارمل دنيا اھا ھوندي آھي جيڪا سڀ کان وڌيڪ ايبنارمل ڪري ڇڏيندڙ خبر ان خبر کي سمجھندي آھي جيڪا ڪنھن وڏي ڏاھي ماڻھو جي دکدائڪ موت جي خبر ھوندي آھي. جڏھن ڪا به نارمل دنيا اھڙي خبر ٻڌندي آھي ته پوءِ اھا دنيا رڳو ان سانحي واري خبر جي نتيجي ۾ جيڪا المناڪ ڪيفيت جنم وٺندي آھي تنھن ۾ پاڻ کي رولي ڇڏيندي آھي،پر شايد اڄ ڪورونا جي وبا ۾ وچڙيل ۽ بک کان پاھ ٿيل سنڌ وٽ سندس وڇوڙي جي هن عظيم ڏک کي محسوس ڪرڻ جو موقعو نه ھجي، پر اھا حقيقت آھي ته سنڌ جو اھو ڍوليو جنھن جو نالو عبدالقادر جوڻيجو ھيو سو ڏئون ڏئي اڻ ڏٺل ڍٽ ڏانھن قراري ھليو ويو آ. خبرناھي اھو ڏينھن ڪھڙو ھو جڏھن ھن ٿر جي محبوب مٽيءَ جي پڌر تي پنھنجون اکيون کوليون ھيون، پر تاريخ ۱۳ سيپٽمبر ھئي ۽ ۱۹۴۵ع جو سال ھيو. ضلعي ٿرپارڪر جي شھر نئون ڪوٽ تعلقي مٺيءَ جي جوڻيجن جي ڳوٺ جنھاڻ جي نصيب ۾ اھا ڳالهه لکجي وئي ھئي ته اھو جيڪو ڇوڪرو ڄائو ھو سو اڳتي ھلي سندن ڳوٺ جا ته ڇا پر پنھنجي ديس جي سڃاڻپ جا نصيب لکندو. چون ٿا ته عبداقادر جوڻيجي جو والد مريد حسين جوڻيجو پوليس عملدار ھو. الاءِ ڇو حيرانگي ٿئي ٿي ته سنڌ ۾ پوليس عملدارن جا پٽ اڪثر ڪري آرٽ جي ويجھو ڪو نه ايندا آھن حسن جوڻيجي جي پٽ ان روايت کي مٽائي ڇڏيو. علم جا ابتدائي اکر عبدالقادر پنھنجي ڳوٺ جنهاڻ ۾ پرائڻ کان پوءِ عاشقن جي شھر ڄامشوري ڏانھن رخ رکيو جتي ھن مادر علمي ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ عمرانيات Sociology ۾ ماسٽرس ڪئي. زندگي کي خبر ناھي ته ھن ڊرامي جي اک سان ڪڏھن ڏٺو پر ٿوري وقت ۾ ريڊيو لاءِ ۲۲ ڊراما ۽ ۱۱ ڊراما پاڪستان ٽيلي وزن لاءِ لکي جڳ جھان کي حيران ڪري ڇڏيو. عبدالقادر جي ڪتابن پڙھڻ سان سان اھڙي محبت ھئي جھڙي ٽين ايجز ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ھڪ ٻئي سان ڪندا آھن. انڪري ھن ڪيترائي ڪتاب پڻ لکيا. سندس لکيل ڊراما جڏھن نشر ٿيا ته انھن جي گونج ملڪ جي سرحدن کي لتاڙيندي وڃي ھن پار پڳي. اڄ به اھي ڊراما ماڻھن جي دماغن مان گھڙي پل لاءِ به نڪتا ناھن. سندس ادبي ڌاڪ جڏھن قائم ٿي ته سندس خدمتن جي عيوض حڪومت پاڪستان نه چاھيندي به ۲۰۰۸ع ڌاري ھن کي اھم سرڪاري اعزاز پرائيڊآف پرفارمنس سان پڻ نوازيو.. اھو عبدالقادر جوڻيجو اڄ اسان کي الوداع ڪري ھليو ويو.. سندس تعزيت سنڌ سان گڏ جتي مان مٺي، نئون ڪوٽ ۽ جنھاڻ سان ڪرڻ چاھيان ٿو، اتي روحي بانوءَ جي تربت سان به ڪرڻ چاھيان ٿو.! ڇو ته روحي بانو جو سنڌ جي ھن شھزادي ۾ ساھ ھو.!! استاد الوداع .. One More Session but you are gone!!!! عبدالقادر جوڻيجو ايش ٽري، سگريٽ جو ڦلو ۽ جوڻيجو سڪندر ھليو سڄي دنيا جيان ڪورونا جي قهر کان بچڻ لاءِ پاڻ وٽ به لڳايل لاڪ ڊائون جي بوريت کان بچڻ جو شايد واحد وسيلو سوشل ميڊيا ئي وڃي بچيو آهي. ان ڏينھن شام دير سان فون جي اسڪرين اسڪرول ڪندي پياري منظور ميراڻيءَ جي جڏهن اها پوسٽ فيس بوڪ تي نظر آئي ته ”اسان جو پيارو عبدالقادر جوڻيجو به هيءُ جهان ڇڏي ويو“، تنهن کانپوءِ ڪافي دير تائين جوڻيجي صاحب بابت سوچيندو رهيس ۽ سندس ڪيترائي عڪس ۽ لفظ اکين آڏو ايندا رهيا. منهنجي ساڻس ڪڏهن ڪا دوستي يا ويجهڙائي نه رهي، پر مان به ڪافي پڙهندڙن، ٽي وي ڏسندڙن جيان سندس هميشه مداح رهيو آهيان، ڇو جو هن جهڙو شايد ئي ڪو ڪلاسيڪل ماڻهو يا ليکڪ اسان وٽ باقي رهيو هجي. هن جي اصل سڃاڻپ ته ليکڪ ۽ ڊراما نگار واري رهي آهي، پر هو پنهنجي انداز ۽ زندگيءَ ۾ هڪڙو مڪمل پيڪيج هو، جنهن جو هو خود ئي پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر به هو، ته اداڪار ۽ صداڪار به خود ئي هو. هن اهو اسٽائيل يا انداز خود ٺاهيو هو ۽ مٿس ئي ٺهندو هيو. ڪافي ليکڪ کيس ڪاپي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهن، پر اصلي انداز جي ماسٽر ڪاپي رڳو سندس وٽ هُئي. منهنجيون ساڻس زندگيءَ ۾ ٽي ملاقاتون ٿيون ۽ ٽئي ڀيرا رڳو کيس سندس انداز ۽ ڳالهين مٿان ڳالهين جي نه کٽندڙ سندس روانيءَ واري سحر مان سدائين متاثر رهيم. سندس وارن جو اسٽائيل، ڪپڙن جو اسٽائيل، سگريٽ پيئڻ جو مخصوص اسٽائيل اهڙو هو، جهڙو پنجويهه سال اڳ هو، بس عمر جي دغا سبب سندس وار اڇا ٿي ويا هئا ۽ ڪراڙپ ڪري اڄڪلهه اليڪٽرانڪ تصويرن جيان جوانيءَ مان هو پوڙهو ٿي ويو هيو، پر سندس سگريٽ سو به ھڪ مخصوص برانڊ پيئڻ جو اسٽائيل نه ته ڪو پوڙهو ٿيو، ۽ نه پراڻو! هٿ جي چپٽي سان ٺڙڪو ڪري سگريٽ جو ڦلو ڪرائيندي هو پاڻ سميت ڪهاڻين، ڊرامن ۽ ڳالهين جا اڻ کُٽ قصا پوئتي ڇڏي ويو. منهنجي ساڻس پهرين ملاقات ۱۹۹۸ع ڌاري ان وقت ٿي هئي، جڏهن هو سنڌالاجيءَ ۾ ڊائريڪٽر هو. مان ان وقت قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد جي انيٿراپالاجي شعبي ۾ ماسٽرس ڪرڻ لاءِ جنهن ٿيسز تي ڪم ڪري رهيو هيس، سا سنڌو سڀيتا يعني موهن جي دڙي جي ٺڪرن جي ٿانون جي هزارين سالن جي سفر ۾ اڄ به سنڌ ۾ موجودگيءَ بابت هئي. هڪ يونيورسٽي شاگرد جي حيثيت ۾ ان کان اڳ مان ڄامشوري ۾ ئي انگريزي ڊپارٽمينٽ مان گريجوئيشن ته ڪئي هئي، پر جُوڻيجي صاحب سان ڪڏهن ڪا ملاقات نه ٿي سگهي هئي. ساڻس ملاقات سنڌالاجيءَ جي آفيس ۾ ٿي، پوءِ بس جيڪي ٻه لفظ تعارف جا ٿيا سي ٿيا، باقي جوڻيجي صاحب ٻن اڍائي ڪلاڪن ۾ مونکي ان تهذيب، دريائن جي زندگي ۽ موت ۽ صدين کان سنڌ ۾ رهڻي ڪهڻي بابت جيڪي ڳالهيون ٻڌايون، سي ڪجهه سمجهه ۾ آيون ۽ گهڻي ڀاڱي ڪو نه آيون. ڇو جو هو جنهن سطح تي ڳالهائي رهيو هو، تنهن وقت شايد منهنجو ايترو مطالعو ڪو نه هو يا اهڙي ڪا سُڌ ٻُڌ گهٽ هئي. بهرحال سندس قصه گوئيءَ جو انداز مونکان ڪڏهن نه وسري سگهيو. هن جي ڳالهين ۾ تاريخ ۽ تحقيق جون ڳالهيون گهٽ، پر فڪشن ۽ فئنٽسي وڌيڪ هئي، جنهن جو سحر اڄ به مون مٿان طاري آهي. اهڙين ڳالهين جو انداز ٻئي حوالي سان صرف جاويد ڀُٽي ۾ هو، ورنه اڄڪلهه ناميارا ليکڪ سڳورا انگريزي ڪتابن جا ٽائيٽل ۽ فهرستون اسڪرين شاٽ ڪري فيس بوڪ تي رکي هر ٻئي چوٿين ڏينهن اعلان ڪندا آھن ته، هو اهو ڪجهه پڙهي رهيا آهن. اهڙن ڪتابن ۾ ڇا آهي يا ناهي؟ ڪاش هو اهو ڏانءُ جوڻيجي جهڙي ماسٽر رائيٽر کان سِکي سگهن ھا! ساڻس ٻي ملاقات ڏهاڪو کن سال اڳ سندس ڄامشوري واري گهر ٿي هئي، جنهن ۾ حسن درس مونکي ساڻ وٺي هليو. حيدرآباد مان شام جو وڃڻ وقت اڳ ئي حسن مشروب مغرب جو بندوبست ڪيو ۽ حڪم ڪيائين ته، پيارا اڄ هلي ٿا استاد (جوڻيجي) سان ڪچهريون ڪيون! ان وقت جوڻيجو صاحب نئون نئون رٽائر ٿيو هو ۽ گهڻو ڪجهه لکي، پڙهي ۽ ڳالهائي رهيو هو. مونکي هن فقط ايترو سڃاتو ته مان ڪاوش ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪالم لکندو آهيان، ۽ بس پوءِ هو شروع ٿي ويو. الائي ڪٿان جون ڳالهيون ۽ ڪٿان جا قصا! ڪنهن ڪنهن مهل لڳو ٿي ته حسن جي انداز ۾ به ڪجهه ڪجهه هن جو اولڙو هو. ٽي وي ڊراما، اداڪار ۽ اداڪارائون، ليکڪ ۽ سندس خفتي يار...هر ڳالهه ۾ هڪ سندس رومانس ضرور هو ۽ ڪا عورت هن مٿان فدا ٿيندڙ هُئي. ڪجهه اهڙيون ڳالهيون آهن، جيڪي لکي نٿيون سگهجن، پر ڪنهن يارن دوستن جي ڪچهري ۾ فقط روبرو ٻُڌائي سگهجن ٿيون. هن جو انداز ۽ دلبربائي اهڙي هئي، جو فقط ماڻهو ڪن لڳائي ٻُڌي ئي سگهيو ٿي. جيئن ته انهن مان ڪنهن به ڪردار کي مون ذاتي طور تي نه ٿي سڃاتو، انڪري هر ڪردار هڪ ڪهاڻي ۽ فينٽسي هو، ۽ جيڪو اڄ به آهي. اهو جوڻيجي صاحب جو ڪمال هو، جو هر ڪردار کي هڪ ڪهاڻي ۽ آخر ۾ داستان ۾ تبديل ڪرڻ جي باڪمال سگهه رکندڙ هو. بهرحال مشروب مغرب سان گڏ اسانکي چيز (پنير) بار بار ٽڪرن ۾ ٿي کارايائين ۽ ٻُڌايائين ٿي ته اهو خاص ڪينڊا مان ڪنهن سنگتياڻي کيس موڪليو آهي. پهريان ته چيز ڪو خاص مزو نه ٿي ڏنو، پر پوءِ جڏهن ٻه چار رائونڊ مشروب جا مڪمل ٿيا ته چيز عرف پنير به هڪ اعليٰ رزميه داستان ٿي لڳو. کيس ڪجهه سمهڻو هوم سو هڪڙي وقت حسن اک ڀڃي مونکي اشارو ڪيو ته پيارا فڪر نه ڪر پاڻ ڪڙهائي هلي ڦاٽڪ تي کائينداسين! ان رات مون خود جوڻيجي کي هڪ اهڙو ڪردار، هڪ اهڙي ڪهاڻي، هڪ اهڙو داستان ڏٺو ۽ ٻُڌو جنهن جو ڪو انت، ڪو موت ۽ زوال نه آهي. جوڻيجي صاحب سان آخري ملاقات پنج ڇهه مهينا اڳ ڄامشوري ۾ ئي سندس گهر جي ڊرائنگ روم ۾ ٿي، جنهن لاءِ هڪ رات جو اڳ ئي سائين سردار شاهه چيو هو ته سڀاڻي شوڪت شوري کانپوءِ استاد (يعني عبدالقادر جوڻيجي) ڏانهن هلڻو آهي. ملاقات ۾ گهڻي ڀاڱي سائين سردار کيس ثقافت کاتي جون خبرون ۽ هو کيس هتان هُتان جون ڳالهيون ٻڌائيندو رهيو. هو ڪافي سرهو هو ته ايترا دوست سندس خبرچار وٺڻ آيا آهن، پر مان هڪ اهڙو عبدالقادر ڏٺو، جيڪو ڪنهن رڻ جي پن جيان سڄو سُڪي ۽ اڇو ٿي ويو هو، پر سندس مخصوص برانڊ سگريٽ اڃان به دکندڙ هو، هو سڄو ساڳيو جوڻيجو هو، پر پنهنجي ڊرامن ۽ ڪهاڻين جي پوڙهي ڪردار جهڙو هڪ اهڙو انسان ٿي نظر آيو، جنهن وٽ نه ته زندگي گهڻي هئي ۽ نه ڳالهين ۽ قصن ڪهاڻين ٻڌائڻ واري انداز ۾ ساڳيو مزو هو. موڪلائڻ وقت هن فقط ايترو ڪمزوري سان چيو ته، ”مزو نه آيو!“ پر سردار کيس ڪُلهي تي هٿ رکندي چيو، ”استاد وري جلد ملون ٿا!“ وري ملڻ شايد ممڪن نه هو ۽ جوڻيجي صاحب کي هاڪڙي جي مٽي پڻ پڪاريو ٿي. ويندي ويندي هو پنهنجي ذات، لکڻين ۾ هڪ اهڙو ڪردار پوئتي ڇڏي ويو، جيڪو هڪ ئي وقت انتهائي باڪمال آهي، ائين جيئن بچپن ۾ ناني يا ڏاڏيءَ جا قصا ۽ ڪهاڻيون ۽ جوانيءَ ۾ معاشقا ۽ بيوفايون، ۽ جهور ٿيندي ڏاهپ ۽ سانتيڪيت جو سحر انگريز انداز ڪجهه ماڻهن جي شناخت ٿي ويندو آهي. آخري ملاقات ۾ مون هن کي هڪ ”اسٽل“ ٿيل سين واري انداز ۾ ڏٺو، شايد ان عمر ۾ وقت ساڪن ٿي ويندو آهي ۽ مٽي فقط مدفون ٿيڻ لاءِ آتي هوندي آهي. آخري سين ۾ فقط خالي ايش ٽري رهجي ويندي آهي، جنهن ۾ جوڻيجي جهڙن ڪردارن جي مٺ تي سگريٽ جي ڦوڪ ۽ سٽڪي سان ڪرندڙ ڦلو پڻ ڪنهن ڪهاڻي ۽ داستان جهڙو ئي وڃي رهندو آهي، ڇو ته هن کانپوءِ هاڻي جوڻيجو ڪير سڏائي؟ عبدالقادر جوڻيجو سنڌ جي سگهاري ليکڪ جو وڇوڙو! احسان علي لغاري موبائيل جي گهنٽي وڄي ٿي.... ڏسان ٿو ته سرفراز راڄڙ صاحب جو فون آهي. سلام دعا کانپوءِ چوي ٿو، ”يار احسان ماسات موڪلائي ويو“. کن رکي وري چوي ٿو، ”پڇا ڪريو ته جنازي نماز ڪٿي ٿيندي، لاڪ ڊائون آهي، پر پاڻ کي هر صورت ۾ هلڻو آهي.“ ”جي جي سائين، آئون اوهان کي بيڪ رنگ ڪريان ٿو.“ تفصيل هٿ ڪرڻ لاءِ پيارن دوستن کي فون ڪيم، پر خبر نه پئجي سگهي. ڄام شوري جي صحافين کان پڇيم، پر تسلي جوڳو جواب نه مليو. اوچتو خيال آيو، سنڌ ۾ ڪنهن به اديب دوست جي وفات ٿئي، تڏي تي هر صورت ۾ پهريون پهچندڙ شخص محترم تاج جويو صاحب هوندو آهي، فون ڪري پڇيم ته چيائين اوڏانهن وڃان پيو، ٿوري دير بعد ڳالهائجان.“ فون بند ڪندي ئي جوڻيجي صاحب جي شخصيت جا ڪيترائي رنگ منهنجي اکين آڏو ڦرڻ لڳا، منهنجي ساڻس پهرين ملاقات سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ۾ ٿي، جڏهن پاڻ چيئرمئن هئا. مون جهڙي سنهڙي ۽ سيپڪڙي نوجوان جي اندر داخل ٿيندي ئي سائين اٿي ملڻ جي ڪئي ته مون ويجهي وڃي کيس ويهڻ جو چيو ۽ جهُڪي مليس. مون کي خبر هئي منهنجو هيءُ جهُڪاءُ سندس ان عهدي جي ڪري نه پر، اُن شخص اڳيان سلامي آهي، جنهن سنڌي ادب جي جهول ۾ هيرن جواهرن جون منفرد مالهائون عطا ڪيون آهن. هو پنهنجي لکڻين ۽ ڊرامن جي ڪري سڄي دنيا ۾ سنڌ جو ڳاٽ اوچو ڪيو بيٺو آهي. اهڙي شخص اڳيان جهُڪي جيڪا راحت ملي سا لفظن ۾ ٻڌائڻ ٻڌائي نٿي سگهجي. ايڏو وڏو ليکڪ ۽ ايڏي وڏي اداري جو چيئرمئن هوندي، سندس اهو ڳوٺاڻو انداز ۽ لهجو، جنهن ۾ پاڻ مون کان خوش خير عافيت پڇي. آئون حيران ٿي ويس. مون سندس اڳيان پنهنجا ايڊٽ ڪيل ٻاراڻا رسالا ”گلستان“، ”گلزارِ سنڌ“ ۽ ڪجهه ڇپرايل ڪتاب رکيا ۽ عرض ڪيو ته سائين منهنجي قائم ڪيل اداري ”اين. اي جان فائونڊيشن“ جي سالگرهه جي حوالي سان هڪ سووينئر جاري ڪري رهيو آهيان، توهان کي ان لاءِ پيغام لکڻ لاءِ عرض ڪرڻ آيو آهيان. جوڻيجي صاحب نه صرف پيغام لکي ڏيڻ جو واعدو ڪيو، پر مون کي چانهه پيارڻ سميت اڌ ڪلاڪ کن لاڳيتو منهنجي همٿ افزائي ڪندو رهيو. مون کي زندگيءَ بابت سوين مثال ٻڌائيندو رهيو ۽ ڏاڍو خوش ٿيو. مون ڏٺو ته سندس سيني ۾ سنڌ جي نوجوان طبقي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ وڏي بيچيني آهي. ان ڏينهن منهنجي به خوشيءَ جي حد نه هئي، جو آئون اهڙي ڪلاسيڪل شخصيت سان ڪچهري ڪري آيو هئس. ساڻس آخري ملاقات سرفراز راڄڙ سان گڏ سندس گهر تي ۲۰۱۶ع ۾ ٿي هئي، جتي پاڻ ٻين ڳالهين سان گڏ پنهنجي انگريزي ناول The Dead River ۽ ٻين انگريزي لکڻين بابت اسان کي ٻڌايو هو. سندس گهڻو اصرار هو ته ڪاش سنڌ جا اديب انگريزي ٻوليءَ ۾ لکڻ شروع ڪن. جوڻيجي صاحب ٻڌايو ته هن ناول جي رائلٽي کيس ڊالرن ۾ ٿي آهي، ۽ هو گهڻو خوش ٿيو آهي، جو ٻاهر ليکڪ جو وڏو قدر آهي. سندس خيال اسان کي سنڌ جي تاريخ، ادب ۽ ٻوليءَ جا ڪتاب انگريزي ۾ ترجمو ڪري ٻاهرين دنيا کي پڙهڻ لاءِ مهيا ڪرڻ گهرجي. انهن سوچن ۾ ئي هوس ته سرفراز راڄڙ جو فون آيو، چيائين ته نڪري اچ جلدي هلون. اسان جوڻيجو صاحب جون ساروڻيون ساريندي ڄام شوري ڏانهن سفر ڪريون ٿا. جوڻيجي صاحب جي گهر اڳيان ڪجهه گاڏيون بيٺل هيون. اسان به لهي گهر اندر داخل ٿياسين. اسان کان اڳ ۾ تاج جويو، مرتضيٰ سيال ۽ چار پنج ٻيا به ماڻهو ويٺل جن کي آئون سڃاڻي نه سگهيس. جوڻيجي صاحب جي ناٺي ساجد قيوم ميمڻ اسان کي هن المناڪ وڇوڙي بابت ڳالهيون پئي ٻڌايون. جوڻيجي صاحب کي آڪٽوبر ۲۰۱۹ع کان جگر جو ڪينسر ظاهر ٿيو هو، جيڪو کيس اڏوهي جيان کائيندو پئي ويو ۽ آخري وقت تي جگر جون شرنانيون ڦاٽي پيون، کيس رت جون اُلٽيون هليون ۽ هن اسريٰ اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. جوڻيجي صاحب ۲ انگريزي ناول لکي مڪمل ڪيا هئا، انهن جي ڇپائيءَ لاءِ ڳالهه ٻولهه ٿي پئي، پر ڇپجي نه سگهيا.ڳالهين ڪندي ڪندي تاج جويي صاحب چيو ته عبدالقادر کي هتي دفنائجي ها، جنهن تي ساجد قيوم ميمڻ وراڻيو، جوڻيجو صاحب چوندو هو ته: ”مون کي پٿرن ۾ نه پورجو.“ منهنجي ڪنن تي جڏهن انهن لفظن جو پڙلاءُ پيو ته اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا. سوچڻ لڳس ته واقعي عبدالقادر وڏو ماڻهو هو. هن کي خبر هئي ته هتي پٿرن ۾ کيس ڪير سنڀاريندو. اسان سنڌي بي قدرا آهيون، اسان وٽ پنهنجن محسنن جي سڃاڻ ناهي، ڇاڪاڻ جو سندس وڇوڙي جي خبر باهه جيان پکڙي آهي، پر سندس تڏي تي اسان اٺ ڄڻا ويٺا آهيون، نه ڪو اخبار وارو آهي ته نه ئي ڪو ٽي وي وارو، ڪو دور هوندو هو جو اسان پي. ٽي. وي تي اڌ ڪلاڪ جي پروگرام هلائڻ لاءِ احتجاج ڪندا هئاسين. اڄ ڪيترائي سنڌي ٽي وي چئنل آهن، پر هن بادشاهه ليکڪ جي وفات جو ٻڌي هڪ به چئنل جو ماڻهو ناهي پهتو. ڄامشوري ۾ سنڌي ادب جا ڪيترائي وڏا نالا رهن ٿا، پر اڄ اهي سمورا لاڪ ڊائون جو بهانو وٺي گهر ۾ پاڻ کي لاڪ ڪريو ويٺا هئا. جوڻيجي صاحب ڪيترن ماڻهن کي نوازيو، ڪيترائي سندس دلبر دوست هئا، پر هن آخري وقت تي سڀنيءَ جا پير پنڊ پهڻ بڻجي ويا. اسان ويٺا ئي هئاسين ته ٿوري دير ۾ ڊاڪٽر اسحاق سميجو به پهچي ويو هو، ڪجهه دوست موڪلائي هليا ويا، جنهن بعد باقي پنج ڄڻا، جوڻيجي صاحب جي بنگلي جي لان جي هڪ پاسي هلڪي اونداهيءَ ۾ سندس سارون ساريون ويٺا هئاسين. لان جي ٻئي هن عظيم انسان کي ”تڙ ڏيارڻ“ جون رسمون ادا ٿي رهيون هيون. هڪ عجيب ڪيفيت هئي، نيٺ تاج صاحب کان رهيو نه ٿيو ۽ چئي ڏنائين ته ”جيڪر اڄ ڄامشوري جو ڪو سرنديءَ وارو مري پوي ها ته ماڻهن جا هجوم هجن ها، اسان جا اديب به اچي پنهنجون جتيون کسائين ها، پر افسوس آهي جو ايڏي وڏي شخصيت تي اسان جي اديبن کي ايندي پير ٿي ڏُکيا. وڇوڙو ته هوندو ئي وڍ جيان آهي، پر ڪي وڇوڙا هنيانءُ ۾ اهڙو وڍ وجهي ويندا آهن، جو ورهين تائين اُهو ڏکندو رهندو آهي. عبدالقادر جوڻيجي جو وڇوڙو به اهڙو وڍ آهي، جيڪو ورهين تائين ياد رهندو. (روزاني عبرت ۾ ۲ مارچ ۲۰۲۰ع تي ڇپيل) عبدالقادر جوڻيجو سنڌ جي ادبي شنگھريلا جو شھزادو اعجاز منگي ھن ٿر جي واريءَ واري ديس مان نڪري پٿرن جي ان شھر ۾ پناھ ورتي ھئي جنھن جي لاءِ شيخ اياز لکيو آھي: “جھومندڙ ھوائن ۾، رات ڄامشوري جي ڪنھن رباب وانگرآ! عمر ايئن اڏامي ٿي، ڄڻ پکي پرن تي آ وقت خواب وانگر آ!” منھنجي ھن سان پھرين ملاقات اتي ئي ٿي ھئي اھو ئي ڄامشورو جتي ڏينھن جھنم ۽ رات جنت جيان ھوندي آ کيرٿر پھاڙن تان پلٽجندڙ تيز ھوا ۽ ان ۾ رقص ڪندڙ نم ۽ سرنھن جا وڻ ھو منھنجو پاڙيسري ھو اسان جي گھرن سامھون سرنھن جا ساوا وڻ ھئا جن مان زرد ڦول ڇڻندا ھئا ان وقت سارنگ عبدالقادر جي ڌيءَ عائشہ جي ھنج تي ھوندو ھو ھاڻي ته ان کان ٿورڙي ننڍي ھن جي پنھنجي ڌيءَ عائشہ منگي آھي!! “عمر ايئن اڏامي ٿي ڄڻ پکي پرن تي آ” ان وقت قادر جوڻيجي جو پٽ نصير به ننڍڙو ھيو نصير ته ان وقت رانديڪي جيان قادر جوڻيجي جي ھنج ۾ ھوندو ھو ھا پر جڏھن آگسٽ جي مھيني ۾ ڄامشوري جي مٿان مون سون جي موسم نيسارا بڻجي پنھنجو پاڻ کي اوتيندي ھئي ھا جڏھن سنڌ يونيورسٽيءَ ڪالونيءَ جون گھٽيون پھاڙي نين وانگر گجگوڙ ڪري وھنديون ھيون تڏھن ڀت جي ڀر ۾ آھستي آھستي پير رکي ھڪ گھر ڇڏي مان ٻي گھر جو ڪڙو کڙڪائيندو ھئس ۽ اھو گھر ھوندو ھو ان عبدالقادر جوڻيجي جو جيڪو نمبر ۶ جا سگريٽ ۷ سوٽن تائين نه ڇڪڻ چاھيندو ھو ھو برسات ۾ گھميل ھوا ۾ آلي پڌر تي چانھن جي ڪوپ تي سگريٽ جو سوٽو ھڻي علاقائي عشق ۽ عالمي ادب تي ڪنھن جھوني قصہ گو جيان ڳالھيندو رھندو ھو اھي ڪچھريون قلمبند ڪرڻ ڪو قرض ھي ڪراڙو ڇوڪرو اڄ پنھجن ڪلھن مٿان ڪجھ گھڻو ئي محسوس ڪري رھيو آھي ھي راقم الحروف ھن وقت به اھو فيصلو نھ ٿو ڪري سگھي تھ: “ھو اديب ۽ ڪالم نگار ھو يا سنڌ جو يگانو قصہ گو؟” ھو جڏھن آڱرين ۾ قابو سگريٽ کي مٺ معرفت ڇڪيندو ھو ۽ ھڪلي کنگھ کان پوءِ پنھنجن سلڪي وارن کي ڇنڊڪو ڏئي ڪڏھن اورنا فلاچي ۽ ڪڏھن روحي بانوءَ جو تذڪرو ڪندو ھو تڏھن ڄامشوري جي ھوا ۾ ڪجھ مينھن، ڪجھھ نينھن ۽ ڪجھ تماڪ جي خوشبو اڏرڻ لڳندي ھئي!! ھو تمام مھذب ۽ تمام بي تڪلف انسان ھو ھو گلوبل مامرن کي لوڪل بڻائي سمجھائيندو ھو ھن ڪڏھن نه چيو پر ھو اديب سان گڏ سنڌ جو سوشل سائنسدان ھيو! ھن وٽ خاڪن ۽ ڪھاڻين جا ڪيترا ئي ڪتاب ھئا پر ھن کي تمام گھڻو پسند ھو پنھنجو اڻ ڇپيل ناول: “سو ديس مسافر منھنجو ڙي” ھن جو ديس ڪھڙو ھيو؟ ڄامشورو؟ يا ٿر....؟؟ اھو ٿر جنھن ۾ ھاڪڙي جي ھنج ۾ ھڪ ڄار جي وڻ ھيٺان ھو ايئن سمھي رھيو آ جيئن ابن انشاءَ جو ھي شعر “بند ھوئي جاتي ھين آکھين ڪہ پسارين پائون نيند ڪي نيند ھمين اب نا اڻھانا لوگو” ھيءَ سنڌ بيخبريءَ جي جھان ۾ جيئڻ جو جرم ڪري رھي آھي! ھن کي ڪھڙي خبر ته: “عبد القادر جوڻيجو ڪير ھو؟” ھو منھنجي گھر جو ڀاتي ھو مان ھن جي گھر جو ڀاتي ھوس ۽ اسان رات جي اڳين پھر ۾ ڄامشوري جي انھن آلن روڊن تي رولاڪيون ڪندا ھئاسين جن مٿان برسات کان پوءِ ڏيڏر بي سرا راڳ ڳائيندا ھئا ان دور ۾ ڄامشورو سنڌ جي ادبي شنگھريلا ھيو ان وقت نه صرف ادب دوست آفيسرن جي بنگلن پر ادب جي اسير نوجوانن جي ھاسٽل وارن ڪمرن ۾ امر جليل جي ڪھاڻين تي نه کٽندڙ ڪچھريون ٿينديون ھيون. ۽ ڄاموشوري جي پٿرائين پٽ تي ھلندو نظر ايندو ھو اھو علي بابا جنھن کي سنڌ جي ادبي دنيا پاڳل قرار ڏئي ڇڏيو ھو ۽ انھن ئي واٽن مٿان اھو امداد حسيني به ھلندو نظر ايندو ھو جنھن لکيو ھو “زندگي ھيءَ چند سوٽن جيتري” ڇا اھو ڄامشوري جو شھر ھو؟ يا اھو سنڌ جي ادب شنگھريلا جو آخري روپ ھو؟ خالد جوڳي...... او خالد جوڳي! زندگي ڪٿي ھئي؟ جيڪڏھن سنڌي ادب جي شنگھريلا ۾ نه ته پوءِ آخر ڪٿي ھئي؟ زندگي پگھارن ۽ پھاڙن کان پري ان ديس ۾ ھئي جنھن ديس جي صدا ڏيندو رھيو اھو شخص جنھن جي باري ۾ اھو فيصلو ڪرڻ مشڪل آھي ته ھو وڏو انسان ھو يا وڏو اديب؟ اھو فيصلو سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ کي ڪرڻ ڏيو!! ۽ شايد اھا فيصلو نه ڪري سگھي پر ڪو ته مورخ اھڙو به پيدا ٿيندو جيڪو سنڌ جي نئين تاريخ قلمنبد ڪندو ۽ اھو ڄامشوري ۽ ھن جي حوالي سان لکندو “ھو سنڌ جي ادبي شگھريلا جو شھزادو ھيو ھن جو عالمي ادبي ذوق ۽ ھن جي تخليق جي اڏام “ڌرتي ڪيڏي ننڍڙي آھي ڄڻ ڪنھن وھ جي ڳنڍڙي آھي” شيخ اياز کان پوءِ سنڌ جو ادبي اھو ادبي شنگھريلا لٽجي ويو اھو شنگھريلا جنھن جو شھزادو ھو عبدالقادر جوڻيجو مئل نديءَ جو زندھ ماڻھو نثار کوکر حياتي جي رڻ ۾ رلندي ڪي ڪي حادثا اهڙو ته سنڌائتو ڌڪ هڻي وجهندا آهن جو ماڻهو چيلهه جهلي بيهجي ويندو آهي ۽ سمجهه ۾ نه ايندو آهي ته ان حادثي جي تعزيت ڪنهن سان ڪجي. ان ڏينهن ڪنهن دوست فون ڪري مون سان جوڻيجي صاحب جي تعزيت ڪئي ته مون کيس ڏکاري لهجي ۾ وراڻيو ته اسان جو ته ڄامشوري مان سهارو ئي هليو ويو، هن رسمي دلداري ڏيندي چيو يار دنيا ۾ انهن غمن سان رهڻو ٿو پوي، پر کيس ڪيئن سمجهايان ها ته عبدالقادر جوڻيجو منهنجي لاءِ ڪيڏي نه وڏي آٿت هئي. جوڻيجو صاحب حيدرآباد جي ان ادبي عروج واري زماني ۾ به پنهنجي مٺ تي سگريٽ ۽ وڏن پائنچن واري شلوار سبب مقبول هو جڏهن ڪيفي جارج تي ماڻڪ، عبدالحق عالماڻي ۽ ٻيا اديب اچي گڏ ٿيندا هئا. هاڻوڪي نسل کي شايد حيدرآباد واري ڪيفي جارج جي ايتري خبر نه هجي پر اسان آخري ڀيرو ان ڪيفي ۾ حليم بروهي سان گڏ سيپريٽ چانهن پي ان ڪيفي جي اداسي تي ڪچهري ڪئي هئي. منهنجو ساڻس غائباڻو تعارف تڏهن ٿيو هو جڏهن اسان جي ڳوٺ ۾ صرف هڪ چاچي غلام رسول پاريچي جي گهر اندر بليڪ ائنڊ وائٽ ٽي وي هوندي هئي ۽ اسان پي ٽي وي جا ڊراما ڏسڻ ڳوٺ جي بقايا ٻارن سان گڏجي وات ڦاڙي ويهندا هئاسين. هونئن ته اسانکي کٽن تي ويهاريندا هئا پر جيڪڏهن رش وڌي ويندي هئي ته اسان پٽ تي ويهي مرحوم لاشاري صاحب جي اداڪاري ڏسي دنگ رهجي ويندا هئاسين. اتر سنڌ جي ان پٺتي پيل ڳوٺ جو پهريون ڇوڪرو جڏهن گريجوئيشن بعد ماسٽرس ڪرڻ سنڌ يونيورسٽي پهتو ته سمجهو ڪيترو نه وائڙو هوندو، پر ان سموري ڳوٺاڻي وائڙپ جي باوجود ان پٿريلي شهر ۾ جيڪڏهن اسان ڇيڳرن جا ڪي انگل آرا کنيا ته اهو جوڻيجو صاحب ئي هيو.سندس سنڌيالوجي واري آفيس ته اسان جي اوطاق هوندي هئي جتي هو پنهنجي لکڻ وارو ڪم گهٽ ڪندو هو پر ڪچهري مزي سان ڪندو هو. ان زماني ۾ اسان جهڙن نوجوانن سان هو نوجوان ٿي ويندو هو ۽ روحي بانو جي عشق کان ويندي شيرين پاشا جي عشق تائين اهڙيون ته ڳاليهون چسڪي سان ڪري ٻڌائيندو هو جو اسان جا وات گودو بقول سندس اک نه ڏسي گوڏي کي. سندس ڳالهيون ٻڌي اسان وري هاسٽل اچي پنهنجو پاڻ ۾ اهي ورجائيندا ۽ حسرت ڪندا هئاسين ته يار ڊراما رائيٽر جي ته وڏي لئه لڳي پئي آهي. ساڻس حجت ڪري سندس ڊرامن جا مسودا کڻي ويندا هئاسين ته اهي ڏسي اسان به اهڙا ڊراما لکون. هو هر تخليقي ۽ پاڙهو ذهن واري نوجوان کي همٿائيندو هيو. اهو جوڻيجو صاحب ئي هيو، جنهن حسن درس کي الهڙ جواني ۾ وڃي لاهور جي مشاعري ۾ لاٿو هيو ۽ ڊنهل جو سگريٽ مٺ تي ڇڪي لاهوري اديبن کي چيو هيائين؛ اسان وٽ چوڻي آهي پٽ ۽ گهوڙا ڏنگا ڀلا، سو مون به هڪ ڏنگو شاعر لاٿو آهي ميدان تي. حسن درس ئي ڇو طارق عالم ابڙي جي جڳ مشهور ناول جو مهاڳ جڏهن ڪير به نه پيو لکي ته اهو جوڻيجي صاحب ئي لکيو ۽ طارق کي ڀانئيندو به هيو. منهنجي ڪتاب مسافر محبتون جو هن نه رڳو مهاڳ لکيو پر اهو مهاڳ ڪنهن ليڊنگ سنڌي اخبار جي ايڊيٽوريل پيج تي ليڊ آرٽيڪل طور لڳرايائين. اهو مهاڳ پڙهي مونکي محسوس ٿيو ته جوڻيجي صاحب جي مشاهدي جي اک ڪيتري نه تيز آهي جو هن منهنجي ننڍڙين اکين کان ويندي چپن کي چڪ هڻي الا.. چوڻ وارين عادتن جو سالن تائين گهرو مشاهدو پئي ڪيو آهي. جوڻيجي صاحب وٽ ڪو به تڪلف نه هوندو هيو ۽ انڪري اسان ڪنهن نه ڪنهن شام وڃي سندس دروازي تي بيهندا هئاسين پر سندس دروازو اسان تي ڪڏهن بند نه ٿيو. سندس قصا ڪهاڻيون ٻڌائڻ جو انداز ئي ايترو دلچسپ هوندو هيو ته اهو انگريزي ناول نگار محمد حنيف توڙي نفيسا شاهه پياري حسن مجتبيٰ سميت جڏهن نيوز لائين ميگزين ۾ هوندا هئا ته جوڻيجي صاحب وٽ سندن ڀير هوندا هئا. انهن کي اسٽوري جوڳين تي ڪرڻي هجي يا جتن تي پر واپسي ۾ جوڻيجي صاحب کان ماهراڻي راءِ ضرور وٺندا هئا. پنهنجي قصن ڪهاڻين ۾ رڳو پاڪستان جي صحافين سان نه پر عالمي محققن سان به سندس ويجهڙائي واريون ڪچهريون ٿينديون رهنديون هيون. ڪنهن زماني ۾ وٽس هڪ جاپاني محقق عورت آئي جيڪا ڏکڻ ايشيا ۾ جانورن سان سيڪس ڪرڻ واري عجيب موضوع تي ٿيسز ڪري رهي هئي. جوڻيجي صاحب جي من جيڪو ايندو هيو سو ڪري ڇڏيندو هيو جنهنڪري ڪجهه موقعن تي مٿس تنقيد پڻ ٿي پر انهن تنقيدن بابت سندس جواب ڏاڍا دلچسپ هوندا هئا. اسي واري زماني ۾ کيس ڊرامي تي ان وقت ايوارڊ مليو جڏهن جنرل ضياءَ ملڪ جو صدر هيو، جوڻيجو صاحب اسلام آباد ويو ۽ کانئس ايوارڊ وٺي موٽي آيو، سندس ان قدم تي وڏي تنقيد وڏو هل ٿيو پر سندس جواب ڏاڍو معصوماڻو هيو ته يار مون ڪڏهن صدارتي هائوس ڏٺو ڪو نه هيو، نه جهاز ۾ چڙهيو هئس سو ايوارڊ بهاني اهي ٻئي ڪم ٿي ويا، هونئن به ليکڪ کي طوائف جي ڪوٺي کان ويندي صدارتي محل تائين سموريون جايون ڏسڻ گهرجن.هو پنهنجي اندر ۾ وڏا قصا رکندڙ فرد هيو.سندس ڪچهري مان ڪجهه نه ڪجهه پرائي اٿبو هيو. اسان ادب جا پيرين اگهاڙا پانڌيئڙا جڏهن سندس عالمي ادب بابت ڪچهري ٻڌندا هئاسين ته دنگ رهجي ويندا هئاسين، اهي اوريانا فلاسي اهي خوشونت سنگهه اهي گراهم گرين انهن سڀني سان تعارف جوڻيجي صاحب ڪرايو. هو ڳالهه ڳالهه ۾ اهڙن اهڙن ليکڪن جي ڪتابن يا ناولن جا ذڪر ڪندو هيو جيڪي اسان ڪڏهن نه پڙهيا نه ٻڌا، پرانهن جي لکڻين کان ويندي انهن جي عادتن تائين ايئن چس وٺي ڪچهري ڪندو هيو ڄڻ اهي ساڻس ڪالهه مليا هجن، اهو فلاڻو اهو وڏو جواري آهي ٽاپ جو سگار پيئندو آهي وڏو رول آهي ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي پر جڏهن به پئسا کٽندا اٿس ته ڪيسينو مان ئي پنهنجي پبلشر کي فون ڪندو آهي ان کان ناول لکڻ جو ايڊوانس وٺي وري جوا ۾ اڏائي ڇڏيندو آهي، اها فلاڻي اها ته وڏي گاگهه چرسي آهي انڊيا وئي اتان جي خانه بدوشن تي ڪتاب لکڻ ته اتي ئي مهينن جا مهينا ترسي پئي جتن سان گڏ پئي اٺ ڏاچيون هڪليندي هئي. اهڙا قصا اهڙيون ڪهاڻيون جو سندس ڪچهري مان اٿڻ تي دل ئي نه چوندي هئي، پر اسان غم جانان سان گڏ غم دوران ۾ ڦاٿل جيڪڏهن گهڻو وقت ساڻس ملڻ نه وڃون ته جنهن به اخباري اداري ۾ نوڪري ڪيون اتي ٽيليفون ڪندو ۽ پورو حال احوال وٺي ٻيهر ڪڏهن اچڻ جو پڇي پوءِ فون رکندو. سندس صحبت اڪثر نوجوانن سان هوندي هئي تنهنڪري اسان مان هرڪو اهو سمجهندو هيو ته جوڻيجو صاحب منهنجو گهڻو خيال رکندو آهي.حسن درس جي ته نڪاح جي گواهن ۾ شامل هيو پر اسان جيڪڏهن ڪنهن به محفل ۾ ڪا بدمزگي ڪئي ته اها هن شينهن مڙس سنڀالي ورتي. ڪجهه سال اڳ ڄامشوري ۾ هڪ دوست جي نئين بنگلي جي خوشي ۾ پارٽي هئي، سندس لان ۾ راڳ ويراڳ جي ڪچهري رکيل هئي، ديبا سحر پنهنجي مڙس سميت آيل هئي، جنهن محفل ۾ موجود اسان جي هڪ شاعر دوست جي شاعري ڳائي ته ان شاعر داد ۾ اٿي وڃي کيس اڌ بچيل شامي کارائي ۽ کانئس وسريل بند ٽشو پيپر تي لکي ڏيندو ويو، ان محفل ۾ حجت مان ديبا جي مڙس ممتاز بخاري ۽ مونکي ٻانهن کان وٺي ڪرسين تان اٿاريو ۽ جهمر هڻڻ لاءِ چيو ته اسان اڃان هٿ مس کنيا هوندا ته جوڻيجو صاحب پنهنجي سيٽ تان اٿي آيو ۽ مونکي ٻانهن کان جهلي دڙڪو ڏئي پنهنجي پاسي ۾ ويهاريندي چيائين؛ ”اجايو پنهنجو تماشو ڇو پيو ٺاهين. فضليت سان ويهي راڳ ٻڌ ۽ مٺ تي سگريٽ پي...“ جوڻيجي صاحب جي يادگيرين جو هڪ سيلاب آهي، جيڪو پيو هلندو. ڪنهنجي نظر ۾ هو ڪجهه به هجي پر منهنجي نظر ۾ هو منهنجو محسن هيو ۽ مان کيس هميشه ايئن پيرين پئي ملندو هيس جيئن هو شيخ اياز کي هميشه پيرين پئي ملندو هيو. جوڻيجو صاحب جو مڙهه، دفن ڪٿي به هجي پر هو اسان جي دلين ۾ هميشه هاڪڙي درياهه واري مئل ندي جي زندهه ماڻهن جيان زندهه رهندو. عبدالقادر جوڻيجو صديون رلائيندڙ ھورو ۽ عبدالقادر جوڻيجو حسن مجتبيٰ جي هو ڏاڏاڻي پاسي کان اوٺار نه هجي ها ۽ ناناڻي نک کان مهاڻو ته ورلي اهڙو رول ۽ ڍول ماڻهو هجي ها. جنهاڻ کان گهڻو پري ڪو نه ڪوئلي جون مُيون کاڻيون ته هاڻ نڪتيون آهن پر هي ڪهاڻين ۽ قصن جي اصل کاڻ ٿر جي انهي واريءَ ۾ سال اوڻويهه سو پنجيتاليهه جي سيپٽمبر تيرهين ۾ ڄائو هو، جتي پرديسي پکي لهندا آهن. عبدالقادر جوڻيجي جي جنم کان ڏهاڪو سال پوءِ ٿر ۾ وڏو ڏڪار پيو جنهن کي “ڇپنو ڏڪار” چون ٿا. اڃان ٿر ۾ ماڙهن جو ڏڪار نه پيو هو جيئن هاڻ گهڻو وقت ٿيو جو سنڌ توڻي ٿر ۾ آهي. ڪي پيارا منهنجي انهي “سنڌ ۽ ٿر” چوڻ تي ضرور ڪاوڙبا پر ڇا ڪجي جو ٿر توڻي چولستان جا ماڻهو ٿر ۽ چولستان کان ٻاهر سموري ملڪ کي بئريجي علائقن سميت “سنڌ” چون. ٿريو جي ميرپورخاص به ويندو هو چي، “سنڌ پيو وڃان.” مونکي خبر ناهي ته جيجي زرينا جي ڳايل علي بابا جي انهي گيت جو هن جي لکيل ڊرامي “ڪاروان” جي ڪهاڻي سان ڪهڙو واسطو هو “اسين ماڻهو لاڙ جا، دريا جي پاڇاڙ جا، اترڙو ٿو لڳي.” پر ٿر کي ٿر کان ٻاهر جي دنيا سان گذريل پنجاهي سالن ۾ ديس پرديس ٻن ماڻهن متعارف ڪرايو هو، هڪڙو منهنجو پيارو ڪرشن شرما ۽ ٻيو عبدالقادر جوڻيجو. ٿر ۾ ڪهڙا ڪم وارا يا کوجنا ڪار ماڻهو يا خاتون ناهن جيڪي ڪرشن شرما معرفت ٿر نه پهتا هجن. ٿر جي ڀٽ تي ڪانڀ ڪڍي ويٺل ٿريي کي به ڄاڻ آهي ته هي جيڪا مائي ۽ ڀائي آهي اها قادريي جي سنگتياڻي ۽ سنگتي آهي. اهڙيون ڳالهيون قادريي پنهنجي متعلق پاڻ به هُلايون هيون. هو ڳالهين جو ڳهير شخص هو. هر ڳالهه ڇا هر لفظ هن وٽ پهچندي يا هن جي ڪن يا اک تي چڙهندي چڙهندي ڪهاڻي بڻجي ويندو هو. هو ڪهاڻين جو يوناني ڏند ڪٿائن وارو ڪنگ مائيٽس هو، جنهن بادشاهه جي ڌيءَ کي سونو ڪري ڇڏيو هو. اهي ڪهاڻين جا ڳوٺ ۽ شهر هن پنهنجي چاچي رمضان وٽان ٻڌا ۽ سکيا ها. اهو ئي سبب آهي جو هن جي يارن دوستن ۾ حسن درس وانگر، فوجي به ها، ته ايم ڪيو ايم وارا به، ته پوليس جا آفيسر، سپاهي به ته پيري به ته چور، چوڪيدار به، اسمگلر به ته اخبارن جا مالڪ به، رپورٽر به، شاگرد، قبائلي سردار، ڌاڙيل، رهزن به ته مسيت جا ڪک به. موالي، پيراڍو، وڏيرا، سرمائيدار، پورهيت، هاري، رولو، ڳائڻا به. پيپلا، ليگلا، فنڪشنلا، پليجا. هو هڪڙي ائنٿروپولوجسٽ جي ڪتاب جو ٻڌائيندو هو جنهن جو انگريزي ۾ عنوان هو، “ڪنجرز اينڊ قلندرز.” پر هن جي سُئي گم ٿي ويل هاڪڙي درياءَ، خان صاحب عبدالڪريم پلي، شاهنواز جوڻيجي تي اٽڪيل هوندي هئي. ٻيو شيخ اياز ۽ ميڊم تي معنيٰ مهتاب راشدي تي. جيئن ته هو هڪ ڊراما نگار هو، ان ڪري جنس ۽ سيڪسوئلٽي به هن وٽ ميلو ڊراميٽڪ ٿي ويندي هئي. ڪتاب هن جو اوڇڻ وڇاڻو هو. “مٽي پنهنجو مٽ الوميان! مٽي پنهنجو مٽ” جيئن امداد حسيني چيو. پيارو راشد ميمڻ، آغا رفيق، حسن درس، نواز علي ڀٽو، شوڪت شورو، مشتاق شورو، خيرالنساءِ جعفري (ادي گڏي)، ليلا بانا، زاهد مخدوم، شهاب هاليپوٽو، سليم ديس والي، طارق عالم ابڙو اينڊ برادرز ۽ جاني ابڙو سندس دل گهريا دوست هوندا هئا. مان پهريون ڀيرو عبدالقادر سان جڏهن مليس ته هو ڄامشورو ڪالوني ۾ طارق عالم جي ڪوارٽر ٻاهر، سج لٿي، پيل کٽ تي اهليو، ڪچهري ڪري رهيو هو. انهيءَ شام کانپوءِ هن سان ڪيتريون اڻ ڳڻيون ڪچهريون رهيون. ڪي ڀيرا منهنجي دوست محمد حنيف سان گڏ پڻ. پوءِ هو جڏهن رات گهڻي وهامي چڪي ۽ موڊ ۾ آيو ته وڃي اندران ڪٿان شو باڪس کڻي آيو جيڪو سندس حقيقي ۽ مبينا معشوقائن جي فوٽن سان ڀريل هو. مان پهريون ڀيرو منو ڀائي سان پڻ عبدالقادر جوڻيجي جي گهر ڄامشورو ڪالوني ۾ مليو هوس، جڏهن هو شيرين پاشا سان ٿر تي ڊاڪيومينٽري ٺاهڻ آيو هو. اها رات هڪ يادگار ڪچهري هئي. عبدالقادر جون اکيون آگميون هيون. حسن درس جون سٽون شايد اهڙي رات لاءِ هيون. هو دير تائين لان ۾ پيئندا رهيا چنڊ پلٽيو پئي، گلاسن ۾ حسن شيرين پاشا ته پوءِ گهڻو وقت گذريل سال مون کي نيويارڪ ۾ ايسٽ رور جي ٽيرس تي منهنجي دوست ۽ سندس ڀاڻيجي ڊاڪٽر آمنه جي گهر ملي هئي. شيرين پاشا هاڻ ڪينيڊا ۾ آهي ۽ فلم پاڙهيندي آهي. حليم بروهي جيان هو به پوليس آفيسر جو پٽ هو. (حليم ايس پي عبدالعزيز بروهي جو ۽ عبدالقادر صوبيدار خانصاحب مريد حسين جوڻيجو جو). نوابشاهه ۾ خون جي ڪيس ۾ هڪ وڏيري جي سفارش نه مڃيندي مريد حسين پوليس مان استعيفيٰ ڏيئي باقي سموري زندگي تبليغي جماعت ۾ گذاري ڇڏي. عبدالقادر اسڪول ۾ جڏو پر سندس پيءُ جي ٿاڻن وارن لاڪپن ۾ قيدين جي ڪهاڻين ۾ دلچسپي گهڻي رکندو هو. موٽ ۾ قيدين ڪاڻ ٻيڙيون وٺي آڻيندو هو. ماسترن جون مارون ننڍڙي لاڪون کاڌائين، ان ڪري اسڪول سان گهڻي ڪا نه پوندي هيس. اڪيلي ۾ ڏينهن ڏٺي جا خواب پيو ڏسندو هو، جنهن ۾ ڪهاڻين ۾ شهزادين کي ظالم ديون هيٺ قلعن جي قيد مان ڇڏائيندو هو ۽ ٻارن کي مار ڪڍندڙ سندس ماسترن سان پيو ٻه ٻه پاڻي ڪندو هو. اهڙيون ڳالهيون هو پاڻ ٻڌائيندو هو. هو چوندو هو ته بغاوت هن کي سندس ڏاڏاڻن کان سُتي ۾ پيل آ جو سندس ڏاڏي انگريزن کي سندس اٺن جو وڳ ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو، جنهنڪري کيس نئين ڪوٽ واري قلعي ۾ قيد ڪيو ويو هو. سندس چوڻ هو ته نئين قلعي ۾ باغين ۽ قيدين کي ٽارچر ڪندا هئا. هو چوندو هو؛ پهرين نسل ۾ هو اوٺار ۽ ٻئي نسل ۾ پوليس وارا هئا. هن پاڻ به پوليس ۾ ڀرتي ٿيڻ گهريو هو. پر استاد ٿي ويو. پهرين پرائمري ۽ پوءِ سيڪنڊري. هڪڙي شادي پيٽ لکائي جي ڪري سندس ڏاڏي پوٽي سان ٿي ۽ ٻي هن عشق ۾ ڪئي، مٿو مٿي سان. باقي سندس پيار جي پوري تاريخ آهي. اهو دور اڻويهه سو سٺ ۽ ستر جي وچ وارن سالن وارو هن جو دور سنڌي ڪهاڻي، سندس ڪهاڻي ۽ زندگي جو يادگار دور آهي. سندس ڪهاڻيون حميد سنڌي جي روح رهاڻ، طارق اشرف جي سهڻي، مدد علي سنڌي جي اڳتي قدم ۾ ڇپيون. سندس عظيم ڪهاڻين جو ڪتاب “واٽون، راتيون ۽ رول” به انهن ئي ڏينهن ۾ ڇپيو. ڍاٽي اٺ ۽ ڍاٽي ڌاڙيل، ٿر، ٻي مهاڀاري جنگ، پلئگ، حر، گم ٿي ويل درياءُ، لڏپلاڻ، ڏڪار، پيار جو ڏڪار، بک، ڏک اهي سندس موضوع آهن. هو چوندو هو ته هو ڌرتي ڌڪاڻن، ڏتاريلن، غريبن جو ليکڪ هو. هن جو پهريون ريڊيو ڊرامو “تلاش” ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان انهن ئي ڏينهن ۾ نشر ٿيو هو. پوءِ اهو ڊرامو ٻيهر اڻويهه سو ڇاهتر ۾ پي ٽي وي تان سندس ساڳئي پروڊيوسر منظور قريشي (ٿورن ماڻهن کي خبر آهي ته منظور قريشي آصف زرداري جو ماسات ٿئي) اسڪرين پلي طور پيش ڪيو. عبدالقادر مونکي ٻڌايو هو ته جڏهن سندس اهو پهريون ٽي وي ڊرامو هليو ته وٽس گهر ۾ ٽي وي ڪو نه هئي ۽ هن جهڏي ۾ هوٽل تي ڏٺو هو. پر اهو شيخ اياز هو جنهن هن لاڏائو قبيلن جهڙو روح رکندڙ ڪهاڻيڪار کي پنهنجي سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ٿيڻ تي سنڌيالوجي ۾ پبليڪيشن آفيسر جي نوڪري ڏني، جتي هو پوءِ ڊائريڪٽر واري عهدي تي پهتو، پر سندس اندر ۾ واري ۽ پاڻي مان ٺهيل ماڻهو ڪا نه وسريو ڇو جو ان لاءِ هو چوندو هو، “ڍئو جهلي واڻيو يا مينهن.” هن شهرت جي ڍئو کي پڻ ايئن جهليو. عبدالقادر کي ٿريو هوندي جبل جون هوائون ۽ پاڻي يعني ڄامشورو راس اچي ويا. پوءِ به هن کي هوم سڪنس ٿر لاءِ هوندي هئي. هو ڄامشوري ڀرسان ڳوٺ سائين ڏنو ملاح ۾ جهونن ملاحن سان وڃي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچهريون ڪندو هو. انهن مان هڪڙي جهوني ملاح کيس ڄام صادق علي جي پاڻي واري ٺاهه تي کيس ٻڌايو هو، “بادشاهه دريائن جا سودا نه ڪندا آهن پر دريا بادشاهن جا سودا ڪري ڇڏيندا آهن.” مونکي الائجي ڇو لڳندو آهي ته هو پوئين جنمن ۾ گم ٿي ويل درياءَ هاڪڙي ۽ ان جي معدوم ٿي ويل ڪنارن تي آباد تهذيب جو واسي هو. هو انهي دريا ۽ وقتن کي اڄ به ڳولي رهيو هو. هو اهو سنڌي ليکڪ هو جنهن جي لکڻين ۽ ڪهاڻين جي ميز تي موسمي تبديلي ۽ ماحوليات چوٽي جي ايجنڊا تي هئي. ڇنڊڻن سڪي وڃڻ جي ڳالهه ڪندو هو. منهنجي انگريزي صحافت جي ايڊيٽرن هميشه چاهيو ته مان عبدالقادر جوڻيجي سان ڊگها انٽرويو ڪيان. هو ايڊيٽرن ۽ پڙهندڙن جو پسنديده ماڻهو ۽ ليکڪ هو، جنهن وٽ هر وقت انساني دلچسپي واريون ڪهاڻيون يا خبرون هونديون هيون. هن جا ڊراما “سيڙهيان”، “راڻي جي ڪهاڻي”، “خانصاحب”، “ديوارين”، “ڪاروان”، “ڇوٽي سي دنيا” شاهڪار ڊراما آهن، جيڪي ڏسندڙن کي زندگي ڀر ياد رهندا. مونکي خبر ناهي ته هن جيڪو سنڌي ۾ ناول “سو ديس مسافر منهنجو ڙي” پئي لکيو، تنهن جو ڇا ٿيو. پر مون هن جو انگريزي ۾ لکيل ناول “ڊيد رور” يا “مري ويل درياءُ” پڙهيو آ. مونکي ايئن لڳو ڄڻ انهي جو ليکڪ عبدالقادر جوڻيجو به ڪهاڻي ۽ محبت جو درياءُ هو، جيڪو مري ويو. بقول منهنجي دوست ڊاڪٽر شنڪر جي “اڄ هاڪڙو پاتال ۾ هليو ويو.” هن جي ڪهاڻي وانگر هن جو هورو به وڃائجي ويل درياءَ وٽ سندس ڳوٺ جنهاڻ تي ختم ٿيو. هن جي سندي لفظن ۾ “ڪاڪا! هورو سال ڇا صديون رُلائيندو آهي، وڻن جا جھنگ، ميدان، ماڻهن جا ميڙ، بلڊنگن جا جھڳٽا، ويران ڌوڙ ڀريا رستا، ٽڪن جھڙا روڊ، گلوب تي نڪتل ليڪون، سڀ ٽپي پوءِ گھر جي چانئٺ تي پير ڦٻندا آهن.” عبدالقادر جوڻيجي صاحب سان ڳالهه ٻولهه اُستاد نظاماڻي عبدالقادر جوڻيجي سان کوڙ ساريون ڪچهريون رهيون. سانگهڙ جي دوستن کي اهميت به ڏيندو هو، جنهن جو سبب سانگهڙ سان خانداني نسبت هئي. ادب ۾ شروعاتي ڏينهن هئا. سوچيم ادب جي دنيا جي اهم ليکڪن جا انٽرويو ڪيان. عبدالقادر صاحب کان انٽرويو وٺڻ لاءِ، وقت ڪڍڻ جي هجت ڪيم. قادر صاحب خوشيءَ سان چيو؛ ”جڏهن اچو! پاڻ حاضر آهيون.“ هيءُ انٽرويو سنڌالاجي ۽ ڪجهه حصو سندس رهائش گاه ۾ ٿيو، جڏهن پاڻ يونورسٽي ڪالوني ۾ رهندا هئا. محترم عبدالقادر جوڻيجو ۱۳ سيپٽمبر ۱۹۴۵ع ۾ ٿرپارڪر جي مُهراڻي واري علائقي ۾ ڄائو. اهو ڳوٺ هاڪڙي جي ڪنڌي تي اڏيل آهي. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ جنهاڻ ۾ حاصل ڪيائين. بي ايڊ ۽ ايم اي جون ڊگريون، سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪيائين. اڄ ڪلهه سنڌالاجي ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر آهي. پهرين ڪهاڻي مُٺ مُٺ سور ۱۹۶۳ع ۾ روح رهاڻ ميگزين ۾ شايع ٿي. هن وقت تائين ٽي ڪهاڻين جا مجموعا، خاڪن جو ڪتاب ۽ ترجمن جا ٻه ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. هڪ ڪالمن جو ڪتاب ڪُرسي پڻ ڇپجي چُڪو آهي. چار ڪتاب ڇپائيءَ هيٺ آهن. پهريون ناٽڪ ۱۹۷۰ع ۾ لکيائين. سال ۱۹۷۶ع ۾ پهريون ڊرامو تلاش، ڪراچي سينٽر تان ٽيليڪاسٽ ٿيو. جڏهن ديوارين اردوءَ ۾ ٽيليڪاسٽ ٿيو، ته وڏي شهرت ماڻيائين. انهيءَ ڊرامي کي ڏسڻ لاءِ دهلي جا ماڻهو، ريل ۾ سفر ڪري امرتسر اچي پي ٽي وي تي اهو ڊرامو ڏسندا هئا. محترم عبدالقادر سان هيءَ گفتگو سڌالاجي ۾ ٿي. مونکي سندس لکڻين کان وڌ ڪچهريءَ مزو ڏنو. (هي انٽرويو جهونگار ڪتابي سلسلي لاءِ ڪيو ويو سن ۲۰۰۰ع ۾) استادنظاماڻي؛ ”توهان ٿر ۾ ڄاوا، توهان جو بچپن ٿر جي ڀٽن ۽ ناري ڍوري جي ڪنڌيءَ تي کيڏندي گُذريو، انهيءَ پسمنظر ۾ ڪجهه يادگيريون ٻڌايو؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”ڏاڍو وڏو سوال آهي! ٺيڪ آهي هلو ڪا ڳالهه ناهي. منهنجو اباڻو ڳوٺ جنهاڻ آهي. اهو ڳوٺ فضل ڀنڀرو اسٽيشن کان اڍائي ميلن تي، ڏکڻ طرف، ڍوري جي ڏکڻئين ڪپ تي آهي. گهر، مٺي تعلقي ۾ واريءَ جي دڙي تي آهي. ڌنڌو ڌاڙي ڪُجهه وکن تي ڊگهڙي تعلقي ۾ آهي. مزي جي ڳالهه اها آهي ته اسان جي ڳوٺ ۾ جيڪي اسان جا ٿر جا مائٽ ايندا آهن، چوندا آهن؛ ’هلو سنڌوڙن (سنڌين) وٽ هلون.‘ جيڪي مائٽ ڊگهڙي مان ايندا آهن، اُهي چوندا آهن ته؛ ’هلو ته ٿرين وٽ هلون.‘ جيڪي مائٽ ناري جي پٽ مان ايندا آهن ته اُهي چوندا آهن ته؛ ’هلو ته لاڙين وٽ هلون.‘ جيڪي مائٽ لاڙ مان ايندا آهن ته چوندا آهن؛ ’هلو نارائين وٽ هلون.‘ سو اهو قصو ائين آهي. اوهان جنهن کي نارو ڍورو ٿا سڏيو، اسان انهيءَ کي رڳو ڍورو چوندا آهيون. ننڍپڻ جون يادگيريون تمام گهڻيون آهن. ٿوريون يادگيريون ٻڌايان ٿو. آ ڄايس ته جنهاڻ ۾، پر منهنجي جيڪا پهرين يادگيري آهي، اها پيرونمل شهر ضلع سانگهڙ جي آهي. انهيءَ وقت آئون اڃا پڙهڻ ڪو نه ويٺو هئس. اُتي منهنجو هڪ پوڙهو ديوان دوست هو جيڪو پان-ٻيڙيءَ جي مانڊڻي هلائيندو هو. ڏک اٿم جو پنهنجي انهيءَ مهربان دوست جو نالو وسري ويو اٿم. هڪ ڏينهن آئون گهر مان نڪري، انهي ديوان وٽ مانڊڻي تي ويهي رهيس. گهڻو وقت گذارڻ کانپوءِ جڏهن گهر نه ويس، ته بابي پوليس وارا ڊوڙايا. پاڻ به مونکي شهر ۾ ڳولڻ لڳو. وڏي هڻ هڻان کانپوءِ، پوليس واري شهر ۾ مونکي هٿ ڪيو ۽ هنج تي کڻي، جڏهن گهر بابا وٽ پُهتو ته بابا ڪاوڙ وچان مونکي ٿڦڙ هنئي. پر پوليس واري مونکي ايندڙ ٿڦڙ کان پاسي ڪيو. پنهنجي ڳل اڳتي ڪري ڇڏي ۽ زوردار ٿڦڙ پوليس واري جي ڳل تي وڃي لڳي. اها بابي جي مونکي هنيل ٿڦڙ، پهرين ۽ آخري هئي، جيڪا گُسي وئي. جي اها ٿڦڙ لڳي ها ته منهنجي سڄي زندگيءَ جو رخ بدلجي وڃي ها. ڏک اهو اٿم ته انهيءَ پوليس واري جو نالو وسري ويو اٿم.“ استادنظاماڻي؛ ”هڪ ٿڦڙ سان اوهان جي زندگيءَ جو رخ بدلجي وڃي ها ته اها هڪ عجيب ڳالهه ناهي. ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي.؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”هڪڙو ته ضرورت کان وڌيڪ حساس هئس. پنهنجي پياري جي ٿڦڙ انهيءَ عمر ۾ کائڻ کانپوءِ شايد آئون زندگي کان دلچسپي وڃائي ويهي رهان ها. يا ڪنهن خوفناڪ نفسياتي بيماريءَ جو شڪار ٿيان ها. عمر جو اهو حصو تمام نازڪ ٿئي ٿو. مائٽن کي اهڙين ڳالهين جو خيال رکڻ گهرجي. برطانيه ۾ ٻارن کي مار ڪڍڻ، باقاعدي ڏوه آهي. جيڪي مائٽ ٻار کي مار ڪڍندا آهن، انهن کي پوليس جهلي ويندي آهي. خير سو ٻي ڳالهه اها آهي ته اسان جي خاندان جا هٿ ڳرا آهن. جيئن پير جهلي ڪنهن کي ٿڦڙ هڻون ته رت جي گُرڙي اچي ويندس. سو ظاهر آهي ته آئون به ٿڦڙ کانپوءِ رت ۾ ڳاڙهو ٿي وڃان ها.“ استادنظاماڻي؛ ”پوليس واري کي رت جي گُرڙي آئي؟ اڳتي هلي ٻيون به ٿڦرون کاڌيون؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”ياد ڪو نه اٿم! اچڻ ته کپيس ها. ها، ٻه ٿڦڙون ياد اٿم، هڪڙو ته نواب شاه جي هاءِ اسڪول ۾ ايم ايڇ خواجا، جي هٿان انگريزي جي پيرڊ ۾ ٿڦڙُ کاڌم. نتيجو اهو نڪتو جو ششماهي امتحان ۾ ڇهه سيڪڙو مارڪون کنيم. جيڪڏهن خواجا صاحب جي اسڪول ۾ وڌيڪ پڙهان ها ته تباه ٿي وڃان ها. پر رب جي ذات وڏي آهي ۽ بابا ڪنڊياري بدلي ٿي ويو. اُتي ماستر مهربان هئا، پيار سان پڙهايائون ۽ ساڳي انگريزي ۾ سالياني امتحان ۾۹۸ سيڪڙو مارڪون کنيم. پر خواجه صاحب جيڪي ٿڦڙون هنيون. انهي جو اثر اهو آهي جو اڃا به تمام گهڻي انگريزي ايندي به ديسي ماڻهن سان انگريزي ڳالهائڻ کان نٽائيندو آهيان. باقي غيرملڪي ماڻهن سان ڦڙ ڦڙ ڳالهائيندو آهيان. ته ايڏو اثر ٿيندو آهي شاگرد تي ٿڦڙ جو. هڪڙي ٻي ٿڦڙ پنجاب يونيورسٽي لاهور جي اڳيان کاڌم. بي واجبي منهنجي هئي، آئون ۽ منهنجي هڪ محبوبه سندس شاندار ڪار ۾ چڙهي؛ روز شام جو اُتي موجود کوکي اڳيان گاڏي بيهاري؛ دود پتي واري چانهه پيئندا هئاسين. کوکي وارن جو خيال هو ته اسين زال مڙس آهيون، فقير به پنندا هئا، ته اسان کي اولاد ٿيڻ جي دعا ڪندا هئا. سو ڪنهن ڳالهه تي وڙهي پياسين. آئون جڏهن تکو ٿي ڳالهائيندو آهيان، ته منهنجا جملا زهر ۾ ٻڏل تير بڻجي ويندا آهن، اهڙي ئي هڪ زهريلي جملي تي مونکي ٿڦڙ هڻي ڪڍيائين. آئون ڪار مان لهي پيس ۽ پيادل هلڻ لڳس. کوکي وارا اسان تان کلڻ لڳا، ته زال، مُڙس کي مار ڪڍي آهي. بهرحال انهي ڏينهن کانپوءِ عشق ختم ٿي، دوستي ۾ بدلجي ويو. هڪڙي ٿڦڙ ئي عشق مان هوا ڪڍي ڇڏي.“ استادنظاماڻي؛ ”ٿڦڙ هڻڻ واري جو نالو؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”نالي کي ڇڏيو! ٻيو سوال پُڇو.“ استادنظاماڻي؛ ”روحي بانو؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”نه نه! انهيءَ ويچاريءَ ته سڄي عمر پاڻ ٿڦڙون کاڌيون آهن!“ استادنظاماڻي؛ ”بچپن جي يادگيرين ڏانهن واپس اچو.“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”تمام گهڻيون آهن، ڪيتريون ٻڌايان! مون پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ جنهاڻ ۾ حاصل ڪئي. اهي پنج سال منهنجي زندگيءَ جا بهترين سال هئا. پنهنجي ڳوٺ جا توڙي ٻين راڄن جا ماڻهو، منهنجي تمام گهڻي عزت ڪندا هئا. ماستر خيال رکندا هئا. گهر ۾ مونکي پنهنجي ماءُ کان وڌيڪ، منهنجي چاچي ڀائيندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍي ياد ايندي اٿم. گهمڻ ڦرڻ لاءِ هيٺ ڍوري جي ڪنڌين تي لين ۽ پن جو گهاٽو جهنگ هو، جهڙو مکي ڍنڍ ۾ مون ڏٺو. سال ۱۹۸۳ع ۾ اهڙو مٽي، واري تي وري ڄارين ۽ ٿوهرن جو گهاٽو جهنگ هو. انهن جهنگن ۾ اڪيلو گهمندو هوس، تنهائي پسند هوس. سياري ۾ ته ذات پکي اچي لهندو هو. رهڻ لاءِ شاندار ماڙي هئي، موڪلن ۾ وندر ڪارڻ، ڌراڙن سان گڏ مال به چاريندو هوس. ٻڪرين سان منهنجي گهاٽي دوستي هوندي هئي. اهو ڏاڍو معصوم ۽ محبتي مال آهي. هتان نڪتس ته مون لاءِ عذاب شروع ٿي ويو. بابا ڏنگو ماڻهو هو، ان ڪري وڏيرا کيس ڦُٽ بال وانگر پيا ٿڏيندا هئا. اهو سڄو عرصو نوابشاه ضلعي ۾ گذاريم، ڪڏهن هتي ته ڪڏهن هُتي. انهي عرصي ۾ مونکي صرف قيدي ڀائيندا هئا. خوني، ڌاڙيل، ڏاڍا مُڙس، گڙنگ چور ۽ اهي ٻيا آئون کين پن جون ٻيڙيون وٺي ڏيندو هئس، ۽ هو مونکي پنهنجا داستان ٻڌائيندا هئا. ۽ پنهنجي دل کولي اڳيان رکندا هئا. اڄ تائين آئون انهيءَ ڳالهه ۾ منڌل آهيان ته ايڏا ڀلا قربائتا ماڻهو، ڏوه ڇو ڪندا هئا. نيٺ بابا ضد ۾ اچي نوڪري وڃائي، ۽ آئون سانگهڙ ۾ اچي پڙهيس. اُتي به چوٿين انگريزي ۾ ماسترن جو رول سُٺو نه هو. انهيءَ وچ ۾ اسان جي خاندان جو زوال به اچي ويو. پوءِ ڏيپلي ۾ وڃي مولوي محمد عمر جوڻيجو وٽ رهي، اُتي پڙهيس. مولوي صاحب، دل جو وڏو غني سخي، جنتي ماڻهو هو. اُتان ميٽرڪ پاس ڪيم ته منهنجو ننڍپڻ به ختم ٿي ويو.“ استادنظاماڻي؛ ”اوهان کي لکڻ جو شوق ڪيئن پيدا ٿيو؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”هڪڙو ته ننڍ پڻ کان پڙهڻ جو شوق هُيم. ٻيو ته ڊي ڊريمرسDay dreamers به هُيس. جنهن کي پهه پچائڻ چيو ويندو آهي. انهن ٻنهي ڳالهين، مونکي ليکڪ بڻائي ڇڏيو.“ استادنظاماڻي؛ ”لکڻ کان اڳ ۾، ڪنهن کان متاثر ٿيا؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”جيتريقدر ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ جي ڳالهه آهي، انسپائريشن جي ڳالهه آهي، ته چوڌاري ڦرندڙ گهُمندڙ زندگيءَ جو ڪو نه ڪو رخ، ليکڪ کي لکڻ تي مجبور ڪندو آهي. ڪو مظلوميت يا غربت جو ڏيک، ڪنهن جي ڪارڻ مطلب ته چوڌاري جون حالتون لکائينديون آهن. باقي جيڪا ڳالهه آهي لکڻ کان اڳ پڙهيل ليکڪن کي پسند ڪرڻ جي، اها ڳالهه ته لکڻ کان اڳ شيخ اياز، جمال ابڙو، غلام رباني آگرو، قرت العين حيدر، ڪرشن چندر، پرل ايس بڪ، ميخائل شولوخوف ۽ ارسڪن ڪارڊويل مونکي گهڻا وڻندا هئا. سو اهو قصو ائين آهي.“ استادنظاماڻي؛ ”توهان لکڻ دوران، ڪهڙو مقصد سامهون رکي لکندا آهيو؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”آئون پنهنجي اندر جي باه ڪڍڻ لاءِ لکندو آهيان، ڪوشش هوندي اٿم ته پڙهڻ وارو منهنجي لکڻي پڙهي منجهي نه، مقصد اهو هوندو اٿم ته؛ لکڻي، پڙهندڙ جي حسُن جمال کي ڇهڻ سان گڏوگڏ، سندس ذهن ۾ سوال اُٿاري. جيئن هو لکڻيءَ ۾ موجود مسئلن جو حل ڳولي ڪڍي. ڇاڪاڻ ته پڙهندڙ ئي مسئلي جو صحيح حل ڳولي سگهي ٿو. منجهس ايترو ئي عقل هوندو آهي جيترو لکڻ واري ۾. انهيءَ ڪري آئون پنهنجي لکڻ وقت، ڪا به فتويٰ جاري نه ڪندو آهيان. ڪو به حل نه ٻڌائيندو آهيان.“ استادنظاماڻي؛ ”لکڻ پڙهڻ لاءِ، اوهان پنهنجو ٽائم ٽيبل ڪيئن ترتب ڏيندا آهيو؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”منهنجي لکڻ جو وقت، صبح جو پنجين وڳي کان ڏينهن جو ٻارهين وڳي تائين آهي. ان کانسواءِ لکي نه سگهندو آهيان. باقي پڙهڻ لاءِ، جيڏيءَ مهل به موقعو ملي، پڙهندو رهندو آهيان.“ استادنظاماڻي؛ ”ڇا اهو صحيح آهي ته هيءُ دور ڪهاڻيءَ جو نه پر ناول ۽ سفرنامن جو آهي؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”جيئن ته تهذيبن جا مرڪز بدلبا رهيا آهن، يا جيئن حاڪم بدلبا رهيا آهن، ائين ئي ادب ۾ به ٿيندو آيو آهي. ڪهاڻي ۽ ناول جي سفر جي شروعات گڏ ٿي. پر ٻي عظيم جنگ کانپوءِ ناول، ڪهاڻيءَ کي پوئتي ڇڏي ويو. اڄ ڪلهه وري ناول کي، دستاويزي ادب پوئتي ڇڏي رهيو آهي. ان کان علاوه ڊائريون، سفر نامه، آتم ڪٿائون وغيره آھن. اهي صنفون به وڌيڪ پڙهيون وڃن ٿيون. اوهان بلڪل صحيح ڳالهه ڪئي آهي.“ استادنظاماڻي؛ ”ڇا وجه آهي ته عام پڙهندڙ، محققن کان وڌيڪ، فڪشن رائيٽرس ۽ شاعرن کي پسند ڪن ٿا؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”اهو اسان وٽ آهي. هڪ ته اسان وٽ ڪو به اعليٰ پائي جو تحقيقي ڪتاب نه لکيو ويو آهي، سواءِ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي، جنهن لوڪ ادب تي تمام دلچسپ ڪتاب لکيا آهن. جيڪي تمام گهڻا پڙهيا ويندا آهن. ٻي ڳالهه ته اسان جو تحقيقي ادب، خُشڪ ۽ رپيٽيشن Repetition جو شڪار آهي. ٽيون ته انهن ۾ تحقيقي پُهچ نه هوندي آهي. اڄ ڪلهه ٻاهر جيڪي ريسرچ جا ڪتاب لکيا پيا وڃن، انهن ۾ باقاعدي تخليقي پنچ هوندا آهن. انهن ۾ رپيٽيشن به نه هوندي آهي. نه اُهي ايترا غيرمعياري هوندا آهن. اتان جي ريسرچ جو ڪو به ڪتاب کڻو، اوهان جي دل ئي ڇڏڻ تي نه چوندي. انهيءَ ڪري هت پاڻ وٽ ريسرچ اسڪالرن جي بنسبت فڪشن ۽ شاعريءَ کي پسند ڪيو ويندو آهي. اهي صنفون، پڙهندڙ جي حس جمال کي ڇُهنديون به آهن.“ استادنظاماڻي؛ ”سنڌي افساني کي اسان ڪيئن زنده رکي سگهون ٿا؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”اهو سوال، سڄي دنيا ۾ اُٿي کڙو ٿيو آهي. گذريل سال ڪيناڊا ۾، دنيا جا وڏا وڏا ليکڪ اچي گڏ ٿيا هئا. ته افساني کي ڪيئن ٻيهر جيئاري سگهجي. انهيءَ گڏجاڻي ۾ ميلان ڪنڊيرا به شريڪ ٿيو هو. پر پنهنجي اڳيان سنڌي افساني جو سوال آهي ته، انهيءَ ۾ منهنجو خيال آهي ته؛ افساني ۾ ڊراماٽڪ پهلو آڻجي، جيڪو اوهينري جي افسانن يا چيخوف جي افسانن ۾ آهي. مطلب ته سنڌي افساني کي اڳيون واٽون ڇڏي، نيون واٽون اختيار ڪرڻيون پونديون. تڏهن ئي زنده رهي سگهي ٿو. پڙهندڙ، افساني ڏانهن موٽ کائي سگهي ٿو.“ استادنظاماڻي؛ ”هيڏي وڏي وٺ-پڪڙ جي ماحول ۽ سيٽلائٽ واري دور ۾ پڙهندڙ، ادب ڏانهن ڪيئن موٽ کائي سگهي ٿو؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”يار هاڻي اها حقيقت آهي، ته اسان وٽ ته اڃا ايتري وٺ-پڪڙ ناهي، ۽ نه سيٽلائٽ جو چڪر. پر مغرب ۾ اهو وڏو چڪر آهي، ان جي باوجود دنيا جي وڏي ۾ وڏي پبليشنگ ادارو ”پينگوئن بوڪس“ آھي. انهيءَ جا انگ اکر کڻي ڏسو ته جيڪي ناول، اُڻويهين صديءَ جي موڙ تي لکيا ويا جيئن؛ وار اينڊ پيس War and peace، ڪرائيم اينڊ پنشمينٽ، Crime and punishment آهي. ته اُهي ناول اهڙا ٿُلها متار ا آهن جو ورائي کڻي ڪنهن کي هڻ ته همراه چٽڻي ٿيو پيو هجي. ايڏن وڏن ناولن جي اشاعت جو انگ هر سال وڌندو ٿو وڃي. انهيءَ جو مطلب ته اُتي ماڻهو پڙهن ٿا. هن دور ۾ آمريڪي ناولسٽ جرنلسٽ نارمن ميلرNorman Kingsley Mailer جا ٿلها متارا ناول آهن. ته اُهي لکن جي تعدا د ۾ ڇپجن ٿا. ته اهڙي ڪا ڳالهه ناهي. اسان وٽ ته اڃا وٺ-پڪڙ ۽ سيٽلائٽ جو گهڻو زور ناهي. ٻيو ته ذاتي طور آئون نه ٿو سمجهان ته سيٽلائٽ چينلز ڪو ادب کي نقصان پُهچايو آهي. سيٽلائٽ ته پاڻ ادب کي وڌيڪ مشهور ڪري رهيو آهي.“ استادنظاماڻي؛ ”اڄ ڪلهه توهان ڪهاڻيون ڪو نه پيا لکو، ان جو سبب؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”اصل ۾ ادبي حلقن ۾ منهنجي ڪهاڻين کي ايڏي اهميت ڪا نه ملي. رڳو اهو چيو ويو ته؛ ’ٻولي سُٺي آهي.‘ سو مايوس ٿي ويس، پنهنجي ڪهاڻين مان. پر هن وقت ٻه ڪهاڻيون منهنجي ذهن ۾ گهمي رهيون آهن، جيڪي طويل قسم جون لڳن ٿيون. انهن ۾ ڊرامو به نظر اچيم ٿو. ٻه عنوان به ذهن ۾ اٿم، هڪڙي جو عنوان آهي ”هوءَ ۽ هُو، ۽ ٻي جو عنوان آهي ”ميڊيڪل اسٽور“ ته وقت ڪڍي لکي وٺندس. استادنظاماڻي؛ ”توهان چئو ٿا ته؛ ماڻهن منهنجي ڪهاڻين کي اهميت ڪو نه ڏني. رڳو چيائون ته؛ ’ٻولي سُٺي آهي‘. ان ڪري اوهان افسانو لکڻ ڇڏي ڏنو. مون اهڙا ليکڪ به پڙهيا آهن، جن کي نقادن مرڻ جهڙو ڪري ڇڏيو، پر لکڻ نه ڇڏيائون...؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”ڳالهه دراصل هي آهي ته، اها چند ماڻهن جي راءِ نه هئي، پر هڪ فنامنا هئي. جيڪا ڪو نقاد پيدا نه ڪندو آهي، پر پڙهندڙ پيدا ڪندا آهن. جڏهن پڙهندڙن ئي ائين چيو، پوءِ مون سمجهيو ته ٻولي کانسواءِ مون وٽ ڪُجهه به نه آهي. نه مواد آهي نه ٽيڪنيڪ آهي نه ڊڪشن Diction آهي، نه اميجينيشن، نه ڪو ويزن Vision آهي. ان ڪري ٺلهو ٻوليءَ جي زور تي هلڻ مون مناسب نه سمجهيو.“ استادنظاماڻي؛ ”وليم فاڪنر چيو هو ته؛ ’شاعريءَ ۾ ناڪامي کانپوءِ ڪهاڻي پاڻ ڏانهن ڇڪيندي آهي. جڏهن ڪهاڻي لکڻ ۾ ڪامياب نه ٿيندو آهيان، ته پوءِ ناول لکندو آهيان.‘ توهان سان ته ڪٿي ائين ڪو نه ٿيو آهي؟ جو توهان ڪهاڻي ڇڏي، ناول بجاءِ ڊراما پيا لکو؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”اهڙي ساڳي ڳالهه پاڻ اڳ ۾ ڪري آيا آهيون. اصل ۾ وليم فاڪنر کي اها صلاح، سندس اُستاد شيروڊ اينڊرسن چئي هئي. ۽ ٻئي ڄڻا انهن مرحلن مان گذريا. جيتريقدر منهنجو سوال آهي ته اها حقيقت مون تي به ٺهڪي اچي ٿي. آئون ناول به لکان پيو، ۽ مضمون به، جيڪي ڪاوش ۾ ڇپبا آهن. اهي مضمون، منهنجي شناخت آهن. باقي ڊرامو ته روزي روٽي آهي. ٽي وي ڊرامو، ادب ۾ شمار نه ٿو ٿئي.“ استادنظاماڻي؛ ”توهان جي ڪهاڻي ’ڇڻيل پن‘ ۾ ميگهان جو ڪردار آهي، ان جو ڪو پسمنظر؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”مونکي پنهنجي اها ڪهاڻي وسري وئي آهي. البته منهنجي ڪهاڻيءَ ۾ جيڪي ڪردار هوندا آهن، اهي منهنجا ڄاتل سڃاتل ماڻهو آهن. ائين کڻي سمجهو ته اها ڪا ڇوڪري آهي، جنهن جي پويان آئون انهيءَ زماني ۾ ڊوڙندو هوندس.“ استادنظاماڻي؛ ”توهان پنهنجن ناولن بابت ڪجهه ٻڌائيندا.“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”منهنجا ٻه ناول آهن. هڪڙو؛ ’سو ديس مسافر منهنجو ڙي،‘ جنھن ۾ گذريل سو سالن جي سماجي تاريخ آهي. جڏهن ته ٻئي ناول ’محبتون‘ ۾، منهنجا شو بزنس جي زندگي ۾ جيڪي تجربه آهن، اُهي آهن. ته انهي دنيا ۾ ڇا ٿو وهي واپري.“ استادنظاماڻي؛ ”توهان پنهنجي ناول ’سو ديس مسافر منهنجو ڙي‘ ۾ حُر تحريڪ جو ذڪر به ڪيو آهي. انهيءَ جو ڪو پسمنظر؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”اڳ ۾ توهان کي ٻڌايو اٿم ته؛ اهو ناول سنڌ جي گذريل سو سالن جي سوشل هسٽري آهي. انهيءَ ۾ حُرتحريڪ جهڙي وڏي واقعي کي وساري ڇڏڻ معنيٰ ته ناول ۾ ڪجهه به نه رهندو. تنهن کانپوءِ خود منهنجو والد، چاچو حاجي منٺار ۽ منهنجي اسٽيپ مدر، سڄي تحريڪ اکين سان ڏٺي هئي. ڪجهه وقت آئون سانگهڙ ۾ رهيس. ته اُت به ڳالهيون ٻڌم ته مونکي سولائي ٿي پئي. انهيءَ ناول ۾ حُر تحريڪ جا ڪجهه ڪردار آهن. انهن تي مون لکيو آهي. جيئن باقاعدي تاريخ بيان ٿيندي آهي، منهنجو ناول ائين ناهي. مون ته فڪشن طور لکيو آهي. فڪشن ته فڪشن ئي ٿيندو آهي.“ استادنظاماڻي؛ ”ويهين صديءَ ۾ اسان وٽ ڪهاڻيءَ ۾ نسيم کرل، جمال ابڙو، علي بابا جهڙا ڪهاڻيڪار پيدا ٿيا. اياز، استاد بخاري، ابراهيم منشي، تنوير بهترين شاعر پيدا ٿيا. توهان ڇا ٿا سمجهو ته نوجوانن ۾ اهڙو ماڻڪ آهي، جيڪو اهڙن ليجنڊز جي جاءِ والاري؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”پهرين ڳالهه ته نه صرف آئون، پنهنجي پاڻ کي پر ٻين کي به ليجنڊ نه سمجهندو آهيان. البته سُٺو ضرور سمجهندو آهيان. باقي ڳالهه آيل نئين صدي جي ته ايندڙ وقت ۾ ڪنهن به صورت ۾ نئون ٽيلئنٽ نڪري ايندو، جنهن کي ڪو به روڪي نه ٿو سگهي. ۽ اهون نئون ٽيلنٽ، اڳئين ٽيلنٽ کي ڪراس ڪري ويندو. اهو هڪ فطرت جو ڪرشمو آهي. وڏا نالا اڀرندا ۽ انهن کي مستقبل ۾ ايندڙ ٻيا نالا، ڪراس ڪري ويندا آهن. اهو ائين آهي، جيئن ملهه جي راند ۾ هڪڙي مرحلي تي پُهچي شاگرد، اُستاد کي ٻئي ملهون اچي ماريندو آهي. تنهنڪري آئون پنهنجي ليکي، ڪنهن به خوشفهمي ۾ ورتل نه آهيان. باقي جيستائين دوستن جو تعلق آهي ته مان ڪجهه نه ٿو چئي سگهان. باقي جيڪي جيئرا آهن، اهي ئي پنهنجي باري ۾ ڪا راءِ ڏيئي سگهن ٿا.“ استادنظاماڻي؛ ”توهان محسوس نه ڪيو آهي ته نوجوان ليکڪن ۾ سيڪس جي موضوع تي لکڻ جو رجحان فيشن طور وڌي ويو آهي.“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”سيڪس تي لکڻ تي، مونکي ڪو به اعتراض ڪونهي. پر اسان وٽ سيڪس براءِ سيڪس لکيو ٿو وڃي. انهيءَ مان ڪو مطلب ڪو نه ٿو نڪري. آئون سمجهان ٿو ته سيڪس کي جيئن ميلان ڪنڊيرا استعمال ڪيو آهي، جنهن جي ذريعي هن مشرقي يورپ جي سياسي ڏاڍاين جو ذڪر ڪيو آهي، يا جيئن سعادت حسن منٽو سال ۱۹۴۷ع جون ٽريجڊيون لکيون آهن. ائين اسان وٽ گهٽ لکيو ويو آهي. بهرحال آئون سيڪس تي لکندڙن جو حامي آهيان، پڙهڻ وارا کين پاڻهي رد يا قبول ڪندا.“ استادنظاماڻي؛ ”توهان ان سلسلي ۾ نوجوان ڪهاڻيڪارن کي ڪهڙي صلاح ڏيندا؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”اها ئي ته پنهنجي دل جي چئي تي لکن. پاڻ کان سينئر ليکڪن جي تنقيد کي نه ليکين. پنهنجي ۽ ٻين جي آزاديءَ جو خيال رکن. جيڪو پنهنجو قدرتي اسٽائيل اٿن، انهيءَ کي برقرار رکن.“ استادنظاماڻي؛ ”رسول بخش پليجي صاحب پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو ته؛ ’اياز تي مون سسٽيميٽڪلي Systematically لکيو آهي. غلام ربانيءَ کي تنقيد جي ذريعي، پهرين پهرين اسٽيج تي مون آندو. نسيم کرل تي، سڀني کان پهرين مون لکيو. اهڙا ماڻهو به هئا، جن صرف هڪ افسانو لکيو انهن کي به مون مٿي کنيو.‘ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي، ته ڇا واقعي هڪ سٺي تخليقڪار کي نقاد جي ضرورت هوندي آهي.؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”سڄي دنيا جي اديبن وانگر آئون اهو ئي ٿو سمجهان ته؛ ڪنهن به فطري ڏات کي ڪنهن به مقالي، نقاد يا اڪيڊمي جي ضرورت ناهي. فرانز ڪافڪا کان وٺي اڄ تائين، تخليقي ادب جي دنيا ۾، فلمي ڊائريڪٽرن جي دنيا ۾، ڪنهن ٻئي اهڙي آرٽ جي دنيا ۾، جيڪي به وڏيون وڏيون بلائون ٿي گذريون آهن، اهي اسڪولن مان ڀڳل ڇوڪرا آهن. ڪجهه سائنسدان به ان زمري ۾ اچن ٿا. البته مصور کي اڪيڊمي جي ضرورت آهي. خود رسول بخش پليجي پهرين ٻن بهترين ڪهاڻين ”جتي باه ٻري“ جهڙين ڪهاڻين کي ڪنهن به نقاد جي ضرورت ناهي.“ استادنظاماڻي؛ ”پليجي صاحب اهو به چيو آهي ته؛ ’لکڻ وڏو عذاب آهي. مان صرف مجبوريءَ جي حالت ۾ لکندو آهيان......؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ (ڳالهه کي ڪٽيندي) ”پليجو صاحب، نه رڳو ذاتي طور منهنجو محسن ۽ مهربان آهي، پر ان سان گڏوگڏ هڪ اعليٰ قسم جو سياستدان به آهي. ظاهر آهي ته هڪ سياستدان لاءِ لکڻ، وڏو عذاب ئي هئڻ گهرجي. جڏهن ته منهنجو لکڻ کانسواءِ ٻيون ڪي به مصروفيتون نه آهن. ان ڪري مون لاءِ لکڻ عذاب جي بدران، خوشيءَ جهڙي ڳالهه آهي. ها جڏهن لکي وٺندو آهيان ته خاص عذاب ۾ وٺجي ويندو آهيان ته هي ڇا لکيو اٿم. انهيءَ عذاب مان گذرندي جڏهن اها شيءِ ڇپجندي آهي، يا اسڪرين تي ايندي آهي، ۽ پوءِ پڙهندڙ، ڏسندڙ جڏهن انهيءَ جي واکاڻ ڪندا آهن، ته پوءِ مونکي يقين ايندو آهي، ته هائو ٻيلي ڪو چڱو ڪم ڪيو اٿم. اصل ۾ اهڙو ليکڪ آهيان، جنهن کي پراوا ڪن چئي سگهجي ٿو.“ استادنظاماڻي؛ ”ليکڪن، اسان جي پياري ملڪ ۾ گهڻو ڀوڳيو آهي. اياز هجي يا امرجليل. توهان جي سامهون ڪا اهڙي صورتحال آئي؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”اهو سڄي دنيا ۾ ٿيندو آهي. ليکڪ ڀوڳيندا آهن. اياز ته ڦاهي تان واپس موٽيو، ۽ ڪيترا ئي سال جيل ۾ رهيو. پر امرجليل سان ائين نه ٿيو. ڏيئي وٺي سرڪاري عهدي جي حساب سان ڪي تڪليفون آيون هوندس. پر مون سان ائين نه ٿيو، سو مونکي شهيدن ۾ شمار نه ڪريو ته چڱو آهي. مونکي اهڙي ڪا به تڪليف نه آئي.“ استادنظاماڻي؛ ”اچون ٿا اوهان جي ٽي وي ڊرامن ڏانهن، جن اوهان کي تمام گهڻي شهرت ڏني. مشهور ڊرامو ديوارين يا راڻي جي ڪهاڻي ۾ ڪهڙو پسمنظر هو، يا ائين کڻي چئجي ته اوهان جي ذهن ۾ اها ڪهاڻي ڪيئن آئي؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”ڊرامو لکندي، آئون واقعا اصلي کڻندو آهيان، پر ڪردار پنهنجي آس پاس مان کڻندو آهيان، جن جو ڊرامي جي ڪهاڻي سان ڪو تعلق نه هوندو آهي. اهو واقعو مونکي شاهنواز جوڻيجي ٻڌايو هو. مون انهيءَ واقعي ۾ ڦيرڦار ڪري ڊرامو لکيو. اصل واقعي ۾ ته الاهي ساريون راڻيون قتل ڪيو ويون هيون، پر مون هڪ راڻي لکي، ۽ راڻي جي قتل ٿيڻ بدران اهو ڄاڻايم ته، هو ٻي راڻي کي جنم ڏيندي گذاري وئي. هينئر به توهان ڏسو ته جيڪي اُتر ۾ قبائلي جهيڙا آهن، اُهي ديوارين وانگر ئي ٿين ٿا. باقي ڪردار ته ليکڪ اُهي ئي کڻندو جن کي سڃاڻندو هوندو.“ استادنظاماڻي؛ ”ڊرامي لکڻ دوران، يقينن اوهان کي ڪجهه ڌرين سان سمجهوتو ڪرڻو پيو هوندو؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”ٽي وي ڊرامو، لکبو ئي سمجهوتن تحت آهي. جن ڌرين سان سمجهوتو ڪرڻو پوندو آهي، انهن ۾ هڪ ته ٽي وي جي پاليسي هوندي آهي، پاليسي مطابق لکبو ته ڊرامو نشر ٿيندو. ٻيو سمجهوتو ٽي وي جي بجيٽ سان ڪرڻو پوندو آهي. مثال مون ڊرامو ڪاروان لکيو ته، انهيءَ جون ڇهه قسطون ٿر ۾ رڪارڊ ٿيڻيون هيون. پر پهرين قسط ۾ ئي بجيٽ جي کوٽ ٿي پئي ۽ ڪهاڻيءَ کي شهر ۾ آڻڻو پيو. ٽيون سمجهوتو پروڊيوسر سان ڪرڻو پوندو آهي،. انهي لاءِ اُستاد پروڊيوسر ياور حيات جو مشهور جملو آهي، جيڪو هن ڪنهن ليکڪ کي چيو ته؛ ’يار تم تو لک ديتي هو، ڪه گهمسان ڪي جنگ لگ رهي هي، مگر مين يه جنگ ڪيسي لگوائون.‘ ان بعد سڀ کان وڌيڪ سمجهوتو، ڪروڙين ڏسندڙن سان ڪرڻو پوندو آهي، ۽ اُها ڳالهه ذهن ۾ رکڻي پوندي آهي، ته حاڪم کان وٺي هاريءَ تائين، ۽ هڪ پڙهئي لکئي پروفيسر کان وٺي ڪنهن اڻ پڙهيل ماڻهوءَ تائين ڊرامو سڀني کي پسند اچي. جيئن ماڻهو ناول يا ڪهاڻي لکڻ وقت، پنهنجي ناڙيندو آهي، ائين ٽي وي ڊرامي ۾ ڪري نه ٿو سگهجي.“ استادنظاماڻي؛ ”توهان جو مطالعو وسيع آهي. ڪو اهڙو ڪتاب جيڪو توهان کي تمام گهڻو وڻيو هجي؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”اها ته ڊگهي لسٽ آهي.“ استادنظاماڻي؛ ”پوءِ به هڪ ٻه ڪتاب ٻڌايو...؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”هروڀرون ضد ٿو ڪرين ته پوءِ جيڪي مونکي گهڻو وڻيا، انهن مان قرت العين حيدر جو ناول ’آخر شب ڪي هم سفر‘، اوريانه فلاسي جو ’اي مين‘، ۽ شولو خوف جو Quite flows the Don آھن.“ استادنظاماڻي؛ ”مون ڪٿي پڙهيو هو ته؛ توهان جي سنگت، اديبن سان گهٽ چورن، موالين، وڏيرن، ۽ ٻٽاڪين سان گهڻي هئي.؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”منهنجي سنگت، رڳو انهن ڌُرين سان نه پر گڏوگڏ هارين، نارين، ڌراڙن، ڊرائيورن، چوڪيدارن ۽ ڪلارڪن سان به رهي آهي. اصل ۾ انهن ماڻهن وٽ جيڪو علم آهي، سو تجربي جي پيداوار آهي. اهي ماڻهو، اسان اديبن کان وڌيڪ زندگيءَ جو ادراڪ رکن ٿا. مون انهن ماڻهن کان علم پرائيو آهي. منهنجي تخليق جو سرچشمو اهي ئي ماڻهو آهن. جيڪي منهنجي ڪهاڻين، ڊرامن جا ڪردار آهن.“ استادنظاماڻي؛ ”جيڪڏهن اوهان ليکڪ نه ھجو ھا بلڪ پنهنجي والد وانگر صوبيدار هجو ها ته؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”صوبيداريءَ ۾ آئون چونڊجي به ويو هيس، بابا جي ڪوٽا ۾. پر بابا مونکي اها نوڪري ڪرڻ نه ڏني. پر جي اها نوڪري ڪريان ها ته پڙهيو لکيو هئڻ سبب، هڪ بيڪار قسم جو ڊي آئي جي وغيره هجان ها يا ڪرمنالاجي جو ماهر، ڪجهه به هجان ها پر وري به ليکڪ ضرور هجان ها.“ استادنظاماڻي؛ ”پنهنجي تجربي مان ڪجهه اديبن جي زالن جي باري ۾ ٻڌايو ته اُهي مُڙسن سان ڪيئن ٿيون گذارين؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”سڀ مصيبت/ عذاب ۾ رهيون آهن. منهنجي زال به عذاب ۾ آهي. رت ڪري ماريو اٿمانس. پر وڏي صابر آهي. انهي ڪري قصو پيو هلي. منهنجي ڇوڪرين کي صلاح آهي ته؛ ’اُهي ڪنهن به ليکڪ سان شادي نه ڪن، نه ته ڏاڍا ڏکيا ڏينهن ڏسنديون.‘“ استادنظاماڻي؛ ”توهان زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪا چوري ڪئي؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ (سگريٽ جو ڊگهو ڪش هڻندي) ”آئون اڪثر ڪري پنهنجي مضمونن ۾، جن به غير ملڪي اديبن جا حوالا ڏيندو آهيان، انهيءَ جو سبب اهو ناهي ته ڪو پڙهندڙن تي رعب ڄمائجي، پر لکندي لکندي اوچتو ڪي اهڙيون ڳالهيون اچي وينديون آهن، جيڪي ٻين ليکڪن جون چيل هونديون آهن. پوءِ مجبور ٿي آئون انهيءَ ليکڪ جو مثال ڏيندو آهيان، ڇاڪاڻ ته ڪڪڙن جو چور ته ٿي سگهان ٿو، پر ادبي چوريءَ کان ونءُ ويندو آهيان. هڪ مزيدار ڳالهه اها به آهي ته، ڪافي وقت اڳ، جڏهن ڇوڪراٽ هُيس، ته دوستن سان گڏجي ڳوٺ جي ڀر ۾ قاديانين جا مرچ چوري ڪيم. ان کانپوءِ اهڙي حرڪت نه ڪيم. البته دلين جون چوريون گهڻيون ئي ڪيم.......“ استادنظاماڻي؛ ”ان جو مطلب آهي ته عشق به ڪيئي. پوءِ ته ڀتيون به ٽپيون هوندئي؟ لوڙها به لتاڙيا هوندئي؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ (وڏو ٽهڪ ڏيندي) ”ها! لوڙها به ٽپياسين. هينئر جڏهن اهي ڳالهيون ياد اچن ٿيون ته ڏاڍو خوف ٿئي ٿو. لوڙها ٽپندي ڪٿي مارجي پوان ها ته،!.... بس موت کان بچي ويس، هاڻي ٻئي هٿ ڪنن تي آهن.“ استادنظاماڻي؛ ”توهان کي جڏهن صدارتي ايوارڊ مليو هو ته اسان ٻڌو آهي، ان وقت ڪجهه قوم پرست آيا هئا، جن چيو هو ته آمر ضياءَ کان ايوارڊ نه وٺ. ته اُهو معاملو ڇا هو؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”ادا ايوارڊ ته منهنجو حق هو، پنهنجو حق ڇو ڇڏيان، مون ڪو پلاٽ پرمٽ ته ڪو نه ورتو، نه ئي ڪا وڏي سيٽ ورتم! منهنجا ته اُهي ساڳيا حال آهن، بُڪي ٺوڪيندو وتان. ٻين يارن کي به ڏس ته ڇا مان ڇا ٿي ويا. جن مونکي روڪيو، اُهي امير ڪبير ٿيو پيا هلن. سندن اڳ ۾ حيثيت ڇا هُئي، هاڻي ڇا آهي؟ اها ڳالهه ويچارڻ وٽان آهي. ضياءَ الحق مرحوم ته پري ٿيو، پر ڄام صادق علي، ته پنهنجو هو، انهيءَ کان پرمٽ يا پلاٽ/ زمين جو ٽڪرو وٺي پئي سگهيس. پر نه وٺي سگهيس. ڄام صاحب هڪ ڀيرو ته مونکي ڀونڊو به ڏنو؛ ’تون پنهنجي لاءِ ڪجهه نه ٿو ڪرين!‘ ماٺ ڪري ويهي رهيس. ڳالهه آهي؛ سڄي ناجائز ڪمائي جي. ڪا مون وٽ هجي ته اوهان پاڻ ٻڌايو. مونکي مڪيش جو راجڪپور تي فلمايل اهو گانو ڏاڍو وڻندو آهي؛ ’سجن ري جهوٽ مت بولو، خدا ڪي پاس جانا هي. نه هاٿي هي، نه گهوڙا هي، وهين تو پيدل جانا هي!‘ سو پاڻ وٽ نه ڪو گهوڙو آهي، نه ئي هاٿي.“ استادنظاماڻي؛ ”ڇا انسان پنهنجي پوري زندگي، پنهنجي ڳولا ۾ گذاريندو آهي؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”اصل ۾ جيتري ڪائنات ٻاهر آهي، ايتري ئي ڪائنات، انسان جي دماغ ۾ موجود آهي. اها ڳالهه ڪا هوائي توائي جملو ناهي. پر جيڪا اطلاقي سائنس آهي، ڪائنات جي ۽ نيورولاجي آهي. اهي ٻئي سائنسون، اها ڳالهه ثابت ڪري چڪيون آهن ته؛ ’انسان جي دماغ ۾ هڪ پدم فئڪلٽيون آهن.‘ سو سائنسي حقيقت ته اها آهي. پر هونئن ڪي ماڻهو پنهنجي ڳولا ۾ هوندا آهن. ته ڪي نه به هوندا آهن. جيتريقدر ڪنهن ليکڪ جو تعلق آهي ته، ليکڪ اها ڳولا ڪندو رهندو آهي. ته آئون ڪهڙي صنف ۾ فٽ ٿي سگهان ٿو؛ ’آيا شاعري ڪري سگهان ٿو، يا ناول لکي سگهان ٿو، يا ڊرامو لکي سگهان ٿو.‘ ۽ صنف ڳولي لهڻ کانپوءِ، ليکڪ انهيءَ ڳولا ۾ هوندو آهي ته؛ ’هو پنهنجي صنف سان ڪيئن نڀائي؟‘ خاص ڳالهه ته ادب/ آرٽ، زندگيءَ جي ڪنهن نئين پهلوءَ کي ڳوليندو آهي. جنهن کي چوندا آهن؛ Exploration of the life ...... سو قصو ائين آهي.“ اُستاد نظاماڻي؛ ”آخري سوال ته؛ ليکڪ جي حيثيت ۾، پنهنجي پاڻ کي ڇا ٿا ڄاڻو؟““ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”آئون بين القوامي ادب گهڻو پڙهندو آهيان. ان ڪري آئون پنهنجي پاڻ کي دريا ۾ هڪ ڦُڙو پاڻيءَ جو سمجهان ٿو.“ (جهونگار نمبر ٽين ۲۰۰۰ع ۾ ڇپيل) عبدالقادر جوڻيجي جون ڳالھيون ڊاڪٽر اسد جمال پلي هڪڙي دفعي نئون ڪوٽ جي هڪ “ڀيلڻ ڏوڪري” جڏهن عبدالقادر کي ڏٺو ته کيس هڪل ڪري چيائين ته “مئا قادريا ڪٿ ٿو گذارين.” عبدالقادر جي اکين ۾ عجيب رمق اچي وئي. پوءِ ڪيترو وقت هو ان ٻڍڙي ڏوڪري سان ڊاڙ ٺڪا هڻندو رهيو. کيس ڀيل ذات جي اٿڻ ويهڻ سان گهڻو انس هئو. پنهنجي انهيءَ انسيت ۾ هو ايترو اڳتي به وڌي ويو جو هڪ اخباري ڪالم ۾ هو سڄي ناري پٽ کي ڀيلواڙو لکي ويٺو ۽ پوءِ ڪيترو وقت زبان سندس ڏندن ۾ ڦاٿل رهي. هڪڙي دفعي مون کي ٻڌايائين ته خانصاحب راڄ محمد پلي (جنهن کي هو خطن ۾ ادا راڄو، لکندو هو) چوندو هو ته هي جيڪي سنڌي ادب ۾ ساڄا ۽ کاٻا هڪٻئي تي سيٽيا وتن اهي هڪ ئي تصوير جا ٻه رخ آهن. اڳتي هلي ڳالهيون پنهنجي اصل رخ تي اينديون ۽ هر سنجيده ليکڪ انهن شين کان پري ٿي ويندو. صرف ادبي بيروزگار هن بحث ۾ مصروف نظر ايندا. اها ڳالهه پوءِ عبدالقادر “وڙهيا، واڳيا، واپريا ڪتاب ۾ لکي.” هڪڙي دفعي مون کي ٻڌايائين ته ادب جيڪڏهن اديب جو پيٽ نه ڀري ته آئون ان کي ادب نٿو مڃان. اهو ڪٿي جو انصاف آهي جو پبلشر جنهن ادب مان بنگلا ٺاهي، سرڪار ادارا هلائي انهيءَ ادب جو سرجڻهار پن جون ٻيڙيون به سوال تي وٺي پيئي. انهي ڪري مون سڀ ڊراما پئسن تي لکيا ۽ پئسن لاءِ لکيا. هڪڙي دفعي مون کي ٻڌايائين ۽ پوءِ هڪ مشهور سنڌي رسالي لاءِ تفصيلي انٽرويو ۾ به چيائين ته منهنجي ادبي گرومنگ (Grooming) عبدالڪريم پلي ۽ راڄ محمد پلي ڪئي ۽ جيڪڏهن وفا پلي جو نالو نه کڻان ته ڪوڙهيو ٿي مران. هن انٽرويو ۾ عبدالقادر ڪريم پلي جي اوطاق ۽ ماحول جو تفصيلي ذڪر ڪندي لکيو ته ڪاروان ڊرامي ۾ وڏيري علي نواز جو ڪردار مون ڪريم پلي جي شخصيت تان ورتو آهي. ڪريم پلي جهڙا پٽ مائرون وري ڪو نه ڄڻينديون. اهو ڪردار مرحوم محمود صديقي ادا ڪيو ۽ ڊرامي جون ڪيسٽون کڻي صديقي صاحب “عيد” جي موقعي تي سنڌڙي ۾ محمد خان جوڻيجو (وزيراعظم) سان مليو ۽ کيس چيائين ته اوهان جي مائٽ اوهان تي ڊرامو لکيو آهي. ايئن واپسي ۾ پٽ جي نوڪري وٺي آيو. ڪجهه ٻين به سنڌ جي وڏن ماڻهن جي حوالي سان هن ڪردار جي ڳالهه منسوب ٿي پر مون صاف انڪار ڪيو ته نه صرف اهو ڪردار مون پلي صاحب جي شخصيت تان کنيو آهي پر ڪجهه “ڊائلاگ” به هوبهو سندس چيل آهن. هنن چيو ته ڪاش سنڌ جا سڀ وڏيرا “ڪريم پلي” هجن. اهڙو اظهار هن وڏيري شاهنواز جوڻيجو جي ڪنهن دوست سان به ڪيو. هڪڙي دفعي سندس ڪالوني واري گهر ۾ مون کي هڪ ميز ڏيکاريائين ته عبدالڪريم پلي جڏهن به مون وٽ گهر ايندو هو ته پاڻ کي ڪڏهن به وڏيرو نه سمجهندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن هن ميز تي چڙهي ويهندو هو. عبدالقادر پوءِ ميز تي ڪانڀ ڪڍي ويهي ڏيکاريو ته او! هيئن. هڪڙي دفعي مون عبدالقادر کي راڄ محمد صاحب تي تاثر لکڻ لاءِ چيو. پاڻ اهو تاثر لکيائين ۽ راڄ محمد صاحب جي ڪتاب “وڙهيا واڳيا واپريا” ۾ ڇپيو. اهو تاثر هن چئن مهينن ۾ لکي پورو ڪيو جڏهن به آئون وٽس سنڌ الاجي آفيس ويندو هئس ته هڪ ٻه پئرائون پندرهن ويهن ڏينهن ۾ لکيل ڏيکاريندو هو ۽ خوب ڪچهريون ڪندو هو. جيڪڏهن اهي سڀ ڳالهيون لکجن ته وڃي ڪتاب ٺهندو. انهن مان هڪ ڳالهه خاص ته هو ڪريم پلي کانسواءِ پنهنجي ذاتي دوستن ۾ صرف ٻه ٻيا نالا فقير شير محمد بلالاڻي ۽ ڄام صادق علي جا کڻي چوندو هو ته گنج ٿي ويا. هر ڪنهن ۾ پنهنجي اک ٻڏي ڪو نه، باقي واسطو، تعلق رسم و راهه گهڻي زماني سان آهي، رهندي پر دوستي جي وڌيڪ بک پاڻ کي اٿئي ڪو نه. هو ڳالهين ۾ بيباڪ هو ۽ ڳالهه ڦهڪائي هڻڻ کي ترجيح ڏيندو هو. هڪڙي دفعي سندس ڪتاب “شڪليون” ۾ مون پڙهيو ته کيس نسيم کرل جو نالو پڙهي هن ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ جو شوق ٿيو (نالي ۾ هن نسيم کرل کي ڇوڪري سمجهيو). پوءِ جڏهن هڪ اخبار جي آفيس ۾ هڪ وڏي آرام ڪرسي اهليل نسيم کرل سان سندس تعارف ٿيو ته حواس باختا ٿي چيائين ته “چڱو ٿيو مون هن سان شادي نه ڪئي!” اهو سندس تحرير جو ڪلائميڪس هو. هڪڙي دفعي مون کي ٻڌايائين ته آئون چئن ڪردارن تي هڪ ڪتاب لکان پيو. “ٻه ڏاڙهيون ٻه سينڌيون.” انهن مان هڪ ڏاڙهي ڪريم پلي ۽ هڪ سينڌ روحي بانو آهي. باقي ٻه ٻيا ڪردار آهن. مون کي خبر نه آهي ته سندس اها تحرير ڪهڙي مرحلي تي ۽ ڪهڙي حالت ۾ آهي. جڏهن لئنگويج اٿارٽي ۾ هو ته به چار پنج دفعا دل واريون ڳالهيون ٿيون. پوءِ هڪڙي دفعي ٻڌايائين ته مئڊم سسئي پليجو چوي ٿي ته آئون لئنگويج اٿارٽي کي ڄام صادق جي اوطاق ٺاهيو ويٺو آهيان. آئون چوان ٿو ته شڪر آهي جو مون تي الزام به هڪ سخي جي نالي جو آهي. ڇو جو ڄام صادق سنڌ جي ڏاتار ڄام ڪانڀو جو پٽ آهي. هڪڙي دفعي مون کي چيائين ته آئون جي بي (گئلن بيري) سنڊ روم جي بيماري ۾ ورتل آهيان. اها بيماري تون نيورو لاجي جي ڊاڪٽر هجڻ ڪري بهتر سمجهين ٿو. هي بيماري اعصابي ڪمزوري ڪرائيندي آهي ۽ ڇڏيندي اصل ڪو نه. سو هاڻ پاڻ کي به دم دلاسي جي گهٽ ضرورت آهي. باقي جيڪي ڏينهن آهن پيا ڪٽبا. هڪڙي دفعي عمرڪوٽ ۾ اڪبر لغاري صاحب سئمينار ڪوٺايو ٻن ڏينهن جو پهرين ڏينهن تعارفي سيشن ٿيو ٻئي ڏينهن جي صبح جو سيشن ۾ عبدالقادر ڳالهايو. محقق ۽ اديب اچي گڏ ٿيا. آخري سيشن جو آخري مقرر آئون هئس ۽ پوءِ صدارتي تقرير غلام محمد لاکو صاحب جي هئي. مون ڳالهايو پئي ته “عمرڪوٽ” تاريخي دليل طور “ع” سان ئي لکبو الف سان لکڻ صرف پسند ۽ شوق آهي پر تاريخ ڪونهي. ان وقت پنڊال ٻاهران اسٽيج جي پويان عبدالقادر جوڻيجو سگريٽ جا ڪش هڻي رهيو هو. مون کي سندس هڪ مذاق ياد آيو. عبدالقادر اڪثر چوندو هو ته ماڻهو ماني کائي ڍؤ ڪري پوءِ وڏا وڏا ڊاڙ هڻي ته ماني هضم ٿئي. سو هي الف سان عمرڪوٽ واري ڳالهه به اهڙو ئي ڊاڙ آهي. پاڻ اتان اسٽيج جي پويان کنگهندي کنگهندي چيائين ته پلي منهنجي جان ڇڏين نٿو ۽ پوءِ اسٽيج تان لهڻ بعد ٽهڪ ڏيندي چيائين ته هيءَ ڳالهه به تاريخ جو اهم دليل ٿي ويندي. آخري دفعي مون کي چيائين ته ٻئي سنڌي ادبي بورڊ جا ميمبر گڏ ٿيا آهيون منهنجي حصي جو ڪم به تون ڪجان. مون کي خبر هئي عبدالقادر هڪ به ميٽنگ ۾ نه ايندو ۽ ساڻس فون تي گفتگو بعد ملاقات ئي نه ٿيندي ۽ اسان جون ڪچهريون به ڪورونا جي لاڪ ڊائون سان گڏ لاڪ ٿي وينديون. ٻئي دفعي عبدالقادر جوڻيجو جون ڳالھيون اسد جمال پلي ٻي دفعي، اها ڳالهه ٻڌايائين ته؛ ”مون کي پرائمري ماستر جي نوڪري ملي، خانصاحب عطا محمد پلي جي ڳوٺ لڳ، صوفي شاخ جي اولهه ۾، چوڌري شاهنواز جي ڳوٺ ۾. پر مون اچي لڏو لاٿو عبدالڪريم پلي وٽ، جتي مون کي ادبي خوشبوءِ آئي ٿي. هتان ٻه- ٽي ڪلوميٽر اسڪول لاءِ اڪثر وفا پلي مون کي موٽرسائيڪل تي ڇڏي ايندو هو ۽ وري کڻي به ايندو هو. ايئن ئي وقت گذريو. عبدالڪريم پلي وٽ روز ادبي ڪچهري ۽ رهاڻ متل هوندي هئي. ٻي دفعي، مون کي ٻڌايائين ته اهو ۱۹۶۵ع جو سال هو جو منهنجي پهرين ڪهاڻي ٻرندڙ لانچ جنوري جي روح رهاڻ ۾ شايع ٿي. ساڳي پرچي ۾ عبدالڪريم پلي جو هڪ گيت به ڇپيو هو. آئون ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيس جو پهرين تحرير ڇپي هئي. پوءِ هن ڪهاڻي تي رات جو هڪ تفصيلي ويهڪ پڻ ٿي جنهن ۾ يار محمد چڱائي سڀني کان گهڻو ڳالهائيو. اسان جي هن ادبي گاڏي ۾ محمود يوسفاڻي به هوندو هو. هو سنجيده ۽ معتبر ماڻهو هو. ڪير به ساڻس گهڻي حجت ۽ کل ڀوڳ نه ڪندو هو. جهڙو شخصي طرح معتبر هو. تيئن علمي طرح به معتبر هو. محنتي ۽ گهڻو لکندڙ هو. گرامر ۽ ٻولي جي حوالي سان ۽ شاعري تي سندس گفتگو مستند هئي. اسين سڀ کيس سائين معمور سڏائيندا هئاسين. منهنجي گهڻي ڪچهري راڄ محمد سان هئي. راڄ محمد گهڻو مطالع ڪندڙ ۽ ڏاهو ماڻهو هو. ٻي دفعي، مون کي ٻڌايائين ته مون کي اتي رهائش دوران سائي (Jaunalice) جي بيماري ٿي پئي ته مون کي ڀڳڙا جام کارائيندو هو. ڀڳڙن جي کائڻ سان اڃ جام لڳندي هئي ۽ پيشاب گهڻو ٿيندو هو. راڄ محمد مون کي چيو ته اهو اٿئي ”سائي“ جو علاج. نڪو ”خاڪ“ نه ڪو تعويذ. عبدالقادر مون کي ٻڌايو ته مون راڄ محمد کي تمام گهڻا خط لکيا. راڄ محمد جنهن کي آئون ”دا راڄو“ لکندو هئس. اهو خط فائل ڪري رکندو هو. سنڀايل هوندا. اوهين هٿ ڪجئو. پوءِ مون هٿ ڪيا ۽ مون وٽ سنڀاليل آهن. ٻي دفعي، مون کي ٻڌايائين ته کيس سخت بخار آيو رت جي رپورٽ ۾ ڪينسر جا جذا اچي ويا. چيائين عبدالڪريم پلي سان حال اوريم ته مون کي حيدرآباد ۾ رهڻ لاءِ جاءِ اوهين وٺي ڏيو. ٻارن جي جي تعليم جو خرچ فقير شير محمد بلالاڻي تي آهي. چلهه پينشن مان ٻرندي. ٻارن جي تعليم مڪمل ٿي بس، منهنجا ٻيڙا پار. پوءِ جيڪڏهن ٻار وڏا ٿي پنهنجي جاءِ وٺي اوهان جي جاءِ واپس ڪن ته به مرضي جا مالڪ جي نه واپس ڪن ته به بخش اٿن. عبدالڪريم پلي کلندي کلندي چيو ته يار تون ڊڄ نه رپورٽ ڪنهن سٺي ليبارٽري مان ڪراءِ. پاڻ ويهي منهنجو علاج مڪمل ڪرايائين. رپورٽ ٻيهر ڪرايائين ته ڪينسر هئي ئي ڪو نه الائي ڪيڏانهن اڏامي وئي. يار اسد! ڇا ماڻهو هئا. ٻي دفعي، ٻڌايائين ته جڏهن ستر واري اليڪشن ۾ عبدالڪريم پلي ايم پي اي جي سيٽ تي آزاد اميدوار طور بيٺو ته سندس انتخابي نشان ”گهڙيال“ هو. آئون ۽ علي بابا سندس بنگلي تي ويٺا ورڪ ڪندا هئاسين. ورڪ ڪهڙو سڄو ڏينهن مکيون ماريندا هئاسين ۽ شام جو جڏهن پلي ورڪ تان واپس ايندو هو ته سندس همت وڌائيندا هئاسين. جڏهن اليڪشن ٿي ۽ پلي جي سيٽ کٽڻ جو اعلان ٿيو ته علي بابا اهڙو زور سان ٽپ ڏنو جو ڪرسي تان ڦهه وڃي پٽ تي ڪيائين. سڀني جا کل جا ڪوڪريا. ٻي دفعي، مون کي ٻڌايائين ته شيرين پاشا (شارٽ اسٽوري رائيٽر) مون کي چيو آئون کڱيس سنڌ جي ٻهراڙي گهمايان. آئون سندس فرمائش تي شيرين پاشا کي وٺي وڃي عبدالڪريم پلي وٽ نڪتس. عبدالڪريم پلي انتهائي خانداني بصيرت سان ساڻس فرشي نشت تي ڪچهري ڪئي. ڳوٺاڻيون ڳالهيون، ڳوٺاڻا کاڌا بعد ۾ ڪافي ڀرت ٿيل شيون ڏنائين. واپسي ۾ مون ڏٺو ته شيرين پاشا جي اکين ۾ لڙڪ هئا. مون سبب پڇيو ته چيائين، قادر تمام گهڻي عرصي کانپوءِ مون خانداني خوءِ واري شخص سان ڪچهري ڪئي آهي. مون کي ايئن لڳو ته آئون پنهنجي ڪنهن خاندان جي وڏي بزرگ جي ڪچهري ۾ ويٺي آهيان. مون کي جيڪي پنهنجي ڏاڏا سائين متعلق ڳالهيون گهر ۾ ٻڌايون ويئيون هيون سي سڀ پلي ۾ موجود مليون. عبدالقادر چيو ته مون ڪالر ڇنڊيندي چيو ته آخر قادر جو يار آهي. گهٽ هوندو ڇا؟ ٻي دفعي مون کي ٻڌايائين ته هيءُ جيڪو هندستاني ڪرڪيٽ ٽيم ۾ ڇوڪرو پيو کيڏي ”اجئه جڊيجا“ اهو ڪڇ جو ”جاڙيجو“ سمون آهي. هنن جاڙيجن جا جيڪي سنڌ جي سمن سان تاريخي مائٽيون ۽ رشتا ناتا آهن اهي توکان ڳجها ڪونهي. عبدالقادر هيءَ ڳالهه ٻڌائيندي تمام گهڻو ڳنڀير ٿي ويو ڄڻ هو لاکي ڦلاڻي کان هينئر به جاڙيجن کي خبردار ڪندو هجي ته ”جاڳو جاڙيجا. سمان سک مَ سمهو“ ڳالهه کي جاري رکندي چيائين پنهنجي پاسي وارو انضمام الحق وري ملتان جي پيراڻي گاڌي مان آهي ۽ اهي ملتان وارا جاڙيجن جا ”پير“ آهن جڏهن هندستان ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ مئچ ٿيندي آهي ته آئون ٽنگ ٽنگ تي چاڙهي مرشد ۽ مريد جي بئٽنگ جا مزا ڏسندو آهيان. ٻي دفعي مون کي ٻڌايائين ته عبدالڪريم پلي جو والد خانصاحب عطا محمد پلي واقعي خانصاحب هو. خانصاحب جي کوٽ ڪونهي پر عطا محمد پلي ڪير سڏائي. سندس وڏ ماڻهپي جو هڪ اسٽائل اهو به هوندو هو جو سئو رپئي جي نوٽ ۾ تماڪ وجهي ٻيڙي ٺاهي ڇڪيندو هو. دوستي هئس ته وري صوفي قلندر بخش شهيد سان، مهل جو مڙس ماڻهو هو. هو ته خانصاحب انگريزن جو ٽائيٽل يافته پر بااصول اهڙو هو جو انگريز تي به اک ڪا نه ٻڏندي هئس. حرن واري مارشل لا لڳي ۽ حضرت سورهيه بادشاهه تي ڏکيا ڏينهن آيا. انهن ڏينهن ۾ عمرڪوٽ لڳ ٽالهي جوڻيجي جي ڳوٺ تي پوليس ڇاپو هنيو. ڳوٺ جا مڙسالو ته پاسيرا ٿي ويا پر سڀئي ”غازياڻيون“ بيل گاڏين ۾ اچي خانصاحب جي ڳوٺ پهتيون. خانصاحب سڀني ”سامن“ کي ڪوٽ ۾ آندو ۽ چيائين ته اوهان تان منهنجو سر صديقي، جيستائين ساهه سلامت آهي انگريز اوهان جو وار به وِنگو نه ڪري سگهندو. مون اها سڄي ڳالهه ”سانگهڙ ناول“ ۾ پڙهي آهي ۽ عبدالقادر جي ٻڌائڻ وقت ايئن لڳو ڄڻ هو پاڻ ان وقت خانصاحب سان گڏ هو. ٻي دفعي، ٻڌايائين ته خبر اٿئي خانصاحب عطا محمد پلي جي اوطاق ڪا عام وڏيرڪي اوطاق نه اٿئي.هن اوطاق نه صرف سنڌ جي ”موسيقي“ جي خدمت ڪئي آهي پر سچ، صداقت ۽ شرافت جي فيصلن جا به مثال قائم ڪيا آهن. پوءِ وڏو ٽهڪ ڏئي تاڙي ملائي چيائين ۽ سنڌي ادب جا ٻه وڏا افسانه نويس ۽ ڊراما نگار به هن اوطاق جي ايجاد اٿئي. هڪڙو تنهنجي سامهون ويٺو اٿئي جنهاڻي ۽ ٻيو ڏيپلائي. يار ڪهڙيون ٿو ڳالهيون پڇين يارن جون. سنڌ کي اهڙا وڏيرا ئي ته کپن. ٻي دفعي، ٻڌايائين ته بابا جي پوليس آفيسر وقت مون ٿاڻن اندر واڙيل يارن سان ڪچهريون ڪيون. حال احوال ورتا ۽ آهستي آهستي مون کي زندگي جا ڪيترائي سچ سمجهه ۾ اچي. اندر واڙيل يار بي ڊپا ٿي سچ ڳالهائيندا هئا ۽ ڇوٽ ٻولي ڳالهائيندا هئا. منهنجن ڊرامائي ڪردارن ۾ به توکي اها ڇوٽ ٻولي ملندي. اڄ جڏهن سنڌ جو هيءَ بي ڊپو ليکڪ سنڌ ڌرتي جي سطح کان اندر ٽپي هڻي ويو آهي ته مون کي لڳندو آهي ته هي ”يار“ انهي جهان ۾ به ايئن ڪانڀ ڪڍي پنهنجي هٿ جي آڱرين جي اشارن سان ڪچهرين ۾ هوندو جيڪو ماڻهو سورهن آنا سچ سان ڪميٽڊ رهيو. اهو وري اتي ڪيئن ڏکيو هوندو. سندس ڪتاب ”شڪليون“ جنهن به پڙهيو هوندو اهو منهنجي اها ڳالهه ضرور قبول ڪندو ته عبدالقادر جا سڀ ڪردار هر دؤر ۾ هن ڌرتي تي موجود رهيا آهن پوءِ اها ”راڻي“ هجي يا ”ڪيسري.“ عبدالقادر جوڻيجو ھڪڙو قادر ھزار ڳالھيون نصير مرزا ٻُڌايائين پئي ڊرامي راڻيءَ جي ڪهاڻي جي آخري قسط جو لکي پوري ڪيم ته رائٽنگ ٽيبل تان اُٿي اڱڻ ۾ وڃي ڊوڙون پائڻ لڳس. نجمه جو مونکي ائين ڪندي ڏٺو ته پريشان ٿي وئي. چيائين، تون هي ڪرين ڇا پيو؟ وراڻيومانس، مغز تي شينهن جي مٿي جيڏو وزن هو، سو اڄ نيٺ لٿو. ان جي خوشي سيليبريٽ به نه ڪريان ڇا ڀلا!؟ هيءَ اپريل ۲۰۱۸ع جي ڳالهه پئي مون ڪئي، جڏهن آئون ۽ نياز پنهور، پنهنجي هن مستانه ماهي يار عبدالقادر جوڻيجي کان ڪاوش دنيا لاءِ انٽرويو وٺڻ جي خيال سان سندس رهائشگاهه تي موجود هئاسين. ڀاڄائي نجمه قادر پنهنجي ورَ جي ڀرسان ويٺي هئي ۽ زيرِ لب مُرڪي اسان جي اهڙي ڪچهري مان لطف اندوز ٿي رهي هئي. خوش گفتار، مزيدار ماڻهو ۽ آرٽسٽڪ ڳالهيون ڪندڙ هن قلمڪار قادر سان اها ته پوئين ۽ آخري ملاقات جي جهلڪ مون مٿي لکي، پر هن سان پهرئين ۽ روبرو رهاڻ ڪڏهن ۽ ڪٿي ٿي هئي منهنجي؟ اها به عرض ڪريان ٿو. اها ڀانئيان ٿو اهو ۱۹۷۷ع يا شايد ۱۹۷۸ع وارو سال، آئون ۽ طارق عالم سنڌ يونيورسٽيءَ جي مختلف ڊپارٽمينٽ جا جَل ڦٽاڪا شاگرد هئاسين ۽ شيخ اياز صاحب جي وائيس چانسلر شپ به تڏهن بلي بلي هئي. ان ئي زماني ۾ سنڌالاجي ۾ اتان جاري ٿيندڙ رسالي ”پرک“ جي برک ليکڪ ۽ ايڊيٽر عبدالقادر جوڻيجي کي پنهنجو مواد ڏيڻ لاءِ اسين پهتاسين. سامهون ڪرسيءَ تي ڳوٺاڻي ڪَٽ سلوار قميص ۾ ڇا ڏسون هي سامهون جيڪو عبدالقادر جوڻيجو، سگريٽ اُن جي مُٺ تي، ڪانٽو سٺ تي..... ڪچهري شروع ٿي ته لڳو همراهه نه فقط ڳالهين جو ڳهير، پر وڏو حوالي به. تڏهن اسين به جهٽ هن سان گهرگهلا ٿي وياسين. ڪا گهڙي ويهي ٺاشا ماشا ڪري اوچتو اُٿياسين، ته فرينڪ ٿيندي چوڻ لڳو، ڪهڙا پويان ٻار پيا روئنوَ. ڇڏيو گوٿناٿ، ويهو چانهه ٿو گهرايان. پوءِ پرک جو پهريون شمارو شايع ٿيڻ جي خبر پئي، ته ڇا ڏسان قادر هڪ پورو سالم صفحو منهنجي شاعريءَ لاءِ مخصوص ڪيو هو. تڏهن ان وقت اعزازي ڪاپي ته ڏنائين پر شاعريءَ واري فائل مان منهنجي هٿ لکيل وائيءَ وارو پنو ڏيندي چيائين، ”ڏس شيخ اياز صاحب پرک لاءِ شاعريءَ جي چونڊ ڪندي تنهنجي وائيءَ جي مٿان هي ڇا لکيو آهي؟“ ڏٺم ته ڳاڙهيءَ مَس واري پين سان ۽ هيٺان شيخ اياز صاحب جي دستخط سان لکيل هو؛ Who is Naseer Mirza? تڏهن سگريٽ مان سوا ميٽر جيترو ڊگهو سوٽو هڻي سخاوت جو مظاهرو ڪندي چوڻ لڳو، هي عظيم شاعر جو ڏنل سرٽيفڪيٽ اٿئي، ڇا ياد ڪندين، هان وٺ تحفي وانگر وڃي سانڍي رک پاڻ وٽ. ۱۹۸۱ع تائين آئون جيستائين سنڌ يونيورسٽيءَ جو شاگرد هوس، طارق سان گڏ قادر وٽ ريگيولر وزيٽر هوس. تڏهن ڪچهريءَ ۾ جي هو حوالي ته طارق ۽ آئون به ڀلا ڇا ۾ گهٽ؟ پاڻ طارق ۽ منهنجي جوڙيءَ کي ٽچ بٽڻ سڏيندو هو. تڏهن قادر ۽ شوڪت حسين شوري کي هر وقت گڏ گڏ ڏسي اسان به ته دل ئي دل ۾ هنن کي ٽچ بٽڻ جوڙي سڏڻ لڳا هئاسين. هاڻي ڳالهه صاف... جيڪو به قلمڪار، شاعر، چترڪار يا ڪهاڻيڪار اهو چاهي وڏو هجي، کڻي ننڍو، يا ايوريج، عاشق صادق جي نه هوندو ته نظرباز ته ضرور هوندو ۽ صنف نازڪ جنهن جي ضرور ته ڪمزوري هوندي، تڏهن ڀانئيان ٿو هي شايد سهڻي رسالي ۾ قادر کان پڇيو ويو هو ته توهان جي آڏو ٽي شيون هجن شراب، ڪتاب ۽ عورت، سچ ٻُڌايو، توهان جي چونڊ ڇا هوندي؟ جواب ڏنو هئائين، ”عورت... ڇو جو اها شراب به آهي ته شباب ۽ ڪتاب به.“ تڏهن واهه قادر واهه، واهه قادر واهه چوندا، کيس داد ڏيڻ لاءِ اسين سندس آفيس ۾ گهڙي پيا هئاسين. تڏهن يڪدم اپديشڪ بڻجي چوڻ لڳو، ”هئه ٻالڪو!! صنف نازڪ جو عاشق اصل ئي نه ٿجي، هميشه هن جو معشوق ئي ٿجي.“ ڀانئيان ٿو، قادر سچو هو، جو ان وقت عينڪ جي سونهري ڪمانين واري هڪ نازڪ نفيس ۽ نو خيز ڪهاڻيڪاره هن جي آڏو عاشق بڻجيو ويٺي هئي ۽ ”پولار“ ۾ آرٽسٽڪ انداز سان ڏسي رهي هئي، تڏهن اسان ٻنهي وري ان خاتون منجهان اکيون ئي نٿي ڪڍيون. افسوس، طارق عالم هن پياري اپديشڪ قادر جي قول تي عمل نه ڪيو ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي صحافت واري شعبي ۾ مون سان گڏ پڙهندڙ هڪڙي ”مِس“ جي عشق ۾ وڻ ويڙهيءَ جيان ويڙهجي ويو ۽ نيٺ ناڪام ٿي ڊپريشن ۾ گُڙدا وڃائڻ واري پروسيس ۾ اچي ويو. هي اهو وقت هو، جڏهن پي ٽي ويءَ تان اردو سنڌي ڊرامن ۾ قادر ۽ ادي نور الهديٰ شاهه جو نالو شهرتن جي آسمان تي پئي اڏاڻو، تڏهن هنن ٻنهي جي سربراهيءَ ۾ اسان وفد ٺاهيو ۽ وقت جي وزيراعظم، محمد خان جوڻيجي وٽ، طارق جي علاج لاءِ اپيل کڻي حاضر ٿي وياسين. حُسن اتفاق، وزيراعظم جوڻيجي صاحب، پنهنجي ذات ڀائيءَ قادر کي سڃاتو ۽ ڪم ٿي ويو. طارق جي ئي لفظن ۾، ”ٺڪا تي ٺو“ (بعد ۾ قادر به ته اهي لفظ تڪيه ڪلام طور پيو اڪثر استعمال ڪندو هو) تڏهن اهو به ڪيڏو نه سٺو ٿيو، جو پنهنجي ناڪام عشق جي ڪٿا کي ڪيٿارسس طور طارق ناولٽ ”رهجي ويل منظر“ ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو. پنهنجي زماني جي هن روميو جوليئٽ قصي جو مسودو کڻي هاڻي قادر جي خدمت ۾ حاضر ٿياسين. چيائين، هاڻي وڃو، سڀاڻي اچجو. ٻئي ڏينهن وياسين ته زبردست اپلاز ڏيندي چوڻ لڳو، شيخ اياز جي نثر بعد، تنهنجي هن ناول جي نثر، آرٽ ۽ ڪرافٽ مون تي جادو ڪري ڇڏيو آهي. طارق جو ناول شايع ٿيو ته ان جي پڌرائي وقت، قادر زبردست تقرير ڪئي. ياد آيم هي نوي جي ڏهاڪي وارو اهو ئي وقت هو، جڏهن ڪتابن جي مهورتن ۽ ادبي ڪانفرنسن ۾ قادر جي تقرير هڪ خاص شيءَ شمار ٿيندي هئي. ڀانئيان ٿو خيرپور ۾ هيءَ ڪهاڻي ڪانفرنس، هي اتي هن ٿري ناٽ ٿريءَ جي گولي جهڙو بيان جاري ڪيو. چيو هئائين، ”نسيم کرل کي گولي ڇا لڳي، ڄڻ سنڌي ڪهاڻيءَ کي گولي لڳي وئي“. سندس ان بم حملي تي پويان ڪيڏي ۽ ڪيتري وٺ وٺان ٿي، اها گهڻن ئي رسالن، اخبارن ۾ ڇپي پئي اٿوَ، ان ڪري هتي ورجاءُ کان پاسو ٿو ڪريان. ”قادر، توهان ٿورو ڌڏِڪو ڏيئي ڇو ٿا هلو؟ ساڄي ٽَنگ ۾ توهان جي اهو ڇا آهي؟“ طارق پُڇيس ته ٺهه پهه وراڻيائين، ”اڙي يار، ان کي منهنجو مينو فيڪچرنگ فالٽ سمجهه.“ ڪيترا سال اڳ هن کي اوچتو ڪو نيورو پرابلم ٿيو، يا شايد فالج جو اسٽروڪ، آڌيءَ رات جو طارق عالم ئي اهڙو دوست، جيڪو پهرئين وٽس پهتو. ٻئي ڏينهن طارق، آئون ۽ احمد سولنگي سندس عيادت لاءِ پهتاسين. ڇا ٻُڌون، قادر خبرون ئي نيون ويٺو ڪري... اڙي يار....اسٽروڪ نه پر هڻ کڻ بلا هئي، ڌڪ هڻي ائين وٺي اڏاڻي، جيئن ٿر اندر واچوڙي ۾ اُٺ اُڏامي ويندا آهن. پوءِ ٻُڌائڻ لڳو، اهو GBS وائرس جو حملو هو، يار.. ڀڃي ويو مونکي. علالت جي اهڙن ئي ڏينهن ۾ هن اسحاق سميجي واري خوبصورت رسالي ”سارنگا“ لاءِ يادگيريون به ته لکيون ويٺي. جنهن مان هڪ بيحد دلچسپ ۽ عجب جهڙو قصو ٻُڌائڻ لڳو. چئه، ”جنهاڻ جوڻيجه ڳوٺ ۾ ۽ خاص اسان جي راڄ ۾ ڪو ٻار ڄائو ته خوشيءَ ۾ نانگ مانيءَ جي رسم صدين کان جاري آهي. انهيءَ ۾ ٿيندو هيئن آهي ته ٻاجهريءَ جي اٽي ۾ ڳڙ ۽ ڦوٽا وجهي روٽ تيار ڪبو آهي، پوءِ اهو گهر گهر وڃي ورهائبو آهي. اها رسم اسان وٽ پَڙ تڙ ڏاڏن کان جو هلي آهي ته هي نصير قادر پُٽ ڄائو بيشڪ ته ڄامشوري ۾ پر نانگ ماني ان جي به جنهاڻ جوڻيجه ۾ ڪئي وئي. قادر جي هڪ مشهور ڊرامي ”جانچ“ ۾ جمعدار ۽ صوبيدار جا تڪيه ڪلام ڏاڍا دلچسپ هئا، مشهور به ٿيا هئا. ننڍو منشي وٽ سٽ کائي صوبيدار صاحب کان پُڇي ٿو، ”ڪٿي رکانس!؟“ تنهن تي صوبيدار صاحب اک ڀڃي چالاڪيءَ سان چويس ٿو، ”اتي رکينس...“ ائين جڏهن جڏهن به قادر ڪا مزيدار يا ڇرڪائيندڙ ڳالهه ڪندو هو، ته طارق ساڻس تاڙو ملائيندي يڪدم چوندس هو، ”اتي رکينس“. الائي اها ڪائين اپريل هئي پر سال ۲۰۱۹ع هو. نياز پنهور سان گڏجي سنڌ يونيورسٽي هائوسنگ سوسائٽي ۾ ان ڏينهن فيملي انٽرويو لاءِ وٽس وياسين ته پنهنجي شريڪ حيات ڀاڄائي نجمه جي ڀرسان ٿڪاڻو ٽٽاڻو جيڪو ان وقت عبدالقادر جوڻيجو مون ڏٺو، اهو بلڪل هن جي شاهڪار افساني ”ويندڙ وهي لهندڙ سج“ وارو اڇن وارن سان پوڙهو سومار هاري مونکي معلوم ٿي رهيو هو ته بس قادر سان اها ئي منهنجي آخري ملاقات هئي. اٿڻ وقت ڦِڪي مُرڪ مُرڪي موڪلائڻ وقت چوڻ لڳو، ”دل ڪڏهن وات، ته ڪڏهن اوطاق، ڪڏهن گهر، ته ڪڏهن قبر“ ۽ الاس! هي ۳۰هين مارچ ۲۰۲۰ع تي اسان جو يار قادر جتان جي مٽي هو، اتي جي ئي مٽيءَ ۾ وڃي آسوده خاڪ ٿيو. ياد اٿم قادر کي بهار جي موسم ڪيڏي نه وڻندي هئي ۽ ان ئي موسم ۾ هاڻي سندس گهر جي ڳولا ۾ ڀاڄائي نجمه ۽ نصير قادر کي پُرسو ڏيڻ لاءِ اوڏانهن آئون ويس پئي ته، قادر جي ۽ پنهنجي پسند جي هن اداس گيت جا ٻول، منهنجي چپن تي تري آيا هئا: هماري بعد، اب محفل مين، افساني بيان هون گي، بهارين هم ڪو ڍونڍين گي، نه جاني هم ڪهان هون گي. عبدالقادر جوڻيجو سنڌي ڪھاڻي سوڳ ۾ معوم ٿري سنڌ جو هڪ سدا مست قلمڪار عبدالقادر جوڻيجو ڄامشوري جي شامن کي سوڳوار ڪري “سو ديس مسافر منهنجو ڙي” جي ڪردارن کي هاڪڙي جي سڪل پيٽ ۾ ڇڏي ڇورو ڪري ۽ سنڌي ڪهاڻي کي “هورو” ڏيئي هن دنيا کان هليو ويو، شايد سنڌي ڪهاڻي هن لاءِ صدين تائين سوڳ ۾ رهي جيئن ريٻاري دودي سومري لاءِ رهيا. ان ڳالهه کان انڪار ناهي ته هن کي سندس اردو ڊرامن ۽ انگريزي لکڻين شهرت جي بلندين تي پهچايو، پر سنڌي ڪهاڻي کي بلندين تائين پهچائڻ ۾ قادر جي ڪهاڻين جو ڪمال شامل آهي. منهنجي قادر سان ڏيٺ ويٺ ۱۹۷۹ع کان ٿي، ان کان اڳ سندس ڇپيل سموريون ڪهاڻيون مون پڙهي ڇڏيون هيون. انهن ڏينهن کان هو ناول “سو ديس مسافر منهنجو ڙي” جو ذڪر ضرور ڪندو هو ته لکي رهيو آهيان ۽ هر ڀيري هڪ نئين ڪردار جو ذڪر ڪندو هو، اهي ڪچهريون ڪلاڪن تائين هلنديون هيون پر اڳتي هلي ڊرامن جي “مارڪيٽ” ۽ ڪالمن جي ڪاروباري دنيا هن کي سنڌي جو اهو شاهڪار ناول ٽن ڏهاڪن ۾ به لکي پورو ڪرڻ جو موقعو نه ڏنو. پر ناول جي ڪردارن کي کٽائيندي هن انگريزيءَ ۾ ناول The Dead River لکي ناولن جي دنيا ۾ پنهنجي هڪ ڇاپ ته ڇڏي پر سنڌي ادب “سوديس مسافر منهنجو ڙي” جهڙي ناول کان وانجهو رهجي ويو، جيڪو ناول قادر جي آتم ڪٿا جي اڃ به لاهي ڇڏي ها. ان ناول جي ڪردارن تي مون سان ڪيئي ڀيرا ويچار به ونڊيا هيائين. انهي ناول جا مختلف ٽڪرا ڇڙوڇڙ ڪالمن ۾ مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ پڙهيا هئم. ماهوار سهڻي جي ۱۹۸۹ع واري هڪ شماري ۾ پنهنجي ڪالم ۾ قادر ان ناول جو ٽڪرو ڏيڻ کان اڳ لکيو هو ته ناول “سوديس مسافر منهنجو ڙي” گذريل اٺن سالن کان رکي رکي لکان پيو، هينئر اهو ناول چوٿون ڀيرو وري لکجي رهيو آهي. هن ناول جو ڪئنواس وڏو آهي، انهي ڪري هر ڀيري ڪيئي نيون ڳالهيون سجهي اچن ٿيون”سو ڳالهه پئي ڪئيسين ته انهي ناول جي اساٽ The Dead Tiver لاهي نه سگهيو آهي، مون کي انهي سنڌي ناول جي نه لکجڻ ۽ نه ڇپجڻ جو ايترو ئي صدمو رسيو آهي، جيترو قادر جي وڇوڙي وڍ ڏنو آهي. قادر اسي واري ڏهاڪي ۾ ڪهاڻين کانسواءِ مختلف شخصيتن تي خاڪا به لکيا. اديبن ۽ دوستن تي لکيل خاڪن جو مجموعو “شڪليون” به ڏاڍو ساراهيو ويو، اڳتي هلي قادر ان ۾ ٽن خاڪن جو اضافو ڪري رامجي ڪولهي، رمضان جوڻيجو ۽ ڪيسري ڀيلڻ کي ويهين صدي جون عظيم شخصيتون قرار ڏنو هو، انهن خاڪن جي آخر ۾ لکيو هيائين ته “رهيو ڊسٽارٽ ٿي ويل سائنسدان کاٽائومل، انهي جو ذڪر ڪڏهن ٻي ڀيري ڪبو.” ان تي خاڪو نه لڳي سگهيو پر “سو ديس مسافر منهنجو ڙي” ۾ ان ڪردار تي قلم کنيو هيائين. قادر رڳو پنهنجي لکڻين جي ڪردارن ۾ جان ڪو نه وجهندو هو، پر اهڙن ڪردارن جي حقيقي زندگي ۾ کين سون بنائڻ لاءِ پارس بڻجڻ جا جتن به ڪندو هو، کاٽائو به هڪ اهڙو ئي ڪردار هو، هو هڪ هاري جو پورهيت پٽ هو، جيڪو وسڪاري جا ڏينهن ٿر ۾ مال چاريندي گذاريندو هو ۽ ڪڻڪ جي لاباري واري ڏينهن ۾ پنهنجي ڪٽنب سان بئراج جي ايراضي ڏانهن لڙي ايندو هو. هڪڙو اهڙو نڀاڳو سال آيو جو ڪڻڪ جو لابارو ڪندي کاٽائو جي سدا ملوڪ ڀينرن کي ظالم هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويو، اهي ڪونجن جيان ڪڻڪنديون ولر کان وڇڙي ويون، سندن بي پهچ ڀاءُ گهڻو ئي دانهيو ۽ ڪوڪيو پر ڪنهن هڪ به نه ٻڌي ۽ دنيا جي نظرن ۾ هو پاڳل ٿي ويو. انهن ڏينهن ۾ قادر فضل ڀنڀري ۾ پرائمري ماستر هو، هن کي ان روئداد جي ڪا خبر ڪا نه هئي، پر هو جڏهن شام جو ڳوٺ ڏانهن موٽندو هو ته گس تي کيس هڪ سنسان جڳهه تي مٽي ۾ ڀڀوت بڻيل هڪ نوجوان هتان هتان ميڙيل ڪاغذ جي ٽڪرن جا ڍڳ ٺاهي، انهن ڍڳن سان ڳالهائيندي نظر ايندو هوگس تان ايندڙ ويندڙ ماڻهن تي هن جي اک به ڇنڀندي هئي. قادر گهڻائي پرپڻ ڪيا ته ڪهڙي ريت اهو نوجوان ريجهي پوي ان خيال سان قادر روزانو انهي نوجوان وٽ لنگهي وڃي ڪجهه گهڙيون بيهڪ ڏيندو هو، پر هن کي پاڻ ڏانهن متوجهه نه ڪري سگهيو. پر قادر جي ڪهاڻيڪار اک انهي الستي نوجوان ۾ ڪجهه ڳولڻ لاءِ آتي هئي، نيٺ ان نوجوان جي ڪاغذن ۾ دلچسپي واري ڳجهارت کي واءُ هڻڻ لاءِ قادر ان اڳيان روزانو اها اخبار رکڻ شروع ڪئي، جيڪا هو فضل ڀنڀري مان خريدي پڙهي ايندو هو. قادر جي چال ڪم ڏيکاريو، اکين اٿل کاڌي ۽ روزانو اخبار جو انتظار ڪرڻ لڳيون. اهڙي ريت آخر اکيون اکين سان مليون ۽ قادر ان پاڳل نوجوان کي ريجهائڻ ۾ ڪامياب ويو اهو نوجوان اهو ساڳيو کاٽائو هو. ڳالهه کي اتي ڳنڍ ڪا نه ٿي اچي، قادر هڪ ڏينهن کاٽائو کي اتان اٿاري ڳوٺ وٺي آيو. وهنجاري سهنجاري پنهنجو ڪپڙن جو جوڙو پارائي پنهنجي اوطاق تي هنڌ بسترو ڪري ڏنائين ايئن ڏينهن هفتا مهينا گذري ويا، کاٽائو پڙهيل پٽي به ڪو نه هو، تنهن کي الف ب پڙهائيندي پڙهائيندي ڪتابن جو ڍڳ پڙهائي وڌائين، جنهن سان هو رچي ريٽو ٿي ويو، آخر نوڪري جي ڪري قادر کان ڳوٺ ڇڏائجي ويو ته کاٽائو به اتان نڪري ڪڏهن ڪٿي ڪڏهن ڪٿي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ بڪ اسٽالن تي نوڪري واري ڪرت سان لڳي ويو. جنهن سان هن ڪتابن جي پڙهڻ واري ٻاڙ به پوري ٿيڻ لڳي ته کيس کوٽ به گهٽجڻ لڳي. ۱۹۸۰ع جي آخر ۾ قادر جي خواهش تي هن کي مون ٺٽي جي هڪ بڪ اسٽال تان ڳولي هٿ ڪيو ۽ جهڏو وٺي آيس جتي سگا پاران قادر سان ادبي شام ملهائڻ جو پروگرام رٿيل هو، ان ۾ کاٽائو قادر جي فن ۽ شخصيت ڇا ته قهر جو ڳالهايو هو، افسوس اهو مواد به محفوظ نه ٿي سگهيو. قادر “سو ديس مسافر منهنجو ڙي” ناول ۾ کاٽائو جي ڪردارکي دراوڙ سڏيندو هو. قادر جي وڇڙي وڃڻ کانپوءِ کاٽائو سميت هاڪڙي جي سڪل پيٽ جي آس پاس جنم وٺندڙ اهڙن ڪلاسيڪل ڪردارن تي قلم کڻڻ وارو ڪير به ڪونهي، جن ڪردارن کي هن “سو ديس مسافر منهنجوڙي” ۾ سمائڻ ٿي چاهيو، جيڪي The Dead River ۾ سمائجي نه سگهيا آهن، اهڙا ڪردار قادر جي وڇوڙي سان گڏ سرسوتي ندي جيان گمشده ٿي ويا. قادر جو جنم به انهن پٽن ۾ ٿيو، جتي هن ننڍپڻ ۽ جوڀن جا ڏينهن گهاريا هئا، پر نوڪري ۽ وني (ڀاڀي نجمه) جي ڪري جواني ۾ ئي هن کي ڄامشوري جا وڻ وسائڻا پيا هو جنهاڻ جون ڄاريون ۽ ماريون اتي ئي ڇڏي آيو، پر پاڻ سان گڏ اتان جي ڪيترن ڪردارن جي قصن ۽ ڪهاڻين جون ڄڻ هڙون ٻڌي کڻي آيو هو، ان جي ونڊ ورڇ پنهنجي تحريرن ذريعي ڪندو رهيو. هو پنهنجا مارو ۽ اباڻا ڪک ڪڏهن وساري نه سگهيو، جڏهن به اهڙو ذڪر نڪرندو هو ته هو ميلان ڪنڊيرا جا پئرس ۾ صحافين آڏو اهي لفظ سنڌي ۾ هن ريت ورجائيندو هو ته؛ “مونکي منهنجو ملڪ ٿو ياد اچي، مونکي منهنجا مارو ٿا ياد اچن، مونکي منهنجا ڌڻ ياد ٿا اچن، زندگي ڪنهن ٻي هنڌ آهي.” اهو ئي ڪارڻ هو جو هو وصيت ڪري ويو ته مرڻ کانپوءِ مون کي منهنجي ماڳ واري مقام ۾ ڌرتي داخل ڪجو، اڄ هو انهن ڄارين جي اوٽ ۾ مٽي ماءُ سان وڃي مليو آهي. عبدالقادر جوڻيجو سب ڪڇ سيکا هم ني، نه سيکي هوشياري منظور ملاح تاريخ جي ستم ظريفي ته ڏسو اڄ مون کي سندس ئي لفظ دهرائڻا ٿا پون. هن کلندي اهي لفظ لکيا ۽ آئون ڳريءَ دل سان انهن کي دهرايان پيو. جڏهن مون پنهنجو شروعاتي ڪهاڻين جو ڪتاب ۲۰۰۶ ۾ لکيو ته مهاڳ لکڻ لاء کيس بنا پڇڻ جي موڪلي ڏنم ۽ ڪجه ڏينهن کان پوءِ هڪڙو ميسيج رڳو ڪيم. مهينو، ٻه ماٺ ئي ماٺ. نيٺ جڏهن سنڌالاجيءَ مان ٽپڙ ٻڌي سنڌي لينگويج اٿارٽي ڏانهن لڏو کڻڻ جي تياريءَ ۾ هئو ته مون کي به فون ڪري گهرايائين. ڪلاڪ ٻه اڳ وانگر ادبي ڪچهريءَ کان پوءِ مون کي هٿ ۾ لفافي ۾ ڪجه لکيل پنا ڏنائين. باقي ٻڙڪ به ڪو نه ڪڇيو. سانگهڙ واپسيءَ تي مون جڏهن پهريون صفحو کوليو ته سندس لفظ ئي سندس دير سان لکڻ جو جواز ڏئي ويٺا ته؛ آئون سورنهن ڪاهون ڪرڻ کان پوءِ سترهين ڪاه ۾ وڃي ڪجه لکڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهيان ته ڪنهن ويجهي گهر ڀاتيءَ تي لکجي ته ڇا لکجي.“ عبدالقادر جوڻيجو مهراڻي جي ڳوٺ جنهاڻ تعلقي مٺي ۾ پيدا ٿيو. پاڻ واري سانگهڙ کان اتر اوڀر طرف اڇڙي ٿر جي ڀڪ مان وهندڙ ناري واه واري علائقي کي به مهراڻو چون ۽ گهوٽڪي واري پاسي به ساڳئي نالي سان پڪارين. انهي مهراڻي واري علائقي جا جهونا ماڻهو اڄ به واري جي دڙن، نم جي گهاٽي ڇانو هيٺيان يا باه جي مچ جي چوڌاري ويهي جڏهن قصو يا ڳاله کڻندا آهن ته ٻڌندڙ پنڊ پهڻ بڻجي سنهي ڪاٺي سان رڳو زمين تي ليڪا پيا ڪڍندا آهن. ڳاله ڀلي ڪيتري ننڍڙي ڇو نه هجي پر روايتن جا امين اهي قصاگو ان کي ٻولي جي تڙڪي، لهجي جي چاشني، آواز جي جادو سان ايڏو ته دلچسپ نموني سان بيان ڪندا آهن جو باقي ڪم وڃي ڪاٺ ۾ پون. انهن ۾ گهڻائي ڌنارن، هارين، مزدورن، ڪاٺيون ڪندڙن ۽ گڏه ۽ گهوڙن تي گهور ڪندڙن جي هوندي آهي .جنهاڻ جا جوڻيجا ڪچهرين جا شوقين، ڳالهين جا ڳهير، ڏاڍا مڙس چور ۽ پاٿاريدار، ڳاڙي گندي جا شوقين آهن.چڪ چار جا ڀيل زميندار ۽ هاڙا چور آهن. ڀر ۾ ٿڌڙي جي موقعي تي سنهڙي چيله ۾ ٽوال ٻڌي ڏانڍيو راند ڪندڙ ڪولهي، گلي گلي ، نگر نگر سدائون هڻندڙ جوڳي آهن. اهي سڀ پاڻ ۾ گڏجي کانڀ ٻڌي ويهندا آهن ته ڪهاڻيون ۽ قصن جون نديون وهي پونديون آهن. عبدالقادر جوڻيجي جا اهڙا ئي پڳ مٽ يار منو ڀيل، ولي محمد ٽنگڙي، درو ٽنگڙي، کاٽائو ميگهواڙ، رمضان جوڻيجو، عمر جوڻيجو، خانو جوڻيجو، ڦوٽو جوڳي، قيصري ڀيلڻ، ڏيوجي ڪولهي هئا. سندس ڊرامي راڻي جي ڪهاڻي عرف ديوارين کان وٺي سندس ناول The Dead River اهڙن ئي ڪردارن سان سٿيا پيا آهن.هن پنهنجي نوڪري جي شروعات ديه ۱۴۳ دنبالو جي پرائمري اسڪول ۾ پرائمري ماستر طور شروع ڪئي. اتان کان پوء صوفي آباد، ڪمال خان پتافي، خان صاحب پلي، سندس ڳوٺ جنهاڻ ۾ پروموشن ٿيڻ کان پوء فضل ڀنڀري جي مڊل اسڪول تائين دنگ ڪيو، جتان کان شيخ اياز کيس سنڌ يونيورسٽئ وٺي آيو. هي جيڪا جادوئي حقيقت نگاري جي ڳاله ڪري ٿڪجون نٿا، سا ڀاڳو ڀان کان وٺي انهن جهونن تائين سندس لفظن مان پسندي. هن ڊجيٽل ٽيڪنالوجي جي دور ۾ اڄ به چند اهڙا ڪرادار زنده آهن، جن جو ان ڊجيٽل ٽيڪنالوجي سان ليکو نڪو لهڻو. عبدالقادر جوڻيجو انهن ئي روايتن جي نمائندگي ڪندڙ اديب هيو. هونئن به دنيا جي وڏا اديب انهن ئي روايتن جا اسير رهيا آهن. باقي توهان کڻي ٻين نالي چڙهيلن جي ڳاله ڇڏيو پر اموس اوز کان وٺي ڊيوڊ گراس مين جون لکڻيون ته پڙهو. هونهن به تخليقيت ڳاله ڪرڻ جي انداز ٻولي ٻڌندڙ جي جمالياتي حس کي ڇهڻ ۽ ان جو اثر سالن تائين هجڻ ئي ته آهي. ان ڳاله جي پس منظر ۾ واري ۽ پاڻي جي پيدائش هن ليکڪ جي ڳالهين ۾ واري جهڙي ڪڙڪائي ۽ پاڻي جي وهڪري جهڙو Flow نظر ايندو. جڏهن ڪجه نالي چڙهيل چورن ليکڪن مٿس اها تنقيد ڪئي ته هو مهراڻي جو لهجو چوري ڪري ڊز ٿو هڻي ته هن کي اهو چوڻو پيوته سندس ٻولي ۽ لهجو سانگهڙ ۽ ٿرپاڪر وارن مهراڻن جو امتزاج آهي. هن جا تخليقي مضمون رڳو هن هن کان پڇا جو مجموعو نه هئا پر هو ته پڇا کان ٿيندو لاڳاپيل موضوع جي مستند ڪتابن ۾ منهن هڻندو، پنهنجي ڪامن سينس کي استعمال ڪندي پوءِ لکندو هو. مهراڻي جي مٽي جو ٺهيل هجڻ جي ڪري بي ڌڙڪ کلي ڳالهائڻ جي عادت، ٻانهن ۽ گلي جو مٿيون بٽڻ کليل، بيڊ تي ڪتابن جي گهيري ۾ ويهي ڀلي ڪار چوڻ، فيس ايڪسپريشن هٿن جي اشارن ۽ زبان جي ڳاله ذريعي کليون ڪهچريون ڪرڻ اهي سڀ سندس عادت عضوء هئا . شايد هن مونکي مارٽن ايمس جو قول ئي ٻڌايو هو ته جتي به کليل دروازو ڏسو هليا وڃو، ڇا ڪاڻ ته بند دروازي جي پويان سازش ٿيندي آهي يا عشق. ان جو مطلب اهو ته علم جا ڪئين گس گهيڙ ٿيندا آهن، تنهن ڪري جنهن به رستي تي اوهان کي وجه ملي وڃي ته ان مان ڪجه نه ڪجه پرايو ضرور. جڏهن سنڌي لينگويج اٿارٽي جو چئيرمين ٿيو ته نئين بورڊ آف گورنر جا نالا وزير اعلي جي منظوري لاء ڪلچر کاتي جي معرفت موڪليائين. انهن نالن ۾ سنيئر اديبن کان علاوه تڏهوڪي وڏي وزير ارباب غلام رحيم جي چوڻ تي ارباب نيڪ محمد ۽ اشرف سمي جا نالا شامل ڪيائين ۽ پنهنجي پاران منهنجو نالو موڪلايائين پر تڌهوڪي سيڪٽري ڪلچر مهتاب اڪبر راشدي ڏاڍن جي ماڻهن کي هٿ ڪون لاتو پر منهنجي نالي کي لڪير ڏئي ڇڏين. عبدلقادر جوڻيجي جو ننڍپڻ جو وڏو حصو سانگهڙ، نواب شاه، ٺارو شاه وغيره جي ٿاڻن تي گذريو، جتي سندس والد مريد حسين ايس ايڇ او ٿي رهيو. ان عرصي دؤران سندس گهڻي تڻي تربيت سندس ماسي ڪئي، جنهن جو ذڪر هن مختلف انٽرويوئن ۾ ڪيو. هن جو اهو چاه پنهنجي ماسي سان مرڻ گهڙي تائين قائم رهيو. کيس سڀ کان گهڻو ڏک پنهنجي وڏي ڀاء محمد قائم جي وڇوڙي تي ٿيو. هو جڏهن پنهنجي ڳوٺ ايندو هو ته پنهنجي وڏي ڀاء جي قبر تي وڃڻ جي همٿ ساري نه سگهندو هو پر هو هميشه سندس دل ۽ زبان تي رهيو. هو وچين ۽ ڏسڻي آڱرين جي وچ ۾، سگريٽ رکي وڏا گهرا ڪش هڻندو جبلن تان وهندڙ پاڻيءَ وانگر ڳالهيون ڪندو ويندو هئو. هو مون کي ڪنهن يوناني ڏند ڪٿا جو شهزادو ٿي لڳو، جيڪو خوبصورت به هئو ۽ شريف النفس انسان ته انتهائي گهڻيون پڙهيو لکيو به. ٽرڙائيپ جهيڙي شيءِ ته هن جي خمير ۾ شامل ڪو نه هئي. گهران آفيس پنڌ نڪرندو هئو ته باقي دنيا کان بي پرواه تکو تکو ڪنڌ هيٺ ڪيو وکون کڻندو ويندو هئو. جڏهن ته گاڏي ۾ هوندو هئو ته ڪنور ڀگت، مائي ڀاڳي کان ويندي حيدر رند تائين وڏي آواز ۾ راڳ ٻڌندو هئو، اتي رات جو طلعت مسعود جي درديلن گانن دؤران اکين مان لڙڪن جي صورت ۾ يادگيريون هاريندو هئو. ساڻس گڏ آغا رفيق ۽ سليم ديس والي به وارو وڄائيندا هيا. وري پڪي راڳ کان وٺي جديد موسيقي سان به کيچل ڪندو هو. مون کيس ڪڏهن مايوس نه ڏٺو. ٽيهارو سالن کان دوائن جي حوالي پر جيڏي مهل پڇ ڏک نه درد جا قصا پر چپن تي مسڪراهٽ ۽ ٽاٽائيءَ جون ڳالهيون هونديون هيس. اهي ڪچهريون گهر، سنڌالاجي، سنڌي لينگويچ اٿارٽي کان وٺي جنهاڻ تائين جاري رهيون. مون کي هڪڙو دفعو چيائين ته؛ ”يار! منهنجي خواهش آهي ته جڏهن هيڻائي ۾ وڃان ته مون کي ڪير نه ڏسي، متان ڪو منهنجي حالتن تي رحم کائي، آئون ڪنهن به حڪومتي اداري يا شخص کان ڪابه مالي مدد نٿو گهرڻ چاهيان. انهن پئسن جا حقدار مون کان گهڻا ويٺا آهن، ان ڪري اپيل ٽپيل به ڪنهن کي نه ڪبي.“ آخري ڏينهن ۾ جڏهن بستري جي حوالي ٿيو ته دوستن سان ملڻ کان انڪار ڪندو رهيو، صرف مخدوم جميل الزمان کي هن تائين پهچ حاصل ٿي. پر سندس ويجها عزيز روبرو يا فون تي رابطي ۾ رهيا ۽ مون کي به اهڙو شرف حاصل ٿيو. رات جو جڏهن سندس گهر ڪچهريءَ تي ويهندا هئا سين ته ٻارنهن، هڪ ٿي ويندو هئو، نيٺ سندس گهر واري چوندي هيس ته هاڻي هن مسڪين کي ته ساهي ڏي، ماني ته کائي، اوٻاسين جا ٺڪاءَ پيا پونس. هن جتي شهزادن واري زندگي گذاري، اتي کيس آخر ۾ ڪجه دوستن سان شڪايتون به هيون پر ڪڏهن ڪنهن کي ميار ڪو نه ڏنائين. سندس اڪيلي پٽ نصير جي شاديءَ ۾ جڏهن سندس تمام ويجهو دوست ۽ سنڌيءَ جو مشهور اديب نه آيو ته کيس ڏاڍو ڏک ٿيو. اکين ۾ لڙڪ تري آيس. هو مون کي چوندو هئو ته شيخ اياز معصوم هئو، کيس ٻين کڻي خوار ڪيو. پر مون سندس معصوميت، ڪئين دفعا ڏٺي آهي. عبدالقادر جوڻيجي تي ڪئين اديبن ناجائز کائڻ پيئڻ جا الزام هنيا. پر مون کي ذاتي خبر آهي ته هن جيڪو گهر ٺهرايو سو به هائوس بلڊنگ فناس ڪارپوريشن مان قرض کڻي ٺهرايو. هن ته اولاد جي نوڪريءَ لاء به ڪنهن کي منٿ ميڙ نه ڪئي، نه ته ڄام صادق علي ۽ ارباب غلام رحيم هن کي جواب ڏين ها ڇا! هڪ دفعي مون کي ٻڌايائين ته؛ ”ٻه ٽي ڏينهن اڳ ۾ آئون سي ايم هاوس ويو هيس، ارباب رحيم اتي ويٺل دوستن سان منهنجو تعارف ڪرايو ته هيءُ منهنجو استاد عبدالقادر جوڻيجو آهي، جنهن تي اسان سڀني ٿرين کي فخر آهي. مون کيس چئيرمين سنڌي لينگويج اٿارٽي ميرٽ تي مقرر ڪيو آهي.“ سياست ۾ هو ذوالفقار علي ڀٽي ۽ بينظير ڀٽي جو مداح رهيو. مون کي شايد ٻين کان وڌيڪ خبر هجي ته سندس گهرجي مالي حالت ڇا هئي.! هن جي پگهار ۽ ڊرامن جو پورهيو ته رڳو سندس ڪتابن، پرفيوم، ڪپڙن، جوتن ۽ سگريٽن ۾ پورو هئو. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو هو ته جي مهينو ٻه لنگهي ويا ۽ آئون نه ويس ته ميسجن ذريعي ادب ۽ تاريخ تي رات جو ۸ بجي کان وٺي ايس ايم ايس شروع ٿيندا هئا ته وڃي ٻارنهن ٿيندا هئا. انهن مان ڪجھ ايس ايم ايس ته ڊليٽ ٿي ويا پر ڪجھ ڊائري ۾ اتاري محفوظ ڪيا اٿم. هن ٻڌايو ته جڏهن خاڪن تي مشتمل ڪتاب شڪليون لکيو ته شيخ اياز جا ڪن وٺي ڇاڙتن ڀريا، حالانڪ منهنجو خيال هئو ته شيخ اياز ان کان گهڻو ٿو لهڻي، تنهن ڪري الڳ ڪتاب ’ٻه ڏاڙهيون، ٻه سينڌيون‘ لکڻ جو ارادو هيم، جن ۾ ٽي ٻيا خان صاحب پلي، روحي بانو ۽ شيرين پاشا شامل هجن. پوءِ انهن ڇاڙتن کيس يونيورسٽيءَ مان ٽپڙ ٻڌڻ جو چيو ويو. تيستائين شيخ اياز پاڻ بدلي ٿي ويو ۽ نئين وي سي ابڙي صاحب اچڻ سان سندس پروموشن ڪيو. سنڌالاجي ۾ هجڻ دؤران جڏهن غلام علي الانا سنڌالاجي جو ڊائريڪٽر ۽ سنڌ يونيورسٽي جو وي سي ٿيو ته وري ڏکيا ڏينهن شروع ٿيس. چڱا ڀلا دوست به سڻڀ جي پاسي ٿي بيٺا. پاڻ تڏهوڪي وفاقي وزير ۽ دوست حنيف خان سان مليو، جنهن تڏهوڪي سرحد جي وڏي وزير آفتاب شير پاؤ سان ملايس. جتي هو ڪجه ڏينهن ترسيو. نيٺ تڏهوڪي گورنر ڪمال اظفر کي چئي هن تان مصيبت هٽي. هڪ دفعي سنڌالاجي ۾ ٿيل مچ ڪچهري ۾ مون سنڌ جي تمام وڏي محقق کي ساڻس چوندي ٻڌو ته؛ ”قادر صاحب! توهان مون سان گڏ هلي ڪرسيءَ تي ويهو، ڪجھ توهان کان پرايون، پر هن رڳو شڪريو ادا ڪري جواب ڏنس.“ جڏهن آئون سندس ڪهاڻين متعلق پڇندو هيس ته مون کي چوندو هئو ته يار! هاڻي اهي ٻاراڻيون ٿيون لڳن. تڏهن به شايد روشنيءَ واري سندس اهي ڪهاڻيون ڪتابي شڪل ۾ ڇپرائڻ چاهيون ,جنهن جا پروف هو چيڪ نه ڪري سگهيو. کيس سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ نسيم کرل کان پوء جديد سنڌي فڪشن ۾ رحمت الله ماڃوٺي جو ڪتاب کريل گهڙيال، ممتاز بخاريءَ جو ناول ’ڪلاس فور جي محبوبه‘ ۽ ٿري پس منظر ۾ لکيل نصير ڪنڀر جون ڪجه ڪهاڻيون وڻنديون هيس. مون به هيستائين جيڪي ٻه اکر لکيا پڙهيا آهن، اها سندس ئي مهرباني آهي. هو منهنجو هر مضمون، ڪهاڻي ۽ ناول غور سان پڙهندو هئو، ڪجھ تي راءِ ڏيندو هئو، ڪجھ تي چپ رهندو هئو. پر چند اهڙا به هئا جن تي شاباش ڏنائين. هن ڪڏهن به زندگيءَ ۾ منهنجي روبرو منهنجي لکڻين جي تعريف نه ڪئي، پر ٻين مٽن مائٽن سان ذڪر ضرور ڪندو هئو. تازو جڏهن منهنجو ناول ’بختاور مکيءَ جي‘ ڇپيو ته ڪجه مقامي يارن منصوبه بنديءَ تحت فيس بوڪ تي تنقيد ڪرڻ شروع ڪئي. پر مون کي شوڪت شوري کان وٺي منوج ڪمار ۽ آدرش تائين سنڌ مان جيڪي موٽ ملي، شايد آئون لهڻان ڪو نه ٿو. هن پنهنجي بيماريءَ دؤران پهريون دفعو سڌو مون کي فون ڪري چيو ته؛ ”يار! واه جو ناول لکيو اٿئي، رڳو ٿورو ٺيڪ ٿيان ته ان تي ضرور لکندس”. شايد پهريون دفعو هن منهنجي تعريف منهان منهن ڪئي. جڏهن The Dead River ناول لکڻ جو خيال آيس ته مون جهڙي ننڍڙي ليکڪ سان نه صرف ٿيم شيئر ڪيو پر ان تي ڪافي ڏينهن تائين بحث به هليو. هو ڇپجڻ کان اڳ ۾ ان مان ڪجه سٽون ٻئي ٽئين ڏينهن موڪلي مون کان فيڊ بيڪ به وٺندو هئو. وري جڏهن ٻيو ناول Rustics پئي لکيائين ته مون سان وري بحثا بحثي شروع .پنهنجي بيڊ روم ۾ سامهون ويهاري ليپ ٽاپ تان مسودي جا ڪجه صفحا به پڙهايائين. هن جو خيال هئو ته مصر جي نجيب محفوظ جي ٽرائلاجي“ Cairo” وانگر هو به سندي آتم ڪٿا ۽ سنڌ جي لوڪ زندگي ۽ تاريخ تي ٽي ناول لکڻ ٿو چاهي. جنهن ۾ “The Dead River” سندس ننڍپڻ Rustics وچ واري عرصي متعلق ۽ آخري يونيورسٽي ۾ رهڻ دؤران واري زندگي تي لکڻ چاهي ٿو. پر هو ٻه ناول لکي سگهيو، ان مان هڪڙو ڇپيل ٻيو اڻ ڇپيل. هن جو ڳوٺاڻي زندگي وارو وقت ڏاڍو ڏکيو گذريو، ان متعلق سائين ابراهيم جويي ۽ سندس خطن تي مشتمل ڪتاب” خط ٻن اديبن جا “پڙهي جسم ڏڪيو وڃي. هن مون کي نصيحت ڪئي ته جيڪڏهن ڪنهن کان ڀلي ڪيڏي به وڏي غلطي ٿي وڃي پر ان کي احساس ڏيارجان، ڪڏهن به سزا نه ڏجان .ان سلسلي ۾ هن مون کي هڪ واقعو به ٻڌايو ته جڏهن هو ڊگهڙي ڀرسان ڪنهن ڳوٺ ۾ پرائمري ماستر هئو ته ڪيئن نه گهوڙي تي سوار بيٽ آفيسر سندس اسڪول اچي خوامخواه بي عزتي ڪئي. وقت گذرڻ سان گڏ جڏهن هو سنڌالاجيءَ ۾ آيو ۽ بيٽ آفيسر، ڊي اي او ميرپور خاص بڻجي ويو ته کيس کٽئ کنيو، Ph.D ڪرڻ سنڌ يونيورسٽيءَ آيو، جتي غلام علي الانا صاحب ان کي کيس ڏانهن موڪليو. سنڌالاجي آفيس ۾ هن ان ڊي اي او جي ٺاهوڪي دٻ پٽي ۽ پوءِ کيس چانھ بسڪيٽ کارائي اهو واقعو ياد ڏياريو ۽ مشورو ڏنو ته آئندا هوڪڏهن به پنهنجي ما تحت جي ائين بيعزتي نه ڪري. هو سنڌي ادب کان وٺي دنيا جي ادب تي کلي ڳالهائيندوهو ته آئون سندس ڳالهين ۾ ويڙهجي ويندو هيس. هن کي انڊيا جي سنڌي اديبن ۾ لعل پشپ جون لکڻيون ۽ لڇمڻ ڪومل جي آتم ڪٿا “وهي کاتي جا پنا” پسند هيون. سنڌي شاعري ۾ لطيف ۽ اياز کان پوءِ جديد سنڌي شاعري ۾ حسن درس کي وڏو شاعر چوندو هو. هو ڪرڪيٽ کي ننڍپڻ کان پسند ڪندو هو پر ٽينس ۾ سندس محبوب کلاڙي جرمني جي سٽيفي گراف هئي. هو ميلان ڪنڊيرا جي لکڻين کي ان ڪري پسند ڪندو هئو جو هو مختلف موضوعن تي مختلف مهارتن سان لکندو هو. اها ٻي ڳاله آهي ته ڪنڊيرا کي نوبل انعام اڄ تائين ملي نه سگهيو. گاريشيا مارڪيز جو ناول هنڊريڊ ائيرز آف ساليٽيوڊ هن کي وڻندو هئو، باقي ان جون ٻيون لکڻيون کيس ورجائپ لڳنديون هيون. فڪشن ۾ رشين ماسٽرز جي تعريف ڪندي ٿڪندو نه هئو. جڏهن الائيس البينيا جو ڪتاب “امپائرز آف دي انڊس” انگريزي ۾ ڇپيو (سنڌي ۾ اڃا ترجمو نه ٿيو هو) ته هن مون کي چيو ته تحقيق ائين ٿيندي آهي، نه ته ساڳئي موضوع تي اسان جي يارن به لکيو آهي. تازو هن آمريڪي صحافي جان هيريسي جي ڪتاب هيرو شيما جو ترجمو ڪيو پئي، جيڪو شايد بيماري جي ڪري اڌورو رهجي ويو. هن رڳو ۸۰ ۽ ۹۰ ڏهائي واري بين الاقوامي ادب تي ڪون لکيو پڙهيو پر آمريڪي ٿرلر ليکڪ لي چالڊ کان وٺي اسرائيلي ليکڪ ڊيوڊ گراسمين تائين به جديد ادب هئين سان هنڊايو. کيس جيڪو ڪتاب چڱو لڳندو هو ته مون کي پهرين ڌڪ ۾ وٺي پڙهڻ لاء چوندو هو .مون پنهنجي سڄي عمر کيس بيڊ روم ۾ موجود بيڊ تي ڪتابن جي گهيري ۾ ڏٺو، گڏوگڏ ڊنهل سگريٽ جا ڏنڊا، بوسڪي جا شاندار ڪپڙا، امپورٽڊ جوتا ۽ پرفيوم موجود هوندا هئا. پڙهڻ دؤران ان کان ماني کائڻ وسري ويندو هو. پوء جڏهن ڊجيٽل ٽيڪنالوجي جو دور آيو ته سندس بيڊ تي پيل شين ۾ ليپ ٽاپ، ٽيبليٽ، آئي فون جو اضافو ٿيو پر انهن سڀني شين جو پاڻ وٽ رکڻ جو مقصد ساڳيو ئي هيو يعني لکڻ پڙهڻ. صبح جي پهر۽ رات جي وقت ڪجھ ڪلاڪ موسيقي کي به ڏيندو هو، جنهن ۾ سنڌي لوڪ موسيقي کان وٺي ڪلاسيڪل، نيم ڪلاسيڪل، پاپ، جاز، هپ هاپ تائين ٻڌنڌو هو. ٻي ٽين ڏينهن دنيا جون آرٽ فلمون به سندس نظر جي سامهون هونديون هيون. چين جي دؤري دؤران ان جي ملاقات اٽلي جي مايا ناز ليکڪه اوريانا فلاسي سان ٿي ۽ شايد اسڪاٽ لينڊ جي دؤري دؤران هو “دي ٽن ڊرم” ناول جي خالق، نوبل لاريٽ جرمن ليکڪ گينٿر گراس سان مليو. هن کي اسان جي اديبن جي سطح پڻي، ٽرڙاپٽ ۽ اجائي ڌڪن کان بڇان لڳندي هئي. جڏهن لاهور يونيورسٽي آف منجمينٽ سائنس جي انٿراپالوجي جي شعبي پاران سندس ناول دي ڊيڊ ريور ڇپيو ته ان جي پهرين ڪاپي هن مون کي پڙهڻ لاء ڏني. جنهن تي بعد ۾ مون ايڪسپريس اخبار ۾ ”نسلون ڪي ڪهاني“ نالي سان ريويو لکيو. جڏهن ان ڪتاب جي مهورت جو پروگرام لاهور ۾ رکيو ويو ته سندس نمائندگي فيض احمد فيض جي ڌيءَ سليما هاشمي ڪئي ۽ مستنصر حسين تارڙ ۽ منو ڀائي ان ۾ شرڪت ڪئي. اها ٻي ڳاله آهي ته هن مون کي به ان پروگرام ۾ وڃڻ جي لاء چيو هيو ڇاڪاڻ ته سندس صحت ٺيڪ نه هئي. لاهور ۾ هن جي دوستي مٿين کان علاوه پنجابي جي سهڻي شاعر مشتاق صوفي، شيرين پاشا، اصغر نديم سيد، امجد اسلام امجد وغيره سان به هئي. لاهور سندس پسند جو شهر، سندس ست دليون به لاهور سان. مستنصر حسين تارڙ جڏهن والدين سان ملايس ته کيس چميون ڏيڻ لڳا ته هي ديوارين ڊرامي جو ليکڪ آهي. جڏهن ڪجه حلقن پاران هن تي تنقيد ڪئي وئي ته هن اصل ڌڻين جي چوڻ تي اهو ڊرامو لکيو، جيئن نورالهديٰ شاه جنگل ڊرامو لکڻ جو اعتراف ڪيو هو . بقول سندس اهڙي ڪا به ڳاله نه هئي، اهو ساڳيو ڊرامو پهرين سنڌي ۾ “راڻي جي ڪهاڻي” نالي سان نشر ٿيو هو ۽ بعد ۾ پي ٽي وي ڪراچي سينٽر جي ايگزيڪٽو پروڊيسر شهزاد خليل ۽ جنرل منيجر برهان الدين جي چوڻ تي اردو ۾ ترجمو ڪيو. جيتوڻڪ هنن ان ۾ روحي بانو ۽ خالده رياست ٽيلي ڪاسٽ ڪرڻ جي ڳالھ ڪئي پر هن جواب ڏنو ته ڪاسٽ ساڳئي رهندي. جڏهن ديوارين ڊرامو نشر ٿيندو هو ته هندوستان، پاڪستان جون گهٽيون ويران، ماڻهن جا ميڙ ٽي وي تي. پر هن جي پسند جو ڊرامو ڇوٽي سي دنيا، جنهن ۾ اجائي مشڪري بجاءِ زندگو جو حقيقي مزاح وارو پاسو شامل هو. پي ٽي وي تان جڏهن سندس ڊرامو سيڙهيان نشر ٿيو، جنهن ۾ ڪجه ڊائلائگن ۾ اصل ڌڻين تي طنز ٿيل هئي ته کيس سرحد جي تڏوڪي مارشل لاء ايڊمنسٽريٽر فون ڪري تنبيه ڪئي. سندس ڌيءَ جي رشتي ۾ منو ڀائي جو ڪردار هو ته اشفاق احمد جو به. هو اشفاق احمد ۽ بانو قدسيه جي لکڻين جو عاشق، ڊرامي لکڻ ۾ ڊاڪٽر انور سجاد کي استاد مڃڻ وارو هو. هونئن ته نوهٽي ۾ سندس ڊرامي ڪاروان جي شوٽنگ دؤران روحي بانو جهڙي خوبصورت آرٽسٽ هن سان پيچ اڙائي ويٺي پر اڳ ۾ ڪنهن جي زلفن جو اسير ڪٿي ٿو وٺ ڏيئي. ڪاروان هليو پر روحي بانو رسي وئي ۽ هما اڪبر ان جي جاءِ ورتي. شيرين پاشا ٽيلي ڊاڪومينٽري جو وڏو نالو سندس عشق، رسڻ پرچڻ ان سان هلندو رهيو. ان عرصي دؤران جڏهن ڪنهن ڳاله تان کانئس خفا ٿي لاهور ڇڏي اچي ڄام شوري جا واڻ وسايائين ڪجه وقت کان پوء شيرين پاشا هن کي فلم رضيا سلطانه جو لتا جي آواز ۾ ڳايل گانو، ’اي دل نادان...‘ موڪليائين، جنهن کي هن سڄي عمر سانڊي رکيو.ڪڏهن ڪڏهن ان کي ٻڌندي يادگيرين جو سمنڊ سندس اکين مان وهي پوندو هو. آخر ۾ ڪينيڊا جا وڻ وسايو ويٺي ته سالن کان پوء رابطو ڪيانئس ته جواب مليس” ڪاري ڪلر بجاء گهاٽن ساون وڻن هيٺيان دفن ٿيڻ چاهيان ٿي، جي اچڻو اٿئي ته هليو اچ.” آئون ۽ امان الله جوڻيجو جڏهن به رلڻ ويندا آهيون ته سندس پهريون ۽ آخري مشورو لاهور گهمڻ جو هوندو هو. مون کي ياد آهي ته ۲۰۱۹ع جي آخري ٿڌڙي شام جي پهر ۾ مون کي پنج اٺ ڪتاب پنهنجي بيڊ تان کڻي ڏيندي چيائين؛ ”يار! هاڻي هي ڪتاب تنهنجي حوالي ٿو ڪيان باقي هي فون، ليپ ٽاپ ، ٽيب الئي ڪنهن کي نصيب ٿين.“ تنهن هوندي به زندگي جي آخري گهڙين تائين اسان جو هڪ ٻئي سان رابطو منهان منهن ۽ فون رستي قائم رهيو. هن کي پاڪستان جي هڪ وڏي ڊراما نگار طور وڏيون آڇيون ٿيون. بينظير ڀٽو، صدر اسحاق، جنرل ضياءُالحق، جنرل مشرف، آفتاب شيرپاو، ڄام صادق علي سميت ڪئين حڪمرانن ، وزيرن، مشيرن، بيوروڪريٽن پاران آڇون ڪيون ويون ، پر هن ڄام شوري کي ترجيح ڏني. سندس پگهار ۽ ڊرامن جا معاوضا کائڻ پيڻ، دوائن، ڪتابن خريدڻ ۽ پائڻ ۾ پورا ٿي ويندا هئا پر بچت ٻڙي، نه ته گاڏيون، بنگلا ۽ پلاٽ ڪجه به نه هئا. هن کي رڳو قسطن تي چڙهڻ لا گاڏي ۽ قرض تي گهر ٺهرائڻ نصيب ٿيو . تڏهن ته هو آخري ڏينهن ۾ طبيعت ناساز هوندي هيٺيون ڳيت آلاپيندو هو ته: سب ڪڇ سيکا هم ني، نه سيکي هوشياري. هاڻي سوچيان ٿو ته منهنجي زندگي ۾ وري اهڙا ڏينهن الئي ايندا به يا نه پر مون کي يقين آهي ته اڳئين جنم ۾ آئون هن سان ائين ئي ڪچهريون ڪندس. ان پنهنجي وفات واري تاريخ ۳۰ مارچ ۲۰۲۰ کان گهڻو اڳ ۾ اها وصيعت ڪئي هئي ته مونکي جبلن ۾ رولڻ بجاء پنهنجي مٽي ۾ دفن ڪجو. جتي هو گهاٽن کٻڙن ۽ ڪنڊِين جي ويڙهن جي وچ ۾ پراڻي هاڪڙي دريا جي ڪپ تي آرامي آهي. (امر لغاريءَ جي فيسبڪ وال تان ھن نوٽ سان کنيل: منظور ملاح جو عبدالقادر جوڻيجي تي مفصل مضمون (خاڪو) جيڪو ٻن قسطن ۾ ڇپيو آھي. منظور جيئن ته قادر جي گھڻو ويجھو رھيو آھي انڪري ھن جي زندگيءَ جا اھي پاسا جيڪي گھڻن ماڻھن کان ڇُپيل رھيا... يا جن بابت غلط تاثر قائم ڪيا ويا ليکڪ انھن بابت به قلم کنيو آھي.) عبدالقادر جوڻيجو ادب جو آٽوگراف شوڪت لوهار ڪروڙين جاندارن وچ ۾ رهي ڪري ماڻهو ماڻهو ٿي رهي، هو بي وفائي نه ڪري، گهوٽالو نه ڪري، سڀني کان الڳ ٿلڳ هجي، اهو ڏاڍو مشڪل ڪم آهي. هن هائبرڊ دنيا ۾ رهندڙ اڄ هر حياتي به هائبرڊ ٿي ويئي آهي. ان ۾ نج پڻو تلاشڻ، ايترو ئي ڏکيو آهي، جيترو ڪنهن ڪيميادان لاءِ پاري جهڙي ڌاتو کي ڳارڻ. اسان جي چوڌاري ناانصافي، انياءُ ۽ اوچ نيچ تي هلندڙ سماج هجي ۽ ان ۾ ڪوبه ماڻهو سواءِ پنهنجي سماجي رُتبي، ٻي هر سڃاڻپ کان وانجهيل هجي، جڏهن ماڻهو صرف اوهان کي ان لاءِ عزت ڏيندا هجن جو اوهان وٽ گهڻي مال ۽ دولت هجي، ان لاءِ نه جو اوهان جي ذهني زمينن ۾ پوريل اڻ ڳڻيل زمرد ۽ يا قوتن، هيرن ۽ جواهرن سان ڀريل خزانا هجن، جتان ڪوبه پوڄارو پر ٿي سگهي، جتان اوهان جي بنجر بڻيل شعور ۾ کٽڻهار کڙي پون. اسان صرف اهو چاهيندا آهيون ته اسان وٽ زندگي جي سڀني روڳن کي ڀوڳيندڙ اديب اهڙو ڪجهه لکي جيڪو اسان کي پسند هجي، ان ۾ هن جي ڪابه راءِ يا مرضي شامل نه هجي. هو اسان کي اسان جي ڪوجهائپ ۽ بگڙيل شڪل صورت به مورت ڪري ڏيکاري. ماڻهو مِٽي ڀور، وقت جي لوڻاٺي پاڻي سان ٽڪرائجي ڳري وڃي ٿو. ماڻهو وقت جي وات ۾ ڄٻاڙجندڙ هڪ اڻ لکي شئي آهي. ماڻهو وقت سان وڙهندي وڙهندي نيٺ هارائجي ويهي ٿو، وقت جيڪو زمان ۽ مڪان ۾ ماڻهو جي عمل جو ماپو آهي. انهي وقت پنهنجن لوهي هٿن ۾ ڪيئن املهه ماڻهو، ڪيئي هيرا موتي ماڻهو قيد ڪيا آهن ۽ پوءِ هوريان هوريان ازدها بڻجي پنهنجي وات ۾ پئي ڳيهو آهي. وقت ۽ وير ڪنهن جو انتظار ڪونه ٿا ڪن، بلڪه جيڪو ماڻهو ان جو لفظ شناس ٿئي ٿو، اهو ئي ماڻهو موتي ڌاڻو ٿئي ٿو ۽ وقت تي حڪمراني ڪندڙ ڪي ٿورائي ماڻهو آهن. اسان سڀني انسانن تي وقت اچي ٿو. وقت پنهنجو وارو وڄائي ٿو پوءِ انهي وقت کي پنهنجي پنهنجي قوم ۽ پنهنجي ديس جي ڏکوئيلن، ڌڪاريل ماڻهو جو بخت بڻائجي ته ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي خوش نصيبي ٿي سگهي ٿي؟ بندر جا ڀهين ته سکاڻا مَ سمهو، ڪپر ٿو ڪُن ڪري، جيئن منجهه مهي، ايڏو سور سهي ننڊ نه ڪجي ناخواه. شيڪسپيئر چواڻي ته هي دنيا هڪ رنگ منچ آهي ۽ هر ماڻهو هتي پنهنجو هڪ ڪردار پيش ڪري هليو وڃي ٿو. هو ڄمي ٿو، روئي ٿو، پنهنجي بي وسي جو اظهار ڪري ٿو، ٿورو وڏو ٿئي ٿو بي دلي سان مڪتب ڏي وڃي ٿو، جوان ٿئي ٿو، سندس سيني ۾ عشق جي آتش جاڳي ٿي، جذبن جو مها ساگر اٿلي پئي ٿو، پوءِ هڪ اهڙو وقت اچي ٿو جڏهن هو عقل ۽ دانش جي تناور درخت جي ڇانو ۾ ويهي ٿو، منصف ٿئي ٿو، سندس نظر ڪمزور ٿئي ٿي، آخرڪار سندس مت ۽ عقل ڇڻڻ شروع ڪن ٿا، ڏند ڇڻي پون ٿا ۽ هو پيري ۾ وري ابهم ٻار ٿي پئي ٿو ۽ وري وقت جو طوفان اچي ٿو ۽ هو ان کي ڪٿي اڏائي پاڻ سان کڻي وڃي ٿو. زندگي ڇا آهي؟ هڪ جهُرندڙ فانوس آهي، جنهن جي روشني ڏينهون ڏينهن جهيڻي ٿيندي وڃي ٿي ۽ هڪ وقت اهڙو اچي ٿو جڏهن اها جَهڪي جَهڪي روشني اجهامي وڃي ٿي ۽ زندگي وقت جي نيري سمنڊ ۾ ڪٿي گم ٿي وڃي ٿي. شيڪسپيئر پنهنجي هڪ عظيم ناٽڪ ميڪ بيٿ Macbeth ۾ جيون جو ڪهڙو نه سهڻو نقشو چٽيو آهي: “Out, out brief candle! Life’s but a walking shadow, a poor player that struts and frets his hour upon the stage and is heard no more. It is a tale told by an idiot, full of sound and fury signifying nothing.” زندگي هڪ بيوقوف جي بيان ڪيل هڪ اڍنگي آکاڻي آهي، جنهن ۾ اُڻ تُڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونه آهي. سڄي زندگي ماڻهو انهي جدوجهد ۾ گذاري ڇڏي ٿو ته زندگي کي بهتر نموني با عمل نموني هڪ جوابده جي حيثيت سان ڪيئن گذارجي؟ هي اهي ڏينهن هئا جڏهن ڄامشوري جون هوائون رات سمي ويٺي ويٺي اکيون ننڊاکڙيون ڪري ڪنهن پُر فريب دنيا ۾ وٺي وڃڻ لاءِ بي قرار هونديون هيون، جڏهن اسان جي رولاڪي ۾ وقت جو بئنڪ بئلنس اڻ کٽ هيو ۽ يونيورسٽي جا ڏينهڙا ڪنهن بلئنڪ چيڪ کان گهٽ ڪونه هئا. بهار رُت ۾ هاسٽل جي ڇت تي ٿڌڙين هيرن جي ڀاڪرن ۾ گذاريل وقت ڀلا ڪهڙي منافق کان وسري سگهي ٿو. املتاس جي بانسرين جا سرڪيئن ٿا ڀُلائي سگهجن. هي اهي ڏينهن هئا جڏهن اديب روحاني استاد سمجهيا ويندا هئا ۽ انهن کان آٽوگراف وٺڻ پاڻ لاءِ هڪ اعزاز کان گهٽ ڪونه هوندو هو. بلڪل اهڙن ئي ڏينهن ۾ سنڌ يونيورسٽي جي سينٽرل لائبريري کان سنڌيالاجي ڏانهن ويندڙ واٽ ڪو ڪهاڻي، ڪو شعر ڪو قصو ڪو ناول ٿي پوندي هئي. تن ڏينهن ۾ منهنجي ملاقات هن گرو، هن استاد، هن دنيا جي فڪشن کي ٿڌي پاڻي جيئان ڳڙڪائيندڙ قصا گو عبدالقادر جوڻيجو سان ٿي هئي. تڏهن هو سنڌيالاجي جو ڊائريڪٽر هو ۽ ٻن ڪلاڪن تي مشتمل ان ڦڪي چانهه تي ٿيل مصري جهڙي ڪچهري ۾ دنيا جي ادب تي ڪيئي اهڙيون ڳالهيون کوليون هيون جن مون کي پنهنجي جهالت جو احساس وڌائي ڇڏيو هو ۽ هن مهاگرو جي موجودگي دنيا جي ادب، اديبن، نون نون ڪتابن بابت دل ۾ اٿاهه اتاولائپ پيدا ڪري ڇڏي هئي. ناسان ماڻهن کان هڪ ڪتاب جا ڏهه صفحا ڪونه ٿا پڙهيا ٿين ۽ نصاب جي ڪتابن کان سواءِ ٻيو ڪجهه پڙهڻ اسان جي روٽين مان نڪري ويو آهي. تبديلي ڪٿان ايندي؟ جڏهن ماڻهو پنهنجو پاڻ کي پنهنجي علم کي مقامي سطح تي، ملڪي سطح تي ۽ بين الاقوامي سطح تي ماپيندو ڪونه ته ان کي خبر ڪيئن پوندي ته مون ڇا پڙهيو آهي؟ ۽ مون وٽ ڪيترو علم آهي؟ اسان وٽ ماڻهو ڪوڙ سوڙ تي ڊگريون وٺي ۽ نرگيسٽ ۾ وٺجو وڃن ۽ ڪنهن غريبڙي سان ڳالهائڻ لاءِ تيار نه هوندا آهن. هي اهي ڏينهن هئا جڏهن نينهن ۽ ڏينهن ٻئي سنڌو ندي ۾ اونڌي ٿيل ناؤ جيئان لڳندا هئا ۽ دماغ هڪ اڻ سيکڙ ناکئو بڻجي هن ڪشتي جو بادبان ٺاهڻ ۾ پورو هوندو هو. بحث مباحثن سان هر ڏسا ٻهڪيل لڳندي هئي، فيڪلٽي جي آڳنڌ تي گل مهار جي گلن جي هٻڪار ۽ ڪتب خاني ۾ گذاريل وقت سينٽرل ڪئٽين جو ايٿنس جهڙو ماحول سڀ ڪجهه هڪ حسين خواب کان گهٽ ڪونه لڳندو هو. عبدالقادر جوڻيجو بنا اجوري وٺڻ جي اڄ جي ڪيترن ئي قلم سوارن جو استاد هو. چيخوف، اوهينري کان پڙهڻ جو ڏس ڏيندڙ جڏهن اوريانا فلاشي، اوڪتايو پاز ۽ ميلان ڪنڊيرا تي ڳالهائيندو هو ته ائين لڳندو هو اهي سڀئي اديب آهسته آهسته اچي هن جي ڪچهري ۾ شامل ٿيا هجن، دوستو وسڪي ۽ پئبلو نرودا جي اسلوب تي ڪيئي ڪيٽوفلٽر دونهون بڻجي ڪنھن نئين ڪهاڻي ڪنهن نئين ڪردار جي اڻت ۾ مددگار ٿيندي رک وٽي جي حوالي ٿي ويندا هئا. مون کي خبر ناهي ته هن اکرن جي جهنگ ۾ هلندي هلندي مون کي سائين عزيز پلي ۽ استاد عبدالقادر جوڻيجو منهنجو ڀاڳ ٿي مليا ۽ مون جهڙي ڀٽڪيل مسافر لاءِ ڪنهن تناور بڙ جي گهاٽي ڇانو بڻيا يا نه پر ايترو ضرور ٿيو جو ڪتابن جو اڻ کٽ نيرو آسمان ارپي ويا. اسان جي ڪچهرين ۾ جڏهن پياري وحيد جتوئي جو اضافو ٿيو جيڪو سنڌيالاجي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر آهي، مون پنهنجو پاڻ کي ڪنهن ادب جي ورڪشاپ ۾ ڀانيو جتي دل ۽ دماغ جي هر هڪ ڪل ۽ پرزي جي پئي مرمت ٿي. آئون اها هام ڪڏهن به ڪونه هڻندس ته ته منهنجو سائين استاد عبدالقادر جوڻيجو سان ڪو گهرو تعلق هو بس هڪ عقيدت هئي، گهڻا سال پوءِ جڏهن پاڻ غم روزگار ۾ پاڻ کي سماج جي بٺي ۾ سڙندي محسوس ڪيم ته هڪ دفعو استاد سان فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي جڏهن اصغر نديم سيد جو ڊرامو ”تم هو ڪي چپ“ ڏٺم بي پرواهه انداز ۾ استاد ڳالهايو ته هي پنهنجو يارڙو آهي، سٺو لکي ٿو پر ڊرامه نگار کان وڌيڪ سٺو شاعر آهي. ماڻهو جي من تي نظرين جا تهه چڙهيل آهن، مونجهارن جا ڄارا اسان کي اصلي علم کان پري رکڻ لاءِ ڪافي هجن ٿا. اسين ڪوشش جي باوجود اصلي علم شعور جي سرينڊر لاءِ تيار ئي ڪونه هوندا آهيون. مذهبي حوالي سان اسان سڀ پنهنجي ويهه پنجويهه سال زندگاني تيل ڪرڻ کان پوءِ وري وڃي ڪجهه مفاد پرستي نظرياتي چمڙن جي ور چڙهون ٿا جيڪي علم جي نالي ۾ حسد ۽ ساڙ اختلاف ۽ مخالفت جا دٻا هجن ٿا. انهن مان ڪو هڪ اڌ ماڻهو حقيقي معنيٰ ۾ سچو پچو علم دوست آدرشي ۽ منطقي علم رکندڙ هجي ٿو نه ته سڀ جا سڀ هريڙ رکندڙ. استاد عبدالقادر جوڻيجو ادب جو جادوئي ليکڪ هو، هو حقيقت ۾ علي بابا جي ناول موهن جي دڙي جو ڪو ڪردار هو جيڪو سنڌو سڀيتا جي ڪهاڻي بيان ڪرڻ لاءِ هن جهان ۾ آيو هو، جيڪا هن پنهنجي انگريزي ناول The Dead River مئل ندي ۾ ڪيو آهي. هن ناول ۾ هُن جادوئي حقيقت نگاري ۾ نکار آڻيندي هاڪڙي دريا، جيڪو حقيقت ۾ سرسبز دريا هو تي اڏيل ڪئين قصا بيان ڪيا آهن، عبدالقادر جوڻيجو جو فن ۽ فڪر ٻئي برميچجي هن ناول ۾ عيان ٿيا آهن. عبدالقادر جوڻيجو جيڪو هن وقت پنهنجي ڳوٺ جنهاڻ ۾ ڪونڀٽن جي ڇانو ۾ ٿر جي ٿڌڙي واري ۾ آرامي ٿيو آهي، ان لاءِ اهو فيصلو ڪرڻ اوکو هوندو ته هو ٿريو هو يا ڄامشوري جو ڪو ديو مالائي ڪردار هو. اديب وڏو هو يا قصه گو. هو ناول نگار هو، ڪالم نگار يا ڊرامه نگار، اهو فيصلو توهان اسان ڪري ئي نٿا سگهون، ڇڏو ته اهو فيصلو ڄامشوري جون ٿڌيون هوائون ۽ ٿر جي اڏول ڀٽن جي سپرد ڪريون، هو ئي ان جي فن جو ازرا پائونڊ بڻجي ڪو فيصلو ڪري سگهنديون باقي پاڻ ڪٿي کٽي نه پئون. استاد قادر جوڻيجو شروعاتي طور هڪ استاد بڻيو پر جلد ئي شيخ اياز ان کي سنڌيالاجي سونپي جتي هن پنهنجي ملازمت سان گڏ پنهنجي وهي به ڄامشوري حوالي ڪري پاڻ پنهنجي آمد ۽ رخصتي جيتري ساھي لاءِ جنهاڻ جي ٿڌين ڀٽن کان اجازت وٺي آيو. قادر جوڻيجو جڏهن پي ٽي وي تي راڻي جي ڪهاڻي کي کڻي آيو ته ڊرامي جو جهان ئي بدلجي ويو، وري جڏهن راڻي جي ڪهاڻي اردو ۾ ديوارين طور پيش ڪيو ويو ته سانجهي ڌاران بازارون ۽ ڳليون ويران سڀ ٽي وي جي اسڪرين تي چمبڙيل، اهو استاد قادر جو ئي ڪمال هو جو ڪلچرل شاڪ، ثقافتي جهتڪي تي ٺهيل ڪمال ڪاميڊي ”ڇوٽي سي دنيا“ جنهن ۾ هڪ ڪردار مير مراد علي خان ڪنهن انگريز جو گائيڊ بڻجي ڪجهه ڏينهن ڳوٺ ۾ سير ڪرائي وري جڏهن ان سان گڏ لنڊن وڃي ٿو ۽ اتان موٽ کائي ڪيئن نه ولايتي ڪلچر جي نرگسيت ۾ وٺجي ڳوٺاڻن سان عجيب غريب جٺون ڪري ٿو ۽ ڳوٺ ۾ رهندڙ جانو جرمن جهڙو ڪردار گهڙڻ سندس فن جي اڏولتا جو شناختي ڪارڊ بڻجي پون ٿو ۽ اسين پهريون ڀيرو نور محمد لاشاري ، انور سولنگي ۽ صلاح الدين تنيو جي زباني انگريزي ٻولي جو ملاکڙيو ڏسون ٿا. جهوٽي سي دنيا ۾ شيزان چنا ۽ سڪينا سمون عورت ڪردارن ۾ جيڪا ٻولي جي خوبصورتي بيان ڪن ٿيون ۽ نج پج ڳوٺاڻي زندگي بيان ڪن ٿيون، اهو صرف جوڻيجو صاحب ئي ڪري ٿي سگهيو. استاد علم انسانيات ۽ ماحوليات متعلق تمام ڊگها ۽ ڪارائتا ڪالم لکيا، هر ڪالم هر ڪهاڻي ۾ هن وٽ اسلوب جي سندرتا ۽ بيان جي مهانتا ڄڻ سندس ڏائي هٿ جو کيل هئي، سندس تخليقي پورهئي ۾ ڇا لکان؛ وڻ وڻ جي ڪاٺي واٽون، راتيون رول شڪليون، ويندڙ وهي، لهندڙ سج وڏا اديب وڏيون ڳالهيون سونو روپو سج ايورسٽ تي چڙهائي ڪرسي ڇو، ڇا ۽ ڪيئن خط ٻن اديبن جا در در جا مسافر The Dead River ۽ Rustics انهي کان علاوه ڪيئي اڻ ڳڻيا ڪالم، ڊرامه، ڪتابن جا مهاڳ ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه. اڄ جڏهن هر طرف، مونجهه آهي، هر ڏسان سانت آهي، هر طرف خوف جو ديو لامارا پيو هڻي. اهڙن ڏينهن ۾ استاد جو وڇوڙو يقينن سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻولي لاءِ هڪ ناقابل تلافي نقصان آهي. اسان وٽ اڄڪلهه سنڌي ناول جي معيار مطعلق کوڙ بحث ٻڌڻ لاءِ ملن ٿا. جيتوڻيڪ مان ڀانيان ٿو ته ڪهاڻي، ناول يا ڪوبه تخليقي وٿ خالص داخلي Subjective ڪيفيت جي اپٽار هوندو آهي. ڪوبه اديب ڪنهن کان ڊڪٽيشن وٺي نٿو لکي سگهي. جن دوستن کي ڪيمپس تي لکيل ناول نٿا پسند اچن ٿي سگهي ٿو ته ٻين لاءِ اهي ڪنهن وڏي وٿ مثل هجن. هڪ ماڻهو کان ٻي ماڻهو تائين ٽيڪسٽ متن مختلف معنيٰ ۾ پهچي ٿو. انهي کان علاوه اسان جا دوست زميني حقيقتن کان اکيون ٻوٽي پوءِ ٿا تجربو ڪن، اسان جو تعليمي معيار ۽ مطالعو ۽ ڪنهن به پرڏيهي اديب جو تعليمي معيار ۽ مطالعو هڪ جهڙو نٿو ٿي سگهي. توهان ڇا ٿا سمجهو، شوق وچان لکندڙ اسان جو اديب بس ڪجهه ڏينهن ۾ ماريو ورگاس ۽ پاموڪ جهڙو لکڻ شروع ڪري ڏي؟ اهو ناممڪن آهي. اسان وٽ ادب اڃا پيشاوراڻه ڪرت ڪونه بڻيو آهي. انهي کان علاوه ٻي ڳالهه ته هر ڪتاب جنهن جي مٿان بيسٽ سيلر جو ٽيگ لڳل آهي، ضروري ڪونهي ته ان جو معيار به اهڙو ئي هجي. رسول ميمڻ جي ناول نجومي جو انگريزي ترجمو ڪرايو، پائلو ڪوئلو کي پاسي نه ڪري ڇڏي ته پوءِ چئجو. استاد عبداقادر جوڻيجو جيڪو سو ديس مسافر منهنجو ڙي نالي ناول پڻ لکي رهيو هو، پر ساهن جي ڌاڳن جي تند ڇڳي پيس. هُن جي آتم ڪٿا جهڪيون جهڪيون يادگيريون اڌ ۾ هئي، جنهن جون ڪجهه قسطون سارنگا ۾ ڇپيون هيون، اها به الائي ڪٿي پنڌ پيچري ۾ رهجي ويئي. عبدالقادر جوڻيجو سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جي جهول ۾ پنهنجو پورهيو ارپي ويو آهي، هاڻ اها سنڌ ۽ سنڌ واسين جي ذميواري آهي ته هو سندس ڪتابن کي پنهنجي شعور جي فانوس جي سهائي بڻائي ڪو نئون ڌڳ وٺن. هُو ميلن ٺيلن کان پرڀرو اديب هو بهرحال اڄوڪا ڪمرشل ميلا سندس قدڪاٺ کان گهڻو هيٺ هئا. هو سنڌ ۾ شيخ اياز کان رسول بخش پليجي کان پوءِ دنيا جي ادب جو پورهيت هو. جنهن جو اجورو سنڌ واسين تي اوڌر بڻيل رهندو. لڳي مون کي لوهه، ورهه واٽون لائيون. راضِي جنهن سِين روح سو ڪوهِيار ڪَيچ ويو.“ (شاهه) Abdul Qadir Junejo Asif Jamal Soomro Abdul Qadir Junejo was born on 13 September 1945, in small village Jinhan, Tharparkar, Sindh; a novelist, playwright and columnist writing in Sindhi, Urdu and English languages. His father Mureed Hussain Junejo, was a police officer. Junejo received his primary education from his native village Jinhan in Govt. Primary School. Then went for higher education, where from University of Sindh he did his Bachelor of Arts, Bachelor of Education and Master of Arts in Sociology degrees. He has written many articles and books among them lot are famous. 1.Watoon, Ratyoon Ain Rol (1973) (Sindhi: واٽون، راتيون ۽ رول) 2.Shikliyoon (1979) (Sindhi: شڪليون) 3.Weender Wahi Lahandar Sijj (1984) (Sindhi: ويندڙ واھي لھندڙ سج) 4.Wada Adeeb Wadyoon Galhyoon (1984) (Sindhi: وڏا اديب وڏيون ڳالھيون) 5.Sono Roop Sijj (1986) (Sindhi: سونو روپ سج) 6.Everest te Charhai (1987) (Sindhi: ايورسٽ تي چڙھائي) 7.Kursi (1998) (Sindhi: ڪرسي) 8.Chho Chha Ain Keein (1999) (Sindhi: ڇو ڇا ۽ ڪيئن) 9.Khat bin Adeeban Ja (1999) (Sindhi: خط ٻن اديبن جا) 10.Dar Dar ja Musafir (2001) (Sindhi: در در جا مسافر) 11.Wan Wan Jee Kathiee (2002) (Sindhi: وڻ وڻ جي ڪاٺي) 12.The Dead River (2014) English. The Government of Pakistan and Government of Sindh awarded him Pride of Performance in 2008 and Latif Award in 2016. He received several awards from local organizations. عبدالقادر جوڻيجو استاد جي سلامي اسحاق سميجو ڦول ٿي ڪو ته منجهائن اڀري خواب ڪيڏا نه مليا مٽيءَ ۾. (شيام) خليل ڪنڀار جي نوهٽي ويندي، مون سائين علي دوست کي چيو ته هن ئي رستي تي ڪٿي استاد عبدالقادر جي آخري آرام گاھ به آهي. واپسي تي کيس سلام ڪندا اينداسين. سائين چيو؛ اها ته ڀاڳ جي ڳالھ چئبي. نوهٽي ويندي رستي ۾ ڪٿي به جنهان جوڻيجي جو بورڊ نظر نه آيو. ان ڪري واپسي تي مون سنگت کي چيو ته ثقافت کاتي کي گذارش ڪنداسين ته استاد جي نالي جو بورڊ به روڊ تي لڳرائي ۽ مزار تي ننڍو چبوترو به ٺهرائي، جيئن ايندڙ ماڻهو آسانيءَ سان مزار کي ڳولهي سگهن. نوهٽي کان جنهاڻ جوڻيجو ستن اٺن ڪلوميٽرن تي آهي. ٻن ٽن ماڻهن کان پڇا ڪئيسين ته اسٽاپ تي ڄار جي وڻ جي نشاني ملي. جنهاڻ تائين پهچندي قدير انصاري ۽ سائين علي دوست بروهڪيءَ ۾ شعرن ۽ لطيفن جو مزيدار مقابلو ڪيو. قدير کي گڏهن بابت لطيفا جام ٿي آيا. سو جتي جتي رستي ۾ گڏھ ٿي نظر آيو، ڪو نه ڪو لطيفو ضرور ٿي ٻڌايائين. لطيفا ٿورا ولگر هيا، سو جنھن کي به ٻڌڻا هجن، مالڪ کان فون تي ٻڌي وٺي. جنهاڻ جوڻيجي پهتاسين ته رستي جي هڪ پاسي اڇي رنگ جو دڪان ۽ ٻئي پاسي اڇي رنگ جي ئي اوطاق موجود هئي. پر نه ڪو ماڻهو، نه ماڻهوء جي ذات. گاڏيءَ مان لهي منصور سيتائي. . . . ابا ڪو آهي. . . ادا ڪو ٻڌي پيو. . . . جا سڏ به ڪيا، پر ورنائڻ وارو ڪو به نه هو. . مان دڪان جي ڀرسان ديوين وچ مان گذرندڙ رستي تي اڳتي وڌيس ته گهرن جون ڀتيون ننڍيون هجڻ ڪري عورتون ۽ ٻار نظر پئي آيا. ڪنهن ڌنار جا آواز به ڪنن تي پيا، پر وڻن ۽ ديوين جي گهاٽائي سبب ڪو به نظر نه آيو. روڊ طرف موٽ کاڌي ته ٽي ٻارڙا گهرن پاسي کان ڊوڙندا آيا. مون کانئن قبرستان ۽ استاد عبدالقادر جي مزار بابت پڇا ڪئي. هنن اشاري سان ٻڌايو ته نئين ڪوٽ جي قلعي طرف ويندڙ رستي تي ٿورو ئي اڳيان هڪ اڇي مسجد جي ڀر ۾ قبرستان آهي. جتي ئي اها مزار ٿي سگهي ٿي. گاڏي ۾ چڙهي ڪجھ اڳيان وڌياسين ته هڪ لوڪ قصن جي ڪردارن سان ملندڙ جلندڙ چاچو اڳتي وڌي آيو، ۽ پڇا تي رهنمائي لاءِ گاڏي ۾ ويهي رهيو. آڏو ئي هڪ ننڍڙي، ڳوٺاڻن جي دل ۽ دسترخوان وانگر کليل، ڪنهن به شهري چمڪ دمڪ کان پري جيئندڙ بيحد معصومڙي مسجد ڏسڻ ۾ آئي. قدير مسجد وٽان گاڏي هيٺ لاٿي ته سامهون ئي هڪ ميدان هيو، جنهن ۾ ڳوٺ جا ٻارڙا ڪرڪيٽ کيڏي رهيا هئا. قبرستان گرائونڊ جي سامهون ئي هو. وڻن جي جهڳٽن وچ ۾ هڪ مختصر قديمي قبرستان جو ڪاٺين جو ٺهيل مزيدار گيٽ هٽائي، چاچي اسان کي اشاري سان اولھ طرف هلڻ لاءِ چيو. جيئن ئي منهن اولھ طرف ڪياسين ته پهرين آجيان لهندڙ سج جي ٿڌي ۽ گيڙو رتي روشنيءَ ڪئي. دل تي استاد قادر جي ڪتاب جو عنوان تري آيو، 'ويندڙ وهي، لهندڙ سج. ، ' قبرستان جي ڀر مان هڪ ڪچو ڳوٺاڻو رستو گذريو پئي ۽ رستي جي ٻيءَ ڀر سرنهن جا سهڻا پيلا کيت ٻهڪي رهيا هيا، جن تي پوندڙ سج جا سونهري ڪرڻا هڪ عجيب طلسمي ماحول خلقي ڪري رهيا هئا. مزار جي پيرانديءَ کان ڪنڊيءَ جو هڪ قديمي وڻ تجريدي پينٽنگ جو ماحول ٺاهڻ ۾ رڌل هو. مون مزار کي ويجهي ٿيندي ئي موبائل ڪڍي ۽ مزار کان سج جو منظر محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اوچتو ڪنڊيءَ جي ڀر وارن ڄارين مان ڀڙڪو ٿيو ۽ هڪ مور اڏامي اچي ڪنڊيءَ جي وڻ تي ويٺو ۽ پنهنجا پر ڦڙڪائي، جهڙوڪ آيل عقيدتمندن کي ڀليڪار ڪرڻ لڳو. مون قدير کي اشاري سان مور ڏيکاريو ته هو به حيرت ۾ پئجي ويو. اسان زندگيء ۾ پهريون ڀيرو قبرستان ۾ ڪو مور ڏٺو هو. مٿان وري ان قبرستان ۾ استاد عبدالقادر آرامي هجي ۽ ان جي پيرانديءَ کان بيٺل ڪنڊيء جو وڻ مور پنکن سان سنگارجي بيهي، ته ان ڪيفيت کي ڪهڙو نالو ڏجي. سو هي گهڙون عجيب ۽ بشارت جهڙيون لڳيون. اسان استاد قادر کي سلام ڪيو ۽ سندس مزار جي مٽيء کي ڇهي، اکين تي رکيو. عبدالقادر جوڻيجو اسان جي نسل جو ادبي گرو هو. اسان لکڻ ئي شروع نه ڪيو هو ته ڪهاڻي کان خاڪن تائين ادبي دنيا ۾ هن جي نالي جي ڌاڪ هئي. پر هن جڏهن سنڌالاجي جي هڪ ڪنڊائتي ڪمري ۾ ويهي، مٺ تي سگريٽ رکي، 'راڻي جي ڪهاڻي'، 'ديوارين' ۽ 'ڇوٽي سي دنيا' جهڙا جڳ مشهور ڊراما لکيا، تڏهن رڳو سنڌ ۽ پاڪستان ۾ نه پر سموري ننڍي کنڊ ۾ هڪ ليکڪ طور هن جي شهرت ۽ سڃاڻپ خوشبو جي طوفان وانگر پکڙجي وئي. اها سنڌالاجي، جنهن جي عمارت ڪنهن بزرگ جي مقبري جو ڏيک ڏيندي آهي ۽ قلندر جي پانڌيئڙن جي ڪا ڪا بس رفتار جهڪي ڪري، دعائون گهرندي اڳتي وڌندي آهي، ان سنڌالاجي جي ڊائريڪٽر رهندڙ عبدالقادر جي مزار تي ڪو به مقبرو يا چبوترو ٺهيل نه آهي. هن جي ڪچي مٽيءَ جي مزار ۾ اهڙي ئي ڇڪ ۽ پنهنجائپ محسوس ٿئي ٿي، جهڙي هن جي ڪهاڻين جي ٻوليءَ ۽ ديومالائي شخصيت ۾ هئي. (حيرت ۽ ڏک جي ڳالھ اها به آهي ته جنهن سنڌالاجي جي سڃاڻپ ئي عبدالقادر جوڻيجي ۽ شوڪت حسين شوري جهڙا ليکڪ هيا، ان سنڌالاجي سندن سکڻا ڪارنر به نه ٺاهيا. ) جڏهن ۳۰ نومبر تي عبدالقادر جي موڪلائڻ جي خبر ٻڌي سندس گهر پهتا هياسين، (جتي ڪرونا جي خوف سبب ڪي چند ماڻهو ئي موجود هيا)، تڏهن اتي ڪنهن ٻڌايو هئو ته تدفين نئين ڪوٽ ويجهو، سندس مري ويل محبوب درياء (جنهن تي هن انگريزي ناول 'د ڊيڊ رور' لکيو هيو) جي ڪنڌيءَ تي قائم سندس اباڻي ڳوٺ جنهاڻ جوڻيجي ۾ ٿيندي. مون هن جي فرزند نصير کان پڇيو، ته ڄام شوري ۾ سڄي زندگي گذاريندڙ قادر جا هڏا اوهان جنهان ڪيڏانهن پيا کڻايو وڃو? تڏهن هن ٻڌايو هيو ته اها بابي جي وصيت ۽ خواهش هئي. تڏهن الائي به ڇو، مونکي اهو فيصلو نه آئڙيو هو - پر هاڻ جڏهن هن کي فطرت جي ٻاجھاري هنج ۾ ستل ڏٺو سين، سندس مزار مٿان مٿان مورن جون رنگين اڏارون نظر آيون، قبرستان جي پاسن کان سرنهن جا ڦلاريل کيت اکين سان ٽڪرايا، قبرستان جي آس پاس هن جي ڪهاڻين ۽ ڊرامن جي ڪردارن کي زندگيءَ جي حقيقي ڪردار طور ماڻيوسين، ڳوٺ جي ٻارڙن جا سادڙا ۽ سٻاجهڙا ٽهڪ ٻڌاسين، انهن ٻن ٻارڙن سان ملياسين، جيڪي اسان کي قبرستان ۾ ڏسي اندر هليا آيا ۽ چيائون ته هي اسان جو ڏاڏو آهي. . . . تڏهن مونکي لڳو، عبدالقادر جو فيصلو ڪنهن به ريت غلط نه هو. . . اهي سڀ ماڻهو، جن پنهنجون مزارون ادارن اندر ٺهرايون ۽ ادارن کي قبرستانن ۾ بدلايو، عبدالقادر انهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ باوقار طريقي سان، پنهنجي وڏڙن وچ ۾ باک ويلي ماڪ جي قطرن ۽ گوڌول جي گهڙين ۾ سج جي ڪرڻن سان سڌيء ريت ڪچهرين جا مزا ماڻي رهيو آهي. . . عبدالقادر واقعي به وڏو ليکڪ ئي نه، وڏو ماڻهو به هو. . . ۽ فطرت هن تي هاڻ به اهڙي ئي مهربان نظر آئي، جهڙي زندگيءَ ۾ هئي. (اسحاق سميجو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۸ جنوري ۲۰۲۲ع تي کنيل) عبدالقادر جوڻيجو ڀارومل امراڻي ٿريو آخر ٿريو هوندو آهي، پوِءِ ٿر جي ڀٽن تي ولر واريندڙ ڌنار هجي يا جڳ مشهور ليکڪ. هُو زمين آسمان سج چنڊ تارا، چارا، نديون، نالا سڀ ٿريو ٿي ڏسندو آهي، هن جي اندر ۾ صدين جي اڃ هوندي آهي. مينهن ۽ نينهن مان ڪڏهن هن جو ڍو نه ٿيندو آهي. عبدالقادر جوڻيجو ٿر جي طبعي ڀاڱي مهراڻي جي ڳوٺ جنهاڻ جوڻيجا ۾ جنم وٺندڙ ٿريو هو. هن ڏکن کان اتر تائين پوري سنڌ گهمي، ملڪ جي ٻين حصن ۾ به ويو، هن دنيا جي ملڪن ڏانهن به پنڌ ڪيو پر ھر هنڌ ھن کي ڪجھ ڏينهن کان پوءِ ‘هورو’ پوندو هو. هوري جي اڻ تڻ ۾ ‘هورو ’ جهڙي شاهڪار لکي. هن جي من جي مايا روپي ندي هاڪڙو هوندي هئي. هاڪڙي جي لهرن هن جي لفظن ۾ نئون جنم ورتو هو. چون ٿا ته هاڪڙي جي ڪنارن تي ۳۰۰ شهر آباد هوندا هئا. هن جي ڪهاڻين، ڪالمن، ڊرامن، ناول، خاڪن ۽ ترجمي جي لکڻين جو ڪل تعداد لڳ ڀڳ ٽي سو آهي. منهنجون ھن سان گهڻيون ملاقاتون ڪتابن ۽ ڪالمن ۾ ٿيون، هن جي ڊرامن جي ڊائلاگن ۾ ڪچهرين جو وڏو رس ورتو. پر ڪجھ ملاقاتون سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ۾ هن جي چئرمين شپ دوران روبرو ٿيون. هُو دل گهرئي ماڻهو کي پريان کان ايندو ڏسي مرڪندو هو. هن هڪ ڀيري سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري ۾ ڪچهري ڪندي ٻڌايو ته دنيا ۾ رقص جا چاليھ نمونا آهن ڇٽيھ نموني جو رقص ٿر جو ماڻهو ڄاڻي ٿو. هن ڳاله ڪري دنگ ڪئي ته مون چيو بروبر سائين ‘ڇٽيھ نموني جو رقص اوهان جي مرڪ ۾ موجود آهي. پوءِ هن وڏا ٽهڪ ڏيئي مهراڻي جي ڀٽن، ڪونڀٽن ۽ ڄارين جي جڳهٽن تي ڳالهايو هو. هن دنيا جو ادب پڙهيو هو. هن پنهنجي پسند جون لکڻيون ترجمو ڪري سنڌي ادب جي پڙهندڙ تائين پهچايون هيون، پر هن جي طبعزاد لکڻين ۾ مقاميت حاوي هوندي هئي. ڳالھ ڪٿان جي ڪئين هجي پرهن جي تشبيھ جو رنگ چاچي رمضان جي ڳالهين تي اچي دنگ ڪندو هو. هُو تحقيق ۾ پيرا رامجي ڪولهي وانگر کڻندو هو. هن وٽ ٻيا به ڪيترائي ڪردار هئا. جن مان هن اتساھ وٺي پنهنجي لکڻي کي هن ڇٽيھ لکڻي بڻائي هئي . هن جو والد صاحب پولس جو صوبيدار هو. هن پوليس ۾ نوڪري ورتي. پر والد جي چوڻ تي ڇڏي ڏني. پوءِ ماستر ٿيو. هن جي ڪهاڻي پڙهي شيخ اياز سنڌالاجي ۾ نوڪري ڪرڻ جي لاءِ گهرايو. هُو شيخ اياز جي نياپي تي جنهاڻ مان سوا پرھ سج مٿي اچڻ تي نڪتو هو. هن جو جسم خاڪي مهراڻي جي مٽي ۾ ابدي آرام ڪرڻ جي لاءِ سوا پرھ سج مٿي اچڻ تي پهتو. هن کي اهي ڳوٺاڻا ماڻهو وڻندا هئا، جيڪي پٽ پاٿاري تي ڪانڀ ٻڌي ويهندا آهن. هن جي آخري سفر ۾ اڪثريت انهن ماڻهن جي هئي. (ڀارومل امراڻي جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۳۱ مارچ ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل) عبدالقادر جونیجو جادوگر لکھاری - ادب کا غیر معمولی نام - ٣٠۔۔مارچ تیسري برسی کی مناسبت سےخاص تحریر۔۔ جہانگیر عباسی سر زمین سندھ کی ریت والے سرحدی و صحراٸی پسماندہ علاٸقے تھر کے ایک چھوٹےسے گاٶں ``جنہان``اس وقت کا تحصیل اور اب ضلعہ مٹھی میں پہلی نومبر سن ١٩٤٥ کو مرید حسین جونیجو کے گھر میں نومولو بچے کے بابت یہ کسی کو بھی علم نہ تھا ک أنے والے وقت میں وہ ہی بچہ علم و ادب کے جہان کا ایک بھت بڑا لکھاری بن کر دنیا میں اپنے نام کا ڈنکا بجانے والا ھے جس کا نام عبدالقادر رکھا گیا جس نے پراٸمری تک اپنے گاٶں کے اسکول سے تعلیم پراٸی ۔میٹرک نواب شاہ ضلعہ کے مختلف اسکولوں سے کی کیوں کہ والدہ پولس کھاتے میں افسر تھے جس وجہ سے ان کے اکثر تبادلے ھوتے رھتے تھے ۔ قادر نے انٹر میڈیٹ ھائی اسکول ڈپلو سے کرکے سن ١٩٦٨ میں بی۔۔اے۔سن ١٩٦٩ میں بی ایڈ(تعلیمی موضع )اور أٹھ سال بعد ایم۔اے سوشالاجی مضمون میں یونی ورسٹی أف سندھ سے کیں عبدالقار جونیجو نے عملی زندگی کی جدوجہد والی شروعات والد کے زور بھرنے پہ بطور پرائمري اسکول استاد سن ١٩٦٢ سے کی پھر ترقی پاکر سیکنڈری اسکول استاد مقرر ھوۓ اور ١٤ سالوں تک پژھاتے رھے ۔اسی عرصے میں لکھنے کی طرف أے عظیم دانشور محمد ابراھیم جویو ۔نواب حيدر علی اور شوکت حسین شورو سے خط وکتاب رھی پھر روبروں ملاقاتیں ھوئیں جن کی توسط سے جب عظیم شاعر اور دانشور شیخ أیاز سے ملاقات ھوئی آپ کی صلاحیتوں سے شیخ صاحب بہت متاثر ھوۓ اور ٧۔جون ١٩٧٦ کو انسٹی ٹیوٹ أف سندھالاجی میں پبلیکیشن افسر مقرر کردیا جہاں مختلف ذمہ داریوں کو نبھاتے ترقی کرتے پہلے ایڈیشنل ڈاٸریکٹر پھر ١٩٨٠ سے ١٩٩٣ تک تیرہ سال ڈائریکٹر کے عہدے پٕے فاٸز رھے ٥۔ ستمبر ا٩٨٨ سے ١٠ مئی ٢٠٠٨ تک چئیرمین سندھی لینگویج اتھارٹی کے عہدے پہ بھی رھے اورتاریخی خدمات سر انجام دیں ۔ عبدالقادر جونیجو بحیثیت افسانہ نگار۔۔۔۔۔۔۔۔۔ عبدالقادر جونيجو نےادب میں لکھنے کی شروعات ساٹھ کی دھاٸی میں فن افسانہ نگاری سے کی اور یہ ھی ان کی پہچان کا ادب میں بنیادی حوالہ بھے رھتا أیا ھے ۔پہلا افسانہ `مٹھ مٹھ سور سبھ کنھ ` عنوان سے لکھا جو حمید سندھی کے معروف ادبی جریدے `روح رھان۔١٩٦٣ کے اک شمارے میں شایع ھوا أپ نے اپنے ھمصر افسانہ نگاروں عبدالحق عالمانی۔ علی بابا۔شوکت حسین شورو ۔امرجلیل۔شمشیرالحیدری اور دیگر کٸی کی موجودگی منفرد اچھوتے موضوعات کی بدولت منفرد پہچان بناٸی خاص کر تھر کی دیہی زندگی کے مسائل ور درپیش مشکلاتوں کو افسانوں میں اجاگر کیا اور رات جی وھک میں `۔ٹڑیل تارا `۔۔`روکیل لڑک `۔ `موٹندڙ ڇوليون ``۔سونو روپو سج`۔۔اونداھيون سايون `۔اور کارونجھر جی کور `۔جیسےلازوال افسانے تخليق کیۓ ۔أپ کے افسانوی مجمعے``واٹوں راتیوں رول ``سن ١٩٧٣۔ ``ویندڙ وھی لھندڑ سج ``سن ١٩٨١ اور سونو روپو سج ``١٩٨٣ شامل ھیں۔ عبدالقادر جونيجو بحثيت ريڈیو۔ٹی وی ڈرما نگار۔ ۔۔ افسانوں بعد آپ نے پہلے ریڈیو پہ ڈرامے لکھے پہلا سندھی ڈراما حیدرأباد ریڈیو اسٹیشن سسےسن ١٩٧٦ میں نشر ھوا جس بعد أپ نے مسلسل ریڈیو کے لیے تیرہ ڈرمے لکھےاور پھر پاکستان ٹیلی ویژن جانب أۓ کراچی سینٹر سے ناٹک رنگ سلسلے میں پہلا سندھی ڈرمہ ``تلاش ``کے عنوان سے لکھا اور نشر ھوا جس بعد ١٦ سے زٸد سولو پلی اور ایک شھکارسندھی سیریل ``رانی جی کہانی ``کے نام سے شر ھوا۔سندھی بعد اردو میں بھی پہلے دس سے زٸد سولو پلیز کراچی سینٹر سے نشر ھوۓ اور پھر پہلی سیریل ``دیواریں``لکھی جو سندھی سیرہل``رانی جی کہانی ` کو اردو میں نۓ سرے سے لکھا یہ وہ سیریل تھی جب نشر ھوتی تو سڑکیں سنسان ھوجاتی اسی سیرہل نے قادر جونیجو کو ملک گیر سے عالمی سطح کی شہرت عطا کی جس بعد انہوں نے مڑ کر پیچھے نہ دیکھا اور پھر ``کاراوں ``۔چھوٹی سی دنیا``۔ ``سیڑھیاں ``۔۔دکھ سکھ ``۔ ``پراندہ ``۔ ``گھر گلیاں راستے ``۔دھول``جیسے سیریل تخلیق کئیں کراچی کے علاوہ کچھ سیریلز لاھور سینٹر سے بھے نشر ھوٸیں عبدالقادر جونیجو کی ٹی وی سیریل ``دیواریں `` بی بی سی چینل سے انگریزی میں ڈب کر کے نشر کی گٸی ۔سیریل ``سیڑھیاں امریکہ اور کٸینڈا سمیت دیگر کٸی ملکوں سے نشر کی گئی ۔سیریل ``پراندہ ``یو۔اے۔ ای ۔امارات ملکوں اور کیینڈا سے ڈب کر کے نشر کی گٸیں ۔سیریل ``چھوٹی سی دنیا `` پہ جرمن انتھراپالاجسٹ ڈاکٹر ھیلن باسو نے ریسرچ کر کے تھیسز تیار کی جسے بعد میں انگریزی میں شایع بھی کیا گیا ۔عندالقادر نے اپنے ڈراموں میں سندھی سماج کی تصویر کشی کو حقیقی صورت میں پیش کرکے داد سمیٹی جس کا تسلسل نورالھدی شاہ نے بعد کے اپنے ڈراے ``جنگل `` اور دیگر پیش کیا بلکل ایسے جیسے پنجاب کی نماٸندکی امجد اسلام امجد سے اصغر ندیم سید نے پیش کی ھے قادر صاحب نے کارواں سیریل میں روحی بانو کے لیے ``سکھاں `` جیسا کردار تخلیق کر کے روحی بانو کو ھمیشہ کے لیے امر کردیا تھا ۔۔عبدالقادر کو بہترین ڈرام نگار کے لیے ١٩٨٣ میں ``دیواریں ``اور ١٩٨٥ میں ``کارواں`` کے لیے دوبار بہترین پی ٹی وی ڈارمہ لکھاری کا ایوارڈ۔علاوہ شعبہ ڈراما کے لیے سن ١٩٨٩ کو پہلا اور سن ٢٠٠٨ کو دوسری بار صدراتی ایوارڈ تمغہ حسن کارکردگی ``سے بھی نوازا گیا جبکہ ریڈیو پاکستان کی گولڈن جوبلی کے موقعے پہ ``قومی گولڈن جوبلی ایوارڈ ``بھی دیا گیاھے۔۔ٹی وی ڈراما لکھاری کے طور پہ عبدالقادر دوبار چین کا ثقافتی دورہ سن ١٩٨٦ میں اور مطالعاتی دورہ سن ١٩٩٣ (١١۔ماہ کے لیے ) کر چکے ھیں ۔ عبدلقادر جونیجو بحیثیت نثر نگار۔کالم نگار اور مترجم۔۔ قادر صاحب ایک قادرالکلام مشاھے ۔مطالعے والے غیر معمولی ذھانت کے مالک عبدالقادر سندھی کے ساتھ اردوانگریزی زبانوں میں بھی ادب کی ھرصنف میں لکھا ۔ ھے خاکے تحریر کیے ھیں ۔ اخباری کالمز مضامین اورعالمی ادب سے انٹرویوز ترجمے کیۓ۔کرمنالاجی۔سوشولاجی۔اینتھرو پالاجی۔نفسیات۔تعلیم۔سیاست ادب۔ثقافت اور لسانیات أپ کے پسندیدہ موضوعات رھے ھیں۔۔أپ دنیا کے اٹھارہ ملکوں کی أرکیالاجی۔اوشنیو لوجی ۔صحافت۔ثقافتی اور فنون لطیفہ والی تنظیموں کے رکن اعزازی ۔نیشنل فوک ھیریٹیج أف۔پاکستان سوساٸٹی أف أرکیولاجی اینڈ میوزمس اور نیشنل انسٹی ٹیوٹ آف اوشنو گرافی کے ساتھ سندھی لنگویج اتھارٹی سندھی ادبی بورڈ جامشورو سندھ مہران آرٹ کاٶنسل آ ف سندھ کے علاوہ بے شمار سرکاری ونجی تنظیموں کے بنیادی اور اعزازی رکن بھی رھے ھیں۔ عبدالقادر جونیجو کی کئی تصنیفات ہیں اور افسانوی مجموعوں کے علاوہ دیگر ادبی کتب یہ ھیں ۔ (۱)شکلیں ۔۔خاکے)١٩٧٩۔(سندھی۔ شڪليون) (۲)نثر:بڑے ادیب بڑی باتیں ١٩٨٦) (سندھی۔وڏا اديب وڏيون ڳالھيون۔ (۳) ترجمه:``ایوریسٹ پہ چڑھاٸی۔کوه پيمانی۔ ۔١٩٨٧ ) سندھی ايوريسٽ تي چڙھائي (۴) نثر: کرسی (اینتھروپالاجی مضامین۔۔١٩٩٨) (ڪرسي ) (۵)نثر: ترجمہ ``کیا کیوں اور کیسے؟``۔(عالمی انٹرویوز۔ ۽١٩٩٩) (۶)خطوط:دو ادیبوں کے خطوط(محمد ابراھیم جویو۔عبدالقادر جونیجو ۔ ١٩٩٩۔)سندھی۔خط ٻن اديبن جا ) (۷)نثر ترجمہ ``در در کے مسافر``( تبصرے۔تعارفی خاکے ۔عالمی کتب پہ مضامین ۔٢٠٠١)سندھي ۔در در جا مسافر) (۸)نثر۔درخت درخت کی لکڑی``(ادبی۔سماجی مضامین ۔٢٠٠٢)(سندھی۔ وڻ وڻ جي ڪاٺي ) (۹)نثر: ``کیا لکھوں ` ( تاریخی سماجی مضامین ۔٢٠٠٧ (۔سندھی ۔ ڇا لکان ۔) (۱۰)نثر:` ایسے بھلا کیسے ہوگا``عالمی ادب پہ تحریریں ٢٠١٠(سندھی ائين ڀلا ڪئين ھوندو ) عبدالقادر جونيجو ایک عہد ساز شخصیت تھے جن کی پہچان کے کٸی حوالے ہیں جیسے افسانہ نگار۔ ریڈیو ۔ٹی وی ڈرامہ نگار۔ کالم نگار مترجم۔ مقرر۔ صحافی ۔اینتھروپالابسٹ ۔تعلیمدان اور سماج سدھارکوہ اپنے ہر شعبے میں نمایا رہے ۔عالمی ادب کے شیدائی رہے ۔فن و ثقافت کے دلداہ رہے ایک لازوال شخصیت کے مالک تھے جس نے اپنی بھرپور زندگی گزاری اور بے پناہ خدمات سر انجام دیں ۔زندگی کی پچھتر بہاریں کزاریں اور ٣٠ ۔مارچ ٢٠٢٠ می اپنےپیدا کرنے والے مالک حقیقی سے جاملے۔آج ٣٠۔ مارچ ھے اور مرحوم عبدالقادر جونيجو کی تیسری برسی ھے اللہ تعالی ان کی مغفرت فرماۓ۔أمین سچ تو یہ ہےکہ عبدالقادر جونیجو جیسے لوگ مر کر بھی نہیں مرتے ۔ہمیشہ کےلیےامر رھتے ھیں ۔