كم يبلغ طول ماريو لوبيز؟ماريو لوبيز جونيور (من مواليد 10 أكتوبر 1973) هو ممثل وصحفي أمريكي في مجال الترفيه. ظهر في العديد من المسلسلات التلفزيونية ، في الأفلام وفي برودواي. اعتمادات الصورة: imdb.com 5 قدم 8 بوصات 1 م 75 سم 5 feet 8 inches 1 m 75 cm متابعة كل
وصف المدونة
رواية الحمقى يموتون _ ماريو بوزو
نجوم صاموا مبكرا هو تقرير تقدمه "العين الرياضية" خلال شهر رمضان الكريم عن نجوم انتهت مسيرتهم مبكرا رغم البداية الواعدة لأسباب عدة.
Mono
This Digital Drawings & Illustrations item by Grafiti7shop has 7 favorites from Etsy shoppers. Ships from United States. Listed on Jun 9, 2024
Shop wichitaemporium's closet or find the perfect look from millions of stylists. Fast shipping and buyer protection. Includes two and half inch Ice Mario, Spike Top, and Green Koopa Troopa figures Includes two accessories with feature mechanisms Move Mario up and down in the warp pipe or slide side to side on the shifting platform Warp pipe and shifting platform accessories are modular and can be used with the playsets Suggested for ages 3+ (small parts)
What If Super Mario Bros. Had New Enemies?!✪ Subscribe for more content: https://www.youtube.com/c/BlueTelevisionGames✪ Become a BTG Member: https://www.yout...
What is the best item in Super Mario Party?
للباحثين عن خلفيات جيمنج للموبايل سنوفر اليوم برنامج مليء بصور جيمنج 4k وصور ببجي رائعة كثيراً ويوفر خلفيات لعشاق فري فاير والعاب الباتل رويال.
محمد علي پٺاڻ جي ترجمو ٿيل اردو ڪتاب "تیسرا لباس" تي هڪ نظر زرار پيرزادو سنڌي ادب ۾ ٻين ٻولين جي ادب کي ترجمو ڪري متعارف ڪرائڻ ۽ ان جي نون لاڙن کان واقف ڪرائڻ وارو سلسلو مرزا قليچ بيگ واري آڳاٽي دور کان هلي رهيو آهي. پر هاڻي سنڌي ادب کي ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪرائي سنڌي ليکڪن ۽ سندن فني شهپارن کي ٻين ٻولين جي ادبي حلقن ۽ عام ماڻهن ۾ متعارف ڪرائڻ واري ضرورت کي شدت مان محسوس ڪيو پيو وڃي. جيتوڻيڪ اسي جي ڏهاڪي کان سنڌي ادب کي ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪرڻ جا بنياد پيا پر اهو ڪم بهرحال پوءِ به گهربل رفتار سان نه ٿي سگهيو آهي. ڏسجي ته سنڌي ادب جي حقيقي خدمت به اِها ئي آهي ته ان کي ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪري ٻين ٻولين جي ماڻهن کي سنڌي ادب ۽ ان جا ليکڪ پڙهايا وڃن. سنڌي ادب جي اهڙي حقيقي خدمت جو تازو مثال اردو افسانن جو ڪتاب ”تيسرا لباس“ آهي جيڪو سنڌي ٻولي جي نامياري ڪهاڻيڪار محمد علي پٺاڻ جي ايوارڊ يافته ڪهاڻين جي مجموعي ”ميندي لهڻ کان اڳ ۾“ جو ترجمو آهي جيڪو اڄ جي بهترين مترجم ننگر چنا جي محنت جو نتيجو آهي. ان کان اڳ محمد علي پٺاڻ جي شاعري جو هڪ ٻئي سٺي مترجم ڄام جماليءَ انگريزي ۾ ترجمو ڪري چُڪو آهي ۽ ڪوتا ناول ”مسافتون ياد جون“ جو پڻ ننگر چنا اردو ۾ ترجمو ڪري چڪو آهي. جيستائين محمد علي پٺاڻ جو ڪتاب ”تيسرا لباس“ ماڻهن جي هٿن تائين پهچي، تيستائين رپورٽن موجب سندس چوٿين ڪتاب ”دنيا کان اڳتي“ جو پڻ ننگر چنا اردو ۾ ترجمو ڪري چڪو آهي جيڪو گذريل هفتي پيڪاڪ پرنٽرس طرفان پڻ ڇپجي چڪو آهي. محمد علي پٺاڻ جو ايوارڊ يافته سنڌي ڪتاب ”ميندي لهڻ کان اڳ ۾“ واقعي به ترجمي جو حقدار هو. هن ڪتاب ۾ افسانن جي موضوعن توڙي ان جي ٽيڪنيڪ ۾ جيڪي نوان تجربا ڪيا ويا آهن، نوان لاڙا ڏنا ويا آهن، سي اردو ادب کي بلڪل به پڙهائڻ جهڙا ۽ اها دعويٰ ڪرڻ جهڙا آهن ته ”ڀيٽ ڪيو ته به ڪنداسين“. ڪهاڻي برابر سماج مان کنئي ويندي آهي پر ان کي لفظن جي فلم بڻائي ڏيکارڻ بيحد اوکو آرٽ آهي پر محمد علي پٺاڻ جيئن ته هڪ ڊراما نگار به آهي تنهن ڪري کيس ڪهاڻي ٺاهڻ ۽ ڪردارن وسيلي انهن کي پنهنجي ٽوڙ تائين پهچائڻ جو ڀرپور ڏانءُ آهي. هن جي افسانن جا ڪي موضوع ته بنهه نوان ۽ ڇرڪائيندڙ آهن مثال طور ”ايڪ گدهي ڪي موت“ جنهن ۾ گڏهه کي ڪارو ڪري ماريو وڃي ٿو. ماڻهن تي ته ڪارو ڪاري جو الزام لڳندو رهندو آهي پر گڏهه کي ”ڪارو“ ڪري مارڻ وارو موضوع نئون آهي جيڪو بقول محمد علي پٺاڻ جي ته اسان جي سماج ۾ نئين ناسور طور متعارف ٿيو آهي. هن ڪتاب اندر ڪاروڪاري جي موضوع تي چار پنج ڪهاڻيون ملن ٿيون جن ۾ ڏيکاريل آهي ته ڪئين نه ڪارو ڪاري جي اوٽ ۾ سماجي ۽ اخلاقي ڪرپشن ڪئي وڃي ٿي. اهڙن افسانن ۾ ”تازه قبر“ ته سيسراٽي ڪڍي ڇڏڻ وارو افسانو آهي جنهن ۾ هڪ نوجوان کي عورت جي قبر تي سکڻي فاتحه پڙهڻ تي مرحومه سان ڪارو جي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائي سڱ چٽي جي ڪڌي رسم کي هٿي ڏيڻ واري رواج کي ننديو وڃي ٿو. ”ميندي اترني سي پهلي“ وارو افسانو هڪ اهڙي نئين ڪنوار جي المياتي ڪهاڻي آهي جيڪا مڙس جي ظالم پيءُ جي انفرادي رويي سبب پنهنجي ازدواجي زندگي کي ميندي لهڻ کان اڳ ئي برباد ٿيندي ڏسي به ٿي ۽ ڀوڳي به ٿي. هن ڪتاب ۾ مختصر افسانا به ڏنل آهن. مثال طور ”واردات“ تقريبن هڪ صفحي جو افسانو آهي پر پنهنجي جوهر ۾ بيحد طاقتور افسانو آهي ۽ ان جو ڪلائيمڪس حقيقي معنيٰ ۾ مثالي ۽ يادگار ڪلائيميڪس مان هڪ آهي. مختصر افسانن ۾ ”چادر“ به دلچسپ ڪهاڻي آهي جنهن ۾ سسپينس موجود آهي. افسانو ”آخري وين“ به پڙهندڙ کي آخر تائين پڙهڻ تي مجبور ڪري ٿو. نون تجربن مان هڪ تجربو سندس افسانو ”عڪس“ به آهي جيڪو سڄو ڊائلاگ تي ٻڌل آهي. ڊائلاگ واري افساني جو تجربو يقينن ڪو ڊراما نگار ئي ڪري سگهي ٿو. افسانو ”تبهي بهادر اور سورما ڪهلائوگي“ ڀٽائي جي فلسفي ۽ ان تي ٿيندڙ ڪم جي حوالي سان هڪ نئون تجرباتي موضوع ته آهي ئي آهي پر ان ۾ ڀٽائي جي ڪردار کي تصوراتي نموني اڄ جي دور ۾ زندهه روپ ۾ ڏيکاري پڙهندڙن کي اهڙي جادوئي سحر ۾ وڪوڙيو ويو آهي جنهن مان نڪرندي ڏينهن لڳي وڃن ٿا. جون ۲۰۲۰ع ۾ ڇپيل هن ڪتاب اندر ۲۵ افسانا شامل آهن يعني ۲۵ موضوعن انهن جي ماحول، ڪردارن ۽ انهن جي مختلف ٻولي تي طبع آزمائي ڪئي وئي آهي، جيڪا بقول ڊاڪٽر شير مهراڻي جي ته ڪو ”سوشل سائينٽسٽ“ ئي ڪري سگهي ٿو، ائين هن محمد علي کي ”سوشل سائنٽسٽ“ جو لقب پڻ پنهنجي ليک ذريعي ڏنو آهي. سنڌي مان ترجمو ٿيل هي اردو ڪتاب اڪيڊمي ادبيات جي سهڪار سان ملتان جي انسٽيٽيوٽ آف پاليسي اينڊ ريسرچ جي اداري ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن عمل کي اسان اردو ادب ۾ سنڌي ادب ۽ ان جي ليکڪن کي متعارف ڪرائڻ جي انتهائي باوقار ۽ اهم اڳڀرائي سمجهون ٿا. هاڻي جڏهن محمد علي پٺاڻ جون ادبي تخليقون ٻين ٻولين جي اديبن ۽ نقادن وٽ ترجمو ٿي پڙهڻ لاءِ دستياب آهن ته اُهي انهن کي پڙهي بيحد سرهائي جو اظهار ڪري رهيا آهن. فخر زمان، ناميارو اديب جيڪو اڪيڊمي ادبيات جو پ پ دور ۾ ٻه دفعا چيئرمين رهي چڪو آهي تنهن ڪتاب ۾ بيڪ ٽائيٽل تي لکيو آهي ته ”محمد علي پٺاڻ جي افسانن مان رڳو سنڌي ثقافت نٿي جهلڪي پر معاشري جي حقيقت نگاري به ملي ٿي، ان جا افسانا، زمين سان جڙيل آهن ۽ زمين جي خوشبو سندس هر لفظ مان ملي ٿي“. فخر زمان اردو ۾ محمد علي پٺاڻ جا افسانا پڙهي اهو چوڻ تي مجبور ٿي ويو آهي ته ”هن جي افسانن، ادب ۾ نئين اسلوب کي جنم ڏنو آهي. هن خواهش ظاهر ڪئي آهي ته پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرز کي محمد علي پٺاڻ جا اهي ڪتاب خريد ڪري پنهنجي لائبريري ۾ رکڻ گهرجي ۽ محمد علي پٺاڻ کي اهو اردو ڪتاب اڪيڊمي ايوارڊ لاءِ پڻ موڪلڻ گهرجي. هوڏانهن سرائيڪي ٻولي جي ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ محقق محمد حفيظ خان جيڪو سيشن جج جي عهدي تي پڻ فائض آهي تنهن لکيو آهي ته محمد علي پٺاڻ ان لحاظ کان به خوشقسمت آهي جو کيس ننگر چنا جهڙو ڪهنه مشق مترجم مليو آهي جنهن ترجمي سان مڪمل انصاف ڪيو آهي. ايئن مشهور شاعر ۽ نامياري ٽي وي ڊراما رائيٽر امجد اسلام امجد، محمد علي پٺاڻ جي ترجمي ٿيل ڪوتا ناول ”مسافتين ياد ڪي“ تي ان سري هيٺ يادگار نوٽ لکيو هو ته ”اهي چراغ ئي ٻرندا ته روشني ٿيندي“. ايئن اردو ۽ سرائيڪي ادب جي انهن ناميارن اديبن سنڌي ٻولي جي اديب جي ڪتابن کي اردو ٻولي جو ويس ڏيڻ واري عمل کي وڏو ڀاڪر پائي ان کي ڀليڪار ڪيو آهي جيڪو انهن ڪتابن جي مقصد جي وڏي حاصلات ۽ ڪاميابي آهي. ان ڪامياب تجربي کي ڏسندي جيڪڏهن وفاقي حڪومت چئن ئي صوبن جي ٻولين جي ادب جي ترجمي لاءِ ڪو مستقل ”ٽرانسليشن بيورو“ قائم ڪري ته اهو ترجمي وارو ادب يقيني طور تي چئن ئي صوبن جي اديبن ۽ عوام کي هڪٻئي جي ويجهو آڻڻ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو ۽ ان سان گڏوگڏ دنيا ۾ به پاڪستاني ادب کي متعارف ڪرائڻ جو هڪ دڳ کلي سگهي ٿو پوءِ هتان جا اديب، دنيا جا وڏا وڏا ادبي ايوارڊ ماڻڻ جا حقدار به ٿي سگهن ٿا. سنڌ ۾ اهڙي ”ٽرانسليشن بيورو“ جو يادگار ٺهراءُ سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر مئڊم مهتاب اڪبر راشديءَ سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪيو هو جيڪو يڪ راءِ سان منظور ٿيو هو. ٽرانسليشن بيورو قائم ڪرڻ بابت ٻيو ڀيرو به اهو ٺهراءُ اسيمبلي مان منظور ٿي چڪو آهي. پر نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته پوءِ به هيل تائين ان ٽرانسليشن بيورو جي پاس ٿيل ٺهراءُ تي عمل ڪرڻ جي ضرورت کي محسوس ئي ناهي ڪيو ويو، جنهن تي افسوس سان گڏ حيرت جو ئي اظهار ڪري سگهجي ٿو.
سِـيـنـڌ جمال ابڙو کپري شھر جي سرڪاري اسپتال جي لاش-گھر ٻاھران، مٽيءَ ۽ ڌڌڙ ۾ ڪارا ڳُنڌيل وار، چوٽيءَ سينڌ سميت، ڌوڙ ۽ جهڪ ۾ پئي ليٿڙيا. اندر ڀنگي ۽ ڊاڪٽر، مکين جي ڀُون ڀُون، ننگو لاش اگھاڙي ڇاتي. سنڌ جي ڄائي، ڪنھن جي لڄ، سڀ جو ننگ، ست ڌارين آڏو ننگي پئي ھئي. ھٿ رونڊڙا، پير ڦٽل. اکيون حيرت، حسرت ۽ ھيبت کان ڦاٽل، سٻاجهي، سدوري، سُگهڙ، ڪونئرو ڪُسڻي. پيار جي راھه ۾ ھڪ ٻي قرباني. ڪُسڻ قبول ڪيائين، سينڌ جي پت نه وڃايائين. ٽھڪڙا ڏئي چار آڱريون سينڌ تي رکي انجام ٻڌائين، پر ٽھڪڙا ڪھاڙين جي ڪڙڪن ۾ بدلجي آيا، آڱريون ڪپجي ويون، سينڌ ڪوڙجي وئي اتي ئي سندس ڀاءُ ٻاھر ھو، ابي ڄائو، امڙ جي رت مان ٺھيل ۽ کير تي تاتيل. جنھن لاءِ ننڍي ھوندي کان ”الله ڏيندو ادل کي . . .“ ڳايو ھئائين. بي غيرت ڀاءُ جنھن ’غيرت‘ مان ڀيڻ ماري ھئي، ھٿڪڙين ھوندي ائين ڳاٽ جهليو بيٺو ھئو، ڄڻ ڪوٽ کٽيو ھئائين. امڙ ھئي، جنھن جي رازدار ساٿڻ اڄ ڪھاڙيون جهلي، چاقن سان چِيرجي رھي ھئي. جنھن ڌيءَ جون ڪچيون ڦڪيون ساھه ۾ سانڍيون ھيون. جنھن ور ور ڏيئي کيس سمجھايو ھو ۽ سمجھيو ھو. سندس ڊڦ پيرو مڙس، جو پٻن تي ٿيڙ کائيندو، لؤڻا ڦيريندو ھلندو ھو، ڳالھائيندو ھو ته گِگ وھندي ھئس. ور ور ڪري لاش گهر ڏي ٿي ڏٺائين. رڙ پئي پيس؛ ’الا! منھنجي سھڻي پنج ھزار لھندي ھئي.“ ڍڳن جو جوڙو، ٻه جريب زمين ۽ عورت جي جند، اھا پنجوڙ جنھن ۾ نچڻي ٽپڻي تيرھن سالن جي پدمڻيءَنڄم کان موت تائين گوگهجي وئي. لِڪ لڪوٽي، ليٽ ڪبوتر، گهڻ گهڻ گهٽو ۽ ڳيچ سھرا سڀ ان پنجوڙ جي ساھه نِپوڙ، سوڙھه ۽ گهٽ ۾ گهٽجي گم ٿي ويا. ”الله ڏيندو ادل کي !“ ... ۽ الله ادل کي ڍڳا ۽ ٻه جريب ڏئي ڇڏيا ۽ اديءَ جي جند مڙس جو حق ٿي وئي، مُلھه ڳِڌو حق. شاديءَ جا جوڙا، ھٿن کي ميندي، چانديءَ جي ٻانھين، خوشيءَ مان ھر ھر ماءُ کي چنبڙي ٿي پئي. ٻاراڻي ٽھي، شاديءَ کي ائين ٿي ڀانيائين ڄڻڪ گُڏي گُڏيءَ جو وھانءُ. مڙس کي ائين ٿي سمجهائين جيئن سندس ڀاءُ يا پيءُ ۽ جڏھن وڃي ساڻس ستي ته آڌيءَ کان پوءِ ماڻھن سندس ڪِيڪون ٻڌيون ۽ چماٽن جا ڦھڪا. ٿڪل ٿڪل، پيلي، زندگي ائين ٿي وئي جيئين آرھڙ جون ٻُٽون. ھر صبح ۾ سانجهيءَ جي گُهٽ ھئي ۽ ھر سانجھيءَ ۾ صبح جو سُور ھو. نار جي لوٽي ھئي، ڳچيءَ ۾ رسو، کوھه ۾ گهوتا ۽ رات جو رينگٽ، ٻي ھزارين جي ٻانھي، سانجڻ، ٻھاري، دال، کار، گاھه، رونبو، زور ۽ زوري. سندس زنانو حسن نه ڄائو نه مئو، نه اسريو نه اڀريو. جڏھن ٻن سالن کان پوءِ ماءُ وٽ آئي ته ھنيانءُ ڦِسي پيس. پار ڪڍي رني. ”ادا!“ چئي ڀاڻس کي چنبڙي پئي. ڀاءُ ۽ مڙس جي فرق جو شدت سان احساس ٿيس. ٻارڙن جون ٽوليون ڏسي ٻٽا ڳوڙھا ڳاڙڻ لڳي. اباڻي گهر سندس ٻوساٽيل روح کي آٿت، سندس جسم کي آرام ڏنو. جنھن گهر جي ڇپر ڇني ڪنڌيءَ ڪوٽ سان ٻالڪپڻو چنبڙيو پيو ھو تنھن سان پاڻ به چنبڙي پئي. روح رلي ويس، ميخ لڳي ويس. ائين ئي محسوس ڪيائين ته وري ڳائي؛ ”نم جي نموري پڪي، الله ڏيندو ابي کي، سو وجھندو ڌيئن کي، چنڊ ڏٺو کير مٺو!“ سندس دل جي ڪنھن ڪنڊ ۾ ھلڪڙو آرس ڀڃڻ جي تمنا، نحيف کنوڻ وانگر اِنگڙ وِنگڙ اُڀري گُم ٿي وئي. ڪارونڀار ڪڪرن ۾، ھلڪڙي ھير سندس سنھڙي چولي کي سندس سيني مٿان گسڪائي رھي ھئي. عجيب انوکي ڪيفيت چولي منجھان، سيني منجھان، سندس دل ۾ سمائجي وئي. مينھن وسيو، ھوءَ بيٺي رھي. ٻارڙن جا ٽولا ڳائڻ لڳا؛ ”اکريءَ ۾ ڪڪڙو، مينھن آيو تڪڙو!“ چولو ساڻس چُـھٽي ويو. ھن محسوس ڪيو ڄڻ ته ھوءَ پاڻ ڪڪڙو آھي ۽ مينھن سندس جسم سان وڪوڙيو وڃي، جنھن جي گستاخ آلاڻ کيس وَڏ-ڦُـڙي جي بشارت ڏني. اگھاڙن پٺن سان، سندس ھم عمر جوڙ ۽ جيس ميھار، مينھن بڻجي کيس وڪوڙي ويو. سندس چَپ کليل رھجي ويا. خبر تڏھن پيس جڏھن ميھار اچي ھٿ کان ورتس، ڇرڪ ڀري ڀڄي وئي. سندس جنسي جذبو، عين عورتپڻو، حيات جو موجب، قدر جو عجيب ۽ مٺو ڪرشمو جو وحشانيت جي ڄَـرُ ساڙيو ھو، سو پيار جي مينھن ۾ سائو ٿيو. جنھن کي چماٽن ۽ ڪيڪن ڊيڄاري دٻي دساڙي ٿڌو ڪيو ھو، تنھن کي ھٿ جي گرمائش جياري ڇڏيو. ڳلن ۾ تؤ، تَـنَ ۾ تونس، آگمجي رني. چڻگ ھئي جا جلڻ ۽ جلائڻ لاءِ نسنگ نروار ھئي. لوڪ لڄا، ادي جي عزت، دل جي دل ۾، ساڳيو ميھار جڏھن اڇا ڪپڙا اوڍي، وارن کي ڦڻي ڏيئي، اکين ۾ سرمو وجهي اچي لنگهندو ھو ته اکيون ھيٺ ڪري ڇڏيندي ھئي ۽ پوتي ڇڪي مٿو ڍڪيندي ھئي. بس ميھار لاءِ اھو ڪافي نياپو ھو. ھن جو من به ٽِڙي پوندو ھو ته هڪ مرد محض سندس لاءِ سينگار ڪري. سندس اکيون ھڪ ٽِڪ دور افق جي پريان وڃي کُپنديون ھيون. پنھنجيءَ باھه ۾ ڀسم ٿيڻ لڳي. جيئن روڪيائين تيئن ڀڀڙ ھئا. وري جو ڳنڍڙي مليس، خالي باڪس ۾ سُرخي، ڪجل، مصريءَ جي تَـڙ، رک جي چپٽي، ميٽ جو ذرو ته کڙي تپي آيس. ويھڻ وِھهُ ٿي آيس. ماءُ سان سليائين. عورت جو عورت سان سلڻ ڄڻ خالق ۽ مخلوق جو ازلي راز سلڻ ۽ سمجهڻ. ماڻس چنبا ھڻي ڪڍيس. ويڻن سان وڍيائينس، نيٺ ٻِٽ ٿي بيٺس. ڌيءُ ۽ ماءُ جو ميلاپ، ڇا نه ٿي ڄاتائون! ڇا نه ٿي سمجھيائون! حياتيءَ جي سُڪي سرءَ ۾ پَنَ ڇاڻيندي ڪڏھن ڪا سُرور جي گهڙي گهاري ھئائون، سا به ڪھاڙين جي پاڇي ۾، گهڙيءَ جي معراج لاءِ ڪنڌ ڪپائڻ، ٽھڪڙا ٽاڪوڙا، ڄڻ ته جيڪي ڏنائون ٿي تنھن کان وڌ ورتائون ٿي. ميھار سان ملڻ وئي ته ھِيرون ھئس ھنج ۾، ڌرتي ھندورو ھئي؛ گل ٽڙيل ھئس دل ۾. سڳند ھئس ساھه ۾. سُڌ ٻُڌ پرائي ٿي چڪي ھئي. سندس سڄي ڪائنات پرائي ھئي. وٽس پھتي ته پاڻي ٿي پئي. ھٿ وڌائينس ته هٽي بيھي رهي. ڏيڻ آئي هئي، ڏيئي نه سگهي. واسطا وڌائين، پلؤ پاتائينس، ھٿ لائڻ نه ڏنائينس. موٽي اچي ماءُ کي ليلڙاٽ ڪيائين؛ ”پلؤ آجا ڪرائينم!“ امڙ کي ٻاڏايائين. جڳ کي دانھن ڏنائين، ٻارڪاريائين، چڱن مٺن جا در کڙڪايائين. جنھن سندس جسم کي نپوڙيو ھو تنھن سان جسم ڪيئن ملائي! مٺوءَ کي ڇڏي ڏينڀوءَ کان ڪيئن ڏنگائي. ڏنگ ۽ ڏنڀ ھئس ڏاج ۾، نڪاح جي . . . سان، يا نڪاح ٽٽي يا ڪنڌ ٽٽي. جتي ٻنيءَ ۽ ونيءَ تي سر ڏجن ٿا، اتي نينگرين جو سودو به ٿئي ٿو. اَملھه جو مُلھه ٿئي ٿو. ھتي نينگرين جو نيلام، ست قرآن، ڪوڏين جي دام، اتي ڪير ڏئي طلاق! ڊڦ پيرو چوي؛ ”ڪُھي وجھو نڪاح نه ڇڏيان، ڀلي عمر کائي وڃي، ٻني ۽ وني ڪنھن ڇڏي آ!“ ٻه ٻه ھٿ پيو اڏامي. ڪوٽ جي آڙ ۾ بيغيرت جي نگاھه لڄ تي نه، لڄ جي قيمت تي. دڙڪا، دھمان، ڏنگايون ڏاڍ، بي فرمان- ۽ ھيڏانھن ڪچي تند، نياڻي نينگري، سَرءَ جي ساڙيل سڪل پيلي وَل. جنھن جي من ۾ پھريون ڀيرو پيار جي رس ڀري ھئي. اڏول، پنھنجي حق تي قائم، سائي ٿيڻ جو حق، گُلن جي ڪڍڻ جو حق. ڪچيءَ تند ۾ حق ڇڪڻ جي ايڏي قوت! پر ايجاب ۽ قبول جو ڌاڳو ٻن ھزارن روپين ۾ ٿلھي موٽي سنگهر ٿي چڪو ھو. نياڻي نينگري ڪچي تند، پر جڏھن سندس نحيف تنتن ۾ عورتپڻي جي آفاقي حق گھرڻ جي برقي قوت پھتي ته وڄ بڻجي وئي. چمڪا، چڻنگون ۽ ٽانڊا جن سندس مڙس جي اڌاري مردانگيءَ کي ڪنبائي ڇڏيو. ھو طلاق ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويو. ھن لاءِ رڳو ٻه اکر چوڻ جي دير ھئي، پر جنھن کان عورتپڻي جو حق کسيو ٿي ويو، جنھن جان جي بازي لڳائي ھئي، جيڪا اھڙو ئي انسان ھئي جھڙو مڙس، جا پاڻ مظلوم ھئي، سا بس فقيرياڻين وانگر خيرات جي محتاج ھئي. سندس لفظ ۽ ارادي کي ڪو وزن ڪو نه ھو. ڇا ته توازن ھئو! نڪاح ٻن ڌرين جي ھڪجھڙي قبوليت ھئي، ھڪ ٽوڙي سگھيو ٿي ان کي ٽاڪئين ٺڪر وانگر ۽ ٻئي لاءِ ڳَٽ ھو ڳچيءَ جو. نقصان ڪنھن کي ٿي ٿيو. بازاري اگهه ڪنھن جو ٿي ڪريو. جسماني باغ ڪنھن جو لٽيو ويو ته به معاوضي جي گهر مڙس پئي ڪئي ۽ سڄي دنيا سندس انھيءَ حق جي تائيد ڪئي. اھو حق ايڏو ته ڪو اٽل ھو جو سندس ماءُ ۽ ڀاءُ به ھارجي ويا. قبوليت جو ڌاڳو رپين جي بار ھيٺ سوگهي سنگهر ٿي ويو. باغ جو، گلستان جو، ميوو ڏيندڙ شجر جو، ٺيڪو عمر ڀر ٻن ھزارن ۾! ڀيڻ جنھن ڀاءُ کان نماڻين نظرن سان صدقو گھريو، اکئين آب جاري ھو. پر سندس نير، نيئر کي ٽوڙي ڪو نه سگھيا. ڀاءُ به فيصلو ڏنو ته؛ ”رن ڪميڻيءَ کي ڄُنڊن کان گھلي مڙس کي ڏيو!“ جنھن ٻه ھزار مِٺا ڪيا سو مڙس مان وارو بڻيو ۽ جنھن جي جسم جذبن ۽ جان جو نيلام ٿيو سو ڪميڻو. اھا آخري رات ھئي، ڇيھه نا اميديءَ سندس حِس ۽ حواس سلب ڪري ڇڏيا ھئا. جڏھن ميھار اشارو ڏنس ته چار آڱريون کڻي سينڌ تي رکيائين. سندس روح ۽ جسم ھڪ قلب بڻجي ويا. جنھن کي اوڏو اچڻ نه ڏنو ھئائين، تنھن سان موڪلاڻيءَ جو انجام ٻڌائين. جسم ۽ روح جي آرتي کڻي پيار جي قربان گاھه ڏانھن وڌي ته ڀاڻس ڏسي ورتس. ڪھاڙي کڻي وريو ته ويچاريءَ جي جيئڻ جي سموري تمنا اجهڪو ڏئي موٽي آئي. پوتي لاھي ڀاءُ جي پيرن کي چنبڙي وئي، ”ادا منھنجا، مون کي نه مار!“ ماڻس به ڀڳي، وڃي قرآن کڻي آئي؛ ”ابا! ھي وسيلو ٿئي.“ مڙسس به رڙ ڪئي؛ ”جھڙي آ منھنجي آ، مون کي ڪاري به قبول، متان منھنجيءَ کي ماريو اٿئي!“ ”چُپ ڪر ڪميڻا ڪاري آ!“ ”ھل ڙي معتبر! تو گهڻيون ڪاريون ڪيون آھن؟“ تيسين ماڻس به قرآن آڻي آڏو جهليس. ماءُ کي ڌڪو ڏئي پري ٿيلھيائين، لت ڀيڻ جي ڪلھي تي ڏيئي سندس مٿو ڇڏائي پري ڪيائين. ڪھاڙي کڄي ھيٺ ٿي. ڊپ ۾ ويچاريءَ ھٿ آڏو ڏنو. اول چار آڱريون پوءِ ڪنڌ. ماءُ ۽ قرآن رتو رت! ڀاءُ ۽ ماءُ گڏجي نياڻيءَ جو اڳٺ کولي سٿڻ لاٿي. ڀاءُ دنبھو ھنيو. اسپتال جو لاش گهر، ڪپيل چوٽي، چاقن جي چر چر، ڀنگي، ڊاڪٽر، مکين جي ڀُون ڀُون، ننگي ڇاتي، ادي، ڀيڻ، نياڻي، ست قرآن.
ڪچري وارو پرڏيهي ڪهاڻي سنڌيڪار: امير عدنان ڏهه سال ڪچري کڻڻ وارو ڪم ڪرڻ کانپوءِ بندري قد، گهنجن سان ڀريل منهن واري پوڙهي قالو کي جنهن ڏينهن ڪم مان نيڪالي ڏني وئي هئي، ان جي ٻئي ڏينهن هو پهريون دفعو پاڙي ۾ بغير گھوڙي ۽ ڇَڪڙي جي داخل ٿيو هو. ڪنن کان به هيٺ سُرڪيل سرڪاري ٽوپي، هڪ وڏي سائيز جو ڪوٽ، جنهن جا ٻئين ڪلها هيٺ ڍُرڪيل، گسيل ڦِٽيل پينٽ ۽ کڙين وٽان گسيل ڳرا فوجي بوٽ پائي هو پاڙي جي وچ تي اچي بيهي رهيو هو. ڏهه سال، ڏهه ڊگها سال هر صبح جو پنهنجي گهوڙي جي واڳ ڇڪيندي آهستي آهستي هن پاڙي ۾ داخل ٿيندو هو. پاڙي وارن جي ڪا به ڳالهه هن کان ڳجهي نه هئي. هو هڪ هڪ ڪري سڀني گهرن جا در کڙڪائيندي “آهي يا ناهي؟” جا آواز لڳائيندو هو. جيڪڏهن هوندو هو ته کڻندو هو، نه ته انتظار ڪرائي کيس ڪجهه دير کان پوءِ چيو ويندو هو “ڪونهي، اسان جو گند ڪچرو ڪونهي!” چوڻ وارن تي ڪڏهن ڪاوڙ ڪونه ڪندو هو. اهڙيءَ طرح هو سخت ڪاڙهيندڙ گرمين، اوٿر ۽ سخت پاري وارو سيارو گهاري چڪو هو. اهڙي ئي هڪ سياري جي موسم ۾ هن جي زال مري وئي هئي. هن جا ٽئي پٽ به هن کي سياري جي موسم ۾ ميونسپلٽي جي طبيلي ۾ ڇڏي روزي روٽي جي ڳولها ۾ پرڏيهه هليا ويا هئا ۽ ڪيترائي سال گذري چڪا هئا هن کي ڦٽوڙ طبيلي ۾ وساري چڪا هئا. پر هن کي ان ڳالهه جو صفا ڪو الڪو نه هو. گرم گرم ڇيڻن جي ڌپ واري هن طبيلي کان اڄ هو الاءِ ڪيترين حسرتون سانڍي جدا ٿي رهيو هو. هن جي ٻارن جي پياري سهڻي به طبيلي ۾ هن جي هٿن ۾ پيدا ٿي هئي. هن جا ڏاڏرا کُر هن طبيلي ۾ وڏا ٿيا هئا. هن کي “سهڻي” سان تمام گهڻو لڳاءُ هو، سهڻي صفا ماڻهن وانگر هئي. “بيهه رهه” چوڻ تي بيهه رهندي هئي، “واهه” چوڻ سان وري هلڻ لڳندي هئي. سهڻي جي ماءُ جو نالو ”نوري” هيو، نوري جي ماءُ “سهتي” هئي ۽ سهتي جي ماءُ “بيدان”. پر ڪابه سهڻي جهڙي نه هئي. “سهڻي” چويس ته بيهي، ڪنڌ ورائي ڏسندي هئي. جنهن رات هن جو پير سڄي ويو هو، ان رات هوءَ ڪئين فريادون ڪندي رهي، پنهنجي سرمئي اکين مان ڳوڙها ڳاڙيندي رهي. سهڻي صفا ماڻهن جهڙي هئي. هن جي دماغ تي هڪدم هڪ سوچ تري آئي. جيڪڏهن بولو واري (اناطوليه شهر هڪ ننڍو محلو) سهڻي کي ماريو ڪٽيو ته! هن جون ڀروون اڀيون ٿي ويون. هن سرڪاري ٽوپي مٿي تان لاهي ڦِٽي ڪري ڇڏي.“ماريندو هو پڪ سان ماريندو” هن پنهنجو پاڻ سان ڳالهايو. هن ڪاوڙ منجهان پاڙي طرف نهاريو. هن پاڙي وارا الاءِ ڇو سويل ڪونه ٿا اٿن؟ جيڪڏهن اهي جلد جاڳن ها ۽ انهن کي پتو پوي ها ته قالو کي ڪڍيو ويو آهي ته پاڻ ۾ صلاح ڪري ميونپلٽي جي ميئر وٽ وڃي چون ها “بولو واري کي ڪچري کڻڻ جو ڪهڙو پتو ڀلا؟ هن کي ته هٿ ۾ کرڙو به صحيح نموني ڪونه ٿو پڪرڻ اچي. قالو اسانجو 10 سال پراڻو ڪچري کڻڻ وارو آهي. سهڻي هن جي هٿن ۾ پيدا ٿيل آ. اسان هن کان علاوه ڪنهن کي ٻئي کي پنهنجو ڪچري کڻڻ وارو ٿيڻ نه ٿينداسين. ممڪن ئي ناهي... ڪنهن ٻئي کي بڻجڻ نه ڏينداسين. ڪچري وارو هوندو ته قالو هوندو نه ته ڪو ٻيو ڪچري وارو اسانکي ڪونه گهرجي. جيڪڏهن هو پنهنجي ڳالهه تي ڄمي بيهندا ته ميونسپلٽي جو ميئر صفائي جي معاملن واري ڪاموري کي گهرائي ڪري چوندو ته “قالو کي تون ڇو هٽايو آهي. قالو هن پاڙي جو ڏهه سال پراڻو ڪچري کڻڻ وارو آهي. سهڻي هن جي هٿن ۾ پيدا ٿيل آ. بولو واري کي ته کرڙو پڪڙڻ به ڪونه ٿو اچي، سو بولو واري کي هٽائي قالو کي رک، جلدي ڪر هاڻي جو هاڻي... !!” هن جي من ۾ هڪ اميد جنم ورتو، هن جي اکيون ٽمڪڻ لڳيون. هن جي گهنجن سان ڀريل منهن تي مرڪ وکري وئي. اهو سڀ ڪجهه ناممڪن به ڪونه هو. هو پاڙي جي سڀني گهرن جي چوکٽن، ڪنڊين، ڪچري جي دٻن، ايستائين جو ڪتن ۽ ٻلين کي به چڱي طرح سڃاڻيندو هو. ان صورت حال ۾ ڇا پاڙي وارا قالو جي بغير رهي سگهندا؟ هن پاڙي ۾ ته ايترا وڏا ماڻهون ٿا رهن جو ميونسپلٽي جو ميئر به انهن آڏو هٿ مهٽيندو رهجي ويندو. “ٿورو بيهه تون” هن پنهنجو پاڻ کي چيو. هو چوندا آهن نه گرمي آهي ته سرءُ به ته آهي نه. جيڪڏهن بولو واري جي پٺ مضبوط آهي ته منهنجي به آهي” سامهون ڪنڊ وٽ پاڙي جو ڀنگي نظر آيو، هو هڪ ڊگهي ڏنڊي واري ٻهاري سان پاڙي جي مٽي صاف ڪندي ڪندي گهٽي جي سرن تي ٻهاري ڏئي رهيو هو. قالو هن وٽ ويو ۽ چيو “ تنهنجو ڪم آسان ٿئي.” “مهرباني قالو چاچا! تنهنجو ڇَڪڙو ڪٿي آهي... ؟” ڀنگي وراڻيو. “انهن واپس وٺي ڇڏي” قالو ڪلها مٿي ڇڪيندي چيو. “واپس وٺي ڇڏي؟ ڪٿي ڪم مان ڪڍي ته ڪونه ڇڏيو... ؟ “ڪڍي ڇڏيو آهي” “پوءِ تنهنجي جاءِ تي ڪنهن کي رکيو آهي؟” “آهي هڪڙو، پر تون ٿورو بيهه” “ته پوءِ اها ڳالهه صحيح آهي، خالو اهو ٻڌايو پئي، پر مونکي يقين ڪونه آيو. ڏاڍو ڏک ٿيو. چاچا قالو ڏاڍو ڏک ٿيو!” “خالو توکي ٻڌايو هو” “خالو ئي ٻڌايو هو، ويچاري ڏاڍي ڏک منهجان پئي ٻڌايو. هو گهڻو غمگين هيو. تمام گهڻو” خالو پيارو ٻچڙو آهي، جوان ٻچڙو آهي” “پوءِ هاڻي ڪهڙو ڪم ڪندين” “مان ڪهڙو ڪم ڪندس؟ بيهه ٿورو، الله مالڪ” هن وري پاڙي تي نظر ڦيرائي ۽ چيو “هن پاڙي جا ماڻهو... ڇا تون ڄاڻين ٿو هن پاڙي کي؟ هن پاڙي جا ماڻهون بولو واري کي ڪنهن به صورت ۾ گند ڪچرو کڻڻ ڪونه ڏيندا. توبه ڪر! خبر اٿئي ڇو؟... هو ته اڃان گهوڙي جو کرڙو به صحيح طرح پڪڙڻ ڪونه ٿو ڄاڻي! ڇا پاڙي وارن کي اها خبر ناهي. هن پاڙي ۾ منهنجا ايترا حمايتي ماڻهو آهن جو... ” ايتري ۾ انهن جي ويجهو هڪ گهر جو دروازو کليو ۽ بند ٿي ويو. قالو چيو “اهو اسان جو وڪيل صاحب آ.” هن جي دل جي ڌڙڪ تيز ٿي وئي. هڪ اميد، هڪ مڪمل روشني جو ترورو. وڪيل صاحب وڏي مٺڙي زبان وارو کلڻو ملڻو ماڻهو اٿئي. عيد جي ڏڻ تي وڏي دل سان عيدي ڏيندو آ. هڪ عيد تي ته اهو سگريٽ به ڏنو هئائين جنهن جو هڪ پاسو سونهري هوندو آهي. “هي جيڪو وڪيل صاحب آهي نه، اهو ايترو قابل ماڻهو آهي جو پاڻ وارو ميونسپلٽي جو ميئر به هن سان ادب سان پيش ايندو آهي.” قالو چيو. ڀنگي: “ها اها ڳالهه آهي چاچا؟ اهي وڏا ماڻهون اهو سڀ ڪٿان سکندا آهن؟” قالو جون اکيون روشن ٿي ويون “ڪمانڊرن جي اسڪول مان” هن وراڻيو. هو فٽ پاٿ جي سامهون مٿانهين جاءِ تي وڃي بيٺو ۽ ادب مان مٿي تان ٽوپيون لاهي ڇڏيون. ڊگهو قد، ويڪري ڪلهن وارو وڪيل هڪ سخت صوف وانگر چمڪي رهيو هو. ڪچري واري قالو ۽ ڀنگي جي آڏو گذرندي هُن ڪنڌ لوڏي هنن کي سلام ڪيو پر ڪجهه پڇڻ جي زحمت نه ڪئي. قالو وائڙو ٿي وڪيل صاحب کي پويان ڏسندو رهيو. “هن جا بوٽ ڪئين کڙڪو ڪري رهيا هئا” ڀنگي چيو. قالو ڪو جواب نه ڏنو. ڀلا پاڙي ۾ رڳو هڪ وڪيل صاحب ٿوري آهي. انهي ئي گھڙي هڪ ٻئي گهر جو دروازو کليو. قالو ان گهر مان ٻاهر ايندڙ ڪپهه جي ٿلهي متاري واپاري جو اميد ڀريو انتظار ڪرڻ لڳو. وري ساڳي نموني هو ڦٽ پاٿ وٽ مٿانهين جڳهه تي وڃي ٽوپي لاهي بيٺو. هو به وڪيل وانگر انهي ٻنهي جي سامهون گذري ويو. ان به هنن سان ڪو حال احوال نه ڪيو، ايستائين جو هنن طرف ڏٺو به ڪونه. دروازا کلندا ۽ بند ٿيندا رهيا، شاگرد ۽ ڪمن ڪارين تي ويندڙ اتان گذرندا رهيا پر ڪنهن به هن طرف ڌيان نه ڌريو. “پنهنجو جيءُ نه جلاءِ. الله چاهيو ته سڀ ٺيڪ ٿي ويندو” ڀنگي قالو کي دلجاءِ ڏيندي چيو. جڏهن اهو چئي هو وڃڻ لڳو ته قالو جي اميدون ٻڏڻ لڳيون. پنهنجي اداس ۽ اٻاڻڪي نظرن سان پاڙي طرف نهاريندو رهيو، فٽ پاٿ تي ٻنهي هٿن سان مٿو جهلي ويهي رهيو. سج ڪافي چڙهي آيو هو. پاڙي جي اوڀاري پاسي جون دريون تپي ٽامون ٿيڻ لڳيون هيون. سوڙهيون گهٽين مان هڪ گهٽي مان هڪ ڪٻڙي پوڙهي نڪتي، ان جي هٿ ۾ هڪ وڏي ٽوڪري هئي. هوءَ پنهنجو پاڻ سان ڳالهائي رهي هئي ته ان جي نظر قالو تي وڃي پئي ۽ چيو “ها..، هي ڇا؟ هن جو ڇڪڙو ڪاڏي ويو؟” هوءَ هن جي ويجهو آئي ۽ پڇيو “تنهنجي ڇڪڙو ڪاٿي آهي؟ قالو منهن مٿي ڪري پوڙهي کي ڏٺو ۽ چوڻ لڳو“ڪو به نه امان، ڪو به نه، هاڻي مون وٽ ڪوبه ڇڪڙو ڪونهي.” “ڇو؟ ڇا ٿيو تنهنجي ڇڪڙي کي” هنن مون کان واپس وٺي ڇڏيو، هنن مونکي ڪم مان ڪڍي ڇڏيو” “ڇو ڪڍي ڇڏيو؟” “منهنجي جاءِ تي هنن صفائي جي ڪمن جي ڊائريڪٽر جي ڪنهن ويجهي ماڻهون کي رکي ڇڏيو آهي” هن پوڙهي طرف آخري اميد سان نهاريو. “ٺيڪ ٿو چوين! اها گھڻي طرفداري ناهي؟ ڇا انهن منهنجي سادات کي به ان جي ڪم تان هٽائي ان جي جاءِ تي ان ڳاڙهي چپن واري مائي کي ڪونه لڳايو هو؟ اهو ان لاءِ ڪونه ٿي چوان جو هو منهنجو پوٽو آهي، سادات جهڙو لائق ۽ شريف ٻچڙو ڪاٿي ٿو ملي هن دور۾؟ نه هو سگريٽ پئي ٿو، نه ڪنهن خراب جڳهن جي کيس ڄاڻ سڃاڻ. هو معصومڙو ته پنهنجي پگهار ۾ اضافي جي اميد ڪري رهيو هو ۽ مان چوندي هئس ته ان جي وڌيل پگهار مان ٻه ٻوريون ڪوئلي جون وٺي ڪنهن ڪنڊ ۾ رکي ڇڏيندس، ڇو ته لڳي ٿو هن سال ڪهر جو سيءُ پوڻ وارو آهي. ڇا توکي خبر آهي ڪهري سيءُ ڪئين هوندو آهي؟ جڏهن اهو پوندو آهي ته انسان جون رڙيون ڪڍرائي ڇڏيندو آهي.” هن جي اڳيان پلٿي هڻي ويٺل پوڙهي چيو. ڪئين نه ٿو ڄاڻان؟ منهنجي “سهڻي” اهڙي ئي سخت پاري واري سيءَ ۾ پيدا ٿي هئي. ان سال ته چون ٿا ٽيليفون جون تارون به ٽٽي پيون هيون. زمين به ڏرا ڏئي وئي هئي. پر طبيلو مڪمل طور گرم هو، ڇو ڀلا؟ انهي لاءِ جو مان بيلچي سان ڇيڻن کي هٽائيندو ڪونه هئس، مان چوندو هئس ان کي اتي رهڻ ڏيو. ان سان طبيلو گهڻو گرم رهندو. هڪ ڏينهن اڌ رات جو وقت هو ته ماءُ، اها منهنجي “سهڻي” آهي نه، ان جي ماءُ جي ڳالهه پيو ڪيان، “نوري” نالو هو ان جو. خدا جي حڪمت ڏس. اهي گهوڙا به حمل دوران عورتن وانگر چنگهن ٿا. ان رات ٻاهر گوڏن تائين برف پيل هئي، طوفان جو زور ايترو هو جو لڳي رهيو هو ته طبيلو به اڏاري کڻي ويندو. پر طبيلو اندران گهڻو گرم هو. آئون ماءُ کي ٻڌائڻ پئي چاهيو ته اهو جيڪو نظر اچي پيو اهو “سهڻي” جو مٿو آهي. پر تون ويچاري “نوري” کان پڇي ها ته خبر پوي ها ته ڪهڙي حال ۾ هئي! هن جي اکين مان نار وهي رهيا هئا. ڪئين ڏسي رهي هئي، پريشان پريشان، مايوس مايوس!” هن وري ٻنهي هٿن ۾ پنهنجو مٿو جهلي جهڪائي ڇڏيو. هو پنهنجي ويڪرن ڪپڙن ۾ صفا ننڍڙو نظر پئي آيو. “سهڻي صفا ماڻهن وانگر هئي” اهو چئي هن پنهنجو ڪنڌ لوڏيو “مان هن کي چوندو هئس بيهه ته بيهجي ويندي هئي، واه چوندو هئس ته هلي پوندي هئي، سهڻي صفا ماڻهن وانگر هئي، ڳالهه سمجهندي هئي. سهڻي چويس ته پوئتي نهاريندي هئي. سهڻي روئيندي به هئي، چنگهندي به هئي ۽ کلندي به هئي، بلڪل ماڻهن جهڙي هئي. واه منهنجي ٻچڙي واه!” هن کي اهو محسوس ئي نه ٿيو پوڙهي ته الاءِ ڪڏهن جي اُتان هلي وئي هئي. هو فٽ پاٿ جي مدد سان اٿي بيٺو، گهنجن سان ڀريل، ننڍڙو بيحال قالو آهستي آهستي پاڙي مان نڪري ويو.
حافظ محمد بخش خاصخيلي سنڌ جو انقلابي استاد غلام نبي بهراڻي انسان جڏهن ارتقا جا مرحلا طئه ڪري، شعور جي آخري سطح تي پهچندو آهي ته شاهه عنايت شهيد، لينن، ڪارل مارڪس ٿي پوندو آهي. هن شعوري سطح تي انسان ٻين لاءِ جيئڻ جي سگهه رکندڙ هجي ٿو. ”حافظ محمد بخش خاصخيلي وڏو صاحب“ جي سڃاڻپ رکندڙ تعليم کاتي ۾ Beat Officers جي حيثيت سان ڪم ڪندڙ، شاهه جي رسالي جو حافظ ۽ پارکو هو. منهنجي ٻاروتڻ واري دور ۾، جڏهن شعور ۽ عقل جي سطح تي مون کي نه ڇهيو هو. پهرئين کان پنجين ڪلاس تائين ”حافظ محمد بخش خاصخيلي“ کي مان ”وڏو صاحب“ جي حيثيت سان سڃاڻندو هوس. قد آور شخصيت، وار ڪلهن تائين، هڪ جادوئي Personality رکندڙ هو. ڳوٺ جي بزرگن کي تعليم جي واڌ ويجهه جون ترغيبون ڏيندڙ، هي رعبدار شخصيت، سڀني جي وچ ۾ الڳ ٿلڳ حيثيت رکندڙ هو. منهنجي هاءِ اسڪول نوان جتوئي ۾، مڊل تعليم دوران مان کيس شاعر جي حيثيت سان سڃاڻڻ لڳو هوس. قد آور قومپرست ھن شخصيت کي ون يونٽ تحريڪ دوران قومي شاعر جو مقام بخشي چڪا هئا. ون يونٽ خلاف سندس آواز قوم سان مليو ته اهو آواز هينئن اٿيو: نيڪ نظر تون ديدي ٿي مر، هوش محمد شيدي ٿي مر، تون نه لڪ، نه گيدي ٿي مر، ائين نه چنيسر، گيدي ٿي مر. سنڌ تان هڪڙو يونٽ لاهه، لا الله اِلا الله گهڻ رخي ۽ هن اڏول شخصيت وٽ، آدرش هئا. جن ذريعي هن ڌرتي ڌڻين تي ٿيندڙ ڪلور مٽائڻ ٿي گهريا، سماجي جاڳرتا هجي، قومي مسئلو هجي، معاشي استحصال هجي، هن ارڏي انسان مظلومن جو آواز ۽ پڪار بڻجي هر جدوجهد جي سرواڻي ڪئي، اها تحريڪ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي هاري حقن لاءِ هجي يا ڪا ٻئي. حافظ محمد بخش خاصخيلي هر جلسي جو شان ۽ عوام آواز بڻجي ٿو. عوام جي آواز کي دٻائيندڙن کي للڪاري ٿو ۽ عوام کي اتساهي ٿو. هن عوامي مسئلن ۽ اشوز کي به شاعري جي زينت بڻايو. ”حافظ کي وڏيرڪي سوچ ۽ ان جي هارين سان رويي تي به شڪايتون رهيون. چوي ٿو: هو ته پهتو آ انسان چنڊ تي، هتي ڪانهي ڪئي گار ڀوتار بند. حافظ سماجي مسئلن توڙي قومي مسئلن کي پنهنجي شاعريءَ ذريعي پيغام ۾ پوئي عام ماڻهن جي زبان بڻيو آهي. ”حافظ محمد بخش خاصخيلي، جنهن جو جنم نوان جتوئي ۾. مورو ۽ ڀرپاسي جي سياسي شعور جو سرواڻ ۽ ميٽنگس ۾ نظر اچي ٿو. اتي ”حافظ“ پاڻ زير عتاب آيل ڀي لڳي ٿو، اهو جاگيردارن جو عقاب هجي يا، مارشل لائي لٽيرن جو، جن ڌاڙيل ڪلچر کي عروج ٿي پهچايو جنهن لاءِ چوي ٿو: ماڻهو کي ٿو کائي ماڻهو، راهه تي ماريو جاڳڻ جاڙو. هنن ڦٽايو اوڙو پاڙو، ڌاڙيلن جي آڙ ۾ ڌاڙو. حافظ مارشل لا نظام خلاف، جمهوري جدوجهد کي گهڻو ويجهو رهيو هو. هو هر صنف جو ڄاڻو سگهڙ، اديب خاص طور لطيف جي پارکوءَ جي حيثيت ۾ سڃاڻپ رکندڙ هو، اهو سبب هو جو ”حافظ“ سنڌ اندر لطيف جو پارکو جي حيثيت ۾ اديبن آڏو خاص مقام رکندڙ هو. قومي تحريڪ ۽ ڪالا باغ ڊيم خلاف ٿيندڙ احتجاجن ۾ آڏو آڏو رهيو ۽ للڪار بڻيو. چوي ٿو: توسان هاڻي پاڻي ٿيندو، ڌار حقو ۽ پاڻي ٿيندو، پنهنجو الڳ پاڻي ٿيندو، پاڻي تي ئي پاڻي ٿيندو. حافظ ڳوٺن ۾ اوطاقن تي ڪچهرين جو مور هو، بزرگ به کيس احترام واري نظر سان ڏسندا هئا. هو عوامي آواز جو سگهارو ڪردار هو. هو مزاحمتي شاعري ڪندي دشمن لاءِ هميشه للڪار بڻيل هوندو هو. ”حافظ محمد بخش خاصخيلي جي زندگي ۾ جيڪي به اوڀاريون ۽ لهواريون آيون هن همت سان، جذبي سان انهن کي منهن ڏنو، ٻين لاءِ مشعل راهه بڻيو. جڏهن انسان پاڻ عمل راهه هجي ٿو ته ڪيڏا به طاقتور طوفان کيس جهڪائي نه ٿا سگهن. اهي ماڻهو جيڪي ٻين لاءِ جيئن ٿا هميشه امر بڻجي وڃن ٿا. اسان هميشه انسانن کي دفن ٿيندي ڏٺو آهي. همت ۽ جرئت جو مظاهرو ڪندڙ ڀل ڪنهن به قبرستان ۾ دفن ٿيندا هجن پر اسان جي دلين ۾ هميشه زندهه هوندا آهن. صوفي منش هي انسان دوست نظريو رکندڙ شخص حافظ محمد بخش خاصخيلي سڄي سنگت جو، عام ماڻهن جو ڀرجهلو هو. اڙانگي عشق ۾ ڦاٿل هي ارڏو انسان، سڄي سنڌ ۽ خاص طور هن علائقي جي ماڻهن کي باشعور بڻايو، ماڻهن کي شعور ڏنو، ان شعور جي لاٽ ڀڙڪو کائي باهه بڻجي چڪي آهي. اها باهه سماجي نابرابري جو خاتمو آڻيندي. حافظ محمد بخش ذاتي مفادن کي هميشه اجتماعي مفادن مٿان ترجيح ڏئي هميشه هميشه امر بڻجي ويو. حافظ محمد بخش خاصخيلي هڪ شخص جيڪو ڪچهريءَ جو مور هئو اي آر سولنگي زندگيءَ جا اڻونجاهه سال گذري ويا آهن پر مان انهن ڪي سال، ڪن اهم يادگيرين جي ڪري من ۾ محفوظ رهجي ويا آهن. جن مان هڪ سال اهو به آهي جنهن جي يادکي کڻي مان هي سٽون لکي رهيون آهيان. شايد اهو اوڻيهه سؤ اسيءَ جو يا ايڪاسيءَ جو سال هئو ۽ ان کي سنڌي ساهت سال ڪري سنڌ ۾ ملهايو پئي ويو. سڄي سنڌ ۾ ادبي ڪانفرنسون ۽ مشاعرا ٿي رهيا هئا. جنهن سلسلي ۾ نوان جتوئيءَ جي هاءِ اسڪول ۾ به هڪ ادبي ڪانفرنس ۽ مشاعري جو بندوبست ڪيو ويو هئو. حيدرآباد کان خان محمد پنهور مرحوم آيل هئو ۽ باقي اوسي پاسي جا شاعر ۽ اديب سڏيا ويا هئا. جن ۾ هڪ نوجوان/ٻارڙي شاعر طور مان به شريڪ ٿيو هوس. مون کي گمان آهي ته اهو منهنجو موري کان ٻاهر شعر پڙهڻ جو پهريون موقعو هجي، بهرحال انهيءَ موقعي تي سائين استاد بخاريءَ ۽ سائين راشد مورائيءَ کان پوءِ جنهن شاعر، ان دور جي ٻوليءَ ۾ مشاعرو لٽيو هئو ان شاعر/سگهڙ جو نالو حافظ محمد بخش خاصخيلي هئو، جيڪو منهنجي اکين پهريون ڀيرو ڏٺو هئو. سچ پچ هو پنهنجي جوڙ جڪ مان هڪ ڳوٺاڻو لڳو هئو. اهڙو ڳوٺاڻو جيڪو ڳوٺ ۾ چڱو مڙس ته ٿي سگهي ٿو پر شاعر نه! اڇي قميص شلوار، ڪارو سليپر پيرن ۾، وار ڪجهه ڊگها، بت جو ڀريل ۽ اجرڪ ڳچيءَ ۾، جيتوڻيڪ، مون کي ياد ٿو اچي ته اهي سياري جا ڏينهن بنهه نه هئا. پوءِ اڳتي هلي خبر پئي ته اجرڪ حافظ سائين اڪثر ٻارهو ئي ڪلهي تي رکندو هئو، اڳتي هلي سندس ڪنڌ ۾ اجرڪ جي جڳهه گيڙوءَ چادر والاري، “ اهي ڏينهن اهي شينهن” اڄ حافظ سائين تي لکندي، فقط پنهنجي يادن جي ورقن کي ئي آڏو رکڻو ٿو پوي، ڇاڪاڻ ته سندس ڪجهه به لکيل منهنجي آڏو نه آهي، شايد گهڻن لکڻ وارن جي آڏو نه هجي. شايد لکيت ۾ ڪجهه حافظ سائينءَ جي گهر ۾ به ڪجهه نه هجي، سبب اهو آهي ته حافظ سائين خود به لکڻ کان وڌيڪ اهميت پنهنجي حافظي کي ڏيندو هئو. پوءِ به ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي کيسي مان ڪي پاڻ ڪاغذ ڪڍي پڙهندي مون کيس ضرور ڏٺو پر اڪثر نثري لکڻيءَ طور، مون کيس پني تي ڏسي شعر پڙهندي شايد ڪڏهن نه ڏٺو هجي، ٻيءَ طرح هو پنهنجي مزاج ۾ اهڙو شاعر هئو، جيڪي شعر کي لکڻ يا پڙهڻ کان وڌيڪ اسٽيج تي ٻڌائڻ وڌيڪ پسند ڪندا آهن ۽ جڏهن اهي شعر اسٽيج تي پڙهندا آهن، ته هو پنهنجي شعر لکڻ واري مقصد/ڪارج کي پورو ٿيندي محسوس ڪندا آهن، سچ اهو به آهي ته سندن شعر پني تي پڙهڻ کان وڌيڪ سندن واتا ٻڌندي سٺو لڳندو هئو. گذريل دور سنڌ کي اهڙا ڪيترا ئي شاعر ڏنا، جن اسان جي قومي تحريڪ کي وڏو ٻل ڏنو ۽ اسان جي قومي تحريڪ جي جلسن کي جلا بخشي. خاص طور استاد بخاري، سائين راشد مورائي، سرويچ سجاولي، ابراهيم منشي، محمد خان مجيدي، سرڪش سنڌي ۽ ٻيا ڪيترا ئي نالا انهيءَ ۾ سلسلي ۾ ڳڻائي سگهجن ٿا ۽ پڪ سان سائين حافظ محمد بخش انهيءَ سلسلي جو شاعر هئو. اها ڳالهه الڳ آهي ته مٿين شاعرن تخليق واري پاسي به ڌيان ڏنو، جڏهن ته حافظ سائين ان کي هلڪو محسوس ڪندي، ان طرف ڌيان گهٽ ڏنو. اهو ئي سبب آهي جو هو لکت ۾ ڪو گهڻو شعر ڇڏي نه سگهيو. جنهن ڪري مٿس لکندي ڪنهن ڪميءَ جو، ڪجهه نه هجڻ جو احساس شدت سان محسوس ٿي رهيو آهي. حافظ سائين ڊگهو عرصو سنڌ لاءِ، ان جي مسئلن جي حل لاءِ، انهيءَ جي آزاديءَ ۽ خوشحاليءَ لاءِ هڪ سپاهيءَ جيان وڙهندو رهيو، ان لاءِ هن ڪنهن پارٽي ظابطي جي گهرج محسوس ڪا نه ڪئي، ڇاڪاڻ ته هن سنڌ کي عظيم سمجهيو ٿي ۽ جنهن به ان جي چڱائيءَ لاءِ آواز اٿاريو ٿي، ان آواز سان حافظ جو آواز شامل رهيو ٿي، نه رڳو شامل رهيو ٿي پر. پري پري تائين ٻڌڻ ۾ پڻ ايندو رهيو ٿي. سنڌ جي حوالي سان جنهن به سياسي پارٽيءَ سڏ ڏنو، ان تي حافظ جيءُ چيو ۽ پيرين اگهاڙو اتي پهتو، اها شاهدي سنڌ جي قومي سياست جا گذريل پنجاهه سال ڏيندا جن سالن جي سفري آڳنڌ تي هن جي پيرن جا چٽيل نشان وقت ڊاهي نه سگهيو آهي. حافظ محمد بخش خاصخيلي، بنيادي طور هڪ استاد هئو ۽ اهڙو استاد، جنهن کي سهي معنيٰ ۾ استاد ڪوٺي سگهجي، ۽ جنهن دور ۾ هو پرائمري استاد هئو، ان دور ۾ استاد هجڻ، هڪ معزز ترين شخص هجڻ جي برابر لکيو ويندو هئو. جيڪو اڄ ان جي بنهه ابتڙ سمجهيو ٿو وڃي، استاد کان سواءِ حافظ سائين هڪ رڄ چڱو مڙس هجڻ جون سڀ خوبيون به پاڻ ۾ رکندو هئو، مون کي خبر ناهي ته هو ڪلاسيقي راڳن جو ڪيترو ڄاڻو هئو، پر اها خبر اٿم ته هو راڳ (ڪلاسيڪل/نيم ڪلاسيڪل) جو عاشق ضرور هئو، ڇاڪاڻ ته جڏهن هو شاهه سائينءَ يا ڪنهن ٻئي شاعر جون سٽون جهونگاريندو هئو ته اهي، سُر ۾ هونديون هيون، خاص طور شاهه جي شاعري ته سندس روح ۾ رچي ويل هئي، جنهن کي اڪثر جهونگاريندو رهندو هئو. مان وري پنهنجي حافظي تي زور ڏيان ٿو ته جيئن اهي سٽون درست لکي سگهان جيڪي مون ڪيئي ڀيرا سندس واتان ٻڌيون هيون. شايد اهي سٽون هي آهن، جيڪي ڪنهن آڳاٽي شاعر جون آهن. پنهوارن کان پوءِ ڙي عمر، منهنجو داد ڌنارن ڪو نه ڪيو. جن کي جهونگاريندي ڪڏهن ڪڏهن هو ڳوڙها ڳاڙي وهندو هئو. ۽ اتي موجود سڀني جون به اکيون آليون ٿي وينديون هيون. ڳوٺاڻي ٻوليءَ ۾ ڪنهن به اهڙي شخص کي ڪچهريءَ جو مور ڪوٺبو آهي، جنهن جي ڳالهائڻ مان هڪ آسيس ايندي هجي ۽ جنهن کي ٻڌڻ لاءِ ڪيترو به وقت قربان ڪري سگهجي. پڪ سان مون سائين حافظ محمد بخش کي سدائين ائين محسوس ڪيو، توڻي جو هو پاڻ به ڪچهريءَ جو ڪوڏيو هئو. ۽ ڪنهن به ڪچهريءَ ۾ هن جي موجودگي، هن کي ڪچهري جو مور ثابت ڪندي هئي، اهڙا منهنجا اڻ ڳڻيا مشاهدا آهن، پر هڪ ڪچهري ته مون کان ڪڏهن نه وسرندي. محرابپور ۾ ڪنهن فنڪشن ۾ شرڪت لاءِ آئون ڪراچيءَ آيل هوس ۽ حافظ سائين پڻ موري کان آيل هئو. اسان جي رهائش هڪ ئي هنڌ هئي، حافظ سائين سوير ئي وڃي سمهي رهيو، اتفاق سان اسان جنهن وقت سهمڻ لاءِ آياسين اهو وقت سندس جاڳڻ جو هئو، اسان سهمڻ جي ڪئي ته هو جاڳيو، حق موجود چيائين ۽ شروع ڪيائين. پنهوارن کان پوءِ ڙي عمر! منهنجو داد ڌنارن ڪو نه ڪيو. اسان کي ننڊ ڪرڻ جي ڳڻتي ۽ حافظ سائينءَ کي ڪچهري ڪرڻ جو شوق، نيٺ ٿيو ائين ته اها سڄي رات فنڪشن ۾ گذري ۽ سڄو ڏينهن سائين حافظ سان ڪچهريءَ ۽ سفر ۾ گذري ويو. اهڙي شاهدي منهنجو دوست اسد سولنگي ڏيئي سگهي ٿو. جيڪو به گڏ هئو. ان ئي سفر ۾ مون هالاڻيءَ جي درٻار صاحب ڏٺي، جتي گروگرنٿ صاحب رکيل آهي. مون ۱۹۸۸ع ۾ مورو ڇڏيو ته حافظ سائينءَ سان ملڻ به گهٽيو، پوءِ به ڪڏهن ڪڏهن ملڻ ٿيندو هئو، پر سندس جدوجهد جو ڏس پتو ڪنهن طرح پوندو رهندو يا منهنجو دوست ادريس جتوئي ملندو هئو ته ٻڌائيندو هئو. پورهيت اڳواڻ ڪامريڊ ڄام ساقيءَ سکر کان لانگ مارچ شروع ڪيو ته حافظ ان سان ڪراچيءَ تائين پيرين پنڌ ڪيو، سندس پير پٿون تي پيا، پر هن وضعدار مڙس نه رڳو پاڻ ان لانگ مارچ کي ماڳ تي رسايو پر سڀني پانڌين جو سفر به پنهنجي ڪچهرين ۽ راڳن ساڻ آسان بڻايو. ائين سندس اوطاق پڻ سنڌ جي ثقافت جو هڪ اهڃاڻ بڻيل رهي. جتي نه رڳو ڪچهريون ۽ راڳ رهاڻ ٿيندي رهندي هئي پر قومي تحريڪ جا قافلا به اچي اتي ٿڪ ڀڃندا هئا ۽ قومي گڏجاڻيون ڪندا هئا. ڪيتريون ئي قومي ڪچهريون ۽ جلسا نوان جتوئي ۾ ٿيا جيڪي حافظ سائين جي شرڪت سان يادگار بڻيا ۽ منهنجي يادن جي ميراث طور مون وٽ سانڍيل آهن. ائين سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سندس ڪچهرين جون يادون وکريل آهن. ڇاڪاڻ ته لڳ ڀڳ هن سڄي سنڌ جو سفر ڪيو هئو. هو شاعر هئو، سگهڙ هئو، استاد هئو، سيلاني هئو، شاهه جو پارکو هئو، سنڌ جي ثقافتي ڳڻن جو ڄاڻو هئو، ٻوليءَ جو ماهر هئو، ڇا هئو، اهو هڪ ويهڪ ۾ طئه ڪرڻ نهايت ڏکيو آهي. پر اهو آسانيءَ سان هر شخص چئي سگهي ٿو ته هو اهڙو شخص هئو جنهن کي “ گههِ جو گهڙو “ واري استعاري طور ياد ڪري سگهجي ٿو. هو اهڙو ٻاجهارو شخص هئو، جنهن جي ڀاڪر ۾ اچي من چوندو هئو ته سندس اهو ٻاجهارو ڀاڪر ائين ئي مضبوط رهي ۽ زندگيءَ جي پڄاڻي اچي وڃي، شايد اهي شخص جيڪي کانئس اڳ هيءُ جهان ڇڏي ويا آهن، سندس ڀاڪرن جي گرمائش اتي به محسوس ڪندا هجن، ۽ جيڪي جيئرا آهن، اهي اهڙي پڪ ڏياري سگهن ٿا. گهٽ ۾ گهٽ هن جو مشهور نظم: پاڻيءَ تي ئي پاڻي ٿيندو، پنهنجو گڏ نه پاڻي ٿيندو. ۽ سندس ڀاڪرن جي ٻاجهائپ مون کان ته هن عمر ۾ ڪڏهن به نه وسرندي، اهڙو يقين منهنجو روح ۽ منهنجو اعتماد ڏين ٿا، مون کي پنهنجو پاڻ تي مڪمل اعتبار آهي ۽ جيڪي پنهنجو پاڻ تي اعتبار ڪندا آهن، اهي پنهنجي حافظي کي سدائين اعتبار جوڳو رکندا آهن، اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪجهه به لکڻ وقت اهي پنهنجي حافظي مان ڪهڙن واقعن ۽ حادثن کي پني تي آڻڻ چاهن ٿا ۽ ڪهڙن کي حافظي ۾ ئي رهڻ ڏين ٿا. اهو سندن نجي معاملو هوندو آهي، جنهن جو اختيار فقط کين وٽ هوندو آهي. ائين حافظ سائينءَ کي به پنهنجي حافظي تي اعتبار رهيو ۽ اهو سندس آخري گهڙيءَ تائين قائم رهيو، جنهن ڪري هن جي زندگيءَ ۾ ڪاغذ ايتري اهميت ماڻي نه سگهيو، جيتري اڄ اسان ان کي ڏئي رهيا آهيون، جيتوڻيڪ جديد دنيا ۾ رهندڙ نئون نسل ته اڄ ڪلهه ڪاغذ توڻي قلم کان بنهه پري وڃي رهيو آهي، هن جي آڏو ڪمپيوٽر جو ڪي بورڊ ۽ موبائيل فون جي اسڪرين آهي پر سندس الميو اهو آهي ته سندس ميراث ۾ حافظو شامل نه آهي، جيڪو ئي کيس سماج سان ۽ ان جي قدرن سان جوڙي رکڻ جو سبب بڻجي ٿو، اهو ئي سبب آهي، جنهن ڪري هو شايد پنهنجي قدرن سان جڙي نه سگهي. جن قدرن کان اسان پاڻ الڳ ٿيڻ نٿا چاهيون. ڇاڪاڻ ته اسان جا قدر ئي اسان جي سٺي يا نه سٺي هجڻ جو مثال ڏيئي سگهندا. جيڪي قدر اڄ تبديل ٿي رهيا آهن. حافظ محمد بخش خاصخيلي جن قدرن جو پاسدار هئو اسان انهن ۾ پنهنجو ننڍپڻ گذاريو، جنهن ڪري انهن قدرن کي سانڍڻ ۽ انهن سان پيار ڪرڻ اسان لاءِ ته لازمي آهي، پر اسان جو ايندڙ نسل انهن قدرن کي سنڀالي، وقت شايد انهن کي اهڙو موقعو نه ڏئي ۽ بس. حافظ محمد بخش خاصخيلي سنڌ جي نقشي جهڙو ماڻهو مظهرعلي خاصخيلي ۲۵ ڊسمبر تي ۲۰۰۲ ۾سنڌ ڌرتيءَ کان اهڙو محبوب ماڻهو جسماني طور تي جدا ٿي ويو هو جنهن جي صورت هميشه سنڌ جي نقشي وارو ڏيک ڏيندي هئي،ان شخصيت کي سڄي سنڌ حافظ محمد بخش خاصخيلي جي نالي سان ساري ٿي ۽ عقيدت مان ٻه ڳوڙها ڳاڙي کيس سلام پيش ڪري ٿي. اهو آمر ضياءُ جي مارشل لا وارو دور هو جڏهن سڄي سنڌ ۾سنڌي ماڻهن جي مٿان ظلم ۽ جبر جا پهاڙ ڪيرايا ويا هئا ان وقت سنڌ جي نانءُ جي شاعري ڪرڻ رڳو ڏوهه ئي نه سمجهو ويندو هو پر اهڙي شاعري ڪندڙ شاعرن کي تمام گهڻيون اذيتون ۽ تڪليفون ڏنيون وينديون هيون ان وقت سنڌ جي چيڪي مٽي مان ڳوهجي جنم وٺندڙ حافظ محمد بخش خاصخيلي جنهن جي ڪلهن ۾ سدائين سيارو هجي يا اونهارو اجرڪ پهريل هوندو هو سندس سفيد اڇا وار هن جي اهڙي نشاني هوندا هئا جيڪا کيس سنڌ جي جهرجهنگ واهڻ وستي ڳوٺن ۾ سڃاڻپ جو سبب بڻجندي هئي. حافظ محمد خاصخيلي جتي به ويندو هو اتي ننڍڙا معصوم ٻارڙا به کيس چاهه ۽ پيار مان مامون حافظ سڏي ٻکين پئجي ويندا هئا. ان جو سبب اهو هوندو هو ته حافظ محمد خاصخيلي هميشهه پيار، محبت جو درس ڏيندو هو ٻين کي به ان راهه تي هلڻ جون هدايتون ڪندو هو هي ته مرشد لطيف جي کاهوڙي سر جو اهو ڪردار هو جنهن کي لطيف سائينءَ پنهنجي بيتن ۾ بيان ڪيو آهي ته؛ کرڪڻا لاهي سک نه ستا ڪڏهين اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو. شاهه سائين جي هنن سٽن جي حافظ محمد بخش هميشهه پچار ڪئي سندس سفيد ۽ اڇا وار سدائين کير ٿر جي جبل جي چوٽين جو ڏيک ڏيندا هئا هن کي سنڌ ڌرتيءَ سان ايترو پيار ۽ محبت هوندي هئي جو جڏهن آمر جنرل ضياءُ الحق مارشل لا واري ٽائيم ۾ سنڌي ماڻهن مٿان ڏمريل هوندو هو ۽ سنڌ جو نالو وٺڻ به ڏوهه تصور ڪيو ويندو هو ان وقت جنرل آمر ضياءُ الحق ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ان وقت حافظ محمد بخش خاصخيلي ۱۴ بندن تي جيڪو نظم لکيو اهو سڄي سنڌ ۾ ڄڻ ته سنڌ جو ڪيس وڙهڻ لاءِ ترجمان ٿي اڀريو. توسان هاڻي پاڻي ٿيندو، ڌار حقو ۽ پاڻي ٿيندو، پاڻيءَ تي ئي پاڻي ٿيندو، پنهنجو گڏ نه پاڻي ٿيندو. هر سنڌ واسيءَ جي وات حافظ محمد بخش خاصخيلي جو هي نظم ٻڌڻ لاءِ ملندو هو. ان وقت حافظ محمد بخش خاصخيلي هر سياسي ميڙاڪي ڳوٺ، جهرجهنگ، گلي واهڻ، وستيءَ ۾ پيادل پنڌ ڪري ڪچهرين ۾ به پهچندو هو ته ماڻهن جا ميڙ ڪٺا ٿي ويندا هئا ۽ حافظ کي مجبور ڪري چوندا هئا ته اهو نظم ٻڌاءِ ۽ اڄ ڏينهن تائين حافظ محمد بخش خاصخيلي جو هي نظم ڪالاباغ ڊيم جي خلاف احتجاج دوران مزاحمت جو ڪرداربڻبو آيو آهي. هن لطيف سرڪار جي پيروڪار پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيترائي لاها چاڙها ۽ تڪليفون ڏٺيون هن جي عمر ان وقت ۱۴ سال هئي جنهن ڏينهن هو پنهنجي مينهن لاءِ ٻنيءَ مان گاهه ڪري رهيو هو، اهو شام جو پهر هو ۽ سخت گرمي هئي ان وقت هڪ واٽهڙو هن جي زندگي تبديل ڪري ڇڏي هن گاهه جي ڀري مس ڪئي هئي ته ڀرسان لنگهندڙ مسافر کانئس جروار ڳوٺ جيڪو نوان جتوئي جي ڀر ۾ آهي جي پڇا ڪئي جتي لونگ ڪوريجي جو مدرسو قائم ڪيل هو هن درويش صفت نينگر ڏاٽو اتي ڇڏي ان مسافر کي ان جروار ڳوٺ ڏانهن وٺي ويو جيڪو سڏ پنڌ جي فاصلي تي هو مگر انهيءَ سڏ پنڌ دوران ان مسافر هن نينگر کي اهڙيون ته پٽيون پڙهايون جو هن پڪو پهه ڪيو ته هو پڙهي وڏو عالم ضرور ٿيندو. اهو ۱۹۴۵ وارو سال هو. جڏهن هن مدرسي ۾ داخلا ورتي وڏي عمر هجڻ ڪري تعليمي آفيسر هن کي ٻيون ۽ ٽيون گڏجي امتحان ڏيڻ جي اجازت ڏني ۽ هن ان دوران ۱۱ سيپارهه قرآن جا به پڙهي پڄائي ورتا هئا ۽ وڏي محنت سان چوٿون ۽ پنجون پڙهي پاس ڪيو هو، مدرسي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ ڪري مٿس مذهبي رنگ چڙهيل هوندو هو اهو ئي سبب آهي ته هُن ۱۹۵۶ ۾ جماعت اسلامي جي ميمبرشپ ورتي ۽ لاڳيتو سرگرم رهيو پر سندس طبيعت ۾ سنڌ جو عشق سمايل هو هن مستاني نوجوان جماعت اسلامي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. جڏهن ايوب خان ون يونٽ مڙهيو ۽ جماعت اسلامي ان جي حمايت ڪئي. جنهن کان پوءِ صوفين جي سنگت ۾ اهڙو رنگجي ويو جو آخري وقت تائين سندس مٿان صوفياڻو رنگ طاري رهيو حافظ سنڌ ڌرتيءَ ۽ ان جي رهواسين جي عشق ۾ مڪمل گهيرجي ويو. هيءُ سنڌ سان عشق کي پنهنجو ايمان سمجهندو هو ان جي ڪري هيٺ ڏنل سٽن ۾ هينئن چيو اٿئين ته؛ نڌڻڪي قوم سان ناتو نڀائڻ ڪو وري ايندو مقدس ٿڃ ماتا جي ملهائڻ ڪو وري ايندو. هنن سٽن ۾ حافظ محمد بخش سنڌ ڌرتيءَ سان پنهنجي عشق جي ڳالهه بيان ڪئي آهي ۽ سندس اندر ۾ جيڪو وطن جي حب جو جذبو لڪل آهي اهو پڻ هنن سٽن ۾ ڏسي سگهجي ٿو؛ جڏهن تون نه هئين ۽ جڏهن مان نه هيڙس وڌي تون وڏو ٿئين، وڏو مان به ٿيڙس. جڏهن تنهنجو منهنجو نه بابا هيو ڪيو. نه نانو هيو ۽ نه ڏاڏو هيو ڪيو تڏهن سنڌ ڌرتي سدا شاد هئڙي. سکي سبز ۽ شاد آباد هئڙي. اڄ جڏهن وري ۲۵ ڊسمبر جو ڏينهن آيو آهي ته حافظ محمد بخش خاصخيلي جون يادون به تري آيون آهن ۽ کيس ياد ڪري سلام پيش ڪرڻ کان رهي نٿو سگهجي ڇو ته هن وقت سنڌ مٿان جن حالتن کي هٿ سان پيدا ڪرايو ويو آهي، انهن حالتن کي منهن ڏئڻ جي لاءِ به حافظ محمد بخش جهڙن کاهوڙي قرداررکندڙ شاعرن اديبن ۽ سياسي ليڊرن جي ضرورت آهي. (ڏيھاڙي عوامي آواز، ۲۵ ڊسمبر ۲۰۱۹ع ۾ ڇپيل)
سماجي نظرين کان ڏور، جديد آرٽ جو سفر مُجيب اُوٺي جون ڪھاڻيون ڪتاب ’بارش کان بارش تائين‘ تجزيو: خليق ٻگھيو لاڪ ڊائون جي ڏينھن ۾ مون، مجيب اُوٺي جو ڪَھاڻي-ڪتاب ”بارش کان بارش تائين“ پئي پڙھيو آھي. ھيءُ ڪتاب آڪٽوبر ۲۰۱۹ع ۾ ’ڪنول پبليڪيشن، قنبر‘ ڇپيو آھي. بنا مُھاڳن واري ھن ڪتاب جي ارپنا ’پروفيسر اروشيءَ‘ جي نالي ڪئي وئي آھي. بيڪ پيج تي پروفيسر اروشي، رحمت الله ماڃوٺيءَ ۽ منور سراج جا مختصر ترين رايا آھن. ڪارنر ورقن ۾ معشوق ڌاريجو ۽ شاھنواز خاصخيليءَ جا مختصر ترين رايا شامل ڪيا ويا آھن، ڪتاب ۾ ڪُل اُوڻويھ ”مختصر مختصر ڪھاڻيون“ آھن. اڪثر ڪھاڻيون پڙھڻ ۽ نتيجي اخذ ڪرڻ ۾ نھايت آسان آھن. ڪَھاڻين جي ٻولي نھايت سَھل/ سَڀاويڪ /عام فھم آھي. اُنھن ڪارڻن جي ڪري، پڙھندڙ ڪِٿي به بوريت جو شڪار نٿو ٿئي. پڙھندڙَ ڪِٿي به عدم دلچسپي جو شڪار نٿو ٿئي. ڪَھاڻين ۾ پيغام رسائيءَ جي برعڪس، فرد جي داخليت کي مابعد الطبيعاتي تصور ۾ تورڻ/ تڪڻ جو سعيو ساريو ويو آھي. سڀني ڪھاڻين ۾ فرد ئي آھي، سماج ڪونھي. مُجيب اُوٺي جون ڪھاڻيون حياتيءَ/ سماج جي objective معروضي حقيقتن کي ثانوي حيثيت ڏيندي، مُوضوعي Subjectivity جي بيانيي کي جَنمين ٿيون، ھِن قِسم جي بيانيي ۾، سماج جي اجتماعي واقعن جي برعڪس، مُوضوعي انفراديت، ۽ داخلي وارتائن کي، وڌيڪ افادي حيثت سان، پيش ڪيو ويندو آھي، ھن ڪتاب جون ڪھاڻيون پڻ، انفرادي ڀوڳنائن ۽ وُجودي نراسائيءَ جي وارتائن جي ڪُننَ ۾ ڦرندڙ ڪھاڻيون آھن، ڪھاڻين ۾ اِھڙن ڪردارن کي فوڪس ڪيو ويو آھي، جيڪي ڪردار، روان سماجي وھڪ کان ڪٽيل ڪردار چَئي سگھجن ٿا، مارڪسٽ ٿيوريءَ موجب، اِھڙا سماجي ڪردار، سماجي پيداوار ۽ اُپت کان ڇِنل ڪردار ٿين ٿا، جن کي ويڳاڻپ ۽ ’نظريه بيگانگيءَ‘ جا شڪار ٿيل ڪردارَ چَئبو آھي، مُجيب اُوٺي جون ڪَھاڻيون، وُجودي فلسفي جي باقاعدي پيروي نه ڪندي به، لاشعوري طرحَ وجودي فلسفي جي روشنيءَ جي عَڪسن ۾ ئي پَسي سگھجن ٿيون، ڪِٿي ڪِٿي/ ڪن ڪن ڪھاڻين جي ڪردارن ۾ شعور جي روءِ Streams of Consciousness آھي، ھِن قِسم جي ڪھاڻين کي، جديد/ جدت ڀريون ڪھاڻيون سَڏي سگھجي ٿو. ڪتاب جي نوَن ڪھاڻين جو ڪجھ مفصل سير حاصل تجزيو ڪريون ٿا: ۱. دل جي آڳنڌ تي لڙي آيل جدائي ھِن ڪھاڻيءَ جو عنوان ئي آرٽسٽڪ ۽ شاعراڻو آھي، سموري ڪھاڻي تجسس ڀري آھي، مرڪزي ڪردار ھڪ عورت جو آھي، جنھن جي شاديءَ جي پھرين سالگره آھي، ھوءَ شاديءَ جي پھرين سالگره تي ھوءَ پُوري شوق سان، سنبري ٿي، پنھنجي ڀريل بُت تي سرھائي محسوس ڪري ٿي، پُونيءَ ۾ ٻڌل وارا ڇوڙي ٿي، ڊگھن ڪارن وارن کي نئين سنئين ڦڻي ڏئي ٿي، سرد ھَوا ۾ مڙس جو انتظار ڪندي بي چين ٿي وڃي ٿي، ڪھاڻيءَ ۾ موجود جماليات، حِسي ادراڪ، خلقي ٿي، سندس مڙس جو ڪٿان پتو نٿو پوي ھُو گُم ٿي وڃي ٿو. گھر جو دروازو طلسماتي طور تي ٺڙڪي ٿو. ھوءَ پاڳلن جيان لُوھَ پائي ٿي ۽ در سان لڳي/ ٽَڪرائي ڪِري پوي ٿي. ڪھاڻيءَ جي ڪلائيمڪس ۾ ڏيکاريو وڃي ٿو ته جنھن در سان ٽَڪرائجي ٿي، سو پاڳل خاني جو ئي در ھُوندو آھي. ڪلائيمڪس کي ڪھاڻيڪارَ، آخري اڌ سٽ ۾ تخليقي ٿو، جيڪا ھڪ الڳ فني ڪرافٽمئنشپ آھي. ڪھاڻي پُراسرار لڳي ٿي، ڪھاڻيءَ جو ڪلائيمڪس پڙھندڙ جي نتيجي کان بدلجي، غير امڪاني ٿي پوڻ ئي، جديد ڪھاڻيءَ جو آرٽُ آھي، جديد ڪھاڻين ۾ ھونئن به پڙھندڙن کي به رياضيءَ جي حسابن جيان آخر ۾ ڪھاڻيءَ جي رٿا ۽ تسلسل وارو نتيجو نه ملندو آھي. ۲. سائي چادر جو ڏک ھِن ڪھاڻيءَ ۾ ھڪ ٻُھاريدار/ ڀَنگيءَ جو ڪردار، مرڪزي ڪردار آھي، جنھن جي زال کي ڇِتو ڪُتو کائي ٿو ۽ ھُن کي گھر ۾ ئي آئيسوليشن ۾ رکيو وڃي ٿو، گھر جا ڀاتي سندس بتالجڻ جو مُدو ٽي ڏينھن، اڍائي مھينا ۽ اڍائي سال ٻُڌائن ٿا. گھر جي ڀاتين پاران امڪاني طرح ڇِتي ڪُتي کاڌل فرد کي، پاڻيءَ جي بوڙين ۽ جھرڻن مان بتاليل ٻڌائن ٿا. ڪھاڻيءَ ۾ متاثر عورت کي پائخاني ۾ ننڍڙيون ڏيڏرين مثل ننڍڙا گُلر اچڻ واري ڳالھ پڻ ٿيل آھي. خبر ناھي ھنن ڳالھين جو ميڊيڪل سائنس سان ڪيترو ربط ھُجي! ڪھاڻيڪار ان قسم جا سوال پڙھندڙ جي اڳيان اُڀاريا آھن،َ آخر ۾ اُھا عورت مري وڃي ٿي ۽ گھر جا ڀاتي سندس مٿان، سائي پُسيل چادر وجھي ڇڏين ٿا. ڇتي ڪُتي جي انجيڪشن واري علاج واري ڳالھ، ڪھاڻيءَ ۾ ڪٿي به موجود ڪانھي. ھيءَ ڪھاڻي سسپينس رکي ٿي، ڏند-ڪٿائي تصورن جي ڀرسان گُذرندي، محسوس ٿئي ٿي، متاثر عورت پنھنجي مڙس سان بيحد محبت ڪندڙ عورت آھي، مڙس/ڀنگي پنھنجو انتقام ھر ڪُتي کان وٺي ٿو، جيڪو ڪُتو ڏِسي ٿو، سو مختلف طريقن سان ماري ڇڏي ٿو، ايتري قدر جو، جيئرن ڪُتن کي، گٽرن ڏئي پُوري ماري ڇڏي ٿو، ڀنگي سُوچي ٿو، ته سَرنھن جي گُلن جي خوشبوءِ واسجڻ سان، ڪُتا ڇِتا ڇو ٿا ٿين؟ مڙس/ڀنگيءَ جي ڪردار جي نفسياتي روڳ کي ڪھاڻيءَ ۾ فوڪس ھيٺ آندو ويو آھي. انتقامي نفسيات جي ڪيترن رُخن کي کوليندڙ ھيءَ ڪھاڻي ڀرپور ڪلائيمس رکي متاثر ڪري ٿي. ۳. پھرين انام ڪھاڻي ھن ڪھاڻيءَ ۾ ھڪ آرٽ گيلريءَ جي مُجسمي جا تجسيمي Personification روپ ۾ اظھاريل آھن، ھڪ آرٽ- گئلري آھي، جنھن ۾ ھڪ مُجسمي بابت ٻُڌايو وڃي ٿو ته ھِن جو سنگتراش گُم ٿي ويو آھي، سمنڊ مُنھن-ڪري ويو آھي/ مُجسمي ۾ پاڻ تحليل ٿي ويو آھي، ڪھاڻيڪار اُن جون مختلف رخن کان تصويرون ڪڍي، اُنھن مان اُن مجسمي جي تاثرات کي نمائشي ٿو، ھِن ڪھاڻيءَ ۾ ڪِٿي مجسمي کي پريشان، ڪِٿي درويش، ڪٿي نرواڻ جي تلاش ۾ ڀَٽڪيل ڪردار، ڪِٿي ٻار جنھن کي ڳل تي چماٽ لڳل ھُجي، ڪٿي ٻار جيڪو ماءُ لاءِ روئندو ھُجي،ڪٿي روڊ تي آورگي ڪندڙ نوجوان، ڪٿي پوڙھو جنھن جي ڏاڙھيءَ ۽ وار وڌيل ھُجن، ڪٿي شھر جي منافقيءَ ۽ اُداسيءَ جي شڪايت ڪندڙ، مختلف ڪرداري تاثرات، ڪھاڻيڪار عَڪسي ٿو، ڪلائيمڪس تحت سڀ ڪرداري عڪس، ڪھاڻيڪار کي پنھنجا ئي لڳن ٿا ۽ اينٽي-ڪلائيمڪس ۾ وري سڀ ڪجھ گُم ٿي وڃي ٿو؛ نه آرٽ گئلري، نه مُجسمو. ڇو ته ھڪ پوڙھو شخص کيس ٻُڌائي ٿو ته؛ ”ھتي ڪا آرٽ گئلري نه پر ھتي قبرستان آھي.“ ھِن ڪھاڻيءَ ۾ تصورن، خوابن ۽ ڌنڌلين حقيقتن جو سنگم ته آھي، پر ڪھاڻيءَ مان قاريءَ کي، ڪھاڻي-پَڻي جو ڪو مزاج ۽ سڀاءُ نٿو حاصل ٿئي، ڪھاڻيءَ ۾ علامت نگاريءَ کي استعمال ڪندي، زندگيءَ جي مختلف رخن کي، آرٽسٽڪ زاوين سان ڏيکارڻ جي ڪامياب ڪوشش ضرور ڪئي وئي آھي، پر ڪھاڻي، ظاھر ۾ ڪھاڻي نه تاثراتي ڊائريءَ جو ورق لڳي ٿي. ۴. خوابن جي دنيا مان خارج ٿيل ماڻھو ھن ڪھاڻيءَ ۾ خوابيده ڪائنات کي شاعراڻي اک سان پُرجھيو ويو آھي ۽ ڏند-ڪٿائي تصورن جي خاڪا-سازي ڪئي وئي آھي، ڪھاڻي پَڙھندي، مَحسوس ائينءَ محسوس ٿئي ٿو ته ڪھاڻيءَ جي ھيئت ۾ ڪيترا ئي نثري نظمن جا شاعراڻا اسٽروڪس پوشيده آھن نئرٽوز بلڪل شاعراڻي مزاج جي نمائندگي ڪن ٿا. جديد ڪھاڻيءَ ۾ ھونئن به مقرر فني لوازمات تي ڪھاڻي لکڻ ضروري ناھي. ڇو ته جڏھن ڪھاڻي، ڪھاڻيڪار تي غالب پوندي آھي ته ڪھاڻيڪار وٽان ڪھاڻيءَ جي فني رٿا غائب ٿي ويندي آھي، جنھن ڪھاڻيءَ ۾ ڪلائيمڪس زوردار نٿو ٿئي يا جن ڪھاڻيءَ ۾ ڪلائيمڪس ناھي ھُوندو، اُن قِسم جي ڪھاڻيءَ مان اُھا نظريا سازي ڦُٽندي آھي ته حياتيءَ جي ھلندڙ سفر تي يقين رکجي ۽ حالتن کان زوريءَ نتيجا وٺڻ جي ڪوشش غير فطري آھي، ڇوته حياتي خود ڪلائيمڪس-ليس ھُوندي آھي، فطري طرحَ حياتي ڪِٿي به مقرر فيصلن جي محتاج ناھي ھوندي، جتان ڪھاڻي شروع ڪبي آھي، اُتي ان کان اڳ ڪيتريون ئي ڪھاڻيون ھُونديون آھن، جتي ڪھاڻي ختم ٿيندي آھي، دراصل اُتان ڪھاڻي نئون موڙ وٺندي آھي، جديد ڪھاڻين جي آرٽُ پڻ ڪلائيمڪس- ليس ٿئي ٿو، جديد آرٽ ھيءُ آھي ته ڪھاڻي پڇاڙڪن سٽن ۾ پڙھندڙن کان ڄڻ ڌڪ پٽي وٺندي آھي، جديد ڪھاڻين ۾ ڪلائيمڪس سڀ ڪجھ ناھي ھُوندو، پر ڪلائيمڪس کان پوءِ ڪٿي ڪٿي اينٽي ڪلائيمڪس ھُوندو آھي. ھِن ڪھاڻيءَ ۾ عنوان ٺھڪندڙ ڪونھي، پر ھن ڪھاڻيءَ ۾ ڪلائيمڪس ضرور آھي، ڪھاڻي ھڪ ڇوڪري جي ڪردار جي چوڌاري ڦري ٿي، جيڪو ننڍي ھُوندي کان خوابن جو مُتلاشي ھُوندو آھي، خوابن کي گُڏين جھڙو تصور ڪندو آھي، پکين جا اڪثر خواب ڏسندو آھي، پکين جي نرسنگ ڪندو آھي، پکين جي موت تي روئندو آھي ۽ خوش ٿيندو آھي، پھريون خواب جھرڪين جو ڏسندو آھي، آخر ۾ خواب ئي سندس اکين کي ساڙيندا آھن ۽ اُن عمل کي ڪھاڻيڪار ڪلائيمڪس بڻائي ان کي “خوابن مان خارج ٿيل ماڻھو“ سَڏيو آھي، ڪھاڻيءَ جو ڪردار فطرت ۽ نفسيات جي وچ تي بُولاٽيندو کائيندو رھي ٿو، ۽ ڪھاڻيءَ جي آخر ۾ پُراسراريت ھيءَ آھي، نيٺ خواب ڏسندڙ اکيون سڙڻ لڳن ٿيون. ۵. رھجي ويل ملاقات جو لمحو ھيءَ ھڪ رُومانوي ڪھاڻي آھي، جنھن ۾ ڪنھن شخص جي پريمڪا، کانئس وِڇڙي مري وڃي ٿي، پر ھُو خواب ۾ کيس ساڳيو جوان ۽ تازو ڏسي ڇِرڪي پوي ٿو، ھُن کي يقين نٿو ٿئي ته ھوءَ مرڻ کان پوءِ به، اچڻ سان ساڳي قسم خوشبوءِ پکيڙي سگھي ٿي، مري ويل پريمڪا جون يادون ساري ٿو، ھُن کي ائينءَ ٿو لڳي ڄڻ ھُوءَ کيس وٺڻ آئي ھُجي نيٺ ھُو سندس قبر تي ساڻس ملڻ وڃي ٿو، ھن ڪھاڻيءَ ۾ ڪھاڻي-پڻو ڪونھي. پر رنگين تخيل پرستي آھي. سموري ڪھاڻي داخلي احساسن جي ڊائريءَ جي ورقن جيان لڳي ٿي. ڪھاڻيءَ ۾ پيش ڪيل خيالَ مابعد الطبيعاتي وھمن مان نچوڙجي، قاريءَ جي تجسس کي وڌائين ٿا. مُنھنجي خيال ۾ ھيءَ ڪھاڻي، لاشعوري طرحَ پريمڪا جي مري وڃڻ کان پوءِ به، محبت جي وجود تي ايمان آڻڻ جي مابعد الطبيعاتي فلسفي تي زور ڏئي ٿي ۽ اڻَ-سِڌيءَ طرح، محبت جي مادي تصورن کي ردُ ڏئي ٿي. ڪھاڻيءَ ۾ جيئري انسان کي مُئل پريمڪا جو انتظار ڪندي ڏيکاريو ويو آھي. سموري ڪھاڻي ممڪنات ۽ ناممڪنات جي تصورن تي بيٺل آھي. ۶. سيني جي سرحد مان نڪري ويل ڇوڪري ھن ڪھاڻيءَ ۾ ھڪ ڇوڪري، جيڪا يونيورسٽيءَ ۾ فرسٽ ييئر ۾ آھي، پنھنجي جيون -ساٿيءَ چُونڊڻَ لاءِ ھڪ مرد جي چونڊ ڪري ٿي، ھوءَ بي خبريءَ ۾ خواھشن جي گھوڙي تي سوار ٿئي ٿي، ھُن کي شديد خواھش ٿئي ٿي ته ھوءَ پنھنجي پريم کي حاصل ڪري وٺي، اُھو پريم ڪندڙ، جنھن سان صرف ھڪ ڀيرو ملاقات ٿي ھيس، جنھن ملاقات ۾ کيس ٻه ڀاڪر ۽ ٻه چُميون ئي نصيب ٿي سگھيون ھُيون. سندس ماءُ کيس چَئي ٿي ته؛ ”جنھن مرد جي سيني تي گھاٽا وار ٿيندا آھن، سي بيوفا ٿيندا آھن“ پوءِ اتفاق اِھڙو ٿئي ٿو ته جو ماءُ جي اُھا چَوڻي ئي ھُن ڇوڪريءَ جي، عملي زندگيءَ ۾ سچ ثابت ٿيندي آھي، ڇوته ھُن ڇوڪريءَ سان ھڪ اِھڙو مرد ئي بيوفائي ڪري ٿو، جنھن جي سيني تي گھاٽا وار ھُوندا آھن، ھيءَ ڪھاڻي سائنس ۽ سماجي نظرين جي برعڪس، پُراڻي مفروضياتي قِسم جي ساڳي چَوڻيءَ تي مشتمل آھي ته؛ ”سيني تي گھاٽن وارن وارا مرد بيوفا ٿين ٿا“، ڪھاڻيءَ ۾ عورت جي نسواني نفسيات ۽ رومانس ۾ اندر جي آنڌ مانڌ کي، سگھاري آرٽسڪ نموني پيش ڪيو ويو آھي، ھيءَ ڪھاڻي عنوان سان ٺھڪندڙ، ڪلائيمڪس ڏيندڙ ڪھاڻي آھي. ۷. اڪيلائيءَ جو آخري ڇرڪ ھيءَ ڪھاڻي بنا ڪلائيمڪس جي، ھڪ اداس ملول، حساس، اڪيلي ۽ محروم شخص جو پورٽريٽ آھي، ھڪ اِھڙو شخص، جيڪو ماڻھن جي روين کان خوفزده ھجي، جنھن کي پنھنجي پيءُ ڪڏھن نه ٻُڌو پر نظر انداز ڪيو، جنھن ڪري وڏو ٿيڻ کان پوءِ به نفسياتي محروميءَ جو شڪار رھي ٿو، سندس گھر واري پڻ وفات ڪري وڃي ٿي، پر ھُو ٻي شادي به نٿو ڪري ۽ محبوبه جي ساروڻين ۾ مصروف رھي ٿو، ھي ڪردار ھڪ اھڙي شخص جي جيون-خاڪسازيءَ تي مشتمل آھي، جنھن جي نراس جيوت ئي، ھن ڪھاڻيءَ جي آٿم-ڪٿائي نئريٽوز جو سبب بڻيو آھي. ڪھاڻيءَ ۾ کوڙ خوبصورت جملا حوالن ڏيڻ جھڙا آھن. ڪھاڻيءَ جو ڪردار، رشتن کان ٽُٽل ڪردار آھي، ويڳاڻو ۽ مايوس ڪردار آھي، ڪھاڻيءَ ۾ ڪردار جي مختلف ڪيفيتن جي قِسمن کي دريافت ڪيو ويو آھي، ڪھاڻيڪار، ڪھاڻيءَ جي ڪردار جي اندر جي ڪائنات کي چڱي طرح ڇنڊيو ڇاڻيو آھي. ۸. ڪھاڻين جو ديوتا ھن ڪھاڻيءَ ۾ مختلف ڪھاڻين کي تجسيمي روپ سروپ ۾ پسڻ جو سعيو ساريل آھي، ھن ڪھاڻيءَ کي علامت نگاري پڻ چَئي سگھجي ٿو ۽ ڪِٿي ڪِٿي سررئيلسٽڪ ۽ فينٽسي اندازن جي گاڏڙ-ساڏڙ تاثر پڻ ملن ٿا، ھن ڪھاڻيءَ ۾ ھڪ ڪھاڻيڪار کي ڪھاڻين جو ديوتا سڏيو وڃي ٿو، جيڪو خانه بدوش آھي، صرف ڪھاڻين جا قافلا ئي کيس ڳُولي لھن ٿا، ڇوته ھُو ڪھاڻين کي امرتا بخشي ٿو، ھُو خود پاڻَ به ڪڏھن ڪھاڻيءَ ۾ تحليل ٿي وڃي ٿو، ھُو ڪھاڻين سان ئي جاڳي ۽ سُمھي ٿو، ڪِن ڪھاڻين کي ھُو ڇِتِ تي لٽڪائي ڇڏي ٿو، ڪھاڻيون ھُن اڳيان دانھين ٿيون ته کين وڪڻيو وڃي ٿو، مختلف ڪھاڻيون کيس ساڻن ٿيل زيادتيءَ کان آگاھ ڪن ٿيون، نيٺ آخر ھُو پاڻ پيٽ لاءِ لکيل ڪھاڻين جي موت کي ڏسي، پيٽ کان ھيٺ جي ڪھاڻي لکڻ چاھي ٿو، پر پَنن وٺڻ لاءِ نڪرندي، ھُو ھميشه لاءِ گُم ٿي وڃي ٿو يا مري وڃي ٿو. پر ھيءَ ڪھاڻي عُنوان سان اڻَ-ٺھڪندڙ ڪھاڻي آھي مذڪوره ڪردار، ڪھاڻين جو ديوتا ڪيئن ٿيو؟ ڪھاڻيءَ جي آخر ۾ ڪردار کي خوامخواه ماريو ويو آھي، جيڪا آرٽسٽڪ ڪمزوري آھي، ڇو ته ڪردار کي مارڻ جي باوجود، ڪھاڻي امڪاني تاثرات ڇڏڻ کان، محروم رھجي وئي آھي، ھن ڪھاڻيءَ ۾ ڪھاڻيڪار صرف سوچ کي پروفائيل ڪري سگھيو آھي، ۽ ڪھاڻيڪارُ ڪردار تي، ڪِٿي به پڄاڻيءَ لاءِ ڪردار تي غالب پئجي ڪونه سگھيو آھي مرڪزي ڪردار سندس گرفت کان آخر ٻاھر نڪري ويو آھي ۹. بارش کان بارش تائين ھيءَ ھِن ڪتاب جي ٽائيٽل- ڪھاڻي آھي، ھِن ڪھاڻيءَ ۾ ھڪ شخص جي زال، پنھنجي مڙس سان بي انتھا پيار ڪرڻ چاھي ٿي، پر سندس مڙس کيس نظر انداز ڪندي، ھڪ اھڙيءَ پاڙيسري عورت جي عشق ۾ انڌو ٿي ويٺو آھي، جيڪا عورت شَھر ڇڏي ھَلي وئي آھي. ڪلائيمڪس اُھو آھي، جو مڙس آخر ۾ پنھنجو اُھو راز پاڻ ئي پنھنجي زال کي ٻُڌائي ٿو ته؛ ’آئون پاڙي واري عورت سان محبت ڪندي، خالي ٿي ويو آھيان. مان ھاڻي تو سان محبت نٿو ڪيان.‘ ھيءُ ڪلائميڪس جي لحاظ کان خود سنڌي سماج جي ڪلچرل ماحول ۾ غير منطقي ۽ غير عقلي ۽ مصنوعي لڳي ٿو. ڇو ته ان قَسم جي راز ٻُڌائڻ جي حماقت، اسان جي سماجڪ ماحول/ ازدواجي زندگيءَ ۾، نه عورت ڪري ٿي ۽ نه ئي مرد ڪري سگھي ٿو. پر جيئنءَ ته ڪھاڻيءَ جو ڪو مخصوص وطن ناھي ھُوندو، ڇوته ڪھاڻيءَ جو زمان مڪان ڳولڻ ئي ان کي محدود بڻائڻ جي مترادف آھي جنھن ڪر ڪھاڻي، ڪنھن به سماج ۾ لاڳو ٿي سگھندي آھي. پوءِ به ڪھاڻي پڄاڻيءَ وقت، پنھنجو تاثر، ڀرپور ڏئي ڪو نه سگھي آھي. ڪھاڻيءَ جو ڪھاڻي-پڻو به ڪمزور آھي، ھن ڪھاڻيءَ ۾ اجائي ڊيگھ به ڪيل نظر اچي ٿي، ھيءَ ٽائيٽل-ڪھاڻي ايتري اھميت جوڳي ڪانھي، پر اُن کي، ٽائيٽل-ڪھاڻيءَ ڪري، زوريءَ اھم بڻايو ويو آھي. جيڪي ڪھاڻيون مون کي غير اھم ۽ گھٽ متاثر ڪندڙ لڳن ٿيون، سي ھي آھن؛ ”احساس جون لھرون“ ڪھاڻي، ٿوري جادوئي حقيقت نگاريءَ نما به آھي، ته وري اُن ۾ سگمنڊ فرائيڊ جي نفسياتي ڇيد جھڙو لقاءُ پڻ مڪس ڪيو ويو آھي. مڪسنگ تجربي جي ڪري ڪھاڻيءَ جو پيغام منتقليءَ جي فن کان محروم ٿي ويو آھي، ڪھاڻي ”سيئي سڪان ساريان“ پڻ ھڪ عجيب ۽ مُنجھيل ڪھاڻي آھي. جنھن ۾ ھڪ عورت ھڪ ئي وقت مڙس ۽ ھڪ ٻئي شخص سان بي انتھا پيارَ ڪري ٿي. ڪھاڻي ”زندگيءَ جي ايش ٽري ۾ سڙيل ساھ“ جو ڪو خاص مقصد نٿو نڪري. ھيءَ ڪھاڻي صرف ھڪ سڙيل انتظار واريءَ دل جي، ھُڏ ٻُڏُ، چنتائون اوسيئڙا ۽ خود ڪلامي سانڍي ويٺي آھي. ھن ڪھاڻيءَ ۾ ڪھاڻيءَ واري فضا موجود ڪانھي، جنھن ڪري ڪھاڻي ھڪ ڪردار سازيءَ جي عمل کان اڳتي ارتقائي سفر ڪونه ڪري سگھي آھي. ڪھاڻي ”ٺري ويل چانھ جو ڪوپ“، ٻن پريمڪارن جي جواني گُذري وڃڻ جي پڇتاءَ جي صرف نمائندگي ڪري ٿي، ڪھاڻيءَ جون صرف آخري سٽون متاثر ڪندڙ آھن، ڪھاڻي ”خوف جي خوشبوءِ“ ۾ موت جي خوف کي عڪسڻ جي ڪوشش ٿيل آھي. موت جو خوف، آخر مذڪوره ڪردار کي پاڳل ڪري وجھي ٿو ۽ ھُو روڊن تي ڊوڙندو چوندو وتي ٿو ته؛ ”مان مري ويندسانوَ!“ ڪردار جي علاج بابت ڪا به ڄاڻ نٿي پوي. ڪھاڻي ”ھِن دل جي خانه بدوشي“ تي ڪِن ڌرمي عقيدن جو اثر آھي. پر ڪھاڻي ڌرمي عقيدت پرستيءَ ۽ وھمن ۾ ڦاسجي رھجي رھجي وئي آھي، ھڪ شخص کي پنھنجي پريمڪا نانگڻ جي روپ ۾ پنھنجو وجود پَسائي ٿي، نانگن جو انسان ٿيڻ ۽ انسان مان نانگ ٿيڻ بابت ھِن قسم جا ڪيتريون ئي فلمون ۽ ڊراما پاڙيسري ملڪ جا ڪيبل تي اڳ به ڏسندا آھيون. باقي بچيل ڪھاڻيون، ڪتاب جي ڀراءَ جون ڪھاڻيون آھن، سُڪي ويل گل جي خوشبوءِ، ڪھاڻيءَ جي ڪناري تي بيٺل ڇوڪري، ننڍپڻ ۾ مري ويل شخص، وائلن جي ٽُٽل تار جھڙي ڇوڪري. ڪھاڻين ۾ ڪي مڪالما نھايت تخليقي، آرٽسٽڪ زاويا دريافت ڪندڙ، من جي ڪائنات کي ڇُھندڙ، سگھارا ۽ خوبصورت آھن، جن جو تعلق جتي سماجي زندگيءَ جي ڪردارن سان جسم ۽ روح جيان آھي، اُتي اُھي مڪالما ڊي ڪوڊنگ ڪندي، جيڪڏھن ڀڃ- گھڙ تنقيد Deconstruction جي تحت ڏسجن ته اُنھن مان مختلف معنويت جا تَھَ کُولي سگھجن ٿا، اِھڙن جملن جي نشاندھي ڪجي ٿي : ”جڏھن ماءُ مري ويندي آھي ته پوءِ ماڻھو محبوبه جي سھاري جيئڻ لڳندو آھي.“ ”زندگيءَ جي اُنھن سوالن ۾ مون کي محسوس ٿيو ته: خواب، پکين جيئن آھن.“ ”ھن کي ھاڻ اُھا پڪ ٿي وئي ته؛ خواب، موت جھڙو آھي.“ ”ھيءُ به ڪيڏو وڏو حادثو آھي، جو ماڻھو خوابن جي لاشن کي پنھنجي اندر دفنائي خود ھڪ زنده قبر ۾ بدلجي ويندو آھي.“ ”جڏھن مرد جو روح رڙيون ڪندو آھي ته اھا عورت جيڪا ساڻس محبت ڪندي آھي اھا ئي اھي خاموش رڙيون ٻڌي سگھندي آھي.“ “اداس دليون خانه بدوش ھونديون آھن “ ”هن کي ٻاروتڻ ۾ ٻُڌو نه ويندو آھي،اُھي وڏا ٿي خاموش ٿي ويندا آھن.“ ”ڇا ڀلا نانگڻ جي فنا به ٿيندي آھي؟“ ”شاديءَ کان پوءِ عورت جي انا مري ويندي آھي ۽ نانگڻ جي انا پوءِ به زنده رھندي آھي.“ ”پيٽ ڀرڻ ۽ پيٽ کان ھيٺ جي ڪھاڻي ھڪ ٻئي سان جڙيل آھن.“ ”ٻين ڪاڻ اداس رھندڙ شخص جي ذات ئي مڪمل ھُوندي آھي.“ ”ھُو ھميشه ھڪ پُراڻي خوشبوءِ جو متلاشي ھو.“ مجيب اُوٺي جون ڪھاڻين تي ڪنھن به سياسي سماجي نظرئي جو رنگ چڙھيل ڪونھي، پر سندس ڪھاڻيون، زندگيءَ جي اصلي سچائين کي عڪسين ٿيون، يا ائينءَ چَئجي ته سندس ڪھاڻيون، نراس رُوحن جا آٿم- ڪَٿائي بيانيه آھن، مجيب جون ڪھاڻيون رومانس کان محروم ڪردارن جون ڪھاڻيون آھن، جيڪي حياتيءَ ۽ ڪائنات جي ڪشش کان معذور آھن، جن وٽ رڳو ويراڳ آھي، سنجوڳ ڪونھي، جنھن ڪري اُھي ڪردار اھڙا ذھني مريض پڻ آھن، جن کي جديد سائنسي دور ۾ نفسياتي علاج کان محروم رکيو ويو آھي، ڪھاڻين ۾ سندس علاج جو ڪو نشان ئي ڪونھي، اُھي ڪردار جيڪي زماناسازيءَ جي ڪري، زنده لاش بڻيل آھن، ٻئي تناظر ۾ ھُو خوابن جو ڪھاڻيڪار آھي، خوابن جي رستي ھُو فرد جي لاشعور جي پردن کي کولڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿو، ڪٿي عڪيسل ڪردار، ڪيفياتي سطح تي يڪسانيت جو شڪار آھن، ڪردارن جا نالا گم آھن، سموري ڪتاب ۾ ڪردارن جا فرضي نالا به ٻه ٽي مشڪل سان ملن ٿا، ھُو ڪردارن کي ڄڻ نثري نظمن ۾ سمجھائي ٿو،انھن جي ڪيفيتن کي، نظمي سٽن ۾ اُوتي ٿو،ھُو ڄڻ ته ڪھاڻيون نٿو لکي، پر صرف ڪردار سازي ڪري ٿو، ھُو ڪردارن جي نفسياتي لاڙن کي رونما ڪندڙ ڪھاڻيڪار آھي، سندس فڪشن ۾ آرٽ زبردست آھي، پر مايوس ادب به جھاتيون پائي ٿو، اھڙو ”مايوس ادب“ سماج کي اجتماعي سطح تي، فائدو نٿو پُھچائي، پر فرد سان مخاطب آھي، اداس مايوس ادب سماج ۾ سُست ۽ غير متحرڪ ڪردارن کي خلقي ٿو، پر جديد ڪھاڻيڪارَ ان جي پرواھ نٿا ڪن، مُجيب اُوٺي جي ڪھاڻين جا ڪردار پڻ، غير متوازن، غير توانا، غير مُتحرڪ ۽ غير انقلابي آھن، پر اُھي ڪردار پنھنجي ئي وُجود جي غمن ۾ ٻُڏي ويندڙ ڪردار آھن، ٻئي پاسي جديد ڪھاڻيءَ جي آرٽ جي لحاظ کان، اُھي ڪردار پنھنجي من ۾ جھاتي پائيندڙ ڪردار آھن، رُومانس کان ڇنل ڪردار، محبتن کان محروم ڪردار،خوشين کان لاوارث ڪردار، حسرتن ۾ غوطا کائيندڙ ڪردار، جيڪي مليل ڀاڳ کي ورثو سمجھن ٿا ۽ تدبير جي سماجي سائنس کان لاتعلق آھن ۽ حالتن کي تبديل ڪرڻ جي برعڪس، حالتن جي پُٺيان رُوحاني سفر ڪن ٿا. ڀاڳن کي موٽائڻ لاءِ جُستجو نٿا سارين. ليکڪ/ ڪھاڻيڪار جو اُن ۾ ڏُوھ ناھي. خود سماج ۾ اھڙا اڳواٽ ڪردار موجود آھن. مُنھنجي خيال ۾ اِھڙي قِسم جي ادب ۾ ڪِٿي نه ڪِٿي، ماڻھو پنھنجي جذبن جي ڪٿارسس جو ڦل ڳولي ٿو،مُجيب اوٺي جي ڪھاڻين کي پڻ ساڳي محسوسات سان پَسي سگھجي ٿو، سندس ڪَھاڻين ۾ محرومين جا رُومانس آھن، بي دين غمن جي اوڊيڙ آھي، حياتيءَ جي ”وڃايل جوھر“ جي نمائش آھي. ھِنن ڪھاڻين جي اُونھاين ۾ وڃڻ سان انسان جي دُکي درد، رنج غم، مفاد پرستيءَ، خود غرضيءَ بيوفائيءَ جي ڪَٿَ ڪري، سماج جي بُنيادي محرڪن ۽ ڪارجن کي نئين سر پرکي سگھون ٿا. ڪتابَ جيئرا وجود ٿين ٿا، پوءِ ڪي ماڻھو، اُنھن ڪتابن سان جيئري ئي بيوفائي ڪن ٿا، ڪي ماڻھو ڪتابن سان ئي سموري حياتي نڪاح وجھي ويھي رھن ٿا، ڪتاب ئي ٿين ٿا، جيڪي مُئلن ۾ ساھُ وجھن ٿا، مايوسيءَ کي اُتساھُ، نراس کي آس، ھيڪلتائيءَ کي محفل، وڇوڙي کي سنجوڳ، ڏُک کي سُک، غم کي خوشيءَ، بيگانگيءَ کي مانڊاڻُ ويراني کي چمن، ارھائيءَ کي سرھائي، اپمانُ کي مانُ، رد کي قبوليت، ناڪاميءَ کي ڪاميابي، نفيءَ کي اثبات، راھَ کي منزل ۽ منزل کي مقام ڏيڻ وارا ڪتاب ئي ٿين ٿا، پر انھن جي فڪري محرڪن/ڪارجن کان اڻڄاڻائي ئي ماڻھوءَ کي، اُنھن کان پري ڪري ٿي. اڄوڪي ڊجيٽل سائنسي، مڪينڪي، صنعتي ۽ سائيبر ادب ۽ علم جي وڌيڪ دعويدار، پھرين دنيا جي سڌريل دنيا، آميريڪا ۽ يورپ جي دنيا پڻ، ڪتابن جي ماھيت کي خُوب سمجھي ٿي، ڪتابن جي افاديت ڪير انھن کان پُڇي ڏسي، پر رڳو ائينءَ به ڪُونھي ته ڪتاب توھان جي لُڙڪن کي، مُرڪن ۾ بدلاءُ بخشي وٺن، اھنجن کي سھنج ارپي وٺن، پنگلن کي سگھ ڏئي وٺن، ذھني بيماريءَ جي مسيحائي بڻجي وڃن، ڪڏھن ڪڏھن، ڪي ڪتاب روئارين ٿا، گھائن تي لُوڻُ ٻرڪين ٿا، سرد خانن ۾ پيل دردن کي نئين سر سيراب ڪري، ڏُکن جي کيتيءَ کي اُکوڙين ٿا، رُڪيل ڳُوڙھن جي، وھڪرن کي روان ڪن ٿا، وجودن ۾ پيھي وڃن ٿا، روحَ ۾ بسيرو ڪن ٿا، مٺي درد کي جاڳائن ٿا، ڪڙين حقيقتن جا تاڪيا کُولين ٿا، سُورن جا نئين سِر بخيا اُڊويڙن ٿا، اِھڙن ڪتابن مان ھڪ ڪتاب ”بارش کان بارش“ تائين پڻ آھي، جنھن جو ڪھاڻيڪارُ مُجيب اوٺو، قاريءَ کي، پنھنجي ڪھاڻين وسيلي، پنھنجي پاڻَ سان ملائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، دنيا جھانَ کان ڇِنجي، پنھنجي پاڻ سان ملاقات، جيتوڻڪ انفرادي تجربو آھي، پر ھر تجربو ڌار معنوي وجود رکي ٿو. (ماھوار ”نئين آس“ رسالي ۾ ”سماجي نظرين کان ڏُور، جديد آرٽ جو سفر“ (مئي جون ۲۰۲۰ع) ۾ ڇپيل) (فيسبڪ تان کنيل)
