Surprise your boy with his favorite superhero on his special day. This spiderman customized cake is perfect to match your theme of the birthday party. Delivery across Delhi NCR Visit website www.kingdomofcakes.in for more unique designs or call our helpline number +91 9999 81 2200 to discuss your customized cake
اهلا بيكم محبات الكروشية بقناة الكروشية مع مادو ان شاء الله بالفيديو نستكمل شرح طريقة عمل شال كروشية نسائي بغرزة مفرغة وجديدةمقاس الشال عرض ٦٠ سم في طول ١٦٠ ...
دادي ليلاوتي تلسي داس هرچنداڻي ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ تعارف دادي ليلاوتي تلسي داس هرچنداڻي جو جنم ۲۰ ڊسمبر ۱۹۱۷ع تي سنڌ جي شهر حيدرآباد ۾ ٿيو. داديءَ جو خاندان پڙهيل لکيل آهي. سندن ڀاءُ واڌواڻي تيرٿ داس مشهور شخص هو ۽ هوتچند مولچند گربخشاڻي وارا سندن پڦيءَ جا پٽ هئا. هن سڄي خاندان کي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ سان وڏي عقيدت آهي. دادي راڳ جي ڄاڻو، شاهه جي شيدائي ۽ رسالي جي پارکو آهي. هوءَ شاهه صاحب جون ڪافيون ۽ بيت اُڪير سان ڳائيندي آهي، کين مرحوم عثمان علي انصاري ريڊيو تي متعارف ڪرايو ۽ داديءَ سنڌ جي ڪيترين ئي نينگرين کي پنهنجو فن منتقل ڪيو آهي، جن ۾ روبينا قريشي ۽ جيجي زرينه بلوچ جا نالا اهم آهن، سندن خدمتون سنڌ جي نياڻين جي تعليم ۽ تربيت جي سلسلي ۾ اهم آهن. دادي ليلا جي دور ۾ عورتن جي تعليم ايتري عام ڪونه هئي. هن مشهور ڪندن مل گرلس اسڪول مان پڙهيو. عامل خاندان جي ديوانن مان آشا/ غلام فاطمه شيخياڻي (اسلام قبول ڪرڻ کانپوءِ جو نالو) ساڳئي اسڪول مان پڙهندڙ هئي ۽ پوءِ ڊاڪٽر شمس عباسي ۽ پوپٽي هيراننداڻي پڻ ساڳئي اسڪول مان پڙهيون هيون. انهيءَ اسڪول جون ماسترياڻيون داديءَ چواڻي ته Oxford جون پڙهيل هيون. دادي متي، دادي جگو ۽ ٻين کي انگريزي ٻوليءَ تي عبور حاصل هو. دادي ليلا ميوزڪ جي ڊگري پڻ حاصل ڪئي ۽ بي اي ۽ ايم اي (سنڌي) فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. اپوا، ريڊ ڪراس، روٽري ڪلب، لئميڪ ۽ ٻين ادارن معرفت هن ڪيترائي سماجي ڀلائيءَ جا ڪم ڪيا آهن. هوءَ سماج سڌارڪ ۽ تعليمي ماهر ۽ فنڪار جي حيثيت ۾ سڃاتي وڃي ٿي. ٽريننگ ڪاليج فار وومين جي پرنسپال کان سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر (ٽي سال) ٿيڻ تائين پاڻ ڪيترن ئي ادارن جي سربراهي سنڀالي، سندس خدمتن جي عيوض هند توڙي سنڌ مان کيس ايوارڊن ۽ انعامن سان نوازيو ويو آهي. چند سال اڳ کيس صدارتي ايوارڊ عطا ٿيو. اڄ نوي سالن کان به وڌيڪ ڄمار هوندي دادي ليلا پنهنجي جنم ڀوميءَ سنڌ ۽ سنڌين جي خدمت کي افضل ڄاتو آهي. مون سندس گهر ٻه دفعا هرچنداڻي مينشن ڀرڳڙي روڊ هيرآباد تي ملاقات ڪئي ۽ کانئس انٽرويو وٺڻ چاهيم، پر داديءَ رسمي انٽرويو کان وڌيڪ جيڪا روبرو ڪچهري ڪئي، اها تمام اثرائتي هئي، جنهن جا اهم نقطا هن ريت آهن: ۱ . نياڻين جي تعليم تي تمام گهڻي توجهه ڏيو ۽ کين ڪڏهن به بوجهه نه سمجهو، عورت جي عزتِ نفس کي مٿانهون رکو. ۲ . پنهنجي ماءُ، پنهنجي ٻولي ۽ پنهنجي ڌرتيءَ کي سدا اهميت ۽ عزت ڏيو، اهي ٽيئي توهان جون مائرون آهن. 3 . دان ڏيو، مالَ جو، علم جو ۽ جان جو ۽ هر هڪ جي ڪم اچو. ۴ . سنڌ جي تعليمي معيار ڪرڻ جو اهم سبب اڄ استاد، استاد نه رهيو آهي ۽ شاگرد، شاگرد نه رهيو آهي. استاد غير ذميوار ۽ شاگرد لاپرواهه هئڻ سبب تعليم تباهيءَ جي ڪناري تي بيٺل آهي ۽ جڏهن ڪنهن قوم ۾ علم ۽ ادب نه رهندو، تڏهن انهيءَ قوم جي هستي آهستي آهستي ختم ٿي ويندي. ٻوليءَ ۽ قوم کي جيئارڻ لاءِ اڳيان وڌو. قوم جي ڀلي لاءِ سچو جذبو ۽ سچي دل کپي ۽ سنڌي سماج تڏهن ترقي ڪندو، جڏهن قوم تعليم يافته ٿي هن ڌرتيءَ جي خدمت ڪندي. ۵ . عورت جي آزاديءَ جي حق ۾ مان بلڪل آهيان، پر ان لاءِ هڪ دائرو هجي ۽ ان دائري ۾ رهي ڪم ڪجي. پنهنجي حيثيت، عزت ۽ علميت کي وڌائڻ عورتن لاءِ اُتم آهي. ۶ . شاهه صاحب جي ڪلام کي پرکيو، پروڙيو، عمل ڪريو ۽ عام ڪريو. داديءَ جو سنڌي نثر ۾ ڪم مضمون نويسيءَ ۾ آهي. تعليم جي موضوع تي تمام گهڻا مضمون لکيا اٿن. انهيءَ کانسواءِ کين شاعريءَ جو شوق آهي. داديءَ سنڌي عورتن جي لاءِ هيءُ پيغام ڏنو: اي سنڌوءَ جي سگهڙ سياڻي، تنهنجي هوندي ڇو سنڌڙي ويڳاڻي، تون ته ناز و ادا کان نياري، تون ته بيشڪ آهين نوري نماڻي. ........... اي سنڌوءَ جي سگهڙ سجاڳ ٿي، هيءُ وقت اٿئي هوشيار ٿي. هيل تائين ڪيڏو نه تون سٺو آهه، هاڻي جهالت جي جن کي تو ڀڄايو آهه. دادي ليلا اڄ سؤ سالن جي ٿي وئي نصير مرزا سنڌ اڄ شادمانا ملهائي. اسان ۽ توهان جي دادي، هير آباد حيدرآباد واسي، تعليمدان، دادي ليلا خيرن سان اڄ سئو سالن جي ٿي چڪي. هيپي برٿ ڊي ٽو يُو دادي صاحبه ۽ ڇا ته خوش نصيب شهر هي حيدرآباد، جنهن ۾ رهندڙ محمد ابراهيم جويي صاحب کانپوءِ، علم ادب ۽ تعليم جي دنيا جي، هي ٻي اهم ترين هستي دادي ليلا، جنهن اڄ حياتيءَ جا سئو سال پورا ڪري ورتا آهن، اي ڪاش! هن ڪالم جي اشاعت بعد، سنڌ جا علمي ادبي ۽ تعليمي ادارا، گلن، گلدستن ۽ سوکڙين پاکڙين جا انبار کڻي، ميرن جي قبن سامهون، هيرآباد جي ان پِيلي محل جي دروازي تي وڃي رکي اچن، جتي اندر هڪ آرامده پلنگ تي، سنڌ جي نياڻين کي تعليم يافته ڪندڙ هيءَ ملڪه اڄڪلهه خاموش زندگي گذاري رهي آهي. جتي سندس اڪيلو فرزند ڊاڪٽر پرديپ، ننهن ۽ ڪي نرسون، ڏينهن رات سندس ديک ريک ۾ مصروف آهن. بيشڪ، سئو ساله دادي ليلا صاحبه سفيد اڇي پهراڻ ۽ لينگي ۾ هن وقت ڄڻ ته مقدس سرسوتي ديويءَ جو روپ آهي، پر هڏڙين جي مُٺ، نحيف ۽ ڪمزور هوندي به ۽ هن ڄمار ۾ به طرح طرح جا راڳ، ڀڄن، ٻاڻيون ۽ بزرگن جا صوفياڻا ڪلام کيس ازبر آهن. ها! سندس ازبر به حافظو ٿورو ٿورو جواب ضرور ڏئي ويو آهي ۽ قوت سماعت پڻ گهڻي گهڻي مجروح ٿي وئي اٿس پر ٿورو وڏ سري آواز ۾ پڇيومانس ته، دادي! اوهان جي ولادت ڀلا ڪٿي ٿي؟ ته ٻڌايائين: ”سئو سال اڳي حيدرآباد جي ڇوڏڪي گهٽيءَ، پوليس اسٽيشن واري چاڙهيءَ ڀرسان ماڙيءَ واري هڪ گهر ۾ ڄائي هيس. پتا جو نالو، هوتچند واڌواڻي هو، هڪڙي ڀيڻ ديوي ڪماري، ڇهه ڀائر..... جن منجهان سهجرام واڌواڻي، اُهو ته مشهور ميوزڪ ڊائريڪٽر ٿيو ۽ مشهور موسيقارن سي ارجن ۽ بلوسي رائيءَ جو پڳ مٽ يار هو. ٻيو ايڊووڪيٽ تيرٿ داس..ماهر قانوندان، شاهه لطيف شناس، جنهن تصوف تي ڪيترائي انگريزيءَ ۾ مضمون لکيا. ۱۹۲۶ع ڌاري، پتا جو سارو پريوار، هن موجوده هنڌ هيرآباد عامل ڪالوني لڳ اچي رهيو. الاس!! هڪ هڪ ٿي سڀني جون ارٿيون هاڻي ته چتا تي چڙهي ويون آهن، رهي نانءُ رب جو.“ پوءِ دادي ٻڌائڻ لڳي: ”اسان جو سارو پريوار پڙهيل هو، پر منهنجي ماتا به ايتري ته اکر شناس هئي جو ڪم ڪار ۽ رسوئي جي وندر مان واندي ٿي، گهر ۾ ايندڙ روزاني اخبار کولي ويٺي پڙهندي هئي. هاڻي پرديپ ٻڌائيم ٿو ممي، شروع کان ئي چُست ڦڙت، گهٽ خوراڪ، ويشنو، گوشت ماس کان نهايت پري ۽ ابتدا کان ئي اورچ هئي ۽ جيتوڻيڪ گهر ۾ نوڪر چاڪر ۽ سک آرام به موجود هو پر رسوئي ۾ بيهي ڦلڪا پچائڻ، ٻوڙ رڌڻ هن جي روز مرهه جي ڪرت ۾ شامل هوندو هئو. وٽس جيڪو به ان وقت ملڻ جلڻ لاءِ ايندو هو ته ان کي ضرور چوندي هئي ته نياڻين کي ضرور پڙهايو، ائين هُو چالاڪ ۽ مڪار مردن هٿان ٺڳجڻ کان بچي وينديون.“ پوءِ دادي خود ٻڌائڻ لڳي، ”اسان هندن ۾ هر نياڻيءَ کي ٻيو ڪجهه سيکارجي يا نه، پاپڙ ويلڻ، پاپڙ ترڻ ۽ پاپڙ ٺاهڻ جي تربيت هر حالت ۾ ڏني ويندي آهي ۽ ڪنهن کي اِهو فن نٿو اچي ته اهو هن جي عيب ۾ شمار ڪبو هو.“ پوءِ ٻڌائڻ لڳي، ”جن جن نياڻين، مون کان پاپڙ ٺاهڻ سکيا، انهن ساهراڻي گهر تي راڄ ڪيو، حڪم هلايا ۽ پنهنجي گهوٽن جون اُهي دل گهريون ڪنوارون ثابت ٿيون.“ پرديپ هرچنداڻي مون کي آگاهه ڪيو: ”ممي پرائمري تعليم گُلي ٻائي اسڪول مان حاصل ڪئي، جيڪو حيدرآباد واري تلڪ چاڙهيءَ لڳ هوندو هو. پوءِ هو جامع عربيه ۽ نور محمد هاءِ اسڪول ۾ به ميٽرڪ تائين پڙهي، جتي ڪو ايجوڪيشن هوندي هئي.“ ان تي دادي ٻڌائڻ لڳي، ”منهنجا هڪ جيڏا هندو مسلمان ڇوڪرا محض ان ڪري به دل لڳائي پڙهندا هئا، جيئن استادن آڏو ۽ ڇوڪرين جي سامهون، بي عزت ٿيڻ کان بچيا رهن.“ پرديپ ٻڌايو: ”هائير ايجوڪيشن دادي صاحبه گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موريءَ مان حاصل ڪئي، جنهن کي پڻ ايندڙ سال ۲۰۱۷ع ۾ سئو سال پورا ٿيندا.“ انسائيڪلوپيڊيا ۾ مون دادي ليلا صاحبه جي پروفائيل ۾ جهاتي پاتي.. لکيل هو: ”هُوءَ ننڍپڻ کان ئي خوش گُلو هئي، تيز فهم ۽ هوشيار، ۽ ٻالڪپڻ کان ئي شديد ميوزڪ پسند. ان ڏس ۾ ساڌو ٽي ايل واسواڻي جي آشرم مان به هُن گهڻو ئي پرايو. سوين ڀچن ڀاو ياد ڪيا. ان دور جي ميوزڪ ۽ باجي ماستر مسٽر جوشيءَ کان هن هارمونيم وڄائڻ سکيو. پوءِ ۱۹۴۰ع ڌاري ٽريننگ ڪاليج فار مئن ۾ ميوزڪ ٽيچر جي آساميءَ لاءِ انٽرويو ڏيڻ وئي، ته سائين جي ايم سيد ۽ سائين ميران محمد شاهه، هڪ تعليم يافته سنڌي نياڻيءَ کي اهڙو زبردست هار مونيم وڄائيندي ۽ شاهه، سچل جا صوفياڻا ڪلام ڳائيندي ٻڌو ته دنگ رهجي ويا.“ دادي پاڻ مون کي ٻڌائڻ لڳي: ”بابا، تنهنجي پدر بزرگوار قليچ بيگ کي اٺن ڏهن ورهين جي ڄمار ۾ سندس غزل ”دنيا ۾ دل جو مطلب پورو ٿيو ته ڇا ٿيو“ اسڪول فنڪشن ۾ ڳائي ٻڌايو ته، دعا ڏنائين؛ ”اي ننڍڙي نينگري راڳ وديا ۾ تنهنجو وڏو نالو ٿيندو“ مون هڪ ڀيرو ٻيهر داديءَ جي جيون ۾ جهاتي پاتي، لکيل مليو: دادي ليلا صاحبه ۱۹۵۱ع ۾ بي ٽي ڪئي، ۱۹۶۸ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪئي. ۱۹۵۸ع ڌاري پاڻ ڊپٽي انسپيڪٽر اسڪول مقرر ٿي، گڏ ميران هاءِ اسڪول جي هيڊ مسٽريس پڻ ۽ ان کان اڳ ميرپور خاص جي هڪ هاءِ اسڪول ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين. ۱۹۵۸ع ۾ ئي بلبل مهراڻ روبينه صاحبه کي ريڊيو حيدرآباد تي پنهنجي شاگردياڻيءَ جي حيثيت ۾ متعارف ڪرايائين. بعد ۾ دادي صاحبه، انسپيڪٽريس آف اسڪولس جو عهدو ماڻيو. ۱۹۷۲ع ۾ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر مقرر ٿي. ۳۵ ورهين جي پخته ڄمار ۾، دادي صاحبه جي شادي سينٽرل جيل حيدرآباد جي ڊاڪٽر ڊاڪٽر تلسي داس هرچنداڻي سان ٿي ۽ ان بعد دادي ليلا سڏجڻ لڳي، ”ليلا وتي هرچنداڻي“... اولاد ۾ داديءَ بس هڪ ئي پُٽ ڄڻيو، پرديپ ڪمار... جيڪو هاڻي پنهنجي ئي گهر جي هڪ ڪنڊ ۾ ”دادي ڪلينڪ“ هلائيندو آهي. ۱۹۵۲ع کان دادي صاحبه ريڊيو ڪراچي تان ڳائڻ جا به ڪي پروگرام ڪيا. ۱۹۷۵ع ڌاري ريٽائرمينٽ بعد ڊاڪٽر آپا شمس عباسي صاحبه سان گڏجي، سنڌ جي ٻهراڙين ۾ سوين ڪميونٽي سينٽر قائم ڪيا، جتي نياڻين جي تعليم ۽ ان جي واڌاري لاءِ ڪئين دلچسپ پروگرام ترتيب ڏنا. ۱۹۸۵ع تائين اقليت جي حوالي سان پنهنجي ڪميونٽيءَ جي نمائنده طور به هن ڪم ڪيو. سائين جي ايم سيد، ميران محمد شاهه، علامه آءِ آءِ قاضي، مرزا قليچ بيگ، شاهه جو شارح غلام محمد شهواڻي، پروفيسر دادا منگها رام ملڪاڻي کي دادي صاحبه اکين سان ڏٺو. محفلن ۾ انهن سان گڏ اُٿي ويٺي ۽ کين پنهنجا راڳ ٻڌايا ۽ وندرايو. سندس گهر ۾ مون چوطرف نگاهه ڦيرائي هر طرف ايوارڊ ۽ شيلڊون سينگاريل نظر آيم ۽ انهن سڀني جي وچ ۾ چوڏهينءَ جي چنڊ وانگر چمڪندڙ هو ”تمغه امتياز حڪومت پاڪستان“. تڏهن ان وقت اٿڻ کان اڳ مون کيس وينتي ڪئي ته دادي! پنهنجي حياتيءَ جون ڪي يادگار ۽ سٺيون سٺيون ڳالهيون ٻڌايو. چوڻ لڳي: ”اري بابا، اڳي اسان جي سانڀر ۾ حيدرآباد ۾ هر گهٽيءَ جو هڪڙو نالو هوندو هو. ان ڪري هر ماڻهوءَ کي خط پٽ سولائي سان اچي ملندو هو، هاڻي ته گهٽين جي سوڙهه ايڏي آهي جو، ڏسندي ئي ساهه ٻوساٽجڻ ٿو لڳي“. پوءِ ٻڌائڻ لڳي، ”ٽيهارو کن سال اڳ ڀارت ياترا تي آئون ويئي هئس. هڪڙي ڏينهن ميزبانن مون کي هڪ اهڙي رنگا رنگ تقريب ۾ پهچايو، جتي سنڌي نياڻين اڃان جهومي جهومي ڳايو مس ته ”راڻا تو مان راڄ ٿيندا، راڻا تو مان لک ٿيندا“...ته بس محفل ۾ اوچتو وٺ وٺان شروع ٿي وئي. پوليس جو ڊنبلو اسٽيج تي چڙهي آيو...بابا خير...بابا خير... چيائون اري ظلم ڙي ظلم.. هي ته خانداني منصوبي بندي وارن جو پبلسٽي پروگرام آهي، جن جو مول متو ئي آهي ته ”ٿورا ٻار، پيار ئي پيار“ ...۽ هي مايون وري اسان جي پروگرام کي تباهه ڪرڻ لاءِ ڳائين پيون ..... راڻا تو مان راڄ ٿيندا، راڻا تو مان لک ٿيندا....“ پوءِ ان ڏينهن دادي هي به ته ٻڌائڻ لڳي هئم: ”ان وقت ڀارت ۾ رهندي اڃان ڪي ٿورا ئي ڏينهن ٿيا هوندا، جو ناچاڪ ٿي پيس، تڏهن لڳم...بس چل چلاءَ قريب آهي، سو وٺي گهوڙا گهوڙا ڪئم. چيم...ڀائي! مون کي جلد از جلد پنهنجي جنم ڀومي، ماتر ڀومي سنڌ پهچايو.. ڇا جي لاءِ، جو هتي منهنجو ديهانت ٿي ويو، ته هي ته منهنجي رک کي گنگا ۾ لوڙهي ڇڏيندا. سو چاهيان ٿي ته پويان پساهه به پنهنجي سنڌ ۾ ئي وڃي کڻان، جيئن منهنجون هاٺيون سنڌوءَ جي امر جل ۾ سماپت ڪيون وڃن.“ اهڙي پراڻي ساروڻي ٻڌائيندي ٻڌائيندي داديءَ تي اوچتو هڪ زبردست ڪيفيت طاري ٿي وئي ۽ جيئن نه ڪا ماءُ لاڏلي پُٽ جي ڪاڄ ۾ ٻانهون مٿي کڻِ جهمريون هڻندي آهي، دادي ليلا به جهومي جهومي اسان کي ٻڌائڻ لڳي، ”اري بابا، هاڻي موت جو فرشتو مون کي وٺڻ ايندو، ته آئون ائين ئي نچندي ڪڏندي ان سان گڏ هلي وينديس! سدائين سدائين جي لاءِ....“ دادي ليلان سؤ ورهين جي ڄمار ۾ داخل حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) ننڍي کنڊ جي نامياري تعليمي ماهر دادي ليلان ۱۰۰ ورهين جي ڄمار ۾ داخل. سالگرهه جي تقريب. اديبن پاران دادي ليلان کي گلدستا پيش. سنڌ حڪومت کان حيدرآباد ۾ دادي ليلان جي نالي سان ميوزيڪل اسڪول قائم ڪري، سندس نالي سان منسوب ڪرڻ جو مطالبو. تفصيل موجب ننڍي کنڊ جي نامياري تعليمي ماهر دادي ليلان ۱۰۰ هين سال جي ڄمار ۾ داخل ٿي وئي آهي. ڪالهه حيدرآباد جي علائقي هيرآباد ۾ سندس رهائشگاهه تي سندس سالگرهه ملهائي وئي. سالگرهه جي موقعي تي سنڌ جي اديبن؛ نصير مرزا، گل ڪونڌر، قاضي خادم، موهن مدهوش ۽ ٻين رهائشگاهه تي پهچي دادي ليلان کي گلدستا پيش ڪري کيس سالگرهه جون مبارڪون ڏنيون. ان موقعي تي اديبن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته دادي ليلان کي سندس زندگيءَ ۾ ئي مڃتا ڏيڻ لاءِ، ان جي نالي سان حيدرآباد ۾ ميوزيڪل اسڪول جو قيام عمل ۾ آندو وڃي ۽ ان کي دادي ليلان جي نالي سان منسوب ڪيو وڃي. سالگرهه جي تقريب ۾ دادي ليلان جي پٽ ڊاڪٽر پرديپ ڪمار پڻ موجود هو. (روزاني عبرت ۲۱ ڊسمبر ۲۰۱۶ع تان کنيل) دادي ليلان سندس خدمتون غلام حسين خاصخيلي سنڌ جي تاريخي شهر حيدرآباد جي ٿڌين هوائن واري علائقي هيرآباد ۾ جنم وٺندڙ دادي ليلان تعليم جي دنيا ۾ تمام وڏي خدمت ڪئي آهي. نياڻين جي اسڪولن کولرائڻ ۽ تعليمي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ جيڪا جدوجهد ڪئي. ان جدوجهد تي حيدرآباد سميت پوري دنيا جا ماڻهو کيس سلام پيش ڪري رهيا آهن. اهڙين شخصيتن کي هر ماڻهو سلام ڪندو آهي. دادي ليلان نياڻين جي تعليم لاءِ تمام وڏو ڪم ڪيو آهي پاڻ به اسڪول ۾ نياڻين کي تعليم ڏيندي هئي. اسڪولن ۾ نياڻين جي تعليم سان گڏوگڏ هنر جي سکيا ڏيڻ لاءِ اسڪولن ۾ باقاعدي سان ڪلاس هلايا ويندا هئا. موجوده وقت ۾ به دادي ليلان وانگر تعليم لاءِ جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي. دادي ليلان تعليمي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ سيمينار به ڪرايا، انهن سيمينارن ۾ تعليم جي اهميت بابت والدين کي سمجهايو ويندو هو. تعليم بنا انسان اڻپورو آهي، نياڻين لاءِ تعليم تمام ضروري آهي نياڻين کي پنهنجو گهر وسائڻو هوندو آهي. پڙهيل لکيل ماءُ پنهنجي اولاد جي لاءِ تعليمي شعور کي اڳتي وڌائي ٿي، دادي ليلان جو چوڻ آهي ته علم حاصل ڪرڻ سان انسان وٽ تمام وڏي طاقت تمام وڏو هٿيار آهي. جنهن وٽ علم جو هٿيار موجود آهي. اهو گهر وڌيڪ مضبوط طاقتور آهي. نياڻين کي تعليم ڏياريو. نياڻين کي پڙهائڻ سان معاشري ۾ علم جا ڏيئا وڌيڪ روشن ٿين ٿا، علم جي ڏئي ٻرڻ سان دنيا جي گهرن ۾ وڌيڪ روشني پيدا ٿئي ٿي. اهڙي روشني ۾ طاقت هوندي آهي. علم جي روشني جيتري طاقت ور هوندي، معاشرو اوترو وڌيڪ طاقت ور هوندو آهي. داديي ليلان جي اهڙي جدوجهد کي سلام ڪندي اسان کيس ڀيٽا ڏئي رهيا آهيون. اهڙين شخصيتن جو نالو هميشه روشن هوندو آهي. دادي ليلان هينئر به علم ادب جي لاءِ جدوجهد واسطي هر ماڻهوءَ کي سبق ڏيندي رهندي آهي، دادي ليلان هر ماڻهوءَ کي پنهنجي پهرين جملي ۾ اهو پڇندي آهي ته ڇا توهان پنهنجي نياڻين کي پڙهايو ٿا. هر ماڻهوءَ کي اهو چوي ٿي، بابا پنهنجي نياڻين کي پڙهايو. نياڻين کي پڙهائڻ سندن والدين جي اولين ذميواري آهي. جنهن گهر ۾ نياڻي اڻ پڙهيل آهي. اهو گهر پريشانيءَ واري حالت ۾ هوندو آهي. اهڙي پريشانيءَ کان بچڻ لاءِ نياڻين کي علم ڏياريو. دادي ليلان پنهنجي وقت ۾ اسڪولن ۾ نياڻين کي تعليم ڏيارڻ سان گڏوگڏ هنر جي سيکا به ڏياريندي هئي. نياڻين کي ڀرت ڀرڻ، گهر جو ماحول بهتر رکڻ جهڙن مسئلن تي نياڻين کي سکيا ڏيارڻ لاءِ پريڊ هلايا ويندا هئا. هنر ۽ علم جي لاٽ ٻرندي رهندي هئي. دادي ليلان تعليم جي اهڙي بهتر ماحول سبب سندس جدوجهد کي هند توڙي سنڌ ۾ وڏي مڃتا ڏني پئي وڃي. اهڙين شخصيتن وانگر هر ماڻهو جدوجهد ڪري ته هر گهر تائين تعليم پهچي سگهي ٿي. اهڙي تعليمي جاڳرتا پيدا ڪرڻ واسطي دادي ليلان جي ٻاريل ڏيئن کي وڌيڪ روشن رکڻ لاءِ اسان سڀني کي دادي ليلان جي ساٿ ۾ ساٿ ڏئي سڏ ۾ سڏ ملائي هرهنڌ علم جا ڏيئا روشن ڪرڻ لاءِ جدوجهد جي راهه کي تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. دادي ليلان جي اهڙي جدوجهد ڪاميابي جي منزل ڏانهن قدم آهي. اسان سڀ قدم کي قدم سان ملائي هلڻ جي ضرورت آهي. دادي ليلان ته اڄ به اهو چوي ٿي ته سنڌ بزرگن اوليائن جي ڌرتي آهي. جنهن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست کان وٺي ڪيترائي اهڙا هيرا پيدا ٿيا آهن. جن جدوجهد ڪندي علم جي ڏيئن کي روشن ڪيو آهي. سنڌ ڌرتي علم جي حوالي سان پوري ۾ دنيا ۾ سڃاتي وڃي ٿي. اهڙي سهڻي ثقافت رکڻ واري ڌرتي تي هاڻ اسڪولن جي بند پيل هئڻ جون ڳالهيون ٻڌي اکين ۾ لڙڪ اچي وڃن ٿا. اسان سڀني کي گڏجي علم جي ڏيئن کي روشن ڪرڻو پوندو اهڙي علم جي جاکوڙ لاءِ جدوجهد ڪرڻ واسطي پنهنجي گهر، محلي، علائقي، شهر، يوسي، تعلقي، ضلعي، صوبي ۽ ملڪ ۾ علم جي ڏيئي کي روشن رکڻ واسطي سچائي سان قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. دادي ليلان جي اهڙي تعليمي جدوجهد کي روزاني عبرت طرفان شخصيتن کي ڀيٽا ڏيڻ واسطي ملهايل هفتي جي حوالي سان ڀيٽا پيش ڪري رهيا آهيون. دادي ليلان مهان شخصيت آهي. کيس سلام پيش ڪريو ٿا ۽ دعا آهي ته سندس جدوجهد تعليم لاءِ اڃان سگهاري بڻجي وڃي. دادي ليلان ڏيهه جي ڏاهي ڏاڏي به ديهانت ڪري وئي گل مورو دادي ليلان سنڌوءَ جي اها سگهڙ سياڻي نوري نماڻي هئي جنهن ٻهراڙيءَ جي عورتن جي تعيلمي آبياري ڪرڻ لاءِ پنهنجي سفر دوران سوين ڳوٺن ۾ پنڌ، ڏاند گاڏين، گڏهه گاڏن، بسن ۽ ڇڪڙن ۾ چڙهي ديس جي دردوندن جي درن تي وڃي حقيقي سماج واد بڻجي عورتن کي حقن جي آگاهي ڏني کين شعور ڏنو ۽ فرسوده سماج جي انڌيري مان ڪڍڻ لاءِ وهمن، وسوسن ۽ ڀرمن مان ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي. هن تعليم جي شعور سان گڏ هنرن جي به تربيت ڏني ته جيئن ٻهراڙيءَ جون عورتون معاشي طور تي پاڻ ڀريون ٿي سگهن پنهنجي بکئي پيٽ کي ڀري سگهن ۽ ڪنهن جي آڏو هٿ نه ٽنگين ۽ کين شعوري تعليم ڏيڻ جو به اهو ئي مقصد هو ته نه رڳي پاڻ جهالت واري زندگيءَ کان جان آجي ڪن پر پنهنجي ايندڙ نسل معصوم نينگرن توڙي نينگرين کي علم جي ذريعي پنهنجي وطن پنهنجي ڌرتي جي فڪري سوچ ڏئي سگهن ته جيئن سماج مان جاهلياڻين رسمن جو خاتمو اچي سگهي. انهيءَ علمي سوچ جي آبياري لاءِ دادي ليلان ديس جي دردوندن، بکايلن، ستايلن ۽ انگ اگهاڙن معصوم ٻارڙن جي جهڳين ۾ وڃي ڏاڏي بڻجي ڏاهي ڏاڏي وارو فرض نڀائيندي علمي آکاڻيون ٻڌايون، روح جون رهاڻيون رچايون ۽ پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري سنڌ جي وستين، واهڻن ۾ جڏهن پهچندي هئي ته سنڌ جون سٻاجهون نياڻيون دادي کي رحمت جو فرشتو سمجهنديون هيون. هن عورتن جي اهميت تعليم ۽ هنر بابت ڪيتريون ئي راڳڻيون ۽ لوريون تيار ڪرايون جنهن ۾ مارئي جي حب الوطني، سسئي جي جدوجهد ۽ نوري جي محبت جون علامتون اڄ به موجود آهن. هيءَ ڏيهه جي ڏاهي ڏاڏي دادي ليلان ئي هئي جنهن تعليم کاتي ۾ ۵۸ سالن تائين پنهنجي فرض شناسي سان نڀايو انهيءَ عرصي دوران به تعليمي جاڳرتا لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيائين ۽ مينڌري جي مومل بڻجي رڃ ۽ اڃ ۾ به راڻو راڻو ڪندي رهي. هن ڪڏهن به مذهبي متڀيد کي اهميت نه ڏني، هن جو هڪڙو ئي منشور ۽ دستور هو ته سنڌ جي اٻوجهه نياڻي علمي اڀياس حاصل ڪري، تڏهن ئي سماج ۾ تبديلي اچي سگهي ٿي. حقيقت ۾ ته هن اصلي سنڌ جو درشن ڏيهه جي ڏوٿيئڙن وٽ وڃي ڪيو کين چاهه ۽ چاهت جون چميون ڏئي اهو درس ڏنو ته “علم پرايو، نياڻيون پڙهايو”. دادي ليلان جهالت جي خاتمي لاءِ يونيسيف جي تعاون سان سنڌ جي سوين ٻهراڙي وارن ڳوٺن ۾ ڪميونٽي سينٽر قائم ڪرايا جتي اڄ به نياڻين جا پرائمري، سيڪنڊري ۽ هاءِ اسڪول هلي رهيا آهن، جڏهن دادي ٽن ضلعن حيدرآباد، ٺٽي ۽ بدين جي ڊي اي او هوندي ايڊيشنل ڊائريڪٽر هئي ته ان عرصي دوران به هن مٿان ڪڏهن به ڪو ڪرپشن جو الزام ئي نه لڳو، ڪيترين بيواهن مسڪين عورتن کي تعليم ڏياري روزگار ڏياريو جيڪي آفيس توڙي سندس گهر اچي دعائون ڏينديون هيون. هيءَ اها دادي هئي جنهن ديس جي محبت ۾ ورهاڱي دوران اڪثر سنڌي هندن کي ڪڍيو پئي ويو ته هن وطن مان بي وطن ٿيڻ قبول نه ڪيو ۽ سنڌ ۾ ئي رهي ڌرتي جي نياڻين جي نيڻن مان نه رڳي نير اگهيو پر تعليمي شعور لاءِ عملي قدم کڻي سنڌ جي سونهن ۽ سڀيتا کي دان ۽ مان ڏيڻ لاءِ سندرو ٻڌي نڪري پئي ۽ جهانسي راڻي جيان عملي جهاد ۾ جنبي وئي. هيءَ راڳ کي روح جي غذا ۽ عبادت سمجهندي هئي ڇو ته هن پنجن سالن جي معصوم عمر ۾ ڀڄن ڳائڻ شروع ڪيا هئا. هي اها دادي راڳ جي راڻي هئي جنهن گڏيل هندوستان واري وقت ۾ دهليءَ ۾ ۱۴ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي ڳائڻ واري مقابلي ۾ حصو ورتو هو انهيءَ راڳ واري مقابلي ۾ سندس عمر ۲۰ ورهين جي هئي، دادي ليلان ان وقت هي ميران ٻائي جو مشهور ڀڄن ڳايو هو. ميرا تو گر ڌر گوپال دوسرا نه ڪوئي ري دادي اهو ڪلاسيڪل انداز ۾ ڳائي سڀني کي ميدان ماري پهريون نمبر حاصل ڪيو هو. دادي جي جيون تي حقيقت ۾ شاهه لطيف سنڌ توڙي هند جي سنت صوفين جي فڪر جو گهرو اثر هو. حالانڪه هن پنجن ورهين جي عمر ۾ ڳائڻ حاصل ڪيو ستن ورهين جي عمر ۾ پراٿنا جا گيت ڳائيندي رهي پر جڏهن سندس سنڌ جي عظيم صوفي شاعر شاهه لطيف جي شيدائي ساڌو ٽي ايل واسواڻي سان سٻنڌ ٿيو ته ان ڏينهن کان سندس مٿان شفقت ڀريو هٿ اهڙو ته ڪرشمو بڻجي پيو جو هن جو نصيب نيارو ٿي ويو. هن سنڌي نياڻين کي تعليمي خدمتن دوران شاهه، سچل، سامي، ٽي ايل واسواڻي، نوري، مرزا قليچ بيگ ۽ ٻين ڪيترن ئي اهم شاعرن جا ڪلام ياد ڪرائڻ سان گڏ کين سنڌي تعليم ۽ هنرن بابت پنهنجا ۽ پروفيسر ناگراڻي جا تيار ڪيل گيت پڻ سيکاريا ۽ نياڻين کي وطن دوستي، علم ۽ هنر جي اهميت وارا گيت ۽ نظم سيکاريا ۽ جڏهن ۱۹۴۰ ۾ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جيڪو ديوان ڪوڙي مل چندن مل جي برصغير ۾ وڏي ۾ وڏي نياڻين جي يونيورسٽي ليکي ويندي هئي ته دادي کان نوڪري لاءِ موسيقي جي استاد ٿيڻ لاءِ سائين جي ايم سيد، ميران محمد شاهه، ڊاڪٽر دائود پوٽي ۽ ٻين عالمن ستن ڏينهن تائين انٽرويو ورتو هو ۽ ان ۾ هوءَ ڪامياب بڻي. نه رڳي اهو پر جڏهن هن ئي ٽريننگ ڪاليج ۾ ان وقت جي ممبئي جي گورنر مودي جي گهرواري سنڌ ياترا ڪرڻ آئي هئي ته خطاب ڪندي چيو هيائين ته دادي نه رڳي سنڌ جي پر پوري برصغير جي دادي آهي ۽ جيڪڏهن هي هند هلي اهو ئي علمي درس ڏئي ته اسين کيس سڄي هند ۾ سندس علمي درسگاهون کولي ڏيڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏينداسين پر ڏٺو وڃي ته هتي تعليم جي فقدان هوندي به علمي اڀياس لاءِ جيڪي هن کان حاصل ڪرڻو هو اهو نه رياست حاصل ڪري سگهي نه وري اسين ۽ نه وري ان جي واٽ وٺي سگهياسين. هونئن به ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ ۾ ڏات هوندي آهي پر دادي جي خاندان ۾ نه رڳي راڳ جي ڏات ۽ ڏانءُ هو پر علمي ۽ فڪري سوچ جي پختگي به هئي جو سندس امڙ لال هندوري ۾ به لوريون ڏيندي هئي ۽ سندس پيءَ اسٽيج ڊرامن ۾ ڀڳتن جا ڀڄن پيش ڪري ديس جي دردوندن جون ڪهاڻيون سڻائيندو هو ۽ دادي انهيءَ روايت کي برقرار رکندي روح رهاڻيون رچايون تڏهن سنڌ جون نوريون نماڻيون جهومي پونديون هيون. اڄ ڏاڏيءَ جي ديهانت تي نه رڳي هيرآباد جون ٿڌڙيون هوائون گهٽجي گهٽجي ساهه کڻي ٿڌا شوڪارا ڀريندي ڄامشوري جي چنچل هوائن جي ڳلڙن تان ڳوڙها اُگهي رهيون آهن پر هند توڙي سنڌ ۾ اگني سنسار جي سڳنڌ جو واس وٺي هر ڏيهه ڌڻي اهو چئي ۽ روئي رهيو آهي ته ديس جي دادي به ديهانت ڪري وئي. دادي ليلاوتي هرچنداڻي سندس وڇوڙو تاج جويو سنڌ جي نامياري تعليمدان ۽ سماجي خدمتگار دادي ليلاوتي هرچنداڻي، هوتچند واڌواڻيءَ جي گهر ۾، هيرآباد، حيدرآباد ۾، ۲۰ ڊسمبر ۱۹۱۶ع تي جنم ورتو. داديءَ جو والد حيدرآباد جو هڪ معزز شخص هو، جيڪو اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ جو ائڊوائيزر به رهي چڪو هو. داديءَ وارا پاڻ ۾ ٻه ڀينرون ۽ ڇهه ڀائر هئا، جن مان هڪ ڀيڻ ۽ چار ڀائر داديءَ کان وڏا هئا. داديءَ جو سڀ کان وڏو ڀاءُ ڊاڪٽر ’بولچند هوتچند واڌواڻي‘ بصري (بغداد) ۾ پرئڪٽس ڪندو هو، جتي هُو ۲۰ سال رهيو ۽ ۱۹۵۰ع ۾ وفات ڪيائين. داديءَ جو ٻيو ڀاءُ تيرٿداس هوتچند واڌواڻي، ۴ جون ۱۹۰۶ع ۾ ڄائو، بي.اي، ايل.ايل.بي تائين تعليم حاصل ڪيائين. پهرين مختيارڪار ۽ بعد ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيو. رٽائرمينٽ کان پوءِ وڪالت ڪيائين ۽ سندس شمار ڪرمنل ڪيسن جي حوالي سان، سنڌ جي ناميارن وڪيلن ۾ ٿيندو هو. تيرٿداس صوفي منش هو، شاهه لطيف جي فڪر ۽ شاعريءَ سان خاص اُنس هئس. هن شاهه لطيف جي زندگيءَ پيغام ۽ شاعريءَ تي انگريزيءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا. داديءَ جو ٽيون ڀاءُ سهجرام واڌواڻي پڻ وڪيل هو، گڏوگڏ هُو حيدرآباد شهر جو مشهور ’ميوزڪ ڊائريڪٽر‘ هو. شهر جي اڪثر دَرسگاهن ۽ مکيه فنڪشنن ۾ موسيقيءَ جا اسم سندس نگرانيءَ ۽ هدايتن هيٺ ترتيب ڏنا ويندا هئا. سندس چوٿون ڀاءُ لالچند واڌواڻي، پهريون سنڌي هو، جيڪو ۱۹۳۵ع ۾، آمريڪا ۾ انجنيئرنگ پڙهڻ ويو ۽ ٻن سالن کان پوءِ، والده جي وفات جي صدمي هيٺ، انجنيئرنگ جي چوٿين سال جي تعليم حاصل ڪرڻ دوران ۱۹۳۷ع ۾ اُتي ئي گذاري ويو. داديءَ جي ٻن ننڍن ڀائرن مان هڪڙو ڀيرومل واڌواڻي واپاري هو ۽ ٻيو دولترام واڌواڻي، ڪالٽيڪسCaltex ڪمپنيءَ ۾ انجنيئر هو. سندس والد ۱۹۵۳ع ۾ وفات ڪئي. دادي ليلاوتيءَ جو خاندان سُکيو ستابو ۽ مڇيءَ مانيءَ وارو هو. اُن زماني ۾ کين پنهنجي موٽرڪار ۽ هيرآباد ۾ ٽي جايون هيون، جيڪي داديءَ کي ماءُ، ۱۹۳۷ع ۾ حوالي ڪيون. سندس والده عامل خاندان مان هئي، هن مختصر تعليم حاصل ڪئي هئي ۽ اخبار پڙهي ويندي هئي. دادي ليلا جي خاندان کي راڳ ڳائڻ جي خداداد ڏات حاصل هئي. سندس اَمڙ مٺي آواز ۾ شبد ۽ لوليون ڳائيندي هئي. سندس والد جو آواز به ڏاڍو مٺو هوندو هو ۽ ننڍي هوندي ڊرامن ۾ حصو وٺندو هو ۽ اُتـي ڳائيندو به هو. دادي ليلا، گُلي ٻائي پرائمري اسڪول، تلڪ چاڙهي حيدرآباد ۾ ڇهه درجا پڙهيا ۽ ساڳئي ئي اسڪول مان ورنيڪيولر فائينل ڏنائين. ۱۹۳۵ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد (جيڪو هاڻي نور محمد هاءِ اسڪول سڏجي ٿو) مان مئٽرڪ ڪيائين. هن ۱۹۴۰ع ۾ ڊي. جي. گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد مان بي. اي پاس ڪئي. دادي لـيلاوتي، ۱۹۴۰ع ۾ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ مـوسيقيءَ جي استاد مقرر ٿي. هن پوسٽ لاءِ داديءَ کان جي. ايم. سيد، ميران محمد شاهه، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي ۽ ٻين ستن عالمن لاڳيتو ست ڏينهن ڌار ڌار انٽرويو ورتو. دادي ليلا، ۳۵ روپيا ماهوار پگهار تي ’ميوزڪ ٽيچر‘ مقرر ٿي. هوءَ نياڻين کي دلي لڳاءَ، پيارَ، پاٻوهه ۽ پنهنجائپ سان راڳ سيکاريندي هئي. داديءَ کي راڳ جي سکيا لاءِ هڪ پاسيرو ڪلاس ڏنو ويو هو، باوجود اُن جي ڪيتريون ڇوڪريون پاڻيءَ پيئڻ يا ٻئي ڪنهن بهاني سان نٽائي، اچي سندس ’راڳ جي ڪلاس‘ ۾ شريڪ ٿينديون هيون. هن نياڻين کي وطن دوستيءَ، تعليم ۽ هُنر جي اهميت وارا ڪيترا گيت ۽ نظم سيکاريا. اُن زماني ۾ حيدرآباد کي تعليمي لحاظ کان ڪراچيءَ کان به وڌيڪ اهميت حاصل هئي. ممبئيءَ جي گورنر مسٽر موڊيءَ جي بيگم، جڏهن ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جي هڪ فنڪشن ۾ شرڪت ڪئي ۽ داديءَ ۽ سندس تيار ڪيل شاگردياڻين کان راڳ ٻڌائين ته ايڏو ته خوش ٿي، جو ڪاليج جي ’وزيٽرس بُڪ‘ تي داديءَ جي ساراهه ۾ هڪ ڀرپور نوٽ لکيائين. دادي ليلا ’ميوزڪ ٽيچر‘ طور وڏي عزت ۽ مانُ ماڻيو. داديءَ جو ڀاءُ سهجرام ميوزڪ ڊائريڪٽر، ڪاليج جي پروگرامن ۾ سندس وڏي مدد ڪندو هو. ڪاليج ۾ ڊراما ٿيندا هئا، ان لاءِ به دادي راڳَ تيار ڪرائيندي هئي ۽ سڄي شهر جا ناميارا شهري هنن پروگرامن ۾ شريڪ ٿيندا هئا. دادي ۱۹۴۷ع تائين حيدرآباد ۾ ميوزڪ ٽيچر طور خدمتون سرانجام ڏنيون. ميوزڪ ٽيچر واري ملازمت دوران يا ان کان پوءِ تعليم کاتي ۾ ملازمت ڪندي هن سنڌي نياڻين کي شاهه، سچل سرمست، سامي، ٽي. ايل واسواڻي ’نوري‘، قليچ بيگ ۽ ٻين ڪيترن اهم شاعرن جا ڪلام ياد ڪرائڻ سان گڏ، کين سنڌي تعليم ۽ هنرن بابت پنهنجا ۽ پروفيسر ناگراڻيءَ جا تيار ڪيل گيت پڻ سيکاريا. دادي ليلاوتيءَ کي موسيقيءَ ۽ راڳ سان دلچسپي گهرَ کان ئي ورثي ۾ ملي. داديءَ چئن ورهين جي عمر ۾ ڳائڻ شروع ڪيو. ستن ورهين جي عمر ۾ پرائمري پهرئين درجي ۾ هارمونيم تي ڌڻيءَ جي ساراهه ۽ پرارٿنا جا گيت ڳائيندي هئي. اٺن ورهين جي ڄمار ۾ سندس واسطو سنڌ جي عظيم سنت، صوفي ۽ شاهه لطيف جي شيدائي ساڌو ٽي. ايل واسواڻيءَ سان پيو، جنهن کي سچو گُرو ۽ سنت ڪري مڃيندي هئي. ساڌو واسواڻيءَ سندس سِرَ تي شفقت جو هٿُ رکيو. کيس هندستان جي ’عظيم موسيقار‘ King of Musicians ’وشنو ڊگمبر‘ جي به آسيس حاصل رهي. دادي ليلا هر آچر تي ٿياسافيڪل لاج (بيسنت هال، حيدرآباد) ۾ راڳ جي سکيا وٺڻ ويندي هئي. هن ڪلاسيڪل راڳ جي ڄاڻ به حاصل ڪئي. جڏهن هوءَ انٽر جي شاگردياڻي هئي، تڏهن ۱۹۳۶ع ۾ ڊي جي گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد، سنڌ ۾ هڪ ’آل انڊيا ميوزڪ ڪامپيٽيشن‘ ٿي، جنهن ۾ سڄي هندستان جي ۲۰ ورهيه ڄمار وارن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين شرڪت ڪئي. هن مقابلي ۾ سنڌ ۽ هندستان جي مختلف شهرن- بڙودا، بيڪانير، نينيتال، ڪلڪتي، دهليءَ وغيره مان ۱۴ ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن حصو ورتو. داديءَ اُن موقعي تي ميران ٻائيءَ جو مشهور ڀڄن ’ميرا تو گرڌر گوپال، دوسرا نه ڪوئي وي‘، ڪلاسيڪي انداز ۽ رنگ ۾ ڳائي پهريون نمبر حاصل ڪيو. برصغير جي ورهاڱي کان پوءِ جڏهن گرلس اسڪولن ۾ پڙهائيندڙ اڪثر هندو سنڌي ماسترياڻيون، حالتن جو شڪار ٿي هندستان لڏي ويون، ته داديءَ کي ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ اسسٽنٽ ٽيچر ڪري رکڻ سان گڏ ’ليڊي سپرنٽيڊنٽ‘ جي جاءِ ڏني وئي. هن وطن مان بي وطن ٿيڻ نه قبوليو ۽ سنڌ ۾ رهي، نياڻين جي تعليمي خدمت ڪئي. اُستاد بنجڻ کان پوءِ سندس ’ڪئريئر‘ Career ۾ وڏي تبديلي آئي ۽ هن راڳ ڳائڻ ڇڏي ڏنو، ڇو ته سندس نظر ۾ راڳ کي روح جي غذا ۽ عبادت سمجهڻ وارا ئي نه رهيا هئا ۽ عام ماڻهن ڳائڻ کي عزت واري نگاهه سان نه ٿي ڏٺو. داديءَ ۱۹۵۱ع ۾ ڪراچيءَ مان بي ٽيءَB.T جو امتحان ڏنو ۽ ۱۹۵۴ع ۾ سندس هيڊ مسٽريس طور ترقي ٿي. هوءَ ساڍا ٽي سال گرلس هاءِ اسڪول ميرپورخاص ۾ هيڊ ماسترياڻي رهي ۽ هن گرلس هاءِ اسڪول ميرپورخاص کي وڏي اوج تي رسايو. ميرپور خاص ۾ هر اُهو خاندانُ داديءَ کي عزت جي نگاهه سان ڏسندو هو، جنهن خاندان جون نياڻيون سندس اسڪول ۾ تعليم پرائينديون هيون. هن تعليمَ سان گڏ نياڻين ۾ موسيقيءَ، ڊرامن، تقريري مقابلن ۽ ٻين سرگرمين ۾ حصي وٺڻ جو وڏو چاهه پيدا ڪيو. جڏهن ۱۹۵۷ع ۾ داديءَ کي ميران هاءِ اسڪول حيدرآباد جو پرنسپال بنايو ويو. دادي ليلاوتيءَ ايم. اي سنڌي، سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪري ٻيو نمبر حاصل ڪيو. ۱۹۵۸ع ۾ داديءَ جي امريڪا جي اسڪالرشپ منظور ٿي، کيس ٻاهر وڃي تعليم حاصل ڪرڻ جو شوق وڏو هو، ڪافي خرچ به ڪيائين، پر کيس آمريڪا جي ويزا نه ملي ۽ سندس اسڪالرشپ رد ٿي وئي، جنهن جو ڏک کيس آخري وقت تائين رهيو. ۱۹۵۸ع جي آخر ۾ داديءَ جي ڊپٽي انسپيڪٽريس آف گرلس اسڪولس طور ترقي ٿي ۽ سندس هٿ هيٺ پنج ضلعا: حيدرآباد، ٿرپارڪر، دادو، سانگهڙ ۽ ٺٽو ڏنا ويا. داديءَ کي ۱۹۶۴ع ۾ ڪلاس ون ۾ ترقي ڏئي انسپيڪٽريس گرلس اسڪولس سنڌ بنايو ويو، جتي ۱۹۷۲ع تائين ان عهدي تي رهي. هن عورتن جي تعليم ۾ وڏا سڌارا آندا. ۱۹۷۲ع ۾ جڏهن ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسرسD.E.Os جون پوسٽون مقرر ٿيون ته ٻين سمورن ضلعن لاءِ هڪ هڪ D.E.O مقرر ڪيو ويو، پر داديءَ کي D.E.O مقرر ڪري، کيس ٽي ضلعا (حيدرآباد، ٺٽو ۽ بدين) ڏنا ويا، ان مان سندس انتظامي ۽ تعليمي صلاحيتن ۽ قابليت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ان عرصي دوران ائڊيشنل ڊائريڪٽر اسڪولس جي چارج به وٽس رهي. هن هر پوسٽ کي چئلينج سمجهي نڀايو. ايمانداري، محنت ۽ دلي لڳاءَ سان ڪم ڪيو. داديءَ جي ايامڪاريءَ ۾ ڊائريڪٽوريٽ ۾ ٽَڪو به رشوت نه ورتي وئي. هن آفيس جي ڪلارڪن تي ڪرڙي نظر رکي، منجهن بچت جو مادو پيدا ڪيو، ايتريقدر جو ڪلارڪن جي زالن کي جڏهن مُڙسن جا پگهار پورا مليا ته داديءَ وٽ اچي کيس دعائون ڏنائون. داديءَ ماسترياڻين کي سهوليتن وارا اسڪول ۽ رعايتون ڏنيون. سرڪاري گرانٽ جو صحيح استعمال ڪيو ۽ الاٽمينٽ دوران بچت ڪري ڪيتريون رٿائون مڪمل ڪرايون. داديءَ تعليم کاتي مان جولاءِ ۱۹۷۵ع ۾، ۵۸ سالن جي عمر ۾ رٽائر ڪيو. دادي ليلا پنهنجي زندگيءَ ۾ ۱۹۸۱ع کان ۱۹۹۱ع واري دور کي پنهنجي زندگيءَ جو انتهائي ڪارگر ۽ مثالي دور سڏيندي هئي. رٽائرمينٽ کان پوءِ واري هن عرصي ۾ دادي ليلاوتيءَ، يونيسيف ۽ بيورو آف ڪريڪيولم، ڄام شوري جي سهڪار سان سنڌ جي ٻهراڙين ۾ سوين ’ڪميونٽي سينٽر‘ قائم ڪرايا، جن ۾ اڄ ڇوڪرين جا پرائمري، سيڪنڊري ۽ هاءِ اسڪول هلي رهيا آهن. داديءَ، ٻهراڙي جي هن سفر دوران سوين ڳوٺن ۾ عورتن ۾ تعليم ۽ هنر لا ءِ وڏو چاهه پيدا ڪيو. هن سچي ۽ اصلي سنڌ اُن دور ۾ ئي ڏٺي. هوءَ پنڌ، ڍڳي گاڏين، گڏهه گاڏن، اٺ گاڏن، بسن ۽ ڇڪڙن ۾ چڙهي سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ پهتي. هن هڪ سڌارڪReformer جو ڪردار ڪري عورتن کي سماجي حقن جي آگاهي ڏني، کين وهمن، ڀرمن، وسوسن ۽ سَنسن مان ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي. منجهن تعليم جي شعور سان گڏ هُنرن لاءِ دلچسپي ۽ گهرداريءَ جي ساڃاهه پيدا ڪئي. هوءَ پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري ڳوٺن ۾ پهچـنـدي هـئي. عـورتـون، داديءَ کـي رحـمـت جـو فـرشـتو سمجهـنديون هـيـون. هن انهي عرصي ۾ عورتن جي اهميت، تعليم ۽ هنرن بابت ڪيترا راڳ تيار ڪرايا، جيڪي کين ڳائي ٻڌائيندي هئي ۽ سندن همت وڌائيندي هئي. ’اي سنڌوءَ جي سگهڙ سياڻي‘ ۽ ’ڏي سنڌي عورت ساک سچي!‘ جهڙا گيتَ داديءَ ته ان ئي عرصي ۾ لکيا ۽ ڳاتا. سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو: اي سنڌوءَ جي سگهڙ نياڻي، تنهنجي هوندي ڇو سنڌڙي ويڳاڻي، تون ته ناز و ادا کان نياري، تون ته بيشڪ آهين نوري نماڻي. پهرين اپريل ۱۹۸۱ع تي سنڌ ۾ پهرين ’عورت ڪانفرنس‘ ڪراچيءَ ۾ ڪوٺائي وئي هئي، جنهن ۾ داديءَ پنهنجي ٽيم سان ان جو مُکيه گيتTheme Song تيار ڪري ڳايو، جنهن جا ٻول هئا: ’ڏي سنڌي عورت ساک سچي!‘ دادي ليلاوتي اپوا، ريڊ ڪراس، روٽري ڪلب، لئميڪ ۽ ٻين ادارن معرفت ڪيترائي سماجي ڀلائيءَ جا ڪم ڪيا. داديءَ کي هڪ پٽ ڊاڪٽر پرديپ ڪمار آهي، جنهن جو ڪوڏاڻو نالو ’چاند‘ آهي. سندس نُنهن ’ڊاڪٽر ڪُسم پرديپ‘ به ڊاڪٽر آهي ۽ کين ٻه ٻار آهن. تازو ڪجهه سال اڳ اسپتال ڀيڙي ٿي، جڏهن روڊ حادثي ۾ کيس ڌڪ لڳا هئا، نه ته جسماني بيماري، مٿي جي سور ۽ بخار ۾ به ڪڏهن مبتلا نه رهي، اُن جو سبب دادي جو صحت جي نيمن جو پالن ڪرڻ، سادو کاڌو کائڻ ۽ سادگيءَ سان زندگي گذارڻ جو طور طريقو هو. دادي ليلاوتيءَ کي صدارتي اوارڊ ۽ ٻيا ڪيترا اوارڊ مليا. دادي ليلاونتي ۱۳ سيپٽمبر جي رات جو لاڏاڻو ڪري ويئي. سندس اعليٰ خدمتن تي کيس صدين تائين سنڌ ياد رکندي. هڪڙي هئي هيرآباد جي دادي ليلان امداد سومرو ڏهاڪو کن سال اڳ هن وٽ ڪهي وڃڻ کانپوءِ سوچيم پئي ته هن وٽ ڪڏهن هيرآباد مان گذرندي طبع پرسيءَ لاءِ وڃان تان جو موت جو گهوڙو بنا رڪاب جي آيو ۽ هن کي کڻي ويو. هڪ صديءَ جي عمر رکندڙ دادي ليلان جو موت شخصيت کان وڌيڪ سنڌ جي هڪ صديءَ جو موت آهي. دادي ليلان جيڪڏهن واقعي به سنجيدگيءَ سان يادگيرين تي ٻڌل ڪتاب لکي ها ته اهو سنڌ جي هڪ صديءَ جي تاريخ هجي ها جنهن ۾ ٻين ڪتابن جا حوالا نه پر پنهنجا اکين ڏٺا مشاهدا هجن ها. ننڍڙي سان فرانسيسڪو جهڙو شهر ڪيئن لٽيرن جي ور چڙهيو، اهو دادي ليلان کان وڌيڪ ڪير پئي ڄاڻي سگهيو. حيدرآباد جي هيرآباد واري علائقي ۾ سنڌ جي ڪنهن دور جي ناليواري تعليمدان، ايجوڪيشن شعبي جي ڊائريڪٽر، صوفي شاعره ۽ ڪنهن وقت جي سرگرم خاتون پارليامينٽرين دادي ليلان جو گذريل رات ديهانت ٿي ويو. هوءَ عظيم صوفي دانشور ۽ شاعر ساڌو واسواڻي جي مريدياڻي ۽ شاگردياڻي هئي. شاهه عبدالطيف جي شاعريءَ سان عشق هن کي ساڌو واسواڻي کان مليو. هوءَ عمر جي آخري گهڙي تائين ٽن شين کي وساري نه سگهي جن ۾ شاهه لطيف، سنڌ ۽ سنڌي ٻولي ۽ ساڌو واسواڻي شامل آهن. ۱۰۲ سالن جي ڄمار ۾ ديهانت ڪندڙ دادي ليلان ورهاڱي جي ڏک ۽ تڪليفن کي اکين سان ڏٺو. لڏپلاڻ دوران هنن ڪيترن ئي لڱ ڪانڊاريندڙ واقعن کي ڏٺو جيڪي هن جي ذهن تي نقش ٿي ويا پر ان باوجود هن ڌرتي ۽ پنهنجي هيرآباد کي نه ڇڏيو. هيرآباد ۾ هن جو گهر به ساڌو واسواڻي جي گهر ڀرسان آهي. هيرآباد ۾ اهو پپر جو وڻ اڃا به موجود آهي جتي ساڌو واسواڻي جو گهر هو. شايد اڃا به هن جي گهر جي لڪڙيءَ جي بالڪوني جابجا موجود هجي. دادي ليلان جو گهر ساڌو واسواڻيءَ جي گهر ۽ ميران اسڪول ۽ ليڊيز ڪلب هيرآباد جي وچ تي آهي. وچ هيرآباد ۾ دادي ليلان جو گهر هو جتي هن جي پونئيرن گهر سان گڏ ڪلينڪ پڻ کولي هئي. وڏي ڳالهه ته ان هڪ صديءَ جي گهر ۾ ڪا به تعميراتي تبديلي نه ڪئي وئي هئي ۽ اهو گهر اڄ به ساڳي ريت جڙيل آهي ۽ موجود آهي. مون کي ۱۹۹۸ع جي هڪ شام جو داديءَ ٻڌايو هو ته هن ليڊيز ڪلب هيرآباد ۾ راڳ رقص جي سکيا ورتي هئي جيڪو ان وقت اليٽ هندن جي عورتن جو ڪلب هوندو هو. ان ڪلب ۾ ڪلڪتي جا ڪٿڪ ڊانس ماسٽر ڇوڪرين کي ڪٿڪ سيکاريندا هئا ۽ ٻيو راڳ جي سکيا ڏيندا هئا. اهو ڪلب پوءِ بلڊر مافيا جي قبضي کان ذري گهٽ بچيو هو. اتي هاڻ هڪ اسڪول هلي ٿو بس. ان جي ئي ڀر ۾ ميران اسڪول آهي. شاندار ڳاڙهسري عمارت.. پر جيئن ورهاڱي کانپوءِ هر شيءِ جا نالا مٽايا ويا ميران اسڪول جو نالو بدلائي ان کي مسلمان ڪيو ويو. جسم سان گڏ روح به بدلجي ويا. مون کي ڪي سال اڳ ان عمارت جي ورانڊي ۾ ساڌو واسواڻيءَ جي تصوير نظر آئي هئي، پتو ناهي ته اڄ اها تصوير اتي موجود به آهي الائي نه. دادي ليلان سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ هميشه ڪوشان رهي ۽ ان وقت به جڏهن سنڌي ٻوليءَ کي پوئتي ڪرڻ جا ڪيئي طريقا آزمايا ويا. دادي ليلان جڏهن عزيزن وٽ ڀارت ويندي هئي ته اتي سنڌي هندن جي نئين نسل کي سنڌي ٻوليءَ جي سکيا توڻي سنڌي ٻولي لکڻ ۽ ڳالهائڻ لاءِ تلقين ڪندي رهندي هئي. هوءَ چوندي هئي ته مون کي ڀلي ٻين ٻولين تي دسترس هجي پر منهنجي ماءُ ٻولي رڳو سنڌي آهي. هوءَ صوفي مزاج اسڪالر هئي ۽ ڪنهن لاءِ به ڀيد ڀاو نه رکندڙ نسل جي نمائنده خاتون هئي. اها ٽهي هاڻ اسان وٽان تيزيءَ سان گم ٿي وئي آهي. دادي ليلان سنڌ سان گڏ پنهنجي شهر حيدرآباد جي عروج ۽ زوال جي پڻ اکين ڏٺي شاهد هئي ته ڪيئن هيءُ شهر اجاڙيو ويو. هوءَ هيرآباد جي جن گلاب ڌوتل رستن تي گهمي هئي اتي پوءِ لڏپلاڻ وقت فسادن دوران رت وهندي پڻ ڏٺو. ڪيئن سنڌي هندن جي گهرن تي راتين جو راتاها لڳندا هئا ۽ ڪيئن خوف شهر تي ڇانيل رهندو هو، هن اهي سڀ وارتائون پاڻ ڏٺيون هيون. هوءَ سنڌي، هندي ۽ انگريزي شاعريءَ تي هڪ جيترو عبور رکندي هئي پر هن جو لاڙو گهڻو تڻو سنڌي شاعري طرف هو. هوءَ ساڌو واسواڻي جا ڀڄن به دل سان ڳائيندي هئي. جڏهن سندس طبعيت اڃا چڱي هئي تڏهن شام جو هن جي گهر مان رستي ويندڙن کي هارمونيم جي سرن تي ڀڄن ٻڌندي ملندا هئا. هوءَ شاهه لطيف جا تقريبن سر خاص ڪري سر مارئي ڏاڍي اڪير سان ڳائيندي هئي. دادي ليلان وڏي تعليمدان هئي. ان دور ۾ جڏهن عورت تعليم جو ڪلچر بنهه نه هجڻ برابر هو تڏهن هن نه رڳو اعليٰ تعليم حاصل ڪئي پر پوءِ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جوائن ڪري خاص ڪري نياڻين جي تعليم لاءِ ڪافي ڪم ڪيو. دادي ليلان درسي ڪتاب پڻ لکيا ته شاعري جا پڻ ڪتاب لکيا. ڪيئي سال اڳ مان هن جي گهر ڪهي ويو هوس ته هن منهنجي خاطر تواضع پاپڙن ۽ چانهه سان گڏ ساڌو واسواڻي جي انگريزيءَ ۾ لکيل شاعري، شاهه لطيف جي سر مارئي جي انگريزي ترجمي سان ڪئي هئي. هن ان شام جو لوڪ گيت به ته ڳاتا هئا ۽ هارمونيم پڻ. ڪي سال لنگهي وڃڻ کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر مان تڏهن وٽس لنگهي ويو هوس جڏهن هڪ ٽي وي چئنل لاءِ ميران اسڪول تي ڊاڪيومينٽري پئي ڪيم. هوءَ تڏهن به ساڳي اڪير سان ملي هئي. هوءَ ان ڏيهاڙي به عظيم صوفي دانشور ساڌو واسواڻي ۽ شاهه لطيف کي ياد ڪري رني هئي. هن ان ڏينهن به هارمونيم کنيو ۽ ڪجهه ڳائڻ لڳي هئي. هوءَ ان ڏيهاڙي به رني هئي. (شايد آخر ۾ زندگيءَ جي ميڙي چونڊي پوءِ بس ڳوڙهن جي صورت ۾ بچي ٿي). دادي ليلان رٽائرمينٽ کانپوءِ وارا زندگيءَ جا باقي ۴۲ سال به ساڳي دل سان انهن ئي آدرشن سان جيئندي رهي جيڪي هن جي مرشد ۽ استاد ساڌو واسواڻي کيس امانت طور سونپيا هئا. هن وٽ ورهاڱي کان اڳ واري سنڌ جون ڪيئي ڳالهيون، مشاهدا ۽ ساروڻيون هيون جيڪي هوءَ پاڻ سان گڏ کڻي قديمي مساڻ ڀيڙي ٿي. پر هڪ ڳالهه جيڪا هن جي سهري تي وڃي ٿي سا آهي ته هن پنهنجي جنم ڀومي، شهر ۽ پاڙي کي نه ڇڏيو. هن ويندي گهر ۾ مرمتي تبديلي به ڪرڻ نه ڏني ڇو ته ان ئي گهر ۾ هن ننڍپڻ گذاريو هو ته جواني ۽ پيرسني به. هن جو ديهانت سنڌ جي هڪ صديءَ جي جيئري جاڳندي تاريخ جو نقصان آهي. هيرآباد ۾ جيڪي هاڻ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا قديم گهر بچيا آهن انهن ۾ دادي ليلان جو گهر سرفهرست آهي. ”مان ان وقت اسڪول ۾ پڙهندي هيس. سهميل هيس. رات جو گهرن ۾ لٽيرا اچي هندن کان گهر خالي ڪرائيندا هئا يا پئسو زيور ڦريندا هئا“، هن مون کي ٻڌايو هو:”مان هنن کان نه ڄندي هيس ۽ دروازو بند ڪري ويٺل هوندي هيس ته جي ڪو ڦورو آيو ته گهٽ نه ڪنديمانس“. اهو چئي هوءُ ٻارن وانگر پنهنجي کل روڪي نه سگهي هئي. هوءَ ڄڻ گارشيا مارڪئيز جي ناولن جهڙي دادي هئي جنهن وٽ قصن ڪهاڻين جي املهه ميراث کانسوا پونئيرن لاءِ ڪو نه هو. اها املهه ميراث ئي ڪنهن به ماڻهو، ڪنهن به ڌرتيءَ ۽ نسل جي اصل ميراث هوندي هئي. ڪتابن ۾ ڪجهه به محفوظ هجي، پر اصل تاريخ سينا به سينا منتقل ٿيندي رهي ٿي. ٽيليڪميونيڪيشن جي هن ايج ۾ ان جي سارسنڀال ڪير ٿو لهي! ان ڪري دادي ليلان گهڻو تڻو اسان جي سماج ۾ اڻ ڳاتي رهجي وئي. ايئن ٿيڻ نه گهربو هو. دادِي لِيلاوتي هرچنداڻي حيدرآباد جي ھير محمود مغل دادِي لِيلاوتي هرچنداڻيءَ جهانُ ڇڏيو. علم و ادب جو هڪ استعارو، موسيقي، سِکيا، جاڳرتا، ماڻهپي ۽ سوچ جو هڪ چوکو رنگُ، اجل جي ڌنڌ ۾ گم ٿي ويو. دادي وڃي چڪي آهي. هڪ طويل ساٿُ رهيو داديءَ سان. ڊسمبر ۱۹۹۳ع ۾ ڪيل سندن ٽيليوزن انٽرويوءَ کان جو سلسلو شروع ٿيو، ته ڄڻ فقير گهرڀاتي بڻجي ويو ۽ ۲۴ سال اها نسبت قائم رهي. جيتوڻيڪ ميل ملاقات جو جهانُ ڪو گهڻو آباد نه رهيو، پر بهرحال اهو ڏَڍُ ته ”دادي آهي“، هن پاڙي ۾ سندس خوشبو وسي ٿي، جِيءَ ۾ جايون جوڙيندڙ هو. هيرآباد، هيرآباد لڳندي هئي. دادي جو اتي رهندي هئي. اُن هيرآباد سان سندس جِيءُ جَڙيل هو. داديءَ سڄي عمر اُتي ڏني ۽ آخري پساهه به اتي پورا ڪيائين. کيس پنهنجي وچن کي نڀائڻ جو ڏانءُ هو. ۲۰ ڊسمبر ۱۹۱۶ع تي حيدرآباد شهر ۾ چيف اڪائونٽنٽ هوتچند واڌواڻيءَ جي گهر هڪ نياڻيءَ جو جنم ٿيو، جنهن جو نالو لِيلاوتي رکيو ويو. تعليمي گهراڻي سان تعلق رکندڙ هن نياڻيءَ بنهه ننڍپڻ کان ڪتابي علمَ ۽ علمِ موسيقيءَ سان ساهه سانڍيو. ۸ سالن جي عمر کان هن هارمونيم وڄائڻ شروع ڪيو ۽ باقاعده راڳ جي سکيا به حاصل ڪيائين. سندس گهر ۾ خوش گُلُو فردن جو انگُ وڌيڪ هيو. هُوءَ پاڻ به ڳائيندي هئي ۽ ٻين سان موسيقيءَ جي حوالي سان شراڪت به ڄڻ سندس اندر جو حصو هو. ۱۹۴۰ع ۾ گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ سُتت ئي کيس پنهنجي حياتيءَ جي پهرين سرڪاري نوڪري ملي هئي ۽ هُن ”ميوزڪ ٽيچر“ جي حيثيت سان پنهنجي عملي حياتيءَ جو آغاز ڪيو. ”منهنجو آواز ننڍپڻ کان ئي ڏاڍو سٺو هو.“ ڊسمبر ۱۹۹۳ع ۾، پاڪستان ٽيليوزن جي پروگرام ’اڄ جو مهمان‘ ۾ هن فقير کي انٽرويو ڏيندي هُن ٻُڌايو هو، ”پر پوءِ مون کي سُتت ئي لڳو ته ماڻهو ڳائڻ کي سُٺي نظر سان نٿا ڏسن، ڳائڻو يا ڳائڻي ٿا سڏين. مون کي ٿيڻو هو استاد...هاڻي چوڻ ته اها ڳائڻي استاد آهي...سو اها ڳالهه مون کي نه وڻي، پر پوءِ مون ڳائڻ وري به ڪونه ڇڏيو. نجي محفلن ۾ ڳائيندي هئس. جنهن زماني ۾ بِي ٽِي ڪندي هئس، تنهن زماني ۾، ريڊيو تي منهنجا مهيني ۾ ۴ پروگرام هوندا هئا ۽ تنهن کان سواءِ ”هِز ماسٽرس وائيس ڪمپنيءَ“ منهنجا چار لانگ پلي رڪارڊز به ٺاهيا هئا.“ اسڪرين تي سندس مُشڪ ۽ نيڻن جي جرڪَ موهيندڙ آهي. مان انٽرويوءَ کي ٽرانسڪرائب ڪندي، سندس وجود جي مهڪ محسوس ڪيان ٿو. ”مون اسڪولن ۾ ته انگلش ۽ مئٿاميٽڪس تي زور ڏنو، ڇاڪاڻ ته ان زماني ۾ نياڻين ۾ انهن سبجيڪٽن کي سمجهڻ جي ڏاڍي ڪمزوري هئي ۽ انسپيڪٽريس آف اسڪولس جي حيثيت سان سڄيءَ سنڌ جا دورا ڪيم ۽ انهن سبجيڪٽن تي زور ڏنم. مان ايڊيشنل ڊائريڪٽر اسڪولس، اسٽيٽسٽيڪل آفيسر ۽ اڪائونٽس آفيسر به رهيس. مٿان وري مون تعليمِ بالغان تي به وڏو زور رکيو.“ ڀيروي، مالڪوس، آساوري ۽ ڀيم پلاسي پسند ڪندڙ دادي، اسڪول جي اسيمبليءَ ۾ دعا ۽ تراني ڳائڻ ۾ هارمونيم پاڻ وڄائيندي هئي. هُوءَ ڪهاڻيڪاره، شاعره، نثر نگار ۽ اعليٰ درجي جي منتظم هئي. کيس عورتن بابت بيحد ڳڻتي هوندي هئي ۽ اهڙو اظهار، سندس سِٽُن ۾ به واضح نظر اچي ٿو. اَي سنڌُ جي سُگهڙَ سياڻي، تون ته ڏاڍي آهين مون کي پياري تنهنجي رَڌَپچاءَ ۾ رَسُ آ، تنهنجي ڏوئيءَ ۾ ڪيڏو نه ڏسُ آ تنهنجي چانوَرَ جي چِلڙَي ۾ چَسُ آ، تنهنجي پَلَي ۽ آنِيءَ جي آس آ تنهنجي جَوئر جي ڍوڍَي ۾ جَسُ آ، تنهن هوندي به مُنهن ڇو لٿل آ تنهنجي سَيبَي ۽ ٽوپَي ۾ سونهَن آ، تنهنجي ڀرتَ ۽ گجَ ۾ ڪشِش آ تنهنجي سڳيُن ۽ سُوسيُن ۾ سهاڳُ آ، تنهنجي اجرڪَ ۽ ٽوپيءَ ۾ شان آ اَي سنڌُ جي سُگهڙَ سياڻي، تون ته ڏاڍي آهين مون کي پياري دادي لِيلان، پنهنجي زماني جي هڪ سخت منتظم ليکي ويندي هئي. اهو زمانو هو جڏهن تعليم جي ميدان ۾ دادي لِيلان، آپا شمس عباسي، محترمه حميده حيدر جهڙين خواتين جا نالا، سروس بورڊس تي چمڪندا هئا ۽ ملاقاتين جو جهڙو ساهُه سُڪي ويندو هو. ”هئس سخت...بلڪل هئس“ هُوءَ مرڪي ٿي، ”ٿيڻو پوي ٿو دادا...نياڻين جو معاملو آ...ڳوٺن ۾ آرڊر ڏيڻ کان پهرين، ڇوڪريءَ جي ماءُ کان پڇندي هئس، ته تون ويندينئس گڏ؟...اتي رهندينءَ؟ پوءِ ان کان پڪ ڪري ٻنهي کي گڏ موڪليندي هئس. ڪانٽيجنسيءَ مان اهڙو ڪو انتظام ڪندي هئس، جو تقريبن هڪ پٽيواليءَ جيترو پگهار ارينج ٿي سگهي. ان جو بندوبست ماءُ لاءِ ڪندي هئس، پر ٻُڌائيندي نه هئس. متان هُوءَ پاڻ کي انفيرئر سمجهي ته ڌيءَ ماسترياڻي، مان پٽيوالي...پر اک سڀني تي ڪَرڙِي رکندي هئس.“ دادِي، ۱۹۸۵ع کان ۱۹۸۸ع تائين سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر رهي ۽ اتي به سندس آواز سدائين جيان بلند رهيو. ”مون جيڪِي به مدد ڪئي، جيڪا به نوڪري ڏنم، اهو حال سارُو ڪيم. جنهن جو حال اڀرو رهيو، مون ان جو هٿُ ڪڏهن نه ڇڏيو.“ ”توهان جي خيال ۾ دادِي اسان جي تعليم ترقي ڪئي آهي يا تنزل جو شڪار آهي؟“ منهنجي سوال تي، هيل تائين ڪڙڪي سان ڳالهائيندڙ دادِيءَ جو ڪنڌ جُهڪي ٿو، سندس چهري تي عجيب لڄ اچي ٿي. شرمساري واضح طور پڙهي سگهجي ٿي. هُوءَ جهيڻي آواز ۾ وراڻي ٿي، ”دادا...ترقي نه ڪئي آ...“ تعليم کي پنهنجي حياتيءَ جي اڌ صدي ارپيندڙ مهربان وجود تقريبن ۲۴ سال اڳ به اها ورندي ڏئي ٿو ۽ شايد اها ئي سوچ هئي، جو انٽرويوءَ جي پڄاڻيءَ ۾ پيغام ڏيندي هُن چيو هو، ”مالڪ شل مهربان ٿئي...بس سڀ پاڻ سان سچا ٿين...بس، پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي قوم سان سچا ٿين.“ سندس لهجي جي اُڪير، دعا جي طلب ۽ ايندڙ وقت ۾ آسرو صاف ڏسڻ ۾ اچي ٿو. خميس ۱۴ سيپٽمبر ۲۰۱۷ع تي حيدرآباد شهر سان بيپناهه محبت ڪندڙ دادي لِيلاوتي هرچنداڻيءَ کي هتي ئي اگني سنسڪار جو موقعو مليو. هن سڄي عمر هن شهر سان والهانه محبت ڪئي هئي ۽ جنهن گهر ۾ پرڻجي آئي هئي، اُتان ئي سدائين لاءِ رخصت ٿي. دادِي، اهو ڊاڪٽر چاند هجي...اوهان جو رَتَ ڄائو يا ڀاڀي ڪُسم، اوهان جي نُنهن...اوهان جا پوٽا پوٽيون هجن يا اسين سڀ...اوهان جي محبت، عنايت، سِڪَ ۽ اُڪيرَ ۽ اسان سڀني لاءِ علم، حلم، سٺي حياتي گذارڻ ۽ سٺي ڪردار لاءِ سوچڻ تي اوهان جا ٿورا ادا ڪيون ٿا. ذاتي حوالي سان هڪ ڀيرو ڪچهري ڪندي هُن چيو هو، ”هيرآباد ۾ منهنجو رڳو بُت ناهي، ساهُه به آهي. اهي رڳو لفظَ ناهن ڇوڪرا، منهنجي اندر ۾ هيرآباد جي هِيرَ هُري ٿي. مان نه هونديَس ته اها پئي منهنجيون پُڇائون ڪندي.“ هاڻي جڏهن هُوءَ پنهنجي سفر تي رواني ٿي وئي آهي ته هيرآباد جي هيرَ، ڪنهن کان به ڪجهه پُڇڻ نٿي چاهي. کيس خبر آهي ته جوابَ قدردانن وٽان ئي ملندا آهن ۽ دادِي لِيلان جهڙو قدردان هرڪو ناهي هوندو. جهالت جو جِنُ ۽ ليلاوتي وسعت الله خان ورهاڱي کان اڳ سنڌ ۾ شهر جي وصف اها هئي ته ايترا خيراتي شفاخانا ۽ تعليمي ادارا هجن جو ڪنهن کي مايوس ٿي نه موٽڻو پئي. ان ڪم لاءِ سرڪار جو انتظار نه ڪيو وڃي پر جنهن وٽ به درد رکندڙ دل ۽ پئسا هجن، اڳتي اچي ته جيئن ٻيا به ان جي مدد لاءِ اڳتي اچن. ان وصف تي ٽي چار شهر ئي پورو لهندا هئا. شڪارپور جتي راءِ بهادر اڌاداس تاراچند اسپتال سڀني لاءِ هئي. عاجزيءَ جي حد اها هئي جو راءِ بهادر اسپتال جي ڏاڪڻ تي پنهنجو نالو اهڙي نموني لکرايو ته جيئن ان تي پير ڏيڻ بنا اسپتال ۾ داخل ٿي نه سگهجي. عورتن لاءِ هيرانند گنگا ٻائي ليڊيز اسپتال الڳ هئي، سنڌ ۾ ڇوڪرين لاءِ پهريون ايشوريا گرلز هاءِ اسڪول، قاضي محلا (نادر وارو) بوائز اسڪول ۽ پهريون ڪاليج چيلا سنگهه سيتل داس جي نالي سان شڪارپور ۾ قائم ٿيو. سٺ سيڪڙو شڪارپوري مسلمانن ۽ چاليهه سيڪڙو هندن لاءِ، هي سڀئي فلاحي ادارا، ڀائي بند واپاري هندن ان دور ۾ قائم ڪيا. جڏهن شڪارپورين سوشل ريسپانسبلٽي جو اصطلاح اڃا ايجاد ئي نه ٿيو هو. اهو حال ڪراچيءَ جو به هو، جتي هندو ۽ پارسي سرنديءَ وارن، تعليمي ادارا ۽ اسپتالون، ان جذبي سان قائم ڪيون. حيدرآباد ۾ اهو ئي ڪم عامل هندو ڪميونٽيءَ ڪيو. سنڌ ۾ جيتوڻيڪ مسلمان اڪثريت ۾ هئا پر فلاحي ڪمن ۾ غيرمسلم اڳتي هئا. اهم ڪارڻ هي هئا ته اڪثر مسلمان آبادي، ٻهراڙي ۽ غيرمسلم آبادي شهري هئي. واپاري شهري ملازمتن جي حوالي سان پئسو ۽ خواندگيءَ جي وڌيڪ شرح هئڻ سبب، مسئلن ۽ انهن جي حل تي سندن وڌيڪ ڌيان هو. فضول خرچي ۽ ڏيکاءَ کان بچندي ڪميونٽيءَ جا وڏا، پنهنجي ٻارڙن جي تربيت به اجتماعي بهتريءَ واري سوچ سان ڪندا هئا. سو مستقبل ۽ ترقيءَ جي حوالي سان سندن سوچ ۽ نگاهه وڌيڪ عميق هئي. جيتري تائين مسلمانن جو معاملو آهي ته بعضي بعضي ڪنهن رقم لاءِ، عددي اڪثريت مان حاصل ٿيندڙ تحفظ جو احساس به پنهنجن يا ٻين لاءِ پري ڊگهي سوچ واري رفتار به سست ڪري ڇڏيندو آهي ۽ جي وري سياسي طاقت به پاڻ وٽ هئڻ جو احساس هجي ته حساسيت ويتر گهٽ ٿيو وڃي ٿي. ڪجهه ڪسر وري اهي ملا حضرات به پوري ڪندا رهيا آهن، جيڪي حالتن کي پرکڻ ۽ پروڙڻ بنا، مسلمانن کي ٻڌائيندا رهيا ته تعليم بس ايتري ئي ڪافي آهي جو قرآن پاڪ پڙهي سگهجي ۽ دنيا ته بس عارضي آهي، اصل سيڙپ ته آخرت لاءِ آهي. تعليم خاص ڪري عورتن لاءِ نظريو هي هو ته جي ڇوڪرين کي اسڪول موڪليندا ته انهن ۾ اخلاقي خرابيون پيدا ٿينديون. پر اهي شايد اهو ٻڌائڻ وساري ويٺا ته اسلام ۾ انسانيت جي فلاح، صحت ۽ صفائي گهٽ حيثيت ۽ مستحقن جو خيال رکڻ تي ڪيترو نه زور ڀريو ويو آهي. ڇو جو دنيا سنوارڻ بنا عاقبت نه ٿي سڌري سگهي. سو جن مسلمانن کي انسانيت جي فلاح جو پيغام سمجهه ۾ آيو تن ان جو ثبوت به ڏنو، مثال طور ٽنڊي باگي ۾ مير غلام محمد ٽالپر جو گرلس اسڪول، ويم گهر ۽ دائي تربيتي مرڪز، حيدرآباد ۾ نور محمد هاءِ اسڪول، خان بهادر محمد صديق جو مدرسة النبات هاءِ اسڪول، سردار بهادر محمد بخش شيخ جو حمايئت الاسلام گرلز اسڪول، ويمن هيلٿ سينٽر، ميٽرنٽي هوم ۽ ڪراچي ۾ سنڌ مدرسة الاسلام وغيره. ورهاڱي کان اڳ، سنڌ ۽ ننڍي کنڊ جي ٻين علائقن جي مجموعي سماجي تصوير هي هئي جو غير مسلم شهري برادرين ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي تعليم تي هڪ جيترو زور هو ۽ مسلمان برادرين ۾ پراڻن جاگيرداراڻن ۾، قدرن مضبوط هئڻ ڪري، ڇوڪرين جي تعليم تي گهڻو ڌيان نه هو. ڇوڪرين کي اعليٰ تعليم ڏيارڻ جو عام طرح ته ڪو تصور ئي ڪين هو. ان سڄي پس منظر ۾ دادي ليلاوتي واسواڻي سنڌ جو آخري تهذيبي ڪردار آهي، جيڪا چار ڏينهن اڳ هڪ سئو ٻه ورهين جي ڄمار ۾ موڪلائي وئي. ليلاوتي ويهه ڊسمبر اڻويهه سئو سورنهن ۾ حيدرآباد جي هڪ آسودي عامل خاندان ديوان هوت چند تيرٿ داس واڌواڻي جي گهر ۾ جنم ورتو. ڪندن مل اسڪول مان ميٽرڪ ڪئي، رواج موجب ڀڄن گائيڪي جي تعليم چئن سالن جي عمر ۾ ئي استاد جوشيءَ کان حاصل ڪئي. انهن ڏينهن ۾ ڇوڪرين لاءِ سرڪاري هاءِ اسڪول جي سهولت ميرپورخاص، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۽ ميٽرڪ کان مٿي پڙهائي ۽ امتحان جي سهولت صرف ڪراچيءَ ۾ ميسر هئي. اڻويهه سئو چاليهه ۾ جنهن سليڪشن بورڊ ليلاوتيءَ کي ٽريننگ اسڪول فار ويمن لاءِ موسيقي جي استاد طور چونڊيو، ان ۾ وزير تعليم جي ايم سيد ۽ سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر ميران محمد شاهه به شامل هئا. زندگي درست نموني هلي رهي هئي جو ستن سالن کان پوءِ ورهاڱي جو شور اٿيو ۽ آر پار لڏپلاڻ شروع ٿي وئي. ليلاوتي جا ٻئي ڀائر ڀارت لڏي ويا پر ليلاوتي انڪار ڪري ڇڏيو، هن جي گرو ساڌو ٽي ايل واسواڻي سمجهيو ٿي ته نئين ملڪ کي اسان جي ضرورت آهي، هن کي محمد علي جناح جي قيادت تي مڪمل يقين هو. جناح صاحب لاڏاڻو ڪري ويو ته گرو جي ورت رکيو ۽ گيتا جي تلاوت ڪندو رهيو. ٿوري عرصي ۾ ئي حالتون اهڙيون تنگ ٿي ويون جو خود گرو کي به ڪوچُ ڪرڻو پيو. پر هو ليلاوتي کي نصيحت ڪري ويو ته پوري ڪوشش ڪجانءِ ته مٽيءَ سان ڳنڍيل رهين ۽ ڌرتيءَ جي خدمت ڪندي رهين. ليلاوتي اڻويهه سئو ٻاونجاهه ۾ ڪراچيءَ جي اين جي وي اسڪول مان بيچلر آف ٽيچنگ جي ڊگري حاصل ڪئي. تعليم دوران ريڊيو پاڪستان ۾ ڪجهه عرصو گلوڪاري به ڪندي رهي. اڻويهه سئو چوونجاهه ۾ سول سرجن تلسي داس هرچنداڻي سان شادي ٿيس، هڪڙو پٽ پرديپ ڪمار اٿس. جنهن ليلاوتي کي باقي سنڌ ”دادي ليلان“ جي نالي سان سڃاڻي ٿي تنهن جو آدرشي سفر ميرپور خاص کان شروع ٿيو، جڏهن هوءِ هاءِ اسڪول جي هيڊ ماسترياڻي ٿي. هن ڏٺو ته اسڪول ۾ گهڻو ڪري هندو ڇوڪريون آهن. ميرپورخاص ۽ ٿرپارڪر ۾ ڳوٺ ڳوٺ ۾ وڃي مسلمان خاندانن کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پنهنجي نياڻين کي اعليٰ تعليم ڏيارين. بقول ليلاوتيءَ جي؛ انهن خاندانن کي سڀ کان وڏو خوف، جنهن تي مان کلندي هيس، هي هو ته جي انهن ڇوڪرين لکڻ پڙهڻ سکي ورتو ته پوءِ اهي لڪي لڪي ڇوڪرن کي پيار جا پتر لکنديون ۽ اڻ پڙهيل والدين کي خبر ئي نه پوندي. پر جنهن جنهن خاندان جو اهو وهم ليلاوتي ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي، تنهن ليلاوتيءَ جي بي لوثيءَ تي اعتبار ڪندي، پنهنجي ڌيئن کي اسڪول موڪلڻ شروع ڪري ڇڏيو. جڏهن ليلاوتيءَ جي بدلي ٿي ته ان وقت تائين هاءِ اسڪول ۾ پنج سؤ مسلمان ڇوڪريون داخل ٿي چڪيون هيون. نامياري صحافي ليکڪ ۽ شاعر حسن مجتبيٰ جي هڪ مضمون مطابق هڪ ڳوٺ ۾ جڏهن ليلاوتي وئي ۽ ڪو هوائي جهاز مٿان گذريو، ڪجهه عورتون ڊڄي ويون، جن آيو جن آيو جو شور شروع ٿي ويو. ليلاوتي هڪ نظم لکيو، جنهن جو نچوڙ هي هو ته؛ اي سنڌ جون ڌيئرون! اوهان ايتريون بي جند ۽ نا خواندي ڇو آهيو؟ تعليم حاصل ڪري جهالت جو جن ڇو نه ٿيون ڀڄايو. هڪ ڀيرو ليلاوتي ٽنڊي آدم ريلوي اسٽيشن تي، ريل جو انتظار ڪري رهي هئي. هڪ اڻ پڙهيل عورت، کيس ٽڪيٽ ڏيکاريندي چيو ته ان تي قيمت ڪيتري لکيل آهي؟ ليلاوتي کي خبر پئي ته بڪنگ ڪلارڪ ان عورت کان وڌيڪ پئسا ورتا آهن. سو هن ڪلارڪ کي پوليس جي ڌمڪي ڏني، اضافي پئسا واپس ڪرايا ۽ عورت کي چيو ته جي تون پڙهي سگهين ها ته ائين نه ٿئي ها. پنهنجين نياڻين کي اسڪول موڪل ته جيئن انهن سان ائين نه ٿئي. ليلاوتي ان عورت جي ڳوٺ وئي ۽ هن جي نياڻين کي اسڪول آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. ليلاوتي ويمن ٽريننگ ڪاليج جي پرنسيپال رهي. جڏهن انسپيڪٽر آف گرلز اسڪولز جي عهدي تي هئي ته بقول سندس هڪ ڏينهن ميهڙ جو هڪ وڏيرو ڪجهه هٿياربند ماڻهو ساڻ ڪري سندس آفيس ۾ گهڙي آيو ۽ ڌمڪي ڏني ته جي هن سندس علائقي ۾ اسڪول کوليو ته چڱي نه ٿيندئي. مان انهن سڀني کي چيو ته اوهان ايڏو ڊگهو سفر ڪري آيا آهيو، ويهو ٿڌو پاڻي پيئو. ان کان پوءِ مان کين سمجهائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس ته اهي صرف توهان جون نه هن قوم جون به نياڻيون آهن ۽ اسان کي اڻ پڙهيل ڌيئن جي بار جي نه پر تعليم سان مالامال نسل جي ضروت آهي، جيڪي پنهنجي حفاظت پاڻ ڪري سگهن. اڻويهه سئو ڇاهٺ ۾ ليلاوتي ڊپٽي ڊائريڪٽر ايجوڪيشن جي عهدي تان رٽائر ٿي وئي، پر واندي ويهڻ واري ڪاٿي هئي. گرلز گائيڊ جي ڊپٽي ڪمشنر طور ڊگهي عرصي تائين تحريڪ جي رهنمائي ڪندي رهي. ڪميونٽي سينٽري ويمن انڊسٽريل هوم هلائيندي رهي. سماجي ڪارڪن طور به همت نه هاريائين. عورتن جي تنظيم ”ناري سڀا“ جاري رکيائين. هيرآباد ۾ چتربائي جوت سنگهه طرفان عطيي طور ڏنل خانداني زمين تي قائم ليڊيز پارڪ جي زمين هڪ بلڊر طرفان ڦٻائڻ جي ڪوششن خلاف تحريڪ کي منظم ڪيو. اڻويهه سئو پنجاسي ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر بڻي. مٿس واحد الزام اسيمبليءَ ۾ اقليتي ميمبرن طرفان هي لڳو ته پنهنجي ڪوٽا جون اڪثر نوڪريون هندو نوجوانن بدران مسلمانن ۾ ورهائي ڇڏيون. ليلاوتي جو جواب هو مسلمانن ۾ بيروزگاري گهڻي آهي ۽ جڏهن عورتون پيرين اگهاڙي پنهنجي اولاد لاءِ نوڪريون گهرڻ اينديون ته مان ڪيئن انڪار ڪنديس. پڇاڙڪن سالن ۾ يادداشت ڪمزور ٿي وئي هئس، پر هارمونيم تي گرو ٽي ايل واسواڻي ۽ ڀٽائيءَ جو ڪلام روزانو ڳائڻ نه وسريس. تعليم جي شعبي ۾ وڌندڙ ڪرپشن کيس ڏکي ڪري وڌو. چوندي هئي؛ مان ته اڄ تائين پنهنجي پيءَ جي گهر ۾ رهان ٿي پر تعليم کاتي جي آفيسرن ۽ ماسترن راتو رات ڪئين محل اڏي ڇڏيا ۽ تعليم جون عمارتون ويهنديون پيون وڃن. بقول دادي ليلاوتي؛ ”دنيا ۾ دل جو مطلب پورو ٿيو ته ڇا ٿيو“. سٻاجهي نياڻيءَ کان محروم ٿي ويل سنڌ! گل مورو دادي سنڌوءَ جي اها سگهڙ سياڻي نوري نماڻي هئي جنهن ٻهراڙيءَ جي عورتن جي تعيلمي آبياري لاءِ پنهنجي سفر دوران سوين ڳوٺن ۾ پنڌ ڪيا ۽ ديس جي دردوندن جي درن تي وڃي حقيقي سماج واد بڻجي عورتن کي حقن جي آگاهي ڏني، کين شعور ڏنو ۽ فرسوده سماج جي انڌيري مان ڪڍڻ لاءِ وهمن ۽ وسوسن مان ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي. هن تعليم جي شعور سان گڏ هنرن جي به تربيت ڏني ته جيئن ٻهراڙيءَ جون عورتون معاشي طور تي پاڻ ڀريون ٿي سگهن، پنهنجي بکئي پيٽ کي ڀري سگهن ۽ ڪنهن جي آڏو هٿ نه ٽنگين ۽ کين شعوري تعليم ڏيڻ جو به اهو ئي مقصد هو ته نه رڳي پاڻ جهالت واري زندگيءَ کان جان آجي ڪن پر پنهنجي ايندڙ نسل معصوم نينگرن توڙي نينگرين کي علم جي ذريعي پنهنجي وطن، پنهنجي ڌرتي جي فڪري سوچ ڏئي سگهن ته جيئن سماج مان جاهلياڻين رسمن جو خاتمو اچي سگهي. انهيءَ علمي سوچ جي آبياريءَ لاءِ دادي ديس جي دردوندن، بکايلن ۽ ستايلن معصوم ٻارڙن جي جهڳين ۾ وڃي ڏاڏي وارو فرض نڀائيندي علمي آکاڻيون ٻڌايون، روح جون رهاڻيون رچايون. پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري سنڌ جي وستين، واهڻن ۾ جڏهن پهچندي هئي ته سنڌ جون سٻاجهون نياڻيون دادي کي رحمت جو فرشتو سمجهنديون هيون. هن عورتن جي اهميت تعليم ۽ هنر بابت ڪيتريون ئي راڳڻيون ۽ لوريون تيار ڪرايون جنهن ۾ مارئي جي حب الوطن، سسئي جي جدوجهد ۽ نوريءَ جي نوڙت جون علامتون اڄ به موجود آهن. هيءَ ڏيهه جي ڏاهي دادي ليلان ئي هئي، جنهن تعليم کاتي ۾ ۵۸ سالن تائين پنهنجي فرض شناسيءَ سان نڀايو. انهيءَ عرصي دوران به تعليمي جاڳرتا لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيائين ۽ مينڌري جي مومل بڻجي رڃ ۽ اڃ ۾ به راڻو راڻو ڪندي رهي. هن ڪڏهن به مذهبي متڀيد کي اهميت نه ڏني. هن جو هڪڙو ئي منشور ۽ دستور هو ته سنڌ جي اٻوجهه نياڻي علمي اڀياس حاصل ڪري، تڏهن ئي سماج ۾ تبديلي اچي سگهي ٿي. حقيقت ۾ ته هن اصلي سنڌ جو درشن ڏيهه جي ڏوٿيئڙن وٽ وڃي ڪيو. دادي جهالت جي خاتمي لاءِ يونيسيف جي تعاون سان سنڌ جي سوين ٻهراڙيءَ وارن ڳوٺن ۾ ڪميونٽي سينٽر قائم ڪرايا، جتي اڄ به نياڻين جا پرائمري، سيڪنڊري ۽ هاءِ اسڪول هلي رهيا آهن. جڏهن دادي ٽن ضلعن حيدرآباد، ٺٽي ۽ بدين جي ڊي اي او هوندي ايڊيشنل ڊائريڪٽر هئي ته ان عرصي دوران به هن مٿان ڪڏهن به ڪو ڪرپشن جو نشان ئي نه لڳو ڪيترن بيواهن مسڪين عورتن کي تعليم ڏياري روزگار ڏياريو، جيڪي آفيس توڙي سندس گهر اچي دعائون ڏينديون هيون. هيءَ اها دادي هئي جنهن ديس جي محبت ۾ ورهاڱي دوران اڪثر سنڌي هندن کي ڪڍيو پئي ويو ته هن وطن مان بي وطن ٿيڻ قبول نه ڪيو ۽ سنڌ ۾ ئي رهي. ڌرتيءَ جي نياڻين جي نيڻن مان نه رڳي نير اگهيو پر تعليمي شعور لاءِ عملي قدم کڻي سنڌ جي سونهن ۽ سڀيتا کي دانُ ۽ مانُ ڏيڻ لاءِ سندرو ٻڌي نڪري پئي ۽ جهانسي راڻي جيان عملي جهاد ۾ جنبجي وئي. هي راڳ کي روح جي غذا ۽ عبادت سمجهندي هئي. ڇو ته هن پنج سالن جي معصوم عمر ۾ ڀُڄن ڳائڻ شروع ڪيا هئا. هي اها دادي راڳ جي راڻي هئي جنهن گڏيل هندوستان واري وقت ۾ دهلي ۾ ۱۴ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين ڳائڻ واري مقابلي ۾ حصو ورتو هو، انهيءَ راڳ واري مقابلي ۾ سندس عمر ۲۰ ورهين جي هئي. هن دادي ليلان ان وقت هي ميران ٻائي جو مشهور ڀُڄن ڳايو هو. ميرا تو گر ڌر گوپال دوسرا نه ڪوئي وي دادي اهو ڪلاسيڪل انداز ۾ ڳائي سڀني کي ميدان ماري پهريون نمبر حاصل ڪيو هو. دادي جي جيون تي حقيقت ۾ شاهه لطيف ۽ سنڌ توڙي هند جي سنت صوفين جي فڪر جو گهرو اثر هو. حالانڪه هن پنجن ورهين جي عمر ۾ ڳائڻ سکيو، ستن ورهين جي عمر ۾ پراٿنا جا گيت ڳائيندي رهي پر جڏهن سندس سنڌ جي عظيم صوفي شاهه لطيف جي شيدائي ساڌو ٽي ايل واسواڻي سان سٻنڌ ٿيو ته ان ڏينهن کان سندس مٿان شفقت ڀريو هٿ اهڙو ته ڪرشمو بڻجي پيو جو هن جو نصيب نيارو ٿي ويو. هن سنڌي نياڻين کي تعليمي خدمتن دوران شاهه، سچل، سامي، ٽي ايل واسواڻي، نوري، مرزا قليچ بيگ ۽ ٻين ڪيترن ئي اهم شاعرن جا ڪلام ياد ڪرائڻ سان گڏ کين سنڌي تعليم ۽ هنرن بابت پنهنجا ۽ پروفيسر ناگراڻي جا تيار ڪيل گيت پڻ سيکاريا ۽ نياڻين کي وطن دوستي، علم ۽ هنر جي اهميت وارا گيت ۽ نظم سيکاريا ۽ جڏهن ۱۹۴۰ ۾ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جيڪو ديوان ڪوڙل مل چندن مل جي برصغير ۾ وڏي ۾ وڏي نياڻين جي يونيورسٽي ليکي ويندي هئي ته دادي کان نوڪري موسيقي جي استاد ٿيڻ لاءِ سائين جي ايم سيد، ميران محمد شاهه، ڊاڪٽر دائود پوٽي ۽ ٻين عالمن ستن ڏينهن تائين انٽرويو ورتو هو ۽ ان ۾ ڪامياب بڻي. نه رڳي اهو پر جڏهن هن ئي ٽريننگ ڪاليج ۾ ان وقت جي ممبئي جي گورنر مودي جي گهرواري سنڌ ياترا ڪرڻ آئي هئي ته خطاب ڪندي چيو هيائين ته دادي نه رڳي سنڌ جي پر پوري برصغير جي دادي آهي ۽ جيڪڏهن هي هند هلي اهو ئي علمي درس ڏئي ته اسين کيس سڄي هند ۾ سندس علمي درسگاهون کولي ڏيڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏينداسين پر ڏٺو وڃي ته هتي تعليم جي فقدان هوندي به علمي اڀياس لاءِ جيڪي هن کان حاصل ڪرڻو هو، اهو نه رياست حاصل ڪري سگهي نه وري اسين ۽ نه وري ان جي واٽ وٺي سگهياسين. هونئن به ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ ۾ ڏات هوندي آهي پر دادي جي خاندان ۾ نه رڳي راڳ جي ڏات ۽ ڏانءُ هو پر علمي ۽ فڪري سوچ جي پختگي هئي جو سندس امڙ لال هندوري ۾ به لوريون ڏيندي هئي ۽ سندس پيءُ اسٽيج ڊرامن ۾ ڀڳتن جا ڀڄن پيش ڪري ديس جي دردوندن جون ڪهاڻيون سڻائيندو هو ۽ دادي انهيءَ روايت کي برقرار رکندي روح رهاڻيون رچايون. تڏهن سنڌ جون نوريون نماڻيون جهومي پونديون هيون. دادي ليلان سنڌ جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ فهميده جروار سماج سڌارڪ عورتن جي حقن ۽ تعليم لاءِ جاکوڙيندڙ سئو سالن کان مٿي جي ڄمار ماڻيندڙ دادي ليلان سنڌ ۾ عورتن جي حقن ۽ عورتن جي تعليم لاءِ اڄ به هو نوجوان نسل لاءِ اتساهه جو سبب بڻيل هئي، جڏهن ته هن پيرسني سبب سماجي پروگرامن ۾ پنهنجو اچڻ وڃڻ ڇڏي ڏنو هو، هوءَ پيرسني واري ڄمار جي باوجود روزاني پنهنجي صبح جي شروعات ڳائڻ سان ڪري ٿي، ڀڄن، شاهه لطيف، سچل سامي ۽ پنهنجي گرو ساڍو واسواڻي جي شاعري ڳائڻ هن جو روزاني جو معمول بڻيل آهي، پر ڪجهه عرصي کان عمر جي ضعيفي سبب هارمونيم وڄائڻ کان قاصر هئي، هوءَ هڪ ئي وقت ريڊيو اسٽيج تي ڳائڻ، نچڻ ڊراما ۽ اداڪاري ڪرڻ، ميوزڪ جون ڌنون جوڙڻ ۽ مختلف پروگرام ڪرڻ سان گڏوگڏ عورتن جي حقن ۽ تعليم جي حاصلات لاءِ جاکوڙيندر رهي هئي، جڏهن سنڌ جي بهراڙين جي ماڻهن ۾ اسڪولن ۾ پڙهڻ، خاص تي نياڻين جي پڙهائي جو رواج صفا گهٽ هو، ان وقت ٻهراڙي جي ماڻهن ۾ نياڻين کي تعليم ڏيارڻ جو مشن هٿ ۾ کڻن سبب پنهنجون ذاتي مصروفيتون ڳائڻ، وڄائڻ ۽ ريڊيو تي ثقافتي ۽ ٻيا پروگرام ڪرڻ پڻ گهٽائي ڇڏيائين ۽ پنهنجو سمورو وقت نياڻين کي تعليم ڏيارڻ ۾ لڳائي ڇڏيائين، جڏهن ته دادي ليلان جو جنم حيدرآباد جي مسونپل واري علائقي ۾ رهندڙ ڊاڪٽر هوتچند واڌواڻي جي گهر ۾ ۲۰ ڊسمبر ۱۹۱۶ع ۾ ٿيو، سندس والد هوتچند واڌواڻي ۱۹۲۲ع ۾ ميونسپل واري علائقي کي ڇڏي ان وقت جي حيدرآباد جي ٿڌي هوائن واري علائقي هيرآباد ۾ گهر وٺي رهڻ لڳو ۽ انهي هيرآباد واري گهر ۾ ۱۹۵۳ع ۾ ديهانت ڪري ويو، دادي ليلان پاڪستان کي اکين سان ٺهندي ڏنو ۽ ان جا سمورا لوڏا لمحا به پنهنجي اکين سان ڏٺا، ورهاڱي دوران سندس ۶ ڀائر ۽ هڪ ڀيڻ هندستان هليا ويا، پر سندس والد هوتچند واڌواڻي سنڌ ڌرتي جي سهڻي شهر حيدرآباد جي ٿڌين هوائن، سنڌو درياءَ جي مٺي پاڻي، اڻ ڳڻين دوستن ۽ هيرآباد واري گهر کي ڇڏي هندستان لڏي نه ويو، اهو ئي سبب هو جو دادي ليلان هندستان لڏي وڃڻ بدران پنهنجي والد ۽ سنڌ ڌرتي جي خدمت ڪرڻ کي پنهنجي لاءِ وڌيڪ اهم سمجهو، ايتري قدر جو هندستان کان مهاجر ٿي لڏي آيل ماڻهن جي گهر گهر وڃي نياڻين کي تعليم ڏيارڻ لاءِ سمجهائيندي ۽ انهن جي تعليم جي حوالي سان مالي مددد ڪندي هئي، دادي جڏهن به ڀائرن سان ملڻ لاءِ هندستان ويندي هئي ته اتي گهڻو عرصيو ان ڪري نه رهندي هئي ته متان سنڌ ڌرتي کان پري موت نه اچي وڃي، اهو ئي سبب آهي جو هوءَ آخري ڀيرو ۱۹۹۸ع ۾ ڀائرن سان ملڻ هندستان وئي، جنهن کانپوءِ ڀائرن سان نه ملي، جڏهن ته هيرآباد وارو گهر ۱۹۲۲ع کان اڄ ڏينهن تائين دادي ليلان جو گهر بڻيل آهي، جنهن ۾ دادي ليلان، ڊاڪٽر تلسيداس ميرچنداڻي سان ۱۸ اپريل ۱۹۵۴ع ۾ ڦيرا پائي وهانءُ رچايو، سندس گهر وارو ۵۵ سالن جي ڄمار ۾ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر طور ۱۹۶۷ع ۾ رٽائرڊ ٿيو، دادي ليلان کي اولاد ۾ صرف هڪ پٽ ڊاڪٽر پرديپ ڪمار آهي، ڊاڪٽر پرديپ ڪمار پنهنجي ڪٽنب سميت دادي سان گڏ هيرآباد واري گهر ۾ رهي ٿو، جيڪو ايل ايم يو ۾ نوڪري ڪندڙ هو، جيڪو ٽن مهينن کان رٽائر آهي، گذريل ڏهن سالن کان هو پنهنجي امڙ دادي ليلان جي خدمت ۾ هر وقت حاضر رهندڙ آهي، دادي ليلان سئو سالن کان مٿي جي ڄمار هوندي به حيدرآباد جو هيرآباد جي اوج وارو دور اڄ به دل سان ياد ڪري ويٺل هئي، هوءَ اڄ جي ڳالهه وانگر ياد ٻڌائيندي ئي ٿي ته مارڪيٽ ٽاور کان جيل روڊ تائين صبح شام ۲ دفعا روڊ کي ڌوتو ويندو هو، هن وٽ حيدرآباد جي پراڻي دور کان وٺي اڄ جي دورن جون ڪئين يادون دل جي ڪاڳر تي لکيل آهن، انهيءَ عرصي تائين جيتوڻيڪ تبديل ٿي ويل قدر به هوءَ انتهائي گهرائي سان ڏسندي ۽ محسوس ڪندي رهي آهي پر هوءَ هڪ عملي سماجي ورڪر ۽ تعليمي ماهر هئڻ جي ناتي ڪنهن سان به ڪا شڪايت ڪرڻ بدران عملي طور تي فقط پنهنجو ڪم ڪرڻ ۾ کي دلچسپي وٺندي رهي آهي، هن چئن سالن جي ڄمار ۾ ڳائڻ شروع ڪيو ۽ ستن سالن جي ڄمار ۾ هارمونيم وڄائڻ سکي، هن جي ٽريننگ ڪاليج فار وومين جي پروگرام ۾ راڳ ٻڌائڻ کانپوءِ ان جي دور جي تعليم واري وزير سائين جي ايم سيد کيس ميوزڪ ٽيچر طور مقرر ڪيو، چون ٿا ته هن جي ميوزڪ ٽيچري واري نوڪري لاءِ سائين جي ايم سيد، ميران محمد شاهه، ڊاڪٽر عمر بن دائود پوٽي سميت ستن تعليمي ماهر ست ڏينهن ۾ مختلف تائين تي کائنس انٽرويو دوران ڳائڻ ٻڌو، جنهن تي هوءِ پهرين ذهني تڪليف ۾ پڻ آئي پر پوءِ ان قسم جي سخت انٽرويو کي پنهنجي لاءِ بهتر سمجهائين، ۱۹۴۲ع ۾ هن کي ۳۵ رپيا ماهوار پگهار تي ميوزڪ جي ليڊي ٽيچر طور مقرر ڪيو ويو، راڳ ۽ ميوزڪ هن کي ورثي ۾ مليو هو، هن جي ماءُ پڻ ڀڄن گهر ۾ ڳائيندي هئي، جڏهن ته دادي جو ٻيو ڀاءُ سمجرام واڌواڻي ميوزڪ ڊائريڪٽر هو، ان ڪري دادي راڳ کان وٺي اسٽيج جي پروگرامن ۾ اڳڀرو رهندي آئي، هن اسٽيج جي پروگرامن کي سماج ۾ سماجي سجاڳي لاءِ ڀرپور استعمال ڪيو، هوءَ سنڌ جي راڳ جي راڻين جي جي زرينه بلوچ ۽ روبينه قريشي جي پڻ استاد هئي، هن ٻنهي کي نه رڳو راڳ جي سکيا ڏني پر ان دورجي ريڊيو ڊائريڪٽر کي چئي ٻنهي راڳ جي راڻين کي ريڊيو تي راڳ لاءِ ٽائيم پڻ وٺي ڏنائين، هن ماسٽر چندر ۽ پريتم داس سان گڏ ڳايو هو جڏهن ته ڀڳت ڪنور رام جي ڀڳتين ۾ ويهڻ جو هن کي موقعو مليو هو، ساڳيئ ريت هن ٻنهي راڳ جي راڻين جي گهر ڀاتين کي پڻ ريڊيو تي ڳائڻ لاءِ موڪل پڻ وٺي ڏنائين، ورهاڱي کانپوءِ ليڊي ٽيچرس جي وڏي کوٽ پيدا ٿي ته تعليم کاتي پاران دادي ليلان کي ميوزڪ ٽيچر جي بدران تعليمي شعبي ۾ شامل ٿيڻ جو چيو ويو، دادي ان ڪم کي پڻ چئلينج سمجهي ڪيو، هن ان لاءِ ايم اي پڻ ڪئي، هوءَ جڏهن تعليم کاتي ۾ٽيچر ٿي ته هن وڏو عرصو ميرپورخاص جي هاءِ اسڪول ۾ پڙهائڻ ۾ گذاريو، هوءَ جڏهن انهي اسڪول ۾ وئي ته فقط چند ڇوڪريون گرلس اسڪول ۾ ايندڙ هيون پر دادي ان لاءِ ماڻهن جي گهر گهر وڃي سندن نياڻين کي اسڪول موڪلڻ لاءِ آماده ڪيو، اهو ئي سبب هو جو جڏهن ڪجهه سالن کانپوءِ هن جي پوسٽنگ هيرآباد جي ميران هاءِ اسڪول ۾ ٿي ته ان وقت انهي اسڪول ۾ پنج سئو شاگردياڻيون پڙهي رهيون هيون، هن ۱۹۷۵ع ۾ ڊائريڪٽر تعليم تان رٽائرڊ ٿي، ان کانپوءِ هو ريٽائرڊ ٿي گهر ۾ نه وٺي پر ان کانپوءِ ۱۹۸۱ع کان ۱۹۹۱ع تائين يونيسيف ۽ سينٽرز وارا اسڪول قائم ڪرڻ واري ڪم ۾ شريڪ ٿي هن انهي ڪم کي پڻ چئلينج سمجهي هٿ وڌو، هوءَ شهري خاتون هئڻ جي باوجود سنڌ جي ٿر ڪاڇي، ڪوهستان ۾ پهچي اهڙا ڪم ڪيا، هن جي چواڻي مون اصل سنڌ انهي ڪم دوران ڏٺي هوءَ اهڙن ڳوٺن ۾ اٺن، گڏهه گاڏي، ڍڳي گاڏين تي چڙهي هئي، ڳوٺ ڏسي اسڪول قائم ڪرايا، ساڳي ريت هن انهن اسڪولن لاءِ نياڻيون پڙهائڻ لاءِ ڳوٺن ۾ مائٽن کي منٿيون ڪيون ۽ ماسترياڻين لاءِ پڻ انهن جي مائٽن سان ملي نوڪري لاءِ آماده ڪيو، ۽ اسڪول کي ڪامياب بڻايو، هن سنڌ جي نياڻين جي پڙهائي بابت پنهنجي تجربي تي مبني ٽي ڪتاب لکيا آهن، جيڪي پڻ ڇپجي نه سگهيا آهن، هن جا ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي ۶ ڪلام پڻ رڪارڊ ٿيا، پر اهي قديم رڪارڊ ڪيل ڪلامن جو سندن ڪٽنب وٽ ڪو به رڪارڊ موجود ناهي، دادي ليلا پهرين هندو پارليامينٽرين هئي ۱۹۸۵ع ۾ هو ايم پي اي پڻ بڻجي، جنهن دوران هن نه رڳو تعليم جي واڌاري جون رٿائون پاس ڪرايون پر هن غريب ۽ ذهني نوجوانن کي نوڪريون پڻ ڏياريون، جن ۾ هن ۵۰ اهڙين ذهين نوجوانن کي نوڪرين ان دور ۾ ڏياريون، جن ۾ ۶ هندو نوجوان پڻ شامل هئا، هوءَ هندو پنچائت جي ڪمن ۾ پڻ وڏي دلچسپي وٺندي هئي، بمبئي بيڪري جي مالڪ سرگواسي ڪمار ٿڌاڻي جي ڏنل فنڊ تي سماجي اڳواڻ ۽ وڪيل ايم پرڪاش ۽ هن گڏجي نياڻين جي پڙهائي ۽ غريب نياڻين کي ڏاج ڏيڻ وارو ڪم پڻ خوش اصلوبي سان هلايو، هوءَ اڄ به سنڌجي عورت جدوجهد لاءِ وڏي اتساهه جو سبب بڻيل آهي، هوءَ هڪ ئي وقت ميوزيڪ ٽيچر کان وٺي سنڌ جي ڳوٺن تائين اسڪول کولرائڻ تائين وارو ڪم وڏي شوق ۽ سنڌ جي ڳوٺاڻي عورتن کي اڳتي آڻڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رهي هئي، اهو ئي سبب آهي جو هوءَ اڄ به سنڌ ۾ عورتن جي جدوجهد جي علامت بڻيل آهي. نوٽ: هي مضمون ڪجهه وقت اڳ روزاني سنڌ ۾ شايع ڪيو ويو هو، داداي ليلان جي ديهانت بعد ٻيهر شايع ڪيو پيو وڃي.
مخدوم امين فهيم جي حياتي وفا ڪئي ته سائين عشق جي انتها ڪري ڏسبي نور سنڌي ۲۱ نومبر تي صبح جو ۵ وڳي مخدوم سعيد الزمان عاصف جي ڪال تي ڇرڪي پيس، ڇاڪاڻ ته اهڙي وقت ڪال خيريت جي نه هوندي آهي. جڏهن سائين ٻڌايو ته قبله مخدوم امين فهيم رحلت ڪري ويا آهن ته مٿي کي چڪر اچڻ لڳا، دل ٻڏڻ ڪري اکين مان ڳوڙها ڳڙڻ لڳا. ساڻن ملاقاتون، ڪچهريون حاضريون ذهن جي پردي تي ڦرڻ لڳيون. پاڻ ڪجهه عرصي کان ڪينسر جهڙي موذي مرض سان جهيڙيندي نيٺ ۲۱ نومبر ۲۰۱۵ع بمطابق ۸ صفر ۱۴۳۷هه تي فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا. سندن جسم مبارڪ کي لکين روئيندڙ اکين، آهُن دانهن ۾ هالا ۾ حضرت مخدوم نوح جي درگاهه ۾ ڌرتيءَ ماءُ جي هنج حوالي ڪيو ويو. سندس آخري سفر ۾ قيامت خيز منظر هو. سندن وصال تي هالا سميت مٽياري، ضلعي جا تقريبن شهرن سان گڏ سنڌ جا ڪيترائي شهر سوڳ ۾ بند رهيا. سندن وصال جي خبر اليڪٽرانڪ ميڊيا تي بريڪ ٿيڻ بعد سڄي ملڪ مان هزارين مريد، عقيدتمند، ملڪ جون سياسي سماجي شخصيتون هالا پهچي ويون آخري سفر ۾ شريڪ ٿيون. پاڻ حضرت مخدوم نوح رح جن جا ۱۹ سجاده نشين، پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرين جا چيئرمين هئا. پاڻ لکين روحاني پيشوا، ۽ ملڪ جي مشهور سياسي شخصيت هئڻ جي باوجود سٻاجهڙي، ٻاجهاري ۽ فقير منش طبيعت جا مالڪ هئا. پاڻ ننڍي هوندي کان انتهائي ذهين گهٽ ڳالهائڻ وارا، جيڪو به ڳالهائين اهو مختصر، پر اهي لفظ موتين مالها هوندا هئا. کين ننڍي هوندي کان والي بال، شڪار، فوٽو گرافي، شاعري ۽ تاريخي، اسلامي ڪتابن جي مطالعي سان چاهه هو. پاڻ وڏي پائي جا شاعر هئا. شاعري کين خانداني ورثي ۾ ملي. پاڻ ۱۹۵۹ع کان والد جي شاعري کان متاثر ٿي شاعري ڪرڻ لڳا. شاعري ۾ رهنمائي والدين کان حاصل ڪئي. سندس شاعري ۾ غضب جي روانگي هئي. شاعري ۾ ڪافي ۽ غزل تي کين عبور حاصل هو. سندن شاعري جو مجموعو پيغام شايع ٿيل آهي. جڏهن ته وڏي تعداد ۾ اڻ ڇپيل شاعري موجود آهي. سندن ڪلام رونا ليليٰ عابده پروين سميت ڪيترن ئي فنڪارن ڳايو آهي. جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو پ پ جو بنياد وڌو ان بعد لنڊن ۾ سندس ملاقات مخدوم امين فهيم سان ٿي ۽ شهيد ڀٽو کين پ پ جي عوامي مفادن واري وسيع نظر پروگرام کان آگاهه ڪيو ۽ کين گذارش ڪئي ته پاڻ پنهنجي والد مخدوم طالب الموليٰ کي منهنجي پاران گذارش ڪريو ته پاڻ عوام جي مفاد خاطر پ پ ۾ شامل ٿين. مخدوم امين فهيم ذوالفقار علي ڀٽو جي ڳالهين کان متاثر ٿي ذوالفقار علي ڀٽو جو پيغام والد صاحب تائين پهچايو ۽ پاڻ خود کين گذارش ڪئي ته پ پ ۾ شامل ٿيو. ان بعد پاڻ ڀٽو صاحب ۽ مخدوم طالب الموليٰ جي هڪ ملاقات ڪرائي ۽ مخدوم صاحب لکين مريدن سان گڏ پ پ ۾ شامل ٿيو. ان بعد پ پ جو پهريون مرڪزي ڪنوينشن هالا ۾ ٿيو. مخدوم خاندان ۽ سروري جماعت جي پ پ ۾ شموليت ڪري پ پ وڌيڪ مضبوط ٿي. مخدوم امين فهيم پ پ جي باني ميمبرن ۾ شامل آهي ۽ پ پ جي پرائمري دور ۾ مخدوم امين فهيم پارٽي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪئي. مخدوم امين فهيم ۽ سندس خاندان وارا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو سان وفادار رهيا، ڏکين دورن ۾ جڏهن پ پ جا چڱا ڀلا اڳواڻ خاموش رهيا، انهن دورن ۾ مخدوم امين فهيم ۽ سندس خاندان وارا نه صرف ڀٽو خاندان سان وفادار رهيا پر پ پ ۾ ثابت قدم رهيا ۽ پارٽي لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون. مخدوم امين فهيم سياسي زندگي جو آغاز هالا ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين شپ مان ڪيو. ۷۰ع ۾ عام چونڊن ۾ بنا مقابلي قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو. ۸۸ع واري چونڊ ۾ اڪثريت سان ايم اين اي چونڊيو ۽ کيس مواصلات جهڙي اهم کاتي جو وفاقي وزير بڻايو ويو. پاڻ هر عام چونڊ ۾ ايم اين اي چونڊبو رهيو آهي. ۹۳ع ۾ کين وفاقي وزير هائوسنگ تعميرات ۽ ۲۰۰۹ع جي پ پ حڪومت ۾ وفاقي وزير واپار ٿيو. پاڻ وفاقي وزير رهڻ دوران نه صرف مٽياري ۾ پر سڄي ملڪ ۾ خاص طور سنڌ ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا. هزارين نوجوانن کي نوڪريون ڏنيون. نواز شريف ۽ پرويز مشرف دور ۾ پ پ سان تعلق رکندڙ وزيرن خلاف وڏي پئماني تي انتقامي ڪارروايون ٿيون. حڪمرانن مخدوم امين فهيم خلاف به ڪرپشن، سرڪاري فنڊن جي ناجائز استعمال جا ثبوت هٿ ڪرڻ لاءِ سندس کاتي جا فائيل اٿلايا پر هنن کي مخدوم امين فهيم خلاف ڪي به ثبوت هٿ نه آيا. موجوده دور ۾ مخدوم امين فهيم خلاف جيڪي ڪرپشن جا ڪيس داخل ٿيا آهن، اهي ثابت نه ٿي سگهيا آهن. مخدوم خاندان ۽ سروري جماعت ان کي مخدوم امين فهيم خلاف سازش قرار ڏين ٿا. شهيد راڻي جڏهن جلاوطني ختم ڪري واپس ملڪ موٽي ته مخدوم امين فهيم ان ڏينهن کان هر جلسي، هر دوري، هر پروگرام ۾ گڏ رهيو. شهادت واري ڏينهن به ساڻن گڏ هو. ڪراچي ۾ ڪارساز واقعي ۾ مخدوم امين فهيم کي مٿي ۽ پٺن ۾ ڌماڪي واري مادي جا ٽڪرا لڳا. شهيد راڻي جي شهادت بعد پ پ لاءِ ڪيترائي خطرا پيدا ٿي ويا. اليڪشن مهم ۾ شهيد راڻي بعد ۾ مخدوم امين فهيم کانسواءِ ڪو به ايڏي وڏي ايڏي پائي جو ليڊر نه هو، جيڪو عام چونڊن ۾ اليڪشني مهم هلائي ۽ مخدوم امين فهيم جهڙي نازڪ نفيس شخص رات ڏينهن هڪ ڪري سڄي ملڪ ۾ چونڊ مهم هلائي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو ۽ پ پ سان ان کان وڌيڪ ڪهڙي وفاداري ٿي سگهي ٿي جو شهيد راڻي جي ٽيجهي تي آصف علي زرداري اهو اعلان ڪيو ته شهيد راڻي جي فيصلي موجب ايندڙ وزيراعظم مخدوم امين فهيم هوندو پر چونڊن بعد شهيد راڻي جي خواهش موجب آصف علي زرداري مخدوم امين فهيم بجاءِ يوسف رضا گيلاني کي وزيراعظم بڻايو ۽ مخدوم صاحب کي ڪا سٺي وزارت به نه ڏني؛ نه صرف ايترو پر سنڌ حڪومت ۾ سندس فرزند مخدوم جميل الزمان کي به بنا ڪم واري وزارت ڏني. اهڙي صورتحال ۾ هر ماڻهو جو اهو اندازو هو ته هاڻ مخدوم امين فهيم پارٽي ڇڏي ويندو، ليڪن دنيا ڏٺو ته مخدوم امين فهيم اقتدار جي ڪرسي کي اهميت ڏيڻ بجاءِ شهيد ڀٽو، شهيد راڻي ۽ سندن پارٽي جي مفادن کي اهميت ڏني. وقت به وقت پ پ جي ڪو چيئرمين کان وٺي ڪجهه پ پ ليڊرن مخدوم امين فهيم خلاف بيان به ڏنا ۽ موجوده سنڌ حڪومت ۾ جيڪو مخدوم خاندان کي مانُ مليو اهو ڪنهن کان به ڳجهو نه آهي. سروري جماعت جي ماڻهن کي نظرانداز ڪيو ويو. پنهنجي حڪومت ۾ انتقامي ڪارروايون ڪيون ويون، ليڪن مخدوم امين فهيم شهيد جي پارٽي کي نه ڇڏيو پاڻ وصال تائين پ پ سان وفادار رهيو. پاڻ پ پ جو اثاثو هو. سندس وصال سان ملڪ جي سياسي دنيا ۾ وڏو خال پيدا ٿي ويو آهي. خاص طور پ پ لاءِ وڏو نقصان آهي. ان جو احساس ۽ اندازو شايد ڪنهن کي هن وقت محسوس نه ٿئي پر وقت گذرڻ سان سندن خال محسوس ٿيندو. منهنجون ساڻن لاتعداد ملاقاتون رهيون. جڏهن به هالا ايندا هئا ته وٽن حاضري ضرور ٿيندي هئي. آئون جڏهن هالا ۾ صحافت ڪندو هئس، ان کان وٺي سندس لاتعداد پريس ڪانفرنسون به ڪور ڪيون. مون کانئن ڪيترائي انٽرويو پڻ ڪيا. ڪجهه عرصي کان سندس طبيعت ناساز هئي، کين دبئي، لنڊن، آمريڪا ۾ به علاج لاءِ نيو ويو. طبيعت ۾ ڪجهه بهتري بعد کين ڪراچي جي هڪ خانگي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي سندن طبيعت ڪڏهن صحيح، ڪڏهن بگڙيل رهي ۽ ۲۱ نومبر جي صبح جو سندن ساهه جو سڳو ٽُٽي پيو ۽ پاڻ لکين مريدن، چاهيندڙن کي ڇڏي اتي هليا ويا، جتي اسان مان هرڪنهن کي ڏينهن پڄاڻي هلڻو آهي. پاڻ ظاهري طور اسان کان جدا ٿي ويا آهن پر اسان جي دلين، دماغ، سوچن ۾ سدائين گڏ هوندا. مخدوم امين فهيم پيار ڪندڙ غلام حسين خاصخيلي مخدوم امين فهيم سياستدان سان گڏ مشهور شاعر ۽ سروري جماعت جو روحاني سربراهه به هو. پاڻ حضرت سرور نوح جي درگاهه جو گادي نشين به هو. مخدوم امين فهيم سياسي طور شروع کان ساهه جو سڳو ڇڄڻ تائين پاڪستان پيپلزپارٽي سان سلهاڙيل رهيو. مخدوم امين فهيم جي والد مخدوم طالب الموليٰ به مشهور شاعر ۽ سياسي روحاني اڳواڻ هو. مخدوم امين فهيم کي پنهنجي والد مخدوم طالب الموليٰ جي اها هدايت مليل هئي ته ذوالفقار علي ڀٽو جو ساٿ ڪڏهن به نه ڇڏجان. مخدوم امين پنهنجي والد جي حڪم مطابق آخري گهڙي تائين پ پ سان رهيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کان شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ بلاول ڀٽو تائين پنهنجو سچائيءَ وارو ساٿ نڀائيندو رهيو. مخدوم امين فهيم بلڊ ڪينسر سبب پنهنجو علاج جرمني مان به ڪرايو پر سندس طبيعت ۾ بهتري نه آئي. مخدوم امين فهيم بيماري دوران ڪجهه ڏينهن دبئي ۾ رهيو، پر کين سنڌ مٽيءَ جي سڳنڌ پاڻ ڏانهن ڇڪي آئي. مخدوم امين فهيم پنهنجي پٽن کي دبئي کان ڪراچي وٺي هلڻ جي صلاح ڏني. ۲۶ آڪٽوبر ۲۰۱۵ع تي کين دبئي کان ڪراچي آندو ويو، جتي کيس ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو هو. اها اسپتال بلال هائوس جي ويجهو آهي. مخدوم امين فهيم روحاني طور سچو املهه ماڻڪ شخص هو. سندس پيار جون آخري گهڙيون به پ پ جي پيار ۾ بلاول هائوس ڀرسان گذريون. ڪراچي جي اسپتال ۾ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو سندس عيادت ڪئي هئي. ان وقت مخدوم امين فهيم بلاول ڀٽو کي ڳراٽڙي پائيندي کيس پيار ڪيو هو. مخدوم امين فهيم پ پ پارليامينٽرين جو صدر به هو. مخدوم امين فهيم ۴ آگسٽ ۱۹۳۹ع تي هالا ۾ جنم ورتو. مخدوم امين فهيم ۱۹۷۷ع کان ۲۰۱۵ع تائين پارليامينٽ جو حصو رهيو. ۷ ڀيرا قومي اسيمبلي جو ميمبر ۽ هڪ ڀيرو سنڌ اسيمبلي جو ميمبر رهيو، ٻه ڀيرا وفاقي وزير به رهيو. هُن اڳوڻي صدر جنرل پرويز مشرف جي وقت ۾ وزيراعظم جي عهدي واري آڇ کي ٺڪرائي ڇڏيو هو. شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي جلاوطني واري وقت ۾ مخدوم امين فهيم پ پ کي هلائيندو رهيو ۽ جمهوريت لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪندو رهيو. ۲۷ ڊسمبر تي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت وقت به ساڻس گڏ هو. شهيد محترمه بينظير ڀٽو چوندي هئي ته مخدوم امين فهيم سچو ليڊر آهي، جيڪو ڏک توڙي سک ۾ گڏ رهيو.مخدوم امين فهيم جي وفات تي پوري سنڌ سوڳوار آهي. مخدوم امين فهيم پنهنجي زندگيءَ ۾ خوبصورت شاعري به ڪئي. سندس شاعري رونا ليليٰ کان وٺي ڪيترن ئي فنڪارن ڳائي پڻ آهي. سندس شاعري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد توڙي آل انڊيا ريڊيو جي سنڌي سروس تان نشر ٿيندي رهندي آهي. سندن هڪ گيت جون سٽون ڪجهه هن ريت آهن ”منهنجون ڳالهيون ياد ڪندين“ هاڻ مخدوم امين فهيم اسان وٽ جسماني طور موجود ناهي. سندس مڙهه کي حضرت مخدوم نوح جي مزار ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪرڻ وقت هزارين اکين مان لڙڪ ڳڙي رهيا هئا. مخدوم امين فهيم پنهنجي شاعري ۾ حقيقت چئي هئي ته منهنجون ڳالهيون ياد ڪندين. هاڻ مخدوم امين فهيم جون ڳالهيون تاريخ ۾ سونهري لفظن سان ياد رکيون وينديون. مخدوم امين فهيم هر ماڻهوءَ سان پيار سان پيش ايندو هو. مخدوم امين فهيم سان ملاقاتون، ڪچهريون يادگار طور اسان جي ذهن جي اسڪرين ۾ ڊوڙي رهيون آهن. وقت ڀلي جو بي رحم آهي، پر ڪي شخصيتون پاڻ ۾ ايترو اثر ضرور رکنديون آهن جو اُنهن جو ذڪر صدين تائين ٿيندو رهندو آهي. مخدوم امين فهيم پڻ اسان سڀني جي دلين ۾ سدائين زندهه رهندو. ھڪ بااصول ماڻهوءَ جي موڪلاڻي اصغر علي خان جوڻيجو پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرين جو صدر، سروري جماعت جو روحاني پيشوا نفيس جذبن جو شاعر ۽ مهربان شخصيت مخدوم امين فهيم اڄ اسان سڀني کي هميشه جو وڇوڙو ڏئي هن فاني جهان کي الوداع ڪري ويو آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي نگري جي واسي مخدوم امين فهيم پنهنجي سياسي ڪيريئر جي شروعات ۱۹۷۰ع واري ڏهاڪي کان ڪئي. هو انهن ماڻهن مان هڪ هو، جن پاڪستان پيپلز پارٽي جي قائد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو ۽ پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو سان گڏ ڪم ڪيو. اهو اعزاز تمام ٿورن ماڻهن وٽ هوندو. پاڻ پيپلزپارٽيءَ کان ئي سياست جي شروعات ڪئي ۽ ساهه جو سڳو ٽُٽڻ تائين پيپلز پارٽي سان سلهاڙيل رهيا. ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَ الحق ۽ پرويز مشرف کيس پارٽيءَ سان وفاداريون بدلائڻ جي عيوض ٻه ڀيرا وزيراعظم بنائڻ جي آڇ ڪئي پر مخدوم امين فهيم سندن آڇن کي ٺڪرائي ڇڏيو ۽ پارٽي سان وفادار رهيو. سندس وفات سان پاڪستان پيپلزپارٽي ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿيو آهي، جنهن کي ڀرجڻ ۾ شايد وڏو وقت لڳندو. اڄوڪو ڏينهن پيپلزپارٽي لاءِ وڏي ڏک ۽ صدمي وارو ڏينهن آهي، ڇاڪاڻ ته پارٽي هڪ بردبار، مدبر ۽ ڏاهي سياستدان کان محروم ٿي وئي آهي.مخدوم صاحب سڄي زندگي غير تڪراري شخصيت رهيا. سندن زندگيءَ ۾ ڪيترائي ڀيرا لاها چاڙها ۽ مشڪلاتون آيون پر انهن هميشه بردباري ۽ ڏاهپ سان سمورن مسئلن کي منهن ڏنو، پنهنجي زندگيءَ ۾ هو ۸ ڀيرا پارليامينٽرين رهيا کين ڪڏهن به ڪنهن چونڊ ۾ نه هارايو، پاڻ ٻه ڀيرا وفاقي وزير به رهيا. مخدوم صاحب ۽ منهنجي ڏاڏا مرحوم شاهنواز علي جوڻيجو جا پاڻ ۾ ويجها ناتا هئا. سندن دوستي اڻٽُٽ هئي. ڏاڏا کانپوءِ منهنجو والد محمد خان جوڻيجو ۽ چاچا روشن الدين جوڻيجو سندن هميشه ٻانهن ٻيلي رهيا، هر ڏک سک ۾ ساڻن گڏ رهيا ۽ زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين اهو ساٿ سلامت رهيو ۽ جيستائين اهي ۽ اسان زنده آهيون سندن خاندان سان روح جو اهو رشتو قائم ۽ دائم رهندو. هو ڏاڏا جي بهترين دوستن مان هيو، سندن دوستيءَ جي گهرائپ جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو جو منهنجو ڏاڏا رات جو جلدي سمهڻ وارن ماڻهن مان هيو پر جيڪڏهن رات جي وقت ڪراچي کان ڳوٺ لاءِ روانو ٿيندو هو ته ڳوٺ اچڻ بدران سڌو هالا پهچندو هو ۽ مخدوم صاحب سان سڄي رات ڪچهري ڪرڻ کانپوءِ فجر مهل ڳوٺ پهچندو هو. مخدوم امين فهيم پنهنجن سمورن معاملن بابت ڏاڏا سان صلاح مشورا ڪندو هو. اهي پاڻ ۾ ايترو ويجها ۽ گهاٽا دوست هئا جو مخدم صاحب سياسي توڙي خانداني فيصلا ڪرڻ کان اڳ ۾ انهن معاملن بابت ڏاڏا شاهنواز علي جوڻيجو سان صلاح مشورو ڪندو هو. ايتري قدر جو گهريلو رشتن بابت به ڏاڏا کان راءِ ضرور وٺندو هو. جيئن ته سڄي سنڌ بلڪه سڄي ملڪ جي ماڻهن جي تڪرارن جا فيصلا ماڻهو منهنجي ڏاڏا وٽ ڪرائڻ ايندا هئا. ڏاڏا ڪيترائي فيصلا مخدوم هائوس هالا تي به ڪيا، جيئن هاڻي منهنجو والد محمد خان جوڻيجو ڪندو آهي.مخدوم امين فهيم اهو واحد سياستدان هو جنهن کي ڪڏهن به ڪنهن اليڪشن ۾ ورڪ ڪرڻ جي ضرورت نه پئي، تنهن هوندي به ڏاڏا مرحوم سندس اليڪشن ورڪ ڪندو هو. مخدوم صاحب ڪينسر جهڙي موذي مرض سان جنگ ڪري رهيو هو ۽ ان سلسلي ۾ تازو ئي جڏهن هو علاج خاطر لنڊن ويو هو تڏهن به منهنجو چاچو روشن الدين جوڻيجو ساڻس گڏ هيو. مخدوم صاحب جي ٻاجهاري ۽ شفيق شخصيت جي ڪري ئي ماڻهو کين پيار ڪندا هئا ۽ هر وقت مٿن پنهنجي جان نثار ڪرڻ لاءِ به تيار رهندا هئا. مون کي به سندن ويجهو رهڻ جو اعزاز حاصل رهيو ۽ کانئن گهڻو ڪجهه سکڻ جو موقعو مليو. پاڻ، اسان کي پنهنجي اولاد جيان ڀائيندو هو ۽ هميشه اهو درس ڏنائون ته توهان کي زندگيءَ ۾ ڪيتريون ئي لالچون ۽ آڇون ملنديون پر توهان هميشه حق ۽ سچ جو ساٿ ڏجو؛ ڇو ته جيڪي حق ۽ سچ جو ساٿ ڏيندا آهن فتح هميشه انهن جي ئي ٿيندي آهي. جيتوڻيڪ حق ۽ سچ وارو رستو ڏکيو ۽ اڙانگو ضرور آهي پر منزل تي ضرور پهچائيندو آهي ۽ اڄ جڏهن هو اسان سڀني کي ڇڏي راهه رباني وٺي هليو ويو آهي ته هه هڪ ٿي ڪري ساڻس گذاريل گهڙيون ۽ سندن نصيحتون اکين جي اڳيان اچي رهيون آهن ۽ روح تڙپي اٿيو آهي. مخدوم صاحب جمهوريت جي خاطر وڏيون قربانيون ڏنيون ۽ ڪشالا ڪڍيا. اسين جي مئاسين سفر ۾ او ساٿي، ته ماڻيندا منزل پنهنجا ڍول ڍاٽي. هو جمهوريت جي بحالي وارين سمورين تحريڪن ۾ هميشه اڳين صفن ۾ رهيو. آمرن ۽ ڊڪٽيٽرن کيس وفاداريون مٽائڻ لاءِ هميشه ڌمڪيون ۽ آڇون ڏنيون پر هن ڪنهن به ڌمڪي کي ليکي ۾ نه آندو ۽ نه ئي وري ڪا آڇ سندس قدمن کي لوڏي سگهي. هو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو سچو ۽ وفادار ساٿي هو. دعا آهي ته الله پاڪ کين جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ پونئيرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جي سگهه عطا فرمائي. (ليکڪ: پورهيي واري کاتي جو صوبائي وزير آهي) ٿيندو تن طبيب، دارون منهنجي درد جو الله بچايو ميمڻ اڄ ننڍي کنڊ بلڪه ايشيا جي رهواسي لاءِ هڪ وڏي ۽ دکدائڪ خبر لکين ماڻهن جو جيءُ جهوري وڌو آهي. هزارين اکيون آليون آهن ۽ محبت، ميٺاج، انسان دوست، ڏک سک ۾ ڇپر ۽ ڇانوَ ڏيندڙ علم پرور سروري خاندان جي اهم شخصيت، سروري جماعت جي روحاني پيشوا ۽ ملڪ جي وڏي سياسي پارٽي، پاڪستان پيپلز پارٽي (پارليامينٽرين) جو صدر مخدوم محمد امين فهيم هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو آهي. انسان خاڪ جو پتلو آهي ۽ هڪ نه هڪ ڏينهن ان مٽيءَ جي مانڊاڻ جو انت اچڻو آهي. اڄ کان ۷۶ ورهيه اڳ سنڌ جي عظيم شاعر، عالم، اديب ۽ سروري جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ کي پهريون فرزند ارجمند پيدا ٿيو، جنهن جو نالو مخدوم محمد امين رکيو ويو. سروري خاندان ۾ اڳ به ڪجهه بزرگ محمد امين جي نالي سان گذري چڪا آهن. جهڙوڪ محمد امين پکن ڌڻي وغيره. مخدوم محمد امين علم و ادب جو شوقين ۽ شاعريءَ سان چاهه رکندڙ انسان هو. سندس تخلص ”فهيم“ هو. پنهنجي والد مخدوم طالب الموليٰ جي زير تربيت رهي هُن خانداني طور طريقن ۽ ريتن رسمن کان وڏي ڄاڻ حاصل ڪئي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کيس گهڻو ڀائيندو هو ۽ سندس مستقل مزاجي، بردباري، سچائي ۽ پرعزم ارادن کي ساراهيندو هو. شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو به سندس وفاداريءَ ۽ مشاورتي ذهن کي پسند ڪندي هئي ۽ هُو بي بيءَ جي قابلِ اعتماد ساٿين مان هڪ هو. ايستائين جو کيس ٽي چار ڀيرا اهم عهدن ۽ ذميوارين جي آڇ ڪئي وئي، پر هن پارٽيءَ جي مفاد ۾ اهي آڇون رد ڪري ڇڏيون. هُن جنرل پرويز مشرف (صدر) پاران وزيراعظم جي عهدي لاءِ ڏنل آڇ کي به ٺڪرائي ڇڏيو، جيتوڻيڪ جنرل پرويز مشرف سندس دوستن مان هو. هڪڙو واقعو ٻڌايان، ”ميان محمد نواز شريف جڏهن پهريون ڀيرو وزيراعظم ٿيو ته ان وقت ڄام صادق علي سنڌ جو وزيراعليٰ هو، ڄام صاحب وزيراعظم پاڪستان نواز شريف کي راضي ڪيو ته مخدوم طالب الموليٰ هڪ شريف النفس، سادو ۽ نرم طبيعت انسان آهي، ان کي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏبي ته هو ها ڪري وجهندو، جنهن سان سنڌ ۾ نواز ليگ کي مضبوط بڻائي سگهجي ٿو. ميان صاحب راضي ٿي ويو ۽ مخدوم صاحب جي عيادت، طبيعت پڇڻ ۽ چانهه پيئڻ لاءِ ڄام صادق علي وقت ورتو. پروگرام طئه ٿيو ۽ ميان صاحب، وزيراعليٰ سنڌ ڄام صادق عليءَ سان گڏ ڀٽ شاهه هيلي پيڊ تي لٿو ته مخدوم خليق الزمان ۽ انتظاميا سندن آجيان ڪئي. مخدوم هائوس پهچي وزيراعظم، مخدوم صاحب جي عيادت ڪئي ۽ کيس پيپلز پارٽي ڇڏي مسلم ليگ نواز ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني. مخدوم صاحب سوچڻ لاءِ وقت گهريو. ڪجهه وقت کانپوءِ ڄام صاحب مخدوم طالب الموليٰ کان رضامندي پڇي ته وزيراعظم صاحب اچڻ چاهين ٿا. هڪ ٻه ڀيرا ته مخدوم طالب الموليٰ ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان معذرت ڪئي پر نيٺ ڄام صاحب، ملاقات جو پروگرام زبردستي رکرايو. ميان صاحب هالا پهتو ۽ مخدوم صاحب جي آجيان طالب الموليٰ جي فرزندن ۽ خليفن ڪئي، پڇا تي معلوم ٿيو ته مخدوم صاحب (طالب الموليٰ) جي طبيعت ناساز آهي، ان ڪري ملي ڪونه سگهندا. وزيراعظم نواز شريف ۽ ڄام صادق علي واپس روانا ٿيا. وزيراعليٰ سنڌ ڄام صادق علي رات جو فون ڪري سلام دعا ڪئي ۽ کين ميان صاحب جو پيغام ٻڌايو. مخدوم طالب الموليٰ ڄام صاحب کي چيو ته، ”ڄام صاحب، توهان کي اسان جي اصولن ۽ سياسي وفاداريءَ جي ڀليءَ ڀت پروڙ آهي، اسان ذوالفقار علي ڀُٽي سان وفاداريءَ جو عهد ڪيو هو، سو هاڻي اسان وچئين (عصر) تي روزو ڪونه ڀڃنداسين.“ مخدوم امين فهيم به وفا ۽ سچائيءَ جو پيڪر هو ۽ هُن پيپلز پارٽيءَ لاءِ وڏيون قربانيون ڏيون، خاص طور تي شهيد بينظير ڀٽو جي جلاوطنيءَ واري دور ۾ مخدوم امين فهيم پارٽيءَ جي قيادت سنڀالي ۽ هر ڏکئي وقت ۾ پارٽيءَ کي احسن طريقي سان سنڀاليو. مخدوم امين فهيم جي حياتي، خدمتن ۽ ڪردار تي هڪ جامع ۽ مفصل مضمون لکندس، جنهن ۾ خاص طور تي وزارت مواصلات، ريلوي ۽ شپنگ واري دور ۾ بطور پي آر او ٽو منسٽر ڪميونيڪيشنز احوال کان آگاهه ڪندس. مخدوم امين فهيم جهڙيون شخصيتون صدين ۾ پيدا ٿينديون آهن. الله تعاليٰ کين جنت الفردوس ۾ جايون عطا ڪري. (آمين) سنڌ کان وڇڙي ويل محبتن جو امين! نسيم بخاري مخدوم امين فهيم سياست، ادب ۽ سماج جي حوالي سان پنهنجي نانءُ، تعارف ۽ سڃاڻپ جو پورو پورو حق ادا ڪري هن دنيا کي الوداع چئي ان جهان ڏانهن ڪوچ ڪري ويو آهي، جتان وڃڻ کانپوءِ ڪو به موٽيو ناهي. هن جي هڪ مشهور غزل جا ڪجهه بند ياد ٿا اچن: بي وفا سان وفا ڪري ڏسبي هي خطا بارها ڪري ڏسبي. هر شجر ۾ صبا ۾ ۽ گل ۾ جستجو جابجا ڪري ڏسبي. جي حياتي وفا ڪئي سائين! عشق ۾ انتها ڪري ڏسبي. هونئن ته حياتي بي وفا آهي پر مخدوم امين فهيم کي ان ايتري مهلت ضرور ميسر ڪئي، جو نه رڳو عاشقيءَ پر زندگيءَ جي هر مرحلي تي هن انتها ڪري ڏيکاري. سياست ۾ شرافت ۽ صبر جيترو هن ڪيو اوتري بردباري ۽ سهپ هاڻ ڳولي نه ٿي لڀجي. مخدوم امين فهيم سياسي جهاز جو اهو ايماندار پائليٽ هو، جنهن خطري وقت اڳ ۾ سمورن مسافرن کي بچايو ۽ پاڻ بعد ۾ لٿو. مخدوم جي ايتري دل ڪڏهن به نه ڏکي، جيتريون تلخيون هن پارٽيءَ ۾ رهندي سٺيون. پارٽي قيادت پاران تلخ تجربن باوجود هن ان کان رستا ڌار نه ڪيا. مخدوم وٽ فقط سياسي پليٽ فارم نه هو، ادبي اُفق جو هو چمڪندڙ ستارو هو. سروري جماعت جو سرواڻ هو. هن جي ڪڍ هزارين نه پر لکين مريدن جي عقيدتمند برگيڊ هئي. هو چاهي ها ته الڳ پارٽي جو اعلان ڪري سگهي ها. جيڪڏهن امين فهيم ۲۰۰۸ واري وفاقي حڪومت لاءِ سرواڻيءَ واري طئي ٿيل معاهدي تي مضبوطيءَ سان موقف رکي بيهي ها ته آصف علي زرداري لاءِ مخدوم کانسواءِ ڪنهن ٻئي کي وزيراعظم بڻائڻ ممڪن ئي نه بڻجي ها. هو چاهي ها ته پارٽيءَ جي سينئر اڳواڻن جو ڪٺ گهرائي آصف علي زرداري کي اڪيلو ڪري ڇڏي ها ۽ پورا پنج سال پاڪستان پيپلزپارٽي جو بااختيار پاڪستان جو وزيراعظم ٿي وڃي ها. مخدوم جيڪڏهن سياست جي محاذ تي پنهنجي حق لاءِ آواز اٿاري ها ته پڪ سان ان کي پارٽي جي سينئر ۽ جونيئر ميمبرن ۽عهديدارن پاران موٽ ملي ها ڇو ته اها ڳالهه عالم آشڪار هئي ته مخدوم محترمه شهيد بينظير ڀٽو پاران وزيراعظم جو نامزد اُميدوار هو ۽ اها ڳالهه ميڊيا معرفت محترمه اڪثر موقعن تي اظهاري چڪي هئي. پ پ ۾ مخدوم جهڙي مضبوط وزيراعظم جو ڪو اُميدوار ئي نه هو، پر مخدوم ڀٽوز سان پنهنجي تعلق کي تسلسل بخشڻ لاءِ وڏي دل جو مظاهرو ڪيو، نه رڳو ايترو پر آخري پساهن تائين هن تلخين سان ڀرپور جملا به نه ڳالهايا. هن جيڪڏهن ڪا شڪايت ڪئي به ته اها اشارن ۾ ڪئي. سڌيءَ ريت هن پيپلزپارٽي يا ان جي قيادت کي نشانو نه بڻايو. هو پاڻ سان ٿيل حق تلفي تي احتجاج ڪري پئي سگهيو. تنقيد هن جو حق هئي پر هن ائين نه ڪيو، جنهن جو اعتراف اڄ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني به ڪيو آهي. هن مڃيو آهي ته مخدوم صاحب وزيراعظم جو اُميدوار هو پر جڏهن پارٽي مون کي نامزد ڪيو ته مخدوم مون کي کليو کلايو ووٽ ڏيڻ لاءِ اسلام آباد آيو. مخدوم پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرين جو صدر هو. پ پ جيڪا ۲۰۰۸ع واري چونڊ وڙهي سا به ان ئي پليٽ فارم تان. مخدوم کي مشرف وزيراعظم جي آڇ ڪئي هئي، جيڪا هن ٿڏي ڇڏي. ۱۹۶۱ع ۾ هالا ميونسپالٽي جي چيئرمين رهندڙ مخدوم امين فهيم کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۱۹۷۰ع ۾ پنهنجي ٺٽي مان کٽيل سيٽ تان هٿ کڻي کيس ضمني چونڊن ۾ کٽرايو. ۱۹۷۰ع کان ۲۰۱۳ع تائين هن جيترا ڀيرا به چونڊ وڙهي، سوڀ هن جو مقدر بڻي. مخدوم نوح جي پيڙهي جي ارڙهين گادي نشين وارو تعارف رکندڙ مخدوم پيپلزپارٽي سان پاڻ ملهايو. هن پارٽي جي پت رکي پر پارٽي هن جي ساک جو ڪهڙو لحاظ رکيو؟ مخدوم امين فهيم هڪ سوچ ۽ فڪر جو نالو هو. هن وانگر هزارين سچا پچا پ پ ورڪر اڄ به پارٽي ۾ رهندي پنهنجو ساهه گهٽجندي ۽ ٻوساٽجندي محسوس ڪن ٿا. موجوده پيپلزپارٽي هنن لاءِ تاريخ جو تلخ ترين تحفو آهي. اهي سياسي گناهن واري ماحول ۾ ڏاڍي تڪليف محسوس ڪري رهيا آهن. اهي تنگ ۽ بيزار آهن پر قيادت خلاف ڪڇن نه ٿا. هنن کي اهڙي ڪيفيت تي خود پاڻ تي به ڪاوڙ اچي رهي آهي پر ڪن ته آخر ڇا ڪن؟ مخدوم سچ پچ به هڪ زنده دل انسان هو. صبر ڪرڻ ۽ معاف ڪرڻ هن جي فطرت هئي. هو جيڪڏهن درگذر کان ڪم نه وٺي ها ته اڄ شايد پ پ جا به ايترا ٽڪرا ٿي چڪا هجن ها جيتريون مسلم ليگ جون شاخون آهن. مخدوم پارٽي قيادت تي جيڪا احسان ڪرڻ واري مُهر هنئي آهي، سا هاڻ مخدوم پڄاڻان همراهن کان خوابن ۾ به ڇرڪ ڀرائيندي. مخدوم هڪ مڻيادار ماڻهو هو. هڪ سلڇڻو انسان، ماڻهپي جا سمورا قدر هن جي رت ۾ شامل هئا، هن سان جن اُچايو ۽ ڦٽايو، اڄ يا سڀاڻي اهي تاريخ جي تري ۾ دٻجي وڃڻا آهن. مخدوم جي غزل جا ڪجهه بند ياد ٿا اچن: آرزو بيڪار ٿي، زندگي آزار ٿي تنهنجو ڪو ناهي رفيق تون مڙن جو يار ٿي. آسرو ڪنهن جو نه ڪر پنهنجو خود غمخوار ٿي. غير سان پڻ ڪر چڱي تون نه ڪنهن جو بار ٿي. مخدوم جيئن لکيو آهي ائين لفظن جي لڄ به رکي ڏيکاريائين. مخدوم ۽ پيپلزپارٽي جي حوالي سان جڏهن ڪو مورخ قصا قلمبند ڪندو ته ان جي ڇنڊڇاڻ گهڻن کي وائکو ڪندي. هو پارٽي قيادت کان جيڪڏهن سڌيءَ ريت بيزار نه به هو تڏهن به مايوس ضرور هو. هو جنهن سياسي بصيرت جو مالڪ هو پارٽي ان کي اها حيثيت عطا نه ڪئي. شايد هيٺيون شعر مخدوم جي ان ئي ڪيفيت جو اظهار چئي سگهجي ٿو ته: سکن جو ساٿ ڇڏڻ لازمي نظر آيو قدم قدم تي قرارن وڏو فريب ڏنو پرائي پنهنجي کي سمجهڻ جو وقت ئي نه مليو، نظر جي شوخ اشارن وڏو فريب ڏنو.مخدوم پنهنجي طبيعت ۾ گهڻ رخي حوالي سان سچ پچ جو مخدوم ثابت ٿيو. هو سياسي، سماجي ۽ مذهبي ذميوارين جي ادائگين جي حوالي سان واقعي به امين رهيو. سنڌ جي سياست جي امين ”مخدوم محمد امين فهيم“ جو وڇوڙو حميد ڀٽو سنڌ ڌرتيءَ ڄائي مخدوم محمد امين فهيم جي وڇوڙي سان سنڌ وري سوڳوار بڻجي وئي آهي. مخدوم امين فهيم جو تعلق هڪ وڏي پيراڻي گادي سان هجڻ سبب نه رڳو سنڌ واسين پر ملڪي ماڻهن جي لاءِ نهايت ئي معتبر شخصيت طور کيس مڃتا حاصل هئي. مخدوم محمد امين فهيم جي زندگي تمام گهڻن رنگن سان سجايل هئي، اهڙي طرح سان هو هڪ ئي وقت دانشور، شاعر، نقاد، سگهڙ، دور انديش ۽ عوام دوست سياستدان ۽ دوستن جو دوست وارن رنگن ۾ رنڱيل هو. ان جي وڇوڙي تي سنڌ جي هر اک ڀنيل ۽ جسماني توڙي روحاني طور تي سڏڪن ۾ورتل آهي. مخدوم محمد امين فهيم سياسي جدوجهد واري پاسي کان بردباري ۽ سنجيده شخصيت طور پنهنجي زندگي گذاري، هن موجوده پيپلزپارٽي جي رجسٽرڊ پارٽي جو باني هوندي به ڪڏهن اهو محسوس نه ڪرايو ته ملڪ جي حڪمران پارٽي جي تنظيم سندس هٿن ۾ هوندي به ان کي نظر انداز ڇو ٿو ڪيو وڃي. هن پارٽي قيادت شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد بينظير ڀٽو جي سياسي ماحول ۾ گڏ ڪم ڪيو جنهن ڪري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترمه بيظير ڀٽو شهيد کائنس تمام گهڻو ويجها هوندا هئا. امين فهيم مخدوم طالب الموليٰ جي گهر ۾ جنم ورتو جنهن جي نالي کي خاندان جي وڏڙن جي نسبت سان امين فهيم رکيو ويو. ۰۴ آگسٽ ۱۹۳۹ع جمعي ڏهاڙي جنم ورتو. امين فهيم کي مخدوم غلام حيدر ڪن ۾ آذان ڏئي سندس نالو محمد امين رکيو. وڏن جي نسبت جي ڪري ڏاڏا سائين چيو وڃي ٿو. طالب الموليٰ جو فرزند امين فهيم پنهنجي والد جي ڪجهه رنگن سان نڀاءُ ڪيو آهي، جنهن ۾ شاعري ۽ فن سان ننڍ پڻ کان ئي شوقين رهيو. پاڪستان پيپلزپارٽي جو مرڪزي صدر هجڻ سان گڏوگڏ سنڌ سميت ملڪ جي سگهارين شخصيتن ۾ شمار ٿئي ٿو جيڪو پاڪستان پيپلزپارٽي سان نهايت ئي ڏکين گھڙين ۾ ساٿ نڀائيندو رهيو. ضياءُ الحق جو آمريتي دور هجي يا ڊڪٽيٽر پرويز مشرف جو اقتداري دور هجي ٻنهي ڊڪٽيٽرن سان مڙس ماڻهو بڻجي سخت مقابلو ڪيو ۽ ميان محمد نواز شريف جي پيپلز پارٽي مخالف دورن ۾ پڻ پيپلزپارٽي کي بچائڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو. محترمه بينظير ڀٽو کي پنهنجي نياڻين وانگر مسلسل سپورٽ ڪندو رهيو. محترمه شهيد بنظير ڀٽو جي شهادت بعد وزير اعظم لاءِ مخدوم محمد امين فهيم مضبوط اميدوار هو پر پيپلزپارٽي جي قيادت مصلحتن کام ڪم وٺندي مخدوم محمد امين فهيم بجاءِ يوسف رضا گيلاني توڙي راجا پرويز اشرف کي ملڪ جي وزير اعظم مقرر ڪري ڇڏيو، انهن کان وڌيڪ حق مخدوم امين فهيم جو هوپر کيس مخصوص اقتداري محور کان پاسيرو رکندي مخدوم امين فهيم کي سينيئر وفاقي وزير بڻايو ويوان کان سواءِ مخدوم امين فهيم کي سازشن تحت مختلف ڪوڙڪين ۾ ڦاسائڻ جون سازشون پڻ سٽيون ويون ۽ مٿس ڪيس به داخل ڪيا ويا، جنهن تي مخدوم امين فهيم مختلف وقتن تي پارٽي قيادت سميت سوسائٽي کي ميارون ۽ ڏوراپا پڻ ڏيندو رهيوپر سندس خدشن کي ختم ڪرڻ بجاءِ مخدوم امين فهيم لاءِ پارٽي اندر نيون مشڪلاتون وڌنديون رهيون. اهڙي ڏکي سياسي سفر ۾ آخر ڪار مخدوم امين فهيم ٿڪجي پيو نتيجي ۾ پارٽي جي ڪجهه ڳنڀير معاملن ۾ پارٽي جي قيادت سان اختلاف رکندي ناراضگي جو اظهار پڻ ڪندو رهيو، پر ماضي واري وقت اهو ضرور ثابت ڪيو ته مخدوم امين فهيم پنهنجي وفاداري نه مٽائي هالا جي مخدوم خاندان هميشه پيپلزپارٽي سان پاڻ ملهايو.مخدوم امين فهيم (ڏاڏا سائين) ۱۹۵۳ع کان شاعري جو آغاز ڪيو ۽ پنهنجو تخلص ”امين“ رکيو ۽ سندس شاعري کي ڏسندي سندس والد طالب الموليٰ سندس تخلص ۾ فهيم جو اضافو ڪيو. سندس شاعري تي نگاهه وجهبي ته نهايت پختي ۽ با معنيٰ شاعري نظر ايندي. اهڙي درد ڀري شاعري ۾ ”پچو ڇا ٿا اي يارو، پنهنجي گل جو خارُ آهيان مان. انهيءَ سان منهنجو ڇا؟.... جيڪو ٻين تي بارآهيان مان“، هڪ ٻئي شعر۾ مخدوم امين فهيم چوي ٿو ته ”سچ پڇين ساٿ سڀئي ويرانگيءَ ۾ ويا ڇڏي، ياد ماضي جو حوالو آهي رهيو، سال ٿيا پر ڳالهه ساڳي آهي، ستائيندو اچي، هي ستم سهڻا اڃا چئو ڪيسيتائين پيو ڪبو“ ، هڪڙي ٻئي هنڌ تي چيو اٿس ته ” اچ پرين تنهنجي رهي ٿي ياد دل ۾ هر گهڙي، مون کي تو منجهان امين هڪڙو پل به وسري نه ٿو“، اهڙي طرح سان هڪ هنڌ تي شاعري ڪندي چوي ٿو ته ”سڄڻ تنهنجي اهائي مهرباني آهي ڪافي جو تون ماري سگهين ٿو، ٻئي کان مارائڻ نه ٿو ڄاڻين“. امين فهيم جي انهيءَ شعر کي موجوده حالتن جي نگاهه سان ڏسنداسين ته ٺهه پهه جواب سمجهه ۾ اچي ويندوته سندس ئي شعر چواڻي” ناهي جاءَ هجت جي، مان ڪئين گستاخ ٿي چوندس، رسائڻ خوب ڄاڻين ٿو پر پرچائڻ نه ٿو ڄاڻين“. مخدوم محمد امين فهيم جي انهيءَ شعر تي غور ڪبو ته ”فهيم آهي ڏکويل، ڇو انهيءَ جي ڪنهن کي ڪل ناهي، ۽ تون پڻ پنهنجي حالت ڪنهن کي سمجهائڻ نه ٿو ڄاڻين“. مخدوم مين فهيم جي هن شعر ۾ غور ڪرڻ جي ترغيب ڏنل آهي جنهن ۾ چوي ٿو ته ”مون سمجهيو اشارن تي، خبر ڪهڙي، فهيم آخر ۾ ڇا گذريو، ٻڏڻ کان پوءِ ڪشتيءَ تي، اهو گرداب کان پڇو، ڪنارن کي خبرڪهڙي“. اهڙي طرح سان مخدوم محمد امين فهيم پنهنجي لاءِ چئي ٿو ته ”اي امين توسان پيار ڪير ڪندو، پاڻ کي بيقرار ڪيرڪندو، سچ ٻڌايان جهان کي حال دل، راز دل اشڪبار ڪير ڪندو، پاڻ ئي پنهنجي لاءِ روز شب توسان نادان پيار ڪيرڪندو، تون ته دنيا ۾ مثل خار آهين، گل ڇڏي پنهنجو خار ڪير ڪندو“ . مخدوم محمد امين فهيم سموري زندگي جن کي ارپي ڇڏي، انهن لاءِ لکي ٿو ته” انهيءَ ئي منهنجي حياتي جو قدر ڪونه ڪيو، مون جنهن جي ذات کي هر وقت زندگي سمجهيو، اسان جو پيار وڃي پهتو انتها تي فهيم، زماني ساري اڃان تائين سرسري سمجهيو“. امين فهيم دور انديشيءَ سان سياست ۾ مخالف واري سياست ڪرڻ بجاءِ کوڙ سارين شين ۾خاموشيءَ جو مظاهرويقينن ڪيوهوندو، سندس ئي شاعري ۾ وڏي معنيٰ لڪل آهي.سندس ئي شعر آهي ته” مخالف جي ڪري ئي پنهنجي حالت ٿيندي آ بهتر، نه سمجهو يار ئي هن کي، مگر اغيار ڪونهي ڪو“ هن شعر ۾ مخدوم صاحب مستقبل واري منظر نامي ۾ جهاتي پائيندي ڪيترائي سال اڳ سمجهي ورتو هو ته ”گويا ٻيهر خطا ڪري ڏسبي جي حياتي وفا ڪئي ته ”فهيم“عشق ۾ انتها ڪري ڏسبي“ هڪ ٻئي هنڌ تي مخدوم محمد امين فهيم پنهنجي شعر: ”امين هن زماني ۾ خاموش رهجي، متان ڪم اچي پيار ۾ بي زباني“ وسيلي اهو پيغام ڏيڻ جي مخدوم محمد امين فهيم پنهنجي زندگيءَ ۾ چار شاديون ڪيون، جڏهن ته سندس چارئي گهرواريون مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ آهن. سندس پهرئين شادي ۱۹ هن سالن جي ڄمار ۾ ۲۱ جون ۱۹۵۷ع دوران ٿي. هن ٻي شادي بنگالي گلوڪاره رونا ليلا جي ايئر هوسٽس ڀيڻ دينا ليلا سان ڪئي جنهن ڪجهه سالن بعد وفات ڪئي، سندس ٽئين شادي ڪراچي جي اردو ڳالهائيندڙ ڪميونٽي مان جڏهن ته چوٿين شادي پنجاب مان ڪئي. مخدوم محمد امين فهيم کي ست پٽ ۽ هڪ نياڻي جي اولاد آهي. سندس وڏو فرزند مخدوم جميل الزمان جميل سٺو سياستدان هجڻ سان گڏو گڏ سٺو شاعر ۽ محقق پڻ آهي، سندس ٻيو فرزند مخدوم شڪيل الزمان سينيئر سول بيورو ڪريٽ آهي، ٽيون فرزند مخدوم عقيل الزمان، چوٿون فرزند مخدوم نجيب الزمان لنڊن مان اعليٰ تعليم حاصل ڪري هينئر ٻاهرئين ملڪ ۾ ڪاروبار واري شعبي سان سلهاڙيل آهي ۽ سندس پنجون فرزند مخدوم خليل الزمان ۽ ڇهون فرزند ابو محمد سنڌ يار آهي، جڏهن ته مخدوم امين فهيم جي اڪيلي نياڻي برمنگهم يونيورسٽي مان اعليٰ تعليم حاصل ڪري چڪي آهي. مخدوم محمد امين فهيم ڪينسر جهڙي موذي مرض سان جهيڙيندي زندگي جا آخري لمحا پنهنجي ڌرتي تي اچي گهاريا ۽ ڪراچي جي سائوٿ سٽي اسپتال ۾ سندس علاج هلندڙ هو پر سندس زندگي وڌيڪ وفا نه ڪئي ۲۱ نومبر ۲۰۱۵ تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. مخدوم امين فهيم کي ڀيٽا نظام الدين ڪاڪا سائين سنڌ کي پنهنجي ساهـ ۾ سمائي ڇڏيو هو جنهن ڪري جسماني دوري هوندي بـ هو ماروئڙن جي من ۾ سدائين زنده رهندو. پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرين جي چيئرمين ۽ درگاهـ سرور نوح جو ارڙهون سجادهـ نشين سروري جماعت جو روحاني پيشوا ۴ آگسٽ ۱۹۳۹ع تي مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ جي گهر هالا ۾ جنم ورتو. مخدوم امين فهيم پرائمري، مئٽرڪ، انٽر تائين تعليم هالا ۾ حاصل ڪئي ۽ ۱۹۶۱ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سياست ۾ گريجوئيشن ڪئي. سائين امين فهيم ۴ شاديون ڪيون کيس ۷ پٽن ۽ ۴ نياڻين جو اولاد آهي. مخدوم جميل الزمان، مخدوم شڪيل الزمان، مخدوم عقيل الزمان، مخدوم نعمت الله، مخدوم حبيب الله، مخدوم نجيب الزمان ۽ مخدوم سنڌ يار سندن فرزند آهن. پاڻ ۱۹۷۰ع کان ۲۰۱۳ تائين مسلسل ۸ ڀيرا اليڪشن وڙهي ۽ ڪڏهن نـ هارايو. ۱۹۷۷ع، ۱۹۸۸ع، ۱۹۹۰ع، ۱۹۹۷ع، ۲۰۰۲ع ۽ ۲۰۰۸ع ۾ هالا ۽ مٽياري جي تڪن تان ڪامياب ٿيندو رهيو پاڻ هائوسنگ، مواصلات، واپار ۽ ٻين وزارتن جو وفاقي وزير بـ رهيو.جڏهن جنرل ضياءُ جي دور ۾ ايم آر ڊي تحريڪ ۾ نمايان ڪردار رهيو ۽ سروري جماعت جي ۵۰۰۰ ماڻهن گرفتاريون ڏئي ڪاري قانون جي خلاف جدوجهد ڪئي.پاڻ شاعر ۽ اديب به هئا سندس ٻه ڪتاب ڇپيل آهن هڪ شاعريءَ جو مجموعو (پيغام) سنڌي ادبي بورڊ ۱۹۹۰ع ۾ شايع ڪري پڌرو ڪيوسندس شاعراڻي تخليق، ڪومل جذبا ۽ احساس، تشبيهون، منظر نگاري مان سندس ڏات جي اڏام کي پرکي ۽ محسوس ڪري سگهجي ٿو سندس شاعريءَ جا گيت ۽ غزل مختلف فنڪارن جي آواز ۾ نشر ٿيندا رهن ٿا. سندس تغزل،فني خيال کان (مزبيت) معمونيت ۽ عشائيت تي مشتمل آهي.سندس هڪ نظم (اي وطن جانشين) ۱۹۶۳ع ۾ آل سنڌ مشاعري ۾ پهريون نمبر حاصل ڪيو. هو چوندو هو تـ شاعري منهنجي پهرين محبت آهي.مولانا رومي،شاه ڀٽائي ۽ سچل جو مداح آهيان.شاعريءَ ۾ سندس تخلص “امين”، “فهيم” هئا. امين فهيم جو نالو سندس چاچي مخدم غلام حيدر صديقي رکيو کيس سروري جماعت جا ماڻهو “ڏاڏا” سائين ڪري سڏيندا هئا ۲۱ نومبر ۲۰۱۵ تي جڏهن قبلـ سائين امين فهيم اسان کان جدا ٿيو تـ سندس عمر ۷۶ ورهيـ هئي سندس آخري رسمن ۾ بلاول ڀٽو زرداري ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جا سڀ مرڪزي اڳواڻ شريڪ ٿيا.سائين جن کي مخدوم سرور نوح جي درگاهـ جي اندر سائين طالب الموليٰ جي پيرانديءَ کان دفن ڪيو ويو. سندس هڪ شعر آهي تـ، وڃين ويهي رهين مون کان ڏاڍو پري، تنهنجي ويئي سري منهنجي ڪئين سري، تون “امين” ٿي اچ انصاف ڪري ، ڀلا توکي ڪيئن مان وسارينديس. ڌڻي در دعا آهي تہ الله سائين قبلـ سائين کي جنت الفردوس عطا فرمائي... بهار گذري هلي وئي آ، گلن جا گجرا سڪي ويا هن، الائي ڪاٿي وئي خوشي آ ! عجب صحرا اندر ۾ آهي، سدا جون اوتون انيڪ جهوتون، سڏين ٿيون توکي وري بـ آ ! وري بـ آ مخدوم امين فهيم سياست جي ڪري شاعري قربان ڪندڙ عظيم يوناني فلسفي افلاطون ڪيتريون ئي صديون اڳ چيو هو ته شاعر خيالي دنيا ۾ رهندا آهن، تنهن ڪري انهن کي رياستي معاملن کان پاسيرو رکيو وڃي. هن دنيا ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون شخصيتون پيدا ٿي چڪيون آهن، جن افلاطون جي ان ڳالهه کي غلط ثابت ڪري ڏيکاريو آهي، برصغير ۾ علامه اقبال کان وٺي اٽل بهاري واجپائيءَ تائين ڪيترائي شاعر سياستدان ان جو اهم مثال آهن، پر اسان جڏهن سنڌ جي ڳالهه ڪنداسين ته هالا جي مخدوم خاندان ٻنهي شعبن ۾ پاڻ ملهايو آهي. مخدوم طالب الموليٰ کان وٺي مخدوم امين فهيم تائين. مخدوم خاندان جي ٻنهي گادي نشينن جو اولاد نه فقط صاحبِ ڪلام هو، پر ان پيراڻي گاديءَ جو شمار پاڪستان ۾ اهم سياسي خاندانن ۾ ٿئي ٿو. مخدوم خاندان جي هاڻوڪي گادي نشين جي سڃاڻپ ملڪي سطح تي، مخدوم امين فهيم جي نالي سان هڪ سياستدان طور هو پر سنڌ واسي کيس سٺي شاعر طور به سڃاڻن ٿا. سندس سڃاڻپ ڀلي سياستدان طور هجي پر سنڌ ۾ سندس سڃاڻپ علمي ۽ ادبي شخصيت طور به هئي. مخدوم امين فهيم طالب الموليٰ جو وڏو فرزند هو، هو اڃا ٻن سالن جو هو ته سندس والده لاڏاڻو ڪري وئي ۽ مخدوم طالب الموليٰ خاندان کان ٻاهر ٻي شادي ڪئي. ٻي گهر واريءَ مان کيس پٽ مخدوم خليق الزمان، مخدوم رفيق الزمان، مخدوم شفيق الزمان ۽ مخدوم سعيد الزمان آهن، جن جي سڃاڻپ به سياستدان سان گڏ علمي ۽ ادبي شخصيتن طور ٿئي ٿي. سنڌ جي ٻين سياسي گهراڻن جي اولاد جي اُبتڙ مخدوم امين فهيم پرائمري کان گريجوئيشن جي تعليم هالا مان حاصل ڪئي ۽ قانون جي تعليم حاصل ڪرڻ باوجود هن وڪالت جو پيشو اختيار نه ڪيو. کيس سنڌي کان سواءِ انگريزي، اردو ۽ فارسي ٻولين تي عبور حاصل هو. سياست سان گڏ شاعري به کيس ورثي ۾ ملي هئي، سندس ڏاڏو مخدوم امين به وڏو شاعر هو ۽ سندس والد مخدوم طالب الموليٰ جي شاعريءَ جو ته انداز ئي نرالو آهي، مخدوم امين فهيم جا ٻه شعري مجموعا شايع ٿي چڪا آهن ۽ سندس مجموعي”پيغام“ کي بي حد ساراهيو ويو. شاعري ۾ هو پنهنجي والد جو شاگرد آهي. هن علمي ۽ ادبي گهراڻي جو شعر ۽ شاعري سان دلچسپيءَ جو اندازو ان مان به لڳائي سگهون ٿا ته امين فهيم جي شاديءَ جي جي موقعي تي ٻين رسمن سان گڏ ”آل سنڌ مشاعرو“ به ڪرايو ويو هو ۽ ان مشاعري ۾ پڙهيل شاعري ڪتابي شڪل ۾ به ڇپجي چُڪي آهي. شاعر حسن پرست نه هجي ته سندس شاعري به ڦِڪي لڳندي، مخدوم امين فهيم جي حسن پرستي جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو ته هو چار شاديون ڪري چڪو آهي ۽ سندس چار ئي زالون مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ آهن. سندس پهرئين شادي ۱۹ سالن جي عمر ۾ ۲۱ جون ۱۹۵۷ع ۾ ٿي، هن ٻي شادي بنگالي ڳائڻي رونا ليلا جي ايئر هوسٽس ڀيڻ دينا ليلا سان ڪئي، جيڪا ڪجهه سالن کان پوءِ وفات ڪري وئي، سندس ٽين شادي ڪراچي جي اردو ڳالهائيندڙ ۽ چوٿين پنجاب سان واسطو رکندڙ خاندان مان ٿي. مخدوم امين فهيم سياسي زندگي جي شروعات ذوالفقار علي ڀٽي جي چوڻ تي ڪئي ۽ هو پهريون ڀيرو ۱۹۷۰ع وارين چونڊن ۾ ٺٽي مان ايم اين اي چونڊيو ويو، ان کان پوءِ هو ۱۹۷۷، ۱۹۸۸، ۱۹۹۰، ۱۹۹۷، ۲۰۰۲ ۽ ۲۰۰۸ع جي چونڊن ۾ هالا- مٽياري جي تڪ تان ايم اين اي چونڊجي آيو هو. ضياءَ جي دور ۾ پارٽي فيصلي تحت هو ۱۹۸۵ع عام چونڊن ۾ اميدوار نه هو. پنهنجي والد مخدوم طالب الموليٰ وانگر مخدوم امين فهيم کي گهڻو اولاد هوس، کيس ڇهه پٽ ۽ هڪ ڌيءُ آهي. سندس وڏو پٽ مخدوم جميل الزمان نه فقط سٺو سياستدان پر سٺو شاعر ۽ محقق به آهي ۽ پنهنجي ڏاڏي واري ڪرسي (سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين، بين الصوبائي رابطن واري وزارت سان گڏ نوادرات واري کاتي ۾ به رهيو. سندس ٻيو پٽ مخدوم شڪيل الزمان سينيئر سول بيوروڪريٽ آهي ۽ ڊي سي او ٿرپارڪر سميت ڪيترن ئي عهدن تي فائز رهي چڪو آهي. مخدوم نجيب الزمان لنڊن مان تعليم پرائي چڪو آهي ۽ هاڻي ٻاهر ڪاروبار ڪري رهيو آهي. سندس چوٿون پٽ ابو محمد سنڌ يار آهي، دينا ليليٰ مان سندس اڪيلي ڌيءُ برمنگهم يونيورسٽيءَ مان اعليٰ تعليم حاصل ڪري چڪي آهي. مخدوم امين فهيم ملڪ جو واحد سياستدان هو، جنهن کي حڪومت، مخالف ڌر ۽ اسٽبلشمينٽ ۾ هڪ جهڙي ۽ قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو. ضياءُ الحق جي دور کان وٺي وزيراعظم جو عهدو سندس پويان هو، پر هو پارٽي سان وفادار رهيو ۽ جڏهن هن وفائن جو صلو طلبيو ته اقتدار جي هُما يوسف رضا گيلاني جي مٿي تي ويهي رهي ۽ ڊگهو وقت ناراضگي ۽ گوشا نشيني کان پوءِ هن واپار واري وفاقي وزارت قبول ڪئي، هو محترمه بينظير ڀٽو جو انتهائي ڀروسي جوڳو ماڻهو هو پر پوءِ کيس اهو منصب حاصل نه رهيو هو. سندس جاءِ رحمان ملڪ ۽ بابر اعواڻ جهڙا سياستدان والاري چڪا هئا. سنڌ جي سمورن سياسي ۽ غير سياسي وڏيرن سان سندس ياري ڪنهن کان به ڳُجهي نه هئي، پارٽيءَ جي روڪڻ باوجود هن ڄام صادق، پير پاڳاري ۽ شاهنواز جوڻيجي سان ناتا نه ٽوڙيا. کيس راڳ رنگ، شاعري ۽ شڪار سان خاص دلچسپي رهي. اهو روايتي پير نه هو ۽ سروري جماعت جا مريد کيس ملنسار مرشد طور مڃيندا هئا. هو ٻڌائيندو هو ته ”سياست جي ڪري هن شاعري قربان ڪئي.“ هو چوندو هو ته ”شاعري سندس پهريون عشق آهي، مان اڄ به شاعري ڪرڻ ۽ ٻين جي شاعري پڙهڻ مان لطف اندوز ٿيندو آهيان، مون کي مولانا رومي، شاهه سائين ۽ سچل جي شاعري پسند آهي، شاعريءَ جو منهنجي زندگيءَ تي گهرو اثر آهي، مان ماڻهن تي نه پر دلين تي راڄ ڪرڻ تي ويساهه رکان ٿو.“ وزيراعظم نه ٿيڻ باوجود ملڪي سطح تي سندس سياسي قد ۾ ڪابه گهٽتائي نه آئي. بس ايترو فرق ضرور آيو ته هو پارٽي اجلاس ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي ساڄي پاسي ويهندو هو ۽ پوءِ موجوده قيادت جي مرضيءَ تي منحصر هوندو هو ته سندس سيٽ ساڄي پاسي هجي يا کاٻي پاسي. مخدوم امين فهيم جون ساروڻيون مدد علي سنڌي تو سان اڄ هم ڪلام ٿيڻو هو، دردِ فرقت تمام ٿيڻو هو، اوچتو وئين ملي اي ماههِ لقا، مون تي هي لطف عام ٿيڻو هو. (امين) مخدوم محمد امين فهيم سان منهنجي تفصيلي ملاقات گذريل سال ۲۷ جون ۲۰۱۴ع تي هالا شهر ۾ ٿي هئي، سندن ننڍي ڀاءُ مخدوم نويدالزمان جي وفات تي پاڻ دبئي مان هالا آيل هو، آئون به تعزيت لاءِ هالا پهتو هوس. ٻاهر اڱڻ ۾ مخدوم حبيب الله سندس فرزند وڏي هجوم ۾ ويٺو هو، فاتحه پڙهي، ڪجهه دير بعد آئون هن کان موڪلائي ٻاهر نڪتس ته سامهون مخدوم ڊاڪٽر رفيق الزمان نظر آيو. هن سان وڌي وڃي مليس. پاڻ يڪدم ٿورو مڃي، چيائين؛ ”ڇو ’قبلا سائن‘ سان ڪو نه ملاقات ڪندئو ڇا؟“ هن جو اشارو مخدوم محمد امين فهيم ڏانهن هو. مون ها ڪئي ته يڪدم سروري جماعت جي هڪ رڪن کي سڏي چيائين ته بابا! سائين کي مخدوم صاحب وٽ وٺي وڃو. آئون هن سان گڏ سامهون ورانڊي مان ئي هڪ هال جو در کولي اندر ٿيس ته سامهون وڏي هال ۾ مخدوم محمد امين فهيم ويٺل هو. ٻيا به ڪيترا ماڻهو موجود هئا، مون کي ڏسي پاڻ اٿي بيٺو ۽ مون سان ڀاڪر پائي پنهنجي ڀر ۾ هڪ ڪرسيءَ تي ويهاريو. حسب معمول، ڪچهري شروع ٿي. سندس سوال هو ته ڇا پيو ٿئي سياست ۾؟ مون جواب ڏنو، قبلا سياست ۾ اوهان کان وڌيڪ اصلوڪين حالتن جي ٻئي ڪنهن کي خبر هوندي، اسين به ڏسون پيا. ايتري ۾ سيد ذوالفقار شاهه ڄاموٽ جو فرزند سيد علي ڄاموٽ پنهنجن ساٿين سان هٿ فاتحه لاءِ آيو، هن دعا لاءِ هٿ کنيا ۽ پوءِ مخدوم صاحب کان مون موڪلائڻ چاهيو ته هن مهرباني ڪري مون کي چيو اوهان ويهو. علي ڄاموٽ به ڪجهه گهڙيون ويهي هليو ويو ۽ ڪجهه رش به گهٽ ٿي ته پاڻ چيائون، اوهين به صحافي آهيو، سياست تي گهري نظر رکو ٿا، ڇا ٿا سمجهو؟ مون جواب ۾ عرض ڪيو، ”قبلا سائين عرض آ ته سياست هڪڙي سماجي سائنس آهي، اها ماڻهن جي عام ڀلاين لاءِ هئڻ گهرجي، ماڻهن جون وڏيون اميدون ٿين ٿيون ۽ حڪومتن جي بهتر حڪمراني Good Governance جو نه هئڻ، وڌندڙ دهشتگردي ۽ ٻيون اوڻايون ڪو سٺو مستقبل نه پيون ظاهر ڪن“ پاڻ اهو ٻڌي ماٺ ٿي ويو، پوءِ چيائين، ”اوهين گهڻي قدر صحيح آهيو، يقينن ائين ئي ٿيڻ گهرجي“ ان وچ ۾ مون کين عرض ڪيو ته، مخدوم صاحب توهين پاڪستان جي سياست ۾ هڪ وڏي عرصي کان اهم رهيا آهيو، اوهان فيلڊ مارشل ايوب خان جو دور ڏٺو، پنهنجي والد سوڌو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان به گڏ رهيا، پوءِ جنرل ضياءُ الحق جي مارشل لا ۾ شهيد محترمه بينطير ڀٽو جا ساٿي رهيا، اوهين مهرباني ڪري پنهنجون يادگيريون Memoirs لکو، ان سان پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ شاندار ڪتاب، ماڻهن آڏو اچي ويندو. پاڻ ٻه ٽي منٽ چپ رهڻ کان پوءِ چيائين ته ڳالهه اوهان جي تمام سٺي آهي پر لکڻ هڪ ڏکيو ڪم آهي! مون چيو ته، پوءِ سائين مهرباني ڪري ٽيپ رڪارڊ تي يادگيريون رڪارڊ ڪرايو، بعد ۾ انهن کي Transcribe ڪرائي اتاري، پنهنجي نظر مان ڪڍو ۽ آخر ۾ ڪنهن اداري کان اهو ايڊٽ ڪرائي ڇپرائڻ گهرجي. مون کين عرض ڪيو ته مثال طور: فيلڊ مارشل ايوب خان به پنهنجون يادگيريون رڪارڊ ڪرايون هيون، جن کي پوءِ الطاف گوهرFriends Not Masters (فرينڊز ناٽ ماسٽرز) جي نالي سان ڇپرايو هو. پاڻ کلي چيائون ته ها اهو ڪتاب مون ڏٺو هو، پر ڇا ڪجي، ڪيتريون ڳالهيون ڏاڍيون تلخ آهن، وري به اوهان جي صلاح تي ضرور غور ڪبو! مون چيو مثال طور اوهين ۲۷ ڊسمبر ۲۰۰۷ع تي محترمه شهيد بينظير ڀٽو سان ان گاڏيءَ ۾ گڏ هئا. اهو به انتهائي ڏکوئيندڙ واقعو اوهان جي روبرو ٿيو. منهنجي ان ڳالهه تي پاڻ ڪوبه جواب نه ڏنائون ۽ خاموش ٿي ويهي رهيا. ان وچ ۾ سردار ممتاز راهو به آيو. کيس ڏسي مون کان پڇيائون؛ ”مدد صاحب! اوهان جو دوست سردار مشتاق احمد راهوءَ سان ڪو رابطو ٿئي ٿو يا نه“؟ مون عرض ڪيو؛ ”جي سائين، مشتاق صاحب آمريڪا آهي، ساڻس ڪڏهن رات جو دير سان فون تي ڳالهه ٻولهه ضرور ٿيندي آهي، وڌيڪ اوهان کي سندن ڀاءُ ممتاز راهو ٻڌائيندو.“ پاڻ کلي چيائون؛ ”برابر ممتاز صاحب ته اسان جو پنهنجو آهي. ان وچ ۾ گهڻي دير ٿي وئي هئي، مون اٿي موڪلايو. چيائون؛ ”اوهان جي وڏي مهرباني توهان سدائين ڏک جي مهل اسان وٽ ضرور ايندا آهيو، ماني کائي ضرور وڃو.“ مون کانئس معذرت ڪئي ۽ ٻڌايم ته گاڏي مقبول راهو کان وٺي آيو آهيان، کيس جمعي جي نماز کانپوءِ واپس ڪرڻي آهي، ان ڪري اوهان کان موڪلايان ٿو. ائين چئي آئون ٻاهر نڪتس. جمعي جو ڏينهن هو، ٻاهر ڏاڍي رش هئي ۽ گرمي به تمام گهڻي هئي. رستي ۾ ايندي مون کي مخدوم محمد امين فهيم جون ڪيتريون يادگيريون ذهن تي تري آيون هيون. مخدوم محمد امين فهيم سان منهنجي شروعاتي ملاقات، غالبا سال ۱۹۸۱ع ۾ ٿي هئي. قبلا مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سان نيازمندي هئي، ان ڪري جڏهن به پاڻ حيدرآباد پنهنجي لطيف آباد يونٽ نمبر ۳ واري بنگلي تي ايندا هئا، تڏهن آئون حيدرآباد ۾ روزاني ”سنڌ نيوز“ جو ايڊيٽر هوس، حاجن فون تي ٻڌائيندو هو، قبلا سائين اوهان کي ياد پيا ڪن! ۽ پوءِ آئون به سمورا ڪم ڪار ڇڏي وڃي شام جو مخدوم صاحب سان ملاقات لاءِ پهچندو هوس. وٽن ڪچهري گهڻو ڪري فرش تي ٿيندي هئي. اتي ئي ويٺا هئاسين ته مخدوم امين فهيم ساڻن ملاقات ڪرڻ لاءِ آيو، شايد ڪراچي وڃڻو هو. مخدوم صاحب يڪدم منهنجو تعارف ساڻس ڪرايو ۽ پوءِ چيو ته مدد علي اسان جي خانداني لڳ لاڳاپن وارو اٿوَ، مرحوم ممتاز قريشي جو ننڍو ڀاءُ آهي. مخدوم امين فهيم چيو ته ها هوٽل ”سائينجيز“ ۾ ممتاز صاحب ۽ يوسف ٽالپر وارن سان گهڻيون ڪچهريون ٿينديون هيون. پوءِ مخدوم صاحب کيس ٻڌايو ته مرحوم گل حسن قريشي (مالڪ قيصر سينيما) جو ماسات به اٿوَ! اوهان کي ضرور ياد هوندو ته اسين سندس وفات تي الهندي ڪچي ۾ سندس گهر فاتحه لاءِ هليا هئاسين. مون کي چڱي طرح ياد آهي اوهين بعد ۾ سندس والده سان ملاقات لاءِ گهر جي اندر هليا هئا! مخدوم امين فهيم ياد ڪندي چيو هو. مخدوم محمد زمان طالب المولي جن جي يادگيري توڙي سندن ڳالهيون ٻڌي آئون به ماضيءَ جي ڌنڌ ۾ گم ٿي ويو هوس. ڪجهه دير کانپوءِ مخدوم امين فهيم، موڪلائي ڪراچي روانو ٿيو هو. اوچتو قبلا مخدوم صاحب پڇيو هو، اوهان کي يادگيري آهي، مرحوم گل حسن بابت؟ چيو هوم قبلا سائين! ادا گل حسن اسان جو آئيڊيل ماسات هو، بلڪ اسان جا نالا به هن رکيا هئا. هڪ انتهائي سخي مرد، دل جو ڪشاد نوجوان هو، سندس وفات جو زمانو مون کي ياد آهي، پاڻ ڪراچي ۾ اسان جي وڏي ڀاءُ ممتاز کي انٽرنيشنل فيئر ڏيکارڻ ويو هو، اتي نمائش جي آخري رات هڪ سپاهيءَ خبر ناهي ڪهڙي جنون ۾ اچي ميلي ۾ آيل ماڻهن جي هجوم تي ٿري ناٿ ٿري جي فائرنگ ڪئي هئي. ان سپاهيءَ جي هڪ گولي هن کي ڪلهي مان آرپار لنگهي وئي هئي. هو ڪراچي جناح اسپتال جي اسپيشل وارڊ ۾ هڪ مهينو حيات هو ۽ هڪ مهيني کانپوءِ اسپتال ۾ رات جو گذاري ويو هو. اها ڳالهه ۲۱ ڊسمبر ۱۹۶۲ع جي آهي، کيس گولي ۲۰ نومبر ۱۹۶۲ تي لڳي هئي. اسين ننڍا هئاسين، ۲۱ ڊسمبر تي رات جو ۱۲ وڳي هن جي تدفين ٿي هئي، وفات وقت هن جي ڄمار فقط ۳۳ ورهيه هئي ۽ اوهين غالبا ٻئي ڏينهن هن جي گهر تعزيت لاءِ آيا هئا. ياد ان ڪري به اٿم جو اوهان مرحوم جي والده سان ملاقات جي خواهش ڏيکاري هئي، جنهن جي ڪري اتي ويٺل عورتن کي ٻئي ڪمري ۾ موڪليو ويو هو. اوهان سان ملاقات مهل هن جي والده جا سڏڪا مون کان اڃان به نه وسري سگهيا آهن. مخدوم صاحب اهو ٻڌي چيو هو، اوهان جي طبيعت ۾ تحقيقي عنصر شامل آهي، دراصل، مرحوم گل حسن ۽ منهنجي والده جو گدوبندر حيدرآباد وٽ رهائش کان وٺي پاڻ ۾ ڀينرن جهڙو رستو هو، آئون پاڻ ننڍي هوندي حيدرآباد ايندو هوس ته وٽس يا وري احسن الهاشمي وارن جي گهر ۾ وڃي رهندو هئس. اوهان کي تعجب لڳندو ته مرحوم گل حسن جي والده جو اهو گهر چند مسلمانن جي گهرن مان هڪ هو، جنهن ۾ بجلي هوندي هئي، تڏهن چڱن چوکن گهرن ۾ لائيٽ ڪونه هوندي هئي. مون کين ٻڌايو ته سائين! مون کي ياد آهي ته مرحوم گل حسن جي ڇٺيءَ جو چولو به اوهان وٽان آيو هو، گلابي رنگ جي انتهائي نفيس ڪپڙي جو، وٽن سانڍيل هوندو هو. مخدوم صاحب ٻڌايو هو ته، ”ها! اهو ته ڪپڙو هالن ۾ ٺهندو هو، هاڻ بلڪل نٿو ٺهي، ان جو نالو ”موتيا“ هوندو هو، ريشمي ڪپڙو به اهڙو، جو مُنڊيءَ مان لنگهي وڃي، اوهان بلڪل صحيح ٿا چئو، مون کي ان ڳالهه جي خبر آهي. مخدوم امين فهيم سان ڪيتريون ملاقاتون جولاءِ ۱۹۸۸ع ۾ لنڊن ۾ به ٿيون، تڏهن اڃا ڄام صادق علي لنڊن ۾ ۱۹۷۷ع کان وٺي جلاوطني جي زندگي گهاري رهيو هو. نارٿ لنڊن جي ”بيلسائيز پارڪ“ واري ڪشادو گهر ڄام صاحب جي دل وانگر سياسي ڪارڪنن جي لاءِ هر وقت کليل هوندا هئا. شام جو ڪنهن مهل به اتي پهچو، ماني ۽ ٻه چار قسمن جا مشروب تيار ملندا هئا. پيپلزپارٽي جا گهڻا جلاوطن ڪارڪنن اتي شام جو اچي گڏ ٿيندا هئا. اهو گهر، بيلسائيز پارڪ ٽيوب اسٽيشن جي بنهه سامهون هوندو هو. مون ڄام صاحب سان ملاقات ڪرڻ لاءِ کيس پيجر تي ميسج ڪيو هو، پيغام پهچڻ شرط فون ڪري چيو هئائين، ”مدد! آئون اچان يا تون اچي رات جي ماني مون وٽ کاءُ ته ڪجهه حال احوال به ڪريون“. پوءِ ”ارل ڪورٽ“ مان ٽيوب ۾ چڙهي ”چئرينگ ڪراس“ تي ناردرن لائين ريل ۾ چڙهي وڃي شام جو وٽس پهتو هئس. گهر جي گهنٽي وڄائڻ سان پاڻ اچي در کوليو هئائين. پوءِ ڏاڍي پاٻوهه سان ڀاڪر پائي گهر ۾ اندر وٺي آيو هو، ان وچ ۾ ٻڌايائين ته مخدوم امين فهيم به آيل آهي، مون ساڻس تنهنجو ذڪر ڪيو آهي، اجهو ٿو اچي. ڄام صاحب سان ڪيل ڪچهري، ڊيگهه سبب هتي درج نٿو ڪريان، بهرحال مخدوم صاحب به ڪجهه دير ۾ اچي پهتو هو. جيڪو ڄام صاحب جي گهر ۾ رهيل هو. حضرت علي ڪرم الله وجهه جو قول آهي، ڪنهن ماڻهو کي پرکڻو اٿو ته هن سان گڏ سفر ڪري ڏسو، يا ساڻس ڪاروبار ڪريو. سو مولا علي جي قول مطابق ، مخدوم امين فهيم سان گڏ اٺن ڏينهن جو سفر ضرور ڪيو اٿم. آئون تڏهن هلال پاڪستان ڪراچي جو چيف ايڊيٽر هوس، سنڌ جو وزيراعليٰ ڄام صادق علي هو، عمرو ڪرڻ لاءِ سعودي عرب وڃڻو هو، نومبر ۱۹۹۰ع کان پروگرام ٺهيا پئي ۽ ڪينسل پئي ٿيا. آخرڪار مارچ ۱۹۹۱ع ۾ ڄام صاحب عمري لاءِ دبئي روانو ٿيو. وفد ۾ پير صاحب پاڳارو، مخدوم محمد امين فهيم، الاهي بخش سومرو، چوڌري احمد سعيد، علي نواز وفائي، خليفو عاقل، عثمان علي چانهيو ۽ ڄام مدد علي، علي احمد بروهي، سليم ميمڻ، اڳوڻو ڪمشنر ۽ چار صحافي، هر هڪ اظهر سهيل، محمود شام، مجيد عباسي ۽ آئون شامل هئاسين. ايمريٽيس ايئر لائين جي فلائيٽ صبح جو دبئي لاءِ رواني ٿي، رمضان جو مهينو هو، پر ايئر لائين وارين ماين (Air Hostess) هر ڪنهن کان پئي پڇيو ”آر يوفاسٽنگ، آرناٽ“ Are You Fasting? Or Not۽ ڪيترن ساٿين کي روزو ڪونه هو. پر پوءِ به ”نو“ چئي جند ٿي ڇڏايائون، پر مون کي روزو ڪونه هو، ان ڪري مون ”نو“ نه چيو. تنهن تي ايئر هوسٽيس مون لاءِ ٽِري کڻي آئي، ڀرسان مخدوم محمد امين فهيم، پير صاحب پاڳارو، ڄام صادق علي ويٺل هئا. مخدوم صاحب اٿي مون وٽ هلي آيو ۽ چوڻ لڳو، مدد صاحب اوهان ۾ اخلاقي جرئت آهي، ماڻهو کي سچ ڳالهائڻ گهرجي. اها ئي ماڻهوءَ جي اخلاقي جرئتمندي هئڻ گهرجي! اهو ٻڌي پير صاحب پاڳاري به ارشاد فرمايو هو ته، ”خطرناڪ! ڪٿي ته باز ايندو ڪر!“ آئون مرڪي چپ ٿي ويو هوس، جو پير صاحب پاڳارو ۽ سيد ذوالفقار علي شاهه ڄاموٽ اڪثر مون کي انهيءَ نالي سان سڏيندا هئا ۱۹۸۲ع ۽ ۱۹۸۳ع ۾ گهڻو ڪري پير صاحب پاڳارو حيدرآباد ۾ ڄاموٽ هائوس ۾ اچي ترسندو هو، ان وقت پير صاحب سان رات جو دير دير تائين ڪافيءَ جي ڪيترن ڪوپن تي ڊگهي ڪچهري ٿيندي هئي. پر منهنجي اختلافي ڳالهين جي ڪري هُن مون کي اهو لقب ڏنو هو. خير، جهاز دبئي پهتو ۽ اسين وڃي هوٽل ”حيات ريجنسي“ ۾ترسياسين، اتي اسان کي ٻه ڏينهن رهڻو هو. دبئيءَ جي اها هوٽل اڃان به شاندار آهي. وڏا وڏا لائونج، هيٺ اسڪيٽنگ روم هئي، ڇت تي ريوالونگ ريسٽورنٽ. لابيءَ دنيا جي مشهور چينس Chains جا دڪان. شام جو هيٺ لهندو هوس ته مخدوم صاحب سان ملاقات ٿيندي هئي ۽ مخدوم صاحب مون کي هوٽل جي لابيءَ ۾ وٺي هلندو هو، اتي مشهور گچي شاپ Gucci تي پرفيومز، ٽايون ۽ ٻيو سامان ڏسندو هو. ڪڏهن وري ريوالونگ ريسٽورنٽ وٺي هلندو هو، پر شام جو سج لٿي مهل ريوالونگ ريسٽورنٽ ۾ سموري دبئي شهر جون ڄڳ مڳ ڪندڙ بَتيون سمنڊ ۾ ترنديون ڏسڻ ۾ اينديون هيون. هڪ ڀيرو حسب معمول پاڻ مون کي لابيءَ ۾ وٺي هليو، مختلف شاپنگ اسٽورن تان ٿيندو وري وڃي سندس من پسند گُچي شاپ تي بيٺاسين. کيس هڪ ٽاءِ پسند آئي، پر پوءِ خبر ناهي ڇو اها خريد نه ڪيائين. ايتري ۾ اظهر سهيل اچي شاپ تي نڪتو. اسان سان عليڪ سَليڪ ڪري يڪدم سيلزمين کي چيائين ته هوءَ ڪالهه جيڪا ليڊيز شاپنگ بيگ پسند ڪري ويو هوس، اهو پيڪ ڪري ڏي، ايتري ۾سيلزمين هڪ انتهائي سهڻو ليڊيز شاپنگ بيگ ڪڍي هن کي ڏيکاريو. مخدوم صاحب ڏسي، وري واپس ڪيو، اظهر سهيل بل ادا ڪيو ۽ چيائين پنهنجي زال لاءِ ورتو اٿم، پاڪستاني ۷۵ هزار رپين جو آهي، اسان مرڪي کڻي ماٺ ڪئي ۽ هو اتان هليو ويو. ايتري ۾ مخدوم صاحب ٻڌايو ته اظهر سهيل صبح جو سويل ڄام صاحب جي سوئيٽ به آيو هو، پير صاحب کان ڪجهه پئسا گهرڻ لڳو، يڪدم ڄام صاحب کيس هڪ لفافي ۾ درهم ڏئي ڇڏيا. دبئي مان اسين ٽئين ڏينهن شام جو دبئي جي حڪمران شيخ راشد جي ذاتي فالڪن جهاز ۾ مديني منوره روانا ٿياسين. مديني پهچندي اسان جي منزل ”پاڪستان هائوس“ هو. پاڪستان هائوس پهتاسين ته مون کي چيائين ٽپهري جي نماز جو وقت آهي، پاڻ هتي ويهڻ بدران ڇو نه مسجد نبويءَ هليا هلون. منهنجي لاءِ عمرو پهريون ڀيرو هو، ان ڪري مان مديني شهر کان لاعلم هوس. پر کين خبر هئي هيٺ لٿاسين. اتان ڪار ۾ وڃي پنجن منٽن ۾ مسجد نبوي پهتاسين. ان سال ۱۹۹۱ع ۾ اڃا مسجد نبويءَ جي توسيع جو ڪم هلي رهيو هو. ڀرپاسي جون ننڍيون ننڍيون عمارتون ۽ هوٽلون ڊهي رهيون هيون ۽ مسجد ۾ ڪم هلي رهيو هو. پاڻ مون کي اندر وٺي هليو ۽ اتي پاڻ سان گڏ عمري جي نماز پڙهائي، بعد ۾ اندر روضي رسول وٽ وٺي وڃي حاضري ڀرايائين. اتي مون کي سختيءَ سان منع ڪيائين ته رسول جي روضي وٽ دعا گهرڻ تي سخت منع آهي ۽ پوءِ مون پهريون ڀيرو مخدوم امين فهيم سان گڏ رسول ڪريم جي روضي مبارڪ جو ديدار ڪيو ۽ واپس اچي اڱڻ ۾ ويٺاسين. ڪجهه دير کان پوءِ سانجهيءَ جي نماز ٿي هئي، ايتري ۾ مديني جي ماڻهن اسان جي لاءِ دسترخوان وڇائي ڇڏيا، اتي کجور ، قهوو، ڏهي، ڊبل روٽي جا سلائيس آڻي رکيائون. مخدوم صاحب چيو ته جنهن جا مهمان آهيون هُن هتي پاڻ کي خالي هٿين هرگز نه ڇڏيو آهي، هي هتان جو معمول اٿوَ. اهڙي طرح وري مڪي شريف ۾ ڪعبي ۾ عمرو پير صاحب پاڳاري ۽ ساڻن ڪرڻ جو شرف عطا ٿيو. ۹ ڀيرا ملڪ جي قومي اسيمبليءَ جي ميمبر شپ وارو شرف حاصل ڪندڙ مخدوم محمد امين فهيم پيپلز پارٽيءَ جو اهم اڳواڻ آهي، ساڳئي وقت هو صاحب سروري جماعت جو ۱۸هون روحاني پيشوا به آهي. پاڪستان جي سياست ۾ ته پاڻ ۱۹۶۶ع کان وٺي پنهنجي والد مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي ڪري سرگرم رهندو آيو آهي، جو مخدوم صاحب مارچ ۱۹۶۲ع ۾ پهريون ڀيرو قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو هو. ۱۹۷۰ع ۾ عملي طور پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيو ۽ ۱۹۷۷ع ۾ ٿيندڙ عام چونڊن ۾ ٻيو ڀيرو پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبلي جو ميمبر پڻ ٿيو، پر ۵ جولاءِ ۱۹۷۷ع تي مارشل لا لاڳو ٿيڻ سبب اها اسيمبلي ڪم نه ڪري سگهي. ۱۹۷۷ع کان پوءِ مارشل لا جي هڪ ڊگهي آمريت واري خوفناڪ دور ۾ به مخدوم خاندان کي اهو ڪريڊٽ لازمي طور تي وڃي ٿو، ته هنن ڪڏهن به پيپلز پارٽيءَ جو ساٿ هر گز نه ڇڏيو. خود مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ به هڪ اڏول شخص هو، سندس هڪ مُربي پٽ مخدوم خليق الزمان پيپلز پارٽيءَ جي ڪري ڪيترا ڀيرا جيلن جون مشڪلاتون برداشت ڪري آيو، ويندي بلوچستان جي مچ جيل جهڙي سخت جيل ۾ به هن بهادريءَ سان جيل گهاري هڪ مثال قائم ڪري ڇڏيو. اهو ايم آر ڊي جي هلچل وارو دور هو، ضياءُ الحق جي مارشل لا دوران زندانن جا در سدائين کليل، ڦٽڪن جا ڪڙڪا، قيد بامشقت سزائون ان دور جا ڪڏهن به نه وسرندڙ واقعا آهن. مخدوم امين فهيم کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ۷۰ع وارين چونڊن ۾ ٺٽي مان کٽيل قومي اسيمبلي جي پنهنجي سيٽ بعد ۾ کيس ڏني هئي ۽ پاڻ اتان ڪامياب ٿيو هو. ڇوٽي چونڊ ۾سيد قادر ڏني شاهه سندس مقابلو ڪيو هو. گهٽ ماڻهن کي خبر آهي ته پاڻ هڪ اهل دل، اهل ادب شخص آهي. سندس شاعري جو ڪتاب ”پيغام“ گهڻو وقت اڳ ۱۹۹۰ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪري چڪو آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته پاڻ ادبي محفلن ۾ گهٽ ٿو اچي، پر سندن والد قبلا مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سنڌي ادبي محفلن جو روح روان هو. مخدوم محمد امين فهيم ته نالو به سندس جد امجد تي رکيل آهي. هيٺين شاعري جو ذوق به سندن خاندان ۾ سالن کان هلندو پيو اچي، هت سندس شاعريءَ مان فقط هڪ بند ڏيڻ مناسب ٿو سمجهان. هن جهان ۾، رنگ وبوءِ ۾، واه جو سودو ٿيو، پاڻُ قيمت ۾ ڏئي، هڪ باوفا حاصل ڪيم يا وري: بي وفا سان وفا ڪڏهن نه ڪجي، دوستو هيءَ خطا ڪڏهن نه ڪجي سور سيني کي نيٺ صاف ڪندا درد دل جي دوا ڪڏهن نه ڪجي جيڪڏهن آئون غلط نٿو چوان ته اها هڪ حقيقت آهي ته ۱۹۷۰ع ۾ مخدوم امين فهيم ئي پنهنجي والد مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ کي پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ جي درخواست ڪئي هئي، اها ڳالهه پاڻ هڪ ڀيرو مون کي ٻڌائي هئائين. اها ڳالهه ٻڌائيندي مون کي چيائين ته لنڊن ويل هوس، اتي ڪنهن ريسٽورينٽ ۾ شام جو جناب ذوالفقار علي ڀٽي سان ملاقات ٿي، ڀٽي صاحب کي ڊارڪ ڪَلر جو سُوٽ ۽ ڊارڪ ڪَلر جي نهايت ئي سهڻي ٽاءِ ٻڌل هئي ۽ هو ان وقت ڏاڍو خوبصورت پئي لڳو. مون ملاقات ۾ سندس انهي سهڻي ٽاءِ جي تعريف ڪئي هئي. هونئن به ڀٽو صاحب انتهائي خوش پوش ۽ بهترين ڊريس اوڍيندو هو. ان ئي ملاقات ۾ مون کي چيو هئائين ته منهنجي خواهش آهي ته مخدوم طالب الموليٰ صاحب اسان جي پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿئي. پوءِ مان جڏهن واپس وطن آيو هوس ته هالن ۾ مون مخدوم صاحب کي اهو نياپو عرض ڪيو هو، مخدوم صاحب تڏهن اڃان پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل نه ٿيو هو، بعد ۾ هن فيصلو ڪيو ۽ نتيجي ۾ هالا ۾ ۱۹۷۰ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جو پهريون ڪنوينشن ٿيو هو. مون چيو هو جي سائين، اهو ڪنويشن پهرين جون ۱۹۷۰ع تي هالن جي ”محفل سينيما“ ۾ ٿيو هو. مون کي ياد اچي رهيو آهي، مخدوم امين فهيم جو هجي هيءُ شعر: خطا بارها ڪري ڏسجي، هن جو لطف ڪرم وري به ٿئي، گويا ٻيهر خطا ڪري ڏسجي هر شجر ۾حيا ۾ جام ۽ گل ۾ جستجو جابجا ڪري ڏسجي، جي حياتيءَ وفا ڪئي ته سائين عشق ۾ انتها ڪري ڏسجي. ھڪ عظيم شخص جو وڇوڙو منصور حيات بلوچ پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرين جي صدر ۽ سروري جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم محمد امين فهيم ۴ آگسٽ ۱۹۳۹ع تي هالا ۾ مخدوم زمان طالب الموليٰ جي گهر ۾ جنم ورتو، هن تي سندس تڙ ڏاڏي مخدوم جو نالو ”امين“ رکيو ويو. سروري جماعت وارا ڏاڏا ڪري سڏيندا هئا. هن شروعاتي تعليم پنهنجي اباڻي شهر هالا ۾ حاصل ڪئي. مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين، پوءِ بي اي تائين تعليم هالا جي سروري اسلاميه ڪاليج مان حاصل ڪئي، جنهن بعد سنڌ يونيورسٽي مان قانون جو پڻ امتحان پاس ڪيو. سندس شادي ۱۸ سالن جي ڄمار ۾ ٿي، شادي جي موقعي تي لاڳيتو ٽي ڏينهن سموري شهر جي گهرن ۾ چلهه نه ٻري، ڇاڪاڻ ته ٽئي ڏينهن مخدوم محمد امين فهيم جي شادي جو ڀت پوري شهر جي گهر گهر ۾ پهچايو پئي ويو، ڪن گهرن هٻڇ ۾ اچي ايترو ڀت ورتو، جيڪو سندن ضرورت کان تمام گهڻو هو، جيڪو گهٽين ۾ اڇلايو پئي ويو. مخدوم خاندان سياسي ميدان ۾ مسلم ليگ سان واڳيل هو ۽ سندس والد محترم مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيل هو، اهو صدر ايوب خان جي صدارت جو دور هو، جنهن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو وزير خارجه هو، جنهن سان پڻ مخدوم صاحب جا سٺا تعلقات هئا. اڳتي هلي جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو جا صدر ايوب سان اختلاف پيدا ٿيا، ان حڪومت کان الڳ ٿي نئين پارٽي جوڙي ته مخدوم خاندان جو به نئون سياسي سفر شروع ٿيو. انهيءَ ۾ به اهم ڪردار مخدوم محمد امين فهيم جو هو، جنهن پنهنجي والد کي ذوالفقار علي ڀٽو جي پارٽي ۾ شموليت لاءِ راضي ڪيو، جنهن بعد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي ساٿين سان گڏ مخدوم هائوس هالا پهچي مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ کي پارٽي ۾ شموليت جي دعوت ڏني، جيڪا پاڻ نه صرف قبول ڪئي پر ان ڏينهن کان پيپلزپارٽي جو پهريون مرڪزي ڪنوينشن مخدوم هائوس هالا جي ميزباني هيٺ هالا ۾ منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ پاڪستان سميت آزاد ڪشمير توڙي پرڏيهه ۾ رهندڙ پ پ اڳواڻن جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مخدوم محمد امين فهيم پنهنجي سياست جي شروعات ڪئي، شهيد ڀٽي مخدوم طالب الموليٰ کي پارٽي جو سينئر وائيس چيئرمين ۽ مخدوم محمد امين فهيم پارليامينٽ جي سياست کان اڳ پهرين دفعو ۱۹۶۱ع ۾ ميونسپل ڪميٽي هالا جو چيئرمين چونڊيو ويو، جيڪو عهدو وٽس تقريبن ۶ سال رهيو، بعد ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي پاران ٺٽي مان کٽيل قومي اسيمبلي واري سيٽ خالي ڪرڻ کانپوءِ ۱۹۷۰ع ۾ پهريون دفعو ٺٽي واري سيٽ تان رڪن قومي اسيمبلي چونڊيو، شهيد ڀٽي جي شهادت کانپوءِ پارٽي ۽ ڀٽي خاندان جي ذميواري مخدوم خاندان حوالي ٿي، جنهن ۾ مخدوم امين فهيم اهم ڪردار ادا ڪيو. ضياءَ دور ۾ مارشل لا خلاف ايم آر ڊي ۽ جيل ڀريو تحريڪ ۾ مخدوم محمد امين فهيم جو نمايان ڪردار رهيو، جنهن ۾ مخدوم خليق الزمان به گرفتاري ڏني. هالا جي مخدومن پاران پيپلزپارٽي جي وفائي کي بي وفائي ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ آمر ضياءَ الحق مخدوم امين فهيم کي پنجاب جو گورنر توڙي سنڌ ۽ وفاق ۾ اهم عهدا آڇيا، پر مخدوم امين فهيم اهي سڀ آڇون ٺڪرائي پيپلزپارٽي سان وفادار رهيو. مخدوم امين فهيم ۱۹۸۸، ۱۹۹۰، ۱۹۹۳، ۱۹۹۷، ۲۰۰۲، ۲۰۰۸ ۽ ۲۰۱۳ ۾ پنهنجي چونڊ تڪ مان ڪامياب ٿي رڪن قومي اسيمبلي بڻيو. مجموعي طور مخدوم امين فهيم ۸ دفعا رڪن قومي اسيمبلي چونڊجي چڪو آهي. ۱۹۹۳ع جي چونڊ ۾ مخدوم امين فهيم هالا جي قومي ۽ صوبائي سيٽ تان بنا مقابلي ڪامياب ٿيا، جڏهن ته پ پ جي دور حڪومت ۾ مواصلات جو وفاقي وزير ۽ بعد ۾ ۱۹۹۳ع ۾ هائوسنگ جو وزير ۽ ۲۰۰۸ع واري دور حڪومت ۾ واپار وارو وفاقي وزير رهي چڪو. پيپلزپارٽي جي چيئرپرسن محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي جلاوطني کانپوءِ بينظير جو قابل اعتماد ساٿي هئڻ سبب بينظير ڀٽو مخدوم محمد امين فهيم کي پارٽي جون واڳون ڏنيون جنهن کي مخدوم امين فهيم انتهائي ذميواراڻي انداز ۾ نڀايو. ۲۰۰۲ع جي چونڊن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي تي مشرف پاران لڳايل پابندي کانپوءِ پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز نالي جماعت ٺاهي. مخدوم امين فهيم کي ان جو سربراهه مقرر ڪري اليڪشن ۾ حصو ورتو ويو. گذريل ٽن اليڪشن ۲۰۰۷-۲۰۰۸-۲۰۱۳ع جي عام چونڊن ۾ پيپلزپارٽي مخدوم امين فهيم جي قيادت ۾ حصو ورتو. ۲۰۰۲ جي چونڊ ۾ پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز مخدوم امين فهيم جي قيادت ۾ ملڪ جون سڀ کان وڌيڪ سيٽون حاصل ڪرڻ باوجود کيس حڪومت ٺاهڻ نه ڏني وئي، ان وقت جي آمر پرويز مشرف مخدوم امين فهيم کي وزارت اعظميٰ جي آڇ ڪئي، پر مخدوم محمد امين فهيم انڪار ڪري ڇڏيو، ان بعد مشرف ايجنسين ذريعي پ پ جي ميمبرن کي ٽوڙي پ پ پيٽرياٽ ٺاهي مسلم ليگ جي حڪومت ٺاهي. پيٽرياٽ ۾ مخدوم فيصل صالح حيات، آفتاب شير پائو ۽ ڊاڪٽر شيرافگن جهڙا پارٽي جا اهم ميمبر پارٽي سان بي وفائي ڪري مشرف سان هٿ ملايو، پر ان وقت مخدوم امين فهيم پارٽي سان ثابت قدم رهيو. مخدوم محمد امين فهيم جي ڪوششن سان پرويز مشرف ۽ بينظير وچ ۾ اين آر او تي ٺاهه ٿيو، جنهن بعد محترمه جي جلاوطني ختم ٿي ۽ هوءَ ڏيهه ۱۸ آڪٽوبر ۲۰۰۷ تي واپس آئي ۽ مخدوم محمد امين فهيم جي قيادت ۾ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن سندس شاندار استقبال ڪيو. ڪراچي ۾ محترمه جي استقبال دوران ٿيل بم ڌماڪي ۾ سوين ڪارڪنن جي شهادت توڙي زخمين ۾ مخدوم امين فهيم پڻ معمولي زخمي ٿيو، جنهن بعد مخدوم امين فهيم محترمه بينظير ڀٽو سان گڏ ۲۰۰۷ع جي عام چونڊن جي چونڊ مهم هلائي، جنهن دوران ۲۷ ڊسمبر ۲۰۰۷ع واري لياقت باغ راولپنڊي جي جلسي کانپوءِ بينظير ڀٽو مٿان قاتلاڻي حملي ۾ پڻ مخدوم امين فهيم شهيد راڻي سان گڏ گاڏي ۾ سوار هو. مذڪوره حملي ۾ محترمه شهيد ٿي ويئي، جنهن بعد شهيد راڻي جي وصيعت موجب پارٽي جون واڳون آصف علي زرداري حوالي ٿيون. محترمه جي ٽيجهي جي موقعي تي آصف زرداري مخدوم امين فهيم کي پارٽي جو وزيراعظم نامزد ڪري چونڊ ۾ حصو ورتو. ۲۰۰۸ع جنوري ۾ پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز مخدوم امين فهيم جي قيادت ۾ اڪثريت سان ڪامياب ٿي. مخدوم امين فهيم جي پارليامينٽرينز ڪامياب ٿيڻ باوجود آصف علي زرداري مخدوم محمد امين فهيم کي وزيراعظم طور نامزد نه ڪيو جنهن سبب مخدوم امين فهيم ۽ محترمه جي وصيعت موجب پارٽي جي چيئرمين آصف علي زرداري ۾ ڪجهه عرصو اختلاف ٿي ويا. پارٽي جي حڪومت قائم ٿيڻ باوجود حڪومت ۾ پارليامينٽرينز جي سربراهه مخدوم محمد امين فهيم کي ڪجهه عرصي کان حڪومت کان الڳ رکيو ويو، جنهن بعد ان وقت جي وزيراعظم مخدوم يوسف رضا گيلاني پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندي آصف علي زرداري ۽ مخدوم محمد امين فهيم ۾ پيدا ٿيل اختلاف ختم ڪرائي مخدوم محمد امين فهيم کي ڪابينا جو حصو بڻائيندي وفاقي وزير طور واپار واري وزارت جو قلمدان ڏنو. ۱۸ آڪٽوبر ۲۰۰۷ع تي ڪراچي ڪارساز وٽ جيڪي آپگهاتي بم ڌماڪا ٿيا هئا، تن ۾ مخدوم صاحب کي بم جو هڪ ٽڪرو لڳو هو، جنهن جو ان وقت کيس احساس نه ٿيو پر وقت گذرڻ سان انهيءَ زهريلي مواد سندس جسم کي هيڻو ڪرڻ شروع ڪيو هو، جيڪو گهڻو وقت پوءِ ڄاڻ پوڻ تي پرڏيهه ۾ علاج دوران جسم مان اهو زهريلو مادو ڪڍيو ويو، پر ان وقت تائين اهو بهرحال مخدوم صاحب جي موتمار بيماري جو ڪارڻ بڻجي چڪو هو، جيڪا بلڊ ڪينسر جي شڪل ۾ ثابت ٿي ۽ حياتي کسڻ جو باعث بڻجي. اهڙي ريت هي پارٽي جو وفادار ۽ سروري جماعت جو روحاني پيشوا هميشه جي لاءِ هن فاني جهان کي الوداع چئي ويو. امين فهيم کي سانگهڙ به ساري ٿي! ڇنڇر ۲۸ نومبر ۲۰۱۵ع نواز ڪنڀر ڪن ماڻهن جي وڃڻ تي شهر بند ٿيندا آهن، ڪن جي وڃڻ تي وري گھر ۽ در بند ٿيندا آهن، پر ڪن جي وڃڻ تي ڄڻ ته ساهه به بند ٿي ويندا آهن! ڪن جي جنازن ۽ تڏي تي ماڻهن جا سمنڊ اُٿلي پوندا آهن، پر ڪن لاءِ ماڻهن سان گڏ، لُڙڪن ۽ سُڏڪن جا سيلاب اچي ٿا وڃن. اکين جا بند ڀڄي پوندا آهن، هانءَ ڇڄي پوندا آهن. دل جو ڌڙڪڻ بند ٿيندي محسوس ٿيندو آهي، ويڙھا ويران ٿي ويندا آهن ۽ دلين جون آباديون ڄڻ ته ويرانن ۾ ويڙهجي وينديون آهن، اهڙن ماڻهن جو وڃڻ، وقت جي کوڙ سارن بابن جي بند ٿيڻ برابر بڻجي ويندو آهي. اهڙن ئي بي مثال ماڻهن ۾ هڪڙو هو، سائين مخدوم امين فهيم! ملڪ ۾ ڪيترائي سياستدان آيا ۽ ايندا، گادي نشين به آيا ۽ ايندا، شاعر به آيا ۽ ايندا، پر جتي ماڻھو ٿڌا ساهه ڀري مخدوم امين کي ساريندا ۽ اکيون اشڪبار ٿا ڪن، اُتي سياست به کين هميشه سڪ سان ساريندي، سندن ساراهه جا ڍُڪ ڀريندي رهندي. سياست ۾ جڏهن به ڳالهه وفاداريءَ جي، ساٿ نڀائڻ جي، رواداري ۽ سنجيدگيءَ جي ايندي ته، دنگ وڃي امين فهيم تي ئي ڪندي! مخدوم سرور نوح رح جي گاديءَ جا ٻين علائقن وانگر سانگهڙ ضلعي ۾ به وڏي انگ ۾ مريد آباد آهن. هاڻ جڏهن مخدوم امين هن دنيا ۾ ناهي رهيو ته ملڪ جي ٻين حصن جي ماڻهن وانگر سانگھڙ وارن جي دلين ۾ به ان جي حوالي سان انهن جون کوڙ ساريون ساروڻيون، هانءَ تي هُري رهيون آهن ۽ ڪچهرين جو موضوع بڻيل آهن. بينظير ڀٽو جي شهادت بعد جڏهن هڪ تاريخي جلسي ۾ مخدوم امين فهيم عيد گاهه روڊ کان جامع مسجد وارو مين روڊ ڏئي، اُتان نواب شاهه روڊ کان جلسي گاهه ۾ آيو ته سانگھڙ شهر ۾، مٿن ڪيترن ئي هنڌن تي گل پاشي ڪئي وئي. ماڻهو سندن هڪ جھلڪ ڏسڻ لاءِ پنهنجو ڪاروبار ۽ ڪم ڪار اڌ ۾ ڇڏي، روڊن تي بيهي رهيا هئا. جتان سندن گاڏي پئي لنگھي، اُتان ماڻهو ديوانن وانگر سندن پُٺيان پئي ڊوڙيا، جنهن دوران جتي عوام کي، سياست جو خال ڀرجڻ جي اُميد هئي، اُتي کان بغير اچڻ تي، مخدوم صاحب جي اکين جي اُداسي به هر ڪو آسانيءَ سان محسوس ڪري پئي سگھيو. مخدوم امين فهيم جتي ٻين هنڌن تي ويا ۽ دورا ڪيا، اُتي هو مختلف موقعن تي سانگھڙ به آيا. سندن سانگھڙ اچڻ جو مقصد، جتي سياسي هو، اُتي شڪار ۽ راڳ ويراڳ جي حوالي سان به سندن سانگھڙ اچڻ ٿيو. سنڌ ۾، سندن زندگيءَ جو آخري ۽ وڏو سفر ۽ شڪار به سانگھڙ ۾ ئي ٿيو، جتي پاڻ ۷ فيبروري ۲۰۱۴ع تي، صدر الدين شاهه راشدي جي دعوت تي، صبح جو نائين وڳي هالا کان سانگھڙ، اڳوڻي وفاقي وزير ۽ موجوده ايم پي اي حاجي خدا بخش راڄڙ جي بنگلي تي ناشتي تي آيا، جتي ڪلاڪ منو کن ترسي، ”اوڍ“ ڏانهن اُسريا. رستي ۾ گھنڊڻ ۾ چانگن جي استقبال ۽ ورڪشاپ واري پاسي منگواڻن ۽ اُنڙن جي استقبال بعد اوڍ ۾ ٻن هرڻن ۽ کوڙ سارن تترن جي شڪار بعد پاڻ اوڍ ۾ مرحوم خليفي الهه بخش جوڻيجي جي اوطاق تي مانجھاندي بعد کپري اُسريا. ان شڪار دوران پاڻ انهيءَ ڳالهه جو به اظهار ڪيو ته منهنجي خواهش آهي ته: ”روضي ڌڻي رح جي جماعت، سروري جماعت ۽ غوثيه جماعت گڏجن.“ سندن انهيءَ بيان تي سياسي سرگوشيون، اُن وقت وڌي وڻ ٿيون، جڏهن پاڻ پير صاحب پاڳاري سان گڏجي مشرف سان ملاقات ڪيائون. هي نفيس انسان، شاعر ۽ سياستدان، سنڌ ۾ راڳ جي حوالي سان منفرد ۽ مثالي درگاهه منٺار فقير راڄڙ تي هونئن ته اڪثر آيو، پر ۱۹۹۸ع کان ۲۰۰۲ع تائين مسلسل ۴ سال ايندو رهيو، جنهن ۾ هڪ ڀيرو ته پاڻ اسلام آباد کان سڌو منٺار فقير جي درگاهه تي آيا، راڳ ٻُڌو ۽ اُتان وري روانا ٿيا! سانگھڙ، امين فهيم پاران اڪثر اچڻ ۽ شڪار جي حوالن کان اهم ته آهي ئي آهي، پر درگاهه نوح رح جي حوالي سان سانگهڙ جي هڪ ٻي نسبت، جيڪا سانگهڙ جي اهميت کي اڃا به وڌائي ٿي، سا آهي جميل الزمان، جن جي ولي عهد سائين محبوب الزمان جي ناناڻن جو کپرو ڀرسان ناري جي پرئين ڀر، ڳوٺ ”دُلو هنڱورجو“ (سندن ناني حاجي جان محمد هنڱورجو، مامي ۽ پ پ جي موجوده ضلعي صدر ۽ صوبائي صلاحڪار علي حسن هنڱورجي جو ڳوٺ) ۾ هجڻ ڪري! جتي هن نئون لکي گودڙيءَ جي اها نسبت سانگھڙ ۽ هن جي انهيءَ ڳوٺ کي وڌيڪ اهم بڻائي ٿي، اُتي ان ڳوٺ ۾ وفاداريءَ جي ”امين“ سياستدان پاران پاڻ اچڻ ڪري به، هن ڳوٺ جو مان مٿانهون ٿيو. ڏسجي ته بحيثيت شاعر امين فهيم پنهنجي والد پاران قائم ڪيل هڪ روايت کي به خوبصورت طريقي سان اڳتي وڌايو. طالب المولى جن اهو رواج وڌو هو ته، جيڪا شاعري، جنهن هنڌ، جنهن تاريخ ۽ جنهن وقت ڪيائون، اهو به ڄاڻايائون، جڏهن ته امين فهيم، جن ان روايت کي اڳتي وڌائيندي، ڪيل شاعريءَ جو پس منظر به ڄاڻايو! ”امين فهيم“ پنهنجي نالي وانگر، جيڪا وفاداري، رواداري، افهام تفهيم ۽ محتاط گفتگوءَ جو مثالي نمونو ڇڏيو آهي، اهو گھٽ ۾ گھٽ سنڌ جي سياست ۾ ضرب المثل ضرور بڻبو ۽ ايندڙ دور ۾ ڪنهن به پارٽيءَ سان وفاداريءَ جو ڪاٿو، امين فهيم جي وفاداريءَ سان ڀيٽ ڪري لڳائبو! باوقار شخص جو وڇوڙو زيب سنڌي اسلام آباد ۾ ڊسمبر ۱۹۸۸ع جي اها بيحد سرد شام هئي ۽ مان قومي اسيمبلي بلڊنگ جي مين گيٽ وٽ انهيءَ وقت جي ايم اين اي، نامياري تعليمي ماهر ۽ پنهنجي مهربان سائين غلام مصطفي شاه جو انتظار ڪري رهيو هئس. جيئن پوءِ تيئن سرديءَ جي شدت ۾ اضافو ٿيندو پئي ويو. شام تي رات جا پاڇا پوڻ لڳا ته جرسي ۽ جرسيءَ مٿان پاتل ڪروڪوڊائيل جي گرم جيڪيٽ اندر به منهنجو جسم ڪنبڻ لڳو. اهڙي حالت ۾ سائين غلام مصطفي شاه جو انتظار ڪندي هڪ ڪار طرف نظر وئي، جنهن مان هڪ خوش لباس ۽ باوقار شخص لهندي آيو. انهيءَ باوقار شخص سائين امين فهيم سان اڳ منهنجي ڪابه ملاقات نه هئي، پر دل ڇِڪَ ڏني ته مان وڃي سندن اڳيان بيٺس، ”سائين، مان زيب سنڌي آهيان.“ مرڪي ڀاڪر پاتائون ۽ منهنجو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهلي اسيمبلي بلڊنگ اندر وٺي ويا. تڏهن پاڻ شهيد بيبي جي پهرين حڪومت ۾ وزير هيا. پنهنجي آفيس ۾ پهچي حال احوال ورتائون ته مون چيو، ”مان اسلام آباد ۾ ريڊيو پروڊيوسر جي ٽريننگ پوري ڪري چڪو آهيان، هن ئي هفتي پوسٽنگ آرڊرس جاري ٿيڻا آهن. مون کي ڪراچي يا حيدرآباد ۾ پوسٽنگ وٺي ڏيو.“ امين فهيم صاحب انٽرڪام تي پي اي کي ان وقت جي انفرميشن منسٽر جاويد جبار سان ڳالهرائڻ لاءِ چيو. ٿوري دير اندر ئي پي اي کين ٻڌايو ته انفرميشن منسٽر پنهنجي آفيس ۾ موجود ناهي ۽ سندس موبائيل نمبر بند آهي. تڏهن پاڻ پي اي کي چانهن موڪلڻ لاءِ چئي مون ڏانهن ڏٺائون، ”فڪر نه ڪيو ڳولي ٿا وٺون جاويد جبار صاحب کي.“ چانهن پيئندي فائيل به ڏسندا رهيا ۽ سنڌيءَ ۾ ڇپجندڙ نون ڪتابن بابت به پڇندا رهيا. ڪجهه دير کان پوءِ ٻيهر پڇا ڪرائڻ تي به جڏهن انفرميشن منسٽر سان رابطو نه ٿي سگهيو ته ٻئي ٽيليفون سيٽ تان پنهنجي هٿ سان مختلف نمبر ڊائيل ڪري پڇا ڪندا رهيا، پر جاويد جبار سان رابطو نه ٿي سگهيو. تڏهن جاويد جبار صاحب لاءِ خط لکي منهنجي حوالي ڪري چيائون، ” مون کي ڪراچيءِ وڃڻو آهي ۽ فلائيٽ ۾ باقي فقط هڪ ڪلاڪ آهي. توهان جاويد جبار صاحب سان ملي وٺجو، پر جيڪڏهن ملاقات نه ٿي سگهي ته سڀاڻي شام تائين مان ڪراچيءَ کان واپس اچي ويندس. توهان مون وٽ هليا اچجو.“ مون سندن مهرباني مڃي کانئن موڪلايو ۽ اسيمبلي بلڊنگ جي ساڳئي ئي فلور تي موجود انفرميشن منسٽر جي آفيس طرف هليو ويس. ڪجهه ئي دير ۾ جاويد جبار صاحب اچي ويو، جنهن کي امين فهيم صاحب جو خط ڏنم ته مرڪي هاڪار سان ڪنڌ لوڏيائين. ڪم ٿي ويو ۽ هن فقير وڃي هوائن جي شهر حيدرآباد جا وَڻَ وسايا. ڪتابن ۽ ڪتاب دوست ماڻهن سان پيار ڪندڙ اهو باوقار ۽ خوبصورت شخص امين فهيم ، جنهن کي عوامي اڪثريت هڪ باوفا سياستدان جي حيثيت سان سڃاڻي ٿي، سچ ته اهو اسان جي ملڪ جي سياسي منظر جو اهڙو ڪردار هو، جنهن وٽ سياستدان بجاءِ دل فقط ۽ فقط شاعر واري ئي هئي. ۱۹۵۳ع ۾ شاعريءَ جي ابتدا ڪندڙ هي خوش لباس ۽ خوش گفتار شخص سياست جي خاردار دنيا ۾ سدائين ڪنهن منفرد گل جيان ئي نظر آيو. سندن ئي هڪ غزل جي سِٽَ ۾ سندن شخصيت جي ڪيڏي نه تُز عڪاسي ٿيل آهي، ”گُلَ پَٽييندي خار ۾ ڦاسي پيس !“ شاعريءَ جي گل رنگ راهن جي هن مسافر سياست جي خاردار پيچري تي پير رکيو ته پوءِ هو تاحيات ناقابلِ شڪست رهيو . ۱۹۷۰ع ۾ ذوالفقار ڀُٽي جي ٺٽي ۾ خالي ڪيل سيٽ تي پهريون ڀيرو چونڊجي آيو ۽ اٺ ڀيرا ايم اين اي ۽ هڪ دفعو ايم پي اي چونڊجڻ باوجود سندس سياست تي هن جو شاعراڻو مزاج حاوي رهيو ۽ ڪتابن سان سندس دوستي سدائين برقرار رهي. شرافت ، وفاداري ۽ سچائي هن باوقار شخصيت جو شيوو رهي. اهو ئي سبب آهي ته هن بي وفائي ڪندڙن سان به وفا ڪئي ، جو وفاداري ۽ سچائي سندس سوچَ جو محور هئي. هن جي اهڙي مزاج جي عڪاسي سندس شاعريءَ ۾ به ملي ٿي: بي وفا سان وفا ڪري ڏسجي هيءَ خطا بارها ڪير ڏسجي جي حياتيءَ وفا ڪئي ته فهيم عشق ۾ انتها ڪري ڏسجي مون کي خبر ناهي ته امين فهيم صاحب اهي سٽون ڪڏهن ۽ حياتيءَ جي ڪهڙي حصي ۾ لکيون هيون ، پر عمر جي آخري ڏينهن تائين هو پنهنجي وفا نڀائيندو رهيو. هن جي وفاداريءَ جي وڏي قيمت لڳائي سندس وفاداريءَ کي خريد ڪرڻ جي ڪوشش به ٿيندي رهي پر وزير اعظم جي عهدي جي آڇ به هن کي لوڏي نه سگهي ۽ هن ڪنهن به قيمت تي پنهنجي سچائيءَ جو سودو نه ڪري پاڻ کي املهه ثابت ڪيو. اها سچائي، اها شرافت ، اهو وقار ۽ اها وفا، جيڪا هن کي پنهنجي وڏن کان ورثي ۾ ملي هئي. انهن خوبين تي ثابت قدم رهي ، حقيقت ۾ هن سڄي عمر پنهنجي والد بزرگوار سائين مخدوم محمد زمان طالب المولي جي پيروي ڪئي ، سندن نقشِ قدم تي هلي زندگي جا چار ڏينهن پورا ڪيا ۽ ڪڏهن به شرافت ۽ صبر جو دامن نه ڇڏيو: ٻه ڏينهن گذري ويا، ٻه ڏينهن گذري ويندا فهيم ڪڏهن به صبر جي دامن کي داغدار نه ڪبو سائين امين فهيم جي وفات کان پوءِ ، سندن گادي نشين فرزند مخدو جميل الزمان جو چوڻ آهي ته ،”مخدوم اهو آهي، جيڪو عوام جي خدمت ڪري. جيڪو عوام جي خدمت نٿو ڪري، اهو فقط نالي جو مخدوم هوندو.“ انهن لفظن سان مخدو جميل الزمان انهيءَ ساڳئي سوچ ۽ فڪر جي پيروي ڪئي آهي، جنهن سوچ ۽ فڪر جو اظهار سائين طالب المولي صاحب ڪيو هو: اگر خدمت ڪرڻ جي ناهي طاقت طالب المولي ته پوءِ مخدومي دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونهي ڪو منهنجو ذاتي تجربو ۽ مشاهدو به آهي ته امين فهيم صاحب وٽن آيل هر ماڻهوءَ جا مسئلا بنا ڪنهن تفريق جي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هو احسان ڪري وساري ڇڏيندا هيا، پر مون نه ڪڏهن سندن احسان کي وساريو ۽ نه ئي ڪڏهن کين وساري سگهندس. افسانه ِ حيات ڪبو ختم اي فهيم ! يادن جي داستان جي حفاظت ڪري ڪري. مخدوم امين فهيم جي ياد ۾ سنڌي غزل جي اڌ ۾ رهجي ويل ڪٿا رکيل مورائي غزل جو هڪ نرالو نانءَ مخدو امين فهيم ۴ آگسٽ ۱۹۳۹ع تي ڄائو ۲۱ نومبر ۲۰۱۵ تي ان ديس ڏانهن روانو ٿيو، جتان هو آيو هئو، دراصل هيءُ اهو ديس آهي، جتان هر ساهوارو آيو آهي ۽ هر ساھ وارو واپس وڃڻو آهي، دنيا جي سڀني مذهبن ايئن ٻڌايو آهي ۽ سڀني مذهبن جا مڃيندڙ ايئن قبول ڪن ٿا، اسان به ايئن قبول ڪريون ٿا. آگسٽ ۱۹۳۹ع کان هيل ۲۰۱۵ع تائين عمر جا ڇاهتر سال هن هن جهان ۾ گذاريا. ۽ انهن ڇاهتر سالن ۾، هن نصابي تعليم پرائي، سياستڪار بڻيو، چار شاديون ڪيائين، اڻ ڳڻيا عشق ڪيائين، يارهن ٻار، ست پٽ ۽ چار نياڻيون پيدا ڪيائين. اٺ ڀيرا قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو ڪيترائي ڀيرا وزير ٿيو، چون ٿا ته هڪ کان وڌيڪ ڀيرا وزيراعظميءَ کي ٺڪرايائين. سنڌي اساسي شاعريءَ جي اهم شاعر مخدوم سرور نوح جي گاديءَ جو اڙهون سجاده نشين ٿيو، لکين مريدن جي مرشد هجڻ جو مرتبو ماڻيائين ۽ ٻيو به گهڻو ڪجهه پنهنجي هڪ زندگيءَ ۾ حاصل ڪيائين، پر سچ اهو آهي ته هڪ زندگي ۾ هن جيتريون محبتون ماڻيون انهن جو اظهار ۲۱ نومبر تي ظاهر ٿيو، جو هن ملڪ جا لکين ماڻهن سندس جدا ٿيڻ تي اوڇنگارون ڏئي رنا، هزارين ماڻهو سندس جنازي نماز ۾ شريڪ ٿيا ۽ لکين آلين آکين الڳ الڳ هنڌن تي ڳوڙها ڳاڙهيا ۽ کيس ياد ڪيو. وفات تي زندگيءَ جي الڳ الڳ شعبن سان واسطو رکندڙ ماڻهن تعزيتي بيان ڏنا. ڪيترن سياستدانن سياسي بيان ڏنا. اڄ جي سياست جي نالي ۾ ڏنل بيان جيڪي هر طرح ڪوڙ تي ٻڌل هئا، انهن به بيان جاري ڪيا، جن کيس اندران اندران ڏنڀ ڏنا ۽ هڪ حسين شاعر جو روح رنجايو. ساڻس دوکا ڪري! هڪ عمر ۾ ايتريون حاصلاتون جن شخصن جي کاتي وينديون آهن، پڪ سان اُهي اهم انسان ڄاڻايل هوندا آهن جن مان هڪ سائين مخدوم امين فهيم به هئو. ڄاڻايل سڀ حوالا هڪ شخص جا سنساري حوالا آهن. منهنجي هنن سٽن لکڻ جو مقصد ڪو به سنساري حوالو کڻڻ نه آهي، مان مخدوم صاحب جي سنسار کي ڪجهه ڄاڻان ٿو. پر هڪ سندس اهڙو سنسار به آهي، جيڪو هن سنسار کان الڳ آهي جيڪو هڪ تخليقي سنسار آهي. آدرشي سنسار آهي. جيڪو هن جي هڪ شاعراڻي دفتر ”پيغام“ ۾ محفوظ آهي. امين فهيم صاحب جي حوالي ۾ اهو سنسار هيئن مون جيان جيڪي، روحاني دنيا ۾ يقين رکن ٿا، انهن کي هيءَ به يقين هجڻ گهرجي ته اسان جيڪي شاعر آهيون، اهي شاعري ڪريون ٿا. پر مخدوم خاندان اهڙن شاعرن جو خاندان آهي جن تي شاعري نازل ٿيندي آهي، جن کي يقين نه اچي انهن کي هيءَ ننڍڙا تفصيل ضرور پڙهڻ کپن کين خوشي ٿيندي. اساسي شاعريءَ جو هڪ اهم شاعر جيڪو سندس جدا مجد آهي، مخدوم سرور نوح رحمت الله عليه جنهن جو هڪ بيت سون کان وڌيڪ قيمتي ڌاتوءَ ۾ مڙهائڻ جهڙو پيئي جا پرڀات، سا ماڪ مَ ڀانيو ماڻهئا، روئي ڇڙي رات، ڏسي: کوين کي ۽ ماڙيون ڀان ٿي ماتام ماروئڙن لئه هيءَ دل ماندي ورهيه وهايم رانڙي ڪافيءَ جو خالق، مخدوم امين محمد ”پکن ڌڻي“ جنهن خاندان جو تڙ ڏاڏو، جنهن شاعر جو والد قبله مخدوم طالب الموليٰ، سنڌي شاعريءَ جو هڪ فڪري اسڪول، جنهن جي علمي، ادبي ۽ سماجي خدمتن جي داستان لکڻ لاءِ ڪيترائي ڪتاب گهرجن. جيڪو مخدوم نوح جي گاڏيءَ جو سترهون سجاده نشين ۽ اهو هن ٻاهرئين سنسار کي ٺڪرائڻ وارو فقير منش طبيعت رکڻ وارو سنساري اميري کي پيرن هيٺان رکڻ وارو مخدوميءَ تي خادميءَ کي فوقيت ڏيڻ وارو ۽ هي اظهار ڪرڻ وارو اگر خدمت ڪرڻ جي ناهي طاقت طالب الموليٰ ته پو مخدومي دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونهي ڪو. امين فهيم صاحب ان شخص جو اولاد ۽ گهر ۾ سندس سڀ ڀائر شاعر، ادب دوست، علم دوست، جيستائين سياست عبادت هئي ڪندا رهيا، جڏهن سياست واپار بڻي ته سڀن لڳ ڀڳ سياست ڇڏي ڏني ۽ اهڙي وقت مخدوم خليق الزمان فرمايو هن سان ٻيهر وفات ڪري ڏسبي پاڻ سان هڪ دغا ڪري ڏسبي خاندان، جنهن تي لطيف سائينءَ جي هيءَ سٽ بلڪل پوري اچي ته جهڙو پنهو پاڻ پاڻ، تهڙي سٽا ساٿ جي خاندان جو هڪ حسين شاعر مخدوم امين فهيم اسان کان جدا ٿي ويو. جنهن پنهنجي جوانيءَ ۾ فرمايو هو ته تعلق آهي اهڙو ئي، نظر جو ناز وارن سان رهي ٿو ربط جهڙي طرح، لهرن جو ڪنارن سان ڪڏهن ايئن ڪونه ٿيو آهي ته گل دامن ۾ اٽڪي پئي مگر اٽڪيو پوي دامن، گلن هوندي به خارن سان سندس زندگيءَ ۾ ڪيترائي خار رهيا هوندا، ڇاڪاڻ ته سندس زندگي ۾ گلن جو مقدار به ايترو آهي جنهن جو ڳاڻيٽو نه آهي جنهن جو اظهار سندس شاعريءَ ۾ گهڻن ئي هنڌن تي آيو آهي. ڪي تڪڙا مثال هيءُ آهن؛ آ، سند ۽ انتظار ڪافي آ دل تي بيدرد بار ڪافي آ راز ڪنهن کان لڪائيندي تون ”امين“ ٿي ويو آ شڪار ڪافي آ جو دست چاڪ ٿو ڪري، دامن کي اي ”امين“ سوئي بچائي ٿو وٺي، دامان ڪڏهن ڪڏهن آئون تنهنجي تار ۾ ڦاسي پيس، عشق جي آزار ۾ ڦاسي پيس گل پٽيندي خار ۾ ڦاسي پيس، ڄڻڪ دام يار ۾ ڦاسي پيس ڪنهن جي قيدي ٿي رهڻ لئه اي ”امين“ ڄاڻي واڻي ڄار ۾ ڦاسي پيس. انهن کانسواءِ ڪيترن ئي گلن ۽ خارن جو ذڪر ڪندڙ هڪ حسين غزل لکندڙ شاعر اڄ سنڌ وٽ نه رهيو آهي، سنڌي غزل جي تاريخ هن کي ڪيئن وساري سگهندي؟ سچ آهي ته کيس سياست جي سنسار تخليقي سنسار کان پري ڪري ڇڏيو پر پوءِ به هن جي ڳالهائڻ مان اٿڻ ويهڻ مان ۽ مرڪڻ مان هڪ شاعر جو درشن ٿيندو هئو. هو سراپا شاعر محسوس ٿيندو هئو. کيس ڏسڻ سان محسوس ٿيندو هئو ته هو نه رڳو پر شاعري ڪرڻ جهڙو شخص به آهي، هن سياست جي خاردار رستي تي هلي جتي سک پرايا اتي اذتيون به سٺيون ۽ ڏک به ڏنا. ان موڙ تي قبول ڪرڻو ٿو پوي ته کيس سياستدان جو دماغ ته ضرور هئو، پر هن وٽ دل فقط ۽ فقط شاعراڻي هئي، اڄ سنڌي شاعري پنهنجي هڪ محبوب شاعر کان محروم ٿي ويئي. اهو ڏک رڳو شاعريءَ جو نه آهي پر اسان سڀني سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن جو به آهي، جيڪو شايد اسان کان گهڻو وقت وسري نه سگهي. ٻيءَ طرح سندس سڪيلڌي شاعراڻي ڪتاب ”پيغام“ کي سنڌي شاعراڻو ادب ڪيئن وساري سگهندو؟ مخدوم سرور نوح رحمت الله جي خانداني گاديءَ کي اڻيهون سجاده نشين مليو. هڪ محبوب شخص ۽ هڪ محبت جو پرچار ڪندڙ خوبصورت غزل جو شاعر، ٻن درجن ڪتابن جو ليکڪ ۽ مرتب، جميل سائين! ۽ ان سان نه فقط سندن سجاده نشينيءَ جو سلسلو قائم ٿيو پر سنڌي شاعريءَ سان به سندن سلسلو قائم رهيو. سنڌ لاءِ اهو سڀاڳ جو ڏينهن آهي. جميل سائين جي سجاده نشيني جي خوشي ۽ ڏاڏا سائين مخدوم امين فهيم جي وڇوڙي جي غم ۾ ورتل سنڌ کي سندن شاعري ته آٿت ڏيندي ئي سهي پر سندن دعائن جي گهرج به آهي، جيڪي پڪ سان ڪڏهن به سنڌ کان جدا ٿيڻيون نه آهن. آمين. سروري جماعت جو نئون پيشوا قبلا سائين مخدوم جميل الزمان “جميل” ۲۳ نومبر ۲۰۱۵ع تي درگاهـ مخدوم سرور نوح جا سجاده نشينيءَ جي پڳ ٻڌي سروري جماعت جا روحاني پيشوا ٿيندا قبلا سائين مخدوم امين فهيم جا وڏا صاحبزاده قبلاسائين مخدوم جميل الزمان ۲۷ جولاءِ ۱۹۶۱ع تي هالا ۾ جنم ورتو.پاڻ شروعاتي پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم هالا مان ورتي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪئي. جيئن تـ علمي ادبي ماحول ۾ تربيت هجڻ ڪري ۱۹۸۱ع کان سنڌي ادب ڏانهن راغب ٿيا. پاڻ شاعري، نثر ۽ ادبي ميدان ۾ تاريخ تي تحقيق ڪئي آهي. سندن مطالعو ۽ مشاهدو تمام گهڻو وسيع آهي ۽ سنڌي ٻولي ۽ لغت جا تمام گهڻا ڄاڻو آهن. سندن ۱۵ کن ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن جن ۾: ۱. اتر لڳا آءُ پرين ۲. دلربا دلربا ۳. سنڌ جي واقعاتي تاريخ ۴. تذڪره مخدومان هالا ۵. خيري شيرازي لغت ۶. ملاقات ۷. محبت پائي من ۾ ۸. انت محبوبي (مرتب) ۹. سيد فتح محمد شاه اجناڻي سوانح ۽ ڪلام (مرتب) ۱۰. سج وڙاءُ ۽ سندن شاعريءَ جو مجموعو، ۱۱-روح رچنديون قابلِ ذڪر آهن. قبلا سائين مخدوم جميل الزمان هن وقت سنڌ گورنمينٽ ۾ روينيو جا وزير آهن. پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جا چيئرمين، بزمِ طالب سنڌ جا وائيس چئيرمين، “ڏات” پبليڪيشن جا باني ۽ طالب الموليٰ اڪيڊمي هالا جا چيئرمين پڻ آهن. مخدوم امين فهيم جمهوريت جو علمبردار سينيٽر ڊاڪٽر عبدالقيوم سومرو دنيا ۾ ڪروڙين ماڻهو اهڙا آهن جيڪي هڪ ڏينهن جا آهن جيڪي اڄ مري ويندا ۽ سڀاڻي وسري ويندا ۽ وري دنيا ۾ لکين ماڻهو اهڙا آهن جيڪي سالن جا آهن جيڪي مرڻ کان پوءِ سالن تائين زندهه رهندا، وري دنيا ۾ سوين ماڻهو اهڙا آهن، جيڪي صدين جا آهن، جيڪي مري وڃڻ کانپوءِ ته صدين تائين زندهه رهندا، اسان جي سنڌ به اهڙن امر انسانن کي جنم ڏنو آهي جيڪي صدين جا ماڻهو آهن ۽ صدين تائين زندهه رهندا. انهن ۾ اسان جو انتهائي شفيق ۽ زندهه دل انسان سائين مخدوم امين فهيم به هو، جنهن جي شخصيت جا سڀ پاسا پنهنجو مٽ پاڻ هئا، سائين مخدوم امين فهيم جي شخصيت جو سڀ کان بهترين پهلو، اهو هو ته هو اسان جو شفيق هو، هن جي شفقت اسان کي جيئڻ، اڳتي وڌڻ همت ڪرڻ، وفاداري ڪرڻ، سچو ۽ کرو ٿي جيئڻ جو اهڙو درس ڏنو. ان جي انهيءَ پرورش ۽ درس جو اسان جي معاشري تي صدين تائين اثر رهندو، مخدوم امين فهيم هن معاشري ۾ رهي هن پاڻ کي نه پر عوام ۽ ادارن کي ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي، هن پوري زندگي انسانيت کي اعليٰ بڻائڻ لاءِ جدوجهد ڪئي، هن پوري زندگي پارٽيءَ کي ٺاهڻ جون ڪامياب ڪوششون ڪيون، هن پوري زندگي پنهنجي مريدن کي اهڙو سچو ۽ کرو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي، جهڙو هو پاڻ آهي، سائين مخدوم امين فهيم، مان پوري زندگيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ ماڻهن سبق اهو پرايو ته زندگيءَ ۾ هميشه سچو ۽ کرو ٿجي، سائين مخدوم امين فهيم پنهنجي پوري زندگي نه صرف پنهنجي ڳوٺ/شهر واسين جي تربيت ڪئي، هن پنهنجي درسگاهه ۾ رهي اتي عوام جي تربيت ڪئي. جيڪڏهن ايئن چئجي ته اڃا بهتر ٿيندو ته هن پنهنجي پوري زندگي انسانيت، ملڪ، عوام، پارٽيءَ لاءِ وقف ڪئي هئي، مخدوم امين فهيم ذاتي زندگيءَ ۾ به تمام سادو سٻاجهڙو ۽ تمام زندهه دل انسان هو، مون هن سان زندگيءَ ۾ تمام ويجهو ٿي گذاريو، هن کي اسان لکين سلام پيش ڪيون ٿا، هن جي پارٽيءَ لاءِ ڏنل قربانين کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي، هو جمهوريت جو اهو علمبردار هو جنهن جي ڪردار ۽ شخصيت تي صرف پيپلز پارٽيءَ کي نه پر دنيا کي فخر آهي ۽ رهندو به. هن جي زندهه دلي، شفقت، پيار، محبت، هن جي سچائي ۽ هن جي خلوص ۾ هن جو ڪو به مٽ نه هو. جڏهن اسان کي محترمه بينظير ڀٽو ڇڏي وئي ۽ ان وقت پيپلز پارٽيءَ لاءِ اهو صدمو برداشت ڪرڻ ممڪن نه هو، ان صورتحال ۾ آصف علي زرداريءَ سان گڏ سائين مخدوم امين فهيم اهو ڪردار هو جنهن ڪارڪنن کي همت ۽ حوصلو ڏنو جنهن سان پارٽي وڌيڪ پرعزم ٿي وئي، هن سياسي زندگيءَ جي جنهن پارٽيءَ کان شروعات ڪئي، ساهه جي آخري پساهه تائين ان سان جڙيل رهيو، هن جا بنيادي اصول ڪڏهن به تبديل نه ٿيا، هن جا سڀ اصول حق ۽ سچ سان سلهاڙيل رهيا، هن جو پيپلز پارٽي پهريون ۽ آخري عشق هو. هن جي انهيءَ عشق جو محور محترمه بينظير ڀٽو صاحبا ۽ آصف علي زرداري صاحب سميت پيپلز پارٽي جي قيادت هو. ان لاءِ قيادت هميشه اهم فيصلن ۾ مخدوم صاحب جو هجڻ تمام ضرور سمجهندي هئي، مخدوم امين فهيم جي بهترين مزاج هجڻ جو اندازو ان مان ئي آسانيءَ سان لڳائي سگهجي ٿو ته هو هڪ تمام بهرين شاعر به هو، هن جا گيت مشهور گلوڪارا رونا ليلا سميت مشهور گلوڪارن ڳايا، هن جو مشهور گيت: تنهنجون ڳالهيون سڄڻ پئي ڳائيندس، انهيءَ رمز سان روح ريجهائيندس. هي منهنجو پسنديدهه گيت مخدوم امين فهيم يقينن ڪنهن ٻئي لاءِ لکيو هوندو، پر مخدوم امين فهيم جي وڃڻ کان پوءِ ايئن لڳندو آهي ڄڻ مخدوم صاحب هي گيت اسان لاءِ لکي ويو هجي ۽ ڄڻ مخدوم صاحب کي اسان جو حال اڳ کان ئي معلوم هو، بلڪل شاعر ته دلين جا ترجمان هوندا آهن هن هر لحاظ کان دلين جي ترجماني ڪئي. هو ملڪ ۽ سنڌ جي عوام جي دلين جو اهو ترجمان هو جنهن کي ڪوبه وساري نٿو سگهي، هو صدين تائين ياد رهندڙ شخصيتن مان هو جنهن کي صدين تائين ياد رکيو ويندو. ليکڪ مذهبي معاملن ۽ زڪوات جو صوبائي صلاحڪار آهي ڇا واقعي مخدوم امين فهيم کي ڪينسر ماريو؟ ذوالفقار قادري چوڻي آھي؛ ”حيلي روزي، بھاني موت.“ ماڻھو چون ٿا؛ ”مخدوم صاحب ڪينسر سبب گذاري ويو.“ پر مان چوان ٿو؛ ”ماڻھو، بيماري جا گهاءَ سهي ٿو وڃي، پر پنهنجن جون بيوفائيون ماڻھوءَ کي ماري ٿيون ڇڏين.“ مخدوم صاحب جن سان وفائون ڪيون، انهن ماڻھن جي جفائن مخدوم کي ماري وڌو. سروري جماعت جي روحاني پيشوا قبله مخدوم امين فهيم سان منهنجو تعلق، اپريل ۱۹۸۶ع کان جڙيو، جڏھن بينظير ڀٽو صاحبه جنرل ضياءَ جي دور ۾، طويل جلاوطني ختم ڪري، وطن واپس وري هئي. پوءِ اهو تعلق شفقت، محبت ۾ جڙي ويو. مون مخدوم صاحب کي جڏھن پنهنجي شاديءَ ۾ شرڪت جي دعوت عرض رکي ته ڏاڍي پيار ۽ پاٻوهه مان چيائين؛ ضرور ايندس. پر منهنجي شادي واري ڏينهن کيس، بينظير ڀٽو صاحبه، اوچتو دبئي طلب ڪري ورتو. سو مخدوم صاحب مون کي فون ڪري چيو؛ ذوالفقار! محترمه دبئي طلب ڪيو آهي، سو اچي نه سگهندس. پر مون جميل سائين کي چيو آھي؛ اهو منهنجي طرفان حاضري ڀريندو. مون کيس چيو؛ سائين مون لاءِ اهو ئي ڪافي آهي ته اوهان کي ياد آھيون. شاديءَ جي ڪجهه ڏينهن بعد مخدوم جميل الزمان، سسئي پليجو ۽ فرحين مغل، ٽئي گڏجي منهنجي گهر آيا. اهو به وري عجيب اتفاق آھي ته منهنجي گهر واري ۽ سسئي پليجو ننڍي هوندي پاڻ ۾ ساهيڙيون به رهيون آھن ۽ اسڪول ۾ ڪجهه درجا گڏ به پڙھيون آھن. سو هڪ پنڌ ۾ ٻه ڪاڄ ٿي ويا. مخدوم صاحب انتهائي نفيس طبيعت پر ڪمٽيڊ مزاج جو انسان رهيو. کيس اهي شيون ورثي ۾، سندس والد مخدوم طالب الموليٰ سائينءَ کان مليون. ذوالفقار علي ڀٽي جي ڦاهيءَ وارن ڏينهن ۾، جتي حاڪم زرداري سميت، چڱا ڀلا ڀٽي سان بيوفائي ڪري، کيس ڇڏي، اتي مخدوم طالب الموليٰ نه صرف نڀايو پر ڀٽي صاحب سان بيٺو به رهيو. ذوالفقار علي ڀٽي جي ڦاهي کان پوءِ جنرل ضياءَ سنڌ جي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ کي ڏسندي، پير صاحب پاڳاري سان ڪراچيءَ ۾ ملڻ بعد، سائين جي ايم سيد جي عيادت واسطي ديوان مشتاق وارڊ حيدرآباد پهتو. ان بعد جنرل ضياءَ جي خواهش ھئي ته هو هالا وڃي، مخدوم طالب الموليٰ سان به ملاقات ڪري. هن اهڙو نياپو، مير علي احمد ٽالپر ذريعي موڪليو. پر مخدوم طالب الموليٰ، ساڻس ملڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ساڳي هنڌ وري فريال ٽالپر صاحبه جي ور، مير منور ٽالپر، جنرل ضياءَ جي مجلس شوريٰ جي ميمبري قبول ڪئي. مخدوم امين فهيم کي، صدر اسحاق خان کان ويندي جنرل مشرف تائين، مختلف وقتن ۾ وزارت عظميٰ جي آڇ ٿيندي رهي پر هن بينظير ۽ پ پ پ سان بيوفائي نه ڪئي. بينظير ڀٽو صاحبه، مٿس حد کان وڌيڪ اعتبار ڪندي هئي. پر بينظير صاحبه جي شھادت بعد پارٽي قيادت جا رويا، ساڻس ساراھ جوڳا نه رهيا. مون کي ذاتي طور خبر آھي ته بينظير صاحبه جي شھادت بعد ۲۰۰۸ع جي چونڊن ۾ جڏھن پ پ پ، اڪثريتي جماعت طور، اڀري آئي ته حڪومت سازي جي حوالي سان پارٽي چيئرمين آصف علي زرداري، اسلام آباد ۾ زرداري هاوس تي اجلاس طلب ڪيا. پارٽي پاران اڪثريتي طور اها راءِ آئي ته وزيراعظم مخدوم امين فهيم کي ۽ سنڌ جو وڏو وزير نثار کهڙو کي مقرر ڪجي. پر زرداري صاحب پارٽي جي فيصلي جي ابتڙ يوسف رضا گيلاني کي وزيراعظم ۽ سيد قائم علي شاھ کي سنڌ جو وڏو وزير مقرر ڪيو. جن ماڻھن جي ڪا حيثيت نه هئي اهي حڪومتي وهنوار ۾ اڇي ڪاري جا مالڪ بڻجي ويا. پر مخدوم صاحب ۽ سندس خاندان کي، هر حوالي سان نظر انداز ڪيو ويو. انهن ڏينهن ۾ مون ڪاوش ۾ آرٽيڪل لکيو هو ته؛ ”ھاڻ پيپلز پارٽي کي بينظير جا ساٿي نه بلڪ قيادت جا ڪمدار گهرجن.“ مون کي اها خبر نه هئي ته اهو آرٽيڪل مخدوم صاحب جي نظر مان گذريو آھي. ڪجهه عرصي بعد، مخدوم صاحب سان ملاقات ٿي ته مخدوم صاحب چيو؛ ”ذوالفقار سٺو ٿو لکين.“ مون کيس ورندي ڏني ته؛ ”قبلا! مان نه ڪو اديب آھيان، نه ئي صحافي. بس جڏو سڏو جيڪو حال اٿم، حاضر آ. بهرحال پارٽي جي اڪثريتي فيصلي باوجود اوهان کي وزيراعظم مقرر نه ڪرڻ جو ڏک ٿيو.“ مخدوم صاحب هڪ لمحي لاءِ خاموش ٿي ويا. پوءِ چيائون؛ ”منهنجي لاءِ وزارت عظميٰ جو عهدو، ڪا حيثيت نه ٿو رکي. ڪئين دفعا ان عهدي کي ٺڪرائي ڇڏيو. پر اصل ڳالهه آھي عزت ۽ مڃتا جي، اها به نه ملي ته پوءِ انسان کي تڪليف ٿئي ٿي. قبلا بابا سائين طالب الموليٌ جي وقت کان، پارٽيءَ سان نڀايو آھي. هاڻ آخر ۾ اچي، معمولي ڳالهه تان پاڻ تي ميار نه کڻبي.“ مخدوم صاحب جي ايڏي دل گردي واري ڳالهه ٻڌي، منهنجون اکيون ڀرجي آيون. مون کي بينظير صاحبه سان ۱۸ آڪٽوبر تي وطن واپسي بعد بلاول هاوس ۾ ٿيل ملاقات ياد اچي وئي. بينظير ڀٽو صاحبه، پارٽي ٽڪيٽن ۽ اجلاسن سبب، ڏاڍي مصروف هئي. مون ناهيد خان کي چيو؛ ”بس صرف بيبي کي سلام ڪرڻو آ.“ سو ناهيد خان، بينظير صاحبه کي آگاھ ڪيو ته ذوالفقار صرف سلام واسطي ملڻ ٿو چاهي. بيبي اندر گهرائي ورتو. بينظير صاحبه جي ڀرسان، مخدوم امين فهيم به ويٺو هو. مون سلام ڪيو. بيبي حال احوال پڇيو. مون کيس چيو؛ ”اوهان مصروف آھيو. بس اوهان سان هجتون هونديون آھن. هڪ سوال پريشان ڪندو آهي ته مشرف اوهان کي روڪڻ لاءِ ٽيون دفعو وزيراعظم نه ٿيڻ واري آئيني شق جو سهارو ورتو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟“ محترمه منهنجي ان سوال تي وڏي اعتماد سان جواب ڏنو ته؛ ”اسان مشرف کي ڀڄڻ ڪو نه ڏينداسين. ڪو مسئلو ڪونهي. اسان جو وزيراعظم جو اميدوار، مخدوم صاحب جن هوندا.“ ايتري ۾ ناهيد خان اچي کيس ٻڌايو ته؛ مير بالاچ مري جي شھادت جي خبر آئي آھي. تنهن تي بينظير صاحبه، ناهيد خان کان پڇيو ته؛ ”نواب خير بخش مري صاحب ڪٿي آھن؟“ ناهيد خان کيس ٻڌايو؛ ”نواب صاحب ڪراچي ۾ پنهنجي رهائشگاه تي آھن.“ بينظير صاحبه، فورًا مخدوم صاحب کي چيو؛ ”مخدوم صاحب! هلو ته نواب صاحب ڏي هلون.“ ائين چئي، بينظير صاحبه ۽ مخدوم صاحب روانا ٿي ويا ۽ مون به اجازت ورتي. اڄ ھن دنيا ۾ نه بينظير صاحبه رهي آھي، نه ئي مخدوم امين فهيم سائين رهيا آهن. پر سچ ته اهو آھي ته بينظير ڀٽو واري اها پيپلز پارٽي به نه رهي آھي. ماڻھو چون ٿا؛ ”مخدوم صاحب کي ڪينسر ماريو.“ پر مان چوان ٿو؛ ”مخدوم صاحب کي ڪينسر نه، پر جن سان مخدوم صاحب وفا ڪئي، انهن جي جفا مخدوم صاحب کي ماري ڇڏيو.