شاعر سرشار صدیقی کا یہ شعر عبدالقادر جونیجو جیسے لوگوں کے لیے ھی کہا ہے کہ ھم روح سفر ہیں ہمیں ناموں سے نہ پہچان کل اور کسی نام سے أجاٸیں گیں ھم عبدالقادر جوڻيجي جي ياد ۾ رياض ڪلهوڙو جيئن هڪڙي ڏيئي مان هزارين ڏيئا روشن ڪري سگھجن ٿا، تيئن هڪڙي دانشور، اديب، ڪهاڻيڪار، ڊراما نويس، افسانا نگار جي هڪڙي تخليق مان ڪيترائي فرد بينائي وٺي سگھن ٿا. بينائي مان مراد اکين جي ديد نه پر، سجاڳيءَ جي ديد، شعور جي نظر، بيداريءَ جي نگاهه..! هتي جنهن ديپ، جنهن موم بتيءَ، جنهن شمع جي سنڀال ڪجي ٿي، اهو امر ڪردار، خميس ۱ نومبر ۱۹۴۵ع تي مريد حسين جي گھر ۾ جنم وٺندڙ عبدالقادر جوڻيجو آهي. جوڻيجو صاحب نهايت سنجيده مزاج شخص هو. سندس والد پوليس آفيسر هو. شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ جنهاڻ، مٺي، ضلعي ٿرپارڪر ۾ حاصل ڪئي. ۱۹۶۲ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري، پرائمري استاد جي حيثيت سان ملازمت اختيار ڪيائين. بعد ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان سوشالاجي ۾ ايم اي ۽ بي ايڊ جو امتحان پاس ڪيائين. ۱۹۷۲ع ۾ سيڪنڊري اسڪول ٽيچر بڻيو. سندس علمي ۽ ادبي قد ڪاٺ ايترو هو، جو پاڻ، ۱۹۷۶ع ۾ پبليڪيشن آفيسر ۽ پوءِ ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۽ ۱۵ سيپٽمبر ۲۰۰۵ع کان ۱۰ مئي ۲۰۰۸ع تائين، چيئرمين سنڌي لينگئيج اٿارٽي طور خدمتون سرانجام ڏئي چڪا آهن. عبدالقادر جوڻيجو سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ ٻوليءَ ۾ جيڪو قلمي پورهيو ڪيو آهي، تنهن کي صدين تائين وساري نه ٿو سگھجي. عبدالقادر جوڻيجي پهرين اردو ادب پڙهڻ سان شروعات ڪئي، پوءِ سنڌي ادب پڙهڻ لڳو. هن پهرين ڪهاڻي ۱۹۶۴ع ۾ ”مٺ مٺ سورن“ لکي، جيڪا حميد سنڌي ”روح رهاڻ“ رسالي ۾ شايع ڪئي. عبدالقادر جوڻيجو جي سڃاڻ هڪ ڪالم نگار کان وڌيڪ هڪ ڊرامه نگار جي حيثيت سان آهي، سندس ڊرامه ريڊيو سان گڏ ٽي وي تي به ايترو مشهور ٿيا آهن، جو ماڻهو اڄ تائين سندس ڪردارن کي وساري ناهن سگهيا. جوڻيجي صاحب جا ڊراما نه صرف پاڪستان، پر ٻاهرين ملڪن پڻ ٽيليڪاسٽ ٿيا. ڊارما سيريل ”ڇوٽي سي دنيا“ تي مشهور جرمن اينٿروپولاجسٽ ”ڊاڪٽر هيلني باسو“ جرمن ٻوليءَ ۾ برلن جي فري يونيورسٽيءَ ۾ ٿيسسز لکي. ڊراما سيريل ”ديوارين“ بي بي سي جي چينل ۴ تي انگريزي سب ٽائٽل سان گڏ نشر ڪيو ويو. ڊراما سيريل ”سيڙهيان“ آمريڪا ۽ ڪئناڊا سميت ۱۳ ملڪن ۾ ٽيليڪاسٽ ٿيو. ڊراما سيريل ”پرانده“ پاڪستان سان گڏ ڪئناڊا ۾ پڻ ٽيليڪسٽ ٿيو. عبدالقادر جوڻيجي جون ڪجهه ڪهاڻيون اردو، هندي، گجراتي، پنجابي ۽ چيني زبانن ۾ پڻ ترجمو ٿي چڪيون آهن. عبدالقادر جوڻيجي جو ڪهاڻين تي رايو ڏيندي ”ويندڙ وهي لهندڙ سج“ جي مهاڳ ۾ حميد سنڌي لکي ٿو: ”قادر جي هر ڪهاڻي سنڌ آهي، هر ڪردار سنڌ جي صدين جي سودائن ۾ ڦاٿل اهو پراڻو ماڻهو آهي، جيڪو دراوڙي دور کان آرين جي دور تائين ۽ آرين جي دور کان واپس دراوڙي دور ڏانهن موٽندڙ ماڻهو آهي. هاڻ اهو ئي سندس بُت اگهاڙو آهي. اهي ئي پٿر ۽ ٽامي جي دور جا هٿيار اٿس. اهي ئي پڪا ۽ پيرون، جهپون هڻي لاهي ٿو. اهو ڀٽون، مڙها، ڪنڀٽ، ڳاڱيون، تڙ ۽ چونئرا سندس مقدر آهن. سندس دائمي قدر ڪٿي به ته نه ٿيا آهن، جڏهن به سندس قدرن تي حملو ٿيو آهي ته سندس ڪردار واچوڙي وانگر وريا آهن. ڪٿي منفي انداز ۾ ته ڪٿي مثبتي انداز“. عبدالقادر جوڻيجو صاحب جيڪي ڪتاب لکيا آهن انهن ۾: واٽون راتيون ۽ رول (شارٽ اسٽوريز)، شڪليون (سنڌي ليکڪن جا خاڪا)، ويندڙ وهي لهندڙ سج (شارٽ اسٽوريز)، وڏا اديب وڏيون ڳالهيون (ترجمو)، سونو روپو سج (شارٽ اسٽوريز)، ايوريسٽ تي چڙهائي (ترجمو)، ڪرسي (ڪالم)، ڇو ڇا ۽ ڪيئن (ترجمو)، خط ٻن اديبن جا (خط)، درد جا مسافر، ثقافتي اخلاقيات، وڻ وڻ جي ڪاٺي (ترجمو)، ڇا لکان (ڪالم)، ائين ڀلا ڪيئن ٿيندو، ڏک سک (ڪهاڻيون), درد ونديءَ جو ديس ۽ ڪتابن جي دنيا (ادبي تنقيد) شامل آهن. عبدالقادر جوڻيجو سنڌ جي انهن ليکڪن مان هو جنهن جا ڪالم سڀ کان وڌيڪ پڙهيا ويندا ھيا. جيئن باغ ۾ مختلف رنگن جا گل ۽ وڻ چمن جي حسن جي زيبائش ڪن ٿا، تيئن مختلف ڪهاڻيڪار، ڊراما نويس، افسانا نگار ۽ شاعر، ادبي چمن جي زيبائش ٿيندا آهن. عبدالقادر جوڻيجو، ادبي چمن جو اهو وڻندڙ گل آهي، جنهن جي خوشبو، سونهن ۽ رنگيني، هر دل تي اثر ڇڏي ٿي. حشمت ڀريو ۽ سنجيده مزاج عبدالقادر جوڻيجو، لکڻين ۾ اهڙي ته تجسس رکندو آهي، جو جيستائين سندس پورو مقالو، مضمون ۽ ڪالم نه پڙهجي، تيستائين من ۾ مزو نه رهندو، سندس تحريرن ۾ جيڪو نشو آهي، سو ڪنهن حسين و جميل شهزاديءَ جي اکين جي آب کان گھٽ نه ٿو چئي سگھجي. عبدالقادر جوڻيجو نه صرف ڪلام نگار، ڊرامانگار، ڪهاڻيڪار هو، پر ترجمن جي دنيا ۾ پڻ سندس نالو هماليه جيان اوچو ۽ آسمان سان لندي نظر ايندو آهي. شوبز جي حوالي سان عالمي سطح جو هن پرجوش ليکڪ جي سنڌي ڊرامن ۾ ”راڻي جي ڪهاڻي“، ”ويندڙ وهي“، ”مون ۾ آهين تون“، ”خان صاحب“، ”ڳولا“، ”هن وستيءَ ۾“، ”جانچ“، ”گردش“، ”اصل معاملو“، ”واٽن واٽن جهڙيون“ ۽ ”ڀنگ ڄار“ شامل آهن. جوڻيجي صاحب اردو ٻوليءَ ۾ پڻ ڪيترائي ڊراما لکيا، جن ۾ ”ديوارين“، ”سيڙهيان“، ”ڪاروان“، ”دک سک“، ”بدلتي موسم“، ”گھرگليان“، ”رشتي“، ”پرانده“، ”چهوٽي سي دنيا“ ۽ ”زرا نم هو يه مٽي“ شامل آهن. عبدالقادر جوڻيجي کي ڪيترائي ايوارڊ پڻ ملي چڪا آهن. جهڙوڪ پي ٽي وي ايوارڊ (۱۹۸۴ع)، نگار ايوارڊ (۱۹۸۴ع)، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ايوارڊ (۱۹۸۵ع)، پي ٽي وي سلور جوبلي ايوارڊ (۱۹۸۹ع)، صدارتي تمغه حسن ڪارڪردگي (۱۹۸۹ع)، حسن ڪارڪردگي صدارتي ايوارڊ (۱۹۸۹ع)، ڏهاڪي جو بهترين ايوارڊ (۱۹۸۸ع کان ۱۹۹۸ع تائين) ۽ ريڊيو پاڪستان گولڊن جوبلي اوارڊ (۱۹۹۹)، ٻيو صدارتي ايوارڊ (۲۰۰۶)، حسن ڪارڪردگي صدارتي ايوارڊ (۲۰۰۷)، سنڌي لئنگيج ايوارڊ ۲۰۰۴ع ۽ ٻيا شامل آهن. سنڌي ادب ۾ هماليه جي حيثيت رکندڙ عبدالقادر جوڻيجو سومر ڏينهن ۳۰ مارچ ۲۰۲۰ع تي هن فاني جهان ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس وصال، ادبي دنيا جي مهڪندڙ گلن کي مرجھائي ڇڏيو. (ڏھاڙي عوامي آواز ڪاچيءَ ۾ ۲۹ مئي ۲۰۲۳ع تي ڇپيل) عبدالقادر جوڻيجو سندس علمي ۽ ادبي ڪچهريون ڪليم ٻٽ ”الله رکيو ٻٽ رڳو لائبرري سائنس شعبي جو چيئرمين نه آهي، ڇو ته ”چيئرمين“ لفظ سان ڳنڍاپيل رعب داٻ، ڌوم ڌڙڪو، بزرگي ۽ ڳاڙهي اک وٽس ڪونهي. هو هڪ عام قسم جو هلڪو ڦلڪو نارمل ۽ ٺيڪ ٺيڪ ماڻهو آهي. جيڪو ڏينهن جي پهرين پهر ۾ ٻه ٽي ڪتاب ڪڇ ۾ وجهي لائبرري جي وچ ۾ گهلبو لتڙ لتڙ ڪندو نظر ايندو آهي. شام جو ڪتابن جي تعداد جيترا ئي پنهنجا ٻار ڪلهن تي، ڪن کي هٿ ۾ چيچ ڏئي، ڪالوني ۾ ٽلندو نظر ايندو آهي.“ هي مٿيان جملا سائين عبدالقادر جوڻيجي ۸۰ جي ڏهاڪي ۾ ڊاڪٽر ٻُٽ جي ڪتاب ”سنڌي رسالن جي تاريخ“ جي مهاڳ ۾ لکيا آهن. هتي هنن جملن کي ورجائڻ جو مقصد پنهنجي يا پنهنجي والد محترم جي تعريف ڪرڻ بدران رڳو ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪرڻ آهي ته سائين قادر صاحب سان اسان جو واسطو لڳ ڀڳ چاليهه سال پراڻو آهي. قادر صاحب ڊاڪٽر ٻُٽ جي ڪلهن ۽ سندن چيچ جلهيل جن ٻارن ڏانهن هنن سٽن ۾ اشارو ڪيو آهي انهن مان هڪ مان به آهيان. ٿي سگهي ٿو ته ان وقت مان ڪنهن ملائڪ جيان ڊاڪٽر ٻُٽ جي ساڄي يا کاٻي ڪلهي تي ويٺل هجان ۽ ان وقت دنيا جي هر ڳالهه کان لاپرواهه ٿي رڳو ان مٺي چوسڻيءَ بابت سوچيندو هجان جيڪا ڊاڪٽر ٻُٽ اڪثر شام جو مونکي سنڌ يونيورسٽي ڪالونيءَ جي مارڪيٽ مان وٺي ڏيندو هو. ايئن ته مان هتي سائين قادر صاحب جي ناول ”دي ڊيڊ ريور“ تي ڳالهائڻ وارو هئس. پر ويٺي ويٺي سائين سان ڪيل انيڪ ملاقاتن مان ڪجهه ملاقاتن جا پڙاڏا ذهن جي واديءَ ۾ واڄٽ ڪري رهيا آهن. هڪ ملاقات ۾ قادر صاحب سان سنڌي ناول جي حوالي سان ڳالهائي رهيو هئس، قادر صاحب ٻڌايو افسانوي ادب مطلب اسٽوري ٽيلنگ جو آرٽ ۽ اهو آرٽ هي آهي ته ڪهاڻي بيان ڪندي ڪهڙو جملو ڪٿي ۽ ڪيئن استعمال ڪرڻو آهي. اسٽوري ٽيلنگ جي حوالي سان وري منهنجو خيال اهو آهي ته هڪ سٺو اسٽوري ٽيلر کي لوڪ قصن سان مزاح واري حس جنهن کي انگريزي ۾”Wit” چئجي ٿو جو هجڻ ضروري آهي ۽ قادر صاحب انهن ٻنهي ڳالهين ۾ ڪمال جي مهارت رکندو هو. يا وري هڪ ٻي ملاقات ۾ قادر صاحب آمريڪا جي هڪ ليکڪ جي ڪتاب ”دي پاور آف اسٽريٽ پاليٽڪس“ جي ڳالهه ڪندي ٻڌايو ته هنن اهو ڪتاب سنڌ جي هڪ وڏي انقلابي اڳواڻ کي پڙهڻ لا ڏنو جنهن بنا ڪتاب پڙهي ئي اها راءِ ڏني ته جيئن ته اهو ڪتاب هڪ سامراجي جو لکيل آهي ان ڪري پنهنجي ڪم جو ناهي. اهڙي ريت هڪ ٻي ملاقات جو پڙاڏو به ذهن ۾ ٿي رهيو آهي، هن ڪچهري ۾ قادر صاحب سان انگريزي ٻوليءَ جي مشهور ناول نگار لي چائيلڊ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. اتفاق اهڙو جو اهو ليکڪ منهنجو به پڙهيل هو. هي صاحب لي چائيلڊ انگريزي ٻوليءَ ۾ ٿرلر ۽ سسپينس ناول لکڻ جي حوالي سان مشهور آهي ۽ برطانيا ۾ شيرلاڪ هومز کان پوءِ لي چائيلڊ جي ڪردار جيڪ ريچر کي ڏاڍي مڃتا ملي ۽ ڪجهه وقت اڳ تائين هو بُڪر پرائيز جي ججن مان هڪ هو. اسان يعنى قادر صاحب ۽ مون هن جي هڪ ناول جي سنائپر واري چٽيل سين تي لڳ ڀڳ ويهه منٽن تائين ڳالهايو هو. اهڙي ريت انهيءَ ڪچهري ۾ انگريزي جي هڪ ٻئي ناول نگار حنيف قريشي جي ناول ”بليڪ البم“ تي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. وري به اتفاق اهڙو جو اهو ناول به منهنجو پڙهيل هو، بليڪ البم ۾ هڪ سين آهي جنهن ۾ مک ڪرادر لنڊن ۾ ڪيل مسلمان جي هڪ احتجاج ۾ ڦاسي پئي ٿو. اهو احتجاج اسلام دشمني ۾ لکيل هڪ ڪتاب خلاف ٿي رهيو آهي، جڏهن ته ان ڪتاب جو مک ڪردار ان اسلام دشمن ليکڪ جو ويجهو دوست هوندو آهي ۽ ان ڳالهه تي منجهي پوندو آهي ته اتان ڪهڙي نموني جان بچائي نڪري. جيڪڏهن ذهن تي زور ڏيان ٿو ته ياد اچيم ٿو ته اهڙي ئي هڪ ٻي ڪچهري ۾ مان سنڌي ٻوليءَ جي بيحد خوبصورت ناول نگار سائين اڪبر سومرو صاحب سان گڏ قادر صاحب وٽ ويٺل هئس. هڪ ڀيرو ٻيهر ڪچهريءَ جو موضوع ناول هئا، جيتري تائين مونکي ياد ٿو پئي ته اڪبر صاحب چيو هو (۽ اهي هن ڳالهه جي تصديق به ڪري سگهن ٿا): ”مون کي لڳندو آهي ته ليکڪ پنهنجي سموري زندگيءَ ۾ رڳو هڪڙو ئي ناول لکي سگهندو آهي، جيئن مارڪيز جي سو سالن جي اڪيلائي کي ئي مڪمل ناول سڏي سگهجي ٿو.“ ان تي قادر صاحب اختلافي راءِ ڏيندي روس جي مشهور ناول نگار دوستوسڪي جو حوالو ڏيندي چيو هو هن جو لکيل هر ناول مڪمل ناول آهي. مان مٿي ڄاڻائي آيو آهيان ته مونکي قادر صاحب جي ناول ”دي ڊيڊ ريور“ تي ڳالهائڻو هو، اهو ناول مون ٻه سال کن اڳ پڙهيو هو. هي ناول هاڪڙي جي پسمنظر ۾ لکيل آهي ۽ ناول پڙهندي احساس ٿئي ٿو ته ڪٿي نه ڪٿي اهو قادر صاحب جي پنهنجي زندگيءَ جي به عڪاسي ڪري ٿو. هي ناول سن ۲۰۱۴ع ۾ لاهور جي يونيورسٽي آف مينجمنٽ اينڊ ٽيڪنالاجي ڇپرايو، هي لڳ ڀڳ ۲۹۰ صفحن جو ناول آهي. ناول ۾ انيڪ لوڪ داستانن سان گڏ ٿر جي زندگيءَ کي خوبصورت نموني چٽيو ويو آهي، ڪٿي اٺن جي قسم جي ڳالهه پڙهڻ لا ملي ٿي ته ڪٿي وري هڻ کڻ ۽ لنڊي بلا جا قصا پڙهڻ لا ملن ٿا. ناول ۾ هڪ هنڌ ڄاڻيو ويو آهي ته: ”هاڪڙي جي حوالي سان مونکي منهنجي امان قصا ٻڌائيندي هئي، اهي قصا منهنجي لاءِ ڪنهن به لکيل تاريخ کان وڌيڪ اهم ۽ سچا آهن.“ ۽ پوءِ اتان وري هڪ جوڳي جو قصو شروع ٿئي ٿو جيڪو جبلن مان لهي اچي ٿو. اسٽوري ٽيلنگ جي حوالي سان ڳالهه ڪجي ته هي هڪ لاجواب ناول آهي. مونکي هن ناول تي تفصيل سان لکڻو هو، پر ڳالهين جو رخ ڪنهن ٻئي پاسي هليو ويو. هن ناول جي حوالي سان آخري ڳالهه اها ڪبي ته قادر صاحب ٻڌايو هو هي ناول سندن ٽرائلاجيءَ جو پهريون حصو آهي، ان جو ٻيو حصو ”رسٽڪ“ جي نالي سان مڪمل آهي.“ جيڪو شايد اسڪاٽلينڊ جي ڪنهن اداري کي ڇپائي لاءِ موڪليو ويو، پر اڃا تائين رسٽڪ ناول منهنجي نظرن مان نه گذريو آهي. سچ اهو آهي ته قادر صاحب ادب جو هاڪڙو درياهه هو جيڪو ڪجهه سال اڳ سُڪي ويو. (ڏھاڙي سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد ۾ ۱۰ اپريل ۲۰۲۳ع تي ڇپيل) عبدالقادر جوڻيجو جي ياد آدرش " جي ارشاد ! ير ! اھا اوريانا فلاسي آهي نه. وڏي بلا ٿي ير ! اصل اھڙي ليکڪا ٿي، جو وڃي ٿيا ست خير !" سگريٽ دکائي، ٺوشي تي ڪش ھڻي، عبدالقادر جوڻيجو صاحب ڳالھائيندو ته ڳالهين جا ڄڻ سٺي دڪان دار وانگر ريشمي ۽ زربفت جي ڪپڙن جا تاڪيا کوليندو ويندو. _ عبدالقادر جوڻيجو صاحب ھڪ منفرد شخصيت جو مالڪ ھجڻ سان گڏ زبردست ليکڪ ! ڇا ڪھاڻيون ! ڇا ريڊيو ۽ ٽيلي ناٽڪ ! وري ڪمال جا ڪالم ! ترجما پڙه ته ائين لڳندو ڄڻ ليکڪن سنڌيء ۾ پاڻ ترجمو ڪيا آهن ! اھي به انگريزيء مان. اسان وارا دلبر ترجمو ڪندا اردوء مان، سو به اھڙو جو ليکڪ پڙهي ته خودڪشي ڪري وري لٻاڙ ھڻندا انگريزيء مان ترجمو ڪيا آهن ! _ نوي جو ڏھاڪو ! خطن پٽن جو سونو دور. جوڻيجي صاحب سان خطن جو سلسلو شروع ٿيو. پوء ڇا لکان ! ڳالهين جو درياء وھڻ لڳو. _ مزيدار ڳاله ! ان وقت جوڻيجي صاحب جو گھاٽو سنگتي ۽ سٺو ڪھاڻيڪار شوڪت حسين شورو صاحب سنڌ يونيورسٽيء ۾ اسٽوڊنٽس ويلفيئر آفيسر ھجي. ما کي بي. اي. جي سرٽيفڪيٽ ضرورت ھجي. خط لکيومانس. ورندي به ڪونه. جوڻيجي صاحب ڏي لکيم. ان وقت سنڌيالاجي ۾ ھجي. ھفتي اندر سرٽيفڪيٽ منهنجي ھٿن ۾ ! ڳاله جو پنڌ اڃان اڳتي _ شوڪت صاحب گذاري ويو. اسحاق سميجي صاحب سندس رھجي ويل لکڻين وغيره کي ڇپائڻ لاء سندس ڀاء ۽ سٺي جديد مشتاق احمد شوري کي ڪمرو ڏيکارڻ جي وينتي ڪئي. مشتاق صاحب ڪمري ۾ وٺي ويس. اسحاق صاحب ڪنهن ھوشيار پوليس آفيسر وانگر ڳولا ڪئي. ڪجه لکڻين ۽ خطن سان گڏ ميز جي خاني ۾ منهنجو ڊگري سرٽيفڪيٽ ٽيھن سالن کان پوء مليو. اصل ۾ ڇا ھو جو شوڪت صاحب منهنجو سرٽيفڪيٽ ڪڍرايو ھو پر ٽپال ۾ موڪلڻ کان رھجي ويس. ھاڻي اسحاق صاحب جي ميز جي خاني ۾ آهي. موڪليندو، الائي ڪنهن ميوزم ۾ رکرائيندو ! _ جوڻيجي صاحب جون ساروڻيون ۽ ناول " سو ديس مسافر منهنجو ڙي " اڌورا رھجي ويا. اسان به اڌورا اڌورا رھجي وياسون ! جوڻيجي صاحب آخري خط مون ڏي لکيو. ٽپال گهر وڃڻ کان اڳ موت جي ٽپاليء، مون وارو خط کسي، ملڪ الموت جو لفافو ڏنو. جوڻيجو صاحب ھٿ ڇڏائي وڇڙي ته ويو، پر وسريو ته ناهي ني ! عبدالقادر جوڻيجو سميع ساجد جوڻيجو سنڌ کان علاوه پاڪستان ۽ بين الاقومي سطح جو اديب، ڪھاڻيڪار، ڊراما نگار، مترجم، ڪالم نگار، دانشور ۽ اسانجو محبوب سائين عبدالقادر جوڻيجو جيڪو ۳۰ مارچ ۲۰۲۰ تي اوچتو لاڏاڻو ڪري ويو ھو انجي اڄ چوٿين ورسي جو ڏينھن آھي ھونءَ ته دنيا ۾ لکين ماڻھو ڄمڻ ٿا وڏا ٿين ٿا ۽ بي نانءِ زندگي گذاري ختم ٿي وڃن ٿا. انھن لکين ماڻھن منجهان ڪي ڪي ماڻھو اھڙا ٿيڻ ٿا جيڪي آخر تائين پنھنجي ڪردار ۾ ڪنول جيان ڳاٽ اوچو ڪري بيھن ٿا. اھا بلڪل حقيقت آهي ته هر ماڻھو پنھنجي ڪردار سان ئي ڄاتو سڃاتو ويندو آھي. موت برحق آ هي موت ڪو مھڻو ڪونھي ماڻھو ڄائو آهي ته موت جو ذائقو هڪ نه هڪ ڏينهن کيس ضرور چکڻو اٿس. PTV تان سائين عبدالقادر جوڻيجو جا سنڌي ۽ اردو ڊراما اڪثر گھرن ۾ وڏي شوق ۽ پابندي سان ڏسندا هئاسون. سندس ڊرامن کان متاثر ٿي مان سائين عبدالقادر جو انڪري به مداح هيس ۽ ساڻس ملڻ جو وڏو شوق هوندو هيو. هڪ ڏينھن ڇا ٿيو جو مون مهينو اڳ پنھنجي ٻاراڻي شاعري جو ڪتاب "لفظن جا پوپٽ" جيڪو سال ۲۰۰۷ ۾ حيدرآباد مان شايع ڪرايو هو جيڪومان اتان کڻڻ آيو هيس. مون حيدرآباد پهچي ۽ پنھنجي پياري دوست ساجد سومري کي ڪال ڪري کيس حيدرآباد پهچڻ جو اطلاع ڏنو جنھن کان پوء هو بائيڪ ڪاهي آيو ۽ پوء اسان ٻئي حيدر چوڪ لڳ مائٽ مور ساگر جوڻيجو جن جي پريس تي اچي پهتاسون اتان مون ڪجه ڪاپيون دوستن کي ڏيڻ لاءِ کنيون جيڪي سنڌي ادبي بورڊ جي ان وقت جي سيڪريٽري مشهور ڪالم نگار محترم اعجاز منگي کي، سنڌ الاجي ۾ محترم شوڪت شورو کي، ۽ اتي هڪ ٻه ٻين دوستن کي ڏيندا سڌا آياسون سنڌ الاجي ۾ جتي پنهنجي پياري دوست خالد آزاد وگهيو سان ملياسون ۽ ان کي به ڪاپي ڏنم. خالد آزاد سان سندس آفيس ويٺا هئاسون ڪچهري هلي پئي ته مونکي ساجد سومري چيو ته هت ھن اداري جو چيئرمين تنهنجو مائٽ سائين عبدالقادر جوڻيجو آهي هل ته ان سان به ملون. سچ پچ ته اهو ٻڌي مونکي انتھائي خوشي ٿي مان ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيس تنهن تي مون ساجد سومري کي خوش ٿيندي چيو ته يار اها ته منهنجي سالن واري آس ٿو پوري ڪرين ڇو جو مان ان مائٽ سان ملڻ لاء ڪافي وقت کان ماندو هيس انڪري اڄ تون ته وڏو ٿورو ٿو ڪرين. بھرحال جڏهن اسين سندس آفيس پهتاسون ته مائٽ پنهنجي آفيس ۾ ڪنهن هڪ ٻئي ماڻهو سان ڪچھري ڪري رھيو هو. اسان کيس السلام عليڪم چئي جڏهن اندر داخل ٿياسون ته پاڻ سٺي طرح سان اٿي اسان سان مليو ۽ ويهڻ لاء ڪرسين طرف اشارو ڪيائين. اسين ويٺاسون خير خيريت ڪيائين ان کان پوء ساجد سومري ساڻس منهنجو مختصر تعارف ڪرايو ۽ پوء مون ساڻس ملڻ واري تڙپ وارو احوال بيان ڪيو ۽ ھن مرڪيو جنهن کان پوء مون کيس پنھنجو ڪتاب "لفظن جا پوپٽ" تحفي طور ڏنو جنھن جو چڱي طرح جائزو ورتائين ۽ مونکي مرڪي مبارڪ ڏنائين ٿوري دير بعد ويٺل ٻيو ھمراه کائنس موڪلائي هليو ويو. جنهن کان پوءِ پاڻ اسان سان ڪچهري ڪرڻ لڳو. منهنجي دوست ساجد سومري جو ھو اڳ ۾ ئي دوست هيو ايتري ۾ چانه به اچي وئي جيڪا اسان پيتي سون. پاڻ وقفي وقفي سان سگار جا وڏا وڏا ڪش هڻي رهيو هو، چانه به پي رهيو هو ته اسان سان به ڪچهري ڪري رهيو ھو. ساڻس ڪڏهن ڪڏهن ڳالھائڻ مهل مان کيس مائٽ ٿي مخاطب ٿيانس پيو. ان هلندڙ ڪچھري دوران هڪ دفعو چانه پيتي سون ته وري اڌ ڪلاڪ کان پوء ٻيو ڀيرو چانھه اچي ٽيبل تي پھتي جيڪا اسان پيتي سون ڪچھري جاري هئي. سچ پچ ته مائٽ جي ڳالهائڻ جو انداز ايڏو ته مٺو، منفرد ۽ سحر انگيز هو جو دل بيحد خوش ٿي رهي هئي. اسان موڪلائڻ جي ڪئي ته وري ٽيون دفعو به چانه اچي وئي تنهن تي ساجد سومري مونکي کلي چيو ته ابا هت ٽي چانه جا ٽي دور هلندا آهن جنهن کان پوء سائين عبدالقادر مهمانن مان هٿ ڪڍندو آهي سو هاڻي هي ٽيون دفعو چانه پي ته پوء موڪل ملندي. سو بيشڪ مائٽ عبدالقادر جوڻيجو پاڪستان جو ھڪ تمام وڏو ۽ ليجنڊ اديب، ڪھاڻيڪار، ڊرامانويس، دانشور عظيم انسان ۽ انتھائي محبتي ماڻھو ھو. ھُو ۱۴ ڪتابن جو خالق هيو. هن دنيا جو تقريبن ڪافي ادب پڙهيو هو. هن جي لکيل ڊرامن ملڪ گير شهرت حاصل ڪئي جن ۾ راڻي جي ڪھاڻي، ڪاروان، ديوارين وغيره شامل هئا. سندس ڊرامي راڻي جي ڪھاڻي اردو، انگريزي ۽ چيني ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿي وڏي مقبوليت ماڻي. ھن ھڪ انگريزي ناول "دي ڊيڊريور" به لکيو ان کان علاوه ھُن پنھنجي حياتي ۾ ۶ ڇه سنڌي ۽ ۱۴ اردو زبان ۾ مقبول ترين ڊراما سيريل لکيون کيس ۱۹۸۹ ۽ ۲۰۰۸ ۾ ادبي خدمتن عيوض پرائيڊ آف پرفارمنس ايوارڊ ۳دفعا PTV جا بھترين اسڪرپٽ رائيٽر ايوارڊ به حاصل ڪيا ان کان علاوه ھنکي ٻيا به ڪافي ايوارڊ مليا. اھا ھڪ حقيقت آھي ته سندس وڇوڙو ٻولي، ترجمي ۽تحقيق جو ھڪ وڏو نقصان آھي. جيتوڻيڪ ھُو اڄ اسان جي وچ ۾ ناھي پر ھُو پنھنجي ڪيل ڪم سبب امر آھي ۽ امر رھندو. (سميع ساجد جوڻيجو جي فيسبڪ وال تان ۳۰ مارچ ۲۰۲۴ع تي رکيل/ کنيل) عبدالقادر جوڻيجو عالمِ ارواح مان موڪليل هڪ معصوم روح! - ۳۰ مارچ – ورسي جي نسبت سان خالد آزاد صبح جا ڏهه ٿيا هئا، آئون پنهنجي آفيس ۾، ليپ ٽاپ تي اي ميلون چيڪ ڪرڻ ۽ انهن جا جواب ڏيڻ ۾ مصروف هئس ته دروازي کُلڻ جو چيڪاٽ ٿيو. مون در ڏانهن ڏٺو ته جوڻيجو صاحب، دروازي جو هڪڙو تاڪ کولي ۽ هڪڙي تاڪ تي ٽيڪ ڏيون بيٺو هو. آئون ٽِپ ڏيئي ڪرسيءَ تان اٿيس ۽ ڏانهنس وڃڻ لڳس ته هُن اک جو اشارو ڪري پاڻ سان گڏ هلڻ لاءِ چيو. آئون به پنهنجي آفيس مان نڪري ساڻس گڏ، ڪاريڊور ۾ هلڻ لڳس. گڏ هلندي هُن کاٻي ٻانهن ورائي منهنجي ڪُلهي تي رکي ۽ ساڄي هٿ ۾، مُٺ تي سگريٽ جو سُوٽو هڻندي، پنهنجي مخصوص انداز ۾ چيائين: ”ڇڏ ڪم کي ميان! هن ملڪ ۾ جيڪو ڪم ڪندو آهي نه، ان کي گاريون کائڻيون پونديون آهن! توکي مڙئي شوقڙو آهي گارين کائڻ جو! هليا چانهه پيئون.. . “ مون مُرڪي جوڻيجي صاحب جو شڪريو ادا ڪيو ۽ اسان گڏ گڏ هلندا سندس آفيس پهتاسين! نائب قاصدن سلام ٺوڪيا، قاصدن دروازا کوليا ۽ جوڻيجو صاحب پنهنجي ڪرسيءَ تي براجمان ٿي ويو! آئون سندس سامهون پيل خالي ڪرسين مان هڪ تي ويهي رهيس. جوڻيجو صاحب ان ڏينهن ڏاڍو خوش پئي لڳو، ڊنهِل گولڊ پيڪيٽ کولي هڪڙو ٻيو سگريٽ دُکايائين ۽ چيائين: ”پاڻ وٽ هڪڙو اهڙو ڪريڊٽ ڪارڊ آهي، جو بس رڳو ڊز ڊز ڊز.. . ڪمپيوٽر واري ڇوڪري نمبر ٿي لڳائي ته اميزون، مڪملين، پئنگوئين، سائمن اينڊ شُسٽر.. جنهن کان وڻئي ڪتاب وٺ، سِڌو هتي پڙيءَ تي، ڪيئن ٿو ڀانئين.. ؟ ”واهه واهه“ چيم: ”ونڊ به ٿيندو يا.. “ ٻاهٺ سالن جي عبدالقار جوڻيجي جي اندر مان هڪڙو ٻارهن سالن جو ٻار نڪري آيو، هُن شرارتي نظرن سان مون ڏانهن ڏٺو، مشڪريءَ وچان ٿورو گُنگنايائين، ۽ چيائين: ”پُٽ! اڃا ڦٽاءِ اسان فقيرن سان.. . “ چيم: ”قبلا، اسان جي مجال آهي جو اوهان سان ڦٽايون!“ هُن گهنٽي وڄائي ۽ پٽيوالي کي گاڏيءَ منجهان هڪ پئڪيٽ آڻي ڏيڻ لاءِ چيو، وري مون ڏانهن مخاطب ٿيو: ”ونڊ به ونڊن جهڙو ڇا.. . تو واري في ويلڊن.. . برمنگهم واري انگريزياڻي.. . تازو ناول آيو ٿس.. بيهه ته پُٽ!“ ”اڙي سائين واه.. . پر مون واري وري ڪيئن؟“ پُڇيومانس: ”آ ها ها ها.. “ هو وڏا ٽهڪ ڏيڻ لڳو، چيائين: ”توکي جو وڻندي آ.. . “ آئون به شرارت تي لهي آيس، چيم: ”وڻنديون ته مون کي ويهه پنجويهه ڄڻيون ٻيون به آهن.. . “ ”اصل ۾ وڻندي ئي، پنهنجي ڪرڻ لاءِ آهي.. . “ جوڻيجي صاحب پنهنجي مخصوص انداز ۾ چيو: ”جيڪا شيءِ وڻندي آهي نه، اها پنهنجي ئي ٿي ويندي آهي!“ تيستائين پٽيوالو گاڏيءَ مان پئڪيٽ کڻي آيو، سو اچي جوڻيجي صاحب کي ڏنائين. جوڻيجو صاحب پئڪيٽ کوليندي ٻارن وانگيان گد گد ٿيڻ لڳو، ڄڻ ڪنهن ٻار کي چاٻيءَ وارو رانديڪو ملي ويو هجي! ٻه ڪتاب ڪڍي، هڪ مون ڏانهن اُڇلايائين، جيڪو ذري گهٽ چانهه جي ڪوپ کي لڳو هو، پر جوڻيجو صاحب ان ڳالهه کان بلڪل بي نياز هو، چيائين؛ ”Mantrapped اٿئي.. . تازو ناول آهي تو واري انگريزياڻيءَ جو.. . ٻه ڪاپيون گهرايون هئم، تنهنجو داڻو پاڻي لکيل هو، نه ته ميگهواڙ کڻي وڃي ها!“ ”اڙي واهه سائين واه.. .. “ مون ’في ويلڊن‘ جو ناول ڏٺو ته مزو اچي ويو! تڏهن ’مين ٽريپڊ‘ جو وڏو چرچو پئي هليو، شايد هي ناول ۲۰۰۴ع ۾ ڇپيو هو. مون کي بيحد خوشي ٿي ۽ مون جوڻيجي صاحب جو شڪريو ادا ڪيو. ان ڏينهن اسان ڪيترو ئي وقت ’في ويلڊن‘ جي ناولن ۾ ’فيمينزم‘، ’پاور اسٽرگل‘ ۽ ’رليشن شپس‘ تي ڳالهائيندا رهياسين. جوڻيجي صاحب کي ’فيمينزم‘ ۽ ’سول سوسائٽيءَ‘ جهڙن اصطلاحن کان سخت چِڙ هوندي هئي. ’فيمينزم‘ کي ته هو ’مردن خلاف سازش‘ سمجهندو ۽ چوندو هو، ۽ ’سول سوسائٽيءَ‘ جي باري ۾ سندس خيال هوندو هو ته اسان وٽ ماڻهن جي جنهن گروهه (اديبن، صحافين، ساڃهه وندن، ڪامورن، پروفيسرن، سماجي اڳواڻن) کي ’سول سوسائٽي‘ يعني ’مهذب ماڻهو يا مهذب ماڻهن جو گروهه‘ چيو ۽ سڏيو ويندو آهي، تِن جو مهذب پڻي سان ڪو واسطو ناهي! هُو چوندو هو ته ”اصل ۾ ’سول سوسائٽي‘ ته اُهي عام، شريف، سادا ۽ سِڌا، نيڪ، ڏاها، انسانيت ۽ رشتن جو ادراڪ رکندڙ ۽ نڀاءُ ڪندڙ ماڻهو آهن. اسان وٽ جنهن لڏي کي ’سول سوسائٽي‘ چيو وڃي ٿو، تنهن ۾ ذات لوفر، ڳنڍي ڇوڙ، ٻه نمبريا ڀريا پيا آهن. “ هڪڙي ڀيري سنڌي ادبي سنگت جون مرڪزي چونڊون هيون، جيڪي سدائين سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي دفتر ۾ ٿينديون رهنديون آهن. ان سال ادبي سنگت جي چونڊن جو چرچو لڳو پيو هجي، چونڊن کان هڪ ڏينهن اڳ مون کي آفيس ۾ گهرايائين، چيائين: ”ڳالهه ٻُڌ! هن اداري ۾ هڪڙو اديب آئون عبدالقادر جوڻيجو، هڪڙو اديب تون! هڪڙو خان محمد جروار ۽ هڪڙو زاهد اوٺو، پنهنجا چار ووٽ پڪا، پر ڏينداسين تاج جويي کي!“ مون وراڻيو: ’قبلا پاڻ ووٽ نٿا ڏيئي سگهون“ (تڏهن مون سميت اسان مان ڪو به ادبي سنگت جو ميمبر نه هو) ”ڇو، پاڻ اديب ناهيون ڇا؟“ چيائين. ”اديب ته آهيون“ چيم: ”پر ووٽ نٿا ڏيئي سگهون جو پاڻ ميمبر نه آهيون. ’جُمن خان جذباتي‘ ۽ ’سومر خان سودائي‘ ووٽ ڏيئي سگهن ٿا، جو اُهي ميمبر آهن“ ”عبدالقادر جوڻيجي کي ووٽ ڏيڻ جو حق نه آهي ته اها ڪهڙي ادبي سنگت ٿي؟“ جوڻيجي صاحب چيو: ”تڏهن ته اِها سُڌري ڪا نه ٿي!“ دل ۾ سوچيم، واقعي جي سنڌي ادبي سنگت ۾ جوڻيجي صاحب کي ووٽ ڏيڻ جو حق نه آهي ته پوءِ ڪنهن کي آهي! جوڻيجو صاحب جڏهن سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جو چيئرمئن ٿي آيو هو ته، شايد ٻن چئن ڏينهن کان پوءِ ائين اوچتو صبح جو سِڌو منهنجي آفيس هليو آيو. ڪُرسي گهلي منهنجي آڏو ويهي رهيو، پُڇيائين: ”ڇا پيو ٿئي.. . !“ ان ڏينهن مون ’انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‘ جي پهرئين جلد تي نظر پئي گهمائي، وراڻيم: ”سنڌي ٻوليءَ جي پهرين انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جو پهريون جلد ڇپائيءَ لاءِ تيار آهي!“ ”اڇا.. . انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا.. . !“ جوڻيجي صاحب حيرت گاڏڙ خوشيءَ وچان چيو: ”ڏيکار ته اسان به ڏسون سنڌين جي انسائيڪلوپيڊيا!“ مون پهرئين جلد جي ايڊيٽيڊ ڪاپي سندس آڏو رکي. جوڻيجي صاحب ائين ئي وچان هڪ صفحو کوليو، جنهن تي ’پٽاٽي‘ جي داخلا هئي! هن پٽاٽي تي لکيل تفصيل پڙهيو ته سندس موڊ خراب ٿي ويو! پٽاخ ڪري ڪتاب بند ڪيائين ۽ ڪُرسي ريڙهي اُٿيو ته آئون به اٿي بيهي رهيس، چيائين: ”هيءَ به ڪا انسائيڪلوپيڊيا آهي؟ ’پٽاٽو، هڪ ڀاڄيءَ جو قسم، بس!‘ ائين انسائيڪلوپيڊيا ٺاهبي آهي؟ يَر سنڌين کي وري عقل جو ذرو ئي ناهي.. . هليا آئون ٿو توکي ٻڌايان انهي پٽاٽي جي تاريخ ۽ جاگرافي! “- ۽ پوءِ جوڻيجي صاحب ٻڌايو ته ’پوٽيٽو‘ جنهن کي اسان سنڌيءَ ۾ ’پٽاٽو‘ چوندا آهيون، سو اصل ۾ ۷۰۰۰ سال اڳ ڏکڻ آمريڪا ۾، جتي اڄ ملڪن ’پيرو‘ ۽ ’بوليويا‘ ملڪ آهن، ان علائقي ۾ پوکجڻ شروع ٿيو ۽ پوءِ سڄي دنيا ۾ پکڙجي ويو. دفتر ۾ اڪثر صبح جي چانهه جوڻيجي صاحب جي آفيس ۾ گڏجي پيئڻ جو موقعو ملندو رهندو هو. هڪڙي ڏينهن صبح جي چانهه دوران سندس سيڪريٽري کيس بريفنگ ڏيڻ لڳي: ”سر، شيخ اياز صاحب ڪراچيءَ مان فون ڪئي هئي ۽ ادل.. .. “ ”جهل جهل گاڏيءَ کي“ جوڻيجي صاحب چيو: ”اِهو وري شيخ صاحب قبر مان فون ڪئي هئي ڇا؟“ ”سر، ڪراچيءَ مان.. . “ پي ايس وراڻيو ” هين.. . هي هي هي.. . ڀُلي هوندينءِ“ جوڻيجي صاحب چيو: ”شيخ صاحب جا ته هڏا به سڙي ويا هوندا ڀٽ شاهه ۾، فون وري ڪٿان ڪندو!“ پرسنل سيڪريٽري ’ايسڪيوزمي سر‘چوندي ٻاهر نڪري وئي، ڊائري چيڪ ڪندي وري ڊوڙندي آئي. ”سوري سر، شيخ اياز نه پر شيخ عزيز صاحب هو.. . “ (تڏهن شيخ عزيز صاحب به حال حيات هو) ”او اتي رکينس.. . “ جوڻيجي صاحب چپٽيءَ سان سگريٽ جو ڦلو ڇڻنيدي، مخصوص انداز ۾ چيو: ”اهو عزيز شيخ هوندو، باقي شيخ اياز کي واقعي به جي خبر هُجي ها ته تو جهڙي سهڻي ڇوڪري ٿي فون کڻي ته قبر مان به نڪري اچي ها.. .. هي هي هي.. . “ ڇا ته شخص هو، جهڙو اندر تهڙو ٻاهر! سدائين سڌو، سادو ۽ ڌُو پار! پنهنجي مزاج، وضع قطع ۽ شخصيت ۾ هڪڙو مڪمل ليکڪ! حساس، گهڻ پڙهيو ۽ سادو سِڌو! نه وڏائي نه آڪڙ، نه اسٽيٽس جو ڪامپليڪس نه اسٽئنڊر جو خوف! تڏهن جوڻيجي صاحب جي عمر ۶۲ سال هئي، پر هو پنهنجي جوهر ۾ هڪڙو ٻارهن سالن جو ٻار ئي هو، خوش ٿيندو، کلندو، مذاق مشڪريون ڪندو، ڪُڏندو، ٺينگ ٽپا ڏيندو.. .. هڪڙو معصوم روح، ڄڻ تازو تازو عالم ارواح مان موڪليو ويو هجي. ايم ڪيو ايم جو قمر منصور تڏهن ثقافت کاتي جو وزير هو. هُو هڪ ڏينهن سنڌ ميوزيم ۽ دائودپوٽه لائبرريءَ جي دوري تي آيو ته کاتي جا سمورا آفيسر گهرايائين. جڏهن کيس خبر پئي ته سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جو چيئرمئن عبدالقادر جوڻيجو آهي ته ان احترام وچان، جوڻيجي صاحب کي پاڻ وٽ گهرائڻ بجاءِ هُو سندس آفيس هليو آيو. آفيس ۾ اوچتو خبر پئي ته منسٽر صاحب ٿو اچي. مون وزير صاحب کي ٻاهر ئي ’رسيو‘ ڪيو ۽ جوڻيجي صاحب جي آفيس ڏانهن نياپو موڪلي ڇڏيو ته وزير صاحب اوهان سان ملڻ لاءِ اچي رهيو آهي. اسان سڀيئي وزير صاحب سان گڏ جيئن ئي چيئرمئن صاحب جي آفيس ۾ داخل ٿياسين ته ڏٺوسين ڪرسي خالي، جوڻيجي صاحب آهي ئي ڪونه! اسٽاف کان معلوم ڪيوسين ته ٻڌايو ويو ته غالباً واش روم ۾ آهي. وزير صاحب احترام وچان ويٺو ڪونه، بلڪه بيٺو ئي رهيو. گڏوگڏ ٻيا سڀ بيٺا رهيا ته جيستائين جوڻيجو صاحب ٻاهر نڪري! ٿوري دير ترسي مون صورتحال کي مينيج ڪرڻ لاءِ آهستگيءَ سان واش روم جو دروازو کڙڪايو، پر پاڻيءَ جي آواز کان سواءِ ٻي ماٺ! ٿوري دير ترسي مون ٻيهر دروازو کڙڪايو ته آواز آيو: ”يي اهيو ڇاهي، اچان ٿو ير اچان ٿو، مُٽڻ ته ڏيو.. . !“ آئون، نه ئي کِل روڪي پيو سگهان ۽ نه ئي ته ’ڊيڪورم مينٽين‘ ڪري پيو سگهان، جو وزير صاحب بيٺو هجي، پر خدا ڪيو جو تيستائين جوڻيجو صاحب واش روم مان نڪري آيو. ٻاهر نڪرندي ئي سامهون هيترا ماڻهو جو ڏٺائين ته ٻانهون ٻڌي بيهي رهيو، چيائين: ”اي سائين معاف ڪجو، ڪو وزير اچي پيو ملڻ لاءِ، سو مون وري سوچيو ته واش روم مان ٿي اچان.. . “ مون، قمر منصور ڏانهن اشارو ڪندي، جوڻيجي صاحب کي ٻڌايو ته ’وزير صاحب توهان سان ملڻ آيا آهن. ‘ تيستائين قمر منصور اڳتي وڃي جوڻيجي صاحب کي جُهڪي ڀاڪر پاتو، ۽ پوءِ ٿوري دير کان پوءِ آفيس ۾ ٽهڪن جا ٽاڙيا، سگريٽن جا سُوٽا، ڊرامن جون ڳالهيون ۽ تاڙين جا ڦهڪا شروع ٿي ويا ۽ آئون ڏسندو رهجي ويس ته هيءُ آخر ڪهڙي دنيا جو ماڻهو آهي. جوڻيجي صاحب کي ڪتابن جي مهورتن، شامن ملهائجڻ، تعزيتي ريفرنسن ۽ اجاين تشهيري پروگرامن کان سخت چِڙ هوندي هئي. اٿارٽيءَ ۾ چيئرمئن شپ دوران سندس زور پروگرامن بجاءِ ڪتابن جي ڇپائيءَ تي هو. هُن جيڪي پروگرام ڪرايا سي ليڪچر پروگرام هئا. ڪميٽيون، ميٽنگون، انڪرائريون، رپورٽون، نوٽيس وغيره کيس وڻندا ئي نه هئا. هو نوڪريءَ کي ’جُتيءَ جي نوڪ‘ تي رکندو هو، کيس پنهنجي ’ليکڪ‘ هجڻ تي وڏو مان ۽ ڀرم هوندو هو. هڪ ڀيري اٿارٽيءَ جي گرانٽ رليز ٿيڻ ۾ دير ٿي وئي ته اسان آفيسر کيس همت ٻڌرائڻ لڳاسين ته وزير اعلي هائوس مان هيترا ڀيرا دعوتون آيون آهن ۽ اوهان نه ويا آهيو. مهرباني ڪريو، وزير اعلي هائوس وڃو، ان بهاني اسان جي گرانٽ نه رڳو جاري ٿي ويندي پر ٻيڻي به ٿي ويندي. پر هو سدائين ڪو نه ڪو بهانو ڪري ڳالهه ٽاري ويندو هو. هڪ وقت اهڙو به آيو جو پگهارن لاءِ پئسا نه هجن، اٿارٽيءَ جا اڪائونٽ خالي ٿيا پيا هجن. اسان آفيسرن کيس معاملي جي سنجيدگيءَ کان آگاهه ڪيو ۽ نيٺ کيس راضي ڪيوسين ته هو وزير اعلي هائوس وڃي، وزير اعلي صاحب سان ملي ۽ اداري جي گرانٽ وڌرائي اچي. جوڻيجو صاحب نيٺ ڪراچي ويو، ٻئي ڏينهن آفيس ۾ ملاقات ٿي ته اسان جو پهريون سوال وزيراعلي هائوس ۽ ملاقات جو هو! هُن معصوم ٻار وانگر مُسڪرايو، چيائين: ”اوهان کي پگهار سان ڪم نه، ان جو بندوبست ڪري آيو آهيان، باقي وزير اعلي هائوس ير آئون ڪون ويس. “ ”سائين ڇو نه ويا؟“ ”ڪُتا ٻڌا پيا آهن، ڏاڙهڻ ٿا اچن. “ چيائين: ”پاڻ کان اوڏانهن وڃڻ ڪونه ٿيندو. “ اسان سندس ڳالهه کي سمجهي نه سگهياسين. بعد ۾ خبر پئي ته اُهو سڄو ڏينهن جوڻيجي صاحب، وزير اعلي هائوس وڃڻ بجاءِ ’جيو انٽرٽينمينٽ‘ جي دفتر ۾ چانهيون پيئندي، اولڊ بوڪ هائوس ۽ پارڪ ٽاور تان ڪتاب وٺندي ۽ سمنڊ جو سير ڪندي گذاريو. ’جيو‘ جي آفيس مان ئي ڪنهن ناڻي کاتي جي آفيس کي فون ڪري چيو ته ”شرم ڪونه ٿو اچيوَ، جوڻيجي صاحب کي نٿا سڃاڻو، ان کان به رشوت وٺندئو، ٻُڏي نٿا مرو. “ ۽ پوءِ هفتي ۾ ئي اسان جي گرانٽ رليز ٿي وئي ۽ پگهارون ٿيون ته جوڻيجي صاحب گهر تي گهرائي، اسان سان گڏ پارٽي ڪئي! وقت بدلجي ويو آهي! چوڏسا سوشل ميڊيا چرچو آهي، چڱو جو جوڻيجو صاحب هن ظالم دور ۾ نه آهي، نه ته سندس نالي سان فيڪ آءِ ڊيون ٺهي وڃن ها ۽ هو شريف ماڻهو ’حراسمينٽ‘ جي الزامن ۾ سرڪاري دفترن ۾ پيشيون ڀريندو رهي ها! مِس يو سائين، لَو يو سائين! (فيسبڪ پوسٽ تان ۳۰ مارچ ۲۰۲۴ع تي رکيل/ کنيل) عبدالقادر جوڻيجو استاد جا استاد ڪير هئا خالد ڪنڀار هو مٺ تي ڊنل جي سگريٽ مان ڪش هڻڻ مهل پنهنجي هڪڙي اک ائين بند ڪري ڇڏيندو هو، جيئن هن جي چاچي ڀاڻي پن جي ٻيڙي مان مٺ تي ڪش هڻڻ مهل هڪڙي اک بند ڪري ڇڏيندي هئي. اهو ڪش هڻڻ جو انداز هن جو پنهنجو ڪونه هو. اهو انداز هن کي پنهنجي چاچي ڀاڻي وٽان ورثي ۾ مليو هو. اها چاچي ڀاڻي جنهن وٽ هو پنهنجي ماءُ جو گهر ڇڏي اچي اڪثر رهندو هو. اها چاچي ڀاڻي جنهن جي ڳلن تان لڙڪ ڪونجن جي ولر کي ڪڻڪندو ڏسي لار ڪري وهي هلندا هئا. هن نه صرف اهو هڪ هڪ ڳوڙهو پاڻ وٽ سنڀالي رکيو هو. پر اهي مهراڻي جي ڪس مان جنهاڻ جي ڀٽ تان وطن کان وڇڙيل ڪونجن جا اڏندڙ ولر به هن پاڻ وٽ سنڀالي رکيا هئا. جيڪي هن چاچي ڀاڻي جي اکين سان ڪڏهن ڏٺا هئا. انهن ڪونجن جي هڪ هڪ ڪوڪ به هن وٽ محفوظ هئي. هن کي چاچي ڀاڻي تڏهن به ياد هئي جڏهن هو هڪڙي ڳوري سرائڪي صحافڻ سان گڏ سفر ۾ هو. انهي صحافڻ جڏهن سگريٽ دکائي مٺ تي ڪش هئيون ته هن کي چاچي ڀاڻي ياد اچي وئي. انهي ڪري هن جي پهرئين استاد هن جي چاچي ڀاڻي هئي. هن اهو به هڪ هڪ ڳوڙهو پاڻ وٽ سنڀالي رکيو هو جيڪو ڳوڙهو پنهون رٻاري جي اک مان پنهنجي اٺين جي وڳن کي ساريندي ڄامشوري جي اڃارن پٿرن تي ڪريو هو. هو جڏهن پنهون رٻاري جي ڳاله ڪندو هو ته هو پنهنجي اندر ڪارن ڪپڙن وارو هڪڙو رٻاري ٿي ويندو هو. جيڪي ڪارا ڪپڙا هن پنهون رٻاري جي بدن تي ننڍي هوندي کان پاتل ڏٺا هئا. اهو پنهون رٻاري جيڪو اڪثر وسڪاري ۾ مال ڪاهي اچي جنهاڻ جي ڀٽ تي رهندو هو. هو چوندو هو پنهون جنهن جون اکيون سدائين آسمان ۾ هونديون هيون. جيڪي ڪارن ڪڪرن کي ڏسي خوشي مان ڀرجي اينديون هيون. اوڏي مهل نه صرف پنهون جو اندر آسمان ٿي پوندو هو. پر هن ٿرئين جي اندر ۾ به ڪارا ڪڪر پيا لامارا ڏيندا هئا. انهي ڪري هن جو ٻيو استاد پنهوون رٻاري هو. ڪيسري ڀيلڻ ۽ رامجي ڪولهي هن جا استاد تـ ڪونـ هئا. پر هو انهن ٻنهي کي ويهئين صدي جون وڏيون شخصيتون سمجهندو هو. انهن شخصيتن ۾ هو رمضان جوڻيجي جي ڳالهـ بـ ڪندو هو. جنهن جو مٺو آواز هن کي ننڊ مان اٿاريندو هو. اهو رمضان ڪنهن جي ڪاڄ ۾ نچندو هو تـ سندس پٽڪي جو ڇڳو بـ هن سان لئي ۾ گڏيو ايندو هو. انهي رمضان کي هو پنهنجو استاد بـ مڃيندو هو. انهي کانسواءِ هو پنهنجا سڀ کان وڏا استاد ڌنارن کي سمجهندو هو. هو انهن ڌنارن سان گڏ نڪري وڃي مال چاريندو هو. هو پاڻ جڏهن ڄامشوري جي پٿرن تي ڀنڀورين کي اڏندي ڏسندو هو تـ هن پنهنجي ڳوٺ جا اهي گهاٽا کارا کٻڙ ياد اچي ويندا هئا. جيڪي هاڪڙي جي ٻنهي ڪنڌين تي وسڪاري کان اڳ ۾ ڀنڀورين سان ڀرجي ويندا هئا. هاڪڙو هون تـ هن جي گهر جي گهٽي تي هو. پر هڪڙو هاڪڙو هن جي پنهنجي اندر ۾ بـ هو. هو انهي مري ويل درياءِ جو اڃيون پيٽ سدائين پنهنجي اندر ۾ کڻي هلندو هو. جنهن جا اوسا چپ سدائين تڏهن پسندا آهن. جڏهن گهڻا مينهن پوندا آهن. جڏهن ڀٽن تان وسندڙ مينهن جو پاڻي ريلا ٺاهي وهندو اچي هاڪڙي جي پيٽ ۾ ڪرندو آهي. اهو هاڪڙو جيڪو هن جي اندر ۾ هو انهي هاڪڙي درياءِ ۾ هن وٽ هڪڙو ڪارو اصيل نانگ بـ هو جنهن جي ليڪي تي درياءِ ٺهيو. هو جڏهن انهي درياءِ جو ذڪر ڪندو هو تـ انهن جوڳي قبيلن ۽ گرو گورک ناٿ جو بـ ذڪر ڪندو هو. جيڪو انهي نانگ جي پٺيان پنڌ پيو هو. اهي ڪنپٽ ۽ ڪن چير جوڳي جن سان وسڪاري جي ڏينهن ۾ مهراڻي جون ڀٽون ڀرجي وينديون هيون. هن انهي مئل درياءِ تي هڪڙو ناول بـ لکي ڇڏيو. انهي ئي هاڪڙي درياءِ جو وانڪل وارو گهيڙ هن جي گهر جي گهٽي کان صفا سڏ پنڌ تي هو. هن کي اها بـ خبر هئي تـ رٻاري سنڌ ۾ انهي ئي گهيڙ تان وانڪل ڏيوو جي مورتي هڪڙي سهڻي رٻارڻ جي مٿي تي ڏئي گذريا هئا. اهو سنڌ ۾ سومرن جي بادشاهي جا ڏينهن هئا. اهين هو رٻارين جا ولر ويندا لکڻن ۾ ڏيکاري ڇڏيندو هو. اسان جهڙو ڪو ماڻهو جڏهن بـ انهي گهيڙ وٽان گذرندو هو تـ ٿورڙو بيهـ رهندو هو ۽ اهي منظر محسوس ڪندو هو. اهي رٻاري اتان ويندا محسوس ٿيندا هئا. هن انهي وانڪل واري گهيڙ تي ڊرامون بـ لکيو هو. اسان ننڍڙا هوندا هئاسين تـ پورو پاڙو ريڊيو تي ويهي اهو ڊرامون ٻڌندو هو. انهي ڪري هن جو هڪڙو استاد اهو اڃيون درياءِ بـ هو. جنهن هن کي پنهنجي اڃ امانت طور ڏني هئي. هن جي پيرن ايترا پنڌ تـ ڪونـ ڪيا هئا. جيترا سنڌ جي خانـ بدوش قبيلن جي پيرن ڪيا هئا. پر اهي خانـ بدوشن جا پير هن ضرور ڏٺا هئا. هن کي انهن پيرن ۽ انهي پنڌ سان عشق هو. هن انهن تي هڪڙو ڪالم لکيو پر اهو هڪڙوڪالم هن جي سڃاڻپ ٿي ويو. انهي ۾ هن ڪبوترن ٻڙهن ۽ ڪوچڙن جي پيرن جي پنڌ سان عشق ڪيو هو. هن اهي مٽيءِ مان ٺهيل ننڍڙا رانديڪلا ٻـ ڏٺا هئا. جيڪي گرگليون ۽ ٻڙهيون گهر گهر وڃي وڪڻنديون هيون. انهي ڪري هن جا استاد اهي خانـ بدوش قبيلا بـ هئا. هن جو هڪڙو ڊرامون تـ اسان جي ڳوٺ نهٽي واري ڀٽ تي فلمايو ويو هو. انهي ڊرامي ۾ روهي بانو بـ هئي. مون شايد پهريون ڀيرو هن کي تڏهن ڏٺو هو. اهو ڊرامون جڏهن ٽي وي تي هليو تـ دانگين ۾ پيل مانين جا پڙ دانگين ۾ ئي سڙي ويا. شهرن جون گهٽيون ويران ٿي ويون. رڳو پيا ڪتا بسندا هئا. ٽي وي جي اڳيان هجوم هئا پر ڳالهائيندو ڪير بـ ڪونـ هو سڀ ويٺا ٽي وي جو آواز هيڪلا ڪنا ٿي ٻڌندا هئا. اهو ڊرامون هليو هو تڏهن پارومل ڪولهي نبي سر وارو ايم اين اي ٿيو هو. هو پنهنجي زال سان گڏ جڏهن اسلام آباد واري ايئرپورٽ تي لٿو تـ ميڊيا جي ڪيميئرائن جو رک پارومل جي زال ڏانهن ٿي ويو. انهي شهر جي ميڊيا پارومل کان پڇڻ لڳي “يـ سکان هي ڪيا“هن انهي ڊرامي ۾ پوري لوڪ ڏاهپ هڻي ڇڏي هئي. هو پاڻ بس جهنگ جي بلا هو. جيڪا ڪنهن جي بـ کاري ۾ ڪونـ تي رهي سگهي پئي ڀٽن ۾ ڀتڪندي هئي. انهي ڪري اهي ڀٽون ۽ ڀٽن ۾ رهندڙ جهنگ جا ماڻهوبـ هن جا استاد هئا. جهنگ جي ماڻهن جو هي شاگرد جڏهن شهرن ۾ لٿو تـ هن جي قلم اهي سڀ ڪجهـ ڳالهايو جيڪو هن جهنگ کان سکيو هو. شهرن لئـ اهي ڳالهيون نيون هيون. اهين هي انهن شهرن ۾ رهندڙن جو استاد ٿي ويو. انهي استاد کي جڏهن هورو ٿيندو هو تـ جهنگ منهن ڪندو هو ۽ جڏهن وري جهنگ مان دل ڀربي هئي تـ وڃي ڪتابن جي جهنگ ۾ پوندو هو. عالمي ادب مان اهڙيون اهڙيون ڳالهيون کڻي اچي سٽڪو ڪرائيندو هو. جو هر ڪنهن کي پنهنجي اڻ پڙهي هجڻ جي اڃ اڃان پڙهڻ تي مجبور ڪندي هئي. جڏهن هو جهنگ جون ڳالهيون ڪندو هو تـ شهرن وارا پريشان هئا ۽ جڏهن ڪتابن جون ڳالهيون ڪندو هو تـ جهنگ جي مخلوق پريشان هوندي هئي. اهين هن هڪڙي ئي وقت ٻنهي کي پريشان ڪيو. اڄ هو انهن گهاٽين ڄارين واري ڳوٺ ۾ هاڪڙي درياءِ جي ڪپ تي هڪڙي وڏي ڄار ۽ هڪڙي وڏي ڪنڊي جي وچ ۾ مدفون ٿي ويو. هاڻ وري هن جون اتي اهي ئي ڪچهريون هونديون. جتي رمضان جوڻيجو ۽ چاچي ڀاڻي تـ هوندا ئي هوندا پر هن جي ڪچهري جو ٻڌي رامجي ڪولهي، ڪيسري ڀيلڻ ۽ پنهون رٻاري بـ اچي وڃن. ٿي سگهي ٿو جوڳين جو ڪو خانـ بدوش قبيلو بـ هن جو قبر جو پاسو ڏئي مٽي وڃي. هن جي انهي قبر تان هر سال پيا ڪونجن جا ولر مٽيندا. انهي وڏي ڄار تي هاڻ ڀنڀوريون هر سال پيون اينديون. هن جي ڳوٺ واري ڀٽ جو پاڻي هن جي قبر جو پاسو ڏئي وڃي هاڪڙي درياءِ ۾ ڪرندو. هاڪڙو ڀرجي ويندو. تڏهن هي هاڪڙي جي ڪپ تي ضرور ويندو. نـ رمضان جوڻيجي سان ڦانگ هڻي مٺ تي سگريٽ جا ڪشش ڀري ڀري هڻي ڪنڊيرا ۽ ماڪيز جون ڳالهيون ڪندو ۽ ڀاڻي ڪونجن جو ذڪر ڪندي رمضان جوڻيجي جي اک ۾ پيل سوئيرو هن کي ڪڏهن بـ پوڙهي نـ ٿيڻ جو احساس پيو ڏيکاريندو. عبدالقادر جوڻيجو مرتضيٰ سيال عبدالقادر جوڻيجو سنڌ جو يگانو ڪهاڻيڪار، ناٽڪ نويس، ڪالم نگار ۽ هڪ منفرد انسان هئو. ادب جي دنيا جو قداور نالو هئڻ جي باوجود وڏائي سندس پاسي کان به لنگهي نه سگهي، پنهنجي طبيعت ۾ نهٺائي رکندڙ اهڙو فقير ماڻهو هئو جنهن وٽ بادشاهيءَ جا گرُ هئڻ جي باوجود هو پنهنجي ڌُن ۾ مگن رهندڙ هڪ بنه دلبر انسان هئو. ڊرامو هُجي، ڪهاڻي هُجي يا ڪو ڪالم هجي هر لکڻي ۾ هُن جو هڪ الڳ ڊڪشن ۽ انداز آهي. هن جي ڳالهين کان ويندي لکڻين تائين سندس مطالعي ۽ مشاهدي جي پختگي نظر ايندي، هُن جيترو لکيو اُن کان وڌيڪ پڙهيو ۽ پروڙيو. پنهنجي حياتيءَ ۾ هو پڙهڻ ۽ لکڻ کان ڪڏهن به نه ٿڪيو، سنڌ جو هي واحد ليکڪ هو جيڪو لڳاتار لکندو رهيو، پڙهڻ ۽ لکڻ سان هن جو ازلي عشق رهيو. عبدالقادر جوڻيجو پرائيڊ آف پرفارمنس ۽ ٻيا ڪيترائي ايوارڊ ماڻيا پر هُن پنهنجي ڪيريئر ۽ حياتيءَ ۾ ڪڏهن ايوارڊن ۽ انعامن کي خاطر ۾ نه آندو. هو پنهنجي زندگيءَ ۾ ته ڏاڍو لاپرواه ماڻهو رهيو پر لکڻ ۽ پڙهڻ توڙي نون ۽ نوجوان ليکڪن کي همٿائڻ جي معاملي ۾ هن ڪڏهن به لاپرواهي نه ڪئي، جن ڏينهن ۾ سندس طبيعت ناساز رهي انهن ڏينهن ۾ به هن لکڻ پڙهڻ کي نه ڇڏيو. ٿر جي مٽيءَ مان ڳوهيل هن محبوب ماڻهوءَ جي لکڻين ۽ ڳالهين مان به ٿر جي واري جو چلڪو ۽ برسات کانپوءِ مٽيءَ جي مهڪ محسوس ٿيندي هئي. عبدالقادر جوڻيجو سان منهنجون تمام گهڻيون يادون وابسته آهن. ۱۹۸۹ ۾ جڏهن آئون سنڌ يونيورسٽي جي ماس ڪميونيڪيشن جو شاگرد هئس ان وقت کان ساڻس محبتن وارو رشتو جڙيو، اُن زماني ۾ عبدالقادر انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جو ڊائريڪٽر هئو، آئون ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ کان پوءِ عبرت مئگزين ۾ ڪم ڪندو هئس، عبدالقادر پنهنجي آفيس جون ذميواريون نڀائڻ کان پوءِ اڪثر ڪري گلستانِ سجاد ۾ منهنجي آفيس ايندو هئو، جتان اسان شهر روانا ٿيندا هئاسين پوءِ ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي دوستن، فنڪارن ۽ اديبن جو ميلو مچندو هئو، اهڙي طرح ڪچهرين جو نه کٽندڙ سلسلو هوندو هئو، عبرت مئگزين فائينل ڪرڻ وارن ڏينهن ۾ آئون نه نڪري سگهندو هوس ته عبدالقادر اسان جي انچارج مرحوم غفور ڪريمي سان ڪچهري ۾ ويهي رهندو هو، اهڙي طرح هو جتي به ويهندو هئو اتي محفل ۾ ڪچهريءَ جو مرڪزي ڪردار هوندو هو. هو اسان جهڙن سيکڙاٽ ۽ نون ليکڪن سان گڏ ويهي اسان کي نه رڳو اُتساه بخشيندو هئو پر اسان سان گڏ ويهي وڏا وڏا ٽهڪ به ڏيندو هئو. هو مون کان نه رڳو عمر ۾ پر هر حوالي سان وڏو هئو پر پنهنجي سڀاءُ ۽ پيار سان محسوس ائين ڪرائيندو هو ڄڻ اسان هڪجيترا ۽ بي تڪلف يار آهيون، مون هن کي هميشه يار جي نالي سان ئي ياد ڪيو آهي. اڄ يادگيرين جو نه کُٽندڙ سلسلو ڇڏي يار وڃي جنهاڻ جوڻيجو جي مٽيءَ ۾ آرامي ٿيو آهي. پر هو اسان جي دلين ۾، ذهنن ۾ پنهنجن لکڻين ۾ سدائين زنده رهندو.
استاد بخاري روشن پيشاني پروفيسر نذير احمد سومرو ۱۹۵۰ع واري ڏهاڪي جو زمانو آهي. دادوءَ ۽ ڦلجي اسٽيشن جي ٻن والي بال ٽيمن جي وچ ۾ دادوءَ ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي. ڦُلجي اسٽيشن، والي بال کيڏڻ لاءِ جيڪا ٽيم آيل آهي ان ۾ هڪ قداور نوجوان، دلڪش مهانڊن، خوبصورت اکين ۽ پاڪستاني فلمي بنگالڻ اداڪاره شبنم وانگر نڪ جي چوٽيءَ تي ڦڙو رکندڙ، والي بال راند ۾ سينٽر تي بيهي راند اهڙي مهارت سان کيڏي ٿو جو ڏسندڙ وَرُ وَرُ ڪري تاڙين جي ڦهڪن ۾ کيس داد ڏئي رهيا آهن. مخالف ٽيم جا رانديگر، دل ئي دل ۾ خار کائي رهيا آهن. ڪير پيو ڄاڻي ته والي بال ۾ سينٽر تي بيهي مهارت سان راند ڪندڙ، جمپ ڏئي والي هڻندڙ نوجوان ۽ ڦلجي اسٽيشن جي ڀرسان هڪ ننڍڙي ڳوٺ غلام چانڊيو جو هي پرائمري ماستر، اڳتي هلي سنڌي شاعرن جي راند يعني شاعريءَ ۾ به ساڳي سينٽر واري جاءِ والاريندو ۽ سندس فڪرانگيز، سادن لفظن واري شاعري، سندس لئي ۽ مخرج سان شاعري پڙهڻ جو انداز ڏسي پاڻ کي شاعرن جي قطار ۾ شامل سمجهندڙ متشاعر ته ڇا پر چڱا ڀلا شاعر دل ئي دل ۾ خار کائيندا/ريس ڪندا ته اهڙي پذيرائي کين ڇو نه ملي؟ اهو رانديگر استاد بخاري هو. اُستاد بخاري پنهنجي ڳوٺ ۾ چار درجا پرائمري پڙهيا ۽ باقي تعليم سنڌي ڪاميٽي (فائينل) جو امتحان ڦلجي مان پاس ڪري، پرائمري اُستاد مقرر ٿيو. قدرت طرفان جيڪي کيس سوغاتون عطا ٿيون، انهن منجهان موزون طبيعت به هڪ هئي. سنڌي پرائمري اسڪول ۾ پڙهندي ڪي سٽون، اُمالڪ پنهنجو پاڻ سندس ذهن ۾ ٺهي پونديون هيون ته هيءُ اُنهن کي چپن ۾ جهونگاريندو هو. ڪيئي دفعا کيس خيال آيو؛ ”اُهي سٽون ڪنهن ٻئي شاعر جون آهن، جن کي هو جهونگاري رهيو آهي.“ جڏهن انهيءَ تي ويهي ويچار ڪيائين ته اُهي سٽون هن (اُستاد) ڪنهن به ماڻهوءَ جي واتان ٻڌيون ناهن. پو باقي ڪنهن جون آهن؟ سوچي سوچي پاڻ کي ئي جواب ڏنائين؛ ”اهي سٽون ڪنهن ٻئي جون ناهن، پر سندس ئي آهن.“ ڪيئي ورهيه پرائمري اُستاد رهڻ کانپوءِ، ڪجهه وقت لاءِ خيرپور ناٿن شاهه ۽ سيتا اسٽيشن جي هاءِ اسڪولن ۾ انگريزي ماستر ٿي رهيو. سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪرڻ کانپوءِ ۱۹۷۶ع ۾ بي ايڊ جي بنياد تي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ پهريون ڀيرو ليڪچرار مقرر ٿيو. ون-يونٽ جو دور هيو. سنڌ کي انتظامي طور، لاهور سان ڳنڍيو ويو هئو. هر کاتي جي مکيه آفيس لاهور ۾ هئي. ليڪچرارن کي مستقل بنائڻ لاءِ اولهه پاڪستان پبلڪ سروس ڪميشن کين لاهور ۾ زباني امتحان ڏيڻ واسطي گهرايو. اُستاد بخاري به پاڻ سان، ماهوار نئين زندگي ۽ ٽه-ماهي مهراڻ جا اُهي شمارا، جن ۾ سندس ڪلام شايع ٿيل هيو، کڻي ڪميشن جي چيئرمين ۽ ميمبرن/ سيڪريٽري جي سامهون وڃي ويٺو. انهن ڏينهن ۾ شاهه محمد فيض محمد تونيه (المعروف ايس. ايف تونيو) اولهه پاڪستان جي پبلڪ سروس ڪميشن جو سيڪريٽري هيو ۽ چڱو ادب دوست ماڻهو هيو. ويتر جو پنهنجي عزيز ۽ شاعر الله بخش تنيو عرف ا - ب - ت ميروخانيءَ سان دوستي هيس، تنهن ڪري کيس شاعريءَ جو چسڪو پڻ آيل هيو. الف- ب – ت، اصل ۾ضلعي لاڙڪاڻي (هاڻي قمبر-شهدادڪوٽ) جي هڪ واهڻ نما ڳوٺ، ميروخان جو هيو. تونيه صاحب، اُستاد بخاريءَ کان نئين زندگي ۽ مهراڻ جا پرچا وٺي، ٿوري ورق گرداني ڪري ميز تي رکي، سڌي طرح اُستاد بخاريءَ کي مخاطب ٿيندي چيو؛ ”ورقن تي ڇپيل ڪلام پڙهي ضرور مزو ايندو پر اسان ڪلامِ شاعر، بزبانِ شاعر، جو حِظ ۽ لطف وٺڻ ٿا چاهيون. ان ڪري تون پنهنجي شاعري پنهنجي آواز ۾ ٻڌاءِ.“ اُستاد بخاري کين پنهنجو ڪلام ٻڌايو. جنهن تي هڪ سنڌي ميمبر کيس چيو؛ غزل جون هي سٽون جهونگاري ٻڌاءِ. پڇيــو يـارن ته عقبيٰ ٿي کپـــــي يا هيءَ دُنــــيا چيـم؛ آزادگي، نه هو گهــرجي نه هي گــهــــرجي. الائـي ڇـــا جــو ڇـا ويـٺـا ڏســئـــون ڇـــــا ســــوچـــيــون ويـــٺــا صـدي ويهيـن جي انســانن کـــــي ڪهــڙي شــيءِ نه ٿي گهرجي. اُستاد کان شاعري ٻڌڻ کانپوءِ ڪميشن جي چيئرمين، کانئس ڪجهه سوال پئي ڪيا ته ايتري ۾ سنڌيءَ جو معروف شاعر، بشير مورياڻي جيڪو تن ڏينهن ۾ لاهور سيڪريٽريٽ ۾ ملازم هيو، سو ڪنهن سرڪاري ڪم سانگي اندر داخل ٿيو ۽ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين کان ڪجهه ڪاغذات صحيح ڪرائي، جيئن مڙيو ته اُمالڪ اُستاد بخاريءَ تي نظر پيس. کيس کيڪاري ڪميشن جي چيئرمين ۽ ميمبرن کي مخاطب ٿيندي چيائين؛ ”مان توهان جي آڏو ڪيتري قد بت جو شاعر آهيان.“ ويٺلن چيس؛ ”خير ته آهي؟“ چيائينِ؛ ”اُستاد بخاريءَ کان ڪهڙو انٽرويو ٿا ڪيو/وٺو. هي ته مون کان به تمام وڏو/گهڻو ۽ سٺو شاعر آهي.“ جنهن تي چيئرمين چيس؛ ”هن جو ڪلام ٻڌي محسوس ٿئي ٿو ته واقعي وڏو شاعر آهي. اسان سندس ڪلام ٻڌڻ لاءِ کيس ويهاريو آهي.“ استاد بخاريءَ جي شاعريءَ ۾، اسان کي وقت ۽ عشق جا ايترا ته سحر انگيز شيڊس ملن ٿا، جن جي رنگينيءَ کان آزاد ٿيڻ سولو ناهي. سندس شاعريءَ ۾ هڪ اهڙي مثبت ايپروچ آهي، جنهن جو تعلق روح جي گهراين سان آهي. ان ڪري هڪ پڙهندڙ/ٻڌندڙ، پنهنجو پاڻ ئي بي خوديءَ ۾ اچي، پاڻ کي اُستاد بخاريءَ جي شاعري واري سحر/جادوءَ جي پنجوڙ ۾، جڪڙيل محسوس ڪري ٿو. اُستاد جا خيال، جڏهن شاعريءَ جو روپ وٺن ٿا، تڏهن ان جي وهڪري ۾ غضب جي رواني ملي ٿي. لڳندو آ ته ڄڻ ڪو آبشار وهندو هجي، جنهن جي پاڻيءَ ۾ بي اختيار رواني، نغمگي ۽ موسيقيت هوندي آهي. هن بي چين روح (استاد بخاري) پنهنجي شاعريءَ جي هر صنف ۾ هڪ الڳ ۽ مختلف ذائقو برقرار رکيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو، سندس هر شعر، دل ۽ دماغ کي ڇهي وڃي ٿو. اُستاد بخاريءَ جي لهجي ۾، ميٺاڄ ۽ نواڻ، سوز ۽ گداز آهي. محبوبن جا ماڻا ٽاڻا، حبيبن جي غفلت، رقيبن جي نفرت، سنڌ جي حقن تي لڳل ڌاڙا، سندس شاعريءَ جا اهم موضوع ۽ حصا آهن. ڌرتيءَ جي پڪار، هڪ سچي شاعر کي پاڻ ڏانهن سڏيندي رهي ٿي. ائين اُستاد جو پيار به ڌرتي سان واڳيل هيو. اُستاد بخاريءَ جي شاعري، پنهنجي ڌرتيءَ سان پيار جو عڪس ۽ اولڙو آهي. سنڌ، سنڌي ثقافت ۽ شين (ٿر جي واري، چلڪي واري) سان کيس جنون جي حد تائين پيار هيو. بلڪ اهي سڀ، سندس ڪمزوريون هيون. هاڻي ته هر ڪو، لئيءَ مان لٺ ڀڃي، قومي شاعري تڪبنديءَ جي صورت ۾ ڪري، پاڻ کي قومي شاعر سڏائڻ جا جتن پيو ڪري. پر ون-يونٽ جي دور ۾، جڏهن سنڌ جو نالو وٺڻ ڏوهه هيو ۽ نادري حڪم اچي پهتا؛ ”خبردار! آئنده، سابقه سنڌ لکيو ۽ پڙهيو وڃي!“ تڏهن جيڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا شاعر، سنڌ جي ڳالهه ڪندا هيا، تن مان استاد بخاري به هڪ هيو ۽ آهي. استاد جي قومي شاعري، مثلًا: جيجل ڏنم، جنهن ۾ لولي، سنـــڌي ٻـــولي، قومي ٻـــولي. کيس سنڌ جي شاعرن جي هجوم مان الڳ ڪري سندس منفرد سڃاڻپ قائم ڪري ٿي. اڄ جا کوڙ سنڌي شاعر، اهڙا به آهن، جيڪي استاد بخاريءَ جا مقلد ۽ پيروڪار آهن. نه رڳو شاعريءَ جي موضوع ۽ طرز، احساس جي حد تائين پر شعري هيئيت، ڊڪشن ۽ طرزِ بيان جي لحاظ کان پڻ. مثال طور؛ تاجل بيوس ته اُستاد بخاريءَ جي شاعريءَ منجهان، سٽن جون سٽون کنيون آهن. ڪنهن جي ميار ملڻ تي، نيٺ تاجل کي ائين چوڻو پيو؛ بيوس مان، بخاري نه ٿي پوي. استاد بخاريءَ جي عشقيه شاعري پنهنجي خداداد فڪر ۽ ڏات سان جيڪو حسن ۽ لطف پيدا ڪيو آهي، ان ۾ هڪ عجيب لذت، حِظ ۽ مزو آهي. ان ۾ به رنگيني پيدا ڪئي اٿس. جنهن ۾ ڪو پيغام آ، ڪو مقصد آهي. هن جي شاعري، اڄ جي ٺڙڪو سنڌي شاعرن وانگر، محض سطحي جذبن جي بي مقصد اظهار جو نالو ڪونهي. نه ئي لفظن جي گورک ڌنڌي جو نالو آهي، جنهن مان ڪا به معنيٰ نه نڪري سگهي. قدرت طرفان ملندڙ سوغاتن مان شاعري به قدرت جي مليل هڪ حسين ۽ خوبصورت سوغات آهي. هر شاعر جي حصي ۾ اها سوغات ڪا نه آئي. شاعري به پاڻيءَ جي تيز وهڪري ۽ روانيءَ جيان آهي. شرط اهو آهي ته، پاڻيءَ ۾ ڪنهن جو پير کپي!! استاد بخاريءَ ڀيري، شاعريءَ جي معاملي ۾ قدرت وڏي فياضيءَ کان ڪم ورتو. علمي ادبي حلقن کانسواءِ، عوام ۾ اُستاد بخاريءَ کي وڏي پذيرائي ۽ عزت، شهرت ۽ محبت ملي. ڇاڪاڻ ته سندس شعر، مشاهدن ۽ تجربن، انساني جذبن ۽ اڌمن جي ڳالهائيندڙ ٻولهائيندڙ تصوير بڻجي پيا هيا. کيس پنهنجي شاعريءَ ۾ روز مره استعمال ٿيندڙ ۽ ٻهراڙي جي لهجي ۾ بگڙيل لفظن، محاورن/ تشبيهن کي ماهرانه انداز ۾ استعمال ڪرڻ جي ڏات مليل هئي. هُونءَ ته کوڙ مثال آهن، جيڪي سندس شاعريءَ مان ڏئي سگهجن ٿا پر هتي آءٌ فقط هڪ اڌ مثال ڏيان ٿو. (هتي سندس اشارو ون-يونٽ ڏانهن آهي) هڪ پڃرو ٻيو، پَــرَ به ڪٽيائين هــــاڻــــي مـــري ويـــاســـين، ماتو ٿَـــــــرَ تـــــــي آ، مــــــارن تـــــي نـــاهي خـــــان عـــــمـــر تــــنـــهــــن جــو کــاتو اڻ گهڙيا ۽ ڪرخت لهجي وارا لفظ، جڏهن استاد بخاريءَ جي شاعريءَ ۾ فٽ ٿين ٿا، تڏهن اُهي محرڪ ۽ هڪ زندهه حقيقت بڻجي پون ٿا. اُستاد بخاريءَ جي سموري شاعري، سندس الڳ سڃاڻپ بڻجي وئي آهي. سندس شاعريءَ ۾ ڪتب آندل لفظ، پاڻ ئي ڳالهائيندا ۽ چوندا؛ ”اسان استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جا حصا آهيون.“ ۱۹۶۴ع ۾ اُستاد بخاري، گورنمينٽ هاءِ اسڪول خيرپور ناٿن شاهه ضلع دادوءَ ۾ اُستاد هيو. تڏهن اسڪول جي ڀرسان، خالي ميدان تي ڀيلن/باگڙين جي هڪ قافلي اچي پنهنجو ديرو ڄمايو. ان خانه بدوش ٽولي ۾ هڪ ٺهندڙ قد سان، ڀريل بدن ۽ ڳلن واري، چڻنگ جهڙو ٻرندڙ رنگ ۽ بوسڪيءَ جهڙو بدن رکندڙ، ڪارين ڪجلي نيڻن واري، ڪاري ٻاٽ اونداهي جهڙا ڪارا ۽ ڊگها وار رکندڙ، جوانيءَ جي ڏاڪڻ جي پهرين ڏاڪي تي قدم رکندڙ، هڪ نازن ڀري ڀاڳ ڀري به هئي. ان آهو چشم جي اک، پنهنجي ئي قوم جي ڪنهن نوجوان سان اٽڪي پئي. ڳوٺن ۾، افواهن وانگر ۽ شهرن ۾ اخبارن جيان، اها خبر ڀاڳڀريءَ جي ڀاءُ جي ڪنن تي به پئي. نتيجي ۾ ڀاڳ ڀري، ڪهاڙين جو بک ٿي وئي. اهو پهريون واقعو هيو جو ڀيل/باگڙي قوم جي ڪنهن فرد، ڪا عورت ڪاري ڪري ماري هئي. ان دردناڪ واقعي اُستاد بخاريءَ جي دل کي ڌوڏي ۽ لوڏي ڇڏيو. اُستاد بخاريءَ، هڪ شاهڪار نظم لاش جي عنوان سان سِرجيو. نظم جي لاءِ انگريزي شاعر ڪيٽس جون هي سٽون ڄڻ اُستاد بخاريءَ جي نظم جون عڪاسي ڪن ٿيون. ڪيٽس چوي ٿو؛ ”نظم کي فطري طور، ائين وجود ۾ اچڻ کپي، جيئن ڪنهن وڻ تي پَنَ.“ اُستاد بخاري جو نظم چوي ٿو: هڪ طرف هن جي خطا ڦٿڪي پئي ٻي طرف هـــــن جــي وفـــا ڦــٿڪي پئي ڪا گهڙي کن ڄڻ فضا ڦٿڪي پئي هـــــڪ ســـزا وار ۽ ســــزا ڦــــٿـــڪـــي پـــئي هـــــو جــــنــــازي جـــــي مــــٿـــــان مــيرو لٽو ريــــشــــمـــي چــــادر نه ڪـــو پَــــٽَ جو رئو ۽ بــــــــدن نــــازڪ مــــٿــــان کــــهـــرو کــــٿو لاش هـــــي ڪنهن ڪنوار جو آ ڇا پتو؟ ڇــــــو تـــــه هـــــوءَ........... ڪــــــاري هـــــئـــي. اُستاد بخاريءَ جو شعري سفر، امڪانن جي نئين دنيا جو هڪ خوشگوار اضافو آهي. هن سنڌي شاعريءَ جي اُفق جي روشنين ۾، اضافو ڪيو. هن جي شاعريءَ ۾ بيچيني ۽ بيقراري، تڙپ ۽ احساس جي ڪرب سان گڏ، صوتي ترنم به موجود آهي. هن زندگيءَ کي سوچيو ۽ سمجهيو. هيءُ جڏهن مشاعرن ۾ اسٽيج تي بيهي ترنم سان شعر پڙهندو هيو ته نعرن جي پنڊال جا شاميانه به اُڏڻ لڳندا هيا. سندس سموري شاعري، سندس دردمند دل جي ڪري درديلي آهي. سندس سامهون، سنڌ وڏا قهر ۽ ڪلور ڏٺا. زندگيءَ جي اعليٰ قدرن جو خون ٿيو. طبقاتي نظام جي ڪري، انسانذات ۽ ماڻهپي جي تذليل ٿي. اهو سڀ ڪجهه اُستاد بخاريءَ ڏسي، پنهنجي شعرن ۾ اهڙيءَ طرح سمائي پيش ڪيو جو غم جانان به غم دوران بڻجي پيو. محترمه بينظير ڀٽو (شهيد -۲۷ ڊسمبر ۲۰۰۷ع لياقت باغ، راولپنڊي) جڏهن ٻيو ڀيرو پاڪستان جي وزيراعظم بڻي ته سندس دور ۾ استاد بخاريءَ جي ياد ۾، دادوءَ جي ڊگري ڪاليج کي اُستاد بخاريءَ سان منسوب ڪري، اُستاد بخاري گورنمينٽ ڪاليج دادو ڪيو ويو. اُستاد بخاريءَ جي مقبوليت جو دائرو، ڏينهون ڏينهن وڌندو وڃي ٿو. ڪنهن زماني ۾ انگريزي شاعر شيلي هڪ ٻئي انگريز شاعر بائرن کي جن لفظن ۾ ياد ڪيو هيو، سندس ساڳيا الفاظ آءٌ اُستاد بخاريءَ لاءِ لکان ٿو: The Pilgrim of Eternity, whose fame Over his living head like sky is bent. ابديت جو پانڌيئڙو (زائر)، جنهن جي شهرت سندس روشن پيشانيءَ مٿان، آسمان وانگر نڇاور آهي. استاد بخاري ڪجهه يادون پروفيسر نذير احمد سومرو پاڪستان ٺهئي کي ٻه چار سال مس گذريا آهن. سنڌ ۾ جيڪب آباد وارو تاريخي ۽ روايتي ميلو زور شور سان شروع ٿي چڪو آهي. ميلي ۾ ڏينهن واري ماڻهن جي پيهه کان وڌيڪ رات جو ٿيندڙ، سنڌي مشاعري جي پنڊال ۾، ماڻهن جي رش ۽ رونق گهڻي آهي. جنوريءَ جا سُڪا سيءَ پئجي رهيا آهن. سيءَ کان بچڻ لاءِ، هر ڪو ماڻهو پاڻ کي گرم ڪپڙن ۾ ويڙهيو سيڙهيو ۽ لڪيو ويٺو آهي. مشاعري ۾ سنڌ جي سڀني ضلعن جي ننڍن وڏن شهرن کان نوان ۽ پراڻا، ڪهنه مشق شاعر آيل آهن. ضلعي دادوءَ جي شهر ڦلجي اسٽيشن کان ٻه ٽي ميل پري هڪ ڳوٺ غلام چانڊئي کان قدآور، سُهڻي مُنهن مهانڊي سان هڪ نوجوان شاعر، مشاعري جي پهريون ڀيرو ڪوٺَ ملڻ تي، اڳينءَ قطار جي ڇيڙي ۾، آخري ڪُرسيءَ تي ڪنڊائتو ٿيو ويٺو آهي. ڪجهه شاعرن کان پوءِ، پراڻي رنگ جو معروف شاعر سيد احسن الهاشمي شعر پڙهڻ لاءِ اسٽيج تي اچي ٿو. سيد احسن الهاشميءَ جي شعر پڙهڻ کان ئي پنڊال ۾ واڪا، نعرا ۽ وري چئه، ٻيهر ٻڌاءِ جا آواز ٻڌي، غلام چانڊئي کان آيل نوجوان شاعر دل ئي دل ۾ چوي ٿو؛ ”ههڙي طاقتور شاعري ٻڌي، اسان پارن نَونَ شاعرن جي شاعري ڪير ٻڌي، اهڙو داد ڏيندو؟ هنن سٺن شاعرن جي درياءَ واري تيز وهڪري (شاعريءَ) ۾ اسان پارن شاعرن جا پير ڪٿي ڄمندا؟“ پنهنجو پاڻ سان پهه ڪري ٿو؛ ”آئنده شاعري ڪرڻ کان بس ڪئيسون. رڳو اڄوڪي رات خير سان گذري.“ پنهنجن ئي خود ساخته سوالن جي مونجهارن ۾ ڦاٿل نوجوان شاعر کي، اسٽيج سيڪريٽريءَ شعر پڙهڻ لاءِ مٿي گهرايو. هو تحت اللفظ ۾ شاعري ٻڌائي ٿو ته پنڊال ۾ موجود ماڻهن جي زوردار تاڙين ۾ کيس داد ملي ٿو. جنهنڪري سندس مَنَ کي، وڌيڪ شعر پڙهڻ لاءِ آٿت ملي ٿو. هو غزل ٻڌائي ٿو؛ رات کــــــــــــڻــــــــــــي آئــــــــي اڌ رات، مون ڏي سوچڻ جي سوغات چــــــئــــن گهڙين ۾، ڪهڙي چُرپُر، چـــــــــوڳــــــو، چــــــاهت، اُڏرڻ، لات گھُگهه اونداهين ڏي، جو گھُوريان، جوت ڪــــــري پئي مُرڪي؛ هات تـــــنـــهــنـــجـــو هــــي انــــداز اســــتاد تـــــــوبـــــهه! مُـنهن جي ناهي بات ان مشاعري جي ويهن ورهين کانپوءِ، نئين پاڪستان جي جشن جي موقعي تي سڄي پاڪستان ۾، عوامي راڄ جي حوالي سان فنڪشن ٿيا. ائين لاڙڪاڻي ۾ به جشن جمهوريت جي حوالي سان جناح باغ ۾ هڪ ادبي فنڪشن، ٽيويهين سنڌي ادبي ڪانفرنس ۽ مشاعرو ٿيو. مشاعري ۾ مرحوم غلام محمد گرامي، شمشير الحيدري، دادن فقير کان وٺي استاد بخاريءَ ۽ سيد احسن الهاشميءَ شعر پڙهيا. هن مشاعري جي صدارت مخدوم طالب الموليٰ ڪئي. رات جو دير سان جڏهن ننڊاکڙي ماحول ۾ استاد بخاريءَ کي شعر پڙهڻ لاءِ سڏ ڇا ٿيو، سامعين جي اکين مان ننڊ پَرَ ڪر اُڏامي وئي. سندس شعر پڙهڻ جي موٽ ۾ تاڙين جي ڦهڪن، چوڙين جي ڇمڪن، هُوڪرن ۽ نعرن جي آواز، اسٽيج کي به لوڏي وڌو ۽ اُن رات مشاعرو استاد بخاري لُٽي ڦُري ويو. جڏهن استاد بخاري لهڻ واري پئي ڪئي ته؛ ونس مور، هڪ دفعو ٻيهر، ترنم سان. اهڙن آوازن اُستاد بخاريءَ کي ٻيهر شعر پڙهڻ لاءِ هَر هَر موٽايو پئي. اُستاد بخاري شعر پڙهي، جڏهن اسٽيج تان لٿو ته سيد احسن الهاشميءَ، خوشيءَ وچان اُستاد بخاريءَ کي ڀاڪر پائي چيو؛ "واه اُستاد، شاعري به تنهنجي ۽ شاعر به تون، اسين پارا کوڙ شاعر...!!" لاڙڪاڻي کان ڳوٺ پهچڻ تي، کيس مخدوم طالب الموليٰ صاحب خط ذريعي، هالا يا حيدرآباد اچڻ لاءِ، نينڍ ڏيندي لکيو؛ "جڏهن به حيدرآباد اچڻ ٿئيو ته قرب ڪري هن فقير (طالب الموليٰ) جي آستاني تي ليئو پائڻ نه وساريندا. جيڪڏهن اچڻ جي پڪ ڏيو ته صرف ريل گاڏيءَ جي ڪوٽڙيءَ اسٽيشن تي پهچڻ وارو وقت ۽ ڏينهن لکي موڪليندا. جيئن هن فقير لاءِ اهو اعزاز ٿئي ته پاڻ ريلوي پليٽ فارم تي توهان جي آجيان لاءِ موجود هجي." اُستاد بخاريءَ اهو خط پاڻ سان، مرڻ گهڙيءَ تائين، قيمتي چيزن وانگر ساهه وانگر سانڍي رکيو. دادوءَ ۾ نوڪريءَ دوران، استاد بخاريءَ سان شام جو ڪچهريون ڪرڻ، روزاني جو معمول هو. آءٌ ساڻس وڌيڪ هُجائتو به هوس. هڪ دفعي کانئس پڇي ويٺم؛ "بخاري صاحب، هڪڙو سوال ڪريان؟" چيائين؛ "سڄي عمر سوالن منجهائي رکيو آهي. الائي ڪهڙو سوال ذهن ۾ اٿئي؟" چيومانس؛ "هي جو سنڌ ۾ وڏو غوغاءُ متل آهي ته سنڌ جو وڏو شاعر ڪير آهي؟ اياز يا اُستاد؟ توهان جو پنهنجو ڇا خيال آهي ته ڪير وڏو شاعر آهي؟ توهان يا شيخ اياز؟" چيائين؛ "نذير، تو ڏاڍو سٺو سوال ڪيو آهي. حقيقت پڇين ٿو ته مان کليءَ دل سان چوان ٿو؛ اهو فيصلو تاريخ ڪندي ته ڪير وڏو شاعر آهي؟ پر شيخ اياز مون کان وڏو شاعر آهي. هُو عمر ۾ به وڏو آهي، مطالعي ۾ به وڏو آهي. پڙهيل ڪڙهيل به وڏو آهي ۽ شاعر به وڏو آهي." وڌيڪ ٻڌايائين؛ "شيخ اياز منهنجي شاعري بابت جيڪو روبرو مون کي چيو، جي اهو جيئن جو تيئن لکان ته پاڻ پڏائڻ واري زمري ۾ اچي ويندو ۽ منهنجي رقيبن کي هڪ نئون موضوع ملي ويندو." ۱۹۵۵ع دوران، ون-يونٽ اندر، سنڌ کي ضم ڪيو ويو. سنڌ جي وڏيرن پيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن ون-يونٽ جي حمايت ڪئي ته ٻئي طرف، سنڌ جو درد رکندڙ ماڻهن ۾، ٻين سميت، اُستاد بخاريءَ جي چپن تي، اندر جو اوٻر اجهو هيئن ظاهر ٿيو: ڳــــــاڙهــــا ڳوڙهــا هـــيڏهـــون، هوڏهـــــــن ڳاڙِهـــا ڳلَ هــــيڏهــــن ســـادا سُـــودڙا، هــــوڏانــــهـــن پِير پڙهـــيــل. هــــيڏهن ســــورج ساڙيا، هوڏانهــن پينگهه پلـــيل، هيڏانهن حامي ڪو نه ٿئي، هــــوڏانهن "دادا" دَلَ هـــيـــڏهـــن ڪــــارا قـــائـــدا، هـــوڏانـــهن جهل نه پل ڪهڙيءَ ڀر "اُستاد" آ، ڪنهن کي ڪهڙي ڪَلَ هــــيڏهــــن گـــــهـــوڙا گـــهل، مـــاريو مـــاريو هــــوڏنهن هڪ دفعي پڇيومانس؛ "جيڪڏهن شاعريءَ ۾ هڪ سٺي شاعر جو توهان کي نوبل پرائيز ملي ته ڪيئن ٿا ڀانيو؟" جواب ۾ چيائين؛ "مان ته هرگز هرگز 'نَوَبل پرائيز` جو انسان دشمن ڳٽ، پنهنجي ڳچيءَ ۾ ڪو نه وجهندس. مونکي ايتري بم بارود جي ڌپ ايندي جو منهنجو ساهه ٻوساٽجي ويندو! ڇاڪاڻ ته بم جو ايجاد ڪندڙ به ته نوبل ئي هيو. مون ته سڄي عُمر بم ۽ بارود جي خلاف لکيو ۽ شاعري ڪئي آهي." هڪ دفعي پنهنجي ٻاروتڻ جي يادن واري ڪتاب جو ورق ورائيندي ٻڌايائين؛ "ننڍڙو هوس ته رات جو سمهڻ وقت، مون کي سهرا يا گيت ٻڌڻ کانسواءِ ننڊ ڪو نه ايندي هئي. امڙ سانئڻ رات جو مون کي ننڊ ڪرائڻ خاطر سهرا ٻڌائيندي هئي. هڪ دفعي رات جو امان سانئڻ هڪ سهرو ٻڌايو. جنهن جا ٻول ڪجهه هن ريت هئا؛ آءٌ ٿــــي ڀــانـــيان، راڻل منهنجي راڄ سڏايو مان ٿي ڀانيان "پنهل" منهنجي راڄ سڏايو "امڙ سانئڻ مون کي گهر ۾ پنهل ڪري ڪوٺيندي هئي. الائي ڇو مون امان سانئڻ جي چپن تي پنهنجون آڱريون رکي پنهنجي مادري زبان سرائيڪي ۾ کيس چيو؛ "امان، اَي نه ڳاءِ، ميڪون ڊڄ پيا لڳدائي." راڄ رڳو خوشين ۽ شادمانن ۾ ته ڪو نه ايندو آهي. خدا نه ڪري ته ڪنهن گهر ۾ ڪو حادثي جهڙو واقعو برپا ٿيڻ تي ۽ گهر ۾ موتي فوتي ٿيڻ تي به ته راڄ ڪٺو ٿيندو آهي نه؟" مئي مهيني ۱۹۹۰ع جي ڳالهه آهي. آءٌ ڪراچيءَ جي انچولي بس اسٽاپ، نزد يوسف پلازه تي بس ۾ سوار ٿيڻ لاءِ بيٺو هوس. اوچتو صدر کان ايندڙ هڪ بس مان آواز آيو؛ "نذير! اتي بيهه!" ڏسان ته سنڌ جو معروف شاعر ۽ پبلشر، قاضي مقصود گل لٿو ۽ ٻڌايائين؛ "چڱو ٿيو جو هتي ملي وئين. اُستاد بخاريءَ جو تو لاءِ خاص نياپو آهي. ساڻس شاليمار هوٽل ڪينٽ اسٽيشن تي ملي وڃ، جو هُو لنڊن وڃڻ لاءِ تيار آهي." مون ڳوٺ وڃڻ جو ارادو بدلائي، سڌو ڪينٽ اسٽيشن ڏانهن رُخ رکيو. ڪائونٽر تان معلوم ڪري، سڌو ڪمري ۾ ويم. مون تي نظر پوڻ سان ئي چيائين؛ "هيڏي اچڻ کان اول، توکي فون ڪيم. خبر پئي ته تون سروهين ويجهو، رپڙيءَ ويل هُئين ۽ اُتان ڪراچيءَ وڃڻو آهين. ڏاڍو سٺو ٿيو، جو ملي وئين. سڀني پرين پيارن کان موڪلائي آيم پئي ته ذهن ۽ دل جي پردي تي تون نمودار ٿئين. توکان ريءَ موڪلائڻ، ڏاڍو موڳو ڪري ڇڏيو هو." لنڊن کان موٽيو ته ٻڌايائين؛ "اڃا هڪ دفعو ٻيهر وڃڻو پوندو" ٻيهر به ٿي آيو ته پڇيومانس؛ "ٻه دفعا لنڊن مان ٿي آيو آهين، ڪا خاص ڳالهه؟" چيائين؛ "اگهو ويو هيم، ڪاش سگهو وڃان ها. البته اُن ڏينهن دل وڏي ٿي وئي، جڏهن ڊاڪٽر انور هاليوپوٽي سان گڏجي، سنڌ جو نامور اديب جمال ابڙو پڇڻ آيو. الائي ڇو جمال ابڙو سان ملڻ وقت اکيون ڀرجي آيون. لڳو ته ڄڻ منهنجي گهر جو ڀاتي، هوائن جي رستي لنڊن هليو آيو آهي." پنهنجي والده جو هي سودائي ٻچڙو، هن دنيا ۾ بي چيني، بيقراريءَ ۽ تڙپ سان زندگي گهاريندڙ، ۹ آڪٽوبر ۱۹۹۲ع تي رات جو پاڻ سان سنڌ جا سُور، محبوبن جا ماڻا ٽاڻا، رقيبن جون نفرتون ۽ هزارين سوداءَ کڻي هيئن چئي هليو ويو؛ الائي ڇا ٿيندو هن خطي جو؟ مُئو اُستـــاد ٻـــڏتر ۾ وڃان ٿو. اڄوڪي سنڌ ۾ هر ڏهن ماڻهن کان پوءِ هڪ قافيه طراز، تڪبند ۽ متشاعر شخص آسانيءَ سان ملي ويندو. جڏھن ته هڪ موزون طبع، اصلي شاعر ۽ تڪبند مُتشاعر ۽ پراوا خيال ۽ شاعراڻا جملا چورائيندڙن جي وچ ۾ جيڪو فرق آهي سو اُستاد بخاريءَ جي شاعري پڙهڻ سان معلوم ٿي ويندو. اهلِ نظر، ان کان ناواقف به ناهن. اُستاد بخاريءَ کي پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌي چوڻين ۽ پهاڪن، تشبيهن ۽ استعارن کي استعمال ڪرڻ تي وڏي دسترس (مهارت) حاصل هئي. هن گهڻو تڻو سمورين صنفن تي لکيو آهي. هن جي ڪافين ۽ گيتن ۾ غزل جهڙو رنگ سمايل آهي. اُستاد بخاريءَ جي شعرن ۾ جيڪا وسعت ۽ شدت آهي، اُها ساراهڻ جوڳي آهي. عالمي شهرت يافته ناول نگار گابريل گارشيا مارڪيز، ٻئي ڪنهن لاءِ غم جو اظهار ڪندي جيڪي جملا چيا هيا، سي مان به هلڪي ۽ معمولي ڦير ڦار سان اُستاد بخاريءَ جي لاءِ هتي لکان ٿو؛ "اُن خوبصورتيءَ جو خاتمو ٿي ويو، جنهن ويهين صديءَ جي سنڌي شاعريءَ کي، پنهنجي منفرد، روانيءَ واري شاعراڻي انداز سان، هڪ طرف کان ٻئي طرف تائين، سيراب ڪيو!" استاد بخاري خبر ناهي ته ڇا ٿيندو خطي جو! پروفيسر نذير احمد سومرو ويهين صدي پڄاڻيءَ ڏانهن وڌڻ لاءِ، آخري ڏهاڪي جي ابتدائي سال ۾ قدم رکيو ته سنڌ سان تعلق رکندڙ بخاري ڀائر (اُستاد بخاري ۽ حاڪم علي شاهه بخاري) لنڊن جي اسپتال مان سنڌ ڏانهن اُسهڻ لاءِ آتا ويٺا هئا. ڪرام-ويل اسپتال جي ڊسچارج ٿيل مريضن جي ڪمري جي ڪنهن ڪُنڊ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو رنگين ڪلام شاعر، اُستاد بخاري زندگيءَ جي پينگهه ۾ آس ۽ نراس جي وچ ۾ لڏي رهيو هو. وســــوســــو اڄ بــــه (ڀــــــي!) ٽـــــٽـــــل امـــــيــــــد تـــــي، دل جــي مــرضـــي، مـــون کـــي آهــــي اعـــتـــبــــار! حاڪم علي شاهه ڪاڳر هٿ ۾ کنيو، اُستاد جي معالج سان آخري ملاقات ڪري پڇي ٿو؛ ”وري ڪڏهن اچئون! توهان ته ڊسچارج ليٽر ۾ ٻارنهن مهينا لکيا آهن. ٻارنهن مهينن کان پوءِ اچئون ته ڪو فرق ته ڪو نه پوندو؟“ ڊاڪٽر پنهنجون اکيون کڻي نماڻائيءَ سان وراڻي ٿو: ”ٻارنهن مهينا؟... ٻارنهن مهينن جي اندر يا پوءِ، توهان کي لنڊن اچڻ جي ضرورت ئي ڪا نه پوندي. ڇاڪاڻ ته هي مريض اسين توهان کي مهمان طور ڏئي رهيا آهيون. مهرباني ڪري مريض کي ڪنهن به حالت ۾ نه ٻڌائجو... گُڊ باءِ!“ ڊاڪٽر جي زبان مان نڪتل لفظ، حاڪم علي شاهه جو اندر چيري ويا. هو ٿڙندو ٿاٻڙندو، ڳؤرن قدمن سان، انتهائي صبر جو مظاهرو ڪري، اُستاد جي ڀرسان اچي، ڳوڙها پي، چپن تي نقلي مُرڪ سجائي، ٻڌائيس ٿو: ”فڪر ڪرڻ دي ڪائي ڳالهه ڪانهي. ڊاڪٽر آکدا پئي ته تُسان ڪون هڪڙا دفعا ٻيهر لنڊن ٽيسٽ واسطي آوڻا پوئسي. اُهو به ٻارنهن مهيني ڪنون پِڇي.“ اُستاد بخاري پنهنجو ئي شعر جهونگاري ٿو: بــــجــــنــــســــي بــــاهــــه بَــــٺــــي آهــــي، مــــان چــــوان نــــه چــــوان حــــيــــاتــــي پــــوءِ بــــه مــــٺــــي آهــــي، مــــان چــــوان نــــه چــــــوان ڪـري پـئـي آڳ تـي ”مـاتـم“، تـڪـي پـئي ”عـيد“ اڳيان، ”بــــخــــاري“ زنــــدگــــي هــــيءَ آهــــي، مــــان چــــوان نـه چــــــوان ٻارنهن مهينا به نه ٿا گذرن، نئين ديري جي بازار ۾ ڪو ماڻهو ملي ٿو: ”ڳالهه ٻڌ! اُستاد بخاري سخت بيمار آهي. ڪالهه ڪجهه اديب دوست دادوءَ ويا هئا. پر اُستاد ڪو نه ملين.“ سندس باقي لفظ ڪو نه ٻڌم. اُتان ئي پويان پير ڪندو، اچي دادوءَ جي غريب آباد محلي ۾ ٽانگي تان لٿس. سامهون اُهو ساڳيو در نظر آيو، جنهن جي مٿان اُستاد بخاريءَ جو گهر جي تختي لڳل آهي. هي اُهو ساڳيو در آهي، جيڪو گهنٽي وڄائڻ تي، چپن تي مُرڪ آڻي، اندران اُستاد بخاري نڪري چوندو هو: ”اڄ ڀلا! ايڏي دير ڪيئه اچڻ ۾؟ هاڻي ته تنهنجو اوسيئڙو ختم ڪري مان به ٻاهر نڪرڻ وارو هيم. چڱو ٻه ٽي منٽ بيهه ته اچان ٿو.“ ڪا دير خاموشي ڇانئجي وڃي ٿي. دل چوي ٿي؛ ڄاڻ اُستاد ٻاهر نڪتو. ٻيهر ڌڙڪندڙ دل سان گهنٽيءَ جي بٽڻ تي آڱر رکان ٿو. ايتري ۾ پاڙي جي ڪا نينگري اُستاد جي گهر ۾ وڃي ٿي. چوانس ٿو؛ ”اُستاد کي ٻڌا ته نئون ديرو مان نذير سومرو آيو آهي.“ ڇوڪري اندر وڃي، گهر لڳ ڪمرو/ اوطاق کولي ٿي ۽ چوي ٿي؛ ”ٿوري دير لاءِ ويهو“. جهٽ رکي، ساڳي ڇوڪري مون کي ورانڊي مان وٺي، هڪ ڪمري جو در کولي ٿي. اندر وارو منظر ڏاڍو اُداس هو. هزارين ماڻهن کي مشاعرن ۾ پنهنجي شاعريءَ جي منڊ ۾ منڊيندڙ اُستاد هڏن جي مُٺ وڃي بچيو هو. هميشه جيان پذيرائي ڪندڙ اُستاد جسماني طور آجيان ڪرڻ کان لاچار هو. ان ڪري آءُ پاڻ، ساڻس ڀاڪر پائي مليم. جڏهن منهنجا ڳوڙها، سندس هٿن تي ڪريا ته چيائين؛ ”ادا سائين کي ايڏي وسعت نه ڏئي. پنهنجي ٽيپي کي ٽانڊو ته نه ڪر!“ سندس جسماني صحت کي ڏسي، اعتبار ئي نه پئي آيو ته اُستاد منهنجي آڏو ڊبل بيڊ تي ليٽيل آهي. سندس آواز ۽ اکين جي جوت ڏسي دل ۾ چوان ٿو؛ ”اُستاد ئي آهي.“ ڳالهين ڳالهين ۾ هندي فلم جي هڪ گاني جي هيءَ سٽ پڙهيائين: ”دُنيا مين ڪتنا غم هي، ميرا غم ڪتنا ڪم هي“ پوءِ چيائين؛ ”نذير! تون جلدي اُٿڻ جي نه ڪر. ڇاڪاڻ ته لڳي ٿو ته پنهنجي هيءَ آخري ملاقات آهي. وري ملڻ ٿئي الائي نه؟ اکين ۾ جوت به وڃي ٿي جهيڻي ٿيندي. حيرت آهي ته بُتن (حسينن) سان ملاقاتن جو شوق ۽ اشتياق دم ٽوڙي نه سگهيو آهي“. آلين اکين سان بي دليو ٿي کانئس موڪلائي ٻاهر نڪتم. رستي ۾ هر هر اهو خيال پئي آيو؛ ”ڇا اُستاد بخاري هن دنيا ۾ فقط چئن گهڙين جو مهمان آهي!“ اها سوچ ايندي ئي دل کي جهٻو پئي آيو ۽ اکيون ڀرجي پئي آيون. نائين ۽ ڏهين آڪٽوبر جي رات جو، ڪراچيءَ جي هڪ خانگي اسپتال ۾، ٽريفڪ جي سگنل جيان اڳ ۾ ڳاڙهي بتي ٻري ۽ پوءِ سائي. جنهن جي چمڪي سان سندس زندگي روان ٿي، الائي ڪهڙي گس کان موڙ کائي، ڪنهن هجوم ۾ گم ٿي وئي. فارسيءَ جي شاعر چواڻي؛ ”عدم جي راهه به ڪيڏي نه هموار آهي. جنهن به اُن تي قدم رکيو، وري پـٺتي ڪو نه نهاريو.“ اُستاد بخاريءَ جو شمار، سنڌ جي انهن اهم ۽ سٺن شاعرن ۾ ٿئي ٿو، جن پنهنجي فڪر ۽ فن جي اظهار لاءِ، شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي. سندس سموري شاعريءَ ۾، هڪ پاسي رومانوي جذبن جي فراواني آهي ته ٻئي پاسي زندگيءَ جي وحشي ۽ قهر آلود لمحن جو داستان آهي. اُستاد جو گيت هجي يا غزل، نظم هجي يا ڪافي، اُنهن ۾ زندگيءَ جا الڳ الڳ تجربا آهن. هن سنڌيءَ ٻوليءَ جي مانوس ۽ معروف لهجن کي، نين معنائن ۽ نين رمزن سان خوبصورت ۽ معنيٰ خيز بڻائي ڇڏيو آهي. خاص طور تي سندس نظم ۽ بيت، دوها ۽ وايون الڳ ڪيفيتن، انفراديت ۽ خوبصورت شعريت جا شاهڪار نمونا آهن. پنهنجي تجرباتي شعور کي پر اثر انداز ۾ ظاهر ڪرڻ اُستاد بخاريءَ جي هٿ وس هو. سندس شاعري، جتي پنهنجي دلڪش ترنم جي ڪري دلين کي فرحت ڏيندي هئي، اُتي هڪ عام ٻڌندڙ محسوس ڪندو هو ته اُستاد ته سندس ئي دلي اُڌمن ۽ جذبن جي ترجماني ڪري رهيو آهي. سنڌ جو ڪو به اهڙو ذڪر جوڳو مشاعرو ڪو نه آهي، جنهن ۾ اُستاد شرڪت نه ڪئي هجي ۽ پنهنجي دلنشين شاعريءَ ۽ پُرڪشش ۽ منفرد ترنم سان مشاعري کي مچايو نه هجي. اسٽيج تي سندس شعر پڙهڻ جو انداز ٻڌندڙن تي جادوءَ جو ڪم ڪندو هو. جڏهن کيس وڏن مشاعرن ۾ شعر پڙهڻ وقت، بي پناهه داد ملندو هو، تڏهن سندس همعصر شاعرن جي منهن جو پنو لهندي ڏٺم ! اهڙن ريسارن شاعرن کي ريس ڪندو ڏسي، دل ۾ دُعا گهرندو هيم ته اُستاد بخاريءَ کي (شل) زماني جي نظر نه لڳي! سنڌ ۾ ابتر حالتون ڏسي، پاڻ تڙپي پوندو هو ۽ چوندو هو؛ ”اسان سنڌين کي ڇا ٿيو جو اخلاقي ڏيوالپڻو اسان جو نشان ٿي ويو آهي.“ نئين نسل کي گمراهيءَ طرف وڌندو ڏسي چوندو هو؛ ”اسان جي قوم ڪُڪڙ قوم آهي ۽ ڪُڪڙن جيان هڪٻئي سان وڙهڻ ۾ پوري آهي.“ مٿان وري غيرن جا ڪٽڪ ۽ منشيات جو وڪرو عام جام. سنڌي سماج کي ڊانواڊول ٿيندو ڏسي، بي اختيار ٿي چيائين: ڏسيو وڻ وڻ کي، اوٿر ۾ وڃان ٿو، ڇڏي منڇر، ننڍي ڇر ۾ وڃان ٿو؛ خبر ناهي ته ڇا ٿـيـندو خـطـي جـو، مُــئــو استـــاد ٻُــڏتــر ۾ وڃـــان ٿو. اُستاد بخاريءَ جو وڇوڙو، حقيقت ۾ هڪ سٺي سنڌي رومانوي شاعريءَ جو وڏو سانحو آهي. سندس جُدائيءَ کان پوءِ، هتي ڪيترائي دلين کي ڏڪائيندڙ سانحا ٿيا. پاڻ زندهه هجي ها ته اُهي واقعا سندس دل کي ڌوڏي سندس سيني ۾ زلزلا آڻين ها. هو اُنهن کي شعرن جو روپ ڏئي ها. سندس موت جي ڪري، اسين سندس اهڙي پُر اثر شاعري ٻڌڻ ۽ پڙهڻ کان محروم رهجي وياسين. هو مُئو ڪٿي آهي! هُو ته زندهه آهي. پنهنجي ڪتابن ۾ ۽ اسانجي دلين ۾. آءُ هر روز اهو سوچيندو آهيان ته ڪنهن به موڪل واري ڏينهن، دادوءَ ويندم، غريب آباد پاڙي جي هن شاهڪار شاعري ڪندڙ شاعر اُستاد جي گهر جو در کڙڪائيندم. هو چپن تي مُرڪ آڻي ٻاهر اچي چوندو؛ ”ڇو ڀلا ايڏي دير ڪيئه اچڻ ۾؟“ (ٽه ماهي مهراڻ، سرءُ ۲۰۰۵ تان ٿورن سان کنيل) استاد بخاري سنڌ جو لافاني شاعر ابراهيم لاشاري هر سال جيان ۱۶ جنوري جي تاريخ اهڙو ته خوشين جو موقعو کڻي ايندي آهي جو هن تاريخ تي رب سائين سنڌ ڌرتي تي هڪ حساس طبيعت جي نماڻي عوامي رنگ سان سرشار ٿيل شاعر کي سيد حاجن شاهه جي گهر ۾ پيدا ڪيو جنهن جو والدين (ڇٺي) جو نالو پنهل شاهه رکيو هو جنهن کي سڀئي گهر وارا پيار منجهان (عرسو) جي نالي سان سڏيندا هئا پر جڏهن استاد بخاري نصابي تعليم جي وهي کي رسيو ته سندس والد صاحب کيس اسڪول ۾ داخل ڪرايو جتي سندس والد صاحب خوشي منجهان پتاشا ورهائي سندس احمد شاهه نالو لکرايائينس. سيد احمد شاهه بخاري ولد سيد حاجن شاه بخاري جي گهر کان ۱۶جنوري ۱۹۳۰ع خميس ڏينهن هن جهان ۾ اک کولي سندس ننڍ پڻ ۾ سندس پيءُ حاجن شاهه ِسيد جي جهوپڙي منجهه قديم زماني جا قصا، ڪهاڻيون، تاريخي واقعا ٻڌائي ذهن کي روشناس پيو ڪندو هو. ٻئي طرف سندس جيجل امڙ وري پنهنجي مٺڙي زبان سان مذهبي پرچار پئي ڪندي هئي، عمده ۽ شاندار تربيت والد جي صلاحن، امڙ جي دعائن استاد بخاري جي زندگي تي بهترين اثر ڇڏيو. استاد بخاري ۱۹۴۴ع ڌاري سنڌي فائنل پاس ڪري سال ۱۹۴۶ع ڌاري پهريان روينيو کاتي ۾ تپيدار جي نوڪري ڪرڻ لڳو پر اها نوڪري سندس طبعيت کي ڀانءِ نه پئي، جلد ئي ان نوڪري منجهان هٿ ڪڍي .تڪڙو ئي۱۹۴۷ ع ڌاري پرائمري استاد جي حيثيت سان تعليم کاتي سان سلهاڙجي پڙهائڻ لڳو. انهن ئي ڏينهن ۱۹۶۱ع ۾ مئٽرڪ ۽ ۱۹۶۳ع ڌاري انٽر، بي اي، جا امتحان خانگي طور سٺن نمبرن ۾ پاس ڪيائين ۽ وري استاد بخاري تعليم ۾ هڪ وک اڳتي وڌائيندي ۱۹۶۴ع ڌاري سنڌ يونيورسٽي مان (سنڌي ادب ۾ ايم اي) ڪيائين. پاڻ لاڳيتو ٻارهن سال پرائمري استاد ۽ ڇهه سال انگريزي استاد طور خدمتون سرانجام ڏيندي نظر آيو سال ۱۹۶۷ع ڌاري استاد بخاري گورنمنٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ سنڌي شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. اهڙي ريت استاد بخاري لاڙڪاڻو، سانگهڙ، دادو ۽ سيوهڻ ڪاليجن ۾ ليڪچرر ٿي رهي آخر ۾ دادو ڊگري ڪاليج مان اسسٽنٽ پروفيسر جي عهدي تان رٽائرمينٽ ورتائين. استاد بخاري پاڻ سنڌي ٻولي جو محبوب بهترين شاعر ۽ سندس شمار جديد شاعرن جي صف ۾ سڀني کان مٿي ٿئي ٿو. سندس دل دردن سان ڀريل هئي، استاد بخاري جي شاعري جي هر صنف هر موضوع سان سرشار لڳي پئي آهي استاد بخاري سونهن ۽ درد جي ڳالهه ڪهڙي نه سهڻي نموني شاعري وسيلي ڪئي آهي پاڻ چوي ٿو ته:. تنهنجي تڪ تيز نگاهن کان بچو ڪو ڪونهي ڇو ته هر تير لڳو ٺيڪ گٿو ڪو ڪونهي، عشق جي آڳ ڪچهري کي بنايو آوي، جو هتي آ سو پڪو آهه ڪچو ڪو ڪونهي، سونهن ۽ نينهن جي سڀ ڪنهن کي سڃاڻپ آهي، ايترو يار صفا ٺوپ انڌو ڪو ڪونهي. ڪو ٻري پيو ڪو ڳري پيو ڪو ڀري پيو آهون ، تنهنجي پاڙي ۾ سڄي رات ستو ڪو ڪونهي . عشق جو آند نه ڪو پاند ٻڌون ٿا استاد، سونهن جي ذات نه ڪا پات پتو ڪو ڪونهي. سندس پهريون تخلص سندس نالو احمد شاهه هو پوءِ (آسي) ان بعد (دردي) ۽ (بخاري) به استعمال ڪيائين، پر پوءِ جلدي پاڻ کي (استاد) سڏرايائين. سندس اصل سڃاڻپ ئي يعني (استاد) تخلص سان ٿي ۽ سڄي سنڌ ۾ هن مشهوري ماڻي. سندس شاعري جو لفظ لفظ غزل گيتن، محبت ،درد، پيار، امن، خوشحالي، جدوجهد ترقي جي پيغام سان ڀريو پيو آهي، استاد بخاري شاعري جي ابتدا شاگردي واري زماني ۾ ڪئي جڏهن هو اڃا پنجين ڪلاس جي تعليم حاصل ڪري رهيو هو. استاد بخاري ننڍي هوندي تمام ذهين هوندو هو اسڪول جي شاگردن ۾ به نمبر اول تي هوندو هو. جڏهن اسڪول جي اسيمبلي جو گهنڊ وڄندو هو ته پنهنجي مٺڙي مڌر آواز سان گيت هروز پيو چوندو هو. سندس ڳائڻ سان به بيحد دلچسپي هوندي هئي ۽ هڪ موسيقار جي حيثيت سان سڃاتو ويندو هوپاڻ گها گهر، يڪتارو، مٽ نهايت بهترين نموني سان وڄائڻ ڄاڻيندو هو. ان وقت جي مشهور مقبول شاعرن جي شاعري جا آلاپ پيو ورجائيندو هو. اڪثر استاد سڳورا سندس اسڪول بند ٿيڻ مهل يا وري رسيس جي مهل ڪجهه ٻول ٻڌائڻ لاءِاستاد بخاري کي فرمائش ڪندا هئا. ائين ئي سندس دل ۾ شاعري ڪرڻ جا اڌما پيا ايندا هئا ۽ پوءِ ائين شاعري ڪرڻ جو شوق جاڳيس ۱۹۴۷ عيسوي ۾ پرائمري استاد ٿيڻ جي حيثت ۾ باقاعده شاعري ڪرڻ شروع ڪيائين انهي زماني۾ ئي پنهنجو تخلص (استاد) رکيائين ۽ ان زماني کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ادبي نالي (استاد بخاري ) سان ڏيهان ڏيهه مشهور ٿيو، استاد بخاري پنهنجي شاعري جي شروعات شاگردي واري زماني ۾ ڪري چڪو هو پر علمي ادبي سرگرمين ۾ ڀرپور نموني حصو وٺڻ جو موقعو کيس ۱۹۵۰/۵۱ ۾مليو. جڏهن پاڻ مٺياڻي ٽريننگ ڪاليج مان تربيت پئي ورتي هئائين. ۱۹۵۰ع واري زماني کان وٺي گهوٽڪي مشاعرن ۾ پئي حصو ورتائين. استاد بخاري سدائين متحرڪ رهيو .