مولانا عبيدالله سنڌي امام انقلاب محمد سليمان وساڻ مولانا عبيدالله سنڌي ۱۰ مارچ ۱۸۷۲ع ۾ چيانوالي ضلع سيالڪوٽ جي هڪ سک گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس پيدائش کان اڳ، سندس والد وفات ڪري ويو. ٻن سالن جو ٿيو ته سندس ڏاڏو به وفات ڪري ويو. سندس ماءُ، کيس پنهنجي پيڪن ۾، ڊيرا غازي خان وٺي آئي. اتي هڪ دوست کان اسلامي ڪتاب پڙهڻ جو موقعو مليس. ۱۵ آگست ۱۸۸۷ع ۾ جڏهن پاڻ ڄام پور ضلع ڊيره غازي خان ۾ اٺين جماعت پڙهندو هو تڏهن اظهارِ اسلام لاءِ نڪري پيو ۽ سنڌ ۾ پهچي سيد العارفين حضرت حافظ محمد صديق ڀرچونڊي واري جي بيعت ڪيائين ۽ اتي ۶ مهينا رهيو. ۱۸۸۸ع ۾ ديوبند جي درسگاهه ۾ داخل ٿيو ۽ حضرت شيخ الهند مولانا محمود حسن رحه جي جماعت جي اندروني حلقي ۾ داخل ٿيو. حافظ سان روحاني نسبت جي ڪري پاڻ کي سنڌي سڏائڻ لڳو. ان کان پوءِ بزرگ امروٽي جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. هتي ماهوار رسالو هدايت الاخوان جاري ڪيائين. هو ۱۹۲۲ ۾ حضرت شيخ الهند رحه جي حڪم سان ڪابل ڏانهن تشريف فرما ٿيا ۽ اُتي ستن سالن تائين سياسي ڪم ڪندا رهيا. جنهن جي نتيجي ۾ امير امان الله خان مرحوم هند جي برطانوي حڪومت سان جنگ ڪئي. جنهن بعد افغانستان برطانوي اثر کان آزاد ٿيو. ۱۹۲۲ع ۾ پاڻ ماسڪو مان ٿيندا ترڪي ويا. جتي ۱۹۲۴ع ۾ اردو ۾ ۽ ۱۹۲۶ع ۾ انگريزي ۾ پنهنجو اهو شهره آفاق سياسي پروگرام شايع ڪيو، جنهن هند ۾ انگريزي سياست جو رُخ بدلائي ڇڏيو. ان ۾ پهريون ڀيرو مطالبو پيش ڪيو ويو ته بر اعظم پاڪ و هند کي ورهايو وڃي. ۱۹۲۷ع ۾ پاڻ مڪه مڪرم پهتو جتي ٻارهن سال رهي ۽ امام ولي الله دهلوي رحه جي فلسفي جو گهرو مطالعو ڪندو رهيو. ۷ مارچ ۱۹۳۹ع ۾ ۲۳ سالن جي جلاوطني کان واپس اچي ڪراچيءَ پهتو مولانا تان بندش ختم ٿي. ڪراچي بندر تي لٿو سندس استقبال ۾ سنڌ جو وزير اعلى خانبهادر الله بخش سومرو مرحوم گلن جا هار کنيو موجود هو. ۲۳ ورهين جو وڇوڙو ختم ٿيو. مولانا ۽ سنڌ وري هم آغوش ٿيا. مارئي موٽي ملير آئي. مولانا عبيد الله سنڌي، سنڌ جي دوري تي هو ۽ سنڌ مسلم شاگردن جي اجلاس کي خطاب ڪندي هن فرمايو ته، هن موقعي تي آئون اوهان شاگردن کي ٻڌائيندس ته اوهان انگريزي پڙهو، مغربي سائنس جو مطالعو ڪيو ۽ علم ۽ ڄاڻ حاصل ڪيو ته اوهان ان انقلاب کي چڱيءَ طرح سمجهو، جيڪو يورپ ۾ اڄ ڪلهه روان دوان آهي. حالانڪ پاڻ پنجن سالن تائين امام ولي الله دهلوي رحه جي فلسفي جي تشريح اشاعت ڪندو رهيو. پاڻ ان فلسفي جي تدريس جي لاءِ بيت الحڪمت پڻ قائم ڪيا. بيت الحڪمت لاهور نومبر ۱۹۴۰ع ۾ قائم ڪيائين ۽ ۱۵ مارچ ۱۹۴۴ع تي فلسفه ولي الله جي اشاعت جي لاءِ ولي الله سوسائٽي لاهور جو بنيات رکيائين. پاڻ ۲۲ آگسٽ ۱۹۴۴ع تي وفات ڪري ويو. دين پور (بهاولپور) ۾ سندس تدفين ٿي. مولانا عبيدالله سنڌي حافظ سڪندر تنيو ۱۰ مارچ ۱۸۷۲ع جي بهار جي مند ۾ سيال ڪوٽ پنجاب جي ڀر ۾ هڪ ننڍڙي ڳوٺ چيانوالي ۾ هن سدوري ٻار کي امڙ پنهنجي ڪک مان جنمي هن نئين دنيا منجھه آندو، سندس نالو بوٽاسنگھ رکيو ويو. ننڍڙي بوٽاسنگهھ کي ڇهن سالن جي ڄمار ۾ اسڪول ۾ ويهاريو ويو. هي اسڪول ۾ ذهين ٻار ليکيو ويندو هيو. هن کي ڪتابن پڙھڻ سان ننڍي عمر ۾ شوق هيو. کيس سندس هڪ سک استاد ڪتاب تحفةالهند نالي پڙھڻ لاءِ ڏنو، جيڪو هڪ نئين مسلمان ٿيل سک جو لکيل هيو.جيڪو اسلامي تعليمات تي لکيل هيو. هن ڪتاب ننڍڙي بوٽاسنگھه جي ذھن ۾ ولولو پيدا ڪري وڌو. اسلام جي توحيد پرستي کيس متاثر ڪيو ۽ وڌيڪ ڪتاب پڙھڻ لڳو. نيٺ هن جي اندر ۾ ويٺل انسان اباڻي مذهب سان بغاوت ڪري وڌي، ۽ پنجاب مان نڪري سنڌ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڀرچونڊيءَ۾ وقت جي عارف سائين حافظ محمد صديق سميجي جي هٿ تي اسلام قبول ڪيو. سندس نالو ڪتاب جي مصنف جي نسبت سان عبيدالله رکيو ويو. سندس سنڌ ۾ ڪوئي مٽ مائٽ نه هيو هن حافظ کي پنهنجو ابو سڏيو ۽ پنجابي قوميت جو چولو لاهي سنڌي قوميت جو پهراڻ بدن تي پهريو، سنڌ کي پنهنجي امڙ بڻايو. سنڌ جي مدرسن امروٽ، پير جهنڊو، کڏو ڪراچي ۾ پڙھيو، سنڌي زبان سکيو، پڙهيو، سکر جي هڪ سنڌي پٺاڻ جي گهر مان سندس شادي ٿي. اعليٰ تعليم جي ان دور جي وڏي درسگاهه دارالعلوم ديوبند مان سَندَ (ڊگري) ورتي .هن برصغير جي سياسي ۽ علمي دنيا جي وڏي شخصيت حضرت شيخ الهند مولانا محمودالحسن کان علم ۽ سياست جا سبق پڙهيا، ۽ جڏھن گانڌي ۽ نهرو سياست جي اڱڻ ۾ بانبڙا پائي رهيا هئا ته ان وقت شيخ الهند ۽ مهاراشٽر جو تلڪ مهراج انگريزن جي قيد خانن جا دڳ پڇائيندي ڏِسبا هئا، سو مولانا عبيد الله کي ڪابل موڪليو ويو ته اتي وڃي دنيا جي ملڪن کان سياسي، اخلاقي، معاشي سپورٽ حاصل ڪر.هن اتي وڃي جرمن، روس، ترڪي، جپان جي سفيرن سان رابطا ڪيا، ۽ افغانستان کي انگريزن سان وڙھڻ لاءِ همٿايو، هن جي سياسي منصوبابندي انگريز جو هيانءُ ڏاري وڌو ۽ افغانستان کي آزاد رهڻ جو حق لکي ڏنو.پر انگريزن شرط رکيو ته عبيدالله جي ٻانهن انگريزن جي حوالي ڪئي وڃي. احسان فراموش پٺاڻ مولانا کي گرفتار ڪرائڻ جي تياري ڪري رهيا هئا. مولانا کي چيو ويو ته ڪابل مان نڪري وڃ مولاناجي کيسي ۾ ھڪ رپيو ڪابلي سڪو هيو ته هي گهر کان ٻاهر نڪتو دروازي تي انگريز سپاهي پهچي ويا کانئس پڇيائون عبيدالله جو گهر هي آهي؟ چيائين ها هي اٿس پڇيائونس پاڻ ڪٿي آهي؟ چيائين ٿورو وقت اڳ ته هتي هيو اهڙي طرح هو روس نڪري ويو. ماسڪو پهتو، لينن جي گهر واريءَ سندس اڙانگي سفر ڪري پير ڦٽيل ڏسي سندس مرهم پٽي هٿن سان ڪندي هيس. ماسڪو جي هوٽل ۾ رهندي کيس نماز پڙھندي ڏٺو ويو، کيس آفيسرن آڏو آندو ويو کيس چيو ويو هتي نماز پڙھندڙ جي سزا موت آهي، هن چيو ڏيئي ڇڏيوم، هي منهنجو ذاتي عمل آهي سرڪار کي ڪهڙي تڪليف ڏني اٿم. کيس چيائون ته تو سوني پتريءَ تي پيغام لکي ڪميونسٽ فوج جي همت افزائي ڪئي هئي، جنهنڪري زار کي شڪست آئي هئي، ان احسان سبب تو کي سزا نٿا ڏيون. بادشاهي مسجد جي خطيب ٻڌايو ته هو روس ويو هڪ گهر ڏيکاريو ويس، جنهن تي ٻاهران تختيءَ تي لکيل هيو ته هي عبيدالله سنڌي جي رهائش هئي، اندر هال ۾ گهڙياسين ته روسي انقلابين جا فوٽو ٽنگيل هئا جن ۾ ڪامريڊ لينن جي تصوير به هئي پر سڀني کان مٿي مولانا جي تصوير لڳل ڏٺم، چيائون هي اسانجو محسن هيو هن زار (روس جو مطلق العنان حاڪم) کان آزادي ڏيارڻ ۾ اسانجي مدد ڪئي هئي. قصو ڊگهو آهي مختصر مضمون ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي نيٺ ۲۵ سال زندگي جا جلاوطني جي عذاب ۾ گذاريندي، ڪراچي جي ڪياماڙي بندر تي هي پوڙهو جرنيل جهاز مان لهي ٿو ته سنڌ جي حڪومت جو سربراهه وزيراعظم الله بخش سومرو، جمعيت علماء سنڌ ۽ ڪانگريس پارٽي جا اڳواڻ هار کڻي سندس سواگت ڪندي نوڙي نياز ڪرڻ آيا، پر ان وقت جي مسلم ليگي قيادت انگريزن جي ناراضپي سبب بنگلن ۾ لڪل ويٺي رهي. مولانا صاحب جي جلاوطني جي خبر جڏھن ڦهلجي ويئي ته هڪ پاڻي وارو جهاز ان رات جده کان ڪراچي لاءِ اچي رهيو هيو، ڪمپني وارا مولانا وٽ آيا کيس چيائون ته اوهين اسان جي جهاز ۾ سفر ڪريو، مولانا کين چيو ته مون وٽ ڀاڙي جا پئسا ئي نه آهن، کيس چيائون ته اوهان کان اسين ڀاڙو نه وٺنداسين اوهان جو هلڻ اسان لاءِ اعزاز ۽ سعادت هوندو. مولانا ان شرط تي سفر ڪيو ته ڪراچي پهچي اوهان کي پئسا ڏيندس جيڪي هر صورت ۾اوهان کي وٺڻا پوندا. سندس توڪل ۽ قرباني هن طرح جي هئي جو هڪ ڀيري ڪراچي کان پير جهنڊي اچڻو هيس، وٽس ڀاڙي جا پئسا نه هئا، کڏي جي جماعت کيس هڪ سؤ رپيا ڏنا، سٽي اسٽيشن تي پهتو قليءَ کي سو جو نوٽ ڏنائين ته سرهاڙيءَ جي هڪ ٽڪيٽ وٺي اچ، قلي ٽڪيٽ وٺي آيو جيڪا ٽن رپين جي ملي باقي پئسا مولانا کي ڏيڻ لڳو ته کانئس واپس نه ورتائين، چيائينس منهنجي ضرورت پوري ٿي اهي تنهنجي ضرورت جا آهن، پاڻ وٽ رکي ڇڏ، محترم جي ايم سيد صاحب شانتي نڪيتن جهڙو ادارو پنهنجي ڳوٺ سن ۾ قائم ڪرڻ پئي گهريو جن لاءِ هن ٽن ماڻھن هڪ آءِ آءِ قاضي، ٻيو ڪي ايم اشرف ڪميونسٽ اڳواڻ، ۽ ٽيون مولانا عبيد الله سنڌي ءَ کي ذميواريون ڏيڻ لاءِ گهرايو هو ٻه ڄڻا نه آيا مولانا صاحب سن آيو، هڪ هفتو سن ۾ رهيو، عبدالواحد آريسر لکيو آهي ته جي ايم سيد سان ٿيل ان ڪچهرين سيد جي ذهن کي بدلائي ڇڏيو ۽ سيد جي سنڌ دوستي واري سياست تي ان ملاقاتن جا اثر ٿيا جنهن کيس بدلائي وڌو. دهليءَ ۾ ساڻس هندستان جو اڳوڻو صدر ذاڪرحسين اچي مليو، جيڪو سندس شاگرد به هيو. کانئس پڇيائين مولانا ڇا پاڪستان بڻجي ويندو؟ سنڌي صاحب چيس ته ها بڻجي چڪو آھي. چيائين؛ ڪيئن؟ هيءَ ۱۹۳۹ جي ڳالھه آهي چاليهن جي قرارداد به اڃا نه آئي هئي. چيائينس؛ ذاڪر صاحب انگريز ڏھ سال اڳ ۾ پلاننگ ڪري ڇڏيندو آهي، هن هندستان کي ورهائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. جڏھن ملڪ ورهائجي ويو مولانا ابوالڪلام آزاد کي مولانا سنڌيءَ جي ڏوهٽي مولوي ظھيرالحق ۱۹۴۸ع ۾کيس آزادي مبارڪ جو خط لکيو، کيس جواب ۾ جيڪو خط آزاد لکيس سو ماهوار سنڌي رسالي الرحيم ۾ مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي ڇاپيو هيو. آزاد لکي ٿو ميان ظهيرالحق اوهانجو آزادي مبارڪ جو خط مليم خير مبارڪ. مونکي هتي مولانا عبيدالله سنڌي ياد اچي رهيو آهي، ان جي دردن جو داستان دل مان نڪري زبان تي آيو آھي، جنهنکي قلم جي نوڪ جي اڳيان ٿو آڻيان. ۱۹۱۴ع جي عالمي جنگ جا ڏھاڙا هئا، شاهه ولي الله قافلي جي امير مولانا محمود الحسن پاران عبيدالله کي ڏکين حالتن ۾ ڪابل موڪليو ويو، جتي کيس مختلف ملڪن جي سياسي اڳواڻن سان ملي ڪم ڪرڻ جو موقعو ميسر ٿيو. جن ۾ جرمن، جاپان، فرانس جا سفير هئا، جن مان ڪيترا اڄ پنهنجي ملڪن جي حڪومتن جون واڳون سنڀاليو ويٺا آهن. مولانا افغانستان ۾ آزاد جلاوطن حڪومت هند قائم ڪئي، ان جو اڳواڻ مهندر پرتاب مقرر ٿيو. مولانا ان جو وزير هند (خارجا وزير) بڻيو، ريشمي رومال تي خط لکي برطانيا جي سڄي دنيا مٿان چڙھيل سج کي لاهڻ لاءِ للڪاريو، کيس ميدان جنگ ۾ هارائي وڌو. جو برطانوي نمائندي جنگ جي خاتمي تي مصالحتي دستاويز تي صحيحون ڪيون، ڪابل حڪومت جي خود مختاريءَ کي تسليم ڪيو. ان سان گڏ هند جي آزادي جو پڻ مطالبو مڃي ورتو ۽ آهستي آهستي هندستان کي ڇڏڻ جو يقين ڏياريو. ان جو انتقام برٽش حڪومت امير امان الله کي قتل ڪرائي کانئس ورتو، پر مولانا جو وار ونگو نه ڪري سگهي، جو مولانا جو وڏو قد ۽ ڪردار ڏسي کانئس مرعوب رهي هئي. ۲۵ سالن جي جلاوطني کان پوءِ ۱۹۳۹ع ۾ مولانا هتي پهتو ته ٻي عالمي جنگ جو آغاز هيو. مولانا هندستان خالي ڪريو تحريڪ جو اعلان ڪيو، گانڌي جي ان جي مخالفت ڪئي، پر اهو نعرو ايوان اسيمبليءَ ۾ گونجڻ لڳو، جنهن جو پڙاڏو برمنگهم پيلس لنڊن سان ٽڪرايو. هن ڪنهن به بحث ۾ حصو نه ورتو نه ئي ڪنهن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي پر اهو فن مولانا ئي ڄاڻندو هيو. مون سان (آزاد) هڪ چانھه جي ڪچهري ڪندي ملاقات ٿي. سندس چهري جي رنگت مان ڪجھ عجيب تاثرات ڏسندي کانئس پڇي ويٺم ته ڇا ڪرڻ جو ارادو آهي؟ چيائين سباش چندر بوس کي جاپان موڪلڻ ٿو گهران، ڪجھ دير ماٺ ۾ رهي مونکان موڪلائي هليو ويو. ٻئي ڏينهن تي دهليءَ کي اوکلي سان ملائيندڙ اٺ ميل ڊگهي سڙڪ جي هڪ ويران ڪنڊ تي سباش سان سندس ملاقات ٿي ۽ ٻي ملاقات ساڻس بالي گنج ڪلڪتي ۾ پڻ ٿي. کيس جپان موڪلڻ لاءِ تيار ڪيو ويو. حڪومت هند جي اڳواڻ جي حيثيت وارو ڪارڊ ۽ خط جپان حڪومت لاءِ کيس ڏنائين ته هي اسانجو نمائندو اچي ٿو، هن سان سهڪار ڪجو. سباش بابو جيئن ئي جپان پهتو سندس شاندار آجيان ڪئي ويئي. برطانيا حڪومت کي اها کڙڪ پيئي ته گهٻرائجي ويئي، ۽ ڪانگريس جي جيڪا هاءِ ڪمان قيادت، قلعي احمد نگر ۾ اسان قيد هئاسين، تن کي بنا شرطن جي آزاد ڪرڻ لڳي. جڏھن ته اڳ ۾ ھي فيصلو ٿي چڪو هيو ته قلعي کي بم سان اڏائي سموري قيادت کي ماريو ويندو. ان سان گڏ هندستان کي آزادي ڏيڻ جو به اعلان ڪيو ويو. ڪير ٿو ڄاڻي ته اهي قربانيون ڏيندڙ ڪير هئا، جپان کي به ان جي سزا هيروشيما ۾ ڀوڳڻي پئي. مولانا کي ڳجهي نموني انگريزن زهر ڏياريو، جنهن سبب سندس کل هڏن تان لهڻ لڳي هئي، نظر به گهٽجي ويس. آخر ڪار ۲۲ آگسٽ ۱۹۴۴ع تي ان ماڳ تي رسيو جيڪوسندس لاءِ الله تعاليٰ مخصوص ڪيو هيو. اڄ ان عظيم المرتبت انسان جي۱۴۵ هين سالگرهه جو ڏينهن سنڌ ساگر پارٽي لاڙڪاڻي ۽ نوشهرو فيروز ۾ ملهائي کيس سليوٽ ڪري رهي آهي. مولانا عبيدالله سنڌي ماڻهو جيڪي مرڻا ناهين حافظ سڪندر تنيو جڏهن سياست بازار جو وکر نه بڻي هئي ته اها پيغمبري پيشو بڻيل هئي، سياست تي جڏهن پيسي وارن جي غلط نظر پيئي ته هنن کيس بازار جو ڪوٺو سمجهي کانئس خوب ڪمايو، اڄ سياست جي نالي م بينڪن جا لاڪرز ڀريا ٿا ڏسجن، پر ماضيءَ جي سياست عبادت ڪري پوڄي ويندي هئي، اهڙو هڪ سياستڪار مولانا عبيد الله سنڌي جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، هي درويش صفت ماڻهو دنيا جي بادشاهن، وزير اعظمن، وڏن قوم جي سردارن جي صحبت ۾ رهيو، کيس پيسو ڏوڪڙ به سياسي ڪم لاءِ ملندو رهيو، پر هن ان دولت کي قوم جي امانت سمجهي منجهس ٽڪي پيسي جي ڪڌت ڪا نه ڪئي، ڪڏهن شاهاڻي زندگي ۾ رهندو هيو ته ڪڏهن انگ تي ڪيترن ڏينهن جا ميرا ٿيل ڪپڙا ڍڪيل هوندا هيس، سدائين توڪل جي ترهو ٻڌي سياست جي سمونڊ ۾ ترندو رهيو، سيالڪوٽ جي ڀرسان چيانوالي ڳوٺ ۾ ۱۰ مارچ ۱۸۷۲ع ۾ امڙ پريم ڪور جي ڪک مان نڪتو، والد سيالڪوٽ ۾ سون جو واپار ڪندڙ هئس، کانئس سک سردار، مسلمان چوڌري، ڪامورا زالن لاءِ ڳهھ ڳٺا ٺهرائيندا هئا، پٽ جو نالو بوٽا سنگھه رکيس، پر ٻالڪ پيءُ جو پيار وٺي نه سگهيو، هو بوٽا جي ننڍي عمر ۾ ئي پرلوڪ پڌاري ويو، امڙ کيس ڄام پور پيڪن جي گهر کڻي آيس، ماما تپيدار هيس، اڄ جو تپيدار به وڏي ٺٺ واري زندگي ۾ گذاري ٿو، ان وقت جو تپيدار ته ڄڻ تپي مٿان بادشاھ بڻيل هوندو هيو، وڏيرا سندس خدمت چاڪري ڪرڻ ۾ کٿا نه ماپبا هئا، هڪ زناني تقريب ۾ مختيارڪار ۽ تپيدار جون زالون شريڪ هيون، تپيدار جي زال جو سون ۾ جهنجهيل بدن، نواز شريف جي ڌيءَ جيان انساني جسم نه پر سون جو بڻايل مجسمو لڳي رهيو هيو، مختيار ڪار جي زال سندس تجمل ڏسي وائڙي ٿي ويئي، گهر اچي مڙس کي چيائين ته تون تپيدار ڪڏهن ٿو ٿئين؟ بوٽا سنگھه کي پڙهڻ لاءِ ويهاريو ويو، هي اسڪول جي ٻارن ۾ ذهين ٻار شمار ٿيڻ لڳو، نصابي ڪتابن سان گڏ ادبي ڪتاب پڻ پڙهڻ لڳو، هڪ ڀيري سندس ماما جو هڪ مناظرو سک ۽ هندو مذهب جي ٻاون ٻانڀڻن سان ٿيو، جنهن ۾ هي اسلام جو طرفدار بڻجي دليل ڏيڻ لڳو، اسلام جي ٻين مذهبن سان ڀيٽ ڪندي کيس بهتر مذهب ڪري پيش ڪيو، جنهنجو اثر سندس ننڍڙي ڀاڻج بوٽا سنگھه تي گهرو پيو، وڌيڪ کيس هڪ ڪتاب تحفت الهند نالي سان اسلام تي لکيل پڙهڻ لاءِ مليو، جنهن جي پڙهڻ سان هن جي ذهن ۾ هلچل مچي ويئي، هن اسلام کي قبولڻ جو فيصلو ڪري وڌو، اڄ هتي هندو جو مذهب مٽائڻ ۽ خاص ڪري هندو نياڻي کي مسلمان ڪري ساڻس سيڪس جي ورونھ خاطر دين جي خدمت سمجهيو وڃي ٿو، سرڪار پڻ ان کي سپورٽ ڪندي رهي ٿي، پران دور ۾ مذهب مٽائي مسلمان ٿيڻ ڄڻ ڪاريهر تي پير رکڻ جيان هوندو هيو، ان ڪري بوٽا سنگھه پنجاب مان ڀڄي اچي سنڌ ۾ ڀرچونڊي بزرگ حافظ محمد صديق سميجي جي هٿ تي مسلمان ٿي عبيد الله سنڌي جي نالي جي سڃاڻپ حاصل ڪئي، هي مختلف مدرسن ۾ پڙهندي اڄ جي دور جي آڪسفورڊ يونيورسٽي جي حيثيت رکندڙدارالعلوم ديوبند ۾ داخل ٿيو، جتي صرف اسلامي ڪتاب نه پر منطق، فلسفو، رياضي، سياست، سماجيات جا موضوع پڙهايا ويندا هئا، هي ديوبند مدرسي مان اسڪالر عالم جي ڊگري وٺي سنڌ ۾ اچي ڪراچي، پيرجهنڊو ۽ امروٽ ۾ پڙهائڻ لڳو. کيس دارالعلوم ديوبند سڏايو ويو سندن استاد شيخ الهند مولانا محمود الحسن چيو مون خواب ۾ سنڌ جا ٻه پنهنجا شاگرد هڪ عبيد الله سنڌي ۽ ٻيو مولانا محمد صادق کڏي ڪراچي جو رهاڪو ڏٺا آهين، ان ڪري اوهان مٿان وڏي ذميواري وارو بار رکڻ ٿو چاهيان، جُهنڊيون هڻي ڪنڌ ڌوڻيل مدرسا ٻارن کي ته هر هنڌ اسلامي ڪتاب پڙهائي رهيا آهن، پر اسان جنهن مقصد لاءِ هي مدرسو قائم ڪيو ھيو، ان جو مکيو مقصد انگريز کان آزادي وٺڻ هيو، ان لاءِ ويڙهاڪ جٿا پيدا ڪرڻا آهين، خود رسول اڪرم کي قرآن پاڪ ۾ مزمل نالي سان مخاطب ٿيندي چيو ويو آهي ته اي نظرياتي ساٿي، ورڪر تيار ڪندڙ اٿي ڪارڪن تيار ڪر(پڙهي ڏسو مولانا ٻير واري جو قرآن پاڪ جو سنڌي ترجمو جنهن ۾مزمل جي معني’ ساٿي بڻائڻ لکي اٿس) ان ڪري اوهان ٻنهي مان هڪ کي افغانستان وڃڻو آهي، جتي دنيا جي سفيرن سان ملي کانئن مالي، اخلاقي، عسڪري، سياسي مدد حاصل ڪري آزادي وٺڻي آهي، عبيد الله سنڌي ڏوري تي هٿ رکي چيو آئون ويندس، ٻيئي بزرگ سنڌ موٽي آيا، مولانا عبيد الله سنڌي پير جهنڊي لڳ نيو سعيد آباد ۾ پڙهائي رهيا هئا، پنهنجي اعتماد واري شاگرد عبدالله لغاري کي هالا جي مخدوم ڏانهن موڪليس ته کيس چئو ته مولانا کي اهم ڪم لاءِ ڳپل پيسن جي گهرج آهي، جيڪو ڪم هن وقت ٻڌائي نٿو سگهجي، اڳتي هلي توھان کي خبر پوندي ته ڀلي مقصد خاطر ڪم آيا هئا، پر جي پيسا نه ڏنا ته پوءِ انهن سون جي گينين کي ٺڪر جون ڪوڏيون سمجهي رکي هٿ هڻندا رهندا، جيئن اڄ هڪ ڀوتار جي بينڪ لاڪر ۾ خانداني سونيون گينيون پڪڙيون ويون آهن، مخدوم صاحب هڪ هزار ان دور ۱۹۱۵ع ۾ ڏيئي ڇڏيا جيڪي مولانا کي ڪابل افغانستان جي سفر ۾ ڪم آيا هئا، ان سان گڏ سنڌ جي وڏي سياسي ماڻهو آچاريا ڪر پلاڻي جي ننڍي ڀاءُ نئين مسلمان ٿيل شيخ عبدالرحيم حيدرآباد واري پنهنجي گهر واري ءَ جا سونا زيور وڪڻي پڻ مولانا جي مدد لاءِ ڏنا هئا، اهڙي طرح مخدوم صاحب جو هڪ هزار ۽ شيخ صاحب جا پيسا آزادي جي حصي وٺڻ ۾ وڏو ڪردار بڻيا هئا، اسين مخدوم صاحبن جا پڻ ٿورائتا آهيون، جو هنن ان تحريڪ ۾ پيسو ڏيئي نالو تاريخ ۾ لکرائي ڇڏيو. مولانا ڪابل ۾ ست سال رهيو، اتان جرمني، روس، جاپان کان هر طرح جي مدد ورتس، ويڙهه لاءِ هٿيار پڻ جرمني ڏنا هيا، جيڪي سنڌ تائين پهچايا ويا هئا، مولانا جي حڪمت عملين سبب افغان امير کيس رات جو مشوري لاءِ گهرائي وٺندو هيو، جنهن ڪري افغانستان جي آزادي، ترڪي جي آزادي ۽ برصغير جي آزادي ۾ مولانا جو ڪردار يادگار بڻيل آهي، هي سفيرن وزيرن سان سندن پهريل قيمتي ڪپڙن ۾ ملندو هيو، ساڻن گڏ ڇري ڪانٽن سان کائيندو هيو، چوندو هيو اسين انقلاب آڻڻ ۾ ڪامياب وياسين ته سنڌي هاري ءَ کي بلڪل يورپي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي مطابق بڻائيندا سين،جو هو مٿي تي هيٽ پائي هلندو، پٽڪن وارن وڏن ڦيڙهن ٻڌڻ جو وقت ويو هليو، انڪري مولانا پاڻ به پٽڪو نه ٻڌندو هيو، اڪثر مٿو اگهاڙو ڪري هلندو هيو، مون کڏي مدرسي ڪراچي جي مهتمم حافظ اسماعيل کي ڏٺو هيو، هو پانچا هيٺ ڪري نماز پڙهندو هيو، مون هڪ ڀيري کجي جي پوٽن جي ٺهيل ٽوپي سان نماز پئي پڙهي، مونکي چيائون ان ٽوپي پائڻ کان بھتر اٿئي ته مٿو اگهاڙو ڪري نماز پڙهندا ڪريو. مولانا صاحب ڪابل مان هڪ ريشمي رومال تي پنهنجي منصوبن کي لکي سنڌ ڏانهن موڪليو هيو، جنهن ۾ سموري پلاننگ ٿيل هئي ته ڪهڙن جڳهن تي انگريزي فوجين مٿان حملا ڪرڻا آهين، اهو ڳجهو پيغام شيخ الهند ڏي حجاز موڪلڻو هيو، جيڪو حج جي بهاني ويل ھيو، اهو رومال ملتان ۾ هڪ غدار وڏيري هٿ ڪري انگريزن کي آگاهه ڪيو، جنهن ڪري سنڌ ۾ گهڻيون گرفتاريون ٿيون، مولانا جا ساٿي پڪڙجڻ لڳا، حجاز مان شيخ الهند، مولانا سيد حسين احمد مدني ۽ سندن ساٿين کي گرفتار ڪري مصر ڀرسان سامونڊي بيٽ مالٽا ۾ کين قيد ڪري رکيو ويو، مولانا ترڪي مان منشور جاري ڪيو، مولانا مذھب جي نالي ۾ هندوستان جي ورهاست جو مخالف هيو، هن هندستان جي تاريخي قومن ۽ خطن تي ٻڌل ڏهه رياستون جوڙڻ جو منصوبو ڏنو هيو، جنهن ۾ تاريخي قومن جا سياسي، لساني، ثقافتي، سماجي، جاگرافي، معاشي حق محفوظ ڏسيل هئا، مرڪز وٽ رڳو ٻه ٽي کاتا رکڻا هئا، باقي سڀني رياستن کي مڪمل خود مختياري ڏسيل ھئي، سندس نعرو هيو پنجاب جا مالڪ پنجابي، بنگال جا بنگالي، بلوچستان جا بلوچي، سنڌ سنڌين جي، ۽ ٻين قومن جي خطن جي وارثي مالڪي پڻ هرهڪ جي هٿ ۾ هوندي، گهڻ قومي ملڪن ۾ اڄ به سندس فارمولو پراڻو نه ٿيو آهي. ريشمي رومال پڪڙجڻ سبب حيدرآباد ۾ شيخ عبد الرحيم جي گهر تي پوليس چڙهائي ڪئي، شيخ صاحب ڀت ٽپي نڪري ويو، سندس نياڻي خديجه جنهن پنهنجي آتم ڪھاڻي” شيخياڻي جي ڪهاڻي ” جي نالي سان لکي آهي، خديجه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي جي سس هئي، ڪتاب ۾ لکي ٿي بابا جيئن ئي گھر مان نڪري ويو ته وري موٽي نه مليو، چيو ٿو وڃي هندستان جي سرهند شهر ۾ گنمامي جي صورت ۾ گذاري ويو، ڪجھه هيئن به چيو ٿو وڃي ته کيس انگريزن مارائي لاش ڪٿي دفنائي ڇڏيو هيو، اهڙي طرح مولانا مذهبي رواداري جو قائل هيو، جلاوطن حڪومت هند قائم ڪيس ان جو سربراهه هندو کي بنايس، پاڻ ھندو مذهب وارن کي ڪافر نه چوندو هيو، هن وٽ ڪافر جو تصور هي هيو ته جيڪو فلاحي رياست قائم ڪرڻ ۾ رڪاوٽ پيدا ڪري ۽ انقلابي ورڪرن سان ويڙهه ڪري سوئي ڪافر آهي، اسين قرآن پاڪ ۾ پڻ ڏسون ٿا ته مڪي جي انقلاب دشمن عربن کي ته ڪافر سڏيو ويو آهي، پر ٻئي ڪنھن مذهب واري يهودي، نصاري، عيسائي، هندو وغيره کي ڪافر نه چيو ويو آھي. اھڙي طرح مولانا ۲۵ سال جلا وطن رهي جڏهن ڪياماڙي بندر تي جهاز مان لھي ٿو ته سنڌين کي خبردار ڪندي چوي ٿو سنڌيو سجاڳ ٿيو، مون صنعتي انقلاب ايندي ڏٺو آهي، وڏن وڏن ترم خانن جون پڳون پيرن ۾ لتاڙيندي ڏٺيون آهن، عزتون ٽڪي ملھ تي وڪامندي ڏٺم، امير پائيءَ خاطر پنندي ڏٺم، ان ڪري ڪراچي ايندڙ وقت ۾ وڏو صنعتي شهر بڻبو، اوهان سنڌي ڪراچي لڏي اچو، اوهان جو هڪ ڀاءُ ڳوٺ ۾ هجي هڪ ڪراچي ۾ رهندڙ هجي، مَٽايو پاڻ کي نه ته اوهان پاڻ مِٽجي ويندئو، مولوين کي چيائين انهن پراڻن ڪتابن پڙهائڻ جي پچر ڇڏيو، ٻارن کي يورپي طرز جي تعليم سيکاريو، اسان آزادي وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين، اڄ اسان جو انگريز دشمن آهي پر ايندڙ وقت ۾ اسان کانئس عسڪري تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ کيس نوڪري تي رکندا سين، هن سنڌي زبان کي رومن رسم الخط ۾ لکڻ جي تجويز ڏني هئي ته جيئن دنيا جي ملڪن سان ڳنڍجي پئون، انگريزن کيس ڳجهي نموني زهر ڏياريو جنهن جا اثر سندس جسم تي ظاهر ٿيا رت جون الٽيون کيس اچڻ لڳيون جنهن ڪري ۲۲ آگسٽ ۱۹۴۳ تي سندس ساه جو سڳو ٽٽي پيو، سندس مرڻ کي انگريز قبول نه پئي ڪيو، هڪ ٽيم موڪليائين ته ڏسي اچو ساڳيو شخص ئي پوريو ويو آهي يا هي ٻيو ڪوئي ماڻهو اسان کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ ماريو ويو آهي، ان ڪميٽي رپورٽ ڏني ته واقعي مولانا وفات ڪري ويو آهي، تڏھن وڃي انگريز کي سرير ۾ ساهه پيو هيو، خدا جون رحمتون هن انقلابي مٿان قائم دائم رهن. امام عبيدالله سنڌي ويا مور مري. عزيزالله ٻوهيو امام انقلاب عبيدالله سنڌي جي پيءَ جي وفات کان ترت ئي پوءِ سندس ماءَ پنهنجي پٽ سميت پنهنجي ڀائرن وٽ ڄام پور اچي رهي ۽ اتي جي هڪ اسڪول ۾ کيس پڙهڻ لاءِ ويهاريو تعليم ۾ فائنل جي ويجهو پهچڻ جي ڏينهن ۾ اسڪول اندر کيس دين اسلام تي لکيل هڪ ڪتاب پڙهڻ لاءِ مليو جنهن کان متاثر ٿي اسلام قبول ڪيائون. اها عمر سندس ڪا ايڏي ويڏي ڪا نه هئي امام سنڌيءَ جو نانو رنجيت سنگهه جي حڪومت ۾ فوج جي هڪ وڏي عهدي تي رهي چڪو هو ان کي جڏهن اها خبر پئي ته سندس خاندان جو ٻالڪ مسلمان بنجڻ گهري ٿو ته هن ان تي وڏي ڪاوڙ ڏيکاري ۽ نينگر تي نگراني ڪرڻ جو حڪم ڏنو. امام عبيدالله سنڌي ننڍپڻ کان ئي وڏو ذهين هئو ۽ مسلمان ٿيڻ ۽ ان کان پوءِ محفوظ رهڻ لاءِ پڇا ڳاڇا ڪري ڳوٺ ڀرچونڊي جي بزرگ حافظ محمد صديق جو پتو معلوم ڪري ورتائون ۽ لڪ ڇپ ۾ اتي پهچي اسلام قبول ڪيائون ۽ اڳتي هلي ديني تعليم جي لاءِ دهليءَ جي ويجهو شهر ديوبند جي مدرسي دارالعلوم پهچي اتي پڙهڻ لڳا. سندس اتي پڙهڻ جي عرصي ۾ سڄي هندستان اندر انگريزن جي حاڪميت خلاف غلام هندستان کي آزادي ڏيارڻ جي هلچل به هلي رهي هئي جنهن ۾ مدرسي۳ ديوبند جو شيخ الحديث مولانا محمود الحسن به اهڙي تحريڪ جي اڳواڻن منجهان هڪڙو هئو جنهن مدرسي جي شاگردن منجهان نوجوان عبيدالله سنڌي کي پرکي ورتو ته هن ۾ غلاميءَ خلاف آزادي حاصل ڪرڻ جي تڙپ اتم درجي جي موجود آهي، سنڌي صاحب اتي تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ اتي آزادي حاصل ڪرڻ جي مهم ۾ جنبي ويو ۽ آزادي حاصل ڪرڻ وارن اڳواڻن واري پهرين صف کي ويجهو وڃي پهتو پر مدرسي ديوبند اندر انگريز نواز گروپ مدرسي جي باني نانوتوي جي پٽ محمد احمد، شبير احمد عثماني، اشرف علي ٿانوي وغيرهه جي سازشن سان سنڌي صاحب کي ديوبند منجهان ڪڍرايو ويو پوءِ هو دهليءَ ۾ رهي سياسي ڪم ڪرڻ لڳو پر ٿوري ئي وقت کان پوءِ سنڌ ۾ واپس آيو ۽ ڪجهه وقت امروٽ ۾ مدرسو کولي پڙهائڻ لڳا پوءِ اتاهون ڇڏي سعيد آباد ويجهو پير جهنڊي ۾ اچي مدرسو کوليائون. هي اهي ڏينهن هوا جڏهن ترڪن خلاف بلقان ۾ انگريزن جنگ شروع ڪئي هئي تن ڏينهن ۾ بلوچستان جي مشهور انگريز دشمن اڳواڻ نوري مينگل بلوچ نوجوانن جي هڪ وڏي کيپ ترڪن جي مدد ۾ انگريزن جي خلاف بلقان جي محاذ تي موڪلي هئي تنهن بابت انگريزن کي شڪ پيو ته نوري مينگل کان اهو ڪم ڪرائڻ ۾ کڏي ڪراچي جي مولانا محمد صادق ۽ عبيدالله سنڌيءَ جو ئي هٿُ ٿي سگهي ٿو پوءِ انگريز حڪومت پير جهنڊي ڳوٺ جي چارئي طرف سرڪاري فورس جي ڊيوٽي لڳائي ته هو اتي عبيدالله سنڌي ۽ اچڻ وڃڻ وارن مٿان ڪڙي نظر رکن ۽ هن جا ٻاهرين دنيا سان لڳ لاڳاپا ختم ڪن. ان عرصي ۾ مدرسي ديوبند کان شيخ الهند محمودالحسن سنڌي صاحب کي هڪ مبهم پيغام موڪليو ته اوهان هند سنڌ ڇڏي ڪابل افغانستان هليا وڃو، سنڌي صاحب ان حڪم تي مخفي نموني عمل ڪيو ان سفر جي لاءِ وٽن خرچ جا پئسا ڪو نه هئا اهي حيدرآباد جي نو مسلم شيخ عبدالرحيم پنهنجي ڌيءَ جا زيور وڪڻي امام سنڌيءَ کي پئسا ڏنا. افغان حڪومت طرفان هندستان منجهان انهن وٽ ماڻهن جي داخلا تي بندش هئي البت چمن جي بارڊر تي افغان حڪومت طرفان هڪ ماڻهو مقرر ڪيل هئو جو جيڪڏهن هو ڪنهن کي هي پاس لکي ڏيندو هئو ته هن ليٽر سان اچڻ وارو ماڻهو هتي هندستان ۾ اول هندو هئو پوءِ هي مذهب مٽائي مسلمان ٿيو آهي تنهن ڪري هن کي هن جا هندو مائٽ مذهب مٽائڻ تي تنگ ڪن ٿا سو هن شخص کي دين ايمان بچائڻ لاءِ اوهان افغان حڪومت پاڻ وٽ رهائڻ جي منظوري ڏئي پوءِ اهڙي ماڻهوءَ کي بارڊر ڪراس ڪرڻ جي منظوري ملندي هئي. سو امام سنڌي صاحب به پنهنجي لاءِ ان ماڻهوءَ کان اهڙو ليٽر لکرايو ۽ بارڊر پاس ڪري ڪابل پهتا ۽ ڪابل ۾ ست سال رهي اتي رهندڙ دنيا جي ملڪن جي سفيرن سان ملاقاتون ڪري انگريزن خلاف آزاديءَ جو رستو هموار ڪندا رهيا ۽ اتي پهچڻ کان پوءِ افغانستان جي بادشاهه جي مشوري سان سنڌي صاحب هندستان ۾ هلندڙ آزادي واسطي ڪانگريس پارٽيءَ جا نمائندا بنجي مشن هلائيندا هوا ۽ غلام هندستان جي غير ملڪي آزاد حڪومت جوڙيائون جنهن جو صدر راجا مهندر پرتاب کي بڻايائون ۽ پاڻ ان حڪومت جا وزير بڻيا هُئا ۽ جنودربانيه جي نالي سان آزاد هندستان جي غير ملڪي فوج به ٺاهيائون جنهن جا هندستان ۾ مخفي طور فوجي آفيسر به مقرر ڪيائون جن منجهان تاج محمود امروٽي ۽ مولانا محمد صادق کڏي ڪراچي وارا به ڪرنل وغيرهه جي عهدن وارا مقرر ڪيا هئائون جن سان ريشمي رومال تي ٽڪ ذريعي لکليل خطن سان رابطو رکندا هوا. ان تحريڪ ريشمي رومال جو عرصو سندس ڪابل ۾ ست سال رهڻ وارو مدو هو جنهن جو تفصيل پروفيسر سرور جي لکيل ڪتاب ڪابل ۾ سال اندر ملي سگهندو. سنڌي صاحب جي ڪابل ۾ رهڻ واري عرصي دوران آزادي لاءِ هلچل کي ڄاڻڻ لاءِ انگريزن ڪابل جي جامع مسجد ۾ پنهنجي هڪ انگريز جاسوس کي مڪمل باشريعت شڪل ڏيئي پيش امام ڪري رکرايو هئو. نيٺ برطانيه حڪومت افغان بادشاهه سان ڪجهه سياسي رشوتن ڏيڻ تي عبيدالله سنڌي کي جيئرو گرفتار ڪري ڏيڻ يا قتل ڪرڻ جو معاهدو ڪيو جنهن جي ٻاڦ امام سنڌي کي پئجي وئي ۽ ترت ئي مخفي طور نامعلوم رستن ذريعي سوويت يونين روس ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ مولانا عزيزالله جروار صاحب جي چوڻ مطابق افغانستان منجهان نڪري وڃڻ وارن ڏهاڙن کان ڪجهه اڳي جڏهن جو افغان بادشاهه امير حبيب الله قتل ڪيو ويو هئو ته ان جي قتل ڪرائڻ ۾ به امام سنڌيءَ جو حصو هئو ۽ امر حبيب الله جي جاءِ نشين غازي امان الله جي بادشاهه بنجڻ کان پوءِ ان جو جيڪو برطانيه جي خلاف ذهن ۽ پاليسيون هيون ان ۾ به امام سنڌيءَ جي تربيت جو حصو هئو جو انگريزن ڪرنل لارينس جي ذريعي غازي امان الله کي هٽرائي ڇڏيو اهو هن طرح ته ڪرنل لارينس مديني شهر جي مسجد نبوي ۾ ستن سالن کان پيش امام بنجي مسلم امت جو پيش امام بڻيو پيو هئو، انگريزن ان کي اُتاهون بدلي ڪري وزيرستان جي شهر ميران شاهه ۾ پير ڪرم شاهه جي نالي خانقاهه کولي ڏني ته اُتاهون ويهي هو افغان بادشاهه غازي امان الله کي قتل ڪرائي يا معزول ڪرائي پوءِ ان ڊيوٽي دوران ڪرنل لارينس بادشاهه امان الله لاءِ اهڙو ته چڪر هلايو جو ان بادشاهي ڇڏي جلاوطن ٿي وڃڻ ۾ پنهنجي ڀلائي سمجهي سو ملڪ ڇڏي جلاوطن ٿي ويو ۽ هن اٽليءَ جي رهڻ واري عرصي ۾ اتي وفات ڪئي. امام سنڌي صاحب توڻي جو هندستان جي ورهاڱي کان ئي سال اڳي وفات ڪري ويو پر سندس نظريو ورهاست جي خلاف هئو ۽ هوا کنڊ ڀارت يعني گڏيل آزادي جو قائل هئو سندس پارٽي جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽيءَ جي منشور ۾ سڀن صوبن لاءِ وڏي خودمختياري رکيل هئي، وفاق جي مرڪزيت ڪنفيڊريشن وانگر هئي پاڻ هن ڳالهه تي گهڻو زور لڳائيندا هئا ته آزادي کان پوءِ تعليمي ادارن جي نصاب تعليم ۾ انگريزن جي پرماريت خلاف ڀرپور موقف تي مشتمل ڪتاب پڙهايا وڃن، اهو ئي نظريو سموري ڪانگريس قيادت جو به هئو جنهن تي خاص ڪري امام الهند ابوالڪلام آزاد بحيثيت وزير تعليم پورو پورو عمل ڪيو جو اڄ تائين هندستان جون فلمون ڊراما ۽ ادبي شهپارا آزاديءَ جي حق ۾ غلامي خلاف انگريز دشمنيءَ جي مواد سان ڀرپور پڙهايا ۽ فلمايا پيا وڃن، انهيءَ سبب ملڪ هند جي خارجه پاليسي به ملڪي خودمختياري ۽ وطن کي آزاد رکڻ لاءِ وڏو ڪم ڏئي رهيا آهن. امام عبيدالله سنڌي ماسڪو ۾ - جنم ڏينهن جي حوالي سان سندس يادون عزيز الله ٻوهيو ڊاڪٽر عبدالمجيد چانڊيو (اڳوڻو ڊين شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور) مون کي ٻڌايو ته آئون جڏهن پنهنجي شعبي آءِ آر ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ ماسڪو پڙهڻ ويو هئس ته اتي جي پروفيسرن کي مون پنهنجي تعارف ۾ جڏهن ٻڌايو ته آئون سنڌي آهيان ته انهن متوجهه ٿي وڏي پاٻوهه منجهان مون کان پڇيو ته تون جيڪڏهن سنڌي آهين ته تون پڪ سان مولانا عبيدالله سنڌي کي سڃاڻيندو هوندين پر افسوس جو مون کي امام سنڌي بابت اها علمي ڄاڻ ڪا نه هئي جيڪا ۽ جيتري هو پڇڻ گهرن پيا، پوءِ انهن ئي ٻڌايو ته جڏهن غلام هندستان جي زماني ۾ پنهنجي ملڪ کي آزادي ڏيارڻ لاءِ جلاوطن ٿي پهريائين افغانستان ۾ آيو ۽ اتي ست سال رهڻ کان پوءِ هتي سوويت يونين روس ۾ آيو هو ۽ اسان ان سان ملاقاتن منجهان کانئس وڏي علمي ڄاڻ حاصل ڪندا هئاسون. پروفيسر صاحب ته امام سنڌيءَ جي جلاوطني واري زندگيءَ تي ڪجهه ڪتاب لکيا جن منجهان “ڪابل ۾ سات سال” به هڪڙو ڪتاب مارڪيٽ ۾ آهي، ڪاش ڊاڪٽر مجيد چانڊيو به امام سنڌي جي روسي پروفيسرن سان علمي ۽ سياسي ملاقاتن تي اسان کي هڪ ڪتاب جوڙي ڏئي ها ته ڏاڍو ڀلو ٿئي ها. امام سنڌيءَ جو ماسڪو ۾ هڪ خاص شاگرد موسيٰ جارالله هئو جيڪو سنڌي صاحب وٽ قرآن حڪيم جو تفسير به پڙهيو هئو، ان جو اهو عربي ٻولي ۾ تفسير سوره مائده تائين مولانا قاسمي، شاهه ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد منجهان ڇپرايو هئو. موسيٰ جارالله جو گهر ماسڪو ۾ لينن گراڊ منجهه هئو، امام سنڌي هڪ هنڌ لکيو آهي ته اتي جڏهن آئون رهندو هئس ته تڏهن لينن جو انقلاب نئون آيل هئو مذهبي ريتن رسمن تي وڏي پابندي هوندي هئي، آئون موسيٰ جارالله جي گهر ۾ به سوڙ ۾ لڪي نمازون پڙهندو هئس. انڌي عقيدت وارن مسلمانن جي باري ۾ آئون هت ڇا لکان جو ڪن لاهوري مصنفن ته ايترو به ڪوڙ لکيو ته لينن جي زال امام سنڌي کي نماز پڙهڻ لاءِ وضو ڪرڻ خاطر پاڻي به ڪوسو ڪري ڏيندي هئي ۽ سنڌي صاحب جون لينن سان ڪوڙين ملاقاتن جون کوڙ ساريون خبرون به لکيائون، جڏهن ته پروفيسر سرور خود مولانا سنڌيءَ جي حوالي سان اها ڳالهه لکي آهي ته آئون جنهن وقت لينن سان ملڻ ويو هئس ته هو پنهنجي وفات واري مرض ۾ ايترو ته ڪمزور ٿيل هو جو اشارن کان سواءِ ڳالهائي به ڪو نه سگهندو هئو، مون کي ملائڻ وارن ان کي صرف ايترو ٻڌائي مون کي پيش ڪيو ته هي ماڻهو هندستان کي برطانيه کان آزاد ڪرائڻ لاءِ سوراجي ورڪر آهي. مطلب ته لينن سان ڪا به گفتگو ڪا نه ٿي هئي البته لينن جي ڪٽنب جو هڪ وزير جنهن جو سنڌي صاحب نالو به لکيو آهي جيڪو مون کي ياد ناهي اهو سنڌي صاحب سان رابطي ۾ آيو ته اسان مارڪسي فارمولن تي صنعتي شعبن ۾ ڪامياب ويا آهيون، باقي زمين ۾ ڪم ڪندڙ هاري اسان سان انقلابي تقاضائن جيترو ساٿ نه ٿا ڏين جنهن ڪري اسان جي زرعي اپت ڏاڍو پوئتي پيل آهي تنهن سنڌي صاحب ان کي مشورو ڏنو ته توهان هارين، ڪاشتڪارن ۾ هي ڳالهه عام ڪيو ۽ انهن سان وعدو ڪيو ته جيڪي زمينون اوهان پوکي رهيا آهيو اهي ڪڏهن به اوهان کان واپس ڪو نه ورتيون وينديون جيڪڏهن اوهان مري وئيو ته اهي توهان جي پونيئرن کي ڏنيون وينديون. پوءِ ان ايگريڪلچر واري وزير سنڌي صاحب جي ان ڳالهه تي عمل ڪندي هارين کي اهڙي ساک پت ڏني ڄڻ ته سرڪاري طرح ان کي قانون جي به شڪل ڏياري، جنهن کان پوءِ هارين دل لائي پوکن ۾ ڪم ڪيو، ايترو جو اهو وزير صاحب سنڌي صاحب وٽ هلي آيو ۽ چيائينس ته آئون توهان کي مبارڪ ڏيڻ آيو آهيان ته اسان توهان جي ڏس تي عمل ڪندي هارين کي پڪ ڏني ته توهان جون زمينون اوهان کان ڪو نه کسيون وينديون سو انهن هن سال اهڙو ته دل لائي ڪم ڪيو آهي جو سڄي ملڪ ۾ فصل ڏاڍا ڀلا لٿا آهن. امام سنڌي جڏهن سوويت روس کي ڇڏي جلاوطني جا ڏينهن گهارڻ لاءِ ترڪيءَ ۾ آيو تڏهن اتي ڪمال اتاترڪ جي انقلابي حڪومت قائم ٿي چڪي هئي. سلطان عبدالحميد جي خلافت واري حڪومت ختم ٿي چڪي هئي، اتاترڪ مذهبي پابندين جي خلاف پنهنجي دور ۾ وڏيون جدتون آنديون هيون سو جڏهن امام سنڌي اتي ويو ته ماڻهن ان کي دانهون ڏنيون ته اتاترڪ ايڏو بي دين آهي جو اسان جون مايون جڏهن شهر ۾ برقعا پائي ٿيون وڃن ته سرڪاري سپاهي بازارن ۾ ئي انهن جا برقعا زوريءَ لهرائي ڇڏين ٿا. تنهن تي عبيدالله سنڌي انهن کي چيو ته توهان پنهنجي عورتن کي گهرن منجهان ئي بغير برقعن جي موڪليندا ڪريو پوءِ ساڻن سپاهي اهڙي بي حرمتي ڪو نه ڪندا. هندستان جو پهريون وزيراعظم جواهر لال نهرو غلاميءَ جي زماني ۾ شايد اٽليءَ ۾ امام سنڌيءَ کي مليو، ان جو ذڪر نهروءَ پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو ته آهي پر ملاقات جو موضوع ۽ تفصيل ڪو نه لکيو اٿس صرف هي لکيو اٿس ته سنڌي صاحب وٽ هر مشڪل مسئلن جو وڏو حل موجود هو. امام سنڌي جڏهن جلاوطني ختم ڪري هندستان واپس موٽڻ لاءِ سعودي حڪومت ۾ برطانيه جي جدي واري قونصل خاني کان ويزا جو مطالبو ڪيو ته قونصلر مولانا جو اهو مطالبو لنڊن موڪليو، انهن لکيو ته هن شرط سان کيس ويزا ڏني وڃي ته هندستان ۾ وڃي ڪو به سياسي عمل نه ڪندو ۽ ان لاءِ ڪو اتان جو ماڻهو بطور ضامن جي به ڏئي ته مولانا اهو شرط قبول ڪيو ۽ ضمانت لاءِ شهيد الهه بخش سومرو وزيراعظم سنڌ کي پيش ڪيو. امام سنڌيءَ ڪنفيڊريشن قسم جي صوبائي خودمختياري واري منشور سان نئين پارٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو جنهن کي هو گهڻو هلائي نه سگهيو. مولانا جلاوطني جا ڏينهن ٻين ملڪن ۾ گهاري پڇاڙيءَ ۾ سعودي حڪومت ۾ آيو ۽ شهر مڪي جي انتظاميه کان ڪعبي ۾ درس قرآن پڙهائڻ جي اجازت گهري ته انهن به اهو شرط وڌس ته هو پنهنجي درس ۾ سياسي ڳالهيون نه ڪندو. مولانا اهو شرط مڃي درس ڏيڻ شروع ڪيو. منهنجي زندگيءَ جا حالات مولانا عبيدالله سنڌي فصل پهريون پنجاب جو مشهور تاريخي شهر سيالڪوٽ، هماليه جي دامن ۾ هوادار ۽ زرخيز ميدان تي آباد آهي. ان جي ٻهراڙيءَ ۾ پسرور جي ويجهو هڪ ڳوٺ چيانوالي آهي، اها ئي منهنجي جنم ڀومي آهي. رنجيت سنگهه جي زماني ۾ جسپت راءِ ان ڳوٺ جي مڇي مانيءَ لائق ماڻهن ۾ ليکيو ويندو هو. هڪ سناتني سونارو جيتري قدر سٺو ٿي سگهي ٿو، اوترو ئي هو سمجهيو ويندو هو. حڪومتي عملدارن ۽ عام ماڻهن جو مٿس ڀروسو هو. کيس پنج پٽ هئا. انهن مان وچئين جو نالو رام راءِ هيو، جيڪو منهنجو پيءُ آهي. حڪومت جي تبديليءَ جي ڪري منهنجو والد پنهنجي اباڻي ڌنڌي سونارڪي مان ئي گذران ڪندو هو. هو پنهنجي سمورن ڀائرن ۾ پنهنجن والدين جي خدمت ۾ وڌيڪ اڳرو هيو. منهنجو نانو ”مير علي والا“ ضلعي گوجرانوالا جو رهندڙ هڪ خانداني سک هيو ۽ ”هلو والي“ ضلعي سيالڪوٽ ۾ منتقل ٿي چڪو هو. سندس سڀ کان وڏي ڌيءَ، پريم ڪور، منهنجي امڙ آهي. منهنجو پيءُ، منهنجي ناني جي دعوت تي، رام راءِ مان رام سنگهه بڻجي ويو هو. منهنجي والد جو سؤٽ، حاڪم راءِ پنهنجي ڳوٺ جو تپيدار هيو ۽ منهنجا ٻه ماما به تپيدار هيا. منهنجون ٻه ڀينرون هيون، جيڪي منهنجي پيدائش کان اڳ، هڪ گکڙ ۾ ۽ ٻي بيگواليءَ ۾ پرڻجي ويون هيون. فصل ٻيون منهنجو ڏاڏو اڃا جيئرو هو ته منهنجو پيءُ فوت ٿي ويو، سندس مرڻ کان ٽي مهينا پوءِ ڦڳڻ مهيني جي آخري ڏهاڪي ۾ جمعي جي رات صبح ٿيڻ کان ٿورو اڳ منهنجي ولادت ٿي. امڙ سڳوريءَ جي ٻڌايل واقعن کي مختلف جنترين سان ڀيٽائڻ کان پوءِ خبر پئي ته اها تاريخ ۱۲ محرم الحرام ۱۲۸۹ هجري ۽ ۱۰ مارچ ۱۸۷۲ع جيڪو اسان جي حساب سان ۸۷۲ هندي ٿئي ٿو. مان ٻن ورهين جو هوس ته منهنجو ڏاڏو فوت ٿي ويو، مون کي سندس صورت هڪ خاص واقعي ۾ ياد آهي. ان کان پوءِ منهنجي امڙ گهڻو ڪري پنهنجي پيءُ وٽ رهڻ لڳي. ان کان پوءِ ٻن سالن جي اندر نانو به فوت ٿي ويو. ان وقت منهنجو هڪ مامو جهنگ (ضلعي) جي بندوبست واري کاتي ۾ ڪم ڪندو هو ۽ ٻيو ڄامپور ضلعي ديري غازيخان ۾ تپيدار هيو. منهنجي امڙ ۽ ناني جهنگ کان ٿي ڄامپور پهتيون، منهنجي عمر ان وقت چئن سالن جي هئي. جهڙيءَ طرح ناني سان گڏ شطرنج کيڏڻ مون کي ياد آهي، اهڙيءَ طرح ڄامپور ۾ مامي سائينءَ جو فوجي قاعدا سيکارڻ به نٿو وساريان. هڪ سال اتي رهي امڙ پنهنجي گهر موٽي آئي. (اسان) وڌيڪ عرصو پنهنجي ڀينرن کان پري نه ٿي رهي سگهيو. هتي سال کن کان وڌيڪ رهيس. آخر ۾ سخت ڏڪار پيو ۽ منهنجي امڙ پوءِ مون کي ڄامپور وٺي آئي. فصل ٽيون منهنجي عمر ڇهه ورهيه هئي ته ڄامپور جي مڊل اسڪول ۾ داخل ٿيس. ۸۷۸ هنديءَ کان ٽي سال لڳاتار پڙهندو رهيس. ۸۸۱ هنديءَ واري مردم شماريءَ ۾ مان به ڪم ڪندو رهيس. ان زماني ۾ مون کي گرمکيءَ جو پهريون ڪتاب ڏنو ويو. جيتوڻيڪ مون ان مان هڪ اکر به ڪونه پڙهيو پر ان ۾ هڪ تصوير ته ”ٻن ٻلين جي ماني ڀولو ورهائي رهيو آهي“ ضرور ياد اٿم. مون کي مامي ٻڌايو ته هي ٻه ٻليون هندو ۽ مسلمان آهن ۽ ڀولو انگريز آهي. ان کان پوءِ وري امڙ پنهنجي گهر آئي ۽ ٻه سال ضلعي سيالڪوٽ جي مختلف ڳوٺن ۾ ويجهن ۽ پري وارن مائٽن سان ملائڻ لاءِ مون کي وٺي ويندي هئي. برادريءَ جي غميءَ ۽ خوشيءَ جي تقريبن ۾ شريڪ ٿيندو رهيس. ننڍڙو هجڻ جي باوجود وڏڙا ۽ پوڙها اهڙي تعظيم سان پيش ايندا هئا، جيڪو منهنجي امڙ جو حق هيو. مان ان جو خاص اثر پنهنجي طبيعت ۾ محسوس ڪندو آهيان. يعني، پنهنجن هڪ جيڏن مائٽن کان ممتاز رهڻ جو خيال رهندو آهي. ٿوري وقت لاءِ ڄامڪي جي مڊل اسڪول جي چوٿين جماعت ۾ شامل رهيس. اڪثر موقعن ۾ مسجدين جي مولوين کان پارسيءَ جا ڪتاب ضرور پڙهندو رهيس. امڙ ان دوران منهنجي لاءِ مناسب رشتو ڳوليندي رهي. جڏهن ان ۾ ڪامياب ٿي ته مون کي وري ڄامپور موڪلي ڏنائين. فصل چوٿون انهيءَ وقت جو هڪ واقعو لکڻ جوڳو آهي، منهنجو چاچو حاڪم راءِ جڏهن ڳوٺ جي ڪچهريءَ ۾ ويهندو هو ته عام ميڙ سندس چوڌاري گڏ ٿي ويندو هو. هڪ ڏينهن مان به اتي ئي ويٺو هوس ته هن هندو ڌرم ۽ اسلام ۾ ڀيٽ ڪئي ۽ اسلام کي ترجيح ڏني. سندس تقرير جو تت مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي: ”هندن ۽ مسلمانن ۾ هڪ ڊگهو مناظرو ٿيو، پڇاڙيءَ ۾ فيصلو ٿيو ته هڪ هندو ۽ هڪ مسلمان کوهه ۾ ٽپو ڏين، جيڪو بچي وڃي، ان جو مذهب (سچو ۽) حق مڃيو ويندو. پهريائين هندو اٿيو ۽ شري رام کي پنهنجي واهر لاءِ سڏيائين ان جا عملدار اچي رهيا هئا ته هن شري ڪرشن کي سڏڻ شروع ڪيو. ان تي شري رام جا خادم واپس موٽيا. اڃا شري ڪرشن جا ماڻهو سندس مدد لاءِ نه پهتا هئا ته هن مهاديو کي ٻاڏايو، ان ڪري شري ڪرشن جي مدد به کيس نه ملي سگهي. اهڙيءَ ريت پنهنجن مختلف بزرگن کي لڳاتار مدد لاءِ سڏيندو رهيو پر جنهن وقت ٽپو ڏنائين ته ان وقت سندس ڪوبه واهر نه ڪري سگهيو. ان ڪري سندس هٿ پير ڀڄي پيا. ان کانپوءِ مسلمان اٿي بيٺو. هن هڪ الله کي زور سان سڏڻ شروع ڪيو ۽ جلدي ۾ کوهه ۾ ڪڏي پيو، الله جا فرشتا سندس مدد لاءِ پهتا ۽ کيس سلامت بچائي ورتو.“ جيستائين مون کي ياد آهي ته اسلام جي حقانيت تي هيءَ پهرين تقرير آهي، جيڪا مون ٻڌي ۽ جنهن کان متاثر ٿيس. فصل پنجون رب زدني علما انهن ٻن سالن جي وقفي سان منهنجا هم ڪلاسي ته مارچ ۸۸۴ هنديءَ تي ڇهين درجي ۾ پهچي ويا پر مان ٻه مهينا محنت ڪري چوٿين درجي جو امتحان ڏئي سگهيس ۽ پنجين درجي ۾ شامل ٿيس. هتان کان منهنجي شاگرديءَ جو زمانو شروع ٿئي ٿو. اسڪول جو مقرر ٿيل ڪم منهنجي لاءِ ڏکيو نه هو، پارسي پڙهڻ ۽ ياد ڪرڻ ۾ خاص محنت ڪندو هوس. باقي مضمون مان سال جي شروعات ۾ ڪجهه هفتا لڳائي ياد ڪري وٺندو هوس، پوءِ سڄو سال واندو رهندو هوس. امتحان کان ٿوري دير اڳ ۾ ڪتاب تي سرسري نگاهه وجهڻ ڪافي ٿيندو هو. سڀ کان وڌيڪ دلچسپ رياضي هئي. حساب، آلجبرا ۽ اقليدس ۾ جيتري قدر سٺا ۽ وڏا ڪتاب ملندا هئا، انهن کي حل ڪرڻ ۾ رڌل رهندو هوس. ڏکيا سوال حل ڪرڻ ۾ خاص لذت محسوس ڪندو هوس. ”مراة الاشڪال“ اقليدس جي چئن مقالن جي شرح هئي. مون ان جا مشقي سوال سمورا حل ڪري ڇڏيا هئا. سنه ۸۸۶ هنديءَ تي ستين درجي ۾ هوس ته ”قيصري“ جالنڌر (اخبار) ۾ هڪ حل طلب سوال ڇپيو: ا+ ب +ج= ۶، ا+ب+ ج= ۱۴، ا+ ب+ ج= ۳۶ ٻيپهريءَ کان پوءِ مڪتب ۾ مون کي اخبار ملي، پنهنجي روزاني ڪمن ۾ رڌل هيس. فقط واندڪائيءَ جا پل ان جي حل ڪرڻ تي استعمال ڪندو رهيس. تڏهن به سانجهيءَ کان اڳ مون اخبار جي نالي جواب موڪلي ڏنو. ٻئي هفتي ۾ منهنجي نالي سان ٻن ڪالمن ۾ ڇپجي آيو. مان ان خوشيءَ کي وساري نٿو سگهان. ان کانپوءِ تاريخ، قصن ۽ ناولن ۾ طبيعت خوش ٿيندي هئي. جيڪو ڪتاب ملندو هو، جيستائين سمورو ختم نه ڪري ڇڏيان، سڪون نه ايندو هو. ان دوران اخبار پڙهڻ شروع ڪيم. هفتيوار ”آفتاب پنجاب“ لڳاتار ڏسندو هوس ۽ ”پنجاب“ ۽ ”ڪوهه نور“ جا پراڻا فائيل به پڙهندو هوس پوءِ (ڄڻ) اخبار عام ڏسڻ لڳس. پنجاب جي تاريخ ۾ سکن جي حڪومت سان وڌيڪ دلچسپي محسوس ڪندو هوس. پنهنجي سک هجڻ تي فخر محسوس ڪندو هوس. ننڍپڻ ۾ پنهنجن مائٽن جي عورتن سان گڏ ديوان مولراج جي عزيزن جي گهر ويندو رهيو آهيان. ان ڪري انهن جي واقعن کان وڌيڪ متاثر ٿيندو هوس. پنجاب حڪومت جي سالياني رپورٽ اردوءَ ۾ شايع ٿيندي هئي. ان کي چڱيءَ طرح پڙهندو هوس، راجا دليپ سنگهه کي پنجاب اچڻ جي موڪل ملي ۽ منهنجي مامي رات جو خبر آندي ته اسان جي گهر ۾ عيد جهڙي خوشي ٿي ته اسان جو راجا اچي رهيو آهي. ٻئين ٽئين هفتي جڏهن هيءَ خبر ملي ته هو عدن کان موٽايو ويو ته اسان جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. جيتوڻيڪ ان علمي مشغلي مون کي سٺو کائڻ، سٺو پهرڻ جي خواهشن کان بي نياز ڪري ڇڏيو هو، تنهن هوندي به سوسائٽيءَ ۾ ڪا به اهڙي شيءِ نظر نه ٿي آئي جيڪا گهر ۾ ميسر نه هجي. سو اعليٰ سوسائٽيءَ ۾ منهنجو رابطو مضبوط رهيو. ڄامپور جي سرڪاري آفيسرن واري سوسائٽيءَ ۾ پڻ مون کي اهڙا ساٿي مليا، جن کان مٿانهان، اتي ممڪن نه هئا. مختيارڪار، نائب مختيارڪار، جج، پوليس آفيسر ۽ پوسٽ ماسٽر هندو هئا. ان مٿانهين سوسائٽيءَ ۾ منهنجي سڃاڻ عزت سان هئي. اسسٽنٽ مختيارڪار اسان جي ويجهي علائقي جو هو. سندس ڇوڪرا اسان سان گڏ پڙهندا هئا. ساڻس ۽ سندس گهر سان (اسان جو) هڪ جهڙو ۽ هڪ جيترو سلوڪ هيو ۽ ساڳيو رويو سوسائٽيءَ جي ٻين ماڻهن مختيارڪار، پوليس آفيسر، جج، پوسٽ ماسٽر ۽ ڊاڪٽر سان هيو. ذاتي ڊائريءَ جا نوٽ آءٌ ضلعي سيالڪوٽ جي هڪ ڳوٺ چيانواليءَ ۾ پيدا ٿيس. منهنجي خاندان جو اصلي ڌنڌو سونارڪو آهي، مگر ڪجهه وقت کان ڪي ماڻهو سرڪاري نوڪرين ۾ داخل ٿيا ۽ ڪي ماڻهو واپار به ڪندا آهن. آءٌ گهڻو ڪري حضرت سلمان فارسيءَ جي تابعداريءَ موجب پنهنجو نالو عبيدالله بن اسلام لکندو آهيان. مگر ڪن عرب دوستن جي زور آڻڻ تي پنهنجي والد ڏانهن منسوب ڪري لکڻو پيو ته هن ريت لکيم: عبيدالله بن ابي عائشه، ڇاڪاڻ ته منهنجي وڏي ڀيڻ جو نالو جيوڻي آهي. (جيوڻي ۽ عائشه هم معنيٰ آهن) مون ارادو ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ ان کان وڌيڪ صفائي گهري ته هن ريت لکندس ”عبيدالله بن راما بن راءِ“ منهنجي والد جو نالو رام سنگهه پٽ جسپت راءِ پٽ گلاب راءِ آهي. چون ٿا ته منهنجو ڏاڏو سک حڪومت ۾ پنهنجي ڳوٺ جو ڪاردار هو. مون جمعرات پره ڦٽڻ کان ٿورو اڳ ۾ ۱۲ محرم الحرام ۱۲۸۹هه مطابق ۱۰ مارچ ۱۸۷۲ع ۾ جنم ورتو. منهنجي ڄمڻ کان چار مهينا اڳ ۾ منهنجو والد فوت ٿي چڪو هو. ٻن سالن کان پوءِ منهنجو ڏاڏو به فوت ٿي ويو. جنهن کان پوءِ منهنجي والده مون کي ناناڻن ۾ وٺي آئي جو هڪ نج سک خاندان هو ۽ منهنجو والد به نانا صاحب جي چوڻ تي ئي سک بڻيو هو. منهنجا ٻه ماما ڄامپور ضلعي ديري غازي خان ۾ تپيدار هئا. جڏهن نانو صاحب فوت ٿي ويو تڏهن اسان ڄامپور ۾ مامن وٽ اچي رهياسين. منهنجي پڙهائي ۱۸۷۸ع کان ڄامپور جي اردو مڊل اسڪول ۾ شروع ٿي. ۱۸۸۷ع ۾ مڊل جي مٿين جماعت ۾ پڙهندو هوس ته اسلام جي ظاهر ڪرڻ خاطر گهر کي الوداع ڪيم. ان وچ ۾ ٻه سال سيالڪوٽ ۾ رهڻو پيو. جنهن ڪري هڪ سال پنهنجي جماعت کان پوئتي رهجي ويس نه ته مان پنهنجي اسڪول ۾ وڏو سمجهدار شاگرد مڃيو ويندو هوس. اسلام جو مطالعو سنه ۱۸۸۴ع ۾ مون کي اسڪول جي هڪ آريه سماجي ڇوڪري جي هٿان ڪتاب ”تحفة الهند“ مليو (اهو ڪتاب هڪ نو مسلم بزرگ جو لکيل آهي، جنهن ۾ هندو مذهب جي بنيادي ڳالهين جو بيان ٿيل آهي.) انهيءَ ڪتاب جي پڙهڻ ۾ لڳو لڳ مشغول رهيس ۽ آهستي آهستي اسلام جي سچائيءَ تي يقين وڌندو ويو. اسان جو ويجهو پرائمري اسڪول ڪوٽله مغلان جا ڪي هندو به ملاقي ٿيا جي پڻ تحفة الهند جا ڏاڍا دلداده هئا. انهن هندو دوستن وٽان مون کي مولانا محمد اسماعيل شهيد دهلويءَ جو ڪتاب ”تقوية الايمان“ به مليو، جنهن جي مطالعي کان پوءِ اسلامي توحيد ۽ هندو پرانڪ شرڪ جو مسئلو چڱيءَ طرح سمجهه ۾ اچي ويو. ان کان پوءِ مولوي محمد لکويءَ (اهل حديث سيد نذير حسين دهلويءَ جو شاگرد) جو ڪتاب ”احوال الآخرة“ هڪ مولوي صاحب وٽان مليو. مان ان وقت نماز سکي چڪو هوس ۽ پنهنجو نالو تحفة الهند جي ٺاهيندڙ جي نالي تي عبيدالله پنهنجو پاڻ رکي ڇڏيو هوم. احوال الاخرة جو بار بار مطالعو ۽ تحفة الهند جو اهو حصو جنهن ۾ نومسلمن جا حالات لکيل آهن، اهي ٻئي شيون منهنجي جلدي اسلام جي ظاهر ڪرڻ جو ڪارڻ بڻيون. ۱۰ آگسٽ ۱۸۸۷ع ۾ الله تعاليٰ تي توڪل ڪري نڪري پيس، نه ته اصل ارادو هي هو ته جڏهن ڪنهن هاءِ اسڪول ۾ ايندڙ سال داخل ٿيس تڏهن اسلام جي اظهار جو اعلان ڪندس. اسلام جو ظاهر ڪرڻ مون سان ڪوٽلا مغلان جو هڪ ساٿي عبدالقادر نالي هو. اسان ٻئي هڪ طالب العلم جي ذريعي ڪوٽلا رحم شاهه ضلعي مظفرڳڙهه ۾ پهتاسين. ۹ ذوالحج ۱۳۰۴هه تي منهنجي طهر جي سنت ادا ڪئي وئي. ان کان پوءِ ٿورن ڏينهن اندر جڏهن منهنجا عزيز اسان جي ڳولا ۾ نڪتا تڏهن اسان سنڌ ڏانهن روانا ٿي وياسين. عربي صرف جا ڪتاب اسان انهيءَ طالب علم کان پڙهڻ شروع ڪيا. سيد العارفين جي صحبت الله تعاليٰ جي خاص رحمت چئبي ته جيئن شروع ڄمار ۾ اسلام جي سمجهڻ ۾ آساني ٿي تيئن خاص رحمت جو هي اثر ظاهر ٿيو جو سنڌ ۾ اسان حضرت حافظ محمد صديق رحه صاحب (ڀرچونڊيءَ واري) جي خدمت ۾ پهچي وياسون، جو پنهنجي وقت جو جيد ۽ عارفن جو سردار هو. ڪجهه مهينا اسان سندس صحبت ۾ رهياسين جنهن جو پهريون فائدو هي ٿيو ته اسلامي معاشرت اسان جي لاءِ اهڙي طرح طبيعت ثاني بڻجي وئي جيئن هڪ پيدائشي مسلمان جي هوندي آهي. ٻيو ته حضرت حافظ صاحب هڪ ڏينهن منهنجي سامهون ماڻهن کي مخاطب ٿي فرمايو، جن ۾ گهڻو ڪري مولانا ابوالحسن امروٽي به موجود هيو ته ”عبيدالله، الله تعاليٰ واسطي پنهنجي پيءُ ماءُ کي ڇڏيو آهي، هاڻي سندس پيءُ ماءُ اسان آهيون.“ انهيءَ ڪلمه مبارڪ جو خاص اثر منهنجي دل ۾ محفوظ آهي. آءٌ مولوي عبدالقادر (حضرت مولانا دينپوريءَ جي ناٺيءَ) کان ڪتاب پڙهيا ۽ هن بزرگ کي پنهنجو ديني ابو ڪري مڃيندو آهيان ۽ خاص انهيءَ ڪري مون سنڌ کي پنهنجو وطن بنايو، يا بڻجي ويو. ٽيون ته مان قادري راشدي طريقي ۾ حضرت حافظ سان بيعت ڪئي. جنهن جو هڪ هيءُ نتيجو نڪتو جو مان ڪنهن به وڏي ماڻهوءَ کان ڪونه ڊڄندو آهيان. چئن مهينن کانپوءِ اسان علم جي طلب لاءِ موڪل ورتي. مون کي چيو ويو ته حضرت حافظ صاحب مون لاءِ خاص دعا گهري آهي ته خدا ڪري ته عبيدالله جو شال ڪنهن راسخ عالم (سچي ۽ حقيقي عالم) سان واسطو پوي. منهنجي خيال ۾ الله تعاليٰ اها دعا قبول فرمائي ۽ الله رب العزت پنهنجي فضل سان حضرت مولانا شيخ الهند محمود حسن ديوبنديءَ جي خدمت ۾ پهچايو. سيدالعارفين جي خليفه اعظم جي صحبت ڀرچونڊيءَ کان موڪل وٺي آءٌ انهيءَ طالب العلم سان گڏجي رياست بهاولپور جي ڳوٺاڻي مسجدن ۾ ابتدائي عربي جا ڪتاب پڙهندو رهيس. انهيءَ سلسلي ۾ دين پور پهتس جتي سيدالعارفين جو پهريون خليفو مولانا ابوالسراج غلام محمد صاحب رهندو هو. هدايته النحو تائين مان اتي پڙهيس حضرت خليفه صاحب خط لکي منهنجي والده کي گهرايو جنهن مون کي موٽائي وٺي وڃڻ جي سخت ڪوشش ڪئي مگر آءٌ ثابت قدم رهيس. پر هي غلط آهي ته منهنجي والده ديوبند آئي هئي. شوال ۱۳۰۵هه ۾ دينپور کان ڪوٽله رحم شاهه ۾ آيس ۽ مولوي خدابخش وٽ ڪافيه و نحو پڙهيم ۽ اتي هڪ نووارد طالب علم کان هندستان جي عربي مدرسن جو احوال معلوم ٿيو. مان مظفرڳڙهه جي اسٽيشن تان سوار ٿي سڌو ديوبند پهتس. دارالعلوم ديوبند دارالعلوم ديوبند ۾ صفر ۱۳۰۶هجريءَ ۾ داخل ٿيس. اٽڪل پنجن مهينن ۾ قطبيءَ تائين منطق جا رسالا پڙهيم ۽ شرح جامي مولانا حڪيم محمد حسن امروهيءَ کان پڙهيم. هڪ سمجهدار استاد جي خاص مهربانيءَ سان مطالعي ڪرڻ جو رستو سکيس. پوءِ پنهنجي محنت سان ترقيءَ جو رستو سامهون ٿيندو ويو. حڪمت ۽ منطق جا ڪتاب جلدي پورا ڪري ٿورن مهينن لاءِ مولانا محمد حسن صاحب ڪانپوريءَ جي مدرسي ۾ هليو ويس ۽ اتان ٿورن مهينن لاءِ مدرسي عاليه رامپور ۾ رهي مولوي ناظرالدين کان به ڪتاب پڙهيم. اهڙيءَ طرح وري صفر ۱۳۰۶هه ۾ ديوبند موٽي آيس. حضرت مولانا شيخ الهند ديوبند ۾ ٻن ٽن مهينن تائين مولانا حافظ احمد صاحب کان پڙهندو رهيس. (حافظ محمد احمد مولانا محمد قاسم باني دارالعلوم جو فرزند ۽ مدرسي جو مهتمم هو) ان کانپوءِ مولانا شيخ الهند جي درس ۾ شامل ٿيس. شعبان ۱۳۰۷هه ۾ هدايه، تلويح، مطول، شرح عقائد، مسلم الثبوت جو امتحان ڏنم، امتيازي نمبرن ۾ ڪامياب ٿيس. مولانا سيد احمد دهلوي مدرس اول منهنجي جوابن جي تمام گهڻي تعريف ڪئي ۽ فرمايو ته جيڪڏهن هن کي ڪتاب ملي ويا ته شاهه عبدالعزيز ثاني ٿيندو. ڪيترن دوستن خوشخبريءَ جهڙا خواب ڏٺا ۽ مان به رسول الله ﷺ جي خواب ۾ زيارت ڪئي ۽ امام ابوحنيفه ؐ کي به خواب ۾ ڏٺم. رمضان شريف ۾ اصول فقه ۾ هڪ رسالو لکيم جنهن کي شيخ الهند پسند فرمايو، ان ۾ بعض مسئلا جمهور جي برخلاف محققن جي راءِ مطابق لکيا ويا هئا. مثلاً مشابه آيتن جي معنيٰ ناممڪن الحصول نه آهي ۽ الراسخين في العلم وهبي علم سان سمجهن ٿا. شوال ۱۳۰۷هه ۾ تفسير بيضاوي ۽ حديث جي دوري ۾ شريڪ ٿيس ۽ جامع ترمذي حضرت مولانا شيخ الهند وٽ پڙهيم ۽ سنن ابي داؤد پڙهڻ لاءِ حضرت مولانا رشيد احمد صاحب جي خدمت ۾ گنگوهه پهتس. شاهجهان آباد دهلي گنگوهه مان بيمار ٿي دهليءَ آيس. حڪيم غلام محمود خان (حڪيم اجمل خان جي والد) جي علاج سان صحت حاصل ٿي. حديث جا باقي ڪتاب مولوي عبدالڪريم پنجابي ديوبنديءَ کان جلدي جلدي ختم ڪري ورتم. مون کي ياد آهي ته سنن نسائي ۽ سنن ابن ماجه چئن ڏينهن ۾ پڙهيو هيم ۽ سراجي ٻن ڪلاڪن ۾ پوري ڪئي هيم. اهو مولوي عبدالڪريم پنجابي حضرت مولانا محمد قاسم ديوبنديءَ ۽ حضرت مولانا رشيد احمد گنگوهيءَ جو هڪ محقق شاگرد هو. شهرت پسند نه هو، دهليءَ وارن ڏينهن ۾ ٻه دفعا حضرت مولانا سيد نذير حسين صاحب جي زيارت لاءِ ويو هوس. صحيح بخاريءَ ۽ جامع ترمذيءَ جا ٻه سبق به ٻڌا هيم. سنڌ ڏانهن موٽڻ ۲۰ جمادي الثاني سنه ۱۳۰۸هه تي دهليءَ مان سڌو ڀرچونڊي ضلع سکر ۾ پهتس. مگر ان سفر ۾ ايندي ويندي نه لاهور ۾ ۽ نه وري چينياوالي مسجد ۾ ويس. منهنجو مرشد منهنجي اچڻ کان اڳ ۾ ڏهه ڏينهن پهريائين وفات ڪري ويو هو. رجب سنه ۱۳۰۸هه ۾ حضرت شيخ الهند اجازت نامه لکي مون ڏانهن موڪليو ۽ مولوي ڪمال الدين صاحب مون وٽ سنن ابي داؤد پڙهي پوري ڪئي. امروٽ وارو بزرگ شوال ۱۳۰۸هه تي سيدالعارفين جي ٻئي خليفي مولانا ابوالحسن تاج محمود امروٽي صاحب وٽ امروٽ ضلعي سکر ۾ هليو آيس. هن صاحب پنهنجي پير رشيد جو وعدو پورو ڪري ڏيکاريو. هو مون لاءِ پيءُ وانگر هو، سندس ذريعي منهنجو نڪاح مولوي محمد عظيم خان يوسف زئي ماستر اسلاميه اسڪول سکر جي نياڻيءَ سان ڪرايو. منهنجي ماءُ کي گهرائي ڏنو جا آخر وقت تائين پنهنجي نموني تي مون وٽ رهندي آئي. منهنجي مطالعي لاءِ تمام وڏو ڪتب خانه گڏ ڪيائين. هن بزرگ جي مهربانيءَ واري پاڇي ۾ ۱۳۱۵هه تائين مطالعو ڪندو رهيس. ڪتب خانه پير جهنڊي وارو ڳوٺ پير جهنڊي ضلع حيدرآباد سنڌ ۾ راشدي طريقي جي پير صاحب وٽ دين علومن جو هڪ بينظير ڪتب خانه هو. امروٽ وارن ڏينهن ۾ مطالعي لاءِ اوڏانهن به ويندو رهندو هوس ۽ اڌارا ڪتاب به وٺي ايندو هوس. منهنجي مطالعي جي ڪماليت ۾ انهيءَ ڪتب خانه جي فيض جو به وڏو دخل آهي. ان کان سواءِ حضرت مولانا رشيد الدين صاحب العلم الثالث جي صحبت مان فائدو پرايم. مان سندس ڪيتريون ئي ڪرامتون ڏٺيون. اسماءَ الحسنيٰ جو ذڪر کانئس سکيم. سندس فرزند حضرت مولانا رشدالله صاحب العلم الرابع سان علمي صحبتون رهيون. هو علم حديث جو تمام وڏو عالم ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف هو. سندس والد حضرت مولانا رشيدالدين توحيد ۽ جهاد جي دعوت جو مجدد هو. قاضي فتح محمد نظاماڻي• (ويٺل ٽنڊه قيصر) جون علمي صحبتون به ياد رکڻ جي لائق آهن. علمي تحقيق جو مرڪز الله تعاليٰ جي رحمتن مان هڪ وڏي نعمت جنهن جو آءُ شڪر ادا ڪري نٿو سگهان، اها هيءَ آهي ته فقه ۽ حديث جي تحقيق ۽ تطبيق ۽ اهڙيءَ طرح قرآن عظيم جي تفسير ۾ حضرت مولانا محمد قاسم (نانوتوي) ديوبنديءَ کان شروع ٿي امام ولي الله دهلوي تائين سلسلو عاليه منهنجو رهبر بڻيو ۽ مان هنن کي پنهنجو اڳواڻ بڻايو. مون کي پنهنجي علمي ۽ سياسي واڌاري ۾ انهن کان ٻاهر وڃڻو نه پيو. تنهن ڪري منهنجون سموريون ڪوششون هڪ اصول تي درست ٿينديون رهيون ۽ آءُ اسلام جي فلسفي سمجهڻ جي لائق بڻيس. مان دهليءَ ۾ قبله نما جو مطالعو ڪيو (اهو ڪتاب مولانا محمد قاسم جو تصنيف ڪيل آهي) جنهن جا معارف منهنجي روح ۾ پيوست ٿي ويا. حديث جي تحقيق لاءِ حجة الله البالغه (مصنفه امام ولي الله دهلوي) سان شيخ الهند منهنجي واقفيت ڪرائي. آخر ۾ مون کي ان جي مطالعي مان اطمينان نصيب ٿيو ۽ مان عالمن جي هڪ جماعت کي حجة الله پڙهائي ان کان گهڻو وقت پوءِ شيخ الهند کان وڃي پڙهيم. طريقه قادريه جو شغل انهيءَ عرصي ۾ طريقه قادريه ۽ نقشبندي مجددي جا شغل ۽ ذڪر به پنهنجيءَ طاقت آهر حضرت سيدالعارفين جي وڏي خليفه مولانا ابوالسراج (خليفه غلام محمد صاحب) دينپوريءَ کان سکندو رهيس. جيڪڏهن منهنجي ڪا دنياوي ضرورت امروٽ مان پوري نه ٿيندي هئي ته اها دينپور مان حاصل ڪندو هوس. اهڙيءَ طرح مون کي پنهنجي مرشد جي جماعت کان ٻاهر وڃڻ جي ضرورت نه پئي. منهنجو سياسي مسلڪ اسلام سکڻ جي شروع کان وٺي منهنجو قلبي لاڳاپو مولانا شهيد مرحوم سان پيدا ٿي چڪو هو ۽ ديوبند جي طالب علميءَ واري زماني ۾ ڪيترن ئي واقعن ۽ ڳالهين سبب وڌيڪ واقفيت ٿي چڪي هئي. مولانا عبدالڪريم (پنجابي) ديوبنديءَ دهليءَ جي غدر جو اکين ڏٺو واقعو ٻڌايو هو ۽ ٻاراڻي ڄمار کان خانداني عورتن جي صحبت ۾ (ٻڌل ڳالهين جي بنياد تي) انقلاب پنجاب جي مصيبتن کان منهنجو دماغ ڀريو پيو هو، ان ۾ هڪ قسم جو انقلاب آيو، پهريان جو ڪجهه لاهور لاءِ سوچيندو هوس هاڻي دهليءَ لاءِ سوچڻ لڳس. مولانا شهيد جي مڪتوبات مان هڪ خط جو مضمون سامهون رکي مان پنهنجو مختصر سياسي پروگرام بڻايو جو اسلامي به هو ۽ انقلابي به هو. مگر هندستان کان ٻاهرين مسلمانن سان ان جو ڪوبه تعلق نه هو. مان حجة الله پڙهندڙ جماعت کي ان ۾ شامل ڪيو. اهڙيءَ ريت پنهنجي خيال موجب آهستي آهستي ڪم شروع ڪري ڏنم. ديوبند ۾ وري اچڻ ۱۳۱۵هه ۾ وري ديوبند آيس. پنهنجي علمي معلومات جي رنگ ۾ ٻه رساله لکي کڻي آيس. هڪ علم حديث ۽ ٻيو فقه حنفيءَ ۾. حضرت مولانا شيخ الهند ٻنهين رسالن کي پسند فرمايو. انهيءَ دفعي ٻارهن حديث جي مشهور ڪتابن جا اطراف ٻڌائي ٻيهر مولانا صاحب کان روبرو اجازت حاصل ڪيم. ڪن جهاد جي مسئلن وقت درس هلندي اسان جي جماعت جو ذڪر اچي ويو جنهن کي مولانا پسند فرمايو. ڪن دوستن جو مشورو ڏئي انهيءَ ڪم کي اتحاد اسلام جي هڪ ڪڙي بڻايائون ۽ انهيءَ ڪم کي جاري رکڻ جي وصيت فرمايائون. ان کان پوءِ منهنجا علمي ۽ سياسي سمورا شغل حضرت شيخ الهند سان وابسته رهيا. دارالرشاد ڳوٺ پير جهنڊو ديوبند جي انهيءَ پوئين مختصر سفر کان پوءِ مان امروٽ شريف ۾ رهي، هڪ پريس قائم ڪئي (محمود المطابع نالي سان) جنهن کي ٻن سالن تائين هلائيندو رهيس. ڪي عربي ۽ سنڌي ناياب ڪتاب ڇپايا ويا. ۽ هڪ ماهوار رساله ”هدايت الاخوان“ به شايع ٿيندو رهيو. ان سان گڏ مدرسه قائم ڪرڻ جي به ڪوشش جاري رهي. مگر ان ۾ ڪاميابي نه ٿي، هوڏانهن اسان جو ڪم مدرسه کان سواءِ هلي نٿي سگهيو. تنهن ڪري مان ٻئي ڪنهن جاءِ جي ڳولا ۾ حيران هوس ته حضرت مولانا رشدالله صاحب العلم الرابع ۱۳۱۹هه ۾ منهنجي تجويز جي موافق مدرسه بنائڻ جو ارادو ڪيو ۽ دارالرشاد مدرسه جو نالو منهنجي رٿ سان مقرر ٿيو. مان انهيءَ مدرسي ۾ شريڪ ٿي پورن ستن سالن تائين علمي ۽ انتظامي خدمتون مڪمل اختيارات سان ڪندو رهيس ۽ مدرسي ۾ انهيءَ زماني جي وڏن علمائن مان حضرت مولانا شيخ الهند ۽ حضرت مولانا شيخ حسين بن محسن انصاري يماني (محدث مقيم پوپال) امتحان وٺڻ جي ارادي سان تشريف فرما ٿيا. مان انهيءَ مدرسه ۾ حضرت رسول الله ﷺ کي خواب ۾ ڏٺو ۽ امام مالڪ کي به ڏٺو جو ڄڻ مدرسه جي هڪ حجري ۾ اچي رهيو آهي. جميعت الانصار ديوبند ۱۳۲۷هه ۾ حضرت شيخ الهند ديوبند سڏايو. مفصل احوال ٻڌي ديوبند ۾ رهي ڪم ڪرڻ جو حڪم ڏنائون ته جيئن سنڌ سان به لاڳاپو قائم رهي. چار سال جمعيت الانصار ۾ ڪم ڪندو رهيس. انهيءَ جماعت جي تحريڪ جي بنياد ۾مولانا محمد صادق سنڌي، مولانا ابو محمد احمد لاهوري ۽ عزيز مولوي احمد علي لاهوري به شريڪ هئا. نظارة المعارف دهلي حضرت شيخ الهند جي ارشاد سان منهنجو ڪم ديوبند کان دهليءَ منتقل ٿيو. ۱۳۳۱هه ۾ نظارت المعارف قائم ٿي، انهيءَ ڪم جي سرپرستيءَ ۾ شيخ الهند سان حڪيم اجمل خان ۽ نواب وقارالملڪ (سيڪريٽري علي ڳڙهه ڪاليج) ساڳئي نموني ۾ شريڪ هئا. حضرت شيخ الهند جيئن چار سال ديوبند ۾ رهي منهنجو پنهنجي جماعت سان تعارف ڪرايو، اهڙيءَ طرح دهليءَ موڪلي مون کي نوجوان طاقت سان واقف ڪرڻ گهريو. انهيءَ مقصد لاءِ ئي هڪ دفعو دهليءَ ۾ تشريف فرما ٿيو، مون کي ڊاڪٽر انصاريءَ سان ملاقات ڪرايائين ۽ ڊاڪٽر انصاريءَ مون کي مولانا ابوالڪلام ۽ مولانا محمد علي مرحوم سان ملايو جنهن