“ (عبدالڪريم ھاليپوٽو ڪريم جي فيس بوڪ واري وال تان کنيل بتاريخ ۶ آگسٽ ۲۰۱۷ع) مخدوم امين فهيم هڪ شاعر سياستدان - (پھرين ورسي جي مناسبت سان) علي اڪبر ھنڱورجو ملڪي سطح جي سياست ۽ ان ۾ اصولن جي پاسداري، شاعري، نفاست، ملنساري، محتاط ۽ اختصار واري گفتگو، اهي سڀ حوالا آهن هڪ اهڙي شخصيت کي ياد ڪرڻ جا، جنهن کي اسان کان وڇڙئي سال پورو ٿيو آهي. پنهنجي شاعريءَ ۾ صرف محبت کي قيمتي شيءِ ۽ دنيا جي باقي هر چيز کي (رئي) سڏيندڙ هن شخص جي جدائيءَ کي ساڻس والهانه عقيدت رکندڙ دليون اڃان سوڌو قبول ناهن ڪري سگھيون. هن خاندان جي صدين جي عرصي تي محيط علمي ادبي ۽ روحاني خدمتن جو تاريخ ۾ عجيب تسلسل آهي، جو نو لکي گودڙيءَ جي هر سجاده نشين پنهنجي پنهنجي دور ۾ علم و ادب جي آبياريءَ سان گڏ فقيري ۽ درويشيءَ جي رمزن سان به خوب نڀايو آهي. بلڪل ائين ئي، جيئن هڪ مشعل مان ٻي مشعل ٻرندي آهي. روشنيءَ جي ان سفر کي موجوده سجاده نشين مخدوم جميل الزمان (تاريخ مخدومان هالا) ۾ شاندار نموني قلمبند ڪيو آهي. اهو ان خانداني پسمنظر جو ئي فيض هو، جو مخدوم امين فهيم جن جي اخلاق ۽ روين جو هڪ زمانو مداح هو. سندن سياسي مخالف به سندن اعليٰ اخلاق جي تعريف ڪرڻ تي مجبور هئا. سياست جي بي حس ميدان ۾ پنهنجن ۽ پراون مخدوم صاحب جي صبر کي خوب خوب آزمايو، پر پاڻ سڄي ڄمار پنهنجي هن شعر جي شاندار نموني پاسداري ڪندا رهيا: خزان ۾ خوش ٿي بهارن جو انتظار ڪبو، نه فرط غم کان گريبان کي تار تار ڪبو، ٻه ڏينهن گذري ويا ۽ ٻه گذري ويندا فهيم، ڪڏهن نه صبر جي دامن کي داغدار ڪبو. آسٽريليا ۾ صحافت جو ڪورس ڪرڻ دوران اسڪرپٽنگ ۽ آرگيومنٽ جي استاد هڪ دفعي پڙهايو هو ته، گفتگوءَ جي حوالي سان سڀ کان وڏو فن اختصار سان محتاط گفتگو ڪرڻ آهي ۽ خاص طور تي جڏهن توهان ڪنهن تڪراري مسئلي تي گفتگو ڪري رهيا هجو ۽ ان مسئلي تي طويل ۽ گرما گرم بحث هلندڙ هجي. پنهنجي غير ملڪي استاد پاران بيان ڪيل ٿيوريءَ جو عملي مثال مون کي مخدوم امين فهيم جي گفتگو ڪرڻ جي انداز ۾ مليو، جو پاڪستاني ميڊيا جي عام طور تي سياستدانن جي پاڻ ۾ ڄنڊا پٽ تي مبني ٽاڪ شوز ۾ مخدوم صاحب نهايت وضعداري ۽ اختصار سان گفتگو ڪندا هئا. نه صرف ايترو، پر جنهن ٽاڪ شو ۾ مخدوم صاحب شامل هوندا هئا ته سندن رويي، فهم ۽ فراست واري گفتگو سبب سڄي پروگرام دوران باهمي احترام واري فضا قائم رهندي هئي. مخدوم صاحب جي نفاست پسندي به سندن قابل احترام شخصيت جو هڪ منفرد حوالو آهي. مخدوم امين فهيم صاحب جن باڪمال شاعر هئا ۽ سياست ڏانهن به سندن رويو هميشه شاعراڻو رهيو. سياست ۾ به وفا جهڙي قدر جي آخري حد تائين پاسداري ڪيائون. سندن اهڙي رويي سبب ئي سندن وصال تي هڪ انگريزي اخبار جي صحافي کين The poet politician جو خطاب ڏنو. سندن شاعري بابت سنڌي ٻوليءَ جي ناليواري تنقيد نگار ۽ عالم گرامي صاحب لکيو ته: مخدوم امين فهيم جي شاعريءَ ۾ ذوقِ جماليات جي ڀرپور ترجماني آهي. سندن ڪلام ۾ سوز، گداز، محبت ۽ رقت جا اهي سڀئي معيار موجود آهن، جيڪي هڪ قادرالڪلام شاعر ۾ ٿين ٿا. منفرد تشبيهن تي مشتمل سندن شاعري املهه انساني احساسن جي ترجماني ٿي ڪري، جو اعليٰ درجي جو شاعراڻو ادراڪ کين ورثي ۾ مليل آهي. مخدوم امين فهيم کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هن پاڪستان جي سياسي تاريخ جي ٻن طويل ترين آمريتن جي دوران جھموريت جي بحاليءَ جي جھدوجھد ۾ نهايت اهم ڪردار ادا ڪيو. پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ جڏهن به ڪير پارٽِيءَ ۽ نظريي سان نڀاءَ جا حوالا ڳوليندو ته کيس هن فقير طبيعت سياستدان جو نالو سرفهرست ملندو. جيتوڻيڪ مخدوم صاحب جا عزم ۽ ارادا زماني جا آزمايل هئا، پر پوءِ به الاهي ماڻهن جون نظرون اهو سياسي منظرنامو وڏي تجسس سان ڏسي رهيون هيون، جڏهن مخدوم صاحب جي محبوب پارٽي هن جي طويل ۽ باوفا رفاقت کي گھربل مڃتا ڏيڻ ۾ بظاهر ناڪام پئي ٿي. اڄ وري ياد آئين.........!!!! ايڊووڪيٽ انوارالحق ميمڻ شخصيتون تاريخ جا باب هونديو آهن، سنڌ ڌرتي انهن شخصيتن سان مالا مال رهي آهي، سنڌ پنهنجي ڪک مان سدائين اهڙيون شخصيتون پيدا ڪيون آهن جيڪي نه رڳو پنهنجي علائقي پر ڏيهه پرڏيهه وارن لاءِ به فخر جو باعث هونديون آهن، سنڌ جي عظيم روحاني هستي حضرت مخدوم نوح رح جي خاندان ۾هڪ شخص جنم ورتو جيڪو پنهنجي اعلى صلاحيتن سبب لازوال ڪردار رهيو آهي ۽ انسان پنهنجي ڪردار ۽ عمل وسيلي ئي زندهه رهندو آهي پنهنجي ڪردار جي چونڊ هر انسان جي وس ۾ نه آهي، تاريخ جهڙيون ذميواريون پوريون ڪندڙ شخص خوش نصيب هوندو آهي انهن شخصيتن مان هڪ اعلى سرواڻ، سياست ۾ صبر، برداشت وفا جو علمبردار ۽ جمهوريت جو سرمايو، باوقار ۽ فهم رکندڙ شخصيت مرحوم مخدوم محمد امين فهيم جي ولادت ۱۷ جمادي الثاني ۱۳۵۸ هجري بمطابق ۰۴ آگسٽ ۱۹۳۹ع بروز جمعت المبارڪ جهان رنگ وبو ۾ اکيون کوليون سندن اسم مبارڪ محمد امين رکيو ويو. پاڻ پنهنجي ابتدائي تعليم قرآن شريف ۽ ۴ درجا سنڌي خانگي طور حاصل ڪيا ۽ مئٽرڪ مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول هالا مان حاصل ڪيائون ۽ پاڻ گريجوئيشن پوليٽيڪل سائنس ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ڪئي ۽ ايل ايل بي پڻ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ڪئي، پاڻ مخدوم خاندان جي روايت برقرار رکندي عوام جي خدمت عبادت سمجهي عوام خاطر پهريائين سياسي سفر جو آغاز ٽائون ڪميٽي هالا جي چيئرمين جي حيثيت ۾ ۱۹۶۶ع ۾ شروع ڪيو، جنهن کان پوءِ ۱۹۶۹ع ۾ سندن ملاقات لنڊن ۾ پي پي جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان ٿي جنهن کان پوءِ پاڻ باضابطه طور پي پي ۾ شموليت جواعلان ڪيو ۽ سياسي وفاداري جي علمبردار مرڻ گهڙي تائين پي پي سان ساٿ نڀايو. ۽ سندن سياسي شعور کي مڃتا ڏيندي ۱۹۷۰ع ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي پاران ٺٽي مان کٽيل قومي اسيمبلي جي سيٽ خالي ڪري مخدوم صاحب کي ضمني چونڊ ۾ حصو وٺڻ لاءِ چيو. پاڻ پاڪستان جي سياست جي ميدان ۾ اهم سياستدان هئا ۽ اهو کين اهو اعزاز حاصل آهي جو پاڻ ۸ دفعا ايم اين اي طور قومي اسيمبلي جا ميمبر رهيا ۽ هڪ دفعو صوبائي اسيمبلي جا ميمبر رهيا، کين اهو به اعزاز آهي ته هو واحد سياستدان آهي جنهن هڪ ئي وقت قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي سيٽ بنا مقابلي ڪاميابي حاصل ڪئي. پاڻ پهرين شهيد بينيظير جي دور حڪومت ۾ وفاقي وزير رهيا ۽ ٻئي دور حڪومت ۾ پڻ وفاقي وزير رهيا پاڻ وفاقي حڪومت ۾ رهي ڪري عوام جي خدمت ڪئي، پاڻ انيڪ خوبين سميت هڪ مڪمل اداري جي حيثيت رکندڙ هئا جتان علم ۽ ادب، شاعري، سياست، سان گڏوگڏ عوام جي خدمت جو هڪ نه ٽٽندڙ سلسلو هو، هو علم ۽ ادب جي روشني جي حيثيت ۾ سدائين ادبي محفلن جا مور رهيو سندن ادبي خدمتون به بي مثال آهن، هن بزم طالب المولى سنڌ جو بنياد وڌو ۽ پاڻ ان جو پريزيڊنٽ رهيو، هو ڪتابن ۽ ڪتاب دوست ماڻهن سان پيار ڪندڙ شخصيت هئا، ۱۹۵۳ع ۾ شاعري جي ابتدا ڪئي، هي شعر شايد سائين جي اوائلي دور جو آهي. بي وفا سان وفا ڪري ڏسبي، هي خطا بارها ڪري ڏسبي، جي حياتي وفا ڪئي ته فهيم، عشق ۾ انتها ڪري ڏسبي. ۱۹۵۷ع ۾ هن پهرين شادي ۱۹ سالن جي عمر ۾ پنهنجي ناناڻن مان ڪئي، پاڻ شريعت محمدي مطابق ۴ شادي ڪيون جن مان کين ۷ فرزند آهن، جن مان مخدوم جميل الزمان جيڪي صوبائي وزير ۽ موجوده ۱۹ هون گادي نشين درگاهه مخدوم سرور نوح رح آهي. پاڻ سرور نوح جي درگاهه جو ۱۸ هون گادي نشين ٿي گذريو آهي پاڻ عوام جي ۽ سروري جماعت لاءِ ڇپر ڇانو ٿي رهيو، هو سياست ۾ ڪڏهن به ڪنهن آمر جي اڳيان نه جهڪيو ۽ ڪئين مليل لالچن ۽ آڇن کي ٺڪرائيندي اصول پرستي جي سياست ڪئي ۽ پنهنجو سياسي وچن آخر گهڙي تائين پي پي سان نڀائيندو رهيو جنهن سبب سندن سياسي وقار ملڪ جي سياست ۾ هڪ انمول مثال آهي پاڻ هميشه سياسي وفا ۽ سچائي جو پيڪر رهيو ۽ پي پي پي لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون ۽ محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي جلاوطني جي دور ۾ پارٽي جي قيادت سنڀالي ۽ ڏکئي وقت ۾ پارٽي کي احسن طريقي سان سنڀاليو ۽ پي پي پارليامينٽ جي سربراهه طور پارٽي جي قيادت سنڀالي، مرحوم مخدوم امين فهيم سياست ۾ شرافت ۽ صبر جيترو ڪيو اوتري بردباري ۽ سهپ هاڻ سياست ۾ ڳولي نه ٿي لڀجي. مخدوم صاحب کي پنهنجي مٽي سان محبت هئي جو پاڻ بيماري آخري وقت ۾ ٻاهرين ملڪ ۾ علاج ڪرائڻ بدران پنهنجي وطن ۾ علاج ڪرائڻ جي اوليت ڏني ۽ آخر زندگي جي جنگ هارائيندي ۲۱ نومبر ۲۰۱۵ عيسوي بمطابق ڇنڇر ۸ صفر ۱۴۳۷ هجري ۾ ۷۶ سالن جي عمر ۾ رضا الاهي سان پنهنجي حقيقي مالڪ سان وڃي مٽي مان حوالي ٿيا. هوا اهڙي لڳي جنهن ڪو نه ڇڏيو گل زماني ۾، رهيا باقي وڃي اڄ خار منهنجي آشياني ۾. سندن ابدي آرامگاهه سرور نوح جي وڏي مقبري ۾ پنهنجي والد مخدوم محمد زمان طالب المولى جي آخري آرام گاهه جي ساڄي پاسي ۾ آهي سندن وڇوڙي تي سروري جماعت جي لکن عقيدتمندن ۽ سياسي ڪارڪنن اڄ به سندس وڇوڙي تي غمگوار آهن. سندن محبت ۽ عوام لاءِ ڪيل خدمتون اڄ به عوام کان نه ٿيون وسري سگهن. مون شاعري ڪيئن شروع ڪئي امين فهيم منهنجي شاعري جي ابتدا هالن ۾ ٿي، هالن جو ماحول ۽ خاندان جي ادب ۽ شعر سان رغبت جي ڪري ۽ خاص طرح سان قبله والد صاحب جن جي شاعري ۽ ادبي محفلن جي ڪري اٿندي ئي انهيءَ طرف ذهن جو جهڪاءُ ٿيڻ لڳو. اسڪول ۽ ڪاليج ۾ پڙهائيءَ جي دوران اڪثر ادبي محفلن ۽ مشاعرن ۾ وڃڻ جو موقعو ملندو هو ۽ مختلف شعرا جو ڪلام آهسته آهسته سمجهه ۾ اچڻ لڳو ۽ پوءِ پاڻ به شاعري ڪرڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن دل چاهيندي هئي. هڪ ڀيرو هالن ۾ هم عمر ۽ هم خيال دوستن سان ويٺا هئاسون ته اهو فيصلو ٿيو ته اچو ته شاعري ڪريون. اسان ۾ سينيئر شاعر محبوب سروري هو، جنهن هڪ مصرع طرح ڏني. انهي تي اسان سڀن لکڻ شروع ڪيو جنهن ۾ علي احمد شاهه، امير علي شاهه، خورشيد شاهه، محبوب صاحب ۽ آءُ شريڪ هئاسون، شايد ڪو ٻيو دوست به هجي ۽ اڳتي هلي نالو ذهن ۾ اچي وڃي. اهڙي طرح منهنجي شعر و شاعري جو سلسلو جاري رهيو، مختلف وقتن تي ڪڏهن ڪا مصرح طرح رکي ان تي في البديه غزل لکندا هئاسين ته ڪڏهن وري مصرع طرح رکي باقاعده مشاعرو ڪندا هئاسين، ان وقت اسان جي حلقي ۾ بهتر شاعر محبوب سروري هو، ابتدا ۾ آءُ محبوب کي ضروري اصلاح لاءِ پنهنجو ڪلام ڏيکاريندو هئس. آهستي آهستي ڳالهه سائين وڏن تائين پهتي ته مون شاعري شروع ڪئي آهي ۽ منهنجو حلقهء احباب هي (اڳ ڄاڻايل) آهي، آئون سمجهان ٿو ته ۱۹۵۴ع جي گرمين واري موسم ۾ سائين وڏا مون کي پاڻ سان گڏ ڪوئٽه وٺي هليا، اتي ذڪر نڪتو ته آئون شاعري ڪريان ٿو، مون عرض ڪيو ته ”سائين جن مون کي باقاعده استادي ڏين“ پاڻ مهرباني ڪري اها گذارش قبول ڪيئون ۽ منهنجي شاعري جو باقاعدا اصلاح ٿيڻ شروع ٿي ويو. ڪوئٽه (بولان هوٽل) ۾ ئي سائين وڏن مون کي هڪڙي مصرع طرح ”يا الاهي ڪر عطا لطف و ڪرم“ ڏني ۽ فرمايائون ته ”هن تي غزل لکو“ مون لاءِ وڏي پريشاني جو باعث ٿيو ته لکان ته ڇا لکان ۽ ڪيئن لکان، ڇا جي ڪري جو غزل لکي سائين جن کي ڏيکارڻو هو ۽ اهو غزل عشقيه لکڻ کان گهٻرايم پي، آخرڪار هي غزل لکيم ”دل ۾ پيدا ٿي ويو آ درد و غم“ پاڻ غزل ڏسڻ کان پوءِ همت افزائي ڪيئون ۽ بحرو وزن وغيره جي سمجهاڻيءَ سان گڏوگڏ ٻه چار اهم نڪتا پڻ سمجهايائون، مثلاً (۱) ڪلام ۾ ڪي به غير ضروري لفظ (يرَوغيره) زوريءَ ڪم نه آڻجن. (۲) شاعري ۾ پاڻ کي مظلوم، بيمار، ضعيف ۽ بيوس وغيره نه سڏجي، بلڪ هميشه حقيقت ۽ هر ڳالهه جو خوشگوار رخ بيان ڪجي وغيره. آئون پهرين”امين“ تخلص طور استعمال ڪندو هئس، ليڪن بعد ۾ سائين وڏن تخلص ”فهيم“ تجويز فرمايو، انهيءَ کان پوءِ ”امين فهيم“ ادبي نالو ٿيو. ۱۹۵۵ع ۾ اسان (امين فهيم، علي بهادر عڪس، علي احمد شاهه ساقي، امير علي شاهه امير، خورشيد شاهه ساغر، مهر علي تابع سروري وغيره) گڏجي ”بزم امين“ قائم ڪئي، ان جو آئين ٺاهي عمل ۾ آندوسين ۽ باقاعده طرحي، غير طرحي ۽ في البديهه مشاعرا ڪندا هئاسين، انهيءَ دور ۾ ادا علي بهاردر عڪس به پوري شوق سان شاعري ڪندو هو ۽ هر مشاعري ۾ حصو وٺندو هو، سندس ڪلام جو هڪڙو شعر بطور نمونه هتي ڏجي ٿو: بيحال ”عڪس“ آهيان، ڪيئن مان اميدون لاهيان تنهنجي دوا ٿو چاهيان، جاني! وڃو جياري اڄڪلهه علي بهادر عڪس، امير علي شاهه امير ۽ خورشيد شاهه ساغر شاعري ڪونه ڪن البته ساقي سروري ۽ تابع سروري اڃا به شعر و شاعري ڪن ٿا ۽ قبلا سائين جن وٽ تقريباً هر مشاعري ۾ شريڪ هوندا آهن. مون پنهنجي شاعري ۾ غزل، قطعه، نظم، ڪافي ۽ ڏوهيڙن وغيره کان علاوه قومي جذبات وارا نظم به لکيا، ۱۹۶۵ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد، آل سنڌ قومي ترانه جو مشاعرو ڪرايو، جنهن ۾ سڄي سنڌ جي شاعرن حصو ورتو ۽ مون به هڪڙو نظم (اي وطن اي جانِ من) لکيو جيڪو منهنجي خيال مطابق بيحد سٺو نظم هو ۽ انهيءَ کي ڪهنه مشاق شاعرن تمام گهڻو پسند ڪيو. اتفاق سان اهو نظم پهرين پوزيشن حاصل ڪري ويو ۽ ان وقت جي حيدرآباد جي ڪمشنر جي اهليه بيگم نياز مون کي باقاعده پهريون انعام ڏنو، آءٌ نهايت نهايت خوش ٿيس، ان کان پوءِ چند مختلف شاعرن، خاص طرح سان هڪڙي دوست جنهن جو تعلق سکر سان آهي انهيءَ سخت تنقيد ڪئي چيو ويو ته ”مون اهو نظم پاڻ نه لکيو آهي، ڪنهن کان لکرايو آهي، طرفداري ڪئي ويئي آهي، ججن جو پئنل جيڪو هو سو طرفدار هو ۽ ٻين جو حق ماري مون کي غلط نموني سان پهريون انعام ڏنو ويو آهي.“ مون کي ان جو شديد ڏک پهتو ۽ مون تي ان جو ايترو اثر ٿيو جو انهيءَ کان پوءِ قومي نظم، قومي غزل يا قومي جذبات تي ٻڌل ڪجهه به لکڻ ڇڏي ڏنم. هڪڙي دفعي ”ڄام ڏاتار“ تي سائين وڏن جي سالگره مبارڪ ملهائي وئي ۽ هڪ شاندار مشاعري جو پڻ اهتمام ڪيو ويو هو، انهيءَ وقت مون هي ڪافي لکي ”تنهنجون ڳالهيون سڄڻ پئي ڳائينديس“ ۽ جرات اها ڪيم جو قبلا سائين کان اصلاح ڪرائڻ بغير ئي ڪافي مصري فقير کي ڏنم ته محفل ۾ ڳائي، مشاعري دوران قبلا سائين، ميون محبوب علي، گرامي صاحب، اسد الله شاهه، احسن الهاشمي، فقير سرشار عقيلي وغيره اسٽيج تي ويٺل هئا، پر مشاعري ختم ٿيڻ تي قبلا سائين سان گڏ سامهون وڃي ويٺا (مون لاءِ سائين حڪم ڏنو ته آئون اسٽيج تي ئي ويٺو هجان) محفل شروع ٿي، جنهن مهل انهيءَ ڪافيءَ جو وارو آيو ۽ مصري فقير اها ڪافي ڳائڻ شروع ڪئي ته ڪافي ڏاڍي لڳي، مون ماٺ ڪري اسٽيج تان جائزو پي ورتو ته رد عمل ڇا آهي، ڏٺم ته سائين جن ڪافي کي تمام گهڻو پسند پي ڪيو ۽ محسوس ٿيو ته ميون محبوب علي ۽ گرامي صاحب وغيره هڪ ٻئي ۾ چهَ مگويون پيا ڪن، ته اهو ڪلام ڪنهن جو آهي، جڏهن ڪافي پوري ٿي ۽ نالي واري مصرع آئي ته سائين جن پڇيو ته اهو ڪنهن جو ڪلام آهي؟ جڏهن معلوم ٿيو ته اهو ڪلام منهنجو آهي ته قبلا سائين جن اسٽيج تي چڙهي آيا اچي منهنجي پيشانيءَ تي چمي ڏنائون ۽ فرمايائون ”بابا، واهه جي ڪافي لکي اٿئي، اسان جو سڄو ڪلام وٺ ۽ اها ڪافي اسان کي ڏئي ڇڏ“؛ قبلا سائين طرفان ايڏي سندَ ملڻ تي مون کي حد کان وڌيڪ خوشي ٿي. منهنجي ڪلام مان چند غزل، چند شعر يا چند قطعا منهنجي پسند جا آهن ۽ وڻندا اٿم انهن کي ورجائڻ ڪونه ٿو چاهيان سڄو ڪلام پڙهندڙ جي ذوق تي ڇڏڻ چاهيان ٿو. شعروشاعري جو سلسلو اڃا به جاري آهي، وقت ماحول ۽ صحبت جي لحاظ کان ڪڏهن غزل ڪڏهن قطعا ڪڏهن ڪافي ۽ ڪڏهن اردو شاعري به ڪئي اٿم، وقت سارو اردو شاعري جدا شايع ڪبي، هن وقت جيڪي آهي سو حاضر آهي. ۱ فيبروري ۱۹۹۱ع جمعو، ۸ اَي لطيف آباد مخدوم امين فهيم سياست ۾ اصول پرستي جو مثال حاجي گل حسن آريسر اڄ هتي هڪ اهڙي اصول پرست خانداني سياستدان ۽ هڪ وڏي روحاني جماعت جي جيڪا حضرت سرور نوح رحه جي نالي پويان سروري جماعت سڏائيندڙ، جنهن جا سنڌ ۽ هند ۾ لکين مريد ۽ عقيدتمند آهن، ان جماعت جو روحاني پيشوا مخدوم امين فهيم مرحوم هي شفاف ڪردار جا ڪجھ الفاظ لکڻ لاءِ قلم مجبور ڪيو آهي، مخدوم صاحب جنهن درگاهه جي سجاده نشين سندس والد برزگوار محمد زمان طالب الموليٰ جي لاڏاڻي بعد پاڻ سجاده نشين بڻيا، حالانڪه هن درگاهه سرور نوح ”رحه“ جون رحمتون هند سنڌ ۾ مشهور آهن، سرور نوح رحمت الله عليه اهو درويش ڪرامت جو ڌڻي هو، جنهن سنڌو درياءِ جو رخ ڦيرائي ڇڏيو هو، اهڙي گادي کي سياست ۾ اچڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي، جيڪو اڄوڪي دور ۾ سياست معنيٰ ڪوڙ ۽ دولاب تصور ڪيو وڃي ٿو، پر انهن ڦرڻ گهرڻن لوٽن سياستدانن هٿان سندن مريدن جا ڪم نه ٿيڻ ڪري مريدن ۽ معتقدن جي اسرار ته هن سياست ۾ پيرن جي روحاني پيشوائن مان پهرين هن گادي جي مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ جن سياست ۾ آيا، هر اليڪشن ۾ پاڻ ڪاميابي ماڻيندا رهيا پر ان سان گڏ پاڻ اديب دانشور ۽ صحافي حضرات جو گهڻو قدر ڪندا هئا، درگاهه ۾ ان طبقي جي ماڻهن سان ميلا متل هوندا هئا، پر جڏهن ملڪ اندر يا ٻاهر يا مريدن جي دعوتن تي اسهندا هئا ته هن طبقي جي ماڻهن سان ويجھي لڳاءُ هئڻ سبب ڪچهري ڪري خوش ٿيندا هئا. ٿر جي ماروئڙن سان طالب الموليٰ جي وڏي محبت هئي، وسڪاري جي موسم ۾ پاڻ ٿر جي ڀٽن تي وڃي دورو ڪري اتي ويهي ماروئڙن سان ڪچهري ڪندا هئا، ٿر جون اهي ڀٽون نيو ڇور کان جالو چونئري درميان اڄ به ڪچهري جي لحاظ سان ڪچهري واريون ڀٽون طالب الموليٰ جي ياد تازا ڪري رهيون آهن، مون کي ياد آهي ته مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ پاڻ کي حياتي جو آخري عشرو ڄاڻائيندي ٿر جو آخري دورو ڪيو هو، طبعيت به گهڻي قدر درست ڪونه هئي، دعوتن ۽ دوري جي اختتام تي هاڻوڪي صوبائي وزير سيد علي مردان شاهه جي دعوت تي ڏينهن جو يارھين وڳي ڌارين کاروڙو سيد پهتو، مرحوم مخدوم امين فهيم به ساڻس گڏ هئا، ٻن ڪلاڪن کان پوءِ پاڻ کي ادبي يارن کان تنها سمجھندي سيد علي مردان شاهه کي هڪل ڪري چيو ته منهنجا يار قلم ڪار ڪٿي آهن، جنهن تي صحافي علي مردان شاهه هڪو ٻڪو ٿي ويو، هڪدم سندس گاڏيون ڀڄائي عمرڪوٽ مان صحافي هٿ ڪري مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي ڪچهري ۾ پهچايا، پاڻ بيمار هئڻ باوجود به اٿي ويٺو ۽ صحافين سان کلي ڪچهري ڪئي ۽ ڪجھ شعر به ٻڌايا، حالانڪي مخدوم امين فهيم چيو ته بابا جي طبيعت درست نه آهي ڳالهائڻ لاءِ ڊاڪٽرن جي بندش آهي، پر پوءِ به اهو ويٺو آهي ڪچهري ڪري اوهان کي گفتا ٻڌائي رهيو آهي، اهو جواب ان اعليٰ خاندان ۽ اعليٰ طبقي جو ماڻهو هڪ قلمڪار سائين هم ڪلام ٿيندو هجي، ماڻهو ته وڃي ٿو هليو، پر ان جو ڪردار باقي رهي ٿو، ماشاءَالله طالب الموليٰ جي موڪلاڻي ادبي ۽ صحافتي طبقي لاءِ هڪ وڏو خال هو، پر مخدوم امين فهيم جي دستار بندي بعد ان تي هڪ رهنڊ به اچڻ نه ڏني. مخدوم امين فهيم جو شمار والد برزگوار مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ وانگر پيپلزپارٽي جي وائيس چيئرمين شپ کان وٺي پارٽي جي پارليامينٽرين صدارت تائين ۽ باني اڳواڻن ۾ رهيو، پيپلز پارٽي جي باني قائد شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سن ۱۹۶۸ع ۾ هالا ۾ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سان گڏ ويهي پيپلز پارٽي جو اعلان ڪيو، پيپلز پارٽي هالا کان ئي وجود ۾ آئي، جيڪا سڄي ملڪ ۾ ڦهلجي ويئي ۽ ملڪي پارٽي ٿي اڀري، اهو ڪردار مخدوم طالب الموليٰ جو هو، بعد ۾ مخدوم امين فهيم شهيد راڻي بينظير ڀٽو سان ڪيڏو سچو رهيو، وزارت اعظمي تائين مخالفن جون سموريون آڇون به ٺڪرائي ڇڏيون ۽ آخري دم تائين شهيد بينظير ڀٽو جو ساٿي ٿي رهيو ۽ پارٽي لاءِ پنهنجون وفائون جاري رکيون، شهيد راڻي بعد زرداري دور ۾ لاها چاڙا به آيا، پر هن صابرين انسان صبر جو دامن هٿان ڪونه ڇڏيو، کين پارٽي جي وفادار اڳواڻ هئڻ جي حيثيت مان جيڪو ڪجھ هن کي ملڻو هو، سو نه مليو، هن جي اصول پرستي ان مان ثابت آهي ته هن پنهنجي والد برزگوار طرفان بنايل پارٽي جو ساٿ ڇڏڻ لاءِ تيار نه هو، هي صابرين انسان صبر ۽ تحمل سان ڪم وٺندي پارٽي ۾ به دستور موجب پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهيو ۽ اهڙي طريقي سان پنهنجو وارو وڄائي ويو، اصول پرستي جي سياست هميشه لاءِ هن ملڪ لاءِ ڇڏي ويو، اڄ جي سياستدانن وانگر ڪونه هو جو هڪ دفعو هڪ پارٽي ۾ ته ٻئي پاسي ٻي پارٽي جو سلامي، اهو مخدوم امين فهيم صاحب اڄڪلهه جي سياستدانن لاءِ هڪ پخطو سبق ڇڏي ويو آهي، مخدوم رڳو سياستدان نه پر اديب، شاعر ۽ عشق مزاج جو آواز سندس رفيق حيات، دينا ليليٰ جو گنجيو هو ۽ مقبول ٿيو هو. ”اڱڻ ٻوهاريان تنهنجون واٽون نهاريان سڄڻ“ مخدوم امين فهيم گذريل سال عمرڪوٽ لڳ کاروڙو چارڻ ۾ عبدالعظيم ڪنڀر جي دعوت تي پهتو هو، اتي سندس والد بزرگوار جي نالي ”طالب الموليٰ“ سائين جي نالي هڪ لائيبريري قائم ڪئي وئي هئي، جنهن جو افتتاح مخدوم امين فهيم پنهنجي هٿن سان ڪيو ۽ بعد ۾ عمرڪوٽ پهتو، جتي عمرڪوٽ جا تاريخي هنڌ پراڻو قلعو، عجائب گهر، اڪبر اعظم جي جنم ڀومي، مومل جي محل جو ڀڙو، جتي ڀر ۾ هينئر مومل ريسٽ هائوس قائم آهي، اهي هنڌ گهمي ڏٺا، بعد ۾ سندس فرزند مخدوم عقيل الزمان ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ وٽ رات ترسيا ۽ ٻئي ڏينهن هالا روانو ٿي ويو. در حقيقت مخدوم امين فهيم جو شهيد راڻي سان ٻانهن ٻيلي رهيو ۽ جهموريت لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون، جيڪي ملڪي تاريخي ۾ ياد رهنديون ۽ وساري ڪونه ٿيون سگهجن. سياست سان گڏ انتهائي عشق مزاج ۽ حليم طبيعت جو مالڪ هو، جنهن جو انداز بخوبي سندس هن شعر ۾ لڳائي سگهجي ٿو ته: ”عشق ۾ انتها ڪري ڏسبي، بي وفا سان وفا ڪري ڏسبي، هي خطا بارها ڪري ڏسبي، جي حياتي وفا ڪئي فهيم، ته عشق ۾ انتها ڪري ڏسبي“ مرحوم ته پنهنجو وارو وڄائي آزادي ۽ جھموريت جي تاريخ ۾ پنهنجو نالو روشن ڪري هليو ويو، هاڻي ان جو سارو دارومدار سندس جانشين مخدوم جميل الزمان تي آهي ته هو ڇا ٿو ڪري ۽ سروري جماعت کي ڪهڙي رخ تي وٺي وڃي ٿو؟ مخدوم امين فھيم تُنهنجي ياد ۽ چار اشڪ غم! علي اڪبر هنڱورجو ملڪي سطح جي سياست ۽ ان ۾ اصولن جي پاسداري، شاعري، نفاست، ملنساري، محتاط ۽ اختصار واري گفتگو، اهي سڀ حوالا آهن هڪ اهڙي شخصيت کي ياد ڪرڻ جا جنهن کي اسان کان وڇڙئي ٻه سال اچي پورا ٿيا آهن. پنهنجي شاعريءَ ۾ صرف محبت کي قيمتي شيءِ ۽ دنيا جي باقي هر چيز کي (رئي) سڏيندڙ هن شخص جي جدائيءَ کي ساڻس والهانه عقيدت رکندڙ دليون اڃان سوڌو قبول ناهن ڪري سگھيون. قيمتي شيءِ، فقط محبت آ، ٻي ته هر چيز، ڄڻڪ رئي آهي. (امين فهيم) درگاهه حضرت مخدوم نوح جي سجاده نشين جي حثيت ۾ مخدوم امين فهيم علمي، ادبي خدمتن ۽ روحاني رهبريءَ جي هڪ بي مثال اتهاس جو وارث هو. هن خاندان جي صدين جي عرصي تي محيط علمي ادبي ۽ روحاني خدمتن جي تاريخ ۾ عجيب تسلسل آهي جو نو لکي گودڙيءَ جي هر سجاده نشين پنهنجي پنهجي دور ۾ علم و ادب جي آبياريءَ سان گڏ فقيري ۽ درويشيءَ جي رمزن سان به خوب نڀايوآهي. بلڪل ائين ئي جيئن هڪ مشعل مان ٻي مشعل ٻرندي آهي. روشنيءَ جي ان سفر کي موجوده سجاده نشين مخدوم جميل الزمان (تاريخ مخدومان هالا) ۾ شاندار نموني قلمبند ڪيو آهي. اهو ان خانداني پسمنظر جوئي فيض هو جو مخدوم امين فهيم جي اخلاق ۽ روين جو هڪ زمانو مداح هو. سندس سياسي مخالف به سندس اعليٰ اخلاق جي تعريف ڪرڻ تي مجبور هئا. سياست جي بي حس ميدان ۾ پنهنجن۽ پراون مخدوم صاحب جي صبر کي خوب آزمايو، پر پاڻ سڄي ڄمار پنهنجي هن شعر جي شاندار نموني پاسداري ڪندا رهيا. خزان ۾خوش ٿي بهارن جو انتظار ڪبو، نه فرط غم کان گريبان کي تار تار ڪبو، ٻه ڏينهن گذري ويا ۽ ٻه گذري ويندا فهيم، ڪڏهن نه صبرجي دامن کي داغدار ڪبو. آسٽريليا ۾ صحافت جو ڪورس ڪرڻ دوران اسڪرپٽنگ ۽ آرگيومنٽ جي استاد هڪ دفعي پڙهايو هو ته گفتگوءَ جي حوالي سان سڀ کان وڏو فن اختصار سان محتاط گفتگو ڪرڻ آهي ۽ خاص طور تي جڏهن توهان ڪنهن متنازعه مسئلي تي گفتگو ڪري رهيا هجو ۽ ان مسئلي تي طويل ۽ گرما گرم بحث هلندڙ هجي. اهڙي صورتحال ۾ اختصار سان محتاط گفتگو ڪرڻ تمام وڏي صلاحيت ۽ اعلي ظرفي آهي. پنهنجي غير ملڪي استاد پاران بيان ڪيل ٿيوريءَ جو عملي مثال مون کي مخدوم امين فهيم جي گفتگو ڪرڻ جي انداز ۾ مليو جو پاڪستاني ميڊيا جي عام طور تي سياستدانن جي پاڻ ۾ ڄنڊا پٽ تي مبني ٽاڪ شوز ۾ مخدوم صاحب نهايت اختصار سان گفتگو ڪندو هو. نه صرف ايترو پر جنهن ٽاڪ شو ۾ مخدوم امين فهيم شامل هوندو هو ته سندس رويي، فهم ۽ فراست واري گفتگو سبب سڄي پروگرام دوران باهمي احترام واري فضا قائم رهندي هئي. مخدوم صاحب جي نفاست پسندي به سندس قابل احترام شخصيت جو هڪ منفرد حوالو آهي. مخدوم امين فهيم باڪمال شاعر هو ۽ سياست ڏانهن به سندس رويو هميشه شاعراڻو رهيو. سياست ۾ به وفا جهڙي قدر جي آخري حد تائين پاسداري ڪيائين. سندس اهڙي رويي سبب ئي سندس وصال تي هڪ انگريزي اخبار جي صحافي کيس The poet politician سڏيندي لکيو ته: His personal and political life reads as a poetry may be because he was a poet himself مخدوم امين فهيم جو جنم ۴ اگسٽ ۱۹۳۹ع تي ٿيو. سندس نالو محمد امين رکيو ويو پر سندس ڏاڏي مخدوم امين محمد پکن ڌڻيءَ جي نسبت سان کيس ڏاڏا سائين سڏيو ويندو هو. راهونڊ نالي مقام تي درويشي ديرو ڄمائيندڙ پکن ڌڻي سائين به سنڌي ٻولي جو نالي وارو شاعر هو. کيس علام دائود پوٽي پنهنجي ڪتاب سرها گل ۾ الاهي اسرارن جو عارف لکيو آهي ۽ پروفيسر محبوب علي چنا مطابق سندس سارو ڪلام سوز ۽ ساز، نياز ۽ گداز جو شارح آهي. پکن ڌڻي جو ڪلام تصوف جي دقائق ۽ حقائق جو شاهڪار آهي. پنهنجي شاعريءَ بابت مخدوم امين فهيم پاڻ لکي ٿو ته: منهجي شاعريءَ جي ابتدا هالن ۾ٿي. هالن جي ماحول ۽ خاندان جي ادب ۽ شعر سان رغبت جي ڪري ۽ خاص طرح سان والد صاحب جي شاعري ۽ ادبي محفلن جي ڪري اٿندي ئي ان طرف ذهن جو جهڪاءُ ٿيڻ لڳو. مخدوم صاحب هڪ شاعر ۽ اهل دل انسان واري روش زندگيءَ جي سڀني شعبن ۾ روا رکي ۽ هميشه عمده اخلاقي قدرن جي هر حال ۾ پاسداري ڪندو رهيو. جيتوڻيڪ مخدوم صاحب ۱۹۷۰ کان مسلسل مختلف چونڊن دوران قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جا ميمبير منتخب ٿيندو رهيو. ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي جي صدارت، ملڪ ۾ جھموريت جي بحاليءَ لاءِ جوڙيل اتحاد اي آر ڊي جي سرواڻي سميت ڪيترن ئي عهدن تي رهيو پر جڏهن به ڳالهه اصولن جي آئي، جڏهن به ڳالهه وفائن نڀائڻ جي آئي ته هن شاعر سياستدان جي عزم کي وڏي کان وڏي عهدي جي آڇ لوڏي نه سگهي. مخدوم امين فهيم کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هن پاڪستان جي سياسي تاريخ جي ٻن طويل ترين آمريتن جي دوران جھموريت جي بحاليءَ جي جھدوجھد ۾ نهايت اهم ڪردار ادا ڪيو. پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ جڏهن به ڪير پارٽيءَ ۽ نظريي سان نڀاءَ جا حوالا ڳوليندو ته کيس هن فقير طبيعت سياستدان جو نالو سرفهرست ملندو. جيتوڻيڪ مخدوم صاحب جا عزم ۽ ارادا زماني جا آزمايل هئا جو هن اڏول انسان جي سياسي موقف ۾ مارشلائن جون سختيون ڪابه تبديلي نه آڻي سگھيون نه وري وڏن عهدن جون آڇون کين متزلزل ڪري سگھيون، پوءِ به الاهي ماڻهن جون نظرون اهو سياسي منظرنامو وڏي تجسس سان ڏسي رهيون هيون، جڏهن مخدوم صاحب جي محبوب پارٽي هن جي طويل ۽ باوفا رفاقت کي گھربل مڃتا ڏيڻ ۾ بظاهر ناڪام پئي ٿي پر ان موقعي تي مخدوم صاحب جي ثابت قدمي ۽ فيصلي سڀني کي لاجواب ڪري ڇڏيو: تون امين آهين فهيم، فيصلو ڪج لاجواب! مخدوم صاحب جي پارٽيءَ کي اهڙي موقعي تي الوداع چوڻ واريون قياس آرائيون خاڪ ٿي ويون ڇاڪاڻ ته مخدوم صاحب کي خبر هئي ته نڀائبو ڪيئن آهي، ايندڙ نسلن لاءِ وفا جا مثال ڪيئن ڇڏبا آهن ۽ تاريخ جي نظرن ۾ سرخرو ڪيئن بڻبو آهي. وقت جو امين ۽ فهيم نظام الدين ڪاڪا سائين قبله مخدوم امين فهيم جي ڪهڙي ڳالھ ڪجي سندس والد مخدوم طالب الموليٰ جي زماني کان وٺي سنڌ جي سروري جماعت جي نو لکين گودڙي غوث الحق مخدوم نوح رح جي خاندان جو روح روان هئو. مخدوم امين فهيم صوفياڻي رنگ ۾ ته رچيل هو پر فڪري طرح هڪ محبِ وطن سنڌي ۽ انسان دوست شخصيت هُئو. مزاج ۽ طبيعت ۾ انتهائي نرم نازڪ، سلجهيل سچار، لاطمع ۽ بي نياز سونهن ۽ سنگيت جو ڪوڏيو هئو. شڪل ۽ صورت ۾ گلاب جي گل جيان ٻهڪندڙ ۽ ٺاهوڪي وضع قطع، من ۾ پيار پائڻ جي ازلي اڃ رکندو هئو. عزيزن ۽ قريبن، يارن، دوستن، غريبن ۽ بي پهچ مسڪينن لاءِ نيڻ وڇائيندڙ ڪنهن کي ڏکيو ڏٺائون تـ واريءَ جي ڀٽ جيان ڀري پوندو هُئو. ماڻپي جا مڙئي گڻ منجس موجود هئا. مخدوم امين فهيم نه رڳو هڪ سٺوانسان هو پر هڪ حساس ذهن رکندڙ تخليقار به هئو جنهن ڪئين شعر سرجيا، کين رب پاڪ ڪمال جو ذهن ڏنو هو ماڻهوءَ اندر جهاتيون پائڻ واريون سندن اکيون به ڏاڍيون تکيون ۽ اونهيون هونديون هنيون. هونئن هن ڌرتيءَ تي ماڻهن جي ڪمي ڪانهي مٿس پنجن اربن کان به وڌيڪ ماڻهون رهن ٿا پر انهن ۾ سٺا ۽ سچا ڪي ٿورڙا آهن. قبلا سائين مخدوم محمد امين فهيم ٿڌي ڇانو وانگي سڄي حياتي، سنڌ سنڌي ماڻهن ۽ سروري جماعت لاءِ بڙ جي ڇانو وانگي رهيو آهي. (ماڻهو) ته تڏهن ئي (اشرف المخلوقات) تسليم ٿيندو جڏهن خدا جي خلقيل ٻيءَ سموري مخلوق کان اعليٰ ۽ افضل هوندو انهيءَ ڳالھ جو دارومدار سندس مزاج تي آهي. مخدوم صاحب جن وقت جي مزاج کي ۽ ماڻهون جي درد کي هڪ ئي نظر سان سمجهي سگهڻ جي سگھ رکندو هئو. اکين جي پينگهن ۾ لڏندڙ قبلا سائين جي دلربائي کي ڀلا اهي بيخبر ڪيئن ٿا سمجهي سگهن جن ڪڏهن سياري جي رات ۾ ٽمڪندڙ ستارن جو روح ئي ناهي پڙهيو. مخدوم صاحب ماڻهن سان محبتون دل کولي ڪيون آهن ۽ کين کي بہ محبتون ٻانهون کولي مليون. سائين سنڌ کي پنهنجي ساهـ ۾ سمائي ڇڏيو هو جنهن ڪري جسماني دوري هوندي به هو ماروئڙن جي من ۾ سدائين زنده رهندو پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرين جو چيئرمين ۽ درگاهـ سرور نوح جو ارڙهون سجادهـ نشين سروري جماعت جو روحاني پيشوا ۴ آگسٽ ۱۹۳۹ع تي مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ جي گهر هالا ۾ جنم ورتو مخدوم امين فهيم پرائمري، مئٽرڪ، انٽر تائين تعليم هالا ۾ حاصل ڪئي ۽ ۱۹۶۱ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سياست ۾ گريجوئيشن ڪئي. سائين امين فهيم ۴ شاديون ڪيون کيس ۷ پٽن ۽ ۴ نياڻين جو اولاد آهي. پاڻ ۱۹۷۰ع کان ۲۰۱۳ تائين مسلسل ۸ ڀيرا اليڪشن وڙهي ۽ ڪڏهن به نـ هارايو. ۱۹۷۷ع ،۱۹۸۸ع، ۱۹۹۰ع، ۱۹۹۷ع، ۲۰۰۲ع ۽ ۲۰۰۸ع ۾ هالا ۽ مٽياري جي تڪن تان ڪامياب ٿيندو رهيو. پاڻ هائوسنگ، مواصلات، واپار ۽ ٻين وزارتن جو وفاقي وزير به رهيو. جڏهن ته جنرل ضياءُ جي دور ۾ ايم آر ڊي تحريڪ ۽ جيل ڀريو تحريڪ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪندو رهيو ۽ سروري جماعت جي ۵۰۰۰ ماڻهن گرفتاريون ڏئي اُن ڪاري قانون جي خلاف جدوجهد ڪئي. پاڻ شاعر ۽ اديب به هئو سندس ٻه ڪتاب ڇپيل آهن هڪ شاعريءَ جو مجموعو (پيغام) سنڌي ادبي بورڊ ۱۹۹۰ع ۾ شايع ڪري پڌرو ڪيو. سندس شاعراڻي تخليق ۾ ڪومل جذبا ۽ احساس، تشبيهون ۽ منظرنگاري مان سندس ڏات جي اڏام کي پرکي ۽ محسوس ڪري سگهجي ٿو سندس شاعريءَ جا گيت ۽ غزل مختلف فنڪارن جي آواز ۾ نشر ٿيندا رهن ٿا. سندس تغزل، فني خيال کان (مزبيت) معمونيت ۽ عشائيت تي مشتمل آهي. سندس هڪ نظم (اي وطن جانشين) ۱۹۶۳ع ۾ آل سنڌ مشاعري ۾ پهريون نمبر حاصل ڪيو سندن نئين سال بابت چيل هڪ شعر آهي تـ، نوان ڏينهن راتيون، نيون روشنايون، نوان شعر ڪافيون، نوان بيت وايون، نوان باغ بنگلا، هي بستيون ۽ جايون، نئين سال ۾ سڀ، نيون بڻجي آيون، پرين هو پراڻيون، ڇڏي ڏي جدايون، نئين سال ۾ اچ، نوان نيهن لايون. سندس شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ”پيغام“ شايع ٿيل آهي سندس همنشين شاعرن ۾ انور هالائي، احسن الهاشمي، محبوب سروري، حسين بخش خادم، ولي سروري،محمد هاشم ساحل لاکو، مصري ڪاڪا ۽ هالا ۾ اسان جو رنگ رتن پيچرن وارو پيارو شاعر سوز هالائي به هوندو هو. هو چوندو هو تـ شاعري منهنجي پهرين محبت آهي.مولانا رومي،شاهه ڀٽائي ۽ سچل جو مداح آهيان.شاعريءَ ۾ سندس تخلص ”امين“۽”فهيم“ هئا.امين فهيم جو نالو سندس چاچي مخدم غلام حيدر صديقيءَ رکيو، کيس سروري جماعت جا ماڻهو ”ڏاڏا“ سائين ڪري سڏيندا هئا ۲۱ نومبر ۲۰۱۵ تي جڏهن قبلـ سائين امين فهيم اسان کان جدا ٿيو ته صبح جو اداس سورج نموندار ٿيو ۽ شام مايوسيون کڻي لٿي هئي، جڏهن تـ اڃين سانجهڙين ۾ نظارا روئي پيا هئا. سندس عمر ۷۶ ورهيا هئي سندس آخري رسمن ۾ بلاول ڀٽو زرداري ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جا سڀ مرڪزي اڳواڻ شريڪ ٿيا. کين مخدوم سرور نوح جي درگاهـ جي اندر سائين طالب الموليٰ جي پيرانديءَ کان دفن ڪيو ويو. سندس هڪ شعر آهي تـ، وڃين ويهي رهين مون کان ڏاڍو پري، تنهنجي ويئي سري منهنجي ڪئين سري، تون ”امين“ ٿي اچ انصاف ڪري، ڀلا توکي ڪيئن مان وسارينديس. ڌڻي در دعا آهي تہ الله سائين قبلـ سائين کي جنت الفردوس عطا فرمائي... . وڇوٽيون وڌڻ کان اڳ....! نور سنڌي مخدوم امين فهيم پاران سندس والد مخدوم طالب الموليٰ جي نالي تي هالا ۾ ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ اسپتال وارو خواب سندس حياتي ۾ نه سهي پر سندس ٻي ورسي تي پورو ٿيو. يقينن سندس روح اڄ خوش هوندو. پ پ چيئرمين بلاول هالا ۾ پهچي منعقد ڪيل تقريب ۾ ان جو سنگِ بنياد رکيو، اهڙو عمل يقينن قابلِ تعريف آهي. ان سان هن علائقي کي فائدو ٿيندو. اها به توقع هئي ته بلاول ان پروگرام ۾ مٽياري ضلعي خاص طور هالا جي ترقيءَ لاءِ ميگا پراجيڪٽ جو اعلان ڪندو ۽ سروري جماعت کي پ پ جي گذريل وفاقي ۽ سنڌ ۽ موجوده سنڌ حڪومت ۾ نوڪرين، ترقياتي ۽ ٻين ڪمن ۾ اهميت نه ڏيڻ ۽ مخدوم خاندان کي پ پ جي واڳ ڌڻين کان اهڙين ۽ ٻين شڪايتن جو ازالو ڪرڻ لاءِ اعلان ڪندو ته هن کان اڳ جيڪو ٿيو اهو درگذر، پر هاڻ مخدوم خاندان کي خدشن ۽ سروري جماعت وارن جي شڪايتن جو ازالو ڪيو ويندو. پر بلاول تقرير ۾ اهڙو اظهار نه ڪيو، نه ئي ضلعي اندر پيئڻ صاف پاڻي جا پراجيڪٽ ڏيڻ واري گهر کي بلاول موٽ ڏني. بلاول مان اُميد ته اِها هُئي ته هُو پنهنجي تقرير ۾ اهڙو جائز مطالبو فوري طور پورو ڪندي سنڌ جي وڏي وزير کي اتي ئي تقرير ۾ مٽياري ضلعي لاءِ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جا پراجيڪٽ ڏيڻ جي هدايت ڪري ها. پر اِئين نه ٿيو. تازو ڀٽ شاهه ۾ به ڀٽ شاهه لاءِ ترقياتي منصوبي جو اعلان نه ڪرڻ ڪري خلق حيران آهي. اهڙيءَ ريت هالا شهر جتي لاهور ۾ پ پ جو بنياد پوڻ بعد پهريون ڪنوينشن ٿيو هو ان شهر جي ترقي لاءِ ڪو ترقياتي منصوبو نه ڏيڻ ۽ مخدوم جميل الزمان پاران صاف پاڻي وارين اسڪيمن جي مطالبي تي موٽ نه ڏيڻ ڪري ساڃاهه وند ڌريون حيرت ۾ ورتل آهن. هالا شهر جي پ پ جو پهريون ڪنوينشن ٿيڻ کانسواءِ به علمي، ادبي، ثقافتي، روحاني، تاريخي طور هڪ پنهنجي حيثيت رهندي آئي آهي. جڏهن ته سروري جماعت جي لکين ماڻهن جو پ پ ۾ ايم آر ڊي کان وٺي هر جدوجهد ۾ وڏو ڪردار رهيو آهي. هر موڙ تي سروري جماعت مرشد جي حڪم تي پاڻ ملهايو آهي. جڏهن ته مخدوم خاندان جو جنرل ضياءُ الحق کان وٺي پرويز مشرف تائين تاريخي ڪردار رهيو آهي. جنرل ضياءُ الحق جي دور ۾ مخدوم خليق الزمان جهڙو نازڪ نفيس ۸ سالن کان وڌيڪ مختلف جيلن ۾ رهيو. مخدوم خاندان سانگهڙ ۾ شهيد ڀٽو تي حملي کان وٺي ڪراچي ۾ ڪارساز واقعي ۽ پنڊيءَ تائين هر موڙ تي گڏ رهيو آهي. پر شهيد راڻي جي شهادت بعد نه صرف سروري جماعت پر مخدوم خاندان کي اهميت نه پئي ڏني وڃي. ڪيترن ئي موقعن تي پ پ قيادت مخدوم خاندان خلاف ميڊيا ٽرائيل ڪيو. پ پ جي واڳ ڌڻين مخدوم امين فهيم جي قربانين کي وساريندي نظرانداز ڪيو. مخدوم امين فهيم جي لاڏاڻي بعد مخدوم جميل الزمان کي پارٽي ۾ اها اهميت نه پئي ڏني وڃي. پ پ جي گذريل دور ۾ بنا ڪم واري وزارت ڏني وئي، موجوده دور ۾ سندس وزارت ۾ مسلسل مداخلت ڪئي پئي وڃي. مخدوم امين فهيم جنرل ضياءُ الحق ۽ مشرف دور ۾ وزيراعظم جهڙي منصب کي ٺڪرائي ڇڏيو. پاڻ وصال تائين پ پ ۾ ثابت قدم رهيو. مخدوم امين فهيم کي والد صاحب جي هر حال ۾ پ پ ۾ ثابت قدم رهڻ واري وصيعت پوري ڪئي پر مخدوم جميل الزمان کي سندس والد پاران اهڙي ڪا به وصيعت ڪيل نه آهي. ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ پ پ ۾ شامل ٿيندڙ بااثر ماڻهن ذاتي فائدا ورتا پر مخدوم خاندان ان کان پري رهيا ته شهيد ڀٽو خود مخدوم طالب الموليٰ کي چيو ته اوهان کي ڇا گهرجي. پاڻ چيائون ته عزت! اهو سچ آهي ته شهيد ڀٽو ۽ بعد ۾ سندس نياڻي محترمه بينظير ڀٽو وٽ مخدوم خاندان جي وڏي عزت احترام هو. شهيد ڀٽو ۽ بعد ۾ شهيد راڻي پارٽي جي هر فيصلي ۾ مخدوم طالب الموليٰ ۽ سندس وصال بعد مخدوم امين فهيم کي شامل رکيو. مخدوم طالب الموليٰ جي وصال بعد پ پ جو سينئر وائيس چيئرمين مخدوم امين فهيم کي ڪيو ويو. شهيد ڀٽو جي شهادت بعد سندس مشن کي محترمه بينظير ڀٽو اڳتي وڌايو ان ڪري عوام شهيد ڀٽو جي تصوير بينظير جو نعرو لڳايو، پر شهيد راڻي جي شهادت کانپوءِ سندس مشن کي اڳتي نه پيو وڌايو وڃي. پ پ واڳ ڌڻين ڀٽو ازم ۽ سندس مشن کي وساري ڇڏيو آهي. سياسي مبصر ٻڌائين ٿا ته ايندڙ چونڊن ۾ مخدوم خاندان پاران سنڌ ۾ سروري جماعت جي اڪثريت وارن تڪن تي ۲۵ پي ايس ۱۲ ايم اين اي جون ٽڪيٽون حاصل ڪرڻ لاءِ درخواستون ڏيندا. جن ۾ مٽياري ضلعي سانگهڙ ۾ ۴ صوبائي ٻه قومي، عمرڪوٽ ضلعي ۾ هڪ قومي، ٽنڊوالهيار ۾ هڪ صوبائي ۽ ٻيون سيٽون ٻڌايون وڃن پيون. انهن ڳالهين ۾ ڪيتري صداقت آهي اها خبر ته ايندڙ وقت ٻڌائيندو. پر سياسي حقلن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن مخدوم خاندان اهڙو مطالبو ڪري ٿو ۽ کيس ان حوالي سان اهميت نه ڏني وئي، اُن جي ردعمل ۾ جيڪڏهن مخدوم خاندان پ پ کي الوداع ڪري ٿو ته اهو پ پ لاءِ وڏو نقصان هوندو. سياسي تجزيه نگارن موجب سروري جماعت جو وڏو انگ پ پ کان خفا آهن پر مرشد جي حڪم جي ڪري هو اڄ به پ پ سان گڏ آهي. مخدوم جميل الزمان جيڪڏهن پ پ کي الوداع ڪيو ته پير صاحب پاڳارو، مخدوم شاهه محمود قريشي، پ پ کان ناراض وڏي تعداد ۾ اڳواڻ ۽ ننڍين پارٽين، گروپن جو مضبوط اتحاد جڙي سگهي ٿو ۽ پ پ سنڌ مان ناڪام ٿيندي. اهو به ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته سياسي دنيا جو رانديگر آصف علي زرداري جلد هالا ۾ پ پ جو ڪنوينشن ڪندو. ڇاڪاڻ ته کيس مخدوم خاندان جي حيثيت ۽ طاقت جو اندازو آهي. ان جو اظهار ڀلي ڪو نه ڪري، پر ڪير به نه چاهيندو ته مخدوم خاندان پ پ کي الوداع ڪري. مخدوم امين فهيم جنهن کي اڄ به سنڌ ساري پئي! مير نادر علي ابڙو مخدوم امين فهيم جو لاڏاڻو ملڪي سياسي تاريخ لاءِ جتي تمام وڏو خال آهي اتي سندن علمي، ادبي خدمتون به فراموش نٿيون ڪري سگهجن. پاڻ هڪ ئي وقت تمام وڏو سياستدان هو ۽ ان کان به وڏو اديب ۽ شاعر هو. کين الله پاڪ جيڪي خاصيتون ڏنيون هيون سي تمام ٿورڙن ماڻهن جي کاتي ۾ اينديون آهن. سندن شخصيت بي داغ ۽ وفا جي علمبردار هئي ۽ تمام عمر وفا ۾ گذاري ڇڏي. مخدوم خاندان جون خدمتون هميشه سنڌ جي ماڻهن لاءِ مثالي بڻيل رهيون آهن. اهو سلسلو سرور نوح جي گادي کان هلندو ٿو اچي ۽ اڃان تائين قائم ۽ دائم آهي. هن رشتي کي مخدوم امين فهيم وڌيڪ مضبوط بنايو هو ۽ پاڻ هر ميدان ۾ جتي ڪٿي محبتن جو پيغام ڏنو هو. پاڻ سروري جماعت جو جتي روحاني پيشوا هو، اتي منجهن روحاني خاصيتون به بيمثال هيون. جتي هي ٻين لاءِ دعائون گهرندو هو، اتي پاڻ لاءِ به دعا گهرائيندو هو. پاڻ پيپلزپارٽي جو سينئر وائيس چيئرمين هو. مخدوم امين فهيم جي ولادت چار آگسٽ ۱۹۳۹ع تي هالا ۾ ٿي. سندن نالو محمد امين رکيو ويو، جڏهن ته مخدوم محمد امين فهيم ثالث پکن ڌڻي جي نسبت سان ڏاڏا سائين به سڏبو هو. اڃان ٻن سالن جو هو ته سندن ماءُ وفات ڪري وئي، بعد ۾ سندن والد مخدوم طالب الموليٰ ٻي شادي خاندان کان ٻاهر ڪئي، جنهن مان کيس پنج پٽ ٿيا، جن ۾ اڳوڻي ايم پي اي مخدوم خليق الزمان، مخدوم نويد الزمان، مخدوم شفيق الزمان، حيدرآباد جي اڳوڻي ضلعي ناظم مخدوم رفيق الزمان ۽ اڳوڻي ايم پي اي مخدوم سيد الزمان آهن. مخدوم امين فهيم شروعاتي تعليم هالا ۾ حاصل ڪئي، بعد ۾ مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول ۾ مئٽرڪ پاس ڪري وڌيڪ تعليم لاءِ سروري اسلامي ڪاليج ۾ داخلا ورتي، جتي بي اي پاس ڪيائين، سنڌ يونيورسٽي مان پوليٽيڪل سائنس ۾ ماسٽر ڪيائين، قانون جو امتحان پاس ڪيائين. بزم طالب الموليٰ سنڌ جو صدر به رهيو، تعليمي خدمتن جي سلسلي ۾ سروري اسلامي ڪاليج ۽ سروريه اورينٽل ڪاليج هالا جو نائب صدر رهيو ۽ ٽائون ڪميٽي هالا جو چيئرمين ڊويزنل ڪائونسل حيدرآباد جو ميمبر رهيو. مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ جي لاڏاڻي بعد سروري جماعت جو روحاني پيشوا مقرر ٿيو ۽ پاڻ ۱۸هون گادي نشين هو. بهترين اديب ۽ شاعر پڻ هو. سندن شاعري تمام گهڻي مشهور هئي. سروري جماعت کي ۳۰۰ سال اڳ ۹ لک گودڙي جو لقب مليل آهي. سندن مريد هندستان ۽ پاڪستان ۾ موجود آهن ۽ سندن ۲۲ خليفا هنڌ ۽ سنڌ راجستان سميت خدمتون سرانجام ڏين ٿا. مخدوم امين فهيم جي شاعري ۽ سندن شعري مجموعي ”پيغام“ کي تمام وڏي پذيرائي ملي. هن شعر ۽ شاعريءَ ۱۹۵۳ع کان شروع ڪئي، جيڪو فن هن پنهنجي والد مرحوم مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ کان سکيو. پهرين پنهنجو تخلص ’امين‘ رکيائين ان کان پوءِ ’فهيم‘ جو تخلص سندن والد مخدوم طالب الموليٰ ڏنو، جنهن کي هو پنهنجي عمر جي آخري وقت تائين استعمال ڪندو رهيو. سندن شاعري جا ٻه مجموعا ڇپيل آهن، جن مان ’’پيغام‘‘ کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويو. هن نهايت خوبصورت انداز ۾ غزل لکيو. اردو ٻولي ۾ به تمام وڏا ڪلام چيائين، هالا جي ادبي ماحول ۾ وڏي هلچل آندائين سندن ڪلام ”پيغام“ کي سنڌي ادبي بورڊ ڊسمبر ۱۹۹۰ع ۾ شايع ڪيو. سندن جواني جي دؤر ۾ ڪجهه وقت لاءِ شاعري ڪرڻ ۾ وقفو به رهيو، جنهن لاءِ سندن ذاتي مصروفيتون هيون. کين موسيقي سان به دلچسپي رهندي هئي. پاڻ فارسي، عربي، انگريزي ۾ ڪتاب پڻ لکيائون. پاڻ يارويس ۽ طبيعتن سادو هوندو هو، هڪ بردبار، صابر وڏي دل رکندڙ سياستدان هو. سندن لاءِ اها ڳالهه چئي ويندي هئي ته هن ۾ برداشت انتهائي گهڻي هوندي هئي، جنهن ڪري کين ’صابرين‘ چيو ويندو هو. هو ناراض ماڻهن سان به پيار سان ڳالهائيندو هو. پنهنجي سياسي زندگي شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي چوڻ تي شروع ڪئي پهريون ڀيرو ۱۹۷۰ع واري چونڊن ۾ ٺٽي مان ايم اين اي چونڊيو ويو. ان کان پوءِ ۱۹۷۷ع کان ۱۹۸۸، ۱۹۹۰، ۱۹۹۷، ۲۰۰۲ ۽ ۲۰۰۸ جي چونڊ ۾ هالا مٽياري تڪ تان ايم اين اي چونڊاڻو. ضياءُ جي آمريتي دؤر ۾ پارٽي فيصلي تحت هو ۱۹۸۵ عام چونڊن ۾ اميدوار نه هو. هن سياسي سفر جو آغاز ۱۹۷۰ ڌاري پ پ جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبلي جي ميمبر ٿيڻ سان ڪيو، ڪجهه وقت سنڌ جي گورنر جو صلاحڪار پڻ رهيو پوءِ مرڪز ۾ وزير مملڪت تي فائز ٿيو. ۱۹۷۷ع ۾ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊاڻو ۽ غلام مصطفيٰ جتوئيءَ جي ڪابينا ۾ روينيو ۽ آبادڪاري جو وزير ٿيو. ۱۹۸۳ع ۾ ايم آر ڊي تحريڪ دوران پ پ سنڌ جو صدر رهيو. ۱۹۸۸ع ۾ بينظير ڀٽو جي ڪابينا ۾ مواصلات جو وزير مقرر رهيو. ۱۹۹۰ع ۽ ۱۹۹۳ع، ۱۹۹۷ع واري عام چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو. وري ۲۰۰۸ع جي چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو. پاڻ پ پ جو صدر ۽ پيپلز پارٽي جو سينئر وائيس چيئرمين پڻ رهيو. پاڻ ملڪ جو واحد سياستدان هو، جنهن کي فهم، فراست، شائستگي، ٿڌي مزاج ۽ جمهوري قدرن جو امين هجڻ ڪري حڪومت مخالف ڌر سميت سموري پارٽين ۾ هڪ جهڙي عزت ۽ قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو. ضياءَ الحق جي دؤر کان وٺي کيس وزيراعظم جي عهدي جي آڇ ٿي پر هو پارٽيءَ سان وفادار رهيو. سنڌ جي سياسي ۽ غير سياسي وڏيرن سان سندن ياري ڪنهن کان لڪل نه هئي، پارٽي جي منع باوجود ڄام صادق علي، پير پاڳاري، شاهنواز جوڻيجي سان هُن ناتا نه ٽوڙيا. ۱۹۶۹ع ۾ لنڊن جي اندر مخدوم امين فهيم جي ملاقات پ پ جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو سان ٿي جنهن بعد هن پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. سندن والد مخدوم طالب الموليٰ پڻ پارٽي جو سينئر وائيس چيئرمين رهيو. کين شهيد بينظير ڀٽو جو انتهائي ويجهو ساٿي سمجهيو ويندو هو ۽ پاڻ شهيد بينظير ڀٽو جي دؤر ۾ ۱۹۸۸ع کان آگسٽ ۱۹۹۰ع تائين اطلاعات وارو وزير به رهيو ۽ ۲۰۰۸ع واري اليڪشن ۾ ڪاميابي بعد کين سياحت ۽ واپار جي وزارت ڏني وئي. سندن ئي رهائش گاهه هالا تي پيپلزپارٽي جو بنياد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو رکيو ۽ پهريون ڪنوينشن به پيپلزپارٽي جو هالا ۾ ٿيو. جنهن ۾ مخدوم طالب الموليٰ امين فهيم کي پاڻ سان گڏ رکيو هو ۽ سندن سياسي پرورش ڪئي ۽ سندن شخصيت تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کان پوءِ محترمه شهيد بينظير ڀٽو تمام وڏو ڀروسو ڪندي هئي. امين فهيم کي ضياءَ جي دؤر ۾ ٻه ڀيرا ۽ رٽائرڊ پرويز مشرف جي دؤر ۾ ٽي دفعا وزيراعظم ٿيڻ جي آڇ ٿي پر هن پارٽيءَ جي اصولن ۽ مفادن وٽان هر آڇ کي ٿڏي ڇڏيو ۽ ڀُٽي خاندان سان آخري وقت تائين وفا ڪئي. جنهن ڪري کين پنج دفعا گهر ۾ نظر بند پڻ رکيو ويو. سندن علائقي ۾ تمام وڏي زمينداري ۽ جاگير پڻ آهي. سندن شخصيت کي هالا سميت سموري سنڌ جي عوام عزت جي نگاهه سان ڏسي ٿي. مخدوم امين فهيم پنهنجي زندگيءَ ۾ ۴ شاديون ڪيون. پهرين شادي ۲۱ جون ۱۹۵۷ع ۾ ۱۹ سالن جي عمر ۾ پنهنجي خاندان مان ڪئي، ٻي شادي بنگال سان تعلق رکندڙ ايئر هوسٽ دينا ليلا سان ڪئي، جيڪا مشهور فنڪاره رونا ليلا جي ڀيڻ هئي ۽ سٺي ڳائڻي هئي جيڪا شادي بعد جلد فوت ٿي وئي. ٽئين شادي ڪراچي جي اردو فيملي مان ڪيائين ۽ چوٿين شادي پنجاب مان ڪيائين. کين ستن پٽن ۽ هڪ نياڻي جو اولاد آهي. پهرين شادي مان مخدوم جميل الزمان، ٻي شادي مان چار پٽ مخدوم عقيل الزمان، مخدوم شڪيل الزمان، مخدوم نعمت الله، مخدوم نجيب الزمان ۽ چوٿين شادي مان مخدوم سڌيار پيدا ٿيا ۽ سندن جو وڏو پٽ مخدوم جميل الزمان سٺو سياستدان هجڻ سان گڏ سٺو شاعر ۽ محقق به آهي. سنڌ جا ماڻهو اڄ انهي مانائتي ڪردار کي ڀرپور موٽ ڏئي رهيا آهن اڄ جتي هالا ۾ سندن ورسيءَ جي پُروقار تقريب ٿي پئي اُتي بلاول ڀٽو سميت پ پ پ جي مرڪزي قيادت سندن شخصيت کي خراج تحسين پيش ڪندي. مخدوم امين فھيم وقت جو امين ۽ فهيم نظام الدين ڪاڪا مخدوم امين فهيم جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، سياست ۽ شاعري ۾ پنهنجي والد مخدوم طالب الموليٰ جي زماني کان وٺي سنڌ جي سروري جماعت جي نو لکين گودڙي غوث الحق مخدوم نوح رح جي خاندان جو روح روان هو. مخدوم امين فهيم صوفياڻي رنگ ۾ ته رچيل هو پر فڪري طرح هڪ محبِ وطن سنڌي ۽ انسان دوست شخصيت هو. مزاج ۽ طبيعت ۾ انتهائي نرم نازڪ، سلجهيل سچار، لاطمع ۽ بي نياز سونهن ۽ سنگيت جو ڪوڏيو هو. صورت ۾ گلاب جي گل جيان ٻهڪندڙ ۽ من ۾ پيار پائڻ جي ازلي اڃ رکندڙ هو. عزيزن ۽ قريبن، يارن، دوستن، غريبن ۽ بي پهچ مسڪينن لاءِ نيڻ وڇائيندڙ ڪنهن کي ڏکيو ڏٺائون ته واريءَ جي ڀٽ جيان ڀُري پوندو هو. مخدوم امين فهيم نه رڳو هڪ سٺو انسان هو پر هڪ حساس ذهن رکندڙ تخليقڪار به هو، جنهن ڪئين شعر سرجيا، کيس رب پاڪ ڪمال جو ذهن ڏنو هو، ماڻهوءَ اندر جهاتيون پائڻ واريون سندس اکيون به ڏاڍيون تکيون ۽ اونهيون هونديون هنيون. هن ڌرتي تي ماڻهن جي ڪمي ڪانهي، جتي پنج ارب کان به وڌيڪ ماڻهو رهن ٿا پر انهن ۾ سٺا ۽ سچا ڪي ٿورڙا آهن. مخدوم محمد امين فهيم ٿڌيءَ ڇانو وانگي سڄي حياتي، سنڌ سنڌي ماڻهن ۽ سروري جماعت لاءِ بڙ جي ڇانو وانگر رهيو. ماڻهون ته تڏهن ئي اشرف المخلوقات تسليم ٿيندو جڏهن خدا جي خلقيل ٻيءَ سموري مخلوق کان اعليٰ ۽ افضل هوندو، انهيءَ ڳالهه جو دارومدار سندس مزاج تي آهي. مخدوم امين فهيم وقت جي مزاج کي ۽ ماڻهو جي درد کي هڪ ئي نظر سان سمجهي سگهڻ جي سگھ رکندو هو. هن ماڻهن سان محبتون دل کولي ڪيون ۽ موٽ ۾ محبتون ٻانهون کولي مليون. مخدوم امين فهيم سنڌ کي پنهنجي ساهه ۾ سمائي ڇڏيو هو جنهن ڪري جسماني دوري هوندي به هو ماروئڙن جي من ۾ سدائين زنده رهندو. پيپلز پارٽي پارليامينٽرين جي چيئرمين ۽ درگاهه سرور نوح جو ارڙهون سجادهه نشين سروري جماعت جي روحاني پيشوا ۴ آگسٽ ۱۹۳۹ع تي مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ جي گهر هالا ۾ جنم ورتو، مخدوم امين فهيم پرائمري، مئٽرڪ، انٽر تائين تعليم هالا ۾ حاصل ڪئي ۽ ۱۹۶۱ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سياست ۾ گريجوئيشن ڪئي. امين فهيم ۴ شاديون ڪيون، کيس ۷ پٽن ۽ ۴ نياڻين جو اولاد آهي. مخدوم جميل الزمان، مخدوم شڪيل الزمان، مخدوم عقيل الزمان، مخدوم نعمت الله، مخدوم حبيب الله، مخدوم نجيب الزمان ۽ مخدوم سنڌ يار سندس فرزند آهن. پاڻ ۱۹۷۰ع کان ۲۰۱۳ تائين مسلسل ۸ ڀيرا اليڪشن وڙهي ۽ ڪڏهن به نه هارايو. ۱۹۷۷ع، ۱۹۸۸ع، ۱۹۹۰ع، ۱۹۹۷ع، ۲۰۰۲ع ۽ ۲۰۰۸ع ۾ هالا ۽ مٽياري جي تڪن تان ڪامياب ٿيندو رهيو، پاڻ هائوسنگ، مواصلات، واپار ۽ ٻين وزارتن جو وفاقي وزير به رهيو. جڏهن ته جنرل ضياءُ جي دور ۾ ايم آر ڊي تحريڪ ۽ جيل ڀريو تحريڪ ۾ نمايان ڪردار رهيو ۽ سروري جماعت جي ۵ هزار ماڻهن گرفتاريون ڏئي ڪاري قانون جي خلاف جدوجهد ڪئي. پاڻ شاعر ۽ اديب به هو سندس ٻه ڪتاب ڇپيل آهن هڪ شاعريءَ جو مجموعو (پيغام) سنڌي ادبي بورڊ ۱۹۹۰ع ۾ شايع ڪري پڌرو ڪيو، سندس شاعراڻي تخليق، ڪومل جذبا ۽ احساس، تشبيهون ۽ منظر نگاري مان سندس ڏات جي اڏام کي پرکي ۽ محسوس ڪري سگهجي ٿو، سندس شاعريءَ جا گيت ۽ غزل مختلف فنڪارن جي آواز ۾ نشر ٿيندا رهن ٿا. سندس هڪ نظم (اي وطن جانشين) ۱۹۶۳ع ۾ آل سنڌ مشاعري ۾ پهريون نمبر حاصل ڪيو سندس نئين سال بابت چيل هڪ شعر آهي ته، نوان ڏينهن راتيون نيون روشنائيون، نوان شعر ڪافيون نوان بيت وايون، نوان باغ بنگلا هي بستيون ۽ جايون، نئين سال ۾ سڀ نيون بڻجي آيون، پرين هو پراڻيون ڇڏي ڏي جدايون، نئين سال ۾ اچ نوان نيهن لايون. مخدوم امين فهيم جي شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ”پيغام“ شايع ٿيل آهي، سندس همنشين شاعرن ۾ انور هالائي، احسن الهاشمي، محبوب سروري، حسين بخش خادم، ولي سروري، محمد هاشم ساحل لاکو، مصري ڪاڪا ۽ هالا ۾ اسان جو رنگ رتن پيچرن وارو پيارو شاعر سوز هالائي به هوندو هو. هو چوندو هو ته شاعري منهنجي پهرين محبت آهي. مولانا رومي، شاهه ڀٽائي ۽ سچل جو مداح آهيان. شاعريءَ ۾ سندس تخلص ”امين”، ”فهيم“ هئا. امين فهيم جو نالو سندس چاچي مخدم غلام حيدر صديقي رکيو، کيس سروري جماعت جا ماڻهو ”ڏاڏا سائين“ ڪري سڏيندا هئا، ۲۱ نومبر ۲۰۱۵ تي جڏهن امين فهيم اسان کان جدا ٿيو ته صبح جو اداس سورج نموندار ٿيو ۽ شام مايوسيون کڻي لٿي هئي، آخري وقت سندس عمر ۷۶ سال هئي، سندس آخري رسمن ۾ بلاول ڀٽو زرداري ۽ پيپلز پارٽيءَ جا سڀ مرڪزي اڳواڻ شريڪ ٿيا. کيس مخدوم سرور نوح جي درگاهه جي اندر طالب الموليٰ جي پيرانديءَ کان دفن ڪيو ويو. سندس هڪ شعر آهي ته، وڃين ويهي رهين مون کان ڏاڍو پري، تنهنجي وئي سري منهنجي ڪئين سري، تون ”امين“ ٿي اچ انصاف ڪري، ڀلا تو کي ڪيئن مان وسارينديس. مخدوم محمد امين فهيم تاريخ ساز شخصيت مبشرالحق ميمڻ هالائي سنڌ جي سرزمين ۾ اهڙيون شخصيتن جنم ورتو آهي جن تي نه رڳو سنڌ جو پر ملڪ جو مان مٿانهون ڪيو آهي ۽ پنهنجي ڪردار سان اها خوشبو پيدا ڪئي آهي جو ان جو ٻهڪ اڄ به عوام جي دلين کي روح جي راحت بخشي رهي آهي ان ۾ سنڌ جي عظيم روحاني گادي ۽ درگاه سرور نوح جو هڪ انمول شخص ۽ زنده دل ۽ صبر ۽ برداشت جو پيڪر مخدوم محمد امين فهيم جن آهن.جيڪي سياست ۾ صبر، برداشت وفا جو علمبردار ۽ جمهوريت جو سرمايو باوقار ۽ فهم رکندڙ شخصيت مرحوم قبله مخدوم محمد امين فهيم جن جي ولادت ۱۷ جمادي الثاني ۱۳۵۸ هجري بمطابق ۰۴ آگسٽ ۱۹۳۹ بروز جمعت المبارڪ جهان رنگ وبو ۾ اکيون کوليون سنڌ اسم مبارڪ محمد امين رکيو ويو. پاڻ پنهنجي ابتدائي تعليم قرآن شريف ۽ ۴ درجا سنڌي خانگي طور حاصل ڪيا ۽ مئٽرڪ مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول هالا مان حاصل ڪيائون ۽ پاڻ گريجوئيشن پوليٽڪل سائنس ۾ سنڌ يونورسٽي مان ڪئي ۽ ايل ايل بي پڻ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ڪئي پاڻ مخدوم خاندان جي روايت برقرار رکندي عوام جي خدمت عبادت سمجهي عوان خاطر پهريائين سياسي سفر جو آغاز ٽائون ڪميٽي هالا جي چيئرمين جي حيثيت ۾ ۱۹۶۶ ۾ شروع ڪيوجنهن کان پوءِ ۱۹۶۹ ۾ سندن ملاقات لنڊن ۾ پي پي جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان ٿي جنهن کان پوءِ پاڻ باضابطه طور پي پي ۾ شموليت جواعلان ڪيو ۽ سياست جي وفاداري جي علمبردار مرڻ گهڙي تائين پي پي سان ساٿ نڀايو. ۽ سندن سياسي شعور کي مڃتا ڏيندي ۱۹۷۰ ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاران ٺٽي مان کٽيل قومي اسيمبلي جي سيٽ خالي ڪري مخدوم صاحب کي ضمني چونڊ ۾ حصو وٺڻ لاءِ چيو ۽ جيڪا پاڻ سيٽ کٽي سيٽ حاصل ڪئي. پاڻ پاڪستان جي سياست ۾ اهم سياستدان هئا ۽ اهو کين اهو اعزاز حاصل آهي جو پاڻ ۸ دفعا ايم اين اي طور قومي اسيمبلي جا ميمبر رهيا ۽ هڪ دفعو صوبائي اسيمبلي جا ميمبر رهيا کين اهو به اعزاز آهي ته واحد سياستدان آهي جن هڪ ئي وقت قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي سيٽ بنا مقابلي ڪاميابي حاصل ڪيائيون.پاڻ پهرين شهيد بينيظير جي دور حڪومت ۾ وفاقي وزير رهيا ۽ ٻئي دور حڪومت ۾ پڻ وفاقي وزير رهيا پاڻ وفاقي حڪومت ۾ رهي ڪري عوام جي خدمت ڪئي پاڻ انيڪ خوبين سميت هڪ مڪمل اداري جي حيثيت رکندا هئا جتان علم و ادب،شاعري، سياست، سان گڏوگڏ عوام جي خدمت جو هڪ نه ٽٽندڙ سلسلو هو پاڻ علم وادب جي روشني جي حيثيت ۾ سدائين ادبي محفلن جا مور رهيا سندن ادبي خدمتون به بيمثال آهن پاڻ بزم طالب المولى سنڌ جو بنياد وڌو پاڻ ان جا پريزيڊنٽ رهيا پاڻ ڪتابن ۽ ڪتاب دوست ماڻهن سان پيار ڪندڙ شخصيت هئا پاڻ ۱۹۵۳ ۾ شاعري جي ابتدا ڪئي هي شعر شايد شائين جي اوائلي دور جو شايد آهي بيوفا سان جفا ڪڏهن نه ڪجو، دوستو هيءَ خطا ڪڏهن نه ڪجو. سور سيني کي نيٺ صفا ڪندا، درد دل جي دوا ڪڏهن نه ڪجو. ۱۹۵۷ ۾ پاڻ پهرين شادي ۱۹ سالن جي عمر ۾ پنهنجي ناناڻن مان ڪئي پاڻ شريعت محمد مطابق ۴ شادي ڪيون جن مان کين ۷ فرزند آهن جن مان مخدوم جميل الزمان جيڪي صوبائي وزير موجوده ۱۹ گادي نشين درگاه مخدوم سرور نوح رح آهي. پاڻ سرور نوح جي درگاه جا ۱۸ گادي نشين ٿي گذريا آهن پاڻ عوام جي ۽ سروري جماعت لاءِ ڇپر ڇانو ٿي رهيا پاڻ هميشه سياست ۾ ڪڏهن به ڪنهن آمر جي اڳيان نه جهڪيا ۽ ڪئين مليل لالچ ۽ آڇن کي ٺڪرائيندي اصول پرستي جي سياست ڪئي ۽ پنهنجو سياسي وچن آخر گهڙي تائين پي پي سان نبهائيندا رهيا جنهن سبب سندن سياسي وقار ملڪ جي سياست ۾ هڪ انمول مثال آهي پاڻ هميشه سياسي وفا ۽ سچائي جو پيڪر رهيا ۽ پي پي پي لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون ۽ محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي جلاوطني جي دور ۾ پارٽي جي قيادت سنڀالي ۽ ڏکي وقت ۾ پارٽي کي احسان طريقي سان سنڀاليو ۽ پي پي پارليامينٽ جي سربراه طور پارٽي جي قيادت سنڀالي مرحوم مخدوم امين فهيم جي سياست ۾ شرافت ۽ صبر جيترو پاڻ ڪيو اوتري بردباري ۽ سهپ هاڻ ڳولي نه ٿي لڀجي. مخدوم صاحب کي پنهنجي مٽي سان محبت هئي جو پاڻ بيماري آخري وقت ۾ ٻاهري ملڪ ۾ علاج ڪرڻ بدران پنهنجي وطن ۾ علاج ڪرڻ جي ترجيع ڏني ۽ آخر زندگي جي جنگ هارائيندي ۲۱ نومبر ۲۰۱۵ هجري بمطابق ڇنڇر ۸ صفر ۱۴۳۷ هجري ۾ ۷۶ سالن جي عمر ۾ رضا الاهي سان پنهنجي حقيقي مالڪ سان وڃي مٽي مان حوالي ٿيا. دل ڏيڻ توڙي وٺڻ مان ڇا ٿو حاصل ٿئي امين هن جهان فاني جو لاڳاپو ڇنڻ آهي چڱو. سندن ابدي آرامگاه سرور نوح جي وڏي قبي ۾ پنهنجي والد مخدوم محمد زمان طالب المولى جي آرام گاه جي ساڄي پاسي ۾ آهي سندن وڇوڙي تي سروري جماعت جي لکن عقيدتمندن ۽ سياسي ڪارڪنن کي يتيم ڪندڙ شخيصت اڄ به سندس وڇوڙي تي غمگوار آهي. سندن محبت ۽ عوام لاءِ ڪيل خدمتون اڄ به عوام کي نه ٿيون وسري سگهن. مخدوم امين فهيم جنهن کي اڄ به سنڌ ساري پئي مير نادر علي ابڙو مخدوم امين فهيم جو لاڏاڻو ملڪي سياسي تاريخ لاءِ جتي تمام وڏو خال آهي ته اتي سندن علمي، ادبي خدمتون به فراموش نٿيون ڪري سگهجن. پاڻ هڪ ئي وقت تمام وڏو سياستدان هو ۽ هن کان به وڏو اديب ۽ شاعر هو، سندن ۾ الله پاڪ جيڪي خاصيتون پيدا ڪيون هيون، سي خاصيتون تمام ٿورڙن ماڻهن جي کاتي ۾ اينديون آهن. سندن شخصيت بي داغ ۽ وفا جي علمبردار هئي ۽ تمام عمر وفا ۾ گذاري ڇڏي، مخدوم خاندان جون خدمتون هميشه سنڌ جي ماڻهن لاءِ مثالي بڻيل رهيون آهن. اهو سلسلو سرور نوح جي گادي کان هلندو ٿو اچي ۽ اڃان تائين قائم ۽ دائم آهي. هن رشتي کي مخدوم امين فهيم وڌيڪ مضبوط بنايو هو ۽ پاڻ هر ميدان ۾ جتي ڪٿي محبتن جو پيغام ڏنو هو، پاڻ سروري جماعت جو جتي روحاني پيشوا هو ته اتي سندن منجهه روحاني خاصيتون به بيمثال هيون، جتي هي ٻين لاءِ دعائون گهرندو هو ته اتي پاڻ لاءِ به دعا گهرائيندو هو، پاڻ پيپلزپارٽي جو سينيئر وائيس چيئرمين هو. مخدوم امين فهيم جي ولادت چار آگسٽ ۱۹۳۹ع تي هالا ۾ ٿي. سندن نالو محمد امين رکيو ويو، جڏهن ته مخدوم محمد امين فهيم ثالث پکن ڌڻي جي نسبت سان ڏاڏا سائين به سڏيو هو، اڃان ٻن سالن جو هو ته سندن ماءُ وفات ڪري وئي، بعد ۾ سندن والد مخدوم طالب الموليٰ ٻي شادي خاندان کان ٻاهر ڪئي، جنهن مان کيس پنج پٽ ٿيا. جن ۾ اڳوڻي ايم پي اي مخدوم خليق الزمان، مخدوم نويد الزمان، مخدوم شفيق الزمان، حيدرآباد جي اڳوڻي ضلعي ناظم مخدوم رفيق الزمان ۽ اڳوڻي ايم پي اي مخدوم سيد الزمان آهن. مخدوم امين فهيم شروعاتي تعليم هالا ۾ حاصل ڪئي، بعد ۾ مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول ۾ مئٽرڪ پاس ڪري وڌيڪ تعليم لاءِ سروري اسلامي ڪاليج ۾ داخلا ورتي، جتي بي اي پاس ڪيائين، سنڌ يونيورسٽي مان پوليٽيڪل سائنس ۾ ماسٽر ڪيائين، قانون جو امتحان پاس ڪيائين. بزم طالب الموليٰ سنڌ جو صدر به رهيو تعليمي خدمتن جي سلسلي ۾ سروي اسلامي ڪاليج ۽ سروريه اورينٽل ڪاليج هالا جو نائب صدر رهيو ۽ ٽائون ڪميٽي هالا جو چيئرمين ڊويزنل ڪائونسل حيدرآباد جو ميمبر رهيو، مخدوم محمد الزمان طالب جي لاڏاڻي بعد سروري جماعت جو روحاني پيشوا مقرر ٿيو ۽ پاڻ ۱۸ گادي نشين هو. بهترين اديب ۽ شاعر پڻ هو. سندن شاعري تمام گهڻي مشهور هئي. سروري جماعت کي ۳۰۰ سال اڳ ۹ لک گودڙي جو لقب مليل آهي، سندن مريد هندستان ۽ پاڪستان ۾ موجود آهن ۽ سندن ۲۲ خليفا هنڌ ۽ سنڌ راجستان سميت خدمتون سرانجام ڏين ٿا. مخدوم امين فهيم جي شاعري ۽ سندن شعري مجموعي “پيغام” کي تمام وڏي پذيرائي ملي، هن شعر ۽ شاعريءَ ۱۹۵۳ع کان شروع ڪئي، جيڪو فن هن پنهنجي والد مرحوم مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ کان سکيو. پهرين پنهنجو تخلص ’امين‘ رکيائين ان کان پوءِ ’فهيم‘ جو تخلص سندن والد مخدوم طالب المولي ڏنو. جنهن کي هو پنهنجي عمر جي آخري وقت تائين استعمال ڪندو رهيو. سندن شاعري جا ٻه مجموعا ڇپيل آهن، جن مان “پيغام” کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويو. هن غزل جي تمام وڏي خوبصورت شاعري ڪئي ۽ اردو ٻولي ۾ به تمام وڏا ڪلام چيائين، هالا جي ادبي ماحول ۾ وڏي هلچل آندائين سندن ڪلام “پيغام” کي سنڌ ادبي بورڊ ڊسمبر ۱۹۹۰ع ۾ شايع ڪيو. سندن جواني جي دؤر ۾ ڪجهه وقت لاءِ شاعري ڪرڻ ۾ وقفو به رهيو، جنهن لاءِ سندن ذاتي مصروفيتون رهيو ، کين موسيقي سان به دلچسپي رهندي هئي، پاڻ فارسي، عربي، انگريزي ۾ ڪتاب پڻ لکيا. پاڻ يارويس ۽ طبعيتن سادو هوندو هو، هڪ بردبار، صابر وڏي دل رکندڙ سياستدان هو ۽ پاڻ هميشه دانشوراڻي سوچ رکي، شاعر کي پڻ اجاگر ڪيو. سندن لاءِ اها ڳالهه چئي ويندي هئي ته هن ۾ برداشت انتهائي گهڻي هوندي هئي جنهن ڪري کين ’صابرين‘ چيو ويندو هو. هو ناراص ماڻهن سان به پيار سان ڳالهائيندو هو. پنهنجي سياسي زندگي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي چوڻ تي شروع ڪئي پهريون ڀيرو ۱۹۷۰ع واري چونڊن ۾ ٺٽي مان ايم اين اي چونڊيو ويو، ان کان پوءِ ۱۹۷۷ع کان ۱۹۸۸، ۱۹۹۰، ۱۹۹۷، ۲۰۰۲ ۽ ۲۰۰۸ جي چونڊ ۾ هالا مٽياري تڪ تان ايم اين اي چونڊاڻو، ضياءُ جي آمريت دؤر ۾ پارٽي فيصلي تحت هو ۱۹۸۵ عام چونڊن ۾ اميدوار نه هو. هن سياسي سفر جو آغاز ۱۹۷۰ ڌاري پ پ جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبلي جي ميمبر ٿيڻ سان ڪيو جيڪو ڪجهه وقت سنڌ جي گورنر جو صلاحڪار پڻ رهيو پوءِ مرڪز ۾ وزيرمملڪيت تي فائز ٿيو. ۱۹۷۷ع ۾ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊاڻو ۽ غلام مصطفيٰ جتوئي جي ڪابينا ۾ روينيو ۽ آبادڪاري جو وزير ٿيو. ۱۹۸۳ع ۾ ايم آر ڊي تحريڪ دوران پ پ سنڌ جو صدر رهيو. ۱۹۸۸ع ۾ بينظير ڀٽو جي ڪابينا ۾ مواصلات جو وزير مقرر رهيو. ۱۹۹۰ ۽ ۱۹۹۳، ۱۹۹۷ واري عام چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو. وري ۲۰۰۸ع جي چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو مرحوم پ پ جو صدر ۽ پيپلزپارتي جو سينيئر وائيس چيئرمين پڻ رهيو. پاڻ ملڪ جو واحد سياستدان هو جنهن کي فهم، فراست، شائستگي،ٿڌي مزاج ۽ جمهوري قدرن جو امين هجڻ ڪري حڪومت مخالف ڌر سميت سموري پارٽين ۾ هڪ جهڙي عزت ۽ قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو. ضياالحق جي دؤر کان وٺي کيس وزيراعظم جي عهدي جي آڇ ٿي پر هو پارٽي سان وفادار رهيو. سنڌ جي سياسي ۽ غير سياسي وڏيرن سان سندن ياري ڪنهن کان لڪل نه هئي، پارٽي جي منع باوجود ڄام صادق علي، پير پاڳاري، شاهنواز جوڻيجي سان ناتا نه ٽوڙيا. ۱۹۶۹ع ۾ لنڊن جي اندر مخدوم امين فهيم جي ملاقات پ پ جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم ذوافلقار علي ڀٽو سان ٿي جنهن بعد هن پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. سندن والد مخدوم طالب الموليٰ پڻ پارٽي جو سينيئر وائيس چيئرمين رهيو. کين شهيد بينظير ڀٽو جو انتهائي ويجهو ساٿي سمجهيو ويندو هو ۽ پاڻ شهيد بينظير ڀٽو جي دؤر ۾ ۱۹۸۸ع کان آگسٽ ۱۹۹۰ع تائين اطلاعات وارو وزير به رهيو ۽ ۲۰۰۸ع واري اليڪشن ۾ ڪاميابي بعد کين سياحت ۽ واپار جي وزارت ڏني وئي. سندن ئي رهائش گاهه هالا تي پيپلزپارٽي جو بنياد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو رکيو ۽ پهريون ڪنوينشن به پيپلزپارٽي جو هالا ۾ ٿيو. جنهن ۾ مخدوم طالب الموليٰ امين فهيم کي پاڻ سان گڏ رکيو هو ۽ سندن سياسي پرورش ڪئي ۽ سندن شخصيت تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کان پوءِ محترمه شهيد بينظير ڀٽو تمام وڏو ڀروسو ڪندي هئي. امين فهيم کي ضياءَ جي دؤر ۾ ٻه ڀيرا ۽ رٽائرڊ پرويز مشرف جي دؤر ۾ ٽي دفعا وزيراعظم ٿيڻ جي آڇ ٿي پر هن پارٽي جي اصولن ۽ مفادن وٽان هر آڇ کي ٿڏي ڇڏيو ۽ ڀٽي خاندان کان آخري وقت تائين وفا ڪئي. جنهن ڪري کين پنج دفعا گهر ۾ نظر بند پڻ رکيو ويو. سندن علائقي ۾ تمام وڏي زمينداري ۽ جاگير پڻ آهي. سندن شخصيت کي هالا سميت سموري سنڌ جي عوام عزت جي نگاهه سان ڏسي ٿي ۽ پاڻ زندگي جي آخري وقت تائين پ پ سان نڀاءُ رکيو. مخدوم امين فهيم پنهنجي زندگيءَ ۾ ۴ شاديون ڪيائين. پهرين شادي ۲۱ جون ۱۹۵۷ع ۾ ۱۹ سالن جي عمر ۾ پنهنجي خاندان مان ڪئي، ٻي شادي بنگال سان تعلق رکندڙ ايئر هوسٽ دينا ليلا سان ڪئي، جيڪا مشهور فنڪاره رونا ليلا جي ڀيڻ هئي ۽ سٺي ڳائڻي هئي جيڪا شادي بعد جلد فوت ٿي وئي. ٽئين شادي ڪراچي جي اردو فيملي مان ڪيائين ۽ چوٿين شادي پنجاب مان ڪيائين. کين ست پٽن ۽ هڪ نياڻي جو اولاد آهي. پهرين شادي مان مخدوم جميل الزمان، ٻي شادي مان چار پٽ مخدوم عقيل الزمان، مخدوم شڪيل الزمان، مخدوم نعمت الله، مخدوم نجيب الزمان ۽ چوٿين شادي مان مخدوم سڌيار پيدا ٿيا ۽ سندن جو وڏو پٽ مخدوم جميل الزمان سٺو سياستدان هجڻ سان گڏ سٺو شاعر ۽ محقق به آهي. ٻيو پٽ شڪيل الزمان سينيئر سول بيورو ڪريٽ آهي، ڊي سي ٿرپارڪر سميت ڪيترن ئي عهدن تي فائز رهي چڪو آهي ۽ مخدوم نجيب الزمان مان لنڊن مان تعليم حاصل ڪري چڪو آهي ۽ دبئي ۾ ڪاروبار ڪري رهيو آهي. سندن چوٿون پٽ ابو محمد سنڌيار آهي. دينا ليلا مان ڄاول نياڻي برمنگهم يونيورسٽي لنڊن ۾ تعليم پرائي رهي آهي. مخدوم طالب الموليٰ ۽ بابا مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جا تمام ڀائرن وارا رشتا هئا ۽ پاڻ جڏهن لاڙڪاڻي ايندا هئا ته بابا مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سان ڪچهريون رهنديون هيون. مخدوم امين فهيم حياتي جي پڇاڙي واري ڏينهن ۾ جڏهن سندن پٽ مخدوم عقيل الزمان ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ هيا ته عمرڪوٽ آيا هئا جتي سندن جو تمام وڏو آڌرڀاءَ ڪيو ويو هيو انهي وقت سندن سان گڏ سنڌ جو نالي وارو اديب ۽ سماج سڌارڪ رسول بخش رحمداڻي سيد حاجي علي مردان شاهه سميت تمام اهم شخصيتون گڏ هيون پاڻ انهن ساڻ عمرڪوٽ جو تاريخي قلعي سميت ٻيا آثار قديما گهميا هئا اڄ انهي ساڳئي تاريخي ماڳ عمرڪوٽ ۾ صحافتي تنظيم عمرڪوٽ جنرلسٽ فورم ۽ رحمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي پاران پريس ڪلب عمرڪوٽ ۾ سندن جي ٻي ورسي ملهائي پئي وڃي. جنهن تي تنظيم جا روح روان مبارڪباد جا مستحق آهن جيڪي اڄ انهي مانائنتي ڪردار کي ڀرپور موٽ ڏئي رهيا آهن اڄ جتي هالا ۾ سندن جي ورسي جي پُر وقار تقريب ٿئي