سنڌ جي ڪنهن به شهر وستي واهڻ ۾ ڪو به مشاعري جي دعوت استاد بخاري کي ڏيندو هو ته هو اتي وڃي پهچندو هيوس. استاد بخاري بزم طالب المولي انجمن ،آفتاب ادب ۽ سنڌي ادبي سنگت پاران ڪوٺايل مشاعرن وغيره ۾ حصو وٺڻ سان گڏوگڏ ريڊيو ۽ ٽي وي تي مشاعرن يا وري بزرگن جي ميلن تي ٿيندڙ مشاعرن ۾ پڻ حصو وٺندو هو ۽ پنهنجي خوبصورت شاعري پيش ڪري داد پيو حاصل ڪندو هو. استاد بخاري پنهنجي زبان سان چوي ٿو ته:. دوست ڪيا سين دلداري لاءِ ڪن ٿا دل آزا ري، چنڊ جهڪيو هو جن قدمن تي چوٽ لڳي ڪاپاري، ڪوئل ڏئي ويس بلبل ڏي ويس پرواني ڏي ويس، جنهن جنهن وٽ ويس تنهن تنهن وٽ آ زاري زاري زاري، تنهنجو منهنجو ناتو رشتو ، شايد موت ڇني، هي ياري هڪ ٻي ياري آ، ناهي ماڻهن واري، اوکي بازي الفت واري ، پياري ۽ نياري، هي جن جيتي تن به نه جيتي ، هارين ناهي هاري، پيار جي عيوض پيار گهرين ٿو ، حيف اٿئي استاد، عاشق ناهين ڄڻ ڪو آهين، يار وڏو واپاري، استاد بخاري صاحب ڪيترا ئي ڪتاب لکيا ۽ انهن جا مهاڳ پڻ لکيا. استاد بخاري هڪ سادو انسان هو سندس شاعري ۾ به سادي ٻولي نروار نموني سان جاءِ بجاءِ ملي ٿي، جنهن پنهنجي شاعري وسيلي سڄي سنڌ جي ماڻهن جي احساسن جي ترجماني پڻ ڪئي آهي پهريان پهريان استاد بخاري جي شاعري غزلن ۽ ڪافين تي مبني هوندي هئي جيڪا ٽماهي رسالي (مهراڻ) ۾ پئي ڇپبي هئي. ان وقت عالم اديب مولانا غلام محمد گرامي صاحب مهراڻ رسالي جي تسلسل سان سندس شاعري ڇپائڻ ۾ حوصلي افزائي پڻ ڪئي، پوءِ وقت گذڙڻ سان گڏوگڏ آهستي آهستي سندس شاعري ۾ پختگي ايندي وئي استاد بخاري شعر جي مختلف موضوعن جهڙوڪ وائي، بيت نظم، ڏوهيڙو، رباعي، قطع ،ٽيڙو ۽ آزاد نظم وغيره ۾ به ان وقت طبع آزمائي ڪرڻ لڳو. شعر جي ٻاهرين صنفن جهڙوڪ سانيٽ، ترائيل ۽ هائڪو ۾ به استاد پنهنجو مٽ پاڻ هو ۽ جهجهي انداز ۾ شعر چيائين. استاد بخاري سچ ۽ پيار جو شاعر هو. سندس شاعري نج سنڌي لفظن سا ٽمٽار آهي اڪثر شاعري تشبيهن ۽ استعارن ۾ ٿيل آهي، کيس (استعارن جو بادشاهه) چئجي ته ان ۾ ڪو وڌاءِ نه ٿيندو. سادي ٻولي ۾ پنهنجون تشبيهون پنهنجا استعارا جنهن ۾ سنڌ امڙ جي چيڪي مٽي جو هڳاءَ هو، استاد بخاري جي شاعري رومانوي به هئي ته قومي به سندس قومي شاعري نوجوان وڏي حب منجهان ڳائيندا آهن. استاد بخاري جي شاعري جو محور سنڌ ۽ سونهن هئي، استاد بخاري شاعرن منجهه سمورن خوبين جو مالڪ هو، استاد بخاري سونهن جو پوڄاري هو، استاد بخاري جي شاعري عشق ۽ قوميت سان ڀري پئي آهي استاد بخاري پنهنجي سونهن محبت ۽ پيار ڀري شاعري وسيلي نوان جذبا نئين آٿت ڏئي قوم ۾ اتساهه پيدا ڪيو، انهن کي پنهنجي حق وٺڻ لاءِ راهه ڏيکاري ۽ پنهجي شاعري وارن ٻولن ۾ صلاح تو ڏئي ته : سون بازار مان ڳنهي وٺبو آ ، فيض مرشد کان پني وٺبو آ، جو سمجهو ته اوهان جو حق آ، حق مڙسي سان ڇني وٺبو آ، استاد بخاري سونهن جو شيدائي ۽ پيار جو فدائي هو هن پنهجي شاعري ۾ سونهن پيار کي امرتا بخشي هئي. استاد بخاري کي سنڌ ڌرتي جي سٻاجهڙن ماروئڙن سان بي لو ث محبت هئي. جنهن کي هو عبادت سمجهندو هو . جنهن جو اظهار هن پنهنجي شاعري وسيلي پڻ ڪيو پاڻ چوي ٿو ته:. پڇن ٿا سنڌ ۽ سنڌين جي ڇو تسبيح پيو سورين. چيم هڻي پڇاڙي آ، عبادت جي ضرورت آ. سندس شاعري جا ۲۵ کان مٿي مجموعا ڇپيل آهن. جن ۾ ڪوڪڻ يا ڪلياڻ، گيت اسان جا جيت اسان جي، اوتون جوتون، لهر لهر درياهه سوچون ڀڻڪا واڪا، ڪاري ڪڪر هيٺ، ڌرتي سرتي، نه ڪم نبريو نه غم نبريو، زندگي او زندگي، ولولو ۽ ووڪ، ميلا ملهالا، لهر لهر لالاڻ ،وطن ۽ ويساهه، ڳائي پيو جاڳي پيو، ماندي ٿي نه مارئي، هڙئي هيج وطن جا، تڙ تڙ تيڏيان ڳالهيان، گهڙيا سي چڙهيا، گلدستي ۾ گيت وغيره سندس ٻيو ڪافي اهڙو ڪلام جيڪوشعري مجموعن ۾ نه ڇپجي سگهيو آهي اهو مختلف اخباري رسالن ۾ ٽريل پکڙيل آهي ان سان گڏ ڪري ڇپائڻ جي ضرورت آهي، زندگي جي آخري حصي منجهه هن عظيم شاعر استاد بخاري کي بلڊ ڪينسر جي بيماري وڪوڙي وئي، پاڻ علاج واسطي ٻاهرين ملڪ برطانيا جي شهر لنڊن ما بلڊ ٽرانفريشن ڪرائڻ به ويو هو، ليڪن بيماري بستري تي سمهاري موت سندس وڌيڪ هن عظيم شاعر کي جيئڻ نه ڇڏيو آخر ڪار استاد بخاري هزارين چاهيندڙن کي هميشه هميشه لاءِ الوداع چئي شام جو ۹ آڪٽوبر ۱۹۹۲ع جمعي ڏينهن هجري سن مطابق ۱۱ ربيع الاخر ۱۴۱۳هه تي ڪراچي ۾ ۶۲ سال ۸ مهينا ۲۳ ڏينهن زندگي جا گذاري سنڌي شاعرن ۽ اهل قلم وارن کان موڪلائي لاءِ راهه رباني وڃي، مالڪ حقيقي سان مليو، سندس مرئتي جي خبر پوندي، سڄي سنڌ سوڳوار بڻجي وئي استاد بخاري هن زماني جو وڏي مان وڏو عوامي شاعر هو سندس شاعري وارن لفظن کي اڄ تائين جهر جهنگ ۾ ترنم سان ڳايو وڃي ٿو اڄ سڄي سنڌ ۾ سندس جنم ڏينهن، ۸۸ سالگرهه، نهايت عقيدت سان ملهائي ويندي، سنڌ جا سڀئي اديب سندس شاعري، شخصيت ۽ فن، فڪر تي روشني وجهندا. استاد بخاري ”زندگي تي ناهي ڪوئي ڀروسو، حسن کي پوڄي وٺو پوڄي وٺو“ ابراهيم لاشاري سونهاري سنڌ جيڪا صدين کان قدرت جي سمورن رنگن سان مالا مال لڳي پئي آهي هي ڌرتي جيڪا ولين، بزرگن، شاعرن، درويشن جو ديس سڏيو وڃي ٿي هن ڌرتي ڪيترن ئي ڏاهن علم جي اڪابرن کي وقت به وقت پنهنجي گود ۾ جنم پئي ڏنو آهي جن پنهنجي حصي جي ڪيل ڪمن ذريعي پنهنجو پنهنجي ڌرتي جو نالو هن سڄي ڏيهه ۾ جرڪائڻ ۾ ڪا ڪم ناهي ڇڏي اهڙي ريت وادي مهراڻ جي ڌرتي کي اهيو اعزاز پڻ حاصل آهي ته هن دنيا جي وڏي عظيم شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح، شيخ اياز ۽ سنڌ جي اربيلي شاعر استاد بخاري کي پنهنجي سيني تي جنم ڏنو. جن شاعري وسيلي پنهنجي من جو آواز ڪڍي پنهنجي معاشري جي ترجماني پڻ ڪئي آهي استاد بخاري جنهن جي گيتن، غزلن، نظمن جي گونجارسنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪيترن ئي سالن کان پکڙيل رهي آهي. سيد احمد شاه بخاري ولد سيد حاجن شاهه بخاري جي گهر کان ۱۶جنوري ۱۹۳۰ع خميس ڏينهن پنهنجي زندگي جو سفر ڳوٺ غلام محمد چانڊيي کان شروع ڪيو. جنهن جو والدين آذان (ڇٺي) جو نالو پنهل شاهه رکيو هو، سندس مٺڙي امڙ وري پيار منجهان (عرسو) جي نالي سان سڏيندي هئي جڏهن استاد بخاري پڙهڻ جي عمر (وهي) تي پهتو ته سال ۱۹۳۶ع ڌاري سندس والد صاحب اسڪول جي محنتي ۽ شفيق استاد (خدابخش کٽي) وٽ اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ ويهاريو تنهن زماني ۾ اسڪول جو هيڊ ماستر محمد حسن ڪوري هو اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ وقت سندس والد صاحب پتاشا ورهائي (احمد شاهه) نالو لکرايائينس. استاد بخاري جا والدين ايترا گهڻا پڙهيل لکيل ته نه هئا. پر استاد بخاري جي سار سنڀال تمام بهتر نموني سان ڪيائون، ننڍ پڻ ۾ سندس پيءُ قديم زماني جا قصا، ڪهاڻيون، تاريخي واقعا ٻڌائي سندس ذهن کي روشناس پيو ڪندو هو. ٻئي طرف سندس جيجل امڙ وري پنهنجي مٺڙي زبان سان مذهبي پرچار پئي ڪندي هئي، عمده ۽ شاندار تربيت والد جي صلاحن، امڙ جي دعائن استاد بخاري جي زندگي تي بهترين اثر ڇڏيو. استاد بخاري ۱۹۴۴ع ڌاري سنڌي فائنل پاس ڪري سال ۱۹۴۶ع ڌاري پهريان روينيو کاتي ۾ تپيدار جي نوڪري ڪرڻ لڳو پر اها نوڪري سندس طبيعت کي ڀانءِ نه پئي جلد ئي ان نوڪري منجهان هٿ ڪڍي . ستت ئي۱۹۴۷ ع ڌاري پرائمري ٽيچر جي حيثيت سان تعليم کاتي سان سلهاڙجي استاد بڻجي ويو. استاد بخاري سنڌ جي عوامي ۽ قومي شاعر طور مڃتا ماڻي، هو ڪنهن هڪ خطي يا طبقي جو نه پر سڄي سونهن ڀري سنڌ جو عوامي نمائندو شاعر هو. ۽ ائين کڻي چئجي ته استاد بخاري سڀني جو شاعر هو، سندس دل دردن سا ڀريل هئي استاد بخاري جي شاعري جي هر صنف هر موضوع سان ٽم ٽار لڳي پئي آهي استاد بخاري سونهن ۽ درد جي ڳالهه ڪهڙي نه سهڻي نموني شاعري وسيلي ڪئي آهي پاڻ چوي ٿو ته :. تنهنجي تڪ تيز نگاهن کان بچو ڪو ڪونهي، ڇو ته هر تير لڳو ٺيڪ نشاني تي گٿو ڪو ڪونهي، سندس پهريون (تخلص) آسي ان بعد (دردي) استعمال ڪيائين، پر پوءِ جلدي پاڻ کي (استاد) سڏرايائين. سندس اصل سڃاڻپ ئي يعني (استاد) تخلص سان ٿي ۽ سڄي سنڌ ۾ مشهوري ماڻي. استاد بخاري واقعي پوري قوم جو سجاڳ استاد هو. سندس شاعري جو لفظ لفظ غزل گيتن، محبت، درد، پيار، امن، خوشحالي، جدوجهد ترقي جي پيغام سان ڀريو پيو آهي، استاد بخاري شاعري جي ابتدا شاگردي واري زماني ۾ ڪئي جڏهن هو اڃان پنجين ڪلاس جي تعليم حاصل ڪري رهيو هو. پوءِ ائين شاعري ڪرڻ جو شوق جاڳيس ۱۹۴۷ ع ۾ پرائمري استاد ٿيڻ جي حيثت ۾ باقاعدي شاعري ڪرڻ شروع ڪيائين انهي زماني۾ ئي پنهنجو تخلص (استاد) رکيائين ۽ ان زماني کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ادبي نالي (استاد بخاري) سان ڏيهان ڏيهه مشهور ٿيو، استاد بخاري پنهنجي شاعري جي شروعات شاگردي واري زماني ڪري چڪو هو ليڪن علمي ادبي سرگرمين ۾ ڀرپور نموني بهرو وٺڻ لاءِ ۱۹۵۰/۵۱ ۾مليو. جڏهن پاڻ مٺياڻي ٽريننگ ڪاليج مان تربيت پئي ورتي ۱۹۵۰ع واري زماني کان وٺي گهڻي ڀاڱي مشاعرن ۾ پئي حصو ورتائين. استاد بخاري سدائين متحرڪ رهيو. سنڌ جي ڪنهن به شهر وستي واهڻ ۾ ڪو به مشاعري جي دعوت استاد بخاري کي ڏيندو هو ته اتي وڃي پهچندو هيس. پاڻ بزم طالب المولي انجمن، آفتاب ادب ۽ سنڌي ادبي سنگت پاران ڪوٺايل مشاعرن وغيره ۾ حصو وٺڻ سان گڏوگڏ ريڊيو ۽ ٽي وي تي مشاعرن يا وري بزرگن جي ميلن تي ٿيندڙ مشاعرن ۾ پڻ حصو وٺندو هو ۽ پنهنجي خوبصورت شاعري پيش ڪري استادن کان داد پيو حاصل ڪندو هو. استاد بخاري پنهنجي زبان سان چوي ٿو ته دوست ڪيا سين دلداري لاءِ ڪن ٿا دل آزا ري، چنڊ جهڪيو هو جن قدمن تي چوٽ لڳي ڪاپاري، استاد بخاري صاحب ڪيترا ئي ڪتاب لکيا ۽ انهن جا مهاڳ پڻ لکيا. استاد بخاري به لطيف سائين جيان پنهنجي شاعري وانگر عوامي ۽ سادي ٻولي اختيار ڪئي آهي سندس شاعري سلاست ۽ بلاغت جي سونهن سان ٽمٽار لڳي پئي آهي پنهنجني شاعري وسيلي سڄي سنڌ جي ماڻهن جي احساسن جي ترجماني پڻ ڪئي آهي پهريان پهريان استاد بخاري جي شاعري غزلن ۽ ڪافين تي مبني هوندي هئي جيڪا اڪثر ٽماهي رسالي (مهراڻ) ۾ پئي ڇپبي هئي. ان وقت عالم اديب مولانا غلام محمد گرامي صاحب مهراڻ رسالي جي تسلسل سان شاعري ڇپائڻ ۾ حوصلي افزائي پڻ ڪئي، پوءِ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ آهستي آهستي سندس شاعري ۾ پختگي ايندي وئي استاد بخاري شعر جي مختلف موضوعن جهڙوڪ وائي، بيت نظم، ڏوهيڙو، رباعي، قطع، ٽيڙو ۽ آزاد نظم وغيره ۾ به ان وقت طبع آزمائي ڪرڻ لڳو.شعر جي ٻاهرين صنفن جهڙوڪ سانيٽ، ترائيل ۽ هائڪو ۾ به استاد پنهنجو مٽ پاڻ هو ۽ جهجهي انداز ۾ ٻٽو شعر چيائين. استاد بخاري سچ ۽ پيار جو شاعر هو. سندس شاعري نج سنڌي لفظن سا ٽمٽار آهي اڪثر شاعري ۾ تشبيهه ۽ استعارن ۾ ٿيل آهي سندس کي (استعارن جو بادشاهه) چئجي ته ان ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. سادي ٻولي ۾ پنهنجون تشبيهون پنهنجا استعارا جنهن ۾ سنڌ امڙ جي چيڪي مٽي جو هڳاءِ هو استاد بخاري جي شاعري رومانوي به هئي ته قومي به سندس قومي شاعري نوجوان وڏي حب منجهان ڳائيندا آهن. استاد بخاري جي شاعري جو محور سنڌ ۽ سونهن هئي. استاد بخاري، شاعرن منجهه سمورين خوبين جو مالڪ هو. استاد بخاري هڪ ته سونهن جو پوڄاري ٻيو سنڌ يار هو. هڪ سونهن جو پوڄاري ٻيو سنڌ يار آهي، تعريف تنهجي سون کان پڌري ٿي نه ٿي سگهي، توڙي جو پاڻ تو به چيو ٿي وڌاءِ آهي. استاد کي پهاڙ نه سمجهو جي سمجهو ٿا، چوٽي تي برف آهي اندر ۾ الاءُ آهي. استاد بخاري جي شاعري عشق ۽ قوميت سان ڀري پئي آهي استاد بخاري پنهنجي سونهن محبت ۽ پيار ڀري شاعري وسيلي نوان جذبا نئين آٿت ڏئي قوم ۾ اتساه پيدا ڪيو انهن کي پنهنجي حق وٺڻ لاءِ راه ڏيکاري ۽ پنهجي شاعري وارن ٻولن ۾ صلاح ٿو ڏي ته: سون بازار مان ڳنھي وٺبو آ. فيض مرشد کان پني وٺبو آ. جو سمجهي ته اوهان جو حق آ، حق مڙسيءَ سان ڇني وٺبو آهي. هو ڌرتيءَ سان ڪميٽيڊ شاعر هو استاد بخاري وطن دوست شاعر هو. اسين جڏهن به استاد بخاري جي شاعري ڏانهن غور فڪرسان مطالعو ڪنداسين ته هو عوامي قومي شاعر طور نظر ايندو هو، نون توڙي پراڻن شاعر ۾ هڪ جيترو مقبول هو. سندس شاعري جا ۲۵ کان مٿي مجموعا ڇپيل آهن. جن ۾ ڪوڪڻ يا ڪلياڻ، گيت اسان جا جيت اسان جي، او تون جو تون، لهر لهر دريا، سوچون ڀڻڪا واڪا، ڪاري ڪڪر هيٺ، ڌرتي سرتي، نه ڪم نبريو نه غم نبريو، زندگي او زندگي، ولولو ۽ ووڪ، ميلا ملهالا، لهري لهري ۾ لالڻ، وطن ۽ ويساهه، ڳائي پيو جاڳي پيو، ماندي ٿي نه مارئي، هڙئي ئي هيج وطن جا، تڙتڙ تيڏيان ڳالهيان، گهڙيا سي چڙهيا، گلدستي ۾ گيت وغيره. سندس ٻيو ڪافي اهڙو ڪلام جيڪو شعري مجموعن ۾ نه ڇپجي سگهيو آهي اهو مختلف اخباري رسالن ۾ ٽڙيل پکڙيل آهي ان سان گڏ ڪري ڇپائڻ جي ضرورت آهي، زندگي جي آخري حصي منجهه هن عظيم شاعر استاد بخاري کي بلڊ ڪينسر جي بيماري وڪوڙي وئي، پاڻ علاج واسطي ٻاهرين ملڪ برطانيه جي شهر لنڊن مان بلڊ ٽرانفريشن ڪرائڻ به ويو هو، ليڪن بيماري بستري تي سمهاري ڇڏيو موت جو راڪاس سندس حياتيءَ مٿان ٽڪ ٻڌي بيٺو رهيو. آخر ڪار سڀ ڪنهن کي اوڏانهن ئي هلڻو آهي، استاد زبردست نموني ڪري ٻڌائي ٿو ته: . هڪ موت مئي جو ڀئهُ سهڻا، ٻيو تو مان نه ٿو ٿئي ڍءُ سهڻا. استاد بخاري هزارين چاهيندڙن کي هميشه هميشه لاءِ الوداع چئي شام جو ۹ آڪٽوبر ڪراچي ۾ سنڌي شاعرن ۽ اهل قلم وارن کان موڪلائي هميشه هميشه لاءِ راهه رباني ٿي ويو، سندس مرتئي جي خبر پوندي، سڄي سنڌ سوڳوار بڻجي وئي هينئرتائين به سندس شاعري ساڳي شوق ۽ چاهه سان پڙهي وڃي ٿي. اڄ سندس سڄي سنڌ ۾ ورسي ملهائي ويندي. سنڌ جا سڀئي اديب سندس فن ۽ فڪر تي روشني وجهندا. استاد بخاري ٻاٽ ۾ لاٽ ٻاريندڙ شاعر ادريس عاجز عباسي هن ڌرتيءَ تي اهڙا نيڪ انسان پيدا ٿيندا رهيا آهن جن انسان ذات کي سنوارڻ ۽ سڌارڻ لاءِ پنهنجون زندگيون وقف ڪري ڇڏيون. انهن امن ۽ پيار جو پيغام ڏنو. ميٺ محبت جو درس ڏيندڙ همٿ ۽ حوصلو ڏياريو. اهڙا سچا انسان، معاشري ۾ اعليٰ مقام رکن ٿا ۽ پنهنجي قوم جي سڃاڻپ بڻجن ٿا. شاهه ڀٽائيءَ کي ڏسو، جنهن سنڌي قوم جو ڳاٽ اوچو رکيو ۽ سنڌي ٻولي بچايائين. ان مان ثابت ٿيو ته پنهنجي قومي سڃاڻپ برقرا رکڻ لاءِ، شاعرن اديبن جو هجڻ تمام ضروري آهي. شاهه، سچل کان پوءِ سنڌ ۾ کوڙ سارا شاعر پيدا ٿيا، جن هن سماج جي هر عنصر تي پنهنجي منفرد رنگ ۽ ڍنگ سان لکيو. استاد بخاري به هڪ اهڙو ئي نانءُ آهي، جنهن ٻاٽ ۾ لاٽ ٻاري نئون سج اُڀارڻ جو جتن ڪيو. کيس سنڌي قوم جي پيڙائن جو پورو پورو احساس هو. جيو ۽ جيئڻ ڏيو جا سبق پڙهائيندڙ استاد، سوچيندو هو ته خلائي دور جو لکيو پڙهيو انسان، وحشي ڇو هجي؟ پاڻ نهايت سولڙي ٻولي ۾ چوي ٿو ته: بهشت ڀونءِ بڻايو، جيو ۽ جيئڻ ڏيو، جهان کي نه جلايو، جيو ۽ جيئڻ ڏيو، جوان لاش تي روئن ونيون، اميون ۽ ڀيڻون، حسين مرڪ بچايو، جيو ۽ جيئڻ ڏيو. ترقي پسند سوچ ئي مزاحمتي اظهار جو وڏو سبب آهي. جنهنڪري شاعر ۽ اديب، قومي شعور سان، سگهاريون سٽون سرجي، ستل لوڪ کي جاڳائيندا آهن. هونئن به سياستدانن جي ڊگهي تقرير کان، شاعر جي هڪ سٽ ئي ڪارائتي هوندي آهي. جنهن ۾ غريبن جي حقن جي ڳالهه ڪيل هجي، استاد بخاريءَ جي شاعري به ڏتڙيل ۽ ڏکايل معاشري کي آٿت بخشي ٿي. ڇاڪاڻ جو استاد ٻين جي درد کي پنهنجو درد سمجهي ٿو. سامان تباهيءَ تي ڪروڙين رقمون، خرچن ٿيون خوشيءَ سان ڌڙاڌڙ قومون، گولين ۽ بمن لاءِ خزانا کليل، ڪو ڏوهه ڪيو آهي فقط تو ۽ مون! سائين جي ايم سيد، زندگي جي پوئين سالن ۾ ڪراچيءَ جي تاج محل هوٽل ۾ تقرير ڪندي چيو هو ته؛ ”سنڌ کي آزاد ڪرڻو اٿوَ ته اخلاق سڌاريو. پاڻ ۾ ٽڪرا ٽڪرا نه ٿيو. مِڙي مُٺ ٿيو. سڀني پيغمبرن به اخلاق تي زور ڏنو آهي. جيڪو چئو سو ڪري ڏيکاريو ۽ پاڻ توڙي ٻين ۾ قومي شعور پيدا ڪريو.“ جڏهن استاد جي شاعري پڙهون ٿا ته اسان کي استاد جي سموري شاعريءَ ۾ رهبر سنڌ سائين جي ايم سي وارو فڪر جهلڪندڙ نظر اچي ٿو. ڇاڪاڻ ته استاد به ساڳئي منزل جو پانڌيئڙو هو ۽ سنڌ جي حقيقي عاشقن ۾ نانءُ لکيو هئائين. هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ڪو به ڪڙمي ڪنجهي، ڪو به مانجهي منجهي، منهنجي لونءُ لونءُ لنجهي، ڏک سڄي ڏيهه جو، ڏيج مون کي ڏجو، منهنجو نالو لکي ها جڏهن ۽ جتي، ديس جي دنگ تي، جوٽڻي جوٽجي، مون کي منهنجي قبر مان به ڪوٺي نجو منهنجو نالو لکو ڀيڙ آهي، ڊگهي لسٽ آهي وڏي، وچ تي ناهي وٿي، ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ تي، سنڌ جا عاشقو منهنجو نالو لکو. استاد بخاري روايتي شاعريءَ کان وٺي، جديد سنڌي صنفن تي به گهڻو لکيو آهي. بنيادي طور استاد، بيت ۽ وائي جو شاعر آهي. سندس بيت، خون جگر ۾ ٻڏل نظر اچي ٿو. سسئيءَ جي باري ۾ چيل بيتن منجهان، هڪ بيت نموني طور ڏجي ٿو. مون لئه ماءُ مساڻ، ڀنڀور شهر ڀنڀور جو، جيجل جانب ريءَ، ڪريان ڪنهن سان روح رهاڻ، تنهنجو راڄ تساڻ، منهنجو ڪاڄ ڪوهيار ۾. ميهر جي سهڻي، جيڪا مهراڻ جي موج ۾ ترندي به، موت کان نه ڊڄندي هئي، سا آخر ساهڙ سان گڏ منجھس سمائجي ويئي. اها سهڻي جنهن لاءِ شاهه ڀٽائي به چوي ٿو ته؛ ”ساهڙ سندو تن، گهاگهائي گهڙن جي.“ ان سهڻيءَ کي استاد به گهڻو ڳايو آهي. سهڻيءَ جي سڪ ۽ اڪير کي پنهنجي بيتن ۾ سهڻين تشبيحن سان هيئن ٿو لکي ته: تڏون ڪن تر تر اڻٽڻ سهڻي سوچ ۾ تارن جي جهر مر چر پر چاهت هانو ۾ جهڙي ريت شاهه سائين تتي ٿڌي ۾ ڪاهڻ جي صلاح ڏني آهي، ساڳي طرح استاد بخاري به پنهنجي سٽ سٽ ۾ پٺ تي نه هٽڻ ۽ اڳتي وڌڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، استاد جي قومي شاعري پڙهڻ سان قومي غيرت جاڳي پوي ٿي استاد وري وري چوي ٿو ته: يارو اڳتي وڌو، ڪجهه ته اڳتي وڌو پير پيا ٿو ڦٽيا، هانو پيو ٿو رڌو، ڪجهه ته اڳتي وڌو. جو هٽيو سو ڪٽيو، مومن کي آهي پتو، ڪجهه ته اڳتي وڌو. هي جو اجرڪ آ ويڙهيو پيو، تنهنکي ڦاڙي اڌو اڌ ڪريو. هڪڙو سر سان ڪفن ۽ ٻيو سندرو ٻڌو، ڪجهه ته اڳتي وڌو. سنڌي شاعرن ۾ شاهه، سچل، سامي، سرڪش، منشي، باغي، شيخ اياز ۽ نارائڻ کي جيڪڏهن پڙهبو ته انهن پنهنجي پنهنجي شاعري ۾ سنڌ ڌرتي جي قومي ڪردار کي گهڻو ساراهيو آهي. استاد بخاريءَ جي شاعري ۾ به اهڙن قومي هيرن جو ذڪر گهڻو تڻو اچي ٿو جن ۾ منصور، دودو، دريا خان، هوشو شيدي، هيمو ڪالاڻي، مخدوم بلاول شهيد، روپلو ڪولهي، ذوالفقار علي ڀٽو، پير پاڳارو وڏو ۽ ٻيا اهم ڪردار شامل آهن. جن نه جهڪڻ، سچ ۽ سنڌ تي سر ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي. استاد به ٻين قومي ڪردارن کي اٿينس جي سقراط ۽ عيسيٰ سان ڀيٽا ڏئي ٿو. جنهن مان هڪ زهر جو پيالو ڏوڪيو ته ٻيو صليب تي چڙهيو ۽ امر ٿي ويا. استاد پنهنجي شعر ۾ چوي ٿو ته: جو اٿيو ڳاٽو، اهو ناهي جهڪيو، دار تي رهندڙ، اھو ناهي جهڪيو، پنج کنڊ ۽ ست مها ساگر گواهه، ڀونءِ جو ٻيٽو، ڀٽو ناهي جهڪيو، انگ گهاڻي ۾ پيڙجن ۽ پيسن پيا، سنڌ جو عاشق سچو ناهي جهڪيو. سنڌ جو سر سمجهه کوسو ڪاپڙي، جو تنبو ڦاڙي لنگهيو ناهي جهڪيو. مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون ساٿيو، جو به هوشو چئي چڪو ناهي جهڪيو روپلو ڪولهي سلي ساٿي نٿو، آڱريون شعلو الو ناهي جهڪيو. لئمبرڪ لوڌون بڇيون ڦاهيون ٽنگيون، وير پاڳارو وڏو ناهي جهڪيو. تاريخ سنڌ جو مطالعو ڪرڻ سان اسان جو هانءُ ڏڪي وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته تاريخ جو ورق ورق ان ڳالهه جي شاهدي ڏئي ٿو ته اسان جي سنڌ ۾ ڪيڏا نه ڪلور ٿيا آهن. عظيم انسانن جون عزتون لٽيون ويون. هٿ ٺوڪي تاريخ لکندي، قاتل چٽا فاتح لکيا ويا. مطلب ته سونهاري سنڌ ۾، منڍ کان اڄ تائين، ڌارين جون يلغارون رهيون آهن. سنڌ لٽجندي رهي آهي. سنڌي ڦاهين تي چڙهندا رهيا آهن. انسانيت کي لڄائيندڙ اهڙا واقعا هر هڪ دل تي اثرانداز ٿين ٿا، پر شاعر ته اڃا به حساس دلين جا مالڪ هوندا آهن ۽ انهن جي دلين تي قومي درد اڃا گهرو اثر ڇڏيندو آهي. استاد به اهڙو ئي قومي شاعر آهي. جيڪو سنڌ جي سورن سببان روڳي بڻيو. زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺي به، استاد وقت جي نبض تي هٿ رکي، هڪ مفڪر جي حيثيت ۾ سوچي ٿو؛ ”ديس اندر ڪالهه ڇا ٿيو؟ سڀاڻي ڇا ٿيڻو آ ....؟؟“ ڇو ته استاد کي آئيندي جو اونو هو. پاڻ کي تاريخ اڳيان پيش ڪري، هيئن ٿو چوي ته: مون کان تاريخ پڇي ته ڪٿي بيٺو هان زندگي موت ٻِه-واٽو اتي بيٺو هان، ڇا ٿيو ڇا اڃا ٿيندو سو پتو ٿم، ڇو جو وقت جي نبض تي هٿ پنهنجو رکي بيٺو هان. مٿئين ڪلاس جا ماڻهو پنهنجا ناتا زردار ماڻهن سان ئي جوڙيندا آهن. جن وٽ بي انداز دولت هجي، گاڏيون هجن، بنگلا هجن ۽ زماني جي هر عياشي هجي. وچين ڪلاس جا ماڻهو وري پنهنجو غم ٽارڻ لاءِ ڪو راهه رفيق ڳولهي وٺندا آهن. جيئن ساڻس زماني جو غم اوري، دل جو بار هلڪو ڪري سگهن. جيڪڏهن ڏکن جي ڏيهه ۾ ڦاٿل آهي ته بس غريب ۽ مزدور طبقو، ڳوٺ جون گهٽيون، شهر جون بازارون ۽ ملون. اھي ڳالهه جي شاهدي ڏيندا ته غريب ۽ مزدور طبقو، سڄي عمر روزگار لاءِ تڙپي ٿو. استاد بخاري پڻ هن طبقي سان همدردي ظاهر ڪري ٿو ۽ چئي ٿو ڏئي ته: امير پير کي زردار يار جي ڳولا، وچين ڪلاس کي غمٽار پيار جي ڳولا، ملون، بزار، ٻنيون ڳوٺ جون گليون شاهد؛ غريب لوڪ کي رڳو يار جي ڳولا. امير پير کي مان شان جو اونو، وچين ڪلاس کي ڪلچر زبان جو اونو، مريض ملڪ جي قرضي عوام کي، اٽي علاج لٽي ۽ مڪان جو اونو. استاد کي اڃا به ڪي سال، صديون جيئڻو هو. هن لکڻ پئي چاهيو. هن دور جي هر برائيءَ تي، کوٽي سياست تي، ويڪائو وڏيري تي. پر افسوس جو زندگيءَ سندس ساٿ نه ڏنو. استاد بخاري جسماني طور اسان سنڌين سان گڏ نه آهي پر سندس پاڪ روح، اڄ به پنهنجي مالڪ ۽ هير جي هڳاءَ جهڙين شخصيتن سان گڏ، ڪنهن اڙٻنگ، جوڌي ۽ جوان پهريدار وانگر سنڌ جي گهٽي گهٽي ۾ ضرور گهمندو هوندو. جيئن نه ڇنڻ واري ڳالهه هن شعر ۾ ڪئي هئائين. سڳو نه ناهي سنگهر به ناهي، ڇنا هي ناتا ڇني نه سگهندس، رسيم سرتي سڏيم سامي، ڌڪيم ڌرتي ته ڇا ڪريان مان، حبيب تو کان ڇڄي سگهان ٿو، زمين ري مان جي نه سگهندس، وري وري ڇو ڪرين ٿي پارت، غيور ٿڃ تي ويساهه ڪر تون، ترار ڪنهن جي سهي سگهان ٿو، ميار ڪنهن جي سهي نه سگهندس. استاد بخاري عوامي ۽ مزاحمتي شاعر رضوان گل شاعري من-اندر جو اڌمو به آهي ته روح جي رڙ پڻ. شاعر، تاريخ جا اهي فرد هجن ٿا، جي پنهنجي سوچ ۽ فڪر سان قومن جون تقديرون بدلائڻ جو ساهس رکن ٿا. اُهي شاعر جيڪي درٻاري ۽ سرڪاري، داٻن ۽ دهمانن کان گھٻرائجي، سچ چوڻ واري ڪرت کان پٺتي ناهن هٽندا، اهي ئي حقيقي معنى ۾ ڌرتيءَ جا سچا سپوت ثابت ٿيندا آهن. اهڙن گھڻ-ڳُڻن شاعرن ۽ پيارن انسانن مان استاد بخاري به هڪ آهي. جنهن پنهنجي شاعريءَ جي آڌار تي جھر جهنگ تائين پنهنجو آواز پهچايو ۽ ان آواز جا پڙاڏا هر طرف گونجڻ لڳا. استاد وٽ لفظ ٻڌا ٻانها ٿي بيٺل آهن. هن جي شاعريءَ ۾ انقلابي ۽ مزاحمتي انداز به آهي ته پيار جي پيچرن تي هلندڙ پريمين جا نازن وارا نخرا پڻ. هو پنهنجن شعرن ۾ ستايلن جي ڳلن تان ڪِرندڙ ڳوڙهن جي ڳالهه به ڪري ٿو ته غريب ۽ مظلوم ماڻهن جي دکن ۽ دردن جون ڪهاڻيون به بيان ڪري ٿو: وڌا وات ۾ ڇو اٿئي مُڱ زمانا، ستايو غريبن کي ڪنهن آ سچي ڪر! ڇڏي ڏي اجايا سجايا بهانا، حقيقت کڻي اڄ ته، کيرئون اڇي ڪر! استاد جو انداز ئي نرالو آهي. هو عوامي شاعر آهي ان ڪري سندس ٻوليءَ جو انداز سڌو سادو ۽ کرو آهي، جيڪو هر ماڻهوءَ لاءِ سمجھڻ سولو آهي. سنڌ جي ناليواري شاعر مقصود گل لکيو آهي ته؛ ”بخاري، ڀٽائيءَ جي ڀونءِ جو شاعر آهي. هو ڌرتيءَ ڌڻين جا جُھڳا سڙندي، گھر کان بي گھر ٿيندي ڏسي ٿو ته تڙپي ٿو پوي. حيدرآباد ۽ ڪراچي ته ڇا، پر جڏهن سڄي سنڌ کي بد-امني جي باهه ۾ وڪوڙيل پسي ٿو، تڏهن غير انساني سوچ رکندڙ، جنوني جذبي واري، احساسن کان خالي، هر ڪٺور ماڻهوءَ سان مخاطب ٿيندي چوي ٿو: تنهنجي اک ۾ پُتـلي ناهي، پٿـري آهي، سنڌ سڙي پئي، تنهنجي دل روئي به نه ٿي. تنهنجي بت ۾ رت جي بدلي، ريتي آهي، خلق لڇي پئي، تنهنجي دل ڇرڪي به نه ٿي. استاد بخاريءَ پاڻ ئي هڪ هنڌ لکيو هو ته؛ ”آئون طبعي طور، مالهي مزاج ماڻهو آهيان، حسين رنگن، لذيذ هڳاءَ، شيرين نغمن جو پياسي، پر باغ کي جو باهه لڳائي ويو آهي، ته مان به ڀڙڪي پيو آهيان. حسن پرست پيار پوڄاري، امن جو علمبردار هوندي، جيون جياپي، امن آجپي لاءِ جھونجار بڻجي پيو آهيان. سُر ڪلياڻ، سورٺ، ڪوهياري ڳائڻ وارو ڪلاڪار ڪيڏاري ۾ ڪاهجي پيو آهيان. خوشيءَ کان نه، پر دل جليءَ کان، مَن مستيءَ کان نه، پر قومي غيرت ۽ تاريخي ضرورت کان، گھوگھي اچڻ تي اکيون ڦوٽارڻ، ڌاڙي لڳڻ تي ڌاڙ ڌاڙ ڪرڻ واري مجبوريءَ کان.“ استاد قوم پرست شاعر هو، جنهن وٽ ڌرتيءَ جي ماڻهن لاءِ درد هو، سنڌي ماڻهن جي لاءِ هن وڏا جتن ڪيا ته ڪنهن هڪ پلئـٽفارم تي گڏ ٿين ۽ ڪا انقلابي تبديلي اچي. هن جي سوچن جو ڪاٿو سندس ان وقت جي روزاني اخبارن ۾ ڇپجندڙ چؤسٽن مان بخوبي ڪري سگهجي ٿو، جن ۾ بار بار سنڌين جي ٻڌي ۽ ايڪي جي ڳالهه ڪئي اٿائين. سنڌي سماج ۾ ٿيندڙ ناانصافين جي ذڪر کان ويندي استادَ عالمي امن ۽ عالمي دهشتگردن تي به قلم کنيو. هن پنهنجي لکڻين ۾ مصلحت پسنديءَ کان ڪم ناهي ورتو ۽ هر لفظ سچ جو دامن جھلي لکيو آهي. استاد ڌرتيءَ سان پنهنجي محبت جو اظهار هن ريت ڪيو: ڪنول گل مان ڪوڪو نه ٿيندو نه ٿينــدو، بخاريءَ کان ڌوڪو نه ٿيندو نه ٿيندو. ملهائي نه جو ٿــڃ جيجــل جي لوڪو، اهڙو ڪو به ٿوڪو نه ٿيندو نه ٿيندو. استاد بخاري جو اصل نالو احمد شاهه هو. سندس جنم ۱۶ جنوري ۱۹۳۰ع تي ٿيو. پاڻ سموري حياتي سنڌ ڌرتيءَ جا گيت لکندو ۽ مختلف ڪاليجن ۾ نوجوانن کي علم جو درس ڏيندو رهيو، جو پاڻ سنڌيءَ جو پروفيسر به هو. استاد ۱۹۵۰ کان وٺي ادبي محفلن ۾ اچي شعر پڙهڻ لڳو ۽ سندس شاعري پڻ مختلف ادبي رسالن ۾ ڇپجڻ لڳي ۽ ائين استاد جي شاعريءَ جھر جھنگ پهچي ماڻهن جي دلين ۾ جايون جوڙي ورتيون ۽ کيس پوري سنڌ ۾ عوامي شاعر طور سڃاڻپ ملي. سندس شاعريءَ جي ڇپيل ڪتابن ۾: ”ڪوڪڻ ۽ ڪلياڻ“، ”ڪاري ڪڪر هيٺ“،”ڌرتي سرتي“، ”نه ڪم نبريو نه غم نبريو“، ”زندگي زندگي“، ”پير نه هٽن پوئتي“، ”اوتون جوتون“، ”ماندي ٿي نه مارئي“، ”وِلوِلو ۽ ووڪ“، ”وطن ۽ ويساهه“، ”هڙئي هيج وطن جا“، ”تڙ تڙ تيڏيان ڳالهيان“، ”گھڙيا سي چڙهيا“، ”گيت اسان جا، جيت اسان جي“، ”لهر لهر دريا“، ”سوچون ڀڻڪا واڪا“، ”گيت گلابي ٻارن جا“، ”ميلا ملهالا“، ”لهري لهري ۾ لالاڻ“، ”ڳائي پيو، جاڳائي پيو“، ”گلدستي ۾ گيت“ ۽ ٻيا مجموعا شامل آهن. استادُ، شاعر سان گڏ بهترين موسيقار به هو، جو اڪثر پنهنجي شعرن جون ڌنون پاڻ ڪمپوز به ڪندو هو، ته ڳائيندو به هو. استاد تي لکيل مضمون ”استاد سان منهنجي واقفيت“ ۾ ننڍي کنڊ جي ڏاهي ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي راءِ ڏيندي لکيو هو؛ ”استاد جي شاعري جاندار ۽ بامقصد آهي. سندس ڪتاب ”ڪوڪڻ يا ڪلياڻ“، ”لهر لهر دريا“، ”سوچون ڀڻڪا واڪا“ پڙهڻ جو موقعو مليو هو. اها هام نه هڻندس ته مون جيڪي ڪجهه پڙهيو آهي، تنهن کي پوريءَ ريت سمجھيو به آهي، ڇو ته استاد اڄوڪي وقت ظلم ۽ ڏاڍ خلاف اتساهيندڙ انقلابي قسم جو شاعر ۽ نقاد آهي. سندس شاعريءَ ۾ جيڪا اسان جي سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ واري شڪل آهي، تنهن مان هو روزمره جي مسئلن کي تاريخ جي واقعن سان ڳنڍي هڪ ابدي حيثيت ڏيو ڇڏي.“ استاد هر وقت ماڻهن کي همتون، حوصلا ۽ روشنين ڏانهن ويندڙ دڳ ڏسيا، هو اُداسين ۽ مايوسين جو قائل نه آهي، پنهنجي پڙهندڙ کي هر شعر ۾ اهو ئي پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي اٿائين ته جيڪڏهن گڏجي جستجو ۽ جاکوڙ ڪبي ته منزلون اسان جي قدمن کي اچي چمنديون، پر شرط آهي ته اسان ۾ اهي منزلون حاصل ڪرڻ جون جرئتون هجن. کڻي ڪنڍيون، گلابي موسمون پهتيون، ڪري سينگار سهڻيون منزلون پهتيون. مڃينديون مات، جھڪنديون مشڪليون پهتيون، جتي تنهنجون ۽ منهنجون جرئتون پهتيون. استاد جي شاعري قومي ۽ سياسي جلسن کان وٺي ادبي محفلن تائين هر پروگرام ۾ پڙهي وڃي ٿي. سچ ته ڪو به ميڙ استاد جي شاعريءَ کانسواءِ اڌورو ۽ اڻ پورو محسوس ٿيندو آهي. جيئن جيئن وقت جا ڪانٽا تيزيءَ سان استاد جي وڇوڙي کي پراڻو ڪري رهيا آهن، تيئن تيئن سندس شاعريءَ مان نيون نيون معنائون دريافت ٿي رهيون آهن. تخليق جي زندگي، اها ئي هجي ٿي جو پاڻ سان گڏ پنهنجي تخليقڪار کي به زنده رکندي اچي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو استاد بخاري پنهنجي امر تخليقن سبب اسان جي دلين ۾ زنده آهي. نامياري دانشور، محقق ۽ شاعر تاج جويي استاد جي وفات تي تعزيتي نوٽ بڪ ۾ لکيو هو؛ ”ڪشنچند بيوس ۽ نارائڻ شيام کان پوءِ، استاد بخاري اهو عظيم نالو هو جنهن جي وفات سان سنڌ جي شاعريءَ جو هڪ اهم باب پورو ٿيو. استاد خود-دار ۽ حوصلي وارو انسان هو. اهڙا انسان ئي موت کي شڪست ڏيندا آهن.“ استاد پاڻ ئي موت سان مخاطب ٿيندي چيو: مٿي ۾ اٿئون زندگيءَ جي هوا، اسين تيز رفتار آهيون سو آهيون. اڙي! موت ساهت جي رستي مٿان، اسين توتي هسوار آهيون سو آهيون. استاد بخاري نه رڳو هڪ عوامي شاعر پر وطن دوست دانشور ۽ بهادر اڳواڻ به هو. اهڙو اڳواڻ جنهن ذهن تيار ڪيا، جنهن ماڻهن کي هر مشڪلات جي وقت ۾ ثابت قدم رهڻ جو سنيهو ڏنو. هن پنهنجن شعرن ۾ سنڌي قوم کي جو گس ڏسيو، ان گس جو ڏس اڄ تائين پنهنجي اهميت رکي ٿو. هو قومي جذبي سان سرشار هيو، ان ڪري اول ۽ آخر، گھڻو تڻو سنڌ ئي هن جي شاعريءَ جو موضوع رهي. هن قوم جي جيالن ۽ جھونجھارن کي سدائين سلام پيش ڪيو ۽ ڌرتيءَ جو مانُ مٿانهون ڪندڙن کي مانُ ڏنو. جو قوم جياري، جيئندو رهندو، جو عام اجاري، اهو جيئندو رهندو. مون کي تاريخ ۽ تقدير ڏنـي پـڪ آهي، جو سنڌ سنواري، اهو جيئندو رهنـدو. استاد، قوم کي جيئارڻ جي ڳالهه ڪئي، عام کي اجارڻ جي ڳالهه ڪئي. اهو ئي سبب آهي جو استاد پاڻ به اسان ۾ موجود آهي ۽ ايامن تائين رهندو. جيستائين سنڌي قوم ۽ سنڌ جو نعرو هڻڻ وارو هڪ به جوڌو ۽ جوان هوندو، تيستائين استاد به زنده رهندو، جو هُن هر وقت سجاڳيءَ جا سڏ ڪيا، پنهنجي قوم کي هر لمحي عملي طرح جدوجهد لاءِ بيدار ڪيو ۽ قومي ايڪتا جي ڳالهه ڪئي. استاد بخاري ٻه ڀيرا، پهريون مارچ ۱۹۹۰ ۾ ۽ ٻيو ڀيرو فيبروري ۱۹۹۲ ۾ لنڊن ويو، جو کيس ڪينسر جو عارضو هو. انهيءَ ناسور آخرڪار ۹ آڪٽوبر ۱۹۹۲ تي اسان کان استاد کسي ورتو. استاد بخاري هالار جي هستي آزاد انور ڪانڌڙو سنڌ جي برک عوامي ۽ قومي شاعر، استاد بخاريءَ جو جنم شهيد مخدوم بلاول جي سرزمين دادوءَ جي ننڍڙي ڳوٺ غلام چانڊيو ۾ ۱۶ جنوري ۱۹۳۰ع تي سيد حاجن شاهه جي گهر ۾ ٿيو. سندس اصل نالو پنهل شاهه ۽ اسڪولي رڪارڊ ۾ احمد شاهه هو. ايم.اي، ايم.ايڊ پاس استاد بخاري، دادو ڪاليج ۾ پروفيسر جي نوڪريءَ تان رٽائرمينٽ ورتي. استاد لکڻ جي شروعات ۱۹۴۲-۴۳ع کان ڪئي، هن ادب جي دنيا ۾ پهريان اي.ايس. بخاري بعد ۾ بخاري دادوي ۽ آخر ۾ استاد بخاري جي نالي سان لکيو. استاد بخاريءَ جو پهريون شعر ”اسان جي منزل“ رسالي ۾ ۱۹۵۲ع ۾ ڇپيو. استاد بخاري جو پهريون شعري مجموعو ”گيت اسانجا، جيت اسانجي“ ۱۹۷۱ع ۾ شايع ٿيو. استاد بخاري هڪ گهڻي رخي شخصيت جو مالڪ هو. هو قومي ۽ عوامي شاعر، استاد، ڊرامه رائيٽر ۽ بهترين نثر نويس به هو. استاد ڪيترا ئي ڊرامه لکيا جن ۾ انجام ۽ ٻيا شامل آهن. پاڻ اسٽيج جي ”سسئي پنهون“ ۽ ٻين ڊرامن ۾ اداڪاري به ڪئي. هو سٺي آواز جو مالڪ به هو ۽ پنهنجي اڪثر ڪلامن جون ڌنون پاڻ ترتيب ڏنائين. سندس پهريون ڪلام ”وقت ڏٺوسين پاڻ پليوسين، پيار نه ٿو پلجي“ ۱۹۶۸-۶۹ع ۾ استاد محمد جمن ريڊيو تان ڳايو. بعد ۾ اهو ڪلام، غلام قادر ميرپور خاص واري به ڳايو. استاد جي شاعري منظور سخيراڻي، استاد محمد جمن، غلام قادر ميرپور خاص واري ۽ محمد يوسف، عابده پروين، وحيد علي، زرينه بلوچ انور وسطڙو استاد گلزار علي، مني بيگم، مصري فقير، قمر سومرو، سرمد سنڌي، ممتاز لاشاري، الهداد زرداري، شازيه خشڪ، ديبا سحر سميت سنڌ جي هر ننڍي وڏي فنڪار ڳائي. استاد بخاري جي ڇپيل ڪتابن ۾؛ · اوتون جوتون (۱۹۸۳ع)، · بخاري جا قطعا (۲۰۰۰ع)، · پير نه هٽن پوئتي (۲۰۰۲ع)، · تڙ تڙ تيڏيان ڳالهيان (۲۰۰۰ع)، · جستجو لاتقنطو (۱۹۹۳ع)، · ڌرتي سرتي (۱۹۹۱ع)، · ڌوڙ دل تي درد جي (۲۰۰۸ع) · زندگي زندگي (۱۹۹۲ع)، · سوچون ڀڻڪا واڪا (۱۹۹۰ع)، · ڪاري ڪڪر هيٺ (۱۹۹۱ع)، · ڪُوڪڻ يا ڪلياڻ (۱۹۸۶ع)، · گلدستي ۾ گيت (۱۹۹۶ع)، · گهڙيا سي چڙهيا (۲۰۰۲ع)، · گيت اسان جا جيت اسانجي (۱۹۷۱ع)، · ڳائي پيو جاڳائي پيو (۱۹۹۹ع)، · لهر لهر دريا (۱۹۹۰ع)، · لهري لهري ۾ لالاڻ (۱۹۹۵ع)، · ماندي ٿي نه مارئي (۱۹۹۴ع)، · ميلا ملهالا (۱۹۸۸ع)، · نه ڪم نبريو نه غم نبريو (۱۹۹۳ع)، · هڙ ئي هيج وطن جا (۱۹۹۸ع)، · هي گجرا هي گولا (۲۰۰۴)، · هي گيت گلابي ٻارن جا (۱۹۸۰ع)، · وطن ۽ ويساهه (۱۹۹۷ع)، · ولولو ۽ ووڪ (۱۹۹۴ع)، ۽ ٻيا شامل آهن. استاد بخاري پنهنجي دور جو هڪ عظيم ۽ امر شاعر آهي. سندس شاعراڻي عظمت کان ڪو به انڪار ڪري نه سگهندو. استاد بخاريءَ جنهن لڳاتار دليري ۽ سورهيائيءَ سان موت سان مقابلو ڪندي پتي جي پٿريءَ کان ڪينسر جي بيماريءَ باوجود ۱۹۸۳ع کان ۱۹۹۲ع تائين لاڳيتو ڏينهن رات گهڻي کان گهڻو ۽ سٺي کان سٺو لکيو. شايد کيس اهو پتو پئجي ويو هو ته؛ هو گهڻو وقت جيئرو نه رهندو، ان ڪري هن لکيو ۽ ڀرپور نموني لکيو. جيئن زندگي تيز تڪڙي ٿي گذري، ائين تون به تڪڙو لکي وٺ، لکي وٺ! پٺيان پاڻهي نقاد، ”فيئر“ ڪندا پيا، تون ”رف“ جهڙو تهڙو لکي وٺ، لکي وٺ!. هالار جي هستي، استاد بخاريءَ جي وڇوڙي کي ۲۰ سال گذري ويا آهن. ان چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه آهي ته استاد بخاريءَ جي لاڏاڻي سان پنهنجي دور جي هڪ وڏي شاعر جي پڄاڻي ٿي آهي. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته هن چراغ مان ڪيئي ڏيئا روشن ٿيا آهن ۽ ايندڙ دور ۾ به ڪيئي ڏئيا روشن ٿيندا. اهو ئي سبب آهي جو اڄ استاد بخاريءَ جي نالي کانسواءِ جديد سنڌي شاعريءَ جي تاريخ ۽ سنڌي ادب جو تصور بلڪل اڻپورو آهي. عزتون، محبتون، احترام گهرڻ سان ناهي ملندو. ائين شهرت ۽ عظمت به گهرڻ سان نه پر عمل ۽ ڪردار سان حاصل ٿيندي آهي. استاد بخاريءَ کي به عزت، شهرت ۽ عظمت پنهنجي اڌ صديءَ تائين سنڌي شاعري، سنڌي ٻوليءَ جي خدمت سبب ملي. کيس حياتيءَ ۾ به ادبي ميڙاڪن، ڪانفرنسن، مشاعرن، قومي ڪاڄن ۽ عوامي جلسن ۾ جيڪا محبت، عزت ۽ مان مليو، اهو سندس وڇوڙي کانپوءِ به ساڳئي جذبي سان ملندو رهي ٿو ۽ کيس سڄي سنڌ ۾ خراجِ تحسين پيش ڪيو وڃي ٿو. ۹ آڪٽوبر ۱۹۹۲ع تي وڇڙي ويل استاد بخاريءَ کي اکرن سان عشق هو. هو لفظن ۾ ساهه وجهڻ جو ڄاڻو، شاعر، قلڪمار هو. هن لکڻ کي ئي سڀ ڪجهه سمجهيو ۽ لکڻ کي ئي زندگيءَ جو مقصد بڻايو. ڇو ته هو قلم جي طاقت کان واقف هو ۽ هن پنهنجي قلم جو مان به رکيو. استاد اڌ صديءَ کان وڌيڪ پنهنجي تخليقن، شاعري ۽ نثر ذريعي سنڌ واسين جي فڪري رهبري ۽ رهنمائي ڪئي. هو رهبر شاعر ۽ قلمڪار هو.. لکڻ زندگي، زندگي ڪيئن ڇڏجي، لکڻ بندگي، بندگي ڪيئن ڇڏجي، ڏکئي کان ڏکيو عشق، اکرن جو آ، رکي دوستي، دوستي ڪيئن ڇڏجي؟ استاد بخاري هالار جي هستي آزاد انور ڪانڌڙو استاد بخاري پنهنجي دور جو هڪ عظيم ۽ امر شاعر آهي جنهن لڳاتار دليري ۽ سورهيائي سان موت سان مقابلو ڪندي ۱۹۸۳ع کان ۱۹۹۲ع تائين لاڳيتو ڏينهن رات گهڻي کان گهڻو لکيو. شايد کيس اهو پتو پئجي ويو هو ته هو گهڻو وقت جيئرو نه رهندو، ان ڪري هن لکيو ۽ ڀرپور نموني لکيو: جيئن زندگي تيز تڪڙي ٿي گذري، ائين تون به تڪڙو لکي وٺ، لکي وٺ! پٺيان پاڻهي نقاد ”فيئر“ ڪندا پيا. تون ”رف“ جهڙو تهڙو لکي وٺ، لکي وٺ!. اهو ئي سبب آهي جو سندس حياتيءَ ۾ ۱۰ شعري مجموعا گيت اسانجا جيت اسانجي، اوتون جوتون، ڪوڪڻ يا ڪلياڻ، گيت گلابي ٻارن جا، ٻاراڙا گيت، لهر لهر دريا، سوچون ڀڻڪا واڪا، ڪاري ڪڪر هيٺ، ڌرتي سرتي، زندگي زندگي ڇپيا، جڏهن ته سندس وڇوڙي بعد ۱۵ کان به وڌيڪ شعري مجموعه نه ڪم نبريو نه غم نبريو، ماندي ٿي نه مارئي، لهري لهري ۾ لالاڻ، هي گجرا هي گولا، ميلا ملهالا، ولولو ۽ ووڪ، جستجو لاتقنطو، گهڙيا سي چڙهيا، هڙئي هيج وطن جا، ڳائي پيو جاڳائي پيو، گلدستو، بخاريءَ جا قطعا، تڙ تڙ تيڏيان ڳالهايان، پير نه هٽن پوئتي، ڌوڙ دل تي درد جي ۽ ٻيا شايع ٿيا آهن. استاد جي وڇوڙي کان پوءِ سندس نثر ۾ تحريرن، مضمونن، مقالن، ڪتابن جي لکيل مهاڳن، تقريرن،انٽرويوز ۽ ٻين تحريرن تي مشتمل راقم پاران مرتب ڪيل ڪتاب سمي صحرا، سمي دريا سال ۲۰۰۷ع ۾ شايع ٿيو. سنڌ جي برک عوامي ۽ قومي شاعر استاد بخاري جو جنم شهيد مخدوم بلاول جي سرزمين دادو جي ننڍڙي ڳوٺ غلام چانڊيو ۾ ۱۶ جنوري ۱۹۳۰ع تي سيد حاجن شاهه جي گهر ۾ ٿيو. سندس اصل نالو پنهل شاهه، اسڪولي رڪارڊ ۾ نالو احمد شاهه هو. ايم.اي، ايم.ايڊ پاس استاد بخاري، دادو ڪاليج ۾ اسسٽنٽ پروفيسر جي عهدي تان رٽائر ٿيو. استاد لکڻ جي شروعات ۱۹۴۲-۴۳ع کان ڪئي. هن جي ادب جي دنيا ۾ پهريان اي.ايس. بخاري بعد ۾ بخاري دادوي ۽ آخر ۾ استاد بخاري جي نالي سان لکيو. استاد بخاري جو پهريون شعر ”اسان جي منزل“ رسالي ۾ ۱۹۵۲ع ۾ ڇپيو. استاد بخاري جو پهريون شعري مجموعو ”گيت اسانجا جيت اسانجي“ ۱۹۷۱ع ۾ شايع ٿيو. استاد بخاري هڪ گهڻ-رخي شخصيت جو مالڪ هو. هو قومي ۽ عوامي شاعر، استاد، ڊرامه رائيٽر ۽ بهترين نثر نويس به هو. استاد ڪيترائي ڊرامه لکيا جن ۾ انجام ۽ ٻيا شامل آهن. پاڻ اسٽيج جي ”سسئي پنهون“ ۽ ٻين ڊرامن ۾ اداڪاري به ڪئي. هو سٺي آواز جو مالڪ به هيو ۽ پنهنجي اڪثر ڪلامن جون ڌنون پاڻ ترتيب ڏنائين. سندس پهريون ڪلام ”وقت ڏٺوسين پاڻ پليوسين، پيار نه ٿو پلجي“ ۶۹-۱۹۶۸ع ۾ استاد محمد جمن ريڊيو تان ڳايو. بعد ۾ اهو ڪلام غلام قادر ميرپورخاص واري به ڳايو. استاد جي شاعري منظور سخيراڻي، استاد محمد جمن، غلام قادر ميرپورخاص واري ۽ محمد يوسف، عابده پروين، وحيد علي، زرينه بلوچ انور وسطڙو استاد گلزار علي، مني بيگم، مصري فقير ۽ سنڌ جي هر ننڍي وڏي فنڪار ڳائي. هالار جي هستي استاد بخاري جي وڇوڙي کي ۲۰ سال گذري ويا آهن. ان چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه آهي ته استاد بخاري جي لاڏاڻي سان پنهنجي دور جي هڪ وڏي شاعر جي پڄاڻي ٿي آهي. استاد بخاري جو وڇوڙو ڏکئي کان ڏکيو، عشق اکرن جو آ... آزاد انور ڪانڌڙو سنڌ جي برک عوامي ۽ قومي شاعر استاد بخاريءَ جي وڇوڙي کي ۲۱ سال گذري ويا آهن. اڄ استاد بخاريءَ جو ۸۳ هون جنم ڏينهن آهي. استاد بخاري اهڙو قومي ۽ عوامي شاعر هو، جيڪو پنهنجي اعليٰ قومي فڪر ۽ شاعريءَ سبب هميشه ياد رهندو، سندس شاعري، فڪر ۽ پيغام اڄ به سنڌي قوم لاءِ مشعل راهه آهي. هونئن ته مٽيءَ چپٽي آهيان، جيئي سنڌ ته سڀڪي آهيان، سانگين سان گڏ سالگرهه مان، وڇڙي ويمس ته ورسي آهيان. استاد بخاريءَ جو جنم شهيد مخدوم بلاول جي سرزمين دادوءَ جي ننڍڙي ڳوٺ غلام چانڊيو ۾ ۱۶ جنوري ۱۹۳۰ع تي سيد حاجن شاهه جي گهر ۾ ٿيو، سندس اصل نالو پنهل شاهه ۽ اسڪولي رڪارڊ ۾ نالو احمد شاهه هو، ايم اي ۽ ايم ايڊ پاس استاد بخاري دادو ڪاليج ۾ پروفيسر جي نوڪريءَ تان رٽائرمينٽ حاصل ڪئي، استاد بخاري لکڻ جي شروعات ۱۹۴۲-۴۳ع کان ڪئي، هن ادب جي دنيا ۾ پهريان اي ايس بخاري، بعد ۾ بخاري دادوي ۽ آخر ۾ استاد بخاريءَ جي نالي سان لکيو، استاد بخاريءَ جو پهريون شعر ”اسان جي منزل“ رسالي ۾ ۱۹۵۲ع ۾ ڇپيو. استاد بخاريءَ جو پهريون شعري مجموعو ”گيت اسان جا جيت اسان جي“ ۱۹۷۱ع ۾ شايع ٿيو، هو هڪ گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو، پاڻ قومي ۽ عوامي شاعر، استاد، ڊراما رائيٽر ۽ بهترين نثر نويس به هو، هن اسٽيج جي ”سسئي پنهون“ ۽ ٻين ڊرامن ۾ اداڪاري به ڪئي، هو سٺي آواز جو مالڪ به هئو ۽ پنهنجي اڪثر ڪلامن جون ڌنون پاڻ ترتيب ڏنائين، سندس پهرين ڪلام ”وقت ڏٺوسين پاڻ پليوسين، پيار نه ٿو پلجي“ ۱۹۶۸-۶۹ع ۾ استاد محمد جمن ريڊيو تان ڳايو، استاد بخاريءَ جي شاعري منظور سخيراڻي، استاد محمد جمن، غلام قادر لنجواڻي ميرپوخاص واري، محمد يوسف، عابده پروين، وحيد علي، جيجي زرينه بلوچ، انور وسطڙو، استاد گلزار علي، مُني بيگم، مصري فقير، قمر سومرو، سرمد سنڌي، ممتاز لاشاري، الهداد زرداري، شازيه خشڪ ۽ ديبا سحر سميت سنڌ جي هر ننڍي وڏي فنڪار ڳائي آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾، گيت اسان جا جيت اسان جي، هي گيت گلابي ٻارن جا، اوتون جوتون، ڪوڪڻ يا ڪلياڻ، سوچون ڀڻڪا واڪا، لهر لهر دريا، ڪاري ڪڪر هيٺ، ڌرتي سرتي، زندگي زندگي، نه ڪم نبريو نه غم نبريو، ماندي ٿي نه مارئي، وطن ۽ ويساهه ۽ ٻيا شامل آهن. استاد جنهن دور ۾ لکڻ جي شروعات ڪئي، ان دور ۾ سنڌي شاعريءَ تي فارسيءَ جو گهرو اثر هو ۽ سنڌي شاعري فارسيءَ جي اثر ڪري بي رنگ ڪافين ۽ رديفن جو سڪار هئي. ان دور ۾ ڪشنچند بيوس ۽ ان کانپوءِ شيخ اياز اهڙا شاعر هئا، جن جديد سنڌي شاعريءَ جو بنياد وڌو ۽ شاعريءَ کي نئين ٻولي، نئين ڊڪشن ۽ نئين لهجي ۾ تبديل ڪري ورتو. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته هن چراغ مان ڪيئي ڏيئا روشن ٿيا آهن ۽ ايندڙ دور ۾ به ڪيئي ڏيئا روشن ٿيندا، اهو ئي سبب آهي جو اڄ استاد بخاريءَ جي نالي کانسواءِ جديد سنڌي شاعريءَ جي تاريخ ۽ سنڌي ادب جو تصور بلڪل اڻپورو آهي، استاد اهو مان مرتبو ڪو هڪ ڏينهن، هڪ رات، هڪ مهيني يا هڪ سال ۾ نه پر اڌ صديءَ کان به وڌيڪ عرصو سنڌي شاعري، ادب ۽ ٻوليءَ جي خدمت ڪندي حاصل ڪيو هو. لکڻ زندگي، زندگي ڪيئن ڇڏجي، لکڻ بندگي، بندگي ڪيئن ڇڏجي، ڏکئي کان ڏکيو، عشق اکرن جو آ، رکي دوستي، دوستي ڪيئن ڇڏجي؟ استاد بخاري بخاري بي وفا نڪري پيو ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ڪيترن غمين ۽ ورسين تي ماڻهن مون کي گهٽ ڏٺو هوندو. سمجهندا هوندا ته مان ڪو دل جو ڪٺور آهيان، يا مون کي مرڻو ئي ناهي. آئون جڏهن ڪنهن ٻئي جي مرڻي تي نه ٿو وڃان ته منهنجي تڏي تي ڪير پير ڀريندو؟ هر ڪنهن کي راءِ رکڻ ۽ ڏيڻ جو حق رسي ٿو. پر حقيقت ۾ ڳالهه اور آهي. آئون سواءِ شيخ اياز جي، باقي پنهنجي دور جي وڏن وڏن عالمن، دانشورن، شاعرن ۽ صحافين جي تمام ويجهو رهيو آهيان. هنن جي عظمت ڀرين ڪمن ۽ ڪارنامن کي سرجندي ڏٺو اٿم. موت برحق آهي، پر منهنجو من سندن مئل وجود کي ڏسڻ جي سگهه ئي ساري نه سگهندو آهي. هو طبعي ۽ جسماني طور تي مري ويا، مگر پنهنجي فڪر ۽ ڪم سبب زنده آهن ۽ آئون اهڙن زنده ماڻهن کي مئو سمجهي تڏي تي وڃي نه سگهندو آهيان، تن من ته اڳي ئي جهيريو پيو آهي. پر تڏي تي وڃي ان ۾ لوڻ وجهڻ جي همت ساري نه سگهندو آهيان، ان ڪري پاڻ کي آٿت ڏيندو آهيان ته اهي مئا هوندا ماڻهن لاءِ، پر هنن جون سوچون ۽ لوچون ته مون سان گڏ آهن. استاد بخاري ۽ مان ڀريا پنج سال گڏ رهياسين. سوچن ۾، لوچن ۾ ۽ سنڌيت جي تحريڪ ۾ ٻنهي جهڙوڪ ناچوءَ جيان نچي قومي ڪاڄ ۾ هڪ ٻئي جو هٿ ونڊايو. فنڪشنن ۾ گڏ ويندا هئاسين. گڏ روئندا هئاسين ۽ گڏ کلندا هئاسين. هي اهو زمانو هو، جڏهن آئون سنڌالاجي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ٿي آيس. اڙٻنگ اديب ۽ ليکڪ طور اڳ ۾ ئي نالو ڪمايل هو، ويتر سنڌالاجي ۾ جو بنهه نئون ڪم هٿ ۾ کنيم ته ساڃهه-وند قلم-ڌڻين جو دادلو بڻجي ويس. انهن ڏهاڙن ۾ استاد بخاريءَ جي نياڻي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندي هئي. هڪ ڏينهن هو پنهنجي نياڻيءَ کي وٺي منهنجي سنڌالاجيءَ واري آفيس ۾ آيو. چيائين: ”ڊاڪٽر صاحب! هيءَ اوهان جي ڀائٽي آهي“. مون بي بي کي ڏٺو ۽ بخاريءَ کي وراڻي ڏني ته، ”سيدن سان ڪهڙو سڱ سياپو. اوهان پاڪن جو اولاد اسان اوهان جي پيرن جي خاڪ“. ان کانپوءِ بي بي به آفيس يا بنگلي تي ايندي رهي ۽ استاد بخاري به پنهنجي نياڻيءَ سان جڏهن يونيورسٽيءَ ۾ ملڻ ايندو هو ته مون ڏي به ڀيرو ضرور ڪندو هو. مون سنڌالاجي ۾ جيڪا ”ڏات-ڌڻين واري رٿا“ شروع ڪئي ته استاد بخاري پهريون ڏات-ڌڻي هو. جنهن منهنجي ڪم جي تاريخي ۽ تحقيقي اهميت جو ڀرپور اندازو لڳايو. مون کي پنهنجي علمي ۽ ادبي سرگرمين جو اهڙو ته مثالي ۽ تاريخ وار رڪارڊ/ وچور ٺاهي ڏنائين، جيڪو آئون ٻين شاعرن ۽ اديبن کي ڏيکاري پنهنجي ڳالهه سمجهائيندو هئس. منهنجو اڳ به اهو ايمان هو ۽ هاڻي به سوچ ساڳي آهي ته سنڌ ۾ جيڪي به علمي، ادبي، ثقافتي ۽ سماجي وغيره واقعا جنم وٺن ٿا. انهن جو رڪارڊ محفوظ ڪيو وڃي. جيڪڏهن ڪو هڪ واقعو به رڪارڊ ٿي نه سگهيو ته ڄڻ اسان کان هڪ خون ٿي ويو ۽ ارتقا جي عمل واري اسان هڪ ڪڙي وڃائي ڇڏي. استاد بخاريءَ ڪڏهن به مون سان انهيءَ پراجيڪٽ تي بحث نه ڪيو، بلڪ ويهي مون کي ٻڌندو هو. مون کي ياد آهي ته هڪ ڏينهن مون ڳالهيون ڪندي کيس چيو: ”سائين! جيڪڏهن لطيف جي زماني ۾ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ هجي ها ته کانئس ڪوائف نامو ڀرائي وٺي ها. هاڻي جو اسان سندس ولادت جي تاريخ، تعليم ۽ ٻين ڳالهين تي ڪج بحثي ڪندي، اٺ ڪتابن جا لکي وڃون ٿا، سي لکڻا نه پون ها. ڇو ته انهيءَ ڪوائف نامي ۾، شاهه لطيف پنهنجي هٿن سان پاڻ ڪيترن سوالن جا جواب ڏئي چڪو هجي ها.“ جيئن جيئن ڏينهن گذرندا ويا، تيئن تيئن آئون استاد بخاري جي عظمتن جو قائل ٿيندو ويس ۽ اسان هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا بڻبا وياسين. سندس ڪتاب ”ڪوڪڻ يا ڪلياڻ“ جي مهورتي موقعي تي سندس مرضيءَ ۽ چوڻ تي آئون به وڃي شريڪ ٿيو هئس. استاد بخاريءَ جي هن ڪتاب مان آسانيءَ سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته بخاري شاعري شوق لاءِ نه پر شعور ڏيڻ لاءِ ڪرڻ چاهي ٿو. هو قوم جو نظرياتي پورهيت آهي. هو سنڌ کي دنيا جهان کان ڪٽيل گرهه نه ٿو ڄاڻي، پر کيس عظيم قومن جي قطار ۾ آڻي بيهارڻ لاءِ پاڻ سان ۽ پنهنجي ڏات سان وچن ڪري چڪو آهي. انهيءَ ڪتاب جي اچڻ کان پوءِ منهنجي ساڻس محبت ۽ عقيدت واري کير ۾ جهڙوڪ کنڊ پئجي وئي. استاد بخاري ۽ مون ڪيترين ادبي گڏجاڻين ۾ گڏجي شرڪت ڪئي. مون کي ياد ٿو پئي ته هڪ رات اسان خيرپور واري پاسي ممتاز رڏ جا مهمان هئاسين. هن پنهنجي والد جي ياد ۾ ادبي ميڙاڪو سڏايو هو. تقريرون ٿيون، مشاعرو ٿيو، شايد راڳ رنگ به ٿيو. سياري جي رات هئي، پر استاد بخاري ۽ آئون بي آرامي هئاسين. گرم گرم بسترو ڇڏيوسين ۽ ڳوٺ کان ٻاهر نڪري هڪ موريءَ تي وڃي ويٺاسين. آسمان ۾ تارا ٽمڪي رهيا هئا، پکي پکڻ به آرامي هئا ۽ هر طرف سانت ئي سانت هئي. ٿوري گهڙيءَ کان پوءِ ڀر واري ڳوٺ ۾ اغوا جي واردات شروع ٿي. ڪلاشنڪوفن جون ٻرندڙ گوليون ڪرندڙ ستارن جيان اڏري وسامي ٿي ويون. پر اسان انتهائي خاموشيءَ سان هڪ ٻئي طرف ڏسي رهيا هئاسين. ٻنهي کان ٻڙڪ نه پئي نڪري، پر چپ چپات ۾ هزارين داستان هڪ ٻئي کي ٻڌائي رهيا هئاسين. نيٺ مون ماٺار کي ٽوڙيو: ”سائين! ڪٿي ويٺا آهيون، ڪهڙي مهل جو ويٺا آهيون ۽ ڇو ويٺا آهيون؟“ اونداهي رات ۾ سندس اکيون ڄڻ چمڪي رهيون هيون. هن جي اکين ۾ دکن جا شعلا هئا ۽ مستقبل جي روشني هئي. چيائين: ”انهن سوالن جا جواب بڻجي ته هت اڪيلا ويٺا آهيون. رات جي هن پهر کي پيرن فقيرن جو پهر ڪري چئبو آهي. لطيف سائين پنهنجي منگتي کي هن وقت اٿي سئن هڻڻ ۽ سوال ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي. منهنجي سنڌ جي پيرن فقيرن واري انهيءَ پهر کي رهزنن ۽ ڌاڙيلن ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ جو پهر بڻائي ڇڏيو آهي. سنڌين جو ساهه مٺ ۾ آهي. شهرن ۾ وڃن ٿا ته لاش بڻجي ڳوڻين ۾ بند ٿي موٽن ٿا. ٻهراڙين ۾ هي حشر پاڻ ٿو ڏسين. گولين جو وسڪارو ته ڏس، ڄڻ ڳوٺ فتح ڪرڻ لاءِ ڌارئي ملڪ جي فوج ڪاهي آئي آهي.“ ”گولين جي آواز آسمان مٿي تي کڻي ڏنو آهي. ڇا اهو آواز ڀرپاسي وارن ڳوٺن يا پوليس تائين نه پهچندو هوندو؟ اسان بي حس ڇو ٿي ويا آهيون؟ اسان مان ناحق ۽ ظلم خلاف جنگ جوٽڻ جي سگهه ڇو ختم ٿي وئي آهي؟“ سندس ڳالهين ۾ شامل ٿي ويس. ”ڊاڪٽر! تون ڄاڻين ٿو ته تون ۽ مان ڪي ڀٽڪيل روح ناهيون، خاموش تماشائي به ناهيون، تو ۽ مون وٽ قلم جي ڪلاشنڪوف آهي. اسان ايماندار قومي پورهيتن جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون.“ بخاري منهنجي پهرين سوال جي هڪ حصي جو جواب ڏيندي چيو. ”سائين! تون ۽ اسان پيرن ۾ مقصدن جا گهنگهرو ٻڌي، ناچوءَ جيان نچندا رهيا آهيون. شهر شهر نگر نگر وستي وستيءَ سنڌ جا گيت گونجائيندا رهون ٿا. ڪنهن موٽ کان سواءِ، ڪنهن نتيجي کان سواءِ. روئڻ جهڙيون ڳالهيون ڪريون ٿا ته ماڻهو تاڙيون ٿا وڄائن، کلڻ جي ڳالهه ڪريون ٿا ته نچڻ شروع ڪن ٿا.“ مون پنهنجي راءِ ڏني. اونداهي رات ۾ بخاريءَ جي اکين مان ٽانڊن جيان ٻرندڙ ڳوڙها اچي، منهنجي هٿن تي ڪريا. چيائين: ”ڊاڪٽر! اها مجبوري آهي، اهو چئلينج آهي ۽ اها ايجنڊا آهي، تنهنجي ۽ منهنجي. هتي ڀر ۾ گولين جي گجگوڙ لڳي پئي آهي ۽ ان تي پکي پکڻ ته پنهنجا واهيرا ڇڏي دانهون ڪرڻ شروع ڪيون آهن، پر ڪنهن کي ڀاڄ نه ٿي اچي ته ڏاڍ جي ڏونگرن کي ڊاهڻ لاءِ ڪانڀو ڪڍي ٻاهر نڪري اچي. تون سچ ٿو چئين ته جنهن ڳالهه تي ماڻهن کي روئڻ اچڻ گهرجي، ان وقت اهي خوش ٿي پون ٿا. هن کان حالتن دک ۽ سک جي تميز کسي ورتي آهي. اسان وڏي نفسياتي ۽ نظرياتي بحران مان گذري رهيا آهيون. پر توکي ۽ مون کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي.“ بخاريءَ مون کي آٿت ڏيندي چيو.: سسئيءَ کي ڪهڙي خبر ته هوءَ ڪهڙي هنڌ تي پهتي آهي ۽ مٿان ڪهڙي مهل آئي اٿس. هن جي دل ۽ دماغ تي پنهل جي ڇاپ لڳل هئي. بنهه ائين ۽ اهڙي طرح مون کي ۽ بخاري کي مهل ۽ ماڳ جي ڪا پرواهه ڪانه هئي. اسان ٻنهي تارن ڀري رات کي ڏينهن ۾ تبديل ٿيندي ڏٺو ۽ پنهنجي آس کي اميد ملي ته اونداهي رات جو نيٺ ته انت ايندو. پر اهو اڏول، برجستو ۽ ڪامل شاعر ائين هليو ويو. هن کي ائين رڻ ۾ رولي وڃڻ نه گهربو هو. بخاري وقت کان اڳ مري ويو. وڏي بي وفائي ڪيائين. سڄي ڄمار روئندي روئندي منهنجا ته ڳوڙها ئي سڪي ويا آهن. ان ڪري روئڻ ايندو ئي نه آهي. پر ٻن ماڻهن جي موت تي اکيون ڀرجي آيون ۽ آئون پاڻ پلي نه سگهيس. پهريون دفعو استاد بخاريءَ جي موت تي ۽ ٻيو دفعو بينظير ڀٽو جي موت تي. آئون ڪو بينظير ڀٽي جو نظرياتي پوئلڳ نه اڳ هئس ۽ نه هاڻي آهيان، پر جڏهن هن جي سياست، تدبر ۽ عمر جا گل ٽڙيا ته هٿراڌو بي دردي سان مرجهايا ويا. مون کي وڏي ڪهل آئي ۽ مان روئي پيس. بنهه ائين جڏهن استاد بخاريءَ جي شاعري اڳ کان اڳري، پختي ۽ عوامي ۽ نظرياتي شاعريءَ جو روپ ورتو ته هو اسان کان جدا ٿي ويو. هو قادر الڪلام شاعر هو. هن کي ڪوزي ۾ درياهه کي بند ڪرڻ ايندو هو. هن جي شاعري هڪ ئي وقت تي ذهن ۽ زبان، ضمير ۽ نظرئي کي ڇهي وٺندي هئي. هن جي اسان کي ههڙين حالتن ۾ سخت ضرورت هئي. هاڻي اسان ايترو بي حس ۽ بي وس ٿي چڪا آهيون جو معذور مورڙو ته مانگر مڇ کان پنهنجي ڀائرن جو بدلو وٺي سگهيو، پر اسان ڏنڊا مسٽنڊا ماروئڙن ۽ سڄي شهر کي بچائي نه ٿا سگهون. جڏهن جمشيد مهتا ڪراچيءَ جو ميئر هوندو ته روزانو ڪراچيءَ جا رستا ۽ روڊ پاڻي سان ڌوتا ويندا هئا. پر هاڻي اسان جي ڏينهن ۾ روز نه پر هر هر ڪراچي جا رستا انساني رت سان ڌوتا وڃن ٿا. هجي ها استاد بخاري ته ڪراچيءَ جو ڪيڏارو لکي ها. اڄ جڏهن هڪ کان وڌيڪ نظامن جا لٽا ڪپڙا سبي، مون کي چڍي هٿ ۾ ڏئي چون ٿا ته؛ اها قميص ڪري پاءِ، ته اهڙين اڍنگين حرڪتن تي استاد بخاري ئي مون کان وڌيڪ سٺو لکي ٿي سگهيو. هو به ڪو نه وسرندو ۽ سندس ياد به ڪو نه وسرندي. هو پنهنجو ڪردار ادا ڪري ويو ۽ هاڻي اسان کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي. استاد بخاري ڌرتي جو شاعر ڊاڪٽر محمود بخاري لکڻ وڏي ڏات آهي پر اها ڏات جي ديوي جنهن تي مهربان ٿئي. دنيا جا عظيم شاهپارا تخليقڪارن جا ئي تخليق ڪيل آهن. صدين جو اهو سفر نه رڳو تاريخ جي ورقن ۾ ساهه کڻي پيو پر وقت سان گڏ اتهاسڪار شخصيتن پڻ جنم ورتو آهي. اسان جي ٻولي ڏاڍي ڀاڳوند چئبي جو اُن جي آبياري لاءِ کوڙ سارن شخصن پنهنجن ڪلهن تي وڏا بار کنيا آهن. سنڌي ٻولي جي عوامي لب لهجي وارو هڪ خوبصورت شاعر استاد بخاري به ٻولي جي اهڙن ساهتڪارن ۾ پنهنجي هڪ الڳ حيثيت رکي ٿو. استاد بخاري سنڌي عوامي شاعري جو بنهه منفرد نانءُ آهي. هن جي شعر ۾ ترنم، رواني ۽ ٻولي جي وسعت آهي. هو سونهن، سچ، انسان دوستي ۽ ڌرتي جو شاعر آهي. هن وٽ انهن موضوعن متعلق منفرد خيال آهن. هن مختصر مضمون ۾ اسان استاد جي ڌرتي سان محبت جا چند خيال پيش ڪنداسين. ڌرتي آدجڳاد کان انسان جي نه رڳو محبت جو محور رهي آهي پر انسان جي ترقي ۽ سڌاري جي به اهم ڪارڻ پڻ آهي. دنيا جا سڀ موضوع/ مسئلا ڌرتي سان لاڳاپيل آهن. انسان دوستي، تهذيب، ثقافت، ادب، شعاري، آرٽ، مصوري، حسن سڀ ڌرتي مان ڦٽي نڪرن ٿا ۽ ڌرتي سان انهن جو گهرو ناتو رهي ٿو. دنيا جو بهترين ادب توڙي شاعري جا موضوع ۽ پسمنظر ڌرتي سان ئي سلهاڙيل رهن ٿا. اسان جي هن شاعر استاد بخاري جو فڪري ۽ روحاني رشتو ڌرتي سان آهي. هن بيماري جي بستري تي موت سان منهن مقابل ٿيندي هي لفظ لکيا: خوشبوئن کان سواءِ جڳ ۾ ڪا شيءِ ڪانه رهندي مان سمورا خواب ۽ ڪتاب اوهان کي ٿو ارپيان، منهنجا اوهان سان قوم سان ڌرتي سان رشتا ناتا لڳ لاڳاپا ۽ تعلقات اڻ ٽٽ آهن ڇو ته اهي رشتا موت جي سرحدن کان گهڻو دور آهن جي سدائين قائم رهندا جي سدائين قائم رهندا. استاد بخاري جي شاعري ۾ ڌرتي توڙي ڌرتي واسين لاءِ وڏي تڙپ آهي. هو سانگيئڙن جي پيڙاءُ کي محسوس ڪري ٿو. استاد جي نظم ’قوم چوي ٿي ٻول‘ ۾ هيڻن سان، ڏاڍن جي ڪيل ناانصافين، فريب ڪارين جو عڪس پسجي ٿو. اتي هڪ تخليقڪار کان سماج ڇا ٿو گهري، ان ڏانهن به اشارو ڪيو ويو آهي، سندس لفظ آهن: قوم چوي ٿي ٻول او شاعر ٻول اسان جي ٻچڙن جي لئي ٻول ٻاهر اُجرا اُوچا ماڻهو اندر نيرا، نيچا ماڻهو للڪاريون لاحول رسي ماحول او شاعر قوم چوي ٿي ٻول. گيرا نعرا، کيرا هوڪا خالي کوکا تن ۾ دوکا جي ٿا کوليون پول ته ڍانڍا ڍول او شاعر قوم چوي ٿي ٻول! ڪهڙا رهزن، ڪهڙا رهبر، دهرا روپ، دغارا دلبر مُڻهن تان گهونگهٽ کول لهي ڀل ڀول او شاعر قوم چوي ٿي ٻول! هيڏي ڌرتي، هيڏا دريا هوندي، دڙدون کائي دنيا هي ڳجهارت ڳول وڏو ڪنهن ڏول او شاعر قوم چوي ٿي ٻول! او انڌاري، او اونداهي! ايندي سچ کي ڪهڙي ڦاهي، سچ جو بالا بول، ڪبو سر گهول او شاعر، قوم چوي ٿي ٻول! ڌرتي جتي ڪونڌر ڄڻي ٿي اتي ڪي ڪانئر به جنم وٺن ٿا. استاد اهڙي ئي ٻاگهي ۽ مارئي جو ذڪر ڪري ٿو: معافي نامي تي تنهنجي هٿ صحيح ڪئي هٿ نه لاءِ مون کي گيد- پڻي جي گپ ٿڦيل تنهنجي منهن تي توکي چمن ڪيئن چپ ڪانئرتا تنهنجي منهن تي آهه ٿڦي پئي ڪيئن چمان توکي. ڌرتي/ سنڌ لاءِ پنهنجو پاڻ ملهائڻ وارا جوڌا اڃا جڳ ۾ جيئرا آهن. اهڙن جوڌن جون مائرون به پنهنجي اندر ۾ نه رڳو ماءُ جي محبت رکن ٿيون، پر اهي پنهنجي مٽي لاءِ به پنهنجن جوڌن پٽن جي جان جو نذرانو به ڏيڻ کان نٿيون ڪيٻائن. استاد به اهڙي ماءُ جي ٿڃ پيتي آهي، هو اُن اڏول ماءُ جو ذڪر ههڙي ريت ڪري ٿو: رڻ ۾ رُڪ هوندو، گهر ۾ ريشم پَٽ، منهنجو پٽ سمجهو. سرگم ڌڙ چچريل، ريٽو جهنڊو ڪڇ ۾ ٿڃ منهنجي پيتل. سنڌ سڏي ٿي وڃ اٿ پٽ جهٽ ڪر نه ته آءُ نه بخشان ٿَڃُ. استاد بخاري جي شاعري جو محور گهڻو تڻو سنڌ ۽ سنڌ واسي آهن پر اُن سان گڏوگڏ هو پوري انسان ذات جي ڏک کي پنهنجو سمجهي ٿو. ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو استاد لاءِ لکي ٿو: ”استاد جي شاعري قوم لاءِ نهايت ڪمائتي ۽ انتهائي جديد پڻ آهي. جنهن جا موضوع انسانيت جي عظمت، انسان جي همت، قوت ۽ تعمير صلاحيت کان سواءِ انساني دک، درد، ڏولاوا، سور سڪرات، پيڙا ڏيکاريندڙ ڀرپور تخليقي صلاحيت جا پرتو آهن“. (اوتون جوتون مهاڳ) استاد سنڌ جو آهي ۽ سنڌ استادن جي. هن جي شاعري نج عوامي لهجي ۾ آهي. هن جي تشبيهن توڙي استعارن ۾ سچا پچا عڪس پسجن ٿا. هن ماڻهن جي وچ ۾ ويهي انهن جا خيال، ڏک، درد، احساس توڙي خواب پنهنجن لفظن ۾ اُڻيا آهن. هن جو آواز هن جو پنهنجو نه آهي بلڪه اهو آواز انهن ماروئڙن، جهانگيئڙن، سانگيئڙن جو آهي، جن جي وچ ۾ ويهي استاد شاعري جو هي سارو ڪارونڀار جوڙيو. هن جا ڌرتي سان اڻ ٽٽ رشتا آهن انهي لاءِ ڌرتي واسين سان هن جي حب فطري لڳي ٿي ۽ هو انهن جي ذڪر کي ڪنهن عبادت کان گهٽ نٿو ڀائين. هن ڪڏهن به انهن کان پاڻ کي ڌار نه سمجهيو آهي. پڇن ٿا سنڌ ۽ سنڌين جي ڇو تسبيح پيو سورين، چيم، هاڻي پڇاڙي آ، عبادت جي ضرورت آ. ’بخاري‘ سنڌ، سنڌي ۽ سدا سنڌو ندي دائم! نه ڪوثر جي، نه حورن جي، نه جنت جي ضرورت آ. استاد بخاري (۱۹۳۰ع کان ۱۹۹۲ع تائين) مختيار ملاح استاد بخاري جو پورو نالو احمد شاه بخاري هو. سندس جنم دادو ضلعي جي هڪ ڳوٺ غلام چانڊيو ۾ سيد حاجن شاه جي گهر ۾ ٿيو . شروعات ۾ پرائمري استاد جي حيثيت سان ڪم ڪيائين، بعد ۾ ڪاليج ۾ سنڌي ادب جو ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ آخر ۾ پروفيسر ٿي دادو جي ڊگري ڪاليج مان رٽائرڊ ٿيو۔. استاد بخاري ۱۹۵۰ع کان باقاعده مشاعرن ۾ شرڪت ڪرڻ لڳو ۽ سندس شعر مختلف رسالن ۾ شايع ٿيڻ لڳا. استاد بخاري جي سڃاڻپ هڪ عوامي شاعر جي حيثيت ۾ پوري سنڌ ۾ ٿي، سندس ڇپيل شعري مجموعن ۾ ”ڪوڪڻ ۽ ڪلياڻ“، ”ڪاري ڪڪر هيٺ“، ۱۹۹۱ع ، ”ڌرتي سرتي“ ۱۹۹۱ع، ”نه ڪم نبريونه غم نبريو“ ۱۹۹۲ع، ”زندگي زندگي“ ۱۹۹۲ع ، ”پير هٽن پوئتي” ۱۹۹۲ع، ” اوتون جوتون“ ۱۹۹۴ع، ”ماندي ٿي نه مارئي“ ۱۹۹۴ع، ”ولولو ۽ روڪ“ ۱۹۹۴ع، ”وطن ۽ ويساهه“ ۱۹۹۷ع ، ”هر ئي هيڄ وطن جا“ ۱۹۹۸ع، ”ٿڙ ٿڙ تيڏيان ڳالهايان“ (۲۰۰۰)، ”گهڙيا سي چڙهيا“ (۲۰۰۱)، ”گيت اسان جا جيت اسان جي“، ”لهر لهر دريا“، ”سوچون ڀڻڪا واڪا“، ”گيت گلابي ٻارن جا“، ”ميلا ملهالا“، ”لهر لهر ۾ لالاڻ“، ڳائي پيو جاڳي پيو“، ”گلدستي ۾ گيت“ ۽ ٻيا مجموعا آهن۔. استاد بخاري سنڌي شاعري ۾ هڪ وڏو نالو آهي، هو شاعري جي افق تي عوامي ترجما نگار جي حيثيت سان اڀريو. سندس شاعري عشق، حسن ۽ قوميت جو سنگم آهي. راشد مورائي سندس شاعري لاءِ لکي ٿو ته ” استاد بخاريءِ سونهن، سچ ۽ پيار جو شاعر آهي ۽ انهن موضوعن کي نهايت سادي، سولي ۽ عام فهم ٻوليءَ ۾ اهڙو ته خوبصورتي سان پيش ڪيو اٿس، جو سندس شاعري ۾ چمڪ پيدا ٿي پئي آهي، ” استاد بخاري حسن ۽ عشق مان وڏو اتساهه ٿو وٺي، هو حسن ۽ عشق کانسواءِ زندگي جو تصور اڌورو ٿو سمجهي۔. او عشق نه ڇڃ مون کان، او سونهن نه ڇڏ پاسو نه ته مان ڊڄان ٿو پيو هن هانءُ جي دهڪن کان استاد بخاري لفظن ۾ ساهه ڀرڻ سان گڏ لفظن ۾ جادو به ڀري ٿو. لفظ استاد اڳيان ڇيرو پائي نچندا نظر اچن ٿا. سندس شاعري جي سٽ سٽ ۾ حسن ۽ عشق جو پيغام آهي. هو چوي ٿو ته ؛ زندگي تي ناهين ڪوئي ڀروسو، حسن کي پوجي وٺو پوجي وٺو ڪائنات حسن ۾ هلندو وتان، ڄڻ ته بحر حسن ۾ ترندو وتان، حسن کي ڏسندو وتان ٺرندو وتان، حسن ٿو ڏئي استاد ڏاڍو مزو استاد حسن جي ڪائنات ۾ گذاريندي، وڇوڙو، رسڻ، پرچڻ، چوٽ، درد، سور، سوز، انتظاري، بيقراري جهڙين ڪيفيتن مان گذري ٿو. دل تي درد سهندي، برهه مان باهه ٻارڻ جو ڪيڏو نو سهڻو اظهار ڪيو اٿائين. جيءُ جنهن کي چيم، جهڻڪ تنهن کان مليم چوٽ ڏاڍي رسيم، پر ڪيم درگذر ڪيس ڪيڏا ڪئي حسن جي انڌ تي باهه ٻاري وڌءِ هانءَ جي هنڌ تي غير جي پنڌ تي پير تنهنجا ڏٺم چوٽ ڏاڍي رسيم، پر ڪيم در گذر ڪو به اديب، شاعر، سگهڙ يا سياستدان پنهنجي قوميت کان دستبردار نه ٿيندو آهي. ڪيڏا به ساڻس ها ڃا ٿين، ليڪن انساني سڃاڻپ قوميت سان ئي منسوب آهي. استاد بخاري جا گيت، غزل، وايون ۽ باقي سڀ صنفون سنڌ ڌرتيءَ جي قوميت جي رنگ ۾ رنگيل آهن، ڇو جو خودئي وڏي واڪي چيو اٿائين ته؛ اغيار سان اقرار اهو ڪيئن ٿيندو ۽ يار سان انڪار اهو ڪيئن ٿيندو استاد بخاري کي کڻي دفن ڪيو ڌرتي کان مگر ڌار، اهو ڪيئن ٿيندو سنڌ، جيڪا ڪراچيءَ کان ڪشمور ۽ ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين پکڙيل آهي، ان لاءِ ”استاد“ چوي ٿو ته؛ سنڌو جي اٿل سمجهه عقيدا منهنجا، منڇر جا ڪنول سمجهه عقيدا منهنجا مهراڻ ۽ منڇر جي لٿل ٿا ڏسجن اولاد لٿل سمجهه عقيدا منهنجا استاد کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ سان محبت آهي، هتان جي ماروئڙن، جهانگيئڙن جا حالات زار ڏسي هو بي چين ٿي پوي ٿو؛ مان ڪيئن سيج سمهان، منهنجا ماروئڙا منهنجا سانگيئڙا، پڌر پٽ سمهن تنهنجي ميزن تي، سهسين کاڄ اچن کائن ڪانگ ڪتا، جوٺا جام بچن مان ڪيئن لوڻ چکان، منهنجا ماروئڙا منهنجا سانگيئڙا، روزا روز رکن استاد بخاري خاموش ٿي ويهي رهڻ کي غلط ٿو سمجهي، سنڌ جي مسئلن لاءِ وڙهڻ جي ترغيب ڏئي ٿو، هو مرشد جي فيض ۽ ڌرتيءَ لاءِ حق وٺڻ لاءِ چوي ٿو سون مرشد کان ڳنهي وٺبو آ فيض مرشد کان وٺبو آ جو به سمجهو اوهان جو حق آ حق مڙسي سان ڇني وٺبو آ استاد بخاري هن ڌرتي جو نظرياتي سوچ وارو دانشور ۽ انقلاب جي علامت آه، ڪنهن وڏي منزل تي رسڻ تائين اهو ئي چوڻ به حق ٿو سمجهي ته؛ جو قوم جياري جئندو رهندو، جو عام اجاري اهو جئندو رهندو مون کي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آهي جو سنڌ سنواري اهو جئندو رهندو استاد بخاري جتي حسن، عشق ۽ قوميت جي ڳالهه ڪري ٿو، اتي بين الاقوامي امن، انسانيت کي به نٿو وساري، ڇو جو سندس شاعري صرف سنڌ جي سرحدن تائين محدود نه آهي. نفرت کي لعنت ٿو سمجهي، ذاتين، مذهبي فرقي بازن کي انسانيت لاءِ هاڃو ٿو سمجهي؛ ٿو ٿو ٿو ٿو، نفرت نفرت هيڙو هيڙو لعنت لعنت ظلم جي هي ڇيڙ، جوڳي، جهٽ ڪر، ڇيڙون ڇيڙا ڪلفت فتنا ۽ ناسازيون ذاتيون مذهب فني بازيون سڀ تي پيار پکيڙ، جوڳي جهٽ ڪر ڇيڙون ڇيڙا جڏهن دنيا ۾ ايٽم بم جي ايجاد سان وڏي پيماني تي تباهي ٿيڻ لڳي، تڏهن استاد چوي ٿو ته ؛ ايٽم هٿ ۾، انسان بڻيو، انسان جو ويري يا ڪندا هي دنيا تنهنجو ڍينگوئي ڍيري مطلب ته استاد پنهنجي سچ، سونهن، حسن، عشق، قوميت ۽ بين الاقواميت جي موضوعن سان سنڌي شاعري کي عظمت ۽ انفراديت بخشي. سندس شاعري جي سڀ کان وڏي خوبي اها آهي ته اها وڏي پيماني تي ڳائي وڃي ٿي ۽ ٻڌي وڃي ٿي سندسن شاعري جي عظمت ان وقت اڃان به وڌي وڃي جڏهن ان ۾ عوامي ترجماني جا سڀئي پهلو ملن ٿا. استاد بخاري چون ٿا زندگي سپني سمان آهي، ائين ناهي محمد صديق منگيو انسان جي مٽي ڀورو آهي ۽ ان مٽيءَ مان جڙيل هر جيءَ کي اوسر جهڙي مٽيءَ سان ئي دائمي سڱ نڀائڻو آهي. انساني جيون جي سفر جي اها ئي پڄاڻي آهي. هن ڪائنات جي ڪنڊن ۽ پاسن ۾ وسندڙ اربين انسانن جي انبوهه مان هر روز سوين بلڪه هزارين انسان پنهنجي جيون جو پنڌ پڄائي ڪنهن رمتي فقير وانگر رمندا رهن ٿا، پر انهن سون هزارن انسانن جي وڇوڙي تي اکيون آليون نه ٿيون ٿين، پنبڻيون پسن نه ٿيون، ڇاڪاڻ ته موت هن ڪائنات جي وڏي ۾ وڏي حقيقت آهي، پر انهن جوڻ مٽائيندڙ انسانن جي انبوهه ۾ ڪي انسان اهڙا به ٿيندا آهن، جن جي وڇوڙي تي لکين اکين مان لڙڪن جون لارون لڙي پونديون آهن، جيءَ جهري پوندا آهن. ڪو رت جو سڱ سياپو نه هوندي به اندر جو انسان ائين روئي پوندو آهي، ڄڻ ڪا ملهائتي شيءِ هٿ مان ڪري پئي هجي. ڇاڪاڻ ته اهڙا انسان سڀني جي گڏيل ملڪيت ۽ ميراث هوندا آهن. انهن جي جيون جو هر ساهه پساهه ٻين لاءِ هوندو آهي. اهڙن ئي مانجهي مردن ۽ تاريخ جوڙيندڙ مهان انسانن لاءِ لطيف به چيو هو ته: جکرو جس کرو، ٻيا سڀ انيراءَ، جئائين گهڙيو جکرو، تئائين نه ٻيا، مٽي تهه ماڳاءِ، اصل هئي ايتري. انهن مهان انسانن جي سٿ جو هڪ جرڪندڙ ستارو استاد بخاري به هو، جنهن جي مرتئي جي خبر هند سنڌ جي سڄاڻ طبقي سان گڏ عام ماڻهوءَ تي پڻ وڄ وانگر ڪڙڪي آهي. استاد بخاري جنهن جي شاعري جي اکر اکر سان سنڌوءَ جي لڙاٽيل پاڻي ۽ چيڪي مٽيءَ جو واس اچي ٿو ۽ سندس شاعري جي هر سٽ ۽ هر پد نه رڳو جذبن، اڌمن، ڏڍ ۽ آٿت سان ڀرپور آهي، پر دعائن ۽ خواهشن جو ڀنڊار پڻ آهي. ان سنڌ جي عظيم ۽ ڏاهي انسان لاءِ اسان ڪجهه به نه ڪري سگهيا آهيون. چاچي گدائي کان وٺي بردي سنڌي، استاد گلزار علي خان ۽ استاد بخاري تائين سنڌي ادب جا واهڙ جي هٿن مان واري جي مٺ وانگر کسڪندا پيا وڃن ۽ اسان رڳو انهن جي وئي پڄاڻان پريس رليزن وسيلي مصنوعي ڏک جا گٺل پيٺل جملا لکي آڱر وڍائي شهيدن ۾ شامل ٿيڻ وارن جي لسٽ ۾ پاڻ ڳڻائيندا رهيا آهيون. اصل ڳالهه اها آهي ته اسان جو هر عمل مصنوعيت سان ڀرپور آهي. اسان جا رويا پنهنجن محُسن، ادب ۽ ڏات ڌڻين ڏانهن درست نه رهيا آهن. اهو ئي سبب آهي جو اسان پنهنجن ڏات ڌڻين جي حياتين کي ڪا ٽيڪ يا ٿوڻي نه ڏئي سگهيا آهيون. اها حقيقت آهي ته موت اٽل آهي. ڪوبه ڪنهن جي حياتيءَ کي بچائي نٿو سگهي، پر گهٽ ۾ گهٽ ايترو ئي ڪري سگهجي ٿو ته اسان پنهنجي عمل وسيلي پنهنجن محسنن کي سرڪاري واهر جو ڳيجهو بڻجڻ کان بچائي سندن موت کي آسان ڪري سگهون. کين موت جي بستري تي سڏڪي سڏڪي پساهه ڏيڻ بدران علاج جون بهتر سهولتون ڏئي سندن حياتي جي بچيل ڏهاڙن کي آسان بنائڻ ۾ مدد ڏيون. پر ان ڏس ۾ اسان وٽ سچائيءَ جي وڏي کوٽ رهي آهي. نه ان ڏس ۾ انفرادي ڪوششون ٿيون آهن ۽ نه وري ادبي، سماجي ۽ عملي تنظيمن پاران ڪو ساراهه جوڳو ڪردار ادا ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ هڪ ساڃهه وند ماڻهوءَ کان وٺي تنظيمن تائين سڀ ذميوار آهن. استاد جي وفات کانپوءِ اخبارن ۾ جيڪي تعزيتي بيان ڇپيا آهن، رڳو هڪ بيان ڏيندڙ تي ڏهه رپيا ٻڌون، تڏهن به هوند لکين رپيا گڏ ٿي پون ۽ اها رقم سنڌ جي ڪنهن ڪلاڪار، اديب، شاعر جي حياتي جي گهڙين کي وڌائڻ لاءِ ايترو ڪافي ٿي پوي جو هوند وڌيڪ امداد لاءِ سرڪار کي اپيلن ڪرڻ جي ضرورت ئي نه پوي. استاد بخاري نه رڳو سنڌ جي سڄاڻ ذهن رکندڙ لکين دلين تي راڄ ڪندڙ عوامي شاعر هو، پر هڪ باعمل انسان پڻ هو. هو اهڙو ڏات ڌڻي هو، جنهن جيڪو ڪجهه شاعري ۾ لکيو، ان جي سٽ سٽ تي پاڻ عمل ڪري ٻين لاءِ دڳ گهڙيو. هونئن ته سندس سموري زندگي هڪ نمونو هئي، پر سندس عملي زندگيءَ جي ٻن ڳالهين مون تي وڏو اثر ڇڏيو آهي ۽ مان سمجهان ٿو ته سندس شخصيت جي انهن ٻن پهلوئن ئي کيس سنڌ جي هر ننڍي وڏي وٽ هڪ جهڙي مقبوليت ۽ مڃتا ڏياري ۽ منفرد مقام ڏنو. سندس پهرين خوبي اها هئي ته هو وڏو شاعر هئڻ جي باوجود ”وڏو ماڻهو“ نه هو ۽ نه ڪڏهن ٿيڻ جي ڪوشش ئي ڪيائين. هن ٻين همعصر ليکڪن ۽ شاعرن جي ان کيپ سان بغاوت ڪئي، جيڪي سنڌ جي نئين ٽهيءَ جي لکارين ۽ شاعرن کان ڇرڪندا ۽ ٽهندا هئا، پر هن نئين ٽهيءَ جي اديبن ۽ شاعرن جي تخليقي خدمتن کان متاثر ٿي کين ڇڪي پنهنجي ڇاتيءَ لاتو، سندن جديد ادبي لاڙن کي مقبول ڪري کين اتساهيو ۽ همٿايو. مون پير حسام الدين راشدي کانپوءِ اگر ڪنهن سنڌ جي وڏي اديب، ليکڪ ۽ شاعر کي سنڌ جي نوجوان نسل جي ادبي خدمتن جو معترف ڏٺو ته اهو استاد بخاري هو. هڪ ڀيري ۱۹۹۰ع ۾ سانگهڙ ۾ نئين ٽهي جي نمائنده شاعرن جي ادبي ميڙاڪي ”سرهي سانجهه“ ۾ تاج جوئي ٻڌايو ته ”استاد بخاري سنڌ جي نوجوانن لاءِ سنيهو ڏنو آهي ته ”منهنجي زندگي جا ڏينهن ڳڻڻ جيترا رهجي ويا آهن. منهنجي خواهش آهي ته مون کي ڪو جهاز هجي ته سنڌ جي شهر شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ وڃي نوجوانن کي ڀاڪر پائي مٺيون ڏيان.“ ڪيڏي نه سڪ، اڪير ۽ مڃتا سمايل آهي سندس انهن جملن ۾ سندس ان نوجوانن لاءِ سنيهي مان ئي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته استاد بخاريءَ وٽ سنڌ جي نئين ٽهيءَ جي سرجڻهارن لاءِ ڪيتري قدر مڃتا هئي. سندس شخصيت جي ٻي خوبي هئي اڏولتا ۽ ارادي جي مضبوطي، جيڪا سندس زندگيءَ جو حصو هئي. سندس زندگيءَ ۾ ڪئين لاهيون چاڙهيون ۽ لوڏا آيا، جن ۾ سندس وڪامي وڃڻ يا ڊڄي هٽي وڃڻ جو وڏو ڀئه هو، پر انهن موقعن تي هو ڪارونجهر وانگر اٽل رهيو ۽ ڏولاون جون ليڪون اڪري ويو. اهڙن موقعن تي هوند گهڻا ئي ليکڪ، اديب ۽ شاعر ڊڄي يا هرکجي هرک هاري ويهندا آهن، پر هن اڏول انسان کي نه ڪا دنيا جي ڪرنسي خريد ڪري سگهي ۽ نه ڪا ڌمڪي، دڙڪو ۽ ڌؤنس ڊيڄاري سگهي. هن سچي، سادي، سٻاجهي ۽ محبتي انسان لاءِ موت ڪو مسئلو ڪونه هو. زندگيءَ جي پڇاڙڪي پهر تائين جڏهن سندس زندگي جي گهڙيال جو ڪانٽو سالن مهينن جا پنڌ ڪري اچو گهڙين جي پنڌ تي بيٺو هو. ان وقت به سندس چهري تي موت جي وحشتناڪيءَ بدران حوصلو ۽ مرڪ موجود هئي. موت پڇاڙيءَ تائين سندس اوچن خيالن کي بدلائي نه سگهيو. سندس سرجيل بيماري وارن شعرن ۾ به اوترو ئي حوصلو ۽ جذبن جي جوالا ڏسڻ ۾ ايندي جيترو سندس آڳاٽن شعرن ۾. اها خوبي تمام گهٽ شاعرن ۾ ڏسڻ ۾ ايندي. جڏهن ته موت جا ڇانورا ڏسي گهڻا اديب ۽ دانشور ٻوڙ هاري ويهندا آهن ۽ همت، جرئت ۽ حوصلي بدران مايوسي سندن شعرن مان بکڻ لڳندي آهي. هو موت کان ڪڏهن به نه ڊنو. هن زندگيءَ سان گڏ موت جي موضوع کي پڻ پنهنجي شاعري ۾ ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيو آهي. سندس شاعري جو ڪتاب ”ڪوڪڻ يا ڪلياڻ“ ان قسم جي شاعريءَ سان ڀريل آهي، جنهن ۾ هن مرڻ جون ڳالهيون اهڙي پيرائي ۾ ڪيون آهن ڄڻ پرينءَ جي پار اسهڻ جون ڳالهيون ڪندو هجي. اهو ئي سبب آهي جو هن عظيم انسان کي موت به نه ماري سگهيو آهي. هن موت جي اکين ۾ اکيون وجهي کيس چٽ ڪري پنهنجو ڳاٽ اوچو ڪيو آهي. شايد اهڙن ئي امر ۽ مٺڙن ماڻهن لاءِ لطيف به چئي ٿو ته: سهسين سائر ٻوڙيون، منڌ ٻوڙئو مهراڻ، وه وڃائيو پاڻ، هڻي ڪنڌ ڪپن سين. (شاهه) سندس شخصيت جي ٻي خوبي هئي اڏولتا ۽ ارادي جي مضبوطي، جيڪا سندس زندگيءَ جو حصو هئي. سندس زندگيءَ ۾ ڪئين لاهيون چاڙهيون ۽ لوڏا آيا، جن ۾ سندس وڪامي وڃڻ يا ڊڄي هٽي وڃڻ جو وڏو ڀئه هو، پر انهن موقعن تي هو ڪارونجهر وانگر اٽل رهيو ۽ ڏولاون جون ليڪون اڪري ويو. اهڙن موقعن تي هوند گهڻا ئي ليکڪ، اديب ۽ شاعر ڊڄي يا هرکجي هرک هاري ويهندا آهن، پر هن اڏول انسان کي نه ڪا دنيا جي ڪرنسي خريد ڪري سگهي ۽ نه ڪا ڌمڪي، دڙڪو ۽ ڌؤنس ڊيڄاري سگهي. هن سچي، سادي، سٻاجهي ۽ محبتي انسان لاءِ موت ڪو مسئلو ڪونه هو. زندگيءَ جي پڇاڙڪي پهر تائين جڏهن سندس زندگي جي گهڙيال جو ڪانٽو سالن مهينن جا پنڌ ڪري اچو گهڙين جي پنڌ تي بيٺو هو. استاد بخاري سنڌ جو سونهون ۽ ويڄ شاعر! جامي چانڊيو انسان پنهنجي تفڪر، تخيل ۽ محسوسات جو حَسين اظهار جن تخليقي شعبن ۾ ڪيو آهي، انهن ۾ شاعريءَ جو وڏو درجو آهي. انهيءَ ڪري ئي شاعريءَ کي رڳو انسان جو انفرادي ۽ داخلي فڪر، تخيل ۽ احساس ئي نه پر ان کي قومن، طبقن ۽ معاشرن جي روحاني ۽ احساساتي تاريخ به سڏيو ويندو آهي. شاعريءَ مان به خبر پوندي آهي ته هر دور جي سماجن ۽ ان جي مختلف حصن جا خيال، احساس، ارمان، خواب ۽ تخليق جا بنياد يا محرڪ ڇا هئا! سنڌي شاعريءَ جو ڪلاسيڪل دور ته رڳو هڪ لاکيڻي لطيف جي ڪري ئي سڀني دورن تي حاوي آهي ۽ رهندو، پر سنڌي شاعريءَ جو جديد دور به گهٽ اهم ناهي. ڪشنچند بيوس، شيخ اياز، عبدالڪريم گدائي، استاد بخاريءَ سميت هڪ وڏو ڀرپور دور آهي، جنهن ۾ نئين نسل جا به آڪاش انصاريءَ، حليم باغيءَ، حسن درس، مظهر لغاريءَ ۽ سردار شاهه جهڙا انيڪ ۽ باڪمال شاعر اچي وڃن ٿا. مان سمجهان ٿو ته ويهين صديءَ ۾ سنڌ ٻه عظيم شاعر پيدا ڪيا؛ هڪ شيخ اياز ۽ ٻيو استاد بخاري. ٻنهي جون خوشبختيون به پنهنجون آهن ته ڪمزوريون به. شيخ اياز تي تمام گهڻو لکيو ويو، جنهن جي ڪري هو سنڌ جي پڙهيي لکيي طبقي ۾ تمام گهڻو مقبول ٿيو. پر جيئن ته شيخ اياز کي عوامي سطح تي گهٽ ڳايو ويو آهي، ان ڪري هو عوام ۾ ايترو مقبول ناهي. جڏهن ته سندس ڀيٽ ۾ استاد بخاري عوامي سطح تي تمام گهڻو ڳايو ويو آهي، ان ڪري هو عوام ۾ ته تمام گهڻو مقبول آهي. پر افسوس جو جيئن ته بخاريءَ جي شاعريءَ تي سندس شاعريءَ جي پرک جي حوالي سان لکيو گهٽ ويو آهي، ان ڪري سنڌ جو پڙهيو لکيو طبقو، هن کي رڳو سندس ڳايل شاعريءَ جي نسبت سان ئي سڃاڻي ٿو. جڏهن ته حقيقت اِها آهي ته استاد بخاريءَ جي ڳايل شاعريءَ جو رومانوي پاسو سندس گهڻ-رنگي شاعريءَ جو رڳو هڪ پاسو آهي. ان ڪري استاد بخاريءَ کي گهڻي ڀاڱي ماڻهو رڳو عوامي يا رومانوي شاعر طور ئي سڃاڻن ٿا. حقيقت اِها آهي ته بنيادي طور استاد بخاري هڪ مفڪر شاعر آهي ۽ جيڪڏهن هو عوامي شاعر آهي ته ان معنيٰ ۾ هرگز نه ته هن جا خيال هڪ جهالتن ۽ عقيدن جي وَرِ چڙهيل عوام جي سطح جا آهن يا انهن جي سوچ جا ترجمان آهن. استاد بخاري هن معنيٰ ۾ عوامي شاعر آهي جو هو عوام لاءِ شاعري ڪري ٿو. عوام کي عشق، جدوجهد، جستجو، قربانيءَ، سورهيائيءَ جا نوان تصور ڏئي ٿو ۽ سندن سوچ، احساس ۽ عمل جي مِٽي نئين سِر ڳوهي، کين جهالتن، عقيدن ۽ خود-فريبين جي ڌٻڻ مان ڪڍي، پنهنجي ۽ سماج جي قسمت بدلائيندڙ عوام ۾ تبديل ڪري ٿو. ان ڪري استاد بخاري جيڪڏهن عوامي شاعر آهي ته رواجي معنيٰ ۾ نه، پر انقلابي معنيٰ ۾. (۱) مان سمجهان ٿو ته سنڌ ۾ شيخ اياز کي عوامي سطح تي ڳائڻ ۽ استاد بخاريءَ تي پارکو نظر سان لکڻ جي ضرورت آهي ته جديد سنڌ جي هن ٻن عظيم شاعرن مان هڪ جو عوام سان ۽ ٻئي جو سنڌ جي پڙهيي لکيي طبقي سان حقيقي تعارف ٿي سگهي. مون استاد بخاريءَ کي هميشه هڪ سادي، نِج نِبار ۽ بيحد معصوم صفت ماڻهوءَ طور ڏٺو. هو پنهنجي سوچ، روح ۽ مزاج ۾ هڪ مڪمل شاعر هو. هو هر وقت تخيلاتي ڪيفيت ۾ رهندو هو ۽ اهو ئي سبب هو، جو هلندي، ڦرندي، سفر ۾، جاڳندي، سُتي هن تي شاعريءَ جو مينهن پيو وَسندو هو. مان سمجهان ٿو ته شايد ان مزاج ۽ ڌيان کان سواءِ ڪو ماڻهو وڏو شاعر يا آرٽسٽ ٿي به نه ٿو سگهي. تفڪر ته ماڻهوءَ ۾ ٿي سگهي ٿو، پر جيستائين تفڪر ۽ تخيل کي اظهار جي حُسناڪيءَ سان نٿو سلهاڙجي، تيسين عظيم فن يا شاعري تخليق ٿي ئي نه ٿي سگهي. استاد بخاريءَ ۾ اِهي ٽئي عنصر ڪمال، سگهه ۽ نفيس توازن سان موجود آهن. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن شاعريءَ ۾ رڳو تفڪر هجي ۽ تخيل ۽ اظهار جي حُسن جو پاسو ڪمزور هجي ته اردوءَ جي وڏي ترقي پسند شاعر مخدوم محي الدين جيان شاعريءَ ۾ نفاست بجاءِ ڪرختگي حاوي ٿيو وڃي ۽ جي تخيل وري تفڪر کان وانجهيل آهي ته پوءِ شاعريءَ جي حيثيت ٺلهي خيال آرائيءَ يا ذهني اختراع کان وڌيڪ ناهي ۽ شاعريءَ ۾ فن يا ٻولي دراصل خيال ۽ فڪر جو لباس آهي، ان ڪري ظاهر آهي ته حَسين خيال، تصور ۽ فڪر کي لباس به ڪوجهو نه گهرجي. ان ڪري ئي شاعريءَ ۾ تفڪر، تخيل ۽ جماليات جو نفيس توازن هئڻ بيحد ضروري آهي. سنڌ جي هنن ٻنهي جديد عظيم شاعرن يعني شيخ اياز ۽ استاد بخاريءَ ۾ اهو توازن ڪمال درجي تي پهتل نظر اچي ٿو. منهنجي نظر ۾ استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جي هيٺين پاسن تي تخليقي تحقيق ۽ تنقيد يعني پرک ٿيڻ گهرجي ۽ مون به پنهنجي ڪتاب ۾ استاد بخاريءَ جي انهن ئي پاسن کي کنيو آهي. جيتوڻيڪ استاد بخاري هڪ نهايت گهڻ-رنگو شاعر آهي، جنهن کي عام طور تي هڪ عوامي رومانوي شاعر سمجهيو وڃي ٿو، پر مان سمجهان ٿو ته استاد بخاري پنهنجي ڳَرُ ۽ جوهر ۾ بنيادي طور هڪ انقلابي شاعر آهي. واضح هجي ته انقلابيءَ جو مطلب نعري بازي ناهي پر اهو فڪر آهي، جيڪو دنيا کي نه رڳو گهرائيءَ سان سمجهڻ جو شعور ڏئي، پر ان کي تبديل ڪرڻ جو شعور به ڏئي. استاد چيو: وقت هجي روهيلو رِڻ پَٽُ، ڏينهنَ ضرور ته ٿُوهَر هوندا، ذِهَن جتي اُونداهيون غارون، فڪر اُتي ڪارِيهَر هوندا. استاد جي تفڪر ۽ فني اظهار جو ڪمال ته ڏسو ته هو جهالت ۽ عقيده پرست سوچن تي ٻڌل فڪر کي ”ڪاريهر فڪر“ سان تشبيهه ٿو ڏئي. الميو اهو آهي ته استاد جي حقيقي انقلابي شاعري، گهٽ ڳائي وئي آهي. (۲) ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته بخاري هڪ غير معمولي رومانوي شاعر آهي. رومانويت، هن جي شاعريءَ سان گڏ، هن جي مزاج ته ڇا پر رَڳِ رَڳِ ۾ سمايل هئي. پر هن جي رومانويت جو ڪمال اِهو آهي ته هڪ طرف هن جا رومانوي رويا نِج ڳوٺاڻي سماج بلڪ روايتي سنڌي رواجي سماج جا آهن، پر ٻئي طرف هو هميشه رومانويت کي مقصديت ڏانهن کڻي ٿو وڃي ۽ اهو بخاريءَ جو ڪمال آهي. اهو ساڳيو ڪمال اسان کي فيض احمد فيض وٽ به ملي ٿو. استاد بخاريءَ جي شاعريءَ کي گهرائيءَ سان پڙهبو ته واضح نظر ايندو ته هن جي رومانويت هڪ فرد کان ٿيندي، عوامي ۽ قومي رومانويت ته ڇا پر ڪائنات-گير ٿي وڃي ٿي. اِها ئي اُها ڪمال جي خوبي آهي، جيڪا استاد بخاريءَ کي هڪ داخليت پسند روايتي رومانوي شاعر بدران، هڪ سماجي مفڪر، انقلابي رومانوي شاعر جو درجو ڏئي ٿي. هو پنهنجي رومانوي سڀاءَ ۾ ڪنهن به هڪ انتها جو شڪار نه ٿو ٿئي، پر هن وٽ رومانويت جي روايت جو به امتزاج ئي نه پر حَسين توازن به آهي. (۳) استاد بخاري سنڌ جو عاشق شاعر آهي ۽ سنڌ هن جي محبت جو محور آهي. ان ڪري بخاريءَ جي شاعريءَ ۾ قومي شعور وڏيءَ شدت ۽ گهرائيءَ سان موجود آهي. پر ساڳئي وقت استاد جيئن ته بنيادي طور هڪ انقلابي شاعر آهي، ان ڪري هن جي شاعريءَ ۾ طبقاتي فڪر به ساڳيءَ سگهه سان موجود آهي. هو جتي پنهنجي قوم ۽ وطن جا گيت ڳائي ٿو، انهن لاءِ لُڇي ۽ پُڇي ٿو، اُتي هن جو روح پنهنجي ۽ سڄيءَ دنيا جي پورهيتن ۽ مظلومن لاءِ ڪَڙهي ۽ ڪُڇي به ٿو. بخاري چوي ٿو: اُٿيو هاڻ گهوٻو ۽ پانو اُٿي پيو، ٻنيءَ ساڻ گڏ ڪارخانو اُٿي پيو، ڏني اُڀَ لولي، جهلي ڀونءِ جهولي، مگر چيلهه موڙي زمانو اُٿي پيو. استاد بخاريءَ جي شاعريءَ ۽ فڪر ۾ وطن ۽ قوم جي نجات تيسين ممڪن ئي ناهي، جيسين اُها اندروني ۽ سماجي طور تبديل نه ٿي ٿئي ۽ سنڌ جي سَڀَ-طرفي آزاديءَ جو مُهندار ۽ ڦل ماڻيندڙ هن ديس جو پورهيت ناهي. استاد بخاري ڪو شهري مڊل ڪلاسي شاعر ناهي، جيڪو وڌ ۾ وڌ عوام تي رحم کائي يا ساڻن پري کان بيهي همدردي ڪري. استاد هن ديس ۽ انسانذات جي سمورين مظلوم قومن ۽ طبقن جو سُونهون ۽ ويڄ شاعر آهي ۽ اها ئي هن جي شاعريءَ جي حقيقي رومانويت آهي. (۴) استاد بخاري جديد سنڌي شاعريءَ جو اهو واحد وڏو شاعر آهي، جنهن جي شاعريءَ ۾ لطيف وانگر ڪٿي به پاڻ تي رحم کائڻ، سماج کي پِٽون پاراتا ۽ مِهڻا ڏيڻ يا مجموعي طور خود قياسيءَ جو رويو ناهي. استاد بخاريءَ جي فڪر جي روح جي ويجهڙائي لطيف جي تفڪر جي روايت سان آهي، جنهن جي فڪر جي ”دين“ ۾ خود-قياسي ”ڪُفر“ آهي. ان نقطي تي استاد بخاري، شيخ اياز کان گهڻو اڳتي نظر ٿو اچي. ڇاڪاڻ ته اياز صاحب جي شاعريءَ ۾ خود-قياسيءَ جو عنصر گهڻين جاين تي نمايان نظر اچي ٿو. پر استاد بخاريءَ لاءِ خود-قياسي ڄڻ ته عيب آهي. اياز وري ٻين تخليقي خوبين ۾ بي مثال ۽ بخاريءَ سميت پنهنجي ٻين هم عصرن کان گهڻو اڳتي آهي. هر شاعر جو پنهنجو ڪمال ۽ پنهنجيون مخصوص ڪمزوريون به هجن ٿيون. بخاري، قوم يا عوام کي ميارون ڏيڻ بجاءِ، هڪ حقيقي سونهين ۽ رهبر وانگر سڄو بارُ پاڻ تي ٿو کڻي. چوي ٿو: مان ٻين وانگر اکيون ٻُوٽي سُمهان، رات جي تارن کي تڙپائيندو ڪير! مان به جي مدهوش ٿي ليٽي پوان، پِرهه جا پيغام پهچائيندو ڪير! (۵) استاد بخاري پنهنجي شاعريءَ ۾ اُهو ڪم ڪيو آهي، جيڪو عام طور شاعر ناهن ڪندا. يعني درد جو اظهار ته شاعر ڪندا آهن، محسوسات کي اُڀارڻ ۽ ويندي تخليق ڪرڻ جو ڪم به شاعر ڪندا آهن، سمجهه ۽ شعور جون ڏياٽِيون ٻارڻ جو ڪم به شاعر ڪندا آهن، پر ايئن وِرلي ملندو ته ڪو شاعر نجات جا گَسَ ٻُڌائي، واٽون سِڌيون ڪري ڏئي ۽ ويندي حڪمت عمليون به ٻُڌائي. اهو سندس شاعريءَ جو ڪمال آهي ۽ اِها روايت شاعريءَ جي دنيا ۾ ايتري عام ناهي. استاد بخاريءَ جي شاعريءَ ۾ اسان کي اهڙا سوين شعر ملندا، جن ۾ تدبر به آهي ته تدبير به آهي، حڪمت به آهي ته حڪمت عملي به آهي، منزل جو ڏس به آهي ته ان جي واٽ به آهي. هو ”هيڻن“ کي سوڀاري سَگهه ڏيندڙ نه رڳو سُونهون پر ويڄ شاعر آهي ۽ اِها حقيقت ۾ لطيفي روايت آهي. اها روايت اسان کي سچل، خواجه غلام فريد يا ڪلاسيڪل دور جي وڏن شاعرن ۾ عام طور تي نه ٿي ملي. اوڀر جي سڄي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ اسان کي اها روايت رڳو لطيف وٽ غير معمولي سگهه سان ملي ٿي. اُها ٻي ڳالهه آهي ته ڪي ٻيون املهه روايتون لطيف کان وڌيڪ ٻين شاعرن وٽ به آهن، پر اها خاص روايت لطيفي آهي، جنهن جو استاد بخاريءَ تي غير معمولي اثر نظر اچي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو بخاريءَ جي شاعريءَ ۾ ٺلها پُور پچائڻ، پاڻ تي ويڳاڻپ ۽ اَويساهيءَ کي طاري ڪرڻ ۽ بيرحم حقيقتن کي بهادريءَ سان منهن ڏيڻ بدران، ڀڄي وڃڻ جا گَس ڏسڻ بجاءِ حوصلو آهي، جرئت آهي، ارڏائي ۽ جدوجهد آهي. ۽ لطيف جي ٻوليءَ ۾ ورچي نه ويهڻ جو تصور آهي. چوي ٿو: مرڻ کان ڊڄي، زندگي ٿا گهُرو، ٻرڻ کان ڀڄي، روشني ٿا گهُرو، بنا ڪاوشن جي، ڪرشمو ٿئي ڇو؟ ڏُکن کان لِڪي، پوءِ خوشي ٿا گهُرو. (۶) استاد بخاري اهو شاعر هرگز ناهي، جنهن لاءِ شاعري بذات خود دل جي وِندر يا مقصد هجي. هو شاعريءَ کي انسان جي انفرادي توڻي اجتماعي سوچ ۽ زندگيءَ کي تبديل ڪرڻ جو هڪ اهم تخليقي ذريعو سمجهي ٿو. هو جتي شاعريءَ ۾ جماليات ۽ رومانويت جو قائل آهي، اُتي هو شاعري ۽ ادب جي مقصديت جو به وڏو پرچارڪ آهي. حقيقت ۾ تخليقي ادب، زندگيءَ ۾ پنهنجو ڪارج به تڏهن ٿو ڳولي لهي، جڏهن اُهو زندگيءَ کي ڪا نئين معنيٰ ٿو بخشي. نه ته ٺلهي دل جي وندر جي ڪهڙي عمر ۽ ان کي ڪهڙو دوام؟ استاد بخاري جيتوڻيڪ پنهنجي سڀاءَ، سوچ ۽ گفتگوءَ ۾ تمام سادو لڳندو هو. حقيقت اِها آهي ته مون کي سندس حياتيءَ ۾ ڪڏهن به اهو ادراڪ نه ٿيو تهه ڪو هن جو سماجي شعور ايترو گهرو، عقليت پسند، عقيدي پرستيءَ کان آجو ۽ سائنسي آهي. اهو ادراڪ، مون کي سندس وفات کان گهڻو پوءِ، سندس شاعريءَ جو گهرو اڀياس ڪرڻ کانپوءِ ٿيو. هونئن عام طور شاعرن ۾ اهڙو شعور ناهي هوندو، جو گهڻي ڀاڱي سندن شاعريءَ جو محرڪ؛ جذبا، خيال، تخيل ۽ حُسن بيني هوندا آهن. پر استاد جو اهو وڏو ڪمال آهي. استاد واقعي ”فڪري استاد“ به آهي. ان ڪري ئي مون هن کي سنڌ جو ”سُونهون“ ۽ ”ويڄ شاعر“ ڪوٺيو آهي. (۷) استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جي ٻوليءَ، فن، تخليقي تجربن، عجيب و غريب تشبيهن، علامتن، استعارن جي حَسين استعمال ۽ خيال جي اُڻت جا پاسا به ايترا ئي باڪمال آهن، جيترا هن جا فڪري يا تخيلاتي پاسا آهن. جيئن هن جو فڪر غير روايتي آهي، تيئن هن جي ٻولي، اسلوب، فن، بندشون ۽ ترڪيبون پڻ بيحد انوکيون، نيون، منفرد ۽ تخليقي آهن. اهو استاد جو ئي ڪمال آهي جو هن جي شاعريءَ ۾ بنهه غيرشاعراڻا لفظ به نئون معنوي جنم وٺي وڏيءَ حُسناڪيءَ سان جهُومڻ لڳن ٿا. حُسن ۽ جماليات استاد جي شاعريءَ جي هر انگ ۽ رنگ ۾ آهي. جنهن جي حوالي سان به استاد جا تجربا ڪمال جا آهن. مان سمجهان ٿو ته نظم ۽ گيتَ سميت شاعريءَ جي ٻين صنفن ۾ جيترا گهڻ طرفا تخليقي تجربا استاد ڪيا آهن، سنڌي ٻوليءَ ۾ شيخ اياز کانسواءِ وِرلي ڪنهن شاعر ڪيا هوندا. مان سمجهان ٿو ته سنڌ جي ڪا يونيورسٽي استاد بخاريءَ تي هڪ چيئر قائم ڪري ته جيئن سنڌ جي هن ”استاد“ شاعر بابت معياري تحقيق ذريعي سنڌ کي سندس فڪر، ٻوليءَ ۽ فن جي پرک ملي سگهي ۽ سنڌ جا هم عصر ۽ ايندڙ نسل اِهو ڄاڻي سگهن ته سنڌ جي دل دادوءَ جي ارڏي ۽ رومانوي مِٽيءَ مان نِسريل جديد سنڌ جو هيءُ وڏو شاعر ڪيڏو نه باڪمال مفڪر ۽ آرٽسٽ هو! استاد بخاري بخاري باغ الفت جو، وفا ۽ واس جو نالو مقصود گل هن ماڻهن جي جيئري جهان ۾، ماڻهن ۾ ماڻهو ٿي جالڻ ۽ گذارڻ به هڪ وڏو مسئلو آهي. ڇاڪاڻ ته ماڻهو ڪوٺبو ئي ان کي آهي، جيڪو ماڻهپي جو مان بڻجي، هن دنيا ۾ ماڻهن ۾ مانائتو ماڻهو ٿي، جالي ۽ گذاري. هونءَ ته تاريخ جي ورقن ۾ چڱن سان گڏ مَٺا ۽ اڻ سيباڻا ڪردار به موجود آهن. پر چوندا آهن؛ ”ڪاٺيءَ ڪاٺيءَ پنهنجو لڇڻ آهي“. ان ڪري جيڪي سهڻا، سچا ۽ سنوترا ڪردار تاريخ جي ورقن ۾ آيا آهن، انهن نوَ لکن ڪردارن کي پنهنجي سيني ۾ سونهري حرفن ۾ سانڍيو آهي. استاد بخاري اسان جي دؤر جو اهو سهڻو ۽ ڇٽيهه لڇڻو ڪردار آهي، جنهن کي تاريخ پنهنجي سيني ۾ سونن اکرن ۾ لکي، پنهنجي ساهه ۾ سمايو، جيءَ ۾ جايون ڏنيون ۽ پنهنجو مان وڌايو آهي. استاد بخاري بهتر، اهم ۽ عظيم شاعر ته هيو ئي، پر هو هڪ اعلى قدرن وارو آدرشي انسان به هو. پاڻ استاد بخاري پنهنجي گفتگو ۽ تحريرن ۾ اڪثر هي جملا ورجائيندو هو: ”سٺو شاعر، اديب يا استاد ٿيڻ ته آسان عمل آهي، پر هن ماڻهن جي جيئري جهان ۾ سٺو انسان ٿيڻ تمام اوکو عمل آهي.“ ۽ ... .. ها... .!!! واقعي سندس ئي چواڻيءَ جيڪو ڏاڍو ڏکيو عمل هو، سو پاڻ ڪري ڏيکاريائين ۽ ها بخوبي ڪري ڏيکاريائين... .!!! سچ پچ استاد اعلى قدرن وارو عظيم آدرشي انسان به هو ۽ جن دوستن کي استاد سان ويجھي رهڻ جو مان حاصل آهي، انهن کي سموري خبر هوندي ته استاد پاڻ ۾ ڪيتريون ۽ ڪهڙيون خوبيون رکندو هو. مان به انهن خوش بخت انسانن مان آهيان، جن کي استاد جو قرب حاصل هو. جيئن ته مون استاد کي ويجھڙائيءَ کان ڏٺو، ان ڪري مون کي به سندس ڪجھه خوبيون، عجيب عادتون ۽ احساس ڏسڻ جو موقعو مليو. جن جي وچور بيان ڪرڻ لاءِ ته ڪتاب لکجي ويندا، پر بس هتي مان سندس ڪجھه محبتي ڳالهيون ونڊيندس. استا بخاريءَ جي محفل ۾ سڀ ماڻهو هڪ جيترو ئي مان حاصل ڪندا هئا. ڪيترا ئي ڀيرا سندس ڪچهرين ۾ ويهڻ جو موقعو مليو. سندس ڪچهريءَ ۾ سينئر شاعر ۽ اديب به هوندا هئا ته ان وقت مون جهڙا نوان ۽ سيکڙاٽ شاعر به. پر ڪو به ماڻهو سندس ڪچهريءَ ۾ سندس گفتگوءَ کان وانجھو يا محروم نه رهندو هو. هو ڪنهن کي به نظر انداز ٿيڻ جو احساس نه ڏياريندو هو. سماجي يا ادبي حوالي سان ڪير ڪيترو به ننڍڙو ماڻهو ڇو نه هجي، سندس قرب ۽ ڪچهريءَ مان هڪ جيترو فيض حاصل ڪندو هو. وري وري، واري سان، سڀني حاضرين جو نالو وٺي پيو مخاطب ٿيندو هو. استاد بخاريءَ جي ملڻ ۽ مخاطب ٿيڻ جو انداز به ڏاڍو پنهنجائپ وارو، سيبائتو ۽ دلپذير هوندو هو. ساڻس ملڻ وارو هر فرد، توڙي جو هو اوپرو ۽ ساڻس پهريون ڀيرو ئي ملڻ وارو ڇو نه هجي، پر هو ائين محسوس ڪندو هو، ڄڻ استاد سان سندس سالن کان واقفيت ۽ ويجھڙائي هجي. هڪ ڀيري منهنجي ڀاءُ قاضي اختر حيات جي شاديءَ جي موقعي تي اسان جي هڪ هندو دوست ڪرتال لعل جي نئين ديري ۾ استاد بخاريءَ سان پهرين ڪچهري ۽ ملاقات ٿي. اسان جي ان دوست کي استاد سائينءَ اهڙو ته قرب ڏنو، جو اهو سمجھڻ ۽ سوچڻ لڳو هو ته استاد سان سندس ورهين جي واقفيت آهي، جيڪا هو شايد زماني جي گردشن ۽ ڪمزور حافظي ڪارڻ وساري چڪو آهي ۽ پوءِ اها پهرين ملاقات اهڙي ۽ ايتري پائدار ثابت ٿي، جو ڪيترا ئي ڀيرا اهو دوست پنهنجي گونان گون مصروفيتن مان ڪجھه پل آزاد ڪري استاد جي درشن لاءِ دادوءَ ڪهي ويندو رهيو. سائين سرڪش سنڌي، مختار گھمرو ۽ مان، گھڻو ڪري گڏ ئي استاد سائينءَ سان ملندا هئاسين. پوءِ اها ڪچهري دادوءَ ۾ هجي، رتيديري ۾ يا وري ڪنهن ٻئي هنڌ ادبي ميڙاڪي ۾. اسان جي ويجھڙائيءَ ۽ مشترڪه ادبي سفر يا هم خياليءَ جي ڪري، استاد سائين پيار مان اسان ٽنهي کي ٽمورتي ڪري ڪوٺيندو هو. جيڪڏهن ڪنهن سبب جي ڪري اسان مان ڪو به هڪ ڪنهن پروگرام ۾ اسان جو همسفر نه ٿي سگھندو هو ته، استاد سائين سراپا انتظار بڻجي حقيقت معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. خاص طرح سان سرڪش جي بيماريءَ سبب سندس طبيعت جو استاد کي گھڻو انتظار رهندو هو. استاد بخاري، گھڻو ڪري ڪنهن کان ناراض نه ٿيندو هو ۽ نه وري ڪو ڪنهن کان ڪو شڪوو شڪايت ئي ڪندو هو. مولى علي عليه السلام جي قول مطابق، سندس دل ۾ هڪ وڏو قبرستان هوندو هو، جنهن ۾ دوستن توڙي دشمنن جون اوڻايون ويندو هو دفن ڪندو. ڪڏهن ڪڏهن اهڙن احساسن کي الفاظن جو روپ ڏيندي چوندو هو: ”ابا ميڏي دل وچ مڪلي هي.“ استاد بخاري جي پنهنجي ئي ضلعي جي ڪجھه اديبن ۽ شاعرن کي ساڻس بي سبب ڪي رنجشون ۽ ناراضگيون به هونديون هيون. استاد جي شفيق ۽ مهربان طبيعت جي ڪري، کين شڪايت ڪرڻ جو موقعو ته ڪو نه ملندو هو، پر ڪڏهن ڪڏهن انهن جا اجايا اعتراض مشاعرن يا ادبي ميڙاڪن جي صدارت يا ٻين امتيازي نشستن واري معاملي جي روپ ۾ ظاهر ٿي پوندا هئا ۽ چوندا هئا: ”بس! هر مشاعري جي صدارت استاد ڪري... !!!“ پوءِ ٻه ٽي ماڻهو ان مشاعري جي بانيءَ کي ڪنڊ سنڊ ۾ گھرائي زور وجھندا هئا ته استاد صدارت نه ڪري، نه ته اسان مشاعرو نه پڙهنداسين. ”ڀريو مَٽُ استاد“ جيڪڏهن خبر پوندي هيس ته مشاعري جي ميزبان کي ڳراٽڙي پائي مرڪي چوندو هو: ”ابا ڪائي ڳالهه ناهي، صدارت انهن کي ڏي، مان هيٺ ويهي مشاعرو ٻڌندس ۽ پڙهندس“. پوءِ عجيب مزيدار عالم ٺهي ويندو هو، استاد جاتي به ويٺو هوندو هو، اتي ئي صدر هوندو هو ۽ شاعر کيس ئي مخاطب ٿي شعر پڙهندو هو ۽ هو هٿرادو صدر مٿي ويٺل هوندي به ويٺو شڪي ۽ شرمندو ٿيندو هو. استاد بخاري دوستن جو دوست، يارن جو يار ۽ غيرن جو به همدرد هوندو هو. ان ڪري ته هن همدردي ۽ پيار جي حيثيت ۽ حقيقت کي پنهنجي لفظن ۾ ئي نمايان ڪري ٻنهي لفظن جي تفريق کي واضع ڪيو آهي ته هـمـدريءَ کــي پـيـار نـه چـئو او چريا. جنهنکي تنهنکي يار نه چئو او چريا. يارن دوستن سان ڏک سک ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ بنا ڪنهن دير جي وٽن پهچڻ استاد جو محبوب مشغلو هوندو هو. دوستن سان گڏ خوشين ۾ جھومڻ ۽ مرڪڻ سندس پهرين ترجيح ۽ دوستن جي ڏک ۾ تڏي تي پهچڻ سندس اولين فرض هوندو هو. اسان سندس قرب ۽ ويجھڙائيءَ کي سندس احساسن ۽ امنگن جي حوالي سان محسوس ڪيو هو. استاد بخاري، بابا سائين ’قاضي عبدالحي قائل‘ جي مڪي شريف ۾ مرتئي جي خبر ٻڌي، سخت ۽ تيز چوماسي برساتن باوجود، پهرين فرصت ۾ رتيديري پهتو. ڏک سور ونڊيائين، آٿت ڏنائين ۽ ڌيرج جون نصيحتون پڻ ڪيائين. پنهنجي احساسن جو اپٽار ڪندي، بابا جي وفات واري تاثراتي ڪتاب ۾ لکيائين: ”سائين قائل صاحب سنڌ جو سٺو خدمتگار، جيڪو هاڻي اسان ۾ نه آهي ۽ نه وري اسان ۾ ڪڏهن موٽي ايندو، اهو پرديس ۾ اسان کان وڇڙي ويو آهي. اهو روحاني طرح ته سنڌ ۾ آهي ئي، پر مذهبي حوالي کي ڇڏي، ان کي جسماني طرح به سنڌ ۾ هئڻ گھربو هو. بهرحال مان سندس تڏي تي سندس پٽن سان غم شريڪ آهيان.“ استاد بخاري خط لکڻ جو به ڪوڏيو هو. هر هفتي سندس خط ضرور ايندو هو ۽ اسان وٽان به سندس خطن جي موٽ سلسليوار ايندي ويندي رهندي هئي. سندس خط، ادبي صحيفو بڻجي اسان وٽ ايندو هو، جنهن ۾ ادبي خبرون، سماجي، ذاتي ۽ قومي ڳالهيون، مشاعرن جون دعوتون ۽ دنيا جا وچور ونڊيل هوندا هئا. ڪنهن سبب جي ڪري، هڪ ڀيري الائي ڇو مهينو ٻن جو وقفو ٿي ويو ۽ مان سندس مسلسل ٻن خطن جو جواب نه ڏئي سگھيس. هڪ ڏينهن سندس ٽيون خط آڊوکن اکرن سان اچي نڪتو، جنهن منهنجي اکين جون پڇڙيون به آڊوکيون ڪري رکيون هيون. استاد لکيو هو: ”اڃا ته استاد جيئرو آهي، ان کي جيئري ته نه وساريو... .!!! تنهنجي خط جي اوسيئڙي ۾ منهنجون اکيون رستو ٿي پيون.“ منهنجي ٽئين نمبر پٽ نادر ۽ ٻن ڀائٽين آڪاش اختر ۽ نقاش اختر جن جا طهر هجن. استاد بخاريءَ کي منهنجي پاران دعوت عرض رکي وئي. انهن ڏينهن ۾ استاد جي طبيعت ناساز هئي ۽ ڪافي ڪمزور به ٿي ويو هو. ان ڪري استاد پروگرام ۾ اچڻ کان معذرت ڪئي هئي. پر جيئن مقرر ڏينهن ۽ وقت تي پروگرام شروع ٿيڻ جون تياريون ٿي رهيون هيون، ته اچانڪ استاد کي پروگرام جي پنڊال جي ٻاهران ڪار مان لهندو ڏسي، سڀني کي انتهائي حيرت-گاڏڙ خوشي محسوس ٿي هئي. استاد وقت تي پهچي حيران ته ڪيو هو، پر اکين کي خوشيءَ جا ڳوڙها به ڏنا هئا. ڀاڪر ۾ ڀريندي چيو هئائين: ”استاد جيئرو به هجي ۽ سائين قائل جي ڪهول جي خوشيءَ ۾ نه اچي، اهو کوڙو ئي نه ٿو لڳي.“ استاد ان وقت صرف اڌ ڪلاڪ ترسيو، پنهنجي ڪمزور هٿن سان گھوٽن کي ڳانا ٻڌائين ۽ بنا ڪجھه کائڻ پيئڻ جي وري اکين کي ڏکارا ڳوڙها ڏئي رمندو رهيو. استاد سائينءَ جي ٻارن سان پيار واري خاص خصلت ۽ محبت کي به وساري نه ٿو سگھجي. مون ته سندس روين مان اهو محسوس ڪيو هو ته ٻارڙن سان سندس قرب ۽ پيار ظاهري نه پر اتساهڪ هو. جيترو مانُ، هو وڏن لاءِ رکندو هو، اوترو بلڪ ان کان به وڌيڪ ئي هو ٻارن سان پيار وارو جذبو رکندو هو. استاد جي ٻارڙن سان پيار واري جذبي جو هڪ مثال هي به آهي ته جڏهن به استاد اسان جي غريب خاني تي ايندو هو ته خاص ڪري منهنجي ٻئي نمبر پٽ ناصر کي ضرور ۽ خاص وقت ڏئي ان سان ڪچهري ڪندو هو. ناصر جي ان وقت عمر ست يا اٺ سال مس هوندي هئي. ناصر جو ننڍي لاءِ کان وٺي ئي ڳائڻ سان شوق هوندو هو ۽ هو ڪئسٽ تان استاد بخاريءَ جا منظور سخيراڻيءَ جي آواز ۾ ڳايل گيت ياد ڪري پنهنجي طوطلي ۽ ٻاتڙي ٻوليءَ ۾ اڪثر گنگنائيندو رهندو هو. ان ڪري استاد بخاريءَ جي ناصر سان خاص ڳائڻ وڄائڻ جي ننڍڙي محفل ضرور مچندي هئي. استاد پنهنجي هٿ سان پنهنجي ڊائري ئي وڄائي ڍولڪ جو رڌم ٺاهيندو هو ۽ ننڍي لاءِ ئي سر گر جو پختڙو ناصر پنهنجي ٻاتڙيءَ ٻوليءَ ۾ استاد جا گيت ڳائيندو هو: ”روز بهانا نوان نوان، ماريو تنهنجي نمان نمان“ ۽ حاضرين سڀ هڪ مهان ڪويءَ ۽ هڪ ننڍڙي ٻارڙي گائيڪ جي محفل کان محظوظ ٿيندا هئا ۽ ان وقت استاد بخاريءَ جا مزيدار ٽهڪ ۽ ڳريليون تاڙيون به ٻڌڻ وٽان هونديون هيون. حقيقت اها آهي ته استاد بخاري هڪ اهڙو گھڻ-گُڻو ۽ گھڻ-پاسائون ماڻهو ۽ عجيب آدرشي انسان هو، جنهن ۾ انڊلٺ وارا رنگ سمايل هئا. جن کي هڪ ئي وقت چند پنن جي سينن ۾ سمائي هرگز نه ٿو سگھجي. بخاري عجيب رمزن، مختلف سرهاڻين، ۽ گھڻن ئي ورنن جي گلن جو گلدستو هو، جنهن جي رنگ، خوشبو ۽ خوشنمائيءَ کي اندر جي اتساهه واري اندريءَ ۽ احساسن سان ئي محسوس ڪري سگھجي ٿو. پرينءَ جي پياس جو نالو، عجب احساس جو نالو، بــخــاري بــاغ الــفــت جــو، وفــا ۽ واس جـو نالو. استاد بخاري هڪڙو هو رکيل مورائي اڄ استاد بخاريءَ جي ورسيءَ جو ڏينهن آهي. سندس ورسي ملهائي، هڪ رسم پوري ڪئي ويندي. جيئن انساني جذبي هيٺ ڪيو ويندو آهي ۽ عالمن، اديبن ۽ شاعرن جون ورسيون ملهائڻ جو هڪ سبب کين ياد ڪرڻ به آهي. جيتوڻيڪ سندن هر ڇپيل ڪتاب سندن يادن طور قومن وٽ محفوظ هوندو آهي، شايد هڪ سبب اهو به آهي ته سندن ورسيون ۽ سالگراهون ملهائي، اسان پنهنجي حال کي ماضيءَ سان ڳنڍيندا آهيون ۽ ايئن مستقبل ڏانهن پنهنجي اندر نسل کي رستو ڏيکاريندا آهيون. ڪنهن به اهڙي رسم کان اڳ يا پوءِ، اسان پنهنجي عالمن، اديبن ۽ شاعرن کي حقيقي معنيٰ ۾ اعزاز ڪهڙو ڏيندا آهيون، جيڪو اصل معنيٰ ۾ انهن کي ڏيڻ گهرجي. اڄ جڏهن استاد بخاريءَ جي قبر تي گل چاڙهيا ويندا، کيس ڀيٽا ڏني ويندي، سندس اعزاز/ياد ۾ چڱو ئي خرچ ٿيندو، ان موقعي تي کيس اصل ڀيٽا ڪير ڏيندو؟ اڄ جي نوجوانن ۾ ڪيترا اهڙا نوجوان هوندا جن ڏهين آڪٽوبر ٻه هزار تيرهن کان نائين آڪٽوبر ٻه هزار چوڏهن تائين پنهنجي هڪ ڏهاڙي مان صرف هڪ ڪلاڪ ڪڍي سندس ٻن درجن ڪتابن نئين سر اڀياس ڪيو هجي ۽ هڪ لاجواب پيپر لکيو هجي، جنهن منجهان اسانکي استاد بخاري جي شاعريءَ جا ڪي نوان نقطا، نوان احساس، نوان رومانس، نوان فلسفا ۽ نئين احساسداري پلئه پوي. جيڪڏهن ايئن نه ٿو ٿئي ته انهن شخصن کي ڪلاڪ ڪلاڪ ڳالهائڻ ڇو ٿو ڏنو وڃي، هڪ ئي وقت سَون ماڻهن جو اهو وقت ڇو ٿو ضايع ڪيو وڃي، ٻن ڏهاڪن جي وٿيءَ بعد به اسانکي اهڙو پيپر نه ملي سگهيو آهي، جنهن استاد جي شاعريءَ جا ڪي نوان پهلو ظاهر ڪيا هجن. اڄڪلهه اسانجي شاعرن، عالمن ۽ اديبن جي ورسين تي لکندڙن جون ڪجهه به لکڻ وقت سمورين توانايون ان ڳالهه تي ختم ٿين ٿيون ته لکندڙ جو لکيو ويندڙ سان ڪيترو ويجهو تعلق هئو، ايئن جنهن تي لکيو وڃي ٿو اهو رهجي وڃي ٿو ۽ جيڪو لکي ٿو اهو مٿي اڀري اچي ٿو. مجموعي طور اسانجي ادب ۾ جيترو اديبن ۽ شاعرن تي شخصي طور ڳالهايو ۽ لکيو ويو آهي. اوترو سندن ادب تي نه لکيو ويو آهي ۽ نه ڳالهايو ويو آهي، ايئن استاد بخاريءَ جهڙي، سنڌي شاعريءَ ۾ پنهنجي نرالي جڳهه حاصل ڪندڙ شاعر تي به نه لکيو ويو آهي. جيڪا سنڌي ادب لاءِ خاص ۽ استاد بخاريءَ جي حوالي ۾ عام ڳالهه ڪري سگهجي ٿي. استاد بخاري سنڌي ٻوليءَ جو اهڙو شاعر آهي، جنهن وٽ گهڻي قدر سڀ ڪجهه پنهنجو آهي، هن جا موضوع پنهنجا آهن، هن جي ٻولي پنهنجي آهي، هن جو لهجو پنهنجو آهي، ڪنهن به اعليٰ شاعر وٽ ٻيو ڇا هجڻ گهرجي. اياز، تنور، شمشير ۽ امداد جي موجودگيءَ ۾ استاد جي شاعري ايتري نرالي آهي، جنهن تي معجزي جو گمان ٿئي ٿو. استاد بخاري جي شاعريءَ جا بنياد پنهنجي راويت تي بيٺل آهي. اها روايت جيڪا سچ پچ، عوامي آهي، هت سندس روايت جو ذڪر سندس واتان ٻڌل شاعري نه آهي. پر ڪتابن ۾ ڇپيل اها شاعري آهي،جيڪا اڄ استاد جي جسمانيءَ طور نه هجڻ کانپوءِ به اسانجي آڏو آهي، ٻي روايت شآعري ۾ شعر پڙهڻ واري آهي، جيڪا عارضي آهي، تنهن هوندي به استاد پنهنجي موجودگي محسوس ڪرائيندو رهيو، ڪيترا ئي شاعر مشاعرن ۾ ته پنهنجي موجودگي شدت سان محسوس ڪرائي سگهيا، پر ان قوت سان پني تي اڀري نه بيٺا، استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جو چڱوئي حصو پني تي پڻ اڀري بيٺو آهي، جنهن کان وڌيڪ سندس موجودگيءَ محسوس ٿيندي هئي. سنڌي ٻولي وري استاد بخاري جهڙو شاعر پيدا ڪندي، جنهن کي سچ پچ عوامي شاعرن ڪوٺي سگهجي. شايد اسانکي گهڻو وقت انتظار ڪرڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته استاد بخاري شاعر جي ان لسٽ ۾ نه آهي، جنهن کي ڳوليو وڃي. سندس قدر ايترو وڏو آهي جيڪو پري کان ئي ڏسڻ ۾ ايندو آهي. اڄ نه ان کي ڪو گهٽائي سگهندو نه ئي ان کي وڌائي سگهندو. استاد بخاري سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ وڏي حلقي جي اتساھ جو سبب پڻ رهيو آهي. اڄ به سندس ڪتاب تيزيءَ سان وڪرو ٿيندڙ ڪتابن ۾ شامل آهن ۽ بار بار ڇپجندا رهن ٿا. گهڻن ئي شهرن وانگر دادو پڻ شهر نه پر هڪ احساس آهي. جنهن ۾ استاد بخاري جي شاعري شاھ کڻي ٿي ۽ محسوس ٿئي ان ڪري هو سدائين جيئرو رهڻو آهي. رسمي طور هن کي ياد ڪري ڄڻ اسان پاڻ کي ياد ڪريون ٿا ڇاڪاڻ ته هو اسان جو اهڙو شاعراڻو ورثو آهي، جنهن تي اسانکي فخر محسوس ٿئي ٿو. ان سان گڏ تڪليف به محسوس ٿئي ٿي جڏهن استاد تي هڪ درجي کان هيٺ لهي ڳالهايو ٿو وڃي ۽ پڙهيو ٿو وڃي. استاد جو اڀياس جنهن سطح تي ٿيڻ گهرجي انتظاميا کي ان پاسي به ڌيان ڏيڻ جڳائي ۽ استاد کي انهن جو وارثيءَ کان به بچائڻ گهرجي. جن استاد کي ادب ۾ لاوراثي ڏانهن ڌڪڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. پر استاد جي شاعريءَ سنڌ جي مضبوط وارثي حاصل ڪري ورتي، ڇاڪاڻ ته اها سنڌ جي شاعري هئي، سنڌين جي شاعري هئي ۽ وڌيڪ ته اها سندن جذبن جي ترجمان شاعري هئي. استاد جي شاعري سنڌ جي اهڙي سونهن آهي جنهن تي ڪو به شخص موهت ٿي سگهي ٿو ۽ اهو موھ هو سدائين لاءِ پنهنجي دل ۾ سانڍي سگهي ٿو. استاد سدائين اسان جي وچ ۾ هئو. اسين سڀ سندس آس پاس هئاسين، اڄ هو پاڻ نه آهي، اسان کان وڇڙي ويو آهي. تڏهن ئي ته سندس ورسي ملهائي رهيا آهيون. هو جيڪو سانگين جي وچ سدائين سالگرهون محسوس ٿيندو هئو. سانگين مان گڏ سالگرھ مان، وڇڙي ويس ته ورسي آهيان. اُستاد بخاري سونهن ۽ سچ جو شاعر ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ استاد بخاري ولد حاجن شاهه جديد شاعريءَ ۾ هڪ ناميارو نانءُ آهي. ادبي تاريخن موجب هو ۱۶ جنوري ۱۹۳۰ع تي ڳوٺ غلام چانڊيو ضلعي دادو ۾ ڄائو هو، پر تازو عزيز ڪنگراڻيءَ جي تحقيق موجب ته، استاد بخاري مٿين تاريخ کي قبول نه ڪيو ۽ پنهنجي مختلف انٽرويوز ۽ بيانن ۾ ٻڌايو آهي ته، ”اسڪول رڪارڊ موجب ۱۶ جنوري ۱۹۳۰ع آهي، پر بابا سائين جي قول مطابق منهنجو جنم اڃان سال کن اڳ ٿيو, جنم جي تاريخ اٽڪل ۶ مهينا اڳ ۷ آگسٽ ۱۹۲۹ع بمطابق پهرين ربيع الاول ۱۳۴۸هجري آهي“ سندس ڇٽيءَ جو نالو پنهل شاهه هو ۽ اسڪول ۾ والد کيس احمد شاهه جي نالي سان داخل ڪرايو. استاد بخاريءَ پرائمري کان سنڌي فائينل ۱۹۴۴ع تائين ڳوٺ غلام چانڊيو ضلعي دادوءَ ۾ پڙهيو. ۱۹۴۷ع ۾ پرائمري استاد ٿيو ان دوران پڙهندو آيو، ۱۹۶۴ع ۾ ايم اي سنڌي ڪيائين ۽ ۱۹۶۷ع ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو، آخر ۾ دادو ڪاليج (جيڪو هاڻي استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو سڏيو وڃي ٿو( مان اسسٽنٽ پروفيسر طور ۱۹۹۰ع ۾ رٽائر ڪيائين. ۹ آڪٽوبر، ۱۹۹۲ع تي ۶۳ سالن جي عمر ۾ سندس وفات ٿي. آخري وقت هو ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا هيو ۽ شديد بيماري ۽ تڪليف کان پوءِ ڪراچيءَ جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪيائين. استاد بخاري ننڍي لاڪون راڳ سان رغبت رکندڙ ٻار هو. پنهنجي ماءُ کان هن ڪافيون ۽ مولود ڳائڻ سکيا. سندس يادگيري غضب جي هئي، کيس ٿورو پڙهيو ياد رهندو هو. هن جو آواز ايترو ته مٺو هوندو هو جو هم جماعت ڇوڪرا توڻي اسڪول جا استاد کانئس موڪل مهل يا رسيس ۾ ڪو ڪلام ضرور ٻڌندا هئا. هن جي تربيت محبت ۽ نهٺائيءَ واري هئي کيس سندس والد قصا، تاريخي ڳالهيون ٻڌائيندو هو ته واري سندس والده مذهبي تربيت ڪئي، جنهن جي ڪري هو نيڪ نمازي هيو. کيس ننڍپڻ کان ئي ڳائڻ جي ڪري شعر جوڙڻ جو شوق ٿيو، سندس پهرين شاعري ۱۹۴۲ع جي آهي، جنهن وقت هو پنجين درجي ۾ پڙهندو هو. جڏهن ۱۹۴۷ع ۾ پرائمري استاد ٿيو، تڏهن پنهنجو تخلص پڻ ”استاد“ رکيائين. هن جي شاعريءَ جو سفر پنجاهه سالن جي عرصي تي محيط آهي، جنهن ۾ هن هزارين نظم، آزاد نظم، چوسٽا، گيت، غزل، بيت، رباعيون، ٽيڙو، قطعا، وايون ۽ ڏوهيڙا چيا آهن. ان کان سواءِ ترائيل، سانيٽ ۽ هائيڪو جو پڻ شعر چيو آهي. سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن. پهريون ڪتاب ۱۹۷۱ع ۾ ”گيت اسان جا جيت اسان جي“، ڇپيو جنهن ۾ سندس شاعريءَ جون مختلف صنفون شامل آهن. انهيءَ کان سواءِ هن جي ڪتابن ۾ ”گلدستي ۾ گيت“، ”گيت گلابي ٻارن جا“، ”ٻاراڻا ٻول“، ”اوتون جوتون“، ”ڪوڪڻ يا ڪلياڻ“، ”ولولو ۽ ووڪ“، ”زندگي زندگي“، ”ڌرتي سرتي“، ”ميلا ملهالا“، ”ماندي ٿي نه مارئي“، ”وطن ۽ ويساهه“، ”پير نه هٽن پوئتي“، ”گهڙيا سي چڙهيا“، ”هي گجراهي گولا“، ”هڙئي هيج وطن جا“، ”ڳائي پيو جاڳائي پيو“، ”تڙ تڙ تيڏيان ڳالهيان“، ”ڌوڙ دل جي درد جي“، ”لهر لهر دريا“، ”بخاري جا قطعا“، ”سوچون ڀڻڪا، واڪا“، ”نه ڪم نبريو، نه غم نبريو“، ”لهري لهري ۾ لالاڻ“، ”ڪاري ڪڪر هيٺ“، ”ڌري سرتي“ ۽ ٻيا ڪتاب آهن، ٻن چئن ڪتابن کان سواءِ استاد جا گهڻا ڪتاب وفات کان پوءِ ڇپيا ۽ عوام ۾ بي حد مقبول ٿيا آهن، سندس شاعريءَ جو ڳچ حصو سنڌ جي اهم فنڪارن سريلي آواز ۾ ڳائي هن ڌرتيءَ جي ڳوٺ ڳوٺ ۽ واهڻ واهڻ تائين پهچايو آهي، ڪابه اهڙي موسيقيءَ جي محفل نٿي هجي جتي شاهه صاحب ۽ شيخ اياز جي ڪلام سان گڏ استاد بخاريءَ جو شعر ڳاتو نه ويو هجي، هو شاهه ۽ اياز کان پوءِ سنڌ جو وڏو شاعر شمار ٿئي ٿو، جيڪڏهن استاد بخاريءَ جو مڪمل ڪلام اخبارن ۽ رسالن ۾ ٽڙيل پکڙيل مواد سميت ڇپايو وڃي ته هن جي ڪتابن جو ڳاڻيٽو پنجاهه کان مٿي ٽپي ويندو، روزانه هلال پاڪستان ۾ سندس ڇپيل چؤسٽا، جيڪي پابنديءَ سان ڇپبا هئا، سنڌ ڌرتيءَ جي هڪ سياسي، سماجي ۽ معاشي تاريخ آهن. اهي ايترا ته وافر مقدار ۾ هئا جو انهن ۾ سنڌ جي ڪيترن اهم واقعن ۽ حالتن جي وڏي پئماني تي نشاندهي ٿي آهي، استاد انهن چؤسٽن معرفت سنڌ واسين کي جاڳايو، اُتساهيو ۽ قوميت جي جذبي سان مالا مال ڪيو، ڌرتيءَ جي بقا ۽ بچاءُ لاءِ همٿايو جيئن چوي ٿو ته، تنهنجي اک ۾ پتلي ناهي، پٿري آهي، سنڌ سڙي پيئي، تنهنجي اک روئي به نٿي، تنهنجي بت ۾ رت جي بدلي ريتي آهي، خلق لڇي پئي، تنهنجي دل ڇرڪي به نٿي. ”بخاري صاحب جي سولي ٻولي ۽ الڳ انداز جي ڪري سندس چؤسٽي گهڻي مقبوليت ماڻي. هر چؤسٽي ۾ استاد جيڪا ڳالهه چوڻ چاهي آهي، سا بلڪل واضح آهي، تنهن ڪري هر چؤسٽو هڪ مڪمل نظم جي صورت وٺيو بيٺو آهي، روزانو اخبار ۾ لکڻ جي ڪري ان ۾ موضوع به ايترا پکڙيا پيا آهن، جيتري زندگي ۽ ڪائنات. هو ڳائڻ ۽ جاڳائڻ وارو شاعر آهي“. استاد بخاريءَ جي شاعريءَ ۾ موضوع کي اهميت آهي، هن شاعريءَ جي ڪيترين صنفن ۾ مقصدي طور جيڪي چوڻ چاهيو، اهو واضح چيو آهي هو عوامي شاعر ته آهي پر سنڌي قوم جو قومي شاعر پڻ آهي، جنهن ڌرتيءَ جي سونهن کي ۽ پوري سنسار کي چٽيو آهي ۽ ڌرتيءَ واسين کي علم جا، عمل جا، اڳتي وڌڻ جا، دشمن اڳيان فولاد ٿي بيهڻ جا، حوصلي ۽ همت جا سبق مختصر نظمن، چوسٽن ۽ رباعين ۾ چيا آهن، چوي ٿو ته، وقت جي ويٺي لکي مون واردات، لک اصول استاد، ڀڻڪيو مشڪلات، ”عزم“ جي سامهون جهڪيو آفت پوي، ڏينهن کي روڪيندي ناهي ڪابه رات. استاد بخاري طنزيه ۽ مزاحيه شاعري پڻ ڪئي ۽ ٻارن لاءِ پڻ لکيو آهي، سندس شاعري سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران نصاب ۾ شامل آهي، استاد جا شعري مجموعا ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي نصاب ۾ مقرر آهن. هن جي شاعريءَ جو فڪري پهلو وڌيڪ اهميت جوڳو آهي، مٿان هن لفظن جي جوت پڻ پيش ڪئي آهي ۽ قومي شاعريءَ ته هيڪاري سندس شعر کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن. تڏهن ته خود ئي چوي ٿو ته، منهنجي قومي شاعري بنجي ويو آ معرڪو، ڪلڪ جي صر صر به ظالم- ذهن ۾ خنجر ته آ، نظم تي پيو نظم جوڙيان، مورچي تي مورچو، هر اکر هڪ سولجر، مون وٽ وڏو لشڪر ته آ. ”استاد بخاري سونهن ۽ سچ جو شاعر آهي، هن جي شاعريءَ جو رنگ عوامي، ٻولي سادي ۽ ڳوٺاڻي، تشبيهن ۽ استعارن سان ڀرپور آهي، استاد جي ڪيل قومي شاعريءَ جو رنگ ئي پنهنجو آهي، حقيقت ۾ استاد هڪ ئي وقت پيار جي پچار ۽ وقت جي پڪار آهي، سندس پنهنجي لفظن ۾ ته وقت جي پڪار ۽ پرين جي پچار منهنجي شاعراڻي دل جا ٻه پاسا آهن.“ سنڌي ادب جي هن باشعور شاعر نه فقط پنهنجي ڌرتيءَ واسين کي سندن مسئلا کولي ٻڌايا، پر انهن مسئلن جا حل پڻ کين سمجهايا آهن. هن سنڌ جي خدمت کي عبادت سمجهيو، هتي ٿيندڙ هر ظلم کي پنهنجو پاڻ تي ٿيندڙ ظلم سمجهيو، انهيءَ ڪري ئي چيائين ته، پڇن ٿا سنڌ ۽ سنڌين جي ڇو تسبيح پيو سورين، چيم هاڻ پڇاڙي آ، عبادت جي ضرورت آ. استاد بخاري سچ ۽ سونهن جو شاعر وفا رضا اڄ سنڌ جي سڪيلڌي شاعر استاد بخاري جي وڇوڙي جي تاريخ آهي، جنهن پنهنجي زندگي ۾ جيڪو ڪجهه ڏٺو، پڙهيو ۽ پرکيو سو هو اسان کي ائين کڻي چئون ته شاعري جي صورت ۾ لکي ڏئي ويو آهي. استاد بخاري جنهن جو اصل نالو احمد شاهه هيو، تنهن جو جنم ۱۶ جنوري ۱۹۳۰ع تي ضلعي دادوءَ جي هڪ ڳوٺ غلام چانڊيو ۾ سيد حاجن شاهه جي گهر ۾ ٿيو. تنهن سنڌ جي محبتي انسان جي شاعري جڏهن به پڙهڻ توڙي ٻڌڻ لاءِ ملندي آهي ته دل چوندي آهي بس، استاد ئي هجي سو ان گهرج تحت ئي هڪ ڀيري وڃي استاد جي آشياني تي پهتس. مون سان منهنجو دوست خالد خاصخيلي گڏ هجي . دادو پهچڻ بعد ٽانگي واري کي چيوسين غريب آباد هلڻو آهي، جنهن مسڪرائي چيو استاد بخاري جن جا مهمان ٿا ڏسجو؟ مون هائوڪار ڪندي چيو، بلڪل استاد سان ملڻ ٽنڊي آدم مان پنڌ پيا آهيون. سو جڏهن استاد بخاري اسان سان ملندي ڀاڪر ۾ ڀريو ته ”ايتري خوشي ٿي“ جنهن جو ڪوئي ڇيهه نه هيو. استاد ئي ته چيو آهي، ’هلي آ هلي آ، پير ڀري هلي آ.‘ خير عافيت بعد استاد سان ملڻ جو ڪارڻ ٻڌائيندي عرض ڪيم ته اوهان سان ٽنڊي آدم ۾ رهاڻ رچائڻ چاهيون ٿا، باقي مڙوئي خير! استاد وراڻيو قرب ڪري آيا آهيو، صحت ساٿ ڏنو ته ضرور اوهان وٽ اچبو- ۽ پوءِ اهو ڏينهن به آيو جنهن ڏينهن استاد اسان جي اڱڻ ڪهي آيو. دادو مان ايس آر ٽي سي جي بس ۾ سوار ٿي ڀٽ شاهه پهچي، لاکيڻي لطيف جي حاضري ڏئي استاد بخاري جڏهن ٽنڊي آدم جي شاهه عبداللطيف لائبريريءَ وٽ پهتو ته سندس آجيان ڪندي مٿس گلن جي ورکا ڪئي وئي ۽ پوءِ تقريب جي هال ۾ موجود سڀئي ماڻهو جيڪي استاد جي احترام ۾ اٿي بيهي کيس کيڪاري رهيا هئا تن کي استاد ٻاجهاري ٻولي ۾ چيو پئي سڄڻو اوهان جا لک قرب. هيترا ورهيه گذرڻ باوجود به مونکي استاد بخاري جون دادو توڙي ٽنڊي آدم ۾ ڏنل محبتون ياد آهن. استاد بخاري جي شاعري سچ ۽ سونهن جي شاعري آهي. سندس اکر اکر ۽ سٽ سٽ مان پنهنجائپ جو احساس ٿئي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو ان پنهنجائپ جي ئي آڌار تي، بخاري جي شاعري اڄ به دل سان پڙهي ۽ ٻڌي وڃي ٿي. استاد بخاري جو پهريون ڪلام ”وقت ڏٺوسين پاڻ پليو سين پيار نٿو پلجي“ ۱۹۶۸-۶۹ ۾ استاد محمد جمن ريڊيو تي ڳايو، بعد ۾ ان ڪلام کي ٻين فنڪارن خاص طور تي غلام قادر ميرپورخاص واري به پنهنجي انداز ۾ واهه جو ڳايو آهي. ”گيت اسانجا جيت اسانجي، هي گيت گلابي ٻارن جا، اوتون جوتون، ڪوڪڻ يا ڪلياڻ، سوچون ڀڻڪا واڪا، ڪاري ڪڪر هيٺ، زندگي زندگي، ماندي ٿي نه مارئي، گلدستي ۾ گيت وطن ۽ ويساهه، ڳائي پيو جاڳائي پيو“ سميت ٻين ڪيترن ئي ڪتابن جي ليکڪ استاد بخاري کي سنڌ جي هر ننڍي توڙي وڏي فنڪار ڏاڍي چاهه سان ڳايو آهي. مون کي جڏهن به موقعو ملندو آهي ته مائي الله وسائي جي آواز ۾ ڳايل، بخاري جو ڪلام، ”پيار درياهه آ، درياهه به لٽجي ٿو وڃي.“ ور ور ڪري ٻڌندو آهيان. ائين ئي وري نوجوان راڳي ضامن علي به استاد جو ڪلام تون ڀلي دلربا ناز ڪر دير ڪر ايتري سوچ ڪر زندگي مختصر ڏاڍي خوبصورت انداز سان ڳايو آ. - آئون ڪيئن سيج سمهان - نالو لکو منهنجو نالو لکو - ڏس ڪير ٿو پرچائي - تون مڃين مڃين نه مهربان جهڙا خوبصورت گيت ۽ ڪلام لکندڙ استاد بخاري جيڪو ۹ آڪٽوبر ۱۹۹۲ع تي راهه رباني ٿي ويو، تنهن جي اڄ ۲۹ ورسي جي موقعي محبتن جي ڀيٽا ڏيندي، هنن ڪجهه اکرن سان گڏ استاد بخاري جو سندن هٿ اکرن سان مون ڏي لکيل خط ڏسندي اهو لمحو به ياد اچي ٿو، جڏهن ٽپالي پاران آندل اهو خط کولي پڙهيم، نيڻن ۾ خوشيءَ جا لڙڪ اچي ويا هئا. آّخر ۾ استاد بخاري جي هن چوسٽي سان موڪلاڻي ڪيون ٿا، جو قوم جياري اهو جيئندو رهندو، جو عام اجاري اهو جيئندو رهندو، مونکي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آهي، جو سنڌ سنواري اهو جيئندو رهندو. استاد بخاري پر جي منهنجو يار سڏائين ڇا ٿو ڀانئين وفا رضا اڄ سنڌ جي مٺڙي شاعر استاد بخاري جي جنم جو ڏهاڙو آهي، سنڌ، سونهن ۽ سچ جي هن سٻاجهڙي شخصيت جو جنم سورهين جنوري اڻويهه سو ٽيهه تي دادو ضلعي جي ننڍي ڳوٺ غلام چانڊيو ۾ سيد حاجن شاهه جي گهر ۾ ٿيو. استاد بخاري ننڍپڻ کان ئي وڏو ذهين هيو، اهوئي سبب هيو جو پاڻ پهرئين درجي کان سنڌي فائنل تائين پهرئين پوزيشن کڻندو رهيو، پڙهائي بعد هن پهرئين نوڪري روينيو کاتي ۾ ڪئي، اڳتي هلي ڪري پاڻ تعليم کاتي ۾ استاد جي حيثيت سان پنهنجا فرض نڀائڻ لڳو. استاد بخاري اوڻيهه سو ڇائيتاليهه کان شاعري شروع ڪئي، استاد جي شاعري جو پنهنجو رنگ آهي. سندس شاعري اڄ به وڏي چاهه سان پڙهي ۽ ڳائي وڃي ٿي: پيار درياهه آ، درياهه به لٽجي ٿو وڃي، نيٺ انسان آ، انسان به مٽجي ٿو وڃي. چنڊ هٽندي ئي وڏي وير هٽي ويندي آ، گهور گهٽجي ٿي ته انسان به گهٽي ٿو وڃي. جهڙيون سٽون لکندڙ استاد بخاري جا ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهي، جن ۾ ”گيت اسان جا جيت اسان جي“، هي گيت گلابي ٻارن جا، نه ڪم نبريو نه غم نبريو، اوتون جوتون، ڪوڪڻ يا ڪلياڻ، سوچون ڀڻڪا واڪا، لهر لهر دريا، ڪاري ڪڪر هيٺ، ڌرتي سرتي، زندگي زندگي، ميلا ملهالا، وطن ۽ ويساهه، گلدستي ۾ گيت، ماندي ٿيءُ نه مارئي، بخاري جا قطعا، پير نه هٽن پوئتي، گهڙيا سي چڙهيا، هي گجرا هي گولا، هڙئي هيج وطن جا، ڳائي پيو جاڳائي پيو، تڙ تڙ تيڏيان ڳالهيان ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن. ڪير ڪوڙو آ ڪير آ سچو، بحث آهي بخاري ڊگهو پاڻ کي ٿو کپي ڀروسو، پر ڪٿي ڀروسو ٿو اچي يا وري سونهن تنهنجي سنگيت جهڙي آ، گفتگو لوڪ گيت جهڙي آ. ------ گهڻو اداس نه ٿي جو اجهائجي نه وڃين، وڏو جهان آ غم جو وڃائجي نه وڃين، بچيو ته ڪجهه به بخاري نه آ، مگر اي دل، اڃا به عشق ته آهي، اگهائجي نه وڃين، ------ دل جي ڪاروبار جو هڪ قاعدو آهي، ڪيترو به نقصان ٿي پر فائدو آهي، سونهن تي سچ تي ۽ سنڌ تي او امر شاعر، شعر تو جيڪو لکيو شانائتو آهي. جهڙيون سدا امر سٽون لکندڙ استاد بخاري وڏو محبتي انسان هيو. ساڻس ٿيل ملاقاتون، ڪچهريون سدائين ور ور ڪري ياد پونديون آهن. ساڻن منهنجي پهرئين ملاقات دادوءَ ۾ تڏهن ٿي هئي، جڏهن اسان سندس مانَ ۾ ٽنڊي آدم ۾ رهاڻ رچائڻ جي دعوت کڻي ساڻس ملڻ ويا هئاسين. هو اهڙي ته اڪير سان مليو هو جو اڄ به اهي گهڙيون مون کي ياد ٿيون اچن، پوءِ هو ڪيئن نه دادو کان پنڌ پئي لاکيڻي لطيف جي حاضري ڀري اسان جي اڱڻ تي ڪهي آيو هو. سندن اهي محبتون ۽ چاهتون جهٽ منجهه وسري وڃن، اهو ناممڪن آهي. سنڌ جو هي ڀلوڙ شاعر نائين آڪٽوبر اوڻيهه سو ٻيانوي تي اسان کان وڇڙي ويو، پر سندس شاعري سدا امر رهڻي آهي. بخاري کي اوهان سڀني کان يارو مان گهڻو ڄاڻان، ڀلو جي ڀائرن سمجهيو ته، رهجي ويو ڀرم هوندو. ----- واقف آ استاد بخاري تو فرمائي دلڙي ٺاري، پر جي منهنجو يار سڏائين ڇا ٿو ڀائين. استاد بخاري موجوده سنڌ جو يگانو قومي عوامي طبقاتي ۽ انقلابي شاعر زاهده شيخ استاد بخاريءَ جي شاعري پنهنجي قوم جي اڪثريتي عوام جي زندگيءَ جي عڪاسي به آهي ۽ انهن جي خواهشن، جذبن ۽ خوابن جي ترجمان به آهي ته وري انهن کي بيمارين، جهالتن، اونداهين ۽ وهمن ڀري زندگي کان ڇوٽڪاري جو گس ڏيکاريندڙ به آهي. استاد پنهنجي قوم سان گڏ تڙپندڙ ۽ گڏ کلندڙ ۽ گڏ جدوجهدون ڪندڙ شاعر آهي. استاد جڏهن چوي ٿو: سنڌ جي سورن جو ڪونهي آند پاند، گهر ڊٺل وهڪيل ڍڳي، ڪمزور ڏاند، پوءِ به شهپر کي وٽيندي پيو چوي، سؤٽ سان ڪرڻُ اٿم جلدي پلاند! يا جڏهن چوي ٿو: ڏيون امتحان پر پڙهڻ کان کانسواءِ، ڏسون ڪاميابيون ڪڙهڻ کانسواءِ، وٺون حق پنهنجا گهرڻ کانسواءِ، وڏا وير سڏجون وڙهڻ کانسواءِ! ته ان وقت هو پنهنجي ماڻهن جي غلط ۽ نقصانڪار روين کي ظاهر ڪري ٿو جو هو ڄاڻي ٿو ته خرابين کي ظاهر ڪرڻ بنا ختم نه ڪري سگهبو. استاد پنهنجي وطن سنڌ سان محبت جو اظهار اهڙو خوبصورت نموني ڪيو آهي جو خود ان محبت تي محبت ٿي اچي. جو توسان رکي سيلُ، ڀلي ڀيل هجي ڪو، سو ڀيل ڀري پيرَ، سندس پير چمون ٿا. جو توسان رکي کوٽ، ڀلي گهوٽ هجي ڪو، ان گهوٽ مٿان چوٽ مٿان چوٽ ڪريون ٿا. ائين نه ته ڪو هي فلاڻو خان آهي يا مون کي عزت ڏيندو آهي ته تنهنڪري ان جا سڀ ڏوهه معاف. يا وري: ٽهڪين ته ٽڙن موتيا سڏڪين ته ڦٽن ڦٽڪا، من، تون ته نه منجهندي ڪر! مان منهنجون ستئي پيڙهيون، رانڀاٽ ڪري روئينديون، او سنڌ! نه روئيندي ڪر! ڪنهن شهر ۾ محلي ۾، ڪنهن ديهه ۾ ديري ۾، توکي ته ڇپايان مان! ڊاڪو ٿا هڻن ڊاڪا، چؤڦير لکين جهاٽا، ڪٿ سنڌ لڪايان مان! لطيف وانگر استاد به اهڙو شاعر آهي، جنهن زندگيءَ جي تقريباً سڀني پاسن تي لکيو آهي، جنهن عام ۽ روزمرهه جي زندگيءَ تي به لکيو آهي ته وري خاص حالتن ۽ موقعن تي به لکيو آهي. جيئن سنڌ ۽ سنڌين جي حالت ڏسي چوي ٿو: وڏا شهر دهشت جي شعلن ۾ آهن، ننڍا ڳوٺ ڌاڙن جي کورن ۾ آهن، هجي لانگ بوٽن يا ووٽن جي موسم، هي گگدام سنڌي ته سورن ۾ آهن. يعني مارشل لا هجي توڙي جمهوريت پر سنڌي ماڻهن لاءِ ساڳيا ڏوجهرا. استاد سنڌين کي سورن ۾ وجهندڙن کي به سڃاڻي ٿو. چئي ٿو: ڪي لوڻ کڻي، چهڪ ڏئي، چير ڏين ٿا، ڪي زهر ڀري زوم ڪري تير هڻن ٿا. انصاف پڇيو: نانوَ ڏسيو ڪير هي آهن؟ فرياد چيو: مير ته ڪي پير چون ٿا. وري پڇي ٿو: واهرو ويري ٿئي، پوءِ ڇا ڪجي؟ روشني ميري ٿئي، پوءِ ڇا ڪجي؟ جو ڪري چوري، ڊڪي زوري وري، سو اچي پيري ٿئي، پوءِ ڇا ڪجي؟ استاد اتي بس نٿو ڪري- وري بچاءَ جو گس به ڏسي ٿو. غدار دوست ٿين، ڌڪاري ٿُڪي ڇڏيون، جهونجهار پنهنجا ياد بنايون بچي پئون! ماري وجهن ٿيون تر کي مسلسل منافقيون، جي فيصلا سچار بنايون بچي پئون! اڀرو ته اڄ قيام ڏهاڙو ڪري وجهون! پگهري پون پهاڙ ڪو ڪاڙهو ڪري وجهون! پردي ۾ انڌ، ڌنڌ بنا پردي ٿي پون، پر مار کي ته الف اگهاڙو ڪري ڇڏيون! هٻڪندڙ، سوچيندڙ، ڪنڊون پاسا ڪري فيصلا ڪن جدوجهدن کان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندڙن کي تنبيهه به ڪري ٿو. هاڻي به جي نه وٺندو پنهنجي حقن جو قبضو، کاڻين، ٻنين، ملن ۾ کاتن پڪن جو قبضو، شهرن ۾ پنهنجي پاڙن، چونڪن هٽن جو قبضو، پوءِ سمجهو سرتي هوندوَ، ڌارين ڌڪن جو قبضو. ۽ کين سمجهائي ٿو: جو پير هٽيو، سو پير ڪٽيو، هي خوف به طاري رکڻو آ. جا وِک وڌي، ڄڻ لال لڌي، هي جوش به جاري رکڻو آ. ڳالهه ڪجي ته مضبوطيءَ سان پير ڄمائي ڪجي. باقي مڙي ئي فارملڪٽي پوري ڪرڻ واري ڳالهه استاد جي نظر ۾ بلڪل بي معنيٰ آهي: ڌوڏيئين نه درختن کي، ڏئي اوٽ ٿو ڏيئن کي، طوفان اهو ڪهڙو! آزار ڪٿي ڦٿڪيا، پر مار ٻڌي ٽهڪيا، اعلان اهو ڪهڙو! استاد بخاريءَ جڏهن وڏيرن، جاگيردارن ۽ ڪامورن کي ذاتي ۽ طبقاتي مفادن خاطر سنڌين جون کلون لاهرائيندي، کين تباهه ۽ برباد ڪندي ۽ سندن وسيلا کسائيندي ڏٺو- جيئن اڄڪلهه دهشتگرد پرست راڄ سنڌين مٿان مڙهيو ويو آهي ۽ اهڙن وقتن تي سنڌي عوام کي خاموش ڏٺو ته حيران ٿي سوال ڪيائين: حڪومت ته عهدن ۾ مجبور آهي، پر آزاد رعيت کي ڇا ٿي ويو آ؟ ڪندي مصلحت فيصلا آهي گم سم، حقيقت جي غيرت کي ڇا ٿي ويو آ؟ ڳڻتي به ڪري ٿو! اڄ نه جي دهشت ڪُٺي، ڪسندي ڪڏهن؟ هي قيامت قهر جي کٽندي ڪڏهن؟ وري جڏهن ڏکي کان ڏکين حالتن ۾ به وطن ۽ وطن واسين لاءِ ويڙهاند ڪندڙ ڪن ثابت قدم ماڻهن کي ڏسي ٿو ته حوصلو پيدا ٿئيس ٿو. او طوفانو، ڪارونجهر گهر منهنجو آ، سَرَ- تيليءَ تي چيهي جو آکيرو ناهي. دهه- دهه، دڳ- دڳ قبضو آ، تر منهنجو آ، ڳيري وارو ٽاري تي واهيرو ناهي. اهڙي وقت تي جڏهن وطن جا مجاهد سچا انقلابي سچائيءَ خاطر وڙهندا هجن، تڏهن انهن جي نيڪنامي تي پريشان ٿيندڙن جي حالت کي ۽ انهن جي نيڪناميءَ تي خوش ٿيندڙن جي دلي ڪيفيت کي استاد ڏاڍو سهڻي نموني چٽيو آهي: حاسد جي دل وک وک ڇلڪي، ننڍڙي سوڙهي گهاگهر وانگر. ساٿين جي دل ڇوليون ماري، هيڏي ساري ساگر وانگر. استاد جو شاعريءَ ڏانهن رويو به عوام دوست آهي. هو ايڏو وڏو شاعر هوندي به اڪيلي شاعر کي سڀڪجهه نٿو سمجهي. هو سطحي قسم جو ماڻهو ناهي. هو عالم آ، ڏاهو آ. تنهنڪري گهڻ طرفين ڳالهين کي اهميت ڏئي ٿو. ذهني پورهيي ۽ جسماني پورهيي جي گڏيل طاقت تي يقين رکي ٿو: منهنجي هٿ ۾ ڪلڪ ۽ ڪانگ، تنهنجي هٿ ۾ ڏاٽو ڏانگ، مان ٿو ڪاٽيان قهري سوچون تون ٿو مارين زهري نانگ. شور ڪهڙو لهر جو ساگر سوا، زور ڇا جو واءُ جو اوٿر سوا، شعر منهنجو گر جي، گڏجي قوم سان، اَسِلحو بيڪار آ لشڪر سوا. او هاري او ناري! او ڪڙمي مزدور! اسان واريون ڪلڪُون امانت اوهانجي. توهان جون تکيون ڪوڏون ۽ ڪهاڙيون، توهان جو قسم آهي طاقت اسان جي. استاد هڪڙو آدرشي انسان هو- هن جا آدرش عظيم هئا. قوم جي روشن مستقبل جو آردش. صحيح ۽ غلط ۾ فرق ڪري صحيح کي مان ڏيڻ جو آدرش- منافقت کي ظاهر ڪرڻ جو آدرش. پورهيت طبقي کي ظالم طبقن ۽ پرمارن جي پنجوڙن کان آزاد ڪرائڻ جو آدرش ۽ وري اهي آدرش به مضبوط علمي بنيادن تي ٻڌل- بخاري هڪڙو سچو پچو ۽ پڪو پختو عالم قسم جو انقلاب دوست انسان هو. سندس هي نظم ان حقيقت جي عڪاسي ڪري ٿو: زندگي هڪ موقعو، ڪئي واقعا، لمحي لمحي ۾ جڳن جا فيصلا. فيصلو سورهيه بلاول جو پڪو، سنڌ لئه سوچي جيئو جڳ جڳ يڪو. فيصلو کهڙي وزارت جو ڪيو، قوم جرمانو حقارت جو ڪيو. فيصلو، خوشبو وڌي رڪجي هوا، سنڌ جيئي پر ڪمي ڪڙمي سوا. فيصلو آزادگيءَ ۾ آ مزو، پر سجاڳي عام جي بنبي ڏچو. فيصلو آزادگي برپا ڪجي، عام ٿي اوٿر اٿي پو ڇا ڪجي. واهه ڙي وا، بورجوازي فيصلا! دلفريبي، دوکيبازي فيصلا! مان سڃاڻان سوچ تنهنجي بورجوا، انقلابي ٿي نه سگهندين بورجوا. انقلابي، بورجوا تقليد ڇڏ! انتها ڏي آ، رڳو تمهيد ڇڏ! انقلابي، بورجوا تدبير ڇڏ! پورهيتن ڏي ڊوڙ، پير ۽ مير ڇڏ انقلابي، بورجوا دستور ٽوڙ! جهور زرداري ستم، مزدور جوڙ. انقلابي، انقلابي هوندو آ، اجتماعي، انفرادي هوندو آ. انقلابي، انقلابي هوندو آ، عيش جي ڪڇ ۾ عذابي هوندو آ. انقلابي، انقلابي هوندو آ، ڌوڌ کان هر دور باغي هوندو آ. انقلابي، انقلابي هوندو آ، دور کي ڌوڏڻ جو عادي هوندو آ. انقلابي، انقلابي هوندو آ، غار ٿي ويندي به غازي هوندو آ. انقلابيءَ جي عبارت اڻ ڪٿي، انقلابيءَ جي ثقافت سرڪشي. انقلابيءَ جي بغاوت بندگي. او زندگي! او زندگي! استاد بخاري عشق جو آند نه ڪو پاند ٻڌون ٿا استاد ادل سولنگي عشق جيڪو مقتلن ۾ به ناچ نچايئندو آهي، عشق جيڪو ڪڏهن، منصور ته ڪڏهن سچل، بڻجي ان الحق ۽ حق موجود جي سدا بڻجي ويندو آهي، عشق جيڪو ڪربلا جي ميدان تي سسي نيزي پاندِ هوندي به حق جو آواز بڻجي صدين جي تاريخ مٿان ڀاري بڻجي ويندو آهي، عشق جيڪو جهونا ڳڙهه کي جهوري وجهندو آهي ۽ عشق جهوڪ کي جيئاري ڇڏيندو آهي، عشق بلاول بڻجي گهاڻي کي گهائي ڇڏيندو آهي. عشق سرمد ۽ دارا شڪوهه بڻجي اورنگزيب جي ميرين اکين ۾ گهوُر وجهي گهوريندو آهي ۽ سدائين مرڪندو رهندو آهي. شاعري انساني روح مان ڦٽي نڪرندڙ اونهي احساس جو نالو آهي يا شاعري ڌرتيءَ جي ڪک مان ڦٽي نڪرندڙ کيتن جي خوشبو آهي. ڌرتي جي هزارين سالن جي عرصي تي ڦهليل حب الوطنيءَ جي اعليٰ روايتن جي پاسداريءَ جو لفظن جي روپ ۾ اظهارڻ جو نالو آهي شاعري، شاعري جيڪا فلسفي کان گهڻي گهري ۽ تاريخ کان وڌيڪ سبق آموز ٿيندي آهي. قومن جي تهذيب، ڪلچر، روايتن ۽ مزاحمتن جو پس منظر پيش ڪندڙ، اهڙي منظوم ڪٿا ڪاري، جنهن کي شاعري چيو وڃي ٿو. سنڌي شاعريءَ جون پاڙون پنهنجي ڌرتيءَ جي پاتال ۾کتل آهن. صدين کان وٺي سنڌي شاعري پنهنجي ڌرتيءَ جي لوڪن جي اندر جي احساسن، اڌمن ۽ امنگن جي ترجمان رهي آهي. سنڌي شاعري ڪڏهن سهرا، لاڏا، ڳيچ ۽ جمالا به رهي آهي ته وري ڪڏهن شاعري قومن جي اندر ۾ پلجندڙ آزاديءَ جي تڙپ به رهي آهي. آرڻ ۾ ڪڏي ڪاهي پوندڙ جهونجهارن جي نعرن جو روپ سروپ به آهي، شاعري لطيف جا بيت ۽ وايون ۽ڪيڏارو به آهي ته اياز جا نظم، اوپيرا ۽ همرچا به آهي. استاد بخاريءَ جا نظم، گيت، وايون، بيت ۽ لوليون ڌرتيءَ جي ڪک مان ڦٽي نڪرندڙ قومن جو فطري آواز آهن. استاد بخاري عوامي روايتن جو پاسدار شاعر آهي، جنهن جي شاعراڻي عظمت اها به آهي ته هن سنڌي ادب خاص ڪري شاعريءَ جي زمين ۾ جيڪي کيت کيڙيا آهن، انهن جي خوشبو سڄي ديس کي واسي ڇڏيو آهي. استاد بخاري ڌرتيءَ جو رکوال شاعر آهي، جنهن چيو ته: اغيار سان اقرار اهو ڪيئن ٿيندو، ۽ يار سان انڪار اهو ڪيئن ٿيندو. استاد بخاري کي کڻي دفن ڪيو، ڌرتي کان مگر ڌار اهو ڪيئن ٿيندو. آڙاهه ۾ آلاڻ، اها اڻ ٿيڻي، ۽ سون ۾ ڪاراڻ، اها اڻ ٿيڻي، جنهن وقت سڏي سنڌ بخاري ڀڻڪي، ڇا لاءِ ۽ ڇاڪاڻ اها اڻ اٿيڻي، يا استاد بخاريءَ کي کڻي دفن ڪيو، ڌرتي کان مگر ڌار هو ڪيئن ٿيندو، احمد شاهه بخاري جنهن جو جنم ۱۹۳۰ع ۾ دادو شهر ويجهو ڳوٺ غلام محمد چانڊيي ۾ سائين حاجن شاهه بخاريءَ جي گهر ۾ ٿيو، جنهن جو ڇٽي جو نالو” پنهل رکيو ويو، جنهن کي پنهنجي امڙ ”عرسو“ جي نالي سان سڏيندي هئي، استاد بخاري جنهن امڙ جا لوڪ گيت ۽ لوليون ٻڌي شاعريءَ جي ڪاڪ محل ۾ پير پاتو ۽ هن راڻي جيان شاعريءَ جون طلسماتي رمزون ڄاڻي، شاعراڻي ڪاڪ محل کي فتح ڪيو. ۱۹۴۷ع واري زماني ۾ استاد بخاري سنڌي شاعريءَ جي مهريءَ جون واڳون سنڀالي ڀوءِ جي فڪر جي ڦرهي کڻي ڌرتيءَ جي ڀٽن ۽ بيابانن ۾ رند ۽ پنڌ ڪيا ۽ پنهنجي مقصد جي مومل کي ماڻيائين. استاد بخاري ۱۹۵۰ع کان ادبي دنيا ۾ ڀرپور حصو وٺندو رهيو. تازو هڪ ليکڪ پنهنجي مضمون ۾ لکيو آهي ته” ٻن ڏهاڪن جي وٿيءَ بعد به اسان کي اهڙو پيپر نه ملي سگهيو آهي، جنهن ۾ استاد جي شاعريءَ جا ڪي نوان پهلو ظاهر ڪيا ويا هجن. شايد ايئن ئي هجي ته استاد بخاري جي شاعريءَ تي جن به لکيو آهي، اهو روايتي انداز ۾ ساڳين ڳالهين جو ورجاءُ ڪيوويو آهي، ڇاڪاڻ جو ٻه ڏهاڪا تمام وڏو عرصو آهي ۽ انهن ٻن ڏهاڪن ۾ به جيڪڏهن استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جي مختلف ۽ نون رخن تي اڀياس/تحقيق نه ٿي آهي ته پوءِ آخر ڪار جن استاد بخاريءَ جي شاعري، فن، فڪر ۽ شخصيت جي مختلف رخن تي لکيو آهي، اهو ته ڄڻ اجائي لکيو ويو آهي، اسان جا عالم ۽ اديب جيڪي به اڄوڪي ادب بابت رايو ڏين ٿا، ”اهو رايو پنهنجي پسند ۽ ناپسند جي دائري ۾ رهي ڪري ڏين ٿا. باقي علم، ادب، فن، تخليق، تنقيد جي پس منظر ۾ اهو چوڻ ته ٻن ڏهاڪن ۾ استاد بخاريءَ جي شاعريءَ تي ڪو به اهڙو پيپر نه پڙهيو ويو آهي، جنهن مان استاد بخاري جي شاعريءَ جا نوان رخ، نوان خيال، احساس، فلسفا چٽا ٿي سامهون اچن“ . خبر ناهي ته اها ڪهڙي قسم جي ادبي يمانداري آهي! جو هڪ ٻن سٽن ۾ ڪنهن جي علمي ادبي پورهيي کي رد ڏئي ڇڏجي. استاد بخاري ڪيترو گهڻ پاسائون شاعر آهي، ان بابت ڪا به غلط فهمي ناهي، هو پڪ سان گهڻ پاسائون شاعر آهي، جنهن ۾ ٻولي، محاورا، اصطلاح، تشبيهون ۽ ترڪيبون، شاعراڻي سٽاءَ يا اڻت جنهن کي شاعراڻي صنعت گري به چئجي، استاد بخاري سنڌي ٻولي جو اهڙو شاعر آهي، جنهن کي ٻولي جي بيهڪ ۽ ٻوليءَ جي ترنم، لفظن جي مزاح ۽ معنيٰ سميت موسيقيءَ جي ڄاڻ به آهي ته شاعراڻين صنفن جي به مڪمل فني ڄاڻ آهي، جنهن جي هر هڪ نظم، گيت، غزل، وائي، چوسٽي ۾ شاعراڻو ترنم، ڌرتيءَ جي احساسن ۽ اڌمن جي اُپٽار ملي ٿي، هڪ ئي وقت استاد ڪيترن ئي محاذن تي پنهنجي فني ۽ فڪري ويڙهاند ڪندي ۽ نظر اچي ٿو. مثال پنهنجي ڌرتيءَ جي دردن ۽ پيڙائن کان ويندي پرينءَ جي پرچار، پرينءَ جي رسامن ۽ پرچاڻن کان ويندي، عشق جي اتامرائيءَ جي پڻ ڳالهه ڪندي نظر اچي ٿو. عشق هو، چرچو نه هو، رونشو نه هو، باهه جو شعلو هو، گلدستو نه هو. عشق جو آند نه ڪو پاند ٻڌون ٿا استاد، سونهن جي ذات نه ڪا پات پتوڪو ڪونهي، پيار ڏئي پيار گهرين ٿو، حيف هجئي استاد، عاشق ناهين شايد آهين، يار وڏو واپاري. استاد بخاري، هائيڪو، سانيٽ، ترائيل، ڏوهيڙو، ٽيڙو، چئو سٽا، رباعي، گيت، غزل، نظم، آزاد نظم، بيت، وائي جي تاڃي پيٽي ۾ پنهنجي شاعراڻي فن کي سموهيندي سنڌي شاعريءَ جي چنريءَ ۾ احساساتي حسناڪين جا ڪيترائي چٽ چٽيا آهن.سنڌي شاعريءَ جو هي” پنهل“ استاد بخاري پنهنجي ڌرتي ۽ سرتي، جُنگن ۽ جهونجارن جو شاعر، جنهن سنڌ کي سسئيءَ جيان پهاڙن ۾ پڪارون ڪندي، مرن سان مهاڏو اٽڪائيندي جهد جا جبل جهاڳيا آهن. ان سنڌ ڌرتيءَ جي ڏکن درن جو درمان ڪندڙ ۽ چڪندڙ ڦٽن مٿان پنهنجي شعوري لفظن جي مرهم هڻندڙ اهڙو ويڄ، اهڙو حڪيم، اهڙو طبيب شاعر آهي، جنهن پنهنجي هر هڪ شعر ۾ سنڌ جي مارو ماڻهن جي مسيحائي ڪندي سنڌ جي سورمن جي ساراهه ۽ سورهيائيءَ جي مڃتا ڪئي آهي، ، آجپي جي گهر ۽ عام لوڪن سان گڏجي ڌرتي جي ڌوڙ کي طورسينا جي سرمي کان وڌيڪ اُتم ڄاتوآهي. ڌرتيءَ پنهنجي ڌوڙ سڃاتي، آئون ته اهڙون ناهيان، استاد بخاريءَ کي پنهنجي ڌرتي واسي لوڪن جيڪو مان ۽ مريادا ڏني آهي، ان جو ڪير به انڪاري ٿي نٿو سگهي، ڇاڪاڻ ته جو هو عام لوڪ سان گڏ هيو، عام سان سلهاڙيل هئو، عام جي اهنجن ۽ ايذائن کي دور ڪرڻ وارو مسيحا هئو، جنهن لفظن جي ڪٿائن ذريعي لوڪ کي همت ۽ آٿت ڏني، جنهن چيو: ”او اٽل آدمي دل شڪستو نه ٿي“ جڏهن ته هن کان اڳ بخاري صاحب ” آسي“به رهيو ته ” دردي“ به رهيو پر استاد بخاري ٿيڻ کان پوءِ استاد بخاري ئي سڏجڻ لڳو، جنهن جو پاڻ ئي اقرار ڪيو اٿائين. منهنجو نالو احمد شاهه آهي، استاد بخاري سڏجان ٿو. استاد بخاري چيو ته پڇن ٿا سنڌ ۽ سنڌين جي تسبيح پيو سورين؟، چيم هاڻي پڇاڙي آ، عبادت جي ضرورت آ. سنڌ ڌرتيءَ جي حقن جي رکوالي ڪرڻ کي عبادت سمجهندڙ استاد بخاري ته حُب الوطن من الايمان کي اوليت ڏيندڙ اهڙو ڪوِتاڪار آهي، جنهنجي گيتن جي گونجار جهنگن جهرن ۾ ٻڌجي رهي آهي، وقت جو ڪو به وڌاءُ ڌرتي جي ان الستي آواز کي ڌرتي کان ڌار نٿو ڪري سگهجي. استاد بخاريءَ کي کڻي دفن ڪيو، ڌرتي کان مگر ڌار اهو ڪيئن ٿيندو؟، شيخ اياز، تنوير عباسي، شمشيرالحيدري، نياز همايوني، امداد حسيني، جهڙن وڏن شاعرن جي وچ ۾ پنهنجي الڳ رستو ڊڪشن اسلوب اختيار ڪرڻ ۽ پاڻ مڃائڻ استاد بخاريءَ جي فني ڪمال يا ٻوليءَ جو معجزو آهي، جو هڪ ئي دور، هڪ ئي زماني ۾ شاعريءَ جي آسمان تي ڪئي، ڪهڪشائون اڀريل هيون، جن ڌرتي جي انڌيرن سان مهاڏا اٽڪائي سنڌ جي لوڪن جي مُکن تي مرڪن جا مينهن وسائي ڇڏيا هئا، جن قومي سجاڳيءَ جون مشعلون ٻاري اونداهين کي للڪاريو ۽ روشنين جي پانڌيئڙن جي اڳواڻي ڪئي. استاد بخاري ان سٿ، زماني ۽ قد ڪاٺ جو شاعر هو. استاد بخاري سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعراڻي ورثي کي ساڻ کڻي نئين زماني ۽ نئين دور جي انسان لاءِ قديم شاعراڻي ورثي کي هڪ نئين نڪور شاعراڻي دور سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ هن ڪاميابي ماڻيندي ڌرتيءَ جو قرض لاهڻ ۽ پنهنجو قومي فرض نڀائڻ جي ڀرپور جدوجهد ڪئي، جنهن کي هر دور جو انسان مڃتا ۽ قبوليت ڏيندو. استاد بخاريءَ چيو ته: . هونئن ته مٽيءَ جي چپٽي آهيان، جيئن سنڌ ته سڀ ڪي آهيان، ساٿين سان گڏ سالگرهه مان، وڇڙي ويس ته ورسي آهيان. استاد بخاري زندگيءَ جو شاعر - (۱۶ جنوري جنم ڏينهن جي حوالي سان) ھمير گاد سنڌ جي تاريخ ۾ اهڙا ته شاعر ۽ آدرشي انسان پيدا ٿيا آھن جن جي فن ۽ ادب سنڌي ادب ۽ فن کي بين الاقوامي تاريخ ۾ اوچو مقام ڏياريو آھي. سنڌ ڌرتيءَ اهڙن شاعرن کي جنم ڏنو آھي جن جي شاعريءَ تي سنڌي زبان کي فخر آھي ۽ فخر تا قيامت تائين رهندو اهڙن شاعرن مان سيد احمد شاھ ”استاد بخاري“ پڻ آھي. استاد بخاري پنهنجي شاعري ۾ سنڌ جي تاريخ, تمدن, تهذيب ۽ معاشري کي پنهنجي شاعريءَ جو عنوان بڻايو. هو غريبن جو, سچائيءَ جو ۽ عوامي شاعر آھي. استاد پنهنجي شاعريءَ ۾ جيڪا ٻولي استعمال ڪئي آھي اها تمام سادي ۽ سٻاجهي ٻولي استعمال ڪئي آھي جنهن کي هر ماڻھو آسانيءَ سان سمجهي سگهي ٿو. هن جي شاعريءَ ۾ زندگيءَ جو صحيح عڪس نظر ايندو تڏهن ته ٻڌندڙ تي هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿي ويندي آھي. استاد پنهنجي شاعريءَ جي شروعات تقريبن ٻارنهن سالن جي عمر ۾ ڪئي هئي پاڻ هڪ ڀيري ڪٿي چيو هيائين؛ ”ان زماني ۾ اهو ڪو اهڙو ڌماڪيدار حادثو نه هو بلڪ اندر ۾ ڪو لڪيل درد هو جو دکيو ۽ ٻاهر نڪرڻ شروع ٿيو. “ تمام ٿورن ماڻھن کي اها خبر هوندي ته استاد بخاري هڪ سٺي شاعر سان گڏ هڪ بهترين موسيقار به هو. هو پنهنجي ڪلام جون ڌنون اڪثر پاڻ ئي تيار ڪندو هو. بقول منظور سخيراڻي ته ”استاد بخاري ڪيترين ڪلامن جي ڌن تيار ڪري ۽ پوء ان ڌن کي ڳائي ٻڌائيندا هئا ته هي ڌن هئين ڳائجهي. وغيره“ منظور سخيراڻيءَ جو ڳايل ڪلام " سچي پچي چين نه آيو" جنهن جي ڌن استاد بخاريءَ تيار ڪئي هئي. استاد جي سٽن ۾ رڳو سونهن ئي سونهن آھي. هن جي شاعريءَ ۾ ائين ئي خوشبو آھي جيئن گلاب جي گل ۾. منهنجي ان ڳالھ کان ڪوبه انڪار نه ڪندو ته استاد بخاري شاعر عشق آھي ۽ هو ته هيو ئي محبت جو متوالو. ۽ هي سٽون جڏهن پهريون ڀيرو محمد يوسف جي آواز ۾ ٻڌيون هيون ته انهن سٽن منهنجي اندر جي پيڙا کي به تڙپائي ڇڏيو هو.. ”صبح جي هير يار جي خوشبو منهنجي چاهت جو ناشتو آھي.“ استاد جي شاعري سنڌي زبان ۽ ٻوليءَ جو هڪ اعليٰ ڪرشمو آهي.سندس جي شاعري کي وڏي سڪ ۽ چاھ سان ڳايو وڃي ٿو. استاد جي شاعري ستل جذبن کي جاڳائي وجھي ٿي. مون ڪٿي پڙھيو هو ته محترم رسول بخش پليجو صاحب سندس ورسي جي صدارت ڪندي اهو اعتراف ڪيو هو ته ڀٽائي کان پوءِ استاد بخاري هن دؤر جو وڏو شاعر آهي.مون کي يقين آ ته اها ڳالھ ڪافي ماڻھن کان هضم ڪانه ٿي هوندي.ڇاڪاڻ ته جتي هڪ ٻي شاعر جا هفتا ۽ ميلا ته لڳايا وڃن ٿا پر اتي استاد بخاريءَ جهڙي عظيم ۽ عوامي شاعر کي ياد به ڪونه ٿو ڪيو وڃي ائين لڳندو آ ڄڻ استاد بخاري سنڌ جو نه پر بنگلاديش جو شاعر هو. استاد بخاري وقت روان جو وڏو شاعر عزيز ڪنگراڻي استاد بخاري جديد سنڌي شاعريءَ جو سرموڙ ۽ وڏو قومي عوامي شاعر آهي، جنهن پنهنجي سگهاري ڏات ۽ ڏانءُ جي آڌار تي عوام ۾ لازوال مقبوليت ۽ محبت ماڻي. استاد جو اهڙن وڏن شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو، جن ٻوليءَ جو تخليقي سطح تي استعمال ڪيو ۽ جديد سنڌي شاعريءَ ۾ نوان لاڙا، موڙ ۽ رخ متعارف ڪرايا. جدت ۽ ندرت جون ريکائون سنڌي شاعريءَ کي آڇيائون. انهن پنهنجي شاعراڻي آرٽ جي سگهه ۽ ٻل تي سنڌي شاعريءَ تي ڇاپ ۽ اثر ڇڏيو. شاهه لطيف کان پوءِ استاد بخاري، شيخ اياز ۽ ڪجهه ٻيا شاعر سنڌي ٻوليءَ جا اهڙا وڏا شاعر آهن جيڪي نه صرف پنهنجي دور تي اثر انداز رهيا پر هر دور تي اثر انداز ٿيندا رهندا. انهن نه رڳو پنهنجي گوناگون مطالعي ۽ مشاهدي ذريعي نوان لفظ، اصطلاح، استعارا، تشبيهون ۽ ڪنايا تخليق ڪري سنڌي ٻوليءَ جي شاهوڪاري ۾ اضافو ڪيو پر تخيلاتي اڏام جي بلندين کي به ڇهيو. استاد بخاري ۽ شيخ اياز اهڙا وڏا شاعر آهن جن شاعري جي ڪجهه صنفن جي هيئتن ۾ ڪامياب تجربا پڻ ڪيا. جهڙي ريت ڪلاسيڪي شاعريءَ جي صنفن دوهي ۽ سورٺي ۾ ڪامياب تجربا ڪري شاهه عنايت رضوي نصرپوري بيت ۽ وائي جي صنف کي رائج ڪيو ۽ شاهه لطيف ڀٽائي انهن صنفن جي هيئتن ۾ وسعت آندي ۽ تخيل کي عروج تي رسايو. اهڙي ريت شيخ اياز ۽ استاد بخاري پڻ شاعري جي صنفن خاص طور نظم ۽ گيت جي صنفن جي هيئتن ۾ ڪامياب تجربا ڪيا. استاد بخاري ته پنهنجي اڻ مئي ڏات جي آڌار تي نوان لوڪ گيت به متعارف ڪيا آهن. استاد بخاري گائڪ به هو، ته موسيقار به هو. هن ڳايو به، ته وڄايو به. استاد بخاري موسيقي جي فن جي ڄاڻ ۽ شاعراڻي آرٽ کي آرٽسٽڪ ائپروچ سان ڪم آڻي گيت ۽ نظم جي هيئتن ۾ جيڪي تجربا ڪيا آهن، سو سندس ئي تخليقي مهارت جو ڪمال آهي استاد بخاري جي ڪتابن “گيت اسان جا جيت اسان جي”، “اوتون جوتون” ۽ “زندگي زندگي” ۾ شامل گيتن ۽ نظمن جو بغور مطالعو ڪجي ٿو ته پتو پوي ٿو ته استاد بخاري جا اڪثر گيت ۽ نظم روايتي يا مقرر ڪيل گهاڙيٽي يا هيئت موجب نظر نه ايندا. انهن جي هيئتن يا گهاڙيٽن ۾ غير معمولي نوعيت جا تجربا جھلڪندي نظر ايندا. هن پوري مهارت سان گيت يا نظم جي موسيقي به بحال رکي آهي ته گيٽ يا نظم جي صنف کي هيئت جي اعتبار کان متاثر ٿيڻ يا بگڙڻ به نه ڏنو آهي. سندس اهي تجربا ان ڪري ئي قابل قبول به آهن، ته ڪامياب پڻ آهن. گيت جي هيئت ۾ ڪامياب تجربن جي سلسلي ۾ تفصيلي، تحقيقي ۽ مثالن جي سهاري تجزياتي بحث منهنجي مقالي “ گيتڪار استاد بخاري” ۾ شامل ڪيل آهي. استاد بخاري انهن صنفن ۾ تجربا ڪري انهن جي هيئتن ۾ نواڻ پيدا ڪئي ته انهن ۾ اعليٰ خيال جي گهرائي به اوتي، ته ندرت جي پڻ اوت اوت ڪئي. استاد بخاري هونئن ته ويهين صديءَ جي وڏن شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو پر سندس تخيلاتي سگهه سان سرشار اعليٰ شاعري هر دور جي شاعري آهي. سندس شاعري ۾ جدت جي عنصر واري خوبي تمام گهڻي موجود آهي، تنهنڪري استاد جهڙو سدا حيات شاعر نه صرف ويهين صدي پر ايندڙ هر صدي ۽ هر دور ۾ وقت روان جو شاعر آهي. استاد بخاري جڏهن به ۽ جنهن دور ۾ به پڙهيو ۽ ٻڌو ويندو، ان دور ۽ ان دور ۾ ساهه کڻندڙ ماڻهن جي احساسن جي ترجماني ڪندڙ شاعر هوندو ۽ رهندو. ان لاءِ استاد بخاري پاڻ اظهاريو آهي: صد فخر جو آهيان اوهان جو شاعر ماضي جو نه وقت روان جو شاعر استاد بخاري پورهيت يار شاعر جاويد شيخ احمد شاهه المعرُوف اُستاد بُخاريءَ جي شاعريءَ جا ڪيترا ئي خُوبصُورت، ڪارائتا ۽ فڪري موضُوع آهن جھڙوڪ رومانس، سنڌي سماج، ٻولي، ثقافت، انسانيت، فطرت، مزاحمت، ايڪتا، اتحاد ۽ محنت ڪش يا پورهيت طبقو. اُستاد بُخاريءَ مٿين مڙني موضُوعن سان خُوب ملهائي پاڻ مڃرايو آهي پر هُن وٽ محنت ڪش يا پورهيو ڪندڙ طبقي لاءِ نرالي، خاص ۽ خالص سوچ آهي. پنھنجيءَ شاعريءَ ۾ هُو ڪِٿي هُنن لاءِ نرم ۽ پيار ڀريو گوشو اختيار ڪري ٿو ته ڪِٿي ساڻن هُجت هلائي ٿو. ڪِٿي سندن عظمت بيان ڪري ٿو ته ڪِٿي کين چوڏهن چوسٽن جي سلامي پيش ڪري ٿو ته ڪِٿي سندن مضبُوط ۽ گهاٽيءَ دوستيءَ جو دم ڀريندي نظر اچي ٿو جنھن جو مُکيه سبب اهو ئي آهي ته شاعر قلم ڪار پڻ پورهيت طبقي ۾ شُمار ٿئي ٿو. گُذريل ڪيترين ئي صدين کان هُو ٻئي مظلوم ۽ محڪُوم بڻجي رهيا آهن. هنن ٻنهي جا سُور ۽ پُور ساڳيا ئي رهيا آهن. اڄ تائين هڪ مزدُور کي سندس محنت جو ڦل ۽ کيس جائز مقام ناهي مليو جڏهن ته هڪ قلم ڪار پورهيت وري پاڻ مسڪين، محڪُوم، مجبُور غريب هُوندي به پاڻ مٿان ۽ پورهيت سان ٿيندڙ ڏاڍاين تي احتجاجي (قلمي) پورهيو ڪري سندن سُورن ۾ شراڪت داري ڪري ٿو. ڀلا هڪ پورهيت ٻئي پورهيت لاءِ پنھنجيءَ دل ۾ ڪيئن نه ڪھڪاءُ رکندو؛ ساڻس اخلاقي تعاون ڪندو! آخرڪار ته ٻئي پورهيت ڀائر آهن. اُستاد بُخاري به صاف دل ۽ سچو پورهيت يار شاعر آهي. سندس شاعريءَ ۾ محنت ڪش طبقو خاص ۽ نروار نظر اچي ٿو. جيئن مينھوڳيءَ کان پوءِ صاف سُٿري ۽ وشال آسمان تي ست رنگي انڊلٺ بي حد معصُوم ٻار جي مِٺڙيءَ مُرڪ وانگر مُک تي پکڙجي ۽ پڌري ٿي پوَندي آهي. هيٺ اُستاد بُخاري (هڪ قلم ڪار پورهيت) پنھنجي ساٿي پورهيت (ڏاٽي، مُترڪي، ڇيڻيءَ، بُرش، پاني، ڪُھاڙيءَ واري) جي نه رُڳو ڪم ڪار کي ساراهي ٿو پر پنھنجي قلمي پورهئي جو به مان ۽ حيثيت مڃرائي ٿو. هيٺئين قطعي ۾ ٻنهي جي خوشگوار موڊ، فڪري ۽ محنت ڀريل مڪالمي سان گڏ سندن سچيءَ ۽ کريءَ دوستيءَ جي لازوال ثابتي پيش ڪئي اٿائين جنھن جو مقصد آسان ۽ واضح آهي ته ڪو به ڪم ايترو سوَلو ناهي پر محنت ۽ محبت سان ڏُکيو ڪم به سوَلو ٿي سگهي ٿو. چيائون او شاعر! اوهان ڌر تتيءَ جو مٿي تي تغاريون رکي ڪونه سگهندئو مڃيوسُون او ساٿي! مگر رات آڌيءَ اوهان تڙپي تڙپي لکي ڪونه سگهندئو بُخاري چوسٽن جو ڀٽائي چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. ڀٽائيءَ پنھنجي بيتن کي آيتُن سان ڀيٽيو آهي. سندس بيت سنڌي قوم جي صدين تائين رهبري ۽ راهنمائي ڪندا رهندا. ڀٽائيءَ جي برعڪس اُستاد وري پنھنجي بعضي ڏاٽن، پانن، ڪاتن ڪُھاڙن ۽ مُترڪن سان مشابھت ڏئي ٿو ته ڪنھن جاءِ تي لفظ کي تير ۽ شعر کي بم گولي جيان ڀيٽ ڏئي ٿو. هڪ جاءِ تي ته اُستاد حد ڪري ڇڏي آهي. ڀٽائيءَ جي فڪري پوئلڳي ڪندي مُختصرن چئي ڏنائين: ڪيو ٿم بيت ڀالو زمانا! مُون پنھنجي هِن مضمون ۾ اُستاد بُخاريءَ کي پورهيت دوست / يار ڪري سڏيو آهي جنھن جي گواهي سندس ئي شعر مان ملي ٿي. هُو پاڻ دعوا سان چوي ٿو آءٌ شاعر آهيان ۽ تُون آهين هاري! تُنھنجي مُنھنجي ياري گھري گهاٽي آهي. اُستاد وڌيڪ پنھنجي ۽ پورهيت جي حيثيت واضح ڪندي چوي ٿو مُنھنجي هٿ ۾ ڪِلڪ ۽ ڪانو يعني قلم آهي جنھن جي ذريعي آءٌ اهڙا انقلابي گيت لکان ٿو جيڪي وقت جي جابر ۽ رهزن جي ناپاڪ ارادن، اٽڪلُن ۽ قھر برپا ڪندڙ سوچن جو خاتمو آڻي سگهن ٿا جڏهن ته تُنھنجي وَس ۽ هٿ ۾ دُنيا جھان کي باغ و بھار (بھشت) بڻائيندڙ، انقلاب ۽ زندگيءَ جا اُهڃاڻ ڏاٽو ۽ لٺ آهن جن سان تون انسانن جي ويري ۽ خطرناڪ قسم جي زهريلن نانگن کي مارين ٿو. هاڻي ڏِسجي ته هڪ پورهيت ۽ قلم ڪار جو ڪم ۽ ڪردار سماج ۾ مثبت ۽ مثالي تبديلي آڻڻ آهي. مان هان شاعر، تون آن هاري، تُنھنجي مُنھنجي گهاٽي ياري مُنھنجي هٿ ۾ گيت گُلابي تُنھنجي هٿ ۾ باغ بھاري مُنھنجي هٿ ۾ ڪِلڪ ڪانگ تُنھنجي هٿ ۾ ڏاٽو ڏانگ مان ٿو ڪاٽيان قھري سوچون تُون ٿو مارين زهري نانگ ڪنھن به قوم جو شاعر ان قوم جو اهم سُونھون ٿيندو آهي. هُو فقط دڳن ۽ دشائن جو تعين ڪندو آهي. باقي منزل تي پھچي مُسافر کي پنھنجي پاڻ کي ملهائڻو ۽ مڃرائڻو پوَندو آهي. منزل تي پھچي پير پساري ويھي سوچڻ سان ڪُجهه ٿئي ها ته پوءِ دُنيا جو هر شاعر، فلسفي، قلم ڪار بادشاهيءَ جا مزا ماڻي ها ۽ هر ڪم ڪار ڪندڙ (محنت ڪش) ڪنھن نه ڪنھن ديش جو راجا مھا راجا بڻجي پوي ها پر اياز جو فڪر اهو ٿو ٻُڌائي ته ”ڪانهي ڪا تاريخ ۾ ويڙهه سِوا ٻي واهه! اُستاد بُخاريءَ چواڻي هِن سنسار کي سُھڻو بڻائي ۽ اُوندهه انڌڪار کان آزادي فقط هڪ قلم ڪار ۽ هُنرمند ئي ڏياري سگهي ٿو. ان لاءِ هڪ سچي قلم ڪار کي پنھنجو قلم ٻاري حق سچ جو هوڪو ڏيڻو پوَندو؛ شمع جلائڻي پوَندس ۽ هڪ دلير ۽ برجُستي محنت ڪش کي پنھنجي پگهر کي ٻرنديءَ تي تيل ڪري هارڻو پوَندو. پوءِ پڪ ڄاڻجو ته گهر گهر اُوندهه واري سماج ۾ دائمي سوجهرو يقيني آهي. اديبن، شاعرن جو شمع جان پنھنجا قلم ٻاريا ته ڪوجهي ڪاري انڌاري ۾ سُھڻو سوجهرو ٿي پيو هُنرمندن، مزدُورن، راهڪن پنھنجا پگهر هاريا محبت سان جو محنت پيچ پاتو، مُعجزو ٿي پيو هاڪاري سوچ رکندڙ شاعرجو هر شعر انقلاب، تبديليءَ ۽ تغير جي تارازيءَ ۾ تُرندو آهي جنھن کي هڪ پارکُو خريدار جي ضرورت پوَندي آهي. پوءِ اهڙو گوهر ئي ميري ۽ گدلي پاڻيءَ کي صاف ڪري شفاف بڻائڻ جي سگهه حاصل ڪري وٺندو آهي. هُو لوهه کي موڙي مَروڙي سگهڻ جي شڪتي رکندو آهي. هُو اُوندهه ۽ انڌ کي ٽاري ڀڄائي سگهي ٿو. مطلب هُو هر اُهو ڪم باآساني ڪري سگهي ٿو جنھن جو ڪنھن کي وهم، گُمان، خواب ۽ خيال به ٿي نه ٿو سگهي پر ان لاءِ اُستاد بُخاريءَ جو هڪڙو شرط آهي ۽ شرط به اهڙو اڻانگو نه پر فقط جذبي ۽ مثبت ارادي جو آهي. اسان سڀ ڄاڻئون ٿا ته ڇڙو ويھي روئڻ، پنھنجو مُنھن مٿو پِٽڻ، پنھنجا سٿر سينا ڪُٽڻ يا ائي لي گهوڙا ڪرڻ سان سينواريل سماج نه ٿو بدلجي؛ حق حاصل نه ٿا ٿين بلڪِه حقن لاءِ اسان کي اُٿي پوَڻ جي ضرورت آهي ۽ انهيءَ اُٿي پوَڻ ۾ ئي اسان مسڪينن، محڪُومن ۽ مظلُومن جو صحيح علاج آهي. پائدار ڪاميابيءَ لاءِ ٻن لفظن اُٿي پوَڻ تي عمل ڪرڻ سستو سودو آهي. دُنيا جي مزدُورن، مسڪينن کي هڪ ٿيڻ گهُرجي ته پوءِ سنڌ جا مزدور؛ دُنيا جا مزدور اُٿي پئو؛ اُٿي پئو؛ شڪاگو جي انقلاب کي ياد ڪري اُٿي پئو! نه روئڻ، پِٽڻ ۾ اسان جو علاج نه سٿرون ڪُٽڻ ۾ اسان جو علاج ڌيون، پُٽ سڀئي سنڌ ڌرتيءَ ڄڻيا اُٿي پَئو! اُٿڻ ۾ اسان جو علاج دُنيا نه رُڳو چنڊ تي وڃي پھتي آهي پر ويڙهجي سيڙهجي جديد قسم جي هڪ عالَمي ڳوٺ ۾ پڻ تبديل ٿي چُڪي آهي. ڪائنات جي ڪنھن به ڪُنڊ پاسي ۾ ڇا وهي ۽ واپري ٿو؛ ڇا ڊهي ۽ ٺھي ٿو سا ڄاڻ سيڪنڊن ۾ بار بار ماڻهوءَ جي سماعتُن ۽ اکين اڳيان ايندي رهي ٿي. دُنيا ايتري ترقي ڪئي آهي جو ماڻهوءَ جي وهم ۽ گُمان ۾ به نه آهي ته هيءُ ڇا ٿي رهيو آهي؟ دُنيا جي ترقي آخر ڪٿي دَنگ ڪندي؟ پر ايتريءَ انوکيءَ ۽ اچرج جوڳيءَ ترقيءَ ۽ تبديليءَ باوجُود سامراجي ۽ پرماري قوَتون اڄ به بنا ڪنھن لڄ لحاظ، ڊَپ ڊاءَ ۽ خوف خطري جي ناجائزين جا روز نوان باب رقم ڪنديون رهن ٿيون. اڄ به ڪيترا ئي محڪُوم مظلوم، مسڪين، مجبُور، پورهيت پنھنجي حقن جي حاصلات لاءِ وِڙهن پيا ۽ لڙندي وِڙهندي ڪربلا کان شڪاگو ۽ شڪاگو کان بلديا فيڪٽريءَ، گڏاڻيءَ تائين گهاءَ کائيندا انقلاب ۽ انصاف جي اُميد تي اڳتي وڌندا، هلندا رهن ٿا. خُدا ڄاڻي اهڙن ماڻهن جي مسيحائي ۽ داد فرياد ڪڏهن ٿيندو؟ هر محنت ڪش سوچي ٿو...... ته پُورن جي پُڄاڻي ڪڏهن ٿيندي ۽ سُورن جو سلسلو ڪڏهن رُڪبو ۽ ڪربلا کان شروع ٿيل حق جي ويڙهاند شڪاگوکان پوءِ ماٺي ڇو ٿي وئي آهي؟ مظلوم ڪربلا کان لڙندي لڙيا شڪاگو عالَم ۾ انقلابن جو سلسلو ته آهي ڏات شعُور، شعور وري سوچ فڪر ۽ سوچ فڪر وري تحرُڪ، لوچ ۽ ولولو پيدا ڪندو آهي جيڪو تحرڪ تبديلي پيدا ڪري سوڀ تائين رَسائي حاصل ڪري وٺندو آهي پر اهو سڀ ڪُجهه تڏهن ئي ممڪن ٿي پوَندو آهي جڏهن پورهيت پنھوار، ڪُڙمي ڪاسبي ذي شعُور هُوندو؛ پنھنجي هيڻي، غريب ۽ خستي حاليءَ تي سوچ وِيچار ڪرڻ ئي ڇڏي ڏيندو؛ ظالم کي وڌيڪ ظلم ڪرڻ لاءِ ڍَر ڏئي ڇڏيندو ته پوءِ اسان توهان (مظلوم ۽ محڪُوم طبقو) پنھنجي حقن، ننگن، دَنگن، ٻنيءَ ٻارن، کاڻين، کُوهن، مِلن ۽ ڪارخانن جي حساب ڪتاب کان سواءِ شھرن، پاڙن، چونڪن ۽ دُڪانن جو قبضو ڪيئن ۽ ڪير وٺي ڏيندو؟ حق خيرات وانگر ناهي گهُربو. ڇِني ڇِڪي ۽ وِڙهي وٺبو آهي. وِڙهڻ لاءِ وري سَندرو ٻَڌي سُرڻو ۽ رِڙهڻو پوَندو آهي. تڏهن ئي ڪاميابي ۽ ڪامراني قدم چُمي پُٺي ٺپيندي آهي. هاڻي به جي نه وٺندءُ پنھنجي حقن جو قبضو کاڻين، ٻنين، مِلن ۾ کاتن پڪن جو قبضو شھرن ۾ پنھنجي پاڙن، چونڪن، هٽن جو قبضو پوءِ سمجهو سِر تي هُوندُوَ ڌارين ڌڪن جو قبضو پر جي پنھنجي حقن لاءِ هٿ پير نه هنياسين، رِڙهيا وِڙهياسين نه ته پوءِ پَڪ ڄاڻي ڇڏجو ته اسان ۽ اسان جي ايندڙ نسلن جي نِرڙن تي غيرن، غاصبن جا گهاءَ ۽ ڌارين جا ڌڪ ئي ڌڪ نظر ايندا جيڪي نشان اسان جي بُزدليءَ ۽ ڀاڙيائپ جا کُليل ثبُوت هُوندا جنھن کان پوءِ اسان ڪنھن کي مُنھن ڏيکارڻ لائق نه رهنداسُون. تنھن ڪري اچو ته اُستاد جي مٿئين مُختصر طاقتور فڪر جو فائدو وٺي سندس سڏ وَرنايون جيڪو سڏ پڙاڏو بڻجي اسان جي دردن جو درمان بڻبو. سنڌ ۽ دُنيا جھان جا مزدورو! هوش ڌاريو؛ هاڻي ته اَکيون پَٽيو! هاڻي گهڻو ٿي چُڪو آهي جنھن کي صاف ڪرڻو آهي...... وِک وڌايو..... جند بچايو! پورهيت زندهه آباد انقلاب زندهه آباد استاد بخاري شعر کي پنهنجي سُڃاڻ ڏيندڙ تحرير: رکيل مورائي اڄ استاد بخاريءَ جي ورسيءَ جو ڏينهن آهي. سندس ورسي ملهائي، هڪ رسم پوري ڪئي ويندي. جيئن انساني جذبي هيٺ ڪيو ويندو آهي ۽ عالمن، اديبن ۽ شاعرن جون ورسيون ملهائڻ جو هڪ سبب کين ياد ڪرڻ به آهي. جيتوڻيڪ سندن هر ڇپيل ڪتاب سندن يادن طور قومن وٽ محفوظ هوندو آهي، شايد هڪ سبب اهو به آهي ته سندن ورسيون ۽ سالگراهون ملهائي، اسان پنهنجي حال کي ماضيءَ سان ڳنڍيندا آهيون ۽ ايئن مستقبل ڏانهن پنهنجي ايندڙ نسل کي رستو ڏيکاريندا آهيون. ڪنهن به اهڙي رسم کان اڳ يا پوءِ، اسان پنهنجي عالمن، اديبن ۽ شاعرن کي حقيقي معنيٰ ۾ اعزاز ڪهڙو ڏيندا آهيون، جيڪو اصل معنيٰ ۾ انهن کي ڏيڻ گهرجي. اڄ جڏهن استاد بخاريءَ جي قبر تي گل چاڙهيا ويندا، کيس ڀيٽا ڏني ويندي، سندس اعزاز/ياد ۾ چڱو ئي خرچ ٿيندو، ان موقعي تي کيس اصل ڀيٽا ڪير ڏيندو؟ اڄ جي نوجوانن ۾ ڪيترا اهڙا نوجوان هوندا جن ڏهين آڪٽوبر ٻه هزار ارڙهن کان نائين آڪٽوبر ٻه هزار اڻويهن تائين پنهنجي هڪ ڏهاڙي مان صرف هڪ ڪلاڪ ڪڍي سندس ٻن درجن ڪتابن جو نئين سر اڀياس ڪيو هجي ۽ هڪ لاجواب پيپر لکيو هجي، جنهن منجهان اسانکي استاد بخاري جي شاعريءَ جا ڪي نوان نقطا، نوان احساس، نوان رومانس، نوان فلسفا ۽ نئين احساسداري پلئه پوي. جيڪڏهن ايئن نه ٿو ٿئي ته انهن شخصن کي ڪلاڪ ڪلاڪ ڳالهائڻ ڇو ٿو ڏنو وڃي، هڪ ئي وقت سَون ماڻهن جو اهو وقت ڇو ٿو ضايع ڪيو وڃي، ٻن ڏهاڪن جي وٿيءَ بعد به اسانکي اهڙو پيپر نه ملي سگهيو آهي، جنهن استاد جي شاعريءَ جا ڪي نوان پهلو ظاهر ڪيا هجن. اڄڪلهه اسانجي شاعرن، عالمن ۽ اديبن جي ورسين تي لکندڙن جون ڪجهه به لکڻ وقت سمورين توانايون ان ڳالهه تي ختم ٿين ٿيون ته لکندڙ جو لکيو ويندڙ سان ڪيترو ويجهو تعلق هئو، ايئن جنهن تي لکيو وڃي ٿو اهو رهجي وڃي ٿو ۽ جيڪو لکي ٿو اهو مٿي اڀري اچي ٿو. مجموعي طور اسانجي ادب ۾ جيترو اديبن ۽ شاعرن تي شخصي طور ڳالهايو ۽ لکيو ويو آهي. اوترو سندن ادب تي نه لکيو ويو آهي ۽ نه ڳالهايو ويو آهي، ايئن استاد بخاريءَ جهڙي، سنڌي شاعريءَ ۾ پنهنجي نرالي جڳهه حاصل ڪندڙ شاعر تي به نه لکيو ويو آهي. جيڪا سنڌي ادب لاءِ خاص ۽ استاد بخاريءَ جي حوالي ۾ عام ڳالهه ڪري سگهجي ٿي. استاد بخاري سنڌي ٻوليءَ جو اهڙو شاعر آهي، جنهن وٽ گهڻي قدر سڀ ڪجهه پنهنجو آهي، هن جا موضوع پنهنجا آهن، هن جي ٻولي پنهنجي آهي، هن جو لهجو پنهنجو آهي، ڪنهن به اعليٰ شاعر وٽ ٻيو ڇا هجڻ گهرجي. اياز، تنوير، شمشير ۽ امداد جي موجودگيءَ ۾ استاد جي شاعري ايتري نرالي آهي، جنهن تي معجزي جو گمان ٿئي ٿو. استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جا بنياد پنهنجي راويت تي بيٺل آهي. اها روايت جيڪا سچ پچ، عوامي آهي، هت سندس روايت جو ذڪر سندس واتان ٻڌل شاعري نه آهي. پر ڪتابن ۾ ڇپيل اها شاعري آهي،جيڪا اڄ استاد جي جسمانيءَ طور نه هجڻ کانپوءِ به اسانجي آڏو آهي، ٻي روايت شاعري ۾ شعر پڙهڻ واري آهي، جيڪا عارضي آهي، تنهن هوندي به استاد پنهنجي موجودگي محسوس ڪرائيندو رهيو، ڪيترا ئي شاعر مشاعرن ۾ ته پنهنجي موجودگي شدت سان محسوس ڪرائي سگهيا، پر ان قوت سان پني تي اڀري نه بيٺا، استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جو چڱوئي حصو پني تي پڻ اڀري بيٺو آهي، جنهن کان وڌيڪ سندس موجودگيءَ محسوس ٿيندي هئي. سنڌي ٻولي وري استاد بخاري جهڙو شاعر پيدا ڪندي، جنهن کي سچ پچ عوامي شاعر ڪوٺي سگهجي. شايد اسانکي گهڻو وقت انتظار ڪرڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته استاد بخاري شاعرن جي ان لسٽ ۾ نه آهي، جنهن کي ڳوليو وڃي. سندس قد ايترو وڏو آهي جيڪو پري کان ئي ڏسڻ ۾ ايندو آهي. اڄ نه ان کي ڪو گهٽائي سگهندو نه ئي ان کي وڌائي سگهندو. استاد بخاري سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ وڏي حلقي جي اتساھ جو سبب پڻ رهيو آهي. اڄ به سندس ڪتاب تيزيءَ سان وڪرو ٿيندڙ ڪتابن ۾ شامل آهن ۽ بار بار ڇپجندا رهن ٿا. گهڻن ئي شهرن وانگر دادو پڻ شهر نه پر هڪ احساس آهي. جنهن ۾ استاد بخاري جي شاعري ساھ کڻي ٿي ۽ محسوس ٿئي ان ڪري هو سدائين جيئرو رهڻو آهي. رسمي طور هن کي ياد ڪري ڄڻ اسان پاڻ کي ياد ڪريون ٿا ڇاڪاڻ ته هو اسان جو اهڙو شاعراڻو ورثو آهي، جنهن تي اسانکي فخر محسوس ٿئي ٿو. ان سان گڏ تڪليف به محسوس ٿئي ٿي جڏهن استاد تي هڪ درجي کان هيٺ لهي ڳالهايو ٿو وڃي ۽ پڙهيو ٿو وڃي. استاد جو اڀياس جنهن سطح تي ٿيڻ گهرجي انتظاميا کي ان پاسي به ڌيان ڏيڻ جڳائي ۽ استاد کي انهن جي وارثيءَ کان به بچائڻ گهرجي. جن استاد کي ادب ۾ لاوراثي ڏانهن ڌڪڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. پر استاد جي شاعريءَ سنڌ جي مضبوط وارثي حاصل ڪري ورتي، ڇاڪاڻ ته اها سنڌ جي شاعري هئي، سنڌين جي شاعري هئي ۽ وڌيڪ ته اها سندن جذبن جي ترجمان شاعري هئي. استاد جي شاعري سنڌ جي اهڙي سونهن آهي جنهن تي ڪو به شخص موهت ٿي سگهي ٿو ۽ اهو موھ هو سدائين لاءِ پنهنجي دل ۾ سانڍي سگهي ٿو. استاد سدائين اسان جي وچ ۾ هئو. اسين سڀ سندس آس پاس هئاسين، اڄ هو پاڻ نه آهي، اسان کان وڇڙي ويو آهي. تڏهن ئي ته سندس ورسي ملهائي رهيا آهيون. هو جيڪو سانگين جي وچ سدائين سالگرهون محسوس ٿيندو هئو. سانگين مان گڏ سالگرھ مان، وڇڙي ويس ته ورسي آهيان. اڄ اسين ان جي ورسي ملهائي رهيا آهيون! استاد بخاري پنهنجي لهجي جو شاعر رکيل مورائي اسين سڀ استاد بخاريءَ جي ورسيءَ جي سلسلي ۾ گڏ ٿيندا آهيون. سندس ورسي ملهائي، هڪ رسم پوري ڪئي ويندي. جيئن انساني جذبي هيٺ ڪيو ويندو آهي ۽ عالمن، اديبن ۽ شاعرن جون ورسيون ملهائڻ جو هڪ سبب کين ياد ڪرڻ به آهي. جيتوڻيڪ سندن هر ڇپيل ڪتاب سندن يادن طور قومن وٽ محفوظ هوندو آهي، شايد هڪ سبب اهو به آهي ته سندن ورسيون ۽ سالگراهون ملهائي، اسان پنهنجي حال کي ماضيءَ سان ڳنڍيندا آهيون ۽ ايئن مستقبل ڏانهن پنهنجي انيدڙ نسل کي رستو ڏيکاريندا آهيون. ڪنهن به اهڙي رسم کان اڳ يا پوءِ، اسان پنهنجي عالمن، اديبن ۽ شاعرن کي حقيقي معنيٰ ۾ اعزاز ڪهڙو ڏيندا آهيون، جيڪو اصل معنيٰ ۾ انهن کي ڏيڻ گهرجي. اڄ جڏهن استاد بخاريءَ جي قبر تي گل چاڙهيا ويندا، کيس ڀيٽا ڏني ويندي، سندس اعزاز/ياد ۾ چڱو ئي خرچ ٿيندو، ان موقعي تي کيس اصل ڀيٽا ڪير ڏيندو؟ اڄ جي نوجوانن ۾ ڪيترا اهڙا نوجوان هوندا جن ڏهين آڪٽوبر اوڻيهه سئو ٻيانوي کان اڄ تائين پنهنجي هڪ ڏهاڙي مان صرف هڪ ڪلاڪ ڪڍي سندس ٻن درجن ڪتابن جو نئين سر اڀياس ڪيو هجي ۽ هڪ لاجواب پيپر لکيو هجي، جنهن منجهان اسانکي استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جا ڪي نوان نقطا، نوان احساس، نوان رومانس، نوان فلسفا ۽ نئين احساسداري پلئه پوي. جيڪڏهن ايئن نه ٿو ٿئي ته انهن شخصن کي ڪلاڪ ڪلاڪ ڳالهائڻ ڇو ٿو ڏنو وڃي، هڪ ئي وقت سَون ماڻهن جو اهو وقت ڇو ٿو ضايع ڪيو وڃي، ٻن ڏهاڪن جي وٿيءَ بعد به اسانکي اهڙو پيپر نه ملي سگهيو آهي، جنهن استاد جي شاعريءَ جا ڪي نوان پهلو ظاهر ڪيا هجن. اڄڪلهه اسانجي شاعرن، عالمن ۽ اديبن جي ورسين تي لکندڙن جون ڪجهه به لکڻ وقت سمورين توانايون ان ڳالهه تي ختم ٿين ٿيون ته لکندڙ جو، لکيو ويندڙ سان ڪيترو ويجهو تعلق هئو، ايئن جنهن تي لکيو وڃي ٿو اهو رهجي وڃي ٿو ۽ جيڪو لکي ٿو اهو مٿي اڀري اچي ٿو. مجموعي طور اسانجي ادب ۾ جيترو اديبن ۽ شاعرن تي شخصي طور ڳالهايو ۽ لکيو ويو آهي. اوترو سندن ادب تي نه لکيو ويو آهي ۽ نه ڳالهايو ويو آهي، ايئن استاد بخاريءَ جهڙي، سنڌي شاعريءَ ۾ پنهنجي نرالي جڳهه حاصل ڪندڙ شاعر تي به نه لکيو ويو آهي. جيڪا سنڌي ادب لاءِ خاص ۽ استاد بخاريءَ جي حوالي ۾ عام ڳالهه ڪري سگهجي ٿي. استاد بخاري سنڌي ٻوليءَ جو اهڙو شاعر آهي، جنهن وٽ گهڻي قدر سڀ ڪجهه پنهنجو آهي، هن جا موضوع پنهنجا آهن، هن جي ٻولي پنهنجي آهي، هن جو لهجو پنهنجو آهي، ڪنهن به اعليٰ شاعر وٽ ٻيو ڇا هجڻ گهرجي. اياز، نياز تنور، شمشير ۽ امداد جي موجودگيءَ ۾ استاد جي شاعري ايتري نرالي آهي، جنهن تي معجزي جو گمان ٿئي ٿو. استاد بخاري جي شاعريءَ جا بنياد پنهنجي روايت تي بيٺل آهي. اها روايت جيڪا سچ پچ، عوامي آهي، هت سندس روايت جو ذڪر سندس واتان ٻڌل شاعري نه آهي. پر ڪتابن ۾ ڇپيل اها شاعري آهي،جيڪا اڄ استاد جي جسماني طور نه هجڻ کانپوءِ به اسانجي آڏو آهي، ٻي روايت مشاعري ۾ شعر پڙهڻ واري آهي، جيڪا عارضي آهي، تنهن هوندي به استاد پنهنجي موجودگي محسوس ڪرائيندو رهيو، ڪيترا ئي شاعر مشاعرن ۾ ته پنهنجي موجودگي شدت سان محسوس ڪرائي سگهيا، پر ان قوت سان پني تي اڀري نه بيٺا، استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جو چڱوئي حصو پني تي پڻ اڀري بيٺو آهي، جنهن کان وڌيڪ سندس موجودگيءَ محسوس ٿيندي هئي. سنڌي ٻولي وري استاد بخاري جهڙو شاعر پيدا ڪندي، جنهن کي سچ پچ عوامي شاعر ڪوٺي سگهجي. شايد اسانکي گهڻو وقت انتظار ڪرڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته استاد بخاري شاعرن جي ان لسٽ ۾ نه آهي، جنهن کي ڳوليو وڃي. سندس قد ايترو وڏو آهي پري کان ئي ڏسڻ ۾ ايندو آهي. اڄ نه ان کي ڪو گهٽائي سگهندو نه ئي ان کي وڌائي سگهندو. استاد بخاري، سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ وڏي حلقي جي اتساھ جو سبب پڻ رهيو آهي. اڄ به سندس ڪتاب تيزيءَ سان وڪرو ٿيندڙ ڪتابن ۾ شامل آهن ۽ بار بار ڇپجندا رهن ٿا. سنڌ جي گهڻن ئي شهرن وانگر دادو پڻ شهر نه پر هڪ احساس آهي. جنهن ۾ استاد بخاري جي شاعري ساھ کڻي ٿي ۽ محسوس ٿئي ٿي ان ڪري هو سدائين جيئرو رهڻو آهي. رسمي طور هن کي ياد ڪري ڄڻ اسان پاڻ کي ياد ڪريون ٿا، ڇاڪاڻ ته هو اسان جو اهڙو شاعراڻو ورثو آهي، جنهن تي اسانکي فخر محسوس ٿئي ٿو. ان سان گڏ تڪليف به محسوس ٿئي ٿي جڏهن استاد تي هڪ درجي کان هيٺ لهي ڳالهايو ٿو وڃي لکيو وڃي ۽ پڙهيو ٿو وڃي. استاد جو اڀياس جنهن سطح تي ٿيڻ گهرجي انتظاميا کي ان پاسي به ڌيان ڏيڻ جڳائي ۽ استاد کي انهن جي وارثيءَ کان به بچائڻ گهرجي. جن استاد کي ادب ۾ لاوراثيءَ ڏانهن ڌڪڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. پر استاد جي شاعريءَ سنڌ جي مضبوط وارثي حاصل ڪري ورتي، ڇاڪاڻ ته اها سنڌ جي شاعري هئي، سنڌين جي شاعري هئي ۽ وڌيڪ ته اها سندن جذبن جي ترجمان شاعري هئي. استاد جي شاعري سنڌ جي اهڙي سونهن آهي جنهن تي ڪو به شخص موهت ٿي سگهي ٿو ۽ اهو موھ هو سدائين لاءِ پنهنجي دل ۾ سانڍي سگهي ٿو. استاد سدائين اسان جي وچ ۾ هئو. اسين سڀ سندس آس پاس هئاسين، اڄ هو پاڻ نه آهي، اسان کان وڇڙي ويو آهي. تڏهن ئي ته سندس ورسي ملهائي رهيا آهيون. هو جيڪو سانگين جي وچ سدائين سالگرهون محسوس ٿيندو هئو. (ڏيھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۹ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل) استاد بخاري سندس شاعريءَ جو فني ۽ فڪري جائزو - نائين آڪٽوبر ورسيءَ جي مناسبت سان يوسف ڀٽو استاد بخاري سنڌ جي اُنھن سدا ملوڪ شاعرن مان آھي، جنھن کي وستي وستي، واھڻ واھڻ مقبوليت ۽ مڃتا ملي. ھر سُٺي ۽ سُڄاڻ پڙھندڙ استاد کي پڙھيو، پڙھي اِئين محسوس ڪيو ھوندو ته ڄڻ استاد جي ھن شعر ۾ سندس ئي احساسن جي ڳالهڙي ھجي. استاد اھو ساڃاھ وند شاعر ھو جنھن وطن ۽ وطن جي ماروئڙن تي لکيو. ساڻيھ جي سُرھاڻ ته سندس شاعريءَ ۾ ائين رچي وئي، جيئن سانوڻ جي پھرين وسڪاري ۾ مٽيءَ ۾ اٿندڙ دلفريب مھڪ. استاد جي شاعراڻي سگھ، فن ۽ فڪر دراصل سندس شاعري، عام فھم لفظن، اصطلاحن، سلاست ۽ سادگيءَ ۾ آھي جو پڙھندڙ توڙي ٻڌندڙ کي موھي وجهي ٿي ۽ نتيجي ۾ ھُو بي اختيار “واھ واھ” ڪندو ٿو رھي. استاد بخاريءَ جو اصل نالو سيد احمد شاھ بخاري آھي. سندس والد صاحب جو نالو سيد حاجن شاھ آھي. ھُو ۱۹۳۰ع ۾ ڳوٺ غلام قادر چانڊيو، ضلعي دادو ۾ ڄائو. ھُن نوڪريءَ جي شروعات پرائمري استاد طور ڪئي. ايم اي تائين تعليم حاصل ڪيائين ۽ استاد ايم اي جي ڊگري ۱۹۶۴ع ۾ حاصل ڪئي. استاد بخاري جي شاعريءَ جا ۲۵ مجموعا ڇپيا. سندس پھريون شعري مجموعو “گيت اسان جا جيت اسان جي” ۱۹۷۱ع ۾ ڇپيو. ان کان علاوه سندس مشھور شعري مجموعن ۾ “نه ڪم نبريو، نه غم نبريو”، “اوتون جوتون”، “لھري لھري ۾ لالاڻ”، “ڪوڪڻ يا ڪلياڻ”، “زندگي زندگي”، “ميلا ملھار”، “ڳائي پيو جاڳائي پيو” ۽ ٻيا شامل آھن. استاد جي شاعريءَ جي خوبي آھي جو ان اسان کي پنھنجو گرويده بڻائي ڇڏيو ۽ ان تي ھي چند سٽون لکڻ کي پنھنجو اعزاز سمجهوسين. ھو ھڪ بلند فڪر شاعر ھو، سندس ٻول اندر جي احساسن کي بي اختيار ڇھن ٿا ۽ جنھن جي خوبصورت شاعريءَ جو سحر برقرار رھندو اچي. ادب جي ڪنھن به صنف ۾ لکڻ ڪو سولو ڪم نه آھي. پر جڏھن ڳالھ شاعريءَ جي ھُجي ته اھا رڳو ڪو حسين احساسن تي ته مشتمل نه ھوندي آھي پر شاعر زندگيءَ جي تلخ تجربن کي به بيان ڪري ٿو. اھا ئي ڳالھ استاد پنھنجي ھن چؤسٽي ۾ ڪھڙي نه خوبصورتيءَ سان بيان ڪري ٿو: چيائون او شاعر اوھان ڌرتتيءَ جو، مٿي تي تغاريون رکي ڪونه سگهندو. مڃيوسين او ساٿي، مگر رات آڌيءَ، اوھان تڙپي تڙپي لکي ڪونه سگهندو. ڀلوڙ شاعر فيض احمد فيض ھڪ ھنڌ لکيو آھي ته: “ٻڌندا پيا اچون ته ڪنھن شاعر يا اديب جو صحيح مقام ايندڙ نسل متعين ڪندا آھن، اھا ڳالھ پنھنجي جڳھ تي مڃيل آھي پر اھو ڏسڻ به لازم آھي ته سخنور پنھنجي زمان ۽ مڪان جي دائري ۾ ڪيترين دلين ۾ گهر ڪيو آھي ۽ ان جي چيي سان ڪيترن پڙھڻ وارن کي محسوس ٿيو ته ڄڻ ھي به منھنجي دل ۾ آھي” استاد جي شاعري به ان معيار جي ثابت ٿي جو کيس ايتري ڀرپور عوامي موٽ ملي. استاد يقينن خوش قسمت آھي جو کيس نه صرف ادبي حلقن پر عوامي سطح تي به پذيرائي ملي. ادبي تجزئي نگارن موجب ته توڙي جو ھُن حُسن پرست ھُئڻ ڪري عشقيه شاعري به ڪئي ۽ سندس شاعريءَ ۾ جمالياتي عنصر به نمايان آھي پر بنيادي طور تي استاد ھڪ انقلابي شاعر آھي. سنڌي شاعريءَ جي مطالعي دوران جنھن شيءِ مونکي وڌيڪ متاثر ڪيو آھي، اھا آھي اُميد پرستي. حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ رح جي شاعريءَ ۾ ته اميد پرستي ڪمال جي آھي. بلڪ اميد جا اھڙا عڪس ٻي ڪنھن شاعريءَ ۾ ملڻ مشڪل آھن. سنڌي ٻوليءَ جي ٻين شاعرن به اميد پرستيءَ تي سُٺو لکيو. ڇو ته اھا اميد ئي آھي جيڪا انسان کي ڪنھن به طرح مايوس ٿيڻ نٿي ڏي، ھر بار جيئاري ٿي. اميد پرستي اھا آھي ته انسان تي لازم آھي ته اُس جي سفر ۾ وڻن جي گهاٽي ڇانوَ جي آس جو حوصلو ڌاري ۽ ان کي من ۾ سمائي رکي، خود ھلندو رھي، اُھا ڇانوَ ان کي ضرور ملندي. سو استاد جي شاعري به اميد جي ان تخيل سان مالامال نظر اچي ٿي. سندن ھڪ شعري مجموعي جو ته نالو ئي “پير نه ھٽي پوئتي” آھي. سو استاد جي شاعريءَ ۾ اميد جا اھي سوجهرا ضرور آھن. اميد، ناڪاميءَ جي انڌيرن کي مات ڏيندڙ صبح جي چِٽن سوجهرن جيان آھي. جيڪي واپس ورڻ ڄاڻن ئي نٿا. استاد بخاري ڪيڏو نه خوب چيو: اسان ارتقا جا پڪا عاشق آھيون، ورڻ کان وڌڻ ۾ مزو ٿو اچي ڙي. استاد بخاري جيڪي شعر چيا، انھن ۾ اميد سان گڏ ھمت ۽ حوصلو آھي. سندس ھڪ نظم “ارمان نه ڪر، ارمان نه ڪر” ۾ ھُو جيئڻ تي اُتساھيندي چوي ٿو ته: ڪنھن غفلت ۾ غيباڻو ٿي، گگدامن جان گذران نه ڪر. انھيءَ نظم ۾ ھُو اڳتي ھڪ مصرعه ۾ چوي ٿو ته: ڪا جوت جاڳائي جيئڻو اٿئي، ھي ماڳ ملھائي جيئڻو اٿئي. سندس اِنھن ئي شعرن ۾ ڏسي چئي سگهجي ٿو ته استاد اميد سان گڏ زندگيءَ جو به شاعر آھي. منجهس عاجزي به اھڙي جو استاد “چوٽ کائي درگذر” جو به قائل آھي. جيءُ جنھن کي چيم، جهڻڪ تنھن کان مليم؛ چوٽ ڏاڍي لڳم، پر ڪيم درگذر. استاد جو شاعراڻو شعور، فڪر ۽ ڏات بلند پايي جي آھي. درحقيقت استاد بخاريءَ جي شاعريءَ ۾ سُرت سڄاڻ جا اھي ڏيئا روشن آھن، جيڪي پڙھندڙ يا ٻڌندڙ جي احساسن کي بھار جي ترو تازگي عطا ڪن ٿا. استاد شاعريءَ جي تقريبن ھر صنف تي طبع آزمائي ڪئي آھي. ھُن جنھن به صنف تي لکيو عمدگيءَ سان لکيو. ان کان علاوه استاد جي شاعريءَ ۾ ھجر جو عنصر به محسوس ٿئي ٿو ته ان کي بيان ڪرڻ جو ڍنگ به نرالو آھي: مون ٿي پڇيو، ھن کان سائين، مون کان وڇڙي ڪيئن ٿو ڀانئين، ھُو به کلي پيو، مان به کلي پيس، کلندي کلندي روئي ڏنائين. ڏسجي ته شاعري انسان جي احساسن جي اظھار جو ذريعو آھي. جنھن شاعر وٽ اظھار جي جُرئت ۽ بيان جو سليقو ۽ عمدگي ھجي ته پوءِ اھو شاعر عوام وٽان قدرداني ۽ مڃتا ته ضرور ماڻيندو ۽ استاد بخاري به سنڌي شاعريءَ جو اھڙو ئي ھڪ معتبر نانءُ آھي، جنھن وٽ اھي خوبيون آھن. استاد پنھنجي خوبصورت جذبن ۽ احساسن جو اظھار ۽ عام ماڻھن جي ڏکن ۽ سُورن جي ڳالھ کي شاعريءَ ۾ وڏي خوبيءَ سان بيان ڪيو آھي. استاد تقريبن شاعري جي ھر صنف ۾ طب آزمائي ڪئي ۽ سندن شاعري سنڌي ادب جو لازمي سرمايو بڻجي وئي آھي. ھُو انسان جي مختلف ڪيفيتن عشق و محبت کان وٺي حقن جي حاصلات، اميد کان وٺي اتساھ تائين کي شعر جي سانچي ۾ وجهي وٺڻ جي صلاحيت رکندڙ آھي. لفظن تي سندس گرفت به آھي، لفظن جي استعمال ۾ شاعراڻي ھنر کان به واقف آھي. اھو به ائين جو شاعريءَ جي جنھن به صنف ۾ ڳالھ جو اظھار ڪرڻ چاھي ته ان لاءِ ھُو آسانيءَ سان لکي سگهي. استاد محبتن جو به شاعر آھي. خود به محبت بابت اظھار ڀلوڙ شاعراڻي رنگ ۾ ھن ريت ٿو ڪري: ھڪ پيار يار ڄاڻان، ٻي ڪار ڪانه ڄاڻان. استاد بخاريءَ جي شاعري پڙھي ڪڏھن ڪڏھن ته ائين به لڳندو آھي ته ھو لفظن جي ذخيري ۽ تشبيھن جي مالها سان مالامال آھي، ڄڻ ته لفظ سندس آڏو احترامن بيٺا ھُجن. ان کان علاوه ھيءَ ڳالھ به محسوس ٿئي ٿي ته استاد عام ماڻھوءَ جي درد جو شعور رکندڙ شاعر آھي ۽ عام ماڻھوءَ جي مزاج موجب ئي عام فھم شعر سرجيا، جيڪي سولائيءَ سان سمجھ ۾ ايندڙ آھن. ڪنھن سُٺي شاعر جي اھم خوبي اھا ئي ته آھي! ڪنھن رسالي ۾ ھڪ ھنڌ تي اھو به پڙھي معلوم ٿيو ته استاد ھڪ وڏو ۽ سُٺو موسيقار به ھو، جو ھن ۲۰۰ جي لڳ ڀڳ پنھنجي گانن/ شاعريءَ جون ڌنون پاڻ ئي ترتيب ڏنيون ھُيون. اُستاد جا ڪي ته شعر اھڙا آھن، جو بار بار پڙھڻ ۽ ٻڌڻ تي دل پئي چاھيندي آھي. استاد ھن ڌرتيءَ جو باڪردار ۽ صحيح معنيٰ ۾ عاشق شاعر به آھي. سنڌ ته ڄڻ سندس شاعريءَ جو محور ھجي! جو قوم جيئاري اھو جيئندو رھندو، جو عام اجاري اھو جيئندو رھندو، مون کي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آ، جو سنڌ سنواري اھو جيئندو رھندو. استاد کي جيتري قدر پيار، محبت جهڙن جذبن کي شاعريءَ ۾ اُڻڻ جو احساس ھو، اوترو ئي استاد کي صحيح معنيٰ ۾ ماڻھپي، ٻولي، امن ۽ جستجو جهڙن موضوعن کي پنھنجي شاعريءَ جو حصو بڻائڻ جو ھُنر پڻ آھي. ھُو زندھ دل شخص طور زندگيءَ جي صحيح معنيٰ ۾ واقفيت رکندڙ شاعر آھي. ھُو انسان لاءِ ھر حال ۾ پيار، امن، ڀائپي ۽ جُستجو ضروري سمجهندڙ شاعر طور ڏسجي ٿو. وڌيڪ اھو ته استاد کي اميد جي آگهي رھي، ائين جيئن گُل ٽڙي ته ان جي رنگ و بو ان جو تعارف ڪرائي. استاد جي شاعريءَ ۾ عجيب خوشبو آھي. ھڪ الڳ رنگ آھي. ھُن ته سنڌي شاعريءَ کي اھڙا نوان لاڙا ۽ رنگ ڏنا، جيڪي اڳتي ھلي ٻوليءَ سان گڏ خود سندس به سڃاڻپ بڻجي ويا. قوم جي شعور جا سوجهرا سندس ئي شاعريءَ ۾ وڌيڪ واضع انداز ۾ پسي سگهجن ٿا. ھُو سنڌي شاعريءَ جي اُڀ جو اھو ستارو آھي، جنھن جي روشني ھتان جو عام ماڻھو به آسانيءَ سان پسي سگهي ٿو. استاد بخاري جي شاعريءَ جي عظمت ان مان به چٽي آھي جو فنڪار سندس شاعري ڳائڻ پاڻ لاءِ اعزاز سمجهن ٿا. اردو شاعريءَ جي حوالي سان فيض احمد فيض جي لاءِ چيو وڃي ٿو ته “لفظ ان جا غلام ۽ تشبيھون ان جون ڪنيزون آھن. ” اگر اھا ڳالھ آھي ته پوءِ سنڌي شاعري جي حوالي سان اھا ڳالھ استاد بخاريءَ لاءِ چوڻ اجائي نه ھوندي. استاد سنڌي شاعريءَ جي اھا خوشبو آھي جيڪا ھر سُٺي پڙھندڙ توڙي ٻڌندڙ کي فرحت بخشي ٿي. يقينن ھر دؤر ۾ استاد جي شاعري مڃتا ماڻيندي رھندي. استاد ۾ بظاھر ٻي ڪا به خوبي ناھي، ھڪ سونھن جو پوڄاري ٻيو سنڌ يار آھي. (ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۹ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل) استاد بخاري پِرهَه جا پيغام پُهچائيندڙ شاعر تحرير: سرمد کوسو ڪنهن ٿي ڄاتو ته دادوءَ ۾ سائين حاجن شاھ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ننڍڙو ’پُنهل شاھ‘، ’احمد شاھ‘، ’آسي’۽ ’دردِي ‘ٿيندي، “اُستاد بخاري” بڻجي ويندو ۽ سنڌ جي هر ننڍي وڏي وٽ وڏي مقبوليت ماڻيندو! استاد بخاريءَ جو نانءٌ ذهن ۾ ايندي ئي خوبصورت سنڌ جو تصوّر ذهن ۾ ترِي اچي ٿو، جيڪا هر قِسم جي بيمارين، بُراين، بُڇڙاين، ڏاڍين ۽ ناجائزين کان پاڪ سنڌ آهي. . . سرسبز ۽ شاداب آهي. . . جنهن ۾ هر طرف خوشحالي آهي. هر طرف حُسن آهي. . . سونهن آهي. . . پيار ئي پيار آهي. . . . تڏهن ته پاڻ چوي ٿو: ڇا قوم تي لکان مان! ڇا حُسن تي لکان مان! افسوس. . . ! زندگي هڪَ. . . پُورو نٿو پوان مان. . . استاد بخاريءَ کي اسان کان جسماني طور وڇڙئي ۲۹ سال ته ٿي ويا آهن، پر استاد پنهنجي ڪمال جي شاعريءَ ذريعي اسان جي دلين ۾ موجود آهي. منهنجي خيال ۾ استاد بخاري ڪنهن روايتي تعارف جو محتاج ناهي، جو ويهي سندس پيدائش جي تاريخ يا ملازمت جي ريڪارڊ بابت لکجي، استاد ان تعارف کان گهڻو مٿانهون آهي. استاد کي اڃا فڪري طرح دريافت ڪرڻ جي ضرورت آهي. استاد کي رڳو عوامي ۽ رومانوي شاعريءَ تائين به محدود نٿو ڪري سگهجي. عوامي ۽ رومانوي رنگ سندس وسيع ۽ گهڻ رخي شاعريءَ جو فقط هڪ پاسو آهي، جڏهن ته استاد هڪ مفڪّر ڪوي آهي. استاد بخاري سنڌي سماج جو صحيح معنيٰ ۾ سچو رهبر آهي. جيڪو اتساهي به ٿو، دشمن کي للڪاري به ٿو. . . پنهنجن دردن تي ڪُوڪارَي به ٿو. . . کِلائي به ٿو، روئاري به ٿو، ته سمجهائي به ٿو. استاد بخاريءَ جي شاعري، گهڻ پڙهيو توڙي گهٽ پڙهيو ٻئي شوق سان پڙهن به ٿا، ته آسانيءَ سان سمجهن به ٿا. اِهو استاد جي ڪلام جو ڪمال آهي، جو پاڻ وڏي ۾ وڏي ۽ گَهِري ڳالھ ۽ فڪر کي به آسان ٻوليءَ ۾ پڙهندڙن تائين پُهچائي ٿو ڇڏي. انهيءَ ڪري ئي سندس ڪلام کي تمام گهڻن فنڪارن ڳائي تمام گهڻي مقبوليت ماڻي آهي. استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جي سادگي ئي انهيءَ جي سُونهن آهي. هر ٻچو ٻُڍو پيو کيس جُهونگاريندو آهي. مان نه ئي شاعر آهيان ۽ نه ئي شاعريءَ جي اصولن ۽ قاعدن جي ڄاڻ اٿم، پر پوءِ به هڪ پڙهندڙ جي حيثيت ۾ مون اِهو محسوس ڪيو آهي ته، استاد بخاريءَ جي ترجيح، شاعريءَ جي اصولن ۽ قافيي. . رديف ۾ پاڻ کي الجهائڻ بجاءِ پنهنجي پيغام کي اثرائتي انداز ۾ پڙهندڙن تائين پُهچائڻ آهي. اسان وٽ هِن وقت وڏو مسئلو اهو آهي، ته هر شخص بهتريءَ لاءِ پنهنجي وڙان ڪا ڪوشش ڪرڻ بجاءِ رڳو روئڻ پِٽڻ يا ٻين کي ڏوراپا ۽ مهڻا ڏيڻ ۽ شڪايتون ڪرڻ ۾ پورو آهي. استاد بخاري اهڙي منظر کي شاعراڻي پيرائي ۾ ڪجھ هِن طرح چِٽيو آهي: نه روئڻ پِٽڻ ۾ اسان جو علاج نه سَٿرون ڪُٽڻ ۾ اسان جو علاج ڌيئون پُٽ سڀيئي ته – ڌرتيءَ ڄڻيا، اُٿي پئو! اُٿڻ ۾ اسان جو علاج! عام طرح به، هر استاد جو ڪم رهنمائي توڙي نصيحت ڪرڻ ۽ سنئون گس ڏَسڻ هوندو آهي. هيءَ شاعري نصيحت ۽ رهنمائي ناهي ته ٻيو ڇاهي! اسانجي هر ٻئي ماڻهوءَ وٽ هر مسئلي جو جواب به اهو ئي بيوسي وارو هوندو آهي ته “ڇا ڪجي!”، پر استاد اهڙن مايُوس ماڻهن کي چوي ٿو: “ڇا ڪجي!” کي ڇڏ بخاري! اُٿ، اُٿون! ڪر تِکي تڪڙي تياري. . اُٿ، اُٿون! سمنڊ ٿيون، سيلاب ٿيون، برسات ٿيون! ظلم آهي ڀُونءِ ٻاري، اُٿ اُٿون! پنهنجيءَ قوم ۽ ديس سان ايڏو پيار ۽ اُنسيت تمام گهٽ ماڻهن کي هوندي آهي. استاد کي هر خوبصورتيءَ سان عشق آهي. هُو شعور ۽ اندر اُجارڻ واريءَ تعليم جو حامي آهي. کيس خبر آهي ته سماج جي اونداهين جو سبب جهالت ئي آهي ۽ جيستائين انهيءَ اوندھ مان جان نه ڇٽندي، تيسين اسان جو معاشرو ايئن ئي سُورن ۾ هوندو. تعليم جي اهميت بابت پاڻ ڪجھ هيئن ٿو چوي: جِهِلَ جي اُونداھ کي تيلي هڻو! علم جُون ڏياٽيُون کڻو. . . ڏياٽيوُن کڻو! خود اوهين استاد آهيو سوجهرو سنڌ کي ٺاهي وٺو. . . ٺاهي وٺو. . . استاد بخاريءَ پنهنجن خيالن ۽ احساسن کي قوم جي امانت سمجهندي، اها ڪوشش ڪئي، ته سندس شاعري گهڻن ماڻهن تائين ڪتابن جي صورت ۾ توڙي گيتن جي صورت ۾ پُهچي. انهيءَ ڪري ئي استاد جي شاعريءَ جا جهجها ڪتاب شايع ٿيا بلڪ اڄ تائين ٿيندا رهن ٿا. سندس ڪافي ڪتابن جا هڪ کان وڌيڪ ايڊيشن به شايع ٿيا آهن. اها مقبوليت تمام گهٽ شاعرن جي حصي ۾ ايندي آهي. ڪهڙي انساني ڪيفيت آهي، جنهن تي استاد ناهي لکيو. . . . . ڏُک هُجي، سُک هجي، پيار جو اظهار هجي! يا وري ديس جو درد. . . استاد هر ميدان ۾ پاڻ ملهايو آهي. استاد هر فرد جو آواز آهي، سندس مزاج ۽ ڪيفيت جهڙِي به هُجي، هُو ان ڪيفيت جي اظهار لاءِ استاد جي لفظن جو ئي سهارو وٺي ٿو. استاد بخاري ان حوالي سان به عظيم آهي، جو پاڻ پنهنجي طبيعت جي ناچاقيءَ باوجود سرڪار کي امداد ۽ وظيفن جي اپيل ڪرڻ بجاءِ واضح لفظن ۾ اهو چيو ته: “مونکي سرڪاري امداد ۽ وظيفن جي ضرورت ناهي!” نه ته اڪثر سرنديءَ وارا فنڪار ۽ اديب به هلڪي ڦلڪي بيماريءَ جي صورت ۾ به پيا سرڪار کي اپيلون ڪندا آهن. شاعرن توڙي فنونِ لطيفه سان واڳيل ڪنهن به فنڪار جي ٻين فنڪارن سان ڀيٽ ڪرڻ هڪ ناڪاري عمل آهي، ته فلاڻو، فلاڻي کان وڏو شاعر آهي، يا فلاڻو، فلاڻي کان پُختو شاعر آهي. شاعر، شاعر ئي هوندو آهي، جيڪو پنهنجن خيالن جو اظهار پنهنجي انداز ۾ ڪري ٿو. اُهو انداز ڪيترو مقبول ۽ ديرپا آهي، ان جو فيصلو وقت ئي ڪندو. جيئن جيئن وقت گذرندو، تيئن تيئن استاد بخاريءَ جي شاعري نون رنگن سان اسان جي سامهون ايندي ويندي. استاد رڳو ٻين کي نصيحت ۽ ميارون نٿو ڏئي، پر پنهنجو پاڻ کي به چوي ٿو ته: مان ٻين وانگر اکيون ٻوٽي سُمهان، رات جي تارن کي تڙپائيندو ڪير! آنءُ جي مدهوش ٿي ليٽي پوان، پرھ جا پيغامَ پُهچائيندو ڪير! (ڏھاڙي عوامي آوز ڪراچيءَ ۾ ۹ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل) استاد بخاري سندس شاعريءَ ۾ قومي جاڳرتا - ورسي جي مناسبت سان. ستار سروهي سنڌ جو ڪلاسيڪل ادب هجي يا جديد ادب، سماج ان جو مُک موضوع رهيو آهي. ادب ۾ موجود سموريون تحريڪون خاص ڪري ترقي پسند تحريڪ جو ڄڻ ته بنياد ئي نج سماجي حقيقت نگاري تي بيٺل آهي. شاعريءَ جو سماج سان ڪيترو ڳانڍاپو آهي؟ ان جو پيرو کڻنداسين ته اسان کي معلوم ٿيندو ته اهو ئي ادب صدين تائين جيئرو رهندو آيو آهي، جنهن ۾ سماج جي عڪاسي ڪئي وئي آهي يا ماڻهن جي ڳالهه ڪئي وئي آهي. شاعري جو سماجي ڪارج ڇا آهي؟ ان لاءِ ڪئين ڪتابن جو جائزو وٺڻ بعد اهو چئي سگهجي ٿو ته ادب زندگي آهي ۽ جيتري زندگي گوناگون آهي، اوترو ئي ادب به گوناگون آهي. ادب جي گوناگوني سبب شاعري جا ڪارج به گهڻا ٿي پون ٿا. خود استاد بخاري هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته ”شاعري اندر جون دونهون آهي، ان دونهي کي ٻاهر نڪرڻو آهي. اهو به هڪ ڪارج آهي. ٻولي آهي، محاورا آهن، اصطلاح آهن، ٻولي جو واڌارو آهي، شاعري ٻوليءَ کي شاهوڪار ڪري ٿي“ (۱) سنڌ جي جديد ادب ۾ قومي ۽ سماجي جاڳرتا ڪيتري آهي؟، ان جو اندازو استاد بخاري کي پڙهڻ کانپوءِ لڳائي سگهجي ٿو، شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه کانپوءِ نج عوامي سطح تي اچي عوام جي مسئلن تي جهڙي ريت استاد بخاري دل کولي لکيو آهي، ٻئي ڪنهن به نه لکيو آهي، ايتري قدر جو هڪ ڀيري بخاري صاحب کي پاڻ اهو اعتراف ڪرڻو پيو ته هن پنهنجي شاعريءَ جا ۳ حصا قومپرستيءَ واري فڪر تحت لکيا آهن. آئون پنهنجي هن ريسرچ مقالي ۾ استاد بخاري جي شاعري ۾ موجود قومي جاڳرتا ۽ سماجي شعور کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندس. استاد بخاريءَ جي شاعريءَ مان ئي مثال کڻي اهو تجزيو ڪنداسين ته استاد پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيترو جاندار۽ اثرائتي نموني قومي جاڳرتا جي ڳالهه ڪري سگهيو آهي. استاد بخاري جي شاعريءَ ۾ هڪ لحاظ کان جماليات ۽ رومانونيت کان وڌيڪ هڪ منظم ڪوششن سان سماجي پهلو ملي ٿو. ائين محسوس ٿئي ٿو ته استاد سنڌي قوم جي ڏکندڙ رڳ تي وڃي هٿ رکيو آهي. هن سنڌي قوم جو نبض شناس بڻجي هن قوم کي لاحق بيمارين ۽ مسئلن کي چڱي ريت ڄاتو ٿي. استاد هڪ باهمت، بهادر ۽ بيباڪ قلم ڌڻي هو، جنهن وڏي جرئت ڪري قوم کي وقت ۽ حالتن سان مهاڏو اٽڪائڻ جو سبق ڏنو. استاد جي شاعري ۾ آمريت خلاف جڏهن نفرت ڀڙڪو کائي شعر جو روپ ڌاري ٿي ته ڄڻ استاد هڪ پاسي ڏکويل ۽ پيڙيل ديس واسين جي ڦٽن تي پها رکندو هجي ته ٻئي پاسي وري کين چوندو هجي ته اهي پنهنجي حقن لاءِ اٿي کڙا ٿين. استاد جيئن ته عوام منجهان ئي هو، ان ڪري هو پيڙيل، بکايل، ڏکايل، غربت ۽ بدحالي جي ور چاڙهيل ماروئڙن سان هر محاذ تي گڏ بيٺو نظر اچي ٿو، سندس قول ۽ فعل ۾ ڪو به تضاد ناهي، تڏهن ئي ته هن لکيو: ڪنول گل مان ڪوڪو نه ٿيندو نه ٿيندو، بخاري کان دوکو نه ٿيندو نه ٿيندو، ملهائي نه جو ٿڃ جيجل جي لوڪو! اهڙو ڪو به ٿوڪو نه ٿيندو نه ٿيندو. (۲) استاد هڪ وطن دوست، جمهوريت پسند ۽ حب الوطني جي جذبي سان سرشار قلمڪار هو، جنهن سمجهيو پئي ته قوم سان غداري ۽ ڌرتي ماءُ سان بيوفائي جهڙو ٻيو ڪو به ڏوهه ناهي، اهو ئي سبب هو جو مٿئين شعر ۾ هن ڌرتيءَ سان دوکو ڪندڙن جي نندا ڪئي آهي. استاد جنهن دور ۾ پيدا ٿيو، سياسي ۽ سماجي طور تي سنڌ لاءِ اهي ڏينهن ڏاڍا ڏکيا هئا، ان ڪري هو پنهنجي شاعري ذريعي جاڳرتا جي هڪ تحريڪ بڻجي پيو، بي پهچ ۽ بي سهارا ماڻهن جو سهارو بڻيو. گونگن ۽ گگدامن جي زبان بڻجي پيو، استاد مڪمل طور تي ڌرتي ۽ ڌرتيءَ وارن لاءِ فڪرمند تخليقڪار هو، تڏهن ئي ته هن لکيو هو: هيءَ قوم پئي ڦٿڪي، هي دل به پئي ٿي تڙپي، هن قوم تي روئان يا، هن حال تي روئان مان!(۳) استاد قوم کي جاڳائڻ پنهنجي لاءِ بنيادي فرض پئي سمجهيو، هن ڄاتو پئي ته کيس ئي پنهنجي ماڻهن لاءِ لکڻو آهي، ڪُڇڻو آهي يا تڙپڻو آهي، ٻيو ڪير ڀلي لِکي نه لِکي، ڪُڇي نه ڪُڇي ۽ تڙپي نه تڙپي، پر کيس ئي اهو قومي فرض نڀائڻو آهي. مان ٻين وانگر اکيون ٻوٽي سمهان، رات جي تارن کي تڙپائيندو ڪير؟ مان به جي مدهوش ٿي ليٽي پوان! پرهه جا پيغام پهچائيندو ڪير؟(۴) فطرتي حسناڪين جي شاعر وليم ورڊس ورٿ لکيو آهي ته شاعر انسان جي جذبات ۽ فطرت ۾ هڪجهڙائي پيدا ڪري ٿو، هو ماڻهن جي شعور کي منظم ڪري نون نون احساسن کان واقف ڪري ٿو، شاعر جي سوچ ۽ احساس ۾ انساني امنگن جو روح رچيل هوندو آهي، شاعر فقط شاعرن لاءِ نه پر عام ماڻهن لاءِ لکن ٿا. وليم ورڊس ورٿ جي هڪ شاعر لاءِ پيش ڪيل مٿئين وصف استادي بخاري تي سئو سيڪڙو ٺهڪي اچي ٿي. بخاري صاحب به اجتماعي ۽ عوامي امنگن جي عڪاسي ڪئي آهي. ٽي ايس ايلٽ پنهنجي مضمون ”شاعري جو سماجي ڪارج“ ۾ لکي ٿو ته شاعري پنهنجي زورَ ۽ تاثير جي مناسبت سان سڄي قوم جي ٻول، چال، شعور ۽ ادراڪ تي اثر وجهي ٿي. شاعريءَ جو سماجي ڪارج جي حوالي سان هيل تائين جيڪي ادبي تحريرون سامهون آيون آهن، يا گفتگو ٿي آهي، ان جو سمورو تت اهو آهي ته شاعر بنيادي طور تي ماحول جي نمائندگي ڪندڙ، قوم جي مسئلن جو ادراڪ ڪندڙ ۽ انهن تي لکندڙ ئي هوندو آهي. شيخ اياز ڪنهن هنڌ پنهنجي شاعريءَ لاءِ لکيو هو ته ”مان ماضيءَ جي ماضي ۽ مستقبل جي مستقبل جو شاعر آهيان، ساڳئي طرح بنا ڪنهن وڌاءَ جي استاد لاءِ چئي سگهجي ٿو ته استاد به اسان جي ماضي جي ماضي ۽ مستقبل جي مستقبل جو شاعر آهي“(۵) استاد فطري طرح نه رڳو سنڌ جي اجتماعي شعور جو نمائنده شاعر آهي پر هو رهبر به آهي، جنهن هڪ راهه ڏني، ويساهه ڏنو ۽ اتساهه ڏنو آهي. ناز سنائي پنهنجي مقالي ”استاد سنڌ جو پورهيت شاعر“ ۾ استاد لاءِ زبردست ڳالهه ڪئي آهي، سا اها ته” استاد سنڌ جي سموري جدوجهد ۾ پوءِ اها سياسي جدوجهد هجي، سماجي جدوجهد هجي، علمي ۽ ادبي جدوجهد هجي، ان سموري جدوجهد ۾ هو سنڌ جي ويڙهاڪ ماڻهن، سياسي ڪارڪنن سان گڏ رهيو آهي، سنڌ تي جنهن وقت به سامراج طرفان وار ٿيو ۽ سنڌ جي جن به ماڻهن سرڪار سان سينو ساهيو، استاد بخاري انهن سان گڏ بيهي رهيو“. (۶) استاد ڄاتو پئي ته سماج ۾ طبقا ئي رڳو ۲ آهن، هڪ ظالم ۽ ٻيو مظلوم، هڪ ڦرجندڙ، ٻيو ڦريندڙ، هڪ شاهوڪار، جاگيردار، امير ۽ ٻيو غريب، ڏتڙيل ۽ هيسيل. استاد اهو به ڄاتو پئي ته سنڌي ماڻهو ڪيڏو نه پوئتي پيل آهي، ان ڪري ئي هڪ هنڌ هن لکيو هو ته: “قيادت تي ميار ضرور آهي پر اسان جي قوم ٻيو ڪردار ادا نه ڪري سگهي آهي، اسان جي قوم اديبن جون لکڻيون پڙهي ٿي پر ٻڪرين جي ڌڻ وانگر مدي خارج قيادت کي چنبڙي پئي آهي. انهن کان اڳتي نه ٿا وڌن، انهن جو احتساب نه ٿا ڪن، جيڪڏهن اسان جي قوم انهيءَ قيادت کي ڳلي کان جهلي چوي ته اسان کي نٿا کپو ته قيادت خود بخود پويان لڳي ويندي. (۷) استاد پنهنجي ٻولي، قوم ۽ انسان ذات جي ڀلائي لاءِ لکيو، پرمارن سان ويڙهاند ۽ پورهيت عوام سان ساٿ ڏيڻ واري شاعري ڪئي، سندس وکر ڪڏهن به پئي پراڻو نه ٿيندو. استاد جا هيٺيان شعر سندس قوم لاءِ اُلڪي کي چٽيءَ ريت بيان ڪن ٿا ۽ ساڳي ريت اهو به ٻڌائين ٿا ته قومي ٻڌي، ايڪي ۽ جدوجهد کانسواءِ ڪجهه به ناهي. جيڪو ڌارين جو محتاج، ڪڍڻو آ سو، رسم رواج، پنهنجا وَڍَ ۽ پنهنجو ويڄ، پنهنجو سوچيو، پاڻ علاج (۸) يا وري هي ڪمال جون سٽون، جيڪي پنهنجي جدوجهد جو ڏس ڏين ٿيون. پنهنجون راهون پاڻ ٺاهيو ساٿيو! قافلي کي تيز ڪاهيو ساٿيو! ڄاڻ پهتئو، دور ناهيون ساٿيو! دل نه لاهيو، دل نه لاهيو ساٿيو! (۹) استاد ڪيڏي نه ڪمال سان هڪ طرف پنهنجي مسئلن جو پاڻ علاج ڪرڻ جو درس ڏئي ٿو ته ٻئي پاسي وري اهو به چوي ٿو ته ڌارين تي نه ڀاڙيو، قافلي کي تيز ڪاهيو ته جيئن منزل ماڻي سگهو. استاد حقيقي معنيٰ ۾ سنڌي قوم جو وڏو نبض شناس هو، جنهن وڏي سليقي سان سنڌي ماڻهن جي ڪوتاهين ۽ ڪاهلي تي تنقيد ڪئي آهي ۽ ان تي ٽوڪ ڪئي اٿس ته هڪ پاسي سڄي سنڌ سورن ۾ آهي ته ٻئي پاسي وري اسان شهپر وٽيندا هڪ ٻئي سان وڙهڻ ۾ پورا آهيون. سنڌ جي سورن جو، ڪونهي آند پاند، گهر ڊٺل، وِهڪيل ڍڳي، ڪمزور ڏاند، پوءِ به شهپر کي وٽيندي پيو چوي، سئوٽ سان ڪرڻو اٿم جلدي پلاند (۱۰) قوم لاءِ هن کان وڌيڪ ڀلا ٻيو ڪهڙو فڪر ٿي سگهي ٿو جو ان کي مڙسيءَ سان ڪمائڻ، علم حاصل ڪرڻ ۽ ڌرتيءَ سان محبت ڪرڻ جو درس ڏجي. جيئن هيٺين شعر ۾ استاد اهو فرض نڀايو آهي. پوک، مزدوري، هُنر، ڌنڌو، پڙهو! رات توڙي ڏينهن، مڙسيءَ سان ڪمايو دوستو، جهنگ ۾ پکڙي وڃو، شهر کي چُهٽي وڃو، پنهنجي ڌرتيءَ تي قدم، پنهنجا ڄمايو دوستو. (۱۱) قومي شعور جو هي ٻيو مثال به ڪيڏو نه ڪمال جو آهي، جو ماڻهن کي استاد چوي ٿو ته سڄي سنڌ کي سنواريو ۽ نينهن نڀايو. مٺيءَ کان ڇِني، شاهبندر کان ر يتي، سڄي سنڌ پنهنجي سنواريو، سجايو، ٻنين ۾، مِلُن ۾، ڪمايو، ڄمايو، ”سدا سنڌ جيئي“ جو نعرو لڳايو. (۱۲) استاد هڪ معاشيات جي ماهر جيان اهو ڄاتو پئي ته قوم جي گهڻن مسئلن جو حل ان جي معاشي طور تي مضبوط هجڻ سان آهي. بيروزگاري جي خاتمي ۽ پاڻڀرو ٿيڻ لاءِ ضروري آهي ته هر ماڻهو علم به حاصل ڪري ته هُنر به، ٻنين کان ويندي مِلُن تائين ۽ ٻهراڙين کان ويندي شهرن تائين وڃي ڪمائي ۽ ڌرتي سان نينهن نڀائي. استاد قوم ۾ هر وقت عزم، حوصلو، ولولو ۽ جوش پيدا ڪيو آهي ته جيئن قوم مايوسي کي ڇڏي نجات لاءِ اڳتي وڌندي رهي. هي ضروري ناهي، هر هر زلزلو پيدا ڪجي، قوم ۾ ليڪن، مسلسل ولولو پيدا ڪجي، مشڪلاتون اينديون رهنديون، پر ٻڌو مشڪلڪشا! هر قدم تي هوش سان گڏ حوصلو پيدا ڪجي. (۱۳) يا وري هن شعر ۾ ڪيڏو نه قومي شعور ڏنو اٿس. ڇو ڪٿي رڪجون رفيقو، ارتقا رڪجي نه ٿي، زندگي جي آرزو ۾، جستجو ٿڪجي نه ٿي، ساٿيو، سندرا ٻڌي، هلندا هلو، وڌندا هلو، پاڻ ڇو بيهي رهون، دنيا جڏهن بيهي نه ٿي). (۱۴) استاد هڪ نفسيات دان جيان سنڌي قوم کي مايوسي ڇڏي ڪنهن بيساکي بدران پنهنجي پيرن تي پاڻ هلڻ به سيکاري ٿو ۽ اهو طريقو ٻڌائي ٿو ته ڪيئين مسلسل ميدان ۾ هلڻو آهي ۽ رڳو حوال ڪرڻ بدران عمل جي ميدان ۾ ڪجهه ڪرڻو آهي. ويٺي ويٺي وات جي رَد ڪَدُ مان ڪهڙو فائدو، جو ڪِري، اٿندو، اُٿي هلندو، اهو وڌندو پيو. (۱۵) ۱۹۴۷ع ۾ پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ ٿورڙي ئي عرصي ۾ جڏهن ون يونٽ مڙهيو ويو. سنڌ ۽ سنڌي ٻولي تي ڪات ڪهاڙا کنياويا ته اهي سياسي حالتون سنڌ تي گهرو اثرانداز ٿيون. هڪ خوف طاري ٿي ويو ته ٻولي به شل زندهه رهي. ان وقت استاد بخاري به ٻين قلمڪارن سان گڏ ٻولي بچائڻ واري تحريڪ ۾ اڳين محاذ تي بيهي رهيو. اهڙي ريت استاد هڪ رهبر شاعر جي حيثيت سان عمل جي ميدان ۾ اچي للڪاري ٿو ۽ هڪ قومي تحريڪ بڻجي پوي ٿو. قوم زندهه ٿي رهي، جي زبان زندهه رهي، مامتا مَرڪي مَلهي، پر جي امان زندهه رهي، توسان، ها توسان، او سنڌي قوم، آ منهنجو وجود، تنهنجو شان زندهه رهي، پوءِ منهنجي ”مان“ زندهه رهي. (۱۶) استاد سنڌيت جي جذبي سان سرشار هڪ مڪمل قومي شاعر آهي، جيڪو چڱيءَ ريت سمجهي ٿو ته هڪ شاعر کي پنهنجي ٻولي جي دفاع لاءِ ڪيئن ۽ ڪيترو اڳتي اچڻو آهي ۽ اهو ئي ستل قوم کي جاڳائي سگهي ٿو. ان ڪري ئي سنڌي ٻولي تي جڏهن وار ٿئي ٿو ته استاد هينئن به صدا هڻي ٿو. مري غالب نه ٿو، مان ڇو مران، فراز ۽ فيض وانگر، پيو جِيان، ڀٽائي کي چيم، بابا ٻڌو، بچي سنڌي ته مان ڀي ٿو بچان. (۱۷) استاد سڏڪڻ، روئڻ يا رڳو خواب ڏسڻ جي مرحلي مان نڪري عملي جدوجهد ڪرڻ جو به سڏ ڏئي ٿو، جنهن جو زبردست مثال هيٺيون شعر آهي. ڪلهوڪن عذابن تي سڏڪڻ ڇڏي ڏيو، سڀاڻي جي خوابن تي ٽهڪڻ ڇڏي ڏيو، اڄوڪو ڏهاڙو، اُٿڻ جو اَٿوَ، سوالن جوابن تي اُلجهڻ ڇڏي ڏيو. (۱۸) استاد بخاري پنهنجي شاعري وسيلي اهو شعور به ڏنو ته ڪيئن مشڪل حالتن مان به دليري سان لنگهي منزل طرف وڌي سگهجي ٿو. جنهن جو مثال هيٺيون شعر آهي. لنگهي لَڪ سوڙها، وڌي دَڳَ ڀرا ٿيو، تِکي ڊوڙ پائي، وڌي جَڳَ ڀرا ٿيو، جا منزل ملي ٿي، اها ئي چوي ٿي، اڃا اڳڀرا ٿيو، اڃا اڳڀرا ٿيو. (۱۹) نه روئڻ پٽڻ ۾ اسان جو علاج، نه سَٿرون ڪُٽڻ ۾ اسان جو علاج ڌِيون پٽ، سڀئي، سنڌ ڌرتي ڄڻيا، اٿي پئو، اٿڻ ۾ اسان جو علاج. (۲۰) آمر ضياءَ جي مارشلا وقت جڏهن سنڌين کي پيڙيو ۽ هيسايو پئي ويو، تڏهن جمهوريت جي بحالي لاءِ جيڪا ايم آر ڊي تحريڪ هلائي وئي، ان ۾ عوامي سطح تي جوش به استاد بخاري پنهنجي جوشيلن شعرن وسيلي پيدا ڪيو، سندس شعري مجموعو ”ڪاري ڪڪر هيٺ“ ان جي گواهي ڏئي ٿو. ڊڄي ڪينَ ڊُڪيا، سٺئون گوليون سامهون، جُهريا ڪينَ جهُڪيا، سنڌو تنهنجا سورما. (۲۱) استاد بخاري ”هڙئي هيڄ وطن جا“ ۾ چٽيءَ ريت پنهنجو فلسفو بيان ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي ته جيڪو محنت ڪندو، سو ئي منزل ماڻيندو، سو ئي سُک ماڻيندو ۽ سو ئي بخت تي حڪمراني ڪندو. صبح سانجهيءَ هلو، زندگي ۽ ٿَڪو، ؟ ڊوڙ پايو، وڌو! ڇو ته مشهور آ، جو اڳي سو تَڳي وقت ڪنهن جو نه آ، بخت ڪنهن جو نه آ، تخت ڪنهن جو نه آ، ڇو ته مشهور آ، جو وهي سو لهي. (۲۲) هن کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو شعور ٿي سگهي ٿو ته استاد قوم کي چوندو هجي ته دشمن ۽ سڄڻ جي شناس ڪيئن ڪرڻي آهي؟” ڪو ڪِيلي چيڀاٽي ته پاپي چئون ٿا، ڪو قومون ئي ماري ته پوءِ ڇا چئون؟ ڪو هڪ ٽار ساڙي ته ناحق سڏيون ٿا، ڪو ٻيلا ئي ٻاري ته پوءِ ڇا چئون؟. (۲۳) بخاري مٿئين شعر ۾ انهن حالتن جي عڪاسي ڪئي آهي، جڏهن آمريت جي دور ۾ سنڌ تي ظلم ۽ ستم جو دور هلي رهيو هو. فقط هڪڙو گهر ڪو لُٽي ڪو ته ڊاڪو، سڄي سنڌ جيڪي لُٽن ٿا، اهي ڇا؟. (۲۴) استاد هڪ مزاحمتي ڪردار آهي، جنهن جي سِٽ سِٽ غاصب، لُٽيري، غدار ۽ ماڻهن جا حق کائيندڙ وڏيري لاءِ للڪار بڻجندي رهي آهي. منهنجا مارو مرده باد ته تون به وڏيرا مرده باد، حق جا نعره مرده باد ته تنهنجا عهدا مرده باد. (۲۵) ٻڌي ۽ ايڪتا جو سڏ هن کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو جو استاد عام ماڻهوءَ جي سطح تي اچي سادي، سولي لهجي ۽ انداز سان پئي سمجهايو آهي ته ڪيئن مِڙي مُٺ ٿجي. وڏا سڀ وڌي، هڪ وڏو ميڙ ٺاهيو، جهُڪي ڏاڍ، ايڏا، وڏا ٿي وڃو، ڪراچي کان ريتي، يڪو ميڙ ٺاهيو، ڪروڙين ملو، ايڪتا ٿي وڃو. (۲۶) ”حب الوطني انسان جي هڪ قديمي جمهوري ۽ عالمگير خصلت آهي، جنهن جي ڪري دنيا جون مختلف قومون ۽ انهن جون مخصوص تهذيبون، ملڪ ۽ انهن جون سرحدون زمانن کان پنهنجي جاءِ تي موجود آهن. حب الوطني انسان جي عظيم ميراث آهي. (۲۷) استاد بخاري ويهين صديءَ جي شعور کي پاڻ سان گڏ کنيو آهي، سماج کي اهو پيغام ڏنو اٿس ته وقت جي رفتار سان نه هلندئو ته پوئتي رهجي ويندئو. ڊُڪو نه ته يار، پويان اڳ ڪڍي ويندا، اسان کي ڌوڙ، اکين ۾ وجهي ويندا، سنڀالي ڊوڙجو، رستو ڏکيو آهي، جي ٿاٻڙيا، ڪِري، چِپِجي، مري ويندا، ٻريو ٻاريو، ڏيئي مان آ ڏيئو ٻرندو، ائين اونداهه جا لاشا، سڙي ويندا، خلائي دور آ، ويهين صدي آهي، جي ماضيءَ ۾ لِڪا، ٻوساٽجي ويندا. (۲۸) سراج استاد بخاري جي شعري مجموعي ”ڪوڪڻ يا ڪلياڻ“ جو مهاڳ ”جهرمر تارا جهول ۾“ جي نالي سان لکيو آهي، جنهن ۾ سراج لکي ٿو ته ”شاعري پيغمبري تڏهن بڻجندي آهي، جڏهن اها انسان جي اجتماعي جذبن، احساسن، ڪرب ۽ ادراڪ سان هم آهنگ ۽ هم قدم هجي، اها ئي ڪسوٽي آهي، جنهن تي ڪنهن به شاعر جي عظمت ۽ اهميت کي پرکبو آهي. استاد بخاري جي شاعري به ائين لڳي ٿو ته سنڌ جي تاريخ ۽ اتهاس جو شعور هن جي لفظن ۾ اوتجي ويو آهي“. استاد قوم جو وڏو نبض شناس ٿو ڏسجي، تڏهن ته هن ان تي ڳوڙهو اڀياس ڪريو هو ته ڪيئن نه سنڌي ماڻهو خسيس جهيڙن، تڪرارن، ڦڏن ۽ فسادن ۾ ڦاٿل آهن. ڪيئن نه اهي انفرادي مفادن کي قومي مفادن تي ترجيح ڏين ٿا. سنڌين کي اجتماعي قومي شعور ڏيڻ لاءِ بخاري کي پنهنجي ڪل شاعريءَ جا ۳ حصا قومي فڪر جي جاڳرتا لاءِ ڏئي ڇڏيا. آئون ٺاهيان گيت ٿو، استاد ڳاءِ، ڪنهن نموني قوم کي جاڳائجي. (۲۹) استاد قوم کي مسلسل محنت ڪرڻ ۽ شعور حاصل ڪرڻ جو سبق هن ريت ڏنو. پڙهيل ماڻهو، ڀُليل ماڻهوءَ کي سمجهائي، پڙهائيءَ جي ائين تحريڪ ٿي ويندي. (۳۰) محنت ۽ سخت محنت، هن وقت جي تقاضا، جو وقت کان لنوائي، سو پاڻ کي گنوائي. (۳۱) علي دوست عاجز پنهنجي ڪتاب ” آديسي استاد“ ۾ لکي ٿو ته “بخاري صاحب جي ڌرتي ۽ مٽيءَ سان محبت ۽ تعلق تي غور ڪبو ته حيرت جي ڪا حد ئي نظر نه ايندي، کيس ان ڳالهه جو پورو پورو يقين هو ته سندس وجود سُڃاڻ، جيئڻ ۽ مرڻ، هن ئي مٽيءَ سان آهي، ان جا هن وٽ واضح دليل به هئا، جيڪي دلي به هئا ته فطري ۽ سائنسي به. (۳۲) نتيجو مٿئين سموري بحث، مثالن ۽ سمجهاڻين مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته استاد بخاري سنڌ جي ضمير جو آواز آهي. استاد سنڌ جي دردن جو درمان ڪندڙ شاعر آهي ۽ سندس شاعري ۾ جيڪا قومي جاڳرتا ملي ٿي، ان جو مثال ورلي ملي ٿو. هن تحقيق جي نتيجي ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته استاد سنڌ جو اهو قومي شاعر آهي، جنهن قوم کي جاڳائڻ، جنجهوڙڻ کان علاوه کيس جدوجهد جي ميدان ۾ اچي پنهنجا حق وٺڻ جي به تاڪيد ڪئي آهي ۽ پاڻ به اڻانگهن پيچرن تي انهن سان گڏجي پئي هليو آهي. استاد سنڌ ۽ سنڌي قوم جو اهڙو شاعر آهي، جنهن فڪر ۽ فلسفي سان سنڌ جي آجپي جي راهه ڏني، جنهن راهه تي هلندي سنڌ لاءِ سک ۽ آجپو آڻي سگهجي ٿو. ببليو گرافي ۱. ڪانڌڙو انور/ سمي صحرا سمي دريا/ ص ۴۵/. . ۲۰۰۷/ڪويتا پبلڪيشن ۲. بخاري استاد -لهر لهر دريا/ ۲۰۰۴/روشني پبلڪيشن ۳. جويو تاج/استاد بخاري سنڌ جي جوڀن جو شاعر/ص ۱۴/۲۰۱۲/ثقافت کاتو سنڌ ۴. جويو تاج/استاد بخاري سنڌ جي جوڀن جو شاعر/ ص ۱۵/۲۰۱۲/ثقافت کاتو سنڌ ۵. جويو تاج/استاد بخاري سنڌ جي جوڀن جو شاعر/ص ۴۰/۲۰۱۲/ثقافت کاتو سنڌ ۶. ڪانڌڙو آزاد انور/استاد بخاري، فن ۽ شخصيت/ ص ۲۲/۲۰۱۰/ثقافت کاتو سنڌ ۷. ڪانڌڙو آزاد انور/ سمي صحرا سمي دريا/ ص ۶۸/۲۰۰۷/ڪويتا پبلڪيشن ۸. بخاري استاد/پير نه هٽن پوئتي/ص ۲۱۳/۲۰۰۴ ۹. بخاري استاد/پير نه هٽن پوئتي/ص ۲۳۲/۲۰۰۴ ۱۰. بخاري استاد/پير نه هٽن پوئتي/ ص ۲۰۷/۲۰۰۴ ۱۱. بخاري استاد/پير نه هٽن پوئتي/ص/۲۰۷/۲۰۰۴ ۱۲. بخاري استاد/پير نه هٽن پوئتي/ص ۲۲۰/۲۰۰۴ ۱۳. بخاري استاد/لهر لهر دريا/ص ۳۹/۲۰۰۴/روشني پبلڪيشن ۱۴. بخاري استاد/لهر لهر دريا/ص ۴۹/۲۰۰۴/روشني پبلڪيشن ۱۵. بخاري استاد/لهر لهر دريا/ ص ۴۳/۲۰۰۴/روشني پبلڪيشن ۱۶. بخاري استاد/لهر لهر دريا/ص ۵۴/۲۰۰۴/روشني پبلڪيشن ۱۷. بخاري استاد/لهر لهر دريا/ص ۶۵/۲۰۰۴/روشني پبلڪيشن ۱۸. بخاري استاد/ سوچون، ڀُڻڪا، واڪا/ص ۴۱/۱۹۹۵/سنڌي ساهت گهر ۱۹. بخاري استاد/ سوچون، ڀُڻڪا، واڪا/ص ۳۵/۱۹۹۵/سنڌي ساهت گهر ۲۰. بخاري استاد/ سوچون، ڀُڻڪا، واڪا/ص/۴۲ / ۱۹۹۵/سنڌي ساهت گهر ۲۱. بخاري استاد/ڪاري ڪڪر هيٺ/ص۹۷/۱۹۹۱ ۲۲. بخاري استاد/هڙئي هيڄ وطن جا/ ص ۱۵۸/۱۹۹۸/سنڌي ساهت گهر ۲۳. بخاري استاد/ ڌرتي سرتي/ ص ۴۲/ ۱۹۹۱/سنڌي ساهت گهر ۲۴. بخاري استاد/ ڌرتي سرتي/ ص ۴۲/۱۹۹۱/سنڌي ساهت گهر ۲۵. بخاري استاد/ سوچون، ڀڻڪا، واڪا/ص ۲۸/۱۹۹۵/سنڌي ساهت گهر ۲۶. بخاري استاد/ سوچون، ڀڻڪا، واڪا/ص ۴۴/۱۹۹۵/سنڌي ساهت گهر ۲۷. شمشيرالحيدري/سنڌي شاعري جو اڀياس/ص ۱۲۲/ ۲۸. بخاري استاد/گيت اسان جا جيت اسان جي/ص ۸۴/۱۹۷۱ ۲۹. بخاري استاد/اوتون جوتون/ ص ۲۳۵/۱۹۸۵ ۳۰. بخاري استاد/ميلا ملهالا/ص ۵۷/۱۹۹۴/روشني پبليڪشن حيدرآباد ۳۱. بخاري استاد/ميلا ملهالا/ص ۶۴/۱۹۹۴/روشني پبليڪشن حيدرآباد ۳۲. عاجز علي دوست/ آديسي استاد/۲۰۰۵/روشني پبليڪيشن استاد بخاري مچن ۾ شوق نچيو هو علي دوست عاجز ”آئون شاعري، موسيقي ۽ مهريءَ سان ليکا نه ڪري سگهندو آهيان ۽ ان مان عيب، وڏون به وس ڪندي نه ڪڍندو آهيان ۽ انهن جي انتخاب ۾ انصاف به نه ڪري سگهندو آهيان. “ انهن نثري جُملن کي ڇڏي، بخاري صاحب جي شاعريءَ کي جاچبو ته اها عشق ۽ موسيقي جي رنگن جو اهڙو شاهڪار نظر ايندي، جهڙو وٽس ڏات ۽ فن جو سنگم هو- استاد جي زندگي توڙي شاعري عشق جو هڪ اهڙو اعلي نمونو هئي، جنهن کان سواءِ ڪو شهپارو جنم وٺي ئي نه ٿو سگهي! عُمر جي آخري ڏينهن ۾ مون کانئن پڇيو ته: سائين، هن عُمر ۾ به عشقيه شاعري تخليق ٿئي پئي؟ پاڻ مرڪيو ۽ تازي غزل جون ڪجهه سٽون ٻڌايائين: عشق کي شرمسار ايڏو نه ڪر! هاڻ پيري ۾ ته خوار ايڏو نه ڪر! استاد هميشه عشق ئي ڪيو، پوءِ اهو دلبر جو هو يا ڌرتيءَ جو! سنڌ ۾ ڪو عشق ڪندو، ته چوندا، ’ڪاري (بلا) تي پير پيو ٿس!’ پر هُو ان کان گهڻو اڳتي نڪري ويو هو! بلا تي پير نه پيو هو، جو ڇال ڏئي بچجي، کنوڻ کي ٻانهن ٻکيو هو، اهو به ٿو وسري! هُو عشق کي پنهنجو پڳ مٽ يار چوندو هو، پر جڏهن کانئُس ڪنهن پُڇيو ته، عشق ڪنهن سان ٿو يا محبوب ڪير ٿو، ته جواب ۾ نٽاءُ! ڪجهه به نه چوڻ جي باوجود سڀ ڪجهه چوڻ سندس طبيعت هئي. ڪنهن شيءِ کي بلڪل واضح ڪرڻ جي باوجود ڪنهن پرٽيڪيولر شيءِ ڏانهن اشارو نه ڪرڻ سندس انداز هو: جيڪو ڏاڍو محجُوب آ، سو منهنجو محبوب آ، ڏسون ڪير ٿو شرمائي، هن هيڏي محفل ۾!! سو هُن ڪڏهن به نالو نه کنيو، ته متان ڪنهن جي ذات تي حرف اچي! شريعت ظاهر تي آهي، تنهن ڪري هُو به هميشه جسماني جوڙ، سُونهن ۽ لاڳاپي جو قائل رهيو. ”شادي هجي يا غمي، اسپتال هجي يا ڪنهن سياسي جلسي جو پنڊال، بهرحال مرد، عورت جو لاڳاپو هڪ ٻئي ڏانهن، ڪشش جو جذبو اٽل آهي!“ ۽ محبت جي سهڻي، سڀاويڪ، سرهي ۽ پياري لاڳاپي ۾ عورت کي بنيادي، سگهارو ۽ اڳڀرو سمجهندو هو. سسئي جي لائڻ، توڙ نڀائڻ کي هزار داد ڏيندو هو ۽ کيس عورت جي غيرت جو تاريخي مثال ڪوٺيندو هو. سهڻيءَ کي سو سلام ڪندو هو. “سهڻي سنڌي عورت جي اندرين ديد ۽ عشق جي نمائندي نار آهي. ” زليخا کيس بار بار ياد ايندي هئي. استاد جي محبوب جو پيرو کڻڻ بجاءِ استاد جي نظرن جو پيڇو ڪبو، ته خبر پئجي ويندي ته اهي ڪٿي هُيون! سندس عُقابي نظرون سندس دل جي شوق جو پتو ٻڌائن ٿيون. ”نه جي دل عقابي نظر ڇا ڪري!“ جُهڙ، واءُ ٿڌو، مينهن جي ڦوهار آئي، هڪ سيءُ سنهو، ٻيو توکي چولو سنهڙو، ٽيون سرنهن جي ڦُولار جو اولو ڇڊڙو، مون تون کي اچي گاهه ڀري ٻڌرائي، هٿُ هٿ سان مليو شاڪ لڳي، لهر آئي! سونهن پرست ۽ حسن پُڄاري ته مشهور هو، پاڻ چوندو هو، ’جيڪڏهن قبر به سهڻي هجي ته، مان مرڻ ۾ هوند دير ئي نه ڪريان. ’ کيس خبر هئي ته، اهڙو گل ئي ڪونهي، جنهن تي ڀنئور ڀيرو نه ڏٺو هجي، اهڙو وڻ ئي ڪونهي، جنهن کي واءُ نه لوڏيو هجي، اهڙو گهر ئي ڪونهي، جنهن سڪ جو سودو نه ورتو هجي، اهڙي دل ئي ڪانهي، جنهن ڪو صدمو نه سٺو هجي!’ ”اهڙي نڀاڳي نرڄي جواني مون کي نه ٿي سُجهي، جنهن جي لڱن کي لهس نه آئي هجي!“ دل ڦُري ناهي جنهن کان ڪنهن ڦوروءَ، ڪا بلا آهي، آدمي ناهي! سهڻي صورت جي جادوءَ ۾ ته آدم، حوا جا سڀ پوٽا پوٽيون سوگها آهن. اهڙو ڪو نڀاڳو چنڊو مون کي نه سُجهي، جو خوبصورتيءَ جي جادوءَ ۾ جڪڙيل نه هجي. “ بخاري جنهن مڪتبه فڪر جو رهيو، ان بابت تحرير فرمايائين ته: ”آئون پروفيسر فرهاد ايرانيءَ جي محبت، محنت ۽ فن گاڏڙ فلسفي جو پوئلڳ پئي رهيو آهيان. صفا سنڌي نڪتئه نظر کان بيدل، بيڪس، سچل، لطيف (جي سونهن پرستي) جو پرتوو مون تي به پيو آهي. شروعات ۾ بيدل، بيڪس ۽ پوءِ پڇاڙيءَ تائين سچل ۽ لطيف سڀني وصفين حاوي رهيا. “ سهڻي صورت سان گڏ جن نقشن ۽ انگن سندس نگاهه کي ونگيو ٿي، تن جو ذڪر به سندس تحرير ۾ موجود آهي: ”هن ذري ذري سندس سنهڙن چپن جو ذڪر پئي ڪيو. ان مان ظاهر پئي ٿيو، ته هن شاعر يا ليکڪ جي پسند سنهڙا چپ آهن. ڪاش، اهو کولي پُڇانس ها ته ٻيو توکي سهڻن يا سهڻين جا ڪهڙا اطوار، اُهڃاڻ وڻندا آهن! ڇو ته، مان سنهڙي چيلهه، وڏين کليل روشن اکين، موزون ٿُلهن (ڀريل) چپڙن ۽ ڏندن جو ماريل يا موهيل آهيان. ايئن ٻيا وري ڪن ٻين وصفن جا! افسوس ته، هنن همراهن ڀُلجي به ناريءَ نازڪ اندامن جو ذڪر ڪونه ٿي ڪيو. شايد ان ڪري جو اسان وٽ اهي ڪارن ڪوٽن، ڪارن پردن، ڪارن برقعن ۽ ڪارن قانونن ۾ قيد آهن. اهي اسان سان کُلي گڏجي کلن، اٿن ويهن، گهمن ڦرن ئي ڪٿي ٿيون، جو اسان ان ميوي جي مٺاڻ، رس، خوشبوء کان ڀرپور سرور وٺون. . !“ استاد جي اندر جي عشق ۽ حسن جي ڪشش کيس زندگيءَ جو عاشق بنائي ڇڏيو، جنهن لاءِ هو هر تڪليف کي تفريح سمجهڻ لڳو. اهو ئي سبب هو جو هيءَ زندگي کيس ڏاڍي مختصر لڳي. ’هجن لک حياتيون ڪو لُطفڙو ٿئي!’ موهه ۽ محبت جي لطف ۽ لئه جي ڪري هي دنيا سُهڻي ۽ پرڪشش ٿي پئي هئي: جيئن سندس طبيعت ۾ جذبات ۽ شوق سان گڏ فڪري گهرائي وڌندي وئي، تيئن سندس محبت ۾ به وُسعت ايندي وئي ۽ سندس دل جي دائري ۾ ڪانهه توڙي ڪتيون، ستارا ۽ ٻارا، چيٽ ۽ چانڊوڪيون هڪ ٿي ويا! ”سرتيءَ، سونهن سان گڏ، ڌرتيءَ، سونهن، پنهنجي لُونءِ لُونءِ جي لوڇ سان لوءِ، لوءِ جي لوڇ شامل ٿي وئي ۽ مجاز حقيقت جي صورت ورتي!“ (ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۹ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل) استاد بخاري زندگي سج ٿي اڀري وڃي نياز مسرور بدوي سنڌ جي مهان ڌرتيءَ تي ڪيترن ئي دولهه دريا خانن جنم ورتو آهي، جن پنهنجي ڌرتي ـ سرتي جي سينڌ سنوارڻ لاءِ ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ سان ڪارن ڪڪرن هيٺ جھيڙيندي، گولن کي گجرن تي ترجيح ڏيندي، گجرا قربان ڪري گولن سان ياري رکي، پير نه پوئتي هٽايا هوندا ۽ وطن ۾ ويساهه رکندي، زندگيءَ جي آخري پهر تائين مارئي کي ماندي نه ٿيڻ جي پڪ ڏياري هوندي ۽ هر لمحي کيس آٿت ڏيندي بار بار اهو چيو هوندو ته جي گھڙيا سي چڙهيا. دل ۾ ولولو ۽ ووڪ رکندي پنهنجي جيون بابت چيو هوندو ته “هڙئي هيج وطن جا”. اهڙن محبتي ۽ گڻوان انسانن منجھان استاد بخاري به هڪ هو، جنهن جي جيون سرشٽي ۾ پيار، محبت، خلوص، انسانيت، سچائي، سورهيائي، سنڌ پرستي، عزم، خودداري، درشٽي بڻجي، سنڌ ڌرتي جو آواز بڻجي جھنگ جھر ۾ گونجڻ لڳو. استاد بخاريءَ جي شاعري پنهنجي اندر ۾ هزارين درد سانڊي رکيا آهن ۽ انهن جو درمان بڻجي، سندن مسيحا بڻجي، کين خوابن جي دنيا مان جاڳائڻ لاءِ احمد شاهه مان استاد بخاري بڻجي ويو. استاد بخاريءَ جي شاعريءَ ۾ گوناگون رنگينيون آهن. سندس شاعريءَ ۾ زندگيءَ جا تجربا، مشاهدا، جذبا، حقيقتون، محبتون، نفرتون، سچايون، ايمانداريون واضح طور تي نظر اچن ٿيون. استاد جي ادب سان، ڌرتيءَ سان جيڪا وابستگي ۽ عشق آهي، اهو تمام گھٽ شاعرن کي پلئه پوندو آهي ۽ ان عشق محبت ۽ ڌرتيءَ سان محبت ڪرڻ جي موٽ ۾ سنڌي سٻاجھڙن ماروئڙن جيڪو پيار استاد بخاريءَ کي ڏنو آهي، اهو پيار تمام گھٽ ماڻهن کي نصيب ٿيندو آهي. استاد بخاريءَ جو زندگيءَ بابت تصور واضح هو ۽ پنهنجي زندگيءَ بابت چٽو موقف رکندو هو. استاد بخاري قول سان گڏ فعل جو به حامي هو. استاد زندگيءَ بابت سدا بهار نظريو رکندو هو. سندس اهو ايمان هو ته زندگيءَ ۾ اهڙا ڪم ڪري وڃجن جو زندگي سدا جوان رهي ۽ ماروئڙن جي مٿان ڇپر ڇانورو ڪري سندن زندگيءَ ۾ سوين سج اڀاري وڃي. استاد بخاريءَ جي نظر ۾ زندگي ٿڌڙي هير نه آهي. جيڪا گھلي هلي وڃي. بقول سندس زندگي جدوجھد ڪشمڪش جو نالو آهي. زندگي خوابن جي دنيا ۾ رهڻ جو نالو نه آهي، بلڪ زندگي حقيقتن جي جھان کي فتح ڪرڻ جو نالو آهي. غمن ۽ ڏکن کي تسخير ڪرڻ جو نالو آهي. زندگي ڪا هير نه آهي جو گھلي گذري وڃي. زندگي پاڻي پکي نه آهي، جو اچي اڏري وڃي. زندگي ڪو فصل نه آهي، جو پچي لٽجي وڃي. زندگي جڳ جڳ جوان، جي سج ٿي اڀري وڃي. استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جو محور ۽ مرڪز فقط ۽ فقط عشق ۽ پيار آهي. اهو پيار جو حسن کي پوڄي ٿو، ڌرتيءَ تي سر نوائي، پنهنجي پيشانيءَ کي ڌرتيءَ جي مٽيءَ تي رکي، ان کي سجدا ڪري ٿو ۽ بوسا ڏئي ٿو. ماروئڙن جي سڏڪن تي سندس فن به رانڀان ڪرڻ لڳي ٿو ۽ سندس قلم سڏڪن جو ساٿاري بڻجي انقلابي گيتن جو ساڪشي بڻجي اهڙا ته نظم ۽ گيت لکرائي وڃي ٿو، جيڪي استاد بخاريءَ جي اندر جو آواز هجڻ سان گڏوگڏ غريب لوڪ جو آواز بڻجي، آمرن جي ظالم ايوانن کي ڍير ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مگن رهن ٿا. ديس جي دز سڏ ڪندو، سنگھندو وتين، دودي، هوشو جي مٽي ميڙيان ٿو پيو، سنڌ جي تاريخ ۾ ترندي سڄي، رهزني ۽رهبري ميڙيان ٿو پيو. سامراجي دٻدٻو دفنائبو، انقلابي آدمي ميڙيان ٿو پيو. لفظ لاٽون لاٽون شعلا شعلا شعر، شاعريءَ ۾ روشني ميڙيان پيو. استاد بخاريءَ جي شاعري غريبن جي خلاف يزدان خلاف فرياد آهي. استاد بخاريءَ پنهنجي سونهن ورني شاعريءَ ۾ هر ان دانهن کي ورنايو ۽ ورجايو آهي، جنهن غريبن لاءِ آزار پيدا ڪيو آهي ۽ انهن جي زندگيءَ کي اجيرن بڻايو آهي. استاد بخاري انهن مظلومن جو آواز بڻجي ظالم خلاف ڪوڪاريو آهي ۽ انهن جي خلاف اعلان جنگ ڪيو آهي ۽ پنهنجي عمل سان اهو باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته مقدر جي تقدس کي تدبير سان بدلائي سگھجي ٿو. يزدان ٻڌيون ڪو نه ته بس مان ئي ٻڌان ٿو، مظلومن جي ڪوڪن کي ننڌڻڪو نه ڇڏيان ٿو، جي ڪوڙ سڙي ٿو ته سڙڻ ڏينس سڳورا، سچ، مچ لڳي ٿو تهلڳڻ ڏينس چوان ٿو، ڇا عرش ڪڏهن فرش جي لاشي تي لڇيو آ، هن هن جو چوان ڪو نه ٿو “اصغر” جو چوان ٿو، زنجير ستمگر حق، مقدر جو تقدس، ڪا وڏي ڳالهه ناهي، ڇڪي نوڙ ڇنان ٿو، “استاد” کي هن دور جو فرياد ئي سمجھه، ايوان ۽ انڌير مگر ڪيس وڙهان ٿو. استاد جي شاعري حسن جي تعريف ڪندي ڪڏهن به نه ڍاپي آهي ۽ نه ئي حسن جي ساراهه ڪندي استاد بخاريءَ جو قلم لرزيو آهي ۽ نه وري لفظن کي ٿيڙ آيا آهن. پر استاد بخاريءَ وٽ لفظ قرب ڪڏندي ۽ نچندي نظر اچن ٿا. لفظن ۾ خوشبوئن جا هڳاءَ شامل آهن، جيڪي روح طراوت بخشي ڇڏين ٿا. هڪ حسن جلوو، پنهنجا جلوا پسائيندي، اکين آڏو رقصان نظر اچي ٿو. ان حسين محبوب جي حسن جي واکاڻ ۾ به پنهنجي پڊن، ماڳ مڪانن کي استاد بخاريءَ نه وساريو آهي. محبوب جي حسن جي ساراهه ۾ اهڙيون ته خوبصورت ۽ من موهيندڙ عام تشبيهون ڪم آنديون اٿائين، جيڪي استاد بخاريءَ کان اڳ، اهڙيون ڪنهن به استعمال نه ڪيون آهن ۽ اهي تشبيهون سندس تخيل جي طاقت سان عام بدران خاص بڻجي ويون نآهن. بدن تنهنجون ڀوريون ڀٽون ٻيٽ جون، مٿان ويس چوڏهينءَ جون چانڊوڪيون، وڏا وار ساگر جون لهرون ڊگھيون، سنهي چيلهه ٻيڙيءَ جي سڙهه جون رسيون، ڇهيو نرم ڪرڻن چريون آڱريون، سڄي جان ڇوليون مٿي کان تريون، وڳا انگ تي چنگ لهرا ته هئا، ڇهاون جا نغما سنهرا ته هئا. استاد بخاري سنڌ جو هڪ عظيم شاعر آهي. سندس شاعريءَ ۾ انيڪ خوبيون آهن. سندس شاعريءَ ۾ فڪر ۽ خيال جي اڏام تمام اونچي آهي ۽ گھرائي بي انت آهي. استاد بخاريءَ جي شاعريءَ کي جيترو غور ۽ فڪر سان پڙهيو، سمجھيو ۽ پرکبو، اوترا ئي معني جا موتي پلئه پوندا. سندس شاعريءَ ۾ تشبيهون، تمثيلون، تلميحون سمايل آهن، جيڪي استاد جي شاعريءَ جي روشنيءَ کي جھڪو ٿيڻ نه ڏينديون. ان کان علاوه استاد جي شاعريءَ جي وڏي خوبي اها آهي جو سندس شاعريءَ ۾ ڪم آندل لفظ تمام سادا ۽ عام فهم آهن ۽ پنهنجي اندر گھرو مفهوم سنڀاليون ويٺا آهن. استاد جي شاعريءَ ۾ قهر جي رواني آهي، جيڪا انسانيت جي معراج آهي. شيطان ڇا يزدان کي شڪايت آهي، ڪنهن جي به اڳيان ڪو نه جھڪي پيو آهي. (هي مضمون اڱارو ۰۹ آڪٽوبر ۲۰۰۷ع روزاني سوڀ ڪراچي ۽ ۱۰ آڪٽوبر ۲۰۰۷ع تي روزانه هلال پاڪستان ڪراچي ۾ شايع ٿيو) استاد بخاري جي شاعري ۾ انسانيت جو فڪر! فاروق احمد سرگاڻي استاد بخاري جي نالي چوندا آھن ته ھو عوامي شاعر آھي، جنهن عام ڳوٺاڻي ٻولي ۾ شاعري ڪئي آھي. مان استاد کي عوامي نه بلڪه طبقاتي، رومانوي، انقلابي، مزاحمتي، وطن دوست، سچ جي پرچار ڪندڙ شاعر چوندو آھيان، ڇو ته استاد اسان جي وچ ۾ صدين تائين زنده رھندو. اھا ڳالهه شيخ اياز به لکي آھي، ھو پنهنجي ڪتاب“ ڇوليون ٻوليون سمنڊ جون” جي مھاڳ ۾ لکي ٿو. “عوامي شاعر وقتي ھوندا آھن، شاھه لطيف عوامي شاعر نه ھو، جي عوامي شاھر ھجي ھا ته ھن جون ايتريون تشريحون لکيون نه وڃن ھا”. جيڪڏهن استاد جي شاعري ۾ سونهن ڏسجي وري فني حساب سان جيڪي لفظن جو ويس پارايون اٿس ان جو مثال ھن جي شاعري آھي. وري ٻولي ته ايڏي سولي سھنجھي اٿس. جنهن جي ڪري سنڌ جي ھر عام ھاري ۽ ناري کي ان جا شعر ياد ھوندا آھن. استاد پنهنجي شاعري جي ذريعي ڏاڍ ۽ ڏھڪاءَ جي نظام جي نندا ڪري ٿو ۽ پنهنجن ماڻهن کي اھو ٻڌائي ٿو ته اسان جي بقا انهيَ ۾ آھي، اسان اھڙي ڪني سماج مان جان آجي ڪرايون. ڪيترن ڪمزور ھٿڙن جي شڪست ڏاڍ کي چٿڙيون ڪري ڦاڙي ڇڏيان! ڪيترن شھزور چنبن جي گرفت ظلم کي ذرڙيون ڪري ساڙي ڇڏيان! سنڌ جي شاعرن وٽ عالمي ليول جو فڪر ھوندو آھي، اھو کڻي لطيف، اياز ڇو نه استاد بخاري ھجي، انهن وٽ سموري انسان ذات لاءِ محبت آھي. اھي پنهنجي شاعري ۾ سموري انسان ذات کي اھو پيغام ڏيڻ چاھيندا آھن ته امن پيار محبت ۾ ئي انسانيت ۽ انسان جي ڀلائي شان مان آھي. پر دنيا جي تاريخ شايد آھي ته اھو انسان ئي آھي جنهن ھماليه جبل جي چوٽي سر ڪئي آھي اھو بھادر، ھمت ڀريو آھي. اھو به انسان ئي آهي جيڪو ماضي جي ڀيانڪ دور کي ختم ڪري اڄ جي دور ۾ پھتو آھي، انسان بھادر به آھي، دلير به آھي، ڊڄڻو به آھي، فسادي به آھي، ويڙھو به آھي. دنيا جي تاريخ ۾ يونان کان ويندي فرانس تائين جنگيون لڳيون آھن. اھو به انسان آھي جنهن ٻئي انسان جو رت وھائي خوشي ماڻي آھي، اھو کڻي قديم روم جو زينو بادشاھه ڇو نه ھجي جنهن ٻين جي گهر کي ساڙي خوشي ڪئي ھجي ٽھڪ ڏنا ھجن. انسا جو دشمن به انسان ٿيو آھي. ڪنهن آھه ھماليه جي ڪئي سر چوٽي ڪير آھه خلا مان ٿو اچي پيو موٽي: ھي حضرت انسان آ، ھن ئي آھي دنيا جي تباھي لئي وڏي کڏ کوٽي: بخاري جي سوچ ترقي پسندي واري ھئي، ھو ڪوڙن مذھبي ريتن رسمن کي مڃي ڪو نه پيو. ھو چاھي پيو ته ھر شيءَ ۾ ريفارم اچڻ گهرجي ۽ عقل جي بنياد تي شين کي جاچڻ کپي.نج تحقيق ڪري پوءِ ئي نتيجي تي پھچجي. استاد لکي ٿو ; انسان جي عظمت کي مڃون ٿا سو مڃون ٿا. ڌرتي کان ھلي چنڊ وڃون ٿا سو وڃون ٿا. تحقيق جي مضبوط ھٿوڙي سان ٽڪوري وھمن جا ٺلھا ٺاٺ ڀڃون ٿا سو ڀڃون ٿا. دنيا جي وجود کان وٺي جھيڙا، ڦڏا انسان جي فطرت ۾ رھيا آھن ۽ رھندا اچن پيا ۽ ھزارن سالن کان وٺي انسان رت جي راند ڪندا آيا آھن. ڪجهه ماڻهو ھن ڌرتي جي گولي تي اھڙا به پيدا ٿيا آھن جن امن کي برقرار رکڻ لاءِ سر جي قرباني ڏني آھي پر بخاري پنهنجي شاعري جي ذريعي اھو سيکاري ٿو ته ڦڏن، فسادن کي ختم ڪرڻو آھي، امن جو پرچم بلند ڪرڻو آھي. استاد لکي ٿو: استاد ڇڏي ڏينس، پراڻو ساڳيو منصور ۽ ملا جو ھي قصو آھي انسان جو انسان سان آھي جهيڙو مان ڪيئن ڇڏيان منهنجو به حصو آھي. جتي استاد انسان کي پيار، محبت جو درس ڏئي ٿو اتي ئي اھو جوش جذبو ولولو ڏئي ٿو ته جيڪڏهن ماڻهو ڪجهه ڪرڻ چاھي ته اھو سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو، جيڪڏهن انسان پنهنجي عظمت کي مڃي وٺي ته ھن لاءِ جھان ۾ ڪجهه ڏکيو ناھي. بخاري لکي ٿو; آ عرش، نشين عرض اگھائي ڪوئي! آ اھل، زمين ظلم مٽائي ڪوئي! ٻي رب جي مخلوق کي طاقت ناھي انسان کي انسان مڃائي ڪوئي. بخاري وڙھڻ به سيکاري ٿو جيڪو توھان جو حق ھجي اھو وڙھي وٺو ڀلي دشمن ڪيڏو به طاقتور ڇونه ھجي، اسان کي ھر حالت ۾ ان سان مھاڏو اٽڪائڻو آھي، نه ظلم پاڻ تي برداشت ڪرڻو آھي ھر حالت ۾ ان جي نندا ڪرڻي آھي، ھن وقت معاشري ۽ سماج جي ضرورت آھي. بخاري لکي ٿو: جو ظلم ڪندڙ آھه اھو آ شيطان جو ظلم سھي ڪين ڪڇي سو حيوان جو امن ڏئي امن گهري امن وٺي ھن دور جو انسان اھو آ انسان استاد بخاري جھڙا شاعر صدين کان پوءِ ھن ڌرتي تي جنم وٺندا آھن. (ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۰ جنوري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل) استاد بخاري دادا سنڌي ”استاد بخاري سخت بيمار آهي. دادو جي ڊي سي آفتاب ميمڻ کيس ڏهه هزار روپيا علاج لاءِ ڏيڻا ڪيا ته پاڻ کيس چيائون ته هنن پئسن مان منهنجو ڪتاب ڇپرايو. استاد بخاري سنڌ جو عوامي، انقلابي ۽ ترقي پسند شاعر آهي. وڏي ڳالهه ته منجهس سياسي شعور ۽ قومي درد آهي. استاد سان منهنجي پهرين ملاقات ۱۹۸۷ع ڌاري ٿي هئي. تقريب دوران مون کي جڏهن آل سنڌ ٻالڪ ايوارڊ مليوته تڏهن پهرين مبارڪ استاد ئي مون کي ڏني هئي. ان کان پوءِ سچل جي ورسي جي موقعي تي ٻه دفعا گڏ هئاسين ۽ گهڻي وقت تائين ڪچهري ڪئي هئيسين. ڏاڍو پيارو ماڻهو آهي. ۱۸ گريڊ ۾ پروفيسر آهي. پر هڪ دفعي ڊي سي ڪوٽڏجي اڳين پيل ڪرسين جي قطار مان کيس اٿاريندي چيو ته؛ ”بابا هت آفيسر وهندا“، ته استاد معصوميت مان چُپ ٿي ويو ۽ آئون پٺيان ئي ويٺو هئس ۽ مون پٺيان چيو ته سائين هي محترم به آفيسر آهي ۱۸ گريڊ جو ”استاد بخاري“. ڊي سي وائڙو ٿي ويو ۽ ڪاوڙ مان چيائين؛ ”ڪهڙو استاد بخاري“. هي آهي سنڌ جي بيروڪريٽ جو حال. هي سچل جو ڪتابچو پگهر سُڪائڻ لاءِ هوا طور استعمال ڪندا رهيا. (۱۹۸۹ع ) (سڄڻن ۽ ساڻيھ جون ساروڻيون تان کنيل) استاد بخاري سندس جنم ڏهاڙو مظهر خاصخيلي اڄ ۱۶ جنوري جو ڏينهن آهي اڄوڪي ڏينهن تي۱۹۳۰ ۾ دادو ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ غلام چانڊيو ۾ سيد حاجن شاهه جي گهر ۾ جنم وٺندڙ سيد پنهل شاهه ۽ اسڪولي رڪارڊ موجب احمد شاهه جنهن کي سڄي سنڌ استاد بخاريءَ جي نالي سان سڃاڻي ٿي. سڄي سنڌ ۾ سندس چاهيندڙ ۽ سندس خاندان هر سيال جيان هن دفعي به استاد بخاري جي ورسي ملهائي رهيا آهن. استاد بخاري سنڌ جو اهو شاعر هو جنهن پنهنجي قلم جي پورهئي وسيلي سنڌ ڌرتي جي رهواسين کي ۳۰ کان مٿي ڪتاب ڏنا جن ۾ هي گيت گلابي ٻارن جا، اوتون جوتون، ڪوڪڻ يا ڪلياڻ، سوچون ڀڻڪا واڪا، لهر لهر دريا، نه ڪم نبريو نه ڪم نبريو، ڌرتي سرتي، زندگي زندگي، ڪاري ڪڪر هيٺ، گلدستي ۾ گيت، ڳائي پيو جاڳائي پيو، لهري لهري ۾ لالاڻ، وطن ۽ ويساهه، پيرن هٽن نه پوئتي، هڙئي هيج وطن جا، گهڙيا سي چڙهيا، ڌوڙ دل تي درد جي، ماندئي ٿي نه مارئي سميت ٻيا ڪيترائي ڪتاب ڏئي ويو آهي. ۹ آڪٽوبر جو ڏينهن اهڙو ڏينهن آهي جنهن ڏينهن اڄ کان ۲۴ سال اڳ ۱۹۹۲ تي ڪينسر جي موذي مرض سبب هي مٺڙو ماڻهو اسان کان جسماني طور جدا ٿي ويو پر سندس روح اڄ به سنڌ ڌرتي سان سلهاڙيل آهي ۽ هن جي شاعري سنڌ جي جهرجهنگ ۾ نه رڳي ڳائي وڃي ٿي پر احترام سان ٻڌي به وڃي ٿي ۽ هر ماڻهو استاد بخاريءَ جي شاعري کي آساني سان سمجهي وڃي ٿو۽ پنهنجي منهن جهونگارڻ به لڳي ٿو اهو ئي سبب آهي ته استاد بخاري جي شاعري هر ماڻهوءَ جي اندر جو آواز هوندي آهي.هن جو هر بيت، چئوسٽو، غزل، گيت، وائي ائين محسوس ٿيندي آهي ته هن کان وڌيڪ ٻي ڪا بخاريءَ جي شاعري ٿيل ناهي. ان جو ڪارڻ اهو ئي آهي ته استاد بخاري پنهنجي زندگي مشاهدن ۾ گذاري ڇڏي. هن کي پيار، محبت، عشق، درد پيڙا پنهنجي پرائي واري پرک ڪرڻ واري دل هوندي هئي. هو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان پنهنجي جان ۽ جيءَ کان وڌيڪ پيار ڪندو هو. جڏهن دادوءَ جي اڳوڻي ڊي سي مير محمد پرهياڙ دادو ضلعي جي سمورن ملازمن کي هڪ ليٽر ڪڍيو هو ته هر محڪمي جا ملازم پنهنجي هڪ ڏينهن جي پگهار ڪٽرائن ۽ اهي پئسا استاد بخاريءَ کي علاج طور ڏجن، پر اها ڳالهه ڪنهن کان وسرندي جڏهن استاد بخاريءَ اهي لفظ ورجايا هئا ته مان جيڪي به ڏينهن باقي جيئرو هوندس اهي ائين ئي جيئندس، اوهان جي مهرباني پر منهنجي پاران اوهان جي هڪ ڏينهن واري پگهار کڻڻ نامناسب آهي اوهان وڃي هن مان پنهنجي ٻارڙن کي ڪپڙا وٺي پارايو مان تڏهن خوش ٿيندس، اهو سچ هو ته استاد بخاريءَ کي ان ڳالهه جي خبر هئي ته غربت ڇا ٿيندي آ ۽ غريب جون خوشيون ڪهڙيون هونديون آهن، هن کي پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتي ڌڻين سان جيڪو پيار هو ان جو مثال نه ٿو ملي ڇو ته بخاريءَ جون پنهنجون سٽون آهن ته.. ڏينهن جو ڪم آ، رات جو غم آ سنڌو تنهنجو، منهنجو هڪڙو هڪڙو دم آ، سنڌو تنهنجو. گيت لکان پيو، جنگ لڙان پيو، ڏيهه ڏسي پيو، ڪن تي قلم آ، هٿ ۾ علم آ، سنڌو تنهنجو. هن پنهنجي سڄي زندگيءَ ۾ ٻين جيان اکيون نه ٻوٽيون ۽ هاڻي به جڏهن هو لوڪ ليکي هميشهه لاءِ اکيون ٻوٽي هي جهان ڇڏي هليو ويو آهي تڏهن به هن جون کليل اکيون اسان ماڻهن جو پيڇو ڪري رهيون آهن ۽ اسان کي احساس پيون ڏيارين ته اسان پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي مدهوش ٿي پنهنجون اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن پر بخاري جهان ڇڏڻ کان پوءِ به اکيون نه ٻوٽيون آهن، ڇو ته بخاريءَ کي اهو احساس آهي ته هو به ٻين سمورن وانگر مدهوش ٿي اکيون ٻوٽي سمهي پيو ته پوءِ رات جي تارن کي ڪير تڙپائيندو. بخاري رات جي تارن کي به تڙپائي سگهڻ جي سگهه رکي ٿو ته هو ماڻهن جي نرم ۽ نازڪ دلين کي ڇو نه تڙپائي سگهندو هوندو ۽ هن جي شاعري ۾ جيڪي پرهه جا پيغام آهن اهي اسان سمورن ماڻهن لاءِ آهن جن مان اميد هوندي آهي ۽ اميد جي ئي آسري ماڻهو جيئندو آهي بخاري به اهڙو سونهن پرست شاعر هيو جنهن کي جتي به سهڻي شيءِ نظر ايندي هئي ان جي تعريف ڪرڻ بنا رهي نه سگهندو هو. استاد بخاري ڪيترو عظيم ۽ محبوب شاعر هو ان جي پرک ان جي مارڪيٽ ۾ موڪليل ڪتابن مان ئي ڪري سگهجي ٿي ڇو ته موجوده هلندڙ وقت ۾ جيڪو شاعريءَ جو ڪتاب ڇپجي اچي ٿو جيڪڏهن هو معياري ناهي ته گهڻي ڀاڱي اهي شاعر دوست اعزازي طور ڪاپيون ورهائي ڇڏيندا آهن پر اهو به سچ آهي ته جن شاعرن جي شاعري معياري ۽ ديس ڌڻين تي هوندي آهي انهن جي شاعري جا ڪتاب مارڪيٽ مان وڪرو ٿيو وڃن باقي سنڌ ۽ ان جا رهواسي اڄ به پنهنجي ڀلوڙ شاعر استاد بخاريءَ کي جيءَ ۾ جايون ڏيو اچن ٿا ۽ اڄ به ان جي انهن سٽن کي ورجائڻو پوي ٿو ته: سانگين سان گڏ سالگرهه مان وڇڙي ويس ته ورسي آهيان. استاد بخاري عظيم شاعر عظيم ماڻهو سحر وشال هو استاد هيو، هو صرف ٻن ٽن هزار شاگردن جو نه پر، سموري سنڌ جو استاد هيو. هُو ڊبل استاد هيو، هڪ ته هو پروفيشنل استاد هيو، ٻيو ته ڄڻ هن جو نالو ئي استا د هو. هُن جي ڏات ڏونگرن کي ڏڪائي ڇڏيندي هئي ۽ اٻوجھن لاءِ ڏڍ هئي. هاڻي توهان بلڪل سمجهي ويا هوندو ته سن ۱۹۳۰ع جي جنوري مهيني ۾ ۱۶ تاريخ دادو ضلعي جي ڳوٽ غلام چانڊيو ۾ سيد حاجن شاه جي گهر ۾ جنم وٺندڙ سيد احمد شاه استاد بخاريءَ جي ڳالھ پئي هلي. جيئن ته استاد پنهنجو ٻالڪپڻ درياءَ ويجهو، ڪانهن جي اڇن گلن ۽ سرنهن، ٻاجھر، جوئر، ڪڻڪ توڙي مٽرن جي کيتن ۾ ڊڪندي ڊوڙندي گذاريا، ان ڪري سندس طبيعت ۾ رنگيني ۽ ميٺاج جو سمائجي وڃڻ فطري عمل هو. هو ننڍپڻ کان ڏاڍو ذهين هيو، تعليمي لحاظ کان پهرين درجي کان سنڌي فائينل تائين پهرين پوزيشن کڻندو رهيو. استاد، عالم، فاضل ۽ اديب واريون ڊگريون حاصل ڪرڻ کان پوءِ ۱۹۴۶ع ۾ پهرين نوڪري روينيو کاتي ۾ تپيدار طور ڪئي. پر هر ڪو ڄاڻي ٿو ته هن نوڪري ۾ رهي، ڪير ڪيترو به چاهي، ڪنهن درد مند جي دوا نٿو ڪري سگهي. ان ڪري استاد جي طبيعت کي به هي نوڪري بلڪل ڪونه وڻي ۽ جلد ئي هو اداري کان ناتا ٽوڙي تعيلم کاتي سان رشتو جوڙي ويٺو. استاد پرائمري استاد بڻجي مستقبل جي معمارن کي سکيا ڏيڻ شروع ڪئي. هونئن ته استاد شاعري ۱۹۴۶ع ۾ شاگردي واري زماني کان شروع ڪئي هئي، پر ۱۹۵۱ع ۾ جڏهن کيس ايليسمينٽري ڪاليج ميٺاڻي ۾ ٽريننگ وٺڻ لاءِ موڪليو ويو، جتي کيس نامور شاعر عبدالله اثر جي صحبت نصيب ٿي ته استاد جي اندر جي ڏات تڙپي اٿي. سندس من ۾ متل مانڌاڻ نيٺ اٻري ٻاهر نڪري پئي، مشاعرن جون محفلون مچي ويون. پهريون استاد پنهنجو تخلص ” آسي“ ۽ ”دردي“ استعمال ڪيو، پر پوءِ جلد ئي پاڻ کي استاد سڏائڻ تي رضامند ٿيو. استاد جي شاعريءَ جي ڪچي ڪلي کڙي گل ٿي پئي، جنهنجي خوشبو سموري سنڌ ۾ واسجي وئي. استاد ڌرتي، دل وارن ۽ سونهن جو شاعر بڻجي ويو. سندس گيت نگر نگر گونجڻ لڳا. سچ ته استاد جي شاعري ۾ سلاست، بلاغت، جماليت ۽ هر اُها خوبي موجود آهي، جيڪا علم ادب جي دنيا ۾ هڪ شاعر کي اعلى درجي ۽ مقام تي آني بيهارڻ لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي. استاد جي شاريءَ مان جماليت ائين اڀري نڪري ٿي جو محسوس ٿئي ٿو ڄڻ هاڻي هاڻي سونهن مشڪ عنبر سان وهنجي سهنجي ريشم جو ڀرت ڀريل رنگين پڙو اوڙهي آئي آهي. استاد نه صرف سونهن پرست هو، پر ڌرتيءَ کي پنهنجي سرتي بڻائي ويٺو هو. ياد ٿو اچي ته استاد پنهنجي ڪتاب ”ڌرتي سرتي“ جي ارپنا ڪجھ هن طرح ڪئي آهي: ” پنهنــجي دل جي نالي، منهنـجي دل دادو آهي دادو ســنڌ جي دل آهي ۽ سنڌ وري ڪائنات جي دل آهي.“ هن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته استاد رڳو سنڌ لاءِ نه پر سموريءَ ڌرتيءَ جي گولي تي آباد ٽئين درجي جي ماڻهن لاءِ تڙپيو آهي هو سموري ڪائنات جو شاعر آهي، پر هن ڪڏهن به اها دعوى نه ڪئي هئي (هاڻي به ڪجھ حال حيات شاعرن جيان) ته هُو شيخ اياز کان وڏو شاعر ۽ لطيف ثاني آهي. استاد ته ڪڏهن به پاڻ کي وڏو شاعر به محسوس نه ڪيو، هو هر نئين لکندڙ سان بنا ڪنهن هت ڀيد ۽ فرق ڏيکارڻ جي ائين ئي سڪ ۽ اڪير مان ملندو هو، ڄڻ پاڻ به انهي ٽهيءَ جو آهي. جڏهن ته اسان جا گهڻا سينئر جونيئرن کي منهن پري ڪري آڳرن جو هٿ ڏيندا آهن. ان ڀيٽ ۾ استاد ته هر هڪ کي ڀاڪر ۾ ڀري وٺندو هو. هو هڪ عظيم شاعر هو. ادبي ڪسوٽيءَ موجب عوامي شاعر ئي سڀني کان وڏو شاعر هوندو آهي، ڇو ته عوام جنهن کي گهڻو مان مرتبو ڏئي اهو ئي وڏو آهي. وقت ثابت ڪيو آهي ته استاد جي شاعري هر هنڌ، پڙهيل ۽ اڻ پڙهيل ۾ ايتري ئي مقبول آهي، جيتري شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري عوام ۾ مقبول آهي.استاد پروفيشنل حساب سان سورنهن سال گلن جھڙن ٻارڙن جي تربيت ڪرڻ کان پوءِ پهريون سيڪنڊري ۽ ۱۹۶۳ع ۾ ليڪچرار ٿيو. هن دوران هن ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو ۽ ڊگري ڪاليج دادو ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. ليڪچرار کان پوءِ اسسٽنٽ پروفيسر به بڻيو، جنهن تان ۶۰ سالن جي ڄمار ۾ رٽائر ڪيائون. سندن علمي خدمتن عيوض سنڌ سرڪار ڊگري ڪاليج دادو جو نالو استاد بخاري ڊگري ڪاليج رکيو آهي. استاد بخاري نه صرف لائق استاد ۽ سٺو شاعر هيو، پر هُو هڪ سٺو موسيقار پڻ هو. هن پنهنجن ڪيترن ئي گيتن جون ڌنون ترتيب ڏنيون. استاد سموري حياتي شاعري جي جھول ۾ تازا توانا گيت ڀيٽا ڏنا. شاعري سندن رت ۾ رڌم بڻجي ڊوڙندي رهي. استاد بخاري بلڊ ڪينسر جھڙي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي چڪو هيو، سالن کان چنبڙيل ڪينسر جا جراثيم سندس حياتي پيئندا رهيا. پر پاڻ ڪڏهن به هنيانءَ نه هاريائون. مرڪ سندن چپن تان ڪڏهن مٽجي نه سگهي. موت سان وڙهندي استاد لنڊن مان بلڊ ٽرانسفيوشن به ڪرائي، پر موت جو راڪاس سندن حياتي مٿان ٽڪ ٻڌي بيٺو رهيو ۽ نيٺ ۹ آڪٽوبر ۱۹۹۶ع ۾ اوچتو ڀڙڪو کائي استاد جي حياتيءَ کي جھپي اڏامي ويو. اها شام سمنڊ ماٺيڻو ٿي ويو، وڻ ٽڻ اداس نظر اچڻ لڳا، پکين جي نڙين ۾ سندن لاتيون اٽڪي بيهي رهيون، سنڌ سموري سوڳوار بڻجي وئي ۽ هينئر جڏهن ۱۳ سال گذري چڪا آهن تڏهن به استاد جي شاعريءَ ساڳي پاٻوهه ۽ شوق سان پڙهي ويندي آهي. سچ ته ڏات امر آهي. بات بُخاري سُونهن جي... تاج جويو گُذريل وقت جي باري ۾، انگلينڊ جي عظيم شاعر ۽ ڊراما نگار، شيڪسپيئر، ڪنهن ڊرامي ۾ لکيو آهي: “O, call back yesterday, bit time to return!” ”ڪالهه“ جڏهن اُستاد بخاري اسان جي وچ ۾ هو، ۽ ’اڄ‘ جڏهن اُستاد بخاري اَسان جي وچ ۾ نه آهي؛ اُن، وقت جي وقفي ۽ وٿيءَ کي 19 سال گذري چڪا آهن، يقين نه ٿو اچي! ڪالهه کي موٽائڻ جي خواهش ته ڪري سگهجي ٿي، پر ’ڪالهه‘، ’اڄ‘ نه ٿِي ٿِي سگهي ۽ نه ئي موٽي سگهي ٿي؛ ڇو ته اَياز جي لفظن ۾: ”موت نه ڪئلينڊر ڏسي ايندو آهي ۽ نه وِزٽنگ ڪارڊ موڪلي ايندو آهي.“ اُستاد جي انساني قَد ۽ اُستاد جي شاعراڻي قَد جو رُڳو تصور ئي ڪجي ٿو ته محسوس ٿئي ٿو، بلڪ اها حقيقت به آهي ته اُستاد پنهنجي زندگيءَ ۾ ته وڏو انسانُ ۽ وڏو شاعر هو، پر پنهنجي موت کان پوءِ ڏهه ڀيرا وڏو اِنسانُ ۽ وڏو شاعرُ ٿي اُڀريو آهي: همالي جي چوٽي ڏٺي ٿئي؟ مٿاهين ڪويتا جي عظمت- ۽ ڪيلاش وادي ٻُڌي ٿئي؟ مزيدار آ فن جي فطرت- ڪَلا خُود به هوندي آ قدرت! اُستاد فطرت، محبت، سُونهن ۽ سنڌ جو شاعر هو. سو سڄو وقت، سڄي ڄمارَ، سُونهن- نينهن، پرينءَ ۽ پيار سان نِڀائيندو رهيو: مُنهنجو نالو نينهُن، منهنجو پاڙو پيارَ سان، پِيو ٿو يارَ وَسائيان، ماڪَ چئو يا مينهن، راتِ هُجي يا ڏينهن، باتِ بُخاري سُونهن جي! هُن جو فن، هن جي شاعري، هُن جا غزل، هُن جا گيتَ، هن جا دوها، هن جا چؤسٽا/ قطعا، هن جا نظمَ، هن جون رُباعيون، هن جا آزاد نظمَ، هُن جون وايون، هُن جا بيتَ، ۽ هُن جا ڪتاب- هُن جي سڃاڻپ جا صحيفا آهن. هڪ اديب ۽ شاعر جي سڃاڻپ، سندس تخليقن ۽ ڪتابن کان وڌيڪ ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟ اها به حقيقت آهي ته هر ڪتاب سهڻو نه هوندو آهي ۽ هر تخليق ڪارائتي ۽ سُڪارتي نه هوندي آهي؛ پر اُستاد بخاري اُهو شاعر، اُهو تخليقڪار ۽ اُهو ماڻهو هو، جو جنهن جي ڪتاب جو هر عنوانُ ۽ هر بابُ، سورج جو سوجهرو ۽ ڏات- سانوڻ جو وسڪارو هو. هن رڳو ڏيڻ ۽ ورهائڻ سِکيو هو. هُو اُهو ڏاتيار هو، جيڪو ڏيئي نه پچاريندو هو. هُو چوندو هو: جنهن وٽ جهڙي ڏاتِ، عالَم کي آڇي اُها، تارن آندي راتِ، سورجُ سعيو سُونهن جو! ـــــ ڪا ڪا ڏاتِ ڪڪرُ، رِڻن ۾ رِم جهم ڪري، چارئي پار چڪرُ، پياسن جو پُڇندي وتي! ـــــ هن جي ڏاتِ ڪَڪرُ بنجي، هن ديس جون چارئي ڪنڊون، چارئي ڏِسائون ڏسندي، چڪر هڻندي، پياسن جو پُڇندي رهندي هئي، پر، هن جي ڏات کي اهڙي ديدَ هئي، ۽ اُن ۾ سوچ جو اُهو سدا اُجرو سچُ سمايل هو، جيڪو وقت جي دَز ۽ لُڙاٽ هٿان ميرو نه ٿيڻو هو، ۽ نه ئي وري ڪڏهن ميرو ٿيندو. تڏهن ئي ته اُستاد بخاري پاڻ وڏي اعتماد ۽ ويساههَ سان چئي ڏنو هو: آڇيم اهڙي ديدَ، اَدب سان اِتهاس کي، مُنهنجي سوچ سعيدَ، صديون ميري نه ٿئي! اُستاد بخاري، وقت جو شاعر هو، وقتُ هِن جي مُٺِ ۾ بند هو، وطن لاءِ وقتائتي شاعري، جهڙي اُستاد ڪئي، اهڙي ڪنهن شاعر مشڪل سان ڪئي هوندي. هو هر موقعي ۽ مهل تي، هڪ رهبر ۽ مفڪر شاعرُ بنجي، غافلن ۽ سُتلن کي سجاڳ ڪندو رهيو. هُن جا ’حاذق هٿ‘، هر ڏکويل جي ڏيلَ کي ڇُهي، ڏڍُ ڏيڻ سان گڏ، اڳتي وڌڻ جو ڏسُ ڏيندا هئا. سندس ئي هيٺيون بيت، سندس ’صورتگري‘ ڪري ٿو: حاذق تنهنجا هٿَ، ڇُهڻ ريءَ ڇُهيو وٺن، رَنڙَ اکِ جي آرزُو، نؤ- ورنيءَ جي نَٿ، ڪهڙِي تن جي ڪٿَ، موقعا جن جي مُٺِ ۾! اُستاد بخاري، جهڙو حسينُ شاعر هو، اهڙو ئي سندس ديسُ حسين هو. هن پنهنجي ديس سنڌ جي سونهن کي، جنهن حسين شاعراڻي اک سان ڏٺو هو، اهڙيون اکيون اڄ اڻلڀ آهن. اهڙي ديدَ اڄ ناپيد آهي. اُهي اکيون، جن جي.ايم.سيد، حسام الدين راشدي، اياز، شيام، نياز، تنوير ۽ استاد بنجي، سنڌ کي ڏٺو، الائي ڇو اڄ ڳوليون به نه ٿيون لڀن. اُهي اکيون جنهن نظاري کي ڏسنديون هيون، اُهو ڪنهن مصور جي تصوير بنجي پوندو هو. اُهي اکيون، ديس جي جاگرافيءَ ۽ سرحدن طرف ڏسنديون هيون ته اُهي ديس جي حفاظت لاءِ محفوظ رنيڪوٽ ۽ کيرٿر بنجي وينديون هيون؛ ڇو ته اُنهن اکين ۾ حُسن ۽ آرٽ هو. آرٽ جي تخليق ۽ تخليق جو حُسن، ڪازان زاڪس جي هن شعر جي زنده تصوير سڏي سگهجي ٿو: مون بادام جي وڻ کان پڇيو: ”خدا ڇا آهي؟“ بادام جو وڻ گلن منجهه جِهنجهجي ويو!“ اِئين اُستاد، جڏهن هٿ ۾ پنو کڻي، وطن جو قصيدو لکندو هو ته سندس هيٺيون شعر بنجي پوندو هو: هي هٿ ۾ پَنو، سنڌ جي سمجهو وادي، مضبوط قلعو ڄڻ ته رَنيڪوٽ آهي. هر لفظ بُخاريءَ جو وطن دوست مجاهد، بـيـبــــــاڪ آ، جانبـــــار آ، اڻموٽ آهي! اُستاد، جڏهن شاعري ڪندو هو ته هيءَ مٽي، هي نظارا، هي ڪچا، هي ڪوڇا ۽ ڪاڇا، هي وڻراهه ۽ درياهه، هي گل ڦل ۽ ٻوٽا، هي وَسيون ۽ واهڻ، سڀ ساڻس ڳالهيون ڪندا هئا، ۽ متحرڪ بنجي پوندا هئا، هو سنڌ جي هر نظاري ۽ هر واقعي کي شاعريءَ ۾ اهڙيءَ ريت زنده جاويد ڪري ڇڏيندو هو، جيئن ڪو صنم تراش، ڪنهن وينگس کي پٿر ۾ زنده جاويد بنائي ڇڏيندو آهي يا ڪو مصور، ڪنهن شيءِ، ڪنهن واقعي يا ڪنهن عڪس کي ڪينواس تي رنگن جي زبان ۾ جيئرو ڪري وجهندو آهي. اُستاد کي ساري سنڌ، هڪ تصوير وانگر نظر ايندي هئي، اُها خوبصورت تصوير نه رڳو هن جي شاعريءَ تي اڻمٽ اثر ڇڏيندي هئي، پر هُو خود حسين سنڌ جو ذڪر ڪندي، اُن جي حُسن ۾ پنهنجي تخليقي حسن جا رنگ ڀري، اُن کي وڌيڪ سُندر ڪري ڇڏيندو هو. ڪنهن وقت ايازَ اهڙي ئي ڪيفيت ۾ محو ٿي چيو هو: ڪُجهه شاههَ ڏني، ڪجهه شيخَ ڏِني، هــن سـنــــڌڙيءَ کـــــي صورت لوڪو! اَهڙيءَ طرح اُستاد بخاريءَ لاءِ به آءٌ، اوهان يا اسان مان ڪي به اها دعويٰ ڪرڻ ۾ حق بجانب آهيون ته اُستاد به سنڌ کي هڪ ’صورت‘ ڏيڻ جو آسروند ۽ خواهشمند هو. هن به چاهيو ٿي ته سندس وطن ’جنت‘ جو روپ وٺي. وطن سنڌ جو قصيدو هجي ۽ لفظَ مصور ۽ صورتگر شاعرَ اُستاد جا هجن ته يقيني طور اُهو وطن جو نغمو، آرٽ ۽ ادب جو شاهڪار بنجي پوي ٿو. سندس نظم ’وطن‘ جا هيٺيان ٻه بند ته پڙهي ڏسو: تُنهنجي ساراهه جو سِلسلو، سو به مون لئه وڏو مسئلو، تنهنجي تعريف، تڪميل ٿئي، ڪوبه مون کان نه ٿو ٿئي بِلو: لفظ ڳوليان، ٿا مشڪل لڀن، منهنجا محبوب، منهنجا وطن! ويسَ، ڪِرڻا اُڻائي وجهان، توکي جوتين سان جاني جهنجهيان، توکي اَرپيان رُڳو روشنيون، ايترا آڻيان سُورج ڪٿان؟ چنڊّ تارا ٿا ميرا لڳن، منهنجا محبوب، منهنجا وطن! اُستاد وڏو مصور، وڏو آرٽسٽ شاعر هو. هن جي شاعريءَ ۾ آرٽُ ڪمال درجي جو آهي، جيڪو هڪ طرف فن ۽ جماليات جون آخري حدون ڇُهي ٿو ته ٻئي طرف اُن جي سگهه، اُن جي اُڏار ۽ اُن جو اثر، وقت جي هٽلرن گوئرنگن کي ڏڪائي ۽ ڪنبائي ڇڏي ٿو. اُستاد جهڙن آرٽسٽن ۽ اُرڏن شاعرن جي ادب ۽ آرٽ لاءِ، هٽلر ۽ گوئرنگ، فتوائون ڏنيون هيون، هٽلر چيو هو ته: “Let us beat the refractory skulls with resounding blows” يعني: ”اچو ته اسان سرڪش دماغن کي اهڙو ڪُٽيون، جو اُن جا پڙاڏا ٻُڌڻ ۾ اچن.“ جڏهن ته گوئرنگ ڇِتو ٿي هيئن اظهاريو هو ته: “When I hear the name of Art, my hand goes to pistol.” يعني: ”جڏهن مان آرٽ جو نالو ٻُڌان ٿو ته منهنجو هٿ پستول ڏانهن وڃي ٿو.“ اُستاد جي زندگي، اُستاد جي شاعري، لوڪ لاءِ پيارُ ۽ ڏاڍَ خلاف ڌڪارَ ۽ مزاحمت جو کليو اظهار آهي، پر اُن ۾ آرٽ/ ڪلا ڪمال جي آهي! گُلاب لفظ ڪڍان، ٿيو پون رُڳا ٽانڊا، گلي کي آڳِ لڳِي آهه، مان چوان نه چوان! ـــــ ڪا گهڙي مُحب ساڻ محفل ۾، ڪا گهڙي لوڪ لاءِ مقتل ۾، پيارَ ۾ ٿي پَتي پَتي هوندي، ها، اُها منهنجي زندگي هوندي! اُستاد سڄي ڄمارَ، ماڻهن سان گڏ بيٺو رهيو. مچ هُجي، مقتل هجي، هن جو پيرُ پاهون نه ٿيو! محبوبَ چيو: پهچ، اَچي پهتو هان، تَنور هُئي واٽ، پچي پهتو هان! چڪچور ڏسي حال، نه ڪر غم دلبر، تو وٽ ته بهرحال، بچي پهتو هان! مقتل کان ٿورو اڳتي، محفل جو ڏس مليو آ، مان موت کي لتاڙي، ٿو زندگيءَ کي ڳوليان! اُستاد بخاري همه وقت، همه تن شاعر هو. هن جي شاعريءَ جا ڪيترائي رُخ ۽ روپ هئا، ۽ اُن جو هر روپُ ۽ هر رُخ ايترو ته حسين هو، جو اُن جو اظهار نثر جي زبان ۾ ڪرڻ ڏکيو آهي، اُن ڪري آءٌ فارسيءَ جي هڪ نامعلوم شاعر جا لفظ اُڌارا وٺان ٿو، جيڪي اُن جي بيان جو حقُ، ڪجهه قدر ادا ڪري سگهن ٿا: دامانِ نظر تنگ و گُلِ حُسنِ تُو بسيار، گلچين نظر از تنگئي دامان گله دارد يعني: ”(منهنجي) نظر جو پاند سوڙهو آهي، ۽ تنهنجي حُسن جا گُلَ سوين آهن. (منهنجي) نظر تنهنجي سُونهن جا گُل پٽي ٿي ته اُن کي پاند جي سوڙهي هجڻ تي چِڙ اچي ٿي!“ لکجو سدائين سچ يادون بخاريءَ جون وفا رضا هن سنڌ جي سهڻن ڀينڊن تان، مان گهور وڃان مان گهور وڃان گلشن ته ٺهيو پر ڪک پن تان، مان گهور وڃان مان گهور وڃان جيڪي سانوڻ ۾ درياهه لڳن، ۽ سياري ۾ آڙاهه مچن استاد انهن جي تن من تان، مان گهور وڃان مان گهور وڃان هي سٽون سنڌ جي سدا ملوڪ شاعر استاد بخاري جون آهن، جنهن جي شاعري جنهن وقت به پڙهجي يا ٻڌجي ٿي وهه واهه چوڻ کان رهيو نٿو ٿئي. استاد جي شاعري سان تڏهن کان چاهه ٿي ويو هو، جڏهن کان مون سندس ڪلام ”تون مڃين مڃين نه مهربان، مان ته عرض ٿو ڪري ڇڏيان“ ٻڌو هو. ان ڏينهن کان وٺي اڄ تائين جتي به ڪنهن راڳي کي ڳائيندي ٻڌندو آهيان ته دل ۾ اها ئي تمنا هوندي آهي ڪاش ڪو بخاري جو ڪلام به محفل منجهه هجي. يادگيري ٿي اچي ته هڪ دفعي آئون لاڙڪاڻي جي پاسي ٻيڙو چانڊيو هڪ فنڪشن ۾ ويو هوس. تقريب جي شروع ٿيڻ ۾ اڃا ڪجهه دير هئي سو اسان وجهه ڏسي چانهه پيئڻ نڪري پياسين. مون سان منهنجو ڳوٺائي دوست شفيع ٻجورو پڻ گڏ هيو. چانهه پي پنڊال طرف موٽياسين ته منهنجي نظر غلام مصطفيٰ جانوري تي پئي، جنهن سان منظور سخيراڻي به گڏ هيو. پوءِ اسان گڏجي ٻيڙو چانڊيو جي ريلوي اسٽيشن تي ويهي رهياسين جتي ڪچهري هلندي مون چيو ”اڄ ته دادو جي دلبرن سان واهه جي ملاقات ٿي آهي.“ جنهن تي مصطفيٰ جانوري کلندي چيو ”هائو هائو حاضر اڄ عرض اگهامندو.“ پوءِ فنڪشن ۾ منظور سخيراڻي سرن جي ورکا دوران استاد بخاري کي ڳائيندي جڏهن ”تون مڃين مڃين نه مهربان“ ڳايو ته وهه واهه ٿي وئي. وهه واهه ته ان ڏينهن به واهه جي ٿي جڏهن اسان استاد بخاري سان ملڻ دادو ويا هئاسين، تنهن زماني ۾ اسان ٽنڊي آدم ۾ استاد بخاري سان شام ملهائڻ جو پروگرام ٺاهيو هو. مون ۽ دوست خالد حسين خاصخيلي تي اها ذميواري رکي وئي ته دادو وڃي استاد کان پروگرام وٺون. سو اسان لاري ۾ چڙهي کيبر وياسين، جتان وري حيدرآباد مان ايندڙ ٻي لاريءَ منجهه سوار ٿي موري پڳاسين. اتان ڊاٽسن ذريعي دادو موري واري پل تان سنڌوءَ جون ڇوليون ڏسندي دادو شهر ۾ پهچي هڪ ٽانگي واري کي چيوسين، غريب آباد هلبو. جنهن وراڻي ۾ چيو استاد بخاري ڏي ته ڪونه ٿا وڃو؟ کيس چيم بلڪل پر اوهان ڪيئن سمجهيو؟ جنهن تي ٽانگي واري چيو ”ابا اوهان غريب آباد چيو آئون سمجهي ويس پڪ اوهين استاد جا مهمان آهيو.“ ڪجهه گهڙين ۾ هڪ گهٽي ۾ پڳاسين ته ٽانگي واري چيو، او اهو سامهون اٿو، استاد جو گهر. اسان اوطاق ۾ ويٺاسين ته ڪجهه گهڙين ۾ استاد اچي سلام ورائي چيو؛ ’نوجوانو ڀلي ڪري آيا.‘ ان لمحي ايتري ته خوشي ٿي جنهن جو ڪو ڇيهه ڪونهي. جهٽ ۾ چانهه بسڪوٽ به اچي ويا. جنهن تي استاد چيو؛ وٺو بابا. پوءِ استاد کي اسان پنهنجي اچڻ جو مقصد ٻڌائيندي چيو؛ سائين اوهان سان ٽنڊي آدم ۾ رهاڻ رچائڻ جي تمنا آهي، سو ان ڪري پنڌ پيا آهيون. استاد مسڪرائيندي چيو؛ مهربانيون، حاضر هلبو. ڀلا سائين محسن علي شاهه ۽ عبدالله ورياهه جن ته خوش آهن نه. استاد اسان کان پڇيو؛ اوهان جي ڪرت ڪهڙي آهي؟ وراڻيم؛ سائين اخبار ۾ لکندا آهيون ۽ خالد سونارڪو ڪم به ڪندو آهي. جنهن تي استاد چيو؛ ها بابا، جيتري محنت ڪندئو اوترو ڪامياب ويندئو پر قلم سان لکجو، سدائين سچ. ائين ٻن ڪلاڪن جي ڪچهري ۾ اسان استاد کان گهڻو ڪجهه سکيو. استاد سان رهاڻ جي تاريخ طئي ڪري چيوسين؛ رکيل تاريخ تي اوهان کي وٺڻ اينداسين. جنهن تي استاد چيو؛ ٽنڊي آدم کان دادو جو پنڌ سرس آهي. هاڻ اوهين تڪليف نه ڪجو. آئون پاڻ اچي پهچندس. اسان چيو؛ سائين گاڏي جو بندوبست ٿي ويندو. جنهن تي وري استاد چيو؛ اوهان به مون وٽ لاريءَ ۾ آيا آهيو، سو آئون به ان رستي ايندس. بس اوهان اهو ٻڌايو، حيدرآباد واري لاريءَ ۾ سوار ٿي اوهان تائين پهچڻ لاءِ ڪٿي لهجي؟ جنهن تي اسان وراڻيو؛ ان لاريءَ مان اوهان ڀٽ شاهه يا کيبر جي اسٽاپ تي لهندؤ، جتان ٽنڊي ڏي رستو وڃي ٿو. جنهن تي استاد چيو؛ بس پوءِ ڀٽ شاهه لهي، لاکيڻي لطيف جي حاضري ڀري، پوءِ اڳتي اچبو. جنهن تي مون چيو؛ سائين هاڻ هڪ عرض آهي ته اوهين جيئن ڀٽ شاهه پهچندا ته اتي اسان اوهان سان ملنداسين. استاد چيو؛ ها اهو صحيح. پوءِ اسان استاد کان دعائون وٺي، موڪلائي، واپس ٽنڊي اچي دوستن سان حال احوال اوريو. رهاڻ جا ڪارڊ ڇپائي تيارين ۾ لڳي وياسين. نيٺ اهو ڏينهن به اچي ويو، جنهن جو اوسيئڙو هيو. استاد کي ڏنل وقت تي گل حسن لاکو دادوءَ ويو جتان هو ۽ استاد گڏجي ڀٽ شاهه پڳا، جتي نبي بخش ڏهراج ۽ ولي محمد لاکو ڀٽ شاهه بائي پاس تي اوسيئڙي ۾ هيا. سج اڃا لٿو ئي ڪو نه هيو ته رهاڻ واري هنڌ، استاد جا مداح پهچڻ شروع ٿي ويا. هوڏانهن، گل حسن لاکي ۽ نبي بخش ڏهراج فون ڪري ٻڌايو ته؛ استاد سان گڏ مرشد لطيف جي حاضري ڀري اٿئون ۽ هاڻ اچون پيا. اهڙو اطلاع اسان مائيڪ رستي رهاڻ ۾ موجود ماڻهن تائين پهچايو. انهن ئي گهڙين ۾ غلام حسين رنگريز ۽ رسول بخش درس جن به اچي پڳا. ان دوران شاهه عبداللطيف لائبريري جو سڄو هال ماڻهن سان ڀرجي چڪو هيو. ڪجهه وقت ۾ محفل جو مور به اچي ويو. جنهن جي گلن جي ورکا سان، شانائتي آجيان ڪئي وئي. رهاڻ ڪلاڪ سوا مس هلي ته اوچتو بجليءَ جي شارٽ سرڪٽ مان باهه لڳي، جنهن جي ڪري مجبورن تقريب اڌ ۾ ختم ڪئيسين. جنهن کان پوءِ غلام رسول چانڊئي جي اوطاق تي وياسين، جتي استاد جي رهائش جو بندوبست هيو. رات جو دير تائين استاد سان ڪچهري ٿي. استاد پنهنجي شاعري ۽ هڪ راڳي، جيڪو شايد غلام شبير شاهاڻي هيو، وري استاد جا ڪلام ٻڌايا. ان ڪچهريءَ ۾ علي شير بهڻ، امداد راهي، ذاڪر بلوچ، شاهه عبيد، غلام رسول شاهه فاضلاڻي ۽ ٻيا دوست پڻ موجود هيا. جتان صبح جو استاد علاج جي سلسلي ۾ ڪراچيءَ لاءِ روانو ٿي ويو. پوءِ هن واپس دادوءَ پهچي، مون کي هڪ خط لکيو ته خير سان هو گهر پهچي ويا آهن. جنهن کان پوءِ استاد سان خطن ذريعي رابطي جو سلسلو جاري رهيو. هڪ ڀيري استاد منهنجي ننڍڙي ڀيڻ جي لاڏاڻي تي تعزيتي خط پڻ لکيو هيو. وري 91ع ۾ ٽنڊي آدم ۾ سچل ايوارڊ جي هڪ تقريب دوستن رٿي، جنهن ۾ مختلف شخصيتن کي مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا. شاعري جي ايوارڊ لاءِ چونڊ استاد بخاري جي ٿي، جنهن بابت استاد کي آگاهي ڏنيسين پر فنڪشن کان ٻه ڏينهن اڳ استاد فون تي ٻڌايو ته علاج جي سلسلي ۾ شايد ڪراچي وڃڻو پئي. ايڏانهن اوهان جي ڪوٺ به آهي جنهن تي کين چيوسين؛ سائين پهريان علاج، باقي اوهان جون دعائون کپن، اوهان جو ايوارڊ اوهان تائين پهچي ويندو. پوءِ ان بهاني وري استاد سان ملڻ ٿيو. مون ۽ سائين عبيدالله شاهه دادو وڃي استاد تائين ايوارڊ پهچايو ۽ ڪلاڪ سوا تائين ساڻن ڪچهري ڪئيسين. موڪلاڻي مهل استاد دعائون ڪندي چيو؛ شال ڏکيو ڏينهن نه ڏسو. سو اڄ سنڌ، سچائي ۽ سونهن جي ٻهڳڻي شاعر کي محبتن جي ڀيٽا ڏيندي. پڇاڙي ۾ استاد جون هي سٽون به ياد اچن ٿيون ته؛ منهنجا شعر منهنجون تصويرون، جتي پڙهندين من جتي ٻڌندين من، اتي ايندئي تري يادگيريون، منهنجا شعر منهنجون تصويرون.