ڪري مون کي ٻن سالن اندر هندستان جي اسلامي اعليٰ سياسي طاقت سان واقفيت پيدا ٿي وئي. هجرت ڪابل ۱۳۳۳هه مطابق ۱۹۱۵ع ۾ شيخ الهند جي حڪم سان ڪابل روانو ٿي ويس. مگر مون کي ڪم جو ڪوبه مفصل پروگرام ڪونه ٻڌايو ويو. جنهن ڪري منهنجي طبيعت تي اها هجرت گران پئي گذري مگر تعميل حڪم لاءِ وڃڻو ضرور هو ۽ الله تعاليٰ آسانيءَ سان هندستان مان نڪري وڃڻ جو رستو پيدا ڪري ڏنو. جنهن ڪري آءٌ افغانستان پهچي ويس. دهليءَ جي سياسي جماعت به مون کي پنهنجو عيوضي مقرر ڪيو هو. پر مان هنن کي اها ڳالهه ئي ڪانه ڪئي ته اڳ ۾ ئي شيخ الهند جي حڪم موجب منهنجي ڪابل وڃڻ جو فيصلو ٿي چڪو آهي. افسوس جو دهليءَ واري مرڪز پاران به ڪو معقول پروگرام ڪونه هو. ڪابل پهچي مون کي معلوم ٿيو ته حضرت شيخ الهند قدس سره جنهن جماعت جو پاڻ عيوضي هو تنهن جي پنجاهه سالن جي محنتن جو نتيجو غيرمنظم شڪل ۾ منهنجي سامهون تعميل حڪم لاءِ موجود آهي. جنهن ۾ حضرت شيخ الهند کي هڪ مون جهڙي خادم جي سخت ضرورت هئي. هاڻي مون کي هجرت ۽ حضرت شيخ الهند جي چونڊ تي بيحد فخر محسوس ٿيڻ لڳو. مان ستن سالن تائين حڪومت ڪابل جي امداد سان هندستان لاءِ ڪم ڪندو رهيس. ۱۹۱۶ع ۾ امير حبيب الله خان هندن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جنهن جي تعميل جي هڪ ئي صورت هئي ته نيشنل ڪانگريس ۾ شامل ٿي وڃان. ان وقت آءٌ ڪانگريس جو مبلغ بڻجي ويس. هيءَ ڳالهه نهايت عجب جهڙي آهي ته امير صاحب مرحوم نج اسلام جي ڪم کان هندستاني ڪم کي وڌيڪ پسند ڪندو هو. ۱۹۲۲ع ۾ امير امان الله خان جي زمانه ۾ ڪانگريس ڪاميٽي ڪابل ۾ قائم ڪئي وئي. ڊاڪٽر انصاريءَ جي ڪوشش سان ”گيا“ واري اجلاس ۾ ان جو الحاق انڊين ڪانگريس سان ڪيو ويو. برٽش ايمپائر کان ٻاهر اها پهرين ڪانگريس ڪميٽي هئي ۽ مان هن ڳالهه تي فخر ڪري سگهان ٿو ته آءٌ ان جو پهريون پريزيڊنٽ هوس. روس جو سفر ۱۹۲۳ع ۾ ترڪيءَ ڏانهن ويندي ست مهينا ماسڪو (روس) ۾ وڃي رهيس. سوشلزم جو مطالعو پنهنجي طاقت آهر پنهنجن نوجوان ساٿين جي مدد سان ڪندو رهيس. جنهن حالت ۾ نيشنل ڪانگريس سان لاڳاپو سرڪاري طرح ثابت ٿي چڪو هو، تنهن ڪري سويت روس مون کي پنهنجو معزز مهمان بڻايو ۽ مطالعي لاءِ هر قسم جون سهوليتون مهيا ڪري ڏنيون. هي بلڪل غلط آهي ته مان لينن سان ملاقات ڪئي، ڇو ته ڪامريڊ لينن ان وقت اهڙو بيمار هو جو پنهنجن دوستن کي به سڃاڻي نه سگهندو هو. انهيءَ مطالعي جو نتيجو آهي جو مان پنهنجي مذهبي تحريڪ کي جا امام ولي الله جي فلسفي جي شاخ آهي ان کي لادينيت جي حملي کان محفوظ ڪرڻ جي تدبير ۾ ڪامياب ٿي ويس. مان انهيءَ ڪاميابيءَ ۾ (۱) انڊين نيشنل ڪانگريس (۲) هندستاني سفر جي ساٿين جن ۾ هندو مسلم نوجوان هئا جن ۾ سوشلسٽ ۽ نيشنلسٽ ٻئي قسم جا ماڻهو هئا. (۳) سويت روس جو هميشه لاءِ شڪر گذار رهندس جيڪڏهن مون کي ٽنهين طاقتن جي امداد نه ملي ها ته آءٌ پنهنجي اصلي امتيازي مقصد ۾ ڪامياب نه ٿيان ها. نئين ترڪي ساڳئي سال ۱۹۲۳ع ۾ انگورا پهتس. منهنجي انهيءَ سفر لاءِ ماسڪو واري ترڪي سفير ۽ روس جي وزارت خارجه سفر جو رستو مقرر ڪري ڏنو. ممڪن آهي ته برطانيه جي ڪارندن کي ان جو پتو نه پيو هجي. (هي به غلط آهي ته آءٌ استنبول ان وقت پهتس جڏهن فرانس ۽ برطانيه جي متحده قوت ان تي قابض هئي) اٽڪل ۳ سال ترڪيءَ ۾ رهيس. مان اتحاد اسلامي تحريڪ جو پورو پورو مطالعو ڪيو. مگر مون کي مستقبل قريب ۾ ان لاءِ ڪوبه مرڪز نظر نه آيو. تنهن ڪري مان ترڪن جي وطني خدمت وانگر پنهنجي اسلامي تحريڪ کي انڊين نيشنل ڪانگريس ۾ شامل ڪرڻ ضروري سمجهيو ۽ ڪانگريس ۾ پنهنجي اصول جي هڪ مستقل پارٽيءَ جو پروگرام ڇاپي ڇڏيو، جنهن ڪري منهنجي تحريڪ هر هڪ مخالف انقلاب کان محفوظ رهي سگهي ٿي. اسان جو پروگرام يورپ کي ان نموني ۾ اسلام جي تعارف ڪرائڻ ۾ منهنجو خيال آهي ته آءٌ پنهنجي استاذ الاستاذ ۽ پنهنجي امام مولانا محمد قاسم ديوبنديءَ جي هڪ قلبي خواهش کي پوري ڪرڻ ۾ عملي جامه ڍڪائي رهيو آهيان. انهيءَ پروگرام کي ترڪي پريس مان شايع ڪرڻ لاءِ انگورا حڪومت کان اجازت وٺڻي پئي. جنهن کي پهريائين وزارت خارجه ٻه جدا جدا ترجمه ڪرائي جيستائين حرف بحرف نه پڙهيو تيستائين اجازت نه ڏني. ڪي هندو دوست اردو پڙهي نه ڄاڻيندا هئا تنهن ڪري انهن جي سهوليت لاءِ پروگرام جو انگريزيءَ ۾ به ترجمو ڪرايم. استنبول جي رهڻ واري زمانه ۾ لالا لڄپت راءِ سان تبادله خيالات ٿيو. اهڙيءَ طرح ڊاڪٽر انصاريءَ سان به چڱيءَ طرح ڳالهيون ٿيون، اسان جا هي ٻئي بزرگ نه انهيءَ پروگرام کي قبول ڪري سگهيا ٿي ۽ نه وري ان جو چڱو بدل ٻڌائي سگهيا ٿي، ڪوشش ڪندا ته اسان کي هزار ٻه هزار سال گذريل زمانه ڏانهن وٺي وڃن، يقيناً پنڊت جواهر لال نهروءَ هڪ فقره ان جي پسنديدگي تي لکيو. اهو منهنجي لاءِ خوشيءَ جو ڪارڻ آهي. مان پنهنجي پروگرام ۾ عدم تشدد کي ضروري ٺهرايو آهي. ان ۾ مهاتما گانڌيءَ جا ممنون آهيون ۽ عدم تشدد جي اخلاقي حيثيت کي ڄاڻان ٿو. انهيءَ بنياد تي پوليٽيڪل پروگرام جي تربيت ۽ اهميت مهاتما گانڌيءَ کان سکي. هُن اسان کي حضرت مسيح جي تعليم جي يادگيري ڏياري آهي جا اسان وساري چڪا هئاسين. مون کي اهو به پتو آهي ته اسلام جو پهريون دور انهيءَ سياسي اصول تي عامل هو، دانائيءَ جي ڳالهه مؤمن جي وڃايل وٿ آهي پوءِ جتي به هٿ اچيس ته اهوئي ان جو مالڪ آهي. مڪه معظمه ۾ پهچڻ ۱۳۴۴هه ۾ حج جي موسم ۾ مڪه معظمه ۾ خلافت ڪانفرنس منعقد ٿيڻ واري هئي ۽ منهنجا سمورا دوست ان ۾ اچڻ وارا هئا. مان هنن جي ملاقات لاءِ ترڪيءَ مان اٽليءَ جي رستي مڪه معظمه پهچڻ جي ڪوشش ڪئي. مگر ڪانفرنس ختم ٿيڻ کان پوءِ صفر ۱۳۴۵هه ۾ پهتس. آءٌ پنهنجي پوزيشن کي صحيح نموني ۾ ڄاڻيندو هوس. تنهن ڪري حجاز گورنمينٽ کي يقين ڏياريم ته آءٌ هتي ڪابه سياسي پروپيگنڊا ڪانه ڪندس، جنهن مون تي اعتماد ڪيو ۽ انهيءَ اعتماد سبب آءٌ بلڪل محفوظ رهجي ويس. مان جيڪڏهن ڪنهن وقت ڪنهن ٿورڙي امداد جي گهر ڪئي ته حڪومت ان کي پورو ڪيو ۽ منهنجي پنهنجي نموني ۽ پنهنجي مٿي رهڻ ۾ حڪومت جا اهلڪار حارج نه ٿيا تنهن ڪري هو منهنجي پاران تمام گهڻي شڪريي ۽ دعا جا حقدار آهن. جزاهم الله تعاليٰ خيراً مڪي جا علماءَ مون کي مڪي وارن مان ٽن هندوستاني ۽ هڪ عرب خاندان خاص طرح علمي امداد پهچائي، سڀ کان پهريائين شيخ عبدالوهاب دهلويءَ (حاجي علي جان وارا)، ٻيو شيخ عبدالستار بن عبدالوهاب دهلوي، ڪتبي مرحوم، ٽيون حضرت ابو اشرف مجدديءَ انهن جي ڪتب خانن مان فائدو ورتم. عرب خاندان مان منهنجي شيخ محمد بن عبدالرزاق حمزه شيخ دارالحديث ۽ شيخ ابو السمح امام الحرمين جو خاندان آهي. منهنجو علمي شغل آءٌ اٽڪل ۱۲، ۱۳ سالن کان قرآن عظيم ۽ حجة الله البالغه جو نهايت اونهي نظر سان مطالعو ڪندو رهيس. قرآن عظيم جي تفسير ۾ جيتريون جايون به مشڪل هيون تن کي مان امام ولي الله دهلويءَ جي اصول تي اطمينان سان حل ڪندو رهيس. جيڪي ماڻهو امام ولي الله دهلويءَ کي اسان وانگي نٿا مڃين اسان تن جي اطمينان ڏيارڻ جي دعويٰ ڪري نٿا سگهون. پر مون کي پنهنجي اصول تي قرآن عظيم ۾ قابل عمل نصاب تعليم نظر آيو ۽ ان معاملي ۾ هن تجلي ريز مقدس مقام (مڪه معظمه) جو تاثير ضرور قبول ڪرڻو پوي ٿو. ان زماني ۾ امام ولي الله دهلويءَ جي مشهور ڪتابن جو خاص طور مطالعو جاري رکيم. مثلاً بدور بازغه، خير ڪثير، تفهيمات الاهيه، سطعات، الطاف القدس، لمعات وغيره. انهن ڪتابن جي سمجهڻ لاءِ ڪنجيءَ طور مان مولانا رفيع الدين دهلويءَ (ولد امام ولي الله) جو ڪتاب تڪميل الاذهان ۽ (مولانا محمد اسماعيل شهيد امام ولي الله جي پوٽي جو) ڪتاب عبقات ۽ مولانا محمد قاسم جي ”قاسم العلوم“ ۽ ”تقرير دل پذير“ ۽ ”آب حيات“ کي استعمال ڪندو رهيس. مون کي انهن ڪتابن جي پڙهائڻ جو موقعو به مليو ۽ ان سان گڏ قرآن عظيم جو درس به جاري رهيو، جنهن ڪري منهنجا نظريا بلڪل وسيع ٿي ويا. (ف لله الحمد) امام ولي الله دهلويءَ جي حڪمت جيڪڏهن مون کي اجازت ڏني وڃي ته آءٌ هن ريت ظاهر ڪريان ته آءٌ امام ولي الله دهلويءَ کي حڪمت جو مجتهد مستقل فرض ڪريان ۽ امام عبدالعزيز (ولد امام ولي الله) ۽ مولانا رفيع الدين دهلويءَ کي مجتهد منتسب جو درجو ڏيان ۽ مولانا محمد اسماعيل شهيد ۽ مولانا محمد قاسم کي مجتهد في المذهب جي درجي تي تسليم ڪريان، ان کان پوءِ مان هڪ اهڙو اسڪول قائم ڪري سگهان ٿو جنهن ۾ (الف) قرآن عظيم (ب) سنت رسول الله ﷺ ۽ سنت خلفاءِ راشدين (ج) تاريخ اسلام جي پوريءَ ريت عقلي تشريح موجود هجي. ان کان پوءِ دنيا جي سمورن مذهبن ۽ سندن مقدس ڪتابن جي تحقيق ۽ تطبيق به انهيءَ اصول تي آسان ٿي سگهي ٿي. (ذالک فضل الله يؤتيه من يشاءالله ذوالفضلٍ العظيم) وطن ڏانهن واپسي سنه ۱۹۳۶ع ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس منهنجي واپسيءَ لاءِ ڪوشش ڪئي ۽ منهنجا سمورا دوست ان جي تائيد ۾ ڪوشش ڪندا رهيا. جنهن ۾ سياسي مسلڪ جي اختلاف ۽ اتحاد جو ڪوبه خيال ڪونه رکيو ويو، انهيءَ ڪوشش جو هي نتيجو نڪتو جو مون کي پهرين نومبر ۱۹۳۷ع ۾ وطن واپسي جي اجازت ملي وئي ۽ پهرين جنوري سنه ۱۹۳۹ع ۾ پاسپورٽ ڏيڻ جو فيصلو ٿي ويو پر حج جي موسم مٿان اچي وئي هئي تنهن ڪري حج جي عبادات کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ واپسيءَ جو ارادو آهي. وطن پهچڻ کان پوءِ منهنجو پروگرام قريب قريب هيٺين ريت هوندو: (۱) اسان نيشنل ڪانگريس جا معمولي ميمبر ٿي رهنداسين ته جيئن عدم تشدد جي متعلق اسان جي جوابداري قومي قانون هيٺ اچي وڃي ۽ اسان پريشان دماغ دوستن جي پريشان ڪندڙ حرڪتن کان بچي وڃون. مگر اسان ڪانگريس جي ڪنهن به پارٽيءَ سان عملي حصي ۾ شرڪت ڪانه ڪنداسين. (۲) اسان جو محبوب مشغله امام ولي الله جي تعليم جي اشاعت جو هوندو. اسان علم وارن مان اعليٰ طبقه کي ان ڏانهن متوجه ڪندا رهنداسين جنهن ۾ ديني عالم ۽ جديد تعليم يافته ٻئي مخاطب هوندا، جيڪڏهن ڪوبه غيرمسلم هندو يا عيسائي آزاد خيال وارو انهيءَ فلسفه جو مطالعو ڪرڻ پسند ڪندو ته اسان ان جي پوري امداد ڪنداسين. (۳) جڏهن به حالات سازگار ٿيا تڏهن اسان نيشنل ڪانگريس ۾ فلسفه امام ولي الله جي روشنيءَ ۾ پنهنجي هڪ مستقل پارٽي تيار ڪنداسين جيڪا عام تعليم ۽ اقتصاد جي مسئلن تي قائم هوندي. والله هو الموفق والمعين. منهنجا تجربا ۽ مشاهدا اهو ضروري نه آهي ته انسان جنهن شيءِ جي تمنا رکي، ان جو مقصد جيڪڏهن خواهش واري صورت ۾ ئي پورو ٿئي ته انهيءَ کي ڪامياب سمجهيو وڃي. ڪن وقتن ۾ اهڙيون حالتون به پيش اينديون آهن جو انسان ڪنهن ڳالهه ۾ پاڻ کي ناڪام سمجهندو آهي پر انهيءَ صورت ۾ به جيڪڏهن سندس محنت صحيح ۽ سوچيل سمجهيل پروگرام تي عمل ۾ آئي آهي ته اها ڪڏهن به ضايع نه ٿي وڃي، پر ان تجربي کي حاصل ڪري پوءِ آئنده ٻئي ڪنهن شئي ۾ اهو نقصان پورو ڪري سگهي ٿو ۽ اڳتي انهيءَ قسم جي غلطين کان بچڻ جي هڪ مستقل شڪتي پڻ پيدا ٿي وڃي ٿي جيڪا عظيم الشان نتيجا پيدا ڪري سگهي ٿي. مون پنهنجي زندگيءَ جي مختلف راهن تي ڇا ڇا حاصل ڪيو آهي. اڄ مختصر نموني ۾ ان جي واقفيت ڪرائڻ گهران ٿو. هت جيون جي سفر جي نتيجن جو سمورو ذڪر ڪرڻ منهنجو مقصد نه آهي البته ٿورا اهڙا واقعا ۽ فڪر بيان ڪنداسون جن ۾ هڪ خاص قسم جو سلسلو هوندو جو ايندڙ مسئلن جي حل ڪرڻ ۾ ڪجهه مدد ڏئي سگهندو. مون پنهنجي جيون جي سفر جون اٺ منزلون بڻايون آهن: (۱) گهر ۽ اسڪول جي زندگي (۲) ديني علم حاصل ڪرڻ ۽ ان جي تڪميل ڪرڻ (۳) عملي پروگرام جو تعين ۽ ان کي سوڀارو بڻائڻ جي ڪوشش (۴) ڪابل ۾ قيام (۵) ماسڪو ۾ قيام (۶) استنبول ۾ قيام (۷) مڪي شريف ۾ قيام (۸) وطن ڏانهن واپسي. پهرين منزل: گهر ۽ اسڪول ۾ ۱۲۸۹هه (۱۸۷۲ع) کان ۱۳۰۴هه (۱۸۸۷ع) تائين (۱) اسڪول جي شاگرديءَ جي زماني ۾ تحفة الهند ۽ تقويت الايمان جي لڳاتار مطالعي سان اسلام جي حقانيت جو يقين حاصل ٿي ويو. (۲) سمجهيم ته ڪنهن کي به اسلام جي صحيح تعليم جي ضرورت هجي ته ان کي قرآن ۽ حديث پڙهڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته قرآن ۽ حديث ۾ اصلي تعليم محفوظ آهي. (۳) عام مسلمانن ۾ هندن وانگر غلط رسمون رائج ٿي ويون آهن جن جو اسلام سان لاڳاپو ڪونه آهي. (۴) مولوي محمد لکويءَ جي ڪتابڙي ”احوال الاخرت“ جي پڙهڻ سان عمل ۽ همت ۾ تيزي ايندي وئي. ٻي منزل ديوبند ۽ سنڌ ۾: ۱۳۱۵هه (۱۸۹۷ع) تائين (۱) دارالعلوم ديوبند ۾ شروعاتي علم حاصل ڪرڻ (۲) حضرت مولانا شيخ الهند جي خدمت ۾ حديث ۽ فقهه جي تڪميل (۳) مولانا محمد قاسم رحه جي حڪمت عمليءَ جي واقفيت ۽ محبت (۴) سندس عملي طريقي کي پنهنجو مرڪزي فڪر بڻائڻ (۵) سنڌ ۾ علمي مطالعو ۽ تحقيق (۶) ڪتاب ”حجة الله البالغه“ تي پورو ڀروسو ڪرڻ ۽ ان جي برڪت سان اطمينان حاصل ٿيڻ (۷) ڪتابڙي ”الفوزالڪبير“ جي اصول تي قرآن عظيم تي غور ڪرڻ (۸) حجة الله البالغه جي بنياد تي هر هڪ سورة جي آيت ۾ لاڳاپو پيدا ڪرڻ. (۹) قرآن عظيم جو (اڳين) ”سمورن دينن کي ميٽي ڇڏڻ“ واري حڪمت جو راز کلي پوڻ. ٽين منزل: سنڌ، ديوبند ۽ دهليءَ ۾ ۱۳۳۳هه (۱۹۱۵ع) تائين (۱) حضرت مولانا محمد اسماعيل شهيد ؓ جي اصول تي ننڍين ننڍين جماعتن جي تياري (۲) حضرت مولانا شيخ الهند جي نظام تي جماعت جي اعليٰ فردن جي تياري (۳) سنڌ ۾ دارالرشاد جو بنياد رکڻ (۴) دارالعلوم ديوبند ۾ جمعيت الانصار جو سيڪريٽري ٿي رهڻ (۵) دهليءَ ۾ نظارت المعارف جو برپا ڪرڻ. چوٿين منزل ڪابل ۾ ۱۳۴۰هه (۱۹۲۲ع) تائين (۱) ڪابل ۾ امير حبيب الله جي درٻاري سوسائٽيءَ جو اعتماد حاصل ڪرڻ (۲) عملي سياست جي صحيح واقفيت حاصل ڪرڻ (۳) پوري يقين سان هڪ فڪري انقلاب پيدا ٿي ويو ته جيڪڏهن هن زماني جا مسلمان بادشاهه پنهنجون ڪمزوريون دور ڪري سگهندا ته انهن جي حڪومت جي طرز بهر صورت يورپين هوندي. دهليءَ وارو پراڻو نظام اڄ نه هلي سگهندو. (۴) امير حبيب الله خان هڪ سڌاري پسند ۽ وڏي ارادي وارو بادشاهه هيو. هن جنهن قسم جو انقلاب آڻڻ گهريو ٿي ان جو مون گهرو مطالعو ڪيو آهي. جيتري قدر مون سمجهيو آهي تنهن موجب سندس خيال ۾ يورپ جي نون اصولن تي فوجي طاقت پيدا ڪرڻ جي ضرورت هئي، ان کان بي پرواهي ڪرڻ ناممڪن هئي. انهيءَ ڪري امير حبيب الله يورپ جي پيرويءَ تي مجبور هو. (۵) امير حبيب الله خان جي حڪم يا مشوري سان مان انڊين نيشنل ڪانگريس ۾ شامل ٿي ويس. ڪابل ۾ انقلابي هندو (به) موجود هئا جن اسان کي ڪم ۾ شريڪ بڻائڻ گهريو. (۶) ڪابل جي تفصيلي حالتن سمجهڻ کان پوءِ مون کي خبر پئي ته ديوبندي نظام جيتريقدر هندوستاني مسلمان کي فائدو پهچايو آهي جنهن ڪري هنن پنهنجي مرڪزيت محفوظ ڪري ڇڏي آهي، تنهن کان وڌيڪ فائدا هن (ديوبندي) نظام افغانستان کي پهچايا آهن. افغاني حڪومت ۽ قبيلن جي سردارن ۾ اهڙا ماڻهو تمام ٿورا هوندا جن ديوبند کان فيض حاصل نه ڪيو هوندو. مگر اُهي پاڻ کي ديوبندي ظاهر نه ٿا ڪن. منهنجي آڏو ڪيترن ئي تجربن کان پوءِ جيڪي نتيجا سامهون آيا تن مان هي يقين پيدا ٿيو ته اسان جا نوجوان، ڪاليج ۾ پڙهيا هجن يا ديوبند ۾ هنن جو جيڪڏهن آزاد زندگيءَ جي پروگرام ۾ ڪنهن به ٻي قوم سان مقابلو ٿيندو ته هو ڪنهن به ٻي قوم کان پٺتي نه رهندا. هن ۾ مسلم قومون ۽ يورپين قومون ٻئي هڪ جهڙيون آهن. حقيقت ۾ انهيءَ تجربي منهنجي ذهنيت ۾ هندستانيت جو انقلاب پيدا ڪيو آهي. اڳتي هلي دولت عثمانيه جي شڪست سان اتحادِ اسلام جو مرڪز يا خلافت باقي نه رهي. انهيءَ ترڪن وانگر پنهنجي هندوستاني مرڪز تي اعتماد سيکاريو. (جيئن ترڪن دنيا جي مسلمانن کي ڇڏي پاڻ تي اعتماد ڪيو.) پنجين منزل ماسڪو ۾ ۱۳۴۱هه (۱۹۲۳ع) تائين (۱) انقلاب جي ڪاميابيءَ لاءِ پارٽي ڊڪٽيٽرشپ ضروري آهي. (۲) جنگ يا ٻئي ڪنهن حادثي جي ڪري جيڪڏهن حڪومت ڪمزور ٿي وڃي ته ان حالت ۾ ڪمزور جماعتن کي عوام جي کاڌي جي سوال جو بندوبست سڀ کان پهريائين پاڻ تي کڻڻ گهرجي. ايئن ڪرڻ سان اُها جماعت حڪومت تي قابض ٿي ويندي. (۳) جيڪڏهن هڪ ديندار جماعت، هڪ ظالم طاقت سان ظلم جي پٺڀرائي ڪندي ۽ ان جي مقابلي ۾ ٻي هڪ بي دينن جي جماعت عوام تان ظلم ختم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندي ته اها بي دينن واري ٽولي ديني جماعت تي غالب پئجي سگهي ٿي پر انهيءَ کي اسان بي دينيءَ جو غلبو نه ٿا سمجهون. ڇاڪاڻ جو امام ولي الله دهلويءَ جي اصول موجب پيٽ جي تنگي يا مالي مشڪلاتن واري ظلم جو ملڪ مان دور ڪرڻ سمورن آسماني دينن جو بنيادي مقصد آهي. (۴) ماسڪو جي سوسائٽي جي مطالعي کانپوءِ اسان امام ولي الله دهلويءَ کي سياست ۾ پنهنجو مستقل امام مڃون ٿا (۵) جيڪڏهن ڪنهن به انقلابي بي دين جماعت پاران اسلام تي حملو ٿئي ته اسان امام جي اصول جي پابنديءَ سان نوجوانن کي اسلام جي طرف کان پوري پوري مدافعت ڪرڻ جا طريقا سيکاري سگهون ٿا. ڇهين منزل: استنبول ۾ ۱۳۴۴هه (۱۹۲۷ع) تائين (۱) مون تي هيءَ حقيقت ظاهر ٿي ته هندوستاني مسلمان جي پٺتي رهجي وڃڻ جو اصلي سبب هي آهي ته هو حالتن کان ناواقف رکيا ويا آهن. مان ڏاڍو حيران ٿيس جڏهن ڏٺم ته دارالخلافه جو ننڍو وڏو ماڻهو يورپين زندگي گذاري رهيو آهي ۽ خليفة المسلمين ۽ سندس گهراڻو اٽڪل ٻن سؤ سالن کان يورپ جي مٿانهين سوسائٽيءَ جي رسمن ۽ عادتن جا پابند آهن، پر اسان جي ملڪ ۾ بهترين عالمن جو هڪ طبقو يورپين رهڻي ڪهڻيءَ کي اسلام جي ابتڙ سڏي رهيو آهي. (۲) هڪ اهڙي مسلم (ٿورائيءَ واري) قوم جيڪا غير مسلم اڪثريت جي گهيري ۾ آيل آهي تنهن جو پهريون فرض هي آهي ته: (الف) هن جو هر مرد ۽ عورت تعليم يافته هجي (ب) هن جو هر مرد يا عورت ڪانه ڪا فوجي خدمت ادا ڪرڻ جي مهارت پيدا ڪري. (ج) هو قوم جي غيرمسلمن سان گڏجي رهڻ لاءِ پنهنجي حال آهر هڪ قومي پروگرام ٺاهي. (۳) ڳوٺاڻن کي سندن مادري زبان ۾ تعليم ڏيڻ گهرجي. لکڻ جو طريقو جيستائين ممڪن ٿي سگهي اوترو سؤلو اختيار ڪرڻ گهرجي. اسان جي زماني ۾ رومن ڪيريڪٽر ۽ ٽائيپ رائيٽر جي مدد سان گهڻو ئي ڪجهه آسان ٿي ويو آهي. ان کي انٽرنيشنل پوزيشن حاصل آهي. انهيءَ ڪري ترڪن ان کي اختيار ڪيو. انور پاشا مرحوم فوجين جي جبري تعليم لاءِ لکڻ جو هڪ نئون طريقو ايجاد ڪيو هو. هڪ اهڙو واقعو پيش آيو جو اڻ آزمودگار منشين جي ٿوري غلطيءَ جي ڪري هڪ پوري فوج تباهه ٿي وئي. ان (واقعي) کان پوءِ ان (لکڻ جي نموني) کي ڇڏيو ويو. اسان هتي ويهي، سنڌ ۾ ترڪيءَ (جهڙن) سڌارن جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي: (الف) هن تعميري ڪم واسطي اسان ڊومينين اسٽيٽس جو پروگرام ٺاهيو آهي. (ب) سمورن مذهبي ۽ معاشي جهڳڙن کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان يورپين ازم کي آخري علاج ڪري مڃيو آهي. (ج) بيدينيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان يورپين ازم کي آخري علاج ڪري مڃيو آهي. (ج) بيدينيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان امام ولي الله جي فلسفي کي پنهنجي پارٽيءَ جو بنيادي اصول (ڪري) قبول ڪيو آهي. انڊين نيشنل ڪانگريس ۾ گانڌي ازم جي خلاف هيءُ پهريون ئي آواز آهي، ان کان پوءِ سوشلسٽ آهن. ستين منزل: مڪه معظمه ۾ ۱۳۵۶هه (۱۹۳۹ع) تائين (۱) سڀ کان پهريائين اسان مڪي معظمه ۾ حڪومت سان هڪ ڪانگريسيءَ جي حيثيت ۾ پنهنجو تعارف ڪرايو، جنهن جو اسان کي هيءُ فائدو ٿيو جو هندوستاني مسلمانن جي پاڻ ۾ مذهبي جهڳڙن ۾ اسان غيرجانبدار ليکجڻ ۾ آياسون نه ته مون لاءِ اُتي سخت مشڪلات پيدا ٿي پوي ها. (۲) حرم شريف ۾ مون امام ولي الله جي حڪمت پڙهائڻ شروع ڪئي جنهن ۾ چڱي درجي جا عالم شريڪ ٿيندا رهيا. خاص ڪري جاوي مسلمانن وڌيڪ دلچسپي ڏيکاري. (۳) مون امام ولي الله جي فلسفي جو اونهو اڀياس شروع ڪري ڏنو، سموري قرآن شريف جي تفسير تي نظرثاني ڪندو رهيس جنهن ڪري مون کي پنهنجا جهونا ساٿي به نه ٿا سڃاڻي سگهن. (۴) علامه موسيٰ جارالله آفنديءَ منهنجي تفسيري بيانن کي لکت ۾ آندو آهي، پر مان ان کان پوءِ به لڳاتار غور ڪندو رهيس، وقتاً فوقتاً عجيب عجيب حقيقتون ظاهر ٿينديون رهنديون آهن. افسوس اٿم جو منهنجن پراڻن ساٿين ۾ ڪوبه وڏي همت وارو ڪونه رهيو آهي جو منهنجي مطالعي ۽ ڄاڻ کي ٻڌي. اهڙيءَ ريت پنهنجي سياسي پروگرام ۾ جيڪو يورپ ۾ ڇپجي چڪو آهي ان ۾ به مان گهڻي اصلاح ڪري چڪو آهيان. (۵) مون کي ممڪن نظر نه آيو ته مان هندستان کان ٻاهر ويٺو رهان ۽ منهنجي خيالن کان فقط محدود ٽولي واقف ٿيندي رهي، تنهن ڪري جڏهن وطن واپس اچڻ جو موقعو مليو ته مان اُهي سموريون پابنديون پنهنجي فيصلي مطابق قبول ڪيون جيڪي گورنمينٽ طرفان مون کي پيش ڪيون ويون، اهڙيءَ ريت منهنجي واپسي آسان ٿي وئي. (۶) مون مڪي معظمه مان خط لکيو ته ڪانگريس کان ٻاهر رهي ڪو به سياسي ڪم نه ڪندس. سمجهو ته مسلم ليگ، جمعيت العلماء، احرار، خاڪسار وغيره تحريڪن کان واسطو ٽوڙي ڇڏيم. مان ڪانگريس اندر گانڌي پارٽي کي سرمائيداري ۽ برهمڻ ازم جو مجموعو سمجهان ٿو ۽ ماسڪو واري بي دين پروگرام کان فارع ٿي چڪو آهيان. انهيءَ ڪري ٻنهي پارٽين کي قبول نه ٿو ڪريان ۽ جڏهن ڪو موقعو مليو تڏهن پنهنجي مستقل پارٽي ٺاهيندس. اٺين منزل: وطن ۾ واپسي ۱۹۳۹ع ۾ ۷مارچ ۱۹۳۹ع تي ڪراچيءَ پهتس ۽ ۱۰ ڊسمبر ۱۹۳۹ع تي جمنانربدا سنڌ ساگر پارٽي (ٺاهڻ) جو اعلان ڪيم، اهو اُهو ئي پروگرام آهي جنهن جو خاڪو ترڪيءَ ۾ ٺاهيو هيم، نومبر ۱۹۴۰ع ۾ جامعه مليه (دهليءَ) ۾ شيخ الهند جي ياد ۾ بيت الحڪمت جي ڪوشش شروع ڪئي وئي، انهن ٻنهي تحريڪن جو تفصيلي پروگرام جدا ملي سگهندو. ۲۰ فيبروري ۱۹۴۲ هندي بيت الحڪمت قاسم العلوم لاهور مولانا عبيدالله سنڌي تاريخ ساز شخصيت عرفان ڪريم مغل مولانا محمود الحسن جي شفقت ۾ ڪيترائي عالم اڪابر دارالعلوم ديوبند مان فارغ ٿي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي ويا، انهن مان هڪ مولانا عبيدالله سنڌي پڻ هو. ۱۸۵۷ع جي انقلاب کانپوءِ هندوستان جي مسلمانن جي طاقت ٻن ڀاڱن ۾ ورهائجي وئي، هڪ جو مرڪز عليڳڙھ هو ۽ ٻئي جو مرڪز ديوبند ٿيو، عليڳڙھ مسلم ليگ پيدا ڪئي ۽ ديوبند جمعيت العلماءِ هند پيدا ڪئي. انهن عالمن اڪابرن پوري دنيا ۾ پنهنجي علم جي روشني جي ذريعي انقلاب جي باھ ٻاري ۽ شعور ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪئي، جن ۾ مولانا حسين احمد مدني، مولانا ابوالڪلام آزاد، مولانا عبدالحق، مولانا عبيدالله سنڌي شامل آهن. پنجاب جي علائقي چيانوالي، ضلعي سيالڪوٽ جي سک گهراڻي رامسنگ جي گهر ۾ ۱۰ مارچ ۱۸۷۲ع تي هڪ ٻار پيدا ٿيو، جنهن جو نالو بوٽا سنگھ رکيو ويو، سندس ڏاڏي جو نالو چسپتراءِ، ۽ سندس پڙڏاڏي جو نالو گلاب راءِ هو. سکن جي حڪومت جي دور ۾ گلاب راءِ پنهنجي ڳوٺ جو مختيارڪار هو. سندس خاندان جو اصلي پيشو سونارڪو هو پر ڪنهن وقت کان هڪ حصو سرڪاري نوڪريءَ ۾ لڳي ويو، ۽ انهن ۾ ڪيترا شاهوڪار وياج تي پيسو ڏيڻ جو ڌنڌو ڪندا هئا. بوٽا سنگھ جي ڄمڻ کان چار مهينا اڳ ئي وفات ڪري ويو هو، ٻن سالن کان پوءِ سندس ڏاڏو به گذاري ويو. جنهن بعد بوٽا سنگھ کي سندس والده پنهنجي يتيم ٻارڙن سميت پيڪن جي گهر ڄامپور ضلعي ڊيري غازي ۾ آئي. ننڍڙي بوٽاسنگهھ کي ڇهن سالن جي ڄمار ۾ اسڪول ۾ ويهاريو ويو. هي اسڪول ۾ ذهين ٻار ليکيو ويندو هيو. هن کي ڪتابن پڙھڻ سان ننڍي عمر ۾ شوق هيو. ان وقت پاڻ اٺين جماعت ۾ پڙهندو هو، ۱۸۸۴ع ۾ کيس هڪ دوست ڪتاب“تحفةالهند”نالي پڙھڻ لاءِ ڏنو، جيڪو هڪ نئين مسلمان ٿيل سک جو لکيل هيو. جيڪو اسلامي تعليمات تي لکيل هيو. هن ڪتاب ننڍڙي بوٽاسنگھه جي ذھن ۾ ولولو پيدا ڪري وڌو. اسلام جي توحيد پرستي کيس متاثر ڪيو ۽ وڌيڪ ڪتاب پڙھڻ لڳو. پنجاب مان نڪري سنڌ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڀرچونڊيءَ۾ حافظ محمد صديق سميجي جي هٿ تي بيعت قبول ڪري اسلام جي حلقي ۾ داخل ٿيو، سندس نالو ڪتاب جي مصنف جي نسبت سان عبيدالله رکيو ويو. سندس سنڌ ۾ ڪوئي مٽ مائٽ نه هيو، هن حافظ کي پنهنجو ابو سڏيو ۽ پنجابي قوميت جو چولو لاهي سنڌي قوميت جو پهراڻ بدن تي پهريو، سنڌ کي پنهنجي امڙ بڻايو. ان ڏينهن کانپوءِ تاريخ ۾ شخصيت نمودار ٿي جنهن کي اڄ پوري دنيا ۾ “مولانا عبدالله سنڌي”جي نالي سان سڄاتو وڃي ٿو. سال ۱۹۲۲ع ۾ پاڻ ماسڪو مان ٿيندو ترڪيءَ جي دوري تي ويو، روس جي دوري دوران ڪميونسٽ اڳواڻ لينن سان ملاقات جي حوالي سان ڪجھ مورخ لکن ٿا ته مولانا عبيدالله سنڌي سان ملاقات ٿي هئي ڪي مورخ لکن ٿا لينن بيمار هئڻ جي ڪري ملاقات نه ٿي سگهي. مولانا علم جو ڄاڻو، ذهين شخصيت جو مالڪ هو. روس جي حڪومت مولانا کي پنهنجو معزز مهمان ڪري ڄاتو، ۽ کين مطالعو ڪرڻ لاءِ هر قسم جي سهوليت ڪري ڏنائون، انهيءَ مطالعي جو نتيجو اهو ٿيو، جو مولانا جن پنهنجي مذهبي تحريڪ (جا امام شاھ ولي الله دهلويءَ جي فلسفي تي مبني آهي) کي هن زماني جي لادينيءَ جي حملي کان محفوظ رکڻ لاءِ تدبيرن سوچن ۾ ڪامياب ٿيا. جنهن بعد مولانا انگورا ويا. ترڪيءَ جي سفير ۽ ماسڪو جي وزارت خارجه- ٻنهي گڏجي مولانا لاءِ سفر جو رستو آسان ڪري ڏنو. برطانوي جاسوسن کي انهيءَ راز جي بلڪل خبر ڪانه هئي. مولانا جن ساندھ ٽي سال ترڪيءَ ۾ رهي، تحريڪ اتحاد اسلاميءَ جو تاريخي مطالعو ڪيو. حضرت مولانا يورپ مان ٿيندا مڪه معظمه پهتا، ۽ ساندھ ٻارهن سال مڪه معظمه ۾ رهيا پر حڪومت سان سندن ڪوبه تعلق ڪونه هو، نه وري مولانا جن ڪو سياست ۾ بهرو وٺندا هئا. مولانا جن فرمائيندا هئا ته ’اسان خانه ڪعبه ۾ اچي امن ورتو آهي‘. اتي مولانا صاحب جن ڀوپال جي رباط ۾ رهندا هئا، ۽ پنهنجي هميشه واري دستور موجب توڪل واري زندگي بسر ڪندا هئا. اسلامي دنيا جا ڪيترائي عالم ۽ هندستان جا انگريزي خواندا کانئن قرآن حڪيم جو درس وٺندا هئا. مڪي معظمه جي حرم جو پيش امام ۽ ٻيا علماء ڪرام، جي جامع ازهر جا فارغ التحصيل هوندا هئا، اهي به مولانا مرحوم وٽ قرآن حڪيم جو درس وٺندا هئا. روس جو عالم موسيٰ جارالله جڏهن مڪه معظمه ۾ آيو، ته مولانا جو درس ٻڌي گرويده ٿي پيو ۽ مولانا صاحب کان درس وٺندو رهيو. مولانا صاحب ترڪي جي دوري دوران ۱۹۲۴ع ۾ هڪ مقالو“سرواجيه پارٽي جو منشور”جي نالي سان لکي ڇپائي هندوسان موڪليو، هندوستان جي حڪوت ان جي داخلا تي پابندي لاڳو ڪئي. ان ۾ مولانا عبيدالله سنڌي لکيو ته:موجوده سرمائيداري نظام کي اسين رد ڪريون ٿا، پر ان جي بدران ڪوبه اهڙو نظام قبول نٿا ڪريون جنهن ۾ مذهب لاءِ بلڪل گنجائش نه هجي ۽ اهو ٿوري انفرادي ملڪيت جي اجازت نه ڏيندو هجي. ڇاڪاڻ ته اسان جي ملڪ جي ۷۲ سيڪڙو آبادي پراڻي زرعي سرشتي هيٺ زندگي گذاري ٿي، عوام ۾ مذهبي رسمون سندن معاشرت جو جزو بڻجي چڪيون آهن. جيڪڏهن انهن ڳالهين جو خيال نه ڪري ڪوبه پروگرام ٺاهيو ويو ته آزاديءَ جي تحريڪ گهڻو پوئتي ڌڪجي ويندي. اسان نئون اقتصادي ۽ سياسي نظام پيش ڪرڻ وقت پنهنجي پارٽيءَ جي ميمبرن لاءِ جيڪي آزاد هند جي نئين حڪومت ٺاهيندا. هي شرط لاڳو ڪيو ويو آهي ته هو پنهنجين ذاتي گهرجن ۽ خرچن کي ملڪ جي وچين هاري طبقي کان مٿي نه وڌائيندا. جيئن حڪومت ۾ سرمائيداريءَ جي ڪهڙي ريت به ٻيهر پيدا ٿيڻ جي گنجائش نه رهي ۽ اسان جي پارٽيءَ بابت هي شڪ نه ٿي سگهي ته ان جو پروگرام فقط پاڻ پالڻ آهي يا هڪ سياسي چال جي حيثيت رکي ٿو. جامعه مليه دهلي ۾“يادگار شيخ الهند”جو افتتاحي خطبي ۾ مولانا فرمايو ته:“اسان نظريا ته اُهي ئي مڃيون ٿا جيڪي امام ولي الله دهلويءَ کان وٺي شيخ الهند تائين اسان جن بزرگن مقرر ڪيا پر اڄوڪي انقلابي دور ۾ انهن عظيم مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پورگرام اسان يورپ کان سکڻ ضروري سمجهون ٿا. جيئن سڀني مشرقي ملڪن ۾ هڪ صديءَ کان ٿي رهيو آهي. جاپان، ترڪي ۽ گذريل جنگ کانپوءِ ايران، افغانستان ۽ سڀني عرب ملڪن ۾ آخر ۾ نيشنل ڪانگريس جا رهنما سڀ يورپ کان سکندا رهيا. تنهن ڪري اسان نوجوانن کي پنهنجي علمي نظرين سان گڏجي عملي تجربن سکڻ لاءِ کين يورپين بڻجڻ جي دعوت ڏيون ٿا. ” ڪانگريس جي ضلعي ڪاميٽي ڪانفرنس ۾ افتتاحي تقرير ڪندي مولانا چيو ته؛“مون ٻڌو آهي ته مسلم ليگ جو ڊڪٽيٽر مسٽر محمد علي جناح صاحب بالقابه سنڌي آهي. مان سندد خدمت ۾ آل انڊيا ليڊر جي حيثيت سان نه پر هڪ سنڌي لبرل جنٽيلمين جي حيثيت سان عرض ٿو ڪريان ته جيڪڏهن مون کي ساڻس ملڻ جو موقعو مليو ته مان کيس ٻه ڳالهيون ذهن نشين ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندس. کيس ڪرسي ڇڏي ڌرتيءَ تي ڇو ويهڻ گهرجي؟ فيڊريشن مان اسان جي مراد ڇا آهي؟ مان ڇو فيڊريشن کان سواءِ هندوستان جي ترقي جو ٻيو ڪوبه امڪان ڪونه ٿو سمجهان؟ افسوس آهي جو اسان جي نظر ۾ فيڊريشن کي نه ڪو ڪانگريس ٿي سمجهي ۽ نه ليگ. ڪانگريس کي قائل ڪرڻ لاءِ اسان کي تڪڙ آهي پر ليگ کي پنهنجو نقطه نظر سمجهائڻ اسان ضروري سمجهون ٿا. “ دارالعلوم ديوبند کان موٽي آيا ته مولانا ابوالحسن تاج محمود امروٽي وٽ پهتا، پهريان حافظ محمد صديق ڀرچونڊي وارن ڏانهن ويا جتي خبر پئين ته حافظ محمد صديق فوت ٿي ويو، جنهن بعد مولانا تاج محمد امروٽي وٽ آيا. مولانا ابوالحسن تاج محمود امروٽ کي خيال ڪيو ته مولانا جي شادي ڪرائجي، سو کين سکر ۾ اسلاميه اسڪول جي مولوي ماستر محمد عظيم خان يوسف زئي جي صاحبزاديءَ سان نڪاح ڪرايائون. مولانا جي والده کي به ان وقت گهرايو ويو. ان کان پوءِ سندن والده ساڻن گڏ رهي، ۽ پنهنجي اصلي سک مذهب تي محڪم هئي. مولانا عبيدالله سنڌي پيغام کي عام ڪرڻ جي لاءِ مولانا تاج محمد امروٽي سان گڏجي ماهوار رسالو“هدايت الاخوان”جاري ڪيو. حضرت امروٽي، مولانا جي مطالعي خاطر تمام وڏو ۽ ناياب ڪتبخانو گڏ ڪيو. مولانا جن نهايت ئي اطمينان سان مطالعو ڪندا رهيا، ۽ حضرت جن مولانا کي پنهنجي اولاد وانگر سمجهندا هئا. ڳوٺ پير جهنڊي ضلعي حيدرآباد ۾ راشدي طريقي جي پير صاحبن وٽ ديني علم جو بينظير ڪتبخانو هو. مولانا جن دوران مطالعي ۾ ڳوٺ پير جهنڊي واري پير صاحب ڏانهن به تمام گهڻو ايندا ويندا هئا. مولانا جي مطالعي جي اضافي ۾ ڪتبخاني جو وڏو دخل هو، ان سان گڏ حضرت مولانا جن پير رشيدالدين صاحب جي صحبت مان به مستفيد ٿيا، ۽ ذڪر ”اسماءَ الحسنيٰ”به انهن کان سکيا. هي بزرگ دعوت توحيد ۽ جهاد جو هڪ مجدد هو. حضرت مولانا جن پير ابوالتراب رشدالله صاحب العلم الرابع سان به علمي صحبتون ڪيون. هو صاحب علم حديث جو وڏو عالم ۽ صاحب تصنيف هو. ان کان سواءِ، قاضي فتح محمد نظاماڻي صاحب سان به علمي باري ۾ روح- رهاڻيون ڪيائون. قرآن شريف، حديث ۽ فقه جي تحقيق ۾، حضرت مولانا محمد قاسم صاحب رحه ديوبنديءَ کان ويندي امام شاھ ولي الله رحه دهلويءَ تائين جيڪي به وچ ۾ عالم ٿي گذريا، تن کي مولانا صاحب پنهنجو امام تسليم ڪيو. مولانا صاحب جن ۱۹۱۴ع ۾ دهليءَ ويا، جتي پاڻ ڊاڪٽر انصاري ۽ حڪيم اجمل خان سان گڏجي، ترڪيءَ کي بچائڻ ۽ هندستان کي آزاد ڪرڻ جي تحريڪ ۾ حصو ورتائون. هندستان جو پهريون وزيراعظم جواهر لال نهرو غلاميءَ جي زماني ۾ شايد اٽليءَ ۾ امام سنڌيءَ کي مليو، ان جو ذڪر نهروءَ پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو ته آهي پر ملاقات جو موضوع ۽ تفصيل ڪو نه لکيو اٿس صرف هي لکيو اٿس ته سنڌي صاحب وٽ هر مشڪل مسئلن جو وڏو حل موجود هو. امام سنڌي جڏهن جلاوطني ختم ڪري هندستان واپس موٽڻ لاءِ سعودي حڪومت ۾ برطانيه جي جدي واري قونصل خاني کان ويزا جو مطالبو ڪيو ته قونصلر مولانا جو اهو مطالبو لنڊن موڪليو، انهن لکيو ته هن شرط سان کيس ويزا ڏني وڃي ته هندستان ۾ وڃي ڪو به سياسي عمل نه ڪندو ۽ ان لاءِ ڪو اتان جو ماڻهو بطور ضامن جي به ڏئي ته مولانا اهو شرط قبول ڪيو ۽ ضمانت لاءِ شهيد الله بخش سومرو وزيراعظم سنڌ کي پيش ڪيو. امام سنڌيءَ ڪنفيڊريشن قسم جي صوبائي خودمختياري واري منشور سان نئين پارٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو جنهن کي هو گهڻو هلائي نه سگهيو. ۷ مارچ ۱۹۳۹ع ۾ ۲۳ سالن جي جلاوطني کان واپس اچي ڪراچيءَ پهتو مولانا تان بندش ختم ٿي. ڪراچي بندر تي لٿو سندس استقبال ۾ سنڌ جو وزير اعلى خانبهادر الله بخش سومرو مرحوم گلن جا هار کنيو موجود هو. ۲۳ ورهين جو وڇوڙو ختم ٿيو. وطن واپسي تي ڪراچي ۾ هڪ تاريخي تقرير ڪندي چيو ته:“آءُ انقلاب جو پيغامبر بڻجي هندوستان موٽيو آهيان، اُهو ڏينهن پري ناهي جو برطانيه ۽ آمريڪا وارن کي پاڻ سنڀارڻ مشڪل ٿي پوندو. هن انقلاب کي قيامت کان گهٽ نه سمجهو، مون وڏن وڏن عالمن ۽ وڏن وڏن اميرن کي پنندي ڏٺو آهي، عڳزتن کي لٽجندي ڏٺو اٿم، هي سيلاب ڪو موسمي ڇوپهو ناهي جو آيو ۽ ويو، هي موجوده دور جي تاريخي گهرجن جو قدرتي نتيجو آهي قرآن حق آهي، انجيل حق آهي، تورات حق آهي، جيڪڏهن انجيل کي غلط رنگ ۾ پيش ڪرڻ سان نصارو ڪافر ٿي سگهي ٿو ته هن ملڪ جا مسلمان قرآن پاڪ کي غلط رنگ ۾ پيش ڪرڻ سان ڪيئن ٿا مسلمان رهي سگهن. هاڻي انقلاب جي گحڙي مٿان اچي بيٺي آهي پاڻ سنڀاريو نه ته ميسارجي ويندو. جيڪڏهن زندھ رهڻ گهرو ٿا ته اهڙي فلسفي کي قبول ڪيو، جنهن سان خدا تي ايمان به رهي ۽ غريبن جو ڀلو به ٿئي، جنهن جي ترجماني امام ولي الله دهلوي ڪئي آهي. جڏهن انقلاب غريب جي جهوپڙي کان اٿندو آهي ته اهو اميرن جي محلاتن کي به زمين ۾ ملائي ڇڏيندو آهي، جيڪڏهن اوهان انقلابي بڻجڻ گهرو ٿا ته قرآن ۽ سنت جي طريقي سان انقلابي بڻجو. جيڪڏهن مان مري وڃان ۽ منهنجي مرڻ کانپوءِ ٽن سالن تائين انگريز هندستان مان نه نڪري وڃي ته منهنجي قبر تي اچي چئجو ته انگريز هتي اڃا ويٺو آهي. آءُ توهان کي قبر کان جواب ڏيندس ته مون انگريز جي پاڙ بنياد کان ئي اکيڙي ڇڏي آهي. هنيئر هو هندستان ۾ نه ٿو رهي سگهي ۽ جلد اوهان مون کي ياد ڪندو، آءُ پنهنجي معاملي کي الله جي حوالي ڪيان ٿو. ” وطن واپسيءَ بعد، شاھ ولي الله جي فلسفي جي تشريح ۽ هدايت ڪندو رهيو. ان- فلسفي جي تدريس لاءِ “بيت الحڪمت‘ قائم ڪيائين، “بيت الحڪمت لاهور ۱۹۴۰ع ۾ قائم ٿيو ۽ ۱۵ مارچ ۱۹۴۴ع تي شاھ ولي الله جي فلسفي جي اشاعت- لاءِ “ولي -الله- سوسائٽي لاهور” جو بنياد وڌائين. جلاوطني ختم ڪرڻ کانپوءِ مولانا مسلسل جدوجهد ۾ رهيو، مولانا صاحب جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽي، محمد قاسم ولي الله سوسائٽي، سنڌ ساگر اڪيڊمي، سنڌ ساگر انسٽيٽيوٽ قائم ڪئي. مولانا سنڌي جي ڪتابن ۾“التمهيد في ائمة التجديد“، “شاھ ولي الله ۽ ان جي سياسي تحريڪ”، “شاھ ولي الله- ۽ ان جو فلسفئه محموديه”، “خطبات”، “اردو- شرح حجة الله البالغه ”جلد اول، “مبحث اول و دوئم”، “سلسله تفسير- قرآن” شامل آهن ان کان علاوھ اڪثر مقالا پڻ لکيا. مولانا عبيدالله سنڌي کان انگريز سرڪار ڊنل هئي، جنهن ڪري کيس ڳجهي نموني زهر ڏياريو ويو جنهن جا اثر سندس جسم تي ظاهر ٿيا ۽ رت جون الٽيون اچڻ لڳيون، ۲۲ آگسٽ ۱۹۴۴ع تي پنهنجي ڌيءَ وٽ دينپور تعلقي خانپور(رحيم يار خان) ۾ سندس ساھ جو سڳو ٽٽي پيو، سندس مرڻ کي انگريز قبول نه پئي ڪيو، هڪ ٽيم موڪليائين ته ڏسي اچو ساڳيو شخص ئي پوريو ويو آهي يا هي ٻيو ڪوئي ماڻهو اسان کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ ماريو ويو آهي، ان ڪميٽي رپورٽ ڏني ته واقعي مولانا وفات ڪري ويو آهي، تڏھن وڃي انگريز کي سرير ۾ ساھ پيو هيو. (ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۰ مارچ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل) مولانا عبيدالله سنڌي، سائين عبدالوارث دَل ۽ نياڻين جي تعليم الطاف شيخ منهنجو والد صاحب گل محمد شيخ هڪ عجيب فقير طبيعت جو انسان هو. هو اسان جي ڏاڏي جو اڪيلو پٽ هو... زندگي جا شروع وارا سال هو ڪپڙي پوشاڪ جو شوقين رهيو.... اعليٰ عطر استعمال ڪندو هو، نيرن بعد اوچو سگريٽ وڏي شوق سان ڇڪيندو هو.... پوءِ آمريڪا جي ڪارنيل يونيورسٽي (نيو يارڪ) مان ائگريڪلچر ۾ M. Sc ڪرڻ بعد وڌيڪَ مغربي تهذيب کي فالو ڪرڻ بدران هن مذهبي رخ اختيار ڪيو ۽ بيحد سادگي جي زندگي اختيار ڪئي.... ايتري قدر جو هن ان وقت کان جو کاڌي (هٿ جي اوڄي) جا ڪپڙا پائڻ شروع ڪيا ته ڊپٽي ڪمشنر ٿيڻ جي باوجود هن اها ڊريس قائم رکي. پنهنجي گاڏي نه فقط پاڻ هلائيندو هو پر اسان پٽن سان گڏجي ان کي صاف به پاڻ ڪندو هو. نيڪ ۽ قابل ماڻهن جي هن هميشھ عزت ۽ احترام ڪيو ٿي پوءِ اهي ماڻهو سندس ڪلاس ميٽ سيد غلام مصطفيٰ شاھ ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جهڙا هجن يا اسان جي ٻنيءَ جا غريب هاري الھ رکيو ۽ خانڻن ابڙيجو جهڙا. آچر واري موڪل تي نوڪري تان جڏهن ڳوٺ ايندو هو ته هو پنهنجي ٻني (زمين) تي اسانکي به وٺي هلندو هو..... چوندو هو ته زميندار کي ٻنيءَ تي گهڻي کان گهڻو وقت گذارڻ کپي.... ٻنيءَ لاءِ سڀ کان سٺو ڀاڻ زميندار جي جتيءَ جي دز آهي.... بهرحال اسان لاءِ انهن ڏينهن ۾ ڪار جو چڪر اهم هوندو هو..... پنجين ڪلاس کان وٺي مون ٻنيءَ تي وڃڻ شروع ڪيو هو. ’گل فارم‘ نالي اسانجيون زمينون ۽ باغ هالا ۽ سعيد آباد جي وچ ۾ پڪي رستي تي “ٻاروچي باغ” ڳوٺ کان ميل کن اڳتي “ونجھيرين” جي بس اسٽاپ وٽ آهي. ٻنيءَ جي چڪر بعد بابو اڪثر ڀر وارن ڳوٺن جي وڏيرن، عالمن، ڏاهن ۽ بزرگ شخصيتن سان پاڻ به ملندو هو ۽ اسان پٽن کي به ملائيندو هو. سعيد آباد ڀرسان “ڳوٺ پير جھنڊو” ۾ رهندڙ راشدي پيرن وٽ به ترسندو هو جتي منهنجي ملاقات موجوده گادي نشين پير جھندو سائين عباد الله شاھ جي والد صاحب “پير وهب الله شاھ راشدي” سان ٿي هئي جيڪو منهنجي والد جو هم عمر هو.... اهڙي طرح ڀر وارن ٻين ڳوٺن: شهمير راهو، صابُو راهو، بکر جمالي (جتي جو اڄ ڪلھ وارو اي آئي جي پوليس جمالي صاحب آهي)، وغيره جي ڳوٺن جي ڪن ڪن اهم ۽ والد صاحب جي پسنديده ماڻهن سان ٿيندڙ ملاقاتون اڄ به ياد اٿم. انهن ڏينهن ۾ نه مون وٽ ۽ نه منهنجي والد وٽ ڪئميرا هُئي جو کڻي فوٽو ڪڍجن. ابراهيم منشي نالي بابا جو هڪ دوست جيڪو ٻيلي کاتي جو آفيسر هو، مون فقط ان وٽ ڪئميرا ڏٺي جيڪو اسانجي هالا واري اوطاق تي ايندو هو ته اسان ٻارن جا فوٽو ڪڍندو هو. بهرحال بابا جي ڏينهن وارا من پسند ماڻهو اڄ منهنجي پيءُ وانگر هن جهان ۾ نه رهيا آهن پر انهن جي اولاد سان اڄ به ملاقات ٿيندي رهي ٿي. هتي فقط هڪ، بابا جهڙي سادي طبيعت ۽ نيڪ اخلاق واري انسان مولانا عبدالوارث دَل جو ذڪر ڪرڻ چاهيندس جنهن جي بابا تمام گهڻي تعريف ڪندو هو. آئون به اڄ ڏينهن تائين اهڙن کي نه فقط اهم ۽ نيڪ انسان سمجھان ٿو.... بلڪ عظيم سمجھان ٿو ۽ اهو ئي سوچيان ٿو ته هن جهڙن ماڻهن کي جَسُ هُجي جن گهٽ پگهار ۽ وڏي عيال هوندي به پنهنجن ٻارن کي اعليٰ تعليم جهڙو زيور ۽ اخلاق ڏنو. مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي وانگر سعيد آباد جي هن ماستر عبدالوارث دَل صاحب پنهنجن پٽن سان گڏ نياڻين کي به پڙهايو. هو مولانا عبيدالله سنڌي جو وڏو معتقد هو جنهن جڏهن کيس چيو ته ٻارن کي انگريزي پڙهائڻ ضروري آهي ته هن نه فقط سڀني ٻارن کي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي اعليٰ تعليم ڏياري پر وڏن ٻن ٻارن (نياڻين) کي تعليم ڏيارڻ بعد گهر ۾ ڇوڪرين جو اسڪول هلائڻ لاءِ پڻ چيو. هو هڪ عجيب نيڪ انسان هو جنهن کي مون شروع جي سالن بعدوري سندس زندگي جي آخري سالن ۾ ڏٺو جڏهن سالن جا سال جهاز هلائي، ولايت ۾ نوڪريون ڪري پنهنجي وطن جي مئرين اڪيڊمي ۾ پڙهائڻ آيس ۽ منهنجي رٽائرمينٽ ۾ يعني سٺ سال پورا ٿيڻ ۾ باقي ڪو هڪ سال وڃي بچيو هو. سائين عبدالوارث دَل صاحب هميشه وانگر مولانا عبيدالله سنڌي صاحب جي ڪيل قرآني تفسيرن ۽ ٻين ديني ڪتاب جا بنڊل مٿي تي رکي دڪانن ۽ گهرن ۾ ماڻهن تائين پهچايا ٿي.... هي ڪو هن ڪمائيءَ لاءِ نٿي ڪيو پر بقول اسانجي ڪتابن جي پبلشر علينواز گهانگهري ۽ سنڌ يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر يوسف پرديسيءَ جي ماستر عبدالوارث دَل صاحب جو اهو جهاد يعني (Mission) مِشن هئي.... هو پاڻ به عالم، نيڪ ۽ قرآن جي تعليم جو ڄاڻو هو ۽ هن جي زندگيءَ جي خواهش به اها ئي هئي ته گهر گهر ۾ قرآن جو علم پهچايو وڃي گهر گهر ۾ ديني تعليم عام ڪئي وڃي. هتي ڪجھ سٽون مولانا عبيد الله سنڌيءَ بابت لکڻ ضروري سمجھان ٿو جيئن اڄ جي نوجوانن کي اها ڄاڻ رهي ته هن سنڌي نه هجڻ جي باوجود سنڌ سان واسطو رکيو... هو ڪنهن پير، شاھ، گادي نشين جو ڪو فرزند نه هو جو ماڻهن سندس وڏن ڪري هن جوادب، عزت ۽ فرمانبرداري ڪئي ٿي.... هو ته رام سنگھ زرگر نالي هڪ سک جو پٽ هو جنهن اسلام قبول ڪري ديني تعليم حاصل ڪئي ۽ اسلام جو پيغام ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچايو...... دهلي، لکنؤ، بڙودا کان افغانستان روس تائين... ۽ هن پنهنجي زندگيءَ جو چڱو حصو ماستر عبدالوارث دَل جي ڳوٺ “سعيد آباد” ۾ پڻ گذاريو جتي پير جھنڊو ڳوٺ ۾ “دارلارشاد” نالي مدرسي جي خذمت ڪئي.... اسان جي حڪومتن جي ڪاهلي آهي نه ته هي مدرسو اڄ قاهري ۽ ڪولالمپور جهڙي اسلامي يونيورسٽي هجي ها. مولانا عبيدالله سنڌي سيالڪوٽ جي اُپل کتري سک فئملي ۾ ۱۰ مارچ ۱۸۷۲ع تي رام سنگھ جي گهر ۾ ڄائو. سندس ڄمڻ کان ۴ مهينا اڳ سندس والد گذاري ويو. ڏاڏي ۽ پوءِ ناني کيس نپائي وڏو ڪيو. اسڪول ۾ هو ته هن کي “تفت الهند” نالي هڪ ڪتاب ڪنهن هندو دوست پڙهڻ لاءِ ڏنو. اهو ڪتاب هندو مان مسلمان ٿيل هڪ اسڪالر “مولانا عبيدالله مالرڪوٽلا” جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۽ ان بعد ڪجھ ٻين.... جهڙوڪ “تقويت الايمان” ۽ “احوال الآخرين” مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي ذهن تي وڏو اثر ڇڏيو ۽ پنڌرهن ورهين جي ڄمار ۾ سن ۱۸۸۷ع ۾ هو مسلمان ٿيو. ان ئي سال هو سيالڪوٽ کان سنڌ آيو جتي حافظ محمد صديق ڀَرچونڊيءَ جو شاگرد ٿي رهيو...... ان بعد دين پور ۾ مولانا غلام محمد کان ديني تعليم حاصل ڪئي ۽ پوءِ “دار العلوم ديوبند” ۾ داخلا ورتي جتي فقه، حديث، تفسير ۽ ٻين مذهبي مضمونن جي تعليم ورتي. ۱۸۹۱ع ۾ اتان گرئجوئيٽ ٿيڻ بعد هو سڌو سکر آيو جتي امروٽ شريف ۾ مولانا محمد صديق ڀرچونڊي جي نظر هيٺ.... ۽ ان جي وفات بعد مولانا تاج محمد امروٽي سان گڏ ٻارن کي پڙهائڻ لڳو.... ۱۹۰۱ع ۾ شاديءَ بعد مولانا عبيدالله سنڌي سعيد آباد جي پير جھنڊو ڳوٺ ۾ آيو جتي هن دارلارشاد نالي مدرسو قائم ڪيو ۽ لڳاتار ست سال رهيو. ان بعد هو وري ديوبند هليو ويو. ان بعد هن حڪيم اجمل خان ۽ ڊاڪٽر انصاريءَ سان گڏ دهليءَ ۾ پڻ ڪم ڪيو. پوءِ ڪيترا سال هو ترڪي، روس، افغانستان ۽ ٻين ملڪن ۾ اسلام جي تبليغ ڪندو رهيو ۽ “تحريڪ ريشمي رومال” ۾ به حصو ورتو. مولانا صاحب هڪ عرصو مديني ۾ به رهيو ۽ وچ وچ ۾ سنڌ جي شهرن: سکر، سعيد آباد ۽ ٻين ۾ به ايندو رهيو.... هي اهو دور هو جڏهن مولانا عبدالوارث جوان هو ۽ عبيدالله سنڌيءَ جو معتقد هجڻ ڪري هن سان ملندو رهيو ٿي. مولانا عبيدالله سنڌيءَ ۱۹۴۴ع ۾ وفات کان اڳ ماستر عبدالوارث دَل کي اها تلقين ڪئي ته هو ٻارن کي انگريزي پڙهائي ۽ اها ڳالھ پڻ ذهن نشين ڪرائي ته مسلمانن لاءِ دين سان گڏ جديد سائنسي علم حاصل ڪرڻ پڻ ضروري آهي. مٿي لکي آيو آهيان ته ماستر عبدالوارث دَل صاحب منهنجي پيءُ جو هم عمر هو ۽ سندن وڏي نياڻي ٻار منهنجي عمر جي لڳ ڀڳ هوندي. هي اهو زمانو هو جڏهن ماستر عبدالوارث جي ڳوٺ “خدا بخش دَل” (سعيد آباد کان ۱۵ ڪلوميٽر) ۾ ته ڇوڪرين جو هاءِ اسڪول نه هو پر سعيد آباد يا هالا ۾ به نه هو.... سنڌي مسلمانن ۾ ان وقت به تعليم حاصل ڪرڻ جي ايڏي سجاڳي نه هئي جو ڇوڪريون ته ڇا ڪيترن گهرن جا ڇوڪرا به وڌيڪَ تعليم حاصل ڪرڻ ۾ نه دلچسپي وٺندا هئا ۽ نه ضرورت محسوس ڪندا هئا. جن ڏينهن ۾ آئون هالا جي هاءِ اسڪول ۾ آيس ته ان سال اسانجي شهر جي پوسٽ آفيس جي پنجابي پوسٽ ماسٽر جي ڌيءَ پهريون ٻار هو جنهن اسان جي يعني ڇوڪرن جي اسڪول ۾ داخلا ورتي. اسان جي شهر جي سنڌي سرڪاري ڪامورن توڙي سکين ستابن جون نياڻيون به انگريزي نه پڙهنديون هيون... پڙهن به ڇا جڏهن ته ان وقت نه اسان جي شهر هالا ۾ گرلس اسڪول هئو ۽ نه وري اڄ واري ضلعي شهر مٽياريءَ ۾. حيدرآباد شهر ۾ البت هئا جيڪي هندستان جي ورهاڱي کان گهڻو اڳ انگريزن جي ڏينهن ۾ انگريزن ۽ سنڌي هندن ٺهرايا هئا. اڄ اهو ٿو سوچجي ته سائين عبدالوارث دَل صاحب کي شاباس هجي جنهن مولوي ٿي ڪري پنهنجي سڀني ٻارن خاص ڪري نياڻين کي به انگريزي پڙهائي. جيتوڻيڪ هو فقط هڪ گهٽ پگهار وارو ماستر ماڻهو هو.... ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جو نه پر هڪ هاريءَ جو پٽ هو..... پاڻ سائين عبدالوارث توڙي هن جو اولاد پنهنجي ڏاڏي محمد صالح دَل لاءِ اهو ٻڌائيندي عار نه محسوس ڪندا آهن ته هو هڪ ڪڙمي هو جنهن زمين ٽڪرو پاڻ ئي کيڙيو ٿي ۽ پاڻ ئي پوکيو ٿي. ماستر عبدالوارث دَل کي ڇھ نياڻين بعد ٽي پٽ ٿيا. هن جي وڏين نياڻين: حسن بانو ۽ ذوليخا جيئن ئي سعيد آباد مان پرائمري تعليم مڪمل ڪئي ته هن کين حيدرآباد جي ميران اسڪول ۾ داخل ڪرايو ۽ اتي ئي هاسٽل ۾ رکيو.... اهڙي طرح ٻين نياڻين کي پڻ. ميران اسڪول بعد هنن مڙني حيدرآباد جي زبيده گرلس ڪاليج ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان تعليم حاصل ڪئي. وچ ۾ پئسي جي تنگي ڪري وڏين ٻن ڌيئن کي ڪجھ عرصي لاءِ پڙهائي ڇڏرائي ماستري به ڪرائي ۽ پاڻ به رٽائرمينٽ کانپوءِ مولانا عبيد الله سنڌي جي تفسير جا جُلد ۽ ٻيا اسلامي ڪتاب ڇپرائي وڪڻڻ لڳو. پاڻ ڪڏهن ڪڏهن سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس ۾ پروفيسر يوسف پرديسي جي گهر اچي رهندو هو. انهن ڏينهن ۾ پرديسي صاحب ليڪچرار هو. هي مضمون لکڻ دوران پرديسيءَ کان پڇڻ تي هن مولانا عبدالوارث کي ياد ڪندي چيو ته هو ڇا ته نيڪ ۽ ايماندار ماڻهو هو. “الطاف! مون مولانا عبدالوارث دَل جهڙو محنتي ماڻهو زندگي ۾ نه ڏٺو. ” پرديسي جهڙي شخص کان، جيڪو پاڻ به ’سيلف ميڊ‘ ۽ ’هارڊ ورڪنگ‘ ماڻهو سڏيو وڃي ٿو... ٻئي لاءِ اهڙا رمارڪ ٻڌڻ وڏي ڳالھ آهي.... هن چيو ته: “اڄ به سائين عبدالوارث جن هن جي اکين اڳيان ڦري رهيا آهن. هو مٿي تي پٽڪو ٻڌندا هئا، ان مٿان ڪتابن جي وڏي هڙ رکي مختلف آفيسن ۽ دڪانن تي ماڻهن وٽ هلي ويندا هئا. پوءِ ڪي کيس ڪتابن جي قيمت ڏيندا هئا ته ڪن وٽ پئسو نه هوندو هو ته ماستر صاحب کين مفت ۾ ئي ڪتاب ڏئي ڇڏيندو هو. ” سائين عبدالوارث سن ۱۹۲۲ع ۾ ڳوٺ “خدا بخش دَل” ۾ جنم ورتو. سنڌي فائنل پڙهي هو باگراڻي ڳوٺ ۾ ماستر ٿيو. کين ٻه ڀائر هئا: مٺا خان جيڪو سعيد آباد ۾ درزي هو ۽ ٻيو محمد هاشم جنهن کي شهدادپور ۾ ڪپڙي جو دڪان هوندو هو. سائين عبدالوارث جا مڙئي ٻار ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ پروفيسر ٿيا. سندن پهرين ٻار حسن بانوءَ پوليـٽيڪل سائنس ۾ ماسٽرس ڪئي ۽ ٽيچنگ ۾ رهي ۽ ٻيو نمبر ڌيءَ پروفيسر ذواليخا ڪيمسٽري سبجيڪٽ ۾ M. Sc ڪري سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ئي پڙهايو. ٽيون نمبر خيرالنساءِ بئنڪنگ ۾ آهي ۽ اڄ ڪلھ شايد حيدرآباد ۾ ائگريڪلچر بئنڪ جي مئنيجر ۽ ائڊيشنل ڊائريڪٽر آهي. ان بعد ڊاڪٽر رضيه سلطانا حيدرآباد جي مينٽل اسپتال جي انچارج ميڊيڪل آفيسر آهي ۽ پنجون نمبر ڌيءَ جنهن فارميسي سبجيڪٽ ۾ ايم فل ڪئي آهي اها مهراڻ يونيورسٽي ۾ نوڪري ڪري ٿي. کين هڪ ٻي به ڀيڻ هئي جيڪا ننڍي هوندي گذاري وئي. پوليس ڊپارٽمينٽ جو ڊي آءِ جي ولي الله دَل ڇهن ڀيڻن بعد انهن جو ڀاءُ آهي جنهن بعد حماد الله دل آهي جنهن ڪمپيوٽر انجنيئرنگ ۾ B. E ڪئي آهي ۽ آخري ٻار عبدالقادر دَل جيڪو ايريگيشن ڊپارٽمينٽ ۾ آهي ان مهراڻ يونيورسٽيءَ مان سِول ۾ بي اي ڪئي هئي. هڪ ڳالھ آهي ته غربت ۾ رهي ڪري هر ٻار خوب محنت ڪئي ۽ پڙهائيءَ ۾ نالو روشن ڪيو. عبيدالله سنڌي اچو ته اڄ کيس ياد ڪريون شاھد جتوئي “اچو ته شيڪسپيئر جي ناخوش بادشاهه کان انڪار ڪندي گڏجي ويهون ۽ اعليٰ ۽ عظيم مردن ۽ عورتن جون ڪهاڻيون ٻُڌايون.” اها ڳالهه نامياري آمريڪي ڏاهي “ول ڊيورانٽ” پنهنجي ڪتاب “سورمن جي تاريخ” ۾ هڪ جاءِ تي لکي آهي. ول ڊيورانٽ جي ان ڳالهه جو مطلب اهو آهي ته، جڏهن ڪو ننڍا ۽ بندرا ماڻهو عظمت ۽ وڏائيءَ جا دعويدار ٿين ٿا ته، فڪري بحران پيدا ٿي ويندو آهي، ان بحران مان نڪرڻ لاءِ انهن ماڻهن جو ذڪر ڪرڻ گهرجي، جن جي عظمت کي تاريخ ۽ وقت تسليم ڪيو هُجي. اڄ اهڙي ئي عظيم شخصيت جو ذڪر ڪريان ٿو، جنهن جو جنم ڏهاڙو ۱۰ مارچ تي ملهايو وڃي ٿو. اُها شخصيت آهي مولانا عبيد الله سنڌي، جيڪو آزادي جي تحريڪ جو اڳواڻ ۽ ريشمي رومال تحريڪ جو باني هو. هُو “امام سنڌي” جي نالي سان مشهور آهي. مولانا عبيد الله سنڌي ۱۰ مارچ ۱۸۷۲ع تي سيالڪوٽ جي ڳوٺ چلان والي جي هڪ غريب سک کتري خاندان ۾ پيدا ٿيو. سندس پيدائش کان چار مهينا اڳ ئي ان جو والد بوٽا سنگهه اپل گذاري ويو. سندس پرورش سندن ڏاڏي ڪئي. ڏاڏي جي انتقال کان پوءِ هُو پنهنجي چاچي وٽ سرائڪي وسيب جي موجوده ضلعي راجنپور جي وسندي ڪوٽلا مغلان منتقل ٿي ويو، جيڪا وسندي ڄامپور جي ويجهو آهي. کيس هڪ هندو دوست “تحفته الهند” نالي ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏنو. اهو ڪتاب ملير ڪوٽلا جي هڪ نئين مسلمان ٿيل ديني عالم مولانا عبيد الله لکيو، جيڪو مولانا سنڌيءَ جو همنام هو. اهو ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ مولانا سنڌي کي اسلام سان دلچسپي پيدا ٿي ۽ هُن ٻين ڪتابن جو به اڀياس شروع ڪيو. صرف پندرنهن سالن جي عمر ۾ هُو مسلمان ٿي ويو، ان کانپوءِ علم جي تلاش جو سفر شروع ٿيو. ان کانپوءِ هُو ڀرچونڊي شريف، دينپور شريف کان ٿيندو، ديوبند تائين پهتو. ديوبند سان گڏوگڏ اُن جو امروٽ شريف ۽ دين پور شريف سان گهرو تعلق رهيو. مولانا سنڌي علم حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ آزاديءَ جي تحريڪ جو به سرگرم ڪارڪن بڻجي ويو. هن ريشمي رومال تحريڪ پڻ شروع ڪئي، جنهن جو مقصد اهو هو ته هندوستان ۾ آزاديءَ جي تحريڪ کي ڳُجهي نموني منظم ڪيو وڃي، هن هندوستان جي آزاديءَ لاءِ افغانستان، ترڪي، ايران، روس، جرمني، سعودي عرب ۽ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا دورا ڪيا ۽ اتي جي حڪمرانن ۽ ٻين حلقن جي هندوستان جي آزاديءَ جي تحريڪ لاءِ حمايت حاصل ڪئي. هُن سياسي، مذهبي موضوعن تي ڪئين درجن مقالا لکيا، تن ۾ نئين دور جي هر سوال جو جواب موجود آهي. توڙي جو امام سنڌي ديوبندي مڪتبه فڪر سان واسطو رکندڙ مذهبي شخص هو پر ان جو سياسي ۽ مذهبي فڪر مسلڪ ۽ مذهب جي قيد ۾ نه آيو. هُو سچو آزادي پسند ۽ سامراج دُشمن هو. هُو مٽيءَ سان محبت ڪندڙ شخص هو. سندس فڪر مان مٽيءَ جي سُڳنڌ اچي ٿي. هُو مذهب، فرقي، زبان، نسل ۽ علائقي جي بنياد تي انسانن جي ورڇ جي خلاف هو. اُن جو سياسي شعور تمام گهڻو بلند هو، ديوبند ۾ رهندي هُو ڪُجهه عرصي لاءِ ته هندوستان ۾ “اسلامي انقلاب” برپا ڪرڻ جو حامي رهيو. هُن “پان اسلامڪ موومنٽ” جي پڻ حمايت ڪئي پر ٿوري ئي عرصي ۾ هُو ان تحريڪ کان الڳ ٿي ويو. ڪنهن ديوبندي عالم لاءِ اهو فيصلو ايترو آسان نه هو، پر هُن اهو فيصلو ڪيو. ان جو چوڻ هو ته اها تحريڪ سامراجي قوتن جي مفادن کي پورو ڪري رهي آهي. هُن صرف هندوستان جي آزاديءَ کي ئي بهتر رستو سمجهيو. مولانا سنڌي ڪابل ۾ هندوستان جي جلاوطن حڪومت قائم ڪئي ۽ ان حڪومت جو صدر راجا مهيندرا پرتاب کي بڻايو، جيڪو اتر پرديش سان تعلق رکندڙ حريت پسند صحافي، ليکڪ ۽ مارڪسي انقلابي هو. “هندوستان خالي ڪريو تحريڪ” کي مولانا سنڌي پنهنجي غلطي قرار ڏنو. هُو چوندو هو ته، ڌرتيءَ جي جنگ ڌرتيءَ تي ئي رهي وڙهي ويندي آهي. مولانا سنڌي ڪُجهه آزادي پسندن جي ان تجويز جي زبردست مخالفت ڪئي ته ڪجهه اسلامي ملڪن جي فوج هندوستان ۾ داخل ٿي انگريزن سان وڙهي ۽ هندوستان کي آزادي ڏياري. مولانا سنڌي چيو هو ته، اسان کي ڪوبه حق نٿو پهچي ته اسان ٻين مسلمانن کي پنهنجي ڌرتي تي حملو ڪرڻ لاءِ چئون. پروفيسر محمد سرور پنهنجي ڪتاب “افاديت و ملفوظات مولانا سنڌي” ۾ لکي ٿو ته، جامعه نگر ۾ مولانا جي هڪ ويهڪ هُئي، ڪنهن کانئس پُڇيو ته، مسلمان ۽ هندو گڏجي انگريزن سان وڙهي رهيا آهن، گڏجي جيل وڃن ٿا ۽ تڪليفون برداشت ڪن ٿا، ڇا هندن لاءِ “ڪافر” جو اصطلاح استعمال ڪرڻ درست آهي؟ مولانا سنڌيءَ وراڻيو ته، هندن کي ڪافر چوڻ درست ناهي. اسان جي نبي ڪريم صلعم قيصريت ۽ ڪسرويت کي ختم ڪرڻ لاءِ سڄي زندگي جدوجهد ڪئي، جيڪي پنهنجي وقت جا سامراج هُئا. ان دور ۾ به اسلام کي به اڄ جي قيصريت ۽ ڪسرويت يعني سامراج کي ختم ڪرڻو آهي، جيڪي ماڻهو موجوده سامراج جي خلاف اسان سان گڏجي وڙهي رهيا آهن، پوءِ ڀلي اهي اسان جي مذهب جا نه به هجن، اسان انهن کي پنهنجو ساٿي سمجهنداسين ۽ انهن جي باري ۾ ڪفر جو اصطلاح استعمال نه ڪنداسين. هندوستان جي آزاديءَ لاءِ مولانا سنڌي “سرو راجيه منشور” تحرير ڪيو، جنهن ۾ آزاديءَ کانپوءِ سمورن مسئلن جو حل موجود هو. مولانا عبيد الله سنڌي ڪراچي کان ڪولمبو تائين هڪ فيڊريشن قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي، جنهن ۾ ان خطي جون سموريون رياستون شامل هجن، اهي سموريون رياستون خود مختيار هجن، هُو انهن رياستن کي صوبي جو نالو ڏيڻ، انهن رياستن ۽ ان جي عوام جي توهين قرار ڏيندو هو. مولانا سنڌي مقامي ٻولين ۽ ثقافتن کي ترقي وٺرائڻ جو حامي هو. هُن سرائڪي ٻوليءَ جو پهريون ٻاراڻو ڪتاب ترتيب ڏنو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ به عملي جدوجهد ڪئي. مولانا سنڌي جو اهو به چوڻ هو ته، اسان مسلمانن جو سڀ کان وڏو مسئلو اهو مذهبي لٽريچر آهي، جنهن کي انقلابي روح سان ترتيب ناهي ڏنو ويو. جيستائين ملوڪيت سان ترتيب ڏنل فقه اسان جي بنياد ۾ ويٺل آهي، اسان مان ڪنهن چڱائيءَ جي اُميد نٿي ٿي سگهي. پاڪستان جي موجوده حالتن ۾ ننڍن ۽ بندرن ماڻهن جيڪو بحران پيدا ڪيو آهي، ان مان ڇوٽڪاري لاءِ اڄ مولانا عبيدالله سنڌي جي فڪر سان رجوع ڪرڻ جي ضرورت آهي. (ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۵ مارچ ۲۰۲۳ع تي ڇپيل) امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي عوامي آواز ايڊيٽوريل اڄ مشھور سياسي، سماجي شخصيت انقلابن جي امام مولانا عبيدالله سنڌي جي وصال جو ڏينھن آھي. سندس اصل نالو بوٽا سنگھه ھو. پاڻ سک مذھب جي گھراڻي ۾ پيدا ٿيا ھئا. پاڻ اسلام کان متاثر ٿي ڪري اسلام قبول ڪيائين پر ان کان وڏي ڳالھه جو پاڻ پنھنجو پاڻ کي سنڌي سڏرائڻ لڳو. ان زماني ۾ ملتان ۽ بھاولپور جا علائقا سنڌ ۾ شامل ھئا سنڌ جون حدون ڪشمير تائين ھيون جتان سنڌو درياهه نڪري ٿو ان ڪري ئي اھو سمورو خطو سنڌ ئي سڏبو ھو ۽ اتي رھڻ وارا نمڪ حلال ھئا جو پاڻ کي سنڌي سڏرائيندا ھئا، اھو ئي ڪارڻ ھو جو مولانا عبيدالله پاڻ کي سنڌي سڏرائڻ لڳو. پاڻ مطالعي جو شوقين ھو. شاهه ولي الله دھلوي جي ڪتابن جو مطالعو ڪندي پاڻ به علم جو ڀنڊار بڻجي ويو ۽ مولانا جي نالي سان مشھور ٿي ويو. ھي دور سلطنت عثمانيه جو آخري دور ھو جتي پوري خطي ۾ انگريزن جي خلاف تحريڪون جاري ھيون. مولانا سنڌي به انھيءَ تحريڪ جو حصو بڻجي ريشمي رومال تحريڪ ۾ شامل ٿي ويو جيڪا انگريز سامراج جي خلاف تحريڪ ھئي ۽ اھي ان وقت گوريلا نموني سان ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ تائين رومال تي تحرير لکي پنھنجي ڪارڪنن تائين پھچائيندا ھئا. جئين ڪو شڪ نه ڪري سگھي. رومال ۾ ته ڪجھه به ناھي اھو آساني سان ھڪ کان ٻئي جڳھه تائين پھچايو ويندو ھو. اڃان به وڌيڪ تعليم جي لاءِ ۽ سياسي رابطن جي لاءِ مولانا ان وقت جڏھن روس ۾ سوشلسٽ انقلاب برپا ٿيو ته مولانا سنڌي انھي نظام کان متاثر ٿيو ۽ پنھنجن ساٿين سان گڏجي روس جي دوري تي روانا ٿيا. جتان قوم ۽ قوميت جو پرچار کڻي ٻيھر سنڌ ۾ داخل ٿيا ته پاڻ اتي سنڌي ماڻھن کي نئون فڪر ۽ فلسفو ڏنائين ته سنڌ، سنڌين جي آھي جيڪو سنڌ ۾ رھي ٿو سنڌي ڳالھائي ٿو ته اھو پاڻ کي سنڌي سمجھي ۽ ڌرتي سان وفاداري نڀائي. سندس دل ۾ قومي شعور ۽ قوميت جي پرچار جو حوصلو ڏسي ان جا تمام گھڻا پولڳ پيدا ٿي پيا ۽ مولانا جي فڪر ۽ فلسفي کي عام ڪرڻ لاءِ تحريڪن ھلائڻ لڳا. ته مذھب سان گڏوگڏ پنھنجي ٻولي ۽ ڌرتي جي به حفاظت ڪئي وڃي جنھن به ڌرتي تي رھجي ته اتي غداري نه ڪجي۔ سال ۱۹۴۴ع ۾ پاڻ پڪي علائقي ۾ ھڪ وڏي جلسي کي خطاب ڪندي چيائين ته سنڌيو ھڪ ٿيو. اسان سنڌ ۾ سنڌين جي مستقل طور تي حڪومت ڏسڻ چاھيون ٿا. انھيءَ سلسلي ۾ ڪو به مذھبي سوال پيدا ٿيڻ نه ڏينداسين. اتي مولانا قوميت جي باري ۾ فڪري پھلو ٻڌايا. اسان اڄوڪي دور ۾ ڪيترو اڳتي وڌيا آھيون يا وري سوين سال پوئتي ھليا ويا آھيون. مولانا ته پنھنجو وقت پورو ڪري پنھنجو پيغام فلسفو اسان کي ڏيئي ويو آھي ان تي ڪيتري قدر عمل ٿيو آھي يا اڃان ٿيندو. مولانا جي فڪر کي عمل جو روپ ڏيئي ان کي اڳتي وڌايون. جو ان وقت ۽ حالتن کي ڏسندي مذھب سان گڏ قوميت جي ڳالھه ڪرڻ ۽ وطن سان وفاداري ڪندي پاڻ کي ٻي قوم سڏراڻ بجاءِ سنڌي سڏائڻ وڏي بھادري آھي. واضح رھي ته مولانا جي وفات ۽ آخري آرامگاه سنڌ ۾ئي آھي پر ملڪ جي ٺھڻ ۽ جاگرافيائي ڦير گھير جي ڪري ھن وقت ڊيرا غازي خان ۾ آھي. اتي به مولانا جي پولڳن مولاناعبيدالله سنڌي اڪيڊمي قائم ڪئي آھي ۽ ان تي عملي فڪري ڪم ٿي رھيو آھي جيڪامولانا جي ڪيل ڪم جو نچوڙ آھي جو اڄ به ھي علائقو ھاڻي سنڌ ڌرتي ۾ شامل نه آھي پراتي مولانا سنڌي آھي. ان جانشين به آھن. ۽ اھي به مولانا سنڌي جي مشن کي جاري رکندا اچن. ملڪي ۽ صوبائي سرحدن ته تمام گھڻا ويڇا وڌائي ڇڏيا آھن. نئين ملڪي نظام ۾ اتي ھاڻي سنڌي ٻولي پڙھائي ڪونه ٿي وڃي. پر مولانا جو فڪر اتي موجود آھي ته سنڌ سنڌين جي آھي. سنڌ ۾ انھيءَ فڪر کي اجاگر ڪرڻ ۾ مولانا عزيز الله ٻوھيو وڏو اھم ڪردار ادا ڪندي سنڌ ساگر پارٽي جو بنياد وڌو جنھن جو نظريو منشور مولانا سنڌي جي فڪر تي ھو. مولانا عزيزالله ٻوھيو جيستائين زنده ھو انجي فڪر کي عام ڪندو رھيو ۽ اھا ھڪ سگھاري سياسي پارٽي جي طور تي سنڌ ۾ سڃاتي ويندي ھئي. اڃان به ان جا پولڳ آھن جيڪي سنڌ ساگر پارٽي کي سرگرم ڪندا نظر اچن ٿا. ۽اھا پنھنجو فعال ڪردار ادا ڪري پئي. (ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۹ مارچ ۲۰۲۳ع تي ڇپيل) مولانا عبيدالله سنڌي [ ۱۸۷۲ع – ۱۹۴۴ع ] ميمڻ عبدالغفور سنڌي امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي، خميس ۱۲ محرم الحرام ۱۲۸۹هه مطابق ۱۰ مارچ ۱۸۷۲ع تي سيالڪوٽ (پنجاب) جي ڳوٺ چيانواليءَ ۾ پيدا ٿيو هو. ڄمڻ کان چار مهينا اڳ سندس والد وفات ڪري چڪو هو. ٻن سالن جي وقفي بعد ڏاڏو به گذاري ويس؛ جنهن ڪري يتيميءَ دوران والده پيڪي آندس؛ جتي پنهنجي مامي جي نظر هيٺ پرورش ورتائين – ۱۸۷۸ع ۾ ڄامپور (ديره غازي خان) جي هڪ اردو مڊل اسڪول داخلا ورتائين. دوران تعليم پنهنجي رفيق (آريه سماج سان تعلق رکندڙ اسڪولي شاگرد) وٽ ” تحفته الهند“ ۽ ”تقويتہ الايمان“ نالي ڪتاب ڏٺائين. دل نه رهيس؛ جنهن ڪري کانئس وٺي پڙهڻ لڳو. پاڻ مطالع ۾ ايترو ته محو ٿي ويو، جو کيس ”اسلام“ جي صداقت تي يقين ٿي ويو – ۱۸۸۷ع ۾ ستين درجي ۾ پڙهندي، مسلمان ٿيڻ لاءِ پنهنجن کان جدا ٿي ويو. آخر ديس ڇڏي، سنڌ ۾ پهتو. پهريائين ڀرچنڊيءَ وار بزرگ، حافظ محمد صديق سميجو رح (۱۸۷۲ع – ۱۸۹۰ع) وٽ وڃي حاضري ڀريائين. حافظ صاحب جي صحبت مان فيض حاصل ڪري ۱۹۱۰ع ۾ پير جهنڊي ڳوٺ (حيدرآباد) ۾ ديني مدرسو کوليائين؛ جنهن جو ناظم ۽ نگران به پاڻ ٿي رهيو. پاڻ کي ڀرچنڊي بزرگ جو ديني فرزند ڄاڻي ، سنڌ ۾ مستقل رهڻ جو ارادو ڪيائين ۽ قادري ۽ راشدي طريقن ۾ بيعت به وٽانئس ورتائين. ڪجهه وقت بعد مولانا کي وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ جو شوق ٿيو؛ جنهن ڪري ۱۹ شوال ۱۳۰۸هه (۱۸۹۰ع) ۾ روحاني رهبر جي اجازت سان، سندس خليفي، موالان تاج محمود امروٽي رح (۱۸۴۴ع – ۱۹۲۹ع) جي خدمت ۾ اچي حاضر ٿيو. مولانا امروٽي رح منجهس مڻيا ڏسندي، کيس ماستر محمد عظيم خان يوسفزئيءَ جي صاحبزاديءَ سان نڪاح ڪرايائينس . امروٽي بزرگ کيس اولاد جي برابر سمجهند هو. وٽس وڏو ڪتبخانو موجود هو؛ جنهن مان ۱۳۱۵هه (۱۸۹۷ع) تائين سنڌي صاحب ڪافي استفادو حاصل ڪيو. آخر پير رشيدالدين وٽان ذڪر ”اسماء الحسنيٰ“ به حاصل ڪيائين. پير ابوتراب رشدالله ۽ قاضي فتح محمد نظاماڻي صاحبان سان به روح رهاڻيون ڪندو رهيو. قرآن شريف، حديث ۽ فقہ وغيره جي درس ۾ مولانا محمد قاسم نانو توي ديوبندي رح (وفات ۱۳۹۷هه = ۱۸۷۹) کان شاه ولي الله دهلوي رح (وفات ۱۳۶۶هه = ۱۹۴۷ع) تائين عالمن سڳورن کي پنهنجو استاد مڃيندو هو – ۱۳۲۷هه (۱۹۰۹ع) ۾ ديوبند جي صدر مدرس شيخ الهند ابوالحسن مولانا محمود حسن صاحب کيس گهرايو. پورا چار ورهيه ”جميعت الانصار“ ۾ ڪم ڪندي، ۱۳۳۱هه (۱۹۱۳ع) ۾ دهلي ويو؛ ۽ ”نظارة المعارف“ نالي ادارو قائم ڪيائين. سال بعد ڪابل روانو ٿيو – ۱۹۲۲ع ۾ ترڪي ويندي، ستن مهينن لاءِ روس ۾ رهڻ جو موقعو مليس. آخر آگسٽ ۱۹۲۳ع ۾ انقره پهتو، اتان اڍائي، سالن لاءِ استنبول به ويو. ترڪيءَ ۾ قيام دوران، اتان جي ماحول ۽ مذهبي عقيدن جو غور سان مطالعو ڪيائين – ۱۳۴۵هه (۱۹۲۶ع) ۾ مڪي معظمہ ويو، جتان پهرين نومبر ۱۹۳۷ع تي وطن واپس ورڻ جي اجازت مليس، مگر جيئن ته حج جو موقعو قريب هو؛ انهيءَ ڪري ترسي، مارچ ۱۹۳۸ع ۾ واپس سنڌ ۾ آيو. مولانا سنڌي صاحب جو شروعات کان ئي اهو نظريو هو، ته انگريزن جي خلاف جهاد ڪري، هندستان لاءِ آزاديءَ جي راه هموار ڪجي. انهيءَ جو عملي طرح آغاز ۱۹۱۵ع کان ڪيو هئائين. پاڻ عمر جو وڏو حصو قومي ڪمن ۾ صرف ڪيائين. حالانڪ ڏکن ڏاکڙن جي زندگي به کيس بسر ڪرڻي پئي. بعض اوقات ته کيس خطرناڪ صورتحال سان به منهن ڏيڻو پيو. پاڻ سياسي بيداريءَ سان گڏ تصنيف و تاليف کي به چهٽيو رهيو. هڪ طرف سفر جي تڪليفن کيس هيڻو ڪري ڇڏيو هو؛ ۽ ٻئي پاسي قومي آزاديءَ جو اونو سندس ساه کي سوگهو ڪري ڇڏيو هو. تاهم به پيري ۽ بيماريءَ جي پرواه نه ڪري، صبر سان ويهڻ نه آيس؛ جنهن ڪري ۱۶ جمادي الثاني ۱۳۶۴هه مطابق ۲۲ آگسٽ ۱۹۴۴ع جي سج ۾ لاهور ۾ پنهنجي فرزند وٽ رحلت ڪيائين. وصيت مطابق کيس رحيم يار خان (پنجاب) جي ڳوٺ ”خانپور“ ۾، ڀلارن بزرگن جي قديم قبرسان ۾ دفنايو ويو. حوالا/ حاشيا (۱) – مولانا صاحب اصل ۾ سک خاندان جو هڪ فرد هو. سندس شروعاتي نالو ”بوٽا سنگ“ هو؛ ۽ پتا رامسنگ پٽ چسپتراءِ پٽ گلاب راءِ هو، جيڪو پنهنجي ڳوٺ ۾ مختيارڪار جي عهدي تي رهي چڪو هو. هن خاندان جو بنيادي پيشو ”سونارڪو ڪم“ هو. مگر چند فردن نوڪريءَ کي ترجيح ڏني هئي. منجهن ڪافي آسودا هوندا هئا، جيڪي وياج تي پئسا به ڏيندا هئا [مولانا عبيدالله سندهي اور ان کي ناقد- سعيد احمد، لاهور، ۱۹۴۶ع؛ صفحو ۳۳۳]. (۲) – مولان صاحب جا ناناڻا، ديري غازي خان ”ڄامپور“ ضلعي جا رهاڪو هئا. سندس مامو تپيدا هو. (۳) – ”تحفته الهند“ جو مصنف، پايل (پٽيالا) جو رهاڪو، نو مسلم پنڊت اننترام پٽ منشي ڪوٽيمل، المعروف عبيدالله هو؛ جنهن کان متاثر ٿي، پاڻ کي مسلمانڪي نالي ”عبيدالله“ سان سڏائڻ لڳو [تحفته الهند – مولانا محمد عبيدالله (ديبا چه)، دهلي؛ ۱۳۳۰هه (۱۹۱۲ع)، صفحو ۱]. (۴) – ”تقويتہ الايمان“ جو ليکڪ، شاه اسماعيل شهيد (۱۷۷۹ع – ۱۸۳۱ع) هو، جيڪو عربي ڪتاب ”روالاشرڪ“ جو اردو زبان ۾ ترجمو آهي. (۵) – سچ پچ ته اها ڀرچونڊيءَ واري بزرگ جي برڪت هئي؛ جنهن مولانا کي صحيح الطريقت ۽ راسخ العقيدت مسلمان بڻائي، دين جو ڪم سونپيو هو. هڪ ڀيري حافظ صاحب، مولانا لاءِ فرمايو هو، ته ”عبيدالله، الله ڪارڻ پنهنجا مٽ مائٽ ۽ مذهب ڇڏيو آهي، هاڻي اسان هن جا ديني ماءُ پيءُ آهيون!“ [دائرة المعار اسلاميه (اردو) – دانشگاه پنجاب، لاهور (جلد ۱۲)؛ ۱۹۷۳ع” صفحو ۹۸۴]. (۶) – اهويئ سبب هو جو پاڻ کي ”سنڌي“ سڏائڻ ۾ فخر محسوس پئي ڪيائين [خطبات و مقالات مولانا عبيدالله سندهي – مرتبہ، محمد سرور، لاهور ۱۹۷۰ع؛ صفحو ۱۶۹]. (۷) – هن نيڪ رسم ۾ سندس والده به شرڪت ڪئي هئي، جيڪا پڇاڙيءَ تائين ساڻ گڏ رهي؛ ۽ پنهنجي سک مذهب تي قائم رهي [ سه ماهي ”مهراڻ“ (سوانح نمبر ۳-۴/۱۹۵۷ع)، سنڌي ادبي بورڊ، صفحو ۲۶۷]. (۸) – ”ديوبند“، برصغير ۾ نامور ديني درسگاه آهي. هي اتر پرديش (U.P) جي سهارنپور ۾ هڪ قديم شهر آهي؛ ۽ تعلقي جي حيثيت حاصل اٿس. تاريخي لحاظ کان سندس شروعاتي ذڪر ”آئين اڪبريءَ“ ۾ آيو آهي. ان کانپوءِ سندس احوال اساطيري ۽ رومانوي داستانن ۾ ملي ٿو. ڪسابن کان منجهس وڻن جي گهاٽي جهڳٽي ۾ ديوي جو مندر (تيرٿ گاه) هو؛ جنهن جي نسبت سان مٿس ”ديوي (ديبي) بن“ (ديويءَ جو جهنگل) نالو پيو، جيڪو ڪثرت استعمال سان بگڙي ”ديوبند“ ٿيو. [دائرة المعارف اسلاميه (اردو)، دانشگاه پنجاب، لاهور، جلد ۹، ۱۹۷۲ع، ص ۶۲]. هن وقت سندس آدم شماري ۵۰ هزار آحي. جن ۾ ڪثرت مسلمانن جي آحي. هڪ سؤ مسجدن جي هن سهر کي ”مسجدن جو شهر“ به سڏيو وڃي ٿو. منجهس وڏو ديني درسگاه آهي؛ جنهن جو قيام مولانا محمد قاسم نانوتوي رح (۱۸۳۲ع – ۱۸۸۰ع) جي نگرانيءَ ۾، ۱۵ محرم الحرام ۱۸۶۶هه مطابق ۳۰ مئي ۱۸۶۶ع تي ٿيو. [تاريخ ديوبند – سيد محبوب رضوي، ۱۳۷۲هه، ص ۹۷]. شروعات ۾ مولانا محمود حسن نالي صرف هڪ شاگرد سان، کٻڙ جي وڻ هيٺان مدرسي جي ڪاررواي شروع ڪئي وئي؛ جنهن ۾ پهريون معلم مولانا يعقوب نانوتوي هو [حالات دارالعلوم ديوبند، محمد طيب، ديوبند، ۱۳۷۸هه ص ۸۱] مدرسي ۾ قرآن مجيد، دارا لتفسير، دارالحديث، صرف و نحو، فلسفو، منطق، فقہ ۽ فن وغيره جا شعبا قائم ٿيل آهن. خدا جي فضل سان اڄ دنيا جو ڪو به ملڪ رهيل ناهي؛ جنهن ۾ هتان جو عالم نه پهتو آهي: ]India as I Knew it- (1855-1905)- M.O` Dwyer, London 1925. P.P 177[ مغل سلطنت جي زوال ۽ ۱۸۵۷ع واري انقلاب جي ناڪاميءَ بعد، هنستاني مسلمانن هن قسم جي ديني درسگاه قائم ڪرڻ جي اشد ضرورت محسوس ڪئي [انوار قاسمي – پروفيسر انوارالحسن قاسمي، ديوبند، ۱۹۵۸ع، ص ۴۱۸]. (۹) – مولانا سنڌي جلاوطنيءَ جي زندگيءَ ۾ هينئر ۳۳ سال گذاري چڪو هو. (۱۰) – پنهنجي تقريرن خواه تحريرن ۾ انگريزن خلاف کلم کلا آواز اٿاريائين. نتيجي طور پاڻ تي سخت پهرا به بيهاريائين. هي اُهو وقت هو، جڏهن ”آزاديءَ جي تحريڪ“ شروع ٿي چڪي هئي پوءِ سنڌي صاحب افغانستان هجرت ڪري ويو؛ جتي ڪابل ۾ ”آزاد هندستان جي عارضي حڪومت“ جو پايو وجهي، سربراهي سنڀاليائين – ۱۹۳۲ع ۾ ڇهن مهينن لاءِ روس به وڃڻو پيس آخر ترڪيءَ ۾ وڃي ڪمال پاشا ۽ عصمت انونو کان سياسي امداد به حاصل ڪيائين. ]Ubaid- Allah Sindhi in Turkey- Detleve H. Khalid (Journal of R.C.D)- Tuhran, Vol: No: 1&2: P.P 38[. (۱۱) – رسائل وغيره کان علاوه قرآن پاڪ جو تفسير پڻ لکيو هئائين؛ جنهن ۾ مولانا احمد علي لاهوري ۽ مولانا عبدالحي فاروقي به ساڻس فيض يافته هئا [بيس بڙي مسلمانان – عبدالرشيد ”ارشد“، لاهور ۱۹۶۹ع، صفحو ۴۰۹]. امام عبيدالله سنڌي جي فڪري پرواز عزيز الله ٻوهيو امام سنڌي جلاوطني جي پهرين مرحلي ۾ ۱۹۱۵ع ۾ ڪابل ويا، اتي افغانستان جي بادشاهه امير حبيب الله سان پنهنجي اچڻ جو مقصد انگريزن کان هندستان کي آزاد ڪرائڻ بيان ڪيائون، جنهن تي امير حبيب الله کيس چيو ته اوهان جيڪڏهن اسان جي ملڪ ۾ رهندڙ ٻين ملڪن جي سفيرن سان پنهنجي مقصد لاءِ ملندؤ ته ان لاءِ مناسب ٿيندو ته اوهان انهن سان پنهنجو تعارف هندستان ۾ انهيءَ مقصد لاءِ قائم پارٽي ڪانگريس جو پاڻ کي نمائندو سڏايو. امام سنڌي بادشاهه جي ان تجويز کي اهم سمجهي دهليءَ سان رابطو ڪري ڪانگريس جو ٻاهرين ملڪ ۾ يونٽ قائم ڪرڻ جي اجازت وٺي ورتي، نه صرف ايترو پر آزاد هندستان جي حڪومت جي ٻاهرين باڊي به جوڙي ورتائون. چوويهه سال جلاوطني کانپوءِ جڏهن واپس هندستان آيا ته هت مسلمانن لاءِ جدا ملڪ ٺاهڻ جي هلچل ڏٺائون. امام سنڌي انگريز سامراج خلاف آزاديءَ کانپوءِ به هندستان کي متحد رکڻ ضروري سمجهن پيا. سنڌي صاحب جي بصيرت ٻڌائي پئي ته اسان جيڪڏهن برطانيا کان آزادي حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل به ڪئي پر سامراج جي نفسيات هيءَ هوندي آهي ته هو سڄي دنيا جي ملڪن ۽ قومن جي دولت ڦٻائڻ لاءِ انهن کي نو آبادي طور غلام بنائي رکي، سو انگريز سامراج هڪ ڀيرو هتان وڃڻ کانپوءِ به وري ڪڏهن نه ڪڏهن لوهه کائي وري اچي اسان کي غلام بنائيندو ان ڪري سنڌي صاحب متحده هندستان جا حامي هئا، سنڌي صاحب ڏٺو ته هندستان جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪرڻ وارا سرڪاري بيوروڪريٽ انگريزن جا پاليل نواب قسم جا ماڻهو آهن سنڌي صاحب ڏٺو ته مسلمانن کي مذهب جي نالي الڳ رياست قائم ڪرڻ جو چمڪو پس منظر جي لحاظ سان ته انگريزن ڏنو آهي ان ڪري اها راءِ قائم ڪيائون جو انهن پرکي ورتو ته ٻه قومي وارو نظريو علي ڳڙهه يونيورسٽي جي انگريز پروفيسر جان برائيٽ ئي جوڙيو آهي ۽ سنڌي صاحب جو ڳوٺائي علامه اقبال انگريزن طرفان سر جي خطاب ملڻ جي بدلي ۾ خوامخواهه ان نظريي کي اگهائڻ لاءِ پيو شاعري ڪري. سو مسلم ليگي دانشورن جي مذهبي مسئلي ۽ ٿڏي جو حل به امام سنڌي سوچي روتو ۽ ڪانگريس جي مرڪزي قيادت کي چورايو ته اوهان پنهنجي پارٽي پاليسي طور هيءَ ڳالهه تسليم ڪيو ۽ پاس ڪيو ته هندستان جي آزاد ٿي وڃڻ کانپوءِ برصغير جي آباديءَ جي لحاظ سان مسلم اڪثريت وارن صوبن ۾ اتي مسلم اڳواڻن تي مشتمل حڪومتون قائم ڪنداسون. ان تي ڪانگريس وارن پهريائين اهڙي ڳالهه جناح کان مڃائڻ جو شرط وڌو ته هو اسان جي اهڙي اعلان کانپوءِ جدا پاڪستان ٺاهڻ جي ڳالهه تان هٿ کڻي وڃي ته اسان به سنڌي صاحب جي ان فارمولي کي قبول ڪيون ٿا پر جناح کي مڃائڻ جي ڳالهه محال سمجهيو ويو. پوءِ انهيءَ باوجود سنڌي صاحب ڪانگريس مٿان زور رکايو ته هو ان پاليسي جو هڪ طرفو اعلان ڪن، جناح کي مڃائڻ جو شرط نه وجهن. پوءِ ڪانگريس وارن سنڌي صاحب جو مطالبو مڃيندي پارٽي پاليسي طور اها تجويز پاس به ڪئي، جنهن جو ثبوت هي آهي ته اهي اڄ تائين ڪشمير ۾ مسلم قيادت کي قائم رکيو پيا اچن، جنهن کي پاڪستان وارا ڪٺ پتلي سڏيندا ايندا آهن. ان زماني ۾ جڏهن ڪانگريس وارن سنڌي صاحب جي تجويز کي پنهنجي پارٽي پاليسي طور هڪ طرفو قبول ڪيو هو ته هندستان جي ڪافي علائقن جي مسلم ليگي ليڊرن جناح صاحب سان ملاقات ڪئي ۽ کيس چيائون ته ڪانگريس طرفان مسلم اڪثريتي علائقن ۾ جڏهن هنن مسلمانن جون حڪومتون قائم ڪرڻ جو واعدو ڏنو اٿائون ته اهڙي صورت ۾ ڄڻ ته مسلم ليگ جو مقصد به حاصل ٿي ويو. اسان کي اڳتي لاءِ مذهب جي نالي تي هندستان جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪرڻ جو جواز نٿو نظر اچي. جواب ۾ جناح صاحب بغير ڪنهن دليل جي انهن ماڻهن جي ڳالهه کي ٺڪرائي ڇڏيو، پوءِ اهي ليگي اڳواڻ ليگ کان استعيفيٰ ڏيئي ڪانگريس ۾ شامل ٿي ويا. هيءَ حقيقت مون سان مرحوم ڊاڪٽر احمد حسين ڪمال ڀوپالي بيان ڪئي هئي. امام سنڌيءَ جو هي خدشو ته آزادي وٺڻ کانپوءِ به اڳتي انگريز سامراج وري اسان کي غلام بنائي ٻيهر اسان جي ڌرتيءَ جو ڌن اچي لٽيندو. انهيءَ ڳالهه جو تازو ثبوت ذوالفقار مرزا جو ميڊيا اڳيان قرآن کڻي هي بيان ڏيڻ ته انهن کي ايم ڪيو ايم جي الطاف لنڊن ۾ هڪ ملاقات ۾ ٻڌايو ته امريڪا پاڪستان کي ختم ڪرڻ گهري ٿي. اسان ان جي مدد ڪنداسين ۽ ٻيو ثبوت ته برطانوي جاسوس کاتي جي آفيسر جيمس همفري جي ڊائري جي پراڻي ڇاپي ۾ لکيل آهي ته اڳتي هلي اسان ڪراچيءَ جي ويجهو سمنڊ جي ڪناري تي نئون ملڪ اڏينداسون. همفري جي انهيءَ انڪشاف تي مون سان سردار عطاءُ الله خان مينگل پنهنجو تجزيو هي بيان ڪيو ته ان منجهان مراد هي ملڪ پاڪستان آهي مون سردار صاحب کي چيو ته ڊائري واري ڪتاب ۾ جيڪو هي لکيل آهي ته ان نئين ملڪ لاءِ عوام هندستان کان مائگريٽ ڪري آڻينداسون ۽ هاڻي ايم ڪيو ايم وارن سنڌ جو ڏاکڻيون علائقو سمنڊ تائين مهاجرستان صوبي لاءِ گهريو آهي. انهيءَ منجهان ثابت ٿئي ٿو ته ڊائري واري ڪتاب ۾ سامراج جو جيڪو اڳتي وارو پلان آهي, سنڌ کي ٽوڙي نئين صوبي وارا مطالبا اهي سڀ ان منصوبي جون شروعاتي ڪڙيون آهن، پوءِ ڀلي پاڪستان کي به انهن ڪڙين منجهان پهرين ڪڙي شمار ڪجي ته اها ڳالهه به صحيح چئبي. بهرحال امام سنڌي جو اهو خدشو ته انگريز سامراج وري ٻيهر موٽي اسان کي غلام بنائڻ جو منصوبو اندر ۾ رکي ٿو، ان ڪري سڄي هندستان کي متحد رکي دهلي کي پنهنجو مرڪز بنائي ۽ هر صوبي ۾ جنهن قوم جي اڪثريت هجي اهو صوبو ۽ ملڪ ان قوم جو موروثي وطن تسليم ڪيو وڃي ۽ پاڻ ڪانگريسي هجڻ باوجود 1939ع ۾ جيڪا جدا پارٽي جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽي ٺاهي هئائون ان جو منشور به اهو ئي پاس ڪيو هئائون. گانڌيءَ سان ڪيترن ئي اختلافن باوجود امام سنڌي ان جي متحده هندستان واري سوچ کي ڏاڍو ساراهيندو هو. هندستان کي متحد رکڻ جو نظريو ته سر سيد احمد خان جو به هو، هن ملڪ جي ميڊيا جيڪا سر سيد احمد خان کي نظريي پاڪستان جي بانين منجهان شمار ڪندي آهي اهو سراسر اجايو آهي وٽن اهڙي دعويٰ جو ڪو به ثبوت ڪونهي هائو البت سر سيد احمد خان هندن جي ڀيٽ ۾ مسلمانن جي تعليمي ۽ معاشي طور پوئتي هجڻ تي نهايت فڪرمند هو، جنهن جي حل لاءِ ان مسلم ڪاليج جي نالي سان علي ڳڙهه ۾ تعليمي ادارو کوليو هو. امام سنڌي ۽ امام الهند ابوالڪلام آزاد ٻنهي اڳواڻن سر سيد سان ان جي سياسي سوچن سان اختلاف رکڻ باوجود ان جي مسلمانن لاءِ خدمتن کي ساراهيو آهي. (نوٽ: ياد رهي ته امام عبيد الله سنڌي جي ۲۲ آگسٽ (سڀاڻي) ورسي آهي).