پئي جتي بلاول ڀٽو سميت پ پ پ جي مرڪزي قيادت سندن شخصيت کي خراج تحسين پيش ڪندي. مخدوم محمد امين فهيم چوٿين ورسي جي مناسبت سان - وڇڙيو آهين وسريو ناهين نديم مڱريو ڪي ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا، جيڪي پنهنجي علم، فن، ادب ۽ ڏاهپ جي ڪري پنهنجو نالو افق ۾ چمڪندڙ ستاري وانگر چمڪائي وڃن ٿا، انهن املهه ماڻڪ موتين جهڙي شخصيتن مان مخدوم محمد امين فهيم به هڪ هو، مخدوم محمد امين فهيم)سنڌي ٻوليءَ جي قادرالڪلام شاعر مخدوم محمد زمان طالب المولى جو وڏو فرزند ۽ غوث الحق مخدوم سرور نوح جي درگاهه جو سترهون سجاده نشين ۽ ناميارو شاعر، اديب، دانشور ۽ سياستدان سنڌ جي تاريخي شهر هالا ۾ ۴ آگسٽ ۱۹۳۹ع تي جنم ورتو. سندس نالو ”محمد امين“ رکيو ويو، جڏهن ته مخدوم محمد امين ثالث ”پکن ڌڻيءَ“ جي نسبت سان کيس ”ڏاڏا سائين“ به چوندا هُئا، مخدوم محمد امين فهيم ۱۹۷۷ع کان ۲۰۱۵ع تائين پارليامينٽ جو حصو رهيو، ۷ ڀيرا قومي اسيمبلي جو ميمبر ۽ هڪ ڀيرو سنڌ اسيمبلي جو ميمبر رهيو، ٻه ڀيرا وفاقي وزير به رهيو. پاڻ ننڍي هوندي کان ئي انتهائي ذهين گهٽ ۽ مختصر ڳالهائڻ وارو، پر جيڪي به ڳالهائيندو اهي لفظ موتين مالها هوندا هئا. کيس ننڍي هوندي کان والي بال، شڪار، فوٽو گرافي، شاعري، تاريخي ۽ اسلامي ڪتابن جي مطالعي سان وڏي دلچسپي هئي. پاڻ وڏي پائي جو شاعر هو. شاعري خانداني ورثي ۾ ملي، پاڻ ۱۹۵۹ع کان والد جي شاعري کان متاثر ٿي شاعري ڪرڻ لڳو. شاعري ۾ رهنمائي والدين کان حاصل ڪئي. سندس شاعري ۾ غضب جي روانگي هئي. شاعري ۾ ڪافي ۽ غزل تي عبور حاصل هو. سندس شاعري جو مجموعو پيغام شايع ٿيل آهي. جڏهن ته وڏي تعداد ۾ اڻ ڇپيل شاعري موجود آهي. سندس ڪلام رونا ليليٰ، عابده پروين سميت ڪيترن ئي فنڪارن ڳايا آهن. مخدوم امين فهيم کاٻِي ڌُر جي مشهور شخصيت به هو. هُو پاڪستان پيپلز پارٽي جو سينيئر وائس چيئرمين، الائنس فار ريسٽوريشن آف ڊيموڪريسي (Alliance for Restoration of Democracy) جو سابق چيئرمين ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرين جو چيئرمين پڻ هو. هُن سنڌيونيورسٽي مان ۱۹۶۱ع ۾ پوليٽيڪل سائنس ۾ بيچلر آف سائنس جي ڊگري حاصل ڪئي، هُن پنهنجي سياسي سفر جي شروعات ۱۹۷۰ کان ڪئي ۽ ۱۹۷۰ جي عام چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻي ۽ ۱۹۹۰ ڌاري بينظير ڀٽو سان تمام ويجھو رهيو. سندس پهرين شادي ۱۹ سالن جي ڄمار ۾ ۲۱ جون ۱۹۵۷ع دوران ٿي. هن ٻي شادي بنگالي گلوڪاره رونا ليلى جي ايئر هوسٽس ڀيڻ دينا ليلى سان ڪئي، جيڪا ڪجهه سالن بعد ڪينسر جي مرض وگھي وفات ڪري وئي، سندس ٽئين شادي ڪراچي جي اردو ڳالهائيندڙ ڪميونٽي مان جڏهن ته چوٿين شادي پنجاب مان ٿي. مخدوم محمد امين فهيم کي ست پٽ ۽ هڪ نياڻي جو اولاد آهي. سندس وڏو فرزند مخدوم جميل الزمان هڪ سياستدان هجڻ سان گڏ شاعر، محقق، ليکڪ ۽ اديب پڻ آهي، سندس ٻيو فرزند مخدوم شڪيل الزمان سينيئر سول بيورو ڪريٽ آهي، ٽيون فرزند مخدوم عقيل الزمان، چوٿون فرزند مخدوم نجيب الزمان لنڊن مان اعليٰ تعليم حاصل ڪري هينئر ٻاهرئين ملڪ ۾ ڪاروبار واري شعبي سان سلهاڙيل آهي ۽ سندس پنجون فرزند مخدوم خليل الزمان ۽ ڇهون فرزند ابو محمد سنڌ يار آهي، جڏهن ته مخدوم امين فهيم جي اڪيلي نياڻي برمنگهم يونيورسٽي مان اعليٰ تعليم حاصل ڪري چڪي آهي. جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو پ پ جو بنياد وڌو ان بعد لنڊن ۾ سندس ملاقات مخدوم امين فهيم سان ٿي ۽ ڀٽو کيس پ پ جي عوامي مفادن واري وسيع نظر پروگرام کان آگاهه ڪيو ۽ گذارش ڪئي ته پاڻ پنهنجي والد مخدوم طالب الموليٰ کي منهنجي پاران گذارش ڪريو ته عوام جي مفاد خاطر پ پ ۾ شامل ٿين. مخدوم محمد امين فهيم ذوالفقار علي ڀٽو جي ڳالهين کان متاثر ٿي ذوالفقار علي ڀٽو جو پيغام والد صاحب تائين پهچايو ۽ پاڻ گذارش ڪئي ته پ پ ۾ شامل ٿيو. ان بعد پاڻ ڀٽو صاحب ۽ مخدوم طالب الموليٰ جي هڪ ملاقات ڪرائي ۽ مخدوم صاحب لکين مريدن سان گڏ پ پ ۾ شامل ٿيو. ان بعد پ پ جو پهريون مرڪزي ڪنوينشن هالا ۾ ٿيو. مخدوم خاندان ۽ سروري جماعت جي پ پ ۾ شموليت ڪري پ پ وڌيڪ مضبوط ٿي. مخدوم امين فهيم پ پ جي باني ميمبرن ۾ شامل آهي ۽ پ پ جي شروعاتي دور ۾ مخدوم امين فهيم پارٽي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪئي. مخدوم امين فهيم ۽ سندس خاندان وارا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو سان وفادار رهيا، ڏکين دورن ۾ جڏهن پ پ جا چڱا ڀلا اڳواڻ خاموش رهيا، انهن دورن ۾ مخدوم امين فهيم ۽ سندس خاندان وارا نه صرف ڀٽو خاندان سان وفادار رهيا پر پ پ ۾ ثابت قدم رهيا ۽ پارٽي لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون. مخدوم امين فهيم سياسي زندگي جو آغاز هالا ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين شپ مان ڪيو. ۱۹۷۰ع ۾ عام چونڊن ۾ بنا مقابلي قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو. ۱۹۸۸ع واري چونڊ ۾ اڪثريت سان ايم اين اي چونڊيو ۽ کيس مواصلات جهڙي اهم کاتي جو وفاقي وزير بڻايو ويو. پاڻ هر عام چونڊ ۾ ايم اين اي چونڊبو رهيو آهي. ۱۹۹۳ع ۾ کيس وفاقي وزير هائوسنگ تعميرات ۽ ۲۰۰۹ع جي پ پ حڪومت ۾ واپار جو وفاقي وزير ٿيو. پاڻ وفاقي وزير رهڻ دوران نه صرف مٽياري ۾ پر سڄي ملڪ ۾ خاص طور سنڌ ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا. هزارين نوجوانن کي نوڪريون ڏنيون. نوازشريف ۽ پرويز مشرف جي دور ۾ پ پ سان تعلق رکندڙ وزيرن خلاف وڏي پئماني تي انتقامي ڪارروايون ٿيون. شهيد راڻي جڏهن جلاوطني ختم ڪري واپس ملڪ موٽي ته مخدوم امين فهيم ان ڏينهن کان هر جلسي، هر دوري، هر پروگرام ۾ ساڻس گڏ رهيو. شهادت واري ڏينهن به ساڻس گڏ هو. ڪراچي ۾ ڪارساز واقعي ۾ مخدوم امين فهيم کي مٿي ۽ پٺن ۾ ڌماڪي واري مادي جا ٽڪرا لڳا. شهيد راڻي جي شهادت بعد پ پ لاءِ ڪيترائي خطرا پيدا ٿي ويا. اليڪشن مهم ۾ شهيد راڻي بعد ۾ مخدوم امين فهيم کانسواءِ ڪو به ايڏي وڏي ۽ ايڏي پائي جو ليڊر نه هو جيڪو عام چونڊن ۾ اليڪشني مهم هلائي ۽ مخدوم امين فهيم جهڙي نازڪ نفيس شخص رات ڏينهن هڪ ڪري سڄي ملڪ ۾ چونڊ مهم هلائي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو ۽ پ پ سان ان کان وڌيڪ ڪهڙي وفاداري ٿي سگهي ٿي جو شهيد راڻي جي ٽيجهي تي آصف علي زرداري اهو اعلان ڪيو ته شهيد راڻي جي فيصلي موجب ايندڙ وزيراعظم مخدوم امين فهيم هوندو پر چونڊن بعد شهيد راڻي جي خواهش موجب آصف علي زرداري مخدوم امين فهيم بجاءِ يوسف رضا گيلاني کي وزيراعظم بڻايو، نه صرف ايترو پر سنڌ حڪومت ۾ سندس فرزند مخدوم جميل الزمان کي به بنا ڪم واري وزارت ڏني. اهڙي صورتحال ۾ هر ماڻهو جو اهو اندازو هو ته هاڻ مخدوم امين فهيم پارٽي ڇڏي ويندو، پر دنيا ڏٺو ته مخدوم امين فهيم اقتدار جي ڪرسي کي اهميت ڏيڻ بجاءِ شهيد ڀٽو، شهيد راڻي ۽ سندن پارٽي جي مفادن کي اهميت ڏني. وقت به وقت پ پ جي ڪو چيئرمين کان وٺي ڪجهه پ پ ليڊرن مخدوم امين فهيم خلاف بيان به ڏنا ۽ موجوده سنڌ حڪومت ۾ جيڪو مخدوم خاندان کي مانُ مليو اهو ڪنهن کان به ڳجهو نه آهي. سروري جماعت جي ماڻهن کي نظرانداز ڪيو ويو. پنهنجي حڪومت ۾ انتقامي ڪارروايون ڪيون ويون، پر مخدوم امين فهيم شهيدن جي پارٽي کي نه ڇڏيو، پاڻ وصال تائين پ پ سان وفادار رهيو. پاڻ پ پ جو اثاثو هو. سندس وصال سان ملڪ جي سياسي دنيا ۾ وڏو خال پيدا ٿي ويو آهي. مخدوم محمد امين فهيم ۷۶ سالن جي ڄمار ۾ ڪينسر جهڙي موذي مرض سان جهيڙيندي نيٺ ۲۱ نومبر ۲۰۱۵ع بمطابق ۸ صفر ۱۴۳۷هجري تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا، سندس آخري آرامگاهه هالا شهر ۾ حضرت غوث الحق مخدوم سرور نوح جي درگاهه جي اندر مخدوم طالب المولى جي پيرانديءَ ۾ آهي، سندس جسم مبارڪ کي لکين آلين اکين، آهُن دانهن سان هالا ۾ حضرت مخدوم سرور نوح جي درگاهه ۾ ڌرتيءَ ماءُ جي هنج حوالي ڪيو ويو. سندس آخري سفر ۾ قيامت خيز منظر هو، هالا سميت مٽياري ضلعي جي سمورن شهرن سان گڏ سنڌ جا ڪيترائي شهر سوڳ ۾ بند رهيا، سڄي ملڪ مان هزارين مريد، عقيدتمند، ملڪ جون سياسي سماجي شخصيتون هالا پهچي ويون ۽ آخري سفر ۾ شريڪ ٿيون. مخدوم محمد امين فهيم کي پنهنجي والد مخدوم طالب الموليٰ جي اها هدايت مليل هئي ته ذوالفقار علي ڀٽو جو ساٿ ڪڏهن به نه ڇڏجان ۽ مخدوم محمد امين فهيم پنهنجي والد جي حڪم مطابق آخري گهڙي تائين پ پ سان سلهاڙيل رهيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کان شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ بلاول ڀٽو تائين پنهنجو سچائيءَ وارو ساٿ نڀائيندو رهيو. بي قدر انسان کان پاسو ڪرڻ آهي چڱو، قرب وارن جي اڳيان سِرڙو سٽڻ آهي چڱو، دل ڏيڻ توڙي وٺڻ مان ڇا ٿو حاصل ٿئي ”امين“ هن جهان فاني جو لاڳاپو ڇنڻ آهي چڱو. مخدوم امين فهيم وفاداريءَ جو پيڪر نور سنڌي مون کي ان ڏينهن جا ڌنڌلا عڪس اڃان به ذهن جي پردي تي ڪنهن فلمي سين جيان هلن ٿا، جڏهن آئون ۱۲ سالن جو هيس ته اسان جي ڳوٺ ملدسي ۾ منهنجي چاچي حاجي محمود جي اوطاق تي مخدوم امين فهيم روحاني سفر دوران تشريف فرما ٿيو هو ۽ منهنجي والد الهه بخش مون کي پير ڪوڙل قريشي معرفت سائين مخدوم امين فهيم سامهون ذڪر ڏئي مريد ڪرڻ لاءِ پيش ڪيو هو. پاڻ منهنجي هٿن ۾ هٿ ڏئي ذڪر ڏنو ته هر طرف مبارڪباد جا آواز اچڻ لڳا، ان بعد حضرت مخدوم نوح رحه جي ساليانه ۶ ماهي ڪڏهن سهائي سومار تي والد سان ڪڏهن چاچا سان گڏ هالا وڃڻ ٿيندو هو، جتي سندن ديدار ٿيندو هو. مون جڏهن مخدوم طالب المولى جي حڪم تي هالا مان صحافت شروع ڪئي ته صحافين خاص طور عبدالڪريم ميمڻ، اڪرم قائمخاني، يوسف وارثي، انور هالائي، مشتاق ميمڻ ۽ ٻين سان گڏ حاضري ٿيندي هئي، ساڻن پهريون تعارف عبدالڪريم ميمڻ صحافي ڪرايو. مخدوم طالب المولى جي هر ورسي تي سروري پبليڪشن پاران شايع ڪيل مئگزين مخدوم امين فهيم کي ڏيندو هيس ته پاڻ منهنجي انهن خدمتن تي خوشي جو اظهار ڪندي دعا ڪندا هئا. پاڻ بيباڪ سياستدان، ملڪ جي اهم سياسي شخصيت، مشهور شاعر، سماج سڌارڪ هئا. لکين مريدن جو روحاني پيشوا هئڻ جي باوجود فقير منش شخصيت، وڏي سهپ وارو وفا جو پيڪر ، عوام دوست، دشمن کي به معاف ڪري ڇڏڻ وارو هو، پاڻ ڪيترن رنگن ۾ رڱيل هو. جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو ايوب خان سان اختلاف ڪري پ پ جو بنياد وڌو، تنهن وقت کان مخدوم امين فهيم ۽ سندس خاندان وارا نه صرف پارٽي سان وفادار ثابت قدم رهيا پر عوام ۾ اتساهه پيدا ڪيو، پ پ جي شروعاتي ڏينهن ۾ مخدوم امين فهيم سڄي سنڌ ۽ سرائيڪي پٽي جا دورا ڪيا نه صرف سروري جماعت جي لکين ماڻهن پر واسطيدار ماڻهن کي به پ پ ۾ شامل ڪيو. نوازشريف، پرويز مشرف جي دور ۾ پ پ جي وزيرن خلاف ڪرپشن، سرڪاري فنڊن جي غلط استعمال جا فائيل کوليا ويا پر مخدوم امين فهيم خلاف ثبوت هٿ نه آيا. نواز شريف دور ۾ مخدوم امين فهيم خلاف جيڪي ڪرپشن جا الزام لڳائي ڪيس داخل ڪيا ويا. سروري جماعت ۽ مخدوم خاندان ان کي مخدوم امين فهيم خلاف سازش قرار ڏين ٿا. جڏهن شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جلاوطن ٿي وئي اهو دور پ پ لاءِ ڏاڍو ڏکيو هو پر دنيا ڏٺو ته پ پ کي بچائڻ وارو مخدوم امين فهيم هو ۽ ان دور ۾ محترمه بينظير ڀٽو پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز رجسٽرڊ ڪرائي، مخدوم امين فهيم کي ان جو چيئرمين مقرر ڪيو. کيس مليل اها ذميواري پاڻ باقاعده نڀائي، نه صرف پارٽي کي بچايو پر سرگرم رهيو ۽ پ پ وارن جي مالڪي ڪئي. پرويز مشرف جي دور ۾ کيس ملڪ جو وزيراعظم بنائڻ جي آڇ ٿي، هيڏي وڏي منصب کي پاڻ ٺڪرائي ڇڏيو پر پارٽي سان غداري نه ڪئي. شهيد راڻي جڏهن جلاوطني ختم ڪري ملڪ ۾ اچي سياسي سرگرميون شروع ڪيون ته مخدوم امين فهيم هر هنڌ ساڻس سائي وانگر گڏ هو. ڪار ساز واقعي ۾ دماغ ۽ پٺن ۾ لڳل ڌماڪن واري مادي سان مخدوم امين فهيم کي ڪينسر جو مرض ٿي پيو. ٻاهرين ملڪن مان به علاج جاري هو پر سندن خواهش موجب کين سنڌ آندو ويو، جتي سائوٿ سٽي هاسپيٽل ۾ داخل ڪيو ويو جتي آخري وقت ۾ ڪوما ۾ هليو ويو ۽ پاڻ ۲۱ نومبر ۲۰۱۵ع ۾ بمطابق ۸ صفر المنظر ۱۴۳۷هه ڇنڇر ڏينهن ۷۶ سالن جي ڄمار ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. مشهور صحافي ڪالم، شاعر مولانا غلام محمد گرامي جي راءِ مطابق مخدوم امين فهيم جي شاعري جماليات جي ڀرپور ترجماني ڪري ٿي، سياست ۾ اچڻ بعد پاڻ شاعري گهٽ ڪئي ائين چئي سگهجي ٿو ته پاڻ شاعري کي سياست تي قربان ڪيو. صبح جو سوير ننڊ مان اٿي اخبارن جو مطالعو ڪندو هو، سفر دوران ڪتابن جو مطالعو ڪندو هو. کين چانڊوڪي رات، برسات جي موسم، چيڪي مٽي جي خوشبو، هلڪا رنگ، پسند هوندا هئا. مخدوم امين فهيم جو خواب ھو ته پنھنجي والد حضرت مخدوم طالب الموليٰ جي نالي تي ھالا ۾ ميڊيڪل ڪاليج ۽ اسپتال ٺھرائي، پاڻ ۹۳ع واري پ پ حڪومت ۾ ڪوششون ڪيون پر وقت کان اڳ پ پ حڪومت کي ختم ٿيڻ ڪري اهو خواب اڌورو رھيو. ۲۰۰۸ع واري حڪومت ۾ سنڌ سرڪار پاران منظور ٿيڻ جي باوجود ان لاءِ فند نه رکيو ويو، گذريل پ پ دور ۾ به ڪم شروع نه ٿي سگھيو پر پ پ جي چيئرمين بلاول ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاھ مخدوم امين فھيم جي ٻي ورسي جي موقعي تي مخدوم طالب الموليٰ ميڊيڪل ڪاليج ۽ اسپتال جو سنگ بنياد رکيو پر چونڊن کان اڳ پيش ڪيل بجيٽ ۾ شامل نه ڪرڻ ڪري ڪم شروع نه ٿي سگھيو. منهنجي سنڌ حڪومت کي گذارش آهي ته اھا اسڪيم جلد شروع ڪري مخدوم امين فھيم جو خواب پورو ڪيو وڃي. مخدوم امين فهيم شخصي، سياسي ۽ ادبي زندگي نورسنڌي مخدوم امين فهيم ۴ آگسٽ ۱۹۳۹ع مطابق ۱۷ جمادي الثاني ۱۳۵۸هه جمع ڏينهن حضرت مخدوم نوح رحه جي ۱۷ سجاده نشين مخدوم محمد الزمان طالب المولى جي گهر ۾ جنم ورتو، پاڻ چار درجا سنڌي ۽ قرآن شريف خانگي طور گهر ۾ پڙهيو، ڇهين کان ميٽرڪ تائين مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول هالا مان انٽر سروري اسلاميه ڪاليج هالا ۾، بي اي پوليٽڪل سائنس ۽ ايل ايل بي سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪئي. پاڻ شاعري والد کان متاثر ٿي ۱۹۵۲ع کان شروع ڪئي، شاعري ۾ تخلص پهرين امين استعمال ڪيو بعد ۾ کين والد گرامي جن کان فهيم تخلص مليو، پاڻ سياسي سفر جو آغاز ۶۶ع ۾ ٽائون ڪميٽي هالا جي چيئرمين جي حيثيت سان شروع ڪيو، ۱۹۷۰ع ۾ ايم پي اي ۽ ۷ ڀيرا ايم اين اي چونڊيو پاڻ ايجوڪيشن سوسائٽي هالا جو وائيس پريزيڊنٽ، اورينٽل ڪاليج هالا جو وائيس پريڊنٽ به رهيا، پاڻ والد جي نالي سان بزم طالب المولى جو بنياد رکي ان پليٽ فارم تان ادبي سرگرميون شروع ڪرايون هالا کانسواءِ سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ مشاعرا، ادبي ڪانفرنسون ڪرايون، پاڻ بزم جو صدر رهيو. پاڻ شاعريءَ ۾ وڏو نالو ڪڍرايو. سندس شاعري جو هڪ مجموعو شايع ٿيل آهي، جنهن ۾ غزل ، ڪافيون شامل آهن. پاڻ لاتعداد ڪتابن جا مهاڳ ۽ مقدما به لکيائين جڏهن ته اڻ ڇپيل شاعري به وڏي تعداد ۾ ڇڏي ويو آهي، سندن شوقن ۾ شاعري، ادب موسيقي، شڪار، ڦوٽوگرافي شامل رهي ،سندن پهرين شادي اچ شريف ۾ ۱۹ سالن جي ڄمار ۾ ٿي. جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو ايوب خان سان اختلاف ڪري پ پ جو بنياد وڌو اهو دور ۶۹ع جو هو ان زماني ۾ سندس ملاقات ذوالفقار علي ڀٽي سان ٿي ۽ ڀٽي صاحب کيس پ پ ۾ سياست ڪرڻ جو شوق جاڳايو ته پاڻ والد کي پ پ ۾ شامل ٿيڻ ۽ کين سياست ڪرڻ جي اجازت لاءِ عرض ڪيو،سندس خواهش کي ڏسندي مخدوم طالب المولى کين اجازت ڏني پر کين چيو ته پٽ ثابت قدمي شرط آهي ۽ پاڻ والد جي ان شرط کي ذهن ۾ رکي سياسي سفر شروع ڪيائين ۽ هڪ سال بعد هالا جي محفل سينيما ۾ پ پ جو پهريون ۳ روزه ڪنوينشن گهرايو جنهن جي ذوالفقار علي ڀٽي صدارت ڪئي. پاڻ پارٽي ۾ نه صرف ثابت قدم رهيو پر ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادت کانپوءِ جنرل ضياءُ جو پ پ کي ختم ڪرڻ وارو خواب ساڀيان ٿيڻ نه ڏنو ان لاءِ سندس ۽ سندس خاندان جون قربانيون ياد رهنديون جو پارٽي کي بچائيندي مخدوم خليق الزمان جهڙو نازڪ نفيس ماڻهو ڪيترائي سال جيل ۾ رهيو، مخدوم امين فهيم ۽ سندس خاندان وارا نه صرف پارٽي سان وفادار ۽ ثابت قدم رهيا پر عوام ۾ اتساهه به پيدا ڪيو. پ پ جي شروعاتي ڏينهن ۾ مخدوم امين فهيم سڄي سنڌ ۽ سرائڪي پٽي جا دورا ڪيا، نه صرف سروري جماعت جي لکين ماڻهن پر واسطيدار ماڻهن کي به پ پ ۾ شامل ڪيو، ۸۸ع ۾ مواصلات کاتي جو ۹۳ع ۾ هائوسنگ ۽ تعميرات، ۲۰۰۹ع ۾ واپار جو وفاقي وزير رهيو ۽ پاڻ وفاقي وزير رهڻ دوران نه صرف مٽياري ضلعي پر سنڌ ۽ سڄي ملڪ جي هزارين نوجوانن کي تعليمي لياقتن آهر نوڪريون ڏنيون. نواز شريف، پرويز مشرف جي دور ۾ پ پ جي وزيرن خلاف ڪرپشن، سرڪاري فنڊن جي غلط استعمال جا ثبوت هٿ ڪري سندن کاتن جا فائيل کوليا ويا. پر مخدوم امين فهيم خلاف ثبوت هٿ نه آيا. نواز شريف دور ۾ مخدوم امين فهيم خلاف جيڪي ڪرپشن جا الزام لڳائي ڪيس داخل ڪيا ويا. سروري جماعت ۽ مخدوم خاندان ان کي مخدوم امين فهيم خلاف سازش قرار ڏين ٿا. جڏهن شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جلاوطن ٿي وئي اهو دور پ پ لاءِ ڏاڍو ڏکيو هو پر دنيا ڏٺو ته پ پ کي بچائڻ وارو مخدوم امين فهيم هو ۽ ان دور ۾ محترم بينظير ڀٽو پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽريز رجسٽرڊ ڪرائي، مخدوم امين فهيم کي ان جو چيئرمين مقرر ڪيو. کيس مليل اها ذميواري هن باقاعدي نڀائي ۽ نه صرف پارٽي کي بچايو پر سرگرم رکيو ۽ پ پ وارن جي مالڪي ڪئي ۽ اتساهه پيدا ڪيو. پرويز مشرف دور ۾ مشرف کيس ملڪ جو وزير اعظم بنائڻ جي آفر ڪئي، هن هيڏو وڏو منصب ٺڪرائي ڇڏيو، پاڻ پارٽي سان غداري نه ڪئي. شهيد راڻي جڏهن جلاوطني ختم ڪري ملڪ ۾ اچي سياسي سرگرميون شروع ڪيون ته مخدوم امين فهيم هر هنڌ ساڻس پاڇي وانگر گڏ هو. ڪراچي ڪارساز واقعي ۾ کين پٺن ۽ مٿي ۾ ڌماڪي واري مادي جا ٽڪرا لڳا. شهيد راڻيءَ جي شهادت بعد سڀني کي اهو يقين هو ته مخدوم امين فهيم کي پ پ جو چيئرمين بڻايو ويندو ڇاڪاڻ ته هن کان وڌيڪ پارٽي ۾ ڪنهن جون به قربانيون نه هيون. ان جو اعتراف خود محترمه بينظير ڀٽو صاحبه مختلف پريس ڪانفرنسن ۽ جلسن ۾ ڪندي رهي ۽ پاڻ ۲۰۰۸ع جي رٿيل چونڊن کان اڳ ايندڙ وزير اعظم مخدوم امين فهيم کي بنائڻ جو فيصلو ڪندي اهڙو اعلان به ڪيو محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت بعد سندس وصيت کي سامهون آندو ويو. شهيد راڻي جي شهادت بعد مخدومن امين فهيم کان سواءِ ڪوبه ايڏي ليول جو پارٽي ۾ ليڊر نه هو. پر شهيد راڻي جي خواهش پوري ڪندي کيس وزير اعظم نه بنايو ويو ان صورتحال تي سياسي حلقن ۾ اهو خيال ڪيو پئي ويو ته مخدوم امين فهيم هاڻ پارٽي کان پاسيرو ٿي ويندو يا پارٽي ڇڏي ويندو پر هن شهيدن جي پارٽي سان غداري نه ڪئي پاڻ ثابت قدم رهيو وچ ۾ اهڙو دور به آيو جو مخدوم امين فهيم پارٽي کان ناراض ٿيو، پر پاڻ والد جي ثابت قدم هجڻ وارو شرط ذهن ۽ ضمير ۾ رکي ثابت قدم رهيو، ڪار ساز واقعي ۾ دماغ ۽ پٺن ۾ لڳل ڌماڪن واري مادي سان کين ڪينسر ٿي پيو. ٻاهرين ملڪن مان به علاج جاري هو پر سندن خواهش موجب کين سنڌ آندو ويو. جتي سائوٿ سٽي هاسپيٽل ۾ داخل ڪيو ويو جتي آخري وقت ۾ ڪوما ۾ هليو ويو . پاڻ ۲۱ نومبر ۲۰۱۵ع بمطابق ۸ صفر المظفر ۱۴۳۷هه ڇنڇر ڏينهن ۷۶ سالن جي ڄمار ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. پاڻ حضرت مخدوم سرور نوح رح جن جي مزار ۾ سندن پيراندي کان سائين مخدوم امين محمد پکن ڌڻي جي ڀر ۾ پنهنجي والد مخدوم طالب المولى جن جي ساڄي طرف ڌرتي ماءُ جي هنج ۾ ابدي آرامي آهي. مخدوم امين فهيم پ پ جو وفادار اڳواڻ نديم مڱريو ڪي ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا جيڪي پنهنجي علم، فن، ادب ۽ ڏاهپ جي ڪري پنهنجو نالو افق ۾ چمڪندڙ ستاري وانگر چمڪائي وڃن ٿا انهن املهه ماڻڪ موتين جهڙين شخصيتن مان مخدوم محمد امين فهيم به هڪ هئو. مخدوم محمد امين فهيم، سنڌي ٻوليءَ جي قادرالڪلام شاعر مخدوم محمد زمان طالب المولى جو وڏو فرزند ۽ غوث الحق مخدوم سرور نوح جي درگاهه جو سترهون سجاده نشين ۽ ناميارو شاعر، اديب، دانشور ۽ سياستدان هو جنهن سنڌ جي تاريخي شهر هالا ۾ ۴ آگسٽ ۱۹۳۹ع تي جنم ورتو. سندس نالو “محمد امين” رکيو ويو، جڏهن ته مخدوم محمد امين ثالث “پکن ڌڻيءَ” جي نسبت سان کيس “ڏاڏا سائين” به چوندا هُئا، مخدوم محمد امين فهيم ۱۹۷۷ع کان ۲۰۱۵ع تائين پارليامينٽ جو حصو رهيو، ۷ ڀيرا قومي اسيمبلي جو ميمبر ۽ هڪ ڀيرو سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو، ٻه ڀيرا وفاقي وزير به رهيو. مخدوم امين فهيم کاٻِي ڌُر جي مشهور شخصيت ۽ شاعر هو. هُو پاڪستان پيپلز پارٽي جو سينيئر وائس چيئرمين، “الائنس فار ريسٽوريشن آف ڊيموڪريسي” (Alliance for Restoration of Democracy) جو اڳوڻو چيئرمين ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرين جو چيئرمين پڻ هو. هُن سنڌيونيورسٽي مان ۱۹۶۱ع ۾ پوليٽيڪل سائنس ۾ بيچلر آف سائنس جِي ڊگري حاصل ڪئي، هُن پنهنجي سياسي سفر جي شروعات ۱۹۷۰ کان ڪئي ۽ ۱۹۷۰ جي عام چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻي ۽ پڻ ۱۹۹۰ ڌاري بينظير ڀٽو سان تمام ويجھو رهيو. سندس ٻيو فرزند مخدوم شڪيل الزمان سينيئر سول بيورو ڪريٽ آهي، ٽيون فرزند مخدوم عقيل الزمان، چوٿون فرزند مخدوم نجيب الزمان لنڊن مان اعليٰ تعليم حاصل ڪري هينئر ٻاهرئين ملڪ ۾ ڪاروبار واري شعبي سان سلهاڙيل آهي ۽ سندس پنجون فرزند مخدوم خليل الزمان ۽ ڇهون فرزند ابو محمد سنڌ يار آهي، جڏهن ته مخدوم امين فهيم جي اڪيلي نياڻي برمنگهم يونيورسٽي مان اعليٰ تعليم حاصل ڪري چڪي آهي. جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي پ پ جو بنياد وڌو ان بعد لنڊن ۾ سندس ملاقات مخدوم امين فهيم سان ٿي ۽ ڀٽي کين پ پ جي عوامي مفادن واري وسيع نظر پروگرام کان آگاهه ڪيو ۽ کين گذارش ڪئي ته پاڻ پنهنجي والد مخدوم طالب الموليٰ کي منهنجي پاران گذارش ڪريو ته پاڻ عوام جي مفاد خاطر پ پ ۾ شامل ٿين. مخدوم محمد امين فهيم ذوالفقار علي ڀٽو جي ڳالهين کان متاثر ٿي ذوالفقار علي ڀٽو جو پيغام والد صاحب تائين پهچايو ۽ پاڻ خود کين گذارش ڪئي ته پ پ ۾ شامل ٿيو. ان بعد پاڻ ڀٽو صاحب ۽ مخدوم طالب الموليٰ جي هڪ ملاقات ڪرائي ۽ مخدوم صاحب لکين مريدن سان گڏ پ پ ۾ شامل ٿيو. ان بعد پ پ جو پهريون مرڪزي ڪنوينشن هالا ۾ ٿيو. مخدوم خاندان ۽ سروري جماعت جي پ پ ۾ شموليت ڪري پ پ وڌيڪ مضبوط ٿي. مخدوم امين فهيم پ پ جي باني ميمبرن ۾ شامل آهي ۽ پ پ جي شروعاتي دور ۾ مخدوم امين فهيم پارٽي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪئي. مخدوم امين فهيم ۽ سندس خاندان وارا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو سان وفادار رهيا، ڏکين دورن ۾ جڏهن پ پ جا چڱا ڀلا اڳواڻ خاموش رهيا انهن دورن ۾ مخدوم امين فهيم ۽ سندس خاندان وارا نه صرف ڀٽو خاندان سان وفادار رهيا پر پ پ ۾ ثابت قدم رهيا ۽ پارٽي لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون. مخدوم امين فهيم سياسي زندگي جو آغاز هالا ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين شپ مان ڪيو. ۱۹۷۰ع ۾ عام چونڊن ۾ بنا مقابلي قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو. ۱۹۸۸ع واري چونڊ ۾ اڪثريت سان ايم اين اي چونڊيو ۽ کيس مواصلات جهڙي اهم کاتي جو وفاقي وزير بڻايو ويو. پاڻ هر عام چونڊ ۾ ايم اين اي چونڊبو رهيو آهي. ۱۹۹۳ع ۾ وفاقي وزير هائوسنگ تعميرات ۽ ۲۰۰۹ع جي پ پ حڪومت ۾ واپار جو وفاقي وزيرٿيو. پاڻ وفاقي وزير رهڻ دوران نه صرف مٽياري ۾ پر سڄي ملڪ ۾ خاص طور سنڌ ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا. هزارين نوجوانن کي نوڪريون ڏنيون. نواز شريف ۽ پرويز مشرف دور ۾ پ پ سان تعلق رکندڙ وزيرن خلاف وڏي پئماني تي انتقامي ڪارروايون ٿيون. حڪمرانن مخدوم امين فهيم خلاف به ڪرپشن، سرڪاري فنڊن جي ناجائز استعمال جا ثبوت هٿ ڪرڻ لاءِ سندس کاتي جا فائيل اٿلايا پر هنن کي مخدوم امين فهيم خلاف ڪي به ثبوت هٿ نه آيا. موجوده دور ۾ مخدوم امين فهيم خلاف جيڪي ڪرپشن جا ڪيس داخل ٿيا آهن، اهي ثابت نه ٿي سگهيا آهن. مخدوم خاندان ۽ سروري جماعت ان کي مخدوم امين فهيم خلاف سازش قرار ڏين ٿا. شهيد راڻي جڏهن جلاوطني ختم ڪري واپس ملڪ موٽي ته مخدوم امين فهيم ان ڏينهن کان هر جلسي، هر دوري، هر پروگرام ۾ ساڻس گڏ رهيو. شهادت واري ڏينهن به ساڻن گڏ هو. ڪراچي ۾ ڪارساز واقعي ۾ مخدوم امين فهيم کي مٿي ۽ پٺن ۾ ڌماڪي واري مادي جا ٽڪرا لڳا. شهيد راڻي جي شهادت بعد پ پ لاءِ ڪيترائي خطرا پيدا ٿي ويا. اليڪشن مهم ۾ شهيد راڻي بعد ۾ مخدوم امين فهيم کانسواءِ ڪو به ايڏي وڏي ايڏي پائي جو ليڊر نه هو جيڪو عام چونڊن ۾ اليڪشني مهم هلائي ۽ مخدوم امين فهيم جهڙي نازڪ نفيس شخص رات ڏينهن هڪ ڪري سڄي ملڪ ۾ چونڊ مهم هلائي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو ۽ پ پ سان ان کان وڌيڪ ڪهڙي وفاداري ٿي سگهي ٿي جو شهيد راڻي جي ٽيجهي تي آصف علي زرداري اهو اعلان ڪيو ته شهيد راڻي جي فيصلي موجب ايندڙ وزيراعظم مخدوم امين فهيم هوندو پر چونڊن بعد شهيد راڻي جي خواهش موجب آصف علي زرداري مخدوم امين فهيم بجاءِ يوسف رضا گيلاني کي وزيراعظم بڻايو ۽ مخدوم صاحب کي ڪا سٺي وزارت به نه ڏني، نه صرف ايترو پر سنڌ حڪومت ۾ سندس فرزند مخدوم جميل الزمان کي به بنا ڪم واري وزارت ڏني. اهڙي صورتحال ۾ هر ماڻهو جو اهو اندازو هو ته هاڻ مخدوم امين فهيم پارٽي ڇڏي ويندو، پر دنيا ڏٺو ته مخدوم امين فهيم اقتدار جي ڪرسي کي اهميت ڏيڻ بجاءِ شهيد ڀٽو، شهيد راڻي ۽ سندن پارٽي جي مفادن کي اهميت ڏني. وقت به وقت پ پ جي ڪو چيئرمين کان وٺي ڪجهه پ پ ليڊرن مخدوم امين فهيم خلاف بيان به ڏنا ۽ موجوده سنڌ حڪومت ۾ جيڪو مخدوم خاندان کي مانُ مليو اهو ڪنهن کان به ڳجهو نه آهي. سروري جماعت جي ماڻهن کي نظرانداز ڪيو ويو. پنهنجي حڪومت ۾ انتقامي ڪارروايون ڪيون ويون، ليڪن مخدوم امين فهيم شهيد جي پارٽي کي نه ڇڏيو پاڻ وصال تائين پ پ سان وفادار رهيو. پاڻ پ پ جو اثاثو هو. سندس وصال سان ملڪ جي سياسي دنيا ۾ وڏو خال پيدا ٿي ويو آهي. خاص طور پ پ لاءِ وڏو نقصان آهي. ان جو احساس ۽ اندازو شايد ڪنهن کي هن وقت محسوس نه ٿئي پر وقت گذرڻ سان سندن خال محسوس ٿيندو. مخدوم محمد امين فهيم ۷۶ سالن جي ڄمار ۾ ڪينسر جهڙي موذي مرض سان جهيڙيندي نيٺ ۲۱ نومبر ۲۰۱۵ع بمطابق ۸ صفر ۱۴۳۷هجري تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو، سندس آخري آرامگاهه هالا شهر ۾ حضرت غوث الحق مخدوم سرور نوح جي درگاهه جي اندر مخدوم طالب المولى جي پيرانديءَ ۾ آهي، (ڏيھاڙي عوامي آواز، ۲۱نومبر ۲۰۲۰ع) مخدوم امين فهيم هڪ باوقار ۽ باوفا شخص! زيب سنڌي اسلام آباد ۾ ڊسمبر ۱۹۸۸ع جي اها بيحد سرد شام هئي ۽ مان قومي اسيمبلي بلڊنگ جي مين گيٽ وٽ انهيءَ وقت جي ايم اين اي، نامياري تعليمي ماهر ۽ پنهنجي مهربان سائين غلام مصطفي شاه جو انتظار ڪري رهيو هئس. جيئن پوءِ تيئن سرديءَ جي شدت ۾ اضافو ٿيندو پئي ويو. شام تي رات جا پاڇا پوڻ لڳا ته جرسي ۽ جرسيءَ مٿان پاتل ڪروڪوڊائيل جي گرم جيڪيٽ اندر به منهنجو جسم ڪنبڻ لڳو. اهڙي حالت ۾ سائين غلام مصطفي شاه جو انتظار ڪندي هڪ ڪار طرف نظر وئي، جنهن مان هڪ خوش لباس ۽ باوقار شخص لهندي نظر آيو. انهيءَ باوقار شخص، سائين امين فهيم سان اڳ منهنجي ڪابه ملاقات نه هئي، پر دل ڇِڪَ ڏني ته مان وڃي سندن اڳيان بيٺس؛ ”سائين، مان زيب سنڌي آهيان.“ مرڪي ڀاڪر پاتائون ۽ منهنجو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهلي اسيمبلي بلڊنگ اندر وٺي ويا. تڏهن پاڻ شهيد بيبي جي پهرين حڪومت ۾ وزير هيا. پنهنجي آفيس ۾ پهچي حال احوال ورتائون ته مون چيو؛ ”مان اسلام آباد ۾ ريڊيو پروڊيوسر جي ٽريننگ پوري ڪري چڪو آهيان. هن ئي هفتي پوسٽنگ آرڊرس جاري ٿيڻا آهن. مون کي ڪراچي يا حيدرآباد ۾ پوسٽنگ وٺي ڏيو.“ امين فهيم صاحب انٽرڪام تي پي اي کي ان وقت جي انفرميشن منسٽر جاويد جبار سان ڳالهرائڻ لاءِ چيو. ٿوري دير اندر ئي پي اي کين ٻڌايو ته انفرميشن منسٽر پنهنجي آفيس ۾ موجود ناهي. پاڻ پي اي کي چانهن موڪلڻ لاءِ چئي مون ڏانهن ڏٺائون، ”فڪر نه ڪيو ڳولي ٿا وٺون جاويد جبار صاحب کي.“ چانهن پيئندي فائيل به ڏسندا رهيا ۽ سنڌيءَ ۾ ڇپجندڙ نون ڪتابن بابت به پڇندا رهيا. ڪجهه دير کان پوءِ ٻيهر پڇا ڪرائڻ تي به جڏهن انفرميشن منسٽر سان رابطو نه ٿي سگهيو ته ٻئي ٽيليفون سيٽ تان پنهنجي هٿ سان مختلف نمبر ڊائيل ڪري پڇا ڪندا رهيا، پر جاويد جبار سان رابطو نه ٿي سگهيو. تڏهن جاويد جبار صاحب لاءِ خط لکي منهنجي حوالي ڪري چيائون؛ ”مون کي ڪراچيءِ وڃڻو آهي ۽ فلائيٽ ۾ باقي فقط هڪ ڪلاڪ آهي. توهان جاويد جبار صاحب سان ملي وٺجو، پر جيڪڏهن ملاقات نه ٿي سگهي ته سڀاڻي شام تائين مان ڪراچيءَ کان واپس اچي ويندس. توهان مون وٽ هليا اچجو.“ مون سندن مهرباني مڃي کانئن موڪلايو ۽ اسيمبلي بلڊنگ جي ساڳئي ئي فلور تي موجود انفرميشن منسٽر جي آفيس طرف هليو ويس. ڪجهه ئي دير ۾ جاويد جبار صاحب اچي ويو، جنهن کي امين فهيم صاحب جو خط ڏنم ته مرڪي هاڪار سان ڪنڌ لوڏيائين. ڪم ٿي ويو ۽ هن فقير وڃي هوائن جي شهر حيدرآباد جا وَڻَ وسايا. ڪتابن ۽ ڪتاب دوست ماڻهن سان پيار ڪندڙ اهو باوقار ۽ خوبصورت شخص امين فهيم، جنهن کي عوامي اڪثريت هڪ باوفار سياستدان جي حيثيت سان سڃاڻي ٿي، سچ ته اهو اسان جي ملڪ جي سياسي منظر جو اهڙو ڪردار هو، جنهن وٽ سياستدان بجاءِ دل فقط ۽ فقط شاعر واري ئي هئي. ۱۹۵۳ع ۾ شاعريءَ جي ابتدا ڪندڙ هي خوش لباس ۽ خوش گفتار شخص سياست جي خاردار دنيا ۾ سدائين ڪنهن منفرد گل جيان ئي نظر آيو. سندن ئي هڪ غزل جي سِٽَ ۾ سندن شخصيت جي ڪيڏي نه تُز عڪاسي ٿيل آهي، ”گُلَ پَٽييندي خار ۾ ڦاسي پيس !“ شاعريءَ جي گل رنگ راهن جي هن مسافر سياست جي خاردار پيچري تي پير رکيو ته پوءِ هو تاحيات ناقابلِ شڪست رهيو. ۱۹۷۰ع ۾ ذوالفقار ڀُٽي جي ٺٽي ۾ خالي ڪيل سيٽ تي پهريون ڀيرو چونڊجي آيو ۽ اٺ ڀيرا ايم اين اي ۽ هڪ دفعو ايم پي اي چونڊجڻ باوجود سندس سياست تي هن جو شاعراڻو مزاج حاوي رهيو ۽ ڪتابن سان سندس دوستي سدائين برقرار رهي. شرافت، وفاداري ۽ سچائي هن باوقار شخصيت جو شيوو رهي. اهو ئي سبب آهي ته هن بي وفائي ڪندڙن سان به وفا ڪئي، جو وفاداري ۽ سچائي سندس سوچَ جو محور هئي. هن جي اهڙي مزاج جي عڪاسي سندس شاعريءَ ۾ به ملي ٿي: بي وفا سان وفا ڪري ڏسجي، هيءَ خطا بارها ڪير ڏسجي، جي حياتيءَ وفا ڪئي ته فهيم، عشق ۾ انتها ڪري ڏسجي. مون کي خبر ناهي ته امين فهيم صاحب اهي سٽون ڪڏهن ۽ حياتيءَ جي ڪهڙي حصي ۾ لکيون هيون، پر عمر جي آخري ڏينهن تائين هو پنهنجي وفا نڀائيندو رهيو. هن جي وفاداريءَ جي وڏي قيمت لڳائي سندس وفاداريءَ کي خريد ڪرڻ جي ڪوشش به ٿيندي رهي پر وزير اعظم جي عهدي جي آڇ به هن کي لوڏي نه سگهي ۽ هن ڪنهن به قيمت تي پنهنجي سچائيءَ جو سودو نه ڪري پاڻ کي املهه ثابت ڪيو. اها سچائي، اها شرافت، اهو وقار ۽ اها وفا، جيڪا هن کي پنهنجي وڏن کان ورثي ۾ ملي هئي. انهن خوبين تي ثابت قدم رهي، حقيقت ۾ هن سڄي عمر پنهنجي والد بزرگوار سائين مخدوم محمد زمان طالب المولي جي پيروي ڪئي، سندن نقشِ قدم تي هلي زندگي جا چار ڏينهن پورا ڪيا ۽ ڪڏهن به شرافت ۽ صبر جو دامن نه ڇڏيو: ٻه ڏينهن گذري ويا، ٻه ڏينهن گذري ويندا، فهيم ڪڏهن به صبر جي دامن کي داغدار نه ڪبو. سائين امين فهيم جي وفات کان پوءِ، سندن گادي نشين فرزند مخدو جميل الزمان چيو هو ته، ”مخدوم اهو آهي، جيڪو عوام جي خدمت ڪري. جيڪو عوام جي خدمت نٿو ڪري، اهو فقط نالي جو مخدوم هوندو.“ انهن لفظن سان مخدو جميل الزمان انهيءَ ساڳئي سوچ ۽ فڪر جي پيروي ڪئي آهي، جنهن سوچ ۽ فڪر جو اظهار سائين طالب المولي صاحب ڪيو هو: اگر خدمت ڪرڻ جي ناهي طاقت طالب المولي، ته پوءِ مخدومي دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونهي ڪو منهنجو ذاتي تجربو ۽ مشاهدو به آهي ته امين فهيم صاحب وٽن آيل هر ماڻهوءَ جا مسئلا بنا ڪنهن تفريق جي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هو احسان ڪري وساري ڇڏيندا هيا، پر مون نه ڪڏهن سندن احسان کي وساريو ۽ نه ئي ڪڏهن کين وساري سگهندس. افسانهِ حيات ڪبو ختم اي فهيم! يادن جي داستان جي حفاظت ڪري ڪري. (چنا لائبرري درٻيلو جي فيسبڪ پيج تان ۱۹ نومبر ۲۰۲۱ع تي کنيل) مخدوم امين فهيم جو آخري ڏوراپو! عبدالوهاب منشي ڪيتري نه تيزيءَ سان وقت گذري رهيو آهي. ڪالهھ مخدوم خاندان جي ھڪ اھم فرد سان ڳالھه ٻولهه ٿي، ته هن ٻڌايو ته اڄ پ پ جي بنيادي اڳواڻ، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ساٿي ۽ محترمه بينظير ڀٽو جي وفادار سپاهي مخدوم امين فهيم جي ڇهين ورسي آهي پر نڪو پارٽي نڪو قيادت طرفان ورسي ملھائي نڪو وري ڪو ورسي جي نسبت سان ڪو تعزيتي بيان جاري ڪيو ويو،ھن ڳالهايو پئي ته مون ھن کي وڏي غور سان پي ٻڌو ۽ دل ۾ سوچيم تي ھنن کي ڪھڙو لاچار آهي جو مخدوم صاحب تي ڪو تعزيتي ريفرنس ڪوٺائيندا! مخدوم امين فهيم پنهنجي ذات ۾ هڪ سچو، منفرد ۽ بهترين نفيس انسان هو. هو مخدوم ٿي ڪري پنهنجي شخصيت ۾ عاجز هو. مخدوم امين فهيم سان منهنجي پهرين ملاقات ڪنگري هائوس تي پير سائين شاهه مردان شاهه پير پاڳاري وٽ ٿي هئي. پير سائين شاهه مردان شاهه ۽ مخدوم امين فهيم جو پيار ۽ عزت جي رشتي تي جيڪڏهن ويهي لکجي ته ڪيترائي ڪتاب جڙي پوندا. سنڌ جون ٻه گاديون جيڪڏهن پاڻ ۾ ملي وڃن ها ته يقينن اُهو سنڌ جي لاءِ هڪ وڏو روشن ۽ سنهري دور هجي ها. پر مخدوم امين فهيم جو پ پ ۽ ڀٽو خاندان سان عشق هو، ان ئي هن کي پنهنجي پارٽيءَ سان بغاوت جو آخري وقت تائين قدم کڻڻ نه ڏنو. هر ظلم ۽ ستم کي برداشت ڪرڻ جي باوجود، مخدوم امين فهيم موت جي بستري تي به پ پ کي ڇڏڻ جو نه سوچيو. جڏهن ته محترمه جي شهادت کان پوءِ مخدوم امين فهيم سان پيپلز پارٽيءَ جي قيادت ڪهڙو ستم ۽ ناانصافي نه ڪئي هئي؟ جنهن تي ڪڏهن تفصيلات سان لکبو ته جهنگ ۾ باهه الڳ لڳي ويندي. مخدوم امين فهيم مون کي پهريون ڀيرو ڪراچي ريس ڪورس ۾ پير صاحب پاڳاري وٽ ٻڌايو هو ته هو ۽ سندس والد مرحوم مخدوم طالب الموليٰ جو منشي خاندان سان گذريل ۵۰ ورهيه پراڻو واسطو ۽ تعلق هو. پر جڏهن مخدوم امين فهيم جوان هو، منهنجي والد مرحوم شهاب الدين منشي ۽ هن جو پ پ جي ڪري ذوالفقار علي ڀٽو جي پنڊي ڪنونشن ۾ هن سان تعلق جڙيو. بابا سائين، ذوالفقار علي ڀٽو جو جيالو هو، ۽ ذوالفقار علي ڀٽو منهنجي والد جي چاچي مرحوم عبدالشڪور منشيءَ جو ذاتي دوست هو. ۱۹۶۵ع ۾ جڏهن ڀٽو صاحب سنڌ لاءِ ڪاليج ۾ visiting professor هو ته اڪثر اسان جي گهر جي سامهون لا ڪاليج ۾ ليڪچر ڏيڻ ايندو هو، تڏهن منشي هائوس تي مرحوم عبدالشڪور منشي جي آفيس ۾ اچڻ ٿيندو رهندو هو. پنڊي ڪنونشن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي سامهون منهنجي والد جيڪو تاريخ ساز ڪردار ادا ڪيو، اُهو ڪنهن کان لڪل نه هو. اهو مخدوم صاحب کي محفلن ۾ ڏسي مون کي اڪثر ياد ايندو هو. مخدوم صاحب جون پ پ جي لاءِ وڏيون تاريخ ساز قربانيون هيون، پر هن کي ڪڏهن به پنهنجي وفائن جو ثمر نه مليو. آخر ۾ هن سان قيادت جيڪو رويو رکيو، اُن بابت ڪنهن سوچيو به نه هو. اسان جي ياداشت گهڻي ڪمزور آهي، اسان ڪجهه سوچيون ته ڪهڙي نموني هن کي بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ الڳ ڪيو ويو! ڪهڙي نموني پ پ جي پارليامينٽري پارٽيءَ جي قيادت هن کان ورتي وئي. ايستائين جو سائوٿ سٽي اسپتال ۾ سندس پارٽي قيادت هن جي عيادت ڪرڻ به نه پهتي. جڏهن ته موجوده پير پاڳارو سيد صبغت الله شاهه پهريون شخص هو، جيڪو عيادت لاءِ اُتي پهتو هو. ڏک درد، راز و نياز ۽ ڏوراپن واريون جيڪي ڳالهيون سائوٿ سٽي اسپتال ۾ ٿيون، اُن جو هڪ گواهه الله تعاليٰ ۽ ٻيا پير صاحب پاڳارو، مخدوم امين فهيم ۽ سندس پٽ مخدوم جميل الزمان هئا. مان لکڻ تي ويهان ته گهڻو ڪجهه لکي سگهان ٿو ته ڪهڙي نموني هالا حويلي ۾ منهنجو هٿ جهلي مخدوم امين فهيم اڌ ڪلاڪ بيهي، مون کي پنهنجي پارٽيءَ جي رويي بابت، جسٽس سيد ديدار حسين شاهه ۽ ٻين ماڻهن جي سامهون پنهنجي درد ۽ ظلم جو داستان ٻڌايو. زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ مخدوم امين فهيم جو سنڌيءَ ۾ لکيل اهو شعر پنهنجي پارٽي لاءِ ڏوراپي کان گهٽ ناهي ته،” اڄ بي وفا سان وفا ڪري ڏسنداسين، اها خطا بار بار ڪري ڏسنداسين.“ ان شعر کي پڙهڻ کان پوءِ اسان خود فيصلو ڪري سگهون ٿا ته، زندگيءَ جي آخري گهڙين ۾ مخدوم امين فهيم ڪهڙي ڪيفيت مان گذري رهيو هو. پر فيصلو ڪرڻ وارا اسان ڪير ٿيندا آهيون. اهو فيصلو ته رب تعاليٰ پاڻ ڪندو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي بي گناهه شهادت، شاهنواز ڀٽو کي زهر ڏئي شهيد ڪرڻ، مرتضيٰ ڀٽو کي پنهنجي ڀيڻ جي حڪومتي دور ۾ گهر جي سامهون ڪهڙي نموني گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو، بينظير ڀٽو جو پنڊيءَ ۾ بيگناهه قتل، بيگم نصرت ڀٽو جي اذيت ڀري زندگي ۽ آخر ۾ مخدوم امين فهيم سان اختيار ڪيل رويو، اُن جو فيصلو الله جي بارگاهه ۾ ٿيندو. مخدوم امين فهيم هڪ هو، اهڙو ٻيهر پيدا نه ٿيندو. اسان رب پاڪ جي بارگاهه ۾ هالا حويلي جي خوشحالي ۽ مخدوم امين فهيم جي مغفرت جي لاءِ دعاگو آهيون. رب پاڪ هن جي ولي عهد مخدوم جميل الزمان ۽ ان جي خاندان کي سندس رستي تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي. ڇو ته مخدوم امين فهيم جو رستو سچ ۽ ڪنڊن سان ڀريل رستو هو. (ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۵ نومبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل) مخدوم امين فھيم اوهان جي وساريو، اوهان جي آ مرضي شاھد جتوئي شاعري سان پهرئين محبت ۽ پيپلز پارٽي سان مرڻ گهڙي تائين وفا ڪرڻ واري مخدوم امين فهيم جي اڄ ڇهين ورسي آهي. هن جي وفات ۱۲ نومبر ۲۰۱۵ع تي ڪراچي جي هڪ مقامي اسپتال ۾ ٿي. وفات کان اڳ پاڪستان پيپلز پارٽي سان هن جي وفاداري کي جهڙو نموني شڪي بڻايو ويو، هو انهي تي گهڻو ڏکويل هو پر هن ڪڏهن به انهي جي شڪايت نه ڪئي، شايد اها “وفاداري شرط استواري” جي بنيادي گهرج آهي. هڪ صحافي جي حيثيت سان منهنجون مخدوم امين فهيم سان اڪثر ملاقاتون ٿينديون هيون، پاڪستان جي ڪجهه صحافين سان هو غير رسمي ۽ نجي ملاقاتون ڪندو هو ۽ انهن سان پنهنجي دل جون ڳالهيون ڪندو هو، انهن ۾ هڪ مان به هيس. مخدوم صاحب جي انهي شفقت ۽ مهرباني کي مان ڪڏهن به وساري سگهندس. هن سان اسان جي آخري ڊگهي ملاقات ڪراچي ۾ هن جي رهاشگاهه تي ٿي هئي، سندس ڀاءُ مخدوم نويد الزمان جي وفات تي اسان ساڻس تعريف ڪرڻ ويا هئاسين، انهي کانپوءِ هو علاج جي لاءِ پرڏيهه هليو ويو هو. پيپلز پارٽي جي قيادت هن سان جيڪو ڪجهه ڪيو هو، انهي تي هن کي گهڻو رنج هو، پر رواداري جو اهو عالم هو ته پنهنجي ڳالهه ڪرڻ لاءِ لفظن جي اهڙي طرح چونڊ ڪندو هو ته ڪا به ڳالهه شڪايت محسوس نه ٿيندي هئي ۽ نه ئي مزاج ۾ تلخي نظر ايندي هئي. صحافي جي حيثيت ۾ اسان گهڻيون ئي “آف دي رڪارڊ” ڳالهيون چورائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هنن پنهنجي رواداري جي حد کي ڪڏهن به پار نه ڪيو. وضع داري، شائستگي، رک رکاءُ جو پاند ڪڏهن به هٿن مان نه ڇڏيو، هنن جيڪا به ڳالهه ڪئي شاعراڻي انداز ۾ ڪئي. پاڪستان پيپلز پارٽي سان لاڳاپيل رهڻ مخدوم امين فهيم جي اهڙي طرح مجبوري نه هئي، جهڙي طرح اڄ جي پيرن ۽ وڏيرن جي آهي. مخدوم امين فهيم پاڻ سروري جماعت جو روحاني پيشوا “نو لکي گودڙي” جو وارث هو. حضرت مخدوم نوح جي انهي روحاني خاندان جي پنج صدين کان ماڻهو عزت ڪندا پيا اچن، هو سياست به نه ڪن تڏهن به انهن جي وڏي عزت آهي. هڪ مرحلو اهڙو به آيو هو جڏهن پپيلز پارٽي جي قيادت هالا ۾ مخدوم صاحب جي خلاف مظاهرا ڪرايا ته خاندان جي ماڻهن ۽ انهن جي مريدن مخدوم امين فهيم کي مشورو ڏنو ته هو ذهني ڪوفت مان بچڻ لاءِ سياست ڇڏي ڏئي، ۽ پنهنجي گادي سنڀالي، کيس ڪنهن سياسي عهدي جي ضرورت ناهي، الله کيس گهڻي عزت ڏني آهي، پر مخدوم صاحب جواب ڏنو ته هو سياست کي انهي ڪري خيرآباد نه ٿو چئي سگهي جو هو پيپلز پارٽي کي ڇڏي نٿو سگهي. آخري تفصيلي ملاقات دوران ٿيندڙ ڳالهين ۾ پيپلز پارٽي ۽ مخدوم خاندان جي لاڳاپن ۾ لاهن چاڙهن جي بنيادي سببن کي سمجهڻ جو موقعو مليو. اهو بنيادي سبب اهو هو ته پيپلز پارٽي کي اسٽيبلشمينٽ سان رابطن لاءِ مخدوم امين فهيم کان وڌيڪ ڀروسي جوڳو ڪو ٻيو ماڻهو ميسر نه هو پر پيپلز پارٽي جي قيادت پاڻ شڪ شبهن جو شڪار به رهندي هئي. اها صورتحال مخدوم امين فهيم کي هر وقت آزمائش ۾ وجهيو ويٺي هئي ۽ هو پارٽي سان پنهنجي وفاداري ذريعي انهي مان ٻاهر نڪري ايندو هو. اهو مخدوم امين فهيم ئي هو جنهن ۱۹۷۰ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو سان ملاقات ڪري سندس ساٿ ڏيڻ جو واعدو ڪيو ۽ پنهنجي والد مخدوم زمان طالب الموليٰ کي پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ راضي ڪيو. هڪ ۽ ۲ جولائي ۱۹۷۰ع تي پيپلز پارٽي جي تاريخي هالا ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ اولهه ۽ اوڀر پاڪستان جي عظيم سياسي اڳواڻن شرڪت ڪئي ۽ نوجوان مخدوم امين فهيم کاٻي ڌر جي هڪ انقلابي اڳواڻ جي حيثيت سان ڪانفرنس کي خطاب ڪيو، اسان اهو ئي انقلابي اڳواڻ مخدوم امين فهيم ۾ سدائين ڏٺو. پرڏيهه علاج وڃڻ کان پهرئين پيپلز پارٽي جي قيادت ظاهري طور مخدوم امين فهيم کي پرچائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ انهي لاءِ آصف زرداري پنهنجي ڀاءُ سيد اويس مظفر کي مخدوم صاحب جي گهر موڪليو هو، انهي لاءِ ميڊيا کي به پهرئين اطلاع ڏنو ويو هو. ڪنهن جي اها “سياست” ڪامياب ٿي وئي هئي ته هو مخدوم امين فهيم کي انهي مقام تي وٺي آيا هئا. مخدوم صاحب سيد اويس مظفر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪري رهيو هو پر مخدوم صاحب جي اها اعليٰ ظرفي هئي جو هن آصف علي زرداري جي نمائندي جي حيثيت سان سيد اويس مظفر کي مڪمل پروٽوڪول ڏنو ۽ پريس ڪانفرنس ۾ پارٽي جي قيادت سان ڪا شڪايت نه ڪئي. پيپلز پارٽي جي ڪجهه ڌرين طرفان اهو تاٽر ڏنو ويو ته مخدوم خاندان ڪنهن وڏي عهدي لاءِ اسٽيبلشمينٽ سان معاملا طئي ڪندا آهن پر انهن ڌرين وٽ انهي سوال جو ڪو جواب نه آهي ته جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو مخدوم طالب الموليٰ کي چيو هو ته جيڪو عهدو وٺڻ چاهي وٺي. انهي تي مخدوم طالب الموليٰ رڳو سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمينشپ ڇو گهري هئي؟ جڏهن ته انهي وقت ڀٽو طاقتور ترين وزيراعظم هو، فوج جي ڪمانڊ به انهن وٽ هئي. مخدوم امين فهيم جنرل ضياءَ ۽ جنرل مشرف طرفان وزارت عظميٰ سنڀالڻ جي آڇ ڇو رد ڪئي هئي، محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي آخري حڪومت جي دور ۾ مخدوم امين فهيم جي پٽ ۽ سروري جماعت جي هاڻوڪي روحاني پيشوا مخدوم جميل الزمان کي سنڌ جو وڏو وزير بڻائڻ جو واعدو ڪيو هو پر اهو واعدو به وفا نه ٿيو. مخدوم خاندان پوءِ به اها شڪايت ڇو نه ڪئي؟ محترمه بينطير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ آصف زرداري مخدوم امين فهيم کي وزيراعظم ڪرڻ جو پاڻ اعلان ڪيو هو پر انهي تي عمل نه ڪيو، مخدوم صاحب انهي تي به ڪنهن قسم جي شڪايت ڇو نه ڪئي؟ پرڏيهه ۾ علاج مان مايوسي کانپوءِ مخدوم امين فهيم کي ۲۶ آڪٽوبر ۲۰۱۵ع تي واپس ڪراچي آندو ويو ۽ بلاول هائوس جي ويجهو نجي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، سندس صحتيابي جا امڪان ختم ٿي ويا هئا، ماڻهو قطارون ڪري سندس عيادت لاءِ وڃي رهيا هئا، ميڊيا جا ماڻهو انتظار ۾ هئا ته آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري ڪڏهن ٿا هن جي عيادت لاءِ اچن؟ آخرڪار بلاول ڀٽو زرداري هن جي عيادت لاءِ آيو ۽ مخدوم صاحب کيس ايئن ڳلي لڳايو ڄڻ هو تڙپي رهيو هجي. هن پنهنجي آخري گهڙين ۾ به ڀٽو خاندان ۽ پارٽي سان پنهنجي وفاداري جو اظهار ڪيو. مخدوم خاندان جي ذريعن مونکي ٻڌايو ته مخدوم امين فهيم پنهنجي اولاد کي چئي ڇڏيو هو ته هو پنهنجو فيصلو ڪرڻ ۾ آزاد آهن. هو جيڪڏهن چاهين ته پيپلز پارٽي سان مخدوم خاندان جو رشتو اڳتي وڌائين ۽ جيڪڏهن چاهين ته پنهنجو رستو الڳ ڪري ڇڏين پر مخدوم خاندان اڄ به پيپلز پارٽي سان آهي ۽ اهي به شڪايت نه ڪرڻ واري روايت تي قائم آهن، انهي ڳجهه کي ڳولڻ جي ضرورت آهي، جيڪڏهن هڪ جاگيردار خاندان جو ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي طبقي سان بغاوت ڪري سگهي ٿو ته مخدوم امين فهيم به پيرن ۽ وڏيرن جو رستو ڇڏي سگهي ٿو. پنهنجي هڪ شعر ۾ هن چيو هو ته “اسان کي ڪم آئي مخدومي نه پيري، اسان کي ته گهرجي غريبي فقيري” جي ها تاريخ ۾ ايئن ممڪن آهي، هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته پيپلز پارٽي کيس اڄ ياد ڪري ٿي يا نه؟ (ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۱ نومبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل) مخدوم امين فھيم اي امين! ڀلا تو کي ڪيئن وسارينداسين؟ نور سنڌي مون کي ان ڏينهن جا ڌنڌلا عڪس اڃان به ذهن جي پردي تي ڪنهن فلمي سين جيان هلن ٿا، جڏهن آئون ۱۲ سالن جو هيس ته اسان جي ڳوٺ ملدسي ۾ منهنجي چاچي حاجي محمود جي اوطاق تي مخدوم امين فهيم روحاني سفر دوران تشريف فرما ٿيا هئا ۽ منهنجي والد الهه بخش مون کي پير ڪوڙل قريشي معرفت سائين مخدوم امين فهيم سامهون ذڪر ڏئي مريد ڪرڻ لاءِ پيش ڪيو هو. پاڻ بيباڪ سياستدان، ملڪ جي اهم سياسي شخصيت، مشهور شاعر، سماج سڌارڪ هئا. پاڻ لکين مريدن جو روحاني پيشوا هئڻ جي باوجود فقير منش شخصيت هو. وڏي سهپ وارو وفا جو پيڪر، عوام دوست، دشمن کي به معاف ڪري ڇڏڻ وارو هو، پاڻ ڪيترن ئي رنگن ۾ رڱيل هو، پاڻ ۴ آگسٽ ۱۹۳۹ع مطابق ۱۷ جمادي الثاني ۱۳۵۸هه جمعي ڏينهن حضرت مخدوم نوح رحه جي ۱۷ سجاده نشين مخدوم محمد الزمان طالب المولى جي گهر ۾ جنم ورتو، پاڻ چار درجا سنڌي ۽ قرآن شريف خانگي طور گهر ۾ حاصل ڪيا، ڇهين کان ميٽرڪ تائين مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول هالا مان انٽر سروري اسلاميه ڪاليج هالا ۾ بي اي پوليٽڪل سائنس ۽ ايل ايل بي سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪيائون، پاڻ شاعري والد کان متاثر ٿي ۱۹۵۲ع کان شروع ڪئي، شاعري ۾ تخلص پهرين امين استعمال ڪيو، بعد ۾ کين والد گرامي جن کان فهيم تخلص مليو، پاڻ سياسي سفر جو آغاز ۶۶ع ۾ ٽائون ڪميٽي هالا جي چيئرمين جي حيثيت سان شروع ڪئي، پاڻ ۱۹۷۰ع ۾ ايم پي اي ۽ ۷ ڀيرا ايم اين اي چونڊيو، پاڻ ايجوڪيشن سوسائٽي هالا جا وائيس پريزيڊنٽ، اورينٽل ڪاليج هالا جا وائيس پريڊنٽ به رهيا، پاڻ والد جي نالي سان بزم طالب المولى جو بنياد رکي ان پليٽ فارم تان ادبي سرگرميون شروع ڪرايون، هالا کانسواءِ سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ مشاعرا، ادبي ڪانفرنسون ڪرايون، پاڻ بزم جا صدر رهيا، پاڻ شاعري ۾ وڏو نالو ڪڍرايو. سندس شاعري جو هڪ مجموعو شايع ٿيل آهن، جنهن ۾ غزل ۽ ڪافيون شامل آهن. پاڻ لاتعداد ڪتابن جا مهاڳ ۽ مقدما به لکيا، جڏهن ته اڻ ڇپيل شاعري به وڏي تعداد ۾ ڇڏي ويا آهن، سندن شوقن ۾ شاعري، ادب موسيقي، شڪار فوٽوگرافي شامل رهي، سندن پهرين شادي اچ شريف ۾ ۱۹ سالن جي ڄمار ۾ ٿي. جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو ايوب خان سان اختلاف ڪري پ پ جو بنياد وڌو، اهو دور ۶۹ع جو هو، ان زماني ۾ سندس ملاقات ذوالفقار علي ڀٽو سان ٿي ۽ ڀٽو صاحب کيس پ پ ۾ سياست ڪرڻ جو شوق جاڳايو ته پاڻ والد کي پ پ ۾ شامل ٿيڻ ۽ کين سياست ڪرڻ جي اجازت لاءِ عرض ڪيو، سندس خواهش کي ڏسندي مخدوم طالب المولى کين اجازت ڏني پر کين چيو ته پٽ ثابت قدمي شرط آهي ۽ پاڻ والد جي ان شرط کي ذهن ۾ رکي سياسي سفر شروع ڪيو ۽ هڪ سال بعد هالا جي محفل سينيما ۾ پ پ جو پهريون ٽي روزه ڪنوينشن گهرايو، جنهن جي ذوالفقار علي ڀٽو صدارت ڪئي، پاڻ پارٽي ۾ نه صرف ثابت قدم رهيو پر ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت جنرل ضياءُ جو پ پ کي ختم ڪرڻ وارو خواب ساڀيان ٿيڻ نه ڏنو، ان لاءِ سندس ۽ سندس خاندان جون قربانيون ياد رهنديون جو پارٽي کي بچائيندي مخدوم خليق الزمان جهڙو نازڪ نفيس ماڻهو ڪيترائي سال جيل ۾ رهيو، مخدوم امين فهيم ۽ سندس خاندان وارا نه صرف پارٽي سان وفادار ثابت قدم رهيا پر عوام ۾ اتساهه پيدا ڪيو، پ پ جي شروعاتي ڏينهن ۾ مخدوم امين فهيم سڄي سنڌ ۽ سرائيڪي پٽي جا دورا ڪيا، نه صرف سروري جماعت جي لکين ماڻهن پر واسطيدار ماڻهن کي به پ پ ۾ شامل ڪيو، پاڻ ۸۸ع ۾ مواصلات کاتي، ۹۳ع ۾ هائوسنگ تعميرات، ۲۰۰۹ع ۾ واپار جا وفاقي وزير رهيا، جنهن دوران نه صرف مٽياري ضلعي پر سنڌ ۽ سڄي ملڪ جي هزارين نوجوانن کي تعليمي لياقتن آهر نوڪريون ڏنيون. نواز شريف، پرويز مشرف جي دور ۾ پ پ جي وزيرن خلاف ڪرپشن، سرڪاري فنڊن جي غلط استعمال جا ثبوت هٿ ڪري سندن کاتن جا فائيل کوليا ويا پر مخدوم امين فهيم خلاف ثبوت هٿ نه آيا. نواز شريف دور ۾ مخدوم امين فهيم خلاف جيڪي ڪرپشن جا الزام لڳائي ڪيس داخل ڪيا ويا. سروري جماعت ۽ مخدوم خاندان ان کي مخدوم امين فهيم خلاف سازش قرار ڏين ٿا. جڏهن شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جلاوطن ٿي وئي، اهو دور پ پ لاءِ ڏاڍو ڏکيو هو پر دنيا ڏٺو ته پ پ کي بچائڻ وارو مخدوم امين فهيم هو ۽ ان دور ۾ محترمه بينظير ڀٽو پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز رجسٽرڊ ڪرائي، مخدوم امين فهيم کي ان جو چيئرمين مقرر ڪيو. کين مليل اها ذميواري پاڻ باقاعده نڀائي ۽ نه صرف پارٽي کي بچايو پر سرگرم رکيو ۽ پ پ وارن جي مالڪي ڪئي ۽ اتساهه پيدا ڪيو، پرويز مشرف پنهنجي دور ۾ کين ملڪ جو وزيراعظم بنائڻ جي آڇ ڪئي، هيڏي وڏي منصب کي پاڻ ٺڪرائي ڇڏيو، پاڻ پارٽي سان غداري نه ڪئي. شهيد راڻي جڏهن جلاوطني ختم ڪري ملڪ ۾ اچي سياسي سرگرميون شروع ڪيون ته مخدوم امين فهيم هر هنڌ ساڻس سائي وانگر گڏ هو. ڪراچي ڪارساز واقعي ۾ کين پٺن ۽ مٿي ۾ ڌماڪي واري مادي جا ٽڪرا لڳا، شهيد راڻي جي شهادت بعد سڀني کي اهو يقين هو ته مخدوم امين فهيم کي پ پ جو چيئرمين بڻايو ويندو، ڇاڪاڻ ته هن کان وڌيڪ پارٽي ۾ ڪنهن جون به قربانيون ۽ جدوجهد نه هئي. ان جو اعتراف خود محترمه بينظير ڀٽو صاحبه مختلف پريس ڪانفرنسن ۽ جلسن ۾ ڪندي رهي ۽ پاڻ ۲۰۰۸ع جي رٿيل چونڊن کان اڳ ايندڙ وزيراعظم مخدوم امين فهيم بنائڻ جو فيصلو ڪندي اهڙو اعلان به ڪيو، محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت بعد سندس وصيت کي سامهون آندو ويو. شهيد راڻي شهادت بعد مخدوم امين فهيم کان سواءِ ڪوبه ايڏي سطح جو پارٽي ۾ ليڊر نه هو. پر شهيد راڻي جي خواهش پوري ڪندي کين وزيراعظم نه بنايو ويو، ان صورتحال تي سياسي حلقن ۾ اهو خيال ڪيو پئي ويو ته مخدوم امين فهيم هاڻ پارٽي کان پاسيرو ٿي ويندو يا پارٽي ڇڏي ويندو پر پاڻ شهيدن جي پارٽي سان ثابت قدم رهيو، وچ ۾ اهڙو دور به آيو ته مخدوم امين فهيم پارٽي کان ناراض ٿيو، پر پاڻ والد جي ثابت قدم وارو شرط ذهن ۾ رکي ثابت قدم رهيو. ڪار ساز واقعي ۾ دماغ ۽ پٺن ۾ لڳل ڌماڪن واري مادي سان کين ڪينسر ٿي پيو. ٻاهرين ملڪن مان به علاج جاري هو پر سندن خواهش موجب کين سنڌ آندو ويو. جتي سائوٿ سٽي هاسپيٽل ۾ داخل ڪيو ويو، جتي آخري وقت ۾ ڪوما ۾ هليو ويو ۽ پاڻ ۲۱ نومبر ۲۰۱۵ع ۾ بمطابق ۸ صفر المنظر ۱۴۳۷هه ڇنڇر ڏينهن ۷۶ سالن جي ڄمار ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. پاڻ حضرت مخدوم سرور نوح رح جن جي مزار ۾ سندن پيراندي کان سائين مخدوم امين محمد پکن ڌڻي جي ڀر ۾ والد مخدوم طالب المولى جن جي ساڄي طرف ڌرتي ماءُ جي هنج ۾ ابدي آرامي آهي. مشهور صحافي ڪالم، شاعر مولانا غلام محمد گرامي جي راءِ مطابق مخدوم امين فهيم جي شاعري جماليات جي ڀرپور ترجماني ڪري ٿي، سياست ۾ اچڻ بعد پاڻ شاعري گهٽ ڪئي، ائين چئي سگهجي ٿو ته پاڻ شاعري کي سياست تي قربان ڪيو. پاڻ عابده پروين، محمد يوسف، استاد منظور علي خان، مهدي حسن، مصري فقير، رونا ليلى جهڙن فنڪارن کي پسند ڪندو هو، صبح جو سوير ننڊ مان اٿي اخبارن جو مطالعو ڪندو هو، سفر دوران ڪتابن جو مطالعو ڪندو هو. کين چانڊوڪي رات، برسات جي موسم، چيڪي مٽي جي خوشبو، هلڪا رنگ پسند هوندا هئا. سندن شاعري ڪيترن ئي فنڪارن ڳائي آهي، انهن ۾ ٻين کان سواءِ عابده پروين، رونا ليلي ۽ مصري فقير پڻ به شامل آهن، پاڻ سياست سماجيات جي سموري رمزن کان واقف هئا، پاڻ ملڪي سياست جا امين هئا. اڄ سندن ڇھين ورسي آھي، جيڪا درگاهه حضرت مخدوم سرور نوح رحه تي سادگي سان ملھائجي رھي آھي، سروري جماعت جو روحاني پيشوا مخدوم جميل الزمان حضرت مخدوم امين فھيم جن جي مزار تي گلن جي چادر چاڙھيندو. (ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۱ نومبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