تنوير عباسي شخصيت ۽ شاعري جا ڪجهه عڪس رکيل مورائي جيئن ئي تو کي ڏٺم، زندگيءَ ۾ ٿي ويو ايمان تازو، توسان ڪجهه ڳالهيون ڪيم، دوستيءَ ۾ ٿي ويو ايمان تازو، تنهنجي نيڻن کي چميم، روشنيءَ ۾ ٿي ويو ايمان تازو. سچ پچ مون سان بلڪل ائين ٿيو هئو، جڏهن مان هُن سان پهريون ڀيرو مليو هوس. سنڌالاجي جي سيد حسام الدين راشدي آڊيوٽوريم ۾ مون کيس جهڪي ملي چيو هئو ته مان رکيل مورائي آهيا ته هن وڏو ڀاڪر ڀري ڇاتيءَ سان لائي ڇڏيو هئو ۽ جدا ٿيا هئاسين ته هن پهريون جملو چيو هئو ته؛ “ڪاٿي آهين هيترا ڏينهن، مليو به ناهين، تو کي امانتون مليون”؟ تو کي لڇمڻ ڪومل ڏاڍو ٿو ساري “هو تازو انڊيا مان ٿي آيو هئو ۽ اتان دادا لڇمڻ ڪومل ڪتابن سان گڏ ڪجهه ٻيون شيون به مون لاءِ کيس ڏنيون هيون. هن سگريٽ جو هڪ وڏو ڪَشُ هنيو ۽ وري ڀاڪر ۾ ڀري ڇڏيائين، اهو منهنجو ساڻسن پهريون مکا ميلو هئو. اڃا ڪلهه ڪلهوڪي ڳالهه آهي ڄڻ، هو ڪراچيءَ جي آواري ٽاورس هوٽل ۾ شاهه لطيف تي خاص خيرپور مان مقالو پڙهڻ لاءِ آيل هئو جو وري ساڻس ملڻ ٿيو. وري به اهو ئي پيار ڀريو وڏو ڀاڪر ۽ ٻن منٽن کان پوءِ ساڳيو وڏو سگريٽ جو ڪش! چهري تي نفيس مرڪ ۽ اکين مان ليئا پائيندڙ اٿاهه علم. هو شاهه تي ڳالهائي رهيو هئو، ڄڻ لکيل ڪجهه پڙهندو هجي، سندس ڳالهائڻ به ڪنهن مقالي جهڙو ئي مواد سان ڀرپور، ساڻس ڪچهري ڪرڻ کان پوءِ مون کي هر ڀيري ائين لڳو ڄڻ ڪيئي ڪتاب پڙهيا هجن، سچ ته اياز کان پوءِ سنڌي شاعرن ۾ مان ڀايان ته تنوير عباسي جهڙو ۽ جيترو پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو نه رهيو آهي. اڄ سنڌي شاعريءَ تي تنوير جهڙو ڪوئي ڳالهائڻ وارو به نه رهيو آهي. هو شاعر آهي، اول ۽ آخر شاعر، ان ڪري ان تي شاعراڻي نموني جي لکڻي ئي گهرجي ٿي. سنڌيءَ جي اڄ جي شاعرن ۾ هن جو نالو نهايت ئي اهميت وارو آهي، جنهن کي بھرحال ڪنهن به صورتحال ۾ اڳتي پوئتي ڪري نٿو سگهجي. جهڙُس نفيس اسٽائيل جو شاعر سنڌيءَ ۾ فقط نارائڻ شيام آهي. شايد ان جو سبب به سندن طبعيت جي هڪجهڙائي هجي، تنوير عباسي جي شاعريءَ ۾ نفاست سان گڏ تازگي ۽ توانائي اهڙي آهي جو اها پڙهندي ڪٿي به ڳوراڻ جو احساس نه ٿيندو پر پڙهندڙ جيئَن جيئن شاعري پڙهندو ويندو، تيئن تيئن توانو ٿيندو ويندو. هو پاڻ ۽ سندس شاعري بلڪل ڀٽائي جي هن سٽ وانگر آهي: جهڙو پنهون پاڻ، تهڙي سٽا ساٿ جي هو جهڙو پاڻ نفيس ۽ تازگيءَ ڀريو. اهڙي ئي سندس شاعري نفيس ۽ تازگيءَ ڀري. هائو تنوير! اهو مان آهيان، جتي تون آهين ته توسان آهيان. تون ڪٿي آهين ڪٿي آهين تون، تون جتي ناهين اتي مان آهيان. جڏهن به دوست ٿا توسان ملڻ جا ڏينهن اچن لڳي ٿو ڄڻ ته گلن جي ٽڙڻ جا ڏينهن اچن. رڳون ڏسان پيو توکي ۽ توسان ڳالهايان. ڪڏهن ته اهڙا ڪي واندي وهڻ جا ڏينهن اچن. تنوير کي وڻي ٿي هڪ پياري ڇوڪري. نالو نٿو وٺي پر سمجهي وڃو ڀلي. ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي شاعري ۾ نه جملن جي ڳوراڻ نه لفظن جي ڳوراڻ، نه تشبيهن ۽ تمثيلن جي غير ضروري ڀرمار! بلڪل پوپٽ جي پرن جهڙي شاعري ۽ پاڻ جڏهن مرڪي نهاري ته زندگيءَ ۾ ايمان تازو ٿي وڃي. رڳو ٿيون رباب پڙهجي ته به ايمان تازو ٿي وڃي، ساجن سونهن سرت پڙهجي ته به ايمان ٿي وڃي تازو. شاعريءَ سان گڏوگڏ هن ادب جي هر صنف سان خوبصورت نڀاءُ ڪيو. تحقيق جي حوالي ۾ سندس شاهه تي لکيل سمورين سنڌي ٿيسزن کان اهم ڪتاب. “شاهه لطيف جي شاعري آهي” جنهن جا سنڌ ۾ ڪيترا ئي ڇاپا اچي چڪا آهن، ان کان علاوهه تحقيق ۽ ترتيب هيٺ آيل سندس اهم ڪتاب آهن: خير محمد هيسباڻيءَ جو ڪلام ۽ نانڪ يوسف جو ڪلام: جيڪي ترتيب ۽ تحقيق جو اعليٰ روپ رکن ٿا سندس ترتيب ۾ آيل ٻه اهم ڪتاب: ٻاراڻا ٻول ۽ ۲ جديد سنڌي شاعري، آهن جيڪي پڻ مختصر پر خوبصورت ترتيب جو نمونو آهن. سچل تي سندس انگريزي ۾ ترتيب ڏنل ڪتاب منفرد اهميت جو آهي. ادبي مضمونن تي ٻڌل سندس ڪتاب “ترورا” پنهنجو مٽ پاڻ آهي. خاص ڪري ان ۾ هائيڪو ۽ آزاد نظم تي ڪيل تحقيق سنڌي ادب ۾ نهايت اهم جڳهه والاري ٿي، هائيڪو تي جيڪو ڪم تنوير ڪيو آهي اهڙو ڪنهن سنڌي اديب نه ڪيو آهي، ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو هڪ ئي سفر نامو “ ڏوري ڏوري ڏيهه” به سفري ادب ۾ نهايت ئي اهم جڳهه والاري ٿو. ان کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب جو ڪتاب “منهن تنين مشعل” آهي جيڪو سندس ويجهن يارن دوستن تي لکيل خاڪن جو آهي، اهي خاڪا اهڙن ماڻهن جا آهن جيڪي گهڻي ڀاڱي اديب شاعر نه آهي. هڪ ٻيو ڪتاب: “جي ماريا نه موت” هيءُ هڪ ناول جو ترجمو آهي جيڪو ان دور ۾ ڊاڪٽر صاحب ترجمو ڪيو. جنهن دور ۾ نئين سنڌي شاعريءَ جي امام شيخ اياز لکيو هئو ته: سنڌڙي تنهنجو نانءُ وتو، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيو. وطن دوستيءَ تي لکيل هن انقلابي ناول کي ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ انتهائي خوبصورت سولي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري هڪ اعليٰ مترجم جو پڻ ثبوت ڇڏيو آهي. شاعريءَ ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جا لکيل ڇهه ڪتاب آهن، جيڪي نئين سنڌي شاعريءَ جا اهم ترين ڪتاب آهن. ۱- “رڳو ٿيون رباب” ۲- “شعر” ۳- “سج تريءَ هيٺان” ۴-” هي ڌرتي” ۵-” تنوير چئي” هيءُ ڪتاب سنڌي الاجيءَ سڀني ڪتابن کي گڏي هڪ جلد ۾ ڇپايو آهي ۽ ۶ -” ساجن سونهن سُرت” هيءُ ڪتاب ڊاڪٽر صاحب جو آخري ڇپيل ڪتاب آهي، ان کان سواءِ ٻيا الائي ڪيترا اڻ ڇپيل ڪتاب ڊاڪٽر وٽ هوندا. تازو پتو پيو آهي ته شاهه جو رسالو پڻ ڊاڪٽر صاحب ترتيب ڏنو آهي جيڪو شاهه لطيف چيئر وٽ آهي ڇپائي لاءِ. ۽ آخري پلن تائين لکندو رهڻ وارو ڊاڪٽر تنوير ۲۵ نومبر ۱۹۹۹ع تي اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويو آهي. ۷ ڊسمبر ۱۹۳۴ع سندس جنم ڏينهن آهي. هن سنڌ کي جيڪي ڪجهه ڏنو سنڌ ان جو احسان ڪڏهن لاهي سگهندي اهو چئي نٿو سگهجي. پر اهو طئه آهي ته ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو موت هن صديءَ جو سنڌي ادب لاءِ نارايڻ شيام، شيخ اياز، استاد بخاري، موهن ڪلپنا ۽ ڊاڪٽر الهداد ٻوهئي، جي موت جيان هڪ نهايت ئي وڏو نقصان آهي جنهن جو پورائو ناممڪن آهي. ۽ اڄ ڪلهه جڏهن هن جو مڙهه اسلام آباد جي پٿرائين زمين ۾ دفن ٿي چڪو آهي تڏهن، هن جو ڪو چاهيندڙ سوچي رهيو آهي ته ڇا اهو ممڪن آهي ته هو پنهنجي محبوب ليکڪ کي، سندس قبر تي وڃي ٻن لڙڪن جي ڀيٽا ڏئي سگهندو، سندس قبر جا ڪوهين دور آهي. ان جي پيراندي کان ويهي هو پنهنجا تازا شعر ارپڻ ڪري سگهندو ۽ جي ائين نه ڪري سگهندو ته کيس جيڪو ڏک ۽ بيوسي ٿيندي ان جو سبب اهو هڪ ئي شخص آهي، جيڪو رسمن جي نالي سندس جسماني پٽ آهي. ۽ اسين سنڌ جا اڻ ڳڻيا سندس روحاني اولاد جيان جيڪي آهيون انهن کي اهو حق به نه آهي ته اهو چئي سگهن ته هن شخص کي ان مٽي ۾ دفن ڪيو وڃي جنهن مٽي جي مان وڌائڻ لاءِ هو سڄي عمر جستجوءَ ۾ رهيو ۽ جنهن مٽيءَ کي هن ماءُ سمجهيو، مئي پڄاڻا هن کي ان ماءُ جي هنج کان به پري ڪيو ويو. اهڙي قسم جي اڻ قبوليل جلاوطني ۾ هن جو ورح ڇا سوڀي ديري کي نه ساريندو هوندو ؟! هن جو روح خيرپور جون کجيون نه تڪيندو هوندو؟! ڇا هن جا اڻپورا رهجي ويل ڪتاب هن جي دوري نه محسوس ڪندا هوندا؟ جيڪي وري ڪڏهن به هن جي هٿن جي ڇهاءُ جو لطف نه وٺي سگهندا. ۽ ڪوفي جهڙي شهر ۾ سرڪاري نوڪر سندس پٽ اهو ڪيئن ڀلجي ويو آهي ته جڏهن هو ڪنهن به سبب جي ڪري ان شهر مان ڪڍيو ويندو، تڏهن هن لاءِ اهو ممڪن رهندو ته هو پنهنجي سمورين مصروفيتن مان ڪجهه وقت ڪڍي، سوڀي ديري کان اسلام آباد وڃي رسم نڀائڻ لاءِ سال ۾ فقط هڪ دفعو نائين محرم شريف تي يا ستاويهين رمضان شريف تي پنهنجي ان عظيم پيءُ جي قبر تي ٻه ٻُڪ ٻاجهريءَ جا ۽ هڪ لوٽو پاڻي جو رکي ايندو، جيئن هن جو روح پنهنجي پونئيرن جي موجودگي محسوس ڪري؟! اسان جون دعائون سدا هن سان گڏ آهن، ڌڻي شال کيس وڏي ڄمار ڏئي ۽ اها توفيق به ڏئي ته هو ڪنهن به اهڙي احساس کان جيڪو کيس گناهه جو احساس محسوس ٿئي، اچڻ کان اڳ ۾ پنهنجي عظيم پيءُ جي قبر تي وڃي پنهنجي ڪيل غلطيءَ تي ندامت جا ۽ اعتراف جا ٻه لڙڪ وهائي کانئس معافي گهري. تنوير عباسي جيئڻ اسانجو ڪجهه اهڙو آهي! شعبان وسطڙو ڪي ماڻهو انهيءَ ڪري به وڻندا آهن ته هو ايندڙ خوشحال وقت جون ڳالهيون ڪندا آهن، مرڪن ۽ محبتن کي ٻين سان ونڊيندا آهن، گلن جي سرهاڻ ۽ خوشبوءِ کي اهميت ڏيندا آهن، مايوسين ۽ نراسائين کان نه ڊيڄاريندا آهن، پر هو ته پاڻ به همت جو رستو ڏيکاري اڳلي جي جان ۾ همت ۽ طاقت پيدا ڪندا آهن، ڇوته پاڻ به اهڙي سرهاڻ جا واسيل هوندا آهن، جن مان هر ڪو واس وٺڻ جي ڪوشش به ڪندو آهي. اهڙو هڳاءُ پکيڙيندڙ سنڌ جي هڏڏوکي ۽ لاجواب ماڻهو تنوير عباسي به هو. ٻرياسين ٻه پل پر وسامڻ کان اڳ ۾، هزارين چراغن کي ٻاري ڇڏيوسين. تنوير عباسي سان منهنجي ڏيٺ ويٺ تمام پراڻي هئي. ايڏو گهرو ڳانڍاپو نه سهي پر هو پنهنجي ڪردار ۽ لکڻين سان منهنجي روح ۾ رچيل هو، نور نبي عباسي جي گهر ۾ ۷ ڊسمبر ۱۹۳۴ع ۾ جنميو، بنيادي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ طبيب بنجي ويو ۽ مسيحا بنجي غريب اٻوجهه ماڻهن جي سيوا ۽ خدمت ۾ جنبي ويو. (پاڻ خيرپور ۾ پنهنجي خانگي اسپتال هلائيندو رهيو). ننڍي هوندي کان ئي علم ادب جي شوق کيس انهيءَ منزل تي پهچايو، جتي سندس ڏاهپ نمايان ٿي بيٺي ۽ هو شاعري ۽ نثر جو وڏو ڄاڻو ۽ ماهر ليکجڻ لڳو ۽ ادب جي ذوق کيس اهڙو ته رچائي ريٽو ڪيو جو ڪنهن به صورت وقت جي مفڪرن ۽ ڏاهن کان گهٽ نه هو، هونئن به چوندا آهن ته سٺا ڪتاب ۽ دل جي سچائي هر ڪنهن جي سمجهه ۾ نه ايندي آهي. تنوير جي لکت ۾ تمام گهڻي پختگي هئي، مون کي جن لکارين جو نثر ۽ لکڻ وڻندو آهي تنوير به انهن مان هڪ آهي تنوير ڏينهن رات نور نچوئي ادب لاءِ ڪافي ڪوششون ۽ ڪاوشون ڪيون ۽ هن تعبيري ۽ معياري لکتون سنڌي ادب کي ارپيون، هو بنيادي طور شاعر ٿي اڀريو پر سندس بهترين ۽ بين القوامي مطالعي کيس نثر لکڻ تي به مجبور ڪيو ۽ هن نثر جي ميدان ۾ جيڪي واهڙ وهايا آهن تن جو به ڪمال آهي، پاڻ نثر ۽ نظم جي ٻولي کي جنهن حسن سان نکيري نروار ڪيو آهي، انهيءَ سندس ادبي قد ڪاٺ واري وزن کي هٿي ڏني. تنوير عباسي سنڌي ادبي سنگت سان تمام گهرو سلهاڙيل رهيو، هن ادبي سنگت کي هڪ نئون رخ ۽ موڙ ڏنو ۽ نواڻ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. نوجوانن کي موقعو فراهم ڪيو، جنهن سبب سنڌي ادبي سنگت ۾ فڪري سجاڳي نظر آئي ۽ انهيءَ سجاڳي سبب اڄ تائين ادبي سنگت جيڪو ڪردار نڀائي رهي آهي ۽ جنهن رخ ۾ سنڌ جي مڙني ڏکن دردن سان سلهاڙيل رهي آهي اهو ڪريڊٽ تنوير ڏانهن وڃي ٿو. هن جنهن به فيلڊ ۾ جتي به قدم رکيو انهيءَ سان خوب نڀايو ۽ سچ به ته گهڻو ڪجهه ڏئي ويو، پوءِ ادبي ميدان هجي يا ادارا هجن، دوست هجن يا دوستن جا به دوست، پر سچ ته سندس انهيءَ شعر جيان هو بلڪل سچ چئي ويو ته: ڪجهه ڏئي وينداسين، ڪجهه نه کڻي وينداسين، ٻور آهيون ۽ ڏئي ميوو ڇڻي وينداسين. ۽ اها حقيقت آهي ته جيئري ته هو هر ڪنهن مٿان پنهنجي جان به نڇاور ڪندو هو پر مُئي کانپوءِ به پنهنجو جسم عوام کي ارپي ڇڏيو، ڇوته دل جي سچائي به سٺن ڪتابن وانگر ڪنهن جي سمجهه ۾ نه ايندي آهي ۽ اهڙي طرح سچن ماڻهن کي سمجهڻ به هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي ۽ تنوير به اهڙو سچو کرو ۽ فقير منش ماڻهو هو، جيڪو جهڙي تهڙي جي سمجهه کان مٿانهون هو، انهن سٽن جيان ته: اسان انڌيرن سان رکي دوستي، روشني سان بغاوت ڪئي آ، اسان ڪري خريد درد سور سارا، سکن جي سخاوت ڪئي آ. تنوير ادب ۾ پير پائي ۽ شاعري ۾ هن قلم جو جيڪو پورهيو ڪيو آهي، تنهن ۾ هن پنهنجو تخلص مغموم سڏرايو پر پوءِ ستت ئي پنهنجو نالو تنوير عباسي سڏائڻ لڳو ۽ هن جيڪا به ادبي خدمت ڪئي سا تنوير عباسي جي نانءُ سان اسان جي سامهون آهي. تنوير ادبي دنيا ۾ جيڪا نواڻ آندي تنهن جو ڇيهه ناهي پر هنن نين نين صنفن تي به طبع آزمائي ڪئي، سندس جيڪا فڪري سوچ هئي اها به ڪمال جي هئي، هن جو فڪر جنهن ۾ ايندڙ وقت لاءِ نئين نسل لاءِ آسان رستو ٻڌايل آهي ته جيئن ڪٿي ٿڙي ٿاٻڙجي نه پون، هو پنهنجي ڏنل نظرئي تي آخري وقت تائين به قائم رهيو، هن جي نظرئي ۽ فڪر ۾ سنڌ، سنڌي ٻولي سنڌي عوام شامل هو. تنوير عباسي هڪ کرو، سچو شاعر ۽ سٺو انسان هو جيڪو چند ماڻهن ۾ وڏو ماڻهو مون ڏٺو، هن پنهنجي سڄي زندگي ۾ ڪنهن به دوست کي ڌوکو نه ڏنو پر پنهنجي شاعري ۾ لکيل لفظ لفظ جيان جهڙو لکت ۾ کرو اهڙو سامهون سنگت ۾ به سچو ۽ کرو شخص نظر آيو. تنوير پنهنجي شاعري ۾ لفظن جو هڪ اهڙو ته ڄار اڻيو آهي ۽ جيڪا اڻت ۽ لفظن جي ڪاريگري ڪئي تنهن عوام جي من کي موهي وڌو آهي ۽ سندس لفظن جون لڙهيون ماڻهن جي من اندر جهڙيون رقص ڪنديون هجن ۽ ائين جڏهن ماڻهن جي چپن تي سندس گيت هُرڻ لڳا ته سچ پچ ته هو عوامي شاعر جي حيثيت ۾ ڄاتو سڃاتو ويو. تون جي چپ ٿي وئين تنوير، ته ڪو به نه شعر ٻڌائيندو، دل وارن جي درد وندن جي محفل ڪير مچائيندو، تون جي آمهون سامهون هوندين وقت ائين گذري ويندو، رات کٽي ويندي پر، ڪوئي ڳالهيون ڪين کٽائيندو. تنوير سنڌي ٻولي جو ڀلوڙ شاعر هو، سندس ڪيل مطالعي مان اها لکا ملي ٿي ته سندس حيثيت سنڌي شاعري ۾ هڪ وڏي شاعر جيان آهي، هو پنهنجي دور جو سرموڙ شاعر ليکجي ٿو. تنوير حوصلي وارو شاعر هو هن ڪڏهن به همت نه هاري بلڪه اڳتي قدم وڌائڻ لاءِ همٿائيندو رهندو هو. قوميت جي حوالي سان تنوير ۾ ننڍي هوندي کان ئي اها جهڙي سُتي پيل هجي جڏهن به سنڌ سان ويڌن يا ڏاڍ ٿيو، اتي هن سر اڏي تي رکي اڳتي قدم وڌايو ۽ سنڌ جي ذهني فڪري آجپي جي هر وقت سنڌي قوم سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺو، هن سنڌ ڌرتي کي پنهنجي سيني ۾ سانڍيو ۽ وڏي واڪي چوندو هو ته ڌرتي ماءُ ٿيندي آهي ۽ سچ به ته تنوير ڌرتي لاءِ ماءُ بنجي ڏيکاريو. هن ڪنهن سان نه ڏاڍائي ڪئي ۽ نه ئي هُن چاهيو ته مونسان ڪير ڏاڍائي ڪري، تنوير جو اٿڻ ويهڻ، ڳالهائڻ، کائڻ ۽ چوڙڻ هر هڪ شئي ۾ نفاست شامل هئي. هن زندگي کي هر وقت هر موڙ تي خوبصورت ۽ من موهيندڙ ڏسڻ ٿي چاهيو، جنهن ۾ ڪنهن قدر ڪاميابي ماڻي. تنوير محبتي ماڻهو هو تڏهن ته سندس اڳيان پويان دوستن جا ميڙ هوندا هئا. سندس سڀاءُ واري شخصيت جيڪا هر ماڻهو کي مُنڊي وجهندي هئي ۽ پهرين ملاقات کانپوءِ ماڻهو سندس محبتي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويندو هو، اهو سندس محبتي تاثير هو جنهن سندس شخصيت کي اڃان به اوچو ۽ مضبوط بنائي رکيو هو. پاڻ دوستي ۾ دوستن مٿان فدا پيو ٿيندو هو، شل نه ڪنهن کي تڪليف ۾ ڏسي، تڙپي پوندو هو جهڙو هو اندر ۾ ڏاڍو حساس هو، دوست جڏهن مهمان ٿي وٽس ايندا هئا ته هو سندس خدمت ڪندين نه ٿڪبو هو. تنوير عباسي ادب ۾ هر موضوع تي ڏاڍي وائکي نموني لکيو، اهو پوءِ اها شاعري هجي يا نثر ۾ ڪهاڻي، سفر نامو، خاڪا، تحقيق ۽ ٻيو ڪجهه ائين چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو پاڻ هڪ بهترين مفڪر، محقق، ادب جو پارکو، ڏاهو ۽ دانشور هو. علم ۽ ادب جو ڄاڻو، ڪيترن ئي دوستن ۽ شاگردن سندس رهنمائي ۾ ڊاڪٽريٽ جون ڊگريون ورتيون. شاهه صاحب جو عاشق ۽ ساڻس والهانه عقيدت ۽ محبت ڪندڙن مان هو، شاهه سائين تي ڪيترائي تحقيقي مضمون لکيائين. هُن ڪڏهن همت نه هاري بلڪه هر ڪنهن کي سگهاري ٽيڪ ڏيندو هو ۽ جيئڻ جو ساهس بخشيندو هو، هن محبت سان حسين زندگي کي نيڻن سان پسيو ۽ هو زندگي ۾ ڪنهن به لمحي مايوس ۽ نراس نظر نه آيو، هن وٽ جيڪي ڪجهه به هيو سو آخر ۾ ونڊي ورڇي سڀني کي ڏئي ويو، اها آهي زندگي ۾ جيئڻ جي سوچ ۽ لوچ سندس ئي انهيءَ سٽن جيان ته: ٻرڻ اسان جو ڪجهه اهڙو آهي، جتي وڃون ٿا روشني آ، جيئڻ اسان جو ڪجهه اهڙو آهي، جتي جيئون ٿا، زندگي آ. ڊاڪٽر تنوير عباسي جديد سنڌي شاعريءَ جو اهم حوالو رضوان گل سنڌ جي تاريخ جو مطالعو ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته مختلف شعبن ۾ هن ڌرتيءَ ڪيئي ڏاها ۽ ڏات ڌڻي ڄڻيا آهن. هن ڀونءِ جو چپو چپو سونهن، سينگار، سرت ۽ ساڃاھ سان مالا مال آهي. ادبي شعبي جو جائزو وٺبو ته سنڌي ادب ۽ خصوصاً جديد سنڌي ادب جي اوسر ۾ جن شخصيتن نهايت اهم ۽ فعال ڪردار ادا ڪيو آهي، انهن ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي جو نالو نهايت ئي نمايان حيثيت جو حامل آهي. سنڌي ادب کي دؤرن ۾ ورهائبو ته هوند ڪيئي دؤر جُڙي پوندا، پر فڪري حوالي سان بنيادي طور سنڌي ادب جا ٻه نمايان دؤر آهن. پهريون ڪلاسيڪي دؤر ۽ ٻيوجديد دؤر. ڪلاسيڪي دؤر ۾ اسان جي شاعرن ۽ بزرگن سنڌي ادب کي اهڙو بنياد فراهم ڪيو جنهن جي ٻَلَ تي جديد ادب جي بهتر ارتقا ۽ اوسر ٿي سگھي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڊاڪٽر تنوير عباسي جديد سنڌي ادب جي گھڻگھرن ليکڪن مان هڪ هيو. ڊاڪٽر تنوير عباسي جو نالو سنڌ جي انهن ڳاڻ ڳڻين اديبن، شاعرن ۽ دانشورن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو، جن سنڌي ادب جي عمارت سازيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. تنوير عباسي ادبي ميدان ۾ گھڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هو، جو هو هڪ ئي وقت سهڻو شاعر ۽ بهترين نثر نگار هو. سندس فڪري ارتقا جو جائزو وٺڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هو سڀ کان پهريان هڪ شاعر جي روپ ۾ ادبي ميدان ۾ آيو ۽ شاعريءَ واري ڪاڪ محل ۾ پنهنجو وجود وڃايو. هن نثر کان وڌيڪ نظم کي چاھ جي نگاھ سان ڏٺو. اهڙو ئي اظهار هن پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ به ڪيو هو ته ”ننڍي هوندي ئي مون کي نثر کان وڌيڪ نظم سان لڳاءُ هو، جيڪي درسي ڪتاب هوندا هئا انهن ۾ مون کي نظم وڌيڪ وڻندا هئا پوءِ چاهي انگريزيءِ ۾ هجن چاهي سنڌيءَ ۾.“ تنوير عباسيءَ جي ڇٺيءَ جو نالو نور نبي ولد گل حسن آهي. سندس جنم ۷ ڊسمبر ۱۹۳۴ ۾ ڳوٺ سوڀي ديري، ضلعي خيرپور ميرس ۾ ٿيو، ميٽرڪ اين.جي.وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان، انٽر گورنمينٽ سائنس ڪاليج ڊي جي سنڌ ڪراچيءَ مان ڪيائين، جنهن کان پوءِ ايم بي.بي ايس لياقت ميڊيڪل ڪاليج حيدرآباد مان ۱۹۶۰ع ۾ پاس ڪيائين. ڊاڪٽر تنوير عباسي جو پهريون شعر ۱۹۵۰ ۾ رسالي ”فنڪار“ حيدرآباد ۾ شايع ٿيو. سندس شاعريءَ جي مجموعن ۾: ”رڳون ٿيون رباب“ ۱۹۵۸، ”شعر“ ۱۹۷۰، ”سج تريءَ هيٺيان“ ۱۹۷۷، ”هيءَ ڌرتي“ ۱۹۸۵، ”تنوير چئي“ ۱۹۸۹، ”ساجن سونهن سرت“ ۱۹۹۶ شامل آهن. سندس ڇپيل ٻين ڪتابن ۾، ’ٻاراڻا ٻول‘ ۱۹۷۳، ’جديد سنڌي شاعري‘ ۱۹۸۱، ’شاهه لطيف جي شاعري‘ جلد پهريون ۱۹۷۶، ’شاهه لطيف جي شاعري‘ جلد ٻيو ۱۹۸۵،’ شاهه لطيف جي شاعري‘ جلد ٽيون (جلد پهرئين ۽ ٻئي سان گڏ ڇپيل) ۱۹۸۹، ’نانڪ يوسف جو ڪلام‘ ۱۹۸۲، ’خير محمد هيسباڻي جو ڪلام‘ ۱۹۸۳، ’ڏوري ڏوري ڏيهه‘ ۱۹۸۴، ويٽنامي ناول جو ترجمو ’جي ماريا نه موت‘ ۱۹۷۳، سچل سرمست يادگار ڪميٽي خيرپور جي ڪتابي سلسلي’سرمست‘ جا ۹ جُلد سهيڙيل ۱۹۸۰ کان ۱۹۸۹ ۽ مضمونن، خاڪن، يادگيرين، انٽرويو ۽ دبئي جي سفر نامي جو مجموعو’ترورا‘ ۱۹۸۸، شامل آهن. ان کان علاوه ادب ۽ سماج جي حوالي سان لکيل سندس سئو کان وڌيڪ مقالا مختلف تحقيقي جرنلس ۽ رسالن ۾ ڇپيل آهن. تنوير عباسي جي شاعريءَ جو جائزو وٺڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته آغاز ۾ هن روايتي شاعريءَ کي اپنايو. اهو جميعت الشعراءَ جي عروج جو زمانو هو. سڄيءَ سنڌ تي شاعريءَ جي موسم لٿل هئي. سنڌ جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ مشاعرا ۽ ادبي ڪانفرنسون منعقد ٿينديون هيون، پر ان دؤر جي گھڻن شاعرن تي فارسي شاعريءَ جو رنگ چڙهيل هيو، جنهن ۾ فڪر کان وڌيڪ فن تي ڌيان ڏنو ويندو هو. تنوير عباسي انهيءَ سموري ماحول کان متاثر ٿيو ۽ جميعت الشعراء جي ان وقت جي صدر ڊاڪٽر ابراهيم خليل کان باقاعده علم عروض جي سکيا پڻ ورتي. سندس اهڙي شاعري جيڪا وزن، بحر جي سخت پابند ۽ شعري صنعتن سان جھنجھ ۽ فارسي لفظن ۽ ترڪيبن سان ڀرپور نظر اچي ٿي، تنهن مان مثال طور چند شعر پيش آهن: داغهائي دلِ ويران کي ڏسي رهنداسيـن، ٿيندي گلزار بيابان کي ڏسي رهنداسين. ڊاڪٽر تنوير عباسي جي مٿين قسم جي شاعري سندس شعري مجموعي ”رڳون ٿيون رباب“ ۾ ملي ٿي. سندس اهڙي شاعريءَ جو دؤر ۱۹۵۰ کان ۱۹۵۸ تائين يعني فقط اٺن سالن تي محيط آهي، پر ساڳئي ئي دؤر ۾ ساڳئي مجموعي ۾ ”نئين مارئي“ جهڙا سندس شاهڪار نظم به شامل آهن. ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ مطابق ”سندس نظم ’نئين مارئي‘ بلڪل هڪ نئين انداز ۽ موجوده دؤر جي ڪردار کي پيش ڪري ٿو، جنهن ۾ اُمنگ آهي، جوش جذبو آهي، وٽس لڙڪ نه پر چڻنگون آهن، هو سڏڪا نه ٿي ڀري پر باھ ٿي لڳائي. هو محلن ۾ مجبور نه ٿي رهي پر زنجير ٽوڙي ٿي، هو مارن ڏي مدد لاءِ واجھائي نه ٿي پر پنهنجي مدد پاڻ ڪري ٿي، هو جُھڪي نه ٿي پر جھڪائي ٿي. اهوئي آدرشي ڪردار آهي تنوير وٽ ۽ اهڙن سورمن ۽ سورمين جي ضرورت آهي. جڏهن سنڌ ۾ مزاحمتي تحريڪ ۾ عورتن حصو ورتو، هنن جيلن جون سختيون سهي روشن خيال فڪر جو سربلند ڪيو، ’نئين مارئي‘ بلڪل اهڙي امنگ ۽ اميد کي جاڳائڻ وارو نظم آهي.“ ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ سندس ساٿي يورپ جي مشهور ادبي تحريڪ ”ترقي پسند تحريڪ“ کان متاثر ٿيا ۽ سندن فڪر ۾ واضح تبديلي آئي. هاڻي ادب ۾ حقيقت نگاري، جي ڳالھ ٿيڻ لڳي. هاڻي سندس شاعري گل و بلبل، ساغر و مينا، ساقي و ميڪده کان گھڻو ٻاهر نڪري آئي هئي. هن پنهنجي همعصر شاعر دوستن شيخ اياز، نارايڻ شيام، هري دلگير، عبدالڪريم گدائي ۽ نياز همايوني وغيره سان گڏجي شعوري طور سنڌي شاعريءَ ۾ اهي فڪري تبديليون آنديون جنهن ۾ جديد دؤر جي مدِ نظر سنڌي شاعريءَ ۾ ڌرتي، قوم ۽ عوام جي ڏکن کان وٺي ظلم ۽ ڏاڍ خلاف آواز بلند ڪرڻ جهڙا موضوع سمايل هئا. انهيءَ حوالي سان تنوير جون هي سٽون ڏسو: سنڌڙي منهنجا سارا ڳوڙها تنهنجا آهن، منهنجي جرئت منهنجي همت تولاءِ آهي. منهنجي قوت منهنجي طاقت تو لاءِ آهي، ٻانهن ۾ جيڪو آ ٻَلُ سو تو لاءِ آهي. هن سموري عرصي ۾ تنوير جي شاعريءَ ۾ بغاوت جي بلند نعرن جي گونج سان گڏ سندس لفظن ۾ همت ۽ حوصلي جا هٿيار به نظر اچن ٿا. هُو انهيءَ همت ۽ بهادريءَ جي ٻل تي انڌيري کي اجالي ۾ دٻجندي ڏسي ٿو ۽ سندس مايوسي اميد ۾ مٽجي وڃي ٿي: هي ظلمتون ۽ هي اونڌاهين جا واچوڙا، سدائين ڪين ڏيئن جون دليون ڏڪائيندا. هي ذرا نور جا يعني هي چمڪندڙ تارا، ملي جي هڪ ٿيا ته سج ڪو نئون اڀاريندا. ڊاڪٽر تنوير عباسي جي مٿئين قِسم جي شاعري سندس شعري مجموعن ”شعر“، ”هيءَ ڌرتي“ ۽ ”سجُ تِريءَ هيٺان“ ۾ شامل آهي. غلام محمد گرامي تنوير جي شاعريءَ تي ڏاڍي ڪارائتي راءِ ڏني هئي ته: ”تنوير عباسي پنهنجي فن ۽ شاعريءَ جي هرهڪ صنف کي حسين کان حسين بنائڻ جي لاءِ فني تجربا ڪيا آهن. انهيءَ کيس ادب ۾ وڏو مقام ڏنو آهي، ان لحاظ سان سنڌي ادب ۾ چوٽيءَ جي وڏن شاعرن ۾ کيس جڳھ ملي چُڪي آهي. محبت، باهمي اُخوت، انسانيتِ عامه جو شعور ۽ حُب الوطني سندس فن جا مکيه عناصر آهن.“ ڪتاب ”سج تريءَ هيٺان“ جي مهاڳ ۾ نامياري شاعر امداد حسيني لکيو آهي ته: ”تنوير پنهنجي لفظ لفظ سان کرو ۽ سچو آهي.“ تنوير عباسيءَ جي شاعري مقصديت واري شاعري آهي. هن پنهنجي سوچن کي خواھ مخواھ گُهٽيو نه آهي بلڪه هن کي جيڪا ڳالھ صحيح لڳي، کُلي عام چئي ڏنائين.“ امداد حسينيءَ جي انهيءَ راءِ جي شاهديءَ طور تنوير جا ڪيترائي نظم پيش ڪري سگھجن ٿا، جن ۾ فقط سچ جو پڙاڏو ٻُڌڻ ۾ ايندو. اهي نظم سندس روح جو آواز آهن. اهڙو آواز جنهن ۾ درد به آهي، صدا به آهي، تلخي به آهي ته بيباڪي به. تنوير عباسي شاعريءَ جي مڙني صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي، جن ۾ غزل، نظم، آزاد نظم، نثري نظم، گيت، بيت ۽ وائي وغيره شامل آهن. ان سان گڏ و گڏ سنڌي شاعريءَ ۾ جاپان جي مقبول صنف ”هائڪو“ کي سنڌي جو روپ ڏئي سنڌي ادب ۾ هڪ نئين صنف متعارف ڪرائي. مجموعي طور ڊاڪٽر تنوير جي شاعري اسان جي سماج جي ڏکن سُکن ۽ ڌرتيءَ جي ڀرپور نمائندگي ڪري ٿي. سندس شاعريءَ جي مطالعي بعد معاشري جو هر فرد ان ۾ پنهنجي پنهنجي احساسن جو اولڙو پسي ٿو جيڪا ڊاڪٽر جي شاعريءَ جي تمام وڏي خصوصيت آهي. تنوير عباسي جي ۲۵ نومبر ۱۹۹۹ تي اسلام آباد ۾ وفات ٿي، سنڌ ڌرتيءَ جو هي سپوت ڪوهين ڏور اسلام آباد ۾ مدفون آهي، پر جڏهن به جديد سنڌي ادب جو ذڪر ايندو ته ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو نالو جديد سنڌي شاعرن جي صف ۾ نهايت ئي مانائتو ۽ معتبر ليکيو ويندو. ڊاڪٽر تنوير عباسي جديد سنڌي شاعريءَ جو هڪ سگهارو ٿنڀ رضوان گل ڊاڪٽر تنوير عباسي سنڌ جي انهن ڳاڻ ڳڻين اديبن، شاعرن ۽ دانشورن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو جن سنڌي ادب جي عمارت سازيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. تنوير عباسي ادبي ميدان ۾ گھڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هو. جو هو هڪ ئي وقت سهڻو شاعر ۽ بهترين نثر نگار هو. سندس فڪري ارتقا جو جائزو وٺڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هو سڀ کان پهريان هڪ شاعر جي روپ ۾ ادبي ميدان ۾ آيو ۽ شاعريءَ واري ڪاڪ محل ۾ پنهنجو وجود وڃايو. هن نثر کان وڌيڪ نظم کي چاھ جي نگاھ سان ڏٺو. اهڙوئي اظهار هن پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ به ڪيو هو ته ”ننڍي هوندي ئي مونکي نثر کان وڌيڪ نظم سان لڳاءُ هو، جيڪي درسي ڪتاب هوندا هئا انهن ۾ مونکي نظم وڌيڪ وڻندا هئا پوءِ چاهي انگريزيءِ ۾ هجن چاهي سنڌيءَ ۾.“ تنوير عباسي جي شاعريءَ جو جائزو وٺڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته آغاز ۾ هن روايتي شاعريءَ کي اپنايو. اهو جميعت الشعراءَ جي عروج جو زمانو هو. سڄيءَ سنڌ تي شاعريءَ جي موسم لٿل هئي. سنڌ جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ مشاعرا ۽ ادبي ڪانفرنسون منعقد ٿينديون هيون، پر ان دؤر جي گھڻن شاعرن تي فارسي شاعريءَ جو رنگ چڙهيل هيو جنهن ۾ فڪر کان وڌيڪ فن تي ڌيان ڏنو ويندو هو. تنوير عباسي انهيءَ سموري ماحول کان متاثر ٿيو ۽ جميعت الشعراء جي ان وقت جي صدر ڊاڪٽر ابراهيم خليل کان باقاعده علم عروض جي سکيا پڻ ورتي. سندس اهڙي شاعري جيڪا وزن، بحر ۽ شعري صنعتن جي گرد نظر اچي ٿي، تنهن مان مثال طور چند شعر پيش آهن: داغهائي دلِ ويران کي ڏسي رهنداسين ٿيندي گلزار بيابان کي ڏسي رهنداسين دوست اچ اڄ ته وٺون سمجھي مزاجِ عالم يار جي زلفِ پريشان کي ڏسي رهنداسين. رهڻ ڏي دستِ جنون، تار هڪڙي دامن ۾ بيادگارِ جنون ڪجھ ته پير هن ۾ هجي. دل جي خلش هڪ مبهم مبهم ٿي ويندي اڄ زيست جو حاصل ديدؤ پونم مهر خموشي چئي ڏيندا احوالِ مفصل. ڊاڪٽر تنوير عباسي جي مٿين قسم جي شاعري سندس شعري مجموعي ”رڳون ٿيون رباب“ ۾ ملي ٿي ۽ سندس اهڙي شاعريءَ جو دؤر ۱۹۵۰ کان ۱۹۵۸ تائين يعني فقط اٺن سالن تي محيط آهي پر ساڳئي ئي دؤر ۾ ساڳئي مجموعي ۾ ”نئين مارئي“ جهڙا سندس شاهڪار نظم به شامل آهن. ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ مطابق سندس نظم ”نئين مارئي“ بلڪل هڪ نئين انداز ۽ موجوده دؤر جي ڪردار کي پيش ڪري ٿو، جنهن ۾ اُمنگ آهي، جوش جذبو آهي، وٽس لڙڪ نه پر چڻنگون آهن، هو سڏ ڪانه ٿي ڀري پر باھ ٿي لڳائي. هو محلن ۾ مجبور نٿي رهي پر زنجير ٽوڙي ٿي، هو مارن ڏي مدد لاءِ واجھائي نٿي پر پنهنجي مدد پاڻ ڪري ٿي، هو جھڪي نٿي پر جھڪائي ٿي. اهوئي آدرشي ڪردار آهي تنوير وٽ ۽ اهڙن سورمن ۽ سورمين جي ضرورت آهي.... جڏهن سنڌ ۾ مزاحمتي تحريڪ ۾ عورتن حصو ورتو، هنن جيلن جون سختيون سهي روشن خيال فڪر کي سربلند ڪيو، ”نئين مارئي“ بلڪل اهڙي امنگ ۽ اميد کي جاڳائڻ وارو نظم آهي. تنوير عباسي جي ڄاڻايل نظم جي ٿوري جھلڪ: جي مطمئن نه ٿياسين قرار ڪجھه ته مليو اٿاھ سمنڊ مان هڪ قطرو يار ڪجھه ته مليو اسان ته بوند گھري ٿَي اسان کي باھ ملي فلڪ ڏٺو جي هي برق و شرار ڪجهھ ته مليو اوهان کان ڪجھ به ملڻ جي اميد ڪونه هئي لٿو جي ٿورو گھڻو دل جو بار ڪجهھ ته مليو مليو نه صبح جي تنوير ڄاڻ جو ٿو ملي ويو ٿي گھٽجي فضا تان غبار ڪجھه ته مليو. ڄاڻايل عرصي بعد ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ سندس ساٿي يورپ جي مشهور ادبي تحريڪ ”ترقي پسند تحريڪ“ کان متاثر ٿيا ۽ سندن فڪر ۾ واضح تبديلي آئي. هاڻي ادب ۾ حقيقت نگاري، رومانويت ۽ جماليات جي ڳالھ ٿيڻ لڳي، ڊاڪٽر تنوير عباسي جي هن دؤر جي شاعريءَ ۾ اهڙا عڪس چٽا نظر اچن ٿا. هاڻي سندس شاعري گل و بلبل، ساغر و مينا، ساقي و ميڪده کان گھڻو ٻاهر نڪري آئي هئي. هن پنهنجي همعصر شاعر دوستن شيخ اياز، نارايڻ شيام، هري دلگير، عبدالڪريم گدائي ۽ نياز همايوني وغيره سان گڏجي شعوري طور سنڌي شاعريءَ ۾ اهي فڪري تبديليون آنديون جنهن ۾ جديد دؤر جي مدِ نظر سنڌي شاعريءَ ۾ ڌرتي، قوم ۽ عوام جي ڏکن کان وٺي ظلم ۽ ڏاڍ خلاف آواز بلند ڪرڻ جهڙا موضوع سمايل هئا. انهيءَ حوالي سان سندس هي شعر ڏسو: سنڌڙي منهنجا سارا ڳوڙها تنهنجا آهن منهنجي جرئت منهنجي همت تولاءِ آهي منهنجي قوت منهنجي طاقت تولاءِ آهي ٻانهن ۾ جيڪو آ ٻَلُ سو تولاءِ آهي منهنجي رڳن ۾ آهي جو رت تو لاءِ آهي آءٌ نماڻو آهيان آءٌ نماڻو آهيان سنڌڙي جڳ جي ساري عظمت تولاءِ آهي هونئن ته اڙٻنگائيءَ جو انگ نه آهي مون ۾ پوءِ به جيڪا آهي بغاوت تولاءِ آهي هن سموري عرصي ۾ تنوير جي شاعريءَ ۾ بغاوت جي بلند نعرن جي گونج سان گڏ و گڏ سندس لفظن ۾ همت ۽ حوصلي جا هٿيار به نظر اچن ٿا. هُو انهيءَ همت ۽ بهادريءَ جي ٻل تي انڌيري کي اجالي ۾ دٻجندي ڏسي ٿو ۽ سندس مايوسي اميد ۾ مٽجي وڃي ٿي: هي ظلمتون ۽ هي اونڌاهين جا واچوڙا سدائين ڪين ڏيئن جون دليون ڏڪائيندا هي ذرا نور جا يعني هي چمڪندڙ تارا ملي جي هڪ ٿيا ته سج ڪونئون اڀاريندا هي زرد پن ڏسي مايوس ڪين ٿينداسين جو ڄاڻون ٿا ته اهي جلد ئي ڇڻي ويندا رکي اميد بهارن کي پيا سڏينداسين جي پنهنجي لاءِ نوان گونج گل کڻي ويندا ڊاڪٽر تنوير عباسي جي مٿئين قِسم جي شاعري سندس شعري مجموعن ”شعر“، ”هيءَ ڌرتي“ ۽ ”سجُ تِريءَ هيٺان“ ۾ شامل آهي. غلام محمد گرامي تنوير جي شاعريءَ تي ڏاڍي ڪارائتي راءِ ڏني هئي، ته؛ ”تنوير عباسي پنهنجي فن ۽ شاعريءَ جي هرهڪ صنف کي حسين کان حسين بنائڻ جي لاءِ فني تجربا ڪيا آهن. انهيءَ کيس ادب ۾ وڏو مقام ڏنو آهي، ان لحاظ سان سنڌي ادب ۾ چوٽيءَ جي وڏن شاعرن ۾ کيس جڳھ ملي چُڪي آهي. محبت، باهمي اُخوت، انسانيتِ عامه جو شعور ۽ حُب الوطني سندس فن جا مکيه عناصر آهن.“ ڪتاب ”سج تريءَ هيٺان“ جي مهاڳ ۾ نامياري شاعر امداد حسيني لکيو آهي ته ”تنوير پنهنجي لفظ لفظ سان کرو ۽ سچو آهي.“ (۹) تنوير عباسيءَ جي شاعري مقصديت واري شاعري آهي. هن پنهنجي سوچن کي خواھ مخواھ گُهٽيو نه آهي بلڪه هن کي جيڪا ڳالھ صحيح لڳي، کُلي عام چئي ڏنائين. امداد حسينيءَ جي انهيءَ راءِ جي شاهديءَ طور تنوير جا ڪيترا ئي نظم پيش ڪري سگھجن ٿا جن ۾ فقط سچ جو پڙاڏو ٻُڌڻ ۾ ايندو، اهي نظم سندس روح جو آواز آهن، اهڙو آواز جنهن ۾ درد به آهي، صدا به آهي، تلخي به آهي ته بيباڪي به. تنوير جي اهڙن نظمن مان هڪ طويل نظم جا ڪجهه شعر ڏجن ٿا: هاڻي آءٌ نه سُوليءَ چڙهندس هاڻي تنهنجو وارو آهي مون هر دؤر ۾ رت هاريو آ مون هر دؤر ۾ ساھ ڏنو آ منهنجو ساھ گھٽيو ويو آ ۽ هر وير ڪٽيو ويو آ مون ئي پٿر کاڌا آهن ۽ زنجير به پاتا آهن مان ئي صليب تي لڙڪيو آهيان سِسي ڪپائي ڦٿڪيو آهيان مُرڪي مون سڀ سور سَٺا ٿي چُپ چُپ سڀ الزام ٻُڌا ٿي صدين کان خاموش رهيس مان ۽ ايڏو بيهوش رهيس مان ماڻهن جو ويساھ کڄي ويو ماڻهن جو ايمان ڊهي پيو ماڻهن سمجھيو سچ ڪانئر آ ماڻهن سمجھيو سچ بي طاقت آ جنهن ۾ ناهي ڪائي همت هاڻي آءٌ نه سوليءَ چڙهندس هاڻي تنهنجو وارو آهي. تنوير عباسي شاعريءَ جي مڙني صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي، جن ۾ غزل، نظم، آزاد نظم، نثري نظم، گيت، بيت ۽ وائي وغيره شامل آهن. ان سان گڏ و گڏ سنڌي شاعريءَ ۾ جاپان جي مقبول صنف ”هائڪو“ کي سنڌي جو روپ ڏئي سنڌي ادب ۾ هڪ نئين صنف متعارف ڪرائي. مجموعي طور ڊاڪٽر تنوير جي شاعري اسان جي سماج جي ڏکن سُکن ۽ ڌرتيءَ جي ڀرپور نمائندگي ڪري ٿي. سندس شاعريءَ جي مطالعي بعد معاشري جو هر فرد ان ۾ پنهنجي پنهنجي احساسن جو اولڙو پسي ٿو جيڪا ڊاڪٽر جي شاعريءَ جي تمام وڏي خصوصيت آهي. جڏهن به جديد سنڌي ادب جي تاريخ لکي ويندي ته ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو نالو جديد سنڌي شاعرن جي صف ۾ نهايت ئي مانائتو ۽ معتبر ليکيو ويندو. تنوير عباسي سندس ياد ۾ ابراهيم لاشاري ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ ڊسمبر مهيني جي ۷ تاريخ سال ۱۹۳۴ع جمعي جي ڀلاري ڏينهن جي سڀاڳي صبح جو گل حسن عباسي جي گهر ۾ اکيون کوليون. سندس تعلق پڙهيل لکيل ڪٽنب سان هو. ڇو جو سندس والد، گل حسن عباسي صاحب ڪليڪٽر جي اهم منصب تي فائز رهيو. سندس تربيت به عمدي نموني جي ٿي. سندس شروعاتي تعليم به والد جي شفقت سان ڳوٺ سوڀوديري جي اسڪول منجهان ۽ وڌيڪ تعليم ڪراچي جي مختلف اسڪول، ڪاليجز، هيرانند اڪيڊمي، اين جي وي هاءِ اسڪول ۽ ڊي جي سائنس ڪاليج مان حاصل ڪئي ڊاڪٽر تنوير عباسي ايم بي بِي ايس جي سند ۱۹۶۰ع ڌاري لياقت ميڊيڪل ڪاليج حيدرآباد منجهان حاصل ڪئي. سال ۱۹۶۴ع کان هميشه لاءِ اچي خيرپور ۾ پنهنجي زندگي پنهنجي گهرواري محترمه ڊاڪٽر قمر عباسي ڦول باغ جي ڀر ۾ (سنڌ اسپتال) نالي هڪ خانگي شفا خانو کولي مسڪينن ۽ غريبن جي مدد ڪندي ۽ کين تپاسيندي نظر آيا، ڊاڪٽر صاحب زندگي جي آخري لمحي تائين ڊاڪٽريءَ جي پيشي سان پڻ سلهاڙيل نظر آيو، ڊاڪٽر تنوير عباسي اسان جي محبوب شاعر سال ۱۹۵۳ع ڌاري ڪاليج ۾ تعليم پرائڻ دوران شعر لکڻ جي شروعات ڪئي، ان زماني منجهه پنهنجو (تخلص مغموم) استعمال ڪندو هو ۽ شاعريءَ جون سڀ وصفون ۽ گر، شيخ محمد ابراهيم خليل کان استاد بڻائي ورتائين. پنهنجو اصل ڇٺيءَ جو نالو نورنبي عباسي هيس، مگر سنڌي ادب ۾ وري تنوير عباسيءَ مخلص سان پنهنجو نالو نروار ڪيائين، ڊاڪٽر تنوير عباسي هڪ بهترين شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن سنڌي نظم ۾ وڏي وسعت آندي، سندس وايون، دوها، غزل سمورن رنهن سان سرشار نظر اچن ٿا هن جپاني صنف (هائيڪو) تي پڻ سنڌي زبان ۾ شاندار ڪم ڪيو، ڊاڪٽر تنوير سنڌي، سرائيڪي، اردو ۽ انگريزي زبانن جو وڏو ڄاڻو هو. ۽ ان کان علاوه هندي، فارسي ۽ فرنيچ زبانن جي بهترين ڄاڻ رکندڙ سنڌي اديب هو، ’ڊاڪٽر تنوير عباسي هڪ بهترين شاعر ٿي گذريو آهي هو پنهنجي من جو اظهار پنهنجي شاعري وسيلي هن طرح ڪري ٻڌائي ٿو ته: آءَ ته کلندي ملندي گهاريون گهڙيون چار هليا وينداسين، ورهه ورهائڻ آيا آهيون ونڊي پيار هليا وينداسين، اڻ ڄاتي ڪنهن پار جا ڪنهن اڻ ڄاتي پار هليا وينداسين، جي نه وڃڻ چاهينداسين ته به منهنجا يار هليا وينداسين. ڊاڪٽر تنوير عباسي شاعر هجڻ کانسواءِ هي سهڻو اديب تحقيق ۽ تنقيد ۾ به پاڻ ڀرر رهيو، سندس تحقيقي ۽ تنقيدي ڪم به اعلي قسم جو مڃيو وڃي ٿو، هن تحقيق جي سلسلي ۾ سنڌي ادب کي نوان ۽ جديد قسم جا لاڙا متعارف ڪرايا، ڊاڪٽر تنوير عباسي شاعر سان گڏ هڪ بهترين نثر نويس به هو، هي پنهنجي دور ۾ ڪيترن ئي رسالن، اخبارن، ميگزينن کي لاتعداد مضمون، مقالا ڏئي سنڌي ادب کي آسودو ڪرڻ جي نمايان ڪوشش ۾ هميشه رڌل نظر آيو، هن ادبي پورهي ۾ سنڌي ادب جي لاءِ ڪيترا ئي ڪتاب لکيا ۽ ڪتابن جا ترجما ڪيا، انهن ڪتابن منجهه ”رڳون ٿيون رباب“، ”سج تري هيٺان“، ”هي ڌرتي“، ”تنوير چئي“، ”ساجن سونهن سرت“، ”ٻاراڻو ٻول“، ”ڏوري ڏوري ڏيهه“، ”جي ماريه نه موت“، ”شاهه جو رسالو“ (اردو) (”شاهه لطيف جي شاعري“، ”ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي“، ”نانڪ يوسف جو ڪلام“، ”ترورا“ “منهن تنين مشعل“، ”سنڌ جا عظيم صوفي بزرگ“ ، ”سپني کان سهڻي ساڀيا“، ”پوان شال قبول“ ۽ ٻيا ڪتاب ڇپجي مارڪيٽ ۾ پهتا آهن سنڌ جي هن محبوب اديب جو سنڌي ادب ۾ مڃڻ جيڏيون ادبي خدمتون آهن سندس شمار وڏن اديبن ۽ شاعرن منجهه ٿئي ٿو، سندس تحقيقي ادبي پورهيو سمورن اديبن کان بهتر ۽ لاجواب ۽ باڪمال نظر اچي ٿو، هن لاکيڻي لطيف يعني ڌرتي جي وڏي مان وڏي عظيم صوفي شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح ، حق موجود سدا موجود جو نعرو هڻندڙ حضرت سچل سرمت، خوش خير محمد هيسباڻي، نانڪ يوسف ۽ ٻين شاعرن اديبن تي ٿيل تحقيق اعليٰ ۽ اتم حيثيت واري جاءِ ولاري ٿي. سندس تحقيقي فن اعليٰ ۽ شاندار قسم جو۽ سنڌي ادب جي سونهن ۾ واڌرو ڪيل نظر اچي ٿو. ڊاڪٽر تنوير عباسي صاحب کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته هن جو حضرت سچل سرمت جي سوانح، ڪلام ۽ پيغام بابت ايترو ته ادبي ڪم ٿيل آهي جيڪو سالن کان ڪير اديب نه پئي ڪري سگهيو، هن سچل چيئر جي ڊائريڪٽر جي منصب يا سچل يادگار ڪميٽي جي سيڪريٽري جي حيثيت ۾ جيڪي به ڪانفرنسون ڪوٺائڻ جو بندوبست ڪيو يا ڪيترائي ڪتاب ڇپرائي، سنڌي ادب جي سونهن ۾ وڌارو ڪرائي پڌرا ڪرايا .ڊاڪٽر صاحب وڏو سچل شناس اديب هو، هن دنيا جي ڪيترن ملڪن جا رنگ ڍنگ ، ادب چانچي ڏٺا ۽ پنهنجي زندگي جا پل گهمي سفر ڪري انهن ملڪن جي رهڻي ڪهڻي ڏٺي، جن ملڪن منجهه اٽلي ، فرانس، يونان ، دبئي ، برطانيا، آمريڪا، هالينڊ ، ۽ اولهه جرمني جو سفر ڪري هڪ سنڌي ادب کي هڪ (سفرنامون) پڻ ڏنائين، ڊاڪٽر تنوير عباسي عظيم انسان پنهنجي شاعري ۽ تحقيقي ڪم سبب ڪيترائي انعام ۽ ايوارڊ پڻ حاصل ڪيا، جن منجهه پاڪستان رائٽرس گلڊ ايوارڊ ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي ۽ ٻين کوڙ ساران اعزازن سان پڻ کيس نوازيو ويو، هن ممتاز ۽ سنڌ جي ڏاهي انسان پنهنجي زندگي ۾ پنهنجن گهر ڀاتين کي وصيعت پڻ ڪئي هئي ته راهه رباني ٿيڻ وقت سندس جسم(لاش) ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن کي تجربا ڪرڻ لاءِ ڏنو وڃي، مگر ان جي وصيعت تي عمل اڻپورو رهجي ويو، هي ڏاهو اديب زندگي جا آخري پل پنهنجي اکين جي ٺار پٽ سرمد عباسي ضاحب سان گڏ اسلام آباد شهر ۾ گذاري رهيو هو ته اوچتو سندس طبيعت ناساز ٿي پئي، سندس کيس پٽ ترت اسپتال داخل ڪرايو، مگر زندگي سندس ساٿ نه ڏنو، ۲۵ نومبر خميس ڏينهن سال ۱۹۹۹ع ۾ زندگي جون سڀ ادبي محفلون ڇڏي، ۶۴سال ۱۱ مهينا ۱۸ ڏينهن زندگي جا گذاري هميشه لاءِ راهه رباني وٺي ويو. سندس آخري آرام گاهه اسلام آباد منجهه آهي، سندس ادبي خدمتون، هميشه ياد رهنديون، اڄ ۲۵ نومبر تي ۱۷ هين ورسي ملهائي پئي وڃي. ڊاڪٽر تنوير عباسي احمد علي صابر چانڊيو رات مان آيو سندءِ وارن جو واس تون وسين ٿو روح جي آس پاس. سونھن ۽ سندرتا جي وادي تھذيبن جي امڙ سنڌو پوتر ڌارا سان وهنجي سبز وار اُڀا ڪري دنيا جي دل تي ناز ڪندڙ ”سنڌ“ جنھن پنھنجي ڪُک مان عظيم سپوتن ۽ سرواڻن، ڌنڱن، محققن، دانشورن، مصورن ۽ مھذب ماڻھن کي جنميو. ڌرتيءَ جي دل تي محبت وکيري ڪڏهن سارنگا ۽ سڏونت، ڪڏهن سسئي پنھون، ڪڏهن ڀوري ۽ ڦلونت، ڪڏهن سھڻي ميھار ته ڪڏهن مارئي ۽ بختار ڏني. سنڌ هڪ اهڙي وستي آهي جنھن هزارين سال تھذيبن جي اوٽ ۾ پنھنجي اولاد کي پاليو. موهين جي ماٿر رني ڪوٽ ۽ مڪليءَ جو ماڳ ان ڳالهه جا کليل ثبوت آهن. سنڌ ڌرتي جتي قدرتي ذخيرا موجود آهن، قدرتي وسيلن ۽ سنڌ ندي جھڙي عظيم درياء سامونڊي ۽ پھاڙي علائقا ٿر ۽ ڪوهستان جتي انب پچن ۽ مورَ نچن، جتي سرنھن، ميندي ۽ سڳداسي چانورن جي خوشبوءِ هجي ان پر رونق وادي، شاهه، سچل، سامي، بيدل، حامي، بيڪس، جامي، تارڪ، بيوس، اياز، استاد، سرويچ، منشي، پيرل ۽ تنوير عطا ڪيو. اها ملھائتي مٽي اصولن ۽ آدرشن جي پاسداري ڪندڙ رهي آهي. جنھن تي هزارين هلائون ٿيون پوءِ به پنھنجي ٻولي ۽ وجود کي زنده ڪندي آئي. اُها ٻي ڳالهه آهي ته اڄ جو دؤر جڏهن تھذيبون بن موت مري چڪيون آهن، ٻوليءَ ۾ ڌاريا اکر گهر ڪري ويا آهن، آدرش ۽ اصول مٽجي چڪا آهن، گهر بدريون بک ۽ بدحاليون، روڄ ۽ راڙا، ڦرلٽ ۽ ڌاڙا ڌرتي جي تھذيب ۾ ڄڻ شامل ٿي چڪا آهن پر اهڙين حالتن ۾ ڌرتيءَ ڄاون پنھنجي فن فڪر سان اهڙن هاڃن تي انور پيرزادي، ڪليم لاشاري، فقير محمد لاشاري، زخمي چانڊئي راشد مورائي، احمد خان مدهوش، استاد، اياز، سرڪش، سرويچ سجاوليءَ وانگر تنوير عباسيءَ پڻ اهڙي ارڏائيءَ سان ڌرتيءَ جي مامرن تي دليريءَ سان لکيو آهي. جڏهن ارغونن، ترخانن، انگريزن، پارسين، عربن ۽ مغلن جي دؤر ۾ اديبن سنڌ بچائي ورتي اڄ ته سنڌ سنڌين جي هٿن ۾ آهي. هو ڪين چاهيندا ته ڪو غاصب هن ڌرتيءَ تي فوجي اڏا قائم ڪري، بند ٻڌي عظيم سنڌو ڌارا کي قيد ڪري يا سنڌ م تھذيبون ۽ عظيم ماڳ ملياميٽ ٿين. اگر ڪوئي چنيسر پيدا به ٿيو ته دودي جي روپ ۾ بقا جي جوت جاڳائڻ وارا ارڏا انسان جاڳي پوندا. صابر کي به سگهه ايندي، ٻالڪ پڻ ڏونگر راء سومري وانگر نکري نروار ٿيندا پر ڌرتي ماتا جي وجود کي هاڃو ٿيڻ ڪين ڏيندا. اهڙن ارڏن مان تنوير عباسي هڪ ڪردار آهي ڀل ته هيمون وانگر ڪنھن ظالم کي سنڌو ڪناري ڪين واڳايو هجي يا سريمڻ وانگر ڪنھنگ قنڌار ۾ وڃي شڪست ڏني هجي. هوشوءَ وانگر ٽلٽي ۽ کرڙي جنگ ۾ ”مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون“ نعرو ڪين لڳايو هجي. دودي ۽ دولھه وانگر ڪڏي ڪنڌ نه ڪٽايو پر هن هڪ اهڙو مورچو پڪڙو جتان هزارين هوشو، هيمون، سرڪش، سريمڻ ۽ اڏول انسان تيار ڪري شعوري جنگ جي تياري پڪڙي. تنوير عباسي هڪ اهڙي محاذ تي اٽل رهيو جيڪو ادبي، معاشي ۽ معاشرتي محاذ هيو. تون نه آئين ته سندء ياد ڇو آئي آهي، ڇا مان سمجهان ته هرهڪ آس اجائي آهي. تنوير عباسيءَ جي شاعري ڪلاسيڪي رنگ سان رنگيل نظري ٿي جيڪا ڪُلي طرح حسن ۽ نزاڪت سان ٽمٽار آهي. حسن کي مطلق وجود سڏيو آهي، وجوديت مطلق جي ڏات آهي. ڏات جو ڏيھه ۾ ڇيد ڪرڻ جڏهن اوکو آهي ته پوءِ ڏاهي ۽ ڏاتيار متعلق ڪھڙو ورت ۽ ورجاءُ ممڪن ٿي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته حسن ۽ نزاڪت جو مشاهدو حواسن وسيلي نه ٿو ڪري سگهجي پر ان جي ڪسوٽي اندر جي اک ٿئي ٿي تنوير جي شاعري ۾ استاد جي شاعريءَ وانگر اظھار جو انتھائي عروج سمايل آهي. سنڌ ڌرتيءَ جا سڀئي سرجڻھار اياز، بيوس، ادل يا ٻيا تمام سھڻا شاعر آهن. سندن شاعريءَ ۾ غضب جا سنيھا ۽ نفاست آهي. الائي ڇو مونکي شاهه، سچل، سامي، بيدل، بيڪس، حامي، چيزل، فيضل، تارڪ، استاد، پيرل، دادن ۽ تنوير پسند آهن. آسي زميني ۽ وشال جي شاعري به تمام بھتر اثر دل تي ڇڏيندڙ آهي. انھن مڙني شاعرن ۾ لاڦ لٻاڙ ۽ اوديا ڪين ٿي نظري اهڙا ٻيا ڪيئي شاعر آهن جن جي ڪارڻ سنڌ جي جهولي ڀريل آهي جيڪي جمالياتي حسن سان سنواريل آهن. جماليات جو موضوع دنيا جي هر مفڪر جي توجھه جو مرڪز پئي رهيو آهي. جيڪڏهن شاهه لطيف جي ڪنھن به شعر کي کڻبو ته ان جو ڇيد ڪرڻ انتھائي اوکو لڳندو. مثال ”عاشق عزازيل ٻيا مڙئي سڌڙيا.“ ڌرتيءَ جا هڙئي مفڪر ان ڏس ۾ جاکوڙي بنايو ڀل لطيف جي ان فڪر کي ڪو عيان ڪري ته ڏسجي انتھائي مشڪل نظرجندو، ڇاڪاڻ ته عزازيل ڪھڙي صورت ۾ عشق ڪيو. عاشق کي پنھنجو گوشت تريءَ تي ترڻو پوندو آهي يا ڪاٺ ٿي ڪٽبو آهي. جسم جا ڳڀا ڳڀا ڪرڻا پوندا آهن، گهاڻي ۾ گهمڻو پوندو آهي. پر عزازيل مطابق سندس عشق جي اها انتھا پڻ اڃا ڪسيري آهي. ان هڪ شعر تي هڪ بھتري مقالو پيش ڪري سگهجي ٿو پر لطيف جو شعر اڃان به اڳڀرو رهندو. دل کي ڇھندڙ فقرا دل تي ڳچ وقت تائين عڪس ڇڏيندا آهن. تنوير عباسي لاءِ شمشير الحيدري سھڻي رسالي ماهه ڊسمبر ۱۹۷۴ع صفحه ۷۸ تي به عنوان ”سنڌي شاعري ۾ جماليت“ ۾ لکي ٿو ته، تنوير جي شاعري حسن ڏانھن انفرادي نظر، ذات جي اظھار، گھرين خواهشن ۽ قدرتي مقصدن جي جمالياتي شاعري جا سھڻا مثال آهن. جھڙوڪ ”هر ڪو ماڻھو موتيءَ داڻو“ يا ”منھنجي دل ٿي چوي وقت جي بيڪران بحر ۾ هي اکيون ڇلڪندڙ ڇوليون ڏسو“ وغيره يا سوريءَ جي ڀر تان ٿو ٻڌجي پرينءَ جو پڙلاءُ، مان ڏيئو آهيان پرين تون روشني آهين اٿاهه. تنوير عباسي جديد سنڌي شاعرن جي صفِ اول جي ممتاز ترين شاعرن ۾ شامل اهن. ۷ ڊسمبر ۱۹۳۴ع خيرپور ضلع جي ڳوٺ سوڀوديرو ۾ پيدا ٿيا. ابتدائي تعليم اين جي وي هاءِ اسڪول ڪراچي، ڊي جَي سائنس ڪاليج ۽ ايم بي بي ايس لياقت ميڊيڪل ڪاليج مان ڪئي. خيرپور کي مسڪن ڄاڻي پريڪٽس ڪندا رهيا. زندگيءَ جي آخري ڏينھن ۾ اسلام آباد هجرت ڪري ويا. وصيعت سائنس ڪارج ۽ تحقيقي مقصدن لاءِ پنھنجو مڙهه ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن جي ريسرچ لاءِ سپرد ڪرڻ لاءِ چيو هئو. پر ٽيڪنيڪي وجوهات جي بنياد تي سندن وصيعت تي عمل درآمد نه ڪيو ويو. سندن جي سوچ جو جائزو ان وصيعت مان وٺي سگهجي ٿو ته جيئري ته سنڌ ڌرتي، ٻولي لاءِ لاڀائتا هئا. پر مرڻ پڄاڻا به انسانيت لاءِ پاڻ کي ارپي ڇڏيائون. نه صرف ايترو بلڪه هنن زندگيءَ جون سموريون بھارون انسانيت لاءِ ارپي ڇڏيون هيون مرڻ بعد به سندن خواهش هئي ته سندن لاش بيڪار ۽ بيمقصد ڪين ٿئي. ان مان به نونھال اسڪالر لاڀ حاصل ڪري سگهن . اچو ته پاڻ کي باهه ڏيون، من ڪنھن کي ڪوئي ڪم اچون، ان باهه تي ڪنھن جو روٽ پچي، من ڀٽڪيل ڪوئي راهه ڏسي. (صابر) تنوير عباسي جي اثرائتي ۽ لاڀائتي حياتي صرف چاليھه سالن تي مشتمل هئي پر هزارين صديون جاکوڙين کي دعوت ڏيندڙ آهن. سندن جي فن ۽ فڪر تي گھري نظر ڌرڻ جي ضرورت آهي. هو پنھنجي ذات ۾ ادراڪ کان گهٽ ڪين هئا ”رڳون ٿيون رباب“ سندن پھريون مجموعو آهي جيڪو ۱۹۵۸ع ۾ شايع ٿيو. ان ڪتاب اچڻ تي سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ مان سندس لاءِ اتساهه ڀريا، پاٻوهي خط پھتا. پاڻ پنھنجي محنت تي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ واقعي سندن ڪتاب سنڌي شاعري جي صنف جو قابل قدر اضافو هئو. سندن جو ٻيو مجموعو ۱۹۷۰ع ۾، ”سج تريءَ هيٺان“ ٽيون مجموعو ”هيءَ ڌرتي“ ۱۹۵۷ع کان وٺي سمورو ڪلام ”تنوير چئي“ انسٽيٽيوٽ آف سنڌيالاجي جي زيرِ اهتمام شايع ٿيو. اڃان پڻ سندن شاعريءَ جو گهڻو حصو موجود آهي. تنوير عباسي سنڌي ادب جي جديد تصورات ۾ نھايت اهم ترين ڪم ڪري ڌرتيءَ جي سرجڻھارن ۾ نالو اڳلي فھرست ۾ لکرايو. تنوير عباسي هڪ بھترين ڊاڪٽر، نامور شاعر، هڪ بيمثال انسان هئا. هو خدا پرست هڏڏوکي انسانيت جو گهڻ گهرو، مڪمل مذهبي ۽ سماجي ادراڪ جو داعي هئو. هڪ بھترين دوست جي حيثيت سان ملندو هئو. سندس نظر ۾ ذات پات ۽ نسل جي ڪابه اهميت ڪانه هئي. هڪ غيرتمند سنڌي ۽ مڪمل مسلمان هئا. ڊاڪٽر تنوير عباسي جو نثري مواد ڀل ته ڪنھن ڇاپي جي صورت ۾ ڪنھن کان اوجهل رهيو هجي پر اهو هڪ سراسر سچ آهي ته سندن تمام وڏو ادبي نثري مواد موجود آهي. جنھن کي تحقيق ۽ تاليف جي ڪسوٽيءَ تي آڻڻ گهرجي. نثري ڪاوشن ۾ تحقيقي بنيادن تي ڪيترائي ڪتاب موجود اٿن. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري تي تحقيقي مضمون ٽن جلدن ۾ نانڪ يوسف جي ڪلام جو انتخاب تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو ۱۹۸۲ع ۾ شايع ٿيو . ڊاڪٽر تنوير عباسي ڪلاسيڪل ادب جا سرموڙ اديب هئا، نت نوان تحقيقي ڪم، سر تي سھرا ڪري کڻي جاکوڙيندا هئا. ۱۹۸۲ع ۾ خير محمد هيسباڻي جي ڪلام جو انتخاب ۽ تحقيقت جائزو ڏنائون. پاڻ سنڌي ٻولي جا نھايت ئي گهڻ-گهرا هئا، سماجيات ۾ سندن تمام وڏيون خدمتون هيون. حالانڪ ڊاڪٽر تنوير عباسي تي ان وقت ايترو ڪنھن به ڪين سوچيو هئو پر سندن جي وڃڻ کان پوءِ جيڪا ڪمي ادبي حلقي محسوس ڪئي سا کوٽ اڃان تائين دل ۾ پئي ککي ٿي. هو زنده دل انسان هئا، سندن ذات مقناطيسي اثرات کان خالي ڪانه هئي. اڀرن سڀرن کي به پيار ڪندڙ هئا. اڄ جي اديب کي ڏسبو ته نفرت، خودثنائي ۽ لالچ جي جهنگل ۾ ٿو گذاري پر ڊاڪٽر تنوير عباسي هڪ املھه انسان هئو. بلا لوڀ لالچ انسانيت ۽ ادب لاءِ جاکوڙيندي نظر ايندا هئا. ڊاڪٽر تنوير عباسي جن ڪيترن ئي ڪتابن جا ترجما پڻ ڪيا هئا. سندن جو هڪ ترجمو ويٽنامي ناول جو ۱۹۷۳ع ۾ ڇپيو هئو، جنھن جا ڪيترائي ايڊيشن مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن. ڊاڪٽر تنوير عباسي مضمون نگار به هئا ۽ Memories پڻ لکندا هئا، جنھن کي ”وارتائون“ جو نالوٿي ڏنائون. مون سان ان جو ذڪر (خود تنوير) سنڌي ادبي سنگت جي چونڊ دوران ڪيو هئائون. مان پاڻ کي خوش قسمت ٿي ڄاتو جڏهن ڀر ۾ ويھي احوال ورتا هئائين. سائين تنوير، قاضي علي اڪبر درازيءَ وانگر سچل جي پروانن مان پڻ هئا، سچل سرمست جي سالياني تقريب کي قلم بند ڪيو هئائون، جنھن جا گهڻو ڪري ۹ مجموعا سندن جا ترتيب ڏنل آهن. ڊاڪٽر تنوير خاموش ويھڻ کي شيطان جي بيگر ڄاڻندو هئو ان ڪري هر وقت سندن آنڱريون گردش ڪندڙ هيون. شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح تي لکڻ وارن ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو نالو اڃا اڳرو نظر ايندو جو پاڻ شاهه جي رسالي جي قلمي نسخن تي تمام گهڻو لکيو آهي. ڊاڪٽر تنوير عباسي گهڻ گهرو ڪميٽيڊ انسان، قول ۽ فعل ۾ سچو باشعور سماجي ڪارڪن، بھترين محقق، تمام ڏاهو تحقيق نگار ۽ دانشور هو. نه صرف ايترو بلڪ تھذيبي روايتن جا امين هئا. سندن جي زباني، هيءَ ته ڪابه اهڙي سياسي، سماجي يا تھذيبي سرگرمي ڪانه هئي جنھن ۾ تنوير ڪين هجي. هو ڌرتي جو روشن خيال اڻ ملھه انسان هئو. ون يونٽ جي خلاف قومي جدوجھد ۾ زخمي چانڊئي جيان سڀ کان اڳرو هئو. سچ ۽ صلح جو پرچارڪ هئا. سندن جي شاعري واري مجموعي ”رڳون ٿيون رباب“ کي اگر غور سان مطالعي هيٺ آڻبو ته ”سچ“ کي ئي سندن شاعري جو بنياد تصور ڪبو. امداد حسيني مطابق؛ تنوير عباسيءَ جي شاعري کلي ميدانن ۾ نئين آفاق ۽ فن جي شاعري آهي. ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ مطابق؛ ڊاڪٽر تنوير عباسي شاعري ۾ تمام روشن خيال ۽ ترقي پسند، جذبات ۽ جوشيلا هئا. تنوير عباسي هڪ پرخلوص ۽ حقيقت پسند هئا. ڊاڪٽر تنوير عباسي، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جا گھرا دوست هئا ۽ سندن شخصيت تي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو وارا گھرا اثر موجود هئا. تنوير عباسي ۲۵ نومبر ۱۹۹۹ع ۾ اسان کان جسماني طور تي جدا ٿي ويا. هر انسان آ سچو موتي، هر دل آ پارس جي کاڻ، تون ڀي سوچ سمجهه نادان. يا انسان مون کان ڪيڏو ڏور تارا ڪيترا نزديڪ. هر انسان جا ٻه روپ ٿين ٿا هڪ روپ ۾ هو شريف النفس، باڪردار، با اصول ۽ ٻي روپ ۾ هو شيطاني صفت ۾ زنده ٿو رهي. ڪي ڪي انسان ٻنھي روپن ۾ مسيحائي جا معمار ۽ منبا ٿين. ڪي وري ابن الوقت انسان ذات لاءِ هاڃي ڪار، ذاتي مفادن تي زنده رهندڙ ٿين ٿا. ڊاڪٽر تنوير عباسي جا ٻه نه بلڪ ڪيئي روپ هئا. هو هر روپ ۾ مھان ۽ ذي شعور لاڀائتو انسان هئو سندن سڃاڻپ هڪ ”ويڄ“ هڪ اهڙي معالج جي طور ٿي جيڪو ٻنھي روپن ۾ انساني مسيحائي طور ڄاتو ۽ سڃاتو ٿي ويو. بيمار ۽ زخمي انسانن جي خدمت ويڄ ٿي ته ڪيائين پر ڏهج ۽ ڏک ۾ گهيريل انسانن کي به شاعريءَ جي پيڄ سان امرتا ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. ٻنھي صورتن ۾ هو بھترين ثابت ٿيو. سندس جو سموريون لکڻيون ڌرتي، قوم ۽ ٻوليءَ ڪارڻ هيون. هڪ جاءِ تي مان کيس ڪردار نگاري جي بنياد تي رشاڊ ڪاپوشنڪي جي روپ ۾ ڏٺو جيڪو دنيا جي سمورن ڏهجن تي صحافي طور ٿي سڃاتو ويو، جنھن پولينڊ جي هڪ ننڍڙي شھر پينسڪ ۾ رهي پوري دنيا جي آقائن جي ڪڌي ڪردارن کي وائکو ڪيو هو. هن جي تجزين کي جن ۾ ”امپوريم“ اڳوڻي اٿوپيا جي شھنشاهه ۽ ايران جي رضا شاهه پھلوي تي لکيل ”شھنشاهه“ ۽ انگولا جي “Another day of life” تي لکيو نه صرف ايترو بلڪ ٽين دنيا جي حوالي سان “The Sokar War” لکي پوري دنيا کي ٿرٿلي ۾ وڌو. جناب ڀٽو پڻ ”ڪاپوشنڪي“ جو مداح هئو، جنھن هن رخي دنيا کي حسين دنيا طور تي پيش ڪرڻ ۽ انسان دوستيءَ جا اسباب ٿي جوڙڻ چاهيا. هن انسانيت کي نگهوسار ۽ تاراج ٿيڻ کان بچائڻ ٿي گهريو تنھن جي شروعات هن پنھنجي ڌرتي ۽ قوم کان شروع ڪئي پر ظالم قوتن سندن سارا منصوبا مڻ مٽيءَ ۾ دفنائڻ ٿي چاهيا. پر عظيم ڀٽو اڳي کان اڳرو ثابت ٿيو. اٿي مھڪ ملير مان مِٽيءَ پيو مينھن، مئي منھنجو نينھن اڳي کان اڳرو ٿيو. (شاهه) ڪاپوشنڪي، عظيم ڀٽو جو اڳواڻي ڪردار رهيو، جنھن کي پوريءَ دنيا ۾ ڄاتو ۽ سڃاتو ٿو وڃي. اهڙي طرح تنوير عباسي پنھنجي ڌرتي، ٻولي ۽ قوم لاءِ انتھائي ڪارائتو هئا. ڊاڪٽر تنوير عباسي هڪ ادارو ۽ ادراڪ هئا. جنھن جي ڪيل ڪمن کي صديون زنده قومون اڳواڻ طور ياد ڪنديون رهنديون. تنوير عباسي زندگيءَ ۾ ٿي ويو ايمان تازو (ڪجهه عڪس تنوير عباسيءَ جي شخصيت ۽ شاعري جا) رکيل مورائي جيئن ئي تو کي ڏٺم، زندگيءَ ۾ ٿي ويو ايمان تازو، توسان ڪجهه ڳالهيون ڪيم، دوستيءَ ۾ ٿي ويو ايمان تازو، تنهنجي نيڻن کي چميم، روشنيءَ ۾ ٿي ويو ايمان تازو. سچ پچ مون سان بلڪل ائين ٿيو هئو، جڏهن مان هُن سان پهريون ڀيرو مليو هوس. سنڌالاجي جي سيد حسام الدين راشدي آڊيوٽوريم ۾ مون کيس جهڪي ملي چيو هئو ته مان رکيل مورائي آهيا ته هن وڏو ڀاڪر ڀري ڇاتيءَ سان لائي ڇڏيو هئو ۽ جدا ٿيا هئاسين ته هن پهريون جملو چيو هئو ته؛ ”ڪاٿي آهين هيترا ڏينهن، مليو به ناهين، تو کي امانتون مليون“؟ توکي لڇمڻ ڪومل ڏاڍو ٿو ساري ”هو تازو انڊيا مان ٿي آيو هئو ۽ اتان دادا لڇمڻ ڪومل ڪتانن سان گڏ ڪجهه ٻيون شيون به مون لاءِ کيس ته نيون هيون. هن سگريٽ جو هڪ وڏو ڪَشُ هنيو ۽ وري ڀاڪر ۾ ڀري ڇڏيائين، اهو منهنجو ساڻسن پهريون مکا ميلو هئو. اڃا ڪلهه ڪلهوڪي ڳالهه آهي هو ڪراچيءَ جي آواري ٽاورس هوٽل ۾ شاهه لطيف تي خاص خيرپور مان مقالو پڙهڻ لاءِ آيل هئو جو وري ساڻس ملڻ ٿيو. وري به اهو ئي پيار ڀريو وڏو ڀاڪر ۽ ٻن منٽن کان پوءِ ساڳيو وڏو سگريٽ جو ڪش! چهري تي نفيس مرڪ ۽ اکين مان ليئا پائيندڙ اٿاهه علم. هو شاهه تي ڳالهائي رهيو هئو، ڄڻ لکيل ڪجهه پڙهندو هجي، سندس ڳالهائڻ به ڪنهن مقالي جهڙو ئي مواد سان ڀرپور، ساڻس ڪچهري ڪرڻ کان پوءِ مون کي هر ڀيري ائين لڳو ڄڻ ڪيئي ڪتاب پڙهيا هجن، سچ ته اياز کان پوءِ سنڌي شاعرن ۾ مان ڀايان ته تنوير عباسي جهڙو ۽ جيترو پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو نه رهيو آهي. اڄ سنڌي شاعريءَ تي تنوير جهڙو ڪوئي ڳالهائڻ وارو به نه رهيو آهي. هو شاعر آهي، اول ۽ آخر شاعر، ان ڪري ان تي شاعراڻي نموني جي لکڻي ئي گهرجي ٿي. سنڌي جي اڄ جي شاعرن ۾ هن جو نالو نهايت ئي اهميت وارو آهي، جنهن کي بھرحال ڪنهن به صورتحال ۾ اڳتي پوئتي ڪري نٿو سگهجي. جهڙُس نفيس اسٽائيل جو شاعر سنڌيءَ ۾ فقط نارائڻ شيام آهي. شايد ان جو سبب به سندن طبعيت جي هڪجهڙائي هجي، تنوير عباسي جي شاعريءَ ۾ نفاست سان گڏ تازگي ۽ توانائي اهڙي آهي جو اها پڙهندي ڪٿي به ڳوراڻ جو احساس نه ٿيندو پر پڙهندڙ جيئَن جيئن شاعري پڙهندو ويندو، تيئن تيئن توانو ٿيندو ويندو. هو پاڻ ۽ سندس شاعري بلڪل ڀٽائي جي هن سٽ وانگر آهي: جهڙو پنهون پاڻ، تهڙي سٽا ساٿ جي هو جهڙو پاڻ نفيس ۽ تازگيءَ ڀريو. ۽ اهڙي ئي سندس شاعري نفيس ۽ تازگيءَ ڀري. هائو تنوير! اهو مان آهيان، جتي تون آهين ته توسان آهيان. تون ڪٿي آهين ڪٿي آهين تون، تون جتي ناهين اتي مان آهيان. جڏهن به دوست ٿا توسان ملڻ جا ڏينهن اچن لڳي ٿو ڄڻ ته گلن جي ٽڙڻ جا ڏينهن اچن. رڳو ڏسان پيو توکي ۽ توسان ڳالهايان. ڪڏهن ته اهڙا ڪي واندي وهڻ جا ڏينهن اچن. تنوير کي وڻي ٿي هڪ پياري ڇوڪري. نالو نٿو وٺي پر سمجهي وڃو ڀلي. ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي شاعري ۾ نه جملن جي ڳوراڻ نه لفظن جي ڳوراڻ، نه تشبيهن ۽ تمثيلن جي غير ضروري ڀرمار! بلڪل پوپٽ جي پرن جهڙي شاعري ۽ پاڻ جڏهن مرڪي نهاري ته زندگيءَ ۾ ايمان تازو ٿي وڃي. رڳون ٿيون رباب پڙهجي ته به ايمان تازو ٿي وڃي، ساجن سونهن سرت پڙهجي ته به ايمان ٿي وڃي تازو. شاعريءَ سان گڏوگڏ هن ادب جي هر صنف سان خوبصورت نڀاءُ ڪيو. تحقيق جي حوالي ۾ سندس شاهه تي لکيل سمورين سنڌي ٿيسزن کان اهم ڪتاب. ”شاهه لطيف جي شاعري آهي“ جنهن جا سنڌ ۾ ڪيترائي ڇاپا اچي چڪا آهن، ان کان علاوهه تحقيق ۽ ترتيب هيٺ آيل سندس اهم ڪتاب آهن: خير محمد هيسباڻيءَ جو ڪلام ۽ نانڪ يوسف جو ڪلام: جيڪي ترتيب ۽ تحقيق جو اعليٰ روپ رکن ٿا سندس ترتيب ۾ آيل ٻه اهم ڪتاب: ٻاراڻا ٻول ۽ ۲ جديد سنڌي شاعري، آهن جيڪي پڻ مختصر پر خوبصورت ترتيب جو نمونو آهن. سچل تي سندس انگريزي ۾ ترتيب ڏنل ڪتاب منفرد اهميت جو آهي. ادبي مضمونن تي ٻڌل سندس ڪتاب ”ترورا“ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. خاص ڪري ان ۾ هائيڪو ۽ آزاد نظم تي ڪيل تحقيق سنڌي ادب ۾ نهايت اهم جڳهه والاري ٿي، هائيڪو تي جيڪو ڪم تنوير ڪيو آهي اهڙو ڪنهن سنڌي اديب نه ڪيو آهي، ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو هڪ ئي سفر نامو ” ڏوري ڏوري ڏينهن“ به سفري ادب ۾ نهايت ئي اهم جڳهه والاري ٿو. ان کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب جو ڪتاب ” منهن تنين مشعل“ آهي جيڪو سندس ويجهن يارن دوستن تي لکيل خاڪن جو آهي، اهي خاڪا اهڙن ماڻهن جا آهن جيڪي گهڻي ڀاڱي اديب شاعر نه آهي. هڪ ٻيو ڪتاب: ”جي ماريا نه موت“ هيءُ هڪ ناول جو ترجمو آهي جيڪو ان دور ۾ ڊاڪٽر صاحب ترجمو ڪيو. جنهن دور ۾ نئين سنڌي شاعريءَ جي امام شيخ اياز لکيو هئو ته: سنڌڙي تنهنجو نانءُ وتو، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيو. وطن دوستيءَ تي لکيل هن انقلابي ناول کي ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ انتهائي خوبصورت سولي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري هڪ اعليٰ مترجم جو پڻ ثبوت ڇڏيو آهي. شاعريءَ ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جا لکيل ڇهه ڪتاب آهن، جيڪي نئين سنڌي شاعريءَ جا اهم ترين ڪتاب آهن. ۱- ”رڳو ٿيون رباب“ ۲- ”شعر“ ۳- ”سج تريءَ هيٺان“ ۴-” هي ڌرتي“ ۵-” تنوير چئي“ هيءُ ڪتاب سنڌي الاجيءَ سڀني ڪتابن کي گڏي هڪ جلد ۾ ڇپايو آهي ۽ ۶ -” ساجن سونهن سُرت“ هيءُ ڪتاب ڊاڪٽر صاحب جو آخري ڇپيل ڪتاب آهي، ان کان سواءِ ٻيا الائي ڪيترا اڻ ڇپيل ڪتاب ڊاڪٽر وٽ هوندا. تازو پتو پيو آهي ته شاهه جو رسالو پڻ ڊاڪٽر صاحب ترتيب ڏنو آهي جيڪو شاهه لطيف چيئر وٽ آهي ڇپائي لاءِ. ۽ آخري پلن تائين لکندو رهڻ وارو ڊاڪٽر تنوير ۲۵ نومبر ۱۹۹۹ع تي اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويو آهي. ۷ ڊسمبر ۱۹۳۴ع سندس جنم ڏينهن آهي. هن سنڌ کي جيڪي ڪجهه ڏنو سنڌ ان جو احسان ڪڏهن لاهي سگهندي اهو چئي نٿو سگهجي. پر اهو طئه آهي ته ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو موت هن صديءَ جو سنڌي ادب لاءِ نارايڻ شيام، شيخ اياز، استاد بخاري، موهن ڪلپنا ۽ ڊاڪٽر الهداد ٻوهئي، جي موت جيان هڪ نهايت ئي وڏو نقصان آهي جنهن جو پورائو ناممڪن آهي. ۽ اڄ ڪلهه جڏهن هن جو مڙهه اسلام آباد جي پٿرائين زمين ۾ دفن ٿي چڪو آهي تڏهن، هن جو ڪو چاهيندڙ سوچي رهيو آهي ته ڇا اهو ممڪن آهي ته هو پنهنجي محبوب ليکڪ کي، سندس قبر تي وڃي ٻن لڙڪن جي ڀيٽا ڏئي سگهندو، سندس قبر جا ڪوهين دور آهي. ان جي پيراندي کان ويهي هو پنهنجا تازا شعر ارپڻ ڪري سگهندو ۽ جي ائين نه ڪري سگهندو ته کيس جيڪو ڏک ۽ بيوسي ٿيندي ان جو سبب اهو هڪ ئي شخص آهي، جيڪو رسمن جي نالي سندس جسماني پٽ آهي. ۽ اسين سنڌ جا اڻ ڳڻيا سندس روحاني اولاد جيان جيڪي آهيون انهن کي اهو حق به نه آهي ته اهو چئي سگهن ته هن شخص کي ان مٽي ۾ دفن ڪيو وڃي جنهن مٽي جي مان وڌائڻ لاءِ هو سڄي عمر جستجوءَ ۾ رهيو ۽ جنهن مٽيءَ کي هن ماءُ سمجهيو، مئي پڄاڻا هن کي ان ماءُ جي هنج کان به پري ڪيو ويو. اهڙي قسم جي اڻ قبوليل جلاوطني ۾ هن جو ورح ڇا سوڀي ديري کي نه ساريندو هوندو ؟! هن جو روح خيرپور جون کجيون نه تڪيندو هوندو؟! ڇا هن جا اڻپورا رهجي ويل ڪتاب هن جي دوري نه محسوس ڪندا هوندا ته جيڪي وري ڪڏهن به هن جي هٿن جي ڇهاءُ جو لطف نه وٺي سگهندا. ۽ ڪرفي جهڙي شهر ۾ سرڪاري نوڪر سندس پٽ اهو ڪيئن ڀلجي ويو آهي ته جڏهن هو ڪنهن به سبب جي ڪري ان شهر مان ڪڍيو ويندو، تڏهن هن لاءِ اهو ممڪن رهندو ته هو پنهنجي سمورين مصروفيتن مان ڪجهه وقت ڪڍي، سوڀي ديري کان اسلام آباد وڃي رسم نڀائڻ لاءِ سال ۾ فقط هڪ دفعو نائين محرم شريف تي يا ستاويهين رمضان شريف تي پنهنجي ان عظيم پيءُ جي قبر تي ٻه ٻُڪ ٻاجهريءَ جا ۽ هڪ لوٽو پاڻي جو رکي ايندو، جيئن هن جو روح پنهنجي پونئيرن جي موجودگي محسوس ڪري؟! اسان جون دعائون سدا هن سان گڏ آهن، ڌڻي شال کيس وڏي ڄمار ڏئي ۽ اها توفيق به ڏئي ته هو ڪنهن به اهڙي احساس کان جيڪو کيس گناهه جو احساس محسوس ٿئي، اچڻ کان اڳ ۾ پنهنجي عظيم پيءُ جي قبر تي وڃي پنهنجي ڪيل غلطيءَ تي ندامت جا ۽ اعتراف جا ٻه لڙڪ وهائي کانئس معافي گهري. (ڇپيل- ڪونج- ممبئي ۲۰۰۰ع) ڊاڪٽر تنوير عباسي سنڌ جي نامياري شاعر، لطيف ۽ سچل شناس مُحقق ۽ مٺڙي ماڻهوءَ سان واقفيت عيسيٰ ميمڻ سنڌ جي ناليواري عالم، شاعر، محقق، مترجم، لطيفيات جي ماهر ۽ سچل شناس ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو اصل نالو نور نبي عباسي هو. هن ۷ ڊسمبر ۱۹۳۴ع تي، ضلعي خيرپور جي هڪ ننڍڙي شهر سوڀي ديري ۾ گل محمد عباسيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. ساڌو هيرانند اڪيڊمي، ڪراچيءَ مان پرائمري تعليم حاصل ڪيائين. مئٽرڪ جو امتحان اين. جي. وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان پاس ڪيائين. انٽر سائنس ڊي جي. سنڌ گورنمينٽ ڪاليج ڪراچيءَ مان ۽ ايم. بي. بي. ايس، لياقت ميڊيڪل ڪاليج، ڄام شوري مان پاس ڪيائين. ڊاڪٽر تنوير عباسي شاگرديءَ واري زماني کان شاعري ڪندو هو. ابتدا ۾ روايتي شاعري ڪيائين، پر اڳتي هلي سنڌي جديد شاعريءَ ۾ نوان لاڙا آندائين؛ ان ڪري سندس شاعري سنڌي ادب ۾ نئين حيثيت سان اجاگر ٿي. ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ ۽ شمشير الحيدريءَ، سنڌي شاعريءَ خاص ڪري نظم ۽ آزاد نظم ۾ نوان تجربا متعارف ڪرايا. تنوير عباسيءَ جون سنڌي ادب ۾ وڏيون خدمتون آهن. سنڌي ادب جڏهن ورهاڱي کان پوءِ نئين سر اُسري رهيو هو، تڏهن تنوير عباسي انهن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن اديبن ۽ شاعرن مان هو، جيڪي سنڌي ادب جي بقا لاءِ جدوجهد ڪري رهيا هُئا. هن جو شمار سنڌ جي وڏن شاعرن ۾ ڪيو وڃي ٿو، پر شاهه جي شاعريءَ ۽ سچل سرمست، خوش خير محمد هيسباڻي، نانڪ يوسف ۽ ٻين تي سندس تحقيق ۽ ڪاوش، کيس اهم ۽ منفرد اسڪالر واري حيثيت ڏياري ڇڏي. تنوير عباسيءَ جي علمي ۽ ادبي ادارن سان وابستگي، هڪ وڏي عرصي تائين رهي. پاڻ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جو تصور ڏيندڙ ۽ ان جي ائڊوائيزري بورڊ جو آخر تائين ميمبر، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي رٿا جوڙيندڙ، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي مالياتي، پبليڪيشن، تعليمي رٿابندي ۽ تحقيقي ڪاميٽيءَ جو ميمبر، شاهه لطيف ڪلچرل ڪاميٽي ڪراچيءَ جو ميمبر، سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت جو باني ۽ مستقل ميمبر، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو سيڪريٽري جنرل (۱۱ سالن تائين)، سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر، سچل يادگار ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري، سچل چيئر- شاهه لطيف يونيورسٽيءَ خيرپور جو باني ڊائريڪٽر ۽ سچل سرمست ميلي ڪاميٽيءَ جو ڪيترائي سال آرگنائيزر ۽ ٻين ڪيترن ادارن سان وابسته رهيو. سندس علمي، ادبي ۽ تحقيقي ڪم جي مڃتا طور کيس ڪيترائي ايوارڊ ۽ انعام به مليا. سندس علمي ادبي پورهيي جو وچور هن ريت آهي: (۱) رڳون ٿيون رباب (شاعري: ۱۹۵۸ع)، (۲) شعر (۱۹۷۰ع)، (۳) جي ماريا نه موت (ويٽ نامي ناول جو ترجمو: ۱۹۷۳ع)، (۴) ٻاراڻا ٻول (چونڊ ۽ ترتيب: ۱۹۷۳ع)، (۵) شاه لطيف جي شاعري (تحقيق: جلد I- ۱۹۷۶ع)، (۶) شاهه لطيف جي شاعري (جلد ٻيو، ۱۹۸۵ع)، (۷) شاهه لطيف جي شاعري (۳ جلد گڏ، ۱۹۸۹ع)، (۸) سج تريءَ هيٺان (شاعري: ۱۹۷۷ع)، (۹) جديد سنڌي شاعري (چونڊ ۽ ترتيب: ۱۹۸۱ع)، (۱۰) خير محمد هيسباڻيءَ جو ڪلام (ترتيب: ۱۹۸۳ع)، (۱۱) نانڪ يوسف جو ڪلام (ترتيب: ۱۹۸۲ع)، (۱۲) ڏوري ڏوري ڏيهه (سفرنامو: ۱۹۸۴ع)، (۱۳) هيءَ ڌرتي (شاعري: ۱۹۸۵ع)، (۱۴) Sachal Sarmast، (۱۵) منهن تنين مشعل (خاڪا: ۱۹۹۰ع)، (۱۶) تنوير چئي (شعري ڪليات:۱۹۸۹ع)، (۱۷) ترورا (ادبي مضمون، خاڪا، يادگيريون، سفرنامو: ۱۹۸۸ع)، (۱۸) ساجن سونهن سرت (شاعري: ۱۹۹۶ع)، (۱۹) سپني کان سهڻي ساڀيا (تقريرون ۽ ليڪچر: ۲۰۰۲ع)، (۲۰) سچل جو رسالو (ترتيب:اڻ ڇپيل)، (۲۱) مون کي اڳتي وڃڻو آهي (سفرناما: ۲۰۰۰ع). سنڌي شاعر، ادب، جديد ٻوليءَ، ڪلچر، ڪلاسيڪي شاعريءَ ۽ ٻين موضوعن تي سندن سوين مقالا، مضمون ۽ مهاڳ لکيل آهن. ويهين صديءَ جو هيءَ ڏاهو انسان، ۲۵ نومبر ۱۹۹۹ع تي، اسلام آباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. تنوير عباسي وصيت ڪئي هئي ته وفات بعد سندس لاش ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن کي تجربا ڪرڻ لاءِ ڏنو وڃي، پر ان تي عمل نه ٿي سگهيو. البت سندس آخري خواهش هئي ته سندس اکيون آپريشن ذريعي ڪنهن محتاج کي ڏنيون وڃن. سندس وصيت تي عمل ڪيو ويو ۽ سندس اکين سان اڄ هڪ نياڻي ۽ هڪ نوجوان هن دنيا کي ڏسي پنهنجي زندگي خوش خوش گذاري رهيا آهن. تنوير عباسيءَ جي آخري آرامگاهه اسلام آباد ۾ آهي. تنوير عباسيءَ جي ياد ۾ شاهه لطيف يونيورسٽيءَ خيرپور ۾ تنوير ڪارنر قائم ڪيو ويو آهي، جنهن جو انچارج اياز گل آهي، تنوير بابت (۱) تنوير عباسي- هڪ مطالعو (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو)، (۲) پوان شل قبول (مرتب: اياز گل)، (۳) مان تنوير آهيان (مرتب: مشتاق ڪلهوڙو) ۽ ٻيا ڪتاب ڇپيل آهن. تنوير ڪارنر پاران سندس چونڊ شاعريءَ تي مشتمل پاڪيٽ سائيز ڪتابڙو ”روشن آ سانجهي“ اياز گل ترتيب ڏئي ۲۰۰۸ع ۾ ڇپايو آهي. ڪيترن علمي ادبي ادارن پاران ادبي تحقيق ۽ تنقيد تي تنوير عباسي شيلڊون ۽ اوارڊ ڏنا وڃن ٿا. ڊاڪٽر تنوير عباسي سنڌ جو نامور اسڪالر - ورسيءَ جي مناسبت سان ارشاد ڪاغذي ڊاڪٽر تنوير عباسي سان منهنجي ڏي وٺ ڪا نه هئي، پر هن سان اهڙو تعلق جڙي ويو، ڄڻ ته هو منهنجو محسن ۽ وڏو هو. هر دفعي سلام موڪلڻ ۽ سندس ڳالهيون ٻڌي اندر ۾ آسيس محسوس ڪندو هيس. هونئن مون هن جي شاعري ۽ ٻيا کوڙ سارا ڪتاب پڙهيا هئا ۽ ويٽنامي ناول” جي ماريا نه موت“ جو ترجمو پڙهي سندس عظمت جو اڳ ئي قائل ٿي ويو هيس. ڊاڪٽر تنوير عباسي جا اسان جي پياري دوست سائين انور فگار هڪڙي سان ذاتي ۽ گھرا تعلقات هوندا هئا ۽ سائين پي ايڇ ڊي ٿيسز جي تياري جي سلسلي ۾ ساڻس ملندو رهندو هيو. هڪ دفعي ڊاڪٽر هينري هالينڊ جو ڪتاب آندو هيو، شڪارپور جي باري ۾ ڪجهه صفحا استاد محترمي نقش ناياب منگي صاحب فوٽو اسٽيٽ ڪرايا ۽ ڪتاب کي نظر مان ڪڍيو. تنهن جي ڪري ڊاڪٽر تنوير عباسي سان غائبانه واقفيت هئي ۽ سائين انور جي معرفت اليڪ سليڪ به ٿيندي هئي. ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو سنڌي ادب ۾ پي ايڇ ڊي جي تحقيقي مقالي ڪرڻ جي سلسلي ۾ وٽس ويندو هو ۽ سندس لائبريري مان ڪيئي ڪتاب پڙهندو به هو ۽ کانئس فيض به حاصل ڪندو هو. هڪ دفعي سائين انور هڪ خط کڻي آيو هو، اهو خط ڊاڪٽر تنوير عباسي مرحوم طارق اشرف ڏانهن لکيو پر جيئن ته طارق اشرف جلدي لاڏاڻو ڪري ويو، تنهن ڪري اهو خط شايع ٿي نه سگهيو. بعد ۾ اهو خط هڪ ڪتاب ۾ شايع ٿيو هو. ڊاڪٽر تنوير تي ڪيترن ئي اديبن تنقيد جا تير وسايا هئا ته هن ضياءُ الحق پاران ڪوٺايل اهل قلم ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي هئي، ٻيو الزام هي هو ته هو غوث علي جو سنگتي آهي ۽ ان سان گڏ گھمي ٿو ۽ ٽيون الزام هي هو ته هو سکر ۾ ضياءُ الحق سان مليو هو. انهن ٽنهي الزامن جي جواب ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي طارق اشرف ڏانهن هڪ خط موڪليو هو. ڊاڪٽر تنوير اهل قلم ڪانفرنس واري الزام جو جواب ڏيندي خط ۾ لکيو هو ته: ”مون فقط هڪ دفعو اهل قلم ڪانفرنس ۾ وڃڻ جو گناهه ڪيو. ان غلط فهميءَ يا خوش فهميءَ ۾، ته اتي وڃي سنڌ لاءِ سڄي ملڪ جي ترقي پسند اديبن جي مدد سان ڪجهه ڪري سگھندس... ٻيو الزام اهو آهي ته مان غوث علي شاهه سان سنگت رکندي گڏ گھمندو رهيس. سنگتيءَ سان گڏ گھمڻ ڪو ڏوهه نه آهي. جي هو وڏو وزير ٿيو ته مون هن کان ڪو ذاتي فائدو ورتو ڇا؟ سچل اڪيڊمي، سچل چيئر ڪو منهنجي ذاتي جاگير آهي ڇا؟ ڇا ان دور ۾ قائم علي شاهه سان به مون ساڳيا تعلقات نه رکيا ڇا؟ ٽيون الزام مون تي اهو آهي ته مان ڏينهن ڏٺي جو سکر شهر ۾ آمر ضياءَ سان مليس. آمر ضياءَ سان ملي مون ڇا ڪيو؟ ان ملاقات کان پوءِ منهنجي لکڻين ۽ چوڻين ۾ ڪا تبديلي آئي؟ ڇا مون هن جي بيعت ڪئي؟ مون ضياءَ کي فقط هڪ ڳالهـ چئي (مان اڪيلو ڪونه مليو هيس، منهنجي ان روايت جا ٻيا به گھڻا شاهد آهن) اها هيءَ ته خيرپور ڪئمپس کي يونيورسٽي ڪريو.“ مون مٿان مثال فقط ان لاءِ پيش ڪيان آهن ته جيئن اوهان کي ڄاڻ پئي ته ڊاڪٽر صاحب پنهنجي تحريرن جيان کرو ۽ سچو هو ۽ هن سنڌ، سنڌين ۽ سنڌي ادب جي خدمت جي عيوض ڪجهـ به حاصل نه ڪيو نه ته اسان جا اديب ۽ شاعر هر جائز ناجائز ڪم ڪندا رهيا آهن. ڊاڪٽر تنوير عباسي پنهنجي زندگي ۾ به مکڻ ماڻهو هو پر لاڏاڻي بعد به هن ماڻهن کي اکيون ۽ گردا ڏئي مثال قائم ڪيو. پنهنجي جسم جو به عطيو ڏنو هو پر پوئينرن اهو وعدو وفا نه ڪيو، هڪ ڪالم نگار هڪ ڪالم ۾ لکي ٿو ته: ”ڊاڪٽر تنوير عباسي سنڌي ادب جو سڄڻ جڏهن هن فاني دنيا کي الوداع چوڻ وارو هو ۽ موت سان ملاقي ٿيڻ وارو هو ته هن اکيون کوليون ۽ پنهنجي گھرواري ڊاڪٽر قمر سان ڳالهايو. پمز اسپتال اسلام آباد ۾ پنهنجي وني سان جهيڻي ۽ ڪمزور آواز ۾ پنهنجي مرضي ٻڌائيندي چيو ته ”آئون پنهنجون اکيون شفا اکين جي اسپتال کي عطيو ڪري ڏنيون آهن، گڙدا، سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولاجي ۽ فاني خاڪي جسم ميڊيڪل ڪاليج کي عطيو ڪري ڏنو آهي.“ اهي لفظ چئي پورا ڪيا ته سندس روح جو پکيئڙو پرواز ڪري ويو. سڪرات جي عالم ۾ ۽ پوين پساهن ۾ هڪ مريض جيڪو موت جي اذيت کي منهن ڏيندو هجي ۽ جنهن جو روح روانو ٿيڻ لاءِ اوٻاڻڪو هجي سو ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن کي اناٽومي لاءِ پنهنجي جسم جو عطيو ڏئي، اهو ڪڏهن نه ٻڌو آهي ۽ نه وري ٿيو آهي! ڊاڪٽر تنوير عباسي جي لاڏاڻي تي هڪ اخبار ۾ فوتي نامو شايع ٿيو هو. ڊاڪٽر تنوير عباسي جي مرڻ کان ڪجهـ مهينا اڳ ماهوار نئين زندگي رسالي جي گولڊن جوبلي ملهائڻ لاءِ حيدرآباد ۾ سڌ سما جي وفاقي وزير مشاهد حسين سيد جي صدارت ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي. سنڌ جا اديب، شاعر، دانشور جهجهي تعداد ۾ گڏ ٿيا هئا. نئين زندگي جي ادبي خدمتن کي واکائڻ لاءِ ڊاڪٽر تنوير عباسي کي اسٽيج تي گھرايو ويو. ڊاڪٽر تقرير ڪرڻ لڳو، گفتگو دوران هڪ موقعي تي هن مشاهد حسين ڏانهن ڏٺو ۽ چيو؛ ”توهان هم آهنگي ۽ وحدت جي ڳالهه ڪريو ٿا، جڏهن ته (حڪومت) هيڪڙائي ۽ هڪجهڙائي جي خلاف ڪم ڪري رهي آهي، جيڪڏهن اردو ۾ ڪتاب شايع ٿئي ٿو ته ان کي لکن رپين جو اجورو ڏنو وڃي ٿو پر سنڌي ڪتاب کي ڏهه هزار مس ڏنا ويندا آهن، اهو ڪٿان جو انصاف آهي.“ ان موقعي تي مشاهد حسين سيد اعلان ڪيو ته هر ڪتاب کي هڪ جيترو معاوضو ڏنو ويندو پوءِ اهو ڪهڙي به ٻولي ۾ شايع ٿئي. ڊاڪٽر تنوير عباسي سنڌي ٻولي ۽ ادب جو گُڻوانُ، محسن ۽ گھڻ گهرو هو. هو جديد سنڌي ادب جو محقق آهي. بنيادي طرح شاعر هو، هو کوجنا، تحقيق، تجسس، سُونجهه ۽ سنوارڻ جو ماهر هو ۽ ان سلسلي ۾ زبردست ڪم ڪيو. هن شاهه عبد اللطيف ڀٽائي تي جديد ۽ سائنسي اصولن مطابق تحقيق ڪئي ۽ هڪ بهترين ڪتاب ”شاهه جي شاعري“ پيش ڪيو ۽ ان ڪتاب جي مختلف جلدن ۾ وڌايل ۽ سنواريل لکي وڌيڪ محنت سان ڪتاب کي شاهڪار بنائي ڇڏيو. ”شاهه لطيف جي شاعري“ ڪتاب جي مهاڳ ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي رقم طراز آهي: ”هن ڪتاب تي هڪ اعتراض ٿي سگھي ٿو ــ اهو هيءُ ته اڪثر مغربي نقادن جي راين جي روشنيءَ ۾ شاهه لطيف جي فن کي پرکيو ۽ پروڙيو ويو آهي. جيئن اسان سائنس ۾ ايندڙ نون نون نظرين، توڙي نين نين کوجنائن مان فائدو حاصل ڪريون ٿا، تيئن ادب ۾ به ڪري سگھون ٿا. جيئن مغربي سائنسدان پراڻا ۽ فرسودا نظريا مٽائي ڇڏيا، تيئن ادب جي باري ۾ به آهي. جيئن اسان مغرب جي ايجاد خوردبينيءَ سان گلن، ٻوٽن، توڙي انساني جسم جي باريڪ جوڙجڪ ٿا جاچيون، تيئن ادبي کوجنائن مان فائدو وٺي اسان پنهنجي ادب کي چڱيءَ ريت پرکي، پروڙي ۽ ان مان وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪري ٿا سگھون. شيڪسپيئر، خيام يا غالب کي جهڙيءَ ريت گذريل صديءَ ۾ پرکيو سمجهيو ويندو هو، انهن شاعرن کي اڄ ان کان مختلف نموني پرکيو ۽ سمجهيو ٿو وڃي، ڇو ته شعر کي پرکڻ ۽ ان جي ماڻڻ جا نوان طريقا ايجاد ٿي ويا آهن. جي اسان انهن نون طريقن کان اکيون ٻوٽي ڇڏيون ته شاهه لطيف جي ڪيترن ئي خوبين کان بي خبر رهجي وينداسين ۽ سندس شعرن کي چڱيءَ طرح ماڻي نه سگھنداسين. شاعريءَ کي سمجهڻ، ان جو مزو ماڻڻ، توڙي ان مان حظ حاصل ڪرڻ جا طريقا اڄ بدلجي ويا آهن. قديم چيني شاعري، توڙي ڪلاسيڪي جپاني شاعريءَ جو هائيڪو صدين کان موجود آهي، اسان جي سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءِ ۾، خاص ڪري شاهه لطيف وٽ اُٿاهه شاعراڻيون خوبيون آهن، جن جو مون فقط چئن عنوانن هيٺ اڀياس ڪيو آهي. اهڙا ڪيترائي عنوان ٿي سگھن ٿا، جن هيٺ هن عظيم شاعر جي شعر تي لکي سگھجي ٿو.“ (شاهه لطيف جي شاعري. روشني پبليڪيشن) ڊاڪٽر تنوير عباسي هن ڪتاب ۾ شاهه لطيف جي ادبي، سياسي، تاريخي، سماجي، اخلاقي قدرن، عوامي شاعري ۽ موسيقي، عڪسي، اهڃاڻي شاعري ۽ ٻين عنوانن جي سري هيٺ جديد انداز سان تحقيق ڪري شاهه لطيف جي شاعري کي سهڻي ۽ سٺي نموني سمجهايو آهي. ان کان علاوه هن سچل سرمست تي سچل چيئر پاران ڪتاب ۽ سنڌي ادبي بورڊ طرفان نانڪ يوسف ۽ خوش خير محمد هيسباڻي جو ڪلام جيڪو تنوير عباسي سهيڙيو ۽ سنواريو هو، تنهن کي شايع ڪيو. ان کان علاوه سندس شاعري، مضمون، ڪهاڻين، سفرناما، خاڪا ۽ ترجما پڻ شايع ٿيا آهن. جيڪي سنڌي ادب تي وڏو احسان ۽ وڙ آهي. هو نوجوان اديبن جي هر وقت دل سان مدد ۽ رهنمائي ڪندو هو. شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۽ سچل چيئر ۾ هن جون خدمتن کي وساري نٿو سگھجي. ڊاڪٽر تنوير عباسي جديد سنڌي ادب جي مهان هستين ۾ شمار ٿئي ٿو. ناليوارن اديبن، شاعرن، ڏاهن، دانشورن، ليکڪن ۽ تحقيقي ماهرن ۾ هن جو درجو اعليٰ ۽ اتم آهي. ادب ۽ فن ۾ پيش ڪيل سندس خدمتن جي ڪري قومي بلڪـ عالمي سطح تي مشهوري ماڻي ورتي هئي. هو حقيقي معنيٰ ۾ سچ ۽ حق جو شاعر، مبلغ، دانشور ۽ پارکو هو جنهن پنهنجي علمي ۽ ادبي پورهئي سان سنڌي زبان ۾ گھڻو اضافو ڪيو نه فقط ايترو پر تنقيد، ترويج ۽ تحقيق جي کيتر ۾ جديد ۽ سائنسي طريقا استعمال ڪندي سنڌي ادب کي دنيا ۾ متعارف ڪرايو پر اهي ماڻ ماپا ۽ اصول ڇڏي ويو، جن جي پوئواري ڪندي نوجوان نسل ۽ محقق ، ڊاڪٽر جي قابليت، ڏاهپ ۽ ڏات مان فائدو وٺي سنڌي زبان جي علم، ادب ۽ کوجنا کي وڌيڪ ترقي وٺرائي آهي. تنوير عباسي سنڌي جو سريلو شاعر آهي، ان کان ڪوبه انڪار نٿو ڪري سگھي، پر هن جو مان ۽ مرتبو ان کان به مٿانهون آهي، مان پنهنجي ننڍڙي ذهن، ظرف ۽ عقل سان اها ڳالهه چوڻ کان بنهه نه ڪيٻائندس ته ڊاڪٽر تنوير عباسي شاعر کان گھڻو مٿانهون هڪ تحقيققي ماهر ۽ پارکو آهي، جنهن سنڌي زبان کي هڪ اهڙو املهه ۽ اڻلڀ خزانو ڏنو آهي. جيڪڏهن هو فقط شاعري ڪري ها ۽ تحقيق طرف توجهه نه ڏي ها ته شايد اسان سندس جديد ۽ سائنسي ادبي کوجنا کان محروم رهجي وڃون ها! شاهه لطيف، سچل سرمست ۽ ٻين شاعرن تي جيڪي هن مضمون ۽ ڪتاب لکيا آهن تن جي پڙهڻ سان نوجوان نسل خوب فائدو حاصل ڪيو آهي ۽ هو تحقيق جي کيتر ۾ ڀڙ ٿي سنڌ جي نون موضوعن کي پنهنجي قلم سان نوازيو آهي. نوجوان کي متاثر ڪري تنوير عباسي سنڌ ۽ سنڌي زبان جو آئندو بچايو آهي. شاهه عبد اللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ سچل چيئر، خيرپور ريڊيو، سي ايس ايس جا سينٽر يا مشاعرو، محفل يا ادبي ڪم هجي، تنوير سڀ کان اڳڀرو هوندو هو، دوستن، يارن يا نوجوان شاعرن ۽ اديبن سان بنا ڪنهن پروٽوڪول جي ملندو هو. سنڌ، سنڌي ۽ سنڌي ٻولي جو خيرخواهه هو، ڊاڪٽر تنوير عباسي سنڌي ادب ۽ زبان جو اڻ ميو خزانو آهي! ٻاهر گل گلاب جا، من تن جو فولاد، سنڌڙيءَ جو اولاد، پرکي ڏسو ڪانئرو. ڊاڪٽر تنوير عباسي سنڌ جي ناليواري عالم، شاعر، محقق، مترجم، لطيفيات جي ماهر ۽ سچل شناس ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو اصل نالو نور نبي عباسي هو. هن ۷ ڊسمبر ۱۹۳۴ع تي، ضلعي خيرپور جي هڪ ننڍڙي شهر سوڀي ديري ۾ گل محمد عباسيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. ساڌو هيرانند اڪيڊمي، ڪراچيءَ مان پرائمري تعليم حاصل ڪيائين. مئٽرڪ جو امتحان اين. جي. وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان پاس ڪيائين. انٽر سائنس ڊي جي. سنڌ گورنمينٽ ڪاليج ڪراچيءَ مان ۽ ايم. بي. بي. ايس، لياقت ميڊيڪل ڪاليج، ڄام شوري مان پاس ڪيائين. ڊاڪٽر تنوير عباسي شاگرديءَ واري زماني کان شاعري ڪندو هو. ابتدا ۾ روايتي شاعري ڪيائين، پر اڳتي هلي سنڌي جديد شاعريءَ ۾ نوان لاڙا آندائين؛ ان ڪري سندس شاعري سنڌي ادب ۾ نئين حيثيت سان اجاگر ٿي. ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ ۽ شمشير الحيدريءَ، سنڌي شاعريءَ خاص ڪري نظم ۽ آزاد نظم ۾ نوان تجربا متعارف ڪرايا. تنوير عباسيءَ جون سنڌي ادب ۾ وڏيون خدمتون آهن. سنڌي ادب جڏهن ورهاڱي کان پوءِ نئين سر اُسري رهيو هو، تڏهن تنوير عباسي انهن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن اديبن ۽ شاعرن مان هو، جيڪي سنڌي ادب جي بقا لاءِ جدوجهد ڪري رهيا هُئا. هن جو شمار سنڌ جي وڏن شاعرن ۾ ڪيو وڃي ٿو، پر شاهه جي شاعريءَ ۽ سچل سرمست، خوش خير محمد هيسباڻي، نانڪ يوسف ۽ ٻين تي سندس تحقيق ۽ ڪاوش، کيس اهم ۽ منفرد اسڪالر واري حيثيت ڏياري ڇڏي. تنوير عباسيءَ جي علمي ۽ ادبي ادارن سان وابستگي، هڪ وڏي عرصي تائين رهي. پاڻ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جو تصور ڏيندڙ ۽ ان جي ائڊوائيزري بورڊ جو آخر تائين ميمبر، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي رٿا جوڙيندڙ، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي مالياتي، پبليڪيشن، تعليمي رٿابندي ۽ تحقيقي ڪاميٽيءَ جو ميمبر، شاهه لطيف ڪلچرل ڪاميٽي ڪراچيءَ جو ميمبر، سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت جو باني ۽ مستقل ميمبر، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو سيڪريٽري جنرل (۱۱ سالن تائين)، سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر، سچل يادگار ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري، سچل چيئر- شاهه لطيف يونيورسٽيءَ خيرپور جو باني ڊائريڪٽر ۽ سچل سرمست ميلي ڪاميٽيءَ جو ڪيترائي سال آرگنائيزر ۽ ٻين ڪيترن ادارن سان وابسته رهيو. سندس علمي، ادبي ۽ تحقيقي ڪم جي مڃتا طور کيس ڪيترائي ايوارڊ ۽ انعام به مليا. سندس علمي ادبي پورهيي جو وچور هن ريت آهي: (۱) رڳون ٿيون رباب (شاعري: ۱۹۵۸ع)، (۲) شعر (۱۹۷۰ع)، (۳) جي ماريا نه موت (ويٽ نامي ناول جو ترجمو: ۱۹۷۳ع)، (۴) ٻاراڻا ٻول (چونڊ ۽ ترتيب: ۱۹۷۳ع)، (۵) شاه لطيف جي شاعري (تحقيق: جلد I- ۱۹۷۶ع)، (۶) شاهه لطيف جي شاعري (جلد ٻيو، ۱۹۸۵ع)، (۷) شاهه لطيف جي شاعري (۳ جلد گڏ، ۱۹۸۹ع)، (۸) سج تريءَ هيٺان (شاعري: ۱۹۷۷ع)، (۹) جديد سنڌي شاعري (چونڊ ۽ ترتيب: ۱۹۸۱ع)، (۱۰) خير محمد هيسباڻيءَ جو ڪلام (ترتيب: ۱۹۸۳ع)، (۱۱) نانڪ يوسف جو ڪلام (ترتيب: ۱۹۸۲ع)، (۱۲) ڏوري ڏوري ڏيهه (سفرنامو: ۱۹۸۴ع)، (۱۳) هيءَ ڌرتي (شاعري: ۱۹۸۵ع)، (۱۴) Sachal Sarmast، (۱۵) منهن تنين مشعل (خاڪا: ۱۹۹۰ع)، (۱۶) تنوير چئي (شعري ڪليات:۱۹۸۹ع)، (۱۷) ترورا (ادبي مضمون، خاڪا، يادگيريون، سفرنامو: ۱۹۸۸ع)، (۱۸) ساجن سونهن سرت (شاعري: ۱۹۹۶ع)، (۱۹) سپني کان سهڻي ساڀيا (تقريرون ۽ ليڪچر: ۲۰۰۲ع)، (۲۰) سچل جو رسالو (ترتيب:اڻ ڇپيل)، (۲۱) مون کي اڳتي وڃڻو آهي (سفرناما: ۲۰۰۰ع). سنڌي شاعر، ادب، جديد ٻوليءَ، ڪلچر، ڪلاسيڪي شاعريءَ ۽ ٻين موضوعن تي سندن سوين مقالا، مضمون ۽ مهاڳ لکيل آهن. ويهين صديءَ جو هيءَ ڏاهو انسان، ۲۵ نومبر ۱۹۹۹ع تي، اسلام آباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. تنوير عباسي وصيت ڪئي هئي ته وفات بعد سندس لاش ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن کي تجربا ڪرڻ لاءِ ڏنو وڃي، پر ان تي عمل نه ٿي سگهيو. البت سندس آخري خواهش هئي ته سندس اکيون آپريشن ذريعي ڪنهن محتاج کي ڏنيون وڃن. سندس وصيت تي عمل ڪيو ويو ۽ سندس اکين سان اڄ هڪ نياڻي ۽ هڪ نوجوان هن دنيا کي ڏسي پنهنجي زندگي خوش خوش گذاري رهيا آهن. تنوير عباسيءَ جي آخري آرامگاهه اسلام آباد ۾ آهي. تنوير عباسيءَ جي ياد ۾ شاهه لطيف يونيورسٽيءَ خيرپور ۾ تنوير ڪارنر قائم ڪيو ويو آهي، جنهن جو انچارج اياز گل آهي، تنوير بابت (۱) تنوير عباسي- هڪ مطالعو (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو)، (۲) پوان شل قبول (مرتب: اياز گل)، (۳) مان تنوير آهيان (مرتب: مشتاق ڪلهوڙو) ۽ ٻيا ڪتاب ڇپيل آهن. تنوير ڪارنر پاران سندس چونڊ شاعريءَ تي مشتمل پاڪيٽ سائيز ڪتابڙو ”روشن آ سانجهي“ اياز گل ترتيب ڏئي ۲۰۰۸ع ۾ ڇپايو آهي. ڪيترن علمي ادبي ادارن پاران ادبي تحقيق ۽ تنقيد تي تنوير عباسي شيلڊون ۽ اوارڊ ڏنا وڃن ٿا. ڊاڪٽر تنوير عباسي ڪو ڪو ماڻهو موتي داڻو مير نادر علي ابڙو ڊاڪٽر تنوير عباسي سان منهنجو تعلق منهنجي ڄمڻ کان اڳ جو هئو، تنوير عباسي منهنجي والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جو انتهائي پيارو ۽ پراڻو دوست هو، ۱۹۷۸ع ۾ جڏهن بابا سائين ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج خيرپور ميرس ٿيو ته ڊاڪٽر تنوير عباسي سڪ ۽ محبت منجهان تقريبن هر روز بابا سائين سان ڪچهري ڪرڻ ايندو هو. هو خيرپور ۾ اسان جو فيملي ڊاڪٽر به هو، ڄڻ گهر جو ڀاتي به هو. مون ننڍپڻ کان وٺي ڊاڪٽر صاحب کي هميشه کلندي ملندي ڏٺو جڏهن به ملوس پيو مسڪرائيندو هو. مون کي چڱي طرح ياد آهي اهو ڏينهن جڏهن کيس تمام گهڻي خوشي ۾ ڏٺو هيم، اهو موقعو هو سندس پٽ سرمد جو آمريڪا وڃڻ جو اجازت نامو خيرپور پاڪستان پهچڻ. مون هن ۾ هڪ خاص ڳالهه ڏٺي، سا هئي سندس طبيعت ۾ حساسيت جيڪا هڪ شاعر ۾ هجڻ به کپي، ڊاڪٽر صاحب انتهائي محبت مان غريب ۽ مسڪين ماڻهن کي تپاسيندو هو. ڪڏهن به مريض کان في وغيره جي لالچ نه ڪيائين هو فرشتو صفت انسان هو. مان بي اي کان وٺي ڊبل ايم اي ۽ ايل ايل بي تائين لطيف يونيورسٽي مان پڙهيس جيڪڏهن ڪڏهن به مون کي ڪو يونيورسٽي مان سرٽيفڪيٽ کپندو هو ته هو فقط منهنجي لاڙڪاڻي مان فون ڪرڻ تي ڪڍرائي پوسٽ ذريعي موڪلي ڏيندو هو. هن نفسانفسي واري دؤر ۾ تمام ٿورا انسان وڃي بچيا آهن، جيڪي پنهنجن دوستن سان نڀائين. مگر ڊاڪٽر تنوير ته اهو انسان هو جيڪو پنهنجي دوست جي وفات کان پوءِ به اسان سان نڀائيندو آيو. ڊاڪٽر صاحب کي مون ڪڏهن به ڪاوڙ ۾ ڪونه ڏٺو، ۱۹۸۰ع ۾ جڏهن بابا سائين ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ٺٽو ٿيو ته ڊاڪٽر صاحب ٺٽي ضلعي جا قديم آثار ڏسڻ لاءِ اسان وٽ پنهنجي گهر واري ۽ پنهنجي فرزند سرمد سان گڏ آيو. ڪچهري ۾ ڊاڪٽر صاحب چيس ته بابا گرم چانهه مٿان ٿڌو پاڻي نه پي پر سرمد ضد ڪري مٿان ٿڌو پاڻي پيئڻ لڳو. انهيءَ ڳالهه تي بابا سائين کي به ڪاوڙ لڳي ته پيءَ جي ڳالهه پٽ آخر ڇو ڪونه ٿو مڃي. پر ڊاڪٽر صاحب ٿڌائي مان انهيءَ ڳالهه کي هضم ڪري ويو ۽ مسڪرائيندو رهيو. ڊاڪٽر صاحب کي مون پنهنجي ڪار تي وٺي وڃي قديم آثار ڏيکاريا، گهمي جڏهن بس ڪيو سون ته ڊاڪٽر صاحب بار بار مهرباني مهرباني چئي رهيو هو. بابا سائين جي وفات تي ڊاڪٽر صاحب منهنجي والد صاحب سان دوستي نڀائيندي سندس ياد ۾ هڪ مضمون لکي سنڌ جي تقريبن سڀني اخبارن ۾ شايع ڪرايو. هڪڙي دفعي منهنجو يونيورسٽي وڃڻ ٿيو ته اتي حميد سنڌي سان ڪافي اديب موجود هئا، جن ۾ ادل سومرو، اياز گل ۽ غلام رباني آگرو به موجود هئا. جيئن ڊاڪٽر تنوير عباسي صاحب مونکي ڏٺو ته وڏي محبت ۽ پاٻوهه منجهان مليو. سڀني سان منهنجو تعارف ڪرايائين، زوري منجهند رهائي پاڻ سان گڏ ماني پڻ کارايائين. سنڌي اخبارن ۾ جڏهن ڊاڪٽر تنوير عباسي جي اسلام آباد وڃڻ جون خبرون پڙهيم ته کيس خط لکيم ته ٻن ٽن ڏينهن کان مسلسل اوهان جي خيرپور ڇڏڻ جا بيان وغيره اچي رهيا آهن ته “خيرپور ميرس ڇڏي رهيا آهيون. مري ته ڪو نه رهيو آهيان” توهان جي زبان مان ته شايد آساني سان نڪري آيا هوندا پر توهان جي چاهيندڙن تي يقين ڪيو پهاڙ وانگر ڪريا هوندا. شاعر رڳو پنهنجي اولاد جي ملڪيت ڪونه هوندا آهن. اهي ته عوام جو اثاثو هوندا آهن، هاڻي خيرپور ميرس اٻاڻڪو محسوس ٿيندو ڇو جو هاڻ تنوير عباسي خيرپور ميرس جي پهچان ۽ خيرپور ميرس تنوير عباسي جي پهچان ڪونه هوندو. منهنجي انهيءَ خط جي جواب ۾ پاڻ به خط لکيائين ته پيارا ايترو مايوس نه ٿيو آخر مون کي به اولاد جو سهارو گهرجي. جنهن لاءِ ۱۱ سال سڪيو آهيان. اوهان ۽ سنڌ سان ساڳيو لاڳاپو رهندو. سنڌ لاءِ ته ڪم هر هنڌ ڪري سگهجي ٿو ۽ ڪندو به رهندس. سندس انهي خط پهچڻ کان پوءِ ڄڻ ڊاڪٽر صاحب جي مجبوري سمجهي اسان قبول ڪيو ته هو ڀلي پنهنجي اولاد سان اسلام آباد رهي. جيڪڏهن هو فقط اسلام آباد وڃي رهي ها ته، اهو ته کڻي سنڌي برداشت ڪري وڃن ها پر هي هميشه واري جدائي برداشت ڪرڻ ڏاڍي ڏکي ٿي پئي آهي. سندس تازي گلاب جيان هميشه کلندڙ ٽڙندڙ چهرو اکين آڏو ڦري رهيو آهي. هو سنڌ جو شاعر ته هو ئي پر هو سنڌ جو مهان ۽ منفرد ڊاڪٽر به هو. جنهن مرڻ کان پوءِ به ڪنهن بيمار کي ڊاڪٽر ۽ مريضن وارو رشتو تاريخ ۾ امر ڪندي ساهه نڪرڻ کان پوءِ به اکيون دان طور ڏيندي نڀايو. سندس وصيت هئي، ته شاگرد ۽ ڊاڪٽر ڀلي منهنجي مرڻ کان پوءِ منهنجي جسم تي تجربا ڪن ته جيئن انهن تجربن جي آڌار تي مريضن جا مرض ۽ تڪليفون دور ٿين. اهي ڳالهيون ۽ عملي ڪم ڪنهن مسيحا کان گهٽ ڪونه آهن. منهنجا هي ڪجهه جملا ڊاڪٽر تنوير عباسي جي جبل جيڏي وڏي شخصيت آڏو ڪجهه به ناهن پر اڄ هو ايترو ياد اچي رهيو آهي جو لکڻ کان به رهي نه ٿو سگهان. (خبرون، جاڳو، برسات، تعمير سنڌ، عبرت، مهراڻ، سنڌ، هلال پاڪستان، سوڀ، مقدمو، سچ، سڪار سنڌو، فيصلو، عوامي آواز) ڊاڪٽر تنوير عباسي سچ ۽ سونهن جي علامت مرتضيٰ سيال ڊاڪٽر تنوير عباسي اسان کان وڇڙيو ضرور آهي، پر وسريو مُور ناهي. سچ، سونهن ۽ سُرت واري آفاقي فلسفي جو پوئلڳ پنهنجي سڀاءُ، روين ۽ عمل ۾ سچو صوفي هئو. هُن هميشه ڏيڻ چاهيو ۽ پنهنجي حياتيءَ جو هر پَل پنهنجي ديس، ديس وارن، سنڌي ٻولي ۽ ادب کي گهڻو ڪجهه ڏيندي گذاريو. ڊاڪٽر تنوير عباسي وڏو شاعر هئو يا نه پر وڏو ماڻهو ضرور هُئو. آءٌ پنهنجي زندگيءَ ۾ جن ماڻهن مان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهيان، اُنهن ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي سرفهرست آهي. مون هُن کي سدائين مُرڪندي ڏٺو، حساس دل رکندڙ ۽ اندر جو انتهائي اجرو شخص. هر ماڻهوءَ کي زندگي، سماج ۽ ماڻهن کان ڪيئي شڪايتون هُجن ٿيون، جن جو ذڪر به هر شخص ڪندو رهي ٿو، پر ڊاڪٽر تنوير کي مون ڪڏهن به ڪنهن جي شڪايت ڪندي نه ٻُڌو. هڪ ڀيري کيس ڏاڍو ڏکارو ڏٺم، هي تڏهن جي ڳالهه آهي جڏهن انتهائي ويجهو دوست شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جو وائيس چانسيلر هئو ۽ اهو ڪنهن بنهه ننڍڙي غلط فهمي جي ڪري سندس ڏک جو سبب بڻيو. ادل سومرو، اياز گل ۽ آءٌ ساڻس ملڻ سندس گهر وياسين. ڊاڪٽر صاحب پير سلپ ٿيڻ جي ڪري زخمي ٿي پيو هئو. اُن ڏينهن کيس زخم جو نه پر دل گهرئي دوست جي روي جو ڏاڍو درد هئو، بس اهو هڪڙو موقعو اهڙو هئو جو کيس ڏکارو ڏٺو هوم ۽ اهو ڏينهن، اهي پَل مون کان ڪڏهن به ناهن وسريا. ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو ننڍين ننڍين غلط فهمين جي بنياد تي پنهنجن انتهائي پيارن ماڻهن کان به پري ٿي ويندو آهي. هونئن ته دوستي ڏاڍو مضبوط رشتو آهي، پر جڏهن غلط فهمي کي وِٿي ملي ٿي ته مضبوط رشتو به نازڪ بڻجي وڃي ٿو. ڊاڪٽر تنويز پنهنجن دوستن تي ساهه ڏيڻ وارو ماڻهو هُئو. هو اُن حد تائين معصوم ماڻهو هُئو جو ڪنهن دوست جي غلط ڳالهه يا ارڏائي جي خبر پوندي هوس ته ان ڳالهه تي اعتبار نه ايندو هوس. هڪ دوست کي سنڌي ادبي بورڊ ۾ بيورو آف ٽرانسليشن جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. اُن دوست جو علمي ادبي قد ۽ ذهانت بورڊ ۾ ويٺل ماڻهن لاءِ پريشاني جو سبب بڻجي ويئي. اُن زماني ۾ محمد ابراهيم جويو صاحب بورڊ جو چيئرمين ۽ غلام رباني آگرو بورڊ جو سيڪريٽري هُئو. جويو صاحب جامي چانڊيي کي بورڊ ۾ وٺي ويو ته جيئن بيورو آف ٽرانسليشن جو ڪم بهتر انداز ۾ شروع ڪري سگهجي. اُن رٿا تحت چونڊ عالمي ادب کي سنڌي ۾ ترجمو ڪرائي شايع ڪرائڻو هُئو. جامي جي مقرري سيڪريٽري ۽ اُن جي پوئلڳن کي نه وڻي ۽ انهن ملي ڀڳت ڪري بورڊ ۾ احتجاج ڪيو ته ”ٻاهريون ماڻهو ڇو رکيو ويو آهي“ جامي اُن ئي ڏينهن استعيفيٰ ڏيڻ جو فصيلو ڪري ڇڏيو، شام جو بورڊ کان واپسي تي جامي سڌو مون وٽ آيو هُئو. مون اُن ئي وقت جامي کي ٻڌايو هُئو ته ائين ڇو ۽ ڪنهن جي ڪري ٿيو آهي، پر جامي کي اعتبار نه آيو هئو. پوءِ وري جڏهن ڊاڪٽر تنوير کي اها ڳالهه ٻُڌائي هيم ته اُن به اهو چيو هو ته ”رباني صاحب ائين نه ٿو ڪري سگهي“ ڊاڪٽر صاحب جي رباني صاحب سان به دوستي هُئي ۽ اُن ناتي جي ڪري هو نه پيو سمجهي ته سندس دوست ائين ڪري سگهي ٿو. خير اڳتي هلي اُها ڳالهه سچ ثابت ٿي. ڊاڪٽر جهڙو پاڻ انتهائي سچو، ايماندار ۽ معصوم ماڻهو هُئو، ٻين کي به اهڙو ئي سمجهندو هئو. ڊاڪٽر تنوير صاحب سان منهنجون ڪافي ملاقاتون ٿيون، هو اسان دوستن کي پنهنجن ٻچن جيان ڀائيندو هُئو. هڪ ڀيرو مون کيس خط لکيو هُئو، جنهن ۾ پنهنجي پريشانين ۽ مايوسين جو ذڪر ڪيو هئو. ڊاڪٽر صاحب فوري طور جواب لکي مون کي ڪافي آٿت ڏني هئي ۽ سمجهايو هُئو. هُن اهو به چيو هُئو ته پهرين فرصت ۾ ساڻس ملان، پوءِ جڏهن ساڻس خيرپور ملڻ ويو هوس ته ڪافي دير ڏاڍي پيار سان سمجهائيندو رهيو هو. انهن ڏينهن ۾ آءٌ بيروزگار هوس. مون ڊاڪٽر صاحب سان ذڪر ڪيو ته هُن فوري طور موٽ ڏني ته ”ڪا ڳالهه ناهي، گڏجي ڪوشش ڪريون ٿا، الله بهتر ڪندو“ ٿورن ڏينهن کانپوءِ ڪلچر ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري جون جايون آيون هيون، جن ۾ سچل آڊيٽوريم خيرپور لاءِ پروگرام مئنيجر جي پوسٽ به انائونس ٿي هُئي، مون ڊاڪٽر صاحب جي صلاح سان اپلاءِ ڪيو هُئو، جڏهن انٽرويو ڪال آئي ته مون ڊاڪٽر صاحب کي ٻُڌايو، اُن ئي ڏينهن ڊاڪٽر صاحب ڪلچر ڊپارٽمينٽ جي سيڪريٽري مهتاب اڪبر راشدي سان ڳالهايو ۽ کيس چيائين ته ”مرتضيٰ پروگرام مئنيجر لاءِ اپلاءِ ڪيو آهي، هي مون کي ڏاڍو عزيز آهي، پر انٽرويو ۾ پنهنجي اهليت ثابت ڪري ته هن کي ميرٽ تي رکجو، اهو خيال ڪجو ته ڪنهن جو حق نه مري.“ ڊاڪٽر صاحب جا اهي لفظ مون کان ڪڏهن به وسري نه ٿا سگهن. هُن نه رڳو سدائين ميرٽ ۽ سچائي جي ڳالهه ڪئي، پر اُن تي عمل به ڪيو. ڊاڪٽر تنوير جا اهي لفظ به ڪڏهن نه وسرندا، جيڪي هُن خيرپور ۾ خادم سنڌي جي ورسي جي موقعي تي پنهنجي صدارتي تقرير ۾ چيا هُئا. هُن چيو هئو ته ”زنده قومون پنهنجي لڙائي جنگي ميدانن مان نه پر تعليمي ادارن سان کٽنديون آهن، جيڪڏهن اسان کي پنهنجو ڳاٽ اوچو ڪري دنيا سان مقابلو ڪرڻو آهي ته پاڻ کي تعليم جي هٿيار سان ليس ڪريون، جيڪي ماڻهو نعريبازي تي گذارو ڪن ٿا، کين سمجهڻو ۽ سوچڻو پوندو ته اسان وٽ ڪيترا سائنسدان آهن، ڪيترا انجنيئر آهن ۽ ڪيترا اعليٰ ذهن آهن. تعليمي طور اسين ڪاٿي بيٺا آهيون، شعور ۽ ادراڪ کانسواءِ ڪجهه به حاصل ڪري نه ٿا سگهون.“ هن اهو به چيو هُئو ته ”اسان کي آزادي هڪ ڪيڪ جيان پليٽ ۾ رکي ڏني وڃي ته به اُن کي سنڀالي نه سگهنداسين. اُن لاءِ اسان کي تعليمي ۽ شعوري طور سگهارو ٿيڻو پوندو.“ ڊاڪٽر صاحب جون ڳالهيون ياد ڪندي اهو به ٻُڌائيندو هلان ته، ڊاڪٽر صاحب وٽ جڏهن به ڪو اديب ايندو هُئو ته خيرپور ۾ موجود اديبن ۽ شاعرن کي به گهرايو ويندو هئو ۽ پوءِ زبردست ڪچهري ٿيندي هُئي. تنوير عباسي جنهن به محفل ۾ هوندو هُئو، اُن محفل کي چار چنڊ لڳي ويندا هُئا. هو رڳو پنهنجي ٽهي يا هم عمر دوستن سان ئي نه پر نوجوانن سان وڌيڪ ويجهو هوندو هُئو، اهو ئي سبب آهي جو هو نوجوان اديبن ۽ شاعرن لاءِ رهنمائي ۽ اتساهه جو سبب ۽ ذريعو بڻيل رهيو. ڊاڪٽر اسحاق انصاري جڏهن شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ پڙهائيندو هئو ته ٽيچرس هاسٽل تي ڊاڪٽر تنوير شامل هوندو هُئو. اهي سڀئي يادگيريون اڄ منهنجي لاءِ هڪ املهه خزاني جي حيثيت رکن ٿيون. تنوير عباسي سنڌ جو اهو ساڃاهه وند ۽ سچو صوفي هُئو، جنهن سڀني کي محبتن جا خزانا ڏنا. سندس شخصيت سنڌ جي مختلف سياسي، سماجي توڙي ادبي ڌرين لاءِ هڪ جهڙي ۽ غير تڪراري رهي. ادبي جهيڙن کي نبيرڻ توڙي ٻين علمي ادبي معاملن کي بهتر بنائڻ لاءِ ڊاڪٽر صاحب جو ڪردار سدائين رهنمائي وارو رهيو. هو محبتن ۽ سچاين جو امين ۽ سچل سائين جي دڳ جو پانڌيئڙو هو، جنهن جي ذات اسان لاءِ ڪالهه به اتساهه جو سبب هُئي ۽ اڄ به سچائي جو اهڃاڻ آهي. هو اسان کان وڇڙي ويو آهي، پر وسريو ناهي ۽ نه ئي ڪڏهن وسري سگهي ٿو. (۲۵ نومبر تي ڊاڪٽر تنوير عباسي جي ورسي هئي) ڊاڪٽر تنوير عباسي بنا اکين وارن کي بينائي ڏيندڙ کي ڀيٽا! اشفاق لغاري/ ٽنڊو الهيار ورهاڱي کانپوءِ ترقي پسند سنڌي ادب جي واڌ ويجهه لاءِ جن اديبن، محققن ۽ شاعرن پاڻ پتوڙيو، انهن ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي جي نالي کي تاريخ ڪڏهن به وساري نه سگهندي. شيخ اياز جي روح گرمائيندڙ شاعري ۽ شخصي هاڪ هيٺ اچي ويل ڊاڪٽر تنوير عباسي کي توڻي جو اها ناماچاري نصيب نه ٿي آهي، جيڪا هو لهڻي ٿو. جي ايم سيد کانپوءِ سنڌي ۾ جنهن فرد ڀٽائيءَ جي فڪر کي عقليت جي عمارت تي بيهارڻ لاءِ روايتي نه پر سائنسي تحقيق ڪئي، اهو به ڪو ٻيو نه پر سوڀيديري ڄائو ڊاڪٽر تنوير عباسي ئي هو. شاهه لطيف يونيورسٽي کي جڏهن ڪئمپس جو درجو حاصل هو، تڏهن ان کي ڪئمپس مان يونيورسٽي جو درجو ڏيارڻ لاءِ ڊاڪٽر تنوير عباسي کي ضياءُ الحق سان ملاقات واري ڪؤڙي گوري به کائڻي پئي. هڪڙي راءِ موجب، سنڌ يونيورسٽي ۾ سنڌالاجي جي قيام جو بنيادي خاڪو جوڙيندڙ به ڊاڪٽر تنوير ئي هو. هن ڪيترن ئي پرڏيهي شاعرن جي چونڊ شاعري کي سنڌيءَ ٻولي ۾ ترجمو ڪيو. شاهه لطيف جي شاعري کانپوءِ هن چاهيو ٿي ته سچل جي شاعري تي سوشل سائنسز جي معيار موجب تحقيقي ڪم ڪجي. اڄ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ قائم سچل چيئر به ڊاڪٽر تنوير جي ئي جستجو جو نتيجو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ تنوير عباسي جي نالي سان جڙيل تنوير ڪارنر ۾ اڄ ڊاڪٽر تنوير عباسي جي سرڪاري سطح تي ياد نه پئي ملهائي وڃي. تنوير جهڙن بنا ڪنهن شور شرابي ۽ اجائي واهه واهه ڪرائڻ جي خاموشي سان ڪم ڪندڙ محققن، اديبن ۽ شاعرن سان هن دو رنگي دنيا ۾ ائين ئي ٿيندو آهي! درسگاهن سان تنوير جي دل هئي، ڪتب خانن کي هو پنهنجو وطن سمجهندو هو. ”تنوير چئي“ جي عنوان سان سنڌ يونيورسٽي جي اداري سنڌالاجي ڄامشورو طرفان ڊاڪٽر تنوير جي شاعري جو مشهور ڪليات ڇپيل آهي. ڪجهه ڏيئي وينداسين، ڪجهه نه کڻي وينداسين، ٻور آهيون، ڏئي ميوو ۽ ڇڻي وينداسين جهڙين سٽن جي خالق تنوير دنيا، ديس ۽ پنهنجي ڀرپاسي وارن علائقن جي ماڻهن لاءِ ٻن اهم محاذن تان مسيحا جو ڪردار ادا ڪيو. ڊاڪٽر تنوير نثر ۽ شاعري سان هڪڙي پاسي آمريتي دورن ۾ سرد ٿي ويل اسان جا روح پئي گرمايا ۽ هن جي شاعري آمرن لاءِ مٿي جو سور بڻي رهي ته، ٻئي پاسي ڊاڪٽر تنوير خيرپور ميرس ۾ ميرواهه جي ڪپ تي خاڪي شاهه پل لڳ ڪيترن ئي مسڪين ماڻهن جو پنهنجي ميڊيڪل جي خدمتن سان بخار، لڱن ۽ مٿي جو سور ٿي لاٿو. تنوير عباسي رڳو گلن، پوپٽن ۽ پوپرين جي ادائن کي ئي پنهنجي شاعري ۾ نه ڳايو، پر هُن مِلن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن، ٻنين ۾ ڪم ڪندڙ هارين، نارين ۽ سموري پورهيت طبقي جي ڏکن ۽ ڏوجهرن کي به پنهنجي لازوال شاعري جو مرڪز بنايو. مضبوط جهوپڙيون ۽ ڪمزور محل ماڙيون سو ڏينهن آهه ويجهو، ٿينديون اڀيون ڪهاڙيون اوگهڙ جتي اُڻون ٿا ۽ بک جتان لُڻون ٿا ڏيون باهه مِل انهيءَ کي، اهڙي ٻنيءَ کي ساڙيون اوچيون رکون هي لاٽون، هي مشعلون ڏياٽيون پنهنجن لئه روشنيون ۽ دشمنن جي لئه اُماڙيون ڊاڪٽر تنوير عباسي جتي پنهنجي فن ذريعي عوام کي علم ۽ آگاهي جون اکيون عطا ڪيون، اتي هن خلقِ خُدا جي خادم آخر ۾ اها وصيت به ڪئي ته، جسم مان جڏهن روح جو رمتو رمي وڃي ته پوءِ منهنجو بي روح جسم ڪنهن ميڊيڪل يونيورسٽي يا ڪاليج ۾ تجربن لاءِ عطيي طور ڏنو وڃي. تنوير جي ان وصيت تي پوري طرح ته عمل نه ٿي سگهيو، پر ايترو ضرور ٿيو ته ڊاڪٽر تنوير عباسي جڏهن ۲۵ نومبر ۱۹۹۹ع ۾ اسلام آباد ۾ هن دنيا کي الوداع چيو ته، سندس اکيون اسلام آباد جي ڪنهن بنا نور واري جي بينائي جو ذريعو بڻجي پيون. ڊاڪٽر اديب رضوي به پنهنجو گڙدو عطيي طور ڏيڻ وارن ٻاجهارن انسانن مان آهي. تازو ئي پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ ووٽن سان چونڊيل صدر آصف علي زرداري پڻ اها وصيت لکي آهي ته، ساهه جي تند ٽٽڻ بعد منهنجو جسم عطيي طور ڏنو وڃي. هِن کان اڳ ٿوري مختلف پر اهڙي ئي ڀلائي واري وصيت مشهور ڪرڪيٽر ۽ هندوستان جي اڳوڻي ڪپتان منصور پٽودي پڻ ڪئي هئي، جنهن جي هڪڙي اک خراب ٿيل هئي ۽ کيس هڪڙي ئي بينائي واري اک هئي، اها به هن ڪنهن بنا اکين واري کي موت پڄاڻان عطيي ۾ ڏيڻ جو پنهنجي زندگي ۾ ئي اعلان ڪيو هو. منصور پٽودي ۽ ڊاڪٽر تنوير عباسي جي اکين سان دنيا کي ڏسندڙن کي هي دنيا ڪيئن لڳي رهي هوندي؟ ان سوال جو جواب صرف رسول حمزاتوف جي ”ميرا داغستان“ ۾ ئي ملي سگهي ٿو. تنوير عباسي ٻريا ٻه پل وسامڻ کان اڳ ۾ يوسف سنڌي ”پنهنجي ٿوري عمر آهر، مون به جيڪي ڪجهه ڏٺو وائٺو آهي، جيڪي واقعا منهنجي اکين آڏو گذريا آهن، جيڪي ڪجهه به منهنجي احساس کي اُٿاري ۽ جذبن کي جاڳائي سگهيو آهي، جنهن به نظاري اکين کي آرام ڏنو اٿم، ان کي ڪوشش ڪري، اهڙيءَ ريت لکيو اٿم، جيئن ٻين جي دل ۾ به اهڙا ئي احساس اُٿن ۽ اهڙائي جذبا جاڳن، جيڪي منهنجي دل ۾ جاڳيا، جي پنهنجي ڏڪندڙ ڏيئي جي وسامڻ کان اڳ ۾، ان جي لاٽ مان ڪي ٿورائي ڏيئا ٻاري سگهيس ته منهنجو جيئڻ سجايو ٿيو.” اهي لفظ ڊاڪٽر تنوير عباسي پنهنجي پهرينءَ شعري مجموعي “رڳون ٿيون رباب” جي مهاڳ ۾ لکيا آهن، جيڪڏهن تنوير عباسيءَ جي زندگيءَ کي انهن لفظن تي پرکبو ته انهن تي پوري لهندي نظر ايندي. تنوير عباسيءَ جو اصل نالو “نور نبي عباسي” آهي ۽ ‘تنوير’ تخلص اٿس. خيرپور ضلعي (ان وقت رياست) جي ڳوٺ سوڀي ديري ۾ گل حسن عباسي جي گهر ۾ ۷ ڊسمبر ۱۹۳۴ع تي ڄائو. پرائمري تعليم نوشهري فيروز ۾ شروع ڪيائين. ٻئين درجي کان مئٽرڪ تائين ڪراچيءَ ۾ پڙهيو. ۱۹۶۰ع ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج، ڄامشوري مان ايم-بي-بي-ايس جو امتحان پاس ڪيائين. ان وقت کان وٺي، پنهنجي وفات کان ٻه هفتا اڳ تائين، پاڻ خيرپور ۾ رهيو ۽ خانگي اسپتال هلائيندو رهيو. تنوير عباسيءَ جو پهريون شعر “فنڪار” (حيدرآباد) ۾ ۱۹۵۰ع ۾ ڇپيو. ‘تنوير’ کان اڳ پاڻ “مغموم” تخلص استعمال ڪندو هو. سندس پهريون شعري مجموعو “رڳون ٿيون رباب” ۱۹۵۸ع ۾ ڇپيو. تنوير عباسي شاعري کان سواءِ تحقيق، تدوين، ترتيب، اڀياس، سفرناما لکيا۽ ترجما پڻ ڪيا. انهيءَ کان سواءِ پاڻ هڪ ڪهاڻي “لوئي” پڻ لکيائين، جيڪا سنڌي ٻوليءَ جي سٺين ڪهاڻي ۾ شمار ٿئي ٿي، جيڪا ٽماهي “مهراڻ” ۾ ڇپي. ان کان سواءِ،پنهنجي شروعاتي ادبي زندگيءَ ۾ هڪ ناول پڻ لکيائين، جيڪو اڻ ڇپيل ئي رهيو. سندس ڪجهه شاعري انگريزي ،پنجابي، سرائيڪي ۽ اردو ۾ پڻ ترجمو ٿي ڇپي. تنوير عباسي ڪيترن ئي ادبي ادارن جو صلاڪار ميمبر ۽ عهديدار پڻ رهيو، جن ۾ سچل چيئر، شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور جو صلاڪار ۽ ڊائريڪٽر ميمبر ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي سچل اڪيدمي خيرپور، ميمبر-بورڊ آف ايڊوائيزر سنڌالاجي، ميمبر سنڌي ادبي بورڊ، ميمبر سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، ميمبر ريجنل ايڊوائيزري ڪاميٽي ريڊيو پاڪستان خيرپور ۽ سيڪريٽري “سچل يادگار ڪميٽي سنڌ” شامل آهن. ڊاڪٽر تنوير عباسي، شاهه لطيف يونيورسٽي ۾ سچل چيئر جوخيال ڏيندڙ ۽ اُن جو سربراهه رهيو ۽ سنڌي شعبي ۾ ايم-فل ۽ پي-ايڇ-ڊي جي اسڪروٽني ڪاميٽي جو ميمبر ۽ اعزازي ليڪچرار پڻ رهيو. ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو نالو ٻه ڀيرا لطيف يونيورسٽي جي وائيس چانسلر طور نامزد ٿيو، پر تر جي با اثر قوتن جي سخت مخالفت سبب، کيس انهي عهدي تي اچڻ نه ڏنو ويو. ڊاڪٽر تنوير عباسي، ۱۹۶۶ع کان ۱۹۶۹ع تائين، سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل پڻ رهيو ۽ سنگت جي شاخن ۽ مرڪز جي جوڙ-جڪ ۽ ڪار-وهنوار ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. تنوير عباسيءَ لکڻ جي شروعات شاعري کان ڪئي، پر اڳتي هلي سندس ڌيان تخليق کان وڌيڪ تحقيق ڏانهن ويو، جنهن جي نتيجي ۾ پاڻ لطيفيات، سچليات ۽ ٻين ڪلاسيڪي شاعرن تي تحقيقي مضمون، مقالا ۽ ڪتاب لکيا، جن جو وچور هيٺين ريت آهي. شاهه لطيف جي زندگيءَ ۽ شعر تي، سنڌي زبان جي عالمن ۽ محققن گهڻو ڪم ڪيو آهي، پر تنوير عباسي روايتي انداز بدران ڏيهي ۽ پرڏيهي نقادن جي راين جي روشني ۾ شاهه جي فن کي پرکيو ۽ پروڙيو، جيئن شاهه جي شعر کي عالمي معيارن موجب پرکي ۽ پروڙي سگهجي .انهيءَ سلسلي ۾ سندس ڪيل شاهه لطيف جي شاعري تي تحقيقي ڪم جو پهريون جلد ۱۹۷۶ع ۾ ۽ ٻيو ۱۹۸۵ع ۾ ڇپيو ۽ اڳتي هلي جڏهن ٽيون جلد لکيائين ته پهرين ٻن جلدن سان گڏ ۱۹۸۹ع ۾ ٽنهي جلدن کي شايع ڪيو ويو۽ اڳتي هلي هر نئين ڇاپي ۾ هڪ اڌ مضمون جو واڌارو ڪندو ويو. شاهه لطيف تي سندس اهو ڪم نهايت اهم نوعيت جو ۽ سائنسي بنيادن تي ٻڌل آهي، جنهن جي سنڌ جي ادبي حلقن گهڻي پذيرائي ڪئي ۽ پسند ڪيو. تنهن کان سواءِ ۱۹۷۵هه جي شاهه جي رسالي تي تحقيق ۽ ترتيب جي بٺيءَ مان ڪڍي ‘مسودي’ جي شڪل ڏنيم جيڪو اڃا نه ڇپيو آهي. يقيناً اهو رسالو به لطيفيات جي حوالي سان قابل قدر اضافو ٿيندو. سچل تي ڪم ڪندي، تنوير عباسيءَ سچل جي ٻن عقيدتمند شاعرن، نانڪ يوسف ۽ خوش خير محمد هيسباڻيءَ جو ڪلام سهيڙي، سموهي ڀيٽي ڌار ڪتابن ‘نانڪ يوسف جو ڪلام’ (۱۹۸۲ع) ۽’خوش خير محمدهيسياڻيءَ جو ڪلام’(۱۹۸۲ع) شايع ڪرايو، جيڪي ٻيئي ڪتاب ‘سنڌي ادبي بورڊ’ پاران ڇپرايا ويا آهن. انهن ٻنهي شاعرن جي شاعريءَ تي سچل سائينءَ جي اسلوب توڙي، فڪر جي ڇاپ آهي. پر هنن سرمست جي روايتن کي اسلوب توڙي فڪري لحاظ کان به اڳتي وڌايو. لطيف کان پوءِ تنوير عباسي “سچل سرمست” تي پڻ ڪافي تحقيقي ڪم ڪيو ۽ ڪرايو. جيئن ته لطيف يونيورسٽي ۾ “سچل چيئر” جو خاڪو سندس ئي ڏنل هو، تنهن ڪري “سچل چيئر” جي برپا ٿيڻ سان پاڻ انهيءَ جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو ۽ سچل يادگار ڪميٽي جو سيڪريٽري هئڻ جي ناتي هر سال درازن ۾ ٿيندڙ ‘سچل سائين’ جي عرس جي موقعي تي ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس ۾ پڙهيل مقالا ۽ ٻيو “سچل چيئر” ۾ ٿيل تحقيقي ڪم چيئر پاران نڪرندڙ ‘سرمست’ ۾ ترتيب ڏيئي ڇپايو. سندس نگرانيءَ ۾ اهڙيون يارهن ڪڙيون نڪتيون، جن جي نڪرڻ جو زمانو ۱۹۸۰ع کان ۱۹۹۱ع آهي. تنهن کان سواءِ هڪ ڪتاب انگريزيءَ ۾ پڻ چونڊ ۽ ترتيب ڏيئي “سچل سرمست” جي نالي سان شايع ٿيل آهي. “سچل چيئر” پاران ئي پاڻ “سچل جو ڪلام” مختلف رسالا ڀيٽي تحقيق ڪري، ترتيب ڏنائون، جيڪو ڇپائيءَ هيٺ آهي. البت اهو ضرور آهي. ته جيِئن شاهه لطيف جي شاعري تي سندس ڌار اڀياسي ڪتاب آهي، تيئن سچل جي شاعري تي ڪونهي، سندس سچل تي لکيل مقالن کي ترتيب ڏيئي ڌار ڪتاب جي صورت ۾ ڇپرائي سگهجي ٿو. تنوير عباسي هڪ ويٽنامي ناول “جي ماريا نه موت” جو پڻ ترجمو ڪيو، جنهن جو پهريون ڇاپو ۱۹۷۳ع ۾ ڇپيو، انهيءَ انقلابي ناول جا اڳتي هلي ڪيترائي ڇاپا ڇپيا ۽ سنڌ جي قومي ۽ انقلابي ڪارڪنن لاءِ وڏي اُتساهه ڏياريندڙ ڪتاب آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ سفرنامن جي صنف تمام گهڻي مقبول رهي آهي. تنويرعباسيءَ جا ٻه سفرنامه “ڏوري ڏوري ڏيهه” (۱۹۸۴ع) ۽ “مون کي اڳتي وڃڻو آهي” (۲۰۰۰ع) ۾ ڇپيا. جيئن ته تنوير صاحب بنيادي طور تي شاعر هو. تنهن ڪري سندس سفرنامن ۾ شاعراڻو عنصر پڻ شامل ٿي وڃي ٿو. سندس سفرنامي “ڏوري ڏوري ڏيهه” جي باري ۾ ڪتاب جو پبلشر طارق اشرف لکي ٿو: “تنوير جي هن سفرنامي پڙهڻ کان پوءِ خبر پوي ٿي ته سفرنامو ڇا آهي ۽ ڪيئن لکجي. مان نٿو سمجهان ته سنڌيءَ ۾ انهيءَ کان سٺو سفرنامو اڄ تائين ڪنهن لکيو آهي.” سندس هڪ ٽيون “دبئي” جو سفرنامو به آهي، جيڪو سندس ڪتاب “ترورا” ۾ ‘چنڊ ٻه ٽڪر’ جي نالي سان ڏنل آهي. تنوير عباسيِءَ بنيادي طور تي شاعر هو ۽ تنوير کان اڳ “مغموم” تخلص استعمال ڪندو هو. انهيءَ تبديليءَ واري سفر جي روداد ۽ سبب بيان ڪندي، هڪ انٽرويو ۾ پاڻ چيو اٿائين. “اُهي ٻن قسمن جا سبب هئا هڪڙا داخلي، ٻيا خارجي.ان وقت مان ‘بزم خليل’ ۾ عروض سکندو هوس ۽ جمعيت الشعراءِ واري دور ۽ نموني جي شاعري ڪندو هوس. مون محسوس ڪيو ته اها شاعري فقط غزل تائين محدود هئي ۽ غزل به اهڙي قسم جو هوندو هو، جنهن ۾ ساڳيا لفظ، جملا، ترڪيبون ۽ ساڳيا خيال ورائي ورائي ڪتب آندا ويندا هئا. اردو شاعري پڙهيم ته محسوس ٿيو ته پنجاهه ديوان پڙهو تڏهن به ساڳئي ڳالهه.وري جڏهن فارسي شاعريءَ کي سمجهڻ ۽ ٻڌڻ جي ڪوشش ڪيم. پتو پيو ته فارسي وارا جيڪي شعري روايتون ختم ڪري بيٺا آهن، اهي اردوءَ کان ڦرندي گهرندي هاڻي سنڌي ۾ اچڻ لڳيون آهن ۽ هلن پيون. انهيءَ ڪري مون ۾ جيڪا تخليقي خواهش هئي، انهيءَ جي اُڃ، انهيءَ ٻوليءَ واري مواد ۽ روايتن جي ڪري پوري نٿي ٿئي. ٻيو ته مون ڏٺو، منهنجي چوڌاري جيڪي کٿن، اجرڪن، لوين ۽ پٽڪن وارن پيڙيل، ڏتڙِيل ۽ مجبور ماڻهن جا انبوهه آهن، انهن سان به ڪو رشتو آهي. وطن ۽ ويڙهيچن سان آهي. اهي ڀٽائيءَ چواڻي اسان جا پنهنجا آهن، انهن جا ڏک ۽ سُور جيستائين شاعري پنهنجي دامن ۾ نه ٿي آڻي، تيستائين اهو وچن پورو نه ٿو ٿئي. مون تڏهن محسوس ڪيو ته انهن جي ئي ٻوليءَ ۾ انهن جا ئي ڏک، درد اوريا وڃن، سو اهي ڳالهيون هيون، جن مون کي مغموم مان تنوير بنايو.” پاڻ انهيءَ سفر ۾ پنهنجي شاعريءَ جا خوب جوهر ڏيکاريائين ۽ سندس شاعري جا پنج ڪتاب ڇپيا، جن جا نالا هي آهن. “رڳون ٿيون رباب” (۱۹۵۸ع)، “شعر” (۱۹۷۰ع)، “سج تريءَ هيٺان” (۱۹۷۷ع)، “هي ڌرتي” (۱۹۸۵ع). اڳتي هلي انهن چئن ئي مجموعن کي گڏي سنڌالاجي پاران “تنوير چئي” جي نالي سان گڏيل ڪلام جي صورت ۾ ڇپايو ويو. سندس آخري شعر جو مجموعو “ساجن سونهن سرت” (۱۹۹۶ع) آهي. تنوير عباسيءَ جي مٿئين ادبي، تحقيقي ۽ شعري ڪتابن کان سواءِ ڪجهه ٻيا به ڪتاب ڇپيل آهن. جهڙوڪ: ٻاراڻو ٻول (چونڊ ۽ ترتيب ۱۹۷۳ع)، “جديد سنڌي شاعري (۱۹۸۱ع)، “تِرورا” (خاڪا، يادگيريون، انٽرويو ۽ سفرنامو-۱۹۸۸ع)، “منهن تنين مشعل” (خاڪا-۱۹۹۰ع). سنڌي ٻوليءَ جي هن محقق ۽ شاعر ۲۵ نومبر۱۹۹۹ع تي اسلام آباد ۾ وفات ڪئي. پاڻ وصيت ڪئي هئائين ته سندس “جسدخاڪي” ايل ايم سي کي ڏنو وڃي، جيئن ميڊيڪل جا شاگرد سندس جسم تي “ميڊيڪل جا تجربا ڪن”، پر افسوس جو ڪن سببن جي ڪري هن انسان دوست اديب جي اها وصيت پوري ٿي نه سگهي ۽ کيس اسلام آباد ۾ ئي دفنايو ويو. ٻريا ٻه پل پر وسامڻ کان اڳ ۾، هزارن چراغن کي ٻاري ڇڏيوسين. “اُهي ٻن قسمن جا سبب هئا هڪڙا داخلي، ٻيا خارجي.ان وقت مان ‘بزم خليل’ ۾ عروض سکندو هوس ۽ جمعيت الشعراءِ واري دور ۽ نموني جي شاعري ڪندو هوس. مون محسوس ڪيو ته اها شاعري فقط غزل تائين محدود هئي ۽ غزل به اهڙي قسم جو هوندو هو، جنهن ۾ ساڳيا لفظ، جملا، ترڪيبون ۽ ساڳيا خيال ورائي ورائي ڪتب آندا وينداهئا. اردو شاعري پڙهيم ته محسوس ٿيو ته پنجاهه ديوان پڙهو تڏهن به ساڳئي ڳالهه.وري جڏهن فارسي شاعريءَ کي سمجهڻ ۽ ٻڌڻ جي ڪوشش ڪيم. پتو پيو ته فارسي وارا جيڪي شعري روايتون ختم ڪري بيٺا آهن، اهي اردوءَ کان ڦرندي گهرندي هاڻي سنڌي ۾ اچڻ لڳيون آهن ۽ هلن پيون. انهيءَ ڪري مون ۾ جيڪا تخليقي خواهش هئي، انهيءَ جي اُڃ، انهيءَ ٻوليءَ واري مواد ۽ روايتن جي ڪري پوري نٿي ٿئي. ٻيو ته مون ڏٺو، منهنجي چوڌاري جيڪي کٿن، اجرڪن، لوين ۽ پٽڪن وارن پيڙيل، ڏتڙِيل ۽ مجبور ماڻهن جا انبوهه آهن، انهن سان به ڪو رشتو آهي. وطن ۽ ويڙهيچن سان آهي. اهي ڀٽائيءَ چواڻي اسان جا پنهنجا آهن، انهن جا ڏک ۽ سُور جيستائين شاعري پنهنجي دامن ۾ نه ٿي آڻي، تيستائين اهو وچن پورو نه ٿو ٿئي. مون تڏهن محسوس ڪيو ته انهن جي ئي ٻوليءَ ۾ انهن جا ئي ڏک، درد اوريا وڃن، سو اهي ڳالهيون هيون، جن مون کي مغموم مان تنوير بنايو.” پاڻ انهيءَ سفر ۾ پنهنجي شاعريءَ جا خوب جوهر ڏيکاريائين ۽ سندس شاعري جا پنج ڪتاب ڇپيا، جن جا نالا هي آهن. “رڳون ٿيون رباب” (۱۹۵۸ع)، “شعر” (۱۹۷۰ع)، “سج تريءَ هيٺان” (۱۹۷۷ع)، “هي ڌرتي” (۱۹۸۵ع). اڳتي هلي انهن چئن ئي مجموعن کي گڏي سنڌالاجي پاران “تنوير چئي” جي نالي سان گڏيل ڪلام جي صورت ۾ ڇپايو ويو. سندس آخري شعر جو مجموعو “ساجن سونهن سرت” (۱۹۹۶ع) آهي. تنوير عباسيءَ جي مٿين ادبي، تحقيقي ۽ شعري ڪتابن کان سواءِ ڪجهه ٻيا به ڪتاب ڇپيل آهن. جهڙوڪ: ٻاراڻو ٻول (چونڊ ۽ ترتيب ۱۹۷۳ع)، “جديد سنڌي شاعري (۱۹۸۱ع)، “تِرورا” (خاڪا، يادگيريون، انٽرويو ۽ سفرنامو-۱۹۸۸ع)، “منهن تنين مشعل” (خاڪا-۱۹۹۰ع.) سنڌي ٻوليءَ جي هن محقق ۽ شاعر ۲۵ نومبر۱۹۹۹ع تي اسلام آباد ۾ وفات ڪئي. پاڻ وصيت ڪئي هئائين ته سندس “جسد خاڪي” ايل ايم سي کي ڏنو وڃي، جيئن ميڊيڪل جا شاگرد سندس جسم تي “ميڊيڪل جا تجربا ڪن”، پر افسوس جو ڪن سببن جي ڪري هن انسان دوست اديب جي اها وصيت پوري ٿي نه سگهي ۽ کيس اسلام آباد ۾ ئي دفنايو ويو. ٻريا ٻه پل پر وسامڻ کان اڳ ۾، هزارن چراغن کي ٻاري ڇڏيوسين. (پندرھ روزه افيئر تان کنيل) تنوير عباسي ’ساجن، سونھن ۽ سرت‘ جو شاعر ابراھيم کرل جيڪو ڪجهه اکين آڏو آهي ان کي شاعراڻو ويس پارائجي، اهو وري شاعر جي دل تي آهي ته ان ويس کي هو ڪيترو حسين ڪري پيش ڪري ٿو يا ان عڪس کي هو ڪهڙي اينگل سان ڏسي ٿو، جيئن ڪو ڊرائنگ ماسٽر ٽيبل تي رکيل گلدستي جون مختلف اينگل سان پورٽريٽ ٺاهي. ڪي جمالياتي حس کي استعمال ڪرڻ جا ماهر هوندا آهن، ته ڪي سچي پچي تصوير ڪڍي آڏو رکندا آهن. اک اک جو ڪمال آهي. تنوير جي اک منظرن کي “ساجن سونهن سرت” واري منظرنامي ۾ ڪيئن ٿي پيش ڪري. هي آهن ته ۳ اکر پر انهن جو ڦهلاءُ تنوير جي سموري شاعري ۾ خوشبوءَ جيان آهي. ساجن (پرين، محبوب) سونهن (فطرت سان گڏ ظاهري حسن، جمال، گل، پوپٽ، پيار سڀاءُ جو مطلب، اهڙو منظر جيڪو اک کي وڻي.) ٽيون عنصر آهي سرت، ساڃاهه، شعور، ڏاهپ، دانشمندي اهي سڀ شيون جيڪي سرت جي زمري ۾ اچن ٿيو، عقل، سوچ، لوچ، انسانيت، وغيره سرت جو موضو ايڏو وسيع آهي جو ان ۾ ڪيتريون ئي شيون شامل سگهجن ٿيون. سرت ڀريا ماڻهو پنهنجي ڪڙم قبيلي، ذات، ڳوٺ، شهر، خطي، علائقي، قوم، ٻولي ۽ انسانيت جا علمبردار ٿين ٿا، وٽن ڪوبه مذهبي متڀيد، ويڇو ڪونه ٿئي، جيئن درد کي ڪا سرحد ڪونهي، جيئن پيار تي پابندي مڙهي نٿي سگهجي، اک کي ڏسڻ کان روڪي نٿو سگهجي، تيئن سرت کي سنگهرن ۾ قيد ڪري نٿو سگهجي. ٻين لفظن ۾ سرت کي بيداري چئي سگهجي ٿو، اهڙي بيداري ستل ضميرن، قومن، پنهنجي حقن، پنهنجي ذميوارين جي بيداري هجي ٿي. تنوير جي اک“ساجن” سونهن ۽ سرت” جي حوالي سان هميشه پنهنجي“vision” ڏانهن رهي، جڏهن هو ساجن کي ياد ڪري ٿو ته سندس شعور جون ڌارائون محبوب جي “ناسي اکڙين”، جاڙن ڀروَن، ڀنڀن وارن جي ڳهر ۾ سندس هر ادا جو عڪس پيش ڪن ٿيون. نينهن نڀايون ڪيئن نڀايون، هي حياتي ٿوري ڀانيون سوين جنم گڏ رهون پوءِ ڀي پيار جو ناهي ڇيهه الا آءُ اسان وٽ ويهه، گهڙي پل ويهه محبوب جي هڪ گهڙي به سالن جي ساٿ کان گهٽ ناهي يار وري جڳ ۾ ٻي ڪا سونهن به آ تو مان ڍاپان پوءِ سوچيان پرين جو ساٿ انهن سڀني رنگن کان رنگين آهي جيڪا خيالي دنيا ناهي، پر ڌرتي جي گولي تي بهشت جو نظارو ٿي پسائي. سونهن اهڙو استعارو آهي جنهن ۾ فطرت جي رنگينن کان محوب جو جلوه گري دنيا جي نظارن کان ويندي دلين جي اڇائي، جذبي جي اٿل، انسانيت جي اهنسا، قدرن جي رکوالي، ڌرتي سان عشق، تحرڪ جي علامت، انگور جو انبورجڻ، گئونچ جو ڦٽڻ، گل جو ٽڙڻ، پوپٽ جو اڏرڻ، ٻارن جو مرڪڻ، بهار جي مند جو اچڻ، سڀئي رنگ سونهن جي جلوه نمائي ڪن ٿا. پن، گونج ۽ مکڙيون آهيون ڇڻندا آهيون، ڦٽندا آهيون تنوير کي گل، پوپٽ ۽ ٻار وڻندا هئا، سندس شاعري جي سونهن اهي سڀئي ڌرتي جا عڪس هئا، جن کي هو اک سان ڏسي پني تي اتاريندو هو. “مون ته گلاب لڳايا آهن، پوپٽ پاڻهين آيا آهن”. ڇڻيو ٻٻر جو ٻور چارو پيلو ٿي ويو پوءِ به وڃڻو ڏور هن ۾ ۲ عڪس، ۲ مقصد سمايل آهن، هڪ طرف سونهن آهي، چاري جو ٻٻرن جي گلن سبب پيلو ٿي وڃڻ، ٻي طرف اهو پيغام آهي ته سونهن جي هوندي به مقصد لاءِ “دور وڃڻ” پوءِ به وڃڻو، “ڏور” ۾ وري سرت جو پيغام آهي، مقصد خاطر سيج تي ستل سونهن کي ڇڏي وڃڻو پوندو آهي، ڏور وڃڻ جو استعارو اهڙي معنيٰ کي ظاهر ڪري ٿو، جنهن ۾ ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ مليل شئي جي قرباني ڏجي، مقصد لاءِ ڪجهه وڃائڻ جو اشارو سمايل آهي. تنوير جو “Vision” چٽو، صاف ۽ اڳتي وڌڻ جو حوصلو ڏيندڙ هو، هن ڪٿي به ويهي ٿڪ ڀڃڻ جي ڳالهه نه ڪئي آهي. اهڙو “Vision” هن نظم توڙي نثر جي لکڻين ۾ ظاهر ڪيو آهي ۽ اها اميد پنهنجي پٽ سرمد مان به رکي آهي ته: “منهنجي ميرانجهي من تي، ڪو سورج جهلڪا ڏيندو، ايندو ساجن ايندو منهنجي جيون جي مقصد کي مون کان اڳتي نيندو مون جا مڌ مچائي آهي ان جا مٽ کوليندو، ايندو ساجن ايندو تنوير جي “Vision” جو آخري استعارو “سرت“ آهي، سرت ساڃاهه، ڏاهپ، دانشمندي، غور، فڪر، سوچ، آگاهي، سڃاڻپ جهڙن لفظن کي پاڻ ۾ سمائي ٿي، تنوير جي سموري زندگي تحرڪ، جدوجهد، جاڳ، ويڙهه، مقصد تائين پهچڻ لاءِ سرگرم رهي، سنڌي ٻولي جي بچاءَ جي تحريڪ هجي يا ادارن جي اڏاوت، ٻولي ۽ ادب جي واڌ ويجهه، ون يونٽ خلاف عملي جدوجهد، تنوير هڪ سرگرم ڪارڪن طور ڪم ڪيو. ٻولي جو ترانو لکيو، پنهنجي هٿن سان پمفليٽ ورهايا، ديوارن تي چنبڙايا. سنڌ جي ثقافت، ٻولي، ڪلاسڪ جو بچاءُ ڪيو، نوجوانن جي رهنمائي ڪئي، کين ڪتابن پڙهڻ ۽ لکڻ لاءِ اتساهيو، نه رڳو ايترو پر هن پاڻ به عملي جدوجهد ڪئي، شاعري کان علاوه تنقيد، تحقيق تي ڪم ڪيو، ڪلاسڪيل شاعرن قاضي دادن، شاهه ڪريم، لطف الله قادري، شاهه عنايت، شاهه لطيف، سچل، نانڪ يوسف، خوش خير محمد جي شاعري تي ڪم ڪيو. خاص ڪري شاهه لطيف جي ڪلام تي نئين “Vision” سان ڪم ڪيو. سنڌ جي موسيقي، صوفي ازم ۽ راڳ تي ليڪچر ڪيا، شاعري جي علم عروض تي ڪيسٽ ذريعي ڄاڻ ڏني. جاپاني هائيڪي تي سنڌ ۾ مضمون لکي فني گهرجن جو ڦلهوڙ ڪئي، اهي ۽ اڃا ٻيا ڪيترا ڪم هڪ سرت وند ماڻهو ئي ڪري سگهي ٿو. سندس شاعري ۾ “سرت” دڳ ٻڌائيندڙ، رهبر، رهنما جي انهن سڀني خدمتن جو نمايان ذڪر ملي ٿو. تنوير جي شاعري ۾ “ساجن سونهن سرت” واري “Vision” بيان ڪرڻ جو مقصد اهو هو ته تنوير هڪ اصول تي قائم رهيو ته: ڪجهه ڏيئي وينداسين ڪجهه نه کڻي وينداسين ٻور آهيون ڏيئي ميوو ۽ ڇڻي وينداسين مون هڪ شعر جي هڪ سٽ مٿي رهائي ڇڏي هئي جيڪا هيءُ آهي ته: لهندو مان هو پاڻ مٽي جو، مون کي مٽيءَ گڏيندو، ايندو ساجن ايندو تنوير جي “Vision” ۾ اها به اميد سمايل هئي ته سرمد مٽيءَ جو مان لهندو ۽ مون کي مٽي گڏيندو، پر تنوير جو “Vision” مٽي ۾ ڪٿي گڏيو آهي، هوءَ ته هزارن سان گڏ آهي، هو لکين ماڻهن جي دلين ۾ دڙڪي ٿو، اڄ به خيرپور جا منظر سندس اکين جي ماڻڪين ۾ پيوست ٿيل آهن، اڄ به مير واهه جون ٽاريون، وهندڙ پاڻي، لهندڙ سج کيس نمي سلام ڪري ٿو. اڄ به اهي لفظ اسان جي ڪنن ۾ ٻرن ٿا، “تنوير وٽ ايندئو ته ڏاڪا لهندي توهان جو ڪنڌ هيٺ هوندو جڏهن ويندئو ته ڏاڪا چڙهندي توهان جو ڪنڌ مٿي هوندو، ڇو ته توهان تنوير سان ملي موٽيا آهيو.” تنوير عباسي شخصيت ۽ شاعري جا ڪجهه عڪس رکيل مورائي جيئن ئي تو کي ڏٺم، زندگيءَ ۾ ٿي ويو ايمان تازو، توسان ڪجهه ڳالهيون ڪيم، دوستيءَ ۾ ٿي ويو ايمان تازو، تنهنجي نيڻن کي چميم، روشنيءَ ۾ ٿي ويو ايمان تازو. سچ پچ مون سان بلڪل ايئن ٿيو هئو، جڏهن مان هُن سان پهريون ڀيرو مليو هوس. سنڌالاجي جي سيد حسام الدين راشدي آڊيٽوريم ۾ مون کيس جهڪي ملي چيو هئو ته مان رکيل مورائي آهيان ته هن وڏو ڀاڪر ڀري ڇاتيءَ سان لائي ڇڏيو هئو ۽ جدا ٿيا هئاسين ته هن پهريون جملو چيو هئو ته؛ “ڪاٿي آهين هيترا ڏينهن، مليو به ناهين، تو کي امانتون مليون”؟ تو کي لڇمڻ ڪومل ڏاڍو ٿو ساري “هو ويجهڙ انڊيا مان ٿي آيو هئو ۽ اتان دادا لڇمڻ ڪومل ڪتابن سان گڏ ڪجهه ٻيون شيون به مون لاءِ کيس ڏنيون هيون. هن سگريٽ جو هڪ وڏو ڪَشُ هنيو ۽ وري ڀاڪر ۾ ڀري ڇڏيائين، اهو منهنجو ساڻس پهريون مکا ميلو هئو. اڃا ڪلهه ڪلهوڪي ڳالهه آهي ڄڻ، هو ڪراچيءَ جي آواري ٽاورس هوٽل ۾ شاهه لطيف تي خاص خيرپور مان مقالو پڙهڻ لاءِ آيل هئو جو وري ساڻس ملڻ ٿيو. وري به اهو ئي پيار ڀريو وڏو ڀاڪر ۽ ٻن منٽن کان پوءِ ساڳيو وڏو سگريٽ جو ڪش! چهري تي نفيس مرڪ ۽ اکين مان ليئا پائيندڙ اٿاهه علم. هو شاهه تي ڳالهائي رهيو هئو، ڄڻ لکيل ڪجهه پڙهندو هجي، سندس ڳالهائڻ به ڪنهن مقالي جهڙو ئي مواد سان ڀرپور، ساڻس ڪچهري ڪرڻ کان پوءِ مون کي هر ڀيري ائين لڳو ڄڻ ڪيئي ڪتاب پڙهيا هجن، سچ ته اياز کان پوءِ سنڌي شاعرن ۾ مان ڀايان ته تنوير عباسي جهڙو ۽ جيترو پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو نه رهيو آهي. اڄ سنڌي شاعريءَ تي تنوير جهڙو ڪوئي ڳالهائڻ وارو به نه رهيو آهي. هو شاعر آهي، اول ۽ آخر شاعر، ان ڪري ان تي شاعراڻي نموني جي لکڻي ئي گهرجي ٿي. سنڌيءَ جي اڄ جي شاعرن ۾ هن جو نالو نهايت ئي اهميت وارو آهي، جنهن کي بھرحال ڪنهن به صورتحال ۾ اڳتي پوئتي ڪري نٿو سگهجي. جهڙُس نفيس اسٽائيل جو شاعر سنڌيءَ ۾ فقط نارائڻ شيام آهي. شايد ان جو سبب به سندن طبعيت جي هڪجهڙائي هجي، تنوير عباسي جي شاعريءَ ۾ نفاست سان گڏ تازگي ۽ توانائي اهڙي آهي جو اها پڙهندي ڪٿي به ڳوراڻ جو احساس نه ٿيندو پر پڙهندڙ جيئَن جيئن شاعري پڙهندو ويندو، تيئن تيئن توانو ٿيندو ويندو. هو پاڻ ۽ سندس شاعري بلڪل ڀٽائي جي هن سٽ وانگر آهي: جهڙو پنهون پاڻ، تهڙي سٽا ساٿ جي هو جهڙو پاڻ نفيس ۽ تازگيءَ ڀريو. اهڙي ئي سندس شاعري نفيس ۽ تازگيءَ ڀري. هائو تنوير! اهو مان آهيان، جتي تون آهين ته توسان آهيان. تون ڪٿي آهين ڪٿي آهين تون، تون جتي ناهين اتي مان آهيان. *** جڏهن به دوست ٿا توسان ملڻ جا ڏينهن اچن لڳي ٿو ڄڻ ته گلن جي ٽڙڻ جا ڏينهن اچن. رڳون ڏسان پيو توکي ۽ توسان ڳالهايان. ڪڏهن ته اهڙا ڪي واندي وهڻ جا ڏينهن اچن. *** تنوير کي وڻي ٿي هڪ پياري ڇوڪري. نالو نٿو وٺي پر سمجهي وڃو ڀلي. ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي شاعريءَ ۾ نه جملن جي ڳوراڻ، نه لفظن جي ڳوراڻ، نه تشبيهن ۽ تمثيلن جي غير ضروري ڀرمار! بلڪل پوپٽ جي پرن جهڙي شاعري ۽ پاڻ جڏهن مرڪي نهاري ته زندگيءَ ۾ ايمان تازو ٿي وڃي. ”رڳون ٿيون رباب“ پڙهجي ته به ايمان تازو ٿي وڃي، ”ساجن سونهن سرت“ پڙهجي ته به ايمان ٿي وڃي تازو. شاعريءَ سان گڏوگڏ هن ادب جي هر صنف سان خوبصورت نڀاءُ ڪيو. تحقيق جي حوالي ۾ سندس شاهه تي لکيل سمورين سنڌي ٿيسزن کان اهم ڪتاب. ”شاهه لطيف جي شاعري آهي“ جنهن جا سنڌ ۾ ڪيترا ئي ڇاپا اچي چڪا آهن، ان کان علاوهه تحقيق ۽ ترتيب هيٺ آيل سندس اهم ڪتاب آهن: خير محمد هيسباڻيءَ جو ڪلام ۽ نانڪ يوسف جو ڪلام: جيڪي ترتيب ۽ تحقيق جو اعليٰ روپ رکن ٿا، سندس ترتيب ۾ آيل ٻه اهم ڪتاب: ٻاراڻا ٻول ۽ ۲ جديد سنڌي شاعري، آهن جيڪي پڻ مختصر پر خوبصورت ترتيب جو نمونو آهن. سچل تي سندس انگريزي ۾ ترتيب ڏنل ڪتاب منفرد اهميت جو آهي. ادبي مضمونن تي ٻڌل سندس ڪتاب ”ترورا“ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. خاص ڪري ان ۾ هائيڪو ۽ آزاد نظم تي ڪيل تحقيق سنڌي ادب ۾ نهايت اهم جڳهه والاري ٿي، هائيڪو تي جيڪو ڪم تنوير ڪيو آهي اهڙو ڪنهن سنڌي اديب نه ڪيو آهي، ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو هڪ ئي سفر نامو ” ڏوري ڏوري ڏيهه“ به سفري ادب ۾ نهايت ئي اهم جڳهه والاري ٿو. ان کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب جو ڪتاب ”منهن تنين مشعل“ آهي جيڪو سندس ويجهن يارن دوستن تي لکيل خاڪن جو آهي، اهي خاڪا اهڙن ماڻهن جا آهن جيڪي گهڻي ڀاڱي اديب شاعر نه آهي. هڪ ٻيو ڪتاب: “جي ماريا نه موت” هيءُ هڪ ناول جو ترجمو آهي جيڪو ان دور ۾ ڊاڪٽر صاحب ترجمو ڪيو. جنهن دور ۾ نئين سنڌي شاعريءَ جي امام شيخ اياز لکيو هئو ته: سنڌڙي تنهنجو نانءُ وتو، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيو. وطن دوستيءَ تي لکيل هن انقلابي ناول کي ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ انتهائي خوبصورت سولي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري هڪ اعليٰ مترجم جو پڻ ثبوت ڇڏيو آهي. شاعريءَ ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جا لکيل ڇهه ڪتاب آهن، جيڪي نئين سنڌي شاعريءَ جا اهم ترين ڪتاب آهن. ۱- ”رڳون ٿيون رباب“ ۲- ”شعر“ ۳- ”سج تريءَ هيٺان“ ۴-” هي ڌرتي“ ۵-” تنوير چئي“ هيءُ ڪتاب سنڌالاجيءَ سڀني ڪتابن کي گڏي هڪ جلد ۾ ڇپايو آهي ۽ ۶ -” ساجن سونهن سُرت“ هيءُ ڪتاب ڊاڪٽر صاحب جو آخري ڇپيل ڪتاب آهي، ان کان سواءِ ٻيا الائي ڪيترا اڻ ڇپيل ڪتاب ڊاڪٽر وٽ هوندا. تازو پتو پيو آهي ته شاهه جو رسالو پڻ ڊاڪٽر صاحب ترتيب ڏنو آهي جيڪو شاهه لطيف چيئر وٽ ڇپائي لاءِ پيل آهي. آخري پلن تائين لکندو رهڻ وارو ڊاڪٽر تنوير ۲۵ نومبر ۱۹۹۹ع تي اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويو آهي. هن سنڌ کي جيڪي ڪجهه ڏنو سنڌ ان جو احسان ڪڏهن لاهي سگهندي اهو چئي نٿو سگهجي. پر اهو طئه آهي ته ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو موت هن صديءَ جو سنڌي ادب لاءِ، نارايڻ شيام، شيخ اياز، استاد بخاري، موهن ڪلپنا ۽ ڊاڪٽر الهداد ٻوهئي، جي موت جيان هڪ نهايت ئي وڏو نقصان آهي جنهن جو پورائو ناممڪن آهي. (ڏيھاڙي عوامي آواز، ۲۵ نومبر ۲۰۲۰ع) ڊاڪٽر تنوير عباسي سونهن ۽ سچ جو شاعر ڪامران رند حقيقي انساني قدرن منجھ سونهن ۽ سچ نمايان حيثيت رکن ٿا. ڪو به انسان شين جي حُسناڪين ۽ حقيقت کي ڄاڻڻ جي تجسس کان وانجھو نه آھي. ھو قدرت جي ھر لقاءُ ۾ پيار ۽ پريت جا اَمر جذبا ڳولي لھي ٿو ۽ تن جي اظهار لاءِ سچ جي واٽ وٺي ٿو. توڙي جو اها واٽ ڏاڍي اڻانگي ۽ ڏُکي هوندي آهي پر تڏھن به جڏھن اِنسان پتنگن جيئن پھ ڪري سچ مٿان مِڙي ٿو ته وقت جي ھر ظلم ۽ سِتم جي باھ به منزل جي حاصلات جيئن ئي مٺي ڀانئي ٿو. اِھڙن ئي سچ جي مُتلاشي ۽ سونهن جي ڳُولائو ڪِردارن ۾ ڊاڪٽر تنوير جو نانءُ به نمايان آھي. ھِنَ ڊاڪٽر ھوندي نه صِرف پنهنجي پيشي سان نِڀاءُ ڪيو بلڪه پنهنجي مريضن جي دردن جو درمانُ به بڻيو ته سنڌ جي سياسي ۽ سماجي مسئِلن جي حل لاءِ پڻ ڀرپور ڪوشش ڪري قوم جو جيءُ جِھنجوڙيندو رھيو. تنوير عباسيءَ جو جنم ھونئن ته صوڀيديري ۾ ٿيو پر هو سنڌ شُناس کاھوڙي سنڌ تي ٿيندڙ ھر قيص ۽ ڪلُور کي پنهنجي شاعريءَ جو حِصو بڻائي پنهنجي حِصي جو ڏيئو جلائيندو رھيو. الله رب العزت انسانيت کي ھِن ڌرتيءَ تي آزاد ۽ خودمُختيار ڇڏيو آھي. انلاءِ ته ھو پنهنجي بهتر زندگي لاءِ جُستجو ۽ جاکوڙ ڪري. تنوير عباسي جڏھن پنهنجي قوم جي خسته حالي ۽ ڏکن ڏاکڙن تي نظر ڦيرائي ٿو ته کيس سُستي ۽ ڪاھِلي کان نفرت محسوس ٿئي ٿي. تڏهن قوم جي نوجوانن کي ھدايت ڪري ٿو ته ويهڻ مان ڪجھ ڪونه ورندؤ، اچو ته گڏجي قوم جو مُستقبل سنواريون. “اُڄ کڻي اڳتي ھلبو، رُڄ ڀلي پيئي ڏيئي دِلبو، ھلڻو آھي ھيڪاندو، رُڄ ۾ ڪهڙو مانجھاندو”. تنوير جي خيال موجب قوم ڀلي آزاد ٿي به وڃي پر ڪڏھن به ترقي ۽ خوشحالي نه ماڻيندي، جيستائين پنهنجي سيئي ۾ ساھتِيه جو ساٿ نه سمائيندي ۽ عِلم جي ڏيئي سان مُنور نه ٿيندي. ھِن وٽ علم ئي واحد حل ڏسجي ٿو، جيڪو سنڌي قوم کي حقيقت سان روشناس ڪرائڻ جي سگھ رکي ٿو. عِلم به سو جيڪو عقليت پسنديءَ تي مُبني ھُجي. پاڻ عِلم جي حاصلات جي اِھميت بيان ڪندي چئي ٿو ته، “علم آھي جنهن ھيٺ ھيسيل، دٻايل، ڌتاريل، ڌِڪاريل، اچي نيٺ مِڙندا، انهن جي اُميدن جا گُل نيٺ ٽِڙندا”. ڄاڻ ۽ علم کي پنهنجو نصب العين بڻائيندي چوي ٿو ته، “اسان کي عِلم جو قسم آ، اسان جو قَلم محترم آ، اسان جو قَلم ھڪَ عَلم آ”. عِلم جي حاصلات سان گڏ ڊاڪٽر تنوير قومي ويڙھاند ۾ ھٿيار جي اِستعمال کي به قوم جي آزاديءَ جي ضامن طور ڏسي ٿو ۽ پنهنجي قومي دشمن سان ويڙھاند ڪندي ھٿ ۾ ھٿيار کڻڻ کي به نِجات جو ذريعو سمجھي ٿو. “مون ھٿ ۾ بندوق کنئي آ، منهنجي جهوليءَ ۾ ھي بم آ، ھاڻي آءٌ سوليءَ نه چڙھندُس، هاڻي تنهنجو وارو آ”. تنوير عباسي سنڌ جي ادب ۽ تاريخ سان پڻ گھري دلچسپي رکي ۽ تنهن ذوق ڪري ئي سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري بڻيو. ھِن پاران لطيف شناسيءَ تي ٽِن جُلدن ۾ ڪيل ڪم پڻ بنيادي حيثيت رکي ٿو. ڊاڪٽر تنوير جي شاعري حقيقي سونهن ۽ ورونھن جو سنگم آھي. ھن پنهنجي غزلن ۽ نظمن ۾ وطن شُناسي، قومپرستيءَ، عقليت پسنديءَ، رنديءَ ۽ بيباڪيءَ، پورھئي جي عظمت، سچ جي سگھ ۽ قدرت جي دلڪش نظارن کي خوب ڳايو ۽ ساراھيو آھي. سادي ۽ عام فهم ٻوليءَ کيس سنڌ جي شهرن توڙي ڳوٺن، برپٽن ۽ بيابانن، ھر واهڻ ۽ وَسنديءَ ۾ کيس خاص مَڃتا ڏياري آھي. تنهن لاءِ ئي نصير مرزا کيس ڀيٽا ڏيندي چيو ته “تنوير محبت، فطرت ۽ امُن جو شاعر آھي”. حقيقت ۾ تنوير عباسي جهڙا عظمت ڀريا ڪردار پنهنجي عِلمي ۽ قَلمي پورھئي وسيلي ھوند ته پنهنجي ھُجڻ کي ئي معنيٰ ڏيو ڇڏين ۽ مُئي پُڄاڻان پڻ پنهنجي آزاد ۽ عقليت پسند خيالن ۽ لکت ذريعي پنهنجي قوم جي نوجوان نسُل جي آبياري ڪندا رھن ٿا ۽ قوم جي سُتل ضمير کي جِھنجوڙي جاڳائيندا رھن ٿا. (ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۲ مئي ۲۰۲۱ع تي ڇپيل) (ڏھاڙي ھلال پاڪستان ڪراچيءَ ۾ ۱۲ مئي ۲۰۲۱ع تي ڇپيل) تنوير عباسي شخصيت ۽ شاعري جا ڪجهه عڪس رکيل مورائي جيئن ئي تو کي ڏٺم، زندگيءَ ۾ ٿي ويو ايمان تازو، توسان ڪجهه ڳالهيون ڪيم، دوستيءَ ۾ ٿي ويو ايمان تازو، تنهنجي نيڻن کي چميم، روشنيءَ ۾ ٿي ويو ايمان تازو. سچ پچ مون سان بلڪل ايئن ٿيو هئو، جڏهن مان هُن سان پهريون ڀيرو مليو هوس. سنڌالاجي جي سيد حسام الدين راشدي آڊيٽوريم ۾ مون کيس جهڪي ملي چيو هئو ته مان رکيل مورائي آهيان ته هن وڏو ڀاڪر ڀري ڇاتيءَ سان لائي ڇڏيو هئو ۽ جدا ٿيا هئاسين ته هن پهريون جملو چيو هئو ته؛ “ڪاٿي آهين هيترا ڏينهن، مليو به ناهين، تو کي امانتون مليون”؟ تو کي لڇمڻ ڪومل ڏاڍو ٿو ساري “هو ويجهڙ انڊيا مان ٿي آيو هئو ۽ اتان دادا لڇمڻ ڪومل ڪتابن سان گڏ ڪجهه ٻيون شيون به مون لاءِ کيس ڏنيون هيون. هن سگريٽ جو هڪ وڏو ڪَشُ هنيو ۽ وري ڀاڪر ۾ ڀري ڇڏيائين، اهو منهنجو ساڻس پهريون مکا ميلو هئو. اڃا ڪلهه ڪلهوڪي ڳالهه آهي ڄڻ، هو ڪراچيءَ جي آواري ٽاورس هوٽل ۾ شاهه لطيف تي خاص خيرپور مان مقالو پڙهڻ لاءِ آيل هئو جو وري ساڻس ملڻ ٿيو. وري به اهو ئي پيار ڀريو وڏو ڀاڪر ۽ ٻن منٽن کان پوءِ ساڳيو وڏو سگريٽ جو ڪش! چهري تي نفيس مرڪ ۽ اکين مان ليئا پائيندڙ اٿاهه علم. هو شاهه تي ڳالهائي رهيو هئو، ڄڻ لکيل ڪجهه پڙهندو هجي، سندس ڳالهائڻ به ڪنهن مقالي جهڙو ئي مواد سان ڀرپور، ساڻس ڪچهري ڪرڻ کان پوءِ مون کي هر ڀيري ائين لڳو ڄڻ ڪيئي ڪتاب پڙهيا هجن، سچ ته اياز کان پوءِ سنڌي شاعرن ۾ مان ڀايان ته تنوير عباسي جهڙو ۽ جيترو پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو نه رهيو آهي. اڄ سنڌي شاعريءَ تي تنوير جهڙو ڪوئي ڳالهائڻ وارو به نه رهيو آهي. هو شاعر آهي، اول ۽ آخر شاعر، ان ڪري ان تي شاعراڻي نموني جي لکڻي ئي گهرجي ٿي. سنڌيءَ جي اڄ جي شاعرن ۾ هن جو نالو نهايت ئي اهميت وارو آهي، جنهن کي بھرحال ڪنهن به صورتحال ۾ اڳتي پوئتي ڪري نٿو سگهجي. جهڙُس نفيس اسٽائيل جو شاعر سنڌيءَ ۾ فقط نارائڻ شيام آهي. شايد ان جو سبب به سندن طبعيت جي هڪجهڙائي هجي، تنوير عباسي جي شاعريءَ ۾ نفاست سان گڏ تازگي ۽ توانائي اهڙي آهي جو اها پڙهندي ڪٿي به ڳوراڻ جو احساس نه ٿيندو پر پڙهندڙ جيئَن جيئن شاعري پڙهندو ويندو، تيئن تيئن توانو ٿيندو ويندو. هو پاڻ ۽ سندس شاعري بلڪل ڀٽائي جي هن سٽ وانگر آهي: جهڙو پنهون پاڻ، تهڙي سٽا ساٿ جي هو جهڙو پاڻ نفيس ۽ تازگيءَ ڀريو. اهڙي ئي سندس شاعري نفيس ۽ تازگيءَ ڀري. هائو تنوير! اهو مان آهيان، جتي تون آهين ته توسان آهيان. تون ڪٿي آهين ڪٿي آهين تون، تون جتي ناهين اتي مان آهيان. *** جڏهن به دوست ٿا توسان ملڻ جا ڏينهن اچن لڳي ٿو ڄڻ ته گلن جي ٽڙڻ جا ڏينهن اچن. رڳون ڏسان پيو توکي ۽ توسان ڳالهايان. ڪڏهن ته اهڙا ڪي واندي وهڻ جا ڏينهن اچن. *** تنوير کي وڻي ٿي هڪ پياري ڇوڪري. نالو نٿو وٺي پر سمجهي وڃو ڀلي. ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي شاعريءَ ۾ نه جملن جي ڳوراڻ، نه لفظن جي ڳوراڻ، نه تشبيهن ۽ تمثيلن جي غير ضروري ڀرمار! بلڪل پوپٽ جي پرن جهڙي شاعري ۽ پاڻ جڏهن مرڪي نهاري ته زندگيءَ ۾ ايمان تازو ٿي وڃي. ”رڳون ٿيون رباب“ پڙهجي ته به ايمان تازو ٿي وڃي، ”ساجن سونهن سرت“ پڙهجي ته به ايمان ٿي وڃي تازو. شاعريءَ سان گڏوگڏ هن ادب جي هر صنف سان خوبصورت نڀاءُ ڪيو. تحقيق جي حوالي ۾ سندس شاهه تي لکيل سمورين سنڌي ٿيسزن کان اهم ڪتاب. ”شاهه لطيف جي شاعري آهي“ جنهن جا سنڌ ۾ ڪيترا ئي ڇاپا اچي چڪا آهن، ان کان علاوهه تحقيق ۽ ترتيب هيٺ آيل سندس اهم ڪتاب آهن: خير محمد هيسباڻيءَ جو ڪلام ۽ نانڪ يوسف جو ڪلام: جيڪي ترتيب ۽ تحقيق جو اعليٰ روپ رکن ٿا، سندس ترتيب ۾ آيل ٻه اهم ڪتاب: ٻاراڻا ٻول ۽ ۲ جديد سنڌي شاعري، آهن جيڪي پڻ مختصر پر خوبصورت ترتيب جو نمونو آهن. سچل تي سندس انگريزي ۾ ترتيب ڏنل ڪتاب منفرد اهميت جو آهي. ادبي مضمونن تي ٻڌل سندس ڪتاب ”ترورا“ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. خاص ڪري ان ۾ هائيڪو ۽ آزاد نظم تي ڪيل تحقيق سنڌي ادب ۾ نهايت اهم جڳهه والاري ٿي، هائيڪو تي جيڪو ڪم تنوير ڪيو آهي اهڙو ڪنهن سنڌي اديب نه ڪيو آهي، ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو هڪ ئي سفر نامو ” ڏوري ڏوري ڏيهه“ به سفري ادب ۾ نهايت ئي اهم جڳهه والاري ٿو. ان کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب جو ڪتاب ”منهن تنين مشعل“ آهي جيڪو سندس ويجهن يارن دوستن تي لکيل خاڪن جو آهي، اهي خاڪا اهڙن ماڻهن جا آهن جيڪي گهڻي ڀاڱي اديب شاعر نه آهي. هڪ ٻيو ڪتاب: “جي ماريا نه موت” هيءُ هڪ ناول جو ترجمو آهي جيڪو ان دور ۾ ڊاڪٽر صاحب ترجمو ڪيو. جنهن دور ۾ نئين سنڌي شاعريءَ جي امام شيخ اياز لکيو هئو ته: سنڌڙي تنهنجو نانءُ وتو، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيو. وطن دوستيءَ تي لکيل هن انقلابي ناول کي ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ انتهائي خوبصورت سولي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري هڪ اعليٰ مترجم جو پڻ ثبوت ڇڏيو آهي. شاعريءَ ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جا لکيل ڇهه ڪتاب آهن، جيڪي نئين سنڌي شاعريءَ جا اهم ترين ڪتاب آهن. ۱- ”رڳون ٿيون رباب“ ۲- ”شعر“ ۳- ”سج تريءَ هيٺان“ ۴-” هي ڌرتي“ ۵-” تنوير چئي“ هيءُ ڪتاب سنڌي الاجيءَ سڀني ڪتابن کي گڏي هڪ جلد ۾ ڇپايو آهي ۽ ۶ -” ساجن سونهن سُرت“ هيءُ ڪتاب ڊاڪٽر صاحب جو آخري ڇپيل ڪتاب آهي، ان کان سواءِ ٻيا الائي ڪيترا اڻ ڇپيل ڪتاب ڊاڪٽر وٽ هوندا. تازو پتو پيو آهي ته شاهه جو رسالو پڻ ڊاڪٽر صاحب ترتيب ڏنو آهي جيڪو شاهه لطيف چيئر وٽ آهي ڇپائي لاءِ.۽ آخري پلن تائين لکندو رهڻ وارو ڊاڪٽر تنوير ۲۵ نومبر ۱۹۹۹ع تي اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويو آهي. هن سنڌ کي جيڪي ڪجهه ڏنو سنڌ ان جو احسان ڪڏهن لاهي سگهندي اهو چئي نٿو سگهجي. پر اهو طئه آهي ته ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو موت هن صديءَ جو سنڌي ادب لاءِ، نارايڻ شيام، شيخ اياز، استاد بخاري، موهن ڪلپنا ۽ ڊاڪٽر الهداد ٻوهئي، جي موت جيان هڪ نهايت ئي وڏو نقصان آهي جنهن جو پورائو ناممڪن آهي. (ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۵ ن۲مبر ۲۰۲۰ع تي ڇپيل) تنوير عباسي فن ۽ شخصيت عوامي آواز ايڊيٽوريل تنوير عباسي سنڌي ادب جي هڪ گهڻ – پاسائين شخصيت هو، جنهن کي سنڌي شاعري جو وهائو تارو ۽ سنڌي ٻولي جو وليم ورڊس ورٿ به چيو ويندو آھي۔ ان پنهنجي حياتي ۾ سنڌي ادب جي مختلف موضوعن تي لڳ ڀڳ ويھارو کن ڪارائتا ڪتاب ارپيا۔ جن ۾ شعري مجموعن ۾ ۱۹۵۸ع ۾ پهريون ”رڳون ٿيون رباب“،ان کان پوءِ ۱۹۷۰ع ”شعر“، ۱۹۷۷ع ۾ ”سج تري هيٺان“، ۱۹۵۰ع ۾ ”هيءَ ڌرتي“ شامل آھن۔ جن جو ڪُليات يعني گڏيل ڪتاب ”تنوير چئي“ جي نالي سان پڻ شايع ٿيو، جنهن ۾ رڳون ٿيون رباب کان اڳ واري شاعري ڏنل آھي. جڏهن ۾ ۱۹۹۷ع ۾ پويون شعري مجموعو ”ساجن سونهن سُرت“ شايع ٿيو. هو بنيادي طور تي شاعر هو پر هن جي ادبي تحقيق به ايتري ئي سگهاري آهي. خاص طورتي سندس سنڌي ٻولي جي وڏي شاعر ”شاه لطيف جي شاعري جو اڀياس“ هڪ بي مثال ڪارنامو آھي. شاهه لطيف جي شاعري جلدپهريون ۱۹۷۶ع ۽ ٻيوجلد ۱۹۸۵ع ۾ ڇپيو، بعد ۾ ۱۹۸۹ع ۾ اهي ٻئي ڪتاب هڪ مضمون جي واڌاري سان گڏائي هڪ ڪتاب جي صورت ڇپايو ويو . تنوير عباسي ادبي تحقيق جي کيتر ۾ پڻ پاڻ ملهايو۔ سنڌ جي اساسي ۽ صوفي شاعرن سچل سرمست، خوش خير محمد، نانڪ يوسف ۽ ٻين جي ڪلام جو اڀياس ڪتابي صورت ۾ پڌرو ڪيو. جن ۾ ”سنڌ جا عظيم صوفي بزرگ“ ۱۹۸۱ع، ”نانڪ يودف جو ڪلام“ ۱۹۸۲ع، ”خير محمد هيسباڻي جو ڪلام“ ۱۹۸۳ع ۾ شايع ٿيا. جڏهن ته ۱۹۸۹ع ”سچل سرمست“ انگريزي ۾ ترتيب ڏنو۔ اهڙي طرح هن سفر ناما پڻ لکيا جيڪي تفريح کانسواءِ بيحد معلوماتي آھن۔ جن ۾ ”ڏوري ڏوري ڏيھه“ يورپ جو سفرنامو ۽ ”مون کي اڳتي وڃڻو آھي“ سندس وفات کان پوءِ ۲۰۰۱ع ۾ شايع ٿيو،جنهن ۾ يورپ، آمريڪا ۽ دبئي جا احوال ڏنل آھن. تنوير عباسي علمي ادبي موضوعن تي ڪيترا ليڪچر يا تقريرون وڏي اهميت جوڳيون آھن،جيڪي پڻ ”سپني کان سهڻي ساڀيا“ جي نالي سان ۲۰۰۲ع شايع ٿيل آھي. هن ڪيترن ڪتابن جا مهاڳ ۽ تبصرا پڻ لکيا ۽ ان کان سواءِ سندس ڪيترائي انٽرويوز ادبي اهميت رکن. جن ترتيب ڏئي شايع ڪرڻ گهرجي. ادبي تحقيق ۾ ۱۹۸۱ع ۾ ”جديد سنڌي شاعري“ پڻ مڃتا ماڻي. تنوير عباسي ڪيترن ڪتابن جي ترتيب ۽ سهيڙ جو ڪم پڻ ذڪر لائق آھي. جن ۾ ريسرچ جرنل ”سرمست“ جا ۹ شمارا ۱۹۸۰ع کان ۱۹۸۹ع تائين شايع ٿيا ۔ ان کان سواءِ ۱۹۷۵ع ۾ ”ٻاراڻا ٻول“ به ڇپيو ويو۔ تنوير عباسي جي ادبي مضمونن ۽ خاڪن جا ڪتاب به شايع ٿيل آھن. جن ۾ ”تروا“ ۱۹۸۸ع ۽ ”منهن تنين مشعل“ ۱۹۹۰ع شامل آھن. تنوير عباسي گهڻو وقت ڪتابن جي مطالعي ۾ گذاريندو هيو. سندس ذاتي لائبريري ۾ سنڌي، انگريزي، اردو، فرينچ ۽ فارسي ٻولين جا اهم ۽ بنيادي ڪتاب دس مطالعي هيٺ رهيا ۔ جنهن سبب کيس هڪ گهڻ- پڙهيو ليکڪ چيو ويندو آھي۔ اها لائبريري شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ سندس نالي قائم ڪيل ”تنوير عباسي چيئر “ ۾ موجود آھي، جيڪا سندس وفات کان پوءِ وارثن پاران کين ڏني وئي هئي. تنويرعباسي سنڌي ادب جي ناليواري شخصيتن ۾ اهم جاءِ والاري ٿو. خاص طور تي ورهاڱي کان پوءِ جديد سنڌي شاعري جي بنياد رکندڙن ۾ سندس اهم ڪردار آھي. تنويرعباسي جو جنم ۾ ۷ سيپٽمبر ۱۹۳۴ع تي اڳوڻي خيرپور ۾ هاڻوڪي تعلقي ۽ شهر سوڀو ديرو ۾ ٿيو۔ سندس ڇٺي جو نالو نور النبي هو. ادب ۾ اچڻ کان پوءِ هن پنهنجو تخلص ”مغموم“ رکيو پر اڳتي هلي اهو مٽائي” تنوير“ جي نالي سان پنهنجي سڃاڻپ ڪرايائين. ڊاڪٽر تنوير عباسي هڪ خوش اخلاق ۽ خوش مزاج شخصيت هو. هو هڪ ايماندار ۽ بااصول انسان هو. انسانيت جي خدمت ۽ سنڌ جي سياسي سجاڳي ۾ متحرڪ رهيو. ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. ان کان سواءِ سنڌي ٻولي جي بچاءَ ۽ سنڌ جي مسئلن کي حل ڪرائڻ لاءِ اڳتي رهيو. جديد سنڌ جي فڪري تعمير ۽ ترقي ۾ پنهنجون آدرشي ڪاوشون ورتيون. نون تخيلقڪارن جي حوصلي افزائي ڪرڻ ۽ نون علمي ادارن جي قيام ۾ رهنما ڪردار ادا ڪيو۔ هو پاڻ ڪيترن ادارن جو ميمبر ۽ سربراهه رهيو. هو شخصيت ساز ۽ ادارا ساز شخصيت سمجهيو ويندو آھي. سندس علمي ادبي ڪاوشن جي مڃتا ۾ کيس ڪيترن ئي اعزازن ۽ ايوارڊن سان نوازيو ويو جن ۾ تمغه حسن ڪارڪردگي ۽ تمغه اتياز، ڀارت ۾ ساهتيه اڪيڊمي جو نارائڻ شام ايوارڊ ذڪر جوڳا آھن. (ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۵ نومبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل) تنوير عباسي سنڌ جو آدرشي اديب ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ تنوير عباسي اصل نالو نور نبي ۰۷ ڊسمبر، ۱۹۳۴ع تي گل حسن جي گهر ضلعي خيرپور جي ڳوٺ سوڀي ديري ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم ڪراچي ۽ ايم بي بي ايس ڄامشوري جي لياقت ميڊيڪل ڪاليج مان ۱۹۶۰ع ۾ ڪيائين ۽ مستقل رهائش خيرپور ۾ رهيس، پنهنجي “سنڌ اسپتال” هلائيندڙ هو، سنڌي ادب جي هن ناليواري شاعر جي سڃاڻپ ته شاعر طور آهي پر سندس خدمتون سنڌي نثر ۾ پڻ لاجواب آهن. هن مترجم، محقق، سفرنامانگار ۽ ناول نگار طور ڪم ڪيو آهي. سندس نثر توڙي نظم بي حد معياري ۽ شانائتو آهي. تنوير عباسيءَ جا گهڻا ڪتاب يونيورسٽين جي هائر ڪلاسن ۾ ۽ چِٽا ڀيٽيءَ جي امتحانن جي مقرر نصاب ۾ شامل آهن. اڄ تائين سندس نثري ڪتابن جو مڪمل تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو ڪنهن به محقق پيش نه ڪيو آهي. ڊاڪٽر تنوير جي شعري مجموعن ۾ “رڳون ٿيون رباب” (۱۹۵۸ع)، “شعر” (۱۹۷۰ع)، “سِج تِريءَ هيٺان” (۱۹۷۷ع)، “هيءَ ڌرتي” (۱۹۸۱ع) ۽ “ساڄن سونهن سرت” شايع ٿيل آهن. جيڪي هڪ گڏيل مجموعي “تنوير چئي” ڪتاب ۾ ۱۹۸۹ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڇاپيا آهن. ٻين ڪتابن ۾ “ٻاراڻا ٻول” ۱۹۷۳ع، “جديد سنڌي شاعري” (۱۹۸۱ع)، “شاهه لطيف جي شاعري” پهريون جلد (۱۹۷۶ع) ٻيو جلد (۱۹۸۵ع) ۽ ٽيون ڇاپو، “شاهه لطيف جي شاعري” (گڏيل ٻئي ڇاپا، ۱۹۸۹ع)، “نانڪ يوسف جو ڪلام” ۱۹۸۲ع، “خير محمد هيسباڻيءَ جو ڪلام” (۱۹۸۳ع)، “ڏوري ڏوري ڏيهه” (سفر نامو) ۱۹۸۳ع، “جي ماريا نه موت” (ناول ترجمو ۱۹۷۳)، سچل سرمست يادگار ڪاميٽي خيرپور جي ڪتابي سلسلي سرمست جا ۹ جلد سهڙيل (۱۹۸۲ع کان ۱۹۸۹ع) ۽ “ترورا” (۱۹۸۸ع)، “شاهه جو رسالو” (اردو)، “مون کي اڳتي وڃڻو آهي” (سفر نامو)، “منهن تنين مشعل” (خاڪا)، “سچل سرمست” (انگريزي) ۽ ٻيا ڪتاب آهن. تنوير عباسيءَ کي سنڌي، اردو، سرائيڪي ۽ انگريزي ٻولين تي عبور حاصل هو ان کان سواءِ فارسي هندي ۽ فرينچ ٻولين جي ڄاڻ رکندو هو، سندس شاعري پنجابي، اردو، انگريزي، هندي ۽ سرائڪيءَ ۾ ترجمو ٿيل آهي، هن جي شاعريءَ کي ڪيترن شاعرن ڳايو آهي. هن آدرشي شاعر کي سنڌ واسين مانِ ڏنو آهي هو سندن محبوب شاعر آهي ڊاڪٽر عباسيءَ سنڌ جي هر ڏکئي وقت ۾ پنهنجي شاعريءَ سان پڙهندڙن ۾ نئون روح ڦوڪيو آهي چاهي ون يونٽ هجي يا ۴ مارچ جو واقعو هجي يا ڪو ٻيو ڏک ڀريو واقعو هن پنهنجو قلم احساسن سان اوتيو آهي چوي ٿو ته، سنڌڙي منهنجا، ساراڳوڙها تنهنجا آهن، منهنجون دانهون منهنجون آهون تنهنجون آهن، منهنجا ساز ۽ منهنجا نغما تنهنجا آهن منهنجو ماڳ به تون ئي، منهنجو ڀاڳ به تون ئي. تنوير جي شاعريءَ ۾ حب الوطني، قوميت، سنڌيت ۽ سماجي مسئلن سان گڏ رومانس کي وڏي اهميت آهي. ان ڪري کيس سنڌي شاعريءَ جو فطرت پسند شاعر، رومانوي شاعر ۽ سنڌ جو ورڊس ورٿ سڏيو ويو آهي، هن ڪيترائي غزل، نظم، آزاد نظم، گيت، هائيڪا، وايون ۽ دوها لکيا آهن. هائيڪو ۾ تنوير جو ڪم ملهائتو آهي ته غزل کي سهڻائيءَ سان نڀايو اٿس جنهن ۾ تنوير جي الڳ رنگ ڍنگ واري سڃاڻپ آهي، شاعريءَ ۾ ۱۹۵۵ع کان لکيائين شاعريءَ جي محفلن جو روح روان هوندو هو. کيس استاد طور شيخ ابراهيم خليل جهڙي قادر الڪلام شاعر جو ساٿ مليو جنهن سان سندس ڪلام ۾ نواڻ آئي گڏوگڏ هو تعليم يافته، مشاهدي ۽ مطالعي وارو اديب ۽ شاعر هو سندس گهر ۾ وڏي لائبريري هئي ۽ کيس ڏيهي، پرڏيهي ادب پڙهڻ جو جنون جي حدتائين شوق هو (جنهن جي پروڙ سندس نثري ڪتابن ۾ آيل حوالن مان پوي ٿي) هو پاڻ لکي ٿو ته، “پنهنجي ٿوريءَ عمر آهر، مون به جيڪي ڪجهه ڏٺو ۽ وائٺو آهي، جيڪي واقعا منهنجي اکين اڳيان ٿي گذريا آهن جيڪي ڪجهه منهنجي احساسن کي اٿاري ۽ جذبن کي جاڳائي سگهيو آهي، ان کي اهڙيءَ ريت لکيو اٿم جيئن ٻين جي دل ۾ پڻ اهڙا احساس اٿن ۽ اهڙا ئي جذبا جاڳن جيڪي منهنجي دل ۾ جاڳيا جي پنهنجي ڏڪندڙ ڏيئي جي وسامڻ کان اڳ ۾ ان جي لاٽ مان ڪي ٿورائي ڏيئا ٻاري سگهيس ته منهنجو جيئڻ سجايو ٿيو”. نصير مرزا سندس نظمن کي ڪلاسيڪل ڪهاڻين جي آڌر تي لکيل ساهتڪ رچنائون سڏيو آهي، مرزا موجب ته تنوير جي غزل ۾ خيال جي تازگي، پر ڪشش نغمگي، داخلي غنائيت ۽ پاتال جهڙي گهرائي موجود آهي”. “رڳون ٿيون رباب”، سندس پهريون شاعريءَ جو مجموعو آهي، جو پهرين مارچ ۱۹۵۸ع تي مقبول ڀٽي ڇپايو ۽ ان کان پوءِ آگم پبليشنگ ۱۹۷۹ع ۾ ۽ پوءِ پڻ ڇپيو آهي، هن وقت “تنوير چئي”، جي گڏيل ڪتاب ۾ شامل آهي هن ڪتاب ۾ گيت ۱۸ نظم ۲۰ ۽ غزل ۴۴ شامل آهن گهڻي ڀاڱي غزل آهن جن کي تنوير چواڻيءَ ته، “هن انهن غزلن کي نئين اسلوب سان لکيو آهي جنهن ۾ پراڻو فارسيءَ جو لهجو ۽ موسقيت اوپرا ڄاڻندي هن غزل ۾ پنهنجو سنڌي لهجو ۽ موسقيت برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي”، هاڻي مثال طور ڏسنداسين ته چند شعرن مان اندازو ٿي ويندو. جنهن نه لڪن ۾ لوڏا کاڌا، تنهن به پنهل سان پيچ نه پاتو. اوهان ٿا ڪهو جن کي ابتي ڇريءَ سان، اهي ڪجهه ته لڇندا اهي ڪجهه ته ڪڇندا. نياز همايوني سندس شاعريءَ کي ذاتي طبع جو ميلاپ سڏيندي لکيو آهي ته، “مان هن يار جي خوشين ڀري زندگي ڏسندي بعضي اهو سوچيندو آهيان ته هي شخص جنهن وٽ حاصلات جي ڪا ڪمي نه آهي سو ڪيئن ٿو ٻئي ڪنهن جي محرومين جو احساس ڪري سگهي ۽ هن کي ڪهڙي ضرورت آهي جو ٻين جي غم تي ڳوڙها ڳاڙي هروڀرو پنهنجي خوشي ختم ڪرڻ ٿو چاهي پرستت ئي محسوس ٿيندو اٿم ته اهو سڀ ڪجهه ان ڏات جو ڦل آهي جا ڪنهن انسان دوست شاعر جي ڀاڳ ۾ اچي ٿي، جنهن جي وسيلي ٻين جو غم پنهنجو ۽ ٻين جي خوشي پنهنجي خوشي تصور ڪئي ويندي آهي”. تنوير جو ٻيو شعري مجموعو “شعر” (۱۹۵۹ع کان ۱۹۷۰ع) جي دور جو لکيل آهي جو سنڌو ڪتاب گهر سکر اپريل ۱۹۷۰ع ۾ شايع ڪيو ۽ جنهن جو انتساب سندس گهر واري قمر تنوير جي نانءُ آهي ۱۳۳ صفحن جي هن ڪتاب ۾ ۹۰ نظم ۽ گيت آهن. “هر ڪو ماڻهو موتي داڻو آ”، کان شروعات ٿيل آهي ان کان سواءِ ڪيڏارو (داستان پهريون) “ٻاهر گل گلاب جا”، “من تن جو فولاد” ۽ ڪيڏارو داستان ٻيو ۽ ڪجهه شاعري (ترجمو) شامل آهي. ”سج تريءَ هيٺان” ۱۹۷۱ع کان ۱۹۷۷ع تائين جي سرجيل شاعري آهي جنهن جو پهريون ڇاپو ۱۹۷۷ع ۾ نذر سنز پبليشرز حيدرآباد شايع ڪيو هن مجموعي ۾ ۸۳ موضوعن تي مختلف صنفن جي شاعريءَ سان گڏ شيخ عبدالرزاق جي شهادت جو ڪيڏارو (داستان چوٿون) ڏنل آهي، جنهن جي خون کي لئه مٽي ڪيو ويو هو. امداد حُسيني هن ڪتاب جي مهاڳ ۾ لکيو آهي ته “تنوير جي شاعريءَ ۾ سر ۽ معنيٰ هڪٻئي ۾ لين ٿين ٿا، لوڪ ڪلاسيڪل شاعريءَ جي گهري اڀياس ڪلاجي بنيادي ڪاريه سان سچي رهڻ ۽ تجربي جي لڳاتار جوکم کڻڻ سان ئي اهو ڪارنامو سرانجام ڏيئي سگهجي ٿو هو انساني عظمت جو شاعر آهي هن جي اندر ۾ انسان ذات لاءِ چاهه جوا ٿاهه ساگر آهي”. “هيءَ ڌرتي” ڪتاب (۱۹۷۷ع کان ۱۹۸۵ع) جي دور جو آهي جنهن جو پهريون ڇاپو ۱۹۸۵ع جي مارچ ۾ سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت شايع ڪيو. ڪتاب جو انتساب موتي پرڪاش ۽ ڪلا پرڪاش جي نالي آهي، هن ڪتاب ۾ ڪيڏارو (داستان پنجون) شامل آهي ۽ ڪجهه فرينچ شاعريءَ جا ترجما پڻ آهن. ”هيءَ ڌرتيءَ کان پوءِ” جي عنوان سان سندس شاعري ۱۹۸۵ع کان ۱۹۸۸ع تائين جي وقت جي آهي جنهن ۾ پڻ هائيڪو، ڪيڏارو، نظم ۽ آزاد نظم ڏنل آهن جن جو ڳاڻيٽو ۳۱ تائين آهي. مٿيان سڀ مجموعا “تنوير چئي” جي عنوان سان ۵۳۶ صفحن جي ڪتاب ۾ گڏي ڏنا ويا آهن ۽ هن ڪتاب کي انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجيءَ شايع ڪيو آهي ۽ “تنوير چئي” ڪتاب هائر ڪلاسن ۾ نصاب طور مقرر پڻ آهي، تنوير عباسيءَ جي شاعري ڪتابي صورت ۾ اچڻ کان اڳ هميشه اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندي رهندي هئي هو هڪ ڪامياب شاعر هو، سندس تخليقي سفر تقريبن چاليهارو سالن تي محيط رهيو ۽ اڃان به سندس شاعري اڻ ڇپيل موجود آهي، شيخ اياز کان پوءِ هي سنڌ جو هڪ اهڙو شاعر آهي، جنهن نوجوان نسل جي دلين تي پنهنجي فن معرفت راڄ ڪيو، ترقي پسند هن اديب ۽ شاعر جون خدمتون مڃتا لائق آهن. هن سنڌي شاعريءَ کي هڪ نئون اسلوب ڏنو ۽ پنهنجي فن ۾ مختلف صنفن معرفت نوان موضوع ۽ نوان تجربا روشناس ڪرايا آهن هو انسانيت ۽ خاص طور سچائين ۽ احساسن جو قلمڪار آهي. پنهنجي شاعري ۽ تحقيق تي هن ڏيهه توڙي پر ڏيهه مان اعزاز ماڻيا جن ۾ پاڪستان رائيٽرز گلڊ، سنڌالاجي ايوارڊ، نارائڻ شيام ايوارڊ ۽ پاڪستان جي حڪومت طرفان سول ايوارڊ شامل آهن هو ڪيترن ئي علمي، ادبي ادارن ۽ تنظيمن سان وابسته رهيو جن ۾ سنڌي ادبي سنگت، پاڪستان رائيٽرز گلڊ، ميمبر دي پوئٽري سوسائٽي لنڊن، ميمبر ائڊ وائيزري بورڊ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڊائريڪٽر سچل چيئر شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور ۽ پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرز جي گورننگ باڊيءَ جو سنڌ مان ميمبر ۽ ٻيا ادارا آهن سچل چيئر جي ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ هن ڪانفرنسون ڪوٺايون جن ۾ پڙهيل مقالن جا ڪتاب ڇپرايا اهو سندس هڪ وڏو ڪارنامو آهي.ڊاڪٽر تنوير عباسي شخصي طور نهٺو، ملنسار ۽ قربائتو شخص هو، سندس حلقهءِ احباب وسيع هو ۽ پوري دنيا گهميل هو آسودو ماڻهو هو پر منجهس وڏي تواضع ۽ نهٺائي هئي. هن آمريڪا انگلينڊ ڀارت، فرانس، اٽلي، هالينڊ، متحده عرب امارات ۽ ٻيا ڪيترا ئي ملڪ گهميا ۽ انهن سفرن جا احوال لکيا جن کي پڙهڻ سان اندازو ٿئي ٿو ته هن نثر ۾ پڻ نغمگي اوتي آهي، سندس وفات اسلام آباد ۾ پنهنجي پٽ سرمد جي گهر ۾ ۲۵ نومبر ۱۹۹۹ع تي ٿي ۽ کيس جي-۸، اسلام آباد جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو آهي، هن جو نثر تو ڻي نظم سنڌي ادب ۾ هڪ لازوال حيثيت رکي ٿو. (ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۷ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل) تنوير عباسي روشن خيال شاعر ۽ محقق طارق عزيز شيخ جديد سنڌي شاعريءَ ۾ مزاحمت، جدوجهد، قومي جذبو، سونهن، ترقي پسندي ۽ نيچر کي موضوع بنائيندڙ شاعر تنوير عباسي آهي. تنوير عباسي گهڻ مطالعاتي شاعر هو، سندس ڪلام ۾ سنڌ جي ماضيءَ کان ويندي مستقبل تائين سمورا منظر ملن ٿا. هو حساس آهي، سندس خيال ۾ ڳڻتي آهي. هن جي پيغام ۾ سماج جي مسئلن ۽ ڏاڍاين جي عڪاسي ٿيل آهي. تنوير وٽ سڀ کان وڌيڪ اهميت انسان جي آهي. انسان جي عزت، انهي جي تفري ۽ حيثيت کي گهٽتائي جو مخالف آهي، جيئن سندس شاعريءَ ۾ اظهار ٿيل آهي: ڏسي مٽيءَ جو مان، فلڪ حيران ٿيو. تارازيءَ جي هڪڙي ڀر ۾، وجهجن ٻئي جهان ۾، ڳرو انسان ٿيو. تنوير عباسي انهي وقت پنهنجو پيغام عام ڪيو، جڏهن سنڌ ۾ ٻوليءَ کان وٺي نسلي تعصب تائين انتشار پکڙيل هو. سياسي اڳواڻن قوم کي الڳ الڳ طريقن سان مونجهاري ۾ اٽڪائي رکيو هو. اهڙي صورتحال ۾ تنوير عباسي چوي ٿو: اڃا به جاڳندا رهو اڃا به جاڳندا رهو اڃا ته وقت پُر خطر ٽريو نه آ ٽريو نه آ، اڃا سڻائو واءُ ڪو وريو نه آ وريو نه آ، اڃا به جاڳندا رهو اڃا ته رهزنن جي منهن تي رهبريءَ جو آ نقاب، اڃا ته دشمنن جي منهن تي دوستيءَ جو آ نقاب. تنوير عباسي ترقي پسند رجحان ڏنو. هن جي ڪلام ۾ مذهبي ڪٽرپڻي کان پاڪ معاشرو آهي. صوفي ۽ انساني همدرديءَ جو جذب آهي. شاهه لطيف ۽ ٻين صوفي شاعرن جي ڪلام کي شوق سان پڙهندو هو ته وري انهن جي فلسفي کي جديد انداز ۾ ڏسندو هو. تنوير عباسي جيڪو هائيڪو چيا آهن يا شاعريءَ ۾ نواڻ آندي آهي، انهي ۾ به صوفين جي فلسفي جي جهلڪ ملي ٿي. هن جي شعري مجموعي “سج تريءَ هيٺيان” ۾ ڪيڏارو چيل آهي، جنهن ۾ اظهار ڪري ٿو ته: رسالو سڙندو ڏسي، مرڪيو ڀٽ جو گهوٽ، سڙي نه سهندي سنڌڙي، چڙهندي ويندي چوٽ، ڳڀرو ڳاڙها گهوٽ، جنهن لئه سِر صدقي ڪندا. سندس هائڪي جو فن هن طرح آهي: ڦڙ ڦڙ مينهن وسي، اکڙين ۾ آلاڻ ڇو؟ ڪوئي ڪين ڏسي. * ڇڻيو ٻٻر جو ٻُور، چارو ٻيلو ٿي ويو، پوءِ به وڃڻو ڏور. تنوير عباسي شاعريءَ جون سموريون صنفون، قديم کان جديد تائين چئي ڏيکاريون آهن. جن ۾ غزل، نظم، آزاد نظم، بيت، گيت، وايون، چؤ سٽو، سانيٽ، ترائيل ۽ هائيڪو شامل آهن. هن ون يونٽ خلاف جدوجهد ۾ به حصو ورتو. شيخ اياز، شمشير الحيدري، استاد بخاري، امداد حسيني ۽ تنوير هڪ زماني ۾ گڏيل علمي ادبي توڙي سنڌي ٻوليءَ جي بقا لاءِ جدوجهد ڪئي. تنوير جي شاعري ۾ جيڪو جذبو ملي ٿو سو هر سنڌيءَ جي دل ۽ دماغ جي نمائندگي ڪري ٿو. هو چوي ٿو: مان ڪو ڪورو ڪاغذ ناهيان مان ڪو ڪورو ڪاغذ ناهيان جنهن تي چاهيندي جو لکندي ٻار جي ڦرهي ناهيان جنهن کي، ميساريندو، لکندو رهندين، اڻ ڊهندڙ تحرير مان آهيان، ۽ پنهنجي تقدير مان آهيان، مان آهيان هڪ ازلي ليک، منهنجي اک ۾ سج جو تيک. تنوير عباسي شاعر هئڻ سان گڏوگڏ بهترين فزيشن، نثرنگار، محقق مقرر ۽ علمي اداري جو سربراهه رهيو. سندس جنم سنڌ جي تاريخي شهر خيرپور ۾ ۷ ڊسمبر ۱۹۳۴ع تي ٿيو. سندس اصل نالو نور نبي عباسي هو بعد ۾ شاعري ڪيائين ته ادبي نالو تنوير رکيائين. پرائمري کان انٽرميڊيٽ ڪراچيءَ مان تعليم پرايائين. ساڌو هيرانند اڪيڊميء مان پرائمري تعليم حاصل ڪيائين. مئٽرڪ اين. جي. وي هاءِ اسڪول مان پاس ڪيائين. انٽرميڊئيٽ، گورنمنٽ ڊي. جي. سائنس ڪاليج ڪراچيءَ مان ۽ ايم. بي. بي. ايس، لياقت ميڊيڪل ڪاليج، ڄام شوري مان پاس ڪيائين. تنوير عباسي شاعريءَ جي شروعات ۱۹۵۰ع کان ڪئي ۽ پهريون شعر حيدرآباد مان شايع ٿيندڙ رسالي “فنڪار” ۾ ڇپيس. سندس شاعري ۽ تحقيقي ڪم جي نتيجي ۾ هيءَ ڪتاب منظر عام تي آيا: ۱. رڳون ٿيون رباب (شاعري ۱۹۵۸ع) ۲. شعر (شاعري ۱۹۷۰ع) ۳. جي ماريا نه موت (ترجمو ناول ۱۹۷۳ع) ۴. ٻاراڻا ٻول (مرتب ٿيل ۱۹۷۳ع) ۵. شاهه لطيف جي شاعري (تحقيق ۱۹۷۶ع) ۶. سج تري هيٺيان (شاعري ۱۹۷۷ع) ۷. جديد سنڌي شاعري (مرتب ٿيل ۱۹۸۱ع) ۸. نانڪ يوسف جو ڪلام (مرتب ٿيل ۱۹۸۲ع) ۹. خوش خير محمد جو ڪلام (مرتب ٿيل ۱۹۸۳ع) ۱۰. ڏوري ڏوري ڏيهه (سفرنامو ۱۹۸۴ع) ۱۱. هيءَ ڌرتي (شاعري ۱۹۸۵ع) ۱۲. ترورا (مضمون ۱۹۸۸ع) ۱۳. تنوير چئي (شاعري ۱۹۸۹ع) ۱۴. منهن تنين مشعل (خاڪا ۱۹۹۰ع) ۱۵. ساجن، سونهن، سرت (شاعري ۱۹۹۶ع) مٿين ڪتابن کان علاوه تنوير عباسيءَ جي شاعري سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندي رهي. تنوير عباسيءَ جو ھر ڪتاب ۽ تخليقي ڪم منفرد آھي پر سندس لطيف شناسيءَ ۾ ڪم سڀ کان عمدو آھي. “شاھ لطيف جي شاعري” تنوير عباسيءَ جو تحقيقي مقالن سان سجيل ڪتاب سنڌي ادب جي شاھڪار ڪتابن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو، جنھن جو پھريون ڀيرو ڇاپو ۱۹۷۶ع ۾ شايع ٿيوھو ۽ ان کانپوءِ ڪيئي دفعا شايع ٿيو آھي. تنوير عباسيءَ جو ھيء علمي پورھيو روايتي انداز وارو ناھي بلڪہ ھن عقلي بنيادن تي شاھہ جي ڪلام کي پرکيو آھي. ھر مقالو پڙھڻ کان پوءِ شاھ سائينءَ جي شاعري ھڪ نئين نظريي ۾ سمجھ ۾ اچي ٿي. شاھ صاحب جي شاعريءَ تي ڪيترن ئي عالمن ۽ محققن ڪم ڪيو آھي پر تنوير عباسيءَ جيترو سولو ڪري سمجھايو آھي اوترو ڪنھن ٻئي محقق ناھي سمجھايو. ھن ڪتاب جو ھر مقالو تاريخي حوالن ۽ دليلن سان لکيل آھي. تنوير عباسي جيئن تہ ترقي پسند سوچ جو مفڪر ھو، ان ڪري ھن پنھنجي فڪر موجب ئي لطيف سائين جي ڪلام کي پڙھيو ۽ ان تي مقالا لکيائين. اسان بہ جڏهن تنوير عباسيءَ جي سوچ سان لطيف سائين جي ڪلام کي پڙھيو ۽ سمجھيو تہ اھو بنھہ نئين انداز وارو لڳو. نہ فقط شاھ جي شاعري جا نوان رخ نظر آيا پر تاريخ جا تلخ واقعا بہ پڌرا ڪيا اٿس. ائين ئي سياست، سماجيات، رنگن، عڪسن، لھجن، ڪردارن، موسيقيءَ ۽ ثقافت جي حوالن سان بہ لطيف سائين جي شاعريءَ کي رونما ڪيو اٿس. سندس مقالا ھن ترتيب سان ڏنل آھي آھن: شاھ لطيف جي شاعري جو ادبي پس منظر، شاھ لطيف جي شاعري جو سياسي ۽ تاريخي پس منظر، شاھ لطيف جي شاعري ۾ سماجي ۽ اخلاقي قدر، شاھ لطيف جي عوامي شاعري، شاھ لطيف جي شاعريء جي موسيقي، شاھ لطيف جي عڪسي شاعري، شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ رنگن جو اڀياس، شاھ لطيف جي اھڃاڻي شاعري، شاھ لطيف جا سورما ۽ سورميون، شاھ لطيف جي شاعري جو زورائتو اچار، ساجن،سونھن، سرت، سر گھارو جو اڀياس. تنوير عباسيءَ سڄي ڄمار علمي ادبي پورهئي ۾ گذارڻ بعد زندگيءَ جا پڇاڙڪا ڏينهن پنھنجي فرزند جي گھر ۾ اسلام آباد ۾ گذاريا. دنيا مان رخصت ٿيڻ کان اڳ ھن پنھنجي جسم کي بہ ڊونيٽ ڪرڻ جي وصيت ڪئي ھئي. مطلب ويندي ويندي بہ ٻين جي ڀلائيءَ جو سوچيائين، پر وفات کان پوءِ ائين نہ ٿي سگھيو. هن جو انتقال ۶۵ ورهين جي ڄمار ۾ ۲۵ نومبر ۱۹۹۹ع تي اسلام آباد ۾ ئي ٿيو ۽ سندس آخري آرام گاهه به اتي ئي آهي. تنوير عباسيءَ جي وفات کان پوءِ به مٿس ڪيئي ڪتاب، مقالا ۽ مضمون اچي چڪا آهن. هيءَ هڪ اعليٰ پائي جي شاعر جي نشاني آهي ته سندس قوم جا عالم، اديب، صحافي ۽ عام ماڻهو کيس دلين ۾ سانڍيو ويٺا آهن. (روزاني مومل ڪراچيءَ ۾ ڇنڇر، ۲۵ نومبر ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)