جمال ابڙو جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جو بانيڪار محمد سليمان وساڻ تاريخ ۳۰ جون، سنڌي ادب جي ڏاهي ڏات ڌڻي ۽ جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي بانيڪار، محترم جمال ابڙو جي ورسيءَ جو ڏيهاڙو آهي. جمال ابڙو سنڌ جي انهن ڪهاڻيڪارن مان آهي جن ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ڪهاڻيءَ کي نوان لاڙا ڏيئي منجھس فني ۽ فڪري خاصيتون به شامل ڪيون. جمال ابڙو ۲ مئي ۱۹۲۴ع تي ميهڙ جي ڳوٺ سانگين ۾ نامياري اديب ۽ تعليمدان علي خان ابڙي جي گهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم، پنهنجي ڳوٺ مان ۽ پنهنجي پيءُ جي سرڪاري نوڪريءَ ۽ تبادلن سبب لاڙڪاڻي، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص مان ميٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪئي. اين اي ڊي يونيورسٽيءَ مان انجنيئرنگ جي داخلا ڇڏي، هن قانون جي ڊگري يعني ايل ايل بي جي ڊگري حاصل ڪئي. ان کانسواءِ جمال ابڙي پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات لاڙڪاڻي مان وڪالت سان ڪئي. جنهن بعد ۱۹۴۹ع ۾ شهدادڪوٽ ۾ پبلڪ پراسيڪيوٽر طور مقرر ٿيو. ۱۹۵۲ ۾ کپري (سانگهڙ) ۾ سب جج ۽ ساڳئي حيثيت ۾ سکر، لاڙڪاڻو، خيرپورميرس، سجاول، ٽنڊو الهيار ۽ حيدرآباد ۾ نوڪري ڪندو رهيو. بعد ۾ کيس سيشن جج جي عهدي تي ترقي ملي. ۱۹۷۲ کان ۱۹۷۸ تائين سنڌ اسيمبليءَ جو سيڪريٽري، ۱۹۷۸ کان ۱۹۸۰ تائين ليبر ڪورٽ جو جج، ۱۹۸۱ کان ۱۹۸۲ تائين فيڊرل سروس ٽربيونل اسلام آباد جو ميمبر، ۱۹۸۴ع کان ۱۹۸۵ع تائين سنڌ اسيمبليءَ جو سيڪريٽري ۽ ۱۹۸۵ع کان ۱۹۸۶ع تائين اينٽي ڪرپشن جو چيئرمئن رهيو. اهڙيءَ ريت ۱۰ اپريل ۱۹۸۶ع تي ملازمت تان رٽائرمينٽ ورتائين. سنڌي ادب ۾ سندس پهرين ڪهاڻي “هو حُر هو” آھي، جيڪا هن ۱۹۴۵ع ۾ لکي. سندس لکڻ جو انداز بلڪل عوامي ۽ ٻولي به نج سنڌي ۽ عوامي هوندي هئي. سندس ڪهاڻين جا ڪردار ۽ مڪالما سچ ته ماڻهن کي انهن ڪردارن ۾ گم ڪري ڇڏين ٿا. سچ لکڻ سندس اصولن ۾ شامل هو. ڪڏهن به ان اصول تي سوديبازي ڪا نه ڪيائون. جمال ابڙو، ترقي پسند سنڌي ڪهاڻيءَ جو باني آهي. هن ترقي پسند تحريڪ جي عروج واري زماني کان ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون. هن ترقي پسند تحريڪ جي چڱن ۽ مثبت اثرن کي ضرور قبول ڪيو، پر هن ڪڏهن به ترقي پسند تحريڪ جي گهرجن کي مصنوعي انداز ۾ آڏو رکي ڪهاڻيون نه لکيون. جمال ابڙي صرف ۱۷ ڪهاڻيون لکيون جيڪي سنڌي ادب جون شاهڪار ۽ لازوال ڪهاڻيون آهن. هن پنهنجي ڪهاڻين ۾ وڏيري ، پير، ۽ معاشري جي ويري ڪردارن جي پت وائکي ڪئي آهي. سندس ڪھاڻين ۾ سماجي مسئلن جي اپٽار آهي. جمال ابڙي جي ڪهاڻين مان؛ 1. ”پِشو پاشا“، 2. ”پيراڻي“، 3. ”مان مرد“، 4. ”بدتميز“، 5. ”شاھ جو ڦر“، 6. ”بدمعاش“، 7. ”منھن ڪارو“، 8. ”ڪارو پاڻي“، 9. ”مھرباني“، 10. ”خميسي جو ڪوٽ“، 11. ”لاري“، 12. ”سينڌ“، 13. ”فرشتو“، 14. ”ماءُ جي جھولي“، 15. ”لاٽ“ ۽ ٻيون اهم آھن. ھن ڪيترا ئي شاھڪار مضمون پڻ لکيا، جن ۾ 1. ”شاھ محض صوفي نه ھو“، 2. ”پاڪستان ٺھراءُ: اصل حقيقتون“، 3. ”عورت جي اسلام ۾ عزت ۽ آزادي.“ ۽ ٻيا اهم آھن. ان کان سواءِ ھن سراج جي ناول ”پڙاڏو سو ئي سڏ“ جو مھاڳ لکيو ۽ فهميده حسين جي ڪهاڻين جي مجموعي ”هڪ حوا ڪئين ڪهاڻيون“ جو پڻ مهاڳ لکيو. پشوپاشا (افسانن جو مجموعو) چار ڇاپا ( پهريون ڇاپو ۱۹۵۹ع) جمال ابڙو (ڪهاڻيون، مضمون، شخصيت ۱۹۹۲ع ) آتم ڪهاڻي (پنجن ڀاڱن ۾) ۱-” ڏسي ڏوھ اکين سين“ ۲- ”اونهي ڳالهه اسرار جي“، ۳- ”ٿوهر ۾ ڳاڙها گل“، ۴- ”ايندو نه وري هي وڻجارو“ ۽ ۵- ”مَر پيا مينهن وسن“ شايع ٿيل آھن. کيس ڪيترا ئي ادبي ايوارڊ مليا ۽ سندس ادبي پورهئي عيوض ۱۹۹۴ع ۾ کيس صدارتي ايوارڊ براءِ حسن ڪارڪردگي سان نوازيو ويو. جڏھن ته ۳۰ جون ۲۰۰۴ع تي هن فاني دنيا مان ڪوچ ڪيائون. سنڌي ادب جي تاريخ ۾ ڪيل سندن خدمتون وسارڻ جهڙيون ناهن. هو اڄ به ياد آهي ۽ سندس لکڻيون اسانکي سندس ياد، هميشه ڏيارينديون رهنديون. ۲ جمال ابڙي ۲ مئي ۱۹۲۴ع تي ميھڙ شھر جي ڀرسان ڳوٺ سانگي ديهه منگواڻي ۾ علي خان ابڙي جي گھر ۾ جنم ورتو. علي خان ابڙو پنھنجي وقت جو ھڪ ناميارو تعليمدان، اديب ۽ ليکڪ ٿي گذريو آھي. جمال ابڙي شروعاتي تعليم ڳوٺ منگواڻيءَ جي اسڪول مان حاصل ڪئي. سيڪنڊري تعليم ميونسپل ھاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۽ نور محمد ھاءِ اسڪول حيدرآباد مان حاصل ڪيائين. جڏھن ته ھن ڪاليج جي -تعليم- بهاءُ الدين ڪاليج جھونا ڳڙھ ۽ ڊي جي ڪاليج ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي. ۴۴- ۱۹۴۳ع ۾ بنگال ۾ آيل ڏڪار دوران رضاڪار طور خدمتون سرانجام ڏيڻ لاءِ بنگال ويو. ھن اين اي ڊي (NED) انجنيئرنگ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتي، پر پوءِ انجنيئرنگ ڇڏي ”لا“ (Law) ڪرڻ جو فيصلو ڪيائين. جمال ابڙي ڪجھه عرصي تائين خاڪسار تحريڪ ۾ ڪم ڪيو ۽ پوءِ سنڌ ھاري ڪاميٽيءَ ۾ شامل ٿيو، ان کان علاوه ھو ٻين مزدور تنظيمن جو به ميمبر رھيو. سندس والد وٽ ھڪ سٺي لائبريري ھئي، جنھنڪري ھن ننڍپڻ ۾ ئي ٽئگور-، منشي پريم چند، ٽالسٽاءِ ۽ ٻين ليکڪن جا ڪتاب پڙھي ڇڏيا ھئا. ھن پھرين ڪھاڻي ”ھو حر ھو“، ۲۵ سالن جي عمر ۾ ۱۹۴۹ع ڌاري لکي، ۲۴ سالن جي عمر ۾ ۱۹۴۸ع کان لاڙڪاڻي ۾ وڪالت شروع ڪيائين. ھو بعد ۾ ۱۹۴۹ع ۾ شھدادڪوٽ جو پوليس پراسيڪيوٽر مقرر ٿيو، جتي ۱۹۵۱ع تائين رھيو. ۱۹۵۲ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري سول جج کپرو مقرر ٿيو، جنھن کان پوءِ ساڳئي حيثيت ۾ سکر، لاڙڪاڻي، خيرپور ميرس، سجاول، ٽنڊي الھيار ۽ حيدرآباد ۾ پنھنجون خدمتون سرانجام ڏيندو رھيو. بعد ۾ کيس سيشن جج جي عھدي تي ترقي ڏني وئي ۽ ترقي ڪندو ۱۹۷۲ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو سيڪريٽري مقرر ٿيو ۽ ان عھدي تي ۱۹۷۸ع تائين رھيو. ۱۹۷۸ع کان ۱۹۸۰ع تائين ليبر ڪورٽ جو جج، ۱۹۸۱ع کان ۱۹۸۲ع تائين فيڊرل سروسز ٽربيونل اسلام آباد جو ميمبر، ۱۹۸۴ع کان ۱۹۸۵ع تائين سنڌ اسيمبليءَ جو سيڪريٽري ۽ ۱۹۸۵ع کان ۱۹۸۶ع تائين اينٽي ڪرپشن ڪاميٽيءَ جو چيئرمئن رھيو. ۱۰ اپريل ۱۹۸۶ع تي سرڪاري ملازمت تان رٽائرمينٽ حاصل ڪيائين. جمال ابڙو شيخ اياز جي سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ھجڻ دوران سينڊيڪيٽ جو ميمبر ۽ سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر رھيو. سندس شاھڪار ڪھاڻين جو مجموعو ”پشو -پاشا-“ ھو، جيڪو تمام گھڻو مشھور ٿيو. ھن ضياءَ جي مارشل لا دور ۾ ”مارشل لا ۽ اسلام آباد“ جي عنوان سان ڪھاڻي لکي. اھا ڪھاڻي بعد ۾ ”فرشتو“ جي عنوان سان ’برسات‘ ۾ ڇپي. جمال ابڙي جي ڪهاڻين مان 1. ”پِشو پاشا“، 2. ”پيراڻي“، 3. ”مان مرد“، 4. ”بدتميز“، 5. ”شاھ جو ڦر“، 6. ”بدمعاش“، 7. ”منھن ڪارو“، 8. ”ڪارو پاڻي“، 9. ”مھرباني“، 10. ”خميسي جو ڪوٽ“، 11. ”لاري“، 12. ”سينڌ“، 13. ”فرشتو“، 14. ”ماءُ جي جھولي“، 15. ”لاٽ“ ۽ ٻيون اهم آھن. سندس ڪھاڻين ۾ سماجي مسئلن جي اپٽار آهي. ھن ڪيترائي شاھڪار مضمون پڻ لکيا، جن ۾ ”شاھ محض صوفي نه ھو“، ”پاڪستان ٺھراءُ، اصل حقيقتون“، ”عورت جي اسلام ۾ عزت ۽ آزادي“ ۽ ٻيا اهم آھن. ان کان سواءِ ھن سراج جي ناول ”پڙاڏو سو ئي سڏ“ جو مھاڳ لکيو ۽ فهميده حسين جي ڪهاڻين جي مجموعي ”هڪ حوا ڪئين ڪهاڻيون“ جو پڻ مهاڳ لکيو. جمال ابڙي جي ڪھاڻين جا ترجما اردو، انگريزي ۽ جرمن ٻولين ۾ ٿي چڪا آهن. ھن ۱۹۷۴ع ۾ روس ۾ ٿيندڙ بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ پڻ شرڪت ڪئي. سندس آتم ڪٿا جا پنج جلد: ۱-” ڏسي ڏوھ اکين سين“ ۲- ”اونهي ڳالهه اسرار جي“، ۳- ”-ٿوهر- ۾ ڳاڙها گل“، ۴- ”ايندو نه وري هي وڻجارو“ ۽ ۵- ”مَر پيا مينهن وسن“ شايع ٿيل آھن. ھن ۳۰ جون ۲۰۰۴ع ۾ ۸۰ سالن جي عمر ۾ دل جي تڪليف سبب ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻو ڪيو، جتي کيس گذريءَ جي قبرستان ۾ دفنايو ويو. جمال ابڙي جي ياد ۾ رکيل مورائي اليڪٽرانڪ ميڊيا جو دور آهي، شيون مختصر ڪريو. اهو اسان کي پڙهايو پيو وڃي، جيڪو اسان پڙهڻ نٿا چاهيون. ان ڪري مان پنهنجي صحافتي نوڪري دوران اهو قلم استعمال نه ٿو ڪريان، جيڪو ادب لکڻ لاءِ استعمال ڪريان ٿو. ساڳئي طرح ادب لکڻ وقت اهو قلم استعمال نه ٿو ڪريان، جيڪو صحافتي ڪجهه به لکڻ وقت استعمال ڪريان ٿو. صحافتي قلم، جمال ابڙي صاحب کي مختصر ڪرڻ لاءِ پابند ٿو ڪري، ادب ايئن نٿو ڪري، جمال ابڙي صاحب کي ننڍو ڪيئن ڪري سگهبو، هن تي لکڻ لاءِ اهو قلم استعمال ڪرڻ گهرجي، جيڪو ادب لکڻ وقت استعمال ٿيندو آهي، ايئن مان پنهنجي قلم کي اکين تي رکي جمال ابڙي صاحب تي ڪجهه لکڻ ٿو چاهيان، هيءُ لکڻ ڀلي مختصر آهي پر صحافتي قلم سان لکيل نه آهي، ادب لکڻ واري قلم سان لکيل آهي، ڇاڪاڻ ته جمال ابڙو جيڏو وڏو آهي، ان تي لکڻ لاءِ اهوئي قلم استعمال ڪرڻ گهرجي، جيڪو هن جي وڏائي بيان ڪري سگهي، هن جي ادب جي وڏائي، هن جي ڪهاڻيءَ جي اها وڏائي، جيڪا هر ٻئي ڏينهن وڌيڪ وڏي ٿي رهي آهي، مثال طور پيراڻي، جيڪا سنڌي ڪهاڻي جي اتهاس ۾ هر ڏهاڙي وڏي ٿي رهي آهي، سبب اهو نه آهي ته سنڌي ٻي ڪهاڻي ننڍي ٿي رهي آهي، سبب اهو آهي ته، اڄ جيڪا ڪهاڻي لکجي رهي آهي، اها شايد ايڏي وڏي نه آهي، جيڏي وڏي ڪهاڻي پيراڻي آهي. اڄ جيڪا ڪهاڻي لکجي رهي آهي، ان جو چڱو انگ. وڏو ٿي رهيو آهي، موضوعاتي طور اڃا به وڏو ٿيو آهي، پوءِ به شايد ان کي اڃا سفر گهرجي، ڇا به هجي، جمال ابڙو وڏي سنڌي ڪهاڻي جي پيڙهه جو اهو پٿر آهي، جنهن تي بيمثال سنڌي ڪهاڻي جي عمارت اڏي سگهجي ٿي، جنهن جي اڃا خواهش آهي. جمال ابڙو صاحب سنڌي ڪهاڻي جو اهڙو نالو آهي، جنهن جي ڪهاڻي کي وڏي ڪهاڻي طور کڻي سگهجي ٿو، هن جيڪي ڪهاڻيون لکيون انهن جو انگ ڪنهن به صورت ۾ ٻن درجنن کان مٿي نه آهي، سنڌي ادب کي ايتريون ئي ڪهاڻيون بيمثال ادب بڻائڻ لاءِ گهڻيون آهن، جيڪڏهن سچ پچ اهي سڀ وڏيون ڪهاڻيون آهن ته! سنڌي ڪهاڻيءَ جو اڀياس جڏهن به لکيو ويو (جيڪو اڃا نه لکيو ويو آهي) سنڌي ادب کي جمال ابڙي صاحب جون ڪهاڻيون ئي وڏو ادب تسليم ڪرائڻ لاءِ ڪافي آهن. سنڌي ڪهاڻي ۾ جمال ابڙي صاحب کي پنهنجي طبعيت وانگر ٿوري لکڻ ۾ گهڻو چئي سگهڻ جي سگهه هئي.، مثال طور سندس ڪهاڻي “سينڌ” کڻي سگهجي ٿي، “سينڌ” ڪهاڻي جمال صاحب ڪهڙين حالتن ۾ لکي، ان جو تفصيل تمام گهڻو تفصيل به بنهه مختصر اکرن ۾آهي، جيڪو بظاهر هڪ ننڍڙي خط جي صورت ۾ آهي ۽ هڪ بيمثال افسانو آهي. سنڌي ڪهاڻي کي سمجهڻ لاءِ ۽ خاص طور جمال صاحب کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ لاءِ اهو خط ضرور پڙهڻ گهرجي، جيڪو جمال صاحب پنهنجي ڪهاڻي “سينڌ” سان گڏ پنهنجي دوست شيخ اياز ڏي لکيو هو ۽ اهو خط ڪهاڻي سان گڏ ئي شايع ٿيو هئو. مسلسل لکندڙ طور شايد جمال صاحب جي اها آخري ڪهاڻي هئي، جيڪا پڻ چڱي وٿيءَ کانپوءِ هن لکي هئي.جنهن بعد هن ڪي هڪ ٻه ڪهاڻيون مس لکيون هيون. جمال صاحب جو هڪ ئي سڪيلڌو ڪتاب ڪهاڻي “پشوپاشا” جي نالي سان ڇپيو ۽ پوءِ الڳ الڳ مضمونن ۽ ڪن ڪهاڻين جي واڌاري سان اهوئي ڪتاب الڳ نالن سان ڇپبو رهيو آهي. جنهن کانپوءِ جمال صاحب ڪهاڻي لکڻ ڇڏي ڏني، ها! هن ڪهاڻي لکڻ ڇڏي ڏني، پر پنهنجي لکڻ جي معيار کي نه ڇڏيو. ۽ پوءِ هو افسانوي ادب کان الڳ ٿي ويو ۽ پنهنجي آتم ڪٿا محفوظ ڪيائين. پر!حيرت جي حد تائين هن عظيم ڪهاڻي ڪار پنهنجي آتم ڪٿا کي افسانوي ادب جي ويجهو اچڻ نه ڏنو، ڇاڪاڻ ته هن ان کي افسانو بڻائڻ نه چاهيو، جنهن ڪري اها خود هڪ حوالو بڻجي سامهون آئي آهي، جمال صاحب الڳ الڳ موضوعن تي ڪجهه مضمون به لکيا جيڪي پڻ سندس گڏيل مجموعي ۾ شامل آهن ۽ اهو گڏيل مجموعو جيڪو جمال ابڙي صاحب بابت اسان جي دوست بدر ابڙي مرتب ڪيو آهي. اهو به هڪ حوالو آهي، جمال صاحب هڪ شخص ۽ هڪ ڪهاڻيڪار جو شايد ڪنهن ڪهاڻيڪار کي سندس حوالي ۾ اهڙو ڪتاب نصيب ٿئي، ٻئي طرف جيڪي احترام ۽ محبتون جمال صاحب کي نصيب ٿيون، اهي پڻ ڪن ٿورن کي نصيب ٿيون آهن. ادب ۾ سندس اهميت هڪ الڳ درجي جي آهي. سڀ گڏي، سنڌ، سنڌي ادب کي هڪ ئي جمال ابڙو ڏنو جيڪو سنڌي ڪهاڻي جي اهم ۽ بيمثال سڃاڻپ آهي. اهڙي سڃاڻپ جيڪا سنڌي ٻولي جي موجود هجڻ تائين ساڳي رهڻي آهي. جنهن کي ڪو به لهر لوڏو نه آهي، ڇاڪاڻ ته اها سڃاڻپ جمال ابڙي صاحب جي آهي، جنهن جي اڄ ورسي جو ڏينهن آهي. ها! هو جسماني طور اسان سان نه آهي پر سندس سموري عمر جو پورهيو اسان وٽ محفوظ آهي. ڪتابن جي صورت ۾ سندس يادگيريون محفوظ آهن، اسان جي دلين ۾ سندس تصوير محفوظ آهي، اسان جي اکين ۾ سندس اوتار موجود آهي، بدر ابڙي جي روپ ۾، باقي سندس ڇا آهي، جيڪو اسان کان پري آهي، اڄ به سندس ياد موجود آهي، جنهن جو سبب هي ڪجهه به لکڻ آهي. جمال ابڙو جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جو وڏو نانءُ - سورهين ورسيءَ جي مناسبت سان صدام جوکيو جمال ابڙي ڪي سوين افسانه ڪو نه لکيا، نه ئي ڪي سوين ڪتاب لکيا پر هن ڪهاڻي لکڻ جو اهو ڏانءُ، اُهو فن، اُهو رستو ڳولي لڌو، جنهن سندس شخصيت کي هڪ الڳ ۽ منفرد ڪهاڻيڪار جي حيثيت ڏني ۽ سندس شمار جديد سنڌي ادب ۽ ترقي پسند ادب جي وڏن نالن ۾ تسليم ڪيو ويو. جمال ابڙي جي ڪهاڻين ۾ ڪمال جي منظر نگاري ٿيل آهي، سندس ٿورين ڪهاڻين ۾ ترقي پسند خيال ڀريا پيا آهن، هو حقيقت پسند ڪهاڻيڪار هو، سندس ڪهاڻين ۾ ڪهاڻيءَ سان ٺهڪي بيهندڙ ڪردار، ڪردارن جي نفسيات ۽ فطرت سان ٺهڪي بيهندڙ ڊائلاگس ۽ پوري ڪهاڻيءَ کي فضول لٻاڙ، مبالغي ۽ بي مقصديءَ کان بچائڻ واريون سموريون خوبيون موجود آهن. هن ٻهراڙين جي نج سنڌي ماحول ۽ مسئلن کي پنهنجي ڪهاڻين ۾ وڏي ڪاريگريءَ سان پيش ڪيو آهي، سندس اندازِ بيان زندگيءَ جي حقيقي تحرڪ جي تصوير کي بنا ڪنهن وڌاءَ ۽ مصنوعيت جي پيش ڪري ٿو. سچ ته جمال ابڙو سنڌي ڪهاڻيءَ کي نوان موڙ ۽ نوان گس ڏيندڙ ليکڪ هو، سنڌي ڪهاڻيءَ جي تاريخ ۾ جمال ابڙي جو مقام نهايت منفرد ۽ نرالو آهي ۽ رهندو. اها ئي سندس ڪاميابي آهي جو سندس ڪهاڻيون ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿيون آهن ۽ اعليٰ تعليمي ادارن ۾ پڙهايون وڃن ٿيو. شيخ اياز مطابق ”جمال ابڙو خدا دوست به آهي ته انسان دوست به آهي ۽ ادب دوست به آهي ۽ سندس ٽيئي خاصيتون سندس ڪهاڻين ۾ موجود آهن،“ غفور ميمڻ سندس ڪهاڻين جي فڪري پاسي تي ڳالهائيندي لکي ٿو ته ”جمال سنڌ ڌرتي جو اهو ليکڪ آهي، جنهن جي مٽيءَ ۾ انسانيت، امن، پيار، محبت ۽ اميد پرستي آهي، جنهن جو فڪر زندگي پروري آهي. اهو فڪر سنڌ جو فڪر آهي.“ غلام رباني آگرو کيس سنڌي افساني جو امام سڏي ٿو ۽ لکي ٿو ته ”جمال کان وڏو افسانه نگار، مون کي نه کانئس اڳ، نه پوءِ سُجھي ٿو. اھو منھنجو ذاتي رايو آھي.“ جمال ابڙي جي افسانه نگاريءَ ۾ جيڪا فڪري ۽ ٻولياتي نواڻ ۽ حسناڪي آهي، ان جا سبب بيان ڪندي، گل محمد عمراڻي لکي ٿو ته ”جمال جي افسانه نگاريءَ ۾ جيڪا حيرت انگيز جديديت فڪري تازگي ۽ لساني نواڻ (Innovation) ڏسڻ ۾ اچي ٿي، ان جو سبب به ٻيو ڪجهه به نه آهي، فقط سندس حساس ۽ باريڪ بين نظر، طبع رسا ۽ فطري انسان دوستي آهي.“ جمال ابڙي جي ڪهاڻين جي انفرادي حيثيت تي ڳالهائيندي شوڪت حسين شورو لکي ٿو ته ”هن سنڌي ڪهاڻيءَ کي نئون لهجو ۽ نئون ڊڪشن ڏنو. جمال ابڙي جي لکڻ جي پنهنجو هڪ انفرادي اسٽائل هو. وري اسين هن جي ڪهاڻين جا موضوع ڏسون ته انهن مان اڪثر اڳ ۾ اڻ ڇهيل هئا. آئون نه ٿو ڀانيان ته جمال ابڙي وٽ لکڻ جي ڏات ۽ جيڪو ڏانءُ هو، اهي ٻئي شيون ان دور ۾ ڪنهن ٻئي ڪهاڻيڪار کي شايد نصيب ٿيون هجن.“ جمال ابڙي جا افسانه ڪيتري قدر اثرائتا، وڻندڙ، پسند پيل ۽ مڃيل آهي، ان جو اندازو ڊاڪٽر سحر امداد جي هن لفظن مان لڳائي سگهجي ٿو ته ”جمال ابڙو سنڌي ٻوليءَ جي اُنهن چند ليکڪن مان هڪ آهي، جن مون کي ٽين ايج (Teen-age)۾ سنڌي ادب پڙهڻ تي هر کايو... جمال ابڙي جون ڪهاڻيون پڙهي آئون چري ٿي پيس. گهر ۾ واندڪائيءَ ۾ هر وقت اهو ڪتاب منهنجي هٿ ۾ هوندو هو.“ پشو پاشا جي مهاڳ ۾ سنڌ جو ڏاهو اديب محمد ابراهيم جويو لکي ٿو ته ”جمال جي افسانن ۾ بهرحال زندگي جي مسئلن جي نبيري جو هڪ عجيب مهر ڀريو انداز موجود ڏسجي ٿو ۽ هڪ ڪامياب افسانه نگار لاءِ هيءَ هڪڙي ڳالهه لک جي برابر آهي ته هن جي دل ۾ زندگيءَ لاءِ محبت ۽ احترام جا جذبا موجود هجن ۽ کيس زندگيءَ ۾ ڀرپور اعتقاد هجي.“ جمال ابڙي پنهنجين ڪهاڻين جي ڪارج ۽ مقصد کي بيان ڪندي پاڻ هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته ”مون ڪهاڻين ۾ اهو پيغام ڏٺو آهي ته انسان دٻجي نٿو سگهي، جيئن دٻائبو تيئن اهو اڀرندو، مهاڏو اٽڪائيندو آ ۽ نيٺ پنهنجي منزل ماڻيندو آ“ ڪهاڻيءَ ۾ هو، ڪنهن مغربي ڏاهي کان متاثر نه هو، هن ٽيئگور ۽ ٻين اديبن کي پڙهيو ضرور هو پر پاڻ انٽرويو ۾ چيائين ته ”مان شيخ اياز کان تمام گهڻو متاثر آهيان.“ جمال ابڙي کي ننڍيءَ وحيءَ کان ئي ادب ۽ ڪهاڻيءَ سان لڳاءُ هو، هن هاءِ اسڪول واري زندگيءَ کان لکڻ جي باقائده شروعات ڪئي، لاڙڪاڻي جي هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ دوران هن ڪهاڻي لکڻ شروع ڪئي ۽ نور محمد هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ دوران مضمون لکڻ جي شروعات ڪيائين، سندس ڇپجي پڌري ٿيندڙ پهرين ڪهاڻي ”هو حر هو“ هئي، جيڪا هفتيوار ”طوفان“ ۾ شايع ٿي هئي، اهڙي طرح صرف ۱۷ افسانه لکندڙ جمال ابڙو وڏي پايي جي ڪهاڻيڪارن ۾ پنهنجي جاءِ جوڙي ورتي ۽ سندس افسانن جو ڪتاب چار کان پنج ڀيرا ڇپجي چڪو آهي. جمال ابڙي جو پورو نالو جمال الدين ابڙو هو ۽ سندس والد جو نالو علي خان ابڙو هو، جيڪو خود به هڪ علمي شخص هو. جمال ابڙي ۲ مئي ۱۹۲۴ع تي ڳوٺ سانگي، تعلقي ميهڙ، ضلعي (ان دور ۾) لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. هن بنيادي تعليم ڳوٺ منگواڻي تعلقي ميهڙ جي ميونسپل پرائمري اسڪول لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي، ميئٽرڪ جي تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو ۽ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان حاصل ڪيائين، ڪاليج جي تعليم بهاءُ الدين ڪاليج جھونا ڳڙھ ۽ ڊي جي ڪاليج ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي هئائين، هن اڳتي وڌي ايل. ايل. بي شاهاڻي لا ڪاليج لاڙڪاڻو مان حاصل ڪئي. سندس تعليمي سفر بابت متفرقه رايا لکيا ويا آهن. پاڻ ملازمت جي سلسلي ۾ ڪيترن ئي پاسن تي خدمتون سرانجام ڏنائون، جن جو مختصر احوال هن طرح آهي، سال ۱۹۴۹ع کان ۱۹۵۰ع تائين پوليس پراسيڪيوٽر شهدادڪوٽ، سال ۱۹۵۱ع کان ۱۹۵۲ع تائين لاڙڪاڻي ۾ وڪالت ڪيائين، سال ۱۹۵۲ع ۾ پبلڪ سروس ڪميشن طرفان کيس سب جج مقرر ڪيو ويو ۽ پاڻ سيشن جج جي عهدي تائين ترقي ڪيائين، سال ۱۹۷۲ع کان ۱۹۷۸ع تائين سنڌ اسيمبليءَ جو سيڪريٽري رهيو، ۱۹۷۸ع کان ۱۹۸۰ع تائين ليبر ڪورٽ جو جج ٿي رهيو، سال ۱۹۸۰ع کان ۱۹۸۱ع تائين فيڊرل سروسز ٽربيونل جو اسلام آباد ۾ ميمبر ٿي رهيو، ۱۹۸۱ع کان ۱۹۸۲ع تائين سنڌ هاءِ ڪورٽ جو رجسٽرار ٿي رهيو، ۱۹۸۲ع کان ۱۹۸۴ع تائين، ليبر ڪورٽ جو جج رهيو، سال ۱۹۸۴ع کان ۱۹۸۵ع تائين سنڌ اسيمبليءَ ۾ ٻيهر سيڪريٽري مقرر ٿيو، ۱۹۸۵ع کان ۱۹۸۶ع تائين اينٽي ڪرپشن اينڊ انڪوائريز ونگ سنڌ جو چيئرمين ٿي رهيو، پاڻ ۱۰ اپريل ۱۹۸۶ع تي اتان رٽائرمينٽ ورتائين ۽ سندس ملازمت جو ٽوٽل عرصو ۳۴ سال ٻڌايو وڃي ٿو.. جمال ابڙي کي سنڌي ادبي سنگت جي باني ميمبرن مان هڪ تسليم ڪيو وڃي ٿو، هن تاج محمد ابڙي سان گڏجي لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي شاخ قائم ڪئي هئي ۽ ان کان علاوه به تمام گهڻيون خدمتون سرانجام ڏنائين. پاڻ سنڌ هاري ڪاميٽي ۽ ٻين پورهيت تنظيمن سان سلهاڙيل رهيو، سياسي لحاظ کان پاڻ خاڪسار تحريڪ سان لاڳاپيل هو. پاڻ ڪجهه بين الاقوامي ڪانفرنسن ۾ به شرڪت ڪيائين. سندس ڇپيل ڪتابن جو ڪو وڏو تعداد ناهي پر مقدار کان معيار بهتر آهي، جي مصداق تحت سندس ڪتاب نهايت معياري ۽ مڃيل آهن، سندس ڇپيل ڪتابن جو احوال هن طرح آهي ”پشو پاشا“ (ڪهاڻين جو مجموعو، زندگي پبليڪيشن، ۱۹۵۹ع، ”جمال ابڙو ڪهاڻيون، مضمون، شخصيت“ (سنڌ ثقافت کاتو ۱۹۹۲)، آتم ڪهاڻي پنجن ڀاڱن ۾ ”ڏسي ڏوهه اکين سين، اونهي ڳالهه اسرار جي، ٿوهر ۾ ڳاڙها گل، ايندو نه وري وڻجارو، مَر پيا مينهن وسن“ وغيره شامل آهن. کيس ڪيترا ئي ايوارڊ ۽ اعزاز به حاصل ٿيا جن ۾ حسن ڪارڪردگي جو صدارتي ايوارڊ ۱۹۹۴ع شامل آهي. سندس افسانن ايتري مقبوليت ماڻي جو، ڪيترا ئي سندس افسانا انگريزي، اردو، روسي ۽ جرمن ٻولين ۾ ترجمو ٿيا ۽ سندس ڪتاب پشوپاشا اڄ ڏينهن سوڌو يونيورسٽين ۾ پڙهايو وڃي ٿو. سنڌ ڌرتيءَ جي هن سچي، بيباڪ ۽ برجستي ليکڪ ۳۰ جون ۲۰۰۴ع تي ۸۰ سالن جي عمر ۾ دل جي تڪليف سبب ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي، کيس گذريءَ جي قبرستان ۾ دفنايو ويو، سندس اولاد ۾ هن سنڌ، سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي خدمت لاءِ پنهنجو پٽ برک اديب ۽ محقق بدر ابڙو ارپن ڪيو، جيڪو هن وقت سنڌي ادب لاءِ بي بها خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي۔ جمال ابڙو اڄ به زنده آهي رکيل مورائي اليڪٽرانڪ ميڊيا جو دور آهي، شيون مختصر ڪريو. اهو اسان کي پڙهايو پيو وڃي، جيڪو اسان پڙهڻ نٿا چاهيون. ان ڪري مان پنهنجي صحافتي نوڪري دوران اهو قلم استعمال نه ٿو ڪريان، جيڪو ادب لکڻ لاءِ استعمال ڪريان ٿو. ساڳئي طرح ادب لکڻ وقت اهو قلم استعمال نه ٿو ڪريان، جيڪو صحافتي ڪجهه به لکڻ وقت استعمال ڪريان ٿو. صحافتي قلم، جمال ابڙي صاحب کي مختصر ڪرڻ لاءِ پابند ٿو ڪري، ادب ايئن نٿو ڪري، جمال ابڙي صاحب کي ننڍو ڪيئن ڪري سگهبو، هن تي لکڻ لاءِ اهو قلم استعمال ڪرڻ گهرجي، جيڪو ادب لکڻ وقت استعمال ٿيندو آهي، ايئن مان پنهنجي قلم کي اکين تي رکي جمال ابڙي صاحب تي ڪجهه لکڻ ٿو چاهيان، هيءُ لکڻ ڀلي مختصر آهي پر صحافتي قلم سان لکيل نه آهي، ادب لکڻ واري قلم سان لکيل آهي، ڇاڪاڻ ته جمال ابڙو جيڏو وڏو آهي، ان تي لکڻ لاءِ اهوئي قلم استعمال ڪرڻ گهرجي، جيڪو هن جي وڏائي بيان ڪري سگهي، هن جي ادب جي وڏائي، هن جي ڪهاڻيءَ جي اها وڏائي، جيڪا هر ٻئي ڏينهن وڌيڪ وڏي ٿي رهي آهي، مثال طور پيراڻي، جيڪا سنڌي ڪهاڻي جي اتهاس ۾ هر ڏهاڙي وڏي ٿي رهي آهي، سبب اهو نه آهي ته سنڌي ٻي ڪهاڻي ننڍي ٿي رهي آهي، سبب اهو آهي ته، اڄ جيڪا ڪهاڻي لکجي رهي آهي، اها شايد ايڏي وڏي نه آهي، جيڏي وڏي ڪهاڻي پيراڻي آهي. اڄ جيڪا ڪهاڻي لکجي رهي آهي، ان جو چڱو انگ. وڏو ٿي رهيو آهي، موضوعاتي طور اڃا به وڏو ٿيو آهي، پوءِ به شايد ان کي اڃا سفر گهرجي، ڇا به هجي، جمال ابڙو وڏي سنڌي ڪهاڻي جي پيڙهه جو اهو پٿر آهي، جنهن تي بيمثالي سنڌي ڪهاڻي جي عمارت اڏي سگهجي ٿي، جنهن جي اڃا خواهش آهي. جمال ابڙو صاحب سنڌي ڪهاڻي جو اهڙو نالو آهي، جنهن جي ڪهاڻي کي وڏي ڪهاڻي(صفحن ۾ وڏي) طور کڻي سگهجي ٿو، هن جيڪي ڪهاڻيون لکيون انهن جو انگ ڪنهن به صورت ۾ ٻن درجنن کان مٿي نه آهي، سنڌي ادب کي ايتريون ئي ڪهاڻيون بيمثال ادب بڻائڻ لاءِ گهڻيون آهن، جيڪڏهن سچ پچ اهي سڀ وڏيون ڪهاڻيون آهن ته! سنڌي ڪهاڻيءَ جو اڀياس جڏهن به لکيو ويو (جيڪو اڃا نه لکيو ويو آهي) سنڌي ادب کي جمال ابڙي صاحب جون ڪهاڻيون ئي وڏو ادب تسليم ڪرائڻ لاءِ ڪافي آهن. سنڌي ڪهاڻي ۾ جمال ابڙي صاحب کي پنهنجي طبعيت وانگر ٿوري لکڻ ۾ گهڻو چئي سگهڻ جي سگهه هئي.، مثال طور سندس ڪهاڻي ”سينڌ“ کڻي سگهجي ٿي، ”سينڌ“ ڪهاڻي جمال صاحب ڪهڙين حالتن ۾ لکي، ان جو تفصيل تمام گهڻو تفصيل به بنهه مختصر اکرن ۾آهي، جيڪو بظاهر هڪ ننڍڙي خط جي صورت ۾ آهي ۽ هڪ بيمثال افسانو آهي. سنڌي ڪهاڻي کي سمجهڻ لاءِ ۽ خاص طور جمال صاحب کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ لاءِ اهو خط ضرور پڙهڻ گهرجي، جيڪو جمال صاحب پنهنجي ڪهاڻي ”سينڌ“ سان گڏ پنهنجي دوست شيخ اياز ڏي لکيو هو ۽ اهو خط ڪهاڻي سان گڏ ئي شايع ٿيو هئو. مسلسل لکندڙ طور شايد جمال صاحب جي اها آخري ڪهاڻي هئي، جيڪا پڻ چڱي وٿيءَ کانپوءِ هن لکي هئي.جنهن بعد هن ڪي هڪ ٻه ڪهاڻيون مس لکيون هيون. جمال صاحب جو هڪ ئي سڪيلڌو ڪتاب ڪهاڻي ”پشوپاشا“ جي نالي سان ڇپيو ۽ پوءِ الڳ الڳ مضمونن ۽ ڪن ڪهاڻين جي واڌاري سان اهوئي ڪتاب الڳ نالن سان ڇپبو رهيو آهي. جنهن کانپوءِ جمال صاحب ڪهاڻي لکڻ ڇڏي ڏني، ها! هن ڪهاڻي لکڻ ڇڏي ڏني، پر پنهنجي لکڻ جي معيار کي نه ڇڏيو. ۽ پوءِ هو افسانوي ادب کان الڳ ٿي ويو ۽ پنهنجي آتم ڪٿا محفوظ ڪيائين. پر !حيرت جي حد تائين هن عظيم ڪهاڻي ڪار پنهنجي آتم ڪٿا کي افسانوي ادب جي ويجهو اچڻ نه ڏنو، ڇاڪاڻ ته هن ان کي افسانو بڻائڻ نه چاهيو، جنهن ڪري اها خود هڪ حوالو بڻجي سامهون آئي آهي، جمال صاحب الڳ الڳ موضوعن تي ڪجهه مضمون به لکيا جيڪي پڻ سندس گڏيل مجموعي ۾ شامل آهن ۽ اهو گڏيل مجموعو جيڪو جمال ابڙي صاحب بابت اسان جي دوست بدر ابڙي مرتب ڪيو آهي. اهو به هڪ حوالو آهي، جمال صاحب هڪ شخص ۽ هڪ ڪهاڻيڪار جو شايد ڪنهن ڪهاڻيڪار کي سندس حوالي ۾ اهڙو ڪتاب نصيب ٿئي، ٻئي طرف جيڪي احترام ۽ محبتون جمال صاحب کي نصيب ٿيون، اهي پڻ ڪن ٿورن لکندڙ کي نصيب ٿيون آهن. ادب ۾ سندس اهميت هڪ الڳ درجي جي آهي. سڀ گڏي، سنڌ، سنڌي ادب کي هڪ ئي جمال ابڙو ڏنو جيڪو سنڌي ڪهاڻي جي اهم ۽ بيمثال سڃاڻپ آهي. اهڙي سڃاڻپ جيڪا سنڌي ٻولي جي موجود هجڻ تائين ساڳي رهڻي آهي. جنهن کي ڪو به لهر لوڏو نه آهي، ڇاڪاڻ ته اها سڃاڻپ جمال ابڙي صاحب جي آهي، جنهن جي اڄ ورسي جو ڏينهن آهي. ها! هو جسماني طور اسان سان نه آهي پر سندس سموري عمر جو پورهيو اسان وٽ محفوظ آهي. ڪتابن جي صورت ۾ سندس يادگيريون محفوظ آهن، اسان جي دلين ۾ سندس تصوير محفوظ آهي، اسان جي اکين ۾ سندس اوتار موجود آهي، بدر ابڙي جي روپ ۾، باقي سندس ڇا آهي، جيڪو اسان کان پري آهي، اڄ به سندس ياد موجود آهي، جنهن جو سبب هي ڪجهه به لکڻ آهي. هن اسان کان جسماني طور تي ٽيهه جون ۲۰۰۴ ۾ موڪلايو. (ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچي ۾ ۳۰ جون ۲۰۲۱ع تي ڇپيل) جمال ابڙو صاحب هڪ پر سڪون چهرو جيڪو هاڻ ڏسڻ ۾ نٿو اچي رکيل مورائي هونئن سنڌي ٻوليءَ جي حسين ڪهاڻيڪار جمال ابڙي صاحب تي ڪجهه به لکڻ کان اڳ ۾ سنڌي ڪهاڻيءَ جي اڀياس لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هڪ صدي ته پوئتي وڃڻو ئي پوندي. پر نئين سنڌي ڪهاڻيءَ لاءِ شايد ايترو پوئتي وڃڻو پوي، جيترو عرصو پشو پاشا جي پهرئين ڇاپي جي ڇپائي آهي. پشو پاشا ڪتاب سنڌي نئين ڪهاڻيءَ جو هڪ اهڙو ڪتاب آهي، جنهن کي اساسي سنڌي ڪهاڻيءَ جو آخري ڏاڪو چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو، ڇو ته هن ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻيون سنڌي ڪهاڻي جو مڪمل روپ آهن. هيءُ ڪتاب جمال ابڙي صاحب جي ڪهاڻين جو پهريون ۽ آخري ڪتاب آهي، پر نئين سنڌي ڪهاڻيءَ جو شايد پهريون ڪتاب آهي. شيخ اياز صاحب پڻ اهڙي ئي ڳالهه ڪئي آهي. جمال صاحب جون ڪهاڻيون سنڌي ادب لاءِ ڀاڳ آهن، ساڳئي وقت هي ڪهاڻيون ۽ جمال ابڙي صاحب جون ٻيون لکڻيون، جن ۾ آتم ڪٿا ۽ ڪي مضمون شامل آهن پڙهڻ کان پوءِ اها ڳالهه چٽي نظر اچي ٿي ته جمال ابڙي صاحب جو نثر، اول ۽ آخر سندس اثر هيٺ ئي آهي، ٻيءَ طرح هر اديب ڪنهن کان ضرور متاثر ٿيندو آهي، پر جمال صاحب جون سڀ لکڻيون توڻي نثر پڙهي، بلڪ چٽيءَ طرح اهو واضع محسوس ٿئي ٿو ته جمال ابڙو صاحب، سنڌ جو اهڙو ڪهاڻيڪار آهي، جنهن جي نثر تي، نه هن کان اڳئين ليکڪن جو اثر آهي ۽ نه ئي همعصر لکندڙن جو اثر سندس نثرتي آهي، سندس نثر اول ۽ آخر سندس ئي آهي ۽ اهو ائين آهي، جيئن نجوسون، تخليقي طور جمال صاحب سڀني کان الڳ ۽ منفرد آهي، اهو هڪ لکندڙ طور وڏو معجزو آهي. ۽ شخصي طور جمال ابڙي سان جن شخصن زندگي گذاري آهي، انهن سڀني جي راءِ هڪجهڙي آهي ته هو شخص بيمثال هئو. دنيا جي ادب ۾ توڻي سنڌ جي ادب ائين ٿيندو آيو آهي ته ادب کي کڻي اديب تي پڻ لکيو ويو آهي، جن ۾ ليکڪ جي ذات کي پڻ ڪڙي توڻي مٺي تنقيد مان گذرڻو پيو آهي پر هيءُ شخص ته عجيب چئبو، جيڪو ادب توڻي، پنهنجي شخصي دائري، ۾ ڪٿي به متنازع نه آهي، سندس دوستن توڻي پڙهندڙن سندس باري ۾ گهڻو ئي لکيو آهي، خاص طور منهنجي دوست نوجوان اديب ادريس جتوئيءَ جو لکيل مونوگراف، جنهن کان پوءِ اهو بي مثال ڪتاب آهي. جيڪو بدر ابڙي صاحب سهيڙيو آهي، ۽ سنڌيڪا اڪيڊميءَ ڪراچيءَ شايع ڪيو آهي اهم ڪتاب آهن. پر هيءُ شخص ۽ ڪهاڻيڪار، سنڌي ادب جو اهڙو نالو آهي، جنهن کي پڙهي کيس لاءِ احترام وڌي ويندو آهي ۽ کيس ڏسي، واشواس ٿيندو آهي ته ”ٻاجهه“ لفظ جي معنيٰ ڳولبي ته اها جمال ابڙي صاحب جي صورت ۾ ظاهر ٿيندي. اهڙو منهنجو شخصي مشاهدو هڪ کان وڌيڪ ڀيرا سندن زندگيءَ ۾ ٿيو هئو، ۽ هاڻ به جڏهن بدر ابڙي صاحب سان ملبو آهي ته اکين ۾ جمال صاحب جو نوراني چهرو تري ايندو آهي. هونئن بدر جي پنهنجي الڳ سڃاڻپ آهي، جيڪا سندس نالي ۽ ڪم سان آهي، پر بدر جي ان ڀاڳ سان ته ريس نٿي ڪري سگهجي ته هو. جمال ابڙي صاحب جو پٽ آهي، جمال ابڙو صاحب جنهن کي پڙهي، دماغ ۾ تازگي ايندي آهي ۽ جنهن سان ملي، روحاني ۽ دلي تازگي محسوس ٿيندي هئي. ۽ اکيون جڏهن هي نه ڏسڻ جهڙو سڀ ڪجهه ڏسڻ کان بيزار ٿينديون هيون ٿه سندس چهرو ڏسڻ چاهينديون هيون، هڪ پر سڪون چهرو جيڪو هاڻي ڏسڻ ۾ نٿو اچي. جمال ابڙو آدرشي انسان ۽ بيباڪ ڪهاڻيڪار رضوان گل ڪهاڻي جو تعلق انساني زندگيءَ سان ايترو ئي پراڻو آهي جيترو انساني تاريخ، ڇا لاءِ ته انسان جي پيدا ٿيڻ سان ئي ڪهاڻي جنم وٺي ٿي ۽ پوءِ ان سان لاڳاپيل مسئلن ۽ انهن جي حل لاءِ جدوجهد دوران به ڪيتريون ئي ڪهاڻيون وجود ۾ اچن ٿيون. هونئن هر انسان به ته هڪ الڳ ڪهاڻي آهي يا وري ڪنهن ڪهاڻيءَ جو ڪردار، جيڪو سڄي ڄمار مختلف اسٽيجن تي پرفارم ڪندو رهي ٿو ۽ آخرڪار سندس ڪردار جي پڄاڻي ٿئي ٿي. ڪهاڻي زندگيءَ جو عڪس آهي يعني ڪهاڻيڪار ڪهاڻيءَ ذريعي سماج جو عڪس چٽي ٿو ته جيئن سماج اندر مثبت تبديليون اچي سگهن. سنڌي سماج ۾ جيڪا بدديانتي ۽ انياءُ آهي، انهيءَ حوالي سان ڪيترن ئي ڪهاڻيڪارن ڀرپور نموني لکيو آهي، جن مان بيباڪ ڪهاڻيڪار جمال ابڙي جو نالو نهايت اهم آهي. هو جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي حوالي سان پيڙهه جي پٿر واري حيثيت رکندڙ آهي. جمال ابڙو ۲ مئي ۱۹۲۴ع تي ميهڙ جي ڳوٺ سانگين ۾ نامياري اديب ۽ تعليمدان علي خان ابڙي جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس ننڍپڻ وارا ڏينهن ڳوٺ ۾ ئي گذريا، جتي هن ابتدائي تعليم به حاصل ڪئي، جنهن کان پوءِ سندس والد نوڪريءَ سانگي لاڙڪاڻي ۾ رهائش اختيار ڪئي، جنهن ڪري جمال ابڙي وڌيڪ تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ ورتي. سندس والد جي مختلف هنڌن تي تقريرن جي نتيجي ۾ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ ڇهين درجي ۾ داخل ٿيو. جڏهن ته مئٽرڪ ميرپور خاص جي هاءِ اسڪول مان ڪيائين. فرسٽ ايئر ۽ انٽر ڊي جي ڪاليج مان ڪرڻ بعد اين اِي ڊي انجنيئرنگ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتائين پر پوءِ جلد ئي انجنيئرنگ واري شعبي کي خدا حافظ چئي قانون جي تعليم وٺڻ لڳو. سندس چوڻ موجب ”مون انگريزن جي نوڪري نه ٿي ڪرڻ چاهي، انهيءَ ڪري مون انجنيئرنگ ڪاليج ڇڏي لا ڪاليج ۾ داخلا ورتي“. جمال ابڙو انهن خوش نصيب ليکڪن مان هڪ هو، جن جي قلم جي نوڪ مان نڪتل هر اکر جي تاريخي حيثيت ۽ اهميت هوندي آهي. هن پهرئين ڪهاڻي ”هو حُر هو“ ۱۹۴۵ع ۾ لکي، جڏهن سندس عمر ۲۴ سال هئي. پاڻ بهترين ڪهاڻيڪار هئڻ کان علاوه گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو. هو مسلسل ڪم ڪرڻ جو عادي هو، کيس خاموش ٿي ويهي رهڻ کان چڙَ هئي. هن پنهنجي قلمي پورهئي سان سنڌي قوم ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، جيتوڻيڪ پاڻ ڪيترن ئي اعليٰ انتظامي عهدن تي فائز رهيو پر هن سچ لکڻ کان ڪڏهن به نه ڪيٻايو. جمال ابڙي پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات لاڙڪاڻي مان وڪالت سان ڪئي، جنهن بعد ۱۹۴۹ع ۾ شهدادڪوٽ ۾ پبلڪ پراسيڪيوٽر طور مقرر ٿيو. ۱۹۵۲ع ۾ کپري (سانگهڙ) ۾ سب جج ۽ ساڳئي حيثيت ۾ سکر، لاڙڪاڻي، خيرپور ميرس، سجاول، ٽنڊو الهيار ۽ حيدرآباد ۾ نوڪري ڪندو رهيو. بعد ۾ کيس سيشن جج جي عهدي تي ترقي ملي. ۱۹۷۲ع کان ۱۹۷۸ع تائين سنڌ اسيمبليءَ جو سيڪريٽري، ۱۹۷۸ع کان ۱۹۸۰ع تائين ليبر ڪورٽ جو جج، ۱۹۸۱ع کان ۱۹۸۲ع تائين فيڊرل سروس ٽربيونل اسلام آباد جو ميمبر، ۱۹۸۴ع کان ۱۹۸۵ع تائين سنڌ اسيمبليءَ جو سيڪريٽري ۽ ۱۹۸۵ع کان ۱۹۸۶ع تائين اينٽي ڪرپشن جو چيئرمين رهيو. اهڙيءَ ريت ۱۰ اپريل ۱۹۸۶ع تي ملازمت تان رٽائرمينٽ ورتائين. جمال ابڙي پنهنجي ڪهاڻين ۾ معاشري جي اهڙن ڪردارن جي پت وائکي ڪئي جيڪي اسان جي سماج ۾ بظاهر عزت دار ۽ پوتر آهن، جڏهن ته سندن اصل چهرا ڀيانڪ ۽ مڪروهه آهن. اهي مير، وڏيرا، پير هجن يا جاگيرداراڻي نظام جا چڱا مڙس. جمال ابڙو، اياز قادري ۽ غلام رباني آگرو سنڌي ڪهاڻيءَ جي ٽه-مورتيءَ طور سڃاتا وڃن ٿا، جن ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ڪهاڻيءَ کي نئين زندگي ڏني. اهو ئي سبب آهي جو سندن ڪهاڻيون اڃ به پڙهيون وڃن ٿيون. جمال ابڙي جيتوڻيڪ سڄي عمر ۾ رڳو سترنهن ڪهاڻيون لکيون، پر اهي سترنهن ئي ڪهاڻيون جديد سنڌي ڪهاڻي کيتر ۾ پنهنجي الڳ سڃاڻپ ۽ اهميت رکندڙ آهن. ”خميسي جو ڪوٽ“، ”پيراڻي“، ”منهن ڪارو“، ”بدتميز“، ”شاهه جو ڦر“، ”ماءُ جي جهولي“ ۽ ”پشو پاشا“ جهڙيون شاهڪار ڪهاڻيون جمال ابڙي پاران سنڌي ادب جو سرمايو رهندا. سندس ڪهاڻين جا اڪثر موضوع ظلم، جبر، ڏاڍ، سماجي ناانصافي، حقن جي لتاڙ ۽ اهڙا ڪُڌا ڪردار رهيا آهن جن غريب ۽ بي پهچ ماڻهن کي چيچلائي ماريو آهي. اهي ڪردار من گهڙت نه، پر جيئرا جاڳندا اسان جي سماج ۾ موجود آهن. سندس ڪهاڻيون سنڌي سماج جو آئينو آهن. جمال ابڙي جون سنڌي ادب ۾ ڪيل خدمتون وسارڻ جهڙيون نه آهن. وسارڻ جهڙي ڳالهه ته اها به ناهي جو هن پنهنجي اولاد مان بدر ابڙي جهڙو جاکوڙي محقق، تاريخ دان ۽ صحافي سنڌ کي ڏنو آهي، جنهن ڪيترن ئي شعبن ۾ اورچائي سان پنهنجي منهن ڪم ڪيو آهي. جمال ابڙي ۳۰ جون ۲۰۰۴ع تي وفات ڪئي. جمال ابڙو اڄ به زنده آهي رکيل مورائي اليڪٽرانڪ ميڊيا جو دور آهي، شيون مختصر ڪريو. اهو اسان کي پڙهايو پيو وڃي، جيڪو اسان پڙهڻ نٿا چاهيون. ان ڪري مان پنهنجي صحافتي نوڪري دوران اهو قلم استعمال نه ٿو ڪريان، جيڪو ادب لکڻ لاءِ استعمال ڪريان ٿو. ساڳئي طرح ادب لکڻ وقت اهو قلم استعمال نه ٿو ڪريان، جيڪو صحافتي ڪجهه به لکڻ وقت استعمال ڪريان ٿو. صحافتي قلم، جمال ابڙي صاحب کي مختصر ڪرڻ لاءِ پابند ٿو ڪري، ادب ايئن نٿو ڪري، جمال ابڙي صاحب کي ننڍو ڪيئن ڪري سگهبو، هن تي لکڻ لاءِ اهو قلم استعمال ڪرڻ گهرجي، جيڪو ادب لکڻ وقت استعمال ٿيندو آهي، ايئن مان پنهنجي قلم کي اکين تي رکي جمال ابڙي صاحب تي ڪجهه لکڻ ٿو چاهيان، هيءُ لکڻ ڀلي مختصر آهي پر صحافتي قلم سان لکيل نه آهي، ادب لکڻ واري قلم سان لکيل آهي، ڇاڪاڻ ته جمال ابڙو جيڏو وڏو آهي، ان تي لکڻ لاءِ اهوئي قلم استعمال ڪرڻ گهرجي، جيڪو هن جي وڏائي بيان ڪري سگهي، هن جي ادب جي وڏائي، هن جي ڪهاڻيءَ جي اها وڏائي، جيڪا هر ٻئي ڏينهن وڌيڪ وڏي ٿي رهي آهي، مثال طور پيراڻي، جيڪا سنڌي ڪهاڻي جي اتهاس ۾ هر ڏهاڙي وڏي ٿي رهي آهي، سبب اهو نه آهي ته سنڌي ٻي ڪهاڻي ننڍي ٿي رهي آهي، سبب اهو آهي ته، اڄ جيڪا ڪهاڻي لکجي رهي آهي، اها شايدد ايڏي وڏي نه آهي، جيڏي وڏي ڪهاڻي پيراڻي آهي. ڄ جيڪا ڪهاڻي لکجي رهي آهي، ان جو چڱو انگ. وڏو ٿي رهيو آهي، موضوعاتي طور اڃا به وڏو ٿيو آهي، پوءِ به شايد ان کي اڃا سفر گهرجي، ڇا به هجي، جمال ابڙو وڏي سنڌي ڪهاڻي جي پيڙهه جو اهو پٿر آهي، جنهن تي بيمثال سنڌي ڪهاڻي جي عمارت اڏي سگهجي ٿي، جنهن جي اڃا خواهش آهي. جمال ابڙو صاحب سنڌي ڪهاڻي جو اهڙو نالو آهي، جنهن جي ڪهاڻي کي وڏي ڪهاڻي طور کڻي سگهجي ٿو، هن جيڪي ڪهاڻيون لکيون انهن جو انگ ڪنهن به صورت ۾ ٻن درجنن کان مٿي نه آهي، سنڌي ادب کي ايتريون ئي ڪهاڻيون بيمثال ادب بڻائڻ لاءِ گهڻيون آهن، جيڪڏهن سچ پچ اهي سڀ وڏيون ڪهاڻيون آهن ته! سنڌي ڪهاڻيءَ جو اڀياس جڏهن به لکيو ويو (جيڪو اڃا نه لکيو ويو آهي) سنڌي ادب کي جمال ابڙي صاحب جون ڪهاڻيون ئي وڏو ادب تسليم ڪرائڻ لاءِ ڪافي آهن. سنڌي ڪهاڻي ۾ جمال ابڙي صاحب کي پنهنجي طبعيت وانگر ٿوري لکڻ ۾ گهڻو چئي سگهڻ جي سگهه هئي.، مثال طور سندس ڪهاڻي ”سينڌ“ کڻي سگهجي ٿي، ”سينڌ“ ڪهاڻي جمال صاحب ڪهڙين حالتن ۾ لکي، ان جو تفصيل تمام گهڻو تفصيل به بنهه مختصر اکرن ۾آهي، جيڪو بظاهر هڪ ننڍڙي خط جي صورت ۾ آهي ۽ هڪ بيمثال افسانو آهي. سنڌي ڪهاڻي کي سمجهڻ لاءِ ۽ خاص طور جمال صاحب کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ لاءِ اهو خط ضرور پڙهڻ گهرجي، جيڪو جمال صاحب پنهنجي ڪهاڻي ”سينڌ“ سان گڏ پنهنجي دوست شيخ اياز ڏي لکيو هو ۽ اهو خط ڪهاڻي سان گڏ ئي شايع ٿيو هئو. مسلسل لکندڙ طور شايد جمال صاحب جي اها آخري ڪهاڻي هئي، جيڪا پڻ چڱي وٿيءَ کانپوءِ هن لکي هئي.جنهن بعد هن ڪي هڪ ٻه ڪهاڻيون مس لکيون هيون. جمال صاحب جو هڪ ئي سڪيلڌو ڪتاب ڪهاڻي ”پشوپاشا“ جي نالي سان ڇپيو ۽ پوءِ الڳ الڳ مضمونن ۽ ڪن ڪهاڻين جي واڌاري سان اهوئي ڪتاب الڳ نالن سان ڇپبو رهيو آهي. جنهن کانپوءِ جمال صاحب ڪهاڻي لکڻ ڇڏي ڏني، ها! هن ڪهاڻي لکڻ ڇڏي ڏني، پر پنهنجي لکڻ جي معيار کي نه ڇڏيو. ۽ پوءِ هو افسانوي ادب کان الڳ ٿي ويو ۽ پنهنجي آتم ڪٿا محفوظ ڪيائين. پر !حيرت جي حد تائين هن عظيم ڪهاڻي ڪار پنهنجي آتم ڪٿا کي افسانوي ادب جي ويجهو اچڻ نه ڏنو، ڇاڪاڻ ته هن ان کي افسانو بڻائڻ نه چاهيو، جنهن ڪري اها خود هڪ حوالو بڻجي سامهون آئي آهي، جمال صاحب الڳ الڳ موضوعن تي ڪجهه مضمون به لکيا جيڪي پڻ سندس گڏيل مجموعي ۾ شامل آهن ۽ اهو گڏيل مجموعو جيڪو جمال ابڙي صاحب بابت اسان جي دوست بدر ابڙي مرتب ڪيو آهي. اهو به هڪ حوالو آهي، جمال صاحب هڪ شخص ۽ هڪ ڪهاڻيڪار جو شايد ڪنهن ڪهاڻيڪار کي سندس حوالي ۾ اهڙو ڪتاب نصيب ٿئي، ٻئي طرف جيڪي احترام ۽ محبتون جمال صاحب کي نصيب ٿيون، اهي پڻ ڪن ٿورن کي نصيب ٿيون آهن. ادب ۾ سندس اهميت هڪ الڳ درجي جي آهي. سڀ گڏي، سنڌ، سنڌي ادب کي هڪ ئي جمال ابڙو ڏنو جيڪو سنڌي ڪهاڻي جي اهم ۽ بيمثال سڃاڻپ آهي. اهڙي سڃاڻپ جيڪا سنڌي ٻولي جي موجود هجڻ تائين ساڳي رهڻي آهي. جنهن کي ڪو به لهر لوڏو نه آهي، ڇاڪاڻ ته اها سڃاڻپ جمال ابڙي صاحب جي آهي، جنهن جي اڄ ورسي جو ڏينهن آهي. ها! هو جسماني طور اسان سان نه آهي پر سندس سموري عمر جو پورهيو اسان وٽ محفوظ آهي. ڪتابن جي صورت ۾ سندس يادگيريون محفوظ آهن، اسان جي دلين ۾ سندس تصوير محفوظ آهي، اسان جي اکين ۾ سندس اوتار موجود آهي، بدر ابڙي جي روپ ۾، باقي سندس ڇا آهي، جيڪو اسان کان پري آهي، اڄ به سندس ياد موجود آهي، جنهن جو سبب هي ڪجهه به لکڻ آهي. جمال ابڙو سنڌي ادب جي يونيورسٽي مير نادر علي ابڙو پنهنجي گهر جي ڀاتين تي لکڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. اڃا تائين پنهنجي والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو تي به ڪو مفصل مضمون ڪو نه لکي سگهيو آهيان. چاچا جمال تي ڪيئن لکان! ڳالهه سمجهه ۾ ئي ڪونه ٿي اچي. چاچا جمال جي ٽيجهي تي سندس پٽ بدر چيو ته مضمون لکجانءِ، سندس چوڻ ته مڃيم، پر ڪٿان کان شروع ڪيان ۽ ڪٿي ختم ڪيان؟ چاچا جمال جيتوڻيڪ اسان جو سڳو چاچو ڪونه هو، پر سنڌ اندر اهو ئي مشهور آهي ته جمال ابڙو ۽ تاج محمد ابڙو ٻئي ڀائر آهن. انهي جا الاهي سارا سبب آهن جن مان خاص هي آهن ته چاچا جمال ۽ بابا سائين ٻئي ذات جا ابڙا، ٻئي سنڌ ۾ ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج رهيا، ٻئي لاڙڪاڻي جا هيا، ٻئي هڪڙي ئي استاد چاچي شمس الدين ابڙي وٽ وڪالت ۾ شاگرد رهيا، ٻئي اديب، ٻئي سياسي شخصيتون، ادب، عدليا، سياست توڙي ذاتي زندگي ۾ اگر ڪوبه قدم کڻبو ته ٻئي هم صلاح ۽ قدم به قدم ملائي گڏ هليا. مان ته جڏهن کان هوش سنڀاليو ته چاچا جمال جو نالو گهر ۾ ڪنن تي ٻڌندو اچان ٿو. ياد اٿم ننڍپڻ جا ڏينهن جڏهن بابا سائين ڪراچي هلندو هو ۽ اتي چاچا جمال مون کي آڱر کان وٺي سمنڊ جي ڪناري تي گهمائيندو هو ۽ وري اهو ڏينهن به ياد اٿم، جڏهن چاچا جمال مون کي ڪراچيءَ ۾ زندگي جي پهرين واچ ننڍپڻ ۾ وٺي ڏني هئي جا مان پائي وڏي فخرمنجهان پنهنجن دوستن کي پيو ڏيکاريندو هئس. اهو ڏينهن به اڃا ڪونه وسريو اٿم، جڏهن هالي ڊي ان هوٽل ڪراچي ۾ چاچا جمال جي نياڻيءَ جي شادي هئي. سڄي سنڌ مان مخصوص سئو کن معتبر شخصيتون شادي ۾ شريڪ هيون. ان وقت جو وڏو وزير سيد غوث علي شاهه جڏهن هوٽل ۾ پهتو ته، چاچا جمال بجاءِ پنهنجن پٽن جي پهرين منهنجو تعارف ڪرائيندي غوث علي شاهه کي چيو ته هيءُ ادي تاج محمد مرحوم جو شهزادو آهي. غوث علي شاهه هلي اچي مون وٽ چار پنج منٽ بيهي حال احوال وٺڻ لڳو. شادي ۾ شريڪ سڀ ماڻهو حيرت ۾ هئا ته هيءُ پندرهن سالن جو ٻار ڪير آهي، جنهن سان سنڌ جو حاڪم بيهي رهيو آهي. اها حقيقت ۾ چاچا جمال جي بابا سائين سان محبت هئي. جنهن جو هن اظهار اهڙي نموني ڪرائي سڄي پنڊال ۾ ماڻهن آڏو منهنجي عزت ڪرائي. چاچا جمال جون اهي محبت ڀريون ڳالهيون هن مهل ياد ٿيون اچن ته ڄڻ نٽهڻ اُس ۾ وڏي بڙ جي ڇانوَ کسجي وڃڻ محسوس ڪري رهيو آهيان. چاچا جمال ته پنهنجي سر پاڻ سنڌ جي عدليه، ادب ۽ سياست جو وڏو نانءُ ته هيو ئي پر انهيءَ کان علاوه هو سنڌ جي هڪ وڏي نامور هستي علامه علي خان ابڙي جو به سپوت هو، جيڪو سنڌ جو پهريون سنڌي مسلمان ايم اي پاس ڪيل هو. جيڪو پنهنجي دؤر ۾ وڏو عالم دين، تعليمي ماهر ۽ تعليم کاتي ۾ اَفيسر هو. جنهن چاچا جمال جي اهڙي ته تربيت ڪئي جو اڳتي هلي هن نه فقط سنڌ پر پوري ملڪ ۾ ادب جي حوالي سان نالو پيدا ڪيو ۽ صدارتي ايوارڊ حاصل ڪيا. هو رڳو جج يا اديب نه هيو پر هن جي سياست سان به وڏي دلچسپي هئي. هڪ دفعي چاچا جمال پنهنجي حياتي جون ڳالهيون ٻڌائيندي چيو ته “تنهنجي والد تاج محمد سان ياراڻي پڪي هيم. مان لاڙڪاڻي ۾ اچي وڪيل ٿيس ته تاج محمد به لاڙڪاڻي ۾ وڪيل ٿي آيو. اهو سڀ تاج محمد جو ڪرشمو هو جو مان کاٻي ڌر جي تحريڪن، هاري پارٽي ۽ مزدور يونين ۾ ڪم ڪرڻ لڳس. مون پنهنجي وڪالت جي آفيس ۾ پاڪ سوويت دوستي جي انجمن کولي، اهو آئيڊيا به تاج محمد جو هو، همٿائڻ به ان جو هو. سوويت لٽريچر جي لائبريري به اتي ئي قائم ڪئي. مون تي ايڏو ڀروسو ڪيو ويو جو ڪميونسٽ پارٽي جون ميٽنگون به اتي ڪيون وينديون هيون، اهو به ڪرشمو تاج محمد جو هيو. مير علي احمد خان ٽالپر، شيخ اياز ۽ تاج محمد ڪتابن جا عاشق هئا ۽ ڪنهن کي به ڪتاب نه ڏيندا هئا. تاج محمد ذوالفقار علي ڀٽو کي تمام گهڻو ويجهو هيو ۽ سندس نجي محفلن جو رڪن هيو. مون تاج محمد کي چيو ته ڇو نه ڀُٽي صاحب کي چئي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي کي جيل مان آزاد ڪرائجي. تاج محمد کي اها ڳالهه پسند آئي ۽ هن ڀُٽي صاحب سان ڳالهايو. ڀٽو صاحب خود ان ڳالهه جو هو ته روس سان لاڳاپا وڌائجن سو هڪدم هائو ڪيائين. سوڀو گيانچنداڻي جيل مان نڪري آيو. ذوالفقار علي ڀُٽي بعد ۾ تاج محمد کي چيو ته هو ڪميونسٽ پارٽي تان بندش لاهي پيو ۽ ڀلي پارٽي کلم کلا پنهنجي منشور مطابق ڪم ڪري. ڀُٽي صاحب ايئن ڪري ڏيکاريو پر پارٽي وارا ٻاهر ڪونه نڪتا. سو ذوالفقار علي ڀُٽي تاج محمد کي چيو ته هاڻي چئو نه پنهنجي دوست ڪامريڊ سوڀي کي ته هو ڪميونسٽ پارٽي کي بي ڌڙڪ منظم ڪري.“ هڪ ٻيو واقعو چاچا جمال ٻڌايو ته؛ ”هڪ دفعي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جيل ۾ واڙجي ويو. پويان پاڻ هرتڙن پارٽي اندر ڏنڊا انقلاب (ڪو) ذريعي اٿل پٿل آڻي، قبضو ڪري صدر، سيڪريٽري ۽ ٻيا عهديدار چونڊجي بالم ٿي ويهي رهيا. انهي ڪم جي مون کي ۽ تاج محمد کي ذميواري سونپي وئي ته ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جي مدد ڪيو. انهن يارن ڇا ڪيو جو اخبارن ۾ خبرون ڇپائي پاڻ عهدن تي قابض ٿي ويهي رهيا هئا. تاج محمد تمام گهڻو ذهين ماڻهو هيو، سو حل ڪڍي آيو. چيائين ته هاري ڪميٽي جي ميٽنگ ۽ ڪارروائي جا من پسند فيصلا لکي هاري حقدار اخبار ۾ ڇپائي ٿا ڇڏيون، انهي جڙتو ميٽنگ جي ڪارروائي بحث مباحثا ۽ سوال جواب اهڙي نموني لکياسون جو اهو سڀ ڪجهه سچ ٿي لڳو. سو وڏي حڪمت عملي سان هاري حقدار اخبار جنهن تي پابندي هجڻ باوجود ڪنهن طرح سان وڏي محنت ۽ ڪوشش ڪري اسان ٻئي لاڙڪاڻي کان حيدرآباد پهچي اخبار محمد عثمان ڏيپلائي جي مدد سان ڇپرائي سون ۽ اسان جي محنت رنگ لاتو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جيئن ئي جيل مان نڪتو ته کيس هار پارائي جلوس ڪڍي اچي هاري حقدار آفيس ۾ صدارت جي ڪرسي تي ويهاريائونس.” هر انسان پنهنجو وارو وڄائي ويندو، هن ڌرتي تي ڪوبه هميشه لاءِ رهي ڪونه سگهيو آهي پر چاچا جمال جي وفات تي افسوس اهو اٿم ته اسان جا سينيئر اديب آهستي آهستي اکيون ٻوٽيندا پيا وڃن پر اسان نوجوان ٽهي انهن جي جتي ۾ پير پائڻ جهڙا ڪونه ٿي سگهيا آهيون، جيڪو سنڌ لاءِ سٺو سنوڻ ڪونهي. چاچا جمال واقعي به هڪ بزرگ، الله لوڪ ۽ درويش صفت انسان هيو. هن جي سنڌ لاءِ ڪيل خدمتن عيوض سندس نالو سنڌ جي تاريخ ۾ سنهري لفظن ۾ لکيو ويندو. هن جي خوشبو جهڙين لکڻين منجهان اسان جو ايندڙ نسل صدين تائين فيضياب ٿيندو رهندو. (خبرون، شام، سنڌ، مهراڻ، سنڌو، عبرت، تعمير سنڌ، هلچل) جمال ابڙو (سدا بهار ڪهاڻيڪار - ڏات ته رڳو ڏنگ هڻي ٿي.) رزاق سهتو ليک جي شروعات امر جليل جي انهن امر جملن سان ڪرڻ چاهيان ٿو جنهن چيو: “ڪهاڻي ان ڏينهن پيدا ٿي جنهن ڏينهن انسان پيدا ٿيو هو. ڪهاڻي ان ڏينهن پنهنجو پاڻ مري ويندي جنهن ڏينهن دنيا جو آخري ماڻهو مري ويندو.” هي جملا اهو ظاهر ڪن ٿا ته ڪهاڻي پوري جوڀن سان سنڌ ۾ سرجي رهي آهي ۽ اڳتي به اهو عمل جاري رهندو. سنڌ جون جيڪي موجوده حالتون آهن. نهايت ڳنڀير آهن. جيڪو اهم معاملو آهي. اهو ٻوليءَ جي بقا جو مسئلو آهي. دنيا جڏهن ڪمپيوٽر جي مائوس کي ڪلڪ ڪرڻ واري دور ۾ اچي پڳي آهي. توهان ڪلڪ ڪيو ۽ مانيٽر جي اسڪرين تي ڏسندا ويئو ۽ دنيا سان ڳنڍجي ويئو. هر موضوع تائين رسائي سيڪنڊن ۾ ٿيو وڃي. پوءِ اسان پنهنجي ٻوليءَ جي وجود کي برقرار رکڻ ۾ ڪامياب وينداسين يا نه؟ اهو هڪ وڏو سوالُ آهي. جنهن جي جواب لاءِ اسان سڀني کي گڏجي جُٽجي وڃڻو پوندو. جڏهن ادبي ورثو بچائڻ ۾ ڪامياب وياسين ته پوءِ اسان، جمال ابڙي جي لکڻين کي به جيئدان ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين. جنهن کي اڄ هتي پاڻ ياد ڪرڻ لاءِ مِڙيا آهيون. جمال ابڙو سنڌي ٻوليءَ جو، مهندار ڪهاڻيڪارن منجهان، نرالو ڪهاڻيڪار آهي. جنهن ڪهاڻيءَ کي جدت جي رنگ ۾ رنگي ڇڏيو. “مان مرد”، “پيراڻي”، “پشو پاشا” ۽ “سينڌ” جهڙيون شاهڪار ڪهاڻيون جديد گھاڙيٽي جي آڌار تي سرجيائين، جنهن جي پيرويءَ ۾ اڄ جو ڪهاڻڪيار به سرگردان آهي. تخليقڪار جنهن سماج سان لاڳاپيل هوندو آهي موضوع، ڪردارن جي چونڊ به ڪهاڻيءَ اندر سماج مان ئي ڪندو آهي. پر جنهن پيشي، منهنجو مطلب آهي، جتي هو نوڪري ڪري ٿو يا ڪو پورهيو ڪري ٿو يا ڏينهن رات جو گھڻو وقت جتي گذاري ٿو. تنهن جو عڪس، اولڙو، سندس لکڻين ۾ اچي ٿو. جيئن ته جمال ابڙو جج هئو، تنهنڪري سندس ڪهاڻين ۾ اهڙي، جھلڪ چوڏهينءَ جي چنڊ جيان چِٽي پِٽي آهي. مثال طور ڪهاڻي “پشو پاشا” پڙهي، ڏسو ڪورٽ جي جيڪا منظرنگاري ٿيل آهي. سا ڪيڏي ته خوبصورت آهي. ان جو سبب اهو آهي ته جمال ابڙو پاڻ به جج هئو. جمال ابڙي جي شخصيت جي ڳالهه ڪجي ته هو مذهب پرست هئو پر بنياد پرست يا انتها پسند ڪو نه هئو. پنهنجي لکڻين ۾ جيڪي هُن، مذهب جي حوالي سان لکيو، انهن ۾ اسلام جي تشريح ڪري ٿو پر تبليغ نٿو ڪري. سندس هڪ مضمون آهي “عورت جي اسلام ۾ عزت ۽ آزادي” هن اهو ليک ڇو لکيو پاڻ ٻڌائي ٿو ته: “تازو ڪراچيءَ ۾ ترقي پسند مصنفين جي ڪانفرنس ٿي گذري، ان ۾ هڪ محترمہ، شاعره هڪ شعر پڙهيو. جنهن طنزًا اسلام ۾ عورت جو تصور “مان تنهنجي کيتي آهيان” بار بار ورجايو ويو. ظاهر آهي ته اهو رويو حبِ علي، بجاءِ بغضِ معاويه جي مصداق هئو.” پاڻ وڌيڪ چوي ٿو: “مذهب ۽ خدا جي شان ۾ گستاخانه ڪلمان چئو ته ترقي پسند ۽ جي حڪومت کي گاريون ڏيو ته انقلابي. اهڙي رجحان کان وڏي ۾ وڏو نقصان ترقي پسند تحريڪ ۽ انقلابي تحريڪن کي پهتو. جنهن جو ازالو ڪرڻ ئي مشڪل مرحلو ٿي پيو آهي.” جمال ابڙي، سڄي مضمون ۾ عورت جي اسلام ۾ عزت ۽ آزادي حي حوالي سان تشريح ڪري ٿو. سندس ان پهلوءَ ۽ زندگيءَ جي اهم رخ ڏانهن، ڪنهن خاص ڌيان ڪو نه ڪيو آهي “شاھ محض صوفي نه هو” ۾ پڻ مذهب طرف جھڪاءُ ۽ لاڙو چٽو نظر اچي ٿو. پاڻ بنيادي طور مذهبي گھراڻي مان هئا ۽ سندس والد علي خان ابڙي جو قرآن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو پڻ ٿيل آهي. جمال ابڙو ڪامياب ڪهاڻي لکڻ لاءِ ڪجھ صلاحون ڏئي ٿو. اهي هن طرح آهن: “ڪهاڻيءَ لاءِ اخلاص، جذبي جي سچائيءَ جو هجڻ لازمي آهي. ان سان گڏ سچ چوڻ جي جرئت ۽ مهل سر، صحيح ڇينڀ ڏئي نوان لاڙا ۽ موڙ ڏيڻ ضروري آهي. زندگي هر رنگ ۾ روان دوان آهي. هونئن به ادب ڇا آهي؛ سونهن، سچ، نيڪي، ۽ خالق. خالق، سونهن ۽ سچ ته آهن ئي آهن. خالق جا جلوا ۽ نيڪي آهي. ان تائين پهچڻ لاءِ عملي راهه انهن چئن عنصرن مان هڪ به ڪڍي ڇڏيو ته ادب، ادب ئي نه رهندو.” جمال ابڙي جي ڪهاڻين ۾ ٻولي، اسلوب، ورتاءُ، گھاڙيٽو، موضوع جي چونڊ بلڪل نرالي آهي. سندس ڪهاڻيون ساههُ کڻندڙ انهن جِيوَن جون ڪهاڻيون آهن، جنهن جا ڪردار سماج ۾ تبديلي چاهن ٿا. غربت، مسڪيني حَالُ، ماڻهن جي زندگي بدلائڻ جا تمنائي آهن. هر ڪهاڻيءَ ۾ هڪ پيغام آهي. ڪهاڻي پوري ٿئي ٿي ته چند لمحن لاءِ پڙهندڙ سوچ جي سمنڊ ۾ ٻه ٽي غوطا هڻي وٺي ٿو. اها ئي تحرير جي ڪاميابي آهي ته پڄاڻيءَ تي پڙهندڙ جي جامد ذهن ۾سوچ جون لهرون پيدا ڪري. جمال جون ڪهاڻيون، لهرون رڳو پيدا نٿيون ڪن پر ذهن ۾ سوچ جي ٻوڏ آڻي ڇڏين ٿيون. ۽ فرد، سماج ۾ ڪجھ ڪرڻ لاءِ اٿي کڙو ٿئي ٿو. مون کي هيءُ جملو چوڻ ڏيو ته؛ ’سنڌي زبان ۾ سرجندڙ ڪهاڻيءَ تي اڄ به جمال ابڙي جا اثر آهن.‘ عالمي ادب جي حوالي سان، جي مختصرًا ڳالهه ڪجي ته ۱۷ صديءَ جي آخر ۾ تخليقڪارن ۽ ليکڪن اهو محسوس ڪيو ته اسان کي پنهنجي سماج ۾ موجود، آس پاس جي موضوعن تي نظر وجھڻ گھرجي ۽ انهن مان ڪردار کڻي ڪهاڻيون ۽ ٻيون تخليقون سرجڻ گهرجن. تان جو اها ادبي لهر ساري دنيا جي ليکڪن تي ڇانئجي وئي. انگلينڊ ۾ چارلس ڊڪسن، فرانس ۾ ايمل زولا، ناروي ۾ ڊسن، جرمنيءَ ۾ ٽامس مئن، روس جي ترگنيف ۽ چيخوف، وارن ليکڪن عوامي حيات کي حقيقت پسنديءَ سان، فن جي قالب ۾ آڻڻ جي هنر کي معراج تي پهچايو. جمال ابڙي جي ڪهاڻين جي ڀيٽ، جيڪڏهن مٿي بيان ڪيل جملن سان ڪئي وڃي ته صاف ظاهر نظر ايندو ته هن به پنهنجي ڪهاڻين جا ڪردار عام زندگي گھاريندڙ ماڻهن مان چونڊيا آهن. ۽ ڪهاڻيءَ جو تاڃي پيٽو، به ڏاڍو گھرو ۽ سادو جوڙيو آهي. تڏهن ته جمال جا افسانا، تيزيءَ سان اسان جي سماج تي اثر ڇڏين ٿا. جنهن جي ڪري سندس ڪَهاڻينِ قبوليت ۽ مقبوليت ماڻي. پاڻ ڏاڍو گھٽ لکيائون پر جيڪو لکيائون منڊيءَ تي ٽِڪَ، مثل نشانبر آهي. سنڌي ٻوليءَ جو اهم سرمايو آهي. ڪاش! جمال ابڙي سان هٿ ساٿ ڏئي ها ته هو اڃا وڌيڪ انمول افسانا لکي سگھي ها. پر هن ڪڏهن اهڙو اظهار عام طرح ڪٿي به ڪو نه ڪيو. اڪثر خاموش رهندڙ ۽ گھٽ ڳالهائيندڙ شخص جمال، پنهنجي پياري دوست شيخ اياز ڏانهن لکيل هڪ خط ذريعي پنهنجي اندر جي اڻ تڻ اوري آهي: “لکڻ ڇڏئي ورهيه ٿيا. توهان جي چوڻ نئون امنگ ڏنو. امنگ ته توهان ڏنم، پر ڏات ڪيئن وري، ڏات رڳو ڏنگ هڻي ٿي پر ڏنگ ۽ ڏاگھ، گھري ٿي. اهي ڪٿان آڻيان. مٿان منهنجو، ڏُڏو هٿُ ٻئي هٿ ڪم آڻيان، تڏهن به قلم ڏڪندو ڪنبندو هلي. هي ست صفحا، مون لاءِ جبل چڙهڻ مثل هئا. اتي لکڻيءَ جي رواني ۽ جولان ڪٿان ايندم.” جمال ابڙي جي انهن جملن ۾ جيڪا بيوسي آهي، سا سندس اندر جي ڪهاڻي آهي. ساڳئي وقت لکڻ سان چاهه ظاهر ڪري ٿو ته هو لکڻ چاهي پيو پر مجبوري اٿس جو هٿَ ساٿ نٿا ڏينس. اسان مٿس اهو الزام هڻي نٿا سگھون ته هو ڪيترن ئي ڪهاڻيڪارن ۽ افساني لکندڙن جيان عمر جي آخري حصي ۾ سَنڍِ ٿي ويو هئو. سنڍ ٿي ويل ليکڪ، هاڻ رڳو پاڻ کي ادبي اسٽيجن جون ڪرسيون سنڀالڻ ۽ اجايا هٿ ٺوڪيا جملا گھڙي، ادبي اشوز جوڙي پاڻ کي زندهه رکندا پيا اچن. پر جمال ابڙو ائين نه هئو. هن وٽ ڏات هئي، ڏانءُ هيو پر افسوس جو قلم کي پني تي نرت ڪرائڻ جيتري طاقت نه هئي. ۽ آڱرين بيوفائي ڪئي هئي. کيس ڏات نه لکي سگهڻ ڪري کيس ڏنگ پئي هنيا. هونئن به حال کي وڏي اهميت آهي. پاڻ جو اڄ آهيون ٻئي پل الائي ڇا هجي، مستقبل ڏاڍو ڀوائتو هوندو آهي. ڇاڪاڻ جو ايندڙ وقت ٻڌائي نه ايندو آهي. شيخ اياز چواڻي: جو لکڻو اٿي لکي وٺ اڄ ڪنهن ڄاتو آ سڀاڻي کي جو پل پل آ مهانگو آ سستو سمجھ نه هاڻي کي. (سنڌي ادبي سنگت گلشن حديد ڪراچي شاخ، جمال ابڙي تي منهنجي صدارت ۾ پروگرام ڪرايو، ان ۾ پڙهيل ليک. تنهن زماني ۾ شاخ جو سيڪريٽري، ناميارو شاعر محترم غوث پيرزادو هئو.) (رزاق سھتو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲ جون ۲۰۲۲ع تي کنيل) جمال ابڙي جي جيون ۾ جهاتي نالو: جمال الدين ابڙو. والد جو نالو: علامه علي خان ابڙو پيدائش جي تاريخ: ۲ مئي ۱۹۲۴ع (۲۷ رمضان). ڳوٺ: سانگي، تعلقو ميهڙ (تڏهن ضلعو لاڙڪاڻو). پرائمري تعليم: ڳوٺ منگواڻي تعلقو ميهڙ ۾ ميونسپل پرائمري اسڪول لاڙڪاڻو. هم ڪلاسي دوست: الله بخش ”انيس“ انصاري، دوست محمد ابڙو، عباس شيخ، آنند لال تولاڻي. هاءِ اسڪول: گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو (۳۹-۱۹۳۵) نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد (۴۰-۱۹۳۹)، گورنمينٽ مدرسه هاءِ اسڪول ميرپورخاص (۴۱-۱۹۴۰). ميٽرڪ: ۱۹۴۸ع (بمبئي يونيورسٽي). ايل ايل بي: شاهاڻي لا ڪاليج لاڙڪاڻو (يونيورسٽي آف سنڌ). رانديون: ڪرڪيٽ، ٽينس، بيڊمنٽن ۽ شطرنج. لکڻ جي شروعات: گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ پڙهائي واري وقت ۾ ئي ”ڪهاڻي“ لکڻ سان ۽ نور محمد هاءِ اسڪول واري زماني ۾ ”مضمون“ لکڻ سان. پهرين ڇپيل ڪهاڻي: ”هو حر هو“ (هفتيوار ”طوفان“، حيدرآباد (۱۹۴۹). ڊي جي، نيشنل ڪاليج حيدرآباد (۴۲-۱۹۴۱). بهاءُ الدين ڪاليج جهونا ڳڙهه (۴۳-۱۹۴۲). ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچي. شاهاڻي لا ڪاليج لاڙڪاڻو. سماجي خدمت: بنگال جي ڏڪر دوران رضاڪاراڻي شرڪت ۽ خدمت (۴۴-۱۹۴۳). سنڌي ادبي سنگت ۾ سرگرمي: باني ميمبرن مان هڪ، جڏهن پهريون ڀيرو سنڌ مدرسي ڪراچي ۾ سنڌي ادبي سنگت جو ڪنوينشن سڏايو ويو، پوءِ تاج محمد ابڙي سان گڏجي لاڙڪاڻي ۾ سنگت جي شاخ قائم ڪيائين، نواز علي نياز، اياز قادري، هري دلگير، جمال الدين بخاري، انيس انصاري ۽ ٻيا ڪيئي مقامي ليکڪ ۽ ادبي دوست ساڻس گڏ هئا. سچل اڪيڊمي ۾ سرگرمي: باني ميمبرن مان هڪ، جڏهن ان جي پهرين گڏجاڻي سندس ئي رهائشگاهه مخدوم منزل خيرپور ميرس ۾ ٿي. (۶۰-۱۹۵۹). ادبي گڏجاڻيون: سنڌي ادبي سنگت کان اڳ ترقي پسند اديبن جون گڏجاڻيون، جيڪي ليسلي ولسن هاسٽل (جناح ڪورٽس) ۾ ٿينديون هيون، انهن ۾ حصو ورتائين، حشو ڪيولراماڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند پنجابي، سوڀو گيانچنداڻي، رام پنجواڻي، شيخ اياز، عبدالستار شيخ، سائينداد سولنگي ۽ ٻيا اديب شامل ٿيندا هئا. بين الاقوامي ڪانفرنس: ائفرو ايشين رائٽرز ڪانفرنس الماٽا (تڏهوڪي سويت يونين ۾) سيپٽمبر ۱۹۷۴ع ان ڪانفرنس ۾ فيض احمد فيض، ڪامريڊ سجاد ظهير، عطر سنگهه ۽ اتم به شامل هئا. (ان سانفرنس دوران ڪامريڊ سجاد ظهير دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو ۽ فيض صاحب سندس لاش سان گڏ دهلي هليو ويو. فيض جي غير موجودگي ۾ پاڪستاني وفد جي اڳواڻي ڪيائين). نوڪري ڪيريئر: ايل ايل بي ۱۹۴۸ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ پنهنجي ڀاءُ شمس الدين ابڙي سان گڏ وڪالت شروع ڪيائين. ۵۱-۱۹۴۹ع تائين پوليس پراسيڪيوٽر، شهداد ڪوٽ. ۵۲-۱۹۵۱ع لاڙڪاڻي ۾ وڪالت. ۱۹۵۲ع ۾ پبلڪ سروس ڪميشن سب جج ڪري چونڊيو. ۲۴ آڪٽوبر ۱۹۵۲ع تي کپري ۾ پهرين مقرري، ان کانپوءِ سکر، شڪارپور، خيرپور ميرس، سجاول، ٽنڊي الهيار، حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ مقرريون ٿيون ۽ سيشن جج جي عهدي تائين پهتو. ۷۸-۱۹۷۲ع سنڌ اسيمبليءَ جو سيڪريٽري. ۸۰-۱۹۷۸ع ليبر ڪورٽ جو جج. ۸۱-۱۹۸۰ع ميمبر فيڊرل سروسز ٽربيونل، اسلام آباد. ۸۲-۱۹۸۱ع رجسٽرار سنڌ هاءِ ڪورٽ. ۸۴-۱۹۸۲ ليبر ڪورٽ جو جج. ۸۵-۱۹۸۴ع سنڌ اسيمبليءَ ۾ ٻيهر سيڪريٽري. ۸۶-۱۹۸۵ع چيئرمين اينٽي ڪرپشن اينڊ انڪوائريز ونگ سنڌ. رٽائرمينٽ: ۱۰ اپريل ۱۹۸۶ع: ڪهاڻين جا ترجما: روسي، جرمني، اردو ۽ انگريزي (پشوپاشا“ پنجابيءَ ۾). سياست ۾: خاڪسار تحريڪ سان لاڳاپو. عملي شرڪت: شروع کان وٺي سنڌ هاري ڪاميٽي ۽ لاڳاپيل پورهيت تنظيمون (شاگرديءَ جي زماني کان وٺي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي وفات تائين لاڳيتو هاري ڪاميٽيءَ سان دلچسپ- ۽ عملي سهڪار). ڇپيل ڪتاب: ۱. ”پشو پاشا“ (افسانن جو مجموعو) چار ڇاپا. (سڀ کان پهرين ”زندگي پبليڪيشن“ حيدرآباد پاران ۱۹۵۹ع ۾ حميد سنڌيءَ شايع ڪيو). ۲. ”جمال ابڙو ڪهاڻيون، مضمون، شخصيت“، سنڌ ثقافت کاتو ۱۹۹۲ع. ۳. آتم ڪهاڻي (چئن ڀاڱن ۾). - ”ڏسي ڏوهه اکين سين“ - ”اونهي ڳالهه اسرار جي“ - ”ٿوهر ۾ ڳاڙها گل“ - ”ايندو نه وري وڻجارو“ ۴. حسن ڪارڪردگي جو صدارتي ايوارڊ ۱۹۹۴ع. وفات جي تاريخ: ۳۰ جون ۲۰۰۴ع.