سائين جي ايم سيد استاد لغاري سنڌ ۾ جيڪي ماڻهو آزاديءَ جا علمبردار ۽ نظرين جا باني ٿي گذريا آهن، سائين جي ايم سيد جو نالو به انهن ۾ هڪ آهي. سندس پورو نالو سيد غلام مرتضيٰ شاھ ولد سيد محمد شاھ هيو. پاڻ ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع تي، سنڌ جي مشهور شهر سن ۾ پيدا ٿيو ۽ سندس وصال ۲۵ اپريل ۱۹۹۵ع تي، ۹۱ سالن جي ڄمار ۾، ڪراچيءَ جي جناح اسپتال ۾ ٿيو. ان وقت پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت هئي ۽ سائين جي ايم سيد هٿڪڙين جي حالت ۾ هو. شيخ اياز پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ لکيو آهي، ته “مون پنهنجين ڪراين ڏانهن ڏسي سوچيو، ته ڪڙيون ۽ قاتل اڃان ڪيستائين دور رهندا؟ مون زبان کي ڏند سان ڪٽي چيو، نه ڄاڻان تون ڪڏهن سمورو سچ چوندينءَ؟ نه ڄاڻا توکي ڪڏهن ڪپي ڦٽيءَ ڪندا؟”. ذوالفقار علي ڀٽي صاحب کي، وقت جي بي رحم حڪمرانن تخته دار تي چاڙهي ڇڏيو ۽ سائين جي ايم سيد کي، وقت جي جابر حڪمرانن ايستائين هٿڪڙين ۾ رکيو، جيستائين سندس روح جو پکيئڙو پرواز نه ڪري ويو. مان ذوالفقار علي ڀٽي صاحب ۽ سائين جي ايم سيد جِي مظلوميت جي مماثلت ڪرڻ نه ٿو چاهيان، پر فقط ايترو چوڻ چاهيان ٿو، ته ۱۹۷۱ع کان وٺي ۱۹۷۷ع تائين، حڪمران پارٽي، سنڌ جي قومي شعور ۽ حزبِ اختلاف سان، ڊي پي آر جي نالي تي، جيڪي ڀال ڀلايا، اهي تاريخ ڪڏهن به وساري نه سگھندي. ليڪن ذوالفقار علي ڀٽي صاحب سان، پڇاڙيءَ ۾ جيڪو ناحق ظلم ڪيو ويو، ان سندس سمورا اوگڻ اُجاري اڇا ڪري ڇڏيا. “مڙيئي معاف ڪياس، خالق بدلي خون جي”. سائين جي ايم سيد ۽ ذوالفقار علي ڀٽي صاحب ۾، جيڪا هڪجهڙائي آهي، اها هي آهي، ته اهي ٻيئي سنڌي ليڊر، جنوريءَ جي مهيني ۾ ڄاوا ۽ ٻيئي اپريل جي مهيني ۾ اَمر ٿي ويا. سائين جي ايم سيد سان، منهنجي پهرين ملاقات، ۲۳ مارچ ۱۹۸۸ع تي، سن ۾ ٿي هئي. ان وقت محمد خان جوڻيجو ملڪ جو وزير اعظم هيو. آئون، عاجز منگي، حضور بخش لغاري، اسلم لغاري، عباس جلباڻي ۽ امير حمزو، محراب پور واري ڪچي جي ٻيلي کان ٿيندا، ٻيڙيءَ جي ذريعي سنڌو درياھ اُڪري، وڃي سن پهتا هئاسين. سائين جي ايم سيد جو نظريو، دنيا جي ڪنهن به آزاد قوم جي نظريي کان مختلف ناهي. فرق فقط ايترو آهي، جو سائين جي ايم سيد عدم تشدد جو حامي آهي ۽ ٻيا دنيا جا ڪيترائي نظريا، سلامتيءَ جو چولو پائي، تشدد جا حامي هوندا آهن. ڪتاب “پتڻ ٿو پور ڪري” ۾ هڪ هنڌ لکيل آهي، ته “اي آزادي! تو ڏانهن ڪوئي شاهي رستو نه ٿو وڃي، فقط سوڙها پيچرا وڃن ٿا ۽ منهنجي ڏيھ جا سڀيئي ماڻهو، شاهيءَ رستن تي وڃي رهيا آهن ۽ مان سوڙهي پيچري ۾، مُنجھي موٽي رهيو آهيان. ڇو ته مون کي ڪوئي سُونهون به نه آهي ۽ ساٿي به نه آهي. اي آزادي! مان پوءِ به شاهيءَ رستي کان گھٻرايان ٿو، ڇو ته اهو تو ڏانهن نه ٿو وڃي”. انهيءَ آزاديءَ جي سوڙهي پيچري، شهيد سورهيه بادشاھ کان وٺي، هيمون ڪالاڻيءَ تائين ۽ ٽيپو سلطان کان وٺي، ھوشو شيديءَ تائين، ڪيترن ئي ڪُونڌرن جون قربانيون وٺي ڇڏيون آهن. پر مون کي اڃان تائين سمجھ ۾ نه ٿو اچي، ته شاهيءَ رستي تي هلندي به، ماڻهو تخته دار تي ڇو چڙهي ويا؟ ۽ گولين جو بَک ڇو بڻايا ويا؟ اي شيخ اياز! تنهنجو بيان ڪيل فقرو، اڌواڌ سچ آهي ۽ اڌواڌ سچ نه آهي. “سچ به مايا آهي”، وشنو نادر مُنيءَ کي چيو. انهيءَ سچ لاءِ، ماڻهو هڪٻئي کي رتوڇاڻ ڪندا آيا آهن. انهيءَ سچ، اتهاس جي پهراڻ تي رت جا ڪروڙين چُٽا ڇڏيا آهن. جُڳن کان پنهنجو ۽ پرايو لهوءَ وهايو آهي. ڪالهوڪو سچ اڄوڪو ڪوڙ آهي ۽ اڄوڪو سچ سُڀاڻي جو سچ نه آهي. نادر! سچ پُڇين ته نه رڳو ڪوڙ، پر سچ به مايا آهي”. انگريزن جي دور ۾، هندوستان جي آزاديءَ واري تحريڪ کي، ڪوڙ سمجھي ڪُچليو ويندو هو. ليڪن انگريزن جي دور وارو ڪوڙ، اڄ جو سچ آهي. اهڙيءَ ريت، اڄ جي ڪوڙ کي، اڃان سُڀاڻي جو سچ ثابت ٿيڻو آهي. اسان هن وقت، هڪ اهڙي آزاديءَ جا مزا ماڻي رهيا آهيون، جنهن ۾ ڦُرڻ واري کي ڦُرڻ جي ۽ ڦُرجڻ واري کي ڦُرجڻ جي، هر طرح سان ۽ مڪمل آزاديءَ حاصل آهي. شيخ اياز لکيو هو : “ هتي گدڙ آزاد آهن، مکيون آزاد آهن، مڇر آزاد آهن، هتان جا دانشور آزاد آهن. شاعر ٽي ويءَ تي نعتيه مشاعره ڪن ٿا. هتي جا هاري آزاد آهن، جي چاهين ته پنهنجي مٿي مان، جُوئُون ڀلي نه کڻي ڪڍن”. منهنجي سامهون سائين جي ايم سيد جا ڪيترائي ڪتاب موجود آهن، جن مان ڪجھ جا نالا هيٺ ڏجن ٿا: پيغامِ لطيف، پاڪستان ۾ قوميتن جو مسئلو، نئين سنڌ لاءِ جدوجهد، سنڌ جي بمبئي کان آزادي، جنب گذاريم جن سين، جيئن ڏٺو آهي مون، جديد سياست جي نوَ رتن، ساهڙ جا سينگار، واڄٽ ويراڳين جا، اڄ پڻ چڪيم چاڪ، خطباتِ سيد، جديد عالمي سياست، سنڌ جي ڪهاڻي سيد جي زباني، ديارِ دل داستانِ محبت، سنڌو جي ساڃاھ ۽ سنڌ ڳالهائي ٿي وغيره شامل آهن. سائين جي ايم سيد جو چوڻ هيو، ته منهنجي نظريي جي حق ۾، مون تي ڪيس هلايو وڃي. هُو ان جي لاءِ ڪيترائي ڀيرا ڪورٽن ۾ به ويو، پر هن جو نظريو ۽ ڪيس نه ٻُڌو ويو. ڏکڻ آفريڪا جي آزاديءَ جي علمبردار ۽ هيرو، محترم نيلسن منڊيلا ۽ سائين جي ايم سيد، اهڙا عالمي ليڊر ٿي گذريا آهن، جيڪي ٽيھ ٽيھ سال نظربنديءَ واري حالت ۾ رهيا. ليڪن نظريو ڪٿي به ختم نه ٿو ٿئي، نظريو ڪڏهن به ڪو نه ٿو مري، ها البت ان ۾ دير ضرور ٿي سگھي ٿي. سائين جي ايم سيد جي نظريي کي اڳتي وٺي ويندڙ، محترم عبدالواحد آريسر صاحب کان پوءِ، ڪي ڪي ماڻهو، هن وقت پنهنجن سڄڻن ۽ ساٿين جي پُٺن ۾ ڇُرا گھونپي رهيا آهن، ته انهن جو فقط افسوس ئي ڪري سگھجي ٿو. نه ته شيخ اياز چيو هو: “اڄ هڪ هزارين ٿي ويو آ، ڪنهن وقت ڪروڙين دانهيندا ۽ سارو سچ چئي ڏيندا، اهڙو ساهس ساهيندا، اي آزادي! اي آزادي!”. ان کان اڳ جو آئون لفظن جي پوري کاڻ کوٽيان، پنهنجي قلم کي هتي ئي ٺپيان ٿو ۽ آخري الفاظ اُچاريان ٿو: “هي اهو ديس آهي، جنهن ۾ مکيون، ڪوريئڙن جي وڏي ڄمار لاءِ دعائون گھرنديون آهن. جتي رڍون، پنهنجي خدمت خاطر بگھڙن جي چونڊ ڪنديون آهن ۽ جتي آزاد پکيئڙا، فضائن ۾ اڏرڻ بجاءِ، پڃري ۾ رهڻ وڌيڪ پسند ڪندا آهن ۽ پوءِ مطالبن جي مڃتا لاءِ، سڄي عمر احتجاج ڪندا رهندا آهن”. “ڪَھِ نه سَڪي تُو اَپنِي ڪھانِي، تيرِي ڀِي پَنڇِي! ڪِيا زندگانِي ري!؟ جِس ني تيرِي ڪَٿا لکِي، آنسُو ۾ قلم ڊُبوئي...تيرا درد نه جاني ڪوئي، پِنجري ڪي پَنڇِي ري! تيرا درد نه جاني ڪوئي...!!!”. ٿينڪس ڊيلي سوڀ خميس ۱۷ جنوري ۲۰۱۹ ع جي ايم سيد منصورن کان مٿي جنھن جي رام ڪھاڻي آ عامر خان مھيسر ويچاريون ته سنسار جي سيني مٿان بيشمار انسان آيا ۽ پنھنجو وارو وڄائي ھليا ويا اڄ تائين اھو سلسلو جاري آھي. ڪي اچڻ جي تياري ڪري رھيا آھن ۽ ڪي وڃڻ جي ويجھو آھن، ڪن مختصر جيون گھاريو ۽ ڪن ڊگھي ڄمار ماڻي، ڪن پاڻ کان پري ڏٺو ئي ڪين ۽ ڪن رڳو پري ڏٺو ۽ پاڻ ڏانھن ڏٺو ئي ڪين، ڪن ذاتي مفادن کي عزيز سمجھيو ۽ ڪن اجتمائي مفادن لاء پاڻ پتوڙيندي پنھنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي. انھن سڀني انسانن کي ياد ڪرڻ ته ممڪن ڪين آھي پر ياد ھميشه اھڙن انسانن کي رکيو ويندو آھي جن جي سوچ ۽ عمل اجتمائي ۽ مسبت ھوندو آھي سونھاري سنڌ ته اھڙن امر انسانن کي جنم ڏنو آھي جن پنھنجي پنھنجي شعبن ۾ رھندي گھڻن پنھنجي ڪرت سان نڀايو آھي پوء ڀلين کڻي اھي عالم، اديب ھجن يا شاعر مانجھي مرد ھجن يا جوڌا جوان ھجن يا سونھاري سنڌ مٿان پنھنجي جند گھوريندڙ عاشق ھجن. اھڙن ئي عاشقن ۾ مٿانھون نالو سائين جي ايم سيد جو آھي. جنھن ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع ۾ شھر سن ۾ سيد محمد شاھ جي گھر ۾ جنم ورتو ۽ سندس ڇٺيءَ جو نالو غلام مرتضيٰ شاھ رکيو ويو. ننڍي ھوندي ئي حسين ۽ ذھين ٻين ٻارڙن کان مختلف سندس لاڙو علم ڏانھن ڏسندي سندن والد کين ۱ جولاء ۱۹۱۰ ۾ پنھنجي ئي شھر سن جي سنڌي پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو جتي رڳو ڇھن درجن تائين پڙھايو ويندو ھو سائين جي ايم سيد محنت سان شفيق استادن جي نگرانيء ۾ ڇھ درجا پاس ڪرڻ کان پوء ۱۹۱۵ ۾ عربي، فارسي محترم قاضي محمد ھاشم ميمڻ کان ۽ انگريزي ماستر حامد علي ھالائي کان پرائي پاڻ ۱۶ سالن جي ننڍڙي ڄمار ۾ سياست ۾ پير پاتائون. ۱۹۲۵ع ۾ سائين جي ايم سيد لوڪل بورڊ تعلقي مانجھند جو صدر ۽ لوڪل بورڊ ڪراچي جو نائب صدر چونڊجڻ کان پوء پاڻ جيڪي سماجي ڪم ڪرايائون سي سڀ قابل تعريف ۽ سنڌ واسين جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اھم ڪردار آدا ڪن ٿا ساڳئي وقت سائين جي ايم سيد جو سنڌ سونھاري سان عشق جو اظھار به ڪن ٿا. پاڻ سنڌ ھاري ڪاميٽي قائم ڪئي جيئن سنڌ جو غريب ھاري پنھنجي پيرن تي بيھندي پنھنجي ڪٽنب کي خوشحال بڻائي سگھي. سندس ٻيو اھم ڪم اھو ھو ته ان دور ۾ ڪراچي ۾ ڪيترن ئي خاندانن جي گذر سفر واري ڪرت ماھي گيري مڇي مارڻ واري ھئي جنھن ڪري پاڻ ڪراچي ۾ مالدار ميربحر ايسوسيئيشن جو بنياد وڌو جيئن ماھي گيرن کي مانائتي زندگي گذارڻ جا موقعا ميسر ٿي سگھن سندن ٽيون اھم ڪم ڳوٺاڻي عورتن جي ڀلائي لاء ھڪ جمائت ٺاھي جنھن جي سپرد ڪيل مقصدن ۾ عورتاڻي تعليم ھٿ جو پورھيو ويم جون سھولتون ۽ ٻارڙن پالنا بھتر نموني ڪرڻ شامل ھئا. ۱۹۲۸ع ۾ سنڌ جي آزادي جي تحريڪ ھئي ته کيس بمبئي کان جدا ڪيو وڃي. تحريڪ سنڌ جي حوالي سان ھجي ۽ عاشق اڳتي نه اچي ائين ٿي نه ٿو سگھي ان ئي تحريڪ ۾ سائين جي ايم سيد تحريري تقريري مطلب ته ھر موڙ ھر موقعي تي ڀرپور ڪردار ادا ڪيو جيڪو وساري نه ٿو سگھجي ۽ اھڙي جدوجھد جي ڪري اپريل ۱۹۳۶ع ۾ سنڌ کي بمبئي کان آزاد ڪيو ويو. ۽ مٿان وري ۱۹۳۷ع ۾ سنڌ اتحاد پارٽي جي پليٽ فارم تان چونڊون وڙھيون ۽ بعد ۱۹۳۸ع ۾ مسلم ليگ ۾ شامل ٿيا ۽ ۳ مارچ ۱۹۴۳ع تي سنڌ اسيمبلي ۾ ”پاڪستان“ جي قيام واري تاريخي قرارداد پيش ڪري پاس ڪرائي جنھن ۾ سنڌ کي ھڪ خودمختيار رياست طور رکڻ جي رٿ ڏنل ھئي جنھن کي پائي تڪميل پھچائڻ لاء سائين جي ايم سيد ھر ممڪن ۽ ھر موقعي مھل تي ڪوشش جاري رکي. ايتري ۾ پاڪستان وجود ۾ اچي ويو. پاڪستان ٺھڻ کان پوء سنڌ جي عاشقي عيوض ھن ھر ظلم ۽ ڏاڍ جي ڀرپور مذمت ڪئي. پوء ڀلي ڪراچي کي مرڪز حوالي ڪرڻ ھجي يا ون يونٽ جون ڳالھيون يا وري ايوب خان جي مارشلا، مذمت دوران تڪليفين پريشانين کي به مسڪرائيندي مُنھ ڏنو پر سنڌ جي عاشقي تان ھٿ نه کنيو. مذمت دوران آيل تڪليفون ته سيد جي عزم کي وڌيڪ پختو ڪنديون رھيون جنھن جي نتيجي ۾ ۳،۴ مارچ ۱۹۷۲ع تي سنڌو ديش جي جدوجھد شروع ڪئي وئي جنھن جو بنياد سيڪيولر، ڊيموڪريٽڪ، سوشلسٽ ۽ نيشنلسٽ جھڙن اھم نقعتن تي رکيو ويو. ۱۹۹۲ع تي نشترپارڪ ڪراچي ۾ جلسو منعقد ڪرايو ويو جنھن ۾ سيد جي ۸۹ ھين سالگرھ ملھائي وئي. جنھن سيد تاريخي سپاس نامو پيش ڪندي نيو ورلڊ آرڊر جي روشني ۾ سنڌ جي آزادي جو ڪيس وضاحت سان پيش ڪيو جنھن جي نتيجي ۾ سيد کي وقفي وقفي سان جيل ۽ نظربنديء جون سزائون به ڏنيون ويون عدم تشدد جي قائل سنڌ جي ھن عاشق ۳۲ سال ۱۰ مھينا ۲۱ ڏينھن تڪليفون برداشت ڪندي آخري گھڙي تائين امن، اتحاد، ڀائيچاري، عزت، احترام، ترقي، خوشحالي جھڙا سبق ڏيندي سنڌ سان لاتل ننڍپڻ واري نيھن کي نڀائيندي پنھنجي اصولن ۽ نظريي جي پختدگيء سان پابندواري ڪندي ۲۵ اپريل ۱۹۹۵ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي ۽ کين پنھنجي جنم ڀومي سن ۾ رکيو ويو جنھن لاء ڪنھن شاعر چيو آھي ته ”ھن شھر جي گھٽين ۾ ڪا ئي انوکي خوشبوءِ ڦھليل آھي پورھئي واري پگھر جي سنڌ سان عشق جي جذبي جي سنڌ جي آزادي واري جاکوڙ جي ۽ ان قبر جي مٽيء جي جنھن ۾ آزادي جو آسودو خواب ستل آھي ۽ اھو شھر ”سن“ آھي جي ايم سيد سَنِهِيءَ سُئِيءَ سِبِيو، مُون مارُوءَ سين ساهُه‘ ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جي ايم سيد (غلام مرتضيٰ شاهه) ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع تي ضلعي دادوءَ جي ننڍڙي ڳوٺ سَن ۾ جنم ورتو. سيد صاحب جي والد محمد شاهه کي جڏهن سائين سال جو هو ته خانداني دشمنيءَ سبب شهيد ڪيو ويو ۽ يارهن مهينن بعد سندس وڏو ڀاءُ سيد احمد شاهه پڻ وفات ڪري ويو ۽ ايئن هو گهر جو اڪيلو نرينو اولاد هيو. سندس ابتدائي تعليم سن ۾ رهي. هن جي استادن ۾ ڌرمداس، ماستر ريوا چند ۽ ماستر وسڻمل هئا. قرآن پاڪ مولوي محمد صالح سيال ۽ آخوند محبوب ميمڻ وٽ، انگريزي تعليم گهر ۾ استاد حامد علي هالائيءَ کان ورتائين. ۱۶ سالن جي عمر ۾ هن سياست جي ميدان ۾ پير پاتو. لاڙڪاڻي واري خلافت ڪانفرنس جي ميڙ ۾ ۱۹۲۰ع ۾ شريڪ ٿيو. ان کانپوءِ مٽياريءَ جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪيائين. ۱۹۲۵ع ۾ تعلقي لوڪل بورڊ مانجهند جو ميمبر ۽ پوءِ اڳيان هلي پريزيڊنٽ چونڊيو ويو. شاهه صاحب ۱۹۳۰ع ۾ ”هاري ڪاميٽي“ ميرپورخاص ۾ قائم ڪرڻ ۾ پنهنجي دوستن سان گڏ هو. هن سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاد ڪرڻ جي لاءِ تحريڪ جو پورو ساٿ ڏنو. ۱۹۳۷ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊاڻو. قائداعظم کين مسلم ليگ کي منظم ڪرڻ جو ڪم سونپيو، جنهن ۾ وڏي محنت ڪري ميمبرشپ ۾ گهڻو واڌارو آندائون. پر ۱۹۴۶ع ۾ کين مسلم ليگ طرفان ٽڪيٽ نه ڏني وئي، ان کان پوءِ پاڪستان ٺهڻ بعد ون يونٽ لڳڻ، ۱۹۵۸ع جي ايوبي مارشل لا ۽ ٻين ڪيترن واقعن بعد دلبرداشته ٿي کين سنڌ جي حقن لاءِ الڳ جماعت ٺاهڻي پيئي. ۱۸ جُون ۱۹۷۲ع تي هن حيدر منزل تي ”جيئي سنڌ محاذ“ نالي نئين پارٽيءَ جو بنياد وڌو. سائين جي ايم سيد سنڌ جي انهن معتبر ماڻهن ۾ شمار ٿئي ٿو، جن حقيقي معنيٰ ۾ سنڌ لاءِ ڪجهه ڪيو ۽ نئين سنڌ کي قومي سڃاڻپ سان اڏڻ جي خواب کي ساڀيان ڏيڻ لاءِ انيڪ ڪوششون عمل ۾ آنديون. هو سنڌ جو معمار هو، جنهن سنڌ يونيورسٽي قائم ڪرائي، سنڌي ادبي بورڊ ٺهرايو ۽ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز قائم ڪيو. سندس ڪتاب ”پيغام لطيف“، سنڌي قوم لاءِ، سنڌ کي قومي تشخص ڏيڻ لاءِ هڪ بنيادي ڪوشش آهي، جنهن ۾ هن لطيفي فن ۽ فروغ لاءِ پڻ جيڪي ڇهه نقطا ڏسيا آهن، سي قوم جي مفڪر طرفان سنڌ جي عملي، ادبي، سياسي ۽ سماجي تاريخ ۾ اهميت جوڳا ثابت ٿيندا. سيد صاحب پوريءَ دنيا ۾ ڪيترائي ملڪ گهميا، جيئن فرانس، ترڪي، چين، جرمني، برطانيه، روس، اسڪاٽ لينڊ، سئزرلينڊ ۽ ڪيترن ملڪن جي عالمن اديبن ۽ سياستدانن سان سندن گڏجاڻيون ٿيون. اهڙيءَ ريت سنڌ جي هن قومي اڳواڻ جو ذهن روشن خيال ۽ ترقيءَ ڏي وڌندڙ هو، کيس دنياوي سياست، تاريخ، تمدن ۽ تهذيبن جي مڪمل ڄاڻ هئي. سندس مطالعو وسيع هيو. هن اصولن کي هميشه اهميت ڏني ۽ ڪڏهن نه جهڪيو. جمال ابڙو لکي ٿو ته، ”سائين جي ايم سيد جهڙو پختو سياستدان مون نه ڏٺو، ڀلي زمين آسمان هيٺ مٿي ٿي وڃي، سائين جي ايم ذور به نه هٽندو هو. سڄيءَ سنڌ ۾ نعرو ٿي گونجيو ’سنڌ جو سائين، جيئي سدائين‘.“ سائين جي ايم سيد کي سنڌ جي حقن جو هميشه اونو هوندو هو. پاڻ سياسي پليٽ فارم تان پاڪستان جي حمايت جي تحريڪ هلايائين پر حڪومت مان پٺڀرائيءَ جي بجاءِ کين جيلن ۾ نظربند ڪيو ويو. مختلف دورن ۾ کين تقريباً ۳۰ سال گهر ۾ يا جيل ۾ نظربنديءَ جي حالت ۾ رکيو ويو. انهيءَ سبب ڪري ئي ۱۹۷۲ع ۾ هن آزاديءَ جو نعرو هڻي سنڌ جي حقن لاءِ الڳ پليٽ فارم قائم ڪيو. هڪ تاريخ ساز شخصيت ۽ سياسي رهنما هئڻ سان گڏ سائين جي ايم سيد سنڌي ادب جي حوالي سان هڪ وڏي وٿ قرار ڏنو ويو آهي. هو هڪ عالم، اديب ۽ محقق هو. هن پنجاهه کن ڪتاب لکيا ۽ سندس سوانح ۽ شخصي خوبين تي ڪئين ڪتاب لکجي چڪا آهن. سيد صاحب جي ڪتابن ۾ ”نئين سنڌ لاءِ جدوجهد“، ”پيغام لطيف“، ”جيئن ڏنو آهه مون“، ”جديد سياست جا نورتن“، ”سنڌ جا سورما“، ”موجوده سياسي مسئلا“، ”جنب گذاريم جن سين“، (ٻه ڀاڱا) ”رهاڻ“، (ميران محمد شاهه جا خط) ”شاهه لطيف جون ڪافيون“، ”ساهڙ جا سينگار“، ”علامه آءِ آءِ قاضي جا خط“، ”ديارِ دل ۽ داستان محبت“، ”پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني“، ”چونڊ ادبي مضمون“، ”اڄ پڻ چڪيم چاڪ“، ”واڄٽ ويراڳين جا“، ”سنڌوءَ جي ساڃاهه“ (ٻه جلد) ۽ ٻيا ڪتاب آهن. سائين جي ايم سيد جا لکيل ڪتاب سندن تحريرون، تقريرون، مضمون ۽ مقالا، سنڌي قوم لاءِ، ٻولي ۽ ادب لاءِ هڪ اثاثو آهن. سائين جي ايم سيد سنڌي قوم کي پنهنجي تحريرن معرفت وطن دوستيءَ جو، سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ جو، صداقت ۽ محبت جو سبق ڏنو. سندن حوصلا بلند ڪيا، کين اٿاهه مايوسين ۽ نااميدين جي ڪُنن مان ڪڍيو. اديبن ۽ ادبي سنگت کي ڪم ڪرڻ لاءِ شوق پيدا ڪيو. ماڻهن ۾ اتحاد، ٻڌي ۽ محبت جي جذبي جا سبق ڏنا ته کين غفلت ۽ گمراهيءَ مان ڪڍڻ جا جتن ڪيا. هو شاهه جو وڏو شيدائي هيو، شاهه جي شاعريءَ معرفت هُن سندس پيغام کي ماڻهن تائين منفرد نموني پهچايو آهي، جنهن ۾ هن سنڌ واسين کي پنهنجي هر شيءِ تي فخر ڪرڻ جي تلقين ڪئي ۽ ساراهيو آهي، کيس معلوم هيو ته جيستائين قوم ۾ خودشناسي ۽ خودداري پيدا نه ٿيندي، تيستائين پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي طاقت پيدا نه ٿيندي. لطيف سائين بابت سندس خيال آهي ته، ”منهنجو اهو پڪو ويساهه آهي ته شاهه عبداللطيف سنڌ جو قومي شاعر آهي شاهه جي ڪلام مان جا نمايان ڳالهه ڏسڻ ۾ ايندي سا سنڌ ڌرتيءَ جي اڪير ۽ محبت آهي، سنڌين جي خانه جنگي، آرام طلبي کيس ڏک ٿي ڏئي ۽ هو کين وڳر ڪري محبت ميٺ سان رهڻ لاءِ وطنيت جا سبق ٿو ڏئي غافل غفلت ڇوڙ جون تنبيهون ٿو ڪري.“ پاڻ شاهه جي ڪلام مان منتخب واين ۽ ڪافين جو مجموعو پڻ ترتيب ڏنائون. اهڙيءَ ريت سندن ادبي ۽ علمي ڪوششون اعليٰ پايي جون آهن. سندن هر تحرير، هر ڪتاب مقصدي ادب آهي. چاهي ”جيئن ڏٺو آهي مون“ هجي يا ”نئين سنڌ لاءِ جدوجهد“، ”سنڌ ڳالهائي ٿي“ هجي يا ”سنڌوءَ جي ساڃاهه.“ هن هر هنڌ پنهنجائپ جو ثبوت ڏنو آهي. سيد صاحب جو حياتيءَ ۾ انيڪ سياستدانن، عالمن، اڪابرن، مفڪرن، اديبن، شاعرن، آفيسرن، وزيرن، اميرن، ملڪ جي سربراهن ۽ ٻين شخصيتن سان واسطو رهيو ۽ انهن مان ڪيترن سان اڪثر خط و ڪتابت پڻ رهي. جنهن مان سندن حياتيءَ جي مختلف رخن تي روشني پوي ٿي. ساڻس سنڌ جون وڏيون شخصيتون واسطي ۾ هيون، جيئن سر شاهنواز ڀٽو، خانبهادر ايوب کهڙو، پير حسام الدين راشدي، ميران محمد شاهه، محمد صديق ميمڻ، ميان امين کوسو ۽ ٻيا ڪيترا اهم ماڻهو هئا. ميان امين کوسي ۽ ميران محمد شاهه سان خط و ڪتابت تي مشتمل ڪتاب رهاڻ ڇپيل آهي. سيد صاحب جي حياتيءَ ۾ خط و ڪتابت جي تحرير کي خاص اهميت هئي. پاڻ پنهنجي نياڻيءَ ڊاڪٽر درِ شهوار کي سندس لنڊن ۽ ڪراچيءَ جي تعليم واري دور ۾ گهڻا خط لکيائون، جن مان ڪجهه خطن جو ڪتاب ”ڏونگر سي ڏورينديون“ جي عنوان سان ڇپيل آهي. ان کان سواءِ سندن ڪتاب، ”جديد سياست جا نورتن“، ۾ جي ايم سيد ۽ پير علي محمد راشديءَ جا خط آهن. هن ڪتاب ۾ راشدي صاحب کين هن ريت مخاطب ڪيو آهي؛ ”منهنجا پيارا سيد، زندگيءَ جو لطف ئي وڃي هليو، جڏهن ان کي ماڻهن جي ٺاهيل قانونن جي تابع بنائجي ٿو. ان کي آزاد ڪرڻ سان ئي جاودان بنائڻو آهي. دستورن جي طابع ڪڏهن به زندگيءَ ۾ موج نه آندي آهي. اهو انقلاب ئي آهي جو ان ۾ دائمي تازگي کي پيدا ڪري ٿو، پاڻ کي انقلاب جي ڪُن ۾ اڇلي ڇڏ، زندگي چرپر جو ٻيو نالو آهي.“ سيد صاحب خود پنهنجي حياتيءَ بابت لکي ٿو؛ ”مون کي جي ڪابه ڳالهه آٿٿ ڏيندڙ رهي هُئي ته اُها هيءَ هُئي ته منهنجي ساري ڪارڪردگي، هر موقعي تي، خود مطلبيءَ، چاهه طلبيءَ، بزدليءَ ۽ خريد ٿي وڃڻ جي آلائشن کان ڪجهه مڙيو ئي پري هئي. سائين جي ايم سيد سالگرهه جي مناسبت سان - ڌرتيءَ سان ڌرتيءَ جيڏو وشال عشق ڪندڙ همير چانڊيو ڌرتيءَ جي صدين جي تاريخ ۾ رڳو وحشتون ئي وحشتون آهن، حمله آورن جي گھوڙن جون هڻڪارون ۽ ڌرتيءَ ڌڻين جون هڪلون ۽ دانهون، تاريخ جي خوني ڳلين ۾ چٽيءَ طرح نقش ٿيل آهن، سنڌ ڌرتي، جيڪا آڪاش جيڏي وشال تاريخ رکي ٿي، جنهن جي پيٽ ۾ انساني عظمتن جي اعليٰ تهذيب دفن ٿيل آهي، جيڪا جُڙيل ته مٽيءَ جي آهي، پر ان تي جڙاءُ فن جي مثالي جوهريءَ جهڙو آهي، هيل تائين ڌرتيءَ جي گود مان جيڪا تهذيب هٿ آئي آهي، ان فن جي ماهرن کي ته موهيو آهي ئي! پر ڏسندڙن کي به ڏندين آڱريون ڏياري ڇڏيون آهن. موهن دڙي جي لکت ته اڃا تائين پوري ڪوبه ناهي پڙهي سگھيو، پر سنڌ جي واهن ۽ وستين ۾ وکريل تاريخ جي پروڙ به اڃا تائين درست نموني نه پئجي سگھي آهي. اسان ايستائين ڌرتيءَ تي گھمندڙ ڦرندڙ بس انسان هئاسين، جن جي قوميت جي مُنڍ جي تاريخ جا ڦرها ڦاٽل هئا، ڪٿي ڪاڇو ته ڪاڏي ڪارونجهر، بس هئاسين واءُ ۾ خوشبوءِ وانگر وکريل وکريل...! ان وکريل واءُ جي خوشبوءِ کي کٿوريءَ مشڪ مثل ماڻهو (سائين جي ايم سيد) جوڙي گھڙي، اهڙي سنڌيت جي شاهاڪار تصوير ٺاهي، جنهن تخليق جا ٿڪ ئي لاهي ڇڏيا. اها سنڌيت جي تصوير تاريخ جي فريم ۾ اهڙي ته مانائتي نموني سان فٽ ٿي، جو زندگي هزارين پردن باوجود چٽي پٽي ڏسڻ ۾ آئي. سنڌيت جي ايڏي اعليٰ صورت تي هُو فطرت وانگر پاڻ ئي موهت ٿي پيو ۽ اُن سان عشق ڪري ويٺو. هن وحدت الوجودي ۽ ديش ڀڳت انسان ڌرتيءَ کي دائمي سمجهي اُن جو عشق جاڳائڻ لاءِ ڌرتي ڌڻين کي وطن دوستيءَ جا گيت ٻڌائڻ شروع ڪيا.هن ڌرتي ڌڻين کي ٻڌايو ته اوهان رت پُونءِ جا پتلا ناهيو، نه ئي ڪي ڌرتي ڌڪاريل نسل آهيو، جن تاريخ جي ٽٽل تختي تي وڏين مسافتن کان پوءِ ڌرتيءَ جي گولي تي رهڻ لاءِ زمين جو ڪو ٽڪرو هٿ ڪيو آهي، هيءَ ڌرتي اوهان جي وجود جي خالق آهي ۽ اوهان هن جا مالڪ آهيو. ڪوبه فاشي نسل يا آمر توهان تي پنهنجي گھوڙن جي گجگوڙن سان هٿيارن جي زور تي قابض ٿي توهان جي سڃاڻپ کي ميساري نه ٿو سگهي. هي ڌرتيءَ جو عاشق پنهنجي ماروئڙن جي محبت ۾ ڪاپڙي جوڳيءَ وانگر پوري سنڌ نگر ۾ نڪري پيو، ڪارونجهر جي چوٽيءَ تي چڙهي، روپلي جي ڌرتيءَ سان عشق جا قصا بيان ڪندي ، ان جي ونيءَ جا روپلي ڏي موڪليل سنيها، سنڌ جي ماڻهن کي ٻڌايا ته متان ماتِ کائي موٽئين ۽ منهجون سهيليون ويڻ ڏين ته روپلو ڌرتيءَ جي ويرين سان نه وڙهي سگھيو، آئون توکي ڏينهنِ قيام به بخش نه ڪيان. ان وقت شاهه لطيف جي بيت جو حوالو ڏيندي سنڌ جي ونيءَ جو ڳاٽ ڪارونجهر جي چوٽيءَ سان ٿي لڳو ”مَرُ مَرين آءُ روئان، موٽي آءُ مَ ڪانڌ“ ڌرتي ڌڻين کي تاريخي ڪردارن ۽ پنهنجي قومي هيرن جا اهڙا قصا ٻڌائيندي هُو الستي انسان سنڌ جي تخت گاهه اروڙ اچي ٿو ته اُتي ڏاهر جي تخت گاهه کي چُمي ڏيندي آب ديده ٿي وڃي ٿو ۽ ان گھڙيءَ سمنڊ جهڙي گهري سوچ ۾ پئجي وڃي ٿو ۽ پنهنجا هٿ ڀڪوڙي تقدير جي ڪتبي کي غور سان پڙهندي انڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻي ٿو، اُتي هن کان بي ساخته لفظ نڪري وڃن ٿا ته هل! عقيدن جا لباس اوڙهي ڪيئن جابر شرافت ۽ امن کي پيرن ۾ ڇيريون پارائي ناچڻيءَ وانگر نچائن ٿا، هُو اياز جي هن شعر جون سِٽون جھونگاريندي ڇرڪ ڀري ٿو: آڌيءَ رات اروڙ، سوچيو ٿڌو ساهه ڀري، موڳا هاڻي موڙِ، پنهنجي واڳ وجود جي. اروڙ جي تخت گاهه تي هي هڪڙو حوصلو کڻي نڪري ٿو ته هاڻي هن وکريل قوم کي جيئڻ جو حوصلو ڏبو ۽ هن کي وري اهو ئي خود مختيار ۽ آزاد قوم وارو وڃايل تشخص واپس ڏياربو، هن ڌرتيءَ جي وڏي واڪي وارثيءَ جو هوڪو ڏئي، ڌرتيءَ دشمن قوتن کي بي چين ڪري وڌو. ڌرتيءَ سان محبت جي ڳالهه، انهن ذهنن کي ڪيئن وڻندي؟ جن جو ڪم مخصوص عقيدي سبب قومن جي وجود کان ئي انڪار آهي، پوءِ هڪ طرف هن عظيم انسان کي سوگهو ڪرڻ لاءِ قيد جي شڪل ۾ ڏانوڻ تيار ڪيا ويا ۽ ٻئي طرف مخصوص ۽ محدود سوچ جي مالڪن باغي ۽ ڪفر جون فتوائون به پنهنجي جڳاڙي مُلائيت جي معرفت ڏياريون، پر سيد سموريون تهمتون سِر تي رکي هماليا جيڏو حوصلو کڻي سنڌوءَ جي پوتر جل جيان پنهنجي ڪردار ۾ پاڪائي رکندي اڳتي وڌندو رهيو. قومن جي پيدائشي حقن جون مخالف قوتون لرزي ويون، انهن قومي تحريڪن جي اندر ۽ نام نهاد جمهوريت پسندن کي خريد ڪري سياست کي وئيشا جو پيشو بڻائي ڇڏيو، پوءِ نام نهاد جمهوريت پسندن ۽ قومي تحريڪ جي اندر گھريل ڪجهه جعلي قومپرستن ملي ڪري سازشون شروع ڪري ڏنيون، پر سيد جي باڪردار هجڻ ۽ لازوال خوبين سبب، انهن قوتن کي پنهنجون شرارتون ڪامياب ٿيندي نظر نه آيون، ڇوته سيد سياست جي انهن اعليٰ آدرشن جو سنڌ اندر تخليقڪار هو، جنهن سان نسلن جي آبياري ٿيندي آهي. سيد انساني وجودن کي ڌرتيءَ سواءِ بي معنيٰ سمجهيو ۽ وجودن کي ڪارائتو قرار ڏيڻ لاءِ انهن کي ڌرتيءَ جي تحريڪ سان ڳنڍي ماڻهن کي تاريخ ۾ زندهه رهڻ جو هنر سيکاريو، ان سان گڏ اهو به آرٽ سيکاريو ته تحريڪن اندر ٿيندڙ سازشن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ ڪردار جي پاڪائي ۽ استقامت جو هجڻ انتهائي لازمي آهي. هن پنهنجي اڪثر ڪتابن ۾ قومي تحريڪ جي ڪارڪن ۽ سنڌي قوم کي سياست ۾ باڪردار هجڻ تي زور ڏنو آهي، ڇوته هُو تاريخ جو گهرو ادراڪ رکندي ڪردار جي اهميت کي سمجهي پيو، سماج ۽ قومي تحريڪ لاءِ اهوئي ماڻهو ڪارآمد آهي، جيڪو زندگيءَ کي وطن لاءِ وقف ڪري ۽ قومي غيرت تي موت وانگر اڻٽر رهي غلاميءَ کان نفرت ڪندو رهي. سيد جو فڪر مُندائتي مينهن جيان ڌرتيءَ تي وڏ ڦڙي جيان وسندو رهيو، جنهن سان پوري ڌرتيءَ جو ادب ڌوپجي اجرو ٿي پيو. ادب جي افساني، شعر ۽ نثر ۾ ڌرتيءَ جي کيتن جي خوشبوءِ، سنڌوءَ جل ۽ موهن جي تهذيب جا شهپارا سرجڻ لڳا، سنڌي ادب کي تخليق جو اهڙو جهان مليو، جنهن ۾ فن جا واهڙ وهڻ لڳا، امر گيتن جي گونجار، ڌرتيءَ ۾ هڪ ولولو ۽ جنبش پيدا ڪئي، اهڙين لکڻين سان ڪيئي بت ڪده لرزي ويا ۽ سنڌي ادب بين القوامي معيار جي معراج تي رسيو. ادب جي اهڙي اوج کي سن جي سيد جي فڪر سبب بي پناهه طاقت ملي. سنڌ جي وستي وستي، واهڻ واهڻ ۾ هڪڙي ئي جهونگار هئي ته ڌرتي دين ڌرم ۽ ازلي سُونهن آهي، هر سٽ ۽ بند ۾ سنڌ جي سرزمين جي عشق ۾ قلم رقص ڪرڻ لڳو ۽ انهن جي اکر اکر ۾ پنهنجي مٽيءَ سان پيار جي خوشبوءِ ۽ ڌرتي دشمنن لاءِ ڌڪار هيو. اهڙي عظيم وطن پرستي تبديليءَ جو بنيادي محرڪ سن جو سيد هو، جنهن جي فڪر جي ڇاپ سنڌي ادب ۽ فن ۾ جان وجھي ڇڏي، ڌرتيءَ جي سرموڙ شاعر شيخ اياز سڌي ۽ تمثيلي شاعري ڪندي چيو ته: قدم قدم تي هجومِ رندان، نظر نظر ۾ شراب خانا. ڪري ويو ڪير بارشِ مئي، خُمار آلود ٿيا زمانا. سن جي سيد جي فڪر جي اها تيز بارش هئي، جنهن وستي وستي ۾ پنهنجي فڪر جا پياڪ پيدا ڪيا، هر طرف هجوم ئي هجوم هيا، وطن دوستيءَ جي ريشم ڌاڳي ۾ پوئجڻ لڳا، اهو سيد جو ئي فڪر هو، جنهن زمانن تي کيپ چاڙهي ڇڏيا ۽ ايندڙ زمانا هن جي فڪر جي گھاٽي ڇانوري ۾، نٽهڻ اُس ۾ جلندڙ جسم پنهنجي وجودن کي سڙڻ کان بچائي سگھندا. سيد جي فڪر جي مئڪدي مان جنهن به سُرڪي ڀري، اهو انساني آزاديءَ جو متوالو بڻجي ويو ۽ ڌرتيءَ کي ڌرمن کان مقدس ڀانئين ان جي خوشحالي ۽ آجپي لاءِ پنهنجو جيون ارپي ڇڏيو ۽ انهن پنهنجون پوريون حياتيون، ان هرڻ جي مثل گذاريون، جنهن کي پنهنجي ناف جي خوشبوءِ هميشه سرگردان رکيو. سن جي مئڪدي جا پياڪ ڌرتيءَ جي عشق ۾ وڏي عرصي کان بدترين عتاب جو شڪار آهن، ڪيئي گھوٽ گھائجي پنهنجي ڌرتيءَ جي سينڌ سنواري ويا آهن. حالتن جو گرڙ پکي، انهن کي ڳڙڪائي رهيو آهي، هڪ وحشت جو خوف برپا ٿيل آهي. تنظيمي ڍانچو ٽائيٽينڪ جي ٻيڙي وانگر پرزا پرزا ٿيل آهي، جنهن جو ڳنڍجڻ ايندڙ ٿوري وقت ۾ مشڪل پيو لڳي، اڃا به وحشون وڌنديون ۽ خوف پوري قوت سان نروار ٿي بيهندو. حالتن جي اهڙي سنگينيءَ ۾ ڌرتيءَ جي باشعور طبقي کي ٻه وکون اڳتي اچي پنهنجي قومي حقن جو ڪينرو وڄائي سُرندي ۾ ساهه وجهي، ان الستي عاشق جي پروانن کي ناحق خون ٿيڻ کان بچائي، پر موجوده حالتن اندر سن جي فڪري چشمي جي ڄمي وڃڻ ڪري ادب ۽ شعور حالتن جي ڇير پائي پنهنجي ذات لاءِ نچي رهيو آهي، سنڌ ڌرتيءَ جو اديب وقت جي ”سردار“ جي درٻار جو دربان بڻيل آهي، جنهن کي پنهنجي ماتر ڀوميءَ تي ٿيندڙ ناحق نظر نه پيو اچي. وقت جي حاڪمن کان مراعتون وٺڻ نه صرف ڌرتيءَ ڌڻين جي توهين آهي، پر ان سان گڏ خود ادب جو مذاق اڏائڻ برابر آهي، جيئن عبدالرحيم گرهوڙي چيو آهي ته: متان کائين کچڻي، حاڪمن هنڌان، رڌي هوندئون رت مان، ماري مسڪينان. ادبي تخليق جڏهن فڪري ڌاران کان ٽٽي ٿي، ان ۾ سواءِ لفاظيءَ جي باقي ڇسي هوندي آهي، سيد، جنهن سنڌ کي دريافت ڪيو ۽ ان کي ڇنڊي ڦوڪي پوري عالم ۾ سندس سڃاڻپ پرامن ۽ مهذب خطي طور ڪرائي، اڄ اها ڌرتي گھڻ طرفي بحرانن جو شڪار بڻيل آهي، جتي مذهبي انتهاپسندي ۽ رجعت پسندي هڪ منصوبا بنديءَ سان سنڌي قوم جي نَسُنِ ۾ شامل ٿي رهي آهي ۽ اهڙو خيال سيد پنهنجي سياسي تدبر سان ايندڙ وقت جي پيشنگوئي ڪري ”ويانا“ ڪانفرنس ۾ اظهاريو هو، جنهن ۾ هُن چيو هو ته جيڪڏهن هن رياست اندر سيڪيولر، روشن خيال، عوام دوست ۽ قومپرست رجحانن کي هٿي نه ملي ته ايندڙ وقت ۾ رجعت پرستي ۽ مذهبي انتها پسندي ناقابل تلافي نقصان رسائيندي. موجوده حالتن ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته مذهبن اندر شدت پسندي انسانيت ۽ قوميت لاءِ ڪيڏي هاڃيڪار آهي، هي به تاريخ جو سچ آهي ته جيڪا به رياست مذهبي انتها پسنديءَ کي قومن خلاف هٿيار طور استمعال ڪندي، اها پنهنجي ۽ عالمِ انسانن کي تباهيءَ کان سواءِ ڪجهه به نه ڏيندي. جي ايم سيد هڪ صوفي هڪ باغي حسن مجتبيٰ پاڪستان ۾ شايد هو اڪيلو ئي پوڙهو شخص هيو جنهن جا سچا عاشق اڪثر ڪري نوجوان هيا. غلام مرتضيٰ شاه بالمعروف جي ايم سيد جيڪو هر وقت سچل سرمست جي هن سٽ “ سچو! عشق ٻڍا نه ٿيوي، پانوين چٽڙي ٿي وڃي ڏاڙهي” جي جيئري جاڳندي تصوير ٿي رهيو۔ اڄ سنڌ ۾ ڪيترائي سنڌي قومپرست ۽ نوجوان سنڌو درياه جي هن پار هڪ ننڍڙي شهر “ سن ” جي طرف راهي آهن، جت جي ايم سيد هڪ کليل ڪتاب جي شڪل واري سنگمرمر جي قبر جي هيٺان دفن آهي. ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ تي سن ۾ پئدا ٿيڻ واري جي ايم سيد کي جڏهن ۲۵ اپريل ۱۹۹۵ تي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪرڻ لاءِ نيو پئي ويو ته ان جي مڙهه سان گڏ قرآن، گيتا، انجيل، توريت ۽ شاه جو رسالو به گڏ سفر ڪندو رهيو. جي ايم سيد شايد پاڪستان ۾ اهو پهريون سياستدان هيو، جنهن پنهنجي لکڻين ۽ تقريرن جي ذريعي ڪيترا سال اڳ ئي مذهبي انتها پسندي جي خطرن کان ملڪ ۽ هن خطي کي آگاهه ڪري ڇڏيو هو. جي ايم سيد اهو پهريون سياستدان به هيو جنهن سرد جنگ جي خاتمي کان اڳ ئي چيو هو ته سرمائيدارانه ۽ اشتراڪي بلاڪن ۾ ورهايل دنيا جي قطع نظر روحاني ملڪن جي گروهن جو به هڪ بلاڪ هجڻ کپي. مراد ته جنگ جي خاتمي تي هُنَ عالمي امن جي خاطر اقوام متحده جي نئين سري سان جوڙجڪ جي ڳالهه ڪئي هئي. اها ڳالهه هن ۱۹۹۲ ۾ نشتر پارڪ ڪراچي ۾ پنهنجي سالگره جي جلسي جي دوران چئي هئي، جنهن کانپوءِ جلد ئي کيس گرفتار ڪري گهر ۾ نظربند ڪيو ويو. نوازشريف جي دور ۾ شروع ٿيڻ واري اها نظربندي بينظير ڀٽو جي ٻئي ڀيري واري حڪومت جي مئي ۱۹۹۵ ۾ سندس وفات تائين برقرار رهي. سيد، شايد غفار خان کانپوءِ هن ملڪ جو سڀ کان سينيئر “غدار” هيو. پاڪستاني حڪومتن جي هر دور ۾ پاڪستان کي ختم ڪرڻ جي الزام ۾ قيد ۽ نظربند رهيو، پر سندس ۲۸ سالن جي قيد ۽ نظربندي جي دوران ڪڏهن به ۽ ڪنهن به عدالت ۾ کيس پيش نه ڪيو ويو. هڪ اهڙو الزام جنهنکي هو خوشيءَ سان قبول ڪندو رهيو. بينظير ڀٽو جي دور حڪومت ۾ سيد جي خلاف بغاوت جو مقدمو هلايو ويو، انسداد دهشتگريءَ جو جج نجي پيغام موڪليندو رهيو ته هو مهرباني ڪري عدالت ۾ پيش نه ٿئي، ڇاڪاڻ ته هو سندس اعتراف جرم جي صورت ۾ هن کي سزا ڏيڻ جو گنهگار نٿو ٿي سگهي ۔ ڪراچيءَ ۾ پنهنجي رهائشگاه حيدر منزل تي هو حاضريءَ واري ڏينهن عدالت وڃڻ لاءِ تيار ٿي ويهندو هو، پر ڪڏهن به کيس پوليس وٺڻ لاءِ نه پهتي. هو پنهنجي خلاف الزامن تي فارسيءَ جو مشهور بيت پڙهندو هو، جنهن جو ترجمو هي آهي ته؛ “ وڏي پيهه لڳل آهي، هو مونکي قتل ڪرڻ لئه وٺي وڃي رهيا آهن، منهنجا محبوب تون به ڇت تي اچي ڏس، ڇا ته نظارو آهي” جي ايم سيد بنيادي طور تي هڪ صوفي هيو، هو سنڌ جي عظيم صوفي مخدوم بلاول جو مريد ۽ هڪ ٻي بزرگ حيدرشاه سنائي جو سجاده نشين پڻ هيو. جي ايم سيد جي ننڍپڻ ۾ ئي سندس والد کي قتل ڪيو ويو هو، جيتوڻيڪ سندس سموري تعليم گهر جي عورتن وٽ يا ڳوٺ جي مڪتب ۾ يا خانگي طور تي مقامي استادن کان ٿي هئي، پوءِ به حاضر جواب، حس مزاح جو مالڪ، مڃيل سياستدان ۽ ڪيترن ڪتابن جو مصنف هيو. سندس ڪتابن مان هڪ ڪتاب “ جيئن ڏٺو آهه مون” مذاهب عالم ۽ انجي تاريخ تي لکيل ڪتاب آهي جيڪو پاڻ ۱۹۶۰ جي ڏهاڪي ۾ لکيو هو، جڏهن ته هن جي هڪ ٻي ڪتاب “ سنڌو ديش ڇ ۽ ڇا لاءِ”( پاڪستان ۾) بندش پيل ڪتابن ۾ آهي. ڪجهه ماڻهن جو خيال هو ته جي ايم سيد ته شايد مسلمان به نه هيو، جڏهن ته هو پنهنجي ڳوٺ جي مسجد ۾ گهڻي عرصي تائين نمازن جي امامت ڪندو رهيو، ۽ جمعي جا خطبه به ڏيندو هو. سندس لئه اهڙي سوچ پئدا ڪرڻ ۾ حڪومتن جو وڏو هٿ رهيو، (پنجاب جي مسجد ۾) هڪ خطبي کي ٻڌي ۱۹۷۶ ۾ گلستان خان نالي هڪ شخص پنهنجي صدريءَ ۾ خنجر لڪائي شيخ اياز ۽ جي ايم سيد کي مارڻ لاءِ ويو هو، ته “هو اسلامي جي دائري کان نڪري ويا آهن ۽ واجب القتل آهن” پر جڏهن هن سيد کي سموري رات جي ڪچهريءَ کانپوءِ اشراق ۽ تهجد پڙهندي ڏٺو ته هن خنجر سامهون ميز تي رکيو ۽ اعتراف ڪيو ته هو ڪهڙي طرح جنت ڪمائڻ نڪتو هو، سيد انکانپوءِ ان شخص جي خلاف عدالت ۾ شاهدي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ... سندس نظر ۾ سياست ٻن قسمن جي هئي، هڪ عملي يعني انتخاب ۽ اقتدار جي سياست ۽ ٻي آدرشي يا نظريات ۽ اصولن جي سياست. سندس نظريات ڪهڙا به هيا، پر پنهنجن انهن آدرشن ۽ اصولن جو سياستدان هو، هو پاڪستان ۾ اڪيلو سياستدان هو جو وڏي واڪي پاڪستان کي ڊاهي، انجي جڳهه تي سنڌ کي “ سنڌوديش” ٺاهڻ جي ڳالهه ڪندو هو. هو پنهنجي ملڻ وارن کي چوندو هو ته، ”اچو ملي دعا ڪريون ته پاڪستان ٽٽي وڃي.“ هي اهو ئي جي ايم سيد هيو جو پاڪستان جي باني جي قتل جي افواهه ٻڌي سن ۾ اوڇنگارون ڏئي رنو هيو. محمد علي جناح تي قاتلانه حملي جي منصوبي ۾ هڪ سنڌيءَ جي پڪڙجڻ تي هن چيو هو ته، “ حيرت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌي به انتها پسند ٿي سگهي ٿو” جي ايم سيد تو پڄاڻان سپرين ماھم سنڌي / ميرپورخاص اسانجي جنم ڀومي سنڌ جيڪا شاندار تھذيب، ثقافت، ٻولي، صوفي ازم، سيڪيولرزم، عدم تشدد، مذھبن جي برابري، انسانيت جي اونچائي ۽ ڀائيچاري جي حوالي سان سڃاتي وڃي ٿي. انھي سنڌ اندر سائين جي ايم سيد بابت اسان سڀ گھڻي کان گھڻا بھادري ۽ عقلمندي جا مثال، پھاڪا ۽ چوڻيون توڙي شاعريون ۽ مضمون ٻڌنڌا ۽ پڙھندا پيا اچون. ڪو ورلي به اھڙو ليکڪ سنڌ جو نه ھوندو جنھن سيد جي ڪردار جي واکاڻ پنھنجي قلم جي ذريعي نه ڪئي ھجي. سيد بابت مضمون سنڌ جي تاريخ جا اڻ کٽندڙ سلسلا آھن. ائين چئجي ته سيد سنڌ جو آئينو آھي ته غلط نه ٿيندو. ڪنھن ليکڪ ائين به چيو ھيو ته سيد ھر موضوع مذھب، قوميت، ٻولي، آزادي جي جدوجھد ۽ عشق بابت ايڏو ته جاکوڙيو آھي جو سيد جي ھر ھڪ جاکوڙ تي اڄوڪن شاگردن کي الڳ الڳ مضمون تي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري وٺڻ گھرجي. ھي ھڪ حقيقت تي مبني ڳالھ آھي ته ڪنھن به وقت سان تعالق رکندڙ ڪوئي پھاڪو ھجي، ڪائي چوڻي يا ڪنھن شاعر جي ذھن ۾ جڙندڙ ڪي شاعري جو مصرائون ھجن، اُھي سڀ ان دؤر جي عڪاسي ھونديون آھن. اسين جئين ته جٿ به شاھ عبدالطيف جي شاعري يا کڻي نالو به ٻڌون ته ھڪدم اسان سميت ٻيا به سمجھي ويندا ته اھو سنڌ سان تعلق رکي ٿو، اھو سنڌ جو لال لطيف سنڌ ديس کي پوري عالم سميت دعا ڪندڙ صوفي بزرگ آھي. ڌرتي جي پنھنجي بھادر ۽ بردبار ڪردارن سان سُڃاڻ ۽ قومي ليڊرن جي وري پنھنجي ڌرتي جي نالي سان سڃاڻپ ھڪ انتھائي خاص ۽ لازم ملزوم وارو رشتو آھي، اھي ھڪٻئي سان سڃاتا وڃن ٿا. جئين اسين مھاتما گانڌي جو نالو ٻڌون ته ھڪدم ھندوستان جو پسمنظر ذھن ۾ جڙڻ لڳندو آھي، خميني جو نالو ٻڌنڌي ئي ايران طرف اسان جون خيالي نظرون وينديون آھن. خليل جبران جو نالو ايندي ئي لبنان جا سھڻا منظر ۽ ان جي نيسان واري گُل ٽڙڻ جي موسم دل ودماغ کي معطر ڪرڻ لڳي ويندي آھي. فيڊرل ڪاسترو، لينين، نيلسن منڊيلا، ڪارل مارڪس، چي گويرا ۽ نه ڄاڻ ٻيا ڪيترائي اھڙا ڪردار آھن جيڪي اڄ اسان جي وچ ۾ موجود ناھن پر اسين جڏھن به نالو ٻڌون ته اتي جي ملڪ ۽ ڌرتي جو نقشو جڙي پوندو آھي. اسين سنڌ جي نالي اڪثر اھو چوندا رھون ٿا ته اھا شاھ لطيف، سچل، قلندر، صوفي عنايت شھيد، دودي سومري، راجا ڏاھر، ھوشو شيدي جي ڌرتي آھي. ان جو سادو مطلب اھو آھي ته اھي اھڙيون ته شخصيتون ھيون جن تي ھڙئي سنڌي قوم کي اڄ به فخر آھي. اھڙي طرح مائي بختاور ھجي، ٿرپارڪر جي مارئي ھجي، روپلو ڪولھي ھجي، سيد صبغت الله شاھ سورھيه بادشاھ ھجي، انھن جا نالا کڻندي اسين اندر ۾ اھا خوشي محسوس ڪريون ٿا جيڪا پنھنجائپ جي ھوندي آھي جنھن تي فخر ڪري ڳاٽ اونچو ڪري سگھجي. ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع تي سن شھر، ضلعي دادو سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي سائين جي ايم سيد (غلام مرتضي شاھ سنائي) جو جنم، ان بعد ان جي سحر انگيز شخصيت اڄ به اھڙو ئي فخر ھر سنڌي کي ڏياري ٿي جنھن کي پنھنجي ڌرتي سان لڳاءُ آھي. ان جي حيثيت اسان وٽ پيغمبر سنڌ واري آھي. اسين ان کي جديد سنڌي قومپرستي جو باني پڻ سمجھون ٿا. سائين جي ايم سيد جو جوش ۽ ولولو، ان جي سياسي ڏاھپ، ان جي دور انديشي، ان جي ادبي پرک، ان جون مذھبن جي ٽڪراءُ بابت سمجھاڻيون ۽ ان جي گھڻ رخي شخصيت سنڌ لاءِ سڀاڳي ئي رھي آھي. اڄ سائين جي ايم سيد جي ۲۲ھين ورسي آھي. ان کي ھن دنيا مان رخصت ٿئي پورا ۲۲ سال گزري ويا آھن. ان جي رخصتي ۹۱ سالن جي ڄمار ۾ ۲۵ اپريل ۱۹۹۵ع تي ٿي ھئي. سائين جي ايم سيد جو وڇوڙو بيشڪ اسان لاء وڏو ھاڃو آھي ان جي جڳھ ڪير والاري نه سگھندو. سائين جي ايم سيد جي وجود جو رُعب ۽ اثر ئي پنھنجو ھيو جو مخالف به سندن تعريف سوا نه رھي سگھندا ھئا. اڄ به اھا ڳالھ ھر ڪو مڃي ٿو ته ۱۹۴۴ع ۾ جيڪر سيد صاحب مسلم ليگ سنڌ جو صدر ٿي، پاڪستان جو بل سنڌ اسيمبلي مان پاس ڪرائڻ لاء ڪوششون نه وٺي ھا ته، اڄ تائين اھو بل ڪاغذ جو ٽڪرو ٿيو پيو رُلندو ھجي ھا. سائين جي ايم سيد جو جسماني وڇوڙو ھڪ وڏو قومي ھاڃو آھي، جنھن جو اسانکي اڳ کان وڌيڪ ھاڻي احساس آھي. سائين جي ايم سيد جي جسماني خاموشي بعد ڄڻ اڄ به ان بعد يتيم ٿيل سنڌي قوم اڃا تائين ڪو بلند آواز اٿاري نه پئي سگھي. سيد صاحب پنھنجي پاڻ ۾ ھڪ ھلندڙ ڦرندڙ جدوجھد ھئي ھڪ تحريڪ ھئي، ھڪ ٻرندڙ مشعل ھئي، ھڪ اميد ھئي. جئين جو سائين جي ايم سيد موڪلاڻي ڪري سَن جي سونھري زمين تي سنڌو جي ساڄي ڪپ جي ڀر ۾، سنڌ جي پاڪيزه مٽي کي چادر جيان اوڙھي وڃي آرامي ٿيو آھي، ان بعد ان جي لفظن ۽ ان جي سياسي توڙي اخلاقي تحريڪ ڄڻ ته ماٺيڻي پئجي وئي آھي. جئين جو ڪو وقتائتي طوفان سمنڊ جي ڇولين مان سڪون ڪڍي انھن کي گجگوڙ تي اٿاري ڇڏي ٿو ۽ طوفان جي واپسي بعد ساڳي ئي ساگر منجھ چپ چاپ ٿي ويندي آھي، تئين ئي سيد جي موڪلائڻ بعد سنڌ وياڪل ٿي پئي آھي. ڪو به ماڻھو سدا جئيڻو ۽ رھڻو ناھي ۽ اسين به ائين سمجھون ٿا ۽ سيد لاء اھي لفظ پر اميد ٿي چونداسين ته وٺي ھر ھر جنم وربو مٺا مھراڻ ۾ ملبو پر ان جي باوجود به سيد جي نظريي کي ڪو اھڙو جانشين نه پيو ملي جيڪو ان کي اڳتي ھلي کڻي سگھي، اھا ڳالھ صبر ڪرڻ کان گھڻو مٿي چڙھيل آھي . سيد جي خاموشي بعد سيد جي پوئلڳن سان ٿيل نانصافين جو ازالو ذري برابر به نه پيو ٿئي. ھر سنڌي جي اندر ۾ ھڪ آتش فشان پيو ٻري پر اڃا تائين صرف خاموشي سان ٻري پيو ڦاٽڻ جي ھمت ڌاري ئي نه پيو سگھي. اھو سيد ئي ھيو جنھن شروعاتي حمايت ته ڪئي پر پوء ، پاڪستان جي ۱۹۴۷ع ۾ آزادي بعد سيد صاحب جلد ئي ان ڪمزور ٻه قومي نظرئي تي جڙيل ٺھراءُ جي سخت مخالفت ڪرڻ لڳو . ڇوته ان ڄاڻي ورتو ته سنڌ جي بقا کي پاڪستان مان سخت خطرو آھي. ھن ڄاڻي ورتو ته سنڌ جي شاندار تھذيب، ان جي جدا آزاد روايتن، ان جي اھنسا واري پراڻي ريتن کي ختم ڪرڻ جي سازش پاڪستان جي نالي تي ڪئي ويندي. سائين جي ايم سيد بنگال جي ۱۹۷۱ع ۾ آزادي بعد ڄاڻي ورتو ته سنڌي، بلوچي ۽ پٺاڻ قومن سان ھڪ مفاد تحت ٺڳي ڪري پنجابي سرمائيدارن کي نوازيو ويو آھي. جنھن سبب سائين جي ايم سيد سڌو الڳ رستو ٺاھي پنھنجي قوم جي آزادي لاء ڄڻ ته سر عام جنگ جو طبلو وڄائي ڇڏيو. ۱۹۷۲ع ۾ قومپرست جماعت جئي سنڌ قومي محاذ جو بنياد وڌائين، جنھن جو متن سنڌي قوم جي ٻڌي ۽ ان جو سياسي روح سنڌين جو ھڪ جڳھ تي گڏجي سنڌ جي مقصدن لاءِ وڙھڻ ھيو، اُھا اڄ ڀاڱن ۾ ورھائجي وئي آھي. سنڌ کي الڳ وطن ڪرڻ جي نعري ھيٺ سنڌوديش جي تحريڪ ھلائي وئي، جيڪا ھاڻي پنھنجو اصل زور وڃائي رھي آھي شايد ان ڪري جو اسان وچ ۾ رھنمائي ڪرڻ وارو سائين جي ايم سيد ڪونھي. ان جا ڇڏيل پيغام، تقريرون، ڪتاب ۽ ان جو ٺاھيل سنڌوديش بابت فڪري ڍانچو اسان لاء ايڏو خاص ناھي رھيو. سيد سان گڏ رھندڙ ان جا سڀئي پوئلڳ ڌار ڌار رستا ڪري پنھنجي اوليتن تي مفادن خاطر وڙھي رھيا آھن، جنھن سبب گھڻي ڀاڱي اختلاف پيدا ٿي رھيا ۽ تحريڪ ۾ اڳوڻو زور ٽٽي ويو آھي. سائين جي ايم سيد جي زندگي دوران ھن پنھنجي سياسي بصيرت ذريعي سنڌ کي ھڪ اھڙي امن گاھ ٺاھڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن جي آزادي تي ڪو مصلحت نه ٿي سگھي . سائين جي ايم سيد عشق ۽ محبت جي فلسفي کي پڻ ڏاڍو ڳايو آھي. ھن مزاجي کان ويندي حقيقي عشق کي پنھنجي سمجھ موجب سمجھائڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي ھئي . سائين جي ايم سيد موجب جڏھن عشق جي ٻالڪپڻ ۽ جواني ھجي ٿي ته اھو ھڪ فرد تائين ھوندو آھي، پر بلوغت بعد عشق فرد نه بلڪه قوم ۽ قوم جي مجموعي مفادن سان منسلڪ ٿي وڃي ٿو. پوءِ عشق ڌرتي، پنھنجي ماڻھن ۽ پنھنجي قومي ورثي ۽ ٻولي سان ٿي ويندو آھي. سائين جي ايم سيد انھن موضوعن تي وڏي تحقيق ڪري بحث ڇيڙيا جن تي اڄ اسين لفظ ڳالھائڻ کان به ڊڄي ٿا پئون. سائين جي ايم سيد سنڌ ۾ وسيلن جي ڦرلُٽ، ڌارين جي آبادڪاري، مڪمل خودمختياري، ٻولي جي اصل اھميت، ڪلچر، پاڻي چوري جو تحفظ سميت ھن سنڌ جي ھر ان مسئلي تي کُلي ڳالھايو به ۽ جدوجھد به ڪئي جيڪي ان وقت ۾ پيش آيا پئي. ھڪ ليڊر ۽ رھنما پنھنجي ايندڙ ڪئي نسلن لاءِ مشعل راھ ڇڏي وڃي ٿو ۽ اھي ھدايتون ڇڏي وڃي ٿو جيڪي صدين تائين پيون سبق ڏينديون آھن. اڄ سنڌ جي قومپرست سياست ۽ ان جو جماعتون جيڪي گھڻيون تڻيون سائين جي ايم سيد جي نظرئي ھيٺ ٺھي ان کي پنھنجو سياسي ابو تسليم ڪري رھيو آھن، اڄ انھن جو پاڻ ۾ تضاد ۽ ھڪ مسئلي تي گڏ ٿي نه بيھڻ ھڪ پريشان ڪندڙ ڳالھ آھي. اڄوڪي دور ۾ ائين پيو ڏسجي ته ڪا به تحريڪ ايڏي زور آور ناھي جو نئي طريقي سان پنھنجي مقصد خاطر وڙھي. بلڪ اڄ اُھي سڀ پنھنجي ئي سنڌ ۽ سنڌين کي بس بچائڻ ۾ پورا آھن. ڇا اھا ھڪ قسم جي ڪمزوري نه چئبي؟ قومپرست ڪارڪن روز مختلف جڳھين تان کنڀجيو وڃن ٿا ۽ سڄي جدوجھد ان ۾ ھوندي آھي ته شل جئيرو انھن کي واپس موٽائي سگھون. خفيه ايجنسيون ۽ سنڌ دشمن قوتون ڪنھن ۾ به ھٿ وجھڻ کان ڪيٻائين ئي نٿيون ۽ پنھنجي مَن مستي تحت انھن جا مزاڪ جاري آھن. ڪيترا ئي قومپرست ڪارڪن چيچري ماريا وڃن ٿا ، گھٽين ڳلين تان بلڪه تعليمي درسگاھن تان اُھي گُم ڪيا پيا وڃن پر سندن ڪير واھر وسيلو پڇاڻي وارو ناھي . جيڪا سنڌ گئس ڪمائي وفاق ڏي آمدني اماڻي ٿي ان وٽ نه گئس آھي، نه پاڻي، نه ئي بجلي. سنڌ ته پوئين دور ۾ به ايڏي ڏکي نه ھئي جيتري ھاڻ آھي. اسين اڄ ايڏا مجبور آھيون جو پنھنجي ترقي جي نا، بلڪه بقا جي، پنھنجي قوميت جي جنگ انھن ڌارين سان پيا وڙھون جيڪي ھتان جا ڪڏھن ھئا ئي نه، پر چالاڪين سان ھاڻ سنڌ ۾ بادشاھت پيا ڪن. اسين ايڏا بي وس آھيون جو پنھنجي قوميت کي بچائڻ لاء اڄ اعلان ۽ ميڙاڪا پيا ڪريون ته مھرباني ڪري آدمشماري ۾ پاڻ کي سنڌي لکرايو، ان جو مطلب ڇا ٿيو؟ اھو ئي ته اسان کي اھو خطرو آھي ته ڪٿي اقليت ۾ تبديل نه ٿي وڃون. اسانکي کٽڪو آھي ته اردو ڳالھائيندڙ مھاجر ۽ ٻيا افغاني پٺاڻ ايترا وڌي ويا آھن جو سنڌ ڌرتي تي انھن جي اڪثريت ٿي وئي ھوندي. سائين جي ايم سيد پنھنجي جاکوڙ جيڪا شروعاتي طور مسلمانن جي قوم جي آزادي جي جدوجھد ھئي. جنھن ۾ سائين جن شريڪ ٿيو پر وقت ان کي سڀئي سبق پڙھائي ڇڏيا ته ڪئين آزادي بعد پنجابي سامراج سنڌ ۽ سنڌ جي ھر حق مٿان مسلط ٿيل آھي. سائين جي ايم سيد وڏو خدشو ظاھر ڪيو ھيو ته جيڪي اوھان اڄ انھن طالبانن کي پناھون ڏئي گھرايو پيا سي سڀاڻي وڏا نانگ بڻجي اوھان جا ٻچا پڻ کائي ويندا. سچ پچ ته اھي وڏا نانگ ٿي سنڌ ۾ ڦھلجي سنڌ جي امن کي وڏو ڇيھو رسائي رھيا آھن. پنھنجي ڦڻن جي زھر سان ڪڏھن شڪارپور، ڪڏھن جيڪب آباد، ته ڪڏھن سيوھڻ ۾ قلندر جي نگري کي ڏنگي رت ھاڻو ڳاڙھو پيا ڪن. دشمنن جي ھڪ ڌماڪي سان اسانجي صوفي ڌرتي رت ۾ رنگجي ماتم ڪرڻ لڳي وڃي ٿي. اڄ سنڌ جا ڌڻي ھوندي به سنڌي ٻين جي رحم وڪرم تي محتاج آھن. سنڌ جي روايت اپنائيندي جڏھن صوفي راڳن تي رقص ڪيو پئي ويو ته سيوھڻ اندر ٿيل ڌماڪي ۸۰ کان مٿي ماڻھن کي کاڄ بڻائي ڇڏيو ۽ دشمنن اھو واضح ڪيو ته سنڌ کي اسين پنھنجي دھشت ۾ پورو جڪڙي چڪا آھيون. سنڌ اندر ذوالفقار آباد ۽ بحريه ٽائون نالي اھڙا رھائشي علائقا جڙجي رھيا آھن جن ۾ سنڌين جي مخالف ويھي موجون ڪندا. سنڌو جو پاڻي جنھن تي اڳ ئي اھڙي رٿابندي ڪيل آھي جو پاڻي سنڌ جي حصي ۾ صفا گھٽ اچي ٿو ۽ وچ واٽ تي چوري ٿيو وڃي ان تي ڪالاباغ وٽ ڊئم اڏي، سنڌ کي سڪائڻ جي سازش پٺي پويان جاري آھي. اين ايف سي ايوارڊ ذريعي رڳو مفاد پنجاب جي حصي ۾ آھي. سي پيڪ جي اھم راھداري منصوبي تحت به سنڌ کي ڪو خاص فائدو نه ڏنو ويندو. وفاق ۽ وفاقي ادارن ۾ سنڌ جي اڌ کان گھٽ نمائندگي موجب به ان جون مخصوص سيٽون به انھن کي ناھن مليل ۽ ھو پنھنجي حق کان به محروم آھن. انھن سڀني مسئلن تي اڄ احتجاج ته ٿئي پيو ڌرڻا ۽ نعرا ته لڳن پيا پر ڪو به مسئلو نيست نابود ٿي راھ تان ھٽجي نه سگھيو آھي. سائين جي ايم سيد پنھنجي حياتي دوران قومي تحريڪ ۾ انھن ان وقت جيڪي مسئلا موجود ھيا ان مسئلن تي کلي ڳالھيائين ۽ جڏھن ڏٺائين ته پنجابين کان سواء دوکي جو ڪجھ نه ورندو ته نيٺ پوء سنڌو ديش جي تحريڪ شروع ڪيائين جنھن ۾ سڄو خاڪو ٺاھي، سڄي رٿابندي ٿيل ھئي ته سنڌي ڇو ۽ ڇا لاء پنھنجي سنڌ کي الڳ وطن ڪري ڌارين بدران ڌرتي ڌڻين جي حڪمراني چاھين ٿا. سائين موجب “سنڌ جي غلامي جو باعث پاڪستان جو نظريو آھي. انھي دوکي کان ٻاھر نڪري سنڌي قوم کي ضرورت آھي ته پاڻ کي قومپرستي جي رنگ ۾ رڱي ڇڏين“. پر اھو سائين جي ايم سيد جو ڏٺل خواب ۽ اھا پرجوش تحريڪ اڄ ماٺيڻي آھي. اڄ اھا تحريڪ ڄڻ ڪو ڪنھن موسمي لٽ اندر دٻجي وئي آھي. ڪنھن تيز ھوا جي جھونڪي بعد اجھامندڙ وسامندڙ ان ڏيئي جھڙي آھي، جيڪا اھا ڪوشش نٿي ڪري ته ڪو پنھنجي شعلن سان دشمنن کي ساڙجي، پر اھا ئي ان جي جدوجھد ھوندي آھي ته بس پاڻ بچائي سگھان، پنھنجو جئيندان قائم رکي سگھان. ڪيڏي نه ڏک جي ڳالھ چئبي جو سنڌ جي نياڻي ڊاڪٽري پڙھندڙ نورين لغاري تي اڄ دشمنن جا زھر ڀريا لفظ ايڏو اثر ڪري ويا جو ھو پاڻمرادو انھن سان شامل ٿيڻ لاء نڪري پئي آھي ۽ ھو بي ڏوھ انسانن کي مارڻ لاء جتن ڪندي ٿي وتي. سائين جي ايم سيد بعد سيڪيولر سنڌ ھڪ طرف ان جھڙي عظيم ھستي کي ڳولھي پئي ٻي طرف بلڪل ماٺيڻي ۽ ھنسا جي ھيٺ جبر ۽ انتھاپسندي ڀوڳي پئي. اڄ ورسي سنڌ جي سيد کي بس ايترو ئي پيغام ڏينداسين ته تو پڄاڻا سپرين سنڌ سوکي نه آھي. سائين جي ايم سيد سياسي سفر... سرمد کوسو سائين جي ايم سيد محمدشاهه سنائي جي گهر ۾ ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ ۾ڇنڇر ڏينهن سن شهر ۾ پيدا ٿيو، جي ايم سيد ٻاروتڻ ۾ ذهين چالاڪ حسين رهيو هن ۱۹۱۵ ۾ سنڌي پرائمري انگريزي اڳتي هلي فارسي جي تعليم پرائي هن ننڌڙي عمر ۾ والد صاحب جي شهادت جو غم سٺو هن ننڍڙي عمر ۾ قومپرستي ۽ سماج سڌارڪ وارا فرض سرانجام ڏنا هن ۱۴ ورهين جي عمر ۾ سن شهر ۾ انجمن مسلمين سن ، قائم ڪئي جنهن تحت غريب طبقي پٺتي پيل ماڻهن کي پاڻ ۾ همدرديون پيدا ڪرڻ شادي غمي ۾ هڪ ٻئي جو ڪلهي ڪانڌي ٿيڻ جو ڏس ڏنو پهرين مهاڀاري جنگ دوران ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ جڏهن هندستان آزادي کان محروم رهي ڪري انگريزن خلاف ۱۹۱۹ع ۾ جيڪا بغاوت هلي انهن ۾ سنڌ جي ماڻهن حصو ورتو ته انهن سائين جي ايم سيد مٿان سٺو اثر ڇڏيو انهن ڏينهن ۾ “ريشمي رومال تحريڪ “ جي اڳواڻن سنڌ ۾ جان محمد جوڻيجي جي اڳواڻي ۾ ۱۹۲۰ع اندر جيڪا سنڌ خلافت ڪانفرنس هلي، ان ڪانفرنس ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد شيخ عبدالمجيد سنڌي سميت سياسي توڙي مذهبي اڳواڻن شرڪت ڪئي ته ان ۾ جي ايم سيد کي ان ڪانفرنس ۾ شرڪت نصيب ٿي ان ڪانفرنس ۾ موجود اڳواڻن هن مٿان وڏو اثر ڇڏيو. اڳتي هلي هن ۱۷ مارچ ۱۹۲۰ع ۾ سن شهر ۾ خلافت ڪانفرنس جو اجلاس سڏيو جنهن جي صدارت حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ڪئي جنهن ۾ انگريزن جي لقبن ۽ ملازمتون ڇڏڻ جا اعلان ڪيا انهن ڏينهن ۾ جي ايم سيد ۾ قومي جذبو ۽ قومپرستي جو مادو حماليا جي چوٽي جيان ڪر کنيو بيٺو هو جنهن هن کي باقائدي سياسست ۾ آڻڻ تي مجبور ڪيو ۽ هن ۲۶ اپريل ۱۹۲۰ع ۾ سياست ۾ پير پاتو . جڏهن مخدوم بلاول جي درگاهه تي ٿيل جلسي کي پهريون ڀيرو خطاب ڪيو تنهن کانپوءِ جي ايم سيد سن ۽ سنڌ جي ماڻهن لاءِ مختلف روٽن تي مختلف رخن سان جدوجهد تيز ڪئي، هن سياست ۾ پير پائڻ کانپوءِ ۱۹۲۴ ۾ سنڌ جي سيدن لاءِ تعليمي سماجي ترقي لاءِ سن ۾ ، انجمن سادات مٽياري ، قائم ڪئي جنهن ۾ هن پنهنجون سرگرميون فرض سرانجام ڏئي نتيجا حاصل ڪيا هن ۱۹۲۵ ڌاري سنڌ جي آبادگارن توڙي زمنيدارن جي هڪ ايسوئيشن قائم ڪئي جنهن جا نڪتا سنڌ جي هارين زميندارن کي پنهنجا حق وٺي ڏيڻا هئا هن جي ۱۹۲۵ ۽ ۱۹۲۶ ڌاري ڪراچي ضلعي لوڪل بورڊ جو ميمبر مقرر ٿيڻ کانپوءِ هن سن ۽ سنڌ جي نياڻين جي تعليم جي واڌاري لاءِ ضلعي اندر رات توڙي ڏنهن جو اسڪول هلرائي سنڌ کي تعليم جي ميدان ۾ اڳتي آڻڻ لاءِ ڪوششون ڪيون ان دوران ۱۹۲۸ ڌاري ڳوٺ سڌار تحريڪ جو بنياد وڌوجنهن ۾ هن پنهجا فرص سرانجام ڏنا. سائين جي ايم سيد ۱۹۲۸ع ڌاري ئي بمبئي کان سنڌ جي عليحدگي واري تحريڪ هلي، ان ۾ هن حاجي عبدالله هارون شيخ عبدالمجيد سنڌي ايوب کهڙو خان بهادرسان گڏجي ان تحريڪ ۾ حصو ورتو. ۱۹۲۸ع کانپوءِ جي ايم سيد ۱۹۳۰ع ۾ ادبي ۽ ثقافتي ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو جيڪو بنياد وڌو ان کي ايتري قدر ڪامياب ڪيو جو اڄ به اهوسفر سنڌ جي صوفي بزرگن جي ميلن تي روان دوان آهي هن ساڳي ئي سال ۱۹۳۰ع ۾ هاري ڪانفرنس جوبنياد وڌو جنهنجي صدارت جمشيد مهتا ڪئي هي هاري ڪاميٽي اڳتي هلي حيدر بخش جتوئي جي جدوجهد سان ۽ سنڌ اسيمبلي مٿان گهيراءُ تحت ڪاميٽي سنڌ جي هارين کي پنهنجا حق وٺي ڏنا اهڙي طرح سائين جي ايم سيد جون سنڌ لاءِ جاني توڙي مالي خدمتون جاري رهيون ان وچ ۾ ۱۹۳۸ع ۾ سائين مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو ۽ پاڪستان جي وجوديت واري هلندڙ تحريڪن ۾ سنڌ جي ڀلائي سمجهي ڀاڱي ڀائيوار رهيو. ۱۹۴۰ واري ٺهراءُ جنهن تحت قومن جي حقن جو دستاويزي لقب مليو جنهن ۾ اسلام ۽ مسلمانيت کي ملائڻ لاءِ مينار اي پاڪستان جهڙن مقبرن تي حق سچ جو شريعتون لکي قومن کي سامراجي سزائون ڀوڳڻ تي مجبور ڪيو ۱۹۴۰ع واري ٺهراءَ يا سنڌ اسيمبلي مان ۱۹۴۳ع واري ٺهراءَ موجب قومن کي خاص ڪري سنڌ کي حق ڏيڻ بجان حق ڦرڻ وارين سامراجي سازشن کي سائين جي ايم سيد سڃاڻي ورتو هو. سو هن ٽولي سان اختلافن جي اڃان پهرين شروعات هئي هن جي اڀريل اختلافن قومپرستي واري ذهن ضمير کي ڏسي محمد علي جناح ۱۹۴۵ع ۾ جي ايم سيد کي چيو ته هاڻ تون اسان نه گڏ نه هلي سگهنداسون ۽ جدا ٿيڻ جا ڏينهن ويجهي اچي چڪا آهن ۽ ٿيو به ائين ۴۰ ۽ ۴۳ واري ٺهراءَ تي عمل نه ٿيڻ ڪري ۽ هندو مسلم ورهاست دوران ٿيل اليڪشن ۾ سائين جي ٻن تڪن تي ڪاميابي ڏسي سرڪار سڳوري چونڊن کي غير آئيني قرار ڏئي ڇڏيو ته سائين ۱۹۴۶ع ۾ مسلم ليگ ۽ جناح کي الوداع ڪيو ته پاس ٿيل ٺهرائن تحت ۱۹۴۷ع ۾ پيارو پاڪستان وجود ۾ اچي ويو جنهن لاءِ جي ايم سيد سميت سنڌ جي سورمن جيڪي قربانيون ڏنيون موٽ ۾ هنن کي جيل سختيون سزائون نظربنديون شهرن وسيلن جي ڦر لٽ ملي ۱۹۴۷ع ۾ پاڪستان وجود ۾ اڃا مس آيو ته هن پهريون وار ۱۹۴۸ع ۾ سنڌ مٿان ڪيو ۽سنڌ کان ڪراچي کي کسڻ جون سازشون ڪيون ته سائين جي ايم سيد ان فيصلي کي ٺڪرائي کلي طرح بغاوت جو اعلان ڪيو ته جي ايم سيد کي پاڪستان جي سرڪار گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو هي پاڪستان جي اسلامي رياست آڏو جي ايم سيد جي پهرين گرفتاري هئي جنهن تحت جي ايم سيد کي ٽي مهينا قيد ڪري پنهجي ڪرتوتن کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ گوڏا کوڙائڻ تي مجبور ڪيو پر سيد پوئتي موٽڻ بجان اڳتي وڌندو رهيو. جڏهن ۱۹۵۳ع ۾ جي ايم سيد سنڌ اسيمبلي جو ميمبر بنيو ته سنڌ ۽سنڌي قوم لاءِ هن پاڪستان جي وچ رياست ۾ بيهي تاريخي ڪم ڪرايا جنهن ۾ سنڌي جدا قوم هجڻ جو ٺهراءُ، سنڌي زبان کي قومي زبان ۽ پاڪستان جي قومي زبان بنائڻ لاءِ بل منظور ڪرايو ڪراچي کي سنڌ سان ملائڻ جو ٺهراءُ آندو، ڪوٽڙي کان انڊس هاءِ وي رستو منظور ڪرايو، ڀٽ شاهه ڪلچر سينٽر جو بنياد وجهرايو هن جي وزير هجڻ دوران جيڪي سنڌ جي ايندڙ نسلن جي مستقبل جو جيڪو ضمانتي بنياد وڌو اهو وڏو ڪارنامو سنڌ يونيورسٽي آهي ان سان گڏ ڪراچي اندر ريڊيو اسٽيشن کولرائڻ جون ورتل ڪوششون ۽ ادبي بورڊ کي پنهنجي خرچ تي هلائڻ واريون ڪوششون نه وسارڻ جهڙيون ته آهن، سيد اسيمبلي کان ٻاهر هجي يا اندر پر جيڪي جدوجهدو ڪئي، جيل ڀوڳيا اهي هن کي سنڌ جي حقن تي سوديبازيون نه ڪرڻ تان نصيب ٿيا پاڪستان جي سرڪار جڏهن ون يونٽ جي قيام لاءِ ڪوششون ڪيون ته سيد ان کان بيزاري جو اعلان ڪيو، موٽ ۾ هن کي ۱۹۵۴ع ۾ گرفتار ڪري جيل ڀيڙو ڪيو ويو. جڏهن ملڪ اندر ايوبي مارشل لا لاڳو ٿي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي پٽڪن سان هٿ چراند ڪئي وئي ته تڏهن به جي ايم سيد کي مخالفت جي ڏوهه ۾ ۱۹۵۸ ۾ گرفتار ڪيو ويو ۵۸ جي گرفتاري کانپوءِ لڳاتار جي ايم سيد کي پاڪستان جي سرڪار ۱۹۶۶ع تائين جيلن ۽گهرن ۾ نظربند رکيو ۶۶ ۾ جڏهن سائين صوفياءِ سنڌ ٺاهي جنهن کي صوفي بزرگن جي درگاهن مريدن ميلن تي ڀرپورموٽ ملڻ لڳي هن پرگرام کان پاڪستان جي سرڪار خوفزدهه ٿيڻ لڳي ۽ ۱۹۶۷ع ۾ جي ايم سيد کي گرفتار ڪري ۱۹۶۹ تي آزاد ڪيو ملڪ اندر ٿيل ۷۰ جي اليڪشن ۾ سائين جي ايم سيد حصو ورتو ته سائين جي ايم سيد پنهنجي تڪ تي ۶۰۰ ووٽ کنيا ۽ ملڪ سڪندر ۵۶۰۰ سو ووٽ کي کڻي سرڪار جي حمايت سان ڪامياب ٿيو پر اها ڪاميابي سرڪاري مشينري جي ڪاميابي هئي جنهن دوران سائين ڏٺو ته هاڻ پاڪستان اندر رهڻ هر پل سنڌ لاءِ عذاب آڻڻ برابر آهي ، ۷۰ جي اليڪشن رڳو جي ايم سيد کي سسٽم کان باغي نه ڪيو هو پر ساڳيو حشر بنگال سان پڻ ڪيو ويو ۽ اتي اليڪشن جا نتيجا نه قبولڻ جي صورت ۷۱ ۾ پاڪستان ٽٽو بنگال الڳ ٿيو ان دور جي حالتن کي ڏسي پاڪستان جي رياست جتي بنگالي اڳواڻن کي ڪال ڪوٺڙين ۾ بند ڪيو ته اتي سنڌ اندر سائين جي ايم سيد کي ۱۸ مئي ۱۹۷۱ع ۾نظربند ڪيو ويو ۽ بنگال جي آزادي کانپوءِ هن کي آزاد ڪيو ويو ته ٻيهر جڏهن سنڌي زبان خلاف پاڪستان جي رياست سازشون سٽيون ۽ جي ايم سيد انهن کي رد ڪيو ته هن کي ٻيهر ۱۹۷۲ع ۾ گرفتار ڪري نظربند رکيو هن آزادي کانپوءِ سائين جي ايم سيد ۷۲ ۾ ئي جئي سنڌ محاذ جو قيام آندو، جنهن کان پوءِ سنڌ جي ڦر لٽ کي سرڪاري شڪل ملي جنهن کي سائين رد ڪرڻ ۽ سسٽم سان بغاوت جي ڏوهه ۾ سائين ۷۳ کان ضيائي مارشلائن، ايم آرڊي ڀٽي جي ڦاهي وارين حالتن ۾ ۲۵ اپريل تائين لڳاتار جيلن نظربندين ۾ رهيو، سائين جي ايم سيد ۲۵ اپريل ۱۹۹۵ تي پاڻ کي تاريخ ۾ سرخرو ڪري تاريخ جي ورقن ۾ سُمهي پيو. جي ايم سيد وَيا اُڏامي ڪَک، پِڙ تان پاهُڻ نه چُري ادَلُ سولنگي “وَيا اُڏامي ڪَک، پِڙ تان پاهُڻ نه چُري” ماڻهوءَ منَجهه مُهان، سپنو هن سنسار جو، جنهن کي ڳوليندو رهيو، آزل کان اِمڪانُ، آخرِ ٿي اِنسانُ، رانول روپُ پرائيو. اڄ سائين جي ايم سيد جي وڇوڙي جو ڏينهن آهي، سائين جي ايم سيد جنهن پنهنجي سموري ڄمار سنڌ جي روشن آئيندي، اَمن، آجپي، سک، سڪار، مان مريادا ۽ ننگ مايوس لاءِ وطن جي ويري قوتن سان ويڙهاند ڪندي گذاري، جنهن جي دوستي ۽ دشمنيءَ جو محور سنڌ هئي، جنهن حياتيءَ جي آخري گهڙين ۾ به پنهنجي وطن ۽ ويڙهيچن سان پنهنجي روح جو رشتو قائم رکندي کين پنهنجي ماتر ڀومي، سنڌ جي هنن لفظن ۾ پارت ڪندي موڪلايو ته:. سنڌيو! سنڌ جي پارت اَٿو ۽ چيائين ته: هاڻي ڪير مٿو ، پڙ کان پٺيرو ڪري. اجهو سج لٿو، وڙهندي وڙهندي ويڙهه ۾ (اياز) سِرن مٿان سوڀ جون، پڳون جي پايو، متان وڙهندي ويڙهه ۾، پُٺ تي واجهايو! لايو سجايو، نيٺ ته ٿينديون لوءِ جو.(اياز) اَچو ڪُر ملهائيو، راوت رڱيو روههُ! جيسين ڏاڍا ڏيهه ۾، ڏيهه سمورو ڏوهه، للڪاري ٿو لوههُ، اڀرُو اڄ انياوَ تي (اياز) سدا اُڀريا سنڌ ۾، آنڌيءَ جيئن انسان، وڙهندي مڙس مُهان، مٽيءَ مَنجهه سمائيا(اياز) سدا اُڀريا سنڌ ۾، ڪوپا ڪَنچل لوڏ، هوڙهيايون ۽ هوڏ، ڏسي پنهنجي ڏيهه سان، (اياز) سدا آيا سنڌ ۾، نادر شاهه، ڪانهي ڪا تاريخ ۾ ويڙهه سوا ٻي واههَ، متان سوچو ساههَ، متان موٽو ماڳ تان ( اياز) سائين جي ايم سيد، سنڌ جي صدين جي تاريخ جو پڙاڏو هيو، جنهن سنڌ جي قديم تاريخي روايتن کي نئون روپ ڏئي قومي شعور ۽ حب الوطنيءَ کي جديد قومپرستيءَ جو نالو ڏنو، جنهن شهيد مخدوم بلاول جي وطن لاءِ ڪيل ويڙهاند ۽ شاهه لطيف جي فڪر ۽ شاعراڻي ڏات جون ٻريل مشعلون کڻي، غلاميءَ جي گهگهه انڌيرن سان مزاحمت ڪئي ۽ ڌرتيءَ جي وارث، اصلوڪن، لوڪن کي پنهنجي ڌرتيءَ جي رکوالي ڪرڻ لاءِ اتساهيو ۽ کين ويساهه ڏياريو ته سنڌي هڪ قوم آهي، پنهنجي زماني جو هي “منصور” وڏي واڪي “انا الحق” جو نعرو هڻندي غلاميءَ جي ڪهري ڪوٽن ۾ ڏار وجهندو رهيو. آجپي جو نئون نڪورو سج اُڀارڻ لاءِ “سوراج” جو سنيهو ڏيندو رهيو. حشو ڪيولراماڻيءَ سنڌ جي هن عظيم قومي اڳواڻ کي مذهبي ڌٻڻ مان ڪڍي پنهنجي اصليت ڏانهن موٽائيندي کيس سنڌ جي عظمتن جو درس ڏنو۽ سائين جي ايم سيد “جيئن ڏٺو آهه مون” ڪتاب لکي مذهبي ڌٻڻ کي اورانگهي روشن خيال، سيڪيولر ۽ سوشلسٽ سنڌ اڏڻ لاءِ وک اڳتي کنئي. “نئين سنڌ” اڏڻ جي رٿا بندي ۽ جدوجهد ڪندي. سنڌ وطن جو ٻولي، ادب، تاريخ، روايتن، ڪلچر، جاگرافي، حدن جي سنڀال ڪئي. تصوف جي رنگ ۾ رڱيل هي صوفي لاڪوفي اڌو گابرو ساميوادي، ماتر ڀوميءَ جي حقن ۽ وسيلن جي تحفظ لاءِ لڳاتار ويڙهاند ڪندو رهيو. سڪندراعظم: سنڌ تي ڪاههَ کان پوءِ سنڌ جا به فلسفي، پاڻ سان وٺي ويو ۽ رستي تي انهن کان پڇائين” سنڌ جو فلسفو ڇا آهي؟” انهن مان هڪ چيو ته “ هڪ ماڪوڙو جڏهن پنهنجي ٻر ۾ آهي، تڏهن هن جي سمجهه ارسطوءَ جيتري آهي” ۽ ٻئي چيو ته “ جڏهن ماڪوڙو پنهنجي دڳ تي آهي، تڏهن هو سڪندر کان و ڌيڪ عظيم فاتح آهي” سائين جي ايم سيد پنهنجي علمي، ادبي، سياسي، سماجي ۽ فڪري مٿڀرائپ جي حواليءَ سان ڌرتيءَ جو اهڙو رکوال رهيو آهي، جنهن تاريخ جي ڪيترن ئي ڪاهون ڪندڙ ڦورن ۽ لٽيرن سان پنهنجي نظرياتي ۽ فڪري سگهه وسيلي ويڙهاند ڪئي ۽ کين منهن ٽوڙ جواب ڏنو. “سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي” “ون يونٽ “ جي ڪهري ڪوٽ جا برُج ڀڃي ڀورا ڪرڻ، سنڌ جي ڇڙو ڇڙ سياست کي قومي تحريڪ جو روپ ڏئي، کين منظم ڪرڻ جي جاکوڙ ڪئي، سائين جي ايم سيد جنهن وطن جي تصور کي پنهنجي لکڻين ذريعي چٽو ۽ نروار ڪيو، سرزمين سنڌ جي عظمتن جي معراب ۾ پنهنجو سيُس نوائيندي فخر ڪيو ۽ اياز جي سٽن کي ورجائيندي چيو ته :. سنڌ ديس جي ڌرتي توتي پنهنجو سيسُ نوايان مٽي ماٿي لايان، تنهنجي مٽيءَ منجهه ملان جي آءُ امرتا پايان مٽي ماٿي لايان. سائين جي ايم سيد جنهن سنڌ وطن جي وارثي ڪندي پنهنجي وڏڙن جي ورثي کي پنهنجي ميراث سمجهي حب الوطنيءَ جي اعليٰ روايتن جي پاسداري ڪندي پنهنجو پاڻ ملهايو. وقت جي هر ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ سان مهاڏو اٽڪائي کين هر موڙ تي للڪاريو ۽ ساڻس سخت مزاحمت ڪئي. جيلن ۽ نظربندين جي پابندي هيٺ رهندي به پنهنجي محبوب وطن جي لاءِ ويرين سان ويڙهاند ڪندي، اڳ کان به اڳرو رهيو، جنهن تاريخ جا پيرا کڻي پنهنجو پاڻ ملهايو. جهرمر جهر مِر ڏيئڙا، آهي سارو پَنڌ، ڪنهن جو ڪنهن جو ڪنَڌُ، جَرڪي ٿو ان جوت ۾. آزاديءَ جي راهه ۾، ڪجُهه به نه اجايو، لالڻ! ٿئي ٿو، دير سا لايو سجايو، سو به ته ڪم آيو، ڪَنڌ ڪريو جو پنڌ ۾. سائين جي ايم سيد جنهن سنڌ جي آجپي کي سڀني قدرتي نعمتن کان اعليٰ ۽ اُتم ڄاتو، جنهن جي لاءِ پنهنجي، املهه حياتي جا پُل پهر قربان ڪندي پنهنجي ڌرتيءَ جي “ ڌاڃ ڌڻين” جي پاسداري ڪئي، جنهن پنهنجي علمي، ادبي، ميراث سنڌ جي جهوليءَ ۾ رکي جنهن سنڌ جي راڻن تي پنهنجي مقصد جي مومل ماڻڻ لاءِ ڪاڪ جي طلسمي ورن وڪڙن کان آگاهي ڏني ۽ سندن رهنمائي ڪئي ۽ سنڌ جي راڻن، ڪاڪ محل کي ڏورڻ ۽ ووڙڻ لاءِ اياز جون هي سٽون اُچاريو. مومل! ٻيهر ٻار سارا ڏيئا ڪاڪ جا، کِيههَ کٽُن ٿا ڪا مڻي، لاهي هنڌ اُجار، هئي! هان نه هار، نيٺ ته، ايندو مينڌرو. راڻو ڪاڪ سواءِ، رهي رهندو ڪيترو؟ مومل!