سائين جي ايم سيد سنڌ جو سائين ممتاز علي وگهيو هي جو پوڙهو جهور، وڙهندي ٿيو ويڙھ ۾ اڃا ڏمر ڏاڍ تــــــي، آڻ نه مـــڃي مــــــور، سوچي ڏسي ڏور، آڏو آرڻ ڏينهڙا. (اياز) سنڌ جي سيد سائين جي ايم سيد تي لکڻ لاء علم دانائي ۽ وڏو دماغ گهرجي، جيڪو مون جهڙي منڊي ماڪوڙي وٽ ڪونهي. سيد تي لکڻ لاء وڏو وقت گهرجي، ڇاڪاڻ ته سائين جي زندگي جا ايترا ته پهلو آهن جو هر هڪ پهلو ته هڪ وڏو ڪتاب لکجي سگهجي ٿو، ۽ هر هڪ پهلو تي ڊاڪٽريٽ ڪري سگهجي ٿي، ۽ اميد آهي ته ڪي سنڌ جا اهڙا نوجوان پيدا ٿيندا جيڪي سائين جي زندگي جي هر پهلو تي ڊاڪٽريٽ ڪندا، سائين سنڌ جي گهمندڙ ڦرندڙ ثقافت ۽ تاريخ هئا، ان سان گڏ وڏا ليکڪ ۽ دانشور ۽ وڏا عالم ۽ وڏي ضرف وارا وڏا ماڻهون هئا، بقول منهنجي دوست جناب حافظ خليل صاحب ته سائين عربي، فارسي جي گرامر صرف و نحو جا وڏا ڄاڻو ۽ ماهر هئا، عربي گرامر توڙي قرآن جي علم تي کين وڏو عبور هو، جڏهن شاه سائين جا بيت يا وري مولانه جلالالدين رومي جي مثنوي ۽ حافظ شيرازي جي شاعري پڙهي ڪري انهن جي معني ۽ تشريح ڪندا هئا ته مٿن هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿئي ويندي هئن. ۽ پاڻ به روئڻ ۾ پئجي ويندا هئا ۽ اتي ويٺلن کي به روئاري ڇڏيندا هئا. سنڌ جي سيد سائين جي ايم سيد جو مختصر احوال سائين جو خانداني احوال ــــ سائيم جي ايم سيد صاحب مٽياري سيدن جي خاندان سان تعلق رکن ٿا، سندن وڏڙن مان سيد حيدر نالي هڪ شخص امير تيمور جي هندستان اچڻ وقت ۸۰۱ هجري ۾ پنهنجي والد سيد امير علي سان هرات کان ملتان تائين آيو ۽ پوء سير سفر جي رستي انهن کان ڇڄي سنڌ جي شهر هالن ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ اچي رهيو ۽هتي ارباب شاه محمد وٽان شادي ڪيائين، ،۽ سندس اولاد پهرين هالن ۾ رهندو هو پر ڪجهه وقت کانپوء مٽيارن ۾ اچي رهڻ لڳو، جتي سندس اولاد چئن پاڙن ۾ ورهائجي ويو، (۱) جرار پوٽا (۲) موسه پوٽا (۳) باقيل پوٽا (۴) ميان پوٽا. پوئين پاڙي مان سيد سخي ابراهيم شاه جو فرزند سيد بدرالدين ڄام نظامالدين جي حڪومت ۾ لڪيء کان موجوده ڪوٽڙيء جي حصي واري ملڪ مان هڪ سرڪش چانگ قبيلي جي سرڪشي ٽوڙڻ ۾مدد ڏيڻ جي عيوض مليل جاگير جي سنڀال لاء سن جي ڳوٺ ۾ ۹ صدي هجريء جي آخر ۾ رهڻ لڳو. ۽ ان کي ست پٽ ٿيا، (۱) سيد معروف شاه (۲) موج شاه (۳) سيد ڌڻي شاه (۴)سيد حاجي شاه (۵)سيد داد شاه (۶)سيد جهنڊو شاه (۷) سيد جيو شاه (ضياء الدين شاه )جيو شاه صاحب کي وري ٻه پٽ ٿيا، (۱) سيد جرارشاه (۲) سيد حيدر شاه ۽ سائين سيد حيدر شاه جي پيڙهي مان آهن. سائين جو والد صاحب ــــــ سائين جي والد صاحب جو نالو ـــ سيد ميان محمد شاه هو جنهن کي پهرين نومبر ۱۹۰۵ع ۾(جنهن وقت سائين اڃان مس هڪ سال جو هو) رمضان شريف جي ٽئين رات جو جامع مسجد سن ڏانهن ويندي رستي تي خانداني اختلافن جي عيوض قتل ڪيو ويو هو. سيد جو پورو نالو ــــ سيد غلام مرتضه شاه سنائي سائين جي پيدائش ــــ ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع ۾ سن شهر ۾ سائين جي پيدائش ٿي. تعليم ــــ محترم سائين جي ايم سيد صاحب شروعاتي تعليم ماستر جان محمد عباسي صاحب کان حاصل ڪئي. جيڪو اصل ٻورڙي تعلقي ڪڪڙ ضلعي دادو جو هو. ۽ ۱۹۰۹ع ڌاري سن ۾ استاد ٿئي آيو هو. تنهن کانپوء ماستر حامد علي ميمڻ ولد مولوي ميان عبدالله ميمڻ کان ڪجهه انگريزي پڙهيو، هي صاحب ۵ جنوري ۱۹۱۸ع ڌاري سن پهتو هو ۽ سيد صاحب وٽس ڏيڍ سال تائين انگريزي پڙهيو، هي صاحب اصل هالن جو رهاڪو هو، ياد رهي ته سيد صاحب باقائده ڪنهن اسڪول يا مدرسي مان سند يافته نه آهن مگر ان جي باوجود سيد صاحب هڪ ئي وقت سنڌي، علم ادب جا، يگانه عالم ۽ اديب هئا، پر ان سان گڏ اردو ، انگريزي فارسي ۽ عربي جا وڏا ڄاڻون ۽ ليکڪ هئا، ۽ سيد صاحب سنڌي ادب تاريخ، ثقافت ۽ مذهب تي تمام وڏا ڪتاب لکيا آهن جنهن جو ذڪر اڳتي ايندو انشاءَالله. سائين جا ڀائر ـــ سائين جو هڪ ڀاء هو جنهن جو نالو احمد شاه هو جيڪو ننڍپڻ ۾ ئي وفات ڪري ويو هو. شادي ـــ سيد صاحب جي شادي پنهنجي خاندان مان ۲۰اپريل ۱۹۱۰ع ۾ جناب سيد مير حسن ولد حاجي نور شاه ڀاڻوٺيء جي نياڻي بيبي مريم سان ڀاڻوٺ جي ڳوٺ ۾ ٿي. مذاج ــــ سائين هڪ صوفي ۽ عاشق مذاج شخص هو کيس مٺو آواز، سهڻيون شيون، سهڻا ماڻهون تمام گهڻا وڻندا هئا. سيد صاحب هڪ حساس دل ۽ آزاد خيال جا مالڪ هئا، ۽ هر ڪنهن کي آزاد ڏسڻ چاهيندا هئا، سنڌ سنڌي عوام ۽ سنڌي ثقافت جا ته عاشق هئا، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي محبت ته سندن رڳ رڳ م شامل هئي، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي محبت ۾ عمر تڪليف ۾ گذاري ڇڏيائون، مگر سنڌ جي خلاف هڪ لفط به بردائش نه ڪيائون. عشق محبت ـــ سائين جڏهن تعليم جا وزير هوا ان وقت هندستان جي هڪ عورت سيد صاحب سان محبت ڪرڻ لڳي هئي، جنهن جو ذڪر سائين پنهنجي ڪتاب ديارِ دل ۽ داستان محبت ۾ تفصيل سان ڪيو آهي، ۽ ان ڪتاب ۾ انهيِء عشق محبت جي قصي وارا خط پڻ ڏنا آهن، ذاتي زندگي ۽ مذهبي اثرات ــــ سيد صاحب ذاتي زندگي ۾ هڪ انتهائي شريف ، سچو، پرهيزگار، ۽ عبادت گذار شخص هو، شروعاتي زندگي ۾ ته نماز، روزي جو پڻ پابند، هو ۽ تهجد گذار هو. مگر پوء ڪنهن جي صحبت ۾ مذهب کان بيزاري ڏيکاريائين، مگر تقريبًا ۱۲،۱۳ سال پهرين مون هن رسالي ۾ سندس نياڻي محترمه ڊاڪٽر درشهوار سيد جي لکيل الفاظ ڏٺا هئا، جنهن ۾ هن اهيو چيو هو ته بابا عمر جي آخر ۾ وري نماز پڙهڻ شروع ڪئي هئي. ۽ بابا چوندو هو ته نماز ۾ مون کي سڪون ٿو ملي. سيد صاحب جي لکيل ڪجهه ڪتابن جا نالا (۱) پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني ــــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب پنهنجي آتم ڪهاڻي لکي آهي مگر اها ڪهاڻي مڪمل ناهي. (۲) جنب گذاريم جن سين ــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب پنهنجي هم عصر سياستدانن، عالمن، اديبن ويجهن زميدارن، ۽ پنهنجي دوستن جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. تمام معلوماتي ۽ تاريخي ڪتاب آهي، اگر اهيو ڪتاب توهان نيٽ تي پڙهڻ چاهيو ته ان لاء پڻ هيٺ هڪ لنڪ ڏيان ٿو، توهان اتان اهيو ڪتاب پڙهي سگهو ٿا۔ (۳) سنڌ جا سورما ـــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب سنڌ جي بهادر سورمن جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن جي لنڪ پڻ مون هيٺ ڏني آهي ۽ توهان اتان پڙهي سگهو تا، (۴)سنڌي ڪلچر ــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب سنڌ جي رهڻي ڪهڻي طور طريقن ۽ رسمن جو ذڪر ڪيو آهي، جنهنجي پڻ لنڪ هيٺ ڏنل آهي. (۵) ون يونٽ جي ڪهاڻي ــــ ايوب دور ۾ سنڌ جو نالو ختم ڪري ون يونٽ قائم ڪيو ويو هو ، هن لتاب ۾ ان ون يونٽ جو ذڪر آهي.(۶) خطبات سيد ــــ هن ۾ سيد صاحب جون تقريرون ڏنل آهن. (۷) پيغام لطيف ــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب شاه صاحب جي شاعري جي روشني ۾ حبالوطني جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن جي لنڪ پڻ هيٺ ڏنل آهي توهان لنڪ ڪلڪ ڪري اهو ڪتاب پڙهي سگهو ٿا.(۸) ديارِدل ۽ داستان محبت ــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب پنهنجي محبت جا قصا ۽ ڪهاڻيون لکيون آهن سيد صاحب جي بقول ته ٽن عورتن سان محبت جا قصا ٿيا، ۽ انهن جو ذڪر به هن ڪتاب ۾ موجود آهي، ۽ ان کان علاوه هن ڪتاب ۾ اهي محبت وارا خط پڻ ڏنا ويا آهن، ۽ تمام سهڻي نموني سان هن ڪتاب کي لکيو ويو آهي، محبت جو داستان لڱندي لکندي سيد صاحب شاه سائين جا شعر،۽ بيت اهڙا ته فٽ ڪيا آهن جو پڙهندين پڙهندي پڙهندڙ جي ڪيفيت به عجيب ٿئو وڃي، توهان کي ڪڏهن موقعو مليو ته اهيو ڪتاب ضرور پڙهجو. (۰۹) سنڌ جي بمبئيء کان آزادي ـــ ۱۹۳۶ع ڌاري سنڌ کي آزاد ڪيو ويو، ۽ ان آزادي جو ذڪر سيد صاحب هن ڪتاب ۾ ڪيو آهي. (۱۰)نئين سنڌ لاء جدوجهد ــ......................................... (۱۱)سنڌوء جي ساڃاه ـــ ٻن جلدن ــــ .............................. (۱۲) موجوده سياسي مسئلا ـــــ ........................................ (۱۳) سنڌو ديش ڇو ۽ ڇالاء ؟ ـــ ....................................... (۱۴) جديد سياست جا نورتن ــــــ ...................................... (۱۴) چونڊ سياسي مضمون ـــــ ......................................... (۱۵) ههڙا هاڃا ٿين ـــــ........................................................ (۱۶) تحريرون ـــــ..................................................................... (۱۷) ساهڙ جا سينگار ــ هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ماياناز عالم اديب جناب سائين علامه آء آء قاضي صاحب جن جا خط سهيڙيل آهن. (۱۸) خط۽ مضمون ـــ هن ڪتاب ۾ سنڌ جي عالم، اديب، ۽ سياستدان جناب علي محمد راشدي صاحب جن جا خط سهيڙيل آهن (۱۹) سنڌ ڳالهائي ٿي ــــ محترم جناب سيد صاحب جن پنهنجا عدالتي بيان هڪ هنڌ گڏ ڪري هي ڪتاب ترتيب ڏنو آهي، هي ڪتاب پڻ پڙهڻ وٽان آهي. (۲۰) جيئن ڏ ٺو آه مون ـــ هي ڪتاب مذهبن تي بلڪه خاص اسلام تي تنقيد ٿيل آهي، هن ڪتاب ۾ سيد صاحب مذهب اسلام تي بردائش نه ڪرڻ وارا الزام لڳايا آهن ۽ هن ڪتاب جي ڪري مذهبي حلقن ۾ پڻ سيد جي سخت مخالفت ٿي، پر هڪ عام مسلمان به سيد کان منهن موڙيو، ۽ بقول حافظ خليل صاحب ته سائين جي ايم سيد صاحب هڪ ڏينهن اهيو خود مڃيو هو ته هن ڪتاب منهنجي سياسي ڪردار کي وڏو ڌڪ هنيو آهي، ۽ هن عمر ۾ اهيا منهنجي وڏي غلطي آهي. (۲۱) واڄٽ ويراڳين جا ـــ هن ڪتاب ۾ سائين جي ايم سيد ۽ محمد امين کوسي جا لکيل خط سهيڙيل آهن، هن ڪتاب کي محترم جناب عبدالواحد آريسر صاحب جن ترتيب ڏنو آهي. (۲۲) شاه جون ڪافيون ـــ ..................................................... (۲۳)چونڊ ادبي مضمون ـــ............................................................ سيد صاحب جا اهم ڪارنامه ۽ تاريخي ڳالهيون چوڏهن سالن جي ننڍڙي ڄمار ۾ سائينءَ پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ڪئي ... کيس ۱۹۱۹ع ۾ پنهنجي تعلقي جي اسڪولن جي بورڊ جو چئرمين منتخب ڪيو ويو ... ۱۹۲۹ع ۾ ڪراچي ضلع جي لوڪل بورڊ جو ڄونڊيو ويو۔ ۱۹۳۰ع ۾ ، سنڌ هاري ڪاميٽي سيڪريٽري چونڊيو ويو ۱۹۳۷ع ۾ سنڌ بمبئي کان الڳ ٿي ته سنڌ ۾ اليڪشن ٿي ۽ ان اليڪن ۾ سائين جي ايم سيد صاحب پهريون دفعو سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي آيو ... ۱۹۳۸ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪيائين۔ ۱۹۴۰ع ۾ سنڌ جي تعليم جو وزير مقرر ٿيو ۽ سنڌ يونيورسٽي ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي قيام لاء اپاء ورتا ويا۔ ۱۹۴۱ع ۾ مسلم ليگ جي مرڪزي ڪاميٽي جو ميمبر چونڊيو ويو ... ۱۹۴۳ع سنڌ مسلم ليگ جو صدر منتخب ٿيو ... ۱۹۴۴ع ۾ قرداد پاڪستان جي قرارداد پاس ڪرايائين پر پوء پوري زندگي انهيء ملڪ جي مخالفت ڪيائين ۽ پوري زندگي دنيا ڇڏڻ تائين مخالفت جي ڪري تڪليفون ڪاٽيندو رهيو۔ ۱۹۴۶ع ۾ مسلم ليگ سان اختلافن جي شروعات ٿي، جنهنجي نتيجي ۾ هڪ الڳ پارٽي ”پروگريسو مسلم ليگ“ جي نالي سان بنياد رکيو ويو ... ساڳي سال سائين جي ايم کي سنڌ اسيمبلي جي گڏيل پارٽين جو اڳواڻ مقرر ڪيو ويو ۱۹۵۴ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي چئرمين جا چيئرمين ٿيا، ۽ سنڌي ٻولي ۽ لغت تي ڪم جي شروعات ٿي۔ ۱۹۵۵ع ۾ پاڪستان نيشنل پارٽي ٺاهڻ ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو ... ۱۹۶۶ع ۾ ”بزم صوفياء سنڌ “ جو بنياد وڌائين ۱۹۶۹ع ۾ ”سنڌ يونائيٽيڊ فرنٽ“ جو بنياد رکيائين سائين محترم جي ايم ”سنڌ عوامي آواز“ پارٽيءَ جو بنياد ۱۹۰۶ع ۾ سندس زمين محترم مرزا قليچ بيگ (جيڪو ان وقت ڊپٽي ڪليڪٽر هو) جي ڪوشش سان ڪورٽ آف وارڊس جي سنڀال هيٺ آئي۔ ڇاڪاڻ جو سيد صحب ننڍو هو ۽ سندس خاندان ۾ ٻيو ڪو مرد ماڻهون ڪو نه هو جيڪو زمينون سنڀالي۔ ۱۹۲۱ع ۾ مهاتما گنڌي سان ملاقت ٿي ۽ ان ملاقات کان پوء سيد صاحب کاڌي جا ڪپڙا پائڻ شروع ڪيا۔ ۱۹۲۴ع ۾ سيد صاحب مٽياري سادات جي ڪانفرنس ڪوٺائي جنهن ۾ تقريبن ۳۰۰ ماڻهو شريڪ ٿيا۔ ۱۹۲۴ع ڌاري مشهور مسجد لڪي جي مسجد جو ڪم ڪرايو ۱۹۱۹ع ۾ سيد صاحب کي ماتا جي بيماري ٿئي جنهن ڪري کيس ٻه مهينا بستري تي رهڻو پيو۔ جي ايم سيد پاڪستان کان سنڌ ديس تائين عاجز جمالي جي ايم سيد سنڌ جي تاريخ جو هر رخ کان هڪ انوکو ۽ منفرد ڪردار آهي. غلام مرتضيٰ شاهه سنائي (جي ايم سيد) جيتوڻيڪ سياسي تاريخ پاڪستان جي حمايت کان وٺي سنڌو ديش جي نعري تائين سيد جي شخصيت ۾ وڏيون تبديليون نظر اچن ٿيون. سندس ان سياسي تبديليءَ سنڌ ۾ هميشه پاڪستان ۽ سنڌوديش جي سوچ تي ٻه اهم سوال اٿاريا آهن ”ڇا پاڪستان جي حمايت ڪرڻ گهرجي ها؟“ ”ڇا پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌوديش ۾ مسئلن جو حل آهي؟“ ڇا ٻه قومي نظريو درست هو؟ آل انڊيا مسلم ليگ ۾ سيد جو شامل ٿيڻ ٺيڪ هو يا سنڌ هاري ڪميٽي ۽ سنڌ عوامي محاذ جي پليٽ فارم تي سنڌين جي حقن لاءِ جدوجهد ٺيڪ هئي؟ سنڌ آئين ساز اسيمبليءَ جو ميمبر بڻجي سنڌ اسيمبليءَ ۾ پاڪستان ٺاهڻ جي حق ۾ قرارداد منظور ڪرڻ ٺيڪ هو يا سنڌي قومپرستي ٺيڪ هئي؟ جي ايم سيد جي شخصيت ۽ سياست ۾ لڪل اهم تاريخي واقعن ۽ تضادن سان گڏ سنڌي ادب ۾ سندس خدمتن جو اعليٰ مثال رڳو ”سنڌي ادبي بورڊ“ قائم ڪرڻ ناهي پر ۵۰ کن املهه ڪتاب لکڻ به وڏو ڪم آهي. ۱۷ هين جنوري ۱۹۰۴ع ۾ سنڌو درياهه جي ڪناري تي شهر سن ۾ جنم وٺندڙ جي ايم سيد پنهنجي حياتيءَ جي آخري ڏينهن ۲۵ اپريل ۱۹۹۵ع تائين سياسي تڪرارن ۽ تضادن سان گڏ سنڌ جو عاشق رهيو ۽ پنهنجي سياسي نظرئي سان ڳنڍيل رهيو. جي ايم سيد آل انڊيا مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ کان اڳ به سياسي طور قدبت رکندڙ سياستدان هو. هڪ خيال اهو آهي ته جيڪڏهن جي ايم سيد آل انڊيا مسلم ليگ ۾ نه هجي ها ته شايد ۱۹۴۴ع ۾ سنڌ جي آئين ساز اسيمبليءَ مان پاڪستان جي حمايت ۾ قرارداد به منظور نه ٿئي ها. سنڌ ڄائي قائداعظم محمد علي جناح ۽ عبدالله هارون جي دوستيءَ سيد کي سنڌي قومپرستيءَ مان پاڪستان ٺهڻ يا تحريڪ پاڪستان ڏانهن موڙيو. جيتوڻيڪ جي ايم سيد ان کان اڳ به سياسي طور انتهائي متحرڪ سياستدان هو. ۱۹۳۷ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجڻ کان اڳ به هو ننڍي ڄمار ۾ لوڪل بورڊ ڪراچيءَ جو صدر چونڊيو. ان کان اڳ سيد پنهنجي جوانيءَ ۾ سنڌ عوامي محاذ، سنڌ هاري ڪميٽي، سنڌ ۾ صوفي تحريڪ جهڙين تحريڪن ۾ سرگرم رهيو. سندس سياسي ناقدين مٿس اها تنقيد ڪن ٿا ته ”سيد“ قائداعظم جي ڳالهين ۾ اچي ويو هو. جيڪڏهن هو تحريڪ پاڪستان جي حمايت نه ڪري ها ته سنڌ سان اڄ اهڙي صورتحال نه هجي ها ڇو ته پاڪستان ٺهڻ جو سڀ کان وڏو نقصان سنڌ کي پيو. ڇو ته پاڪستان هڪ ته جنهن پيريٽي (برابري) جي بنياد تي ٺهيو ان تي ۱۹۴۷ع ۾ ئي عمل ڪو نه ٿيو. ۱۹۴۰ع جي ٺهراءُ ۽ بعد ۾ ۱۹۴۴ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ ۾ منظور ڪرايل جي ايم سيد جي ٺهراءُ جي ڀيٽ ۾ ۱۹۴۷ع ۾ بلڪل الڳ تصوير جو پاڪستان ٺهيو. پاڪستان جون پاڙون ئي ڪمزور سياسي نظرئي تي رکيون ويون. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ان جو پهريون شڪار سندس باني قائداعظم محمد علي جناح بڻيو ۽ ان کانپوءِ راولپنڊي ۾ پهرين وزيراعظم لياقت علي خان جي قتل پاڪستان جي ٻه قومي نظرئي کي لوڏي ڇڏيو هو. تازو حاجي مظفر شجره جي گهر تي گلگت بلتستان جي وڏي وزير سيد مهدي شاهه سان غير رسمي ڪچهري ٿي. سندس چوڻ هو ته گلگت بلتستان ڏيڍ سال تائين پاڪستان جو حصو نه هو. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ به آزاد رياست هو. اهڙي ساڳي صورتحال بلوچستان جي آهي. جڏهن خان آف قتلات ۱۹۴۸ع ۾ جنهن ڏينهن پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو ان ئي ڏينهن قلات ۾ بغاوت شروع ٿي. پاڪستان ٺهيو ته سڄي هندوستان مان مسلمان مهاجرن جي آمد شروع ٿي پر سڀ کان وڏي صوبي پنجاب انڊيا مان ايندڙ مسلمان ڀائرن جو بار کڻڻ کان انڪار ڪيو ۽ لاهور مان ٽرينون ڀري سنڌ ڏانهن روانيون ڪيون. مسلمان ڀائرن کي پنجاب جي عظيم مسلمان چيو ته پاڪستان اڳيان آهي. ان پناهه گيرن جو سڄو بوجهه ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين شهرن تي وڌو ويو ۽ سنڌ مان قابل هندو ڀارت لڏي ويا. ان کانپوءِ ۱۹۴۷ع کان وٺي اڄ تائين ڏسون پيا ته پاڪستان جو سڄو ازالو سنڌ ڀوڳي رهي آهي. جي ايم سيد ۱۹۷۰ع ڌاري تڏهن صورتحال کي سمجهيو جڏهن پاڪستان مان بنگالين الڳ ٿيڻ جو فيصلو ڪيو. پر سيد سنڌو ديش جو نعرو بنگلاديش ٺهڻ کانپوءِ ۱۹۷۲ع ۾ هنيو، جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو وزيراعظم بڻيو. ڏٺو وڃي ته سيد گهڻو اڳ پاڪستان کان بيزار ٿي چڪو هو. ۱۹۶۹ع ۾ هن سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ٺاهي هئي، جيڪا پڻ سنڌ سطح تائين سياست ڪرڻ ڏانهن اشارو هو. پاڪستان جي بنيادي نظريي سان ته ٻن سالن کانپوءِ ٺاهڻ وارا ڦري ويا، پوءِ جيڪو پاڪستان ٺهيو، جنهن ۾ اڄ تائين ڀارت کان مهاجرين جي آمد جو سلسلو جاري آهي. منهنجو ذاتي خيال آهي جيڪڏهن قائداعظم محمد علي جناح جيئرو هجي ها ته شايد ۱۰ سالن کانپوءِ هن پاڪستان کان لاتعلقي جو اعلان ڪري ٻئي پاڪستان ٺاهڻ لاءِ ٻيهر جدوجهد شروع ڪري ها. مون کي هن ڳالهه تي ڏاڍي حيرت آهي ته هن ملڪ ۾ پنجاب ۽ فوج کانسواءِ ڪير به پاڪستان جي هاڻوڪي ڍانچي مان خوش ناهي جن قوميتن برابري جي بنياد تي وفاق ۾ يونٽ طور صوبن کي شامل ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي حمايت ڪئي هئي اُهي سڀ بعد ۾ پاڪستان جا مخالف بڻجي ويا. سڀ کان پهرين بنگالي مخالف بڻيا. ۱۹۷۱ع کانپوءِ باقي رهيل پاڪستان مان بلوچ، سنڌي ۽ پٺاڻ بيزار آهن. جهڙي هن وقت پاڪستان جي صورتحال آهي ان مان لڳي نه ٿو ته هي ملڪ هن صديءَ تائين هلندو. سنڌ ۾ سيد جي حياتيءَ ۾ ئي سندس ”جيئي سنڌ“ يا سنڌو ديش جي تحريڪ به مسلم ليگ وانگر ڪيترن ئي ٽڪرن ۾ ورهائجي وئي هئي. اڄ ته شايد سيد جي سياسي پوئلڳن جون سنڌ ۾ هڪ درجن کان وڏيون پارٽيون آهن. جي ايم سيد بنيادي طور صوفي فڪر ۽ عدم تشدد جو پيروڪار هو. بعد ۾ سياست اندر ”دهشت“ ۽ هٿيارن جي سياست سندس عدم تشدد جي سياست کي لتاڙي ڇڏيو. جي ايم سيد جو سنڌي ادب ۾ تاريخي ڪردار ڪڏهن به وساري نه سگهبو، جنهن مان سندس ڏاهپ، علم دوستي ۽ سنڌ دوستيءَ جو اعليٰ مثال ملي ٿو. سنڌ جي سياست ۾ اهڙا گهٽ سياستدان ملندا جيڪي ساڳي وقت ايڏا وڏا ليکڪ به هُجن. هو نه رڳو سنڌي قومپرست سياست جو باني آهي بلڪه سنڌي ادبي بورڊ جي قيام ۾ سندس هٿ ۽ ۱۹۵۴ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين بڻجڻ سندس علم ۽ ڏاهپ جو وڏو مثال آهي. سيد گهراڻي جي وڏيرڪي ڪلاس جو جي ايم سيد قومپرست سياست جو باني بڻيو. جي ايم سيد روشن خيال، ترقي پسند ۽ جديد سائنس جي علم جو واقف اڳواڻ هو پر سنڌو ديش جو نظريو اڻ ڳڻين خامين ۽ ڪيترن ئي سوالن جو محور هو. جيئي سنڌ تحريڪ اندر به سياسي ۽ نظرياتي ڪارڪنن کي انهن سوالن جو جواب ملي نه سگهندو هو. جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف) جي ايم سيد جي پوئلڳن جي مضبوط شاگرد تنظيم هُئي ترقي پسند ۽ قومپرست فڪر جا هي دوست يونيورسٽين ۾ لکڻ پڙهڻ بدران ٻين شغلن ۾ لڳا پيا هوندا هئا. جساف جهڙي تنظيم جي ڪارڪنن جو نشانو ٻين ترقي پسند تنظيمن جا ڪارڪن بڻجندا هئا. شهيد نذير عباسيءَ تي تشدد جا واقعا هُجن يا يونيورسٽيءَ جي هاسٽلن ۾ هٿيار گڏ ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون. تعليمي ادارا بند ڪرائڻا هجن يا شاگرد تنظيمن وچ ۾ ڦڏا ڪرائڻا هجن، هي سڀ ڪم سيد جي فڪر جا پوئلڳ ڪندا هئا، جنهن سبب جي ايم سيد جي عدم تشدد يا سهپ وارو فلسفو سندس سياسي پوئلڳن آڏو ئي تڪراري بڻيل رهيو. هاڻوڪي سنڌ جي ويجهي ماضيءَ ۾ وري جي ايم سيد يا سندس تنظيم تي سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ ايم ڪيو ايم کي تحفظ ڏيڻ يا سنڌي مهاجر ڀائي ڀائي جي نعري تحت ايم ڪيو ايم جي همٿ افزائي ڪرڻ سان پڻ سنڌي عوام کي نقصان پهتو. اڄ سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم جي ايم سيد جي ان دوستيءَ جي وارثي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي نه ڪي جيئي سنڌ اڄ ان پوزيشن ۾ آهي جو ايم ڪيو ايم سان کُليل ڳالهه ڪري. هن راءِ مان عبدالواحد آريسر کي ڀلي مائنس ڪري پڙهيو وڃي. جي ايم سيد ۲۰ هين صديءَ جو تمام وڏو ماڻهو هو. سنڌ ۾ وڏن ماڻهن جو قدر گهٽ ٿيندو آهي. گانڌي ۽ شاهه عنايت جي فلسفي کي پاڪستان کان ڌار ڪري سنڌو ديش سان ملائيندڙ جي ايم سيد زندگيءَ جي آخري ڏينهن تائين پنهنجي گهر ۾ نظربند رهيو. ساڻس ٻه ڀيرا ملاقات باوجود ساڻس گڏ ڪنهن تصوير جو مون وٽ نه هُجڻ مون لاءِ افسوس جو مقام آهي پر مون کي ڪتابن ڏانهن مائل ڪرڻ ۽ سياست جو دڳ ڏيکارڻ ۾ جي ايم سيد جي لکڻين جو به هٿ هوندو. ”سيد ۽ سنڌ“ هن ڌرتيءَ جي نوجون نسل لاءِ هر دور ۾ اهميت جوڳو موضوع رهندو سيد جي فڪر کي خطرا عبدالخالق جوڻيجو سائين جي ايم سيد جي انگريزيءَ ۾ ڪيل تاريخي تقريرن جي اردو ترجمي تي ٻڌل ڪتاب ”فڪر جي ايم سيد اور آج ڪا پاڪستان“ جي مهاڳ ۾ مون لکيو هو ته ”هر غير معمولي ماڻهو متنازعه هوندو آهي ۽ هر غير متنازعه ماڻهو معمولي هوندو آهي.“ سمورا غير معمولي ماڻهو متنازعه ان ڪري ٿيندا آهن ته اُهي نوان خيال کڻي ايندا آهن، اُهي تبديليءَ جي ڳالهه ڪندا آهن. انساني سماج هر وقت تبديليءَ جي عمل مان گذرندو ٿو رهي. جيئن وقت هڪ هنڌ بيهي نٿو، تيئن انساني سماج به تبديل ٿيندو اڳتي وڌندو ٿو رهي. جيڪي ماڻهو، جيڪي گروهه ۽ جيڪي قومون تبديليءَ جي عمل کي سمجهن ٿيون ۽ وقت سان گڏ پاڻ ۾ تبديلي آڻين ٿيون، اُهي زنده به رهن ٿيون ۽ ترقي به ڪن ٿيون. پر جيڪي تبديل نه ٿيون ٿين، انهن جي ترقيءَ جو عمل رُڪجي وڃي ٿو ۽ آخر اُهي ختم ٿي وڃن ٿيون. غير معمولي انسانن جو وقت جي نبض تي هٿ هوندو آهي. تنهن ڪري اهي تبديل ٿيندڙ وقت جي گهرجن سان مطابقت رکندڙ نوان خيال ڏيندا آهن. پراڻا خيال ۽ زندگيءَ بابت پراڻا تصور هلندي هلندي ماڻهن لاءِ عقيدي جي حيثيت اختيار ڪري ويندا آهن. ان ڪري جڏهن نوان خيال ايندا آهن ۽ انهن ماڻهن جي عقيدن سان ٽڪرائبا آهن ته اُهي عقيدي پرست ماڻهو نون خيالن جي ۽ نوان خيال ڏيندڙ ماڻهن جي مخالفت ڪندا آهن. اهڙيءَ طرح اُهي سماج جي واڌاري ۽ ترقيءَ بابت نوان خيال، نيون سوچون ۽ نوان تصور ڏيندڙ ماڻهو، متنازعه بڻجي ويندا آهن. اڄ انساني تاريخ جا عظيم ۽ غير معمولي سمجهيا ۽ مڃيا ويندڙ سمورا شخص، پنهنجي دور جا انتهائي متنازعه ماڻهو هئا، پوءِ اُهي مفڪر هجن، مذهبي مهندار/ پيغمبر هجن يا سائنسدان هجن، ڪنفيوشس، گوتم ٻڌ، سقراط، حضرت عيسيٰ، ڪارل مارڪس، گئليلو، آئنسٽائين، اهي سڀ پنهنجي پنهنجي وقت ۾ متنازعه رهيا. اهي سڀ، اُهي ماڻهو هئا جن عام ماڻهن ۾ عقيدي جي حيثيت اختيار ڪري ويل پراڻن خيالن کي چئلينج ڪيو ۽ رد ڪيو. انهن جي ڀيٽ ۾ ٻيا اهڙا به ماڻهو هئا جن ماڻهن کي خوش ڪرڻ خاطر، انهن سان ها ۾ ها ملائي. اُهي وقتي طور ته وڏا مقبول به ٿيا ۽ ماڻهن جا ليڊر ۽ حڪمران به ٿيا پر انساني سماج جي ترقيءَ ۾ انهن ڪو ڪردار ادا ڪو نه ڪيو. جي ايم سيد بلاشبه سنڌ جو، پاڪستان جو ۽ شايد ننڍي کنڊ جو سڀ کان وڌيڪ متنازعه ماڻهو هو. هُن عقيدي پرستيءَ جي خلاف جنگ ڪئي. هُن پراڻن ۽ فرسوده خيالن کي رد ڪيو. هُن مقدس ۽ متبرڪ بڻيل خيالن، نظرين ۽ شخصيتن کي چئلينج ڪيو. هُن پنهنجي دؤر جي حساب سان سياست ۾، ادب ۾، تاريخ ۾ ۽ مذهب جي معاملي ۾ نوان خيال ۽ نوان لاڙا ڏنا. جي ايم سيد کي سڀ کان وڌيڪ متنازعه بنائيندڙ سندس ڪتاب ’جيئن ڏٺو آ مون‘ هو، جنهن ۾ هُن مذهب بابت پراڻن، روايتن تي ٻڌل ۽ گمراهه ڪندڙ خيالن جو سائنسي طريقي سان ڇيد ڪري انهن کي رد ڪيو. ان ڪتاب تي اُٿيل تنازعي، ان وقت سيد کي جهڙوڪ اڪيلو ڪري ڇڏيو. پر اڄ پاڪستان ۾ هوندي به سنڌ جيڪا اڃا تائين مذهبي بنيادپرستيءَ جي باهه کان بچيل آهي ته ان ۾ ٻين ڳالهين سان گڏ ان ڪتاب جو به حصو آهي. شاهه لطيف هاڻي نه رڳو سنڌ جي شاعري ۽ ادب، پر سنڌ جي ڪلچر ۽ سنڌ جي سڃاڻپ جو هڪ اهم اهڃاڻ بڻجي چڪو آهي. نه رڳو ايترو پر سنڌ جي قومي نجات جي جدوجهد ۾ به سندس شاعري هڪ روشني ۽ هڪ هٿيار طور استعمال ٿي رهي آهي. شاهه لطيف کي اها حيثيت ڏيارڻ ۾ به جي ايم سيد جي ڪتاب ’پيغامِ لطيف‘ جو اهم ڪردار آهي. غلام ملڪن ۽ پٺتي پيل سماجن ۾ تاريخ کي عقيدي پرستيءَ جي بنياد تي لکيو ويندو آهي ۽ ان کي جابر قوتن جي بالادستي جاري رکڻ ۽ سماج ۾ ماٺار يا اسٽيٽسڪو برقرار رکڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. جي ايم سيد تاريخ جو روشن خيال، تبديلي پسند ۽ بالادستي مخالف پاسو پيش ڪيو. ان لاءِ ننڍي کنڊ جي وڏي تاريخدان ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ جو چوڻ آهي ته ”پاڪستان ۾ تاريخ، حڪمرانن جي نقطئه نظر کان لکي ويندي رهي آهي. جي ايم سيد اهو پهريون شخص آهي، جنهن تاريخ کي عوام جي نقطه نگاهه کان لکيو.“ اهو تاريخ بابت جي ايم سيد جي خيالن جو نتيجو آهي ته اڄ محمد بن قاسم کي غاصب ۽ راجا ڏاهر کي محبِ وطن طور مڃيو وڃي ٿو ۽ محمد بن قاسم جي ڪيل حملي کي توسيع پسنديءَ جي مهم سمجهڻ وارو خيال، هاڻي سنڌ کان نڪري خطي جي ٻين حصن ۾ به پختو ٿي رهيو آهي. غير معمولي انسانن کي، نوان خيال پيش ڪرڻ جي پاداش ۾، انهن ماڻهن جي طرفان مخالفتون، مشڪلاتون ۽ سزائون ملڻ هڪ سمجهه ۾ اچڻ واري ڳالهه آهي جن جي عقيدن کي ۽ جن جي مستقل مفادن کي اُهي چئلينج ڪندا آهن. انهن مخالفتون ڪندڙن ۽ فتوائون ۽ سزائون ڏيندڙن ۾، وقت جا حڪمران ۽ ملان، پوپ ۽ پنڊت شامل هوندا آهن. مٿي ذڪر ڪيل غير معمولي ماڻهن ۽ انهن جي قافلي جي ٻين انسانن سان وقت وارن جي ڪيل اهڙي ورتاءَ جي مثالن سان انساني تاريخ ڀري پئي آهي. وڌيڪ حيرت، افسوس ۽ تڪليف جي ڳالهه اها هوندي آهي ته انهن جا معتقد، پوئلڳ ۽ پنهنجا چورائيندڙن طرفان سندن مشن کي نقصان پهچايو ويندو آهي. اهي چوڻ ۾ ته انهن عظيم انسانن جا پوئلڳ ۽ پيروڪار هوندا آهن پر عمل انهن جي ابتڙ ڪندا آهن. اهي غير معمولي انسان سماج جي تبديلي ۽ بهتريءَ لاءِ هڪڙو فڪر، هڪڙي تعليم ۽ هڪڙو ڪردار پيش ڪندا آهن. انهن جي مخالف حڪمرانن ۽ ملن جي مخالفت سان انهن کي ذاتي ۽ جسماني طور ته تڪليفون اينديون آهن پر عام ماڻهن جي توجه ۽ همدردي انهن ڏانهن وڌندي آهي ۽ انهن جي ڏنل فڪر ۽ تعليم کي فائدو پهچندو آهي. ان جي ابتڙ پوئلڳ ۽ پيروڪار، شخصي ۽ جسماني طور ته، انهن جي ’پوڄا‘ ڪندا آهن، پر انهن جي فڪر، تعليم ۽ ڪردار جي نفي ڪندا آهن. اهڙيءَ طرح عام ماڻهن ڏانهن منفي پيغام ويندو آهي ۽ نتيجي ۾ انهن جي مِشن کي نقصان پهچندو آهي ۽ اهو نقصان مخالفن طرفان ملندڙ مخالفتن ۽ تڪليفن کان وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ هوندو آهي. مهاتما ٻڌ جي تعليم ۾ خدا جو تصور ڪونهي. هُن وٽ سڀ ڪجهه انسان ۽ انساني سماج آهي ۽ انهيءَ سماج جي بهتري ئي سندس مشن آهي. پر ان جي پوئلڳن خود مهاتما ٻڌ کي خدا جو درجو ڏيئي ڇڏيو آهي ۽ انساني برابري ۽ ڀائيچاري واري سندس تعليم تي عمل ڪرڻ بجاءِ، ويٺا سندس پوڄا ڪن. تازو تڏهن دنيا کي حيرت ٿي جڏهن برما ۾ ٻُڌن، مسلمانن کي مذهبي فرق ڪري قتل ڪيو ۽ مسجدن کي ساڙيو. مذهب جي تعليم ۽ ڪردار جا مکيه ۽ بنيادي نقطا سچ، ايمانداري، امانت، انساني برابري ۽ بهتر سماجي رشتا ۽ رويا آهن. سندس پوئلڳن جي اڪثريت انهن اصولن ۽ آدرشن مان ڪنهن تي به عمل ناهن ڪندا. البته ان بنياد تي انساني رت جا درياهه وهائي ڇڏيندا آهن ته ڪير ڪپڙا ڪهڙا ٿو پائي ۽ ڪير نماز ڪيئن ٿو پڙهي. ڪارل مارڪس سمورن عقيدن کي ڀڃي هر شيءِ ۽ هر ڳالهه کي عقل جي بنياد تي پرکڻ جو درس ڏنو ۽ سندس تعليم جو مرڪزي نقطو اهو هو ته ڪائنات ۽ ان ۾ موجود هر شيءِ هر وقت تبديليءَ جي عمل مان گذري رهي آهي. پر سندس ڪيترن پيروڪارن خود مارڪس جي لکيل لفظن کي ئي عقيدو بڻائي ڇڏيو ۽ تبديليءَ کي حرام قرار ڏيئي ڇڏيو. جي ايم سيد سان به ڪجهه اهڙي وارتا ٿي آهي. سيد جي شخصيت ۽ ڪردار جا ٻه حصا يا ٻه پاسا آهن؛ هڪڙو عملي سياستدان وارو ۽ ٻيو هڪ دانشور، مفڪر ۽ مدبر وارو. منهنجي خيال ۾ هن کان جيڪي به غلطيون ۽ ڪوتاهيون ٿيون آهن يا ناڪاميون ڏٺيون آهن اُهي سياستدان جي ايم سيد کان ٿيون آهن. بحيثيت مفڪر ۽ مدبر هُن سنڌي قوم ۽ سنڌي سماج بابت خاص طرح ۽ انسان ذات بابت عام طرح جيڪي خيال ۽ تجزيا ۽ رهنما اصول پيش ڪيا انهن کي وقت جي وهڪري صحيح ثابت ڪيو آهي ۽ اُهي اڄ جي حالتن ۾ اڳي کان وڌيڪ درست ۽ ڪارائتا نظر اچي رهيا آهن. ان ڪري ئي ڪيترا ڪالهه جا، سيد جا مخالف، اڄ هُن جا موافق بڻجي رهيا آهن. پر افسوس ته سندس ڪيترا ئي ’پيروڪار ۽ پوئلڳ‘ سندس ڏاهپ وارن ڏسن، عقلي دليلن وارين ڳالهين ۽ فهم فڪر وارن نقطن کي نه رڳو پٺي ڏيئي ٿا هلن پر انهن جي ابتڙ عمل ٿا ڪن. سڀ کان اهم ڳالهه ته هُن عقيدي پرستيءَ جي بت کي ڀڃي ڀورا ڪيو ۽ دنيا جي هر ڳالهه، خيال ۽ هر ڪردار جو، عقل، دليل ۽ ثبوتن جي بنياد تي تجزيو ڪيو ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ نتيجن کي دهل جي ڏونڪي تي دنيا آڏو آندو ۽ ڪنهن به پنهنجي پرائي، رشتي تعلق ۽ دوست دشمن جي پرواهه نه ڪئي. سندس مشهور جملو هوندو هو ته ”سڌي راند سوٽي جي، ٻيڙي ٻڏي کوٽي جي.“ هُن ڪيترن ئي ’مقدس‘ بڻيل صدين جي تصورن کي عقل ۽ دليل جي ذريعي رد ڪيو پر سندس ڪيترن پوئلڳن خود سيد جي ڳالهين کي ئي عقيدو بڻائي ڇڏيو ۽ چوڻ لڳا ته سيد جي چيل ڳالهين کان وڌيڪ يا مختلف ٻي ڪا ڳالهه ٿي نٿي سگهي. جي ايم سيد چيو ته؛ ’هر انسان غلطيون ڪري ٿو ۽ مون به غلطيون ڪيون آهن.‘ پر سندس ’معتقدن‘ جو چوڻ آهي ته؛ ’جي ايم سيد غلطين کان پاڪ آهي ۽ جيڪو ماڻهو سندس غلطين جو ذڪر ٿو ڪري اهو منحرف آهي.‘ سيد پنهنجي تعليم ذريعي اسان کي انسانن آڏو نه جهُڪڻ ۽ پيرن جي قبرن کي سجدو نه ڪرڻ جو سبق ڏنو. پر ڪيترا سندس پڪا پوئلڳ چوائيندڙ، خود سيد کي پير بڻائي، ان جي قبر جي مجاوري ٿا ڪن. سيد جي ڏنل فڪر جو هڪ نهايت اهم نقطو اهو آهي ته پير، مير، وڏيرا، جاگيردار ۽ ملا انساني سماج جي ترقيءَ جا دشمن آهن ۽ سنڌ جي قومي نجات ۽ خوشحاليءَ جي جنگ ۾ انهن مان چڱائيءَ جي اُميد رکڻ اجائي آهي. جڏهن ته ڪيترا سندس سچا سپاهي سڏرائيندڙ وڏيرن ۽ قبائلي سردارن جي اوطاقن تي سلاميون ٿا ڀرين، جاگيردارن کي جهڪي سلام ٿا ڪن، ڪنهن بنيادپرست ملان کي جي ايم سيد جو همسر قرار ٿا ڏين ته ڪنهن رجعت پسند پير کي سنڌ جو هم معنيٰ ٿا چون. جي ايم سيد جو سنڌ لاءِ ڪيل سڀ کان وڏو ڪارنامو ۽ اسان تي ڪيل سڀ کان وڏو احسان اهو آهي ته هن اسان کي ذاتين جي تفريق ۽ قبائلي سڃاڻپ مان ڪڍي هڪ جديد قومي شناخت جو احساس ڏياريو. ڪيڏي نه ستم ظريفي آهي ته اسان جي ايم سيد جي نالي ۾ ذاتين جي تفريق جي بنيادن تي ٺاهيل ۽ قبائلي شناخت رکندڙ تنظيمن ۽ گروهن کي مضبوط ٿا ڪريون ۽ انهن تنظيمن ۽ گروهن جي اڳواڻن سان گڏ جي ايم سيد جي فڪر کي ڪامياب ڪرڻ جا اعلان ٿا ڪريون. سيد ڄاتو ۽ سمجهيو پئي ته جاگيرداري، ترقيءَ جي دشمن ۽ پسماندگيءَ جي علامت آهي ۽ ترقيءَ لاءِ صنعت ۽ واپار ضروري آهي. ان ڪري اڄ کان ۸۰ سال اڳ ۾ هن ڪوششون ورتيون ته سنڌي قوم جو تمام وڏو حصو (سنڌي مسلمان) جيڪي جاگيرداريءَ ۾ جڪڙيا پيا آهن ۽ زراعت کي ئي پنهنجي قسمت جو لکيو سمجهيو ويٺا آهن، اُهي شهرن ڏانهن اچن ۽ واپار ڪاروبار جي ميدان ۾ مقابلو ڪن. اڄ جيڪي سنڌي مختلف حالتن ۽ سببن جي ڪري ٻهراڙي ڇڏي شهرن ڏانهن اچن ٿا ۽ ڪاروبار جي ميدان ۾ اڳتي وڌڻ چاهين ٿا ته ’سيد جا سپاهي‘ سڏرائيندڙ اڳ ۾ ئي ڏنڊا ۽ بندوقون کنيو انهن جي رستا روڪ ڪرڻ لاءِ بيٺا آهن. حق جو هوڪو ڏيڻ، سچ جو سودو ڪرڻ ۽ مقدس عقيدن کي چئلينج ڪرڻ جي پاداش ۾ سيد جي خلاف غدار، ملڪ دشمن، عوام دشمن ۽ ڪافر هجڻ واريون فتوائون جاري ڪيون ويون. اهي فتوائون ۽ تعزير جاري ڪندڙن ۾ وقت جا حڪمران ۽ انهن جا ساٿاري ملان شامل رهيا آهن. اها ڪا نئين يا عجب جهڙي ڳالهه ناهي. سقراط کان وٺي نيلسن منڊيلا تائين، سڀني غير معمولي ۽ انقلابي انسانن سان اهڙو ورتاءُ ٿيندو رهيو آهي. عجب جي ڳالهه اها آهي ته اڄ اهو فتوائون جاري ڪرڻ وارو ڪم جي ايم سيد جي ’معتقدن‘ پنهنجي ذمي کنيو آهي. جيڪو ماڻهو سندن مخصوص ۽ محدود سوچ سان اختلاف ڪري ٿو، ان لاءِ فورًا فتويٰ اچيو وڃي ته اهو ’سيد جو انڪاري‘ ۽ ’سنڌ جو غدار‘ آهي. انهن منجهان ڪهڙا ۽ ڪيترا، علم ۽ ڄاڻ جي غربت جي ڪري، اهڙا عمل ڪن ٿا ۽ ڪيترا ذاتي مفادن خاطر ائين ڪن ٿا. ان جو تعين ته ايندڙ وقت ڪندو. باقي اهڙي ئي صورتحال لاءِ، ڪنهن سياڻي چيو آهي ته؛ ’مون کي منهنجي دوستن کان بچايو، پنهنجي دشمنن سان مان پاڻهيئي پڄي پوندس.‘ مان اهڙن دوستن لاءِ هتي انساني تاريخ جي تمام وڏي ۽ غير معمولي انسان، مهاتما ٻڌ جو هي قول پيش ڪريان ٿو ته؛ ”ڪنهن ڳالهه ۾ ان ڪري يقين نه ڪريو ته ٻڌ ڪري ٿو، ان ڪري ڪا سوچ نه ڪريو ته ٻڌ ڪري ٿو، ان ڪري ڪا ڳالهه نه چئو ته ٻڌ چئي ٿو، پر تڏهن ڪنهن ڳالهه تي يقين ڪريو، ڪجهه چئو ۽ ڪجهه سوچيو جڏهن توهان جو ذهن ضمير توهان کي چوي.“ سائين جي ايم سيد جي ٻاريل شعور جي لاٽ دولت رام کتري/بدين اڄوڪو ڏينهن سنڌ جي عظيم قومي رهبر سائين جي ايم سيد جو جنم ڏڻ آهي. اڄوڪي ڏينهن تي سنڌ ۾ شعور جو سج اُڀريو هو ۽ اُنهيءَ جي روشني سنڌ جي هر واهڻ وستيءَ کي واسي ڇڏيو هو. سن ۾ جنم وٺندڙ سائين جي ايم سيد سنڌ جي تاريخ جي اها گهڻ پاسائي شخصيت هئي جنهن سنڌ جي ماڻهن کي علمي، ادبي، سياسي ۽ قومي شعور ڏنو. پنهنجي ڌرتي سان بي انتها عشق رکندڙ هن قومي رهبر سنڌ جي ماڻهن کي جاڳايو ۽ ”سنڌ“ کي هڪ نئين سڃاڻپ ڏني. سيد پنهنجي فڪر ذريعي جهر جهنگ ۾ اهو پيغام پهچايو ته: ”اسان ملير جي مِٽي آهيون، اسان موهن جي دڙي جي دانهن آهيون، اسان ڀٽائي جي ڀِٽ جو ڀنڀٽ آهيون، اسان سنڌ جي ماضيءَ جا عڪاس ۽ مستقبل جا مصور آهيون“ سيد پنهنجو فڪر ڏيندي ايئن به چيو هو ”سنڌي هڪ مهذب ۽ ترقي يافته قوم آهي، جنهن کي پنهنجي شاهوڪار ٻولي آهي ۽ اها سنڌي ٻولي آهي، جيڪا دنيا جي امير ترين ٻولين ۾ ليکي وڃي ٿي“. سنڌي ماڻهن هميشه انسانيت، امن، عشق، محبت ۽ آزادي جا گيت ڳائي دنيا کي امن، ڀائپي ۽ رواداريءَ جا ڏس ڏنا آهن. پنهنجي ڏاهپ ذريعي سنڌ ۾ شعور جي جوت جاڳائيندڙ هن قومي رهبر سنڌ جي ادب، تاريخ، ٻولي ۽ سياست کي نوان گس ڏنا. ”جديد سنڌ“ جو تصور سائين جي ايم سيد ڏنو. سائين جي ايم سيد سنڌ جي قومپرست سياست کي هڪ نئين سڃاڻپ ڏني ۽ سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ شاگرد سياست کي متعارف ڪرائيندڙ سائين جي ايم سيد سنڌ جي نوجوانن کي سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ مثبت سياست ڪرڻ لاءِ اتساهيو نوجوانن کي حقن جي حاصلات لاءِ هڪ نئون گس ڏنو. سائين جي ايم سيد سنڌ جي تاريخ جي حقيقي روپ کي منظر عام تي آندو. هن عظيم شخص ۵۰ کان وڌيڪ ڪتاب لکي ”فڪر سنڌ“ جهڙو انمول تحفو پڻ سنڌين کي ڏنو. جنميو سنڌ لطيف ۽ سيد جهڙو سچ، ٻنهي ٻاريو مچ، سجاڳي جو سنڌ ۾ رهبر جو جنم ڏينهن نشا نهال/ حيدرآباد تاريخ ۱۷ جنوري اهو ڏينهن آهي، جنهن ڏهاڙي تي ۱۹۰۴ع ۾ سنڌ جي ڌرتي تي سنڌ ۽ سنڌ ڌرتي سان پيار ڪندڙ ۽ سنڌين سان لازوال محبت ڪندڙ رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جنم ورتو هو. سندس اڄ ۱۱۰هون جنم ڏينهن آهي، اڄ سڄي سنڌ ۾ سندس جنم ڏهاڙي جي مناسبت سان ننڍن وڏن شهرن، ڳوٺن، واهڻن ۽ وستين ۾پروگرام ملهائي سندس ولادت جون تقريبون وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايون پيون وڃن، جڏهن ته سندس جنم ڏهاڙي جون خاص تقريبون سن ۾ رٿيل آهن، جتي سنڌ جي عاشق ۽ ڌرتي سان پيار ڪندڙ سائين جي ايم سيد جي جنم ڏينهن کي قومي ڪارڪن عيد جي ڏهاڙي وانگر ملهائين ٿا ۽ سنڌ جي نجات واري جدوجهد لاءِ عزم ورجائين ٿا. قومي ڪارڪنن جا هجوم گڏ ٿي سيد جي خواب کي حقيقت جو روپ ڏيڻ لاءِ وچن ڪن ٿا. جنهن دور ۾ ملڪ جا جاگيردار، وڏيرا ۽ ڀوتار جتي ڀڳڙن مُٺ وڪامجي ويا هئا، اتي سائين جي ايم سيد سنڌ دشمن ڌارين خلاف ديوار بڻجي بيهي رهيو، سختيون برداشت ڪيون ۽ نظر بنديون سندس جدوجهد کي روڪي نه سگهيون کيس وقت جي حڪمرانن سخت تڪليفون ڏنيون پر پاڻ بهادري سان برداشت ڪندا رهيا، ڪڏهن به پنهنجي اصولن تي سوديبازي نه ڪئي، اڄ اهو ضرور سوچڻ گهرجي ته اسين ڪهڙين راهن تي هلي رهيا آهيون ۽ اسان سائين جي ايم سيد جي ڏنل فڪر تي ڪيترو عمل ڪيو آهي. اسان کي گهرجي ته اسان سڀ هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيون ٻي صورت ۾ اسين محڪوميءَ جي چڪيءَ ۾ پيسجندا رهنداسين. سيد کانپوءِ سنڌ ۽ جيئي سنڌ ڊاڪٽر مير عالم مري سائين جي ايم سيد ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع ۾ سَن ۾ پيدا ٿيو، ان لحاظ سان اڄ سيد جو ۱۱۰هون جنم ڏينهن سَن ۾ روايتي قومي جذبي سان ملهايو پيو وڃي. هي مضمون انهي ڏهاڙي جي نسبت سان آهي. منهنجي خوشنصيبي آهي، جو مون هڪ سياسي ڪارڪن جي حيثيت ۾ مختلف مرحلن تي سيد کان مختلف سياسي معاملن تي رهنمائي حاصل ڪئي. آئون سيد جي شخصيت ۽ قومپرستي جي جديد نظريي سان متاثر ٿي اتفاق رکندڙ نظرياتي پوئلڳ هئس. سال ۱۹۸۷ع ۾ ٿيل سيد سان پهرين ملاقات کان وٺي ۲۵ اپريل ۱۹۹۵ع ۾ سيد کي ڌرتيءَ جي سيني ۾ لاهڻ وقت ٿيل آخري ديدار تائين يا ان کان پوءِ اڄ ڏينهن تائين سيد جي شخصيت ۽ ان جي فڪر جي اثر پنهنجي رنگ ۾ ائين رڱي ڇڏيو جيئن ڀٽائي چيو؛ توڻي ڌوٻي ڌوءِ، ته به لالائي نه له سيد شفيق ۽ مهربان، خوش مزاج، ملنسار، سادگي پسند هو، سندس گفتگو عالماڻي، رويو دوستاڻو ۽ دليل ناقابلِ شڪست هئا. هو ڪارڪنن لاءِ اتساهيندڙ، اڳواڻن لاءِ همٿائيندڙ، سوچيندڙن لاءِ رهنمائي ڪندڙ ۽ مخالفن لاءِ ڏهڪائيندڙ هو. هو علم جو گهرو سمنڊ هو. سائين جي ايم سيد اڪيلو فرد بمقابلا جبر ۽ استبداد هو ۽ اسين سندس نگراني ۽ رهنمائيءَ ۾ تيار ٿيل نوجوان باغي هئاسين، جن جي آڏو آرامده زندگي ۽ اڻ مئي دولت جو تصور نه هو پر آزاد ۽ خوشحال سنڌ جي منزل هئي. ان منزل ڏانهن ويندڙ پُر خطر پيچرا هئا ۽ اسين ڄڻ ته سسئي هئاسين، جنهن کي اڪيلي سر ڏونگر به ڏارڻو هو ته پنهونءَ جا پيرا کڻي ڪيچ ڏانهن ڪَهڻ جي تڙپ هئي. تنهن ڪري اسان پنهنجي ان سفر ۾ ڪئين پريشانيون ضرور ڏٺيون پر ۴۷ سالن جي ڪل ڄمار مان ۳۰ سالن تي مشتمل هن طويل پنڌ تي ڪو به پڇتاءُ ڪونهي، ضمير مطمئن ۽ ذهن واضح آهي. پر اڄ جڏهن سيد کان پوءِ آئون سنڌ ۽ جيئي سنڌ هلچل جي هزارين ڪارڪنن تي نظر ڦيرايان ٿو ته ڀٽائيءَ جي لفظن ۾ ائين ٿو لڳي؛ ڪا مون هي ۾ گهٽ، نه ته سڄڻ ٻاجهيندڙ گهڻو سنڌ اڄ به نه رڳو سورن ۾ آهي پر ان جا سور وڌيڪ سوايا ٿيا آهن. محڪوميءَ جون سنگهرون سوڙهيون ٿيون آهن، استحصال جو آزار وڌيو آهي. اڳي فقط پنجاب استحصال ڪندو هو ۽ ان سان ڀاڱي ڀائيوار مهاجر هئا، جنهن لاءِ سيد پنهنجن ڪتابن ۾ پنجابي- مهاجر مستقل مفاد جو اصطلاح استعمال ڪيو، اڄ ان مستقل مفاد ۾ پٺاڻ به گڏجي پيا آهن. جمهوريت جي بحالي جي نعري هيٺ پنجاب جي آئيني اڪثريت کي هضم ڪرايو ويو آهي. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ غربت ۾ اضافو ٿيو آهي پر طبقاتي شعور ۽ تضاد مُڏو ۽ ماٺو پيو نظر اچي. قومي استحصال ۾ شدت ته وڌيڪ پيدا ٿي آهي پر قومي محڪوميءَ خلاف قومي تحريڪ سگهارو بند ٻڌي نه سگهي آهي. قومي تحريڪ پاڻ ۾ نه رڳو ورهايل آهي پر وڙهيل به آهي. اڳي سيد جي مرڪزي شخصيت جي ڇڪ هئي، جيڪا سڀني کي سَن ۽ سيد جي مرڪز تي ڳنڍيو بيٺي هئي پر هاڻي سيد کان پوءِ سيد جي مرڪزي شخصيت به ناهي رهي ۽ سن جي مرڪزيت به آجپي پسند قومپرستن ۽ اليڪشن پسند قومپرستن ۾ ورهائجي چڪي آهي ۽ جيئي سنڌ هلچل ٽولين ۽ ٽڪرين ۾ ائين ورهائجي ويئي آهي، جو خبر ئي نٿي پوي ته هي ورهايا ۽ وڙهيا ڪهڙي ڳالهه تي آهن؟ هڪ نظرياتي ڪارڪن جي حيثيت ۾ جڏهن اسين جيئي سنڌ هلچل جي موجوده گروهه بنديءَ جو جائزو وٺون ٿا ته ڳالهائيندي به ندامت محسوس ٿا ڪريون. اڳي ٽوڙ ڦوڙ جي دوران مال تي جهيڙي، عهدي تي جهيڙي ۽ ايجنسين جي سازشن جهڙا الزام ٻڌندا هئاسين پر هاڻي سون تي سهاڳو اهو آهي ته ريپ ڪيس جا الزام به لڳڻ شروع ٿي ويا آهن. ممڪن آهي ته اهي سمورا الزام دُرست هجن يا محض اختلافِ راءِ رکندڙ ڪارڪنن کي خوار ڪرڻ جي ميڪاولين ادا هجي، پر ڇا به هجي صورتِحال انتهائي ڏکوئيندڙ آهي. جيئي سنڌ جي جهنڊي هيٺ ڪم ڪندڙ پارٽيون مسلم ليگ، پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم، جماعتِ اسلامي، عوامي نيشنل پارٽي جهڙن ڪٽر نظرياتي طور مخالف پارٽين سان ته گڏجي ويهڻ ۽ گڏيل جدوجهد ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو پون پر پاڻ ۾ گڏجي پنهنجي رهبر جي سالگرهه يا ورسي جو گڏيل جلسو يا قومي آجپي، ڌاري آبادڪاري، سنڌ جي وسيلن جي ڦُرلٽ ۽ سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ڪلچر جي استحڪام توڙي دهشتگردي خلاف قومپرستي ۽ سيڪيولرزم جهڙي سونهري نظريي جي بنياد تي گڏجي ويهڻ يا گڏجي جدوجهد ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. اهو صحيح آهي ته سيد جي زندگيءَ ۾ سيد جا پوئلڳ چند هزار هئا ۽ هاڻي انهن جو تعداد هزارن کان وڌي لکن تائين پهتو آهي پر انهن مان تمام وڏي اڪثريت نظرياتي طور باشعور نه آهي، جن کي سمجهائڻ، سيکارڻ ۽ سنوارڻ جي ضرورت آهي. ڪارڪنن جو مقدار جيترو وڌيو آهي، انهن جو معيار اوترو ئي ڪريو آهي ۽ ان صورتحال جون ذميوار سياسي قيادتون آهن. منهنجي نظر ۾ جيئي سنڌ هلچل ۾ اختلافن جا بنيادي سبب ٽي آهن، باقي سڀ بي بنياد الزام تراشيون آهن. 1. قومي آجپي لاءِ جدوجهد جي حڪمتِ عملي تي اختلاف يعني جدوجهد جو طريقو پُرامن هجي يا پُر تشدد، پارلياماني هجي يا غير پارلياماني هجي. 2. اَسهپ جو غير جمهوري رويو يعني ڪارڪن، ڪارڪن کي نٿو سهي ۽ هڪ اڳواڻ ٻئي اڳواڻ کي نٿو سهي. 3. منفي رجحان يعني جدوجهد لاءِ گهربل وسيلا غلط طريقن سان هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ۽ غلط طريقن سان حاصل ٿيل وسيلن کي تحريڪ يا تنظيم جي اجتماعي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جي بجاءِ فردن ۽ شخصن جي ذاتي ملڪيت ٺاهڻ جو رجحان، وغيره. اختلافِ راءِ کي برداشت به ڪري سگهجي ٿو ته تنظيمي ادارن ۾ اڪثريتي راءِ سان حل به ڪري سگهجي ٿو پر جيڪڏهن شخصي مفاد سامهون هجن ته پوءِ اڪثريت راءِ، جمهوريت ۽ ٺوس دليل، پوءِ چاهي اُهي دليل سيد جي ڪتابن مان هجن، يا ڪنهن ٻئي مقدس ڪتاب مان، سڀ پنهنجي معنيٰ وڃائي ويهي رهندا آهن ۽ منظم تحريڪون غير منظم، ڇُڙواڳ، پيداگير ٽولين ۾ ورهائجي وينديون آهن. موجوده سياسي حالتن ۾ سيد جي فڪري تحريڪ کي نون بنيادن تي بيهارڻ جي ضرورت آهي. نون بنيادن مان مطلب آهي ته قومپرستي، جمهوريت، سيڪيولرزم ۽ سوشلزم جي بنيادن تي نئين سري سان ۽ نون طريقن سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اڄ جي جديد دور ۾ ڪم جا قديم ۽ پُراڻا طريقا نتيجا نه ڏيندا. ڪم جي نون طريقن ۾ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال اڻ ٽر آهي. نظرياتي پُختگي ۽ سياسي سنجيدگيءَ لاءِ هڪ دفعو ٻيهر سياسي تعليم جي رجحان کي مضبوط بنائڻو آهي ۽ ڪَک پتي مان لک پتي ٿيڻ جهڙي زهريلي رجحان کي سختيءَ سان چٿڻ جي ضرورت آهي. تمام تر ڪوتاهين جي باوجود جيڪڏهن جيئي سنڌ هلچل اڄ به سنڌ جي عوام جي اُميد جو ڪرڻو آهي ته ان جو وڏو سبب جيئي سنڌ هلچل جي ڪارڪنن جو تعداد ۽ ڪم جو طريقو نه پر سنڌ جو قومي تضاد آهي، جيڪو سائين جي ايم سيد جي نظريي کي هر روز نئين حوالي سان صحيح ثابت ڪندو رهي ٿو ۽ جيئي سنڌ هلچل ۾ اُميد جو ڪرڻو برقرار رکي ٿو. موجوده حالتن ۾ سيد جي فڪر کي عملي شڪل ڏيڻ جي لاءِ ۽ تحريڪ کي وسيع ۽ منظم ڪرڻ جي لاءِ سنڌ جي مظلوم هاري ۽ پورهيت جي سوال، سنڌ جي گونگي، مظلوم، ڌڪيل حوا جي ڌيءَ عورت جي سوال، رياستي توڙي غير رياستي قوتن جي ظلم جو شڪار انسانيت جي حقن جو سوال ۽ پنجاب ۽ ان جي جوڙيوال ۽ وڏيرا شاهي جي عوام دشمني کي چٽو ۽ نروار ڪرڻ سان گڏو گڏ سنڌ جي قومي سوال کي علائقائي توڙي عالمي سطح تي پنهنجا حمايتي ۽ اتحادي ڳولهڻ ۽ ٺاهڻ جي ضرورت آهي. سائين جي ايم سيد حياتي ۽ جدوجهد ايم حنيف لاشاري سائين جي ايم سيد جو خاندان شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي مٽياري سيدن جي سنائيءَ شاخ سان واسطو رکي ٿو. پاڻ سيد صاحب شاهه حيدر رحمته الله عليه جي اولاد ۽ نسبت هئڻ سبب ان گاديءَ جا چوڏهون نمبر سجاده نشين ٿيا، پاڻ سيد محمد شاهه سنائيءَ جي گهر ۾، ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع تي ڇنڇر جي ڏينهن پيدا ٿيا ۽ سندن نالو سيد غلام مرتضيٰ شاهه رکيو ويو ۽ بعد ۾ جي. ايم. سيد جي نالي سان سڏجڻ لڳا. سال ۱۹۱۵ع ۾ پاڻ سنڌي پرائمري تعليم پرائي، انهي کانپوءِ انگريزي ۽ فارسي تعليم شروع ڪيائون.پاڻ تعليم خانگي طور حاصل ڪيائون ۽ سمورو وقت گهر جي حويليءَ اندر کيس محفوظ انتظام هيٺ رهڻو پيو، ان جو سبب ڪٽنبي تڪرار ۽ سندن والد صاحب جي شهادت هو. ننڍپڻ کان ئي ذهين هجڻ سبب سنڌي سماج جو ويجهڙائي کان جائزو ورتائون ۽ مدي خارج رسمن خلاف ۱۴ ورهين جي ننڍي عمر ۾ سن شهر ۾ ”انجمنِ مسلمين سن“ قائم ڪري، تحريڪ هلائي، ڳوٺ جي ماڻهن ۾ سماجي شعور پيدا ڪيائون. ته جيئن غريب طبقي ۾ اهڙين سماجي رسمن جي موقعي تي پنهنجن وسيلن کان وڌيڪ خرچ ڪرڻ ۾ ڪمي اچي ۽ ان طبقي مٿان معاشي بار گهٽجي سگهي ۱۷ مارچ ۱۹۲۰ع تي سن شهر ۾ خلافت ڪانفرنس جو اجلاس سڏائي، پنهنجي سياسي زندگيءَ جي شروعات ڪيائون. پاڻ ۲۶ اپريل ۱۹۲۰ع ۾ مخدوم بلاول جي درگاهه تي ميز تي چڙهي جلسي ۾ پهرين تقرير ڪيائون، ڇو ته ننڍي عمر هئڻ سبب سندن قد ننڍو هو. سائين جي. ايم. سيد پنهنجي ننڍڙي عمر جي سياسي زندگيءَ ۾ برک سياستدانن سان ملاقاتون شروع ڪيون. کيس مهاتما گانڌيءَ جي شخصيت ۽ سياست کين گهڻو متاثر ڪيو. انهيءَ ڪري ۲۷ اپريل ۱۹۲۱ع تي سن اسٽيشن تي وڃي گانڌيءَ سان ملاقات ڪري، ساڻس سياسي ڳالهين جي ڏي وٺ ڪيائون ۽ گانڌيءَ پاران کين کاڌيءَ جي ڪپڙن پائڻ جي هدايت ملي. جنهن کان متاثر ٿي، پاڻ کاڌيءَ جا ڪپڙا پائڻ شروع ڪيائون. سيد صاحب کي اهو پڪو ويساهه هو ته سماج ۾ سڌارن ۽ ترقيءَ وسيلي انقلاب اچي سگهي ٿو، ۽ اهڙي تبديليءَ جي عملي شروعات پنهنجي برادريءَ کان ڪيائون. تنهن ڪري پاڻ مارچ ۱۹۲۴ع ۾ سنڌ ۾ سيدن جي تعليم ۽ تنظيم لاءِ سَنَ ۾ پهرين ”انجمن سادات مٽياري“ قائم ڪيائون، جنهن سنڌ جي سيدن ۾ تعليمي، معاشي ۽ سماجي جاڳرتا جو ڪردار نڀايو. سيد صاحب جيئن ته هڪ روشن خيال آبادگار به هو، تنهن ڪري سال ۱۹۲۵ع ۾ سيٺ محمد جعفر خواجه سان گڏجي آبادگارن جي ايسوسيئيشن ٺاهيائون: جنهن سنڌ ۾ زرعي سڌارن ۽ اُپت جي نون طريقن وسيلي زراعت سان لاڳاپيل طبقن ۾ معاشي تبديلي آندي. ان کان پوءِ پاڻ ڪراچي ضلعي لوڪل بورڊ جو ميمبر ٿيا. ۽ سڀ کان اڳ ۾ تعليمي سڌارا پنهنجي اباڻي ڳوٺ سن کان ابتدا ڪندي، انگريزيءَ جا اي. وي ڪلاس شروع ڪرايائون، ۱۹۲۶ع ۾ نياڻين جي تعليم پرائڻ لاءِ نياڻين لاءِ اسڪول ۽ ان سان گڏ هارين، نارين ۽ پورهيتن لاءِ رات جا اسڪول قائم ڪيائون، ۽ اهڙيءَ ريت پنهنجي ڳوٺ ۽ آسپاس جي ماڻهن ۾ تعليمي شعور وڌائڻ لاءِ پاڻ پتوڙيائون. پاڻ پوءِ ۱۹۲۸ع ۾ ڪراچي ضلعي لوڪل بورڊ جي صدر طور ”ڳوٺ سڌار تحريڪ“ جو بنياد وڌائون. اُن کان اڳ سال ۱۹۲۶ع کان وٺي سيد حيدر سنائيءَ جي درگاهه تي سالياني عرس جي موقعي تي ”محال مانجهندن جي تعليمي ترقي ۽ معاشرتي اصلاح“ لاءِ ڪانفرنس سڏايائون. ۱۹۲۸ع ۾ سنڌ ۾ بمبئي پرڳڻي کان آزاديءَ جي تحريڪ هلي ته شروعات ۾ ٽي اهم ڪانفرنسون ٿيون، جن ۾ پاڻ سنڌ جي چوٽيءَ جي اڳواڻن سان گڏجي برطانوي سامراج اڳيان انگن اکرن سان ثابت ڪيائون ته سنڌ جو بمبئيءَ سان ڳانڍاپو غير قانوني ۽ غير اخلاقي فيصلو هو. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ميلي جي موقعي تي اڄ به ادبي ۽ ثقافتي ڪانفرنس جو دستور قائم آهي، حقيقت ۾ ان سلسلي جي شروعات ۽ رواج به پاڻ ميران محمد شاهه سان گڏجي سال ۱۹۳۰ع ۾ وڌائون. سنڌ جي مفڪر سائين جي. ايم. سيد پنهنجي دور رس نظر سان اهو محسوس ڪيو ته جيستائين سنڌ جي هارين ۾ شعور پيدا نه ٿيندو، تيستائين کين جائز حق نه ملي سگهندا ۽ سنڌ جي زراعت ۾ بهتر تبديليءَ کان سواءِ معاشرتي تبديلي ناممڪن هئي، ان ڏس ۾ پاڻ سال ۱۹۳۰ع ۾ جمشيد مهتا سان گڏجي ميرپورخاص ۾ ”سنڌ هاري ڪانفرنس“ سڏايائون. هي هاري تحريڪ اڳتي هلي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ هارين کي پنهنجا حق وٺي ڏيڻ ۾ ڀرپور سرگرم رهي. پاڻ هاري ڪاميٽيءَ ۾ سال ۱۹۵۴ع تائين ميمبر طور ڪم ڪندا آيا. ”سنڌ هاري ڪميٽي“ جو بنياد رکڻ حقيقت ۾ هڪ روشن خيال ۽ ترقي پسند سوچ جو نتيجو هو، جيڪو سندن ڪيترن ڪارنامن مان هڪ بي مثال ڪارنامو آهي. ۱۹۲۸ع کان عظيم الشان تعليمي اداري سنڌ مدرسي جي جنرل باڊيءَ ۽ ان جي ورڪنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر ٿي، مدرسي جي تعليمي معيار ۽ ان جي سڌاري لاءِ ڏينهن رات محنت ڪيائون. سال ۱۹۲۹ع ۾ ڪراچي ضلعي جي عورتن ۾ تعليم لاءِ دلچسپي پيدا ڪرڻ، عورتن جي هنرن جي ترقي ۽ تيار ڪيل شين جي وڪري لاءِ هڪ جٿو تيار ڪيائون، جنهن کي ”رورل وومين ويلفيئر ايسوسيئيشن“ نالو ڏنائون. ۱۹۳۲ع ۾ سنڌي ساهت ادب ۽ سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽين جو ميمبر ٿي، گهڻي سرگرميءَ سان حصو وٺندا رهيا. ۱۹۳۷ع ۾ هو پهريون ڀيرو سنڌ قانونسازي اسيمبليء جو ميمبر چونڊجي آيو ۱۹۳۸ع ۾ مسلم ليگ جي مرڪزي صدر محمد علي جناح کي حاجي عبدالله هارون دعوت ڏئي سنڌ ۾ گهرايو جنهن ۾ سيد صاحب هڪ مبصر جي حيثيت ۾ شامل ٿيو جناح صاحب سائين جي ايم سيد جي شخصيت کان متاثر ٿي کيس مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني جيڪا پاڻ قبول ڪيائون ۽ مسلم ليگ جوائن ڪيائون ۱۹۴۰ع ۾ سائين جي ايم سيد سنڌ جي تعليم کاتي جو وزير ٿيو ۱۹۴۱ع ۾ هوُ آل انڊيا مسلم ليگ سينٽرل ڪاميٽي جو ميمبر بڻيو ۱۹۴۲ع ۾ سنڌ مسلم ليگ جو صدر چونڊجي ويو ۽ صدر چونڊجڻ جي هڪ سال کانپوءِ ۱۹۴۳ع ۾ هوُ سنڌ اسيمبليء کان پاڪستان جي حق ۾ ٺهراء پاس ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو سنڌ جي تاريخ جي هڪ اهم باهدر ڪردار حيدر سنائيء جي خاندان جي چشمو چراخ جي ايم سيد جي سياست جو ٻيو دور تڏهن شروع ٿيو جڏهن هن ۱۹۴۶ع ۾ مسلم ليگ تان استعيفا ڏيئي پنهنجي الڳ پارٽي جوڙي جنهن جو نالو پروگريسو مسلم ليگ رکيائين ساڳئي سال هُو سنڌ مخلوق پارٽي جو ليڊر پڻ چونڊجي ويو ۱۹۵۴ع ۾ سنڌ ادبي بورڊ جو چيئرمين چونڊجي ويو ۱۹۵۵ع ۾ هن پاڪستان نيشنل پارٽيء واري عمل ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ۱۹۶۶ع ۾ هن بزم صوفيائي سنڌ جو قيام عمل ۾ آندو ۱۹۶۹ع ۾ سنڌ يونائيٽيڊ فرنٽ جوڙيو ۱۹۷۱ع ۾ هُو ملڪ جي وفاقي سياست کان بلڪل مايوس ٿي ويو ۽ هن سنڌ جي ماڻهن جي لاءِ حق خودراديت جو اعلان ڪيو ۽ ان لاءِ هن ۱۹۷۳ع ۾ جيئي سنڌ تحريڪ نالي پارٽي جوڙي سياست جيڪو جنگ ۽ جدُل جو ميدان آهي ان ۾ ڀرپور ۽ سرگرم ڪردار ادا ڪرڻ کانپوءِ ب هن قومپرست سياستدان ۶۵ اميق ۽ زخيم ڪتاب پڻ لکيا ان ڪتاب جو موضوع ادب کان وٺي سياست ۽ مذهب کان وٺي ثقافت ۽ ڪلچر تي پکڙيل آهن راڳ، شاعري ۽ موسيقيء سان گهرو شُگفت رکندڙ ۽ ۳۰هن سالن کان وڌيڪ عرصي تائين عدم تشدد جي سياست ۽ فلسفي ۾ يقين رکندڙ هن صوفي منش ۽ سنڌ جي عاشق سياستدان کي جيلن ۾ قيد ڪرڻ ۽ نظربنديء دوران سنڌ جي عاشق رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد ۲۵ اپريل ۱۹۹۵ع تي جناح اسپتال ڪراچيء ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو ۳۰هن سالن کان وڌيڪ ڊگهين جيلا تريات ۽ نظربنديء دوران ئي فوت ٿي وڃڻ سبب Mnstem انٽرنيشل پاران کيس ضمير جي قيديء جي اعزاز سان نوازيو ويو ۱۷ جنوري ۲۰۱۴ تي سنڌ جي هڪ ننڍڙي شهر سان تعلق رکندڙ سياستدان، صوفي ۽ سنڌ جي عاشق سائين جي ايم سيد جي ۱۱۰ سالگرهه آهي. سنڌ جي هن عظيم رهبر سائين جي ايم سيد کي سنڌ اڄ هن جي ۱۱۰ سالگرهه تي دل جي گهرائين سان ياد ڪري ٿي. سيد کي حساب ڏيڻ جو ڏينهن ۱۷ جنوري سجاد شر اڄ ان عظيم هستيءَ جو جنم ڏهاڙو آهي، جنهن اتحادِ انساني، امن عالم ۽ ترقي بني آدم جي نعري هيٺ، انسان جي آزادي ۽ تشڪيل نو جي ڳالهه ڪئي. اهو جي ايم سيد جيڪو ٻاروتڻ ۾ يتيمي جو احساس کڻي پليو، ان لڪيءَ جي لاون جي اوٻر کي اوپرو محسوس ڪرڻ بجاءِ، سموري سنڌ جو درد سيني ۾ سمائي هلڻ جو وچن ڪيو. اهو سائين جي ايم سيد، جيڪو نه صرف پنهنجي لکڻين ۾، پر پنهنجي عمل ۾ به انتهائي وسيع هو. ان جڏهن کان گانڌي کي ڌارين ۽ ان جي شين سان نفرت سان سرشار ڏٺو ته انگريزي يا وديشي لباس کان کاڌيءَ کي ترجيح ڏيئي پهرڻ لڳو. اهو سائين جي ايم سيد جڏهن ڪراچي لوڪل بورڊ جو صدر بڻيو ته شهري ۽ ٻهراڙي جي آبادين جي بنا فرق جي خدمت ڪرڻ لڳو ۽ جديد ڪراچي جا بنياد رکيائين. سائين جي ايم سيد جڏهن تعليم جو وزير بڻيو ته سنڌ يونيورسٽي جهڙو ادارو ڏيڻ جو عزم ڪيائين ته، ان کي عملي جامو به پارائي ڏيکاريائين. پورهيتن ۽ هارين جي حوالي سان قانون سازي ۾ به سيد جو وڏو هٿ رهيو. سائين جي ايم سيد تي مخالف ڀلي ته منزل گاهه مسجد واري واقعي تي تنقيد ڪندا هجن، تاريخ ائين به چئي ٿي ته پاڪستان جو پهريون ٺهراءُ پاس ڪرائيندڙ به جي ايم سيد هو، ته ساڳئي اسيمبلي جڏهن انگريز سامراج جي ونگار وهندي وطن يا ڪفن، آزادي يا موت جو نعرو هڻندڙ سورهيه بادشاهه، ان جي ساٿين ۽ سنڌ جي سرويچن خلاف حُر ايڪٽ پاس ڪيو ته ان جي عملي مخالفت به سائين جي ايم سيد جي کاتي ۾ وڃي ٿي. سائين جي ايم سيد جنوري ۾ جنم وٺڻ باوجود به مزاج ۾ گرم ئي رهيو. هن مسلم ليگي اڳواڻن کي به منهن تي سچ چوندي مسلم ليگ جي صدارت ڇڏي ڏني. پاڪستان ٺهڻ بعد جڏهن ڪراچي سنڌ کان کسي وئي، شهر کي وسائيندڙ هندو سنڌي دربدري جي عذاب ۾ مبتلا ڪيا ويا ته جي ايم سيد سنڌ سان عشق جي ڳالهه ڪرڻ تي پاڪستان جو پهريون سياسي قيدي بڻيو. سائين جي ايم سيد سان ڪنهن کي لک اختلاف ڀلي هجن پر اهي ان ڳالهه کان ڪڏهن به انڪاري نه ٿيندا ته سنڌ جا حڪمران برهمڻ، سومرا، سما، ۽ ٽالپر هئا يا محڪوم سنڌ ۾ ماڻهو ڪانگريسي، ليگي هئا، انهن کي سنڌين جهڙي خوبصورت شناخت جي ايم سيد ڏني، ان کان پهرين سنڌي ٿي ڪڏهن انهن سوچيو ئي ڪو نه هو! سائين جي ايم سيد لوڪل بورڊ جي سياست کان پارلياماني سياست جا سڀ دڳ آزمايا هئا پر جيئن ته سنڌ جي قومي محڪوميءَ وارو مرض پراڻو يا ناسور ٿي چڪو هو، تنهن ڪري ان جو علاج لهي نه سگھيو ته پاڻ بزمِ صوفياءِ سنڌ جهڙي الهه لوڪ تنظيم ٺاهي عام ماڻهو سان ملڻ لاءِ ميلن، ملاکڙن ۽ ڪچهرين ذريعي انهن ڏانهن رجوع ڪيائين. تاريخ جي ڄاڻو شخص انهن تجربن کي بار بار ان جي ڪري ٿي دهرايو، ڇو ته سڀني قاعدن ۽ ضابطن يا پارٽين کان مٿي سنڌ ۽ سنڌ ڪاز هو، پر باوجود ان جي پاڻ تصنيف ۽ تاليف يعني لکڻ پڙهڻ جي عمل کي پڻ جاري رکندو آيو. سائين جي ايم سيد جڏهن پيغامِ لطيف لکيو ته شاهه لطيف جي حقيقي عشق ۽ انداز جي اهڙي ته تشريح ڪيائين، جو سيد جو استاد علام آءِ آءِ قاضي شاهه لطيف کي دنيا جو وڏي ۾ وڏو شاعر چئي ويٺو. شاهه لطيف جي راڳ ۽ ويراڳ، جوڳين ۽ سناسين، کاهوڙين ۽ سورمين جي ڪردار ۾ حقيقي معنيٰ ڳولي لهڻ وارو به صرف جي ايم سيد هو. پاڻ جڏهن ”سنڌوءَ جي ساڃاهه“ لکيائين ته مهراڻ جي ماٿريءَ تي اهڙو انمول موقف پيش ڪيائين، جنهن ۾ ڄڻ موهن جي دڙي جي سمبارا ۽ ڪنگ پريسٽ پاڻ ڳالهائي سنڌ جي تشريح ڪري رهيا هجن. سائين جي ايم سيد جڏهن ڏٺو ته ووٽن واري سياست آشيروادي ۽ انجنيئرنگ جو ڪمال هجي ٿي (ڌانڌلي ذريعي نتيجا ڦريا وڃن ٿا) جنهن ۾ سنڌين کي ڪي به حق ناهن ملڻا ته پاڻ سنڌ جي مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽي جو رخ ڪيائين، اتي نوجوانن سان جهور پوڙهي، موهن جي دڙي کان وٺي هيل تائين ٿيل سڀني ڪهرن ۽ ڪلورن جو ذڪر ڪندي، ”سنڌ هڪ ملڪ رهيو آهي، سنڌي هڪ قوم آهي ۽ آجپو سندن حق آهي“، وارو نظريو ڏنو. (شايد ان ڪري ئي ڪنهن چيو ته سنڌ جو شعور سائين جي ايم سيد سان ۽ عام ماڻهو ڀُٽي سان گڏ آهن). سائين جي ايم سيد جڏهن ”رهبر“ ڪتاب لکيو ته ان کي اڄ به پڙهندي محسوس ٿيندو ته ڄڻ ڪو جرنيل يا سپهه سالار ساٿين سان جنگ جي ميدان ۾ مخاطب آهي. سائين جي ايم سيد هميشه عدم تشدد جي ڳالهه ڪئي. سائين جي ايم سيد ”سنڌ ڳالهائي ٿي“ جهڙو شاهڪار، ڀلي جو عدالتي بيان جي صورت ۾ لکيو هجي پر سنڌ جي تاريخ ۾ ان ڪتاب جي تمام وڏي اهميت آهي. پارس جهڙي پوڙهي جنهن هر دور ۾ ويڙهه وڙهي، جيڪو ڪڏهن به نه جهڪيو ۽ ڏاڍ تي ڏمرجندو رهيو، جنهن ساهه به قيد ۽ نظربندي جي حالت ۾ ڏنو ان جي ايم سيد جا وارث ”پرهه جي پيغام“ کي هنيانءُ سان هنڊائي نه سگھيا!!. پر اتي ئي تاريخ جي ايم سيد جي ڪريڊٽ ۾ اهي لکين انسان به ڇڏيا، جن انداهه ۽ انڌوڪار کي نه مڃيندي آڻ ناهي مڃي. اڄ به فڪرِ جي ايم سيد قائم ۽ دائم آهي، جيئي سنڌ جي جهنڊي کي ٺاهيندڙ اقبال ترين دنيا جي ڪهڙي ڪنڊ ۾ به هجي پر اڄ سائين جي ايم سيد جو فڪر ۽ جهنڊو هر سنڌي تائين پهتل آهي. اڄ ڀلي سائين جي ايم سيد اسان وٽ جسماني طرح موجود نه هجي پر ان پوڙهي شينهن جنهن ۳۲ سال ۱۰ مهينا ۽ ۲۳ ڏينهن قيد ۾ ڪٽيا، جنهن لاءِ نياز همايوني چيو ته: ڪنهن لاءِ سوچين، ڪنهن لاءِ لوچين، ڪنهن لاءِ گھنگھر گهارين ٿو، پوڙها پورهيت پارس جهڙا، ڪنهن لاءِ لوهه پگھارين ويٺو. چارڻ ويڪو، چنگ به ويڪو، نگري هن ۾ ننگ به ويڪو، پوءِ ڀلا او منهنجا سائين! ڪنهن لاءِ لوهه پگهارين ويٺو. پر ان جي محنت رائيگان ناهي وئي ۽ ان جو فڪر اسان وٽ موجود آهي. سائين جي ايم سيد سان ساٿ نڀائڻ لاءِ اڄ به لکين عاشق سن ۾ گڏجندا ۽ سائين جي ايم سيد سان تجديدِ عهد وفا ڪندا، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جا سمورا سنڌ پرست ۽ فڪر جي ايم سيد کي نصب العين سمجهندڙ دوست سيد جي مزار آڏو ان کي ساکي بڻائيندي پنهنجو پنهنجو احتساب ڪن ته، گذريل ۱۷ جنوري کان هيل تائين انهن سنڌ جي اشوز تي ڇا ڪيو؟ انهن جي جهوليءَ ۾ سائينءَ کي ڏيڻ جي لاءِ ڇا آهي؟ اگر اسين سڀ ائين خود تنقيدي جائزو وٺون ته منزل ڏور ناهي، نيٺ ته بهتر حڪمت عملين جوڙڻ سان سوڀارا ٿينداسين. سائين جي ايم سيد سٻاجهو ۽ سچو انسان لالا طاهر ميمڻ سنڌ سدائين سرويچ، پنهنجي پاڪ پويتر مٽيءَ مان سچا ۽ سُهڻا، سُلڇڻا، سٻاجها، اُتم ۽ اعليٰ انسان پيدا ڪيا آهن. هِنَ سرهاڻ جي ڌرتيءَ، جنهن جي مهڪ ايتري ته مِٺي آهي، جنهن جو ماپو ۽ مُلهه اَمُلهه آهي، جنهن جي جرڪ هميشه شاد ۽ آباد رهندي اچي پئي. هن سنڌ کي جڏهن به ڪنهن اُجاڙڻ جا سانباها ڪيا، تن کي نابوت ٿيڻو پيو ۽ اُنهن جو نالو ۽ نشان تاريخ پنهنجي لفظن ۾ اُجاڙ ڪوٽن ۽ کنڊراتن جي ڏيک جيان ڪتابن ۾ خاموش قبرن جيان چٽي ڇڏيا آهن ۽ جن سنڌوءَ جي سينڌ سنوارڻ لاءِ پنهنجين جانين جو نظرانو ڏئي، پاڪ ڌرتي جي هنج ۾ آرامي ٿي پنهنجي ڇڏيل ۽ ڪيل جدوجهد ۽ ڏنل سبق سُنهري لفظن سان هميشه پوري دنيا لاءِ آزاديءَ جو پيغام مشعل راهه ٿي روشنيءَ جي لاٽ روشن ڪندو ظالمن کي زير ڪندو سڀني کي سگهه ڏيندو اسان جي سنڌ کي جيئاريندو رهندو. سنڌ اُن عاشق جو عشق آهي، جنهن جي حد جي سرحد ڪائي ناهي، اهڙي ئي هن سنڌ جو نالو جي ايم سيد آهي، جنهن جي سنڌ ۽ سنڌين سميت انسانيت لاءِ ڪيل جدوجهد مثالي عشق جي منزل ڏانهن ويندڙ هڪ اهڙي منزل آهي، جنهن پنهنجي سڄي حياتي ڏونگر کان به ڏاڍين تڪليفن کي منهن ڏيندي مٽيءَ مٿان گهور ٿيندو رهيو. سائين جي ايم سيد اُها هستي آهي، جنهن جو نالو سنڌ دشمن ٻُڌي ڏڪي ويندا آهن، ڇوته سائين جي ايم سيد سنڌ هو ته اهڙي طرح اهڙن اڙٻُنگ انسانن لاءِ استاد بخاري فرمايو آهي ته: اسان کي فلسفو سائين، خوشيءَ غم جو نه سمجهايو، کلڻ آيو ته کلنداسين، روئڻ آيو ته روئينداسين، حيات ۽ موت جي ڇيڙي مسئلن کي نه ڊيڄاريو، حياتي آ ته جيئنداسين، موت آيو ته مرنداسين. (بخاري) سائين جي ايم سيد اها شخصيت هئي، جنهن سنڌ عشق خاطر ڦوهه جوانيءَ کان آخري دم تائين سنڌ لاءِ پنهنجا ذاتي سڀئي خواب سهائي ڇڏيا. سنڌ تي ڪهڙي به قسم جي ڏاڍائي يا بي واجبي ٿيندي ڏسندا هئا ته پاڻ کي بيچين ڪندي سنڌ کي بچائڻ لاءِ روڊن رستن، جيل يا نظربند آهن ته قلم جي ذريعي سامراجي قوتن سان مهاڏو اٽڪائيندا رهيا. سندس جُستجو هميشه سنڌ ۽ سنڌ واسين انسانيت جي پرچار ۽ اُنهن جي حقن خاطر دشمنن آڏو رُڪ جي ديوار بڻجي ظالمن جي اک ۾ ڪنڊو بڻجندو رهندو هو. سائين جي ايم سيد سنڌ جي اُها سرهاڻ هئي، جڏهن به پاڻ گهڙي پل آزاد ٿيندا هئا ته سندس اُن سرهاڻ جي خوشبوءَ ايتري ته مهڪي پوندي هئي جو هزارن جي تعداد ۾ سندس واس وٺڻ لاءِ پتنگا کيس آجيان لاءِ سندس گاڏيءَ ۾ گهيرو ڪندي واس وٺندا هئا ۽ گهر ويهڻ بجاءِ سنڌ جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ ماروئڙن جي تانگ کيس ويهڻ نه ڏيندي هئي، پاڻ روڊن رستن، ڳوٺن شهرن، جهرجهنگ سنڌ گهري ٿي حق ۽ خودمختياري جو نعرو هڻي ڪهاڙي واري جهنڊي ساڻ ڌرتيءَ جي حقن خاطر ڌرتي ڌڻين کي آگاهه ڪندو رهندو هو ته اوهان سنڌ جا اصل وارث آهيو، اوهان پنهنجي سنڌ جي وارثي ڪريو. پنجاب سامراج اسان جو اصل ويري آهي، پنجاب اسان جي حقن تي ڌاڙا هنيو ويٺو آهي، اوهان سجاڳ ٿيو، سنڌ اوهان جي جاگير آهي. اوهان سنڌ واسي پنهنجي سنڌ جي دشمن کي سڃاڻو، ڌاريو ۽ غير سنڌ کي گهيرو ڪري ويٺا آهن، انهن ڌارين، غيرن ۽ غاصبن کي سنڌ مان ڪڍڻو آهي، سائين جي ايم سيد بخاري جي هن بيت جيان چوندو رهي پيو ته: ڪيترن ڪمزور هٿڙن جي شڪست، ڏاڍ کي چٿڙيون ڪري ڦاڙي ڇڏيان! ڪيترن شهزور جُنبن جي گرفت، ظلم کي ذرڙيون ڪري ساڙي ڇڏيان! (بخاري) سائين جي ايم سيد اهو روشن عقل انسان عشق سنڌ جو سرواڻ سچ ۽ صوفيت جو پيغام هو، جنهن نيٺ ۽ نوڙت محبت جو درس ڏئي پاڻ پڻ هڪ مثال بڻجي ويو، جنهن جي مثالن جو بيان ڪهڙن لفظن سان ڪريان. سائين جي ايم سيد سنڌ سان عشق جي ڪري وقت جي جابر حڪمرانن مٿس ڪيترائي ڪيس ڪيا. ان سلسلي ۾ ڪورٽن ۾ ٽائيم تي اچڻ ۽ وري هزارن جي تعداد ۾ اُتي سندس چاهيندڙ جوان ويندا هئا. ڪڏهن به سيد تي تاريخ کان اڳ جلوس يا ريلي ڪڍي ويندي هئي ته ظالم حڪمران ۽ سامراجي عنصر ڪوڙا ڪيس مڙهيندا هئا ۽ رستا روڪ ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن روايت مطابق کيس جڙتو ڪيسن ۾ گرفتار ڪندا هئا، جنهن جي سيد کي ڪابه پرواهه نه هوندي هئي، ان جاءِ تي بخاري چئي ٿو ته: جي جهنگ ڪندو تنگ ته ساڙي اچبو، هوندو جي بيابان ته لتاڙي اچبو، اي منزل مقصود، هي واعدو آ، آيو جي اڳيان اُڀ ته به ڦاڙي ڇڏبو. (بخاري) سائين جي ايم جيل جي قيد کي ڀاڪر پائي چمندو هو، ڇو ته هميشه چوندو هو ته مٺڙي سنڌ جي محبت جيل جون هي اوچتون ديوارون ۽ پهرا حقن ۽ خودمختياري جي علم کان اوچا ناهن. سنڌ جي آزاديءَ ۾ هي قيد ڪجهه به ناهي، اسان جو هي قيد اميد جي شمع آهي، جنهن جي روشني جي لاٽ پوري دنيا ڏسندي رهندي، اسان کي ظالمن جون سختيون ڪڏهن به جهڪائي نه ٿيون سگهن. لوڀ ۽ لالچون اسان کي خريد نه ٿيون ڪري سگهن، اسان اُهي انسان آهيون جنهن جو محور محبت، انسانيت ۽ امن آهي، جنهن لاءِ هي جنگ اسان جوٽي آهي. ڀٽائي، سچل، سامي هن پاڪ پويتر ڌرتي تي جن به هن ڌرتي تي جنم ورتو ۽ مخدوم بلاول، صوفي شاهه عنايت، بختاور، هيمون ڪالاڻي، پنهنجي جيون جي امن محبت انسانيت ۾ زنده رهندا. سائين جي ايم سيد ساڻن ملاقات جو احوال ذوالفقار قادري سياسي وابستگي پنهنجي جاءِ تي پر ڪوشش رهيم ته برک سياسي اڳواڻن سان روبرو ملي ڪچهري جو شرف حاصل ڪجي، هن مختصر حياتي ۾ مون کي ذوالفقار علي ڀٽو، سائين جي ايم سيد، بينظير ڀٽو صاحبه، مير مرتضيٰ، نواب اڪبر بگٽي، ولي خان، نواب خير بخش مري، مير شير محمد مري عرف جنرل شيروف، سردار عطاءُ الله مينگل، فاضل راهو جهڙين ڪيترين ئي قدآور شخصيتن سان ملڻ جو شرف حاصل رهيو، سائين جي ايم سيد سان به ملڻ جي اڪير رهي، اهو ۱۹۸۱ع جو سال هو مان مارشل لا ريگيوليشن ۱۳ ۽ ۳۳ ھيٺ گرفتار هئس، ڪيس سمري ملٽري ڪورٽ لاڙڪاڻي ۾ زير سماعت هو، ڪڏھن سينٽرل جيل سکر ته ڪڏھن لاڙڪاڻي جيل ۾ ڪيس جي سماعت دوران ڪڏھن ڪڏھن پوليس عارضي حوالگي طور تعلقي ٿاڻي لاڙڪاڻي جي لاڪ اپ ۾ به رکندي هئي، اهو تعلقي ٿاڻي جو لاڪ اپ ئي هيو منهنجو بسترو لاڪ اپ جي دروازي سان ئي هئو انهن ڏينهن ۾ تعلقي ٿاڻي جو ايس ايڇ او شاهه محمد سنجراڻي هو هڪ رات پوليس هڪ قدآور سهڻي نوجوان کي گرفتار ڪري کڻي آئي ۽ کيس لاڪ اپ حوالي ڪيائون، جيئن ته منهنجو بسترو لاڪ اپ جي دروازي سان ئي لڳل هو سو ان نو وارد نوجوان جي آجيان ڪرڻ وارو به مان ئي هئس، هٿ ڏئي کيس بستري تي ويهڻ لاءِ چيو مانس حالي احوالي ٿياسين ته نوجوان ٻڌايو منهنجو نالو بشير قريشي آھي، زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام جو شاگرد آھيان، پوليس چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج مان گرفتار ڪري آئي آھي، جيئي سنڌ سان تعلق آھي، بس پوءِ بشير خان ۽ مان جيل جي ٻولي مطابق هنڊي وال ٿي وياسين، بشير خان جلد ئي سيشن ڪورٽ مان ضمانت ٿيڻ بعد آزاد ٿي ويو پر اسان جو پاڻ ۾ جيڪو محبت، عزت، احترام ۽ دوستي وارو تعلق جڙيو، اهو سندس شھادت تائين برقرار رهيو. مون بشير خان سان اسيري وارن ڏينهن ۾ ئي سائين جي ايم سيد سان ملڻ جي خواهش جو اظھار ڪيو هو، چيائين خير سان آزاد ٿيو ته پوءِ سن هلنداسين، خير سان بشير خان ته جلد آزاد ٿي ويو مون کي وري سمري ملٽري ڪورٽ طرفان سخت پورهئي ۽ ڪوڙن جي سزا ٻڌائي وئي، مان ڊسٽرڪٽ جيل لاڙڪاڻو، سينٽرل جيل سکر ۽ لانڍي جيل ڪراچي جي ياترا ڪري مارچ ۱۹۸۳ع ۾ آزاد ٿيس، اهو جون ۱۹۸۳ع جو سال هيو مان ڄامشورو اسٽيشن تان پسينجر ريل گاڏي ۾ چڙھي لاڙڪاڻي پئي ويس، ٽرين جڏھن ”سن “ ريلوي اسٽيشن تي بيٺي ته اوچتو مون کي سائين جي ايم سيد سان ملڻ جو خيال آيو، سو فوراً ريل مان لهي پيس انهن ڏينهن ۾ سائين جي ايم سيد ”سن“ ۾ نظربند هو، پر ساڻس سان ملڻ لاءِ اچڻ وارن مهمانن، ملاقاتين ۽ دوستن تي پابندي نه هئي البته ”سن“ کان ٻاهر وڃڻ لاءِ سنڌ جي هوم ڊپارٽمنٽ کي آگاهه ڪرڻ ۽ اجازت ضروري هئي، مان ريل تان لهي هڪ ٽانگي وارو کي چيو سائين جي ايم سيد ڏي وڃڻو آھي، ٽانگي واري ٻڌايو ته سائين سنڌو درياهه واري اوطاق تي به ايندو آھي پر جيئن ته منجهند ٽاڪ ۽ گرمي آھي، سو سائين حويلي واري اوطاق تي هوندو، مون چيو جتي اوهان کڻي هلو سو اسٽيشن تان ٽانگي تي چڙھي ”سن“ شهر روانو ٿيس هڪ منجهند ٽاڪ مٿان ڇتي گرمي جو گهوڙي کان به پگهر پئي هليو، خير سان ٽانگي واري حويلي وٽ اچي لاٿو ۽ چيائين اها سامهون سائين جي اوطاق اٿئي، مان زندگي ۾ پهريون دفعو ”سن“ آيو هئس پر ان ڏينهن ايڏي گرمي هئي جو الامان مان خير سان سائين جي ايم سيد جي حويلي سان لڳو لڳ اوطاق ۾ آيس ته ڪوئي ڪونه هيو هڪ همراهه ورانڊي ۾ رکيل کٽ تي ليٽيو پيو هو، مون کي ڏسي چيائين ڪنهن سان ملندؤ مون کيس ٻڌايو ته سائين جي ايم سيد سان ملڻو آھي، همراهه اٿي هٿ ڏنو ۽ ٻڌايائين ته سائين اوطاق ۾ ھئا ڪجهه ملاقاتي آيا هيس سائين جن صبح کان اتي اوطاق تي ئي هئا ملاقاتين جي وڃڻ کان بعد ڪجهه دير اڳ سائين اٿي اندر حويلي طرف هليا ويا آھن. باقي اوهان کي ملڻو آ ته ڪمري اندر هلي ويهو، جهڙي مهل به سائين جن آيا ته ملاقات ٿي ويندي، مان سائين جي اوطاق جي ان ڪمري ۾ آيس جتي سائين اڪثر مهمانن سان ملندو هو ڪمري ۾ جيئن ئي اندر داخل ٿيس سامهون ديوار تي پينٽنگ ٿيل سنڌ جو نقشو لڳل نظر آيو، جنهن ۾ سنڌ جي نقشي جي مين بائونڊري کي زنجيرن سان جڪڙيل ڏيکاريو ويو هو ۽ نقشي اندر انگريزي ۾ “A Nation in Chains“ لکيل هو، ڪمري جي هڪ ڪنڊ تي رکيل ٽيبل تي ڪنهن آرٽسٽ جي هٿن سان پلاسٽڪ آف پيرس جو ٺھيل سائين جي ايم سيد جو مجسمو پيو هو، ڪمري ۾ سائيڊ سان ڪتابن جي ريڪ پئي هئي، جنهن تي ڪافي تاريخي ڪتاب نظر آيم ڀر ۾ ڪجهه ڪرسيون به رکيل هيون، ڪمري جي وچ تي نصرپور جي جنڊي تي ٺھيل ٻه کٽون رکيل جنهن تي سنڌي ٽڪ تي ٺھيل رلهيون وڇايل هيون، ڇتي گرمي مٿان ٿڪل هئس سو هڪ کٽ تي ويٺس ته ڪا خبر ئي نه پئي، ننڊ اچي وئي ڪا مهل ٿي ته جاڳ ٿيم ڏٺم ته ڀر واري کٽ تي هڪ جهور پوڙھو اگهور ننڊ ۾ ستو پيو هو، غور سان ڏٺم ته سائين جي ايم سيد ستو پيو هو، مان اٿي اچي ورانڊي ۾ ويٺل همراهه کان پڇا ڪئي جنهن ٻڌايو ته تون ستو پيو هئين ته اوچتو سائين حويلي کان اوطاق تي آيو، توکي ستل ڏٺائين مون کيس ٻڌايو ته آھي ته الائي ڪير پر اوهان سان ملڻ آيو آهي، همراهه وڌيڪ ٻڌايو ته مون سائين کي چيو ننڊ مان اٿاريانس ته سائين سختي سان منع ڪئي ته گرمي ۾ خبر ناهي الائي ڪٿان ٿڪل آيو هوندو، ڀل آرام ڪرڻ ڏيوس پوءِ سائين تنهنجي اٿڻ جي انتظار ۾ پاڻ به ڀر واري کٽ تي مهي پيا اسان پاڻ ۾ ڪچهري پئي ڪئي ته سائين کي جاڳ ٿي، مان اٿي وڃي سائين سان نوڙي ادب احترام سان مليم، سائين جي پڇڻ کان اڳ ئي جيڪو سچ هئو، مون سائين کي ٻڌايو ته منهنجو ڪوبه تعلق اوهان جي فڪر هيٺ ڪم ڪندڙ تنظيم سان ڪونهي مون کي صرف اوهان سان ملڻ جي سڪ ضرور هئي، سو اچي حاضر ٿيو آھيان، سائين مرڪي چيو ته مون کي ان ڳالهه سان ڪو به سروڪار ڪونهي ته ڪو منهنجي نظرئي جو پوئلڳ آھي يا ناهي، منهنجي لاءِ اوهان سڀ منهنجا ٻچا آھيو، سائين سڀ کان پهرين مون کان پڇا ڪئي ته ماني کاڌي اٿئي مون کيس ٻڌايو ته ماني ناهي کاڌي سو سائين نوڪر کي سڏيو ۽ کيس چيائين حويلي نياپو ڏيو ته اوطاق ڏي هڪ مهمان جي ماني موڪليو، اهو همراهه سائين جو حڪم ٻڌي روانو ٿي ويو. هاڻي اوطاق ۾ سائين جي ايم سيد ۽ مون کان سواءِ ٻيو ڪو به نه هو سو موقعي جو فائدو وٺندي مون سائين کان سڀ کان پهرين سوال ڪيو ته “ڀُٽي صاحب جي باري ۾ اوهان ڇا چوندا؟ (ياد رهي ته ڀُٽي صاحب کي ڦاسي اچي چڪي هئي) هيترن سالن گذرڻ بعد به مون کي اهو لمحو اڄ به ياد آھي ته جڏھن مون اوچتو سائين جي ايم سيد کان ڀُٽي صاحب جي باري ۾ سوال ڪيو ته سائين جي چهري تي مون کي ڪروڌ نظر آيو ۽ سائين پنهجي چپن کي خاص طور هيٺين چپ کي ڏندن ۾ ڀڪوڙي هڪ لمحي لاءِ خاموش ٿي ويو ۽ پوءِ پنهنجي خاموشي کي ٽوڙيندي چيائين“ ذوالفقار علي ڀُٽي جو پيءُ شاهنواز منهنجو دوست هو، ڀٽو مون کي چاچا ڪري سڏيندو هو، شاهنواز ۽ اسان گڏجي ڪافي تحريڪن ۾ حصو به ورتو اسان جو هڪ ٻئي سان مرڻي پرڻي اٿڻ ويهڻ ھو، شاهنواز جڏھن ڀُٽي جي طوهر جي تقريب ڪئي هئي ته مون کي به دعوت جو ڪارڊ موڪليو هئائين ۽ مان شرڪت به ڪئي هئي، سنڌ پنهنجي ويجهڙ واري تاريخ ۾ ٽي ذھين ماڻھو پيدا ڪيا، محمد علي جناح، پير علي محمد شاهه راشدي ۽ ذوالفقار علي ڀٽو، پر ٽنهي ماڻھن سنڌ لاءِ اهو ڪجهه نه ڪيو جيڪو کين ڪرڻ کپندو هو، تاريخ کين موقعو به ڏنو پر هنن اهو ڪردار ادا نه ڪيو جناح سميت سڀني کي پنجابين پنهنجي مفادن لاءِ استعمال ڪيو پنجابين وٽ ته راڻا رنجيت سنگهه کان پوءِ ڪو اڳواڻ ئي پيدا نه ٿيو آھي پنجابين هميشه ٻين جي ڪلهي تي بندوق رکي هلائي آھي، جنهن پاڪستان لاءِ اسان ڪشالا ڪڍيا اهو ته پنجابستان بڻجي ويو، پنجابين وٽ ڪو ماڻھو نه هو، هنن سدائين اسلام، نظريا پاڪستان ۽ ھندستان جي خوف جا ڊپ ڏئي ڏنڊي جي زور تي حاڪميت ڪئي آھي، ڀُٽي کان به هنن ڪم ڪڍيا. ۱۹۷۲ع جي عبوري آئين جي منظوري وقت ولي خان ۽ ٻروچن عطاءُ الله مينگل، غوث بخش بزنجي ۽ نواب خير بخش مري وارن عبوري آئين تي صحيحون نه پئي ڪيون، ڀٽو مون سان مليو ۽ مون کان مدد گهريائين مون کيس سڌيون ٻڌايون چيائين چاچا اوهان مون کي موقعو ته ڏيو مون ولي خان ۽ ٻروچن سان ڳالهايو ولي خان جو پيءُ غفار خان منهنجو دوست هو مون کي ولي خان ۽ ٻروچن چيو پنجابين سدائين ڌوڪا ڪيا آھن هن دفعي ڀٽي کي اڳيان ڪري ڌوڪو پيا ڏين مون کين چيو اسان سدائين ڌوڪا کاڌا آھن هڪ ڌوڪو ٻيو سهي منهجي چوڻ تي ولي خان ۽ ٻروچن ۱۹۷۲ع جي آئين تي صحيحون ڪيون، اڳتي هلي ۱۹۷۲ع واري عبوري آئين ۾ اسان جي پڇڻ بنا ترميمون ڪري ان کي ۱۹۷۳ع جي آئين ۾ تبديل ڪيو ويو، ۱۹۷۳ع آئين جي منظوري کان پوءِ سڀ کان پهريون مان نظربند ٿيس، ڪجهه عرصي گذرڻ کان پوءِ ولي خان، مير غوث بخش بزنجو، سردار عطاءُ الله مينگل، نواب خير بخش مري، مير شير محمد مري وارا غداري الزام ۾ گرفتار ٿي حيدرآباد سينٽرل جيل پهتا ۽ مون ڏي ميار موڪليائون، ڀٽي مون کي هنن آڏو مياري ڪيو، سائين ڳالهائيندا رهيا مان غور سان سائين کي ٻڌندو رهيس سائين پنهنجي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چيو “ ڀُٽي کان پنجابين ڪم ورتا جڏھن هنن ڏٺو ته ڀٽو هاڻي اسان جي ڪم جو ناهي رهيو ته ڀُٽي کي ڦاهي ڏئي ڇڏين، فريادي به اهي شاهد به اهي جج به اهي ۽ ڦاهي ڏيڻ وارا به اهي ئي هئا. اتي ڪجهه ساهي بعد مون سائين جي ايم سيد کان بينظير صاحبه بابت پڇيو (واضح رهي ته بينظير صاحبه انهن ڏينهن ۾ ۷۰ ڪلفٽن ۾ نظربند هئي) سائين بينظير صاحبه لاءِ چيو “هو اسان جي نياڻي آھي، هن لاءِ عزت آھي، هو لکيل پڙھيل ۽ بهادر به آھي هن مان ماڻھن کي اميدون به آھن پر اڃا هو سياست جي ميدان ۾ نئين آھي. پيءُ جي نقش قدم تي هلي ته اهي ساڳيون قوتون جن هن جي پيءُ کي نه بخشيو اهي هن کي به نه ڇڏيندا. مون سائين کان جڏھن بلوچن جي باري ۾ پڇيو ته سائين ورندي ڏني ته “هن وقت تائين جيترا بلوچ مئا آھن، ان جي اڌ جيتري به سنڌي قرباني ڏين ها ته پاڪستان جي جاگرافيائي صورتحال تبديل ٿيل هجي ها، آزاد ٿيڻ کان بعد عطاءُ الله مينگل، مير غوث بخش بزنجو، نواب خير بخش مري ۽ مير شير محمد مري وارا مون سان ملڻ آيا هئا، مون کين چيو اوهان بهادر به آھيو ۽ ويڙھاڪ به ماڻھو به جام مئا اٿو پر جيسين اوهان سردارن جون پنهنجون پنهنجيون الڳ چڙھيل ڪنيون ۽ انائون ختم نه ٿينديون بلوچ ايئن مرندا رهندا، مون کائنس جڏھن سنڌين بابت پڇيو ته سائين چيو “سنڌين اڃا پنهنجي دوست دشمن کي ئي ناهي سڃاتو، ڏاڍو پڇتائيندا“ ايتري ۾ ماني اچي وئي سائين نوڪر کي چيو هيٺ دسترخوان وڇاءِ دسترخوان لڳو مان ته ماني ڏسي حيران ٿي ويس، ٻاڪري گوشت جو ٻوڙ، تريل مڇي، فرائي ٿيل ڀينڊيون، ڪڻڪ ۽ چانورن جي مکڻ سان مکيل ماني، اڇا چانور ۽ لسي موجود هئا. سائين مون سان هيٺ اچي دسترخوان تي ويٺا ۽ چيائين ماني کاءُ مون چيو سائين هي ته مون کان گهڻي آهي، اوهان به وٺو تنهن تي سائين چيو مان تمام گهٽ کائيندو آھيان، تنهن جي اچڻ کان ڪجهه دير اڳ مون ماني کاڌي آهي، مون به گهٽ نه ڪئي ڍؤ ڪري ماني کاڌي ماني کائي بس ڪيم ته سائين چيو گرمي آهي، شربت پيءُ، ٺٽي جي حڪيم درس جو شربت به سائين پياريو، ٽرين جو ٽائيم پئي ٿيو سو مون سائين کان نوڙي موڪلايو ته سائين نوڪر کي چيو هن کي ٽانگي تي چاڙھي اچ ان سان گڏ سائين ڪجهه پئسا منهنجي کيسي ۾ وڌا، ته مون حجاب واري لهجي ۾ چيو سائين گهڻو ٿي ويو گنهگار ٿا ڪيو ته سائين چيو رکي ڇڏ ڪم ايندئي پوءِ مان سائين کان موڪلائي اچي ٽانگي تي ويٺس ۽ ”سن“ اسٽيشن لاءِ روانو ٿيس پر اڄ تائين سائين جي ايم سيد سان گذاريل اهي چند گهڙيون وساري نه سگهيو آهيان. سائين جي ايم سيد منهنجو محسن منهنجو رهبر محمد ابراهيم جويو سائين جي ايم سيد سان منهنجو سڄيءَ زندگيءَ جو سنٻنڌ رهيو آهي. مون کي پاليو ۽ نپايو منهنجن مائٽن، پر مون جو ڪجهه پرايو ۽ ان پراپت مان آئون جيڪي ڪجهه بنيس، تنهن لاءِ آئون سائين جي ايم سيد جو شڪر گذار آهيان. سائين جي ايم سيد جو ڳوٺ سن آهي، ۽ آئون ان کان ويهارو ميل پري هڪڙي ننڍڙي واهڻ ”آباد“ ۾ ڄائو هوس. منهنجو پيءُ ته منهنجي گهڻي سانڀر کان اڳ ئي گذاري ويو هو، ۽ منهنجي ماءُ به پوءِ وڇڙي ويئي، پر منهنجو ڏاڏو ۽ ڏاڏي حيات هئا، جن مون کي ماءُ پيءُ جو پيار ڏنو. منهنجو ڏاڏو هڪ جامڙد، ڏاهو ۽ خود دار شخص هو، پنهنجو راڄ توڙي آسپاس جا راڄ هن جو ڏاڍو لحاظ رکندا هئا. مون کي ياد آهي ته آئون جڏهن يارهن ورهين کن جو هوس ۽ سنڌي ڇهون درجو پڙهندو هوس، تڏهن اسان کي هر روز ٽي ميل پري، پاسي واري ڳوٺ، تيرٿ لڪيءَ جي اسڪول ۾ سنڌي پڙهڻ لاءِ وڃڻو پوندو هو. هڪ ڏينهن ڏاڏو ڪنهن ڪم سان سن ويو ۽ موٽيو ته هڪ اهڙي ڳالهه کڻي آيو، جيڪا منهنجي نئين جنم جو سبب بڻي. جيڪڏهن اڄ مون کي اهو معلوم ٿي وڃي ته اهو ڪهڙو ڏينهن هو، جڏهن ڏاڏو سن مان موٽيو هو، ۽ منهنجي نئين جنم جي اها ڳالهه کڻي آيو هو، ته اهو ڏينهن آئون هوند پنهنجي اصلي جنم جو ڏينهن ڪري هر سال ملهايان. ڳالهه هيءَ هئي ته سائين جي ايم سيد ان سال پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ ديني تعليم جو مدرسو، بورڊنگ هائوس سميت، ۽ سنڌي اسڪول سان گڏ انگريزي تعليم لاءِ اي وي ڪلاس کولايا هئا ۽ جڏهن خبر پيس ته ڏاڏو سن ۾ هو، تڏهن هن کي سڏائي، مدرسي ۽ انگريزي ڪلاسن ۾ پنهنجن ڇوڪرن کي داخل ڪرائڻ جو سخت تاڪيد ڪيائين. جڏهن ڏاڏي گهر ۾ سن جي نئين اسڪول جي ڳالهه ڪئي، تڏهن مان ڏاڍو خوش ٿيس. هيءُ سال ۱۹۲۷ع جو هو. پوءِ آئون سن جي انگريزي اسڪول ۾ داخل ٿيس. سائين جي ايم سيد وٽ منهنجو ڏاڏو مون کي وٺي ويو، ان وقت آئون ۱۲-۱۱ ورهين کن جو هئس. سائين جي ايم سيد جي والد سيد محمد شاهه مرحوم جي شهادت ۽ سندس وڏي حضرت ميين حيدر، جنهن جي درگاهه جا پاڻ سجاده نشين هئا، تن جون ڳالهيون سڄي تر ۾ عام پکڙيل هيون. سائين جي ايم سيد لاءِ عام اها خبر ته ننڍي وڏي جي وات هئي ته پاڻ پنهنجي والد محترم جي شهادت وقت ٻالڪ اوستا ۾ هئا ۽ سندن عام ناموس هئي ته سنِ بلوغت جي عمر تي پهتا ته عام اعلان وسيلي سڄيءَ سنڌ ۾ رهندڙ پنهنجي مريدن لاءِ اهو پڌرو ڪيو هئائون ته ڪو به کين پيرين پئي نه ملي. ٻيو ته پنهنجي مريدن مان پاڻ ڪو به نذر نياز يا ڏَن نه وصول ڪندا. ان زماني ۾ لڪيءَ تائين سڄو محال ڪوهستان به ڪراچي ضلعي سان ڳنڍيل هو ۽ سائين جن پاڻ ڪراچي ضلعي لوڪل بورڊ جي اسڪول بورڊ جا تڏهن چيئرمين هئا. مون ٽي درجا انگريزيءَ جا پاس ڪيا، ته سائين جي ايم سيد مون کي ڪراچي لوڪل بورڊ جي اسڪالرشپ وٺي ڏني ۽ پوءِ آئون ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسي ۾ ۱۹۳۱ع ۾ داخل ٿيڻ لاءِ، پنهنجي ڏاڏي مرحوم سان گڏجي ڪراچيءَ ويس. اتي جڏهن ڏاڏو ۽ آئون ڪراچي جي سٽي اسٽيشن تي لٿا هئاسون ته اتي اسان کي وٺڻ لاءِ لڪيءَ جي سيٺ تيجو مل جو گماشتو آيو هو ۽ اسان کي بولٽن مارڪيٽ وٽ پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ وٺي وڃي رات اتي رهايائين. ٻئي ڏينهن تي بولٽن مارڪيٽ کان گانڌي گارڊن تائين ويندڙ ٽرام گاڏيءَ ۾ ويهاري، سائين جي ايم سيد جي بنگلي تي آڻي ڇڏيو هئائين. ٻئي ڏينهن سائينءَ ڪاغذ ڏيئي پنهنجي خاص ماڻهوءَ سان مون کي مدرسي جي پرنسپال، ڊاڪٽر علامھ دائود پوٽي صاحب وٽ موڪليو. علامه صاحب منهنجا اسڪول ليونگ سرٽيفڪيٽ ڏسي ۽ پوءِ سائين جي ايم سيد جو خط کولي پڙهيو. ائين آئون اتي اسڪول ۾ داخل ٿيس. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ ڏاڏي مرحوم جي زور ڀرڻ تي، دل تي پٿر رکي، سائين جي ايم سيد وٽ حاضر ٿيس ته مون کي ڪا نوڪري وٺرائي ڏين. مون کي مئٽرڪ جي امتحان ۾ دادو ضلعي مان پهريون نمبر بيهڻ تي اسڪالرشپ ملي هئي، تنهن جي کين خبر هئي ۽ منهنجي دلي خواهش جي به کين سڌ هئي ته مون نوڪري ڪرڻ نٿي گهري، پر وڌيڪ پڙهڻ ٿي گهريو. پاڻ همت ڏياريائون ۽ چيائون ته نوڪري ڪنهن به صورت ۾ نه ڪجي، پر، ڪيئن به ڪري، پڙهڻ لاءِ ڪاليج ۾ داخلا وٺجي. پوءِ مون کي ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچي جي پرنسپال بٽاڻي صاحب ڏانهن چٺي لکي ڏنائون ۽ جيتوڻيڪ داخلا جون تاريخون گذري چڪيون هيون، پر درويش صفت پرنسپال مون کي ڪاليج ۾ داخل ڪيو ۽ اهڙيءَ طرح زندگيءَ جي راهه ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر مون کي سائين جي ايم سيد جي رهبري ۽ مدد نصيب ٿي. هڪ ياد سيد صاحب جي حوالي سان منهنجي من ۽ ذهن تي چٽيل آهي ۽ جيڪا نه رڳو ياد جي حد تائين آهي، پر ان منهنجي پوريءَ زندگيءَ تي پڻ گهرا اثر ڇڏيا آهن. اها ياد ڪجهه هن طرح ته جڏهن آئون اڃا سورهن ورهين جو هوس ته سيد صاحب مون کي شاهه لطيف ڀٽائيءَ جي درگاهه تي حاضريءَ لاءِ وٺي ويو هو. شاهه لطيف جي مزار تي پاڻ دعا گهريائون، جا خاص طرح سنڌ جي نسبت سان هئي. انهيءَ دعا ۾ ٽي شيون شامل هيون: ۱. امن جهجهائي Plenty of Peace ۲. اندر اُجار Enlightenment ۳. آزادي (Freedom) انهيءَ دعا ۾ شامل ٽنهي شين کي مون چڱيءَ طرح ياد ڪيو، اڃا به، هانءُ سان هنڊايو ۽ انهيءَ مهل، ڀٽائيءَ سائينءَ جي آڳرن تي اهو پڪو پهه ڪيم ته انهن ٽنهي شين جي حاصلات لاءِ آئون سڄي ڄمار پاڻ کي ڪاربند رکندس. اڄ به آئون انهن ٽنهي شين جي خواهش رکان ٿو. سائين جي ايم سيد سان خيالن جي ڪڏهن به منهنجي نا اتفاقي نه ٿي آهي. سواءِ ٿورڙي وقت لاءِ هڪ مسئلي جي سلسلي ۾، اهو هو مسلم ليگ جي سياست جو مسئلو. سائينءَ جو ستيه پريم ۽ ايڪتا يعني حق، محبت ۽ وحدت جي پرورش ۽ علمبرداريءَ جو ڪردار آهي، جيڪو سنڌ جي تاريخ، لافاني ادب ۽ تهذيب جو، سنڌ جي سَنتن، اوليائن ۽ درويشن جو ۽ سنڌ جي سمورن صالح ۽ سرويچ سپوتن، اڳين توڙي هاڻوڪن جو ڪردار آهي ۽ سنڌ جي انهيءَ ئي آفاقي ڪردار جي پوئواريءَ ۾ آئون ۽ مون جهڙا ٻيا ڪيئي سنڌ ۽ سنڌ سان گڏ عالم انسانيءَ جا محب ۽ فدائي اڄ به سائين جي ايم سيد جا ساٿي ۽ ٻانهن ٻيلي ٿيو بيٺا آهن ۽ ان سندم ساٿ ڌڻي سرواڻ ۽ سندس ساٿ تي اسان کي فخر رهيو آهي. سائين جي ايم سيد جي رياست لاءِ ۽ سندس سنڌي قوم لاءِ قوم دوست فڪر جي چونڊ ۽ ان جي ڦهلاءُ لاءِ باضابطا نموني عملي، قومي، توڻي سياسي اڳڀرائي، ڪي اوچتا ئي فيصلا نه هئا، جهڙِيءَ ريت عام طرح سوچيو، چيو، لکيو ۽ اظهاريو ويو آهي. اهڙن حتمي نتيجن تي پاڻ لڳاتار عملي سياست جي تلخ تجربن ۽ سنڌي قوم سان ٿيندڙ انيڪ ناانصافين، واعدي خلافين ۽ سازشي فيصلن جي عمل ۾ اچڻ کان پوءِ پهتا هئا. اسين پڻ انهن سمورن واقعن جا اکين ڏٺا شاهد آهيون. پاڻ اهي پهريان سنڌ دوست حقيقي مفڪر هئا، جن سنڌ ۾ قومي فڪر جي پنهنجين لکڻين ۽ خطابن وسيلي باقاعدي جوڙجڪ ڪئي ۽ هڪ قوم طور سنڌي ماڻهن جو ڪيس، رياست اڳيان پيش ڪيائون، جنهن جي بدلي ۾ پاڻ رڳو جيل ۽ نظربندين جا عذاب ئي نه سٺائون، پر مٿن الزام ۽ دشنام، تهمتون ۽ بهتان به رکيا ويا، انهن مڙني الزامن، دشنامن، تهمتن ۽ بهتانن کي قبول ڪيائون، جيڪي رياست پاران انهيءَ ڪري ميدان ۾ لاٿا ۽ عمل ۾ آندا ويا هئا ته جيئن پاڻ ماٺ ڪري ويهي رهن. حقيقت هيءَ آهي ته سيد صاحب جن وٽ پنهنجي سنڌ ۽ سنڌي قوم جي تاريخي تشخص جي بحالي، ان جي مڃتا ۽ ان جي حاصلات کان سواءِ ٻيون سڀ شيون معنيٰ وڃائي ويٺيون هيون. ائين چئجي ته به غلط نه ٿيندو ته پاڻ روحاني طرح عقل جي اوچي ڏاڪي يعني عقلِ سليم تائين، ٻين لفظن ۾ سنڌ سان عشق جي منزل تائين پهچي چڪا هئا، جتي پهچي صعوبتون ۽ سختيون، ڏک ۽ اهنج به پنهنجي اساسي تاثير ۾ سک ۽ راحت بڻجي پوندا آهن. جي ايم سيد جان جان ھئي جيئري، ورچي نه ويٺي لطف پيرزادو سائين! جي ايم سيد، سنڌ جو اڏول ۽ پاڻ ارپڻ وارو ورڪر ۽ اڳواڻ آهي، جنهن سنڌ جي سُرهي سينڌ کي سنوارڻ لاءِ وسان ڪين گهٽايو. هُن سياست ادب، تاريخ ۽ فلسفي جي بنياد تي سنڌ جي خوشحالي، آسودگي ۽ آزاديءَ جا نه رڳو خواب ڏٺا آهن، پر انهن خوابن کي ساڀيان ڪرڻ واسطي، سنڌي قوم کي گس ۽ پيچرا جوڙي ڏنا، جن تي قومي ٻڌيءَ جي جذبي سان پاڻ وساري قافلي کي منزل تي رسائي سگهجي ٿو. سائينءَ جي سڄي زندگي سياسي هلچل، تحريڪن ۽ تحريرن ۾گذري. اهو ئي سبب آهي جو پاڻ زندگيءَ جو وڏو عرصو جيلن، نظربندي ۽ حڪومتي عتاب هيٺ رهيو. پاڻ ڪانگريس، مسلم ليگ، عوامي ليگ، هاري ڪيٽي ۽ جيئي سنڌ جهڙن محاذن تان سنڌي قوم جي حق خود اراديت، حق حڪمراني، سنڌي ٻولي قومي ٻولي جي واڌ ويجهه ۽ سنڌي زبان جي سرڪاري سرپرستيءَ لاءِ عملي طرح جاکوڙ ڪئي، ان جدوجهد ۽ تحريڪ جو ڦل اسان کي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، سنڌي ادبي بورڊ ۽ ڀٽ شاهه ڪلچر سينٽر جهڙن ادارن جي صورت ۾ مليا، جيڪي اڄ سوڌو سنڌي قوم کي فيضياب ڪري رهيا آهن، سنڌ يونيورسٽي جتي اسان کي تعليمدانن، قانوندانن، سماج سڌارڪن ۽ سياسي اڳواڻن، بي لوث ڪارڪنن جي فوج عطا ڪئي آهي، جيڪا وقت به وقت سنڌ تي ٿيندڙ هر وار آڏو ڍال بڻي بچاءُ ڪري رهي آهي ۽ سنڌ دشمن قوتن جا ڏند کٽا ڪري رهي آهي، سائينءَ جي ڪتابن کي آڏو رکي پڙهي، پرجهي اسان پنهنجي لاءِ هڪ منشور جوڙي ٿا سگهون، جنهن جي آڌار تي سنڌ جي آجپي واري ويڙهه وڙهي ٿا سگهون، سائينءَ جي ڪتابن کي سياست ادب، تاريخ ۽ فلسفي ۾ ورهائي سگهجي ٿو، ”ديار دل، داستان محبت“ ۽ ”جيئن ڏٺو آ مون“ ۾ انسان جي ارتقائي تاريخ، مذهب، ٻولي ۽ ڪلچر کي مرحلي وار بيان ڪيو ويو آهي، سياست تي ”سنڌو ديش، ڇو ۽ ڇا لاءِ“ ”پاڪستان جو ماضي حال مستقبل“ سنڌ ڳالهائي ٿي ۽ سنڌيءَ جي ساڃاهه ۾ قديم سنڌ جي تاريخ، جاگرافي، سنڌي قوم جي ڪلچر جو اتقائي سفر تمام آسان زبان ۾ سمجهايو آهي. سنڌي قوم سان ۱۹۴۷ع ۾ جيڪا ويساهه گهاتي ڪئي وئي، هن جي وسيلن تي ڌاڙو هنيو ويو، سنڌي هنڌن جي ڇڏيل ملڪيت تي هندستان کان آيل مسلمان مهاجرن حوالي ڪئي وئي، سنڌ سرڪار جي خزاني مان پاڪستان ايمپلائيز ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي جوڙي ڇهن بلاڪن ۾ سوين ايڪڙ زمين ڏيڻ سان گڏ سنڌ گورنمينٽ جي فنانس کاتي پاران انهن کي گهر ۽ بنگلا ٺهرائي ڏنا ويا، جهڙي طرح اڄوڪي حڪومت نواب شاهه ايئربيس تي سنڌ سرڪار جا ڪروڙين رپيا خرچ ڪري رهي آهي. هندوءَ جي زمين تي سنڌي هاري پيڙهين کان هر ڪاهي رهيو هو، ان کي ان زمين کان محروم ڪري هندستان کان آيل مهاجرن کي بغير سَندَ ۽ کاتي جي صرف قسم نامي تي گهر، دڪان ۽ زرعي زمينون الاٽ ڪيون ويون، نوڪريون پڻ تعليمي سرٽيفڪيٽن کانسوءِ انهن کي ڏئي، حڪومت انهن کي ورسايو، اهڙي زيادتيءَ تي جڏهن سائين! جي ايم سيد تڏهوڪي وزيراعظم لياقت علي خان وٽ احتجاج ڪيو ته ان کيس جواب ڏيندي چيو ته سنڌي گڏهه ۽ اٺ هڪلڻ واري قوم آهي، جن کي بنگلن ۽ آسائش جي ڪا ضرورت ناهي، هي جواب ٻڌي سائينءَ جي دل آزاري ٿي، اهو ئي سبب هيو جو سائينءَ مسلم ليگ کي خير آباد چيو ۽ پنهنجي هر لکڻيءَ ۾ مهاجر پنجابي مستقل مفاد جو محلورو استعمال ڪيو، هي اهي قوتون ٿي اڀريون جن سنڌي، بلوچ ۽ پٺاڻ جو استحصال ڪيو جيڪو اڃا تائين جاري آهي. وفاقي ادارن جا دروازا ننڍين قومن لاءِ بند ڪيا ويا آهن، پاڪستان جون ننڍيون قومون مشروط طور تي هن رياست سان شامل ٿيون هيون ۽ قرارداد پاڪستان ۾ اهو پڻ لکيل آهي ته اهي ڪڏهن به وفاق کان الڳ ٿي سگهن ٿيون، پر بندوق جي زور تي سنڌي، بلوچن ۽ پٺاڻن کي شامل رکيو ٿو وڃي، عليحدگيءَ جو مطالبو ڪندڙن کي غدار سڏي انهن کي ڦاهيون، ڪوڙا ۽ جيل جون سزائون ڏنيون پيون وڃن. انهن قومن جي جائز حقن کان منهن موڙ ڪئي پئي وڃي، ايتري تائين جو انهن جي زبانن کي قومي ٻوليءَ جو درجو نٿو ڏنو وڃي، هنن ننڍين قومن کي غلام بڻائڻ لاءِ وسان ڪين گهٽايو، ون يونٽ مڙهي، پنجاب جي بالادستي قائم رکي مارشلائون لڳايون ويون ۽ جمهوريت کي هلڻ نه ڏنو ويو، بنگالين جي مينڊيٽ جي نفي ڪئي وئي ، جنهن جي نتيجي ۾ بنگلاديش وجود ۾ آيو، باقي قومن لاءِ هڪ شاهراهه تعمير ڪئي وئي ته اهي منظم تحريڪ هلائي، خودمختيار ٿي پنهنجون حڪومتون قائم ڪن. مروج پاڪستاني قانون ۽ آئين جي لتاڙ ڪندي سنڌي ماڻهن کان تعليم ۽ روزگار جو حق کسيو ٿو وڃي، هنن کي پنهنجي ئي ملڪ ۾ اڪيلو ڪري هن قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جا سانباها ڪيا پيا وڃن، باوجود ان جي ته سنڌ پاڪستان کي بهترين سياستدان، قائد اعظم کان بينظير تائين ڏنا، قانوندان، تعليمدان، انجنيئر ۽ فلاسافر ڏنا. حد ته اها آهي ته پاڪستان جي آئين جو خالق پڻ هڪ سنڌي قانون دان آهي، ۱۹۷۳ع جو آئين سنڌ جي ليڊر شپ متفقه طور تي چئن ئي صوبن کان منظور ڪرائي ڏنو. سائين! جي ايم سيد سنڌي ادب جي آبياري ڪندي پيغام لطيف لکي سنڌي قوم کي اهو ويساهه ڏنو ته لطيف ئي سنڌي قوم جو قومي شاعر آهي ۽ آزاديءَ جو علمبردار هيرو آهي. جيڪو انسان جي آزاديءَ کي هر شيءَ تي مقدم ٿو سمجهي، فرد کي اظهار جي آزاديءَ جو ايتري تائين حق ٿو ڏئي ته هو ڪهڙو به مذهب اختياري ڪري ۽ ان جي پرچار ڪري، پنهنجي نظر ئي ۾ سائين انتها پسند ناهي، پر هڪ سيڪيولر جمهوريت پسند مزدور، هاري طبقي جو حامي ۽ ٻانهن ٻيلي آهي، هُن هر موڙ تي سنڌ جي ڏتڙيل طبقن لاءِ آواز اٿاريو، جنهن جي پاداشت ۾ هُن، جيل نظربنديون ۽ روپوشيون ڏٺيون، ضعيفيءَ ۾ پڻ هن کي سنڌ سان عشق ڪرڻ جي ڏوهه ۾ سن ۾ نظر بند ڪيو ويو. سائينءَ جو اهو ايمان هيو ته رهندي دنيا تائين سنڌي قوم ۽ زبان قائم ۽ دائم رهڻيون آهن، صرف سنڌين کي پاڻ سڃاڻن کپي ته پاڻ شاهه لطيف، شاهه عنايت شهيد، دولهه دريا خان، شهيد مخدوم بلاول ۽ سچل سرمست جهڙن اڳواڻن ۽ رهبرن جي راهه جا راهگير آهن، سنڌي قوم کي پنهنجن دشمنن کي سڃاڻي انهن جي ناپاڪ ارادن جو سيدبابڪرڻ لاءِ جرئت، همٿ ۽ انقلابي جدوجهد ذريعي پنهنجي مقصد کي چٽو ڪري، سنڌي قوم کي قائل ڪري قومي ٻڌيءَ کي وجود ڏيئڻو پوندو. پوءِ ملڪ مڙوئي منصور ٿي پوندو، ڌرتي ماتا تان سرگهور ڪرڻ لاءِ هر ڪو تيار ٿي پوندو، ان کان وڌيڪ سعادت اسان جي سنڌي ماڻهوءَ لاءِ ڪهڙي ٿي سگهي ٿي، ته هو سنڌ ماتا جو قرض چڪائڻ لاءِ پنهنجو ڪنڌ ڪپائي، شانتي ۽ سک ماڻي. سڀت پچار پرين جي، سڀت هوت حضور، ملڪ مڙوئي منصور، ڪهڙا چاڙهيو چاڙهئين. (شاهه) جي ايم سيد سنڌ جو سائين، جيئي سدائين جي ايم سيد (سيد غلام مرتضيٰ شاهه) ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع تي ضلعي دادوءَ جي ننڍڙي ڳوٺ سن ۾ جنم ورتو، سيد صاحب جي والد محمد شاهه کي جڏهن سائين سال جو هو ته خانداني دشمنيءَ سبب شهيد ڪيو ويو ۽ يارنهن مهينن بعد سندس وڏو ڀاءُ سيد احمد شاهه پڻ وفات ڪري ويو ۽ ائين هو گهر جو اڪيلو نرينو اولاد هو. سندس ابتدائي تعليم سن ۾ ٿي، هن جي استادن ۾ ڌرمداس، ماستر ريوا چند ۽ ماستر وسڻمل هئا، قرآن پاڪ مولوي محمد صالح سيال ۽ آخوند محبوب ميمڻ وٽ ۽ انگريزي تعليم گهر ۾ استاد حامد علي هالائيءَ کان ورتائين. ۱۶ سالن جي عمر ۾ هن سياسي ميدان ۾ پير پاتو، هو لاڙڪاڻي واري خلافت ڪانفرنس جي ميڙ ۾ ۱۹۲۰ع ۾ شريڪ ٿيو، ان کانپوءِ مٽياريءَ جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪيائين، ۱۹۲۵ع ۾ تعلقي لوڪل بورڊ مانجهند جو ميمبر ۽ پوءِ اڳيان هلي پريزيڊنٽ چونڊيو ويو، شاهه صاحب ۱۹۳۰ع ۾ ”هاري ڪاميٽي“ ميرپورخاص ۾ قائم ڪرڻ ۾ پنهنجي دوستن سان گڏ هو، هن سنڌ جي ممبئيءَ کان آزاد ڪرڻ جي لاءِ تحريڪ جو پورو ساٿ ڏنو، ۱۹۳۷ع ۾ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊاڻو قائداعظم کين مسلم ليگ کي منظم ڪرڻ جو ڪم سونپيو، جنهن ۾ وڏي محنت ڪري ميمبر شپ ۾ گهڻو واڌارو آندائون، پر ۱۹۴۶ع ۾ کين مسلم ليگ طرفان ٽڪيٽ نه ڏني وئي، ان کانپوءِ پاڪستان ٺهڻ بعد ون يونٽ لڳڻ، ۱۹۵۸ع جي ايوبي مارشل لاءِ ۽ ٻين ڪيترن واقعن بعد دلبر داشته ٿي کين سنڌ جي حقن لاءِ الڳ جماعت ٺاهڻي پيئي، ۱۸ جون ۱۹۷۲ع تي هن حيدر منزل تي ”جيئي سنڌ محاذ“ نالي نئين پارٽيءَ جو بنياد وڌو. سائين جي ايم سيد سنڌ جي انهن معتبر ماڻهن ۾ شمار ٿئي ٿو، جن حقيقي معنيٰ ۾ سنڌ لاءِ ڪجهه ڪيو ۽ نئين سنڌ کي قومي سڃاڻپ سان اڏڻ جي خواب کي ساڀيان ڏيڻ لاءِ انيڪ ڪوششون عمل ۾ آنديون، هو سنڌ جو معمار هو، جنهن سنڌ يونيورسٽي قائم ڪرائي، سنڌي ادبي بورڊ ٺهرايو ۽ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز قائم ڪيو، سندس ڪتاب ”پيغام لطيف“ سنڌي قوم لاءِ سنڌ کي قومي تشخص ڏيڻ لاءِ هڪ بنيادي ڪوشش آهي، جنهن ۾ هن لطيفي فن ۽ فروغ لاءِ پڻ جيڪي ڇهه نقطا ڏسيا آهن، سي قوم جي مفڪر طرفان سنڌ جي عملي، ادبي، سياسي ۽ سماجي تاريخ ۾ اهميت جوڳا ثابت ٿيندا. سيد صاحب پوريءَ دنيا ۾ ڪيترائي ملڪ گهميا، جيئن فرانس، ترڪي، چين، جرمني، برطانيه، روس، اسڪاٽ لينڊ، سئٽزرلينڊ ۽ ڪيترن ئي ملڪن جي عالمن اديبن ۽ سياستدانن سان سندن گڏجاڻيون ٿيون، اهڙيءَ ريت سنڌ جي هن قومي اڳواڻ جو ذهن روشن خيال ۽ ترقيءَ ڏي وڌندڙ هو، کيس دنياوي سياست، تاريخ، تمدن ۽ تهذيبن جي مڪمل ڄاڻ هئي، سندس مطالعو وسيع هو، هن اصولن کي هميشه اهميت ڏني ۽ ڪڏهن نه جهڪيو. جمال ابڙو لکي ٿو ته: سائين جي ايم سيد جهڙو پختو، چيڙهالو سياستدان مون نه ڏٺو، ڀلي زمين آسمان هيٺ مٿي ٿي وڃي، سائين جي ايم ذرو به نه هٽندو هو. سڄيءَ سنڌ ۾ نعرو ٿي گونجيو ”سنڌ جو سائين، جيئي سدائين“. سائين جي ايم سيد کي سنڌ جي حقن جو هميشه اونو هوندو هو، پاڻ سياسي پليٽ فارم تان پاڪستان جي حمايت جي تحريڪ هلائيائين، پر حڪومت مان پٺڀرائيءَ جي بجاءِ کيس جيلن ۾ نظربند ڪيو ويو، مختلف دورن ۾ کيس تقريباً ۳۰ سال گهر ۾ يا جيل ۾ نظربنديءَ جي حالت ۾ رکيو ويو، انهيءَ سبب ڪري ئي ۱۹۷۲ع ۾ هن ”سنڌ جي حقن“ جو نعرو هڻي الڳ پليٽ فارم قائم ڪيو. هڪ تاريخ ساز شخصيت ۽ سياسي رهنما هئڻ سان گڏ سائين جي ايم سيد سنڌي ادب جي حوالي سان هڪ وڏي وٿ قرار ڏنو ويو آهي، هو هڪ عالم، اديب ۽ محقق هو، هن پنجاهه کن ڪتاب لکيا ۽ سندس سوانح ۽ شخصي خوبين تي ڪئين ڪتاب لکجي چڪا آهن، سيد صاحب جي ڪتابن ۾ ”نئين سنڌ لاءِ جدوجهد“، ”پيغام لطيف“، ”جيئن ڏٺو آ مون“، ”جديد سياست جا نورتن“، ”سنڌ جا سورما“، ”موجوده سياسي مسئلا“، ”جنب گذارين جن سين“، (ٻه ڀاڳا) ”رهاڻ“، (ميران محمد شاهه جا خط) ”شاهه لطيف جون ڪافيون“، ”ساهڙ جا سينگار“، ”علامه آءِ آءِ قاضي جا خط“، ”ديارِ دل ۽ داستان محبت“، ”پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني“، ”سنڌوءَ جي ساڃاهه“ (ٻه جلد) ۽ ٻيا ڪتاب آهن، سائين جي ايم سيد جا لکيل ڪتاب سندن تحريرون، تقريرون، مضمون ۽ مقالا، سنڌي قوم لاءِ، ٻولي ۽ ادب لاءِ هڪ گر انقدر اثاثو آهن. سلام انڙ لکي ٿو ته، ”جي ايم سيد جي لکيل سموري مواد جو تجزيو جيڪڏهن ترتيب وار ڪجي ته ان جا چار مکيه تفصيلي نڪتا آهن، (۱) سنڌ جي تاريخ ۽ تمدن جو جائزو، (۲) سنڌ جي تاريخ ۽ تمدن جي پسمنظر ۾ سنڌي قوميت جو نظريو، (۳) جي ايم سيد جي نجي شخصي زندگي، انهن نڪتن ۾ جدلياتي گردش نظر اچي ٿي، چار ئي نڪتا هڪٻئي تي نه رڳو اثرانداز ٿين ٿا، پر هڪٻئي کي واري واري تي سڏين به ٿا، انهن چئن نڪتن جو رشتو (تاريخ ۾ پهريون ڀيرو) سنڌ جي نيشنلزم جي تشڪيل ڪري ٿو، نظريا کڻي ڀلي سماجي هجن ۽ اجتماعي مفاد لاءِ هجن، پر انهن جي جوڙجڪ انفرادي شخصيتن ذريعي ٿئي ٿي، ٻڌمت جو ذڪر گوتم ٻڌ کانسواءِ ناممڪن آهي، مارڪسزم جو ذڪر ڪارل مارڪس کانسواءِ ممڪن ناهي، تيئن سنڌي قوميت جي نظرئي کي جي ايم سيد کانسواءِ ڏسڻ تاريخ سان ڏنگايون ڪرڻ برابر آهي. سائين جي ايم سيد جي ڪتابن ۾ هن جي سياسي زندگيءَ جا تجربا آهن، ملڪي حالتون ۽ پاڪستان جي سياست جي باري ۾ جيڪو ڪجهه هن مشاهدو ڪيو آهي، سو لکيو آهي. ثقافت، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي موضوعن تي پڻ سندن ڪتاب جو آڌار آهي. در حقيقت سندس لکيل هڪ هڪ حرف، هڪ هڪ پنو، سنڌ ۽ سنڌ جي ٻولي ۽ سنڌي قوم جي ترقيءَ جي لاءِ آهي، ”سنڌ جهنگ جبل نديون، نالا ميدان ۽ کيت يا رڳو جاگرافيائي ليڪن جي مادي وجود جو نالو نه آهي، پر سنڌ جو هڪ ازلي روح آهي، سائين جي ايم سيد کي سمجهڻو آهي ته پوءِ سنڌ جي ازلي روح کي سمجهڻو پوندو، جتان لطيف ۽ سچل، سامي ۽ بيدل جي فڪر جا آبشار ڦٽن ٿا، رڳو سکڻي سياسي نعريبازيءَ سان تبديلي ناهي اچڻي، تبديليءَ لاءِ پنهنجي پاڻ کان ابتدا ڪرڻي پوندي، پاڻ کي هڪ نئين انسان، سجاڳ انسان، باشعور انسان ۾ تبديل ڪرڻو پوندو.“ سائين جي ايم سيد سنڌي قوم کي پنهنجي تحريرن معرفت وطن دوستيءَ جو سچائي ۽ ايمانداريءَ جو، صداقت ۽ محبت جو، سبق ڏنو، سندن حوصلا بلند ڪيا، کين اٿاهه مايوسين ۽ نااميدين جي ڪُنن مان ڪڍيو، اديبن ۽ ادبي سنگت کي ڪم ڪرڻ لاءِ شوق پيدا ڪيو، ماڻهن ۾ اتحاد، ٻڌي ۽ محبت جي جذبي جا سبق ڏنا ته کين غفلت ۽ گمراهيءَ مان ڪڍڻ جا جتن ڪيا. هو شاهه جو وڏو شيدائي هو، شاهه جي شاعريءَ معرفت هُن سندس پيغام کي ماڻهن تائين منفرد نموني پهچايو آهي، جنهن ۾ هن سنڌ واسين کي پنهنجي هر شيءِ تي فخر ڪرڻ جي تلقين ڪئي ۽ ساراهيو آهي، کيس معلوم هو ته جيستائين قوم ۾ خوف شناسي ۽ خود داري پيدا نه ٿيندي تيستائين پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي طاقت نه پيدا ٿيندي، لکي ٿو ته، ”منهنجو اهو پڪو ويساهه آهي ته شاهه عبداللطيف سنڌ جو قومي شاعر آهي، شاهه جي ڪلام ۾ جيڪا نمايان ڳالهه ڏسڻ ۾ ايندي سا سنڌ جي اڪير ۽ محبت آهي، سنڌين جي خانا جنگي، آرام طلبي کيس ڏک ٿي ڏئي ۽ هو کين وڳر ڪري محبت ميٺ سان رهڻ لاءِ وطنيت جا سبق ٿو ڏئي، غافل غفلت ڇوڙ جون تنبيهون ٿو ڪري.“ پاڻ شاهه جي ڪلام مان منتخب واين ۽ ڪافين جو مجموعو پڻ ترتيب ڏنائون، اهڙيءَ ريت سندن ادبي ۽ علمي ڪوششون اعليٰ پائي جون آهن، سندن هر تحرير هر ڪتاب ۾ مقصدي ادب آهي چاهي “جيئن ڏنو آهي مون“ هجي يا ”نئين سنڌ لاءِ جدوجهد“، ”سنڌ ڳالهائي ٿي“ هجي يا ”سنڌوءَ جي ساڃهه“ هن هر هنڌ پنهنجائپ جو ثبوت ڏنو آهي. سيد صاحب جو حياتيءَ ۾ انيڪ سياستدانن، عالمن، اڪابرن، مفڪرن، اديبن، شاعرن، آفيسرن، وزيرن، اميرن، ملڪ جي سربراهن ۽ ٻين شخصيتن سان واسطو رهيو ۽ انهن سان ڪيترن سان اڪثر خط و ڪتابت پڻ رهي، جنهن مان سندن حياتيءَ جي مختلف رخن تي روشني پوي ٿي. ساڻس وڏيون سنڌ جون شخصيتون واسطي ۾ هيون، جيئن سر شاهنواز ڀٽو، خان بهار ايوب کهڙو، پير حسام الدين راشدي، ميران محمد شاهه، محمد صديق ميمڻ، ميان امين کوسو ۽ ٻيا ڪيترا اهم ماڻهو هئا. ميان امين کوسي ۽ ميران محمد شاهه سان خط و ڪتابت تي مشتمل ڪتاب رهاڻ ڇپيل آهي. سنڌ صاحب جي حياتيءَ ۾ خط و ڪتابت جي تحرير کي خاص اهميت هئي، پاڻ پنهنجي نياڻيءَ ڊاڪٽر در شهوار کي سندس لنڊن ۽ ڪراچيءَ جي تعليم واري دور ۾ گهڻا خط لکيائون، جن مان ڪجهه خطن جو ڪتاب ”ڏونگر سي ڏورينديون“ جي عنوان سان ڇپيل آهي، ان کانسواءِ سندن ڪتاب ”جديد سياست جا نو رتن“ ۾ جي ايم سيد ۽ پير علي محمد راشديءَ جا خط آهن، هن ڪتاب ۾ راشدي صاحب کين هن ريت مخاطب ڪيو آهي. ”منهنجا پيارا سيد، زندگيءَ جو لطف ئي وڃي هليو، جڏهن ان کي ماڻهن جي ٺاهيل قانونن جي تابع بڻائجي ٿو، دستورن جي متابعت ڪڏهن به زندگيءَ ۾ موج نه آندي آهي، اهو انقلاب ئي آهي جو ان ۾ دائمي تازگي کي پيدا ڪري ٿو، پاڻ کي انقلاب جي ڪُن ۾ اڇلي ڇڏ، زندگي چرپر جو ٻيو نالو آهي“. سيد صاحب خود پنهنجي حياتي بابت لکي ٿو ته، ”مون کي جي ڪا به ڳالهه آٿت ڏيندڙ رهي هئي ته اها هيءُ هُئي ته منهنجي ساري ڪارڪردگي، هر موقعي تي، خود مطلبيءَ، چاهه طلبيءَ، بزدليءَ ۽ خريد ٿي وڃڻ جي آلائشن کان ڪجهه مڙيو ئي پري هئي. سائين جي ايم سيد سنڌ جو عظيم اڳواڻ سوڀو گيانچنداڻي سائين جي ايم سيد سان منهنجي پهرين ملاقات، جيستائين ياد اچيم ٿو ۱۹۴۵ع ۾ ٿي. ڪامريڊ جمال الدين بخاري، جيڪو ان وقت سنڌ ڪميونسٽ پارٽيءَ جو سيڪريٽري هيو، اهو مون کي شاهه صاحب جي جاءِ ساڳي حيدر منزل تي وٺي هليو ۽ منهنجي واقفيت شاهه صاحب سان ڪرايائين. اها مون کي خبر هئي ته شاهه صاحب ڳچ دفعا بمبئيءَ ۾ ڪميونسٽ هيڊ ڪوارٽرس جا چڪر هڻي آيو هو ۽ پاڪستان کي جنهن طريقي سان انڊين ڪميونسٽ پارٽيءَ پيش پئي ڪيو، ان لحاظ کان سيد صاحب کي اها ڳالهه خاصو متاثر پئي ڪري. اها ڳالهه شايد اڄڪلهه جي پيڙهيءَ کي عجيب لڳي، ته ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا CPI پاڪستان کي مسلم گهڻائيءَ وارن علائقن جي حق خود اختياريءَ سان تشبيهه ڏني هئي ۽ گانڌيءَ ۽ جناح جي ملڻ ۽ ٺاهه ڪرڻ لاءِ سخت ڪوششون ڪيون هيون، جنهن ڪري گانڌي ۽ جناح ٽي چار دور ملاقاتن جا ڪري چڪا هئا ۽ آخر تائين انهن ٻنهي ۾ ٺاهه ٿي نه سگهيو هو. شاهه صاحب اٿندي ئي مون کي چيو هو ته؛ توهان ڪميونسٽ عوام جي دماغ کي اپيل ڪيو ٿا ۽ مان عوام جي جذبات کي اپيل ڪيان ٿو. منزل اسان جي ساڳي آهي. مون کي ياد آهي ته مون کيس اهو ئي چيو هو ته؛ اسان ڪميونسٽ نه صرف ماڻهن جي دماغ کي اپيل ڪيون ٿا، پر انهن جي پيٽ کي به اپيل ڪريون ٿا، ڇو ته اڪثر انسان پنهنجي پيٽ جي مسئلن جي حوالن سان سوچين ٿا. ان کان پوءِ منهنجو رابطو شاهه صاحب سان ۱۹۵۲ع ۾ مارچ جي ٽين تاريخ ٿيو، جڏهن مان جيل مان ڇُٽي، پنهنجي سنگت سان مليس ۽ جيئن ته اهو امڪان هو ته مان ٻئي ڏينهن يعني چوٿين مارچ تي وري گرفتار ٿي وڃان، تنهن ڪري ڪامريڊ پوهوءَ جو چوڻ هو ته پنهنجي وڌ ۾ وڌ دوستن سان مون کي رات جي پيٽ ۾ ملڻ گهرجي. سو رات جو يارهين وڳي وڃي شاهه صاحب جو دروازو کڙڪايوسون. شاهه صاحب پاڻ اٿي آجيان ڪئي. ان ملاقات ۾ مون کي پهريون دفعو معلوم ٿيو ته شاهه صاحب مون کي چئن سالن جي نظربندي مان ڇڏائڻ لاءِ ڪيڏي ڪوشش ڪئي هئي. تنهن کان پوءِ مارچ ۱۹۵۷ع تائين عوامي محاذ، هاري ڪاميٽي، نيشنل پارٽي ۽ بعد ۾ نيپ جي پليٽ فارمن تي، سائين جي ايم سيد سان لاڳاپيل رهيس. ان دور ۾ اردو اخبارن کي سيد خلاف زهر ڦهلائڻو هوندو هو ته لکنديون هيون. ”جي ايم سيد جي دماغ تي ٻه هندو ڪميونسٽ ڇانيل آهن، سوڀو ۽ پوهو.“ حقيقت اها آهي ته شاهه صاحب سان اسان جو ساٿ ذهني ۽ سياسي بنيادن تي رهيو ۽ آهي. شاهه صاحب سنڌ جي پراڻن سياستدانن مان اڪيلو ماڻهو هو، جنهن اسان کي پنهنجو سمجهيو ۽ پنهنجي ڇٽيءَ جي ڇانو هيٺ جاءِ ڏني، جنهن وقت اسان ڪامريڊن لاءِ سنڌ جي ڌرتي گرم ٿي چڪي هئي يا تائڙي ٿي چڪي هئي. جولاءِ ۱۹۵۴ع ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ تي پابندي پئي ته سيد صاحب پيرزادي عبدالستار تي زور رکي، باقي سمورن ڪميونسٽن کي جيل ۾ پوڻ کان بچائي ورتو. البت پيرزادي عبدالستار کي اها همت نه ٿي جو مون کي گرفتار ڪرڻ کان انڪار ڪري. ڇو ته ان وقت مان سنڌ ۾ سڀني کان وڌيڪ نالي چڙهيو ڪميونسٽ هوس ۽ جي ايم سيد ۽ اسان جي کاٻي ڌر جي تنظيمن وچ ۾ رابطي جو ذريعو سمجهيو پئي ويس. ان ۾ شڪ نه آهي ته سائين جي ايم سيد ۽ مان ساڳي Wave Length تي سوچيندا رهيا آهيون ۽ اڪثر مسئلن تي پنهنجي پنهنجي نقطه نگاهه کان سوچيندي ساڳي حل تي پهتا آهيون. سائين جي ايم سيد منهنجي نظرن ۾ هڪ عظيم قوت، سنڌ جي سڃاڻپ، آزاديءَ ۽ ڏاهپ جو علمبردار ۽ روشنيءَ جو منارو رهيو آهي. ۱۹۵۵ع ۾ ون يونٽ ٿيو ته سيد کي گرفتار ڪري حيدرآباد جيل ۾ وٺي آيا، هو ڪجهه وقت مون سان گڏ هيو. منهنجي وهم گمان ۾ به ڪو نه هو ته ٽن سالن جي جوڙ توڙ جي جدوجهد بعد سائين جي ايم سيد اسان جي پنجابي ڀائرن کي ون يونٽ ٽوڙڻ لاءِ قائل ڪري وجهندو. ون يونٽ جو هيڊ ڪوارٽر لاهور ۾ ان لاءِ قائم ڪيو ويو هو ته سنڌ جي ڦرڻي گهرڻي سياست کي پنجاب جي مستحڪم گهڻائي ۾ ٺهراءُ ۽ مضبوطي پيدا ٿيندي پر سيد صاحب جڏهن ون يونٽ جي اسيمبليءَ ۾ لاهور پهتو ته سندس پارٽيءَ جي اٺن ميمبرن ون يونٽ جي سؤ ميمبرن کي چڪر ۾ آڻي ڇڏيو. هر ڪو سندس سلامي ٿيو. هن ريپبليڪن پارٽيءَ جي سردار رشيد خلاف آوشواس جو ووٽ پيش ڪيو. جنهن جي نتيجي ۾ دولتانه جي مسلم ليگ مخالف پارٽيءَ ون يونٽ کي ڊاهڻ لاءِ اسمبليءَ ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو ۽ ان جي تائيد سردار رشيد جي ريپبلڪن پارٽيءَ به ڪئي. پوءِ ون يونٽ کي ڊاهڻ جو ٺهراءُ يڪراءِ سان اولهه پاڪستان يعني ون يونٽ جي اسيمبليءَ ۾ پاس ٿيو ۽ ان جي تائيد، اوڀر پاڪستان جي اسيمبليءَ پڻ ڪئي. اهو سيد صاحب جو ڪارنامو هو جو قانوني ۽ آئيني جدوجهد ذريعي، ٽن سالن جي مختصر عرصي اندر، ون يونٽ جي بنياد وجهندڙن کان اهڙو ٺهراءُ پراس ڪرايائين، جو هو پنهنجي ٿُڪ چٽڻ تي آماده ٿيا! ان دور ۾ منهنجا شاهه صاحب سان ڪجهه اختلاف، مسلم ليگ سان ٺاهه ڪرڻ جي حوالي سان ٿيا هئا، پر مان سيد کي شاباس ڏيندس، جو هن ۽ منهنجي وچ ۾ ڪڏهن به اختلافن، شدت اختيار نه ڪئي آهي ۽ ڪميونسٽن جي سخت لاک لاهيندي به سيد صاحب هميشه مون کي پنهنجي محبت ۽ عزت سان نوازيو آهي. نه رڳو ايترو پر پنهنجي مريدن کي به روڪيندو آهي ۽ مون کي ”صالحين“ ۾ شمار ڪندو آهي. سيد صاحب سنڌ جي تاريخ ۾ وڏو اضافو ڪيو آهي. نه صرف هن عملي جدوجهد ذريعي ”نئين سنڌ“ پر پنهنجي قربانين سان سنڌ اندر جدوجهد جي لاٽ روشن رکي آهي. پنهنجي ڪتابن ذريعي جيڪا هن علمي جدوجهد ڪئي آهي، تنهن جي نتيجي ۾ سٺ ۽ اسيءَ وارن ڏهاڪن ۾ جيڪي سياسي ورڪرن جا پنج ڇهه فصل تيار ڪيا آهن، انهن ذريعي سنڌ جي وجود ۽ پاڪستان اندر جمهوريت جي جدوجهد قائم ۽ دائم رکي آهي. ان ۾ شڪ نه آهي ته جيڪڏهن سيد نه هجي ها ته شايد سنڌ جي وجود لاءِ جيڪو تاڃي پيٽو تيار ٿيو آهي، تنهن ۾ ممڪن آهي ته اڃا به وڌيڪ سال لڳي وڃن ها. سيد جي تعريف يا ساراهه ڪندي اهو نه وسارڻو آهي ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، جي هاري ڪاميٽيءَ ۽ ڪميونسٽ پارٽي، سنڌ جي وجود ۽ پاڪستان اندر رهندڙ ٻين قومن جي وجود ۽ آزاديءَ لاءِ جدوجهد به جس لائق آهي. سيد ۽ اسان جون عوامي جماعتون، ٻنهي ملي ڪري پاڪستان اندر عوامي جدوجهد جي لاٽ ٻرندي رکي آهي. سيد جي ذريعي، اسان خان عبدالغفار خان ۽ سرحد جي عوامي تحريڪن، بلوچستان جي عوامي تحريڪن ۽ اوڀر پاڪستان جي عوامي تحريڪن سان مسلسل لاڳاپو قائم ڪيو. ان مان نه صرف قومي تحريڪن کي فائدو پهتو، پر ساڳئي وقت ٽڙيل پکڙيل ڪميونسٽ ۽ سوشلسٽ پليٽ فارمن کي گڏي، قومي ليول تي هڪ فعال رول ادا ڪرڻ ۾ مدد ملي. سيد صاحب پنهنجي مسلسل نظربنديءَ ۽ وڏي عمر جي باوجود پنهنجو ”قبلو“ درست رکيو آهي. اڄ هو سنڌ، جمهوريت ۽ عوام جي ڀلي لاءِ جدوجهد ڪندڙ هزارين نوجوانن جو عظيم رهنما ۽ محبوب ليڊر آهي. ساڻس جزوي طرح ڪن پاليسين تي اختلاف ڪري سگهجي ٿو، پر اهو مڃڻ ۾ مون کي ذرو به شڪ نه آهي ته سيد صاحب کان سواءِ سنڌ ايترو جلد سياسي طرح اڳتي نه وڌي ها ۽ نه مظلوم قومن جي رهنمائي جو رول ادا ڪري ها، جهڙو تمام مشڪل حالتن ۾ سنڌ جي نوجوانن ادا ڪيو آهي. بلوچستان جي عوامي ليڊرن بزنجي، مريءَ، بگٽيءَ ۽ مينگل جيڪو انقلابي ۽ هٿياربند مزاحمتي تحريڪن جو رستو ڏيکاريو آهي ۽ سنڌ پنهنجي مخصوص حالتن ۾ سيد جي اڳواڻيءَ هيٺ آئيني ۽ قانوني طريقن سان جدوجهد جو رستو ڏيکاريو آهي. اهڙا به ڪي آهن، جيڪي سيد جي غلطين کي معاف ڪري نه سگهيا آهن، جن جو ذڪر هو پنهنجي خلاصين محفلن ۾ وڏي فراخدليءَ سان ڪندو آهي، پر مان ان راءِ جو آهيان ته سيد جو ڏاڻ هن جي غلطين کان تمام گهڻو وڌيڪ آهي. جي ايم سيد مدبر سياستدان ۽ سنڌ جو سچو عاشق ايم ايڇ پنهور مون پهريون ڀيرو شيخ عبدالمجيد سنڌي، جي ايم سيد ايوب کهڙي، علي محمد شاهه راشدي، سر شاهنواز ڀُٽي ۽ سر عبدالله هارون جا نالا پنهنجي وڏڙن کان ٻڌا، ان وقت آئون ڇوڪرو هئس، مون کي ڄاڻ ملي ته اهي سمورا اڳواڻ سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسي کان ڌار ڪرڻ جي تحريڪ هلائي رهيا آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ سنڌ تي پهريون ڪتاب ”الوحيد آزاد نمبر“ هو جيڪو ۱۹۳۶ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ سنڌ ۾ خدمت ڪندڙ شخصيتن جون تصويرون هيون، جي ايم سيد کي پهريون ڀيرو باغبان ويجهو مخدوم بلاول جي مسجد ۾ خطاب ڪندي ڏٺم، سمجهه ۾ ته تمام ٿورو آيو پر چاچا ڳوٺ واپس اچي ٻڌايو ته هو هندن وٽ مسلمانن جي گروي پيل زمين ڇڏائڻ، مسلمانن جي کنيل قرض جي وياج کي ختم ڪرائڻ، زمين جي منتقلي، ۵۰۰ کان وڌيڪ آبادي واري هر ڳوٺ ۾ اسڪول کولڻ ۽ اهڙين ٻين شين جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي. ۱۹۴۰ع ۾ جي ايم سيد سنڌ جي تعليم جو وزير بڻيو ته هن حڪم جاري ڪيو ته سيڪنڊري هاءِ يا اينگلو ورناڪيولر اسڪول جو هر شاگرد کي خاڪي شرٽ ۽ نيڪر (چڍي) پائي ايندو، جنهن تي مسلمانن خاص طور سخت مخالفت ڪئي. مخالفت ۾ نظم به لکيا ويا. جي ايم سيد جي استعيفيٰ کان پوءِ پير الاهي بخش تعليم جو وزير بڻيو. هو خاڪي يونيفارم پويان سماجي رتبي ۽ سماجي سرگرمين جي اهميت کي نه سمجهي سگهيو ۽ يونيفارم تي پابندي هڻي ڇڏي. جي ايم سيد موسيقي کي هٿي وٺرائڻ جو به حڪم ڏنو ۽ اسڪولن ۾ ڪلاس هليا ۽ فنڪارن کي استاد طور ڀرتي ڪيو ويو پر مسلمان شاگرد ان جي اهميت نه سمجهي سگهيا، کين اها ڳالهه ريڊيو ۽ ٽي وي جي اچڻ کان پوءِ سمجهه ۾ آئي جڏهن سنڌي اتي موجود ئي نه هئا. ڪجهه خاڪسارن جڏهن قائداعظم تي حملو ڪيو ته ان جو جي ايم سيد کي ڏاڍو صدمو رسيو ۽ اهو سڀ ڪجهه ٻڌي هو بيهوش ٿي ويو. آئون ۽ ڊاڪٽر نورحسن انصاري گڏجي کيس ڏسڻ اسپتال وياسين. جي ايم سيد هوش ۾ هو، هن ڊاڪٽر انصاري (جيڪو اڳوڻو خاڪسار هو) کي چيو ته ڇا خاڪسار اهڙا هوندا آهن، مون کي يقين نه ٿو اچي ته ڪو سنڌي به انتهاپسند ٿي سگهي ٿو، مون کي جناح سان اختلاف آهي پر سندس حياتي کسڻ جو سوچي به نه ٿو سگهان. مون ۲۰ سالن کان پوءِ افواهه ٻڌو ته قائداعظم تي حملو ڪندڙ خاڪسار غلام نبي سومرو هو جيڪو حيدرآباد جو رهواسي هو ۽ ڪنگ جارج زرعي ڪاليج سڪرنڊ ۾ پڙهندو هو پر کيس پرنسپل ڊاڪٽر اي ايم شيخ ڪاليج ۾ حاضر ڄاڻائي بچايو. جي ايم سيد کي بعد ۾ مسلم ليگ مان نيڪالي ڏني وئي، پر پوءِ به کيس پارٽي ۾ قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو. هن ”قرباني“ اخبار شروع ڪئي ته اها مسلم ليگ مخالف هوندي به مسلمان شاگردن ۾ تمام گهڻو مقبول ٿي. ان جي مضمونن ۾ سچ شامل هوندو هو. ۱۹۴۶ع ۾ گورنر سرفرانسز مودي اسيمبلي ٽوڙي چونڊون ڪرايون ته قائداعظم ڪراچي جي عيدگاهه ميدان ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته توهان هڪ لک ماڻهو آهيو ۽ جي ايم سيد اڪيلو آهي، وڃو ۽ وڃي کيس شڪست ڏيو. اهو ٻڌي ڪجهه شاگرد ته سن روانا ٿيا پر ٻين ان کي نظرانداز ڪيو. قائداعظم ۱۱ آگسٽ ۱۹۴۷ع واري جڳ مشهور تقرير ڪئي ته اسان هندو، مسلمان، سک نه پر رڳو پاڪستاني آهيون. فيبروري ۱۹۴۸ع ۾ آئون ۽ منهنجو دوست محمد شفيع جي ايم سيد سان ملياسين (آئون سنڌ مسلم اسٽوڊنٽس جو وائيس چيئرمين ۽ محمد شفيع جنرل سيڪريٽري هو). جي ايم سيد چيو ته هندو ۽ سک شاگرد وڃي رهيا آهن ۽ تنظيم ختم ٿي ويندي توهان پارسين ۽ عيسائين سميت سڀني شاگردن کي پاڻ سان کڻو ۽ فيڊريشن جي صوبائي ورڪنگ ڪميٽي جو اجلاس سڏائي تنظيم مان لفظ ڪڍي ڇڏيو. جنهن سان سنڌ جي سڀني شاگردن کي هڪ پليٽ فارم ملندو. اسان اجلاس ڪوٺايو ته حيرت انگيز طور سمورن سنڌي شاگردن يڪراءِ ان قدم جي حمايت ڪئي پر ۵۰-۱۹۴۹ع ۾ سنڌي شاگردن کي ڪراچي مان ڪڍيو ويو جنهن کان پوءِ تنظيم جي اهميت ختم ٿي وئي. جي ايم سيد کي مسلم ليگ مان نيڪالي ملڻ کان پوءِ سنڌ مسلم اسٽوڊنٽس جي اڪثريت سندس دشمن ٿي پئي پر هن ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي ۱۵ ڊسمبر ۱۹۴۷ع تي اسان سان ملاقات ڪئي. جي ايم سيد جو چوڻ هو ته افواهه آهن ته خان آف قلات آزادي جو اعلان ڪرڻ وارو آهي ۽ مير غلام علي ٽالپر جي قيادت ۾ سنڌ جا بلوچ قبيلا ساڻس گڏجڻ ۽ سنڌو درياهه جي اولهه ڪناري وارا علائقا بلوچستان ۾ شامل ڪرڻ چاهين ٿا اثررسوخ سبب مير بنده علي ٽالپر ۽ ٻيا مير حيدرآباد ۽ ٿرپارڪر ضلعا به ان ۾ شامل ڪرڻ جا خواهش مند آهن. ٻين علائقن تي يا ته وڏيرن جو قبضو هوندو يا وري هندستان جي اثر هيٺ ويندا. اسان کي سنڌ کي متحد رکڻو آهي. خان آف قلات ناڪام ويندو ۽ پاڪستاني فوج کيس چيڀاٽي ڇڏيندي پر ان تحريڪ جو سنڌ جي مستقبل تي به اثر پوندو. مير ۽ بلوچ ڪامياب نه ٿي سگهندا ۽ پنهنجي ٻرن ۾ لڪي ويندا ۽ هي افواهه ڪجهه ڏينهن ۾ ختم ٿي ويندا. لياقت علي خان پاڪستان جي ڪنهن به حصي مان چونڊجي نه ٿو سگهي ان لاءِ هو سڄي هندستان جي مسلمانن کي ڪراچي ۾ آباد ڪري رهيو آهي. ايوب کهڙي سندن کوکراپار کان داخلا بند ڪئي آهي پر هو کين بندرگاهه ۽ لاهور وسيلي گهرائي رهيو آهي. خان عبدالغفار خان قائداعظم کي پاڪستان پيپلز پارٽي يا ليگ ٺاهڻ جي صلاح ڏيڻ وارو آهي کيس اسان کي ۽ ملڪ کي هڪ سيڪيولر پارٽي جي ضرورت آهي. پاڪستان ٺهڻ جو نتيجو سنڌ جي فتح جي صورت ۾ نڪتو آهي. ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪيو پيو وڃي ايوب کهڙو انڪاري آهي پر پيرالاهي بخش حوالي ڪري ڇڏيندو. جلد اسلام، قائداعظم ۽ پاڪستان جي نالي ۾ اسان جو مستقبل تباهه ڪيو ويندو. ۱۹۵۰ع ۾ جي ايم سيد منهنجي اسڪالرشپ تي آمريڪا وڃي زراعت ۽ سائنس جي تعليم ۽ سکيا وٺڻ جي حمايت ڪئي. مون اتان ”ماڊرن نيشنلٽيز“ نالي ڪتاب آندو جيڪو جي ايم سيد جي سوالن جو جواب ثابت ٿيو. سندس ڪتاب ”موجوده سنڌ جا مسئلا“ هن ڪتاب جي بنياد تي ئي لکيل آهي. ۱۹۴۸ع جي شروع ۾ ايوب کهڙي ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جي مخالفت ڪئي ۽ سنڌ اسيمبلي اهڙو ٺهراءُ يڪراءِ منظور ڪيو. جي ايم سيد کي ۶ مهينن لاءِ نظربند، ايوب کهڙي کي برطرف ڪيو ويو ۽ پيرالاهي بخش وڏو وزير بڻجي ڪراچي جي سنڌ کان عليحدگي قبول ڪئي. جي ايم سيد جي نه هوندي شاگردن جي پويان ڪابه طاقت نه رهي پر نفرتون موجود رهيون ۽ ايتريون وڌي ويون جو قائداعظم جون تصويرون به دڪانن تان لاهڻيون پئجي ويون. آزاد ٿيڻ تي جي ايم سيد جو شاندار آڌر ڀاءُ ڪيو ويو. جي ايم سيد ۱۹۵۳ع جي چونڊن ۾ ڪامياب ٿي سنڌ اسيمبلي پهتو ۽ سندس حمايت سان عبدالستار پيرزادو وڏو وزير بڻيو. سنڌ زرعي ڪميشن جوڙي وئي. جي ايم سيد کي سنڌ جي زراعت ۽ ان کي جديد بڻائڻ جو تمام گهڻو اونو هو. هن زرعي سڌارا ۽ ٽريڪٽر سنڌ آڻڻ چاهيان پئي پر وفاقي حڪومت سرحد ۽ پنجاب ۾ ته ڪم ڪيو پر سنڌ ۾ ڪم ڪرڻ نه ڏنو. جي ايم سيد جي صلاح تي ئي ڀٽ شاهه ۾ ريسرچ سينٽر قائم ٿيو. گورک هل اسٽيشن به سندس ئي آئيڊيا هو. منهنجي خيال ۾ گورک تي هل اسٽيشن بڻجي نه ٿي سگهي. صوبائي حڪومت جي صلاح تي وفاق اترين علائقن کي اوليت ڏيندي گورک وارو منصوبو رد ڪيو. ون يونٽ آڪٽوبر ۱۹۵۵ع کان ۱۹۵۸ع تائين جي ايم سيد لاهور ۾ ۶ حمايتين سان گڏجي ون يونٽ خلاف مهم هلائي. ايتري ٿورن ماڻهن سان گڏ شروع ڪيل تحريڪ ايتري ڪامياب ٿي جو سيپٽمبر ۱۹۵۸ع ۾ اولهه پاڪستان اسيمبلي جي ۳۱۱ ميمبرن واري ايوان ۾ اڳوڻن صوبن جي بحالي وارو ٺهراءُ آندائين. ۷ آڪٽوبر ۱۹۵۸ع تي مارشل لا لڳائي جي ايم سيد کي گرفتار ڪيو ويو ۽ ٽن سالن بعد آزاد ٿيو. سندس چوڻ هو ته مارشل لا رڳو ون يونٽ بچائڻ ۽ ڪوٽڙي ۽ گڊو بئراج جي ۲۷ لک ايڪڙ زمين تي قبضي لاءِ لڳايو ويو هو. سکر بئراج جي ۵ ڪروڙ ۴۰ لک ايڪڙ زمين تي قبضو ٿيو آهي جي ايم سيد ۲ لک ايڪڙن تي ٿيڻو آهي ان لاءِ ۱۹۶۰ع واري ڏهاڪي ۾ جمهوريت نه ايندي. جي ايم سيد بهترين آبادگار به هو، وٽس سن ۾ ۶۰۰ ايڪڙ باراني زمين هئي جيڪا شاهه اويس پمپنگ ڪئنال وسيلي سيراب ٿيندي هئي. کيس هميشه پوکي جي جديد طريقن ۾ دلچسپي رهي. کيس ڄاڻ هئي ته درياهه سن کي ڪڏهن به نه ٿو پائي يا ٻوڙي سگهي پر سن واهه شهر کي کائي سگهي ٿو. هن ان کان بچاءَ جا طريقا به پڇيا جيڪي مون کيس ٻڌايا. هن فيبروري ۱۹۶۱ع مون کي محمد ابراهيم جويي، حسام الدين شاهه راشدي، غلام رباني آگري ۽ ڪرنل راشد کي رني ڪوٽ تائين پهچڻ جي سهولت فراهم ڪئي. هن مون کي ٻڌايو ته ذوالفقار ڀٽو مون وٽ آيو هو ۽ چيائين ته ايوب خان پاڻ ووٽن لاءِ هلي اچڻ لاءِ تيار آهي مون حمايت کان انڪار ڪندي کيس ٻڌايو ته تو وڏيون ڪاميابيون ماڻيون آهن ۽ جنهن تي اسان کي فخر آهي پر ايوب توکي گهڻو وقت برداشت نه ڪندو ۽ توکي فارغ ڪندو ان لاءِ خبردار رهجان، سيد مون کي سندس ۽ قائداعظم وچ ۾ ٿيل رابطن جا ثبوت به ڏيکاريا ۽ هن ان جو ذڪر پنهنجي ڪتاب ”اسٽرگل فار نيو سنڌ“ ۾ به ڪيو آهي. جي ايم سيد کي رني ڪوٽ جي تاريخ جي به مڪمل ڄاڻ هئي ۽ هن اسان کي ڪوٽ جي دروازن جا نالا به ٻڌايا. ڪرنل راشد جو رني ڪوٽ تي آرٽيڪل اقبال رويو ۾ ڇپيو. کيس مڃتا ملي ۽ هن جي ايم سيد جي دعوت جناح اسپتال ۾ ڪئي جتي هو ايم ايس هو، هن سيد جي ساراهه ڪئي پر جڏهن سيد کي ان اسپتال مان علاج ڪرائڻ جي ضرورت پئي ته هن اهو چئي انڪار ڪيو ته هو ڪنهن ملڪ دشمن جو علاج نه ٿو ڪري سگهي جنهن جو سڀ کان وڌيڪ ڏک حسام الدين راشدي کي ٿيو جنهن ڪرنل کي سيد سان متعارف ڪرايو هو. سيد جي اڳ ڪٿي موجب جنوري ۱۹۶۶ع ۾ تاشقند ٺاهه بعد ايوب خان ذوالفقار ڀُٽي ۽ نواب آف ڪالاباغ کي حڪومت مان ڪڍي ڇڏيو ڇو ته ٻنهي کي تمام گهڻي اهميت ملي هئي. ۱۹۶۵ع ۾ جي ايم سيد سان ملاقات ٿي ته ايوب خان جي زميني سڌارن جي حمايت ڪيائين جنهن مون کي حيران ڪري ڇڏيو. سندس موقف هو ته زميني سڌارن سان جاگيردارن جو زور ٽٽندو ۽ نئون وچولو طبقو جڙندو، زمين توڙي جو ڌارين کي ملندي پر يا ته اهي سنڌ ۾ ضم ٿيندا يا وري زمين سنڌي وچولي طبقي کي وڪڻي واپس هليا ويندا ۽ ڪجهه سالن بعد سيد جو اهو موقف به درست ثابت ٿيو. ايوب دور جي ڪرپشن لاءِ هن ملڪي ساخت کي ذميوار قرار ڏنو. آزادي کان اڳ ڪرپشن ڏوهه هو پر پاڪستان ۾ ان کي جائز سڏيو ويندو آهي. جي ايم سيد کي ٻه قومي نظريي ۽ پاڪستان مخالف قرار ڏئي ٻه سال قيد ڪيو ويو ۽ ۱۹۶۸ع ۾ آزاد ٿيو. کيس ٻڌايم ته حڪومت علي محمد شاهه راشدي کي سندس ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“ جو جواب لکڻ لاءِ چيو آهي. سيد چيو ته مون ڪتاب تي محنت ڪئي آهي پر ان جي نتيجي ۾ هاڻ سنڌي ادبي بورڊ تي ڏکيا ڏينهن ايندا. ٻيو ڇاپو نه ايندو ۽ بورڊ هاڻ رڳو ٻئي درجي جا ڪتاب شايع ڪندو. سندس ڪتاب ”موجوده سياست جا نَوَ رتن“ ۽ ”جيڪي ڏٺو مون“ انگريزي ۾ ترجمو ڪري سيڪريٽري اطلاعات کي ڏنا ويا پر انهن تي اهو چئي پابندي نه هنئي وئي ته پهريون ڪتاب قائداعظم، علامه اقبال ۽ سرسيد احمد خان ۽ ٻيو مذهب خلاف آهي جنهن سان سندس ئي ساک خراب ٿيندي. هن سنڌ جي بمبئي کان ڌار ٿيڻ بابت ڪتاب ۾ سنڌ کي پنجاب جو حصو بڻائڻ جي ڪوششن بابت ذڪر شايع نه ڪيو. هڪ ٻئي ڪتاب ۾ هن ون يونٽ بابت راشدي جو ۱۰ صفحن وارو بيان به ڪڍي ڇڏيو جنهن ۾ ون يونٽ دوران ڪلاس ٿري جون نوڪريون سنڌين کي ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي وئي هئي. جي ايم سيد پنهنجي پئسن مان سياست ڪئي، ۱۹۷۰ع ۾ مجيب الرحمان جي مان ۾ هوٽل انٽرڪانٽينينٽل ڪراچي ۾ دعوت ڪيائين جنهن جو خرچ ڀرڻ لاءِ کيس زمين وڪڻڻي پئي. هن شيخ مجيب جي ڇهن نڪتن جي به حمايت ڪئي. سيد جي چونڊن جو خرچ سيد حسن بخش شاهه ڀريندو هو پر ڀٽو دور ۾ هن اهو چئي خرچ ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته حضور جن سندس خواب ۾ اچي کيس مدد ڪرڻ کان روڪيو آهي. سيد سمجهي ويو ته حسن بخش شاهه ذوالفقار ڀُٽي کان ڊڄي ويو آهي. ڀُٽي مخدوم طالب الموليٰ کي اماڻي ملڪ سڪندر جي حق ۾ هٿ کڻڻ جي صورت ۾ ٺٽي مان بنامقابلي ڪامياب ڪرائڻ ۽ پير علي محمد شاهه راشدي کي سيد جي پارٽي سنڌ يونائيٽيڊ فرنٽ جي ٽڪيٽ نه ڏيڻ جي آڇ ڪئي جيڪا هن رد ڪري ڇڏي ۽ چيائين ته مون کي خبر آهي ته آڇ رد ڪري هارائيندس پر منهنجو فيصلو اٽل آهي. هڪ ڀيري هڪ شخص سيد جي ڍڳي چوري ڪئي ماڻهو کيس پڪڙي وٺي آيا ته چور قرآن پاڪ جو قسم کنيو آهي ته هن ڍڳي نه چورائي آهي. سيد کيس ڇڏي ڏنو. ڪجهه وقت بعد ماڻهو ڍڳي پڪڙي آيا ۽ سيد چيو ته هي ڍڳي منهنجي نه آهي هن قسم کنيو آهي، ان لاءِ ڍڳي کيس الله ڏني آهي. سندس موقف هو ته ۹۹ سيڪڙو ماڻهو قسم تي اعتبار ڪن ٿا ۽ ان جو معاشري ۾ بهترين ڪردار آهي ۽ آئون ان کي جاري رکڻ چاهيان ٿو. (ايم ايڇ پنهور جي تاريخي مقالي مان چونڊ ٽڪرا) سنڌيڪار: جاويد بوزدار جي ايم سيد واديءَ مهراڻ جو عظيم قومپرست اڳواڻ حيدري چانڊيو ڄام نظام الدين سنڌ جو هاڪارو حاڪم ٿي گذريو آهي ۽ ان وقت دولهه دريا خان سنڌ جو وزيراعظم هو، جيڪو سندس ڀروسي جوڳو ماڻهو هو. پنهنجي گڏيل حڪمت عملي سان سنڌ تمام گهڻي ترقي ڪئي هئي ۽ امن امان جي حالت تمام بهتر هئي، مجال هئي ڪنهن ڌارئي ڌاڙيل جي جو سنڌ ڏي ميري اک ڪري نهاري! هن ڳالهه ۾ ڪو وڌاءُ ڪونه ٿيندو ته ڄام نظام الدين سنڌي قوم جي ماڻهن جي دلين جو شهنشاهه ۽ سندس وزيراعظم دولهه دريا خان سنڌي قوم جي دلين جو هيرو هو ۽ ٻنهي سڄي عمر سنڌ ۽ سنڌي قوم سان ساٿ نڀايو، آخر ٻئي مڪليءَ جي مقام کي محلات بنائي وڃي اصل لاءِ آرامي ٿيا، انهيءَ ڳالهه کي اٽڪل پنج سؤ سال ٿيندا، مون نه سنڌ جي انهيءَ بادشاهه کي ڏٺو نه وري سندس وزيراعظم دولهه دريا خان کي ڏٺو، مون رڳو تاريخ جي ورقن ۾ پنهنجون سنڌ ۽ سنڌي قوم سان ناتي نڀائڻ جون ڳالهيون پڙهيون ۽ ٻڌيون! پر مون هڪ اهڙو لکن جو مٽ رانجهو ۽ ٻيو سندس عملي پيروڪار خليفي ٻنهين کي ضرور ڏٺو، جيڪي سڄي عمر سنڌ جا فدائي ۽ سنڌي قوم جي ڀلائي لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهيا، انهيءَ ۾ پهريون نمبر آهي جي ايم سيد ۽ ٻيو نمبر اچي ٿو سندس خليفي عبدالواحد آريسر جو، تاريخ جي نسبت سان آئون هت ذڪر ڪندس جي ايم سيد جو، جيڪو ضلعي دادو جي قديم شهر سن ۾ ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع تي سيد خاندان جي پشت مان محمد شاهه جي حويليءَ ۾ پيدا ٿيو، جيڪو اڳتي هلي تاريخ ساز انسان ثابت ٿيو. اهڙا عظيم انسان جيڪي سال جي ڪن مهينن ۽ مهينن جي ڪن ڏينهن ۽ تاريخن ۾ جنم وٺندا آهن ته اهي سال، مهينا ۽ اهي تاريخون سندن امر نالن سان سڃاتا ويندا آهن. اهڙي طرح ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع کي جي ايم سيد جي ماکيان مٺي نالي جي جنم ڏينهن سان سڃاتو وڃي ٿو، جيڪو سنڌي قوم لاءِ وڏي اهميت وارو ڏينهن آهي. سندس جنم ڏينهن جي نسبت سان آئون مختصر اهو چوندس ته جي ايم سيد جي رڳن ۾ رت سان گڏ سنڌ جي محبت به گردش ڪندي رهي. هن پنهنجي سڄي زندگي سنڌي قوم جي ستل نصيب کي جاڳائڻ لاءِ لڳاتار جدوجهد ڪندو رهيو. سنڌ ۽ سنڌي قوم سان سندس وفاداريون ايتريون ته مضبوطي سان ثابت ٿيل آهن جو جڏهن به سنڌ ۽ سنڌي قوم جي مٿان ڪا مصيبت اچي ٿي ڪڙڪي ته هر پارٽي وارو ماڻهو کيس ياد ڪري هي چوڻ تي مجبور ٿو ٿئي ته، ”يار جي ايم سيد سچو هو!“ هي هڪ حقيقت آهي ته سنڌ ۽ سنڌي قوم جي ڀلائي ۽ رهنمائي لاءِ قدرت هڪ هيرو عطا ڪيو هو، جنهن جي روشن خيالي ۽ وسيع النظري هيٺ سنڌي قوم کي انقلابي سياسي سوچ ملي، جنهن سان سنڌ جي حقن حاصل ڪرڻ جو سبق مليو. سنڌي قوم کي سياسي، اقتصادي، ثقافتي ۽ خودمختياري جو احساس مليو، هن ڪڏهن به ”سون تي سيڻ مٽائڻ جي ڳالهه ڪانه ڪئي، سندس ساري توجهه سنڌي قوم جي اخلاقي اصلاح ۽ تربيت طرف رهي، سندس هر تقرير، هر تحرير ۾ نوجوانن لاءِ اهو پيغام هوندو هو ته پنهنجا اخلاق سڌاري بلند اخلاق بڻجو، جنهن ۾ اوهان جي ڀلائي جو راز سمايل آهي، پاڻ اجائي ڏيک ويک کان قطعي پري نهايت ئي اعليٰ اخلاقي جا مالڪ صوفي منش جا مالڪ هئا. مون پنهنجي عمر جا اٽڪل ۳۰ سال سندس نيازمندي ۾ گذاريا، هن وقت منهنجي عمر ۸۱ سال آهي، انهن ۸۱ سالن مان سائين جي ايم سيد سان گذاريل ۳۰ سالن کي ئي سجايو سمجهان ٿو، باقي عمر ڄڻ اجائي گذري! مون جي ايم سيد جهڙي عظيم انسان جي ڪچهرين ۾ ويهي، ماکيءَ کان به وڌيڪ مٺن گفتن ۽ سچائي جي شفاف چشمن مان مون جيڪي چڪيون چکيون، انهن جي روحاني لذت کي پنهنجي سيني اندر سانڍي رکيو آهي. ساڻس گڏ گهاريل گهڙيون منهنجي زندگيءَ جو اهم سرمايو آهن، هي هڪ حقيقت آهي ته سائين جي ايم سيد جن کي به سنڌي قوميت جو پيالو، پنهنجي هٿن سان تيار ڪري اکيون اکين ۾ ملائي هڪ انداز سان اچي چئي پياري پُر ڪيو، انهن کان اڃا تائين خمار نه لٿا آهن، جيڪي زماني مان لڏي ويا آهن ته اهي خمار کنيون ويا آهن، جيڪي جيئرا آهن، سي قوميت جي مئي جا متولا جهومندي نظر اچن ٿا. چون ٿا توڙي لک ڏيو بيان هي دل ڪا نه ڦرندي ڪانه، لالچي ليڊرن جا مسئلا مطلب وارا آهن، مطلب جا مروان، هي دل ڪانه ڦرندي ڪانه! هو جي ايم سيد جي ڏنل فڪر ۽ اصولن تي ڪاربند بڻجي پنهنجي حال آهر، جستجو ۾ مصروف آهن ۽ شيخ اياز جا لفظ ورجائي پيا ٿا پڇن ته: ”ڪڏهن ڪرندي ڪاڪ، ڪڏهن ملندو مينڌرو، پڇان وڏي واڪ، سڏ به ڏئي ڪو سنڌ مان!“ انهيءَ سڏ جو جواب اڄڪلهه نه جاگيردار ڀوتار ڏيندا نه رئيس وڏيرا ڏيندا ۽ نه وري مير پير ڏيندا. انهيءَ سڏ کي ورجائڻ وارا هن زماني مان ڪي لڏي ويا، ڪي لڏيندا پيا وڃن! پر پوءِ به سنڌ خالي ڪانهي ٿي! هن چوڻي جي ته: ”اڃان رڻ مان رڙ، اچي پئي اچي پئي، متان سمجهو ته، مئا مور سارا.“ سائين جي ايم سيد حقن جي حاصلات جي شمع اڃان اجهائي ناهي، جيڪا اڃا ٻري پئي ۽ ٻرندي رهندي! جي ايم سيد وٽ يونيورسٽين، ڪاليجن، اسڪولن جا وفد ايندا هئا ته سائين آيل نوجوان شاگردن سان مخاطب ٿيندي چوندو هو ته شاگردؤ! دنيا ۾ ڪيئي قومون عاد، ثمود وغيره جهڙيون آيون ۽ صالح نه هئڻ ڪري صفحه هستي تان مٽجي ويون، قدرت ڪنهن جي طرفداري نه ٿي ڪري، اوهان سنڌي نوجوان پاڻ ۾ صلاحيت پيدا نه ڪندا ته اوهان کي نئين مقابلي ۾ ڪو به بچائي نه سگهندو، ذهني صلاحيت ۽ اخلاق جي درستگي، زندگيءَ جي مقابلي ۾ تمام ڪارآمد شيون آهن، پنهنجي ڌرتي سنڌ سان وابستگي، پنهنجي ٻولي سان محبت، قديم روايات ۽ ڪلچر سان دلچسپي اوهان جا مشعل راهه هئڻ گهرجن. سنڌ کي اتحاد انساني، امن عالم، ترقي نوع، انسان لاءِ پيغام آهي، اوهان کي ان پيغام جو مشينري ٿي ڪم ڪرڻو آهي. سنڌ دنيا لاءِ محبت ۽ امن جو پيغامبر سنڌ حُب الوطني وفا، قرباني ۽ مهمان نوازي رواداري، غيرت، شرافت ۽ عزت جي صفات جو مخزن آهي، سندس مٽي اسان لاءِ مقدس ۽ خاڪ شفا آهي! هن جي هر شيءِ اسان لاءِ باعث رحمت آهي، پيغمبر خدا کي سرزمين سنڌ کان جنت جهڙي ٿڌڙي هير لڳي هئي، ان ڪري ان جون دعوائون وسن پيون ٿيون. سنڌ جا دوست اسان جا دوست آهن، سنڌ جا دشمن اسان جا دشمن آهن! اسلام بابت جي ايم سيد جو چوڻ هو ته اسلام کي مڃڻ وارن جا ٻه گروهه رهيا آهن (۱) هڪ گروهه جو چوڻ آهي ته اسلام ماڻهن جي وچ ۾ مذهبي گروهن نسلن، قومن ۽ رنگن جي نالي ۾ کڙي ڪيل ديوارن کي ڊاهي انسان ذات ۾ اتحاد امن، فلاح ۽ بهبودي پکيڙڻ لاءِ آيو هو، اهو دين فطرت هو، جنهن جي ابتدا کان سڀني پيغمبرن پيغام ڏنو هو، اهو نئون دين ڪو نه هو، بلڪه ان مطابق سڀني مختلف مذهبن جي ظاهري ڪثرت پويان بنيادي وحدت سمايل هئي، اهڙي تعليم جو فروغ صحيح سمجهاڻي اخلاقي درستي ۽ نفسياتي اصلاح ذريعي تاليف قلوب، رواداري ۽ باهمي گفتگو وسيلي ٿيڻ هو. شدت، نفرت، نفاق، خود مطلبي، ان جي راهه ۾ رڪاوٽون هيون، دين جي معاملي ۾ زور زبردستي بلڪل ناجائز هئي، پيغمبر خدا رحمة العالمين ٿي آيل هو، هو غلامن کي آزاد ڪرائڻ، اجائي ڦرلٽ کي بند ڪرائڻ، انصاف جو دؤر قائم ڪرڻ ۽ دنيا ۾ امن امان ڪرڻ لاءِ آيل هو، نه ان ڪمن کي ئي مروج ڪرڻ لاءِ جي پوءِ ڪن ماڻهن، اسلام جي نالي ۾ ڌارين ملڪن کي غلام بنائڻ، ڦرلٽ، مار ڌاڙ ڪرڻ، آزاد ماڻهن کي غلام بڻائڻ جا ڪم ڪيا هئا! (۲) ٻئي گروهه جو چوڻ هو ته اسلام هڪ نئون مڪمل عالمگير مذهب ٿي آيل هو، ان جي اچڻ سان، ٻيا سڀ دين رد ٿي ويا هئا، هن جا مکيه متا هئا، توحيد، حج، زڪوات، روزو، نماز هئا، انهن متن ۽ ان دين جي شريعت (دستور العمل) کي زوري دنيا جي ماڻهن مٿان مسلط ڪرڻ هو، جنهن عمل کي جهاد جي نالي سان سڏيائون ٿي، ان ۾ ٻين ملڪن تي چڙهايون ڪري بي گناهه خونريزي ڪرڻ، ان تي قبضو ڪرڻ، ڦرلٽ ڪرڻ، مردن عورتن کي غلام ڪري رڍن ٻڪرين وانگر وڪڻڻ کي جائز ٿي سمجهو، اڃا تائين مسلمان، ساڳي طرح ٻن گروهن ۾ ورهايل آهن، جن ۾ پهريون گروهه جي مڃيندڙن کي بزرگن درويشن جو گروهه چيو وڃي ٿو، هنن جو چوڻ آهي ته اسلام جو فروغ تلوار ۽ تشدد جي ذريعي ڪو نه ٿيو هو، بلڪه تاليف قلوب ۽ بهترين اصولن ڪري ٿيو. اهو ماڻهن قبول ڪيو هو، مسلمان حاڪمن طرفان جي ملڪ گيري، ڦرلٽ ۽ ٻيا ڪيترائي ظلم ٿيا هئا، انهن جو اسلام سان ڪو تعلق ڪو نه هو، ٻئي گروهه جي پوئلڳي ڪندڙن کي مولوي چيو وڃي ٿو. هڪ طرف مذهب اسلام، امن ۽ سڪون جي خواهش ڏيکاري ٿو ۽ اهڙي تلقين ڪري ٿو، ٻئي طرف ڏسبو ته دنيا ۾ سڀ کان زياده بدامني ۽ خونريزي مذهب جي نالي ۾ ٿي رهي آهي، جنهن سبب خوني ديوَ ناچ پيو ڪري، ڪڏهن ڪٿي، ڪڏهن ڪٿي ناحق خون پيو وهائي، شدت پسندي جو وڌي وڃڻ، عذاب الاهي کان گهٽ نه آهي! سائين جي ايم سيد صدين کانپوءِ سنڌي قوم کي هڪ اهڙي رهنما ۽ مفڪر جي حيثيت ۾ مليو، جنهن وٽ عملي طرح پنهنجي فڪر جو تفسير موجود هو، جيڪو مرشد لطيف جي شاعري ۾ موجود هو، پر ان فڪر جو عملي پيروڪار جي ايم سيد ٿي ڏيکاريو. اهڙن عظيم انسانن لاءِ ئي مرشد لطيف کي چوڻو پيو ته، ڪاڪ نه جهليا ڪاپڙي، موهيا ڪنهن نه مال، جي ڇورين ڏنا ڇال، ته به لاهوتي لنگهي ويا. (شاهه) ڏٺو وڃي ته مرشد لطيف جي شاعري اسان جي اونداهي اندر ۾ سج وانگر سوجهرو پيدا ڪري ٿي ته جي ايم سيد وري ان فڪر جو تفسير بڻجي قومي اڳواڻ جي حيثيت سان اسان جي منزل کي اجاگر ڪيو، هن کي سنڌ ۽ سنڌي قوم جي عشق ۾ نظربنديون ۽ جيل جون مصيبتون ۽ پراون سان گڏ پنهنجن جون عقوبتون سهندي پنهنجي اصول کان نه هٽيو، هن تي اهي فتوائون به لڳيون ته هي سنڌي قوم جي ماڻهن خاص طرح نوجوانن کي ڪفر جون ڳالهيون ٻڌائي سندن ايمان جو ٻيڙو ٻوڙي رهيو آهي، مطلب ته هن جي راهه ۾ ڪٿي رڪاوٽون وجهي کيس جهُڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر هو ڪنهن جي اڳيان نه جهڪيو. آئون سمجهان ٿو ته سائين جي ايم سيد جابرن اڳيان جهُڪڻ نه پر جهُڪائڻ يا مهاڏي اٽڪائڻ لاءِ آيو هو، ڪنهن لٽيري سنڌي قوم جي حقن تي ڌاڙي هڻڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي ته جي ايم کيس هڪل ڪري ٿي چيس ته خبردار متان ائين ڪيو اٿئي! سائين جي ايم سيد برصغير پاڪ- هند جي اختلافي شخصيت هجڻ سان گڏ نهايت انقلابي شخصيت جو مالڪ هو، هو سنڌ جي سياست جا سمورا گر گس ڄاڻڻ سان گڏ هڪ اهڙي دل به رکندو هو، جيڪا قوميت سان گڏ انساني جذبن سان سرشار هئي، عملي سياستدان هجڻ سان گڏ وڏو سياسي مفڪر هو، هن سنڌي قوم جي اصلاح توڙي آزاديءَ جي جدوجهد جي سلسلي ۾ حال آهر اڀرندڙ سج جي پوڄارين جي وچ ۾ ويهي ڪري گهڻو ڪجهه ڪيو، پنهنجي علم، عقل جي وسعت ۽ گهرائي، پنهنجي غور فڪر جي روشني، پنهنجي عمل ۽ ڪردار جي بلندي، پنهنجي سچائي، پنهنجي سياسي، سماجي سگهه ۽ سمجهه سان سنڌي قوم جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو، هن سياسي سماجي ميدان ۾ رهندي سندس سارو توجهه سنڌي قوم جي اخلاقي اصلاح ۽ تربيت طرف رهيو. سندس هر تقرير هر تحرير ۾ نوجوانن لاءِ اهو پيغام هوندو هو ته اخلاق سڌاري، بلند اخلاق بڻجو، انهيءَ ۾ اوهان جي ڀلائي جو راز سمايل آهي! کين اها هدايت به ڪندو رهندو هو ته اوهان خوف ۽ لالچ کان پري رهو. پاڻ اجائي ڏيک ويک کان پري ۽ قطعي پري، نهايت ئي اعليٰ اخلاق جا مالڪ ۽ صوفي منش انسان هئا ۽ مهمان نوازي ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئا، هن جو چوڻ هو ته کائڻ جو مزو ته سڀڪو وٺي ٿو، پر کارائڻ جو مزو اڃا ڪو ٻيو آهي. مون سي ڏٺا ماءُ، جني ڏٺو پرين کي، تِني سندي ڪاءِ، ڪري سگهان نه ڳالهڙي! (شاهه) جي ايم سيد جون ڳالهيون ارباب ڇڄڙو انسان به گوشت پوشت جو هڪ ٺهيل مجسمو آهي، جنهن ۾ سڀ اهي نشانيون پڻ شامل آهن. جن جو مرڪب آهي. باهه، لوهه، هوا، مٽي ۽ پاڻي ۽ سڄي عمر ان جي دائري کان ٻاهر ڪو نه ٿو نڪري سگهي. ان لاءِ گيتا کان فرقان تائين سڀ ڪتاب شاهد آهن. ان ڪري ڪڏهن ماڻهو باهه آهي، ڪڏهن پاڻي، ڪڏهن مٽي ۽ ڪاوڙ ۾ باهه، رحم ۾. مٽي ۽ پاڻي. جڏهن هن ۾ لوهه جو عنصر اچي ٿو ته، هو پنهنجي قول ۽ فعل تي پڪو ٿي بيهي رهي ٿو. اسان مان ڪيترن ڏٺو هو ته، سائين جي ايم سيد محبت ۾ ماکيءَ ۽ ڪاوڙ ۾ لوهه هيو. وقت کان ڪڙو هيو، نرم وري ايترو جو ڳالهين هلندي ڪنهن ساٿيءَ جي بيوفائي ياد ايندي هيس ته روئي ويهندو هو. جهڙو انسان مٽيءَ وانگر ڀور ڀور ٿي پوندو هو. سچ چوڻ جو اهو عالم هيو جو جناح کان پير صاحب پاڳاري تائين هر هڪ کي منهن تي سچ چوڻ کان ڪو نه لهرائيندو هو. جڏهن ڪو ٻڌائيندو هوس ته توهان جو فلاڻو ڪارڪن ڀتا خوري ٿو ڪري تڏهن روئي ويهندو هو ۽ پوءِ ان کي ڪچيون پڪيون سڀ گاريون ڏيندو هو. ڪنهن صحافيءَ جي پڇيل جواب ۾ چيو هئائين ته، ها، مان گاريون ڏيندو آهيان، پٽيندو ان ڪري نه آهيان ته متان ڪو پاراتو لڳي نه وڃي. جڏهن ڪو پيءُ پٽ تي ڪاوڙجندو آهي. تڏهن هو پٽ کي پاراتا ڏيندو آهي پر جي ايم سيد ائين ڪڏهن به ڪو نه ڪيو هو. مهاتما گانڌيءَ لاءِ مشهور آهي ته، هن ڪڏهن به ڪنهن کي جھڙڪيو نه هو. پر هڪ ڀيري هڪ ڪارڪن کي بک لڳي ۽ بي وقتي ماني گهري هئائين ته گانڌي جي ان کي ڌڪو ڏئي چيو هو وقت جو انتظار ڪر. پر جي ايم سيد وت ڪنهن وقت به مهمان آيو ماني حاضر هوندي هئي. ڪي ڪارڪن ته، فرمائشون ڪندا هئا. هي کپي هو کپي، سيد اها شئي ان وقت حاضر ڪئي هوندي. جڏهن سيد هليو ويو. تڏهن چاچي غلام قادر مون کي ۽ حاجي سڪندر ڪورائيءَ کي چيو هو ته هاڻي توهان جون فرمائشون پوريون ڪرڻ وارو ڪو نه رهيو آهي. تڏهن اسان جون اکيون عشق بار ٿي ويون هيون هڪ ڀيري سيد جي اندرين اوطاق تي ويٺا هئاسين. اتي هڪ کٽ تي ٻلو ننڊ پيو هو. ڪنهن دوست ان کٽ تي ويهڻ جي ڪئي ته سيد چيس. بابا هيڏانهن اچي ويهه. ٻلي جي ننڊ خراب ٿيندي. انسان ته ڇا پر هڪ جانور جي ننڊ جو به خيال ٿي رکيائين. هڪ ڀيري هڪ چور سيد جي ڳئون چوري ڪري ويو، ڌنار خبر چار وٺي. اچي سيد کي ٻڌايو ته فلاڻو ڳئون چوري ڪري ويو آهي پاڻ ان چور کي گهرائي چيائين بابا جي ڳئون تو وٽ آهي ته، اسان کي ڏئي وڃ. ڪا به ٻي سزا نه آهي. همراهه ڀري ڪچهريءَ ۾ چيو. نه سائين مون ڳئون ناهي چو ري ڪئي. چور هليو ويو، ٿورن ڏينهن کانپوءِ ڪجهه ماڻهو ڳئون سميت ان چور کي ٻڌي وٺي آيا. ان وقت به ڀري ڪچهري جاري هئي. سيد چيو بابا اها ڳئون منهنجي نه آهي ۽ چور کي ڳئون سميت ڇڏي ڏنائين.پڇڻ تي پوءِ ٻڌايائين ته، هيترن ماڻهن ۾ هن جو من مجروح ٿئي ها. انسانيت جو علم بردار جي ايم سيد هوندو هو. موري جو ڪارڪن. ڪامريڊ مٺل حيدري چانڊيو. سان سيد چرچا ڀوڳ ڪندو هو ۽ مٺل به سائينءَ سان چرچا ڪندو هو. اهڙا چرچا جو اسان جي کل بند ڪا نه ٿيندي هئي. ڀٽ ڌڻي وڳند جت سان چرچا ڪندو هو. هت به ساڳيو نمونو هوندو هو. اڄ به اسان پنهنجي جھوني ڪامريڊ مٺل چانڊيي کان اهي چرچا ٻڌي کلي ويهندا آهيون ۽ پوءِ اداس!؟ جي ايم سيد ۽ ڀٽ ڌڻيءَ ۾ بس هي فرق آهي. جو شاهه لطيف رح سنڌي قوم کي شاعري ڪري سجاڳ ڪيو ته، سائين جي ايم سيد نثر لکي سنڌي قوم کي پنهنجي ماضي، حال ۽ مستقبل جون ڳالهيون ٻڌايون ۽ ان کي پنهنجو شاندار ماضي ٻڌايو ۽ سيد جي هيرا ڏنا. جھڙوڪه راجا ڏاهر،دودو سومرو، دولهه درياهه خان، هوشو شيدي، مخدوم بلاول ۽ ٻيا. هن ٻڌايو ته لٽيرا ڪڏهن به هيرا نه هوندا آهن. هو ڌاڙيل ۽ ڦورو هوندا آهن. توڙي جو هو ڪهڙو به چوغاپائي اچن. ڦورو بس ڦورو آهي. ان جي ايم سيد پاڪستان لاءِ پوري سنڌ جي ماڻهن کي مسلم ليگ ۾ آندو ۽ ۱۹۴۳ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ مان پاڪستان لاءِ قرارداد پيش ڪئي ۽ پاس ڪرائي جڏهن پاڪستان ٺهيو ته، هڪ به سنڌي حڪومت ۾ نه کنيو ويو، پوءِ ايوب کهڙي جي ڀرپور جدوجهد کان پوءِ هڪ وزارت ملي جيڪا عبدالستار پيرزادي کي ڏني وئي، سنڌين سان هي پهرين جٺ هئي ۽ پوءِ سنڌين کي طرحين طرحين جا طعنا سهڻا پيا. ڪنهن چيو. سنڌي گڏهن چارڻ وارا آهن، ڪنهن چيو. ننڍي صوبن وارا ننڍي دماغ جا مالڪ آهن. توڙي جو. سر آغا خان جنهن مسلم ليگ ڍاڪا ۾ جوڙي هئي. جناح صاحب، شيخ عبدالمجيد سنڌي جنهن ۱۹۳۸ع ۾ پاڪستان لاءِ پهريون ڀيرو قرارداد پيش ڪئي ۽ پاس ڪرائي ۽ سائين جي ايم سيد سميت سڀ جو سڀ سنڌي ليڊر هئا. جن پاڪستان جوڙيو هو. انهن کي اهڙا القاب ٿي مليا ۽ سنڌ جي زمين، سنڌ جون نوڪريون سڀ غير سنڌين لاءِ مال غنيمت هيون. ڌارين تي فضل ربي رهيو. جي ايم سيد ته هر هر جيل موڪليو ٿي ويو. خدا هن تي ناراض هيو، زمين هن لاءِ تتل هئي. حڪمران ان تي ڏمريل هئا. جڏهن اسان جو هڪ سنڌي جناب ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جو وزيراعظم ٿيو ۽ سنڌ کي ڪو به حق نه مليو، رهندو رهيو کهيو مال به ڌارين جي حوالي ٿي ويو هو. حيدرآباد ۽ نواب شاهه ۾ سيد تي خوني حملا ٿيا.تڏهن سيد تجربي جي بنياد تي اعلان ڪيو ته، هاڻي سواءِ سنڌ جي آزاديءَ جي ٻيو ڪو به رستو نه رهيو آهي.ان اعلان کي سنڌ جي وڏيرن، پيرن ۽ ملن ڪا به موٽ ڪا نه ڏني ڇو ته، هو مفت خور آهن. پر سنڌ يونيورسٽيءَ جي روشن خيال نوجوان شاگردن کيس اکين تي رکيو ۽ جدوجهد جو اعلان ڪيو. ائين ڏسندي ڏسندي حق راهه تي سر ڏيڻ وارن جي هڪ فوج تيار ٿي وئي. ۽ پوءِ انهن کي بنا موت جي ماريو ويو ۽ اهي اڄ تائين موت کي ڀاڪر پايو بيٺا آهن، پر سنڌ امڙ ڪنهن ايري غيري کي ڏيڻ لاءِ تيار ئي نه آهن. دنيا جا سمورا غير معمولي ماڻهو متنازعه رهيا آهن. يسوع مسيح هجي يا آئزڪ نيوٽن، حضرف محمد صه هجي يا گئليلو، سقراط هجي يا مارٽن لوٿرڪنگ، ڪارل مارڪس هجي يا مهاتما گانڌي، ابوالڪلام هجي يا غفار خان، انهن سڀني جي متنازعه هجڻ جو مکيه سبب هڪڙو ۽ ساڳيو آهي. اهو اهو ته انهن سڀني غير معمولي شخصن معمول مطابق هلندڙ زندگيءَ ۾ طلاطم پيدا ڪيو. پنهنجي پنهنجي وقت جي مروجه سوچن ۽ عقيدن، ريتن، قاعدن ۽ قانون کي چئلينج ڪيو. وقت جي غالب ۽ ناڪاري قوتن سان سرچاءُ ڪرڻ جي بجاءِ انهن سماج جي ڍڪيل ۽ ڪمزور محسوس ٿيندڙ هاڪاري قوتن کي نمايان ڪيو ۽ ناڪاري قوتن سان ويڙهه ۾ انهن جي قيادت ڪئي. اڄ سائين جي ايم سيد جو نظريو عام ٿي رهيو آهي، پر سندس ڪارڪن ٽولن ۾ ورهائجي ويا آهن. سن جي شهر ۾ هر سال الڳ الڳ ڪيترائي جلسا ٿي رهيا آهن. هر هڪ اديب ۽ دانشور کين صلاح ڏئي رهيو آهي ته ٻڌي ڪريو پر اڃا اٺ بيٺو آهي. اڄ سيد جي ۱۱۷ هين سالگرهه آهي، ان لاءِ آزادي پسند سڀني قومن کي ان جي مبارڪ ڏجي ٿي، جيڪي آزاديءَ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن. جھونا ڳڙه جُهرندو، پوندي جھانءِ، جھروڪ ۾. (شاهه) جي ايم سيد ۽ قومي تحريڪ جو مستقبل عبدالخالق جوڻيجو سنڌ جي قومي تحريڪ تي اڄڪلهه هڪ نئين ۽ مختلف پاسي کان گفتگو ٿيڻ شروع ٿي آهي. هڪڙن ماڻهن جو چوڻ آهي ته ”قومي تحريڪ اڳي جي ڀيٽ ۾ ڪمزور ٿي آهي“. ٻيو خيال اهو آهي ته ”قومي تحريڪ سوچ جي لحاظ کان وڌيڪ وسيع ۽ طاقتور ٿي آهي پر عملي طور اڳي جي ڀيٽ ۾ ڪمزور ٿي آهي“. اڃا ٽيان ماڻهو ته سواليه نشان لڳائيندي پڇن ٿا ته ”قومي تحريڪ آهي به ڇا“، يا اهو ته ”سنڌي قوم اڳتي نڪري ويئي آهي، قومپرست ليڊر پوئتي رهجي ويا آهن“. انهن سوالن ۾ جزوي سچائي ضرور آهي. هڪڙا ته قومي تحريڪ جا دشمن آهن (ڌاريا حڪمران توڙي مقامي سنڌي) جيڪي قومي تحريڪ کي ڪمزور ڪرڻ ۽ هڪڙو منفي مايوسيءَ وارو ماحول پيدا ڪرڻ خاطر اهڙا سوال اٿارين ٿا پر اها به حقيقت آهي ته انهن تبصرن ۽ تجزين کي رڳو ”سنڌ دشمنن جي سازش“ چئي رد نٿو ڪري سگهجي. انهن ۾ ڪجهه سچائي بلڪل آهي. فڪري طور قومي تحريڪ جي طاقت ۽ وسعت جو ثبوت اهو آهي ته پيپلز پارٽي، مسلم ليگ ۽ جماعت اسلامي جهڙيون پارٽيون جيڪي پيدائشي ۽ فطري طور سنڌ جي قومي وجود جون مخالف آهن ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ کي ”اسلام ۽ نظريه پاڪستان“ جي خلاف قرار ڏينديون رهيون آهن اهي به اڄ پاڻ کي سنڌ ۾ سياسي طور زندهه رکڻ خاطر سنڌ ۽ سنڌين جي حقن جي ۽ انهن سان ٿيندڙ ناانصافين جي ڳالهه ڪرڻ تي مجبور آهن ۽ ڪمزوريءَ جو اظهار تڏهن ٿئي ٿو جڏهن انهن پارٽين سان واڳيل قومپرستيءَ جا ازلي دشمن پير، مير، وڏيرا ۽ ڪرپٽ وزير، مشير ۽ اسيمبلي ميمبر اها لٻاڙ هڻندا آهن ته ”اسان کان وڌيڪ قومپرست ڪوئي ناهي“. ماضيءَ ۾ جيڪڏهن غلطيءَ سان به انهن جي نالي سان قومپرست جو لفظ اچي ويندو هئو ته اهي ”قسم قرآن“ کڻي رڙيون ڪندي چوندا هئا ته ”اسان قومپرست ناهيون“. صحيح ۽ غلط، سچ ۽ ڪوڙ کي ڌار ڪرڻ ۽ حقيقتن کي سامهون آڻڻ لاءِ ضروري آهي ته اسان سنڌ جي قومي تحريڪ جو ۽ قومپرست پارٽين ۽ ليڊرن جي ڪردار جو ڇيد ڪريون ڇاڪاڻ ته ”مرض جو علاج ڪرڻ لاءِ ان جي ڪارڻن جي تشخيص ڪرڻ لازمي عمل آهي“. اتي ٻه رايا آهن. هڪڙن دوستن جو چوڻ آهي ته ”جيئن ته سنڌ مشڪل صورتحال مان لنگهي رهي آهي تنهن ڪري اختلاف ۽ تنقيد کان پاسو ڪرڻ کپي“ جڏهن ته مان ان راءِ جو آهيان ته ”جيئن ته سنڌ مشڪل صورتحال کي منهن ڏيئي رهي آهي تنهن ڪري لازمي آهي ته پنهنجو تنقيدي جائزو وٺون ۽ صورتحال تي گهڻ طرفو بحث ڪريون“. سنڌ ۾ قومپرستي ۽ قومي تحريڪ جو سڀ کان وڏو حوالو سائين جي.ايم.سيد آهي. صحيح ٿيندو ته اسان موجوده صورتحال جو جائزو سندس حوالي سان وٺون. سائينءَ جنهن ”جديد قومپرستي“ جي ڳالهه ڪئي ان يورپ ۾ سماجي ارتقا جي هڪڙي مخصوص مرحلي تي وجود ورتو. مذهب (چرچ)، جاگيرداري، ۽ فوجي سلطنتن جي بالادستيءَ ۽ ڳٺ جوڙ تي مشتمل ”اونداهي دور“ (Dark Ages) واري يورپ ۾ جڏهن ”سجاڳي“ (Renaissance) جي لهر اٿي ته نيون قوتون اڀريون جن اونداهيءَ جي علمبردار عنصرن کي چئلينج ڪيو، انهن سان ڊگهي ۽ خطرناڪ جنگ ڪئي ۽ انهن کي شڪست ڏني، تڏهن نئين يورپ جنم ورتو جيڪو گذريل اٽڪل پنج سئو سالن کان دنيا جي اڳواڻي ۽ ان تي حڪمراني ڪري رهيو آهي. اهي نوان ۽ ترقي پسند عنصر هئا سيڪيولرزم، واپار ۽ صنعت ۽ قومي رياستون. سائين جي.ايم.سيد جو ڪارنامو اهو هئو ته هن سنڌ جي ماڻهن ۾ لاشعوري طور موجود حب الوطنيءَ جي جذبي کي شعوري شڪل ڏني. يورپ جي تجربي مان فائدو وٺندي اتي سرجندڙ جديد علم کي هن سنڌ جي حالتن تي لاڳو ڪيو. سنڌ جي تاريخ جي مطالعي، سنڌي سماج جي جائزي ۽ سياسي جدوجهد ۾ پنهنجي تجربن کي سموهي هن سنڌ جي قومپرستيءَ کي واضح ۽ مضبوط بنيادن تي بيهاريو ۽ ان لاءِ اقرار به ڪيائين ته ”مان تجربا ڪري، هٿ ساڙائي هنن نتيجن تي پهتو آهيان“. اهي نتيجا اهي هئا ته مذهب جي نالي تي ۽ فوجي طاقت جي بنياد تي بيٺل رياست سنڌ جي قومي نجات ۽ انسان ذات جي ڀلائيءَ ۾ رڪاوٽ آهي ۽ سنڌ جي سياسي، ثقافتي ۽ اقتصادي آزاديءَ خاطر جدوجهد ۾ پيرن، ميرن ۽ جاگيردارن مان ڪا اميد نه رکڻ گهرجي. ۽ پوءِ بنگلا ديش واري سڀ کان وڏي ۽ فيصلائتي تجربي کان پوءِ جڏهن هُن آزاد، خودمختار ۽ خوشحال سنڌ لاءِ جدوجهد جي نئين مرحلي جي شروعات ڪئي ته ڪوبه وڏيرو، جاگيردار، مير، پير يا ملا ان جدوجهد ۾ نه رهيو. تحريڪ ۽ تنظيم جو مکيه ڪم سائينءَ اڀرندڙ مڊل ڪلاس جي نئين نسل تي رکيو جيتوڻيڪ ان ۾ تمام گهڻيون اوڻايون، ڪچايون، ڪوتاهيون هيون ۽ اهي غلطيون به ڪري رهيا هئا جن جو ذڪر به سائين پنهنجي تقريرن ۽ تحريرن ۾ ڪندو رهيو. ان کان علاوه فيصلائتي قوت سنڌي عوام کي سمجهندو هئو جنهن لاءِ نه رڳو ائين چوندو هئو ته ”قومي تحريڪ تڏهن ڪامياب ٿي سگهندي جڏهن سنڌي ماڻهن جي اڪثريت ان ۾ حصو وٺندي“ پر مختلف حڪومتن طرفان مليل ڊگهي قيد ۽ نظربنديءَ کان جڏهن به ۽ جيئن ئي آزادي ملندي هئس ته عوامي رابطي جي دوري تي نڪري پوندو هئو. ان لاءِ نه موسم جي سردي گرميءَ کي ڏسندو هئو ۽ نه ئي عمر جو يا صحت جو خيال ڪندو هئو. انهن بنيادن تي قومي تحريڪ جو جائزو وٺبو ته ٿلهي ليکي ان جا ٻه پاسا ٿيندا؛ هڪڙو نظرياتي ۽ ٻيو عملي. ۽ ان جائزي ۾ يقيني طور وڌيڪ خبر انهن ماڻهن جي وٺڻي پوندي جيڪي نه رڳو قومي تحريڪ جا سرگرم ڪردار هئا پر سيد جا به ”حامي ۽ پوئلڳ“ هئا. هر باشعور ماڻهو بغير ڪنهن دوربيني يا سرچ لائيٽ جي ڏسي سگهي ٿو ته هتي گذريل چوٿائي صديءَ دوران ”هر ڪم“ سيد جي سوچ ۽ عمل جي ابتڙ ڪيو ويو آهي خاص ڪري انهن ماڻهن جي طرفان جيڪي پاڻ کي ”سيد جو سچو سپاهي“ چورائيندا هئا جن کي ميڊيا وارن جي اڪثريت اڳتي وڌائيندي يا پروموٽ (Promote) ڪندي رهي آهي. اهو چوڻ جي ڪا ضرورت ڪانهي ته ان ميڊيا جي اڪثريت جي اولين ترجيح سندن مالي مفاد هوندا آهن ۽ ان لاءِ اهي رياستي پاليسين کي سامهون رکي پنهنجون پاليسيون ٺاهيندا آهن. مزي جي ڳالهه ته انهن جي اڪثريت جي ايم سيد خلاف سدائين منفي رويو اختيار ڪندي آهي ۽ سندس گلا ۽ گهٽتائي ڪرڻ خاطر ڪوڙيون ڪهاڻيون گهڙڻ کان به نه ڪيٻائيندي آهي. نيشنلزم جي تاريخي پس منظر ۽ سيد جي تعليم جي روشنيءَ ۾ قومي تحريڪ لاءِ لازمي آهي ته اها سيڪيولر هجي، اها جاگيردار مخالف هجي ۽ اها سامراج دشمن هجي. جتي تاريخ ٻڌائي ٿي ته يورپ ۾ نيشنلزم جي جنگ چرچ سان رهي اتي جي.ايم.سيد ڏيکاريو ته سنڌ ۾ قومپرستيءَ جو مقابلو پئن-اسلام ازم سان رهيو آهي. پر ماضي قريب ۾ قومپرستيءَ جو نعرو هڻندڙ ۽ سيد جي نالي ۾ سياست ڪندڙ ڪيترن همراهن نيشنلزم ۽ پئن-اسلام ازم جي فرق کي ئي مٽائي ڇڏيو. انهن اڄوڪن پئن-اسلام ازم جي سنڌ ۾ سرپرستن کي ”عظيم قومپرست“ قرار ڏيئي ڇڏيو. اهو ته ايئن ٿيو ته ڪير چوي ته نريندر مودي اسلام جو سچو سپاهي آهي يا بنجمن نيتن ياهو فلسطين جو وڏو خيرخواهه آهي. جن مذهبي انتها پسندن کي ”سيد جا سپاهي“ عظيم قومپرست ٿا چون انهن ته ڪڏهن پاڻ کي سنڌي قوم جو حصو نه چيو. اهي ته سنڌين کي قوم ئي ناهن مڃيندا. اهي ته اهي انتها پسند آهن جن جي خطري کان دنيا کي خبردار ڪرڻ لاءِ جي.ايم.سيد ۵۵ سال پهرين يورپ جو سفر ڪيو هئو. ساڳيو حشر نيشنلزم جي ٻئي جز جاگيردار مخالف جو ڪيو ويو. تاريخي طور جاگيردار وقت جي اسٽيبلشمينٽ ۽ بالادست قوتن جو ساٿاري رهيو آهي. سنڌ جي جاگيردار، پير مير کي ڏسجي ته اهو مغلن جو به ساٿاري رهيو ته انگريزن جو به ايجنٽ رهيو ۽ پاڪستان ۾ فوجي حڪومت هجي ته ان سان گڏ، جيڪڏهن پيپلز پارٽي اقتدار ۾ هجي ته ان سان، جي مسلم ليگ هجي ته ان سان گڏ. ڪن ته اهڙا به مثال قائم ڪيا جو هڪ ئي وقت حڪومت ۾ به ته مخالف ڌر ۾ به يا هڪڙو ڀاءُ هڪڙي پارٽيءَ سان ته ٻيو ٻيءَ سان پوءِ جيڪا اقتدار ۾ آئي. ماضيءَ جي شاندار ون يونٽ مخالف تحريڪ جي خوبي اها هئي ته اسٽيبلشمينٽ جي وفادار وڏيرن، پيرن، ميرن ۽ محب وطن ماڻهن جي وچ ۾ ليڪ چٽي نڪتل هئي. ان ڪري تعداد ۾ گهٽ هجڻ جي باوجود ان تحريڪ ۾ ايتري طاقت هئي جو اقتدار پرستن کي ليڪ جي ٻئي پاسي ڏسڻ جي به همٿ نه ٿيندي هئي جڏهن ته وطن دوست سياسي ڪارڪن، اديب، شاگرد يا هاري وڏيرن وٽ وڃڻ جو سوچيندا به نه هئا. جيڪڏهن اتفاق سان ڪنهن اها ليڪ پار ڪئي ته اهو ڪُڙم جو ڪوڙهيو ليکيو ويندو هئو. وري جڏهن قومي تحريڪ جو نئون مرحلو شروع ڪندي سائين جي.ايم.سيد سنڌ جي قومي آزاديءَ خاطر جدوجهد ڪرڻ لاءِ جيئي سنڌ محاذ قائم ڪيو ته ان ۾ سڀ هيٺئين طبقي جا ڪارڪن شامل هئا. اهي بسن ۾، بسن جي ڇتين تي ۽ ڏاند گاڏين تي چڙهي يا پيدل سفر ڪري قومي ۽ سياسي ڪم ڪندا هئا. انهن جي ڪم جو ميدان ڳوٺ، واهڻ وستيون، ان جا ديرا، ڪارخانا ۽ مزدورن جون ڪالونيون هوندو هئو. اهي ڇنن ۾، جهوپڙين ۾ تڏن تي يا مسجد جي فرش تي ويهي، باغن ۾ وڻ جي ڇانوَ هيٺان يا پارڪن جي ڇٻر تي ويهي ماڻهن تائين پنهنجو پيغام پهچائيندا هئا. ۽ سندن مخاطب به سڀئي مسڪين ماڻهو، هاري، مزدور، ننڍا دڪاندار، استاد، ڪلارڪ، پوليس وارا، ڊرائيور، ملاح وغيره هوندا هئا. اهڙو ڪم جو طريقو ۽ سلسلو ۱۹۸۰ جي ڏهاڪي تائين جاري رهيو. ۱۹۹۰ جو ڏهاڪو ايندي قومي جدوجهد جي ميدان ۾ نوان ”شهسوار“ داخل ٿيا هئا، اهي به غريب جا ٻار پر اڳ وارا ڪارڪن پنهنجي غريب ۽ غريبن جي ساٿي هجڻ تي فخر ڪندا هئا جڏهن ته نوان آيل غربت کي شرمندگيءَ جو باعث سمجهڻ لڳا تنهن ڪري پهريون ڪم انهن پنهنجي لاءِ دولت گڏ ڪرڻ جو ڪيو. ان لاءِ انهن هر ”جائز ناجائز“ طريقي کي جائز ۽ لازمي قرار ڏنو. ان ڪم ۾ انهن کي جيئي سنڌ محاذ، ان جون پاليسيون ۽ ان جا ڪارڪن رڪاوٽ نظر آيا، تنهن ڪري انهن پنهنجون الڳ الڳ پارٽيون ٺاهڻ شروع ڪيون. پئسي گڏ ڪرڻ ۽ ان جي حفاظت ۽ واڌاري لاءِ انهن کي ڪرپٽ ڪامورن ۽ وڏيرن، جاگيردارن جي ساٿ جي ضرورت پئي. اهڙيءَ طرح انهن جو پنهنجو ۽ انهن جي سياست جو ڪيريڪٽر تبديل ٿيڻ لڳو. هڪ طرف اهي اسٽيبلشمينٽ جي ساٿاري وڏيرن، پيرن ميرن کي ويجها ٿيڻ لڳا ته ٻئي طرف پاڻ جاگيرداراڻا رنگ ڍنگ اختيار ڪرڻ لڳا. جاگيرداراڻي روايت مطابق پاڻ کان طاقتور جي آڏو اهي پاڻ جهڪندا هئا ته ڪمزور وري انهن جي آڏو جهڪندا هئا. هڪ طرف اهي جاگيردارن جي جرڳن ۾ ويهڻ تي فخر ڪرڻ لڳا ته ٻئي پاسي پاڻ جرڳا ڪرڻ لڳا. انهيءَ چوڻ جي ته ڪا ضرورت ئي ڪانهي ته جرڳن ۾ فيصلا سدائين طاقتور جي فائدي ۾ ۽ غريب جي خلاف ٿيندا آهن. ائين ئي عوام دشمن ۽ انصاف دشمن ”ميڙ منٿ ڪافلن“ جي روايت کي جيئاري انهن ايڪويهين صديءَ ۾ داخل ٿيندڙ دنيا ۾ سنڌ کي قبيلائي دور ۾ وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي. محاذ جي ڪارڪنن جي ڪم جو مقصد عام ماڻهن کي باشعور بڻائي قومي جدوجهد ۾ حصيدار بنائڻ هوندو هئو جڏهن هي نوان همراهه وڏيرن ۽ پيرن وانگر پنهنجا ”ماڻهو“ ۽ ”عقيدتمند“ ٺاهڻ ۽ پيدا ڪرڻ لڳا. جلسن جلوسن ۾ به ماڻهن کي وڏيرڪي ونگار وانگر شامل ڪيو ويو. عوام کي مالڪيءَ جو شعور ۽ پنهنجي طاقت جو احساس ڏياري انهن کي منظم ڪرڻ جي ڪوشش بجاءِ انهن جي تعداد کي سوديبازيءَ لاءِ استعمال ڪيو ويو ۽ اهو تعداد وڌائڻ ۾ وڏيرا جاگيردار انهن جا مددگار هوندا هئا. جاگيردار، پير، مير ۽ ڪرپٽ ڪامورا انهن جي مدد ان لاءِ ڪندا هئا ته جيئن عوام کي باشعور بڻائي هن استحصالي ۽ بدبودار نظام کي تبديل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪندڙ ڪارڪنن لاءِ ڪم ڪرڻ مشڪل ٿي پوي. عوام ته عوام خود پنهنجي ڪارڪنن کي شعور کان وانجهيل رکڻ لاءِ انهن ڪتابن کي بزدليءَ جي علامت قرار ڏيندي انهن کي ساڙيو جڏهن ته سيد پنهنجي سڄي جدوجهد قلم ۽ ڪتاب ذريعي ڪئي. هاڻي جڏهن هر ڪم، هر عمل جديد قومي تحريڪ جي تقاضائن جي خلاف ۽ جي ايم سيد جي تعليم جي منافي هجي ته پوءِ قومي تحريڪ جو حشر اهڙو ئي ٿيندو. اڳي ملا سنڌي سماج ۾ ڪنڊ پاسا ڳوليندو هئو ۽ سماج جي همدرديءَ جو طالبو هوندو هئو. اڄ اهو اسان کي ڊڪٽيٽ ٿو ڪري. جاگيردار ۽ پيرمير اڳي قومي ڪارڪنن جي دٻاءَ ۾ دفاعي پوزيشن اختيار ڪندو هئو اڄ اهو قومي ڪارڪنن تي ٺٺوليون ٿو ڪري. اڳي جيڪي سنڌ دشمن ڪم هو لڪي ڪندو هئو اڄ اهي وڏي واڪَ ڪري رهيو آهي. ”قومپرست“ ليڊرن جي اهڙي ڪردار جي نتيجي ۾ ڪجهه وقت اڳ ۾ قومي تحريڪ جي ڪردار بابت سوال اٿاريا ويندا هئا، هاڻي قومي تحريڪ جي وجود تي سوال ڪيا ٿا وڃن. پر ڪنهن کي به اهو نه وسارڻ گهرجي ته قومن جي نجات واري جدوجهد ڪا سڌي ليڪ وانگر ڪانه هلندي آهي. ان ۾ لاها چاڙها ايندا آهن. اهو هڪڙو مرحلو هئو جيڪو پنهنجي مثبت ۽ منفي پاسن سان گڏ پورو ٿيو. هاڻي نئين مرحلي جي ضرورت آهي. حقيقت اها آهي ته معروضي حالتن جي حساب سان اهو نئون مرحلو شروع ٿي چڪو آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان کي صحيح رخ ڏيڻ ۽ گهربل رستي تي هلائڻ لاءِ شعوري ڪوششون ڪيو وڃن. ھڪڙو ھو سائين جي ايم سيد عبدالحي پليجو سن شهر جو نقشو جيڪو اڄ آهي، سو ۱۹۵۸ع ۾ بلڪل نه هو. سن بلڪل هڪ ننڍو ڳوٺڙو هو، جنهن ۾ چند دُڪان، ٻه ٽي سرڪاري جڳهيون، چند پڪا گهر، ٻيو سڄو شهر ڪچن گهرن تي قائم هو. ذوالفقار علي ڀُٽو جي ڪري ڳڙهي خدابخش جي اهميت آهي، ايئن ئي سن جي اهميت سائين جي ايم سيد جي ڪري آهي. سنڌ جا صرف اهي ٻه اهڙا ڳوٺ آهن، جتي سنڌ جا هزارين ماڻهو سڄيءَ سنڌ جي مان ڪهي اچي جي ايم سيد ۽ شهيد ڀٽي جي ورسي تي گڏ ٿيندا آهن. انهن ڏينهن ۾ آئون بابا سان گڏجي سائين جي ايم سيد سان ملڻ ويو هئس. رات جو اتي ترسياسين، بابا ۽ سائينءَ رات دير تائين ڪچهري ڪئي. بابا ۽ سائين جو واسطو بابا جي ننڍپڻ کان وفات تائين سڄي زندگي قائم رهيو ۽ اهو واسطو سائينءَ جو سندس وفات تائين مونسان به رهيو. بابا جي وفات کانپوءِ به سائين جڏهن به ٺٽي ضلعي ۾ ايندو هو ته ٻني ۾ مون وٽ اچي ترسندو هو، پوءِ اڳيان ٽنڊو محمد خان، ماتلي، بدين يا حيدرآباد ويندو هو. بابا جي وفات کانپوءِ سائين سان ملڻ وقت مون کي پنهنجي ڪنهن بزرگ سان ملڻ جو احساس ٿيندو هو. بابا، سائينءَ جا ڪيترا ئي ڪتاب ڇپايا، جن ۾ ”جيئن ڏٺو آهه مون“ به شامل هو. ان ڪتاب ڪري سائين سان گڏ بابا تي به ڪفر جي فتويٰ نڪتي ۽ ڪيترو وقت مقامي ۽ جنهاڻ جا مذهبي ماڻهو ان ڪتاب کي بنياد بڻائي اسان سان ڇڪتاڻ ۾ رهندا آيا. جڏهن ۱۹۶۹ع ۾ ملڪ سڪندر ۽ سائين جي ايم سيد جي اليڪشن ٿي ته بابا، سائين جي ايم سيد جو چيف اليڪشن ايجنٽ هو، ۽ پاڻ ٻني مان پنجاهه کن ماڻهو سائين جي اليڪشن ورڪ لاءِ وٺي ويو هو. جنرل ايوب جي مارشل لا ۾ سائين تي سخت پهرو هوندو هو، گهر ڀاتين کانسواءِ ساڻس ڪنهن کي به ملڻ نه ڏيندا هئا، پر بابا ان دور ۾ به ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان سائين سان ملي وٺندو هو. مون کي ياد آهي ته هڪ دفعي اسان سن وياسين ته سائين جي جڳهه تي مزورن ڪم پئي ڪيو ۽ بابا هڪڙي مزور جا ڪپڙا پائي مٿي تي تغاري رکي اندر وڃي سائين سان ملي آيو، ڪنهن به ڊيوٽي عملدار کي خبر ئي ڪا نه پئي. اها هئي سيد سان اسان جي محبت جي انتها. جهرڪن ۽ ميرپور بٺوري ۾ ته بزمِ صوفياءِ سنڌ جون ٻئي ڪانفرنسون بابا جي ڪوششن سان ٿيون. جڏهن مسلم ڪاليج ۾ سائين مٿان بم اڇلايو ويو ته ان وقت به بابا سائين ۽ منهنجا ٻه ڀائر مرحوم مير نصير ۽ شمشير سائين سان گڏ هئا. اڄ به تقريبن سئو کن خط سائينءَ جا بابا ڏانهن لکيل اسان وٽ محفوظ آهن، پر زياده تر خط ذاتي نوعيت جا آهن، نه ته اهي خط آئون ضرور ڇپايان ها. سائين سنڌ جو اهو پهريون سياستدان هو، جنهن سنڌ جي حقن نه، پر آجپي جي ڳالهه ڪئي. مون ڏٺو آهي ته سنڌ جا اڪثر سيد گهڻو ڪري پنهنجن پٽن ۽ پوٽن کي به سڏ ڪرڻ مهل ”سائين“ ڪري سڏيندا آهن، جيئن ٻيا ماڻهو به کين سائين ڪري مخاطب ٿين. اهو هڪ طرح سان ٻين کي ٻڌائيندا آهن ته اسان کي سائين سائين ڪري سڏيو- پر سائين جي ايم سيد ڪڏهن به پنهنجن پٽن کي سائين ڪري ڪو نه سڏيو. کين هميشه ڏاڍي قرب ۽ پيار سان امير ۽ امداد ڪري سڏيندو هو. سائين جي ايم سيد جهڙا ماڻهو صدين کانپوءِ پيدا ٿيند آهن. سائين جڏهن بابا جي وفات تي ٻني آيو ته مونکان پڇيائين ته: گهڻو اولاد اٿئي؟ مون چيس ته، هڪ پٽ آهي. سائين چيو ته: نالو ڇا اٿس؟ مون کيس ٻڌايو ته، رُخسار حسنين نالو اٿس. سائين پاڻ ان وقت منهنجي پُٽ کي گهرائي اسان جي خانداني مرشد سائين گُلي شاهه کي سڏي (اهو به اسان وٽ آيل هو) کيس چيائين ته ٻانگ ڏئي هن جو نالو نور محمد رک ۽ ائين منهنجي پٽ جو نالو رُخسار حسنين مان نور محمد ٿي ويو. شيڪسپئر جو قول آهي ته، ”ڪي ماڻهو پيدائش کان عظيم هوندا آهن، ڪي پنهنجي محنت سان عظيم ٿيندا آهن ته ڪن تي عظمت رکي ويندي آهي.“ سو واقعي سائين جي ايم سيد جهڙا ماڻهو صدين پڄاڻان پيدا ٿيندا آهن. خدا تعاليٰ جي ايم سيد جي شخصيت ۾ ايڏو پيار ۽ پنهنجائپ پيدا ڪئي، جو سندس هر ماڻهو سمجهندو هو ته سائين جي ايم سيد کيس ئي وڌيڪ ڀائين ٿو. مهمان نوازي ته ڪو سائين جي ايم سيد کان سکي. سندس ذاتي دوستن ۾ هر عمر ۽ طبقي وارا ماڻهو هوندا هئا، پر سڀني سان هڪجهڙو هوندو هو. مونسان به اهڙو ته بابا سائين سان به اهڙو. ان جو هڪ مثال خان عبدالغفار خان ۽ مومن ليرائي هوندا هئا، کيس ٻئي هڪجهڙا عزيز هئا. ٻنهي جي غم ۽ خوشين ۾ شريڪ ٿيندا هئا. سائين جي ايم سيد هر ڪم ننڍپڻ ۾ ڪيو، مثلن ننڍپڻ يعني فقط ڇهن سالن جي عمر ۾ شادي ۽ پندرهن سالن جي عمر ۾ سياست جي شروعات ڪئي. سورهن سالن جي عمر ۾ لاڙڪاڻي ۾ مولانا آزاد، مولانا شوڪت علي ۽ ٻين ڪيترن عالمن ۽ مدبرن سان ملاقاتون ڪيون ۽ سترهن سالن جي عمر ۾ سن ۾ اعليٰ پئماني جي خلافت ڪانفرنس ڪوٺايائين، جنهن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، فتح محمد سيوهاڻي ۽ نور محمد شيخ شريڪ ٿيا. ارڙهن سالن جي عمر ۾ گانڌي سان ملاقات ڪئي ۽ صرف ايڪيهن سالن جي ننڍڙي عمر ۾ ڪراچي ضلعي (ان وقت ڪراچي ضلعي ۾ ڪراچي، ٺٽو ۽ دادو ضلعو شامل هوندا هئا) ڪائونسل جو ميمبر ۽ ضلعي ڪائونسل جو نائب صدر ٿيو. هڪ دفعي مٿس حيدرآباد ۾ خوني حملو ٿيو، جنهن ۾ لڪل خنجر سان هڪ ماڻهو کي سندن ڏانهن وڌندي پڪڙيو ويو هو. اها حيدرآباد واري واقعي کان به اڳ جي ڳالهه آهي، ٻيو کيس مارائڻ جي منصوبي جو احوال پاڻ هڪ خط ۾ بابا سان ڪيو آهي. بزم صوفياءِ سنڌ ڪانفرنس، پنهنجون سالگرهه جون تقريبون منعقد ڪرڻ توڙي ڀٽ شاهه تي ادبي ڪانفرنسون ڪرائڻ وارين سڀني سرگرمين جو مقصد سنڌ ۾ سياسي، ادبي، علمي شعور پيدا ڪرڻ هو، جنهن ۾ هو نئين ٽهيءَ کي بيدار ڪرڻ ۾ بلڪل ڪامياب ويو ۽ اڄ به سنڌ جي نئين ٽهيءَ جو وڏو تعداد انهيءَ راهه تي گامزن آهي. سائين جي ايم سيد جن ماڻهو کان زندگيءَ ۾ گهڻو متاثر ٿيو، انهن مان علامه آءِ آءِ قاضي سڀني کان اڳڀرو نظر اچي ٿو. مثال طور پنهنجي ڪتاب ”ساهڙ جا سينگار“ جي صفحي ۲۰ تي لکي ٿو ته ”سندن (علامه آءِ آءِ قاضي) سان ملاقاتن مان جيڪا معلومات ميسر ٿي، سا مشڪل سان سوين ڪتاب پڙهڻ مان حاصل ٿي سگهي ها. مون ۾ جيڪو به تخيل، محبت ۽ انساني همدرديءَ جو ذرو موجود آهي، ان ۾ قاضي صاحب جي ملاقاتن ۽ صحبت جو وڏو عمل دخل آهي.“ جي ايم سيد علامه صاحب کان ايترو ته متاثر هو، جو پنهنجا ٻئي پٽ امير حيدر ۽ امداد محمد تربيت لاءِ ننڍي هوندي کان سندس حوالي ڪيا. ان ڳالهه جي تصديق غلام رباني پنهنجي ڪتاب ”جهڙا گل گلاب جا“ جي صفحي ۱۱۹ تي به ڪئي آهي. سائين جي ايم سيد جي پنهنجي وڏي پٽ امير حيدر شاهه ۽ ننڍي نياڻي دُرشهوار کي پڙهڻ لاءِ انگلينڊ موڪليو. سائين جي ايم سيد سڄي زندگي سنڌ ۽ سنڌين جي ڳالهه ڪئي. پاڻ ڪيئي دفعا اسيمبلي ميمبر ۽ هڪ دفعو وزير ٿيو، سندس ٻئي پٽ اسيمبلي ميمبر ٿيا ۽ سندس پوٽو جلال محمود شاهه سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر ٿيو. مون وٽ سائين جي ايم سيد، سندس ٻن پٽن ۽ ٻن پوٽن جلال محمود شاهه ۽ بدر شاهه جا مون ڏانهن لکيل خط اڄ به محفوظ آهن، يعني ٽن نسلن جا قرب ۽ پيار جا پيغام ۽ سينها. جڏهن سائين جي ايم سيد وفات ڪئي، تڏهن به پاڻ هو ته اسپتال ۾، پر هو حڪومتِ وقت جو قيدي- سڄي ملڪي تاريخ ۾ مان سمجهان ٿو ته سائين جي ايم سيد، نواب نوروز خان ۽ شهيد ڀٽو ٽئي اهڙا ليڊر هئا، جن جيل يا نظربنديءَ هيٺ وفات ڪئي. سنڌ جا ٻه اڳواڻ ته تاريخ ۾ قربانيءَ جو هڪ اهڙو مثال بڻجي ويا آهن، جو هر سال هزارن جي انگ ۾ ماڻهو اچي سندن قبرن تي سلامي ٿين ٿا. جي ايم سيد هڪ عظيم درسگاه منظور ڪوهيار سال ۱۹۷۹ع جو هيو. پوريءَ طرح ياد ناهي ته مهينو جُـون جو هيو يا جولاءِ جو. بشير شاهاڻي جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن جي صدر جي حيثيت سان، اڃان ڀڳل پسٽل رکڻ جي الزام ۾ جيل ياترا نه ڪئي هئي. مان ۽ بشير شاهاڻي ذاتي دوست ۽ ڳوٺائي هياسين. اِن ڪري لاڙڪاڻي کان سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو اچڻ وڃڻ گڏ ٿيندو هو. بشير شاهاڻي ايندي ويندي عمومن ”سن جي سائين“ جي ديدار درشن لاءِ لهي پوندو هيو. ۽ مون کي به صلاح هڻندو هيو. پر مان نٽائي ويندو هيس. هن هڪ دفعي لاڙڪاڻي کان يونيورسٽي ايندي زوري سن لاهي وڌو ۽ چيائين : ”هر ڀيري حرامپائي ڪري نٽائين ٿو. اڄ نه ڇڏيندو سانءِ!“ اسٽاپ تي لٿاسين ته ڪو بگيءَ وارو به نظر ڪو نه آيو. ڏنڊا ڏوٽا هياسين، سو ڪنهن بگيءَ جي انتظار ڪرڻ بجاءِ گوڏي گاڏي ڪئي سين. ائين پئي لڳو ته سنڌ وارو سن ۽ انگريزيءَ وارو SUN پاڻ ۾ ٻکجي ويا آهن. هلندي هلندي ٻنهي جو وات ال ڪانؤ وانگر پٽجي ويو هو. تيز روشنيءَ جي ڪري اکيون چنجهيون ٿي ويون هيون. سن ڳوٺ جي گهٽين مان مڙندي، هڪ جڳهه جي دروازي ۾ داخل ٿي ٿلهي تي چڙهياسين. پوءِ دالان ۾ اچي جوتا لاٿاسين. بشير شاهاڻي ٻليءَ پير هلندي سامهون واري ڪوٺيءَ جو دروازو احتياط سان کوليو ۽ اندر داخل ٿيو. دروازي به ڄڻ آرام ۾ خلل محسوس ڪندي احتجاجن چيڪٽ ڪيو. اندر دريءَ جي سامهون هڪ جُنگ پوڙهو مڙس ڏير جي وڇايل تڏي تي رلهي مٿان گهري ننڊ ۾ ستل هيو، مٿن کان ۱۵ سالن جو هڪ ڇوڪرو وڃڻو هڻي رهيو هيس ۽ پيرن کان اڌ وهي همراهه زور ڏئي رهيو هيس. بشير شاهاڻي سڙٻاٽين ۾ ٻڌائيندي چيو: ”اهو ئي هيٺ ستل سائين جي ايم سيد اٿئي!“ مون هڪ نظر سائين تي وڌي، جيڪو محو خواب هيو. ضرور اِهو خواب سنڌ جي آجپي جو ئي هوندو، اسان ٻنهي ڄڻن پنهنجا ٿيلها ڪمري جي هڪ ڪنڊ ۾ رکيا.پوءِ سامهون رکيل ڪرسين تي ڦانءِ ٿي ڪري پياسين. جو گهڻي پگهر وهڻ ڪري جسم ساڻو ٿي چڪو هيو. منهنجين اکين ڪمري جو جائزو وٺڻ شروع ڪيو. جيتري قدر ياد آهي ته ڪمري جي ڏاکڻين پاسي ڀت تي اوني ٽوپ ۽ سويئٽر سان، سائين جي ايم سيد جي قد آدم ٺاهوڪي تصوير لڳل هئي. اُن جي ڀر ۾ پر ٿورو مٿيرڪو ڪنهن مصور جي منظرڪشي واري تصوير ٺهيل هئي، جنهن ۾ نه کٽندڙ ساون کيتن جو سلسلو، کيتن ۾ بيٺل متارا ڍڳا، وٽر سٽر هاري ۽ چيلهه چهبڪ ناريون ڏيکاريل هيون. ائين پئي لڳو ڄڻ مصور سائين جي ايم سيد جي اکين ۾ پيهي سنڌ جي روشن مستقبل جي تصوير ڪشي ڪئي هجي . اولهائين ڀت تي ڳاڙهي سنڌي ٽوپ ۽ ريشمي اجرڪ سان سائين جو پورٽريٽ ٺهيل هو. جنهن ۾ جي ايم سيد جي لازوال مرڪ شامل هئي. جنهن ۾ مون کي موناليزا جي مرڪ کان وڌيڪ گهرائي ۽ گيرائي نظر آئي. (بهرحال هرهڪ جي پنهنجي اک آهي.) اولهه ــ اتر واري ڀتين جي ڪنڊ ۾ ڪارنر ٽيبل مٿان پلاسٽر آف پيرس جو سندس ئي سفيد رنگ جو بت رکيل هو. ڪمري ۾ ٻه اولهه ۽ ٻه اوڀر کان کٽون پيل هيون. ڪمري جي اتر ۽ ڏکڻ پاسن کان چار چار ڪرسيون رکيل هيون، جن تي سفيد چادرن جا گاديلا پيا هيا. بشير شاهاڻي جَهلي ڇڪڻ شروع ڪئي، جهليءَ جي جُهلڪن ڪجهه پگهر سڪايو ته اُٿي مَٽ مان پاڻيءَ جا ٻه ٽي گلاس ڀري ڏوگهياسين. هڪ ننڍي ٽيبل تي ٽري Tray رکيل هيو. جنهن ۾ قسمين قسمين ميوا پيل هيا. خاص ڪري مشهدي صوف، چتري ڪيلا ۽ لاڙڪاڻي جا ڳاڙهه سرا چيها ۽ ٻاوا زيتون (زيتونن جا قسم) وغيره. دل ڪڍيو ته جيڪر هڪ اڌ شيءِ کڻي کائجي. پر سڄو ڪم زيتونن خراب ڪري وڌو جو منجهن سياري جي مند ۾ پڪل زيتونن واري لالاڻ هئي جڏهن ته لاڙڪاڻي جي گرمين واري زيتونن ۾ ڳاڙهاڻ ناهي هوندي. بشيرشاهاڻي منهنجي گهور کي سمجهي ويو ۽ ڏاڍي مهمانوازي واري انداز ۾ چيائين: ”ڀلي کاءُ، سائين جي ايم سيد مهمانن لاءِ گهرائي رکيا آهن. چتري ڪيلا ته زبردست ٿي.“ مون وراڻيو، ”ڪيلا کائيندا اُهي، جن سڄي عمر ڪيلن تي گذارو ڪيو هجي.“ ”پوءِ ڀلا صوف ؟“ هن صوفن ڏانهن اشارو ڪندي چيو. ”سنڌ يونيورسٽي جي صوفن، سان، مشهدي صوفن جي ڪهڙي ڀيٽ ... جن اُهي صوف چکيا هوندا ته اُنهن کي هي صوف ڪٿان وڻندا؟“ ”وڏو لاهه آن ... سمجهين وئين!“ بشير مشڪندي وراڻيو. پوءِ بشير شاهاڻي ويهي ڪيترن دوستن جا قصا ٻڌايا، جن ڀل ۾ اچي اِنهن مٽي مان ٺهيل ميون کي چڪ هنيا هيا. خاص ڪري مرتضيٰ مهيسر جو قصو ٻڌائي ڏاڍو کلايائين. سائين جي ايم سيد ايڏي گهري ننڊ ۾ هيو جو ڄڻ کيس ڪنهن به شيءِ جي پرواهه نه هئي، نه گرمي جي، نه جهولي جي، جيڪو در جي وٿين مان زوڪاٽ ڪندي پئي آيو، نه وري اسان جي سڙٻاٽن ۽ کک کک جي. سائين جي ايم سيد اندازن ڏيڍ ڪلاڪ کانپوءِ اکيون پٽي رڙ ڪئي: ”ڇوڪرا پاڻي!؟“ ڇوڪرو اُٿيو ۽ مٽ مان پاڻي ڀري آيو. سائين اُٿي پاڻي پيتو ۽ پوءِ اسان ڏانهن ڏٺائين. اسان اٿي سائين سان ملياسين. سائين آهستگيءَ سان خوش وخير عافيت ڪئي. اُن کان پوءِ اسان ٻنهي کي گهوريندو ۽ مشڪندو رهيو ۽ آخر ۾ بشير شاهاڻي سان مخاطب ٿيندي چيائين: ”آءٌ سمجهان ٿو ته هاڻ منهنجو حافظو ختم ٿيندو ٿو وڃي. ڇوڪرا! مون توکي چاليهه دفعا ڏٺو آهي. پر ڪوشش جي باوجود به نالو ياد ڪري نه سگهيس.“ ”سائين، مان بشير شاهاڻي،“ بشير باادب ٿي چيو. ”ها،ها، هاڻ ياد اچي ويو... ۽ هن جو؟“ مون ڏانهن اشارو ڪندي چيائين ”منظور حسين...! سائين منهنجو ذاتي دوست ۽ ڳوٺائي آهي.“ ”اڇا، لاڙڪاڻي جو آهي... هاڻي اوهان ڇا پڙهندا آهيو ؟“ ”مان جاگرافيءَ جو فائنل سيمسٽر ڏنو آهي ۽ هن سوشيالاجي جو.“ بشير جواب ڏنو پوءِ ٻنهي کان جاگرافي ۽ سوشيالاجي جا سبجيڪٽ پڇيائين. اسان واري وٽي ٻڌاياسين ۽ پوءِ بشير ڏانهن منهن ڪري چيائين: ”ها تون جاگرافي پڙهندو آهين نه ... ٻڌ، مون هڪ ڪتاب لکيو آهي. جنهن ۾ سنڌ جي جاگرافي تي بحث ٿيل آهي. جنهن ۾ انگن اکرن سان آبادي، مٺي پاڻي، جابلو علائقن، ڍنڍن ڍورن جي باري ۾ ڄاڻ ڏني آهي. هر سال ڪيتري مٽي سمونڊ ۾ پئي ٿي ۽ ڊيلٽا ٺهي ٿي.اُن جا انگ اکر شامل آهن...توکي ڊيلٽا جي خبر آهي؟“ ”نه سائين،“ بشير لڄي ٿي وراڻيو. ”ڊيلٽا چئبو آهي، اُن زمين کي، جنهن جو ڪجهه حصو پاڻي ۾ هجي ۽ ڪجهه ٻاهر... ڀلا هڪ ايڪڙ ۾ چورس فوٽ گهڻا؟“ ”۶۶۶۶ فوٽ “ بشير شاهاڻي ڌڪو هنيو، اِهو سوچي ته ڦٻي ويندو. اِهو جواب ٻڌي، سائين ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو: ”خدا جو غضب پويـوَ... سمجهائي سمجهائي بيٺو آهيانؤ ته پڙهو... پڙهو پر پڙهو ئي نٿا.“ مون هڪدم وراڻيو: ”سائين ۴۳۵۶۰“ ”شاباس، توکان عهدو کسي هن کي ٿا ڏيون.“ سائين بشير تي ڪاوڙجندي چيو. ”پر سائين هي ته ميمبر ئي ناهي.“ ”باقي ڪنهن کي ٿا ميمبر ڪيو. لوفرن ۽ اڻ پڙهيلن کي .... خدا جو غضب پويو!“ ”سائين هن کي ته چوان ٿو ته ميمبر ٿيءُ، پر ٿي ئي نه ٿو.“ بشير کي اڃا وڌيڪ ڇنڊ پٽڻ جو ارادو هيس ته هڪ نوجوان اندر آيو. سائين سان مليو، جنهن ڏانهن سائين جو ڌيان ٿي ويو. لڳي پيو ته خاص ڪارڪن ۽ گهڻ گهريو هو. سائين اُن کي پئي ٻڌايو ته ناز سنائيءَ جو خط آيوآهي، جنهن ۾ لکيو اٿائين: سائين دعا ڪجو...آءٌ توهان جي رستي تي قائم رهان ۽ اِنهيءَ امتحان ۾ پار پوان، جيڪو سر تي اچي پيو آهي. اوهان کي منهنجي جرئتمندي جي پوري ڄاڻ آهي. مهرباني ڪري هيٺين سوالن جا جواب ڏيندا ته مهرباني ٿيندي ۱. اوهان جناح ڪيپ ڇو پائيندا آهيو؟ ۲. رسول بخش پليجو چوي ٿو ته ماڻهوءَ جي شخصي ڪردار کي ڇڏي، سندس قومي ڪردار کي پرکڻ گهرجي. ۳. ٻڌئون ٿا ته اوهان ڀٽي جي موت تي رُنا هيئه؟ سائين جواب ڏيڻ لڳو: ’پهريان ته آءٌ اِن ڪيپ کي جناح ڪيپ مڃڻ لاءِ تيار ناهيان. ڇو ته اها ڪيپ اسان وٽ ايران ۽ افغانستان کان پهتي آهي. جيڪا بنيادي طور تي قراقلي ڪيپ يا ٽوپي سڏبي آهي. جيڪا فارس جي ڪاري رڍ جي ليلي جي کل مان ٺاهي ويندي آهي. ٻيو جنهن جو شخصي ڪردار نه هوندو، اُن جو قومي ڪردار نه هوندو. ان جو وڏو مثال حضرت محمد ﷺآهي. جنهن جو عربن وٽ پهريان شخصي ڪردار اڀريو ۽ پوءِ قومي ڪردار. يعني رسول عربي. ٽيون ڀٽو ڪهڙو به هيو، پر هيو ته سنڌي ڳالهائيندڙ نه ... شڪايتون به پنهنجن سان ڪبيون آهن ۽ روئبو به پنهنجن لاءِ آهي. مون هڪڙو ڪتاب لکيو آهي. جنهن ۾ هڪ خواب جو ذڪر آهي ته خدا وٽ سنڌ فريادي آهي. ۽ جوابدار ذوالفقار علي ڀٽو آهي. سنڌ جي طرف کان وڪيل آءٌ آهيان ۽ ڀٽائي ذوالفقار علي ڀٽي جو وڪيلِ صفائي بڻيو آهي.“ انهيءَ دؤران هڪڙو ٻيو همراه به اِن گفتگوءَ جي دؤران اچي چڪو هيو. جيڪو سائين جي گفتگو ڌيان سان ٻڌي رهيو هيو، تنهن ڪنڌ ڌوڻيندي چيو: ”هڪڙي طرف وڪيل شاه عبدالطيف ڀٽائي ۽ ٻيءَ طرف سيد غلام مرتضيٰ، وڏي ڳالهه آ، وڏي ڳالهه آ، سائين اِهو ڪتاب جلد از جلد اچڻ گهرجي.“ سائين جي ايم سيد ٻڌائڻ لڳو: ”ڪتاب ته پورو ٿي ويو آهي. پر منهنجو خيال آهي ته ان ڪتاب کي مختصر ڪري ٻارنهن سوالن ۾ ورهائجي پوءِ اُنهن سوالن جا جواب ڏجن. اِهي سوال ۽ جواب رڪارڊ ڪيا وڃن تنهن کان پوءِ ڪئسٽ جي ذريعي تشهير ڪئي وڃي ته جيئن سنڌ جا ماڻهو سجاڳ ٿين. ائين جيئن آيت الله خميني ايران ۾ ماڻهن سان رابطو رکيو هو.“ اِنهيءَ گفتگو دؤران شربت آيو، جيڪو سڀني واري وٽيءَ سان پيتو. مون هڪ ڳالهه نوٽ پئي ڪئي ته اُهو همراه وڏو غلم جو توبچي هيو هيڏانهن هوڏانهن جا اجايا سجايا گفتا پئي ڪيائين. مثلن اِهو پئي چيائين ته بيگم ڀٽو، اڄڪلهه جنرل ٽڪا خان جي ڪڍ لڳي آهي. جنهن تي سائين جي ايم سيد جو رد عمل ڏاڍو سخت ٿي پئي ويو. غصي ۾ پئي چيائين: ”خدا جو غضب پوين... اڃا اِنهن جي ڪڍ.“ مون کي اِهو احساس شدت سان پئي ٿيو، ته اهي غلم جا توبچي ۽ خوشامندي ماڻهو ڪيڏا نه خطرناڪ آهن، جيڪي هروڀرو ماڻهن جي وچ ۾ وٿيون ۽ گمان پيدا ڪندا آهن. اُن وقت حضرت سليمان جي چوڻي ياد آئي، ته ”چغل خور ۽ خوشامندي ماڻهن جون ڳالهيون لذيذ لقمن جهڙيون هونديون آهن ۽ اهي پيٽ جي تمام اندرين ڀاڱن ۾ لهيو وڃن ٿيون.“ ۳ وڳي ڌارا ماني آئي. ورانڊي ۾ گلم تي ٿي ويٺاسين. ڀاڄيءَ ۾ پلو، گوشت ۽ واڱڻن جو ٻوڙ هو. بصر، انب جي کٽاڻ، ڏوڏيون ۽ سنڌڙي انب به رڪابين ۽ ٿالهين ۾ سجايل هيا. ڪڻڪ جي ماني ۽ چانور به دسترخوان ۾ شامل هئا. جيڪا ڳالهه نوٽ ڪرڻ جي هئي، سا اِها هئي ته سائين کي وڃڻو هڻندڙ ڇوڪرو ۽ زور ڏيندڙ اڌ وهي همراه به اسان سان گڏ ماني پئي کاڌي. ڳالهين مان معلوم ٿيو ته اُهو اڌ وهي همراه سائين جو مريد ۽ هاري هيو، ۽ ڇوڪرو هاريءَ جو پٽ هيو. اِهو منظر زندگي ۾ مون پهريون دفعو ڏٺو هو ته مريد ۽ مرشد، هاري ۽ وڏيري گڏ ويٺي ماني پئي کاڌي. نتيجي ۾ سائين جي ايم سيد لاءِ اِهو تاثر جڙيو ته سائين روايتي پيرن مرشدن يا وڏيرن منجهان نه هيو، منجهنس نه ڇوت ڇات هئي ۽ نه وري ڪا احساس برتري ۽ گهمنڊ. کائڻ جي دؤران مون اِهو به ڏٺو ته سائين پلي کي هٿ نه پئي لاتو. البت گوشت ۽ انب واپريائين پئي. بشير ۽ مان نه ڇڏيو سين پلي کي، نه گوشت کي ۽ نه وري واڱڻن کي.انبن ۽ ڏوڏين سان به ڏاڍي ڪئي سين. ماني کائڻ کان پوءِ سائين چيو: ”بابا هاڻي ڪجهه آرام ڪيو.“ سائين، اُتي ورانڊي ۾ ڏير جي مخصوص تڏي تي، وهاڻي تي مٿو رکي آهلجي پيو. ۽ اسان ٻئي وري ٻئي ڪمري ۾ وڃي ستاسين. ڏاڍي ڪوشش جي باوجود به ننڊ نه آئي. نيٺ ۵ وڳي ڌارا ٻاهر نڪتاسين ته سائين جاڳي رهيو هيو. ڪو همراه کائنس اسلام جي باري ۾ پڇي رهيو هيو . سائين ٻڌائي رهيو هيو: ”ملان جي اسلام ۽ اسان جي اسلام ۾ فرق آهي. ملي وٽ رب رڳو مسلمانن جو ۽ ڏاڍو قهار آهي. اسان وٽ رب سڄي عالم جو ۽ راحمين آهي. ملو چوي ٿو ته هڪڙو جهان هت آهي ۽ ٻيو جهان قيامت کان پوءِ آهي. پر آءٌ چوان ٿو ته هڪڙو جهان هيءُ آهي، جيڪو هلي ٿو ۽ ٻيو جهان ايندڙ مستقبل آهي، بهشت ۽ دوزخ قومن کي هتي ئي ملندو. جيڪا قوم سست ۽ جاهل رهندي اُها عذاب ۾ هوندي. جيڪا چست ۽ ڄاڻ واري هوندي، اُها سڪون سان زندگي گذاريندي.“ ”سائين هندو ته الله کي نه ٿا مڃن، اُهي بتن جي يا غير الله جي پوڄا ڪن ٿا؟“ اُن همراه جو ٻيو سوال هيو. ”هندن جي پراڻن مذهبي ڪتابن ۾ به وحدت الوجود جو نظريو ڏنل آهي. اهڙي ڪا به ڳالهه ڪونهي ته وحدت الوجود جو نظريو رڳو مسلمانن وٽ آهي. هر مذهب وارا الله کي مڃن ٿا. اُن هستيءَ جا صرف نالا الڳ الڳ آهن. ڪو ايشور چوي، ڪو گاڊ چوي، ڪو خدا سڏيس ٿو. هرڪو سڌيءَ طرح يا اڻ سڌيءَ طرح مڃي ٿو. پر الله کي اُهو سمجهي، جيڪو پهريان زمين وارن کي ته سمجهي نه؟ ٻڌ کان ڪنهن پڇيو، ”خدا ڇا آهي؟“ ته اُن جواب ۾ چيو، ته هڪڙو ستارن جو علم رکندڙ شخص اُڀ کي ڏسندي ڏسندي کوهه ۾ وڃي ڪريو. ماڻهن جڏهن پڇيس ته کوهه ۾ ڪيئن ڪرين ته چيائين زمين ماپڻ کان اڳ هليو هيس اُڀ ڪڇڻ. اِها ڳالهه قاضي قادن به پنهنجي شعر ۾ چئي آهي. ڪنز قدوري قافيه، پڙهي پروڙين سڀ ته ڪر منڊي ماڪوڙي، کوه ۾ پئي ڪڇي اُڀ جيڪو ماڻهو دنيا جي سڀني مذهبن کي نه ٿو پڙهي، اُهو الله، خدا ،گاڊ ۽ ايشور کي نه ٿو سمجهي سگهي.“ سائين ائين چئي خاموش ٿي ويو. ته سڄو ماحول سانت ٿي ويو. ٿوري دير کان پوءِ سائين ڪرسيون ٻاهر اڱڻ تي ڪڍايون. ٻاهر ٿي ويٺاسي ته ڪجهه ماڻهو ٻيا به آيا. سڀني لاءِ چانهه آئي. سائين نون آيلن کان حال احوال وٺڻ شروع ڪيا. اُنهن مان هڪڙي همراه سائين سان نويڪلائي ۾ ڳالهائڻ لاءِ چيو. ٻيو ڪو اسان کي تخليه لاءِ چئي، ان کان اڳ بشير شاهاڻي مون کي اٿڻ جو اشارو ڪيو. اسان ٻاهر نڪري وياسي. سن جي گهٽين مان گهمي ڦري موٽياسي ته سائين، بشير کان پڇيو: ”بابا! جميعت طلبه جي ڪنهن شاگرد کان، سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي ڪن ڇوڪرن ڦــر ڪئي آهي ڇا؟“ ”خبر ڪونهي،“ بشير وراڻيو. ”اِها جلدي خبر وٺ ۽ پوءِ جلدي تدارڪ ڪري، اِنهن کي فيڊريشن مان ڪڍي ڇڏيو. خدا جو ڪو غضب ڪِـرين. مون کي علڻ خان ٿيٻي به لسٽ ڏني آهي. اُها لسٽ ڏسي، تحقيق ڪري اُنهن کي به ٻي ميٽنگ ۾ ڪڍي ڇڏيو.“ بشير شاهاڻي اُن همراه کان نالو پڇيو، جنهن دانهيو هيو ته ٻڌايائين: ”محمد خان پٺاڻ!“ ”چڱو مان هاڻي حويلي ڏانهن وڃان ٿو، وري رات جو ملنداسي.“ سائين سڀن کان موڪلائي هليو ويو. اسان ٻئي ڄڻا ٻاهر نڪتاسين ته جيئن ڪا هوا جهٽيون. ٻاهر به هوا گرم پئي لڳي. پر منهنجي من ۾ ٿڌڪار هئي، هڪ اهڙي عظيم هستي سان ملندي دل ٺري پئي هئي، جنهن جي لاءِ تمام گهڻو ڪجهه هُلايل هيو. ته سيد سنڌ جي شاگردن کي کاري خراب ڪيو آهي. پر حقيقت اها هئي ته هو اُنهن کي سڌارڻ لاءِ ڪوشان هيو ته سنڌ جو مستقبل سپورنج ۽ ساڃاهوند جوانن جي هٿن ۾ اچي. پر ڪجهه شاگردن سندس رقيق القلبي مان ناجائز فائدو ورتو هو يا وري سائين جي مسلسل نظر بندي جي ڪري مٿائن نظرداري نه پئي ٿي سگهي. رات جو جڏهن سيد سان ملاقات ٿي ته اُن وقت گلم تي ويٺي هٿ بتيءَ جي روشنيءَ ۾ تاريخ طبري پئي پڙهيائين. اسان کي ڏسي چيائين، ”ڪيڏانهن ويا هيئه؟“ بشير وراڻيو؛ ”چڪر تي!“ ”مان اوهان جو انتظار پئي ڪيو، جو منهنجي ماني کائڻ جو وقت ٿي ويو آهي. ڇوڪرا ماني آڻ.“ سائين اتي بيٺل هڪ ڇوڪري کي چيو. ٿوريءَ دير کان پوءِ ڇوڪرو کير، چانور ، دال ۽ انب کڻي آيو. ماني کائڻ وقت اُهي ٻئي همراه هڻ کڻ به موجود هيا. جن اجايا سجايا سماچار پئي سڻايا. سائين ڪن کي اڻ ٻڌو ۽ ڪن کي ٻڌو پئي ڪيو. جن کي ٻڌو پئي ڪيو، اُن تي ڪاوڙ وچان پئي چيائين: ”خدا جو ڪو غضب پوين“ ماني کائڻ کان پوءِ ، بشير شاهاڻي ۽ مون ڏانهن منهن ڪري چيائين: ” ٻِيو ڪو علمي حوالي سان سوال يا مونجهارو هجي ته پڇو؟“ مون کي ڄڻ وارو ملي ويو: ” سائين، ڇا شاه عبداللطيف ڀٽائي شري ڪرشن کان متاثر هيو؟“ ”ڪيئن نه متاثر هوندو. هيڏو سارو گيتا جو گيان شري ڪرشن ڏنو آهي. هندو ڌرم ۾ گيتا جي وڏي اهميت آهي.“ مون چيو، ”سائين شري ڪرشن ته ڇل ڪپٽ جو ماهر هيو، مها ڀارت ۾ جڏهن ڌريوڌن زخمي حالت ۾ هيو ته هن ڪرشن کي چيو، ته ’اڙي ڪنس داس جا پتر! ڇا تو ۾ ذرو به شرم ڪونهي. تنهنجي چوڻ تي مون ڀيم کي اڌرم ۽ انيتي سان ماريو. هن سنگرام کي ڌرم يد ڄاڻي گهڻا ئي راجا هن ۾ شريڪ ٿيا. پر اُهي اڌرم ۽ دغابازي سان ماريا ويا آهن .... ڇا توهان کان وڌيڪ مها پاپي، نٺر ۽ نرلڄو به ڪو ٿي سگهي ٿو؟‘ ڪرشن چيو، ’مترو! هن دشمن جي وڦلڻ تي ڪو ڌيان نه ڏيو. دروڻ ۽ ڪرڻ ڏاڍا پراڪرمي وير هئا. سڌي سنواٽي نموني جيتڻ ناممڪن هو. اُن لاءِ ڪا نه ڪا رمز رکي کين ماريو ويو. پنهنجي بچاءَ لاءِ ڌرم، نيتي جي رکيا لاءِ ڇل ڪپٽ ڪرڻ ۾ ڪو وهم ڪونهي.‘ ۽ ٻيو ته هن سنڌ جي راجا جئدرٿ کي به چوڏهين ڏينهن تي ڇل ڪپٽ سان ماريو هو.“ ”تون اهو ڪٿان پڙهيو؟“ سائين سوال ڪيو. مون وراڻيو: ”شري مها ڀارت، لوڪ رام پيسو مل ڏوڏيجا جو ڪتاب.“ ”اڇا، گهڻو ڪري ته اهو ۱۹۶۷ع جو ڇپيل آهي!؟“ سائين سوچيندي چيو . ”جي سائين!“ ”تو نالو ڇا ٻڌايو پنهنجو؟“ ”منظور حسين“، مون جواب ڏنو. سائين سمجهائيندي چيو،” منظور...! توهان هن زماني جي اخلاقيات کي اُن زماني جي اخلاقيات سان ڇو ٿا ڀيٽيو؟ جي اوهان ڀيٽيندءُ ته پوءِ دنيا جي مڙني شخصيتن جا اخلاقي قدر اڄوڪي اخلاقي قدرن سان نه ٺهڪندا. ان ڪري ڪنهن به شخصيت کي اُن زماني جي اخلاقي قدرن جي تحت ڏسو .... تو گيتا پڙهي آهي؟“ ”پڙهي آهي!“ ”ڪيئن لڳي؟“ ”روحانيت جا سڀ مارڳ بيان ٿيل اٿس، جن ۾ گيان، ڌيان، يوگ ڪرم ۽ ڀڳتي بابت زور ڏنل آهي.“ ”ان جو مطلب ته تو گيتا به پڙهي آهي. لطيف به سر رامڪلي ۾ جڏهن پورب جو ذڪر ڪري ٿو ته شري ڪرشن جي ڏنل گيتا واري فلاسافيءَ طرف اشارو ڪري ٿو. پوڄا ڪرم پاڻ کي، پل پوڄا کان پاڻ لاهوتي لطيف چئي، سڌ نه کڻن ساڻ تعلق ڇڏڻ تڪيا، ايءُ آديسين اهڃاڻ ڄاڻي ڇڏي ڄاڻ، پريا پورب پنڌ ڏي“ اِهو پورب پنڌ دوراڪا جي طرف هوندو هيو. يا ٻيو به شعر به اُنهن نانگن فقيرن جي حوالي سان آهي. جيڪي شري ڪرشن جي شهر دوراڪا کي پنهنجو مرڪز ۽ منزل سمجهندا هيا. ڪڇي ڪاڇوٽي، نانگن ٻڌي نيهن جي سُک نه ستا ڪڏهن، لاهي لانگوٽي جهڙا آئيا جڳ ۾، تهڙا ويا موٽي تنين جي چوٽي، پورب ٿيندي پڌري. ڇوڪرا، تو منهنجو ڪتاب ’پيغام لطيف‘ پڙهيو آهي؟“ ”جي سائين!“ مون وراڻيو. ”ڇا سمجهيو ٿي؟“ ”توهان لطيف کي هڪ نئين رخ يعني قومي شاعر جي حوالي سان پيش ڪيو آهي.“ ”پوءِ ان ۾ ڪامياب ويو آهيان يا نه؟“ ”بالڪل اوهان شاه جي بيتن جي حوالي سان ثابت ڪيو آهي ته شاهه قومي شاعر آهي.“ ”خدا جو شڪر آهي ... ٻيو ڪو سوال؟“ مون وري ٻيو سوال ڪيو، ”سائين شاه عبداللطيف جو آئيڊيل يا مرشد ڪير هيو؟“ سائين جي ايم سيد ٻڌايو: ”حضرت علي...! شاه صاحب اهل تشيح صوفي هيو. پر اِهو ذهن ۾ رکو ته اڄوڪن شيعن جهڙو نه هيو. صوفي لاڪوفي هيو. سر رامڪليءَ ۾ جنهن انداز ۾ تعريف ۽ توصيف ڪري ٿو. جن ۾ ويراڳي، نانگا، جوڳي، بيکاري، آديسي، ڪاپڙي، سامي وغيره اچي وڃن ٿا. پر جڏهن حضرت عليءَ جي ڳالهه ڪري ٿو ته اُن کي پنهنجو رهبر سمجهي ٿو: ” نانگا نانيءَ هليا، هنگلا جان هلي ديکي تن دوارڪا، مهيسن ملهي آڳهه جن علي، آءٌ نه جئندي ان ري“ يا ”گذر گئي گذران ڪين قبولج ڪاپڙي عليءَ جو ميدان سڳر سنياسين کي.“ يا وري ”عليءَ جي ميدان ۾ ويٺا ڌوڻ ڌُڻي ترڪ ڪيائون تڪيا، پريون پنڌ سڻي ڪندي ڪوه ڌڻي، طعنا ڏيئي تن کي.“ ٻيو ته شاهه عبدالطيف محرم ۾ ڪارا ڪپڙا پهريندو هيو ۽ سر ڪيڏارو ڪربلا جي واقعي جي حوالي سان ڄڻ سنڌيءَ ۾ لکيل عظيم نوحو آهي. هاڻي توهان ڀلي وڃي آرام ڪيو!“ اسان اٿياسين ته سائين وري چيو: ”منظور توسان ملي خوشي ٿي. بشير هن کي ميمبر ضرور ڪجانءِ!“ ”ها سائين ها“، بشير زور سان وراڻيو، ۽ پوءِ آهستگي سان چيائين، ”مان ته ڏاڍو زور ٿو ڀريانس، پر حرامي ٿي ئي نه ٿو. پر هاڻي ميمبر ضرور ڪندومانس.“ بشير ۽ مان اُتان نڪري اوطاق جي اڱڻ تي جڏهن کٽن تي آهلياسي ته مون وٽ “سن جي سائين“ لاءِ مجموعي طور تي اهو تاثر جڙيو ته لاشڪ سائين جي ايم سيد هڪ عظيم علمي درسگاهه آهي. جنهن جي قدر ۽ قيمت جو اسان کي اڃا احساس ڪونهي. تڏهن ته ڪيترائي هن عظيم درسگاهه جي حاضري ڀريندي به ڪجهه ناهن سکيا. بقول ڀٽ ڌڻيءَ جي: محروم ئي مري ويا، ماهر ٿي نه مئا چڙيءَ جي چنهج جيان، لڏيائون لئا حباب ئي هئا، انهيءُ وادي وچ ۾. سائين جي ايم سيد ويهين صديءَ جو عظيم سياستدان ڊاڪٽر مير عالم مري گذريل صدي يعني ويهين صديءَ ۾ سنڌ اندر سياسي نظرين جي لحاظ سان وڏي اٿل پٿل رهي. پر وطن ۽ قوم جي بنياد يا انڪار جي حوالي سان ٽي فڪر رهيا ۽ ٽنهي جو پاڻ ۾ ٽڪراءُ رهيو. (۱) اکنڊ ڀارت جو نظريو (۲) مذهبي قومي تصور ۽ ڀارت جي ورهاڱي جو نظريو (۳) سنڌ جي آزاد رياست جو نظريو. (۱) اکنڊ ڀارت جو نظريو، جيتوڻيڪ برطانوي سامراج مخالف هو، پر ڀارت اندر تاريخي قومن جي وجود ۽ انهن جي آزاد رياستن جي حق کان انڪاري هو. انڊين نيشنل ڪانگريس ۽ مهاتما گانڌي ان جا وڏا حامي ۽ پرچارڪ هئا. (۲) مذهبي قومي تصور ۽ ورهاڱي جي نظريي جا حامي، برطانوي راڄ جا اڻ سڌا حامي ۽ انهن جي معرفت پاڪستان جي قيام لاءِ راهه هموار ڪري رهيا هئا. مسلم ليگ ۽ قائد اعظم ان جا وڏا حامي ۽ پرچارڪ هئا. (۳) آزاد سنڌ جو نظريو: هي ڳالهه سڀ کان پهرين، سنڌ مان مولانا عبيدالله سنڌي ڪئي. ٻي عالمي جنگ کانپوءِ جي عالمي ۽ علائقائي حالتن ۽ بغاوت جي پسمنظر ۾ مٿي بيان ڪيل سياسي نظرين مان فقط مذهبي قومي تصور تحت پاڪستان جي قيام جو ماحول ٺهيو، نه اکنڊ ڀارت رهيو ۽ نه سنڌ سميت ٻين ملڪن آجپو ماڻيو. جيتوڻيڪ برطانوي تسلط جو دور پورو ٿيو. ان کانپوءِ مختصر عرصي اوڀر پاڪستان بنگلاديش بنجي ويو. سائين جي ايم سيد ويهين صديءَ جي اهم سياسي شخصيت آهي. سيد پنهنجي حياتيءَ ۾ ۷۵ سال سياسي، ادبي ۽ عملي جدوجهد ڪئي. سندس پنجونجاهه ڪتاب لکيل آهن، جن مان اڪثر ڇپيل آهن ۽ مختلف ٻولين ۾ ترجما ٿي چڪا آهن. ڪل ملائي ۳۲ سال قيد ۽ نظربندي ڀوڳيائين. سڀني بااثر وڏن ماڻهن وانگر سائين جي ايم سيد جا مداح به آهن ته ڪٽر مخالف به. پر ڪجهه بنيادي ڳالهيون، جيڪي جي ايم سيد جا مخالف به تسليم ڪن ٿا، اهي هي آهن ته سيد سڄي زندگي سنڌ ۽ سنڌين جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪيو. پنهنجي خيالن ۽ نظرين تي اٽل رهيو ۽ هن ڪڏهن به سوديبازي ڪري رعايتون نه ورتيون. هو قومپرستيءَ جي جديد نظريي جو باني ۽ سنڌين ۽ سنڌ جي سڃاڻپ آهي. آئون جي ايم سيد جي سڄي حياتيءَ جي جدوجهد کي ٽن حصن ۾ ورهايان ٿو: پهريون دور ۱۹۱۷ع کان ۱۹۴۶ع تائين. ٻيو دور ۱۹۴۶ع کان ۱۷۷۱ع تائين ۽ ٽيون دور ۱۹۷۲ع کان وفات تائين. ٽنهي دورن ۾ سيد جا نظريا، خيال ۽ پارٽيون تبديل ٿيون. تجربن ۽ غلطين مان بهتر نتيجا ڪڍندو رهيو، پر ٽنهي دورن ۾ هڪڙي ڳالهه مشترڪ آهي ته جي ايم سيد وٽ شروع کان آخر تائين، اوليت ۽ اهميت هميشه سنڌ ۽ سنڌي قوم جي مفادن جي رهي. تنهن ڪري سيد، سنڌ جي سياست جو بنيادي حوالو آهي. ڪالم جي شروع ۾ مون ننڍي کنڊ ۾ ٽن سياسي جماعتن جي ڳالهه به ان ڪري ڪئي، جو جي ايم سيد جي سڃاڻپ ته سنڌ آهي، پر هو ننڍي کنڊ جو اهم سياستدان به هو. جيڪي به ماڻهو ننڍي کنڊ جي سياست کي، ڀارت ۽ پاڪستان کي يا سنڌ ۽ سنڌي قوم کي سمجهڻ ۽ پرکڻ چاهين ٿا، انهن لاءِ جي ايم سيد کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ لازمي آهي، ڇاڪاڻ ته جي ايم سيد جي راءِ گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي حوالي سان Authority آهي. ننڍي کنڊ جي سياسي نظرين جي لحاظ کان ڪالم جي شروعات ڪرڻ جو ٻيو سبب اها تنقيد آهي، جيڪا سيد جا مخالف ڪندا آيا آهن ته سيد سنڌ جي آجپي جو نعرو (۱۹۷۲ع) وقت کان اڳ ڏنو آهي. ننڍي کنڊ جي ان وقت جي سياسي نظرين جو حوالو ڏيئي، منهنجو مقصد انهن مخالفن کي اهو ياد ڏيارڻ آهي ته آزاد سنڌ جو نعرو ۱۹۷۲ع ۾ وقت کان اڳ جو نه آهي، پر جي ايم سيد جي سياسي تجربن کانپوءِ جو آهي، نه ته مولانا عبيدالله سنڌي ۱۹۴۰ع ڌاري اهو نظريو ڏئي چڪو هو ۽ ۱۹۴۳ع ڌاري شهيد سورهيه بادشاهه آزادي يا موت، وطن يا ڪفن جي نعري تحت گوريلا جنگ ڪري تختهء دار تي به چڙهي چڪو هو. دراصل نظريا جنم ئي تڏهن وٺندا آهن، جڏهن معاشري کي انهن جي ضرورت هوندي آهي. جيئن سرمائيداري جي ارتقا ۾ مارڪسزم جو نظريو، وقت جي ضرورت هئي يا انتهاپسنديءَ خلاف زرعي معاشرن ۾ تصوف ۽ پاپائيت خلاف سرمائيدار معاشرن ۾ سيڪيولر ازم جي نظريي جي ضرورت هئي، ڇاڪاڻ ته نظريو ڏيندڙ صرف پنهنجي ذهني اختراع وسيلي ذهني عياشي نه ڪندو آهي، پر اهو انساني معاشري جي تاريخ، حالتن ۽ ضرورت کي گهڻ پاسائون ڏسي، اهڙا نتيجا ڪڍندو آهي، ان لاءِ ۽ ڪو هڪڙو واقعو نه، پر ڪيئي واقعا سبب بڻبا آهن. ۱۹۷۲ع ۾ چند نوجوانن تي مشتمل پنهنجي نظريي جي شروعات ڪندڙ جي ايم سيد جي هلچل، ’جيئي سنڌ‘، اڄ سنڌ جي لکين ماڻهن جي دلين جي ڌڙڪن، ۽ زبان تي نعري جي صورت وٺي رهي آهي، کڻي جو ڪيترائي ٿاڻا، ٽارچر سيل، جيل ۽ قبرون اها ڳالهه ثابت ڪن پيون ته سنڌ جي ويرين سيد جي فڪر ۽ تحريڪ کي ڪچلڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي، پر پوءِ به تحريڪ ۾ واڌ آئي آهي، جنهن سان به ثابت ٿئي ٿو ته هي نظريو ڪو اوچتو يا وقت کان اڳ جو ناهي. اڄ به سنڌ ۾ ڀلي کڻي ڪيتريون ئي سياسي جماعتون هجن، پر سياسي حوالي سان ٻه صرف ڪيمپون آهن، هڪ سنڌ دوست ڪيمپ ۽ ٻي سنڌ دشمن ڪيمپ. اهو جي ايم سيد ۽ جيئي سنڌ هلچل جي جدوجهد جو ڪمال ۽ وقت جي ضرورت آهي ته وفاق پرست جماعتون (جن مان اڪثر پنهنجي فڪر و عمل ۽ جوهر ۾ سنڌ دشمن آهن) پاڻ لاءِ سنڌ دوست تاثر ڏيڻ تي مجبور آهن ۽ اها اسان جي ڪمزوري آهي ته سنڌ دوستيءَ جون دعويدار ڌريون، وفاق پرستن سان هٿ ملائين ٿيون. اهي سنڌ دشمن ڌريون، جيڪي پاڻ کي سنڌ دوست سڏائين ٿيون، ۽ ڌارين ۽ انتهاپسندن سان گڏجي سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ پارليماني واٽ وٺن ٿيون. انهن جا نتيجا ته ۱۱ مئي وارين چونڊن بعد پڌرا ٿيندا، پر آئون اڄ ئي چئي ڏيان ٿو ته قومپرست سياسي پارٽيءَ جي حيثيت ۾ يا قومپرست اتحاد جي حيثيت ۾ اهي سوڀارا نه ٿيندا، ڇاڪاڻ جو اهي جي ايم سيد جي تحريڪ کي ڌَڪين ۽ ڌِڪين ٿا ۽ رياست جي دوستن جي ڪيمپ ۾ انهن جي شرطن ۽ طريقن سبب داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪن پيا، جن کي سنڌ جو عوام رد ڪندو، ڇاڪاڻ جو سنڌ جي عوام جي نظرن ۾ قومپرستي، جيئي سنڌ سان مشروط آهي ۽ جي ايم سيد سان ڳنڍيل آهي. آخري ڳالهه ته جيتوڻيڪ سيد جي فڪر واري تحريڪ، چند نوجوانن کان شروع ٿي لکين ماڻهن تائين پهتي آهي، پر ان ۾ ٻه اوڻايون آهن، هڪ ته اها ٽڪرن ٽڪرن ۾ ورهايل آهي ۽ ٻيو فڪري لحاظ سان، ڪارڪنن جي تربيت ناهي. آدمشماري ۾ واڌ، تعليم جي شرح ۾ اضافي، ميڊيا جي ذريعن ۽ ترقي ۽ ٻين سببن جيتوڻيڪ هلچل ۾ مقداري واڌ آئي آهي، پر اها واڌ غير معياري آهي. اڄ جڏهن اسين، سن ۾ رهبرِ سنڌ جي ورسيءَ جي موقعي تي ڪارڪنن سان مخاطب آهيون ته ان وقت اسان جي سامهون جيڪي وڏا چئلينج آهن ۽ جيڪي اڄ جون ضرورتون به آهن، اهي هي آهن: . جيئي هلچل، جيڪا مختلف تنظيمن ۽گروهن ۾ ورهايل آهي، انهن گروهن جو تعداد گهٽائي منتشر طاقت کي منظم ڪريون. ڪارڪنن ۽ حامين جي فڪري تربيت ڪريون. ۱۹۷۳جي ايم سيد جي فڪر جي بنياد تي پنهنجي طاقت کي گڏ ڪريون ۽ پنهنجي فڪر ۽ طاقت جي بنياد تي سياست ڪريون. انتهاپسندي ۽ دهشتگرديءَ کان خوفزده ٿيڻ ۽ انهن جو ساٿ حاصل ڪرڻ جون سڀ ڪوششون رد ڪري، جي ايم سيد جي تصوف، مذهبي رواداري ۽ سيڪيولرزم جي مورچي کي منظم، مضبوط ۽ وسيع ڪريون. .ڪارڪن ته هزارين/لکين پيدا ٿي چڪا آهن، پر هاڻي پنهنجي تحريڪ ۾ چند سُلجهيل ۽ هم آهنگ سياستدانن جي ٽيم به تيار ڪريون، ته پوءِ بيشڪ سيد جو خواب، ساڀيان حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندو. سيد، اڪيلو هو، پر رياستي ادارن ۽ ان جي حامين تي حاوي هو. پر اسين تعداد ۾ کڻي جو وڌيا آهيون، پر مقابلي جو معيار اهو ناهي. مقابلي جو معيار وڌائڻ ۽ ميدان جي چونڊ اسان کي ڪرڻي آهي. طريقو پنهنجي سگهه، حالتن آهر اختيار ڪبو ۽ فيصلو ايندڙ وقت ئي ڪندو. سائين جي ايم سيد جنهن سنڌين کي سنڌ ارپي هيمون ڪالاڻي/حيدرآباد سنڌ جي هِنئين ۾ هرندڙ هي اپريل جا ڪوسا ڏينهن ۽ دردن جي دونهين ۾ دزجندڙ ڏيهن لاءِ امن عالم جو پيغام رکندڙ هيءَ ڌرتي، جنهن جي وجود تي دشمن گھات هڻڻ لاءِ آتو آهي. اتي سيد جون اکيون جل ٿل بڻجي اندر ۾ اوتبيون ٿيون اچن. سائين جي ايم سيد، جنهن نئين سنڌ جي تخليق ڪندي، ان جو شاندار ماضي ورائڻ لاءِ جيڪي جتن ڪيا، قيد ۽ نظربندين جون عقوبتون سَٺيون، انهن لمحن سميت هن قافلي جي هر هڪ شهيد جي ساهه جي آخري هڏڪيءَ جو قرض ۽ ان جو احتساب پڻ سن ۾ ٿيڻو هوندو آهي ته اڄ هن پٿرائين ڌرتيءَ تي جتي سنڌ جي آئيندي جا خواب سهيڙجن ٿا، اتان بيهي اگر سن جي سائينءَ جي سپنن جي ساڀيائن کي سمجھي، سندس ڪم ۽ رفتار کي جاچي لڌوسين ته هوند سنڌ جي ميرانجھڙي سينڌ، ڌارين جي ڪٽڪن، سنڌ جي وجود مٿان لٽڪندڙ تلوار، معاشي، سماجي ۽ سياسي ڦرلٽ، ذهني ۽ جسماني نسل ڪشيءَ سميت ٿيندڙ سڀئي ڌارين جون ارهه زورايون ۽ درپيش خطرا ڏسي سگھبا ۽ انهن حالتن ۾ قومي تحريڪ جي مزاج، ڪردار، اڳواڻن جي صلاحيتن ۽ پاليسين کي به جاچي لهڻ سهنجو هوندو. سائين جي ايم سيد، جنهن چيو هو ته: ”سنڌ کي درپيش خطرن کي جيئن مون ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي، تيئن جيڪڏهن اوهين محسوس به ڪيو ته، هوند ننڊ سمهي نه سگھو.“ اڄ تاريخ جي هن دور ۾ سنڌ جي جاگرافيائي حيثيت وري اهنج ۽ ايذاءَ جي تلوار هيٺ هئڻ سميت ’طاقت سان اڳتي وڌيو يا مرڻ لاءِ تيار ٿيو‘ واري حالت کي پهتل آهي، اتي پنهنجو احتساب ڪرڻ سميت ليڊرشپ ۽ ان جي عمل توڙي ڪردار جو احتساب ڪرڻ ضروري آهي، نه ته شينهن جي اڳواڻي ڪندڙ رڍون ڀلا دشمن کان انهن جو ڪهڙو تحفظ ڪري سگهنديون! اهو ڪارڪنن توڙي قومي تحريڪ جي اڳواڻن کي وقت سر سمجهڻو پوندو. سلام سن جي ان سائينءَ جي هر هڪ ساهس کي، جنهن سنڌ جو شعور ڏنو ۽ اڄ سنڌ سنڌين جي ماتر ڀوميءَ طور انهن جي عقيدت جو پهريون ۽ اولين نقطو آهي، جتي انگ اگھاڙا، توڙي انگوڇن ۾ ملبوس مارو گڏجي ڌرتيءَ جي سلامتيءَ لاءِ مڙي مٺ ٿين ٿا. جي ايم سيد آزاديءَ جي احساس جـهڙو شخص مولائي ملاح معصوميت ۾ ئي يتيميءَ جو بار پنـهـنجن ڪلـهـن تي کڻي جواني ماڻيندڙ، سيد گھراڻي جي هن سلڇڻي ٻار لاءِ اهو ڪنـهـن ٿي ڄاتو ته هو اڳتي هلي سنڌ جو اهڙو يگانو عاشق بڻبو جو ان جي عشق ۾ پنـهـنجي سموري حياتي داءَ تي لڳائي ڇڏيندو. هن جو ڌرتيءَ سان نينـهـن جي ناتي جو انداز به نرالو آهي. هن پـهـريون پيار پنـهـنجي ڌرتيءَ سان ڪيو. ائين ئي هن جو ڪيل عشق، عشق جي بلندين کي ڇـهـڻ لڳو جنـهـن کيس امر بڻائي ڇڏيو. هن جو عشق اتاهون هيو هر جابر جي ذات اڳيان، جنـهـن کي وقت، رياست جا لوهي هٿ به جھڪائي نه سگھيا. هن مشڪل گھڙين ۾ به امرت جو جام پيتو جنـهـن سندس عشق کي سگھارو بڻائي ڇڏيو. نياز همايونيءَ چواڻي ته: تنـهـنجو عشق اتاهون سيد، هر جابر جي ذات اڳيان، تنـهـنجو ڪنڌ جھڪڻ جو ناهي، ڪنـهـن ڀي لات منات اڳيان. سيد، سنڌي قوم کي پنـهـنجي سڃاڻپ ڏيڻ کانپوءِ، سنڌ مٿان پنـهـنجي عشق جا ساگر اٿلائي ڇڏيا. سنڌي قوم جڏهن سندس سنڌ شناسائيءَ واري پيغام کي سمجھڻ لڳي ته مٿس موهت ٿي، مداح بڻجي وئي. سنڌ جي ماڻـهـن جڏهن سيد جي ڏنل قومي فڪر ۾ پاڻ کي سڃاڻي ورتو ته سندن ۾ لطيف جي ٻوليءَ ۽ ڌرتيءَ جي وارثي ڪرڻ جو وشواس وڌڻ لڳو. جيڏي ڌرتي ديس جي، جيڏو هي آڪاس، جيڏو ماڻـهـوءَ منجھ آ، جيئڻ جو احساس، ايڏو ئي وشواس، منـهـنجو سيد سنڌ ۾. سنڌ سان سيد جي عشق جو ناتو ائين هيو جيئن ڪائي ٻڍڙي ماءُ پنـهـنجي جوان پٽ سان پيار ڪندي آهي. ان عشق ۾ کيس سڄي حياتي آزاد فضا ۾ ساهه کڻڻ جي اجازت نه رهي. هن جڏهن به پنـهـنجي محبوب قوم کي پنـهـنجي سيني سان لائڻ جي ڪوشش ڪئي ته رياست جي مـهـندارن جھنڊي جي جرم ۾ کيس قيد ڪري ڇڏيو. کيس قيد، نظر بند ته هر آمريتي دور ۾ ڪيو ويندو هيو. پر جمـهـوريت ۾ به سندس قيد سندس قيدي تاريخ جو انوکو باب بڻيو. هت هونءَ ته هر قسم جي قيديءَ کي ڪنـهـن نه ڪنـهـن طرح سان ڪائي سـهـوليت، آزادي مليل هوندي آهي پر سنڌي قوم کي سياسي قومي شعور ڏيڻ جي جرم ۾ سنائي سيد کي سدائين ڪارن قانونن هيٺ نظر بندين جي لوهي ڪوٽن ۾ بي گناهه بند ڪيو ويو. نظر بندين ۾ رهندي به سيد سندن اڳيان آڻ نه مڃي ۽ هو پنـهـنجي عمل ۾ مصروف رهيو، نظر بنديءَ جي اهڙي ماحول ۾ به هي قومي جاڳرتا لاءِ لوچيندو ۽ سوچيندو رهيو. هن اتي قلمي پورهيو جاري رکيو جنـهـن سان هي وقت جي حاڪمن جي بنيادن کي لوڏيندو رهيو. سيد، پنـهـنجي قوم کي شعور ڏيڻ لاءِ ڪيترائي ڪتاب لکيا جن تي وقت جي غاصب قوتن، پابنديون مڙهي ڇڏيون. سيد سندن قيد ۾ رهڻ کانپوءِ به کين عوامي محبت، قوت کان بي هٿيار ڪندو رهيو قيد، بند ۾ سندس ڏات ئي وڏو هٿيار رهي جئين اياز چواڻي ته: مون ڏات انوکي آندي آ، ٿي تند وڙهي تلوارن سان، ٿا ڀاري تنـهـنجا برج لڏن، تون هيڻو آن، هٿيارن سان. وقت جي آمر قوتن جڏهن سنڌ جي حقن کي ڦٻائڻ لاءِ سنڌ تي ون يونٽ جـهـڙو وار ڪيو ته سيد جي فڪر، ئي سستيءَ جي ننڊ ستل ماڻـهـن کي اکيون مـهـٽي اٿڻ تي مجبور ڪيو ۽ پوءِ سنڌ هڪ آواز ٿي ڪَرَ موڙي اُٿي پئي. جنـهـن جي گونج سنڌ جي گلي گلي ۾ اياز جي گيتن ۾ ٻرڻ لڳي. سيد پنـهـنجي سڄي حياتي ڌرتيءَ جي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجـهـد ڪندي گذاري ڇڏي. سندس زندگيءَ جا آخري ساهه پساهه به قيد، بند واري ڪيفيت، حالت ۾ ئي گذريا. اهڙي قيد تي کيس “ضمير جو قيدي” وارو اعزاز به مليو. سيد اعظم پنـهـنجي قوم کي جيڪو فڪر ڏنو ان تان هن ارڏي عاشق زندگيءَ جي آخري گھڙين تائين هٿ نه کنيو؛ ان عشق ۾ هو سڄي حياتي رمندو رهيو ۽ سنڌ جي آزاديءَ، خوشحاليءَ جي پرهه ڦٽيءَ جـهـڙي باک جي ساک جو پيغام ڏيندو رهيو. جنـهـن پيغام کي اياز پنـهـنجن لفظن ۾ عوام تائين هيئن پـهـچايو ته: جوت ٻرندي رهي رات ٺرندي رهي باک جي ساک اڄ مان ڏئي ٿو وڃان! اڄ چئي ٿو وڃان مڌ ريٽي جيان نيٺ سنڌوءَ مٿان اڀرندو ساٿيو! مان چئي ٿو وڃان. سيد کي سڄي حياتي صرف ان جرم ۾ قيد، نظر بندين ۾ رکيو ويو جو هن سياست ۾ سچ ٿي ڳالـهـايو.!! هو هن سياست جي گدلي سينور ۾ اهو اُجرو نيل ڪنول هيو، جنـهـن جي پاڙ پاتال تائين هوندي آهي ۽ ڍنڍ جو پاڻي جيترو مٿي هوندو آهي هو ان جي مٿان پيو ترندو آهي. هن سياست جي واديءَ جي بي داغ ستاري من جي اُجري، صوفي منش ماڻـهـونءَ جو عالم انسانيت لاءِ ڏنل پيغام شاهه جي هن شعر جي تشريح آهي.ته: سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار، دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪـرين. سيد جو ڏنل پيغام دنيا جي مڙني مظلوم، محڪوم قومن لاءِ آهي؛ جنـهـن جي پالوٽ مان امن ۽ آزاديءَ جون، سڪايل ۽ اُڃايل قومون سيراب ٿي سگھن ٿيون. سيد چواڻي ته: ”سنڌ صدين کان آزاد ڌرتي رهي آهي، جنـهـن تي ڪنـهـن کي به قابض ٿيڻ، ان جي وسيلن کي ڦٻائڻ ۽ ان جي تاريخي، جاگرافيائي حدن، حقن سان هٿ چراند ڪرڻ جي ڪنـهـن کي به اجازت نه ڏبي. سنڌي هڪ قوم آهي جنـهـن کي پنـهـنجي ڌرتي آزاد گھرجي ٿي.“ اڄ سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي قوم، جنـهـن سياسي، معاشي انتشار ۽ فڪري سوڪـهـڙي جو شڪار آهن اهڙي سمي سنڌ وري به اهڙي ئي پاڻيءَ جـهـڙي پياري ماڻـهـونءَ کي ساري ٿي جيڪو سندس اڃ اُجھائي سگھي. اڄ سيد جي پيروڪارن جون، ”واٽون ويـهه ٿيون، ڪهه ڄاڻا ڪـهـڙا پرين!“ واري ڪيفيت آهي. اهڙين مايوس ڪن حالتن ۾ ئي سنڌ پاڻيءَ جـهـڙي پياري ماڻـهـونءَ جي ضرورت کي محسوس ڪري رهي آهي. جنـهـن جي سچن جذبن سان ئي سندس ترقي، امن ۽ خوشحالي سلـهـاڙيل هئي. اڄ سن کي سنڌ تي سوچڻ گھرجي. اڄ ڌرتي ڌڻين جي هڪ هنڌ گڏجڻ جو ڏينهن آهي. اڄوڪو ڏينهن سڀني قومي ڪارڪنن کان تقاضا ٿو ڪري ته پاڻ ۾ پيدا ٿيل رنجشون ويڇا وساري سنڌ جي امن ۽ سلامتيءَ خاطر هڪ ٿي سيد جي ڏنل پيغام کي اڳيان وڌايون. سائين جي ايم سيد جو ميران محمد شاھ کي لکيل يادگار خط سنڌ جي بمبئيءَ کان آزادي جو ڏينهن ور تو زين دست مرا بي سرو سامان داري، من بسه آهِ سحرت زلف مشوش دارم برادرم عزيز، تسليم اڄ اوهان جي سمع خراشي ان ڪم لاءِ ڪريان ٿو، جنهن لاءِ شايد اوهين تيار نه هجو: حديث دوست نگويم مگر بحضرت دوست، ڪه آشنا سخن آشنا نگهه دارد. سنڌ جدا ٿي، نهايت خوشيءَ جي ڳالهه آهي، پر ان سنڌڙيءَ جي مٿان مون کي نهايت پريشان ڪندڙ ڪارا ڪڪر نظر اچي رهيا آهن. سبزيءَ ۽ باد بهاريءَ جي بدلي، مون کي خزان جا آثار نظر پيا اچن. سنڌ آزاد ٿي سو ته چڱو ٿيو، پر چئوطرف کان ماڻهو ان کي مال غنيمت سمجهي هضم ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا آهن. خود مطلب ماڻهو صرف پئسي يا اثر جي سبب ان جي دامن عصمت کي ٽوڙڻ لاءِ ڳجهن وانگر اکيون کوڙيو بيٺا آهن ته ڪڏهين ٿيون اليڪشنون ٿين ته اسين ٿا چونڊجون. انهن مان هر هڪ کي پنهنجي لاءِ سبز باغ نظر اچي رهيا آهن. ڪن جو خيال آهي ته ميمبر ٿيڻ ڪري هو ووٽ جي اثر هيٺ، وزيرن معرفت ڪامورن کي پنهنجي قبضي ۾ رکي، آسپاس جي ملڪ ۽ ماڻهن تي اقتدار حاصل ڪندا. ڪي وري ان طمع ۾ گرفتار آهن ته پنهنجيءَ وسيع جائداد ۽ ملڪيت جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ هيءُ هڪ ڪارگر هٿيار ٿيندن. ڪي ائين پيا سمجهن ته هينئر ڪو پڇين به ڪو نه ٿو، سو پوءِ وڏا وڏا ماڻهو سندن درن تي ڌڪا جهليندا ڪن کي وري لقبن حاصل ڪرڻ جون لالچون آهن. لٿي به، چاچي ولي محمد شاهه وانگر، وقف ائڪٽ رد ڪرائڻ جو مقصد کنيو بيٺا هوندا. اهي ارادا آهن اڻپڙهيل يا نيم خوانده، وڏيرن جا، هاڻ هلو ته پڙهيل طبقي جي ارادن ۽ اميدن کي نظر مان ڪڍون سر غلام حسين پيو سمجهي ته سنڌ ۾ هن جهڙو قابل ۽ تجربيڪار ٻيو ڪو به ڪو نه آهي، تنهنڪري چيف منسٽر ٿيڻ لاءِ هن کان سواءِ ٻيو ڪوبه لائق ڪونه آهي. اهو وڏو گناهه ٿيندو جي ٻيو ڪوبه چونڊجي وڃي تنهنڪري، ان ڪار خير ۾ هو پنهنجي اڳين ڪمايل ملڪيت ۽ اثر صرف ڪري، ضرور انهيءَ گديءَ کي هٿ ڪندو. هن کان سواءِ سنڌ جي ستياناس ٿي ويندي، ان لاءِ هو هرڪا مناسب ۽ نامناسب ڪوشش ڪرڻ ضروري ٿو سمجهي. جنگ ۾ ڪاميابي مراد اٿس. ٻئي طرف سنڌ جي امير النسل ماڻهن جو عيوضي، سر شاهنواز ڀٽو، جو سنڌ سرڪار جو صلاحڪار آهي، سو سنڌ جي حڪومت جي واڳ سر غلام حسين يا ٻئي ڪنهن جي هٿ ۾ ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي. ٻيا سڀ سندس نظر ۾ دغاباز ۽ خود مطلب آهن. هي اخلاق جو علمبردار آهي ان ڪري سڀ طريقا اختيار ڪري حڪومت جي واڳ پنهنجي هٿ ۾ آڻڻ جي پٺيان پيل آهي. اڳتي هلندا ته ڏسڻ ۾ ايندو ته ميان کهڙو خان بلند آواز سان ماڻهن کي پڙهو ڏيئي رهيو آهي ته سنڌ آزاد ڪرڻ، ڇٻلائيءَ سان مقابلا ڪرڻ ۽ مسلمانن جي حقن لاءِ لڙڻ ۾ هن ڪثر ڪانه ڇڏي آهي. ان ڪري هن کي به ڪجهه نه ڪجهه ملڻ گهرجي، نه ته هو پنهنجو گروپ مير بنده علي خان وغيره سان ٺاهي، زوريءَ به ڪا جاءِ وٺندو. انهيءَ وچ ۾ سنڌ جي الهندي گوشي کان هڪ سنهي، چالاڪ نوجوان جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، جنهن جو نالو خانبهادر الهه بخش هو. ان سندس بمبئي ڪائونسل ۾ مختلف ڪميٽين تي ڪم ڪرڻ، تجربي، هندو. مسلم لاڳاپي ۽ سر شاهنواز ڀٽي جي دوستيءَ جو حوالو ڏيندي. پنهنجو ڪليم پيش ڪيو، سنڌ جي ڪنهن به جوڙجڪ ۾ هن جي حق کي ريٽڻ ٺيڪ نه ٿيندو. هن انهيءَ نقطه نگاهه کان اپر، سنڌ ۾ اڳي ئي اثر وڌائڻ شروع ڪيو هو، بلڪ نواب شاهه ۾ لاڳاپا قائم ڪرڻ شروع ڪيا هئا. ان کان پوءِ هڪ سيد نوجوان چڱيءَ طرح ڊريس پاتل، بي اي ايل ايل بي اٿي کڙو ٿيو. ان سندس ساداتيءَ فوور سنڌ جي نالي خدمت خلق جي آڌار تي، حق طلبي ڪرڻ شروع ڪئي: ان جو نالو سيد ميران محمد شاهه هو. ان به سنڌ جي جدائيءَ بمبئيءَ ۾ مسلم بلاڪ جي سيڪريٽريءَ هجڻ ۽ پنهنجيءَ لياقت جو حوالو ڏيئي تقاضا ڪئي ته کيس ضرور ڪجهه نه ڪجهه ملڻ گهرجي. ان کان پوءِ، گزدر صاحب پنهنجو انجنيري تجربو، سکر براج جو هلائڻ ۽ پنهنجي بمبئي ڪائونسل جي ڪار گذاري پيش ڪندي چيو ته کيس وسارڻ سراسر غلطي ٿيندي. ان کان پوءِ شيخ عبدالمجيد سنڌي اٿي، مٿين سڀني خواهشمندن کي مخالف ٿي چوڻ لڳو ته اوهين سڀ سرمائيدار گڏ ٿي، ڀانئيو ٿا سنڌ جي مال غنيمت کي ورهائي کڻندو. اوهان کي ائين ڪرڻ نه ڏبو. هن سندس خلافت، ڪانگريس، مسلم ليگ تحريڪن ۽ جيل ۾ وڃڻ جا حوالا ڏنا ۽ ”الوحيد“ اخبار ذريعي ماڻهن ۾ سجاڳي آڻڻ جو ذڪر ڪيو. اوهان سڀني کي گڏجي، سنڌ جي ڀلائيءَ خاطر، خودمطلبيءَ کي ڇڏي، باهمي سمجهوتي سان ڪم ڪرڻ گهرجي نه ته اوهان جا ماڻهن اڳيان پول پڌرا ڪبا ان کان پوءِ ٻه ٽي هندو ڪارڪن اٿيا، جن چيو ته سنڌ جدا ٿي ته ائين نه سمجهو ته سموري طاقت اوهان جي هٿن ۾ اچي ويئي. اسان جا ميمبر اسيمبليءَ ۾ ٽيون حصو آهن. اوهين وڏيرا پاڻ ۾ عهدن تان لڙي اسان جا محتاج ٿيندا، تنهنڪري حڪومت جي واڳ اسان جي هٿ ۾ رهندي، سو اوهان کي اسان سان فيصلو ڪري پوءِ ڪو ڪم ڪرڻو پوندو. اهي حالتون ڏسي مون کي هڪ هاتفي آواز ڪن پيو، جو چئي رهيو هو ته اي سنڌ جا ڪارڪن، خودمطلبي ڇڏي، ملڪ ۽ ماڻهن جي ڀلي لاءِ ڪو پروگرام ٺاهي، سنڌ جي خدمت ڪرڻ شروع ڪريو، نه ته اوهان مان گهڻن جو حشر نهايت عبرتناڪ نڪرڻ وارو آهي. ڪي اليڪشن ۾ ناڪامياب ٿي، کٽي وڃي گوشه تنهائي ۾ ويهندا. ڪي هڪٻئي جي خلاف سازش ڪري، سنڌ جي سياست کي خودمطلبيءَ جو آکاڙو بنائيندا. ڪي باوجود خدمت ڪرڻ جي ، عوام جي خواب غفلت جون دانهون ڪري، وقت گذاريندا. هندو مسلمانن جي خلاف سازشون ڪندا، ته انهن جي ردعمل ۾ مسلمانن جو هڪ فرقو فرقيوار نفرت ڦهلائيندو. نتيجو اهو نڪرندو ته اها ورهين جي محنت کان پوءِ ڪيل آزادي، ملڪ لاءِ آباديءَ جي عيوض بربادي آڻيندي. تاريخ شاهد آهي ته جيڪي ماڻهو اتفاق ۽ خدمت خلق جي راهه کي ڇڏي، خودمطلبين ڪري ورهائجي. خانه جنگيءَ ۾ مشغول ٿي ويا، انهن کان اها مليل امانت کسجي ويندي ۽ وري عبرت ۽ سزا لاءِ کين گهڻو وقت مصيبتن ۾ مبتلا ٿيڻو پوندو. ان آواز کان متاثر ٿي آءُ توکي هي خط لکي رهيو آهيان. اي ميران محمد شاهه مون کي تو ۾ گهڻيون اميدون آهن تون ان نسل جو فرد آهين، جنهن پيٽ سان پٿر ٻڌي خلق خدا جي خدمت ڪئي. جنهن جي ڏاڏي، باوجود خليفه وقت هئڻ جي، نوڪرياڻي گهر ۾ انڪري نه رکي ته متان بيت المال جو پئسو شخصي ڪم لاءِ ڪتب اچي. جنهن جو ڏاڏو حق جي آواز بلند ڪرڻ خاطر ڪربلا جي ميدان ۾ اولاد سان قتل ٿيو، پر ناحق اڳيان سر نه نمايائين ۽ تيرهن سئو ورهين تائين ان جو نسل ماڻهن جي خدا ڪارڻ خدمت ڪندو پئي آيو آهي. سياسي اقتدار حاصل ڪرڻ ۾ جڏهن به اوهان ڪوشش ڪئي آهي، اڪثري ناڪامياب ٿيا آهيو. خدا جي خواهش آهي ته جيڪڏهن اوهين پنهنجن وڏن جي روايت کي قائم ڪرڻ گهرو ته عوام جي ڀلائيءَ ۽ بهتريءَ لاءِ هر قسم جي لالچ ۽ خود مطلبي ڪڍي ڇڏيو. وزيرن ۽ گورنرن مٿان قبا ڪونه اڏبا آهن، خدا جي راهه ۾ بي لوث خدمت ڪرڻ وارن کي اهو درجو نصيب ٿئي ٿو. دنيا ۽ دين ٻيئي هڪ مُٺ ۾ نه ايندا. جيڪڏهن ڀانئين ته تنهنجي سنڌڙي سرسبز ۽ شاداب ٿئي ۽ ان ۾ تنهنجي مرضيءَ مطابق سڌارا ٿين، ته وزارت يا آمارت جي لالچ ڪڍي ڇڏ. بادشاهن کان، بادشاهه بنائڻ وارن، جو درجو وڌيڪ آهي. ”ڪانياري ٻلي، ڪُئي سندي زال“. اهو مثال مشهور آهي. خودمطلبي ٻين کي شايد ڀانءِ پوي، پر توکي نه پوندي. ان طريقي سان هلڻ ڪري، توکي وڏا مرتبا ملڻ وارا آهن. تون سمجهين ٿو ته وزير ٿيڻ سان تون وڌيڪ ملڪ جي خدمت ڪري سگهندين. پر تو کي اها خبر هئڻ گهرجي ته اوستائين تون وزير ٿيندين ئي ڪو نه، جيستائين ڪنهن گروپ سان ملي، اصولن ۽ جي بهتريءَ کي هڪ طرف رکي، ڏي وٺ نه ڪئي اٿئي. مون کي تو ۾ گهڻيون اميدون آهن. انهيءَ ڪم ۾ آءُ توسان ٻانهن ٻيلي ٿي، پويان هلڻ لاءِ تيار آهيان. تو کي الله تي توڪل رکي، ان ڪم ۾ هٿ وجهڻ گهرجي. اهو رازق آهي حال تي موهجي مستقبل کي قربان نه ڪرڻ گهرجيئي. جيئن هيترو وقت ڏکيو سکيو گذران پئي ٿيو اٿئي. تيئن آئيندي به پيو ٿيندءِ. پر قرباني جو خيال ڌاري، ميدان ۾ نڪرڻ گهر جيئي. تون سنڌ جو ”ڪمال“ بنجي سگهين ٿو. بشرطيڪ، بنا مطلب جي گروپ ٺاهي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ کان سواءِ، وزيرن کان پنهنجيءَ ڪي پوزيشن (Key Position) جي عيوض، ملڪ ۽ قوم جا ڪم ڪرائيندين. ان حالت ۾ وزير توکان ڪبدا، تنهنجو نالو ملڪ ۾ مشهور ٿي ويندو. وڪالت مان ئي گهڻي ڪمائي ٿيندءِ. هيءَ اپيل ٻين کي ڇڏي، توکي ان لاءِ ٿو ڪريان ته تو ۾ درويشي جزو ڏسان ٿو ۽ محبت اٿم. هن وقت مالي مشڪلاتن ۾ ذرا آسودي زندگي گذاري جي شوق توکي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي، پر اميد ته تنهنجي حميدت کي جوش ڏيارڻ ڪري تون اڳواڻيءَ جي لائق ٿي پوندي. تو باز ساعد شاهي م مگرز استخوان هماي همت خود را به بلند ده پرواز آخر ۾ خدا جي درگاهه ۾ سوال ٿو ڪريان ته اهو تنهنجي قلب مان ڪمزوري ۽ لالچ ڪوري ڪڍي ۽ توکي سندس صالح بندن جي صف ۾ کڙو ڪري. سائين جي ايم سيد سندس ورسيءَ جي حوالي سان ٿي ماڪ وسي ميخاني تي الطاف ملڪاڻي ۲۵ اپريل ۱۹۹۵ع جي نٽهڻ اُس هئي ۽ سنڌ جي پٿريلي علائقي ۾ سنڌوءَ ڪناري ڀرسان جڏهن سنڌ جي سائينءَ کي لحد ۾ لاٿو پي ويو ته ائين پي لڳو ڄڻ هڪ پل لاءِ زمين پنهنجي محور جي چوڌاري ڦرندي پنهنجي چرپر کي روڪي ڇڏيو هجي ۽ ڪائنات هڪ پل لاءِ پنهنجو ساهه روڪي ساڪت ٿي وئي هجي ۽ اها ئي هڪ گهڙي هئي جو سن جي شهر مٿان اوچتو خبر ناهي ته ڪا ڪڪري ڪٿان آئي ۽ هن به سيد جي موڪلاڻي واري ڏينهن تي پنهنجي ڪجهه لڙڪن جي ڀيٽا پيش ڪئي. اهو منظر هڪ پاسي حيرت ۾ وجهندڙ هو ٻئي پاسي اهو يقين ڏياريندڙ هو ته واقعي هن پاڻ ته ڪڏهن به پيغمبريءَ جي دعويٰ نه ڪئي پر شايد سندس جامي ۾ لڪل ڪو پيغمبري روح ضرور هو. جنهن ڪري ئي ته زندگيءَ ۾هن کي ڪافر، دهريو ۽ نوجوانن کي کاريندڙ انسان چئي ڌتڪاريندڙ ماڻهو به سندس وصال کانپوءِ پيغمبريءَ جو درجو ڏيڻ لاءِ تيار هئا. سنڌ جو سيد، جنهن کي دنيا جي ايم سيد جي نالي سان سڃاڻي ٿي سو سنڌ جي انهن ڇورن ڇنن، ارڏن ۽ ڏنگن ٻارن لاءِ بڙ جي هڪ اهڙي گهاٽي ڇانوَ هو جتي تتل ڏينهن ۾ لُڪن جا ماريل پکي اچي پناهه وٺندا آهن. سنڌ جنهن کي غلاميءَ جي سنگهرن ۾ سلهاڙيئي صديون ٿيون آهن ۽ جيڪا اداس، اٻالي، اٻاڻڪي هئي. انهيءَ کي سيد جي صورت ۾ هڪ اهڙو آئينو مليو جنهن ۾ کيس پنهنجي وڃايل حُسن جو پرتوو نظر پئي آيو ۽ سنڌ امڙ کي اها پڪ آهي ته هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور هن کي پنهنجو وڃايل حُسن واپس ملندو. ها يقينن جيڪڏهن سنڌ جي حسن ۽ جمال کي مادي صورت ۾ ڏسڻو آهي ته پوءِ اسان کي سائين جي ايم سيد جي لکيل ڪتابن ”سنڌي ڪلچر ۽ ديارِ دل داستانِ محبت“ کي پڙهڻو پوندو جنهن ۾ سائين لفظن جي صورت ۾ سنڌ جي حقيقي حسن کي چٽيو آهي ۽ سنڌ جي انهيءَ جوت ۽ جمال کي سيد رڳو سياسي اک سان ڪو نه ڏٺو هو پر هن وٽ لطيف جي فڪر جي اها مشعل هئي جنهن جي روشنيءَ ۾ پنڌ ڪندي سيد اهو محسوس ڪيو هو ته: ”سنڌ جهنگ جبل، نديون ۽ نالا، ميدان ۽ کيت يا رڳو جاگرافيائي ليڪن جي مادي وجود جو نالو نه آهي پر سنڌ جو هڪ ازلي روح آهي ۽ اهو روح ته اُنهي ڏينهن خلقيو ويو هو، جڏهن خالقِ ڪائنات ’الست بربڪم‘ چيو هو ۽ انهيءَ روح کي چٽو ڪرڻ لاءِ جڏهن سيد جي قلم حرڪت ڪئي ته انهيءَ مان ”سنڌو جي ساڃاهه“ جهڙو شاهڪار ڪتاب تخليق ٿيو. سنڌ جي حسن کي ڏسڻ لاءِ سيد سدائين لطيف سائين جو هيءَ بيت پڙهندو هو ته: ”اُپٽيان ته انڌيون، پوريو پرين پسن، آهي اکين، عجب پر پسڻ جي.“ سو جي سنڌ جي ازلي روح جي حسن جو پرتوو پسڻو آهي ته پوءِ سنڌ کي سياست جي ڪڌي ڄار ۽ مادي فلسفن جي اُپٽار کان هٽي ڪري جي ايم سيد جي اک سان ڏسڻو پوندو. سنڌ کي جيڪڏهن ڪو ماڻهو هڪ صوفي، هڪ عاشق ۽ ديواني جي نظر سان ڏسندو ته پوءِ هن کي سنڌ جي مٽيءَ مان اهڙي خوشبوءِ اُٿندي نظر ايندي جنهن جو واس مقتلن کي به مات ٿو ڪري ۽ محبوب جي مرڪن کان به وڌيڪ مٺو آهي. اهو ئي سبب آهي جو لطيف سائينءَ جي ميخاني جي ماڪ پي جڏهن جي ايم سيد سنڌ جي حسنِ ازل جو جلوو پسيو ته هن کان رڙ نڪري وئي هئي هو اڪثر پنهنجي زندگيءَ ۾ هيءَ ٻه فارسيءَ جا شعر ورجائيندو هو ته: ”تنهنجي عشق جي ڏوهه ۾ مون کي ڪهڻ لاءِ مقتل ڏانهن وٺيو پيا وڃن. چؤڏس وڏو شور متل آهي. اي محبوب! تون به ڪوٺي تي چڙهي ڏس ته ڪيڏو نه وڻندڙ نظارو آهي“ يا وري هيءَ شعر ته: ”عرصو ٿيو آهي منصور جو آواز، گم ٿي ويو آهي مان دارورسن کي سجائي. منصوريءَ جي ريت کي ٻيهر جيئارڻ ٿو چاهيان.“ ۽ پوءِ سائين جي ايم سيد انهيءَ منصوريءَ ريت کي عمر ڀر نڀايو ۽ سيد جي ”اناالحق“ جي نعري جي اها گونج هئي جو سنڌ جا نوجوان هن پوڙهي عاشق جي سٽ تي سن جي مچ تي ائين ڳاهٽ ٿيڻ لڳا جيئن ڪنهن مچ تي پتنگا پهه ڪري گڏ ٿيندا آهن. جن لاءِ لطيف سائين فرمايو ته: پتنگن پهه ڪيو، مڙيا مٿي مچ، پسي لهس نه لچيا، سڙيا مٿي سچ سندا ڳچنين ڳچ، ويچارن وڃائيا. سن ۾ ٻاريل سيد جي لاٽ اڄ به سنڌ جي عاشقن کي ائين سڏي رهي آهي جيئن متارن کي موکيءَ جو مٽ سڏيندو هو. سنڌ جو سيد جيڪو هاڻ تاريخ جو اُهو عظيم سچ ثابت ٿي رهيو آهي جنهن کي ڪو به ڪوڙو مؤرخ هاڻ ڪچي مٽيءَ تي لکيل ڪنهن مٽجندڙ تحرير جيان ميٽي نه ٿو سگهي سيد ۽ سنڌ ته درد کي سمجهڻ لاءِ نه ته ڪنهن مارڪس کي پڙهڻ جي ضرورت آهي نه ئي ڪو جدلياتي ماديت جي فلسفي جو ماهر ٿيڻو آهي. سيد جي فلسفي کي سمجهڻ لاءِ نه ته مائوزي تنگ جي تحريرن جو حافظ ٿيڻو پوندو نه ئي فرائيڊ يا سارتر جي خيالن جو پيرو کڻي وجوديت جي بازار گهمڻي پوندي. ها بس جي، سائين جي ايم سيد کي سمجهڻو آهي ته پوءِ سنڌ جي ازلي روح کي سمجهڻو پوندو. جتان لطيف ۽ سچل، سامي ۽ بيدل جي فڪر جا آبشار ڦٽن ٿا. رڳو سکڻي سياسي نعري بازي سان تبديلي ناهي اچڻي. تبديلي لاءِ پنهنجي پاڻ کان ابتدا ڪرڻي پوندي. پاڻ کي هڪ نئين انسان، سجاڳ انسان، باشعور انسان ۾ تبديل ڪرڻو پوندو. سائين جي ايم سيد جو فڪر هڪ نئين سنڌ جي ڳالهه ڪري ٿو. انهيءَ لاءِ سائين جي ٻن ڪتابن ”نئين سنڌ لاءِ جدوجهد“ ۽ ”سنڌ ڳالهائي ٿي“ کي پڙهڻو پوندو. پر رڳو ڪتابن پڙهڻ جي ڳالهه ناهي پر ڪتابن پڙهڻ سان گڏوگڏ سچل سائين جي هنن سٽن تي به عمل ڪرڻو پوندو ته: ”جوگي جگت ڪرتا نهين ڪپڙا رنگا تو ڪيا هوا؟ اپنا اندر رنگتا نهين، ڪپڙا رنگا تو ڪيا هوا؟ قاضي ڪتابان کول ڪي مسئلا پڙهندا غور پڙهتا پر عمل ڪرتا نهين، قاضي بنا تو ڪيا هوا؟ حاجي مديني جا ڪي سجدا ڪيا تو هوا؟ دل ڪا ڪفر ٽوٽا نهين، حاجي بنا تو ڪيا هوا؟ سچل اپني مُک سي، آنسو بها تو ڪيا هوا؟ دل ڪا رونا روتا نهين، آنسو بها تو ڪيا هوا؟ سو ۲۵ اپريل جو ڏينهن ته هر سال اچي ٿو ۽ سائين جي ايم سيد کي به هر سال ياد ڪري ٻه چار لڙڪ ته هارجن ٿا پر جي سيد جي ٻڌايل واٽ تي دل سان عمل نه ٿو ڪجي ته پوءِ ڀلا سنڌ جا درد گهٽجن ته ڀلا ڪيئن گهٽجن؟ جي ايم سيد ڇا آھي؟ مولانا غلام محمد گرامي اي سنڌ جا دانشور فرزند! هن پير مرد تو کي سڀ ڪجهه ڏنو آهي، هن ته تنهنجي سر زمين کي ادب ۽ ثقافت، سنڌي زبان جي قدر قيمت ۽ حب الوطنيءَ جا سبق سيکاريا آهن. تنهنجي روشنيءَ لاءِ، ورهين جا ورهيه، نظربنديءَ ۽ جيل جي هيبتناڪ ۽ گگهه اونداهين ۾، روشنيءَ جي ڪرڻن کي ڳوليندو رهيو آهي، تنهنجي لاءِ هر محاذ تي وڙهندو آيو آهي، پنهنجي عمر جو بهترين زمانو ۽ پنهنجي دولت جو چڱو خزانو، تو لاءِ لٽائي ڇڏيو اٿس. موٽ ۾ تو وٽان مليا اٿس: ڪنڊن جو تاج، لعنت ملامت جي دستار، لعن طعن جي پاکر، ڪفر ۽ الحاد جي فتوىٰ! غداريءَ ۽ مڪاريءَ جا الزام، لادينيءَ ۽ لامذهبيءَ جو بهتان! اي دانشور فرزند! تون ور و رڪري، ان پير مرد جي غلطين کي تفصيل سان ۽ ڪڏهن اشاري ۽ ڪنايئي ۾ ورجائيندو رهين ٿو. ڀلا هن ڪنهن جو ڌاڙو هڻايو آهي، يا ڪنهن جي ملڪيت لٽي آهي؟ هن جو گناهه اهو آهي ته تنهنجي خوشحاليءَ ۽ اعلى تعليم لاءِ پئي پٽڻا پٽيا اٿس. سنڌ سائي رهي ۽ سکي ستابي رهي. سندس رهاڪو، مهذب ۽ متمدن زندگي گذاري سگھن. کين ڍورن ۽ ڍڳن ۾ شمار نه ڪيو وڃي، انسان نه پر اعلى انسان تصور ڪيو وڃي، سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت کي عالم جي امن ۽ سلامتيءَ لاءِ پيغام آهي. اهو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچايو وڃي، ڇا اهو گناهه ڪو گھٽ آهي ڇا؟ ان گناهه جي پاداش ۾ سندس لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو ويو آهي؟ اخبارن ۽ رسالن جا فائل موجود آهن، انهن کي ٻيهر اٿلائي ڏس، اها ڪا گار ناهي جا هن پير مرد کي نه ڏني وئي آهي. پنهنجن ۽ پراون، ڌارين ۽ اڌارن هن لاءِ گھڻو ڪجهه گند مَيو آهي. اي سنڌ جا دانشور فرزند! سياست هڪ شطرنج واري راند آهي. ان ۾ کٽڻ ۽ هارڻ، اڳتي وڌڻ ۽ پوئتي هٽڻ؛ لازمي آهي. اهو ڪهڙو سوار آهي جو گھوڙي تان نه ڪريو آهي؟ اهو ڪهڙو جنگ باز بهادر آهي جو ميدان مان سڄي لڱي موٽيو آهي. رڳو مڙسن جي مڙسيءَ کي ڏسڻو آهي، نتيجي لاءِ ٻيا اسباب به ٿين ٿا. اگر اهي اسباب مهيا نه ٿا رهن ته پوءِ هن جنگاهه ۾ جيت به نه ٿي ٿئي! ڀلا جنهن ماحول ۾ سچ ۽ ڪچ جي تميز نه هجي، ڪوڙ بدوڙ تي هر ڪو سندرو ٻڌيون وتي، عزت ۽ دولت لاءِ ضمير کي وڪڻڻ ڪو عيب نه هجي، ڪرسِيءَ لاءِ لغور، نور وانگر واجهائين. منافقيءَ، خوشامند ۽ ٻچاپڙائيءَ کان سواءِ ٻيو ڪو به اخلاقي جوهر نه رهيو هجي. سارو تلاءُ گندگي سان ڀرجي ويو هجي، اتي ڪا هڪڙي مڇي اَڇي ۽ اجري پاڻيءَ لاءِ پيئي ٻاڏائي، ته پوءِ ان کي به غنيمت سمجھڻ گھرجي. “ڀيلي سان ئي ڀيل، جيسين رتو راس ٿئي!” اي فرزند! اهو پريو مڙس، سنڌ جي هڪ تاريخي تحريڪ جو فرد جوان مرد آهي، اها تاريخ جنهن ۾ دريا خان، مخدوم بلاول، سيد حيدر جهڙا سر ڏيئي سرها ٿيا. ان پوڙهي کي تحريڪ جون خصوصيتون ورثي ۾ مليون آهن. لطيف چيو آهي ته: “پٽيندي سا ئي، جنهن کي سور ٻڌائين سندرا، ٻي هر ڪا ئي، هڻندي هٿ ميار جا.” هن کي به سورن سندرا ٻڌايا آهن، سو پيو پٽي ۽ پاڻ کي پَٽي يا “ اندر جنين اڌ، ڏونگر سي ڏورينديون.” هن جو اندر به اڌ ٿي چڪو آهي، سو ڏونگر پيو ڏوري. اي دانشور! “تو کي سنڌ جو قسم؛ ڇا جي ايم سيد ۾ رڳو عيب ئي عيب آهن؟ منجهس ڪا هڪڙي خوبي به ڪانهي، اگر ڪا هڪڙي به خوبي اٿس ته پوءِ ان تي به نظر رک!” “جي ايم سيد، سنڌ آهي ۽ سنڌ جي ايم سيد آهي.” هي چند لفظ هينئين سين هنڊاءِ. سائين جي ايم سيد اي زمانا اسان جو قبيلو ڪٺو حسن مجتبيٰ اڄ سنڌ ڌرتي جي عظيم محب وطن اڳواڻ جي ايم سيد جي ورسي آهي ۽ اهو ڪيڏو نه سٺو اتفاق آهي ته مون تازو جيڪو هڪڙو انگريزي ناول پورو ڪيو آهي، ان ۾ هڪڙو پورو باب “سائين” جي نالي سان آهي. سنڌو ڪناري هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ جو اهو جھونو جنهن کي هن جا پوئلڳ توڻي گهڻا ماڻهو “سن جو سائين” چوندا آهن. ايئن ته سنڌين جي هر گهر ۾ هر ميل تي هڪڙو سائين ضرور ويٺو هوندو آهي پر هو واقعي به سچ پچ جو سائين آهي، ڄڻ ته اهو لفظ هن کيرٿر جهڙي قديم عظيم ماڻهو لاءِ ٺهيو هو. هل ڙي سنڌي قوم. جيئن مولا بخش لغاري پنهنجي زماني ۾ چوندو هو. اهو زمانو اور هو، هي زمانو اور آ. هاڻوڪي زماني ۾ اهو انگريزي ۾ ناول بينا شاهه جو لکيل آهي. انهي جو انگريزي ۾ نالو آهي “سيزن آف مارٽيرز”. سنڌي ۾ چئبو “رُت شهيدن جي.” مون جڏهن سائين واري باب سميت اهو ناول پڙهي پورو ڪيو ته مونکي انهي ڪتاب تي بينظير جي اڌ لڪل اڌ ظاهر ڳاڙهي رئي واري تصوير ۽ ڪور ڊيزائين تي ان عنوان ڏانهن ور ور ڌيان وڃڻ وقت مونکي پياري حليم باغي جو اهو معرڪته الآرا نظم ياد آيو. بار بار چپن تي رهيو. ڇا ته نظم آ جيڪو پڻ علي الاعلان سيد ڏانهن منسوب آهي ۽ ان جون اهي سٽون ياد آيون؛ اي زمانا اسان جو قبيلو ڪٺو خون ناحق جي ڪنهن سان شڪايت نه آ جي مون کان اوهين ٿلهي ليکي سولي سنڌي ۾ ان انگريزي ناول بابت پڇيو ته منهنجو منظوم موقف حليم باغي جو اهو نظم آهي. گهڻا ڏينهن ٿيا جڏهن منهنجي هڪڙي اسڪالر دوست حليم وٽ وڃي سندس انهي نظم کي ريڪارڊ ڪيو هو، تنهن کي مون اردو ۾ ترجمو پڻ ڪيو هو. هاڻ اهو اردو ۽ انگريزي ۾ ترجمو پڻ ڪيل آهي ۽ انٽرنيٽ تي موجود آهي. پر بينا شاهه جو اهو اٽڪل ٻه سو اسي صفحن واري انگريزي فڪشن ۾ ناول رڳو سيد جي ڪهاٹی ناهي. پر اها سنڌ جي ڪھاڻي آهي. سنڌ ۽ سنڌين جي ڪهاڻي. هونئن ته ڏکڻ ايشيا ۾ انگريزي ٻولي جا فڪشن نگار، ناول ۽ ڪهاڻي گهڻو ڪري سيپٽمبر ٻه هزار هڪ کانپوءِ واري دنيا جي پس منظر ۾ لکندا آهن، (سواءِ هڪ ٻن ٽن کي ڇڏي) جو اهو ئي سرمو ٻاهر وڪامي ٿو پر بينا شاهه دل کي نه رڳو ڇهندڙ پر دل ٽوڙيندڙ موضوع کنيا آھن. سنڌ ۽ سنڌين کي انگريزي فڪشن جي وسيلي سنڌ کان ٻاهر جي پنهنجي توڻي پرائي (جيتوڻيڪ ليکڪن لاءِ پنهنجو پرائو نه هوندو آهي) پڙهندڙ وٽ پھچايا آھن. اها ڪهاڻي سنڌ ۽ سنڌ جي ڪهاڻي آهي. واقعي به. اها ڪھاڻي جيڪا هن ناول ۾ بينظير ڀٽو کان شروع ٿي بينظير ڀٽو تائين ختم ٿئي ٿي. يعني هن جي ٽائيم سيٽنگ بينظير جي آخري ڀيرو جلاوطني مان واپس اچڻ کان وٺي ڪارساز واري جلوس ۽ راولپندی لياقت باغ ۾ جلسي جي پڄاڻي تي واپسي کان جلسي گاهه مان نڪرڻ واري روٽ وٺڻ تائين آهي، جيڪا ئي اصل ۾ بينظير جي ڪهاڻي جي پڄاڻي آهي. بينظير جي پڄاڻي سان ناول جي اوچتو پڄاڻي ٿي وڃي ٿي. مون سوچيو بينظير جي پڄاڻي ئي اصل ۾ بينظير جي شروعات پڻ آهي ۽ هوءَ واپس اچڻي آهي. سنڌين جو بينظير سان جيڪو عشق آهي، انهي کي لفظن ۾ هن مهل تائين فڪشن ۾ ڪا تصوير ڏئي سگهي آهي ته اها بينا شاهه سندس ان ناول ۾ ڏني آهي. انهي ناول جو مکيه ڪردار هڪڙو ويهه ٻاويهن سالن جو نوجوان علي سڪندر آهي جيڪو هن ناول ۾ سکر جي هڪڙي پير سڪندر پيپلي وڏيري جو پٽ آهي، جنهن جون ٻه شاديون آهن، جيئن سنڌي پير وڏيرا ھاڻ ته مڊل ڪلاسيا، نام نهاد ساڃهه وند ۽ سنڌي سول سوسائٽي جا ميمبر به ڪن ٿا. ٻيو ڪردار سنيتا نالي هندو ڇوڪري آهي، جيڪا علي جي ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڪلاس فيلو آهي، جنھن سان هو پيار ڪري ٿو. علي جو پي پيپلو وڏيرو آ، جنهن جو خاندان وڏي ڀٽي وارن زرعي سڌارن کان سندن زمينون بچائڻ ڪاڻ پي پي پي جو حمايتي ٿيو هو. جن جي گهر ۾ سر شاهنواز ڀٽو ايندو هو. جڏهن ته سر شاھنواز ڀٽي جي ٻي زال لکي ٻائي ذوالفقار علي ڀٽي جي والده جي مٿس اثر سبب غريبن جو حامي پڻ ٻڌايو ويو آ. نوجوان علي جيڪو هڪ خانگي نيوز چينل ۾ ڪم ڪندي ٻڌايو ويو آهي، تنهن جي بنيادي ڇڪتاڻ سندس پيءُ سان آهي جيڪو ٻارنهن سالن جي عمر ۾ کيس ۽ سندس ماءَ ۽ ڀاءُ ڀيڻ کي ٻي عورت سبب ڇڏي وڃي ٿو. اوهان سمجهندا ته ڪو هي ناول ڪنھن ٽي وي سوپ اوپيرا وانگر آهي. نه هر گز. ناول جي ڪهاڻي پراڻي ۽ صوفين واري سنڌ سان شروع ٿئي ٿي. اها سنڌ جيڪا جڏهن نيپيئر فتح ڪري ٿو. بينا شاهه شروعاتي باب ۾ اهڙي سنڌ جي تعريف هن ريت ٿي ڪري.. “سموري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جي مقبرن ۾ صوفي اوليا پوريل آهن. جن جا جسا سنڌ جي واريءَ ۾ ملي هوائن ۾ ٽڙي پکڙي ويا، جيڪي ويڙهاڪن جي دلين ۾ باهه ٻاريندا رهيا آهن، جيڪا هڪڙي ڏينهن سنڌ مٿان انگريزن جو طوق ٽوڙي ڦٽي ڪندي.” ڪهاڻي جيڪا انهي کان سٺ سال پٺيان هلندي ٽالپرن جي دور ۾ سنڌوندي مان اليگزينڊر برنس جي جاسوسي لاءِ ميرن کان اجازت گهرندي اچي ٿي. ناول جي انهي باب ۾ افسانوي طور مٽياري جو جينئدل شاهه اليگزينڊر برنس جي اچڻ کي روڪڻ لاءِ ٺٽي ويندي بيان ڪيو وڃي ٿو. دلچسپ طور انهي جينئدل شاھ کي انعام بدران ٽالپر حڪمران سندس بکي شينهن آڏو بند ڪمري ۾ اڇلرائي ٿو جو ڪهاڻي موجب جينئدل شاهه جا لاڳاپا ٽالپر حڪمران جي عورت سان آهن. ٻئي باب ۾ پير پاڳاري، جنهن کي سندس مريد ۽ سنڌ وارا سورهيه بادشاهه چون ۽ حرن کي انگريزن خلاف سرگرم ڏيکاريو ويو آهي. هڪڙي انگريزي عملدار جي بيانئي ۾ پير ۽ سندس حرن کي منفي ڪردار ڪري ٻڌايو ويو آهي. ٻيو باب “بادشاهي راند” جي عنوان سان آهي جنهن ۾ پير پاڳاري سان سندس ڦاسي واري رات جيلر شطرنج راند کيڏي پيو، جنهن کان پير سندس ڦاسي واري وقت ۾ چند ڪلاڪ هجڻ باوجود سموريون بازيون کٽيندي ٻڌايو وڃي ٿو. چين سموڪر پير سان شطرنج راند ڪندڙ افسانوي ڪردار جيلر هڪڙي هاري جو پٽ آهي، جنهن جو خاندان ٽنڊو الله يار کان لڏي اچي حيدرآباد شهر ۾ رهي ٿو. جيڪو شطرنج راند شاگردي جي زماني دوران حيدرآباد جي گهٽين ۾ هڪڙي پڙ تي ويٺل ٻن جهونن کان سکي ٿو، مونکي سرفراز چاڙهي وٽ شطرنج کيڏندي اهي جهونا ياد آيا جن وٽ ڪڏهن ڪڏهن مير رسول بخش ٽالپور به ڪار روڪي لهي شطرنج جا ٻه ٻه هٿ ڪري وٺندو هو. سول اسپتال وٽ ته مير صاحب جا روز پنڌ ها. اھو وري هڪڙي ٻئي بادشاه جو قصو آهي. اهو به بينا شاهه ڄاڻايو آهي ته انگريزن سان جنهن وقت حر وڙهي رهيا ها ته ساڻن ڪو سنڌي يعني غير حر گڏ ڪونه هو. سائين وارو باب لاڙڪاڻي جي پهرين خلافت ڪانفرنس سان شروع ٿئي ٿو جيڪا تراب علي شاهه ۽ جان محمد جوڻيجي گهرائي هئي. جنهن ۾ سنڌ ۽ هند جا مولانا آزاد، مولانا عبدالباري فرنگي محلي، شيخ عبدالمجيد سنڌي جهڙا اڳواڻ وڏن عالمن ۽ پيرن توڻي گانڌي جي پيغام کان علاوه جي. ايم سيد پندرنهن سالن جي عمر ۾ شريڪ ٿيو هو، جنهن جي تقرير وڻ وڄائي ڇڏيا هئا. ٻي خلافت ڪانفرنس سن ۾ جي ايم سيد پنهنجي ميزباني ۾ ڪوٺائي هئي. نوجوان، يتيم غلام مرتضيٰ، جنهن جو پيءُ قتل ٿي ويو، جنهن جي تربيت گهر جي عورتن هٿان ٿئي ٿي، جنهن جي گذاري لائق زمين انگريز سرڪار جي ڪورٽ آف وارڊس تحت آهي. پوءِ ڀي گورنر جي مخالت کڻندي خلافت ڪانفرنس جي ميزباني ڪري ٿو. انهي ۾ سيد پنهنجي آجياڻي واري ڳالهه ڪري ٿو ۽ آخر ۾ سندي تقرير جي پڄاڻي جيئي سنڌ سان ڪري ٿو. بينا شاھ جي ناول ۾، بينظير جو افسانوي ڪردار به بڻايو ويو آهي. جنهن ۾ ننڍڙي بينظير حد درجي جي خود سر، ضدي پر پيءُ جي لاڏلي ۽ گهر جي وڏور. ڪهاڻيءَ موجب بي بي کي ناراض ڪندڙ يا روئاريندڙ ملازمن کي سندس پيءُ (جنهن کي پڻ سائين ٻڌايو ويو آ) چهبڪ هڻائيندو هو. هڪڙي ڀيري انهيءَ بينظير کي سندس هڪڙي ملازم ڪار مان لهندي گهوري ڏٺو ته انهي جون سزا ۾ رڙيون هميشه ٻين ملازمن کي ياد رهيون. ناول جي مک ڪردار علي سڪندر جي پنھنجي پيپلي پيءُ سان ڇڪتاڻ سبب ناول جي آخري باب تائين بينظير سان پڻ نفرت رهي ٿي. پر بينظير جي پڄاڻيءَ تي ھو به بينظير سان پڄاڻي تي پهچي شهيدن جي موسم منجهه مليو. جيڪا وڏيرن سان شهري يا لبرل ڪلاس ۾ نفرت آهي، سا بينا شاھ جي بيانئي موجب، وڏيري ڪلاس کي مظلوم ظاهر ڪري ٿي. ته وڏير ايئن ناهن جيئن هنن کي پڻيو ويو آهي. اوهان مان ڪيترا اهو ناول پڙهي اها راءِ قائم ڪري سگهن ٿا ته اهو انگريزي ۾ ناول هڪڙي مٿين وڏيري ڪلاس جي پڙهيل لکيل فرد جي اکين سان جديد سنڌ بابت پنھنجو پرزم آ. بينا شاه جي ناول کي انگريزي جي هڪ ٻئي فڪشن ليکڪ عامر حسين “گريٽ سنڌي ناول” قرار ڏنو آهي. اهو ڪو گهڻو وڌاءُ به ڪونهي. سائين جي ايم سيد ڏکين حالتن ۾ رهنمائي جون راهون ڏيکاريندڙ اعظم ڀٽي تاريخ جي ورق گرداني ۾ اهڙا کوڙ سارا نالا ڳڻائي سگهجن ٿا، جيڪي استحصالي قوتن کان وٺي، سياسي سماجي بي حسي توڙي اسان جي پنهنجي هٿ جي وڍيءَ جو سبب بڻيا. توڙي جو اسان ڀلي کڻي انفرادي يا گروهي طور پنهنجو پاڻ کي آجو سمجهندا هُجون پر اُهي ڪير هئا جيڪي انهن استحصالي قوتن جي بندوق جو ڪُلهو بڻيا، مير جعفر ۽ مير صادق به انگريزن جا ڄاوا ته ڪو نه هئا. اُهي اسان جي سماج جي پيداوار هئا، جن پنهنجي انفرادي ۽ گروهي مفادن خاطر سُڌريل سماجن جو ستياناس ڪري ڇڏيو ته پنهنجي ڪردار تي به هميشه لاءِ لعنتاڻي جي مُهر هڻي ويا. ان جي برعڪس سماج جڏهن مُشڪلاتن جي وَر چڙهندا آهن، معاشرن جو ماحول جڏهن بگاڙ جو گهاڻو بڻجي ويندو آهي، هر طرف افراتفري جون هوائون گهُلڻ لڳنديون آهن، جڏهن احساس لُڇندا ٿا، جڏهن جذبن جو جيءُ جَلندو آهي، جڏهن اکيون ڪنهن مثبت راهه جون منتظر بڻجي وينديون آهن ته بهادر قومي اڳواڻن، مفڪرن، قومي هيرن، رهبرن، ڏاهن، دانشورن جون دُور رس ڳالهيون ۽ وسيع سوچ سان لبريز مقولا باشعور فردن جي ذهنن ۾ ڦِرڻ لڳندا آهن، ان وقت انهن جي وجود جي کوٽ شدت سان محسوس ٿيڻ لڳندي آهي، جيڪي نبض شناس هوندا آهن، جيڪي سماج شناس هوندا آهن، جيڪي معاشري کي درپيش ڏُکين گهڙين ۽ مُشڪل حالتن تي گهِري نظر رکندا آهن، انهن حالتن کي مدِنظر رکي پنهنجا رايا ڏيندا آهن، رهنمائي جون راهون نروار ڪري، مسئلن جي حل جون تدبيرون ڏَسيندا آهن، سماجن کي بدلائڻ لاءِ پنهنجا تجربا ۽ مُشاهدا ونڊيندا آهن، اهي ان خار زار جهنگل کي صفا صاف ڪري باغ بستان بنائڻ واري جُنبش ۾ لڳي ويندا آهن. ڪي ايماندار، اشراف قومي مجنون سياسي زندگيءَ کان بس ڪري گوشه نشينيءَ جي زندگيءَ ۾ به اهڙا گوهر ورهائيندا آهن جو پڙهيل لکيل ماڻهن کي به ڏندين آڱريون اچي وينديون آهن. برصغير جي تاريخ ۾ اهڙا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڪردار هوندا جن جي عملي زندگيءَ، سياسي، سماجي، اخلاقي حوالي سان عام ماڻهن لاءِ هڪ بهترين نمونو ثابت ٿيندي رهي آهي. سائين جي ايم سيد جو ڳاڻيٽو انهن رهبرن ۾ ٿئي ٿو، جيڪي پاڻ متحرڪ هوندا آهن ته سماجن جا رُخ بدلائي ڇڏيندا آهن ۽ جيڪڏهن گوشه نشيني ۾ هوندا آهن تڏهن به معاشرن جي مشڪلاتن جا حل ويٺا ڏَسيندا آهن، جڏهن سموري دنيا کي مذهبي انتهاپسنديءَ جي اڳواٽ خوف جي ڪا خبر نه هئي ته سائين جي ايم سيد ويانا ڪانفرنس ۾ سموري دنيا کي آگاهه ڪيو هو ته اهو امڪاني خوف سموري دنيا لاءِ مٿي جو سُور بڻجي ويندو ۽ پوءِ سڀ پريشاني جي عالم ۾ مٿو ڪُٽيندا رهندا ۽ دنيا ڏٺو ته سائين جي ايم سيد جي دُور رس نظر گهڻا سال اڳي ان صورتحال کي پرکي وڌو هو، هُن ته سرمائيدارانه ۽ جاگيردارانه نظام جي مجموعي نقصانن ۽ هاري ۽ مزدور طبقي جي استحصال وارن قدمن تي، سنڌي قوم جي تاريخي سڃاڻپ واري نُقطي تي راتاهي بابت پنهنجو عالمانه نقطئه نظر ڪيترا ئي سال اڳ چِٽو ڪري ڇڏيو هو. اهڙا کوڙ سارا مامرا هئا جن کي هُن پنهنجي عُقابي نظر سان نه رڳو ڏٺو پئي، محسوس ڪيو پئي پر عام آڏو ان جو کُليو کُلايو اظهار به ڪيو پئي ته پڙهيل لکيل ماڻهن کي انهن خوف خطرن کان لکت ۾ آگاهه به پئي ڪيو. جڏهن مُلڪن، معاشرن ۽ سماجن جون مجموعي حالاتون بِگڙي صفا هٿن مان نڪري ٿي ويون ته هُن اهو به پئي چيو ته؛ ”جڏهن مُلڪن جون حالتون سازگار نه هجن ته پڙهيل لکيل ماڻهن جو ڪم آهي ته گهر جي ڪنهن ڪُنڊ ۾ ويهي تصنيف ۽ تاليف جو ڪم ڪن.“ سائين جي ايم سيد جو اڪثر تصنيف ۽ تاليف جو وارو ڪم انهن ناسازگار حالتن جو نتيجو به آهي ته ان جو چِٽو ثبوت به آهي. سندس سموري سياسي، سماجي، علمي، ادبي جدوجهد مان اهو بخُوبي اندازو ٿئي ٿو ته هُو جتي به رهيو، جنهن به حالت ۾ رهيو، مٿي تي هٿ ڏئي نه خاموش ٿي ويٺو نه مايوسيءَ جي مَم کي پنهنجا گوڏا چَٽڻ جي اجازت ڏنائين. زندگيءَ جو هڪ وڏو عرصو پابندِ سلاسل رهڻ جي باوجود به هُو جڏهن به ٻاهر ٿي نڪتو ته هُن پنهنجي عملي ڪردار وسيلي پنهنجي زبان کان ڪات جو ڪم وٺي، استحصالي قوتن ۽ ڌرتيءَ جي دشمنن کي پئي للڪاريو، جڏهن به قيد ٿي ٿيو ته هُن قلم کي تلوار بڻائي ڌرتيءَ جي دشمنن جا ڇوڏا ٿي لاٿا. اهو ئي سبب هو جو سنڌ ۽ سيد جون مخالف سياسي قوتون ۽ استحصالي ڌُريون جي ايم سيد جي حياتيءَ تائين ٻٽي ڪَرب جو شڪار رهيون، سيد کي قيد ٿي رکيائون تڏهن به پريشان هُيون ته وري کيس آزاد ٿي ڇڏيائون، تڏهن به هميشه ڊپ ۽ خوف ۾ ٿي رهيون. ڪردارن جي اجتماعي ڪاميابيءَ جو ان کان وڏو ٻيو ڪهڙو ثبوت ٿي ٿو سگهي ؟ سائين جي ايم سيد جو سياسي، سماجي، علمي، ادبي ۽ اخلاقي ڪردار ڪالهه به ڪامياب هو ته اڄ به ان ڪردار تي نظرياتي پختگيءَ ۽ بقا جي مُهر لڳل آهي، ڀلي کڻي موجوده وقت ۾ حالتون سندس فڪر ۽ نظريي جي فائدي ۾ نه به هُجن، ڀلي کڻي ڊپ ۽ خوف جون آله ڪار ڌُريون اهو سمجهنديون هُجن ته هنن سيد جي فڪر ۽ نظريي تي خاموشي جي مُهر هڻي ڇڏي آهي، يا سندس نظرياتي پختگيءَ واري جدوجهد جي سفر آڏو رڪاوٽون کڙيون ڪري ڇڏيون آهن پر تاريخ گواهه آهي ته رهبرن، مفڪرن، خيالن جا واهڙ وهائيندڙن، نَوان رستا ۽ دڳ ڏَسيندڙن جي فڪر، فهم ۽ ادراڪ کي سوين سال گُذري وڃڻ کانپوءِ به امرتا ۽ مهانتا ملي آهي، جنهن جي آڏو سموريون رڪاوٽون تاريخ جو ڪچرو ثابت ٿيون آهن. سمورا هٿڪنڊا وقت جي ڌُوڙ بڻجي وِکري ويا آهن. دُولهه دريا خان کي تلوارن جا گهاءُ ڏيندڙ، مخدوم بلاول کي گهاڻي ۾ پيڙهيندڙ، صوفي شاهه عنايت شهيد جو سِر قلم ڪندڙ جو نالو ڪنهن کي به اڄ ياد ناهي پر سنڌ جا اهي سمورا سُورهيه سپُوت نه رڳو تاريخ ۾ زنده ۽ امر آهن پر اُتساهه، همت، حوصلي، جوش ۽ جذبي جو لاثاني مثال بڻيل آهن. سو هي موجوده مشڪل وقت، هي دجالي دؤر ڀلي کڻي استحصالي قوتن جي ڏند ڪڍي کِلڻ جو دؤر هجي پر سڀاڻي جي تاريخ ۾ اُن عذاب واري دؤر جي محرڪن جو نالو به ڪنهن کي ياد نه هوندو. موجوده وقت ۾ جنهن اهم ڳالهه جي ضرورت آهي سا اُها ئي آهي ته سيد جي پوئلڳن کي، سيد جي عاشقن کي، سنڌ ڌرتيءَ سان پيار ڪندڙن کي سيد جي قول تي عمل ڪندي سمورو وقت مطالعي، تصنيف ۽ تاليف تي ڏيڻ گهرجي، انهن کي پنهنجي نئين صف بنديءَ لاءِ رٿابندي ڪرڻ گهرجي. جيڪا رٿابندي مستقل ۾ سنڌ جي سُورن لاءِ مرهم به بڻجي ته سيد جي نظريي جي فتح ۽ ڪاميابيءَ جي علامت به بڻجي اُڀري. Relevance of GM Syed today By Naseer Memon The writer is Chief Executive of the Strengthening Participatory Organization Published: January 17, 2013 GM Syed, often demonized as a traitor by establishment ranks, is among the least understood and most maligned founding fathers of Pakistan. At a juncture of history when the country is in a morass of extremism, militancy and corruption, his relevance in contemporary Pakistan is of great significance. An objective study of GM Syed’s political career proffers certain solutions for the current crisis of the state. He always stood for separation of religion from state affairs and advocated greater autonomy for federating units. The Charter of the Pakistan People’s Organization, which he founded in 1948, envisioned a progressive, democratic country. The party proposed to make the country a ‘union of autonomous socialist republics’. The prescription could have stitched a tenable federation and averted its fragmentation. The party charter also emphasized the recognition of Pakistan as a multi-nation state where historic identities and rights of the constituent nations should be respected. The creation of Bangladesh and the disgruntlement of Baluchistan and Sindh signify the hitherto unresolved riddle. Another relevance of GM Syed’s work is his unambiguous proposition for separation of religion from state affairs. Although Pakistan was created on the basis of the two-nation theory, it is widely believed that, after its creation, the Quaid-e-Azam intended to make it a secular state. Vested interests, however, were reluctant to wean off from religiosity, as it offered a lucrative nexus with global powers. Besides the national leadership, GM Syed also berated superpowers for blending religion with regional politics for their strategic appetite. He delivered a spellbinding speech at the Vienna International Peace Conference in 1952. Addressing delegates from the US and Britain, he deplored American and British efforts to unite Muslims based on their faith which, he felt, engendered serious ramifications. He warned them that patronizing such forces would promote religious extremism and fascism. These words testify the prescience of a maverick. GM Syed’s intellectual contribution was enormous. He bequeathed a treasure trove of over 60 published books and a huge cache of unpublished work. Mostly in Sindhi, his books are a testimony of the history of Sindh and the subcontinent. His landmark books Paigham-e-Latif (Message of Shah Latif) and Jee’aan ditho aa moon (As I witnessed) are especially seminal works of Sindhi literature and politics. In Paigham-e-Latif, he reinterpreted Shah Abdul Latif Bhitai as an icon of the social consciousness of Sindh and not a mere reclusive dervish. His interpretation of Bhitai rediscovered him as a national poet of Sindh, whose message of humanity characterized the soul of the province as an abode of universal peace. Jee’an ditho aa moon provides an unusual comparative analysis of religions and an assault on religious extremism. The book riled clerics prompting them to issue an edict against him. It did not, however, muzzle him and he continued to proselytize his views. For his defiant views, he remained interned for over 30 years. One may repudiate his political views but certainly cannot relegate his commitment to peaceful coexistence, democratic and secular values in politics and rights of nations. All of this is very relevant for today’s Pakistan to make it a tenable state. Note: January 17 is the 109th birth anniversary of GM Syed. Published in The Express Tribune, January 17th, 2013.