هو تو لاءِ، اِجهو پيو پنڌ ۾. آجپي جي منزل ماڻڻ وارو سفر صدين کان جاري آهي، جنهن جي تسلسل ۾ ٽانڊن تي به ٽهڪ ٻُرن ٿا ۽ مقتلن مان به مُرڪون ملن ٿيون. صدين جو هيءُ سڏ پڙاڏو بڻجي سنڌ جي واهڻن وسندين ۾ ڳاڙهن جهنڊن جو روپ وٺي جهومي ۽ جهولي رهيو آهي. سنڌ جي رهبر سيد اعظم، جنهن سنڌ جي نئين نسل کي پنهنجي وطن جي شُناس ڪرائي ۽ قومي ويڙهاند سان سلهاڙيو ۽ پنهنجي سموري زندگي وطن جي لاءِ وقف ڪري ڇڏي. سنڌوءَ جي ساڄي ڪنڌي تي سن شهر ۾ ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ تي جنم وٺي سنڌ وطن کان ۲۵ اپريل ۱۹۹۵ع تي جسماني وڇوڙو ڪيو، جنهن لاءِ شيخ اياز جون سٽون سرجيل آهن ته: هو جو پوڙهو جهورُ، وڙهندي ٿيو ويڙهه ۾، اڃان ڏمري ڏاڍ تي، آڻ نه مڃي مُور، سوچي ڏسي، ڏور، ايندڙ آرڻ، ڏينهڙا. لَڪن مٿان سچ ۾، ڪنهن جي ڪنهن جي سار! ڪيئي ساٿي سپر جا، ڪُلهي ڪو ڏيا يار! وڙهندي جن جا ويڙهه ۾ اَڇا ٿيا وارَ، اڙي موت، ميار، جيڏا روز جدا ڪرين. جيئن هو جهونو کير ٿر، هيءُ به ايئن اَسٿرُ، پَڪي پيڙهه پهاڙ کي ، ڌرتي ۾ آڌرُ، آهي ڄڻ ته آمرُ، بيٺو جهولي جهڪَ ۾. شيخ اياز لکيو آهي ته: مان چاهيان ٿو ته جي ايم سيد تي هڪ نظم لکان، هي وحدت الوجودي ، هي صوفي لا ڪوفي، هي اڌو گابرو ساميوادي ، هي ماکيءَ کان مٺڙو ۽وههَ کان ڪڙو ماڻهو مون کي ڪنهن جهوني بڙ وانگر لڳندو آهي. جڏهن سج ٽامڻي هڻي ويندو آهي، تڏهن هن جا ڇانو وڌيڪ گهاٽي ٿي ويندي آهي، مون اُن ڇانو ۾ ڪيئي پکيئڙا پنک پساريندي ڏٺا آهن، پر مان اُن وقت جي انتظار ۾ آهيان، جڏهن عُقاب انهيءَ بڙ مٿان ڦيرا ڏيئي تتل سج کي تيز نظرن سان گهوريندي ڏسندا. نهروءَ گانڌي لاءِ چيو هو” منهنجو پوڙهي سان پيار ته ڏاڍو هو پر مان هن کي ڪڏهن به سمجهي نه سگهيو هوس! ويا اڏامي ڪَک، پڙ تان پاهڻ نه چُري، (خليفو نبي بخش) ڀليو سڀ ڀنڀور، پٺيءَ هوت ته هليو. (ڀٽائي) اياز لکيو آهي ته: هي سنڌ سدائين رهندي، اُن تي سج اڀرندو ۽ لهندو رهندو. رڳو مان جيئن اُن کي ڏٺو آهي، مون سان مري وڃڻو آهي، مان اُن مشاهدي کي پنهنجي “آءُ” مان آجو ڪرڻ ٿو چاهيان ۽ اُن کي لکيل لفظ ۾ امر ڪري پنهنجي جندڙيءَ کان وڌيڪ جٽاءُ ڏيڻ ٿو چاهيان، مون اُن ۾اُتر جون اوتون به ڏٺيون آهن، پن جهڙ ۾ ڦيراٽيون پائيندڙ پن به ڏٺا آهن ۽ ان جي لڱ ڪانڊاريندڙ سيءُ جا سياٽا به سٺا آهن، منهنجي اکين اڳيان ڪرڙ ڪڪوريا ۽ ڪنڊا مُوريا آهن ۽ ٽوهه وليون ٽهڪيون آهن، مون ڏٺو آهي ته جڏهن وڄون ورن ٿيون ته ڪيئن “ڌمامين ڌڌڪار” ٿئي ٿو. ٿر جا ٿوهر ڦلي پون ٿا ۽ پنهنجون ٻانهون آڪاس ڏانهن اُڀيون ڪري اُن جي آجيان ڪن ٿا. مون سنڌ جون لال لوئين واريون پاڻياريون به ڏٺيون آهن ۽ انهن جا ڪونڌر به ڏٺا آهن، جن جي ڪُلهن تي ڪهاڙيون هونديون هيون ۽ جي تيستائين مٿي تي پڳ نه ٻڌندا هئا، جيستائين پلئه نه ڪندا آهن، مون ڏٺيون آهن، اهي موڪريون ڇاتيون، ڀنڀيون ڏاڙهيون ۽ شهپر ۽ مڇون جي صدين کان رت جي ريت نڀائينديون ٿيون اچن ۽ مون ڏٺيون آهن، گهرُج جي گهاڻي ۾ پيڙهيل ۽ ڏمر ۽ ڏاڍ سان ڏهڪايل ۽ نپوڙيل نستيون جندڙيون ۽ اُنهن جا سارا پيڙيندڙ ۽ ڏهڪائيندڙ ۽ اهو سارو ناسور، جو سنڌ جي رڳ رڳ مان چڪي رهيو آهي، مون سنڌ جي ماضيءَ ۾ ٽٻيون هنيون آهن ۽ اُن جي مستقبل ڏانهن اڏاڻو آهيان ۽ ڪنهن اڻ ٿڪ ڪاتار وانگر مون اُڻيا آهن، سپنا، سنڌوءَ تي اُڀرندڙ سج جا سونهرا سپنا، اياز جي انهن سپنن کي ساڀيائون ڏيڻ لاءِ . جدوجهد ڪندڙ سائين جي ايم سيد، جنهن تي نئين سج اُڀار جي اميد ڪئي ۽ نئين روشني جي ڦهلاءَ جي لاءِ پنهنجي فڪري جدوجهد ڪندي سنڌ کي نئين سپُني جي ساڀيان لاءِ گڏجي جدوجهد جي ڪوٺ ڏني، اهو سائين جي ايم سيد، جنهن لاءِ شيخ اياز لکيو آهي ته:. جي ايم سيد سنڌ سان ايئن پيار ڪندو آهي، جيئن ڪوئي ٻار ڪنهن جيئري ڪوسيءَ ڪک سان ڪندو آهي، هن لاءِ سنڌ فقط ڪاڇو ۽ ڪوهستان، کير ٿر ۽ ڪارونجهر نه آهي. پر اهي ڏاڏا پڙ ڏاڏا به آهن، جي ڪڏهن به مئا نه هئا ۽ جي هر عيد نماز تي هن سان ڪٺا هوندا آهن!!. اياز چواڻي ته: جنهن ڏينهن انسان آزاديءَ جي اُميد پلي ڇڏي، اُن ڏينهن قيامت ايندي ڇو ته زندگيءَ جي وجود لاءِ ڪو به ڪارڻ نه رهندو” انسان ذات پنهنجي هرا وانداهي دور ۾ اهڙي ويساهه کان سواءِ ته نه رهي آهي، جنهن کان سواءِ ماڻهو تڳي نه سگهي ۽ جنهن لاءِ ماڻهو مري نه سگهي. سسيءَ لٿي سوڀ، جي هوندا پايان پانڌ ۾، هيءُ جڳ سوڌو لوڀَ، سوپڻ گهوريو گهوريان (خليفو نبي بخش) لهوءِ ۾ لت پت، ڌرتي منهنجي ديس جي، پرکي پئي پت، جهونجهارن جي جنگ ۾ (اياز) جي ايم سيد جي مخالفت خدا ڪارڻ؟! عبدالخالق جوڻيجو دنيا جا سمورا غيرمعمولي ماڻهو تڪراري هوندا آهن پوءِ اهي پيغمبر هجن، انقلابي هجن يا سائنسدان هجن. جي ايم سيد هن خطي جو هڪ غيرمعمولي شخص هئو، تنهن ڪري ان جو تڪراري هجڻ ڪا غير معمولي ڳالهه ناهي. جن ماڻهن کي سندس نظريي، فڪر، عمل، ڪردار ۽/يا حڪمت عملين سان اختلاف هوندو اهي مٿس تنقيد به ڪندا، اختلاف به ڪندا، اعتراض به ڪندا ۽ ڪندا به رهن ٿا، گهٽ ۾ گهٽ مون کي ان تي ڪو اعتراض ناهي، ڇاڪاڻ ته سڀني غيرمعمولي ماڻهن سان ايئن ٿيندو آهي. پر جي ايم سيد جي معاملي ۾ ڳالهه ڪجهه ٻي ۽ صورتحال مختلف آهي، هتي ڪجهه ماڻهن جي ڳالهين مان ۽ انهن جي عمل ۽ ڪردار مان ايئن محسوس ٿيندو آهي ته جهڙوڪ انهن کي جي ايم سيد جي معاملي ۾ ڳالهه ڪجهه ٻي ۽ صورتحال مختلف آهي، هتي ڪجهه ماڻهن جي ڳالهين مان ۽ انهن جي عمل ۽ ڪردار مان ايئن محسوس ٿيندو آهي ته جهڙوڪ انهن کي جي ايم سيد سان “خدا ڪارڻ” دشمني آهي، هڪ ٻئي جا سخت مخالف چيا ويندڙ ۽ سمجهيا ويندڙ جي ايم سيد دشمنيءَ ۾ هڪ ٻئي سان متفق نظر ايندا آهن. جي ايم سيد جون غلطيون ڳولهڻ لاءِ دوربينيون ۽ انهن ۾ وڌاءُ ڪرڻ لاءِ خوردبينيون کنيو پيا هلندا پر ٻيا ماڻهو ساڳئي قسم جون غلطيون ڏهوڻيون ڪندا ته يا ته انهن جو ذڪر ئي نه ڪندا يا وري ماڳهين انهن جو بچاءُ ڪندا ۽ انهن جي حق ۾ مختلف جواز گهڙيندا ۽ مجبورين جا داستان پيش ڪندا. مان هميشه چوندو آهيان ته جي ايم سيد تي ضرور تنقيد ڪريو پر انهن ڪمن ۽ عملن جي بنياد تي جيڪي هن ڪيا آهن، اهي نه جيڪي توهان جي دماغ ۾ آهن، ۽ پوءِ انهن ساڳين بنيادن ۽ معيارن تي پنهنجي پسنديده ليڊرن جو ۽ خود پنهنجو به تنقيدي جائزو وٺو. رجعت پسند هجن يا ترقي پسند، مذهبي بنياد پرست هجن يا سيڪيولر، جمهوريت جا شيدائي هجن يا آمريت جا ساٿاري، انهن جي اڪثريت جا جي ايم سيد بابت خيال هڪ جهڙا هوندا آهن ۽ اهي لڳ ڀڳ اهي هوندا آهن جيڪي حڪمرانن جا هوندا آهن ۽ جيڪي اسٽيبلشمينٽ ڦهلائيندي رهندي آهي. ايتري تائين جو ڪي ڪميونسٽ ۽ “ٺڦ انقلابي” به ان معاملي ۾ حڪمرانن جي قطار ۾ بيٺل نظر ايندا، انهن ۾ زندگيءَ جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ جهڙوڪ سياستدان، اديب، ليکڪ، صحافي، پروفيسر، ڪامورا، انساني حقن جا جاکوڙي ۽ سماجي ورڪر وغيره، ٻيو ته ٺهيو جيڪو ڪجهه به ناهي هوندو سو ڪجهه ٿيڻ لاءِ جي ايم سيد تي تنقيد ڪندو آهي. انهن سڀني جا ساڳيا الزام ۽ اعتراض هوندا آهن، جي ايم سيد مذهبي سياست ڪئي، جمهوريت جو مخالف هئو، اسٽيبلشمينٽ جو حامي هئو، ڏسجي ته انهن الزامن جي حقيقت ڇاهي. اهو صحيح آهي ته زندگيءَ جي هڪ مرحلي تي جي ايم سيد مذهبي سياست ڪئي، پر پوءِ جلدي ئي هن نه رڳو ان سياست کي رد ڪيو پر ان کي پنهنجي زندگيءَ جي عظيم غلطي تسليم ڪيو ۽ پنهنجي ان مختصر ڪردار لاءِ ڊگهي عرصي تائين تاريخ کان معافيءَ جو طلبگار رهيو، نه رڳو ايترو پر پنهنجي سڄي ڊگهي زندگي سيڪيولرزم لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو، سياست جو ميدان هجي يا فڪري ۽ نظرياتي جنگ جو محاذ، سيڪيولرزم لاءِ هن خطي ۾ جي ايم سيد جي جدوجهد ۽ قربانين جو ڪو مٽ ناهي. هاڻي اهو هڪ عالمگير اصول آهي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجو هڪڙو موقف/ڪردار ڇڏي ٻيو اختيار ٿو ڪري ته سندس سڃاڻپ پوئين حوالي سان ٿيندي. مثال طور محمد علي جناح زندگيءَ جي پهرئين حصي ۾ پڪو ڪانگريسي ۽ گانڌيءَ کان وڌيڪ سيڪيولر هئو پر دنيا کيس پوئين ڪردار جي حوالي سان مسلم قوميت جي وڪالت ڪندڙ مسلم ليگيءَ طور ياد ڪري ٿي. ٻئي طرف شيخ مجيب الرحمان پهرين مسلم ليگ ۽ مسلم قوميت جو پرجوش حامي هئو پر سندس سڃاڻپ هڪ سيڪيولر سياستدان ۽ بنگالي قومپرست طور ٿئي ٿي. جي ايم سيد تي تنقيد ڪندڙن ۾ پيپلز پارٽيءَ وارا سڀني کان اڳرا هوندا آهن، اهي اهو وساري ويهندا آهن ته اهو سندن ليڊر ذوالفقار علي ڀٽو هئو جنهن آئيني طور رياست کي مذهبي بڻايو ۽ دنيا ۾ انوکو مثال قائم ڪندي رياست کي اهو اختيار ڏنو ته اها ماڻهن جي مذهب جو تعين ڪري جڏهن ته جديد دنيا جا سمورا اصول ۽ قانون اهو ٿا چون ته مذهب انسان جو ذاتي معاملو آهي ۽ رياست جو ڪو به مذهب ناهي ٿيندو. سندس پوئلڳ صوفي يونيورسٽي ته قائم ڪن ٿا پر کين خبر ناهي ته صوفين جو رهنما اصول اهو آهي ته “اري لوگو تمهارا ڪيا، مين جانون ميرا خدا جاني”. مزي جي ڳالهه ته جي ايم سيد تي مذهبي سياست جي حوالي سان تنقيد ڪندڙ “ترقي پسند” صحافي ۽ ليکڪ ذوالفقار علي ڀٽي جي ان ڪارنامي جو ذڪر ئي ناهن ڪندا جنهن جي نتيجي ۾ هن ملڪ ۾ مذهبي انتهاپسندي وڌي ۽ ان جي ڪري ٿيندڙ دهشتگرديءَ ايتري تباهي ڪئي آهي. ويجهڙائيءَ ۾سنڌ جو هڪ اهم سياسي ڪردار ڄام ساقي گذاري ويو، ان پنهنجي زندگيءَ جو جيترو حصو (اٽڪل ۲۵ سال) ڪميونسٽ نظريي تحت هارين مزدورن جي مفادن لاءِ سيڪيولر سياست ڪئي، اوترو ئي عرصو ان جي ابتڙ وڏيرن، جاگيردارن ۽ پيرن ميرن تي مشتمل ۽ ملڪ کي مذهبي بڻائيندڙ جماعت پيپلز پارٽيءَ ۾ ڪم ڪيائين. ڪميونسٽ نظريي کي رد ڪندي پيرن جي درگاهن تي چلا ڪڍيائين ۽ ملڪ جي سڀ کان اهم مذهبي نظرياتي پارٽي جماعت اسلاميءَ جي مرڪز ادارا نورالحق ۾ وڃي سوشلزم تي تنقيد ڪيائين، هڪڙو ٻيو همراهه جنهن جي ايم سيد جي پارٽي ۽ جدوجهد کان “ترقي پسندي” جي بنياد تي علحدگي اختيار ڪئي، اهو پنهنجي هر سياسي عمل جي شروعات مذهبي رسمن سان ڪندو آهي، جڏهن عراقي ڊڪٽيٽر صدام حسين آمريڪي حملي وقت عوام جي مذهبي جذبن کي اڀارڻ خاطر ملڪي جهنڊي تي ڪلمو لکرايو ته هن همراهه سنڌ ۾ چاڪنگ ڪرائي پاڻ کي صدام وانگر مسلمانن جو ليڊر لکرايو. جي ايم سيد تي سندس هڪڙو اعتراض اهو به هئو ته اهو وڏيرو آهي ۽ وڏيرڪي سياست ٿو ڪري پر پوءِ پاڻ هي همراهه سالن جا سال ڏکڻ ايشيا جي سڀ کان وڏي جاگيردارن جي جماعت (پيپلز پارٽي) سان گڏ سياست ڪندو رهيو. ان ۾ کيس ڪا به خرابي نظر نه آئي ۽ نه ئي سيد تي تنقيد ڪندڙ لکارين ڪڏهن ان جو ذڪر ڪيو. جي ايم سيد سان “خدا ڪارڻ” دشمني رکندڙن کي هڪڙي تڪليف اها به هوندي آهي ته جنرل ضياءَ، سيد سان ملاقات ڪئي، انهن ۾ شامل هڪڙي خاتون پروفيسر به آهي، ان کي به سيد سان “ترقي پسندي” تي اختلاف رهيو آهي ۽ پاڻ کي وڏي پروگريسو چورائيندي آهي، جيتوڻيڪ ڪافي وقت ان نسل پرستيءَ جي سياست ڪئي، جنهن جي اڃا تائين معافي به نه ورتي اٿائين. اها رکي رکي جنرل، ضياءَ جي سيد سان ملاقات جي تصوير سوشل ميڊيا تي هلائيندي آهي. ان کي ضياءَ جي سيد سان ملاقات تي ته اعتراض آهي پر شيخ اياز جي جنرل ضياءَ جي نوڪري ڪرڻ ۾ کيس ڪا خرابي نظر نه ٿي اچي. دنيا ڄاڻي ٿي ته شيخ اياز کي مان مرتبو قومي تحريڪ ۾ قومي شاعريءَ جي ڪري مليو، موقعو ملڻ تي قومي تحريڪ کي تياڳي سنڌ جي قومي وجود جي انڪاري ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت ۾ وائيس چانسلر ٿيو، جڏهن ضياءُ الحق ذوالفقار علي ڀٽي کي پهرين اقتدار تان لاٿو ۽ پوءِ ڦاهيءَ تي چاڙهيو تڏهن به شيخ اياز ڪرسيءَ تي ويٺو رهيو، جيتوڻيڪ اها سڄي دنيا جي مڃيل روايت آهي ته جڏهن ڪا حڪومتي ٺيڪي(Contract) تي ڪي سفير يا ادارن جا سربراهه مقرر ڪندي آهي ته ان حڪومت جي وڃڻ سان اهي ماڻهو اعليٰ اخلاقيات جو مظاهرو ڪندي استعيفيٰ ڏيندا آهن. اياز نه رڳو ايئن ڪو نه ڪيو پر ڪرسي بچائڻ لاءِ ڀٽي واري لبرل سوچ کي به مٽيءَ ۾ دفن ڪندي جنرل ضياءَ واري مذهبي رنگ ۾ رڱجي ويو. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ جماعت اسلاميءَ جي سرپرستيءَ ۾ “نظريه پاڪستان، ۽ “اسلامي نظام” جي تبليغ جا پروگرام ٿيڻ لڳا. قومي تحريڪ سان واڳيل هجڻ ڪري درجنين شاگردن کي ريسٽيڪيٽ ڪيو ويو ته انهن جو ڪيس منهنجي استاد نورالدين سرڪيءَ کنيو. ان ۾ شيخ اياز طرفان لکت ۾ جواب پيش ٿيو ته “اهي شاگرد يونيورسٽيءَ ۾ راجا ڏاهر جي ورسي پيا ملهائين ان ڪري ريسٽيڪيٽ ڪيا ويا. اهي به خبرون ڪافي گرم رهيون ته شيخ اياز نوڪريءَ جي مدي ۾ واڌ جي درخواست جنرل ضياءَ ڏانهن موڪلي پر ان اها رد ڪري ڇڏي. اها خاتون اٺن اٺن ڏينهن جا اياز ميلا ڪرائيندي آهي جتي ڪيترا ئي “ناميارا” ليکڪ/ ليکڪائون اياز جي شان ۾ قصيدا پڙهندا آهن پر ڪير به مٿين ڳالهين مان ڪنهن هڪ جو به ذڪر ناهي ڪندو/ ڪندي. نه ئي اياز جي زندگيءَ جي پوئين ۲۲ سالن جو ذڪر ڪيو ويندو آهي. بس هر ڪنهن اها ئي وائي وات هوندي آ ته اياز عظيم هئو. اياز قديم هئو. باقي اها ڳالهه سڀ ڪندا آهن ته “جي ايم سيد جنرل ضياءَ سان ملاقات ڪئي، قهر ٿي ويو” (جيتوڻيڪ ائين چوڻ به درست ناهي، ڇاڪاڻ ته ملاقات جنرل ضياءَ جي ايم سيد سان ڪئي هئي). هڪڙو وڌيڪ “گناهه” جي ايم سيد جي کاتي ۾ اهو هوندو آهي ته هن جنرل ضياءَ کي شريف النفس چيو. مان ان لفظ جي پس منظر ۽ اڳ پوءِ ۾ في الحال ڪو نه ٿو وڃان، رڳو ايترو سوال مٿي ذڪر ڪيل ۽ ٻين “ڏاهن” جي آڏو رکان ٿو ته جنرل ايوب خان کي “ڊيڊي” سنڌ جو ڪهڙو سياستدان چوندو هئو. مان في الحال ان جو به نالو ڪو نه ٿو لکان. باقي اهو ياد ڏياريان ٿو ته ڀٽ شاهه جي ميلي تي جنرل ايوب خان جي وزير ذوالفقار علي ڀٽي چيو هئو ته “جيڪڏهن شاهه لطيف زندهه هجي ها ته ايوب خان جي شان ۾ شعر ضرور چوي ها”!!. جنرل ضياءَ جي حوالي سان ڪميونسٽ دوستن کي به سيد تي ڪاوڙ هوندي آهي، اهي به ضيا-سيد ملاقات کي وڏو هاڃو سمجهندا آهن، مان انهن کي چوندو آهيان ته هڪ ته ملاقات سيد نه پر ضياءَ جي خواهش تي ٿي، جنهن ۾ ضياءَ جي حيثيت حڪمران واري هئي، جڏهن ته سيد ان جو قيدي هئو. ٻيو ۽ وڌيڪ اهو نقطو آهي ته ڇا جنرل ضياءَ سان ملاقات کان پوءِ سيد، ضياءَ جي ڪن پاليسين پروگرام جي حمايت ڪئي؟. يا سيد پنهنجي پروگرام ۾ ڪا تبديلي ڪئي؟ (اها ته محترمه بينظير ڀٽو هئي جنهن اقتدار ۾ اچي ڊڪٽيٽر ضياءَ جي پاليسين تي عمل ڪيو). انهن سوالن جا جواب نه ملڻ تي چوندا آهن ته “پر اهڙي بدنام ۽ عوام دشمن ڊڪٽيٽر کي شريف النفس چوڻ ته غلط هئو” هاڻي اها ته هڪ عالمي طور مڃيل تاريخي حقيقت آهي ته ضياءُالحق، پنوشي، مارڪوس ۽ صدام حسين وغيره جهڙن ظالم، جابر ۽ فاشسٽ ڊڪٽيٽرن جو استاد هٽلر هئو. جنهن وقت اهو هڪ ٻئي پٺيان ملڪن تي قبضا ڪري رهيو هئو، قومن کي غلام بڻائي رهيو هئو ۽ پنهنجي ملڪ ۾ توڙي ٻين مفتوحه ملڪن ۾ ماڻهن کي گاهه جيان ڪتر ڪري رهيو هئو ۽ مکين مڇرن وانگر تباهه ڪري رهيو هئو ان وقت عظيم ڪميونسٽ اڳواڻ جوزف اسٽالن نه رڳو ساڻس ملاقات ڪرڻ برلن ويو پر ان سان جنگ نه ڪرڻ جو معاهدو به ڪري آيو. ان لاءِ چيو ويندو آهي ته اها سندس “عظيم” حڪمت عملي هئي. ڪيترن معاملن مان مٿي ذڪر ڪيل صرف چند مثال آهن جيڪي ڏيکارين ٿا ته زندگيءَ جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ۽ مختلف مڪتبئه فڪر وارا (ڪن حالتن ۾ ته مخالف) ماڻهو جي ايم سيد جي مخالفت تي متفق آهن، خاص ڪري انهن الزامن تي ته “جي ايم سيد” ڪنهن وقت مذهبي سياست ڪئي ۽ جي ايم سيد “ڊڪٽيٽرن جو حامي هو”. مٿيان مثال واضح نموني ثابت ڪن ٿا ته ڪي الزام ته مڪمل طور غلط ۽ ڪوڙا آهن جڏهن ته ٻين ۾ جيڪڏهن جي ايم سيد مختصر مدت لاءِ ثانوي ڪردار ادا ڪيو ته ٻين همراهن انهن ۾ زندگي جو وڏو حصو مکيه رول ادا ڪيو. وڌيڪ اهو ته جي ايم سيد پنهنجي غلطي نه رڳو تسليم ڪئي پر باقي سڄي عمر ان جي ازالي جي جدوجهد ۾ گذاري، جنهن دوران هن اهڙا ڪم ۽ عمل ڪيا جن جو فائدو سڄي سنڌ وانگر اهي تنقيد ڪندڙ به حاصل ڪري رهيا آهن. ان جي ابتڙ ٻيا ليڊر ۽ شاعر/دانشور پنهنجي متضاد موقفن ۽ ڪردار بابت ڪڏهن شرمندا نه ٿيا، پوءِ به اڄوڪا همراهه انهن جي تعريف ۽ سيد تي تنقيد ٿا ڪن. هاڻي سوال آ ته ايئن ڇو آهي؟ هڪڙو ته سولي سنڌيءَ ۾ جواب آهي ته خدا ڪارڻ دشمني ٻيو ڪن دوستن کي شايد حقيقت جي پوري ڄاڻ نه هجي يا رياستي پروپيگنڊا کان متاثر ٿيندا هجن. اهو به آهي ته جيئن سيد سدائين حڪمرانن سان جهيڙي ۾ رهيو آهي تنهن ڪري ان جي پاسي بيهڻ خطري کي دعوت ڏيڻ آهي، جڏهن ته ان تي تنقيد ڪرڻ سان طاقتور ڌرين جو به آشيرواد ملندو ۽ “انقلابي” سڏائن وارو فيشن به پورو ٿيندو. بهرحال جيڪي به هجي وقت اچي ويو آهي ته سنڌ، سنڌي قوم ۽ انسان ذات جي ڀلائيءَ کي بڻياد بنائي سڀ ڪنهن جو احتساب ڪجي ۽ هر ڪنهن سان ليکو چوکو ڪجي، ڪير به طئي ٿيل “معتبر ۽ مقدس” ناهي. جڏهن ماڻهن جي گڏيل مسئلن ۽ سماج جي مستقبل بابت معاملا هجن ته لکندڙن ۽ ڳالهائيندڙن کي ذميوار ٿيڻو پوندو. ايئن نه ٿيندو ته “ٻين” جي معاملي ۾ وڏو “اصول پرست” ۽ تنقيد نگار بڻجي وڃجي ۽ “پنهنجي” واري اچڻ تي يا ته قصيده گوئي ڪجي يا وري “شام غريبان” پڙهجي. سائين جي ايم سيد مُحسن انسانيت علي نواز ٻٽ جيڪي سياستدان سائين جي ايم سيد جا مخالف آهن يا اُهي سياسي ورڪر جن سائين جي ايم سيد کي ڇڏي وڃي ڌار ديرو ڄمايو، اُهي سيد جي نظرئي جو متبادل نظريو ڏئي نه سگهيا آهن پر اُهي چوندا رهندا آهن ته سائين جي ايم سيد ڊڪٽيٽر هُيو ۽ ٻئي ڪنهن جي ڳالهه نه مڃيندو هُيو. اُها ڳالهه فقط پروئگنڊا طور ڪئي ويندي هئي ۽ ڪئي وڃي ٿي. انهن لاءِ آئون ڪيترا ئي مٿال ڏئي سگهان ٿو، هڪڙو مثال جنهن جو هيٺ ذڪر ڪري رهيو آهيان ته سائين جي ايم سيد مئڊم حميده کهڙو کي جيئي سنڌ محاذ ۾ شامل ڪرڻ ٿي گهريو پر جڏهن جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻن راضپو نه ڏيکاريو ته سائين زور زبردستيءَ ان کي شامل نه ڪيو. مئڊم جي دل رکڻ خاطر کيس عورتن جي تنظيم جو سربراهه ٺاهيائين جيڪا مئڊم ٺاهي نه سگهي. ٻيو محترم عبدالواحد آريسر کي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين شپ تان هٽائڻ لاءِ ڪيئي ٽولا سائين جي ايم سيد وٽ ويا پر سيد آريسر خلاف ڪو به قدم نه کنيو. عبدالواحد آريسر خلاف الزام هيو ته هو ڪميونسٽ آهي، ٽيون سائين جي ايم سيد جيڪي به فيصل ڪندو هيو ته اُن لاءِ جيئي سنڌ جي سينيئر اڳواڻن کي گهرائي صلاح ڪندو هيو ۽ گڏيل صلاح سان ڪو به فيصلو ڪندو هيو. جيئن حبيب الله ناريجو جي باري ۾ ڪيو ويو، حبيب الله هٿرادو طريقي سان ايئرفورس جي ڪجهه نوجوانن کي ورغلائي، انهن جا آفيس ڪارڊ وٺي وڃي ڳجهن ادارن کي ڏنا هُيا ته هي را جا ايجنٽ آهن ۽ انهن خلاف ڪورٽ مارشل ڪيو ويو هُيو ۽ کين سخت پورهئي سان سزا ڏئي جيل موڪليو ويو هُيو. اهو مسئلو سائين جي ايم سيد جي سامهون آندو ويو ته ان لاءِ پوري انڪوائري ڪرايائين. اُن انڪوائري جي بنياد تي حبيب الله ناريجو جي ميمبرشپ ختم ڪئي وئي هئي. ايس اين اي جي جڙڻ وقت هر ڪنهن ڏٺو ته سائين جي ايم سيد پنهنجا خيال ونڊيا ضرور پر مڙهيا نه، گڏيل راءِ سان فيصلا ڪرايائين. سائين جي ايم سيد جيئن ته نظربند هوندو هيو، ان ڪري جماعتن کي خودمختيارڪري ڇڏيو هُيائين. آزاد ٿيو ته به پنهنجي راءِ سڀني آڏو رکندو هُيو. هڪڙي ڳالهه چٽي هوندي هُئي ته هوُ نظريي تي ڪنهن به قسم جي سودي بازي نه ڪندو هُيو. سيد حد کان وڌيڪ جمهوريت پسند هُيو ۽ تنقيد ڪندڙن کي، تنقيد ڪرڻ لاءِ پاڻ وڌيڪ موقعا فراهم ڪندو هُيو. انهيءَ لاءِ مشهور آهي ته جڏهن سندس ڪتاب “جيئن ڏٺو آهي مون” تي محمد موسيٰ ڀٽي ۽ قربان بگٽيءَ تنقيد ڪئي هئي ته پاڻ پنهنجن سمورن ڪتابن جو سيٽ انهن ڏانهن موڪليو هيائين ته هنن سڀني تي تنقيد ڪريو. سائين جي ايم سيد مٿان هي به الزام لڳايو ويندو رهيو آهي ته هن، تنظيم اندر ڪرمنل ماڻهن مٿان ڪو به ايڪشن نه کنيو ۽ اها ڳالهه به درست ڪونهي. سيد چوندو هُيو ته “ هر الزام لاءِ انهن جي ثابتي ۽ گواهيون آڻيو، بنا گواهيءَ جي ڪنهن مٿان ايڪشن نٿو کڻي سگهجي” باقي پاڻ هر دم ڪرمنل ماڻهن جي مخالف ڪندو هُيو ۽ انهن جي جڳ جهان ۾ خواري ڪندو هيو. مثال طور هڪ دفعي گل محمد جکراڻي ڪنهن ماڻهوءَ کي سن ۾ ڇڏي ويو ۽ سائين جي ايم سيد کي عرض ڪيائين ته هن ماڻهوءَ جي زندگيءَ کي خطرو آهي. مٿس قتل جو الزام آهي، ٻئي هنڌ هوندو ته مارجي ويندو. سائين جي ايم سيد سان جيڪي به ماڻهو ملڻ ويندا هُيا ته انهيءَ ماڻهوءَ جي باري ۾ انهن کي ٻڌائيندو هيو ته؛ ”اهو ماڻهو جيڪو اوهان ڏٺو، جيڪو هيٺين بنگلي ۾ رهيل آهي، انهيءَ جو خون ٿيل آهي ۽ گل محمد خان هتي ڇڏي ويو آهي.“ آ محترم سيد غلام شاهه، محترم عبدالخاق جوڻيجو ۽ محترم محمد هاشم کوسو، جڏهن سن وياسون ته سائين جي ايم سيد انهيءَ جو ٻڌايو ته انهيءَ مٿان ڪراچيءَ جي فسادن ۾ بس مٿان فائرنگ جو ڪيس آهي، انهيءَ جا پر ڪار اهي آهن ته هتي سن ۾ رهندي به نٿو مڙي ۽ پنهنجي ٽولي سان وڃيو ڦرون ڪري وري پاڻ ۾ ڦر جي پيسن تي نه ٺهن ته جهيڙا ڪن ۽ فيصلا ڪرائين، جڏهن مون کي سندن پرڪارن جي خبر پئي ته مون کين چيو ته هلو هتان وڃي ٻاهر ڌوڙ پايو، اهڙي طرح ڪجهه ٻيا قصا به ٻڌايائين ۽ اهي قصا هر هڪ کي ٻڌائيندو رهندو هيو ۽ چوندو هيو ته؛ “هاڻي انهيءَ حالت ۾ اسان ڇا ڪريون، آئون نظربند آهيان، هڪڙي ڪمري تائين محدود آهيان، اسان جا اڳواڻ اچيو هتي ماڻهو سام طور ڇڏيو وڃن، جيڪي ڏوهاري آهن، اسان جي مجبوري اها آهي ته اسان دروازو بند نٿا ڪري سگهون!. سائين جي ايم سيد اخلاق جي حوالي سان هر وقت نصيحت ڪندو هيو ۽ چوندو هيو ته بلند ڪردار وارا انقلاب آڻيندا، هوُ ڪرمنل ماڻهن مٿان به سخت تنقيد ڪندو هيو، ان حد تائين جو هو ميڊيا جو به خيال نه ڪندو هُيو ۽ صحافين ۽ عام خلق جي سامهون به چئي ڏيندو هيو، انهيءَ جو وڏو مثال سنڌي پورهيت سنگت پاران ۱۹۹۲ع تي تاج محل هوٽل ۾ جيئي سنڌ محاذ جي، مرڪزي باڊيءَ جي مان ۾ ڏنل آجياڻي ۾ مهمان خاص طور پاڻ جيڪا تقرير ڪيائين، اها رڪارد تي آهي، جنهن ۾ سائين جي ايم سيد سوين ماڻهن جي سامهو چيو ، جنهن ۾ صحافي، دانشور، مختلف جماعتن جا اڳواڻ ۽ قومي ڪارڪنن هُيا ته “اخلاق کان سواءِ ڪا به قوم ترقي نه ڪري سگهندي، اوهان بداخلاقي ڪندئو، چوريون ڪندئو، ڌاڙا هڻندئو ته اوهان ترقي ڪري نه سگهندا، سياست جو بنياد اخلاق تي آهي، بدقسمتي آهي جو اسان جا نوجوان اخلاق جي طرف گهٽ ڌيان ڏين ٿا. جيڪڏهن اوهان ڀانيو ٿا ته اوهان آزاد ٿيو، توهان هڪ قوم بڻجو ته اوهان ۾ اخلاق هئڻ گهرجي ۽ توهان کي پئسن جي لاءِ اقتدار لاءِ بداخلاقيءَ جو ڪم نه ڪرڻ گهرجي، اوهان اخلاق جي ذڙيعي ڪامياب ٿي سگهو ٿا، هي ڊگهي تقرير آهي جيڪا ڪتاب سنڌ جو آواز ۾ “صفحي ۱۹۵ کان ۲۰۰ “ تي شايع ٿيل آهي، چوڻ جو مقصد هيو ته سيد ڪرائيم ۽ اخلاق کان ڪريل هر عمل جو مخالف هيو. ۱۹۸۴ع ۾ جيڪي دوست جيئي سنڌ محاذ ۽ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن، توڻي سنڌي پورهيت سنگت کان ڌار ٿيا ته انهن به ساڳيا الزام سائين جي ايم سيد مٿان لڳايا، جيڪي اڳ ۾ ڪميونسٽ دوست هڻندا رهيا هُيا ته جي ايم سيد وڏيرو آهي، جي ايم سيد سوشلسٽ نه آهي. وغيره. جي ايم سيد وڏيرو آهي يا وڏيرن کي ويجهو ٿو رکي، انهيءَ تي ڌار بحث ڪنداسين، هتي رڳو ايترو چوندس ته اُهي دوست، سيد کي ڇڏڻ کانپوءِ سنڌ جي هڪ وڏي وڏيري جي جماعت ۾ وڃي شامل ٿيا. جيستائين رهيو سوال ته جي ايم سيد سوشلسٽ يا ڪميونسٽ نه آهي، اها ڳالهه درست آهي ته سائين جي ايم سيد ڪميونسٽ نه هيو ۽ نه ئي جيئي سنڌ محاذ ڪميونست پارٽي هُئي/ آهي. سائين جي ايم سيد نيشنلسٽ هيو ۽ جيئي سنڌ محاذ نيشلسٽ پارٽي آهي. سيد سوشلزم کي پنهنجي آئين ۾ شامل ڪرايو هُيو، جيئي سنڌ محاذ جا چار مکيه نقطا آهن (۱) نيشنلزم (۲)سوشلزم (۳) سيڪيولرازم (۴) جمهوريت. سائين جي ايم سيد جو چوڻ هُيو ته اسان وقت ۽ حالتن موجب، سنڌ اندر سوشلزم جو نفاذ ڪنداسون، هُو سوشل شعائونزم جو مخالف هيو. سندس مسلڪ صوفي هيو، هو سنڌ جي صوفين جي تعليم کان گهڻو متاثر هُو. خاص طور شاهه عبدالطيف ڀٽائي ءَ کان گهڻو متاثر هُيو ۽ سائين جي ايم سيد واحد عالم هُيو، جنهن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کي پير ۽ فقير بجاءِ هڪ عظيم رهنما ڪري پيش ڪيو، سندس ڪتاب “پيغام لطيف” کان لطيف کان پوءِ سنڌ جي دانشورن ترقي پسند سوچ تحت شاهه عبداللطيف ڀٽائي تي تحقيق ڪرڻ شروع ڪئي. هن ڳالهه کان ڪو به انڪار نٿو ڪري سگهجي ته سائين جي ايم سيد ئي آهي، جنهن سنڌ کي قومي نظريو ڏنو. ۱۹۸۴ع ۾ جيڪي دوست ڌار ٿيا، انهن مان ڪن مزدورن ۽ هارين جي جماعت ٺاهڻ جا اعلان ڪيا، ليڪن اڳتي هلي، اهي مختلف گروپن ۾ ورهائجي ويا، ڪن جو ايمان سلامت رهيو، ڌڪ کائي وري به قومي نظريي تي رهيا پر گهر ويهي رهيا جيئن سيد قائم الدين شاهه آهي، ڪيئي وڃي وفاقي جماعتن ۾ شامل ٿيا، جتي ذات وڏيرو هيو، اهو ايئن ئي آهي، جيئن ڪجهه سياستدانن ون يونٽ خلاف هلايل تحريڪ ۾ محمد محمد ايوب کهڙو ۽ پير علي محمد راشدي جي سخت مخالفت ڪري سائين جي ايم سيد مٿان تنقيد جا تير وسايا، ڇو ته انهن ون يونٽ ٺهرائڻ ۾ سرڪار جو طرف ورتو هيو پر پوءِ اُهي وڃي ذوالفقار علي ڀٽو جا ساٿاري ٿيا جيڪو ون يونٽ واري دور ۾ ايوب خان جو وزير هو، ٻيو اهو ته ذوالفقار علي ڀٽي سان ذات وڏيرو ۽ پير شامل هُيا ۽ انهن ئي ذوالفقار علي ڀٽي معرفت پنجابين، بنگال کي پاڪستان کان عليحده ڪرايو، پريسون، بند ٿيون، ڪتابن تي بندش پئي، سياسي ورڪر جيل ويا، بلوچستان ۽ سرحد ۾ گورنر راڄ لڳا، بلوچستان تي فوج ڪشي ٿي، جيڪا اڄ تائين جاري آهي. سائين جي ايم سيد محسن انسانيت هيو، هو به عالم سڀ آباد ڏسڻ پيو چاهي، ان لاءِ هوُ سنڌ کي وسيلو بڻائڻ پيو چاهي، هوُ غلاميءَ جا ڳٽ لاهڻ پيو چاهي، هوُ مذهبي مت ڀيد کان آجو ۽ رواداري وارو ماحول پيو چاهي. اڄ پاڪستان اندر انسانيت جو ڪوس ٿي رهيو آهي. ملان ازم تيزيءَ سان اڀري رهيو آهي، بم بلاسٽ تائين، مسجدن، امام بارگاهن ۽ اسڪولن، پبلڪ پليسن، آرمي جي گاڏين ۽ درويشن جي درگاهن م بم ڦاڙيا ٿا وڃن. اڄ اڌ دنيا انهيءَ مرض ۾ ڦاٿل آهي. هو انهيءَ طريقيڪار جو مخالف هيو، هو ملان، مڪتب جو مخالف هيو، پوءِ اهو ملان مسلمانن، هندن عيساين جو هجي، ڇو ته هر مذهب ۾ ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ ملان هڪ ٻئي کي ڪافر ٿا سڏين ته پوءِ مسلمان ڪير آهي؟ سيد محبت جو درس ڏنو، هُن کي انسانيت سان محبت هئي، هن سنڌ خاطر سچ چوڻ جي ڏوهه ۾ جيل ۽ نظربنديءَ ۾ گذاريو پر نظرئي تان تر جيترو به نه هيو. سندس نظريي ۾ سنڌ جي نجات ۽ دنيا لاءِ امن جو پيغام آهي. اڄ جڏهن سيد جون چيل ڳالهيون سچ ثابت ٿيون آهن، پوءِ به سيد مٿان پيروپئگنڊا جا تير وسندا رهن ٿا. جي ايم سيد ۱۷ جنوري سنڌ کي سيد جو جنم ڏينهن مبارڪ ارباب ڇڄڙو ميڏا عشق به تون.. ميڏا يار به تون.. جڏهن کان انسان شعوري اک کولي آهي تڏهن کان ڏاهن ماڻهن، انسان جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو آهي. ڪن سائنسدان بڻجي ڪم ڪار لاءِ اوزار ايجاد ڪيا، جن جي وسيلي ڪم ڪار ۾ سهولت پيدا ٿي، انهن ايجاد نه ته اڄ دنيا کي حيرانگيءَ جي حد تائين پهچائي ڇڏيو آهي، دنيا هڪ ڳوٺ مثال ٿي وئي آهي. اهڙيءَ طرح وري ٻين ڏاهن وري ٻيا ڪم ڪيا ۽ ڪن وري انسانيت کي بچائڻ لاءِ ڪي قانون ۽ متا جوڙا يا ته جيئن انسانيت حفاظت سان اڳتي وڌي سگهي. جن جي ڪامل اصولن کي اڳتي هلي مذهب جو نالو ڏنو ويو، اهڙا ڪامل انسان دنيا جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پيدا ٿيا آهن. جن کي وري مختلف نالن سان سڏيو ويو آهي عرب دنيا ۾ انهن ڪاملن کي پيغمبر ۽ نبي سڱورا سڏيو وڃي ٿو. يورپ ڏي وري انهن کي فيلسوف سڏيو وڃي ٿو. هت هندستان ۾ وري سنت ساڌو، صوفي ۽ ٻين نالن سان گڏ ڏاهو به سڏيو وڃي ٿو. هندستان ۾ ڪرشن، مهاوير ۽ گوتم ٻڌ جهڙا عظيم انسان پيدا ٿيا جن امن جو پيغام ڏنو مثال طور هي ٿئي شخص بادشاهي ڇڏي انسانن جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪندا رهيا، هنن ڪڏهن به پنهنجي پيٽ ڀرڻ جي ۽ ماڻهن کي بکيو رکڻ جي ڪوشش نه ڪئي، سندن اهو پيغام سنڌ جي عظيم شاعر شاهه لطيف رح به پنهنجي بيتن ۾ ورجايو آهي. ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع سن جي شهر ۾ جناب جي ايم سيد پيدا ٿيو. هن ڏٺو ته سنڌ جا رهاڪو لوڪ بک ڏک ۾ ان پيغام کي سانڍيو ٿا اچن. هنن وٽ دنيا لاءِ امن ۽ خوشحاليءَ جو پيغام آهي جيڪو دنيا ۾ امن پيدا ڪري سگهي ٿو، هن ڏٺو ته اڄ کان هزارين سال اڳ به هت جي لوڪن وٽ هٿيار جي بجاءِ هٿن ۾ ساز هيو.ناچ هيو ۽ راڳ هيو. اڄ به سنڌين وٽ صوفي شاعري ۽ ساز آهي. اڄ به امن جو راڳ آهي. هن پيغام جو اهڙو ته رنگ هنن ماڻهن تي جڙهيل هيو جو بقول شاهه لطيف جي. توڙي ڌوٻي ڌوءِ، ته به لالائي نه لهي. هن مهان انسان ڪڏهن به ڪو هٿيار نه ورتو ۽ نه وري ڪو شڪار ڪيائين. زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪو نشو نه ڪيائين. بس هڪ نشو هيس انسانن سان عشق ڪرڻ جو. جيڪو سڄي زندگيءَ ۾ برقرار رهيس. آخري عمر ۾ جڏهن اسپتال ۾ داخل هيو ته، چيائين ته، مون وٽ ته سواءِ امن جي ٻيو ڪجهه به نه آهي، پوءِ هو مون کان ڊڄن ڇو ٿا...؟ هن ديس جا ماڻهو ته دشمن لاءِ به دعا گهري پوءِ ننڍ ڪندا آهن. هنن جي تڏي تي دشمن هلي ٿو وڃي ته ان کي قتل جهڙا ڏوهه به معاف ڪري ٿا ڇڏين. هنن سنڌ وارن وٽ نياڻي به ست قرآن آهي. نياڻي در تان خالي هٿي ڪا نه ٿي وڃي. عورت جي ايڏي وڏي عزت ٿا ڪن. پاڻ بک تي ويهي ٻين جو پيٽ ٿا ڀرين سنڌ جي نرم زمين تي نرم دل ماڻهو ٿا رهن. جن وٽ انسان سڀ کان اڳ مهذب ٿيو هو. سنڌو درياهه جي ڪري هي سنڌ سائي ستابي رهي آهي، شايد ان ڪري بکيون قومون سدائين. هنن تي راتاها هڻنديون رهيون آهن. اڄ به تاريخ ڳالهائي ٿي ته مو هن جي عظيم شهر کي به ڪوٽ يعني قلعو ڏنل ٿو ڏسجي. جناب جي ايم سيد سمجهي ورتو هو ته هتان ئي امن جو پيغام دنيا لاءِ ملڻو آهي، ان لاءِ هن ديس جي آزادي اشد ضروري آهي. پر هن ڏٺو ته، هتي جو ماڻهون، پينون پيرن، شاهن ۽ مُلن وٽ يرغمال ٿيل آهي، مٿان وري انگريزن جا غلام آهيون، ان لاءِ غلاميءَ جي لعنت مان جان ڇڏائڻ ضروري آهي. ۱۴ سالن جي ننڍڙي ڄمار ۾ هن سياست ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو، پهري تقرير ڪرڻ وقت ايترو ننڍو هو جو اسٽول تي بيهي خطاب ڪيو هئائين. انگريزن سنڌ کي غلام ڪرڻ کان پوءِ هندستان سان ملائي ڇڏيو هو، هن مرد مجاهد پهريون ڪم اهو ڪيو جو، هندستان کان سنڌ ڇڏائي، ڪراچي سنڌ جي گادي جو هنڌ مقرر ڪرايائين. اڳتي هلي مسلمانن جي تنظيم مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو ۽ سنڌ ۾ مسلم ليگ برپا ڪيائين. پوري هندستان ۾ فقط هڪ ئي ملڪ سنڌ هيو، جتي مسلم آباديءَ جي اڪثريت هئي، ان جي ڪري ٻيو ڪو به ملڪ اهڙي حالت ۾ ڪو نه هيو جو پاڪستان لاءِ ڪا به اسيمبلي ڪو به قرار داد ڪا نه ٿي پاس ڪرائي سگهي. ان لاءِ سنڌ اسيمبلي ۱۹۳۸ع ۾ پهريون قرار داد پاس ڪيو ۽ آخري قرار داد جناب جي ايم سيد ۱۹۴۳ع ۾ پاس ڪرايو ۽ اهڙي طرح پاڪستان ٺاهڻ لاءِ رستو صاف ٿي ويو. جڏهن ۱۹۴۶ع ۾ هن ڏٺو ته پاڪستان ته انگريز پاڻ ٿا ٺاهين ته جيئن هندستان ٻن حصن ۾ ٿي وڃي ۽ پاڻ ۾ وڙهندا رهن ۽ اسان جا محتاج رهن. تڏهن هن دانهون شروع ڪيون ته اسان سان انگريز دوکو ڪيو آهي. پر سنڌ جا وڏيرا جن کي ميمبر ٿيڻ ۽ غريبن جي مال کائڻ جو چسڪو لڳي چڪو هو. تن اچي دانهون شروع ڪيون ته جي ايم سيد ملڪ دشمن آهي. وڏيرن، ميرن کي وجهه مليو جن چيو ته بابا جي ايم سيد ته مسلمان ئي ڪونهي، ان ڪري هي پڪو ديندار شخص چئو طرف کان دشمنن جي تيرن جو نشان بڻجڻ لڳو، پويان ملڪ جو ورهاڱو ٿي ويو، الله اڪبر چئي مسلمانن هندن کي قتل ڪرڻ شروع ڪيو، هوڏانهن هندن وري رام رام ڪري ماڻهن کي ماڻ شروع ڪيو ايئن هڪ وڏو قتل عام ڪيو ويو. ٻين رياستن کي ڪٽيو ويو ۽ سنڌ ملڪ جي ماڻهن کي ڪٽي جدا ڪيو ويو. جنهن ۾ سنڌ جو وڏي ۾ وڏو نقصان ٿيو، عالم، اديب ۽ واپاري ماڻهو تڙجي ويا. هي سنڌين جي وڏي ڀاڄ ٿي. پهريان آرين موهن جا سنڌي تڙي ڪڍيا هئا. اهڙي ڏکي صورتحال ۾ وري به جي ايم سيد ۽ سندس ساٿين جن ۾ ادبين ۽ شاعرن جو انگ وڌيڪ هيو انهن شاندار جدو جهد ڪري ون يونٽ ختم ڪرايو ۽ وري سنڌ اسيمبلي بحال ٿي. پر وري جي ايم سيد جيل ۾ وڌو ويو. سنڌين کي حڪومت جي وهنوار کان وري به ٻاهر رکيو ويو. جڏهن جي ايم سيد ڏٺو ته، هت ته سنڌين جو جيئڻ ئي محال ٿي ويو آهي. تڏهن پنهنجي شعور جي روشنيءَ ۾ فيصلو ڪيائين ته سنڌ ته وري به غلام آهي، انگريز اسان کي وري ٻين جي غلاميءَ ۾ ڏي ڇڏيو، سنڌ جي سياستدانن کي رڳو پيٽ جي لڳل آهي، تڏهن هن حالتن جو غور سان تجزيو ڪيو ته هاڻي، سنڌ سواءِ آزاديءَ جي اڳتي وڌي ڪا نه سگهندي، سنڌ هڪ اهڙو ملڪ آهي جنهن ۾ سون جون کاڻيون به آهن پر سنڌي بک مري رهيا آهن. هو ٻچا ٿا کپائين، خودڪشيون ٿا ڪن، نام به انصاف نه آهي. ان هوندي به سندس جذبن ۾ ڪا به ڪمي نه آئي، هو آخري خطبي ۾ به چوندو رهيو، جيئن مون محسوس ڪيو آهي، جي توهان به ايئن محسوس ڪيو ۽ همت نه هاري ته پوءِ سنڌ هن مشڪل دئور مان ضرور گذري پار پوندي، مون ڪڏهن به همت نه هاري آهي، نه وري ڪو مايوس ٿيو آهيان، واقعي مايوسي هن ٻڍڙي نوجوان جي ويجهي به ڪا نه آئي، اسان سنڌين ڪڏهن به ڪنهن تي ڪاهه نه ڪئي آهي، ان جو ڪارڻ سنڌ جي شادابي آهي. خوشحال قوم ڇو ٻين تي حملا ڪندي، اهو ممڪن ئي نه آهي، پر ان جو هرگز اهو مطلب نه آهي ته ڪو سنڌي بزدل يا ڊڄڻا آهن. جڏهن به سنڌين کي ڌارين تنگ ڪيو آهي ته پوءِ سنڌين سوين سال جنگ ڪري وري وطن ڌارين کان ڇڏائي کين ڀڄائي ڪڍيو آهي، پوءِ اهي عرب سڳورا هجن، ايراني قابض هجن ، افغاني، طو راني هجن، ڊچ، انگريز يا ڪي ٻيا هجن. سنڌ جي نرم ڀوري زمين ۾ اهڙو ڪو اثر آهي، جو اها ڌارين کي به ٿوري وقت ۾ سنڌي ڪري ڇڏيندي آهي اهڙيون حقيقتون جي ايم سيد پنهنجي سٺ ڪتابن جي تي درج ڪري ويو، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان سنڌي اهي پڙهي ته ڏسون. واقعي جي ايم سيد جو ڏنل پيغام هر روز اڳتي وڌي رهيو آهي، چوويهن ماڻهن مان هن وقت لک ٿي ويا آهن، ۽ ٻيا هٿرادو نظريه پوئتي پوندا ٿاوڃن جنهن جا اسان سب اکين ڏٺا شاهد آهيو، جيئن يوناني حملي وقت سنڌين پاڻ ساڙي، يونانين کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو هو، اڄ به سنڌي سنڌ جي آزاديءَ لاءِ سڙي ڪوئلاٿي رهيا آهن، پر حق جي راهه تا سندن پير تڙن نٿا. جي ايم سيد جمن در جو شعر چوندو رهندو هو، وٺي هر هو جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو، ختم اونداهه ٿي ويندي چٽيءَ چانڊاڻ ۾ ملبو، ۱۷ جنوري سنڌين مبارڪ هجي آمين. سائين جي ايم سيد سندس سالگرهه ۽ قومي قيادت درياهه خان جهتيال جديد قومپرستي جو بنياد وجهندڙ رهبر سنڌ سيد غلام مرتضيٰ شاهه (سائين جي ايم سيد) نه صرف قومپرست سياست جو باني، نئين سنڌ جو خوبصورت تصور ڏيندڙ آهي پر کيس جديد سنڌي ادب، ادب ۾ ترقي پسند روشن خيال لاڙن، قومي سوچ ۽ فڪر جو باني طور سڃاتو وڃي ٿو، سائين جي ايم سيد جتي سياست ۾ مُني صدي کان به وڌيڪ عرصي تائين سنڌ جي ماڻهن جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ جدوجهد ڪئي اتي قيد به ڪاٽيو ۽ اتي سنڌي ادب، ٻولي ۽ ثقافت لاءِ به پاڻ پتوڙيو، سائين جي ايم سيد جو جنم ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع تي سن ۾ سيد محمد شاهه جي حويلي ۾ ٿيو، جنهن جي هڪ سال بعد والد محترم کي ڪراچي ۾ شهيد ڪيو ويو. سائين جي ايم سيد کي سنڌي ٻولي سان عشق هو، سنڌي ٻوليءَ جي ترقي واڌاري لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي، سائين لسانيات جو به ماهر هو، سنڌي ٻولي جي قدامت ۽ تاريخ بابت ”سنڌي زبان جو مسئلو” ڪتاب ان جو عملي ثبوت آهي، ان ڪتاب ۾ سائين جي ايم سيد سنڌي ٻولي جي بين الاقومي حيثيت، انڊو آرين ٻولي ۾ سنڌي جي قدامت ڳالهائيندڙ جي تعداد جي لحاظ کان سنڌيءَ جي اهليت وسعت، تمدن اسلاميءَ ۾ سنڌي جي اهم حيثيت پاڪ_هند جي ماڊرن ٻولين ۾ سنڌيءَ جي اهم حيثيت، سنڌيءَ جي اهليت ۽ اهميت، پاڪستان ۾ قومي زبان بابت مختلف نظريا، اردو قومي زبان بڻجڻ جي اهليت آهي ڇا، ۽ ٻيا مضمون شامل آهن، سائين جي ايم سيد سنڌي ثقافت جي اهميت ۽ افاديت بابت ۱۹۶۳ع ۾ ”سنڌ ڪلچر” ڪتاب لکي سنڌي ثقافت جي مفهوم، ترڪيب ۽ صورت بابت ڄاڻ ڏني، سائين جي ايم سيد جا ۱۹۷۶ع ۾ ”جُنب گذاريم جن سين” ڪتاب ۾ سياستدانن، قومي ڪارڪنن، اديبن، شاعرن، استادن، عورتن تي لکيل سوانحي خاڪا تاريخي اهميت رکن ٿا، سائين جي ايم سيد سنڌ جي سورمن بابت ڪتاب”سنڌ جا سورما”لکي قوم کي پنهنجي قومي هيرن ۽ قومي سورمن کان واقف ڪرايو، سيد ”سنڌوءَ جي ساڃاهه”ڪتاب لکي سنڌي ماڻهن ۾ وڃايل قومي ۽ تاريخي شعور ٻيهر زنده ڪرڻ لاءِ هڪ ڪارائتو مثالي ۽ شاندار ڪم ڪيو، سيد نه رڳو سنڌ جي تاريخ ۾ مختلف وقتن تي سنڌ جي حقن جي لاءِ عملي ڪردار ادا ڪيو پر علمي حوالي سان به اڻ وسرندڙ ڪردار ادا ڪيو، سيد جا لکيل ڪتاب تاريخي حيثيت رکن ٿا. سن جهڙي پٺ تي پيل ڳوٺ ۾ ۱۹۲۵ع ۾ انگريزي جا ڪلاس شروع ڪرايا، نياڻين جي تعليم لاءِ خاص الڳ اسڪول، هارين ، نارين، پورهيتن لاءِ نائيٽ اسڪول قائم ڪرايائين ۽ ماڻهن ۾ تعليمي شعور پيدا ڪيو، سن ۾ ۱۹۲۸ع ۾ ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچي جو صدر چونڊجڻ بعد ”ڳوٺ سڌار تحريڪ” جو بنياد وڌو ۽ مشهور سماج سڌارڪ جمشيد مهتا صدر ۽ سائين جي ايم سيد پاڻ سيڪريٽري ٿيو، اڳوڻي ضلعي ڪراچي ۾ ۱۹۲۸ع ڌاري ضلي لوڪل بورڊ ڪراچي جي صدر، نائب صدر ۽ تعليمي ڪاميٽي جي چيئرمين جي حيثيت ۾ سائين جي ايم سيد ڪراچي سميت جهوڪ شريف، مانجهند، سن، لاکا، لڪي، سيوهڻ، آراضي، دادو، ميهڙ، پاٽ شريف ۽ ٻين شهرن ۽ ڳوٺن ۾ هاءِ اسڪول قائم ڪيا. سائين جي ايم سيد، سنڌ يونيورسٽي جي قيام لاءِ تمام گهڻي ڪوشش ورتي ۽ سنڌ يونيورسٽي جي بانيڪارن مان هو، سندس ئي ڪوششن سان يونيورسٽي قائم ٿي، سائين جي ايم سيد ۱۹۴۰ع ۾ صوبائي وزير تعليم هئڻ دوران پاڻ سنڌ يونيورسٽي جي ٺهڻ لاءِ ۲۴ جون ۱۹۴۰ع تي سيد ميران محمد شاهه جي سربراهي ۾ ۱۵ رڪني ”سنڌ يونيورسٽي ڪاميٽي” قائم ڪئي جنهن ۾ علامه آءِ آءِ قاضي، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو، چيلمل پرسرام گلراجاڻي، ڊاڪٽر هوت چند، مولچند گربخشاڻي، روپ چند، پِيلا رام ۽ ٻيا شامل هئا، جڏنهن ته بي جي واسواڻي ڪاميٽي جو سيڪريٽري هو، ايئن جو ۱۹۴۷ع ۾ سنڌ يونيورسٽي قائم ٿي، مارشل لا جي دور ۾ جڏهن سياسي سرگرمين تي بندش لڳائي وئي ته سائين جي ايم سيد ۱۸ اپريل ۱۹۶۶ع تي ”بزمِ صوفيا سنڌ” قائم ڪري سنڌ ۾ ثقافتي تحريڪ شروع ڪئي. سائين جي ڪوشش سان ۱۹۵۱ع ۾ سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي واڌاري ۽ ترقي لاءِ ”مرڪزي صلاحڪاري بورڊ” قائم ڪيو ويو، بعد ۾ ان بورڊ جي ۱۹۵۸ع تائين ورڪنگ ڪاميٽي جو چيئرمين رهيو، آڪٽوبر ۵۰_۱۹۴۰ع ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي سن ۾ ذاتي خرچ تي ترسائي ”سنڌي لغت” تي ڪم ڪرايو، ۱۹۵۱ع ۾ ”جامع سنڌي لغت” جي رٿ پيش ڪئي وئي ان کي منظور ڪيو ويو، سائين جي ايم سيد ۴ مارچ ۱۹۷۲ع کان سنڌ جي آجپي لاءِ باقاعدا جدوجهد شروع ڪئي، سائين جي ايم سيد ۸۸_۱۹۸۷ع ۾ سنڌ قومي اتحاد (ايس اين اي) ٺاهيو، جنهن جو چيئرمين عبدالحميد خان جتوئي هو ۽ ممتاز علي ڀٽو، مير حيدر ٽالپر، اعجاز خان جتوئي، آغا شاهين پٺاڻ، رسول بخش پليجو ۽ ٻيا سنڌ جا سمورا مک اڳواڻ ۽ قومپرست جماعتون شامل ٿيون. سائين جي ايم سيد جهڙن عظيم ڪردارن لاءِ ئي شيخ اياز چيو هو”ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا، وقت جي اهڙي چيخ ٿين ٿا، ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا”، جُمن دربدر چيو آهي ته ”وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو، ختم اونداهه ٿي ويندي، چٽي چانڊاڻ ۾ ملبو”، شيخ اياز ۽ جمن دربدر جي شاعري ۾ جرڪندڙ عظيم رهبر جي اڄ سالگرهه ملهائي پئي وڃي، پر افسوس ته وقت تيزي سان مٽنجندو پيو وڃي پر سيد جا پيروڪار هڪ پروگرام ڪرڻ لاءِ هڪ هنڌ گڏ نٿا ٿين، اهي لفظ لکڻ ۾ ڏاڍي تڪليف ٿئي ٿي ته ”سيد جي سالگرهه تي مختلف پارٽين پاران سن ۾ ڌار ڌار جلسا ڪيا ويندا”، اهي لفظ ڏاڍو ڏک ڏين ٿا، رهبر کي سندس ورسي ۽ سالگرهه تي ياد ته ڀرپور نموني سان ڪيو وڃي ٿو، ٻاهرين ملڪن سميت سڄي سنڌ ۽ سن ۾ مرڪزي تقريبون ٿين ٿيون پر هاڻي اهي ڌار ڌار جلسا نه ٿيڻ گهرجن، قوم جي ليڊرن کي هڪ ٿيڻ جي ضرورت آهي، ڇو جو سائين جي ايم سيد جي محور سنڌ هئي، سنڌي قوم لاءِ سيد پاڻ پتوڙيو نڪي پنهنجي لاءِ، سيد سنڌ پرستي، انسان دوستي، علم دوستي، عظيم مقصد لاءِ سڄي زندگي علمي ۽ عملي پورهيو ڪيو، ان جدوجهد جي پاداش ۾ زندگيءَ جو لڳ ڀڳ ٽيون حصو قيد و بند جون تڪليفون برادشت ڪيون، ان ئي سيد جا پيروڪار اڃا به جيڪڏهن گڏ نه ٿيندا ته قوم مايوس ٿيندي، هي وقت سنڌي قوم کي مايوس ڪرڻ جو ناهي، بلڪه ليڊرشپ کي هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ جو آهي جنهن سان قوم کي حق حاصل ڪرڻ جو رستو سولائي سان ملي سگهي. سائين جي ايم سيد سنڌي قومپرستيءَ جو سرواڻ قاسم اڄ ان شخص جو ڄمڻ ڏينهن آهي جيڪو سنڌ توڻي سنڌ کان ٻاهر سنڌي قومپرستي جو بنياد وجھندڙ طور سڃاتو وڃي ٿو. سائين جي ايم سيد اڄ جي ڏينهن ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع تي سن ۾ جنم ورتو. سنڌ مان جيتوڻيڪ ڪيترا ئي اهم سياسي اڳواڻ هئا جيڪي پاڪستان کان پهرين ۽ بعد ۾ سياسي ميدان ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهيا ۽ ڪندا رهن ٿا، پر انهن سڀن ۾ سائين جي ايم سيد کي خاص اهميت حاصل آهي. جيتوڻيڪ ڏٺو وڃي ته سنڌ اندر هڪ وڏو حلقو سائين کي خراج پيش ڪندو رهي ٿو ته ساڳئي وقت سنڌ اندر سائين متعلق تنقيدي راءِ به موجود رهندي پئي اچي. منهنجي خيال ۾ سڀ کان پهرين سنڌ جي عوام خاص طور سنڌ جي سياسي ڌرين، شاگردن ۽ ٻين باشعور ماڻهن کي اها ڳالهه ذهن نشين ڪرڻ گھرجي ته جيستائين اسين شخصيت پرستي ۽ اکين تي ڪاري پٽي ٻڌي، ڪنهن نظريي تي بغير غور ڪرڻ جي ان کي پوڄيندا رهنداسين، تيستائين سنڌ جي ترقي ناممڪن آهي. ڇاڪاڻ ته هيءُ دور تحقيق، سوچڻ ۽ لوچڻ جو دور آهي، هن دور ۾ اهي ئي قومون اڳتي وڌي سگھن ٿيون ۽ جٽاءُ ڪري سگھن ٿيون، جيڪي عقلي بنيادن تي شين کي پرکڻ ۽ جائز تنقيد جا دروازا کولي دنيا سان قدم ۾ قدم ملائي اڳيان وڌن ٿيون. تنهنڪري سڀ کان پهرين اسان کي طئه ڪرڻو آهي ته ڪنهن جي شخصيت جي ڪردار ڪشي ڪرڻ کان پاسو ڪندي، هر شخصيت ۽ نظريي تي تحقيقي ۽ عقلي بنيادن تي بحث مباحثو ۽ تنقيد ٿيڻ گھرجي جنهن سان يقينن نوان پيچرا نروار ٿي سگھن ٿا، جيڪي قومن جي تقديرن بدلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگھن ٿا. هن وقت ڏٺو وڃي ته سنڌ جي سياست ۾ ٽي سياسي نظريا حاوي آهن جن ۾ ڀٽو، سيد ۽ پليجو شامل آهن. جيتوڻيڪ انهن ٽنهي شخصيتن سان مختلف حوالن سان اختلاف ٿي سگھن ٿا پر ان سان گڏوگڏ اهو ياد رکڻ گھرجي ته سنڌ جي سياست ۾ انهن ٽنهي سياسي شخصيتن ۽ سندن پارٽين جو هڪ اهم ڪردار رهيو آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ فراموش نٿو ڪري سگھجي. سائين جي ايم سيد پاڪستان جي قيام کان پهرين توڻي پوءِ سنڌ جي قومي سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ٻئي طرف ڀٽي جو سنڌ جي ڏتڙيل ماڻهن کي سندن اهميت کان واقف ڪرائڻ ذريعي پڻ اهم ڪردار رهيو. ساڳيءَ طرح رسول بخش پليجي سنڌ جي سياست کي طبقاتي توڙي قومي سوال طور کڻڻدي، سنڌ جي وڏيرن، سردارن، پيرن، ميرن ۽ ساڳئي وقت لساني فاشزم کي چئلينج ڪيو. پر ان باوجود اهو ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته جيئن مان مٿي لکي چڪو آهيان ته سنڌ کي اهڙن تحقيقدانن، تجزيي نگارن، سياسي ڪارڪنن، اديبن ۽ دانشورن جي ضرورت آهي، جيڪي ماضي ۽ حال جي اهم ڪردارن جي سگھ ۽ ڪردار کي تنقيدي نقطئه نگاهه سان پيش ڪندي ۽ انهن جي سياسي ڏاهپ کي مدنظر رکندي مستقبل ۾ خطرن کان بچڻ ۽ سنڌ کي ترقي جي راهن تي گامزن ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگھن. سائين جي ايم سيد جي شخصيت جا به انيڪ پاسا آهن، هو هڪ ئي وقت سنڌ ۽ هند جو مشهور سياستدان به آهي ته ساڳئي وقت چوٽيءَ جو ڏاهو، اديب ۽ دانشور به. سائين سنڌ جي بمبئي کان عليحدگيءَ جي تحريڪ ۾ اهم ڪردار به ادا ڪري ٿو ته ساڳئي وقت هو اڳيان هلي مسلم ليگ کي سنڌ ۾ مضبوط بڻائڻ ۾ به ڪردار ادا ڪري ٿو. هي اهو ئي مانجھي مرد آهي جنهن جي ڪوششن سان ئي سنڌ اسيمبليءَ منجھان پاڪستان جي حمايت ۾ سڀ کان پهرين قرارداد پاس ڪئي وئي ۽ بعد ۾ ساڳئي شخص طرفان پاڪستان جي مخالفت ۾ سنڌوديش جو نعرو بلند ڪيو ويو، جنهن نعري تي سائين پنهنجي زندگي جي آخري لمحي تائين قائم رهيو. سائين جي ايم سيد هندستان جي سياست ۾ سنڌ جي بمبئي کان عليحدگيءَ واري تحريڪ دوران هڪ اهم شخصيت طور سامهون آيو. جيتوڻيڪ سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي جو سڀ کان پهرين مطالبو هرچندراءِ وشنداس ڀارواني طرفان ۱۹۱۳ع ۾ ڪانگريس جي سالياني ڪنوينشن ۾ ڪيو ويو هو. پر ان مطالبي کي اڳيان وٺي هلڻ ۾ محمد ايوب کهڙو ۽ سائين جي ايم سيد جو قابل ذڪر ڪردار هو. سائين سنڌ ۾ مختلف نالن سان پارٽين جي پليٽ فارم ذريعي سياست ڪندو رهيو، پر ۱۹۴۲ع ۾ مسلم ليگ جو صدر منتخب ٿيو. سائين جي ايم سيد جي مسلم ليگ قيادت جي نظر ۾ اهميت ۱۹۳۷ع جي چونڊن ۾ وڌي، جڏهن مسلم ليگ سنڌ مان صرف ۴.۶ سيڪڙو ووٽ مس حاصل ڪري سگھي. انهن چونڊن ۾ سنڌ يونائيٽيد پارٽي کي واضع اڪثريت نصيب ٿي، جنهن جي اڳواڻي سنڌ جي ڪجھ مشهور زميندارن ۽ برطانوي سرڪار نواز شخصيتن جهڙوڪر سر عبدالله هارون، سر شاهنواز ڀٽو، سر غلام حسين هدايت الله ۽ ميران شاهه جي هٿن ۾ هئي. سال ۱۹۳۷ع جي چونڊن ۾ شڪست کانپوءِ ئي مسلم ليگ کي سنڌ جي سياست جي رمزن جي پروڙ پئي ته اصل ۾ ان وقت سنڌ جي سياست جون واڳون پيرن، ميرن ۽ زميندارن جي هٿن ۾ هيون. اهو ئي اهم سبب هو جو مسلم ليگ قيادت خاص طور جناح صاحب کي سنڌ جي پيرن ۽ جاگيردارن ڏانهن هٿ وڌائڻو پيو. اهڙيءَ طرح مسلم ليگ جي سنڌ ۾ پيرن کوڙڻ کانپوءِ ۱۹۳۸ع ۾ ڪراچي ۾ پهرين سنڌ صوبائي مسلم ليگ ڪانفرنس گھرائي وئي، جنهن ۾ پهريون دفعو مسلمانن لاءِ الڳ ملڪ تي غور ڪيو ويو. هڪ طرف مسلم ليگ سنڌ جي بااثر شخصيتن کي پاڻ طرف ڇڪي رهي هئي ته ساڳئي وقت سنڌ جيڪا پنهنجي جوهر ۾ سيڪيولر رهندي پئي اچي، کي منهن ڏيڻ لاءِ مسلم ليگ ڪجھ اهڙو ڪرڻ جو سوچي رهي هئي، جنهن سان مسلم ليگ سنڌ جي مسلمانن ۾ گھر ڪري سگھي. ان لاءِ سڀ کان پهرين مسلم ليگ طرفان ڪانگريس جي حمايتي الله بخش سومري جي حڪومت ڊاهي، ان جي جڳهه تي مسلم ليگ جي حڪومت جوڙڻ جو سوچي رهي هئي، جنهن کانپوءِ مير بندا علي ٽالپر کي وڏوزارت جڏهن ته محمد ايوب کهڙو، جي ايم سيد ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي کي ان ڪئبنيٽ جو حصو بڻائڻ جو پلان جوڙيو پئي ويو. ان پلان کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ منزل مسجد گاهه واري معاملي کي هوا ڏني وئي ته جيئن سنڌ ۾ هندو‑مسلمان ڏڦيڙ پيدا ٿين جنهن صورتحال کي مسلم ليگ ڪيش ڪرائي سگھي. مسجد منزل گاهه واري قصي کي سمجھڻ لاءِ ٿورو ان جي تاريخ تي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي؛ منزل مسجد گاهه جي حوالي سان فرحان حنيف صديقي پنهنجي ڪتاب “دي پالٽڪس ان پاڪستان: دي بلوچ، سنڌي اينڊ مهاجر ايٿنڪ موومينٽس” ۾ لکي ٿو ته “مسجد منزل گاهه اڪبر جي دور ۾ سکر وٽ سنڌو ندي جي ٻن ڪپن تي واقع مسجد ۽ مسافرخانو جي عمارتن کي نالا ڏنا ويا هئا، جيڪي سيد معصوم شاهه طرفان اڪبر جي حڪومت دوران تعمير ڪرايون ويون هيون. انهن عمارتن جي حوالي سان تضادن تڏهن ڪر کڻڻ شروع ڪيو جڏهن هندن طرفان منزل گاهه جي سامهون مندر تعمير ڪرايا ويا جيڪي مندر هندن لاءِ عبادت جا تمام اهم ذريعا بڻجي چڪا هئا. مسلمانن طرفان ۱۹۲۰ع جي ڏهاڪي ۽ ۱۹۳۶ع ۾ جڏهن سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي واري تحريڪ جاري هئي، تڏهن ان اشو کي کنيو ويو. پر ان اشو کي تڏهن ڀڙڪايو ويو جڏهن مسلم ليگ کي سنڌ جي مسلمانن ۾ پنهنجي لاءِ نرم گوشو پيدا ڪرڻو هو.” (ڏسو فرحان حنيف صديقي جو ڪتاب، دي پالٽڪس ان پاڪستان: دي بلوچ، سنڌي اينڊ مهاجر ايٿنڪ موومينٽس، صفحو نمبر ۷۸). ساڳيءَ طرح سارا انصاري پنهنجي ڪتاب “صوفي سينٽس اينڊ اسٽيٽ پاور: دي پيرس آف سنڌ، ۱۸۴۳‑۱۹۴۷ع” ۾ لکي ٿي ته مسلم ليگ پنهنجو اثر قائم ڪرڻ لاءِ اها دعوا ڪئي ته منزل گاهه ڪنهن دور ۾ مسجد طور استعمال ٿيندي هئي، تنهنڪري ان کي مندر ۾ تبديل ڪرڻ خلاف مزاحمت ڪئي وئي. ان مزاحمت پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار سنڌ جي پيرن ۽ مولوين ادا ڪيو. سنڌ اندر مسلم ليگ جي اثر وڌائڻ جي حوالي سان سارا انصاري مٿي ڏنل ڪتاب جي صفحي نمبر ۱۲۱ تي لکي ٿي ته “ليگ جي حمايت وڌائڻ واري منصوبي تحت، انهن (مسلم ليگي اڳواڻن) مسلمانن جي ذهنن ۾ سياسي شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ مسلمانن کي زور ڀريو ته اهي صرف مسلمانن جي دڪانن تان ئي شيون خريد ڪن. ساڳيءَ طرح جي ايم سيد درگاهن جي سمورن پيرن کي گذارش ڪئي ته اهي مسلمان دڪاندارن کي مسلمانن جو ڪاروبار وڌائڻ لاءِ سهولتون فراهم ڪن.” ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه آهي ته پاڪستان ٺهڻ کان پهرين سائين جي ايم سيد پاڪستان جي قيام وارين ڪوششن ۾ اڳيان اڳيان هو. سائين جي ايم سيد کي سندس وقت جي سنڌي سياستدانن خاص طور ان وقت جي پير پاڳاري پير صبغت الله شاهه ۽ ڪانگريس جي حمايتي الله بخش سومري طرفان وري وري اهو سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته هو (سيد) پاڪستان ٺاهڻ لاءِ ڪوشش ڪري تمام وڏي غلطي ڪري رهيو هو. ان حوالي سان فرحان حنيف صديقي مٿي ڏنل ڪتاب جي صفحي نمبر ۷۹‑۸۰ تي الله بخش سومرو جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته “الله بخش سومري ۱۹۴۰ع ۾ سائين جي ايم سيد کي سمجھائيندي چيو ته؛ توهان ڇا ٿا سوچيو ته پاڪستان جي قيام کانپوءِ سنڌ جا سمورا مسئلا حل ٿي ويندا؟ اهو غلط آهي ۽ حقيقتن جي بلڪل ابتڙ آهي. توهان کي اڳيان هلي خبر پوندي ته اسان جون اصل تڪليفون پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ اچڻيون آهن... هن وقت، هندو سيٺين جي لٽمار توهان کي تڪليف پئي ڏئي پر بعد ۾ توهان کي پنجاب جي ڪاموراشاهي ۽ فوج ۽ يو پي جي ذهنيت سان منهن ڏيڻو پوندو.” جيتوڻيڪ ڏٺو وڃي ته سائين جي ايم سيد جي پوري زندگي سياسي تحرڪ ۾ گذري ۽ اها به حقيقت آهي ته سائين عمر جو وڏو حصو نظربندي ۾ گذاريو. ان صورتحال ۾ سوچڻ جي ضرورت آهي ته آخر ان پٺيان ڪهڙا سبب هئا، جو سائين جي ايم سيد جهڙو قدآور سياستدان جنهن پنهن ننهن چوٽي جو زور لڳائي، سنڌ اسيمبلي منجھان پاڪستان جي حمايت ۾ ٺهراءُ پاس ڪرائڻ کان ويندي، پنهنجي همعصر سنڌي سياستدانن جي تنقيد باوجود پاڪستان سان نڀايو، تنهن باوجود اڳيان هلي آخر هن کي پاڪستان کان عليحدگي وارو رستو ڇو اختيار ڪرڻو پيو؟ سائين جي ايم سيد پاڪستان تحريڪ ۾ سندس ڪردار ۽ ان کانپوءِ هن ۽ سنڌ سان ٿيل ويڌن متعلق پنهنجي ڪتاب “سنڌ ڳالهائي ٿي” ۾ تفصيلي لکيو آهي. ان ڪتاب پڙهڻ سان سائين جي جدوجهد ۽ بعد ۾ هن سان ٿيل دوکي جي پروڙ پئي ٿي. سنڌ جي پاڪستان ۾ شموليت جو اهم سبب خودمختياري وارو نقطو هو جنهن کي عملي جامو پهرائڻ جي واعدي تحت ئي سنڌ پاڪستان ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي. پر پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ بنگالين، سنڌين، بلوچن ۽ پٺاڻن سان جيڪي ويل وهايا ويا تن کي ڏسندي يقينن هر وطن دوست ماڻهو ڳالهائڻ تي مجبور بڻيو. پر سائين پاڪستان کان عليحدگي جي ڳالهه بنگال جي بنگلاديش ۾ تبديل ٿيڻ کانپوءِ ڪئي. پاڪستان ٺهڻ شرط سنڌ ۾ مهاجرن جي آمد جي مسئلي ۽ بعد ۾ ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ واري معاملي ڏاڍي ڳنڀيرتا پيدا ڪئي. هڪ طرف منزل مسجد گاهه واري معاملي کانپوءِ هندو‑مسلمانن وچ ۾ تضادن کي رد نه پئي ڪري سگھجيو ته، ٻئي طرف وري مرڪزي حڪومت طرفان مهاجرن کي ڪراچي ۾ آباد ڪرائڻ خاطر، هندن کي لڏڻ تي مجبور ڪيو پئي ويو. جيڪڏهن ظاهري طور ڏٺو وڃي ته سنڌ اندر هندو‑مسلمان فساد ضرور ٿيا هئا پر انهن پٺيان به مرڪزي حڪومت جو ئي هٿ هو. بهرحال اهي ۽ ڪجھ ٻيا اهڙا واقعا هئا جيڪي سنڌي سياستدانن خاص طور سائين جي ايم سيد کي مجبور ڪري رهيا هئا ته هو سنڌ لاءِ ڪا سياسي لائين منتخب ڪري. سنڌي هندن جي سنڌ مان لڏڻ سبب خالي ٿيل ملڪيت تي به ٻاهران آيل مهاجرن قبضو ڪرڻ شروع ڪيو، جنهن خلاف پڻ سائين جي ايم سيد ۽ ڪجھ ٻين سياستدانن مزاحمت ڪئي ته اهي وسيلا هيٺئين طبقي جي سنڌي مسلمانن تي خرچ ڪيا وڃن. پاڪستاني رياست شروع ڏهاڙن کانوٺي ننڍن صوبن جو استحصال ڪري رهي هئي پر اڳيان هلي ان استحصال کي قائم رکڻ ۽ ان خلاف مزاحمت اڳيان بند ٻڌڻ جي نيت سان، ان طرفان پاڪستان جي قومن جي اندر ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ جي سازش پڻ ڪئي وئي. ان حوالي سان فرحان حنيف صديقي مٿي ذڪر ڪيل ڪتاب ۾ لکي ٿو ته ۱۹۸۰ع جي ڏهاڪي ۾ سنڌي قوم کي ورهائڻ جو پاڪستاني رياست ضياءُ الحق جي شڪل ۾ پورو انتظام ڪري ورتو هو. ۸۰ع جي ڏهاڪي ۾ ضياءُ الحق آمريت خلاف ايم آر ڊي تحريڪ جي شڪل ۾ مزاحمت جاري هئي. ايم آر ڊي تحريڪ ۾ اهم ڪردار پ پ پ ادا ڪري رهي هئي پر اها اصل ۾ وفاقي سطح جي پارٽي هئي. پر ساڳئي وقت پ پ پ کانپوءِ ٻئين نمبر تي ايم آر ڊي ۾ ڪردار ادا ڪندڙ عوامي تحريڪ هئي. بقول فرحان صديقي جي ضياءُ الحق طرفان جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ کي ماٺو ڪرڻ لاءِ سنڌي قوم ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي. ان ئي مقصد خاطر هن سنڌي قوم کي ٻن حصن يعني هڪ پاسي رسول بخش پليجو جي اڳواڻي ۾ جدوجهد ڪندڙ عوامي تحريڪ جيڪا ايم آر ڊي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي هئي، کي ڪمزور ڪرڻ ته، ٻئي طرف سائين جي ايم سيد جي رهنمائي هيٺ هلندڙ جيئي سنڌ محاذ کي ايم آر ڊي کان پري رکڻ جي سازش ڪئي وئي. اهو ئي وقت هو جڏهن سنڌ ٻن سياسي محاذن ۾ ورهائجي چڪي هئي، هڪ طرف ايم آر ڊي حمايت ته ٻئي طرف ايم آر ڊي کي صرف پ پ پ جي تحريڪ ڪوٺي ايم آر ڊي کان پري رهڻ جي صلاح ڏيندڙ محاذ هو. ساڳئي وقت سنڌ اندر ايم ڪيو ايم جهڙي اجگر بلا جو قيام به عمل ۾ اچي ويو، جنهن سبب پڻ سنڌ ۾ اردو ڳالهائيندڙ آبادي جي حوالي سان سنڌي قوم اندر ئي ڏڦيڙ وجھڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هڪ طرف عوامي تحريڪ هئي جيڪا ڪنهن به صورت ۾ ايم ڪيو ايم سان گڏ ويهڻ لاءِ تيار نه هئي ته ٻئي طرف سائين جي ايم سيد جي جيئي سنڌ هئي جنهن طرفان سنڌي‑مهاجر ڀائيچاري جي نقطي تي ڳالهائيندي، ايم ڪيو ايم سان ويهڻ لاءِ پڻ رضامندي جي هامي ڀري پئي وئي. سائين جي ايم سيد کي به يقينن ٻين سياسي شخصيتن جيان هڪ شخصيت جي ئي حيثيت حاصل آهي ۽ يقينن سائين جي سياست ۾ ڪيتريون ئي سٺايون ته ساڳئي وقت ڪيتريون ئي اوڻايون به هيون ۽ مان سمجھان ٿو ته اهو هر ڪنهن جو حق آهي ته هو اخلاق جي دائري ۾ رهندي سائين جي سياسي زندگي جي ٻنهي پهلوئن تي ڳالهائي سگھي ٿو. تنهنڪري سائين سان سياسي طور ماڻهو ڪيترو ئي اختلاف ڪري سگھي ٿو پر اها حقيقت به تسليم ڪرڻي پوندي ته اهو سائين جو ئي ڪمال هو جنهن سنڌ جي تاريخ ۾ تڪراري ئي سهي بهرحال سنڌي قومپرستي کي دنيا جهان اڳيان پيش ڪرڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو. ساڳيءَ طرح سائين جي ادبي پورهيي کي پڻ ڪنهن به صورت ۾ نظرانداز نٿو ڪري سگھجي. جيتوڻيڪ سائين “جيئن ڏٺو آهي مون”، “سنڌ جا سورما” وغيرهه جهڙن ڪتابن لکڻ کانپوءِ ادبي حوالي سان به تڪراري شخصيت رهيو آهي. پر هر ڪنهن کي اظهار جي آزادي جو حق آهي جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو وٽ پنهنجي ڳالهه کي دليلن جي آڌار ثابت ڪرڻ جي اهليت آهي ته ان کي ڪنهن به صورت ۾ روڪي نٿو سگھجي. مان اميد ڪريان ٿو ته منهنجي هن مضمون سان ڪنهن جي به دل آزاري نه ٿي هوندي ۽ مان سمورن پڙهندڙن کي گذارش ڪيان ٿو ته اچو ته پاڻ سڀ گڏجي سنڌ اندر صحتمند تنقيد، تحقيق ۽ دليلن سان قائل ڪرڻ واري بحث مباحثي کي هٿي وٺرائيندي، سنڌي قوم کي دنيا جي نظرن ۾ سرخرو ڪيون. بهرحال منهنجي طرفان سنڌ جي هن امر ڪردار سائين جي ايم سيد جي ڄمڻ ڏينهن تي سڄي سنڌ کي لک لک واڌايون. جي ايم سيد ۽ اڄوڪي قومي تحريڪ عبدالخالق جوڻيجو دنيا جا سمورا غير معمولي انسان (پوءِ اهي پيغمبر هجن، انقلابي هجن يا وڏا سماج سڌارڪ) ٻه ڳالهيون ضرور ڪندا آهن جيڪي انهن کي عام انسانن کان مختلف ۽ منفرد ڪنديون آهن. هڪ ته اهي پنهنجي خاص سوچ، فڪر يا پروگرام ڏيندا آهن ۽ ٻيو عملي ڪردار ۽ سندن زندگيءَ جو پيغام اهو هوندو آهي ته انسانن جي نجات ان پروگرام ۾ آهي ۽ اهو پروگرام اهري ڪردار سان عمل ۾ اچي سگهندو. جي ايم سيد هن خطي جو هڪ غير معمولي انسان هئو. ان جي زندگي به انهن ٻن ڳالهين سان عبارت هئي. سندن سوچ اها هئي ته هن خطي جي ماڻهن جي نجات نيشنلزم ۽ سيڪيولر ازم سان وابسته آهي ۽ ان مقصد جي حاصلات لاءِ هن هڪ مثالي عملي زندگي گذاري. انهن غير معمولي انسانن کي جتي هڪ طرف وقت جي بالادست قوتن سان مهاڏو اٽڪائڻو پيو آهي اتي (خاص ڪري سندن وفات کانپوءِ) سندن پوئلڳن طرفان به وڏا مسئلا پيدا ڪيا ويندا رهيا آهن. جي ايم سيد سان به ساڳي صورتحال لاڳو رهي آهي. سيد جڏهن قوم پرستيءَ جي تعريف ڪئي آهي ته هن جديد قومر پرستي جو ذڪر ڪيو آهي. اتي سوال ٿو پيدا ٿئي ته هن جديد قومپرستيءَ جو اصطلاح ڇو استعمال ڪيو ۽ ان مان سندس مراد ڇا آهي. تاريخ ۾ قوم جو (۽ قوم پرستيءَ جو) تصور مختلف وقتن تي مختلف رهيو آهي. ڪڏهن قبيلي کي، ڪڏهن مذهب کي ته ڪڏهن ڪنهن ٻي ڳالهه کي قوم جو بنياد قرار ڏنو ويو. جي ايم سيد جنهن قوم پرستيءَ جي ڳالهه ڪئي آهي ان ارڙهين صديءَ ڌاري مغربي يورپ ۾ وجود ورتو. ان جا بنياد تاريخ، جاگرافي، زبان، ڪلچر ۽ مشترڪه مفاد آهن ۽ انهن ئي بنيادن تي دنيا ۾ قومن کي تسليم ڪيو وڃي ٿو. ان جي وجود وٺڻ جو هڪڙو خاص پسمنظر آهي. يورپ تي هڪ ڊگهي عرصي کان ٽن عنصرن جي بالادستي هئي. چرچ، جاگيردار ۽ بندوق جي زور تي قائم سلطنتون، اهو يورپ جو اونداهون دور سڏيو ويو آهي. جڏهن اتي سجاڳيءَ جو دور آيو ته ٽن نون عنصرن جو پراڻن سان مقابلو ٿيو. اهي هئا، سيڪيولرازم، ڪئپيٽلزم ۽ قومي رياستون ۽ پوءِ تاريخ جي فيصلي تحت پراڻن کي شڪست نصيب ٿي ۽ نئون يورپ دنيا جي نقشي تي نمودار ٿيو. ان مان ظاهر ٿيو ته جديد قوم پرستي ملائيت، جاگيرداري ۽ سامراجيت جي شڪست جي صورت ۾ وجود ورتو. ان مان اهو نتيجو نڪتو ته جديد دنيا جي قومي تحريڪ لاءِ لازمي آهي ته اها سيڪيولر هجي، لازمي آهي ته اها جاگيردار دشمن هجي ۽ لازمي آهي ته اها سامراج دشمن هجي. سنڌ ۾ قومي تحريڪ جي ارتقا جي تفصيل ۽ تشريح پيش ڪندي سائين جي ايم سيد جيڪو تجزيو ڪيو آهي ان مطابق نيشنلزم بمقابله پئن اسلامزم آهي. هڪ طرف پئن اسلامزم جي تحريڪ آهي (محمد بن قاسم ۽ جمال الدين افغانيءَ کان وٺي سر سيد احمد خان تائين) جنهن جو منشور ۽ مقصد اهو آهي ته سڄي دنيا جا مسلمان هڪڙي قوم آهن، مسلمان باقي ٻي سڄي دنيا کان معتبر (Superior) آهن ۽ سڄي دنيا تي مسلمانن جي حڪمراني هجڻ کپي. ٻئي طرف راجا ڏاهر کان وٺي سنڌ جي تشخص جي تحفظ جي جنگ مخدوم بلاول، دولهه دريا خان، هوش محمد شيدي، الله بخش سومري ۽ حيدر بخش جتوئيءَ کان ٿيندي (بنگلاديش جي قيام کان پوءِ) جديد بنيادن تي سنڌ جي آزاد ۽ خودمختيار رياست جي بحاليءَ واري جدوجهد تائين پهتي آهي. ان کان علاوه تاريخي علم ۽ پنهنجي تجربن جي روشنيءَ ۾ سائين ان نتيجي تي پهتو ته پيرن، ميرن، وڏيرن ۽ جاگيردارن سردارن مان سنڌ جي ڀلائيءَ جي اميد رکڻ اجائي آهي. اهو ئي سبب آهي ته ۱۹۷۲کان ڪوبه پير، مير، وڏيرو (بشمول سندس خاندان جي) سندس تحريڪ ۾ شامل نه رهيو. سنڌ جي قومي تشخص جي تلاش، تحفظ، بقا ۽ نجات لاءِ جنگ ڪرڻ جي پاداش ۾ سيد سان وقت جي حاڪمن ۽ انهن جي ايجنٽن جيڪي ورتاءُ ڪيو آهي ان بابت ڪافي لکيو ۽ ڳالهايو ويو آهي ۽ اهو مقابلو به اڃا جاري آهي پر اها به هڪ مڃيل ۽ ثابت ٿيل حقيقت آهي ته انساني جسم هجي يا انساني سماج اهو ٻاهرين حملن جو مقابلو تڏهن ڪاميابيءَ سان ڪري سگهندو ۽ اها مقابلي جي سگهه تڏهن پيدا ٿيندي. جڏهن اندروني نظام صحيح صورت ۾ هوندو. سو جيڪڏهن اسان سنڌ سان ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ سان پنهنجي جسم وانگر پيار ڪريون ٿا ته پوءِ سنڌ جي صحت جي ضامن قومي تحريڪ جي اندروني نظام کي درست حالت ۾ رکڻو پوندو. اهو درست تڏهن ٿيندو جڏهن ان کي لاحق بيمارين جو علاج ڪبو ۽ جديد طب ٻڌائي ٿي ته بيمارين جو صحيح علاج تڏهن ٿيندو جڏهن انهن جي تشخيص ڪبي ۽ انهن جي وجود کي تسليم ڪبو. سڀ کان پهرين ۽ مکيه ڳالهه اها آهي ته قومي تحريڪ جي سيڪيولر بنيادن تي سوديبازي ڪندي ان کي مذهبي مُلن جو محتاج بڻايو ويو آهي. فڪري ۽ تاريخي حقيقت اها آهي ته جيڪا تحريڪ سيڪيولر ناهي اها قومي تحريڪ ٿي ئي نٿي سگهي. هتي صورتحال اها آهي ته اهي مذهبي انتهاپسند جيڪي سنڌين کي قوم ئي تسليم نٿا ڪن ۽ اعلانيه طور چون ٿا ته سڄي دنيا جا مسلمان هڪ قوم آهن، سڄي دنيا تي مسلمانن جي حاڪميت قائم ڪرڻ جي جستجو ٿا ڪن ۽ سڄي دنيا جي مسلمانن جي سنڌ ۾ آمد ۽ آبادڪاريءَ جا حامي آهن انهن کي قوم پرست ڪري پيش ڪيو ٿو وڃي. جڏهن ته اصليت ۾ اهي محمد بن قاسم، محمود غزنوي ۽ جمال الدين افغانيءَ جو تلسل ۽ انهن جانشين آهن. افسوس بلڪه ماتم ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته اهڙن بنياد پرستن کي پنهنجو هيرو ۽ ”سنڌ جو شهيد“ سڏيندڙن ۾ پاڻ کي جي ايم سيد جا سچا سپاهي چوائيندڙ سياسي ليڊر به آهن ته سقراط، سارتر ۽ ايڊورڊ سعيد جا ساٿاري سڏرائيندڙ دانشور ۽ ليکڪ به شامل آهن. قومي سوال بابت سنڌ جي قومپرست ليڊرن ۽ دانشورن جي اهڙي رويي ۽ ڪردار تي روسو کان وٺي فرانز فينن ۽ جي ايم سيد جهڙا عالم ۽ لينن کان وٺي منڊيلا ۽ الله بخش سومري جهڙا ليڊر قبر ۾ به پاسا وٽيندا هوندا. سڄي دنيا وانگر پاڪستان جا دانشور به هاڻي اهو ٿا چون ۽ لکن ته وڌندڙ مذهبي انتهاپسندي ۽ دهشت گرديءَ جو مکيه ڪارڻ تعليمي نظام اندر مختلف مذهبن وچ ۾ نفرت پيدا ڪندڙ مواد آهي تنهن ڪري مذهبي انتهاپسندي ۽ نفرت ۽ تفريق کي ختم ڪرڻ لاءِ فوجي ڪارروائيءَ سان گڏ ضروري آهي ته تعليمي نصاب کي درست ڪيو وڃي. جيڪا هن خطي ۾ سيڪيولر ازم لاءِ ڪيل جي ايم سيد جي جدوجهد جي ڪاميابي آهي. پر ڪيتري نه شرم جي ڳالهه آهي ته جي ايم سيد کي رهبر چوندڙ هڪ فرقي پرست تنظيم سان گڏجي سکر جهڙن شهرن ۾ مظاهرا ٿا ڪن ته نصاب مان اهي مذهبي تفريق ۽ فرقي پرستيءَ تي ٻڌل سبق خارج نه ڪيا وڃن. ان کان اڳ ۾ سيتا ۾ هڪ اهڙو واقعو ٿيو جنهن سنڌ جي پنج هزار سالا تاريخ کي لڄائي ڇڏيو، سنڌي قوم جي انسان دوستي، رواداريءَ ۽ ڀائيچاري وارين دعوائن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو ۽ لطيف، سچل، مخدوم بلاول، شاهه عنايت ۽ جي ايم سيد جي انسانيت ۽ عالمگيريت واري پيغام کي داغدار ڪري ڇڏيو جڏهن هڪ انسان کي مذهب جي آڙ ۾ باهه ڏئي ساڙيو ويو. جنهن وقت ان انسان سان گڏ انسانيت سڙي رهي هئي ته ان جي چوڌاري نعرا هڻندڙن جي هٿن ۾ ڪهاڙيءَ وارا ڳاڙها جهنڊا هئا. اهو منظر يوٽيوب ذريعي سڄي دنيا ڏٺو. ٻي ڳالهه ته، جيئن شروع ۾ ذڪر ٿي چڪو، قومي رياستن وجود ورتو فيوڊلرزم جي شڪست ٿي. سائين جي ايم سيد جي به هر ڪتاب ۾ ۽ هر ڪتاب جي هر باب ۾ پير، مير، جاگيردار جي قوم دشمن ڪردار جو ذڪر ٿيل آهي. پر هتي ڪيترا جي ايم سيد جي نالي تي ۽ قوم پرستيءَ جي نعري تي سياست ڪندڙ همراهه انهن ئي پيرن، ميرن، جاگيردارن ۽ سردارن جون سلاميون ڀرن ٿا، انهن کي پيرين پون ٿا ۽ انهن کي پنهنجو ليڊر ۽ سنڌ جو نجات ڏياريندڙ قرار ڏين ٿا. جاگيرداريءَ کي جلا بخشيندڙ ادارو جرڳو آهي جتي اڪثريتي غريب عوام جي قتلن جي قيمت لڳائي ويندي آهي جنهن مان جاگيردار/سردار ڪميشن کائيندو آهي ۽ جتي غريب پورهيتن جي ڀينرن ۽ ڌيئرن جي عزتن جا سودا ڪيا ويندا آهن. ڪيترا قوم پرست اڳواڻ انهن جرڳن ۾ جاگيردارن جي پاسي ۾ ڪرسيءَ تي ويهڻ پنهنجي لاءِ فخر ۽ اعزاز سمجهندا آهن. ٻيا وري هڪڙا قومپرست ليڊر اهڙا آهن جيڪي پاڻ اهي جاگيردارن ۽ سردارن وارا ڪم ڪندا آهن ۽ مُلن واريون ريتون رسمون اختيار ڪندا آهن. ان مٿان ظلم ته وري اِهو ته اُهي پاڻ کي ترقي پسند سڏائيندا آهن. جديد قومپرستيءَ جي ٽين بنيادي وصف سامراج دشمني آهي. ٻي عالمي جنگ کانپوءِ دنيا جي سڀ کان وڏي سامراجي قوت آمريڪا آهي جنهن جو ڪم ۽ مقصد ئي ملڪن، قومن ۽ انسانن کي غلام بڻائي انهن جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪرڻ آهي. ان مقصد جي حاصلات لاءِ اهو هڪ طرف مني سامراجي رياستن (جهڙوڪ اسرائيل، پاڪستان ۽ ترڪي وغيره) جي پالنا ڪندو آهي ته ٻئي طرف بدترين وحشي ڊڪٽيٽرن جي تربيت ۽ پرورش ڪندو آهي جيڪي لکين انسانن کي قتل ۽ هزارن کي گم ڪري ڇڏيندا آهن. انڊونيشيا جو سوهارتو، فلپائين جو مارڪوس، چلي جو پنوشي ۽ پاڪستان جو ضياءُ الحق رڳو چند مثال آهن. دنيا جي آزادي پسند رهنمائن جهڙوڪ سوئيڪارنو، لممبا، بن بيلا، نڪروما ۽ شيخ مجيب جي حڪومتن جا تختا اونڌا آمريڪا ڪرايا، دنيا ۾ قومي آزادي ۽ سوشلزم جي تحريڪن جي حمايت ۽ مدد ڪندڙ سوويت يونين کي ڊاهڻ خاطر سڄي دنيا جي مذهبي انتهاپسندن جي مدد آمريڪا ڪئي. جنهن جا نتيجا اڄ انسانذات ڀوڳي رهي آهي. آزاد ۽ خودمختيار ملڪن عراق، ليبيا ۽ شام تي چڙهائي ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ دهشت گردي، جنگ ۽ تباهي ڦهلجي ٿي رهي. ڪيتري نه حيرت جي ڳالهه آهي ته قومي آزاديءَ جا نعرا هڻندڙ ۽ جي ايم سيد جو نيشنلزم، سيڪيولرزم، سوشلزم ۽ جمهوريت وارو منشور رکندڙ پارٽيون ۽ ليڊر آمريڪا کي مدد لاءِ منٿون ڪندا ٿا رهن. هڪڙا ته اهڙا به آهن جيڪي اسرائيل کي به اپيلون ڪندا رهندا آهن جيڪا پاڪستان وانگر مذهب جي نالي تي ۽ فلسطين جي ڌرتيءَ جي قبضو ڪري ٺاهيل رياست آهي. ٻيا وري اهڙا آهن جيڪي ڪشميرين جي حق خوداراديت واري جدوجهد جي ان ڪري حمايت نٿا ڪن ته ان سان ڀارت ناراض ٿيندو. (سنڌ جي قوم پرستي پارٽين مان جيئي سنڌ محاذ واحد جماعت آهي جيڪا واضح نموني ڪشميري جدوجهد جي حمايت ڪري ٿي). انهن کي شايد اها خبر ناهي ته جيڪا قوم ٻين جي غلاميءَ جي حمايت ڪندي اها پاڻ ڪڏهن به آزاد ٿي نه سگهندي. قومي آزاديءَ جهڙي اعليٰ ترين آدرش لاءِ عملي ڪردار به اهڙو ئي اعليٰ گهرجي جنهن جو مثال سنڌ ۾ جي ايم سيد پيش ڪيو. جي ايم سيد خانداني ملڪيت ۾ ڪوبه اضافو نه ڪيو، اڃا به اها ملڪيت قومي تحريڪ تي خرچ ڪيائين. پر اڄوڪي سنڌ ۾ ڪيترن قوم پرست ليڊرن قومي تحريڪ کي استعمال ڪندي دولت جا انبار گڏ ڪيا ۽ ڏسندي ڏسندي پورهيت مان جاگيردار بڻجي ويا. سيد جو اصول هئو ته نيڪ مقصد صرف نيڪ طريقن ۽ ڪردار سان حاصل ڪري سگهجي ٿو، جڏهن ته انهن اڳواڻن جو ايمان آهي ته نيڪ مقصد لاءِ سڀ ڪجهه جائز آهي ۽ ڪوبه ڪڌو ڪم ڪرڻ بجا آهي. جي ايم سيد پنهنجي سموري سياست، خاص ڪري قومي آزاديءَ جو پروگرام ڏيڻ کانپوءِ، قلم ۽ ڪتاب ذريعي ڪئي پر ان جي نالي تي سياست ڪندرن عملي طور ڪتابن کي باهيون ڏنيون ۽ استادن کي چماٽون هنيون. ڪنهن ڏاهي جو چوڻ آهي ته جيڪي اڄ ڪتاب ساڙيندا اهي صبحاڻي انسانن کي ساڙيندا. جن يونيورسٽيءَ ۾ ڪتابن کي ساڙيو انهن سيتا ۾ انسان کي ساڙيو. جي ايم سيد جو پنهنجي سموري جدوجهد دوران مقابلو حڪمرانن سان ۽ مُلن سان رهيو. حڪمرانن ۽ ملن جو هميشه ڪم فتوائون جاري ڪرڻ رهيو آهي. جيڪو به ماڻهو انهن جي سوچ کان مختلف سوچ رکندو ان خلاف ڪافر ۽ غدار جون فتوائون جاري ڪيون وينديون آهن پوءِ اهو سقراط هجي، گئليلو هجي، بلاول هجي يا سرمد هجي. جي ايم سيد خلاف به حڪمرانن ۽ مولوين ايئن ئي ڪافر ۽ غدار جون فتوائون جاري ڪيون. هاڻي وري اهو ئي ڪم پاڻ کي سيد جا سچا پوئلڳ، جانشين ۽ سندس فڪر جا چوڪيدار چوائيندڙ ڪن ٿا. جيڪو ماڻهو انهن جي مخصوص ۽ مجروح سوچ ۽ ڄاڻ کان ٻاهر ڪا ڳالهه ڪري ٿو ته يڪدم ان خلاف ڪفر جي فتوا جاري ڪريو ٿا ڇڏين. هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته سيد جي فڪر، پرگرام ۽ ڪردار جي ابتڙ اهي سمورا عمل اهي همراهه رڳو پنهنجي ڪم علميءَ جي ڪري ٿا ڪن يا ڪِن ننڍن ذاتي مفادن خاطر يا سيد جي خلاف ڪنهن وسيع منصوبي جي حصي طور ٿا ڪن؟ جي ايم سيد جديد قومپرستيءَ جو باني حيدري چانڊيو جي ايم سيد، ها سائين جي ايم سيد جنهن جو جنم ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع تي سنڌوءَ جي ڪناري تاريخي ڳوٺ ’سن‘ سيد خاندان حيدر شاهه جي پشت مان سيد محمد شاهه جي گهر ۾ پيدا ٿيا. هو وسيع نظر، روشن خيال، خودداري، بصيرت راءِ، پختگي فڪر، زاهد و تقويٰ جهڙين خوبين جو مالڪ هيو. سچ ته جدوجهد جي عمل ۾ پهاڙن وانگر بلند حوصلو رکندڙ، ستارن وانگر روشن خيال، چوڏهين جي چنڊ جهڙي صاف روشني جهڙو شفاف ڪردار، سج جي روشن ڪرڻن جهڙي سچائي، سمنڊ وانگر وسيع علم وارو، سنڌو درياهه جهڙي روان دوان طبيعت ۽ همه گير صلاحيتن جو مالڪ، مهمان نواز، خليق ۽ شفيق جي مجموعي جو نالو جي ايم سيد آهي، هن عظيم انسان تي لکڻ لاءِ منهنجي گهٽ ڄاڻ ۽ اڌورو علم ڪافي ناهي پر پوءِ به پنهنجي وت ۽ وس آهر چوندس ته سائين جي ايم سيد صدين کانپوءِ سنڌي قوم کي هڪ اهڙي رهنما ۽ مفڪر جي حيثيت ۾ مليو، جنهن وٽ عملي طرح پنهنجي فڪر جو تقسيم موجود هيو، جيڪو شاهه عبداللطيف ڀٽائي گهوٽ جي شاعري ۾ ته موجود هيو پر ان فڪر جو عملي پيروڪار سائين جي ايم سيد ٿي ڏيکاريو! اهڙن عظيم انسانن لاءِ شاهه عبداللطيف کي چوڻو پيو ته: ڪاڪ نه جهليا ڪاپڙي، موهيا ڪنهن نه مال، جي ڇورين ڏنا ڇال، ته به لاهوتي لنگهي ويا. ڏٺو ويندو ته ڀٽائي گهوٽ جي شاعري آيتن جي صورت ۾ اسان جي اونداهي اندر ۾ سج وانگر سوجهرو پيدا ڪري ٿي ته جي ايم سيد وري ان فڪر جو تفسير بڻجي قومي اڳواڻ جي حيثيت سان اسان جي منزل کي اجاگر ڪيو، کيس سنڌ ۽ سنڌي قوم جي عشق ۾ نظربنديون ۽ جيل جون مصيبتون ۽ پراون سان گڏ پنهنجن جون عقوبتون سهندي پنهنجي اصول کان نه هٽيو، هن تي اهي فتوائون به لڳيون ته هي سنڌي قوم خاص طرح سنڌي نوجوانن کي ڪافراڻيون ڳالهيون ٻڌائي سندن ايمان جو ٻيڙو ٻوڙي رهيو آهي! مطلب ته هن جي راهه ۾ ڪيئي رڪاوٽون وجهي کيس جهڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر هو ڪنهن جي اڳيان نه جهڪيو. آئون سمجهان ٿو ته سائين جي ايم سيد جابرن اڳيان جهڪڻ نه پر کين جهُڪائڻ يا مهاڏي اٽڪائڻ لاءِ آيو هو، ڪنهن به لُٽيري رهزن سنڌي قوم جي حقن تي ڌاڙي هڻڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي ته جي ايم سيد آواز اٿاري ٿي چيو ته خبردار متان ائين ڪيو اٿئي! سائين جي ايم سيد برصغير پاڪ هند جي اختلافي شخصيت هجڻ سان گڏ نهايت انقلابي شخصيت جو مالڪ هيو، هو سنڌ جي سياست جا سمورا گر ڄاڻڻ سڃاڻڻ سان گڏ هڪ اهڙي دل به رکندڙ هو جيڪا قوميت سان گڏ انساني جذبن سان سرشار هئي، هو عملي سياستدان هجڻ سان گڏ وڏو سياسي مفڪر به هو. هن سنڌي قوم جي اصلاح، توڙي خودمختياري جي جدوجهد جي سلسلي ۾ حال آهر اڀرندڙ سج جي پوڄارين جي وچ ۾ ويهي ڪري گهڻو ڪجهه ڪيو، پنهنجي علم عقل جي وسعت ۽ گهرائيءَ پنهنجي غور فڪر جي روشني، پنهنجي عمل ۽ ڪردار جي بلندي، پنهنجي سچائي، پنهنجي سياسي سماجي سگهه ۽ سمجهه سان سنڌي قوم جي ڀلائي لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو، هن سياسي سماجي ميدان ۾ رهندي سندس سارو توجهه سنڌي قوم جي اخلاقي اصلاح ۽ تربيت طرف رهيو، سندس هر تقرير تحرير ۾ خاص طرح نوجوانن لاءِ اهو پيغام هوندو هو ته اخلاق سڌاري بلند اخلاق بڻجو! انهيءَ ۾ اوهان جي ڀلائي جو راز سمايل آهي، حضرت علي عه جو قول آهي ته ”دنيا جي هر ميدان ۾ هار ۽ جيت هوندي آهي پر اخلاق ۾ ڪڏهن به هار نٿي ٿي سگهي، تڪبر ۾ ڪڏهن به جيت نه هوندي آهي.“ کين اها هدايت به ڪندو رهندو هو ته اوهان خوف ۽ لالچ کان پري رهو! پاڻ اجائي ڏيک ويک کان قطعي پري، نهايت ئي اعليٰ اخلاق جا مالڪ ۽ صوفي منش انسان هو، مون پنهنجي عمر جا ٽيهارو سال سندس نياز مندي ۾ گذاريا، هن وقت مون اسي سال جي ڏهاڪي ۾ پير پاتو آهي. سائين جي ايم سيد سان گذاريل ٽيهن سالن کي ئي سجايو سمجهان ٿو، باقي عمر ڄڻ اجائي گذري! مون جي ايم سيد جهڙي عظيم انسان جي ڪچهرين ۾ ويهي، ماکيءَ کان به وڌيڪ مٺن گفتن ۽ سچائيءَ جي شفاف چشمن مان جيڪي چُڪيون چکيون، انهن جي روحاني لذت کي مون پنهنجي سيني ۾ سانڍي رکيو آهي، ساڻس گڏ گهاريل گهڙيون منهنجي زندگيءَ جو اهم سرمايو آهن. هي هڪ حقيقت آهي ته سائين جي ايم سيد جن کي به سنڌي قوميت جو ڀرپور پيالو پنهنجي هٿن سان تيار ڪري اکيون اکين ۾ ملائي هڪ خاص انداز اچي چئي پياري پُر ڪيو. انهن کان اڃان تائين خمار نه لٿا آهن، اهي قوميت جي مئي جا متوالا اڄ به جهومندي نظر اچن ٿا ۽ پنهنجي منزل جي ايم سيد جي ڏنل پيغام ۾ ٿا سمجهن ۽ سندس اصولن تي ڪاربند پنهنجي حال آهر جستجو ۾ مصروف آهن ۽ اها اُميد اٿن ته هڪ ڏينهن ظلم جو ڪوٽ ضرور ڪرندو. هڙ ۾ ڪين هون، هوئين هنن نه چاڙهيا، سارو ڏينهن سمونڊ تي، لهي سج ويون، جڏهن سائينءَ سبب ڪيون، ته ستڙ ٿيا سيد چئي! جي ايم سيد سان جڏهن به سنڌ جي مختلف يونيورسٽين، ڪاليجن ۽ اسڪولن جا وفد ملڻ لاءِ ايندا هئا ته ساڻن مخاطب ٿيندي چوندو هو ته اوهان پنهنجي ڌرتيءَ سنڌ سان وابستگي، پنهنجي سنڌي زبان سان محبت، قديم روايات ۽ پنهنجي ڪلچر سان دلچسپي اوهان جا مشعل راهه هئڻ گهرجن، سنڌ کي اتحاد انساني، امن عالم، ترقي نوع انسان لاءِ پيغام آهي، اوهان کي ان پيغام جو مشنري ٿي ڪم ڪرڻو آهي، سنڌ ڌرتي دنيا لاءِ محبت ۽ امن جو پيغامبر آهي، سنڌ حب الوطني، وفا، قرباني، مهمان نوازي، رواداري، غيرت جي صفات جو مخزن آهي، سندس مٽي اسان لاءِ خاڪ شفا آهي، سندس پاڻي اسان لاءِ آب ڪوثر آهي، ان جي هر چيز باعث رحمت آهي. پيغمبر خدا کي به سرزمين سنڌ کان ٿڌڙي هير لڳي هئي، ان ڪري سندن دعائون مٿس سدائين وسن پيون، سنڌ جا دوست اسان جا دوست آهن، ان جا دشمن اسان جا دشمن آهن، اسلام بابت جي ايم سيد جو چوڻ آهي ته اسلام ماڻهن جي وچ ۾ مذهبن، نسلن، قومن ۽ رنگن جي نالي ۾ کڙي ڪيل ديوارن کي ڊاهي ختم ڪري انسان ذات ۾ اتحاد، امن، فلاح ۽ بهبود پکيڙڻ لاءِ آيو هو، اهو دين فطرت هو، ان ۾ سڀني مختلف مذهبن جي ظاهري ڪثرت پويان بنيادي وحدت سمايل هئي، اهڙي تعليم جو فروغ صحيح سمجهاڻي، اخلاق درستگي ۽ نفسياتي اصلاح ذريعي تاليف قلوب، رواداري ۽ باهمي اتفاق گفتگو وسيلي ٿيڻ هو، تشدد، نفرت، خود مطلبي ان جي راهه ۾ رڪاوٽون هيون، دين جي معاملي ۾ زور زبردستي بلڪل ناجائز هئي، پيغمبر خدا رحمت اللعالمين ٿي آيل هو، هو غلامن کي آزاد ڪرائڻ، اجائي ڦرلٽ ظلم زيادتي کي بند ڪرائڻ، انصاف جو دور قائم ڪرڻ ۽ دنيا ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ آيل هو. مذهب اسلام جي ٻي گروهه جو چوڻ هو ته مذهب اسلام هڪ نئون مڪمل عالمگير مذهب ٿي آيل هو، ان جي اچڻ سان ٻيا سڀ دين رد ٿي ويا هئا. انهن مطابق ملڪن تي چڙهايون ڪري خونريزي ڪرڻ، ان تي قبضو ڪري ڦرلٽ ڪرڻ، مردن عورتن کي غلام ڪري رڍن ٻڪرين وانگر وڪرو ڪرڻ جهڙين ڪمن کي جائز ڄاتو ٿي ويو. اڃان تائين مسلمان ساڳي طرح ٻن گروهن ۾ ورهايل آهن، جن ۾ پهرين گروهه جي مڃيندڙن کي بزرگن ۽ درويشن جو گروهه چيو وڃي ٿو. هنن جو چوڻ آهي ته اسلام جو فروغ تلوار ۽ تشدد جي ذريعي ڪو نه ٿيو هو، بلڪه تاليف قلوب ۽ بهترين اصولن جي ڪري ماڻهن قبول ڪيو هو، هڪ طرف مذهب اسلام امن امان جي خواهش ڏيکاري ٿو ۽ اهڙي تلقين ڪري ٿو، ٻئي طرف ڏسبو ته دنيا ۾ سڀ کان زياده بدامني ۽ خونريزي مذهب اسلام جي نالي ۾ ٿي رهي آهي. انهيءَ ۾ مذهب جو ڪو به قصور ناهي، ڇوته اسان جي تعليم ۽ درس واري عمل ۾ اهڙو سڌارو آڻڻ جي گهرج آهي، جنهن کان اسين وانجهيل پسجي رهيا آهيون. سائين جي ايم سيد ويهين صديءَ جو عظيم سياستدان ڊاڪٽر مير عالم مري گذريل صدي يعني ويهين صديءَ ۾ سنڌ اندر سياسي نظرين جي لحاظ سان وڏي اٿل پٿل رهي. پر وطن ۽ قوم جي بنياد يا انڪار جي حوالي سان ٽي فڪر رهيا ۽ ٽنهي جو پاڻ ۾ ٽڪراءُ رهيو. (۱) اکنڊ ڀارت جو نظريو (۲) مذهبي قومي تصور ۽ ڀارت جي ورهاڱي جو نظريو (۳) سنڌ جي آزاد رياست جو نظريو. (۱) اکنڊ ڀارت جو نظريو، جيتوڻيڪ برطانوي سامراج مخالف هو، پر ڀارت اندر تاريخي قومن جي وجود ۽ انهن جي آزاد رياستن جي حق کان انڪاري هو. انڊين نيشنل ڪانگريس ۽ مهاتما گانڌي ان جا وڏا حامي ۽ پرچارڪ هئا. (۲) مذهبي قومي تصور ۽ ورهاڱي جي نظريي جا حامي، برطانوي راڄ جا اڻ سڌا حامي ۽ انهن جي معرفت پاڪستان جي قيام لاءِ راهه هموار ڪري رهيا هئا. مسلم ليگ ۽ قائد اعظم ان جا وڏا حامي ۽ پرچارڪ هئا. (۳) آزاد سنڌ جو نظريو: هي ڳالهه سڀ کان پهرين، سنڌ مان مولانا عبيدالله سنڌي ڪئي. ٻي عالمي جنگ کانپوءِ جي عالمي ۽ علائقائي حالتن ۽ بغاوت جي پسمنظر ۾ مٿي بيان ڪيل سياسي نظرين مان فقط مذهبي قومي تصور تحت پاڪستان جي قيام جو ماحول ٺهيو، نه اکنڊ ڀارت رهيو ۽ نه سنڌ سميت ٻين ملڪن آجپو ماڻيو. جيتوڻيڪ برطانوي تسلط جو دور پورو ٿيو. ان کانپوءِ مختصر عرصي اوڀر پاڪستان بنگلاديش بنجي ويو. سائين جي ايم سيد ويهين صديءَ جي اهم سياسي شخصيت آهي. سيد پنهنجي حياتيءَ ۾ ۷۵ سال سياسي، ادبي ۽ عملي جدوجهد ڪئي. سندس پنجونجاهه ڪتاب لکيل آهن، جن مان اڪثر ڇپيل آهن ۽ مختلف ٻولين ۾ ترجما ٿي چڪا آهن. ڪل ملائي ۳۲ سال قيد ۽ نظربندي ڀوڳيائين. سڀني با اثر وڏن ماڻهن وانگر سائين جي ايم سيد جا مداح به آهن ته ڪٽر مخالف به. پر ڪجهه بنيادي ڳالهيون، جيڪي جي ايم سيد جا مخالف به تسليم ڪن ٿا، اهي هي آهن ته سيد سڄي زندگي سنڌ ۽ سنڌين جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪيو. پنهنجي خيالن ۽ نظرين تي اٽل رهيو ۽ هن ڪڏهن به سوديبازي ڪري رعايتون نه ورتيون. هو قومپرستيءَ جي جديد نظريي جو باني ۽ سنڌين ۽ سنڌ جي سڃاڻپ آهي. آئون جي ايم سيد جي سڄي حياتيءَ جي جدوجهد کي ٽن حصن ۾ ورهايان ٿو: پهريون دور ۱۹۱۷ع کان ۱۹۴۶ع تائين. ٻيو دور ۱۹۴۶ع کان ۱۷۷۱ع تائين ۽ ٽيون دور ۱۹۷۲ع کان وفات تائين. ٽنهي دورن ۾ سيد جا نظريا، خيال ۽ پارٽيون تبديل ٿيون. تجربن ۽ غلطين مان بهتر نتيجا ڪڍندو رهيو، پر ٽنهي دورن ۾ هڪڙي ڳالهه مشترڪ آهي ته جي ايم سيد وٽ شروع کان آخر تائين، اوليت ۽ اهميت هميشه سنڌ ۽ سنڌي قوم جي مفادن جي رهي. تنهن ڪري سيد، سنڌ جي سياست جو بنيادي حوالو آهي. ڪالم جي شروع ۾ مون ننڍي کنڊ ۾ ٽن سياسي جماعتن جي ڳالهه به ان ڪري ڪئي، جو جي ايم سيد جي سڃاڻپ ته سنڌ آهي، پر هو ننڍي کنڊ جو اهم سياستدان به هو. جيڪي به ماڻهو ننڍي کنڊ جي سياست کي، ڀارت ۽ پاڪستان کي يا سنڌ ۽ سنڌي قوم کي سمجهڻ ۽ پرکڻ چاهين ٿا، انهن لاءِ جي ايم سيد کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ لازمي آهي، ڇاڪاڻ ته جي ايم سيد جي راءِ گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي حوالي سان Authority آهي. ننڍي کنڊ جي سياسي نظرين جي لحاظ کان ڪالم جي شروعات ڪرڻ جو ٻيو سبب اها تنقيد آهي، جيڪا سيد جا مخالف ڪندا آيا آهن ته سيد سنڌ جي آجپي جو نعرو (۱۹۷۲ع) وقت کان اڳ ڏنو آهي. ننڍي کنڊ جي ان وقت جي سياسي نظرين جو حوالو ڏيئي، منهنجو مقصد انهن مخالفن کي اهو ياد ڏيارڻ آهي ته آزاد سنڌ جو نعرو ۱۹۷۲ع ۾ وقت کان اڳ جو نه آهي، پر جي ايم سيد جي سياسي تجربن کانپوءِ جو آهي، نه ته مولانا عبيدالله سنڌي ۱۹۴۰ع ڌاري اهو نظريو ڏئي چڪو هو ۽ ۱۹۴۳ع ڌاري شهيد سورهيه بادشاهه آزادي يا موت، وطن يا ڪفن جي نعري تحت گوريلا جنگ ڪري تختهء دار تي به چڙهي چڪو هو. دراصل نظريا جنم ئي تڏهن وٺندا آهن، جڏهن معاشري کي انهن جي ضرورت هوندي آهي. جيئن سرمائيداري جي ارتقا ۾ مارڪسزم جو نظريو، وقت جي ضرورت هئي يا انتها پسنديءَ خلاف زرعي معاشرن ۾ تصوف ۽ پاپائيت خلاف سرمائيدار معاشرن ۾ سيڪيولر ازم جي نظريي جي ضرورت هئي، ڇاڪاڻ ته نظريو ڏيندڙ صرف پنهنجي ذهني اختراع وسيلي ذهني عياشي نه ڪندو آهي، پر اهو انساني معاشري جي تاريخ، حالتن ۽ ضرورت کي گهڻ پاسائون ڏسي، اهڙا نتيجا ڪڍندو آهي، ان لاءِ ۽ ڪو هڪڙو واقعو نه، پر ڪيئي واقعا سبب بڻبا آهن. ۱۹۷۲ع ۾ چند نوجوانن تي مشتمل پنهنجي نظريي جي شروعات ڪندڙ جي ايم سيد جي هلچل، ’جيئي سنڌ‘، اڄ سنڌ جي لکين ماڻهن جي دلين جي ڌڙڪن، ۽ زبان تي نعري جي صورت وٺي رهي آهي، کڻي جو ڪيترائي ٿاڻا، ٽارچر سيل، جيل ۽ قبرون اها ڳالهه ثابت ڪن پيون ته سنڌ جي ويرين سيد جي فڪر ۽ تحريڪ کي ڪچلڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي، پر پوءِ به تحريڪ ۾ واڌ آئي آهي، جنهن سان به ثابت ٿئي ٿو ته هي نظريو ڪو اوچتو يا وقت کان اڳ جو ناهي. اڄ به سنڌ ۾ ڀلي کڻي ڪيتريون ئي سياسي جماعتون هجن، پر سياسي حوالي سان ٻه صرف ڪيمپون آهن، هڪ سنڌ دوست ڪيمپ ۽ ٻي سنڌ دشمن ڪيمپ. اهو جي ايم سيد ۽ جيئي سنڌ هلچل جي جدوجهد جو ڪمال ۽ وقت جي ضرورت آهي ته وفاق پرست جماعتون (جن مان اڪثر پنهنجي فڪر و عمل ۽ جوهر ۾ سنڌ دشمن آهن) پاڻ لاءِ سنڌ دوست تاثر ڏيڻ تي مجبور آهن ۽ اها اسان جي ڪمزوري آهي ته سنڌ دوستيءَ جون دعويدار ڌريون، وفاق پرستن سان هٿ ملائين ٿيون. اهي سنڌ دشمن ڌريون، جيڪي پاڻ کي سنڌ دوست سڏائين ٿيون، ۽ ڌارين ۽ انتها پسندن سان گڏجي سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ پارليماني واٽ وٺن ٿيون. انهن جا نتيجا ته ۱۱ مئي وارين چونڊن بعد پڌرا ٿيندا، پر آئون اڄ ئي چئي ڏيان ٿو ته قومپرست سياسي پارٽيءَ جي حيثيت ۾ يا قومپرست اتحاد جي حيثيت ۾ اهي سوڀارا نه ٿيندا، ڇاڪاڻ جو اهي جي ايم سيد جي تحريڪ کي ڌَڪين ۽ ڌِڪين ٿا ۽ رياست جي دوستن جي ڪيمپ ۾ انهن جي شرطن ۽ طريقن سبب داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪن پيا، جن کي سنڌ جو عوام رد ڪندو، ڇاڪاڻ جو سنڌ جي عوام جي نظرن ۾ قومپرستي، جيئي سنڌ سان مشروط آهي ۽ جي ايم سيد سان ڳنڍيل آهي. آخري ڳالهه ته جيتوڻيڪ سيد جي فڪر واري تحريڪ، چند نوجوانن کان شروع ٿي لکين ماڻهن تائين پهتي آهي، پر ان ۾ ٻه اوڻايون آهن، هڪ ته اها ٽڪرن ٽڪرن ۾ ورهايل آهي ۽ ٻيو فڪري لحاظ سان، ڪارڪنن جي تربيت ناهي. آدمشماري ۾ واڌ، تعليم جي شرح ۾ اضافي، ميڊيا جي ذريعن ۽ ترقي ۽ ٻين سببن جيتوڻيڪ هلچل ۾ مقداري واڌ آئي آهي، پر اها واڌ غير معياري آهي. اڄ جڏهن اسين، سن ۾ رهبرِ سنڌ جي ورسيءَ جي موقعي تي ڪارڪنن سان مخاطب آهيون ته ان وقت اسان جي سامهون جيڪي وڏا چئلينج آهن ۽ جيڪي اڄ جون ضرورتون به آهن، اهي هي آهن: . جيئي هلچل، جيڪا مختلف تنظيمن ۽گروهن ۾ ورهايل آهي، انهن گروهن جو تعداد گهٽائي منتشر طاقت کي منظم ڪريون. ڪارڪنن ۽ حامين جي فڪري تربيت ڪريون. ۱۹۷۳جي ايم سيد جي فڪر جي بنياد تي پنهنجي طاقت کي گڏ ڪريون ۽ پنهنجي فڪر ۽ طاقت جي بنياد تي سياست ڪريون.. انتهاپسندي ۽ دهشتگرديءَ کان خوفزده ٿيڻ ۽ انهن جو ساٿ حاصل ڪرڻ جون سڀ ڪوششون رد ڪري، جي ايم سيد جي تصوف، مذهبي رواداري ۽ سيڪيولرزم جي مورچي کي منظم، مضبوط ۽ وسيع ڪريون. .ڪارڪن ته هزارين/لکين پيدا ٿي چڪا آهن، پر هاڻي پنهنجي تحريڪ ۾ چند سُلجهيل ۽ هم آهنگ سياستدانن جي ٽيم به تيار ڪريون، ته پوءِ بيشڪ سيد جو خواب، ساڀيان حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندو. سيد، اڪيلو هو، پر رياستي ادارن ۽ ان جي حامين تي حاوي هو. پر اسين تعداد ۾ کڻي جو وڌيا آهيون، پر مقابلي جو معيار اهو ناهي. مقابلي جو معيار وڌائڻ ۽ ميدان جي چونڊ اسان کي ڪرڻي آهي. طريقو پنهنجي سگهه، حالتن آهر اختيار ڪبو ۽ فيصلو ايندڙ وقت ئي ڪندو. سائين جي ايم سيد جنهن سنڌين کي سنڌ ارپي هيمون ڪالاڻي/ حيدرآباد سنڌ جي هِنئين ۾ هرندڙ هي اپريل جا ڪوسا ڏينهن ۽ دردن جي دونهين ۾ دزجندڙ ڏينھن لاءِ امن عالم جو پيغام رکندڙ هيءَ ڌرتي، جنهن جي وجود تي دشمن گھات هڻڻ لاءِ آتو آهي. اتي سيد جون اکيون جل ٿل بڻجي اندر ۾ اوتبيون ٿيون اچن. سائين جي ايم سيد، جنهن نئين سنڌ جي تخليق ڪندي، ان جو شاندار ماضي ورائڻ لاءِ جيڪي جتن ڪيا، قيد ۽ نظربندين جون عقوبتون سَٺيون، انهن لمحن سميت هن قافلي جي هر هڪ شهيد جي ساهه جي آخري هڏڪيءَ جو قرض ۽ ان جو احتساب پڻ سن ۾ ٿيڻو هوندو آهي ته اڄ هن پٿرائين ڌرتيءَ تي جتي سنڌ جي آئيندي جا خواب سهيڙجن ٿا، اتان بيهي اگر سن جي سائينءَ جي سپنن جي ساڀيائن کي سمجھي، سندس ڪم ۽ رفتار کي جاچي لڌوسين ته هوند سنڌ جي ميرانجھڙي سينڌ، ڌارين جي ڪٽڪن، سنڌ جي وجود مٿان لٽڪندڙ تلوار، معاشي، سماجي ۽ سياسي ڦرلٽ، ذهني ۽ جسماني نسل ڪشيءَ سميت ٿيندڙ سڀئي ڌارين جون ارهه زورايون ۽ درپيش خطرا ڏسي سگھبا ۽ انهن حالتن ۾ قومي تحريڪ جي مزاج، ڪردار، اڳواڻن جي صلاحيتن ۽ پاليسين کي به جاچي لهڻ سهنجو هوندو. سائين جي ايم سيد، جنهن چيو هو ته: ”سنڌ کي درپيش خطرن کي جيئن مون ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي، تيئن جيڪڏهن اوهين محسوس به ڪيو ته، هوند ننڊ سمهي نه سگھو.“ اڄ تاريخ جي هن دور ۾ سنڌ جي جاگرافيائي حيثيت وري اهنج ۽ ايذاءَ جي تلوار هيٺ هئڻ سميت ’طاقت سان اڳتي وڌيو يا مرڻ لاءِ تيار ٿيو‘ واري حالت کي پهتل آهي، اتي پنهنجو احتساب ڪرڻ سميت ليڊرشپ ۽ ان جي عمل توڙي ڪردار جو احتساب ڪرڻ ضروري آهي، نه ته شينهن جي اڳواڻي ڪندڙ رڍون ڀلا دشمن کان انهن جو ڪهڙو تحفظ ڪري سگهنديون! اهو ڪارڪنن توڙي قومي تحريڪ جي اڳواڻن کي وقت سر سمجهڻو پوندو. سلام سن جي ان سائينءَ جي هر هڪ ساهس کي، جنهن سنڌ جو شعور ڏنو ۽ اڄ سنڌ سنڌين جي ماتر ڀوميءَ طور انهن جي عقيدت جو پهريون ۽ اولين نقطو آهي، جتي انگ اگھاڙا، توڙي انگوڇن ۾ ملبوس مارو گڏجي ڌرتيءَ جي سلامتيءَ لاءِ مڙي مٺ ٿين ٿا. جي ايم سيد آزاديءَ جي احساس جـهڙو شخص مولائي ملاح معصوميت ۾ ئي يتيميءَ جو بار پنـهـنجن ڪلـهـن تي کڻي جواني ماڻيندڙ، سيد گھراڻي جي هن سلڇڻي ٻار لاءِ اهو ڪنـهـن ٿي ڄاتو ته هو اڳتي هلي سنڌ جو اهڙو يگانو عاشق بڻبو جو ان جي عشق ۾ پنـهـنجي سموري حياتي داءُ تي لڳائي ڇڏيندو. هن جو ڌرتيءَ سان نينـهـن جي ناتي جو انداز به نرالو آهي. هن پـهـريون پيار پنـهـنجي ڌرتيءَ سان ڪيو. ائين ئي هن جو ڪيل عشق، عشق جي بلندين کي ڇـهـڻ لڳو جنـهـن کيس امر بڻائي ڇڏيو. هن جو عشق اتاهون هيو هر جابر جي ذات اڳيان، جنـهـن کي وقت، رياست جا لوهي هٿ به جھڪائي نه سگھيا. هن مشڪل گھڙين ۾ به امرت جو جام پيتو جنـهـن سندس عشق کي سگھارو بڻائي ڇڏيو. نياز همايونيءَ چواڻي ته: تنـهـنجو عشق اتاهون سيد، هر جابر جي ذات اڳيان، تنـهـنجو ڪنڌ جھڪڻ جو ناهي، ڪنـهـن ڀي لات منات اڳيان. سيد، سنڌي قوم کي پنـهـنجي سڃاڻپ ڏيڻ کانپوءِ، سنڌ مٿان پنـهـنجي عشق جا ساگر اٿلائي ڇڏيا. سنڌي قوم جڏهن سندس سنڌ شناسائيءَ واري پيغام کي سمجھڻ لڳي ته مٿس موهت ٿي، مداح بڻجي وئي. سنڌ جي ماڻـهـن جڏهن سيد جي ڏنل قومي فڪر ۾ پاڻ کي سڃاڻي ورتو ته سندن ۾ لطيف جي ٻوليءَ ۽ ڌرتيءَ جي وارثي ڪرڻ جو وشواس وڌڻ لڳو. جيڏي ڌرتي ديس جي، جيڏو هي آڪاس، جيڏو ماڻـهـوءَ منجھ آ، جيئڻ جو احساس، ايڏو ئي وشواس، منـهـنجو سيد سنڌ ۾. سنڌ سان سيد جي عشق جو ناتو ائين هيو جيئن ڪائي ٻڍڙي ماءُ پنـهـنجي جوان پٽ سان پيار ڪندي آهي. ان عشق ۾ کيس سڄي حياتي آزاد فضا ۾ ساهه کڻڻ جي اجازت نه رهي. هن جڏهن به پنـهـنجي محبوب قوم کي پنـهـنجي سيني سان لائڻ جي ڪوشش ڪئي ته رياست جي مـهـندارن جھنڊي جي جرم ۾ کيس قيد ڪري ڇڏيو. کيس قيد، نظر بند ته هر آمريتي دور ۾ ڪيو ويندو هيو. پر جمـهـوريت ۾ به سندس قيد سندس قيدي تاريخ جو انوکو باب بڻيو. هت هونءَ ته هر قسم جي قيديءَ کي ڪنـهـن نه ڪنـهـن طرح سان ڪائي سـهـوليت، آزادي مليل هوندي آهي پر سنڌي قوم کي سياسي قومي شعور ڏيڻ جي جرم ۾ سنائي سيد کي سدائين ڪارن قانونن هيٺ نظر بندين جي لوهي ڪوٽن ۾ بي گناهه بند ڪيو ويو. نظر بندين ۾ رهندي به سيد سندن اڳيان آڻ نه مڃي ۽ هو پنـهـنجي عمل ۾ مصروف رهيو، نظر بنديءَ جي اهڙي ماحول ۾ به هي قومي جاڳرتا لاءِ لوچيندو ۽ سوچيندو رهيو. هن اتي قلمي پورهيو جاري رکيو جنـهـن سان هي وقت جي حاڪمن جي بنيادن کي لوڏيندو رهيو. سيد، پنـهـنجي قوم کي شعور ڏيڻ لاءِ ڪيترائي ڪتاب لکيا جن تي وقت جي غاصب قوتن، پابنديون مڙهي ڇڏيون. سيد سندن قيد ۾ رهڻ کانپوءِ به کين عوامي محبت، قوت کان بي هٿيار ڪندو رهيو قيد، بند ۾ سندس ڏات ئي وڏو هٿيار رهي جئين اياز چواڻي ته: مون ڏات انوکي آندي آ، ٿي تند وڙهي تلوارن سان، ٿا ڀاري تنـهـنجا برج لڏن، تون هيڻو آن، هٿيارن سان. وقت جي آمر قوتن جڏهن سنڌ جي حقن کي ڦٻائڻ لاءِ سنڌ تي ون يونٽ جـهـڙو وار ڪيو ته سيد جي فڪر، ئي سستيءَ جي ننڊ ستل ماڻـهـن کي اکيون مـهـٽي اٿڻ تي مجبور ڪيو ۽ پوءِ سنڌ هڪ آواز ٿي ڪَرَ موڙي اُٿي پئي. جنـهـن جي گونج سنڌ جي گلي گلي ۾ اياز جي گيتن ۾ ٻرڻ لڳي. سيد پنـهـنجي سڄي حياتي ڌرتيءَ جي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجـهـد ڪندي گذاري ڇڏي. سندس زندگيءَ جا آخري ساهه پساهه به قيد، بند واري ڪيفيت، حالت ۾ ئي گذريا. اهڙي قيد تي کيس “ضمير جو قيدي” وارو اعزاز به مليو. سيد اعظم پنـهـنجي قوم کي جيڪو فڪر ڏنو ان تان هن ارڏي عاشق زندگيءَ جي آخري گھڙين تائين هٿ نه کنيو؛ ان عشق ۾ هو سڄي حياتي رمندو رهيو ۽ سنڌ جي آزاديءَ، خوشحاليءَ جي پرهه ڦٽيءَ جـهـڙي باک جي ساک جو پيغام ڏيندو رهيو. جنـهـن پيغام کي اياز پنـهـنجن لفظن ۾ عوام تائين هيئن پـهـچايو ته: جوت ٻرندي رهي رات ٺرندي رهي باک جي ساک اڄ مان ڏئي ٿو وڃان! اڄ چئي ٿو وڃان مڌ ريٽي جيان، نيٺ سنڌوءَ مٿان اڀرندو ساٿيو! مان چئي ٿو وڃان. سيد کي سڄي حياتي صرف ان جرم ۾ قيد، نظر بندين ۾ رکيو ويو جو هن سياست ۾ سچ ٿي ڳالـهـايو.!! هو هن سياست جي گدلي سينور ۾ اهو اُجرو نيل ڪنول هيو، جنـهـن جي پاڙ پاتال تائين هوندي آهي ۽ ڍنڍ جو پاڻي جيترو مٿي هوندو آهي هو ان جي مٿان پيو ترندو آهي. هن سياست جي واديءَ جي بي داغ ستاري من جي اُجري، صوفي منش ماڻـهـونءَ جو عالم انسانيت لاءِ ڏنل پيغام شاهه جي هن شعر جي تشريح آهي.ته: سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار، دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪـرين. سيد جو ڏنل پيغام دنيا جي مڙني مظلوم، محڪوم قومن لاءِ آهي؛ جنـهـن جي پالوٽ مان امن ۽ آزاديءَ جون، سڪايل ۽ اُڃايل قومون سيراب ٿي سگھن ٿيون. سيد چواڻي ته: ”سنڌ صدين کان آزاد ڌرتي رهي آهي، جنـهـن تي ڪنـهـن کي به قابض ٿيڻ، ان جي وسيلن کي ڦٻائڻ ۽ ان جي تاريخي، جاگرافيائي حدن، حقن سان هٿ چراند ڪرڻ جي ڪنـهـن کي به اجازت نه ڏبي. سنڌي هڪ قوم آهي جنـهـن کي پنـهـنجي ڌرتي آزاد گھرجي ٿي.“ اڄ سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي قوم، جنـهـن سياسي، معاشي انتشار ۽ فڪري سوڪـهـڙي جو شڪار آهن اهڙي سمي سنڌ وري به اهڙي ئي پاڻيءَ جـهـڙي پياري ماڻـهـونءَ کي ساري ٿي جيڪو سندس اڃ اُجھائي سگھي. اڄ سيد جي پيروڪارن جون، ”واٽون ويـهه ٿيون، ڪهه ڄاڻا ڪـهـڙا پرين!“ واري ڪيفيت آهي. اهڙين مايوس ڪن حالتن ۾ ئي سنڌ پاڻيءَ جـهـڙي پياري ماڻـهـونءَ جي ضرورت کي محسوس ڪري رهي آهي. جنـهـن جي سچن جذبن سان ئي سندس ترقي، امن ۽ خوشحالي سلـهـاڙيل هئي. اڄ سن کي سنڌ تي سوچڻ گھرجي. اڄ ڌرتي ڌڻين جي هڪ هنڌ گڏجڻ جو ڏينهن آهي. اڄوڪو ڏينهن سڀني قومي ڪارڪنن کان تقاضا ٿو ڪري ته پاڻ ۾ پيدا ٿيل رنجشون ويڇا وساري سنڌ جي امن ۽ سلامتيءَ خاطر هڪ ٿي سيد جي ڏنل پيغام کي اڳيان وڌايون. سائين جي ايم سيد جو ميران محمد شاھ کي لکيل يادگار خط سنڌ جي بمبئيءَ کان آزادي جو ڏينهن ور تو زين دست مرا بي سرو سامان داري، من بسه آهِ سحرت زلف مشوش دارم برادرم عزيز، تسليم اڄ اوهان جي سمع خراشي ان ڪم لاءِ ڪريان ٿو، جنهن لاءِ شايد اوهين تيار نه هجو: حديث دوست نگويم مگر بحضرت دوست، ڪه آشنا سخن آشنا نگهه دارد. سنڌ جدا ٿي، نهايت خوشيءَ جي ڳالهه آهي، پر ان سنڌڙيءَ جي مٿان مون کي نهايت پريشان ڪندڙ ڪارا ڪڪر نظر اچي رهيا آهن. سبزيءَ ۽ باد بهاريءَ جي بدلي، مون کي خزان جا آثار نظر پيا اچن. سنڌ آزاد ٿي سو ته چڱو ٿيو، پر چئوطرف کان ماڻهو ان کي مال غنيمت سمجهي هضم ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا آهن. خود مطلب ماڻهو صرف پئسي يا اثر جي سبب ان جي دامن عصمت کي ٽوڙڻ لاءِ ڳجهن وانگر اکيون کوڙيو بيٺا آهن ته ڪڏهين ٿيون اليڪشنون ٿين ته اسين ٿا چونڊجون. انهن مان هر هڪ کي پنهنجي لاءِ سبز باغ نظر اچي رهيا آهن. ڪن جو خيال آهي ته ميمبر ٿيڻ ڪري هو ووٽ جي اثر هيٺ، وزيرن معرفت ڪامورن کي پنهنجي قبضي ۾ رکي، آسپاس جي ملڪ ۽ ماڻهن تي اقتدار حاصل ڪندا. ڪي وري ان طمع ۾ گرفتار آهن ته پنهنجيءَ وسيع جائداد ۽ ملڪيت جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ هيءُ هڪ ڪارگر هٿيار ٿيندن. ڪي ائين پيا سمجهن ته هينئر ڪو پڇين به ڪو نه ٿو، سو پوءِ وڏا وڏا ماڻهو سندن درن تي ڌڪا جهليندا ڪن کي وري لقبن حاصل ڪرڻ جون لالچون آهن. لٿي به، چاچي ولي محمد شاهه وانگر، وقف ائڪٽ رد ڪرائڻ جو مقصد کنيو بيٺا هوندا. اهي ارادا آهن اڻپڙهيل يا نيم خوانده، وڏيرن جا، هاڻ هلو ته پڙهيل طبقي جي ارادن ۽ اميدن کي نظر مان ڪڍون سر غلام حسين پيو سمجهي ته سنڌ ۾ هن جهڙو قابل ۽ تجربيڪار ٻيو ڪو به ڪو نه آهي، تنهنڪري چيف منسٽر ٿيڻ لاءِ هن کان سواءِ ٻيو ڪوبه لائق ڪونه آهي. اهو وڏو گناهه ٿيندو جي ٻيو ڪوبه چونڊجي وڃي تنهنڪري، ان ڪار خير ۾ هو پنهنجي اڳين ڪمايل ملڪيت ۽ اثر صرف ڪري، ضرور انهيءَ گديءَ کي هٿ ڪندو. هن کان سواءِ سنڌ جي ستياناس ٿي ويندي، ان لاءِ هو هرڪا مناسب ۽ نامناسب ڪوشش ڪرڻ ضروري ٿو سمجهي. جنگ ۾ ڪاميابي مراد اٿس. ٻئي طرف سنڌ جي امير النسل ماڻهن جو عيوضي، سر شاهنواز ڀٽو، جو سنڌ سرڪار جو صلاحڪار آهي، سو سنڌ جي حڪومت جي واڳ سر غلام حسين يا ٻئي ڪنهن جي هٿ ۾ ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي. ٻيا سڀ سندس نظر ۾ دغاباز ۽ خود مطلب آهن. هي اخلاق جو علمبردار آهي ان ڪري سڀ طريقا اختيار ڪري حڪومت جي واڳ پنهنجي هٿ ۾ آڻڻ جي پٺيان پيل آهي. اڳتي هلندا ته ڏسڻ ۾ ايندو ته ميان کهڙو خان بلند آواز سان ماڻهن کي پڙهو ڏيئي رهيو آهي ته سنڌ آزاد ڪرڻ، ڇٻلائيءَ سان مقابلا ڪرڻ ۽ مسلمانن جي حقن لاءِ لڙڻ ۾ هن ڪثر ڪانه ڇڏي آهي. ان ڪري هن کي به ڪجهه نه ڪجهه ملڻ گهرجي، نه ته هو پنهنجو گروپ مير بنده علي خان وغيره سان ٺاهي، زوريءَ به ڪا جاءِ وٺندو. انهيءَ وچ ۾ سنڌ جي الهندي گوشي کان هڪ سنهي، چالاڪ نوجوان جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، جنهن جو نالو خانبهادر الهه بخش هو. ان سندس بمبئي ڪائونسل ۾ مختلف ڪميٽين تي ڪم ڪرڻ، تجربي، هندو. مسلم لاڳاپي ۽ سر شاهنواز ڀٽي جي دوستيءَ جو حوالو ڏيندي. پنهنجو ڪليم پيش ڪيو، سنڌ جي ڪنهن به جوڙجڪ ۾ هن جي حق کي ريٽڻ ٺيڪ نه ٿيندو. هن انهيءَ نقطه نگاهه کان اپر، سنڌ ۾ اڳي ئي اثر وڌائڻ شروع ڪيو هو، بلڪ نواب شاهه ۾ لاڳاپا قائم ڪرڻ شروع ڪيا هئا. ان کان پوءِ هڪ سيد نوجوان چڱيءَ طرح ڊريس پاتل، بي اي ايل ايل بي اٿي کڙو ٿيو. ان سندس ساداتيءَ فوور سنڌ جي نالي خدمت خلق جي آڌار تي، حق طلبي ڪرڻ شروع ڪئي: ان جو نالو سيد ميران محمد شاهه هو. ان به سنڌ جي جدائيءَ بمبئيءَ ۾ مسلم بلاڪ جي سيڪريٽريءَ هجڻ ۽ پنهنجيءَ لياقت جو حوالو ڏيئي تقاضا ڪئي ته کيس ضرور ڪجهه نه ڪجهه ملڻ گهرجي. ان کان پوءِ، گزدر صاحب پنهنجو انجنيري تجربو، سکر براج جو هلائڻ ۽ پنهنجي بمبئي ڪائونسل جي ڪار گذاري پيش ڪندي چيو ته کيس وسارڻ سراسر غلطي ٿيندي. ان کان پوءِ شيخ عبدالمجيد سنڌي اٿي، مٿين سڀني خواهشمندن کي مخالف ٿي چوڻ لڳو ته اوهين سڀ سرمائيدار گڏ ٿي، ڀانئيو ٿا سنڌ جي مال غنيمت کي ورهائي کڻندو. اوهان کي ائين ڪرڻ نه ڏبو. هن سندس خلافت، ڪانگريس، مسلم ليگ تحريڪن ۽ جيل ۾ وڃڻ جا حوالا ڏنا ۽ ”الوحيد“ اخبار ذريعي ماڻهن ۾ سجاڳي آڻڻ جو ذڪر ڪيو. اوهان سڀني کي گڏجي، سنڌ جي ڀلائيءَ خاطر، خودمطلبيءَ کي ڇڏي، باهمي سمجهوتي سان ڪم ڪرڻ گهرجي نه ته اوهان جا ماڻهن اڳيان پول پڌرا ڪبا ان کان پوءِ ٻه ٽي هندو ڪارڪن اٿيا، جن چيو ته سنڌ جدا ٿي ته ائين نه سمجهو ته سموري طاقت اوهان جي هٿن ۾ اچي ويئي. اسان جا ميمبر اسيمبليءَ ۾ ٽيون حصو آهن. اوهين وڏيرا پاڻ ۾ عهدن تان لڙي اسان جا محتاج ٿيندا، تنهنڪري حڪومت جي واڳ اسان جي هٿ ۾ رهندي، سو اوهان کي اسان سان فيصلو ڪري پوءِ ڪو ڪم ڪرڻو پوندو. اهي حالتون ڏسي مون کي هڪ هاتفي آواز ڪن پيو، جو چئي رهيو هو ته اي سنڌ جا ڪارڪن، خودمطلبي ڇڏي، ملڪ ۽ ماڻهن جي ڀلي لاءِ ڪو پروگرام ٺاهي، سنڌ جي خدمت ڪرڻ شروع ڪريو، نه ته اوهان مان گهڻن جو حشر نهايت عبرتناڪ نڪرڻ وارو آهي. ڪي اليڪشن ۾ ناڪامياب ٿي، کٽي وڃي گوشه تنهائي ۾ ويهندا. ڪي هڪٻئي جي خلاف سازش ڪري، سنڌ جي سياست کي خودمطلبيءَ جو آکاڙو بنائيندا. ڪي باوجود خدمت ڪرڻ جي ، عوام جي خواب غفلت جون دانهون ڪري، وقت گذاريندا. هندو مسلمانن جي خلاف سازشون ڪندا، ته انهن جي ردعمل ۾ مسلمانن جو هڪ فرقو فرقيوار نفرت ڦهلائيندو. نتيجو اهو نڪرندو ته اها ورهين جي محنت کان پوءِ ڪيل آزادي، ملڪ لاءِ آباديءَ جي عيوض بربادي آڻيندي. تاريخ شاهد آهي ته جيڪي ماڻهو اتفاق ۽ خدمت خلق جي راهه کي ڇڏي، خودمطلبين ڪري ورهائجي. خانه جنگيءَ ۾ مشغول ٿي ويا، انهن کان اها مليل امانت کسجي ويندي ۽ وري عبرت ۽ سزا لاءِ کين گهڻو وقت مصيبتن ۾ مبتلا ٿيڻو پوندو. ان آواز کان متاثر ٿي آءُ توکي هي خط لکي رهيو آهيان. اي ميران محمد شاهه مون کي تو ۾ گهڻيون اميدون آهن تون ان نسل جو فرد آهين، جنهن پيٽ سان پٿر ٻڌي خلق خدا جي خدمت ڪئي. جنهن جي ڏاڏي، باوجود خليفه وقت هئڻ جي، نوڪرياڻي گهر ۾ انڪري نه رکي ته متان بيت المال جو پئسو شخصي ڪم لاءِ ڪتب اچي. جنهن جو ڏاڏو حق جي آواز بلند ڪرڻ خاطر ڪربلا جي ميدان ۾ اولاد سان قتل ٿيو، پر ناحق اڳيان سر نه نمايائين ۽ تيرهن سئو ورهين تائين ان جو نسل ماڻهن جي خدا ڪارڻ خدمت ڪندو پئي آيو آهي. سياسي اقتدار حاصل ڪرڻ ۾ جڏهن به اوهان ڪوشش ڪئي آهي، اڪثري ناڪامياب ٿيا آهيو. خدا جي خواهش آهي ته جيڪڏهن اوهين پنهنجن وڏن جي روايت کي قائم ڪرڻ گهرو ته عوام جي ڀلائيءَ ۽ بهتريءَ لاءِ هر قسم جي لالچ ۽ خود مطلبي ڪڍي ڇڏيو. وزيرن ۽ گورنرن مٿان قبا ڪونه اڏبا آهن، خدا جي راهه ۾ بي لوث خدمت ڪرڻ وارن کي اهو درجو نصيب ٿئي ٿو. دنيا ۽ دين ٻيئي هڪ مُٺ ۾ نه ايندا. جيڪڏهن ڀانئين ته تنهنجي سنڌڙي سرسبز ۽ شاداب ٿئي ۽ ان ۾ تنهنجي مرضيءَ مطابق سڌارا ٿين، ته وزارت يا آمارت جي لالچ ڪڍي ڇڏ. بادشاهن کان، بادشاهه بنائڻ وارن، جو درجو وڌيڪ آهي. ”ڪانياري ٻلي، ڪُئي سندي زال“. اهو مثال مشهور آهي. خودمطلبي ٻين کي شايد ڀانءِ پوي، پر توکي نه پوندي. ان طريقي سان هلڻ ڪري، توکي وڏا مرتبا ملڻ وارا آهن. تون سمجهين ٿو ته وزير ٿيڻ سان تون وڌيڪ ملڪ جي خدمت ڪري سگهندين. پر توکي اها خبر هئڻ گهرجي ته اوستائين تون وزير ٿيندين ئي ڪو نه، جيستائين ڪنهن گروپ سان ملي، اصولن ۽ جي بهتريءَ کي هڪ طرف رکي، ڏي وٺ نه ڪئي اٿئي. مون کي تو ۾ گهڻيون اميدون آهن. انهيءَ ڪم ۾ آءُ توسان ٻانهن ٻيلي ٿي، پويان هلڻ لاءِ تيار آهيان. توکي الله تي توڪل رکي، ان ڪم ۾ هٿ وجهڻ گهرجي. اهو رازق آهي حال تي موهجي مستقبل کي قربان نه ڪرڻ گهرجيئي. جيئن هيترو وقت ڏکيو سکيو گذران پئي ٿيو اٿئي. تيئن آئيندي به پيو ٿيندءِ. پر قرباني جو خيال ڌاري، ميدان ۾ نڪرڻ گهر جيئي. تون سنڌ جو ”ڪمال“ بنجي سگهين ٿو. بشرطيڪ، بنا مطلب جي گروپ ٺاهي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ کان سواءِ، وزيرن کان پنهنجيءَ ڪي پوزيشن (Key Position) جي عيوض، ملڪ ۽ قوم جا ڪم ڪرائيندين. ان حالت ۾ وزير توکان ڪبدا، تنهنجو نالو ملڪ ۾ مشهور ٿي ويندو. وڪالت مان ئي گهڻي ڪمائي ٿيندءِ. هيءَ اپيل ٻين کي ڇڏي، توکي ان لاءِ ٿو ڪريان ته تو ۾ درويشي جزو ڏسان ٿو ۽ محبت اٿم. هن وقت مالي مشڪلاتن ۾ ذرا آسودي زندگي گذاري جي شوق توکي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي، پر اميد ته تنهنجي حميدت کي جوش ڏيارڻ ڪري تون اڳواڻيءَ جي لائق ٿي پوندي. تو باز ساعد شاهي م مگرز استخوان هماي همت خود را به بلند ده پرواز آخر ۾ خدا جي درگاهه ۾ سوال ٿو ڪريان ته اهو تنهنجي قلب مان ڪمزوري ۽ لالچ ڪوري ڪڍي ۽ توکي سندس صالح بندن جي صف ۾ کڙو ڪري. سائين جي ايم سيد ٿي ماڪ وسي ميخاني تي الطاف ملڪاڻي ۲۵ اپريل ۱۹۹۵ع جي نٽهڻ اُس هئي ۽ سنڌ جي پٿريلي علائقي ۾ سنڌوءَ ڪناري ڀرسان جڏهن سنڌ جي سائينءَ کي لحد ۾ لاٿو پي ويو ته ائين پي لڳو ڄڻ هڪ پل لاءِ زمين پنهنجي محور جي چوڌاري ڦرندي پنهنجي چرپر کي روڪي ڇڏيو هجي ۽ ڪائنات هڪ پل لاءِ پنهنجو ساهه روڪي ساڪت ٿي وئي هجي ۽ اها ئي هڪ گهڙي هئي جو سن جي شهر مٿان اوچتو خبر ناهي ته ڪا ڪڪري ڪٿان آئي ۽ هن به سيد جي موڪلاڻي واري ڏينهن تي پنهنجي ڪجهه لڙڪن جي ڀيٽا پيش ڪئي. اهو منظر هڪ پاسي حيرت ۾ وجهندڙ هو ٻئي پاسي اهو يقين ڏياريندڙ هو ته واقعي هن پاڻ ته ڪڏهن به پيغمبريءَ جي دعويٰ نه ڪئي پر شايد سندس جامي ۾ لڪل ڪو پيغمبري روح ضرور هو. جنهن ڪري ئي ته زندگيءَ ۾هن کي ڪافر، دهريو ۽ نوجوانن کي کاريندڙ انسان چئي ڌتڪاريندڙ ماڻهو به سندس وصال کانپوءِ پيغمبريءَ جو درجو ڏيڻ لاءِ تيار هئا. سنڌ جو سيد، جنهن کي دنيا جي ايم سيد جي نالي سان سڃاڻي ٿي سو سنڌ جي انهن ڇورن ڇنن، ارڏن ۽ ڏنگن ٻارن لاءِ بڙ جي هڪ اهڙي گهاٽي ڇانوَ هو جتي تتل ڏينهن ۾ لُڪن جا ماريل پکي اچي پناهه وٺندا آهن. سنڌ جنهن کي غلاميءَ جي سنگهرن ۾ سلهاڙيئي صديون ٿيون آهن ۽ جيڪا اداس، اٻالي، اٻاڻڪي هئي. انهيءَ کي سيد جي صورت ۾ هڪ اهڙو آئينو مليو جنهن ۾ کيس پنهنجي وڃايل حُسن جو پرتوو نظر پئي آيو ۽ سنڌ امڙ کي اها پڪ آهي ته هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور هن کي پنهنجو وڃايل حُسن واپس ملندو. ها يقينن جيڪڏهن سنڌ جي حسن ۽ جمال کي مادي صورت ۾ ڏسڻو آهي ته پوءِ اسان کي سائين جي ايم سيد جي لکيل ڪتابن ”سنڌي ڪلچر ۽ ديارِ دل داستانِ محبت“ کي پڙهڻو پوندو جنهن ۾ سائين لفظن جي صورت ۾ سنڌ جي حقيقي حسن کي چٽيو آهي ۽ سنڌ جي انهيءَ جوت ۽ جمال کي سيد رڳو سياسي اک سان ڪو نه ڏٺو هو پر هن وٽ لطيف جي فڪر جي اها مشعل هئي جنهن جي روشنيءَ ۾ پنڌ ڪندي سيد اهو محسوس ڪيو هو ته: ”سنڌ جهنگ جبل، نديون ۽ نالا، ميدان ۽ کيت يا رڳو جاگرافيائي ليڪن جي مادي وجود جو نالو نه آهي پر سنڌ جو هڪ ازلي روح آهي ۽ اهو روح ته اُنهي ڏينهن خلقيو ويو هو، جڏهن خالقِ ڪائنات ’الست بربڪم‘ چيو هو ۽ انهيءَ روح کي چٽو ڪرڻ لاءِ جڏهن سيد جي قلم حرڪت ڪئي ته انهيءَ مان ”سنڌو جي ساڃاهه“ جهڙو شاهڪار ڪتاب تخليق ٿيو. سنڌ جي حسن کي ڏسڻ لاءِ سيد سدائين لطيف سائين جو هيءَ بيت پڙهندو هو ته: ”اُپٽيان، ته انڌيون، پوريو پرين پسن آهي اکين، عجب پر پسڻ جي.“ سو جي سنڌ جي ازلي روح جي حسن جو پرتوو پسڻو آهي ته پوءِ سنڌ کي سياست جي ڪڌي ڄار ۽ مادي فلسفن جي اُپٽار کان هٽي ڪري جي ايم سيد جي اک سان ڏسڻو پوندو. سنڌ کي جيڪڏهن ڪو ماڻهو هڪ صوفي، هڪ عاشق ۽ ديواني جي نظر سان ڏسندو ته پوءِ هن کي سنڌ جي مٽيءَ مان اهڙي خوشبوءِ اُٿندي نظر ايندي جنهن جو واس مقتلن کي به مات ٿو ڪري ۽ محبوب جي مرڪن کان به وڌيڪ مٺو آهي. اهو ئي سبب آهي جو لطيف سائينءَ جي ميخاني جي ماڪ پي جڏهن جي ايم سيد سنڌ جي حسنِ ازل جو جلوو پسيو ته هن کان رڙ نڪري وئي هئي هو اڪثر پنهنجي زندگيءَ ۾ هيءَ ٻه فارسيءَ جا شعر ورجائيندو هو ته: ”تنهنجي عشق جي ڏوهه ۾ مون کي ڪهڻ لاءِ مقتل ڏانهن وٺيو پيا وڃن. چؤڏس وڏو شور متل آهي. اي محبوب! تون به ڪوٺي تي چڙهي ڏس ته ڪيڏو نه وڻندڙ نظارو آهي“ يا وري هيءَ شعر ته: ”عرصو ٿيو آهي منصور جو آواز، گم ٿي ويو آهي مان دارورسن کي سجائي. منصوريءَ جي ريت کي ٻيهر جيئارڻ ٿو چاهيان.“ ۽ پوءِ سائين جي ايم سيد انهيءَ منصوريءَ ريت کي عمر ڀر نڀايو ۽ سيد جي ”اناالحق“ جي نعري جي اها گونج هئي جو سنڌ جا نوجوان هن پوڙهي عاشق جي سٽ تي سن جي مچ تي ائين ڳاهٽ ٿيڻ لڳا جيئن ڪنهن مچ تي پتنگا پهه ڪري گڏ ٿيندا آهن. جن لاءِ لطيف سائين فرمايو ته: پتنگن پهه ڪيو، مڙيا مٿي مچ، پسي لهس نه لچيا، سڙيا مٿي سچ سندا ڳچنين ڳچ، ويچارن وڃائيا. سن ۾ ٻاريل سيد جي لاٽ اڄ به سنڌ جي عاشقن کي ائين سڏي رهي آهي جيئن متارن کي موکيءَ جو مٽ سڏيندو هو. سنڌ جو سيد جيڪو هاڻ تاريخ جو اُهو عظيم سچ ثابت ٿي رهيو آهي جنهن کي ڪو به ڪوڙو مؤرخ هاڻ ڪچي مٽيءَ تي لکيل ڪنهن مٽجندڙ تحرير جيان ميٽي نه ٿو سگهي سيد ۽ سنڌ ته درد کي سمجهڻ لاءِ نه ته ڪنهن مارڪس کي پڙهڻ جي ضرورت آهي نه ئي ڪو جدلياتي ماديت جي فلسفي جو ماهر ٿيڻو آهي. سيد جي فلسفي کي سمجهڻ لاءِ نه ته مائوزي تنگ جي تحريرن جو حافظ ٿيڻو پوندو نه ئي فرائيڊ يا سارتر جي خيالن جو پيرو کڻي وجوديت جي بازار گهمڻي پوندي. ها بس جي، سائين جي ايم سيد کي سمجهڻو آهي ته پوءِ سنڌ جي ازلي روح کي سمجهڻو پوندو. جتان لطيف ۽ سچل، سامي ۽ بيدل جي فڪر جا آبشار ڦٽن ٿا. رڳو سکڻي سياسي نعري بازي سان تبديلي ناهي اچڻي. تبديلي لاءِ پنهنجي پاڻ کان ابتدا ڪرڻي پوندي. پاڻ کي هڪ نئين انسان، سجاڳ انسان، باشعور انسان ۾ تبديل ڪرڻو پوندو. سائين جي ايم سيد جو فڪر هڪ نئين سنڌ جي ڳالهه ڪري ٿو. انهيءَ لاءِ سائين جي ٻن ڪتابن ”نئين سنڌ لاءِ جدوجهد“ ۽ ”سنڌ ڳالهائي ٿي“ کي پڙهڻو پوندو. پر رڳو ڪتابن پڙهڻ جي ڳالهه ناهي پر ڪتابن پڙهڻ سان گڏوگڏ سچل سائين جي هنن سٽن تي به عمل ڪرڻو پوندو ته: ”جوگي جگت ڪرتا نهين ڪپڙا رنگا تو ڪيا هوا؟ اپنا اندر رنگتا نهين، ڪپڙا رنگا تو ڪيا هوا؟ قاضي ڪتابان کول ڪي مسئلا پڙهندا غور پڙهتا پر عمل ڪرتا نهين، قاضي بنا تو ڪيا هوا؟ حاجي مديني جا ڪي سجدا ڪيا تو هوا؟ دل ڪا ڪفر ٽوٽا نهين، حاجي بنا تو ڪيا هوا؟ سچل اپني مُک سي، آنسو بها تو ڪيا هوا؟ دل ڪا رونا روتا نهين، آنسو بها تو ڪيا هوا؟ سو ۲۵ اپريل جو ڏينهن ته هر سال اچي ٿو ۽ سائين جي ايم سيد کي به هر سال ياد ڪري ٻه چار لڙڪ ته هارجن ٿا پر جي سيد جي ٻڌايل واٽ تي دل سان عمل نه ٿو ڪجي ته پوءِ ڀلا سنڌ جا درد گهٽجن ته ڀلا ڪيئن گهٽجن؟ سائين جي ايم سيد جو ورثو The Legacy of G.M. Syed زاهد ميراڻي ”تون مري ويو آھين ۽ مري ويلن تي مان تلوار نھ کڻندي آھيان“، ھي جملو جھانسيءَ جي راڻيءَ انگريز دور ۾ ھندستان جي ھڪ راجا کي مخاطب ٿيندي چيو ھو، جنھن ھندستان جي مفادن کي پُٺ ڏئي انگريزن سان وفاداري نڀائي ھُئي، جھانسيءَ جي راڻيءَ جو ھي جملو تھ بظاھر عام جملن جھڙو ئي آھي پر ان جملي جي جيڪا ڪاٽ آھي، اھا ڪنھن تکي ڪات ۽ ڪھاڙي کان وڌيڪ آھي، ھوند وقت جي انھيءَ غدار راجا جو اھي لفظ ٻڌي ڪنڌ شرم مان جھڪي ويو ھوندو. پر سنڌ ۾ بدنصيبي اھا آھي تھ ڌرتيءَ جي غدارن تي لفظ تھ پنھنجي جاءِ تي لعنت ملامت بھ اثر نھ ٿي ڪري، تھ پوءِ انھن کي لفظن ۾ احساس ڪيئن ڏياري سگنداسين، غداري ڇا؟ آھي، غداري ڪيئن ڪبي آھي ۽ غداري ڪرڻ جو انجام ڇا؟ ٿيندو آھي، اھي ٽئي اھڙا سوال آھن جن جا ھوند تھ جواب بھ سڀ ڪنھن وٽ الڳ الڳ ئي ھوندا، پر اھا ڳالھھ پڪ سان چئي سگھجي ٿي تھ انھن سڀني جوابن جو لبِ لباب ساڳيو ئي ھوندو. سنڌ ۾ سائين جي ايم سيد جي ذات صفات مان سمجھان ٿو تھ اڪيلي ئي آھي جيڪا ھاڻي تاريخ جو ھڪ زندھ ۽ جاويد باب بڻجي چُڪي آھي، دنيا ۾ شعور ۽ ساڃاھھ وند معاشرن ۾ وصال بعد انھيءَ شخصيت کي زندھ ۽ جاويد سمجهيو ويندو آھي، جن جو فن، فڪر ۽ فلسفو ڪنھن نھ ڪنھن حوالي سان سماج ۾ زندھ ھُجي، سماج جي رھنمائي ڪري ۽ ان کي سگھھ، طاقت، قوت ۽ جولان عطا ڪري ۽ ان کي اڳتي وٺي وڃڻ جو ڪارڻ بڻجي، باقي نھ تھ سماجن ۾ اھڙا بھ سوين، ھزارين فلسفي ۽ مفڪر ۽ اڳواڻ ھر وقت موجود ھجن ٿا جن جي اھا شديد خواھش ھوندي آھي تھ ڪو کين کڻي سلام ئي ڪري تھ بھ سٺو. اڄ اسان جنھن سنڌ ۾ ساھھ کڻي رھيا آھيون، اھا سنڌ ٽن ھستين جي ڪري پنھنجو وجود قائم رکي سگھي آھي، ۽ ھوند تھ ڪائنات جي آخري گھڙيءَ تائين پنھنجو وجود قائم رکندي، انھن ٽن ھستين مان پھرين ھستي مھاديو شوو جي آھي، ٻي ھستي مھا راجا ڏاھر جي آھي ۽ ٽين ھستي مھا رھبر سائين جي ايم سيد جي آھي، انھن ٽنھي ھستين جي طفيل اڄ سنڌ اسان وٽ پھتل ۽ بچيل آھي، نھ تھ ھوند سنڌ جو نالي وٺڻ وارو بھ ڪو نھ ھُجي، انھن ٽنھي ھستين جي خوبي اھا آھي تھ اھي ٽئي ھستيون سنڌ جي نالي واري مالھا ۾ املھھ موتين وانگر پويل آھن ۽ سنڌ جي سڳي ئي انهن ٽنهي املهه موتين کي هڪ مالها ۾ پوئي رکيو آهي. سنڌ ويدڪ مذھب جي ڌڻي ۽ سرجڻھار ڌرتي آھي ۽ مھاديو شوو ويدڪ مذھب جو خدا آھي، دنيا جي سمورين انسائيڪلپيڊياز، علم نامن ۽ مذھبي ڪتابن ۾ اھا ڳالھھ چٽي نموني لکيل آھي تھ، ”مھا ديو شوو سنڌو تھذيب جو خدا آھي“، تنھنڪري ئي اسان سنڌين جي اھا دعوى بھ ھوندي آھي تھ ”شوو سنڌ آھي ۽ سنڌ شوو آھي، نھ تھ سنڌ کان سواءِ ڪو شوو جو تصور آھي ۽ نھ وري شوو کان سواءِ سنڌ جو ڪو تصور ئي ڪري سگھجي ٿو. دنيا ۾ جڏھن بھ ”سنڌوءَ جي سلطنت“ جو ذڪر ٿيندو آھي تھ اتي ”مھاديو شوو“ جو ذڪر اڻ ٽر ٿي پوندو آھي جو شوو ئي اھڙي ھستي آھي جيڪا سنڌو تھذيب جي جاگرافيائي حدن جو تعين ڪري ٿي، سنڌ جنھن ۾ اسان جي رھيا آھيون، اھا سنڌ ان سنڌ جو ھڪڙو ننڍڙو پاڙو آھي ”جيڪا تھذيبي طور تي“، ”اسان جي سنڌ“ ۽ جنهن جو وجود “سنڌوءَ“ سان سلهاڙيل آهي، اهڙو سنڌو تهذيب جو تعين مھاديو شوو جي ھستيءَ ئي ڪيو آھي، قديم دور کان وٺي اسان سنڌين جو اھو مڃڻ آھي تھ جتي، جتي شوو آھي اتي، اتي سنڌ آھي، انھيءَ حوالي سان جيڪڏھن سنڌو تھذيب جي پکيڙ ڏسنداسين تھ ڪراچي ڪنڊ ملير کان وٺي، ھندو ڪش ۽ ڪيلاش بربت تائين سنڌو تھذيب جو ڦهلاءُ آھي، ھن وقت جي بلوچستان ۾ شامل علائقا جن ۾ حب، لس ٻيلو، سبي، ڍاڍر، گوادر، ڪولپور، قلات، چمن، ڪوئٽا، مڪران اچي وڃن ٿا، اھڙا علائقا آھن جن جي چپي چپي تي ھزارين سالن کان شوو مندر جوڙيل آھن ۽ سنڌي رھندڙ آھن، ھن وقت جي ڪابل ۽ قنڌار سميت ايران جي سيوستان واري علائقي تائين، شوو مندرن جو هڪ سلسلو قائم آھي، ھندستان جي ستن رياستن ٻاڙميڙ، بڙودا، جيسلمير، راجستان، رڻ، ڪڇ، ڀڄ، ڪاٺياواڙ، گجرات شوو مندرن سان سٿيو پيو آھي، مها ديو شوو جي سنڌو تھذيب جي خدا ھجڻ جي حيثيت ۾ ھر اھو خطو جيڪو سنڌوءَ جي ڪناري يا لڳ ڀڳ آباد آهي ۽ جتي شوو مندر آھي اھو علائقو سنڌو تھذيب جو حصو آھي. سنڌو جيئن ئي ھندوڪش مان پنھنجو سفر شروع ڪري ٿي تھ رستي ۾ ايندي ايندي پنھنجا تھذيبي اثر ڇڏيندي اچي ٿي ۽ اچي ٺٽي ۾ سنڌي وڏي سمنڊ سان ملي ٿي، پر رستي ۾ ڪيئي ھنڌ ۽ ماڳ اھڙا به آھن جتان سنڌو پاسو ورائي ۱۹۴۷ع بعد ھندستان ۾ شامل ٿيل سنڌ جي ريگستاني علائقن ڏانھن وڃي ٿي، سنڌ جي سرحدن مان سنڌوءَ جو اھڙو سفر علي واھڻ کان راجستان طرف شروع ٿئي ٿو ۽ نتيجي ۾ مھراڻو، پراڻ ۽ ھاڪڙو ننديون وجود ۾ اچن ٿيون جيڪي صدين تائين ٿر جي صحرا کي آباد، سائو ۽ سکيو ستابو رکن ٿيون، اھو ئي سبب آھي جو ٿر جو علائقو جيڪو ويجھي ماضيءَ جي سنڌ جي عظيم ريگستان جي علائقو رهيو آھي کي شاھوڪار چيو ويندو ھو، پر بدقسمتيءَ سان ڪلھوڙن جي دور ۾ آبياني جي مسئلي تي سنڌوءَ جو وھڪرو ٿر طرف بند ڪيو ويو جنھن بعد ئي ٿر ريگستان ۾ تبديل ٿي ويو، انھيءَ ريگستان واري علائقي ۾ سنڌو تھذيب جا ٻھ وڏا شھر ھيا جن مان ھڪ لوٿل ۽ ٻيو ڍولا ويري آهي، جن جي ڪافي وقت اڳ کوٽائي ٿي آھي، انھيءَ کانسواءِ سنڌو تھذيب جي ٻين وڏن شھرن ۾ ھن وقت جو ھڙپا، جنھن کي ۱۹۴۷ع بعد پنجاب جي حصي ۾ ڏنو ويو ۽ چيو ويو، پنجابين جو سنڌو تھذيب سان ڪو واسطو ئي نھ آھي، عجيب ڳالھھ آھي انھن سنڌو تھذيب جي قديم شھر کي پنھنجو ورثو قرار ڏئي پنهنجي تهذيب جو ورثو قرار ڏئي ڇڏيو آهي، ان بعد مھرڳڙھ (ھاڻوڪي بلوچستان ۾)، ڪوٽ ڏيجي ۽ لاکين جو دڙو سکر وارو، سنڌو تھذيب جا قديم شھر آھن. موھن جي دڙي مان ملندڙ ڪيئي مھرن تي مھاديو شوو جو خاڪو اڪريل آھي ۽ سندس سان منسوب ”ساکيو“ جي نشان جون پڻ ڪيئي مھرون مليون آھن، ”ساکيو“ ، ”سنڌو تھذيب جو قومي نشان آھي“، ھي آھي مھاديو شوو جو سنڌ سان تعلق جو ھڪڙو ننڍڙو خاڪو، اھا آھي مھاديو شوو جي تھذيبي سنڌ ۽ مھاديو شوو، جيڪي پنھنجو صدين جو سفر ڪري اچي ۷۱۲ ھھ ۾ مھا راجا ڏاھر جي دور تائين پھچن ٿا، انھيءَ وچ ۾ سنڌ پنھنجو تھذيبي، تاريخي، اقتصادي، سماجي ۽ سياسي سفر ڪندي رھي آھي، جنھن متعلق تاريخ خاموش آھي. سنڌ کي مھاراجا ڏاھر جي دور تائين پھچندي اھي ئي سمورا علائقا ورثي ۾ ملن ٿا جيڪي شوو جي تهذيبي سنڌ جا هيا، راجا ڏاهر ئي اھو ئي تھذيبي ورثو حصي ۾ اچي ٿو، جيڪو مھاديو شوو جو آھي، سنڌ مھاديو شوو کان ٿيندي مھاراجا ڏاھر تائين پھچندي ھڪ مضبوط، عظيم ۽ خوشحال سلطنت جو روپ اختيار ڪري وڃي ٿي، جنھن جي خوشحالي، سونھن، علم ۽ ھنر جي ھاڪ سڄي دنيا تائين پھچي ٿي ۽ دنيا جي ڌاڙيلن، ڦورن ۽ گھلن کي جھڙوڪر پاڻ ڏانھن متوجھ ڪري ٿي، تاريخ ۾ سنڌ جي تباھيءَ جو ھڪ وڏو سبب سندس خوشحالي پڻ رھيو آھي، جنھن ڪري ھر بکئي ۽ ڌاڙيل سنڌ تي راتاھو ھنيو آھي، مھا راجا ڏاهر جي دور تائين پھچندي پھچندي سنڌو تھذيب پنھنجي انھيءَ تھذيبي علائقي کي جنھن کي مھاديوشوو جوڙيو ھو، انھن کي جھڙوڪر ھڪ انتظامي شڪل ملي وڃي ٿي. ڪتاب سنڌو سلطنت جا صوبا پڙھڻ سان اوھان کي سنڌو تھذيب جي پکيڙ وارن علائقن متعلق ڪافي ڄاڻ ملي ويندي. سڄي دنيا جي سياسي تاريخ جي اھا ھڪ تلخ حقيقت رھي آھي تھ دنيا جي مظلوم ۽ پيڙهيل طبقن جي قيادتن کي سندن دشمن قوتون ڪيئي نموني زيرُ ڪرڻ جون ڪوشش ڪنديون آھن، پر انهن سمورين ڪوشش مان جيڪا ڪوشش انتھائي بدترين ۽ ڇسي انداز ۾ ڪئي ويندي آھي اھا آھي انھن اڳواڻن جي ڪردار ڪشي، جيڪا ھر طرح سان ڪئي ويندي آھي، انھن کي چور، ڌاڙيل، وڳوڙي، فسادي، نااھل، جاھل ۽ ڄٽ ھجڻ جھڙا سڀئي طعنا ڏنا ويندا آھن، پوءِ جيڪو جتي متاثر ٿئي، سائين جي ايم سيد گھڻو ڪري ٻين سمورين بدعتن کان پاڪ ۽ صاف صفا انسان ھو ۽ ان تي بداخلاقيءَ جو بھتان بھ نھ پيو ھڻي سگھجي، اھڙي صورتحال ۾ مٿس ٻھ ئي الزام لڳندا رھيا آھن، ھڪ تھ ھو غدار آھي جو ھُن قيام پاڪستان جو ٺهراءُ پيش ڪيو ۽ ٻيو تھ ھو عالم نه آھي، سائين جي ايم سيد جا مخالف ان کان اڳتي ٻيو ڪجھھ چئي نھ سگھندا آھن، ائين ئي جيئن مڪي ۾ محمد صلعم جا مخالف جڏھن مٿس ٻيو ڪو الزام ھڻي نھ سگھندا ھيا تھ کيس جادوگر چوڻ ئي ڪافي سمجھندا ھيا. ھتي اسان جو اھو بحث نھ آھي تھ سائين جي ايم سيد عالم نه ھيو، پر ھتي اسان فقط ايترو چوڻ چاھينداسين تھ اڄوڪي سنڌ ۾ شاھ عبدالطيف ڀٽائي ئي اھا واحد ھستي آھي جنھن ماڻھوءَ جي فن، فڪر ۽ شخصيت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ دانشورن جي ھڪ وڏي کٽ ڏينھن رات ھڪ ڪيون ويٺي آھي، سرڪاري ادارن جي وڏن وڏن عھدن تي براجمان ٿي ڪري ڪيئي ڏھاڪن کان پيٽ پاليندي رھي آھي، تحقيق جي نالي ٿاڌل ڇاڻيندي رھي آھي، سائين جي ايم سيد ئي اُھو ماڻھو آھي جنھن شاھ لطيف جي فن، فڪر ۽ شخصيت کي اڄ کان سٺ، ستر سال اڳ ان وقت سنڌي ماڻھن کي آسان ۽ سولي انداز ۾ کولي ٻڌايو ھو جڏھن شاھھ لطيف جي ڪنھن کي خبر نھ ھوندي هُئي سواءِ مئخاني جي موالين جي ٻيو ڪوبھ شاھھ لطيف کي نھ سڃاڻيندو ھو، سائين جي ايم سيد سنڌ جي تاريخ جي اھا پھرين ھستي آھي جنھن عام ماڻھن کي عام فھم انداز ۾ شاھھ لطيف جي فڪر کي سمجھايو، ھُن ماڻھن کي لطيف جي فڪر وسيلي سنڌ سمجھائي، ۽ لطيف جي فڪر ذريعي ئي وطن ۽ وطن سان محبت کي سمجھايو، اھو ڏينھن ۽ ھي ڏينھن وري ڪو سنڌي دانشور، ڏاھو ۽ عالم سنڌي عوام کي سائين جي ايم سيد وانگر لطيف ۽ ان جي فڪر ۽ شخصيت کي سمجھائي نھ سگھيو آھي، پر افسوس جو لطيف وٽ ڪا ڊاڪٽريٽ جي ڊگري نھ آھي، ھا پر اھا حقيقت آھي تھ لطيف وٽ علم ضرور ھو جيڪو اڄ جي عالمن وٽ نھ آھي، دنيا ۾ عِلمَ نسبتي لاڳاپن جي حوالي سان ترقي ڪندا آھن، جيئن يونان ۾ ڏاھپ جو علم عام ھو تنھنڪري اتي فقط ڏاھا ئي پئدا ٿيا، يونان ۾ ھڪڙو بھ صوفي پئدا نھ ٿيو، چين ۾ قديم دور کان وٺي جنگ ۽ جدل جو راڄ ھيو تنھنڪري اتي فوجي، جنرل ۽ ويڙھاڪ تمام گھڻا پئدا ٿيا جن جي فن جا لکين نمونا اڄ بھ مارشل آرٽ جي صورت ۾ موجود آھن، ۱۸۶۸ع ۾ جاپان جي شھنشاھھ ميجيءَ جي آندل صنعتي سڌارن ۽ انقلاب بعد جاپانين جھڙوڪر مشين ۽ صعنت طرف ڌيان ڏنو ۽ ان ڌيان کي جھڙوڪر جاپاني تاريخ ۾ ٻي عظيم جنگ بعد عملي روپ ڏيندي مشين سازيءَ ۾ ايترو تھ اڳتي نڪري ويا جو اڄوڪي جاپان ۾ انجنيئرنگ جي ھر شعبي ۾ انجنيئرن جو انگ دنيا جي ٻي ڪنھن بھ ملڪ کان جاپان ۾ سوايو آھي ۽ اھو ئي سبب آھي جو چيو ويندو آھي تھ ھرجاپانيءَ جو پھريون عشق مشين ۽ ٻيو عشق ڇوڪريءَ سان ٿيندو آھي، اھو ئي سبب آھي تھ سائين جي ايم سيد تاريخ جي جنھن دور ۾ ساھھ کڻي رھيو ھو ان دور جي اھا ئي ضرورت ھُئي تھ ماڻھن کي وطن جي حب ۽ ان جي تحفظ جو احساس ڏيارجي، ظاھر آھي ماڻھن کي وطن جي حب جو احساس قومي سورمن، مفڪرن ۽ واقعن جي پيرائتي ڄاڻ ڏيڻ سان ئي ٿيندو ۽ قوم جو تحفظ عملي سياست سان ئي ٿيندو، ۽ سائين جي ايم سيد اھي ٻئي عمل ان وقت ڪيا جڏھن ان طرف نھ ڪو سوچ ويچار ڪندو ھو ۽ نھ ئي ڪنھن کي ايتري ڄاڻ، ھمت ۽ عشق ھو، سائين جي ايم سيد پنھنجي دور جو نھ تھ سٺو سائنسدان ٿي سگھيو، نھ ڪو چالاڪ غدار ٿي سگھيو ۽ نه ئي شھيد ٿي سگھيو، تنھن ڪري ئي ھو نه ته عالم آھي، نھ محب وطن آھي ۽ نه ئي امر انسان آھي. رھي ڳالھ سائين جي ايم سيد جي سياست ۽ ۱۹۴۷ع واري پاڪستان جو ٺهراءُ سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيش ۽ منظور ڪرائڻ جي جنھن ڪري کيس غدار چيو وڃي ٿو، ته ان سلسلي ۾ بھ ڪجھھ ڳالھيون بيان ڪرڻ ضروري آھن، جنھن وقت انگريز سنڌ ۾ داخل ٿيا ھيا ان وقت گڏيل برصغير ٻن تھذيبي ملڪن ۾ اڳ ئي وراھيل ھو، جنھن جون جاگرافيائي حدون ته اعلانيل نه ھيون پر تھذيبي حدون ضروراعلانيل ھيون جيڪي ٻنهي ملڪن جي جاگرافيائي حدن جو تعين ڪنديون هيون، سنڌو ۽ هندو ٻه الڳ الڳ تهذيبون آهن، جيڪي پنهنجي خاصيتن ۽ ٿمل جي حوالي سان هڪ ٻئي جي ويجهو هجڻ ڪري هڪ جهڙيون لڳنديون آهن، انھن تهذيبي حدن ۾ بمبئي (اڄ جي ممبئي/ مھاراشٽر) ڪراچي ڪنڊ ملير، بدين جو زيرو پوائنٽ، کان ۱۹۴۷ع ۾ پاڪستان جي قيام بعد هندستان ۾ شامل ڏيکاريل سنڌ جون ست تهذيبي رياستون، جن ۾ جيسلمير، ڀڄ، رڻ ڪڇ، ٻاڙميڙ، بڙودا، گجرات، ڪاٺياواڙا شامل آهن، جڏهن ته هاڻوڪي سنڌ جي اتر ۾ هاڻوڪي بلوچستان ۾ شامل علائقا جيڪي حب کان ٿيندي، لس ٻيلو، گڏاڻي، سون مياڻي، گوادر، سبي، ڍاڍر، قلات، چمن، مڪران، ڪول پور سميت مهر ڳڙهه، ميراڻي ڊيم وارو علائقو، شال ڪوٽ (هاڻوڪو ڪوئٽا، شال ڪوٽ تي اهو نالو ۱۹۶۵ع ۾ رکيو ويو) ۽ ان کان اڳتي ايران جا ٻه علائقا جن ۾ هڪ سيوستان شامل آهن ۽ ايران ۽ بلوچستان سان گڏ افغانستان جا علائقا قنڌار ۽ جلال آباد قديمي طور تي سماٽن ۽ آرين جا علائقا آهن اڄ به انهن علائقن ۾ شوو جا مندر آهن، ۽ اڄ به انهن علائقن ۾ سنڌي آباد آهن، جن کي اتي “پڪا سنڌي” ڪري سڏيندا آهن. قنڌار جو شوو مندر تقريبن اڌ ڪلوميٽر جي ڊيگهه ۾ آهي، افغانين، افغانستان ۾ موجود گوتم ٻڌ جي مجسمي کي جيڪو دنيا جي قديم ۽ اوچن مجسمن مان هڪ هيو ميزائل هڻي ڊاهي ڇڏيو پر انهن شوو مندر جي هڪڙي سر به نه ڀڳي، جڏهن ته اولهه طرف لداخ کان وٺي ڪشمير جو سمورو علائقو ، اولهه-اتر طرف اڄوڪي پنجاب ۾ گڊو، ڪشمور ۽ ماڇڪي کان مٿي ملتان، پنج نند ۽ ڪالا باغ تائين وارا علائقا شامل آهن جيڪي مٿي اوڀر طرف ڪوهه هماليا، ڪوهه هندو ڪڇ ۽ ڪيلاش بربت تائين وڃن ٿا، اهي سمورا علائقا قديم سنڌو تهذيب جي ملڪ جي پکيڙ ۾ شامل هيا، انهيءَ سڄي پسمنظر ۾ انتهائي عجيب ۽ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته انهن سمورن علائقن مان سنڌو ڪنهن نه ڪنهن نموني گذري ٿي ۽ پهچي ٿي، اهو ئي سبب آهي ته قديم دور کان وٺي انهن علائقن ۾ مهاديو شوو جون سماڌيون جڙيون، ۽ سنڌو تهذيب اوسر ڪري جوان ٿي. اھا آھي تھذيبي سنڌ، مٿي ذڪر ڪيل سمورن علائقن ۾ سنڌو مت جو ڦھلاءُ ھيو، سنڌو مت سنڌين جو اصلوڪو ويدڪ مذھب آھي جنھن ۾ مھاديو شوو سنڌو تهّذيب جو خدا آهي، جنھن جا نوانوي روپ آھن ھو ضرورت پوڻ تي ڪنھن بھ روپ ۾ اچي ٿو سگھي، جتي شوو آھي، اتي سنڌ آھي، اھا قديم سنڌ جي دعوى آھي ۽ اها جديد سنڌ جي دعوى پڻ آهي، سنڌوءَ جو وطن هڪ تهذيبي وطن آهي. ۷۱۲ع ۾ مسلمانن جي حملن جي وقت تائين سنڌ پنهنجي انهيءَ سموري مهاديو شوو جي تهذيبي ورثي کي سهيڙي اچي راجا ڏاهر تائين پهچايو، ۽ راجا _ڏاهر جي دور تائين پهچندي پهچندي سنڌ هڪ اهڙو تهذيبي ملڪ بڻجي چڪو هو جنهن جي سڃاڻپ فقط سنڌو هُئي، ۽ انهيءَ تهذيبي ملڪ ۾ مٿي ذڪر ڪيل علائقا شامل هيا ۽ راجا ڏاهر سنڌوءَ جي انهيءَ سلطنت تي حڪمراني ڪندو هو، اسلام جي اچڻ بعد سرزمين عرب جا بدو مسلمان ٿي رھزنن مان ڦري مجاهد ٿي پيا، اسلام جي اچڻ بعد جھڙوڪر سندن جا دنيا تي حملا جائز ٿي پيا، جنھن لاءِ ھاڻي انھن وٽ ڪيئي خاص سبب پڻ ھيا، جن کي رد ڪرڻ ايڏو آسان به نھ ھو. انهن سنڌو تهذيب کي فتح ڪرڻ لاءِ سترنهن ڪاهون ڪيون ۽ کين هر ڪاهه تي شڪست ملندي رهي، پر بنو اُميه جي مسلسل حملن ۽ جنگي اوزارن محمد بن قاسم جي قيادت ۾ حملي کي ڪامياب بڻايو، انهيءَ حملي ۾ به سنڌ جي دلير پُٽن ڄمي مقابلو ڪيو جو محمد بن قاسم جا اوسان خطا ٿي ويا ھيا، ايتري قدر جو فتح جي اعلانن بعد هُو پنھنجن سپاھين کي چوڻ لڳو تھ ”مون کي پاڻي کارايو“، جيڪا سنڌ مهاديو شوو جي خدائيءَ جو محور ۽ مرڪز ھُئي اھا سنڌ راجا ڏاهر تائين پهچندي، هڪ عظيم سلطنت ۽ سنڌوءَ جو ديس بڻجي چڪي هُئي. قصو مختصر ته سنڌ ۾ انگريز ۱۸۴۲ع ۾ وارد ٿيا، ان کان اڳ انگريز ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ذريعي ڪلڪتي ۽ بمبئيءَ جي بندرگاهه تان ھندستان ۾ پهتل هيا ۽ ان کان اڳ ۾ پورچوگيز گووا جي سامونڊي ڪنارن سان هندستان ۾ وارد ٿي چڪا هيا، سنڌ جي تاريخ ۾ ۷۱۲ع بعد اهو ٻيو دفعو هو جو ۱۸۴۲ع ۾ انگريز آزاد ۽ خودمختيار سنڌ تي قابض ٿيا هيا، انھيءَ وچ ۾ سنڌ پنھنجي بچاءَ ۾ ڪيئي جنگيون ڪيون هيون. برصغير ۾ انگريزن جي اچڻ بعد سندن خلاف احتجاجن جو سلسلو ۱۸۵۷ع کان شرو ع ٿيو هو جنهن ۾ جيئن پوءِ تيئن واڌ ايندي پئي وئي، احتجاجن جا اھڙا سلسلا ۱۹۳۵ع ۾ سڄي برصغير ۾ ٿيا ۽ ٿيندا رھيا ۽ ۱۹۴۷ع تائين اچي پنهنجي منطقي انجام تائين پھتا، انهيءَ سموري دور دوران انگريز سرڪار سنڌ کي باقي هندستان ۽ بنگال سان گڏ هلائيندي رهي، پر هُن سنڌ جي تهذيبي علائقي سان نه ته هٿ چراند ڪئي ۽ نه ئي ان ۾ ڪا ڪٽوتي ڪئي، پر ان جي ابتڙ انگريز سنڌو تهذيب جي انهيءَ علائقي کي دستاويزي شڪل ڏني ۽ نقشا جاري ڪيا، جن مان هڪڙو نقشو اڄوڪي سرائي علائقي جو به آهي جنهن کي ان وقت انگريز ڏکڻ سنڌ چيو هو، نه ڪي سرائيڪي علائقو يا پنجاب، جڏهن ته انهيءَ علائقي مان پنج نند شروع ٿئي ٿو ۽ انهيءَ علائقي مان ستلج، چناب، بياس، راوي ۽ جهلم نديون گذرن ٿيون، انگريز انهن علائقن کي پنجاب جو نالو انتظامي سطح تي ڏنو هو نه ڪي جاگرافيائي حوالي سان يا ڪنهن قوم جي نسبت جي حوالي سان برصغير جي تاريخ ۾ پنجابيءَ جي نالي سان ڪڏهن به ڪنھن بھ قوم جو ڪو وجود ئي نه رهيو آهي. اڄ به پنجابي ڳالهائيندڙ ساڃاهه وندن جو هڪ وڏو انگ پاڻ کي سنڌو تهذيب سان جوڙي ٿو نه ڪي پنجابي ڪلچر سان، هندو سنڌين ۾ پڻ ڪيئي خاندان آهن جيڪي پنجابي نسبت سان سڃاتا وڃن ٿا جو مذڪوره پنجن ئي نندين جو تعلق سنڌو ۽ سنڌ سان آهي. سنڌ جي ويجھي تاريخ ۾ ملتان سنڌ جي گاديءَ جو ھنڌ رھيو آھي، جڏھن تھ قديم سنڌ جي حوالي سان ملتان ۽ ان جي ڀرپاسي واري جھنگ ۾ رام پنھنجي بنواس جا ۱۴- سال گذارايا آھن، هن وقت انهيءَ جهنگ واري علائقي مان هڪڙو ننڍڙو علائقو جهنگ سيال جي نالي سان مشهور آهي، هي علائقو انهيءَ جهنگ جو هڪ ننڍڙو حصو آهي، اڄ به ملتان ۾ شمس تبريز جي مزار جي ڀرسان ئي ”سوريه مندر“ آھي، جنھن کي ھر حملي آور نقصان پھچايو ۽ ان کي آخري نقصان نواز شريف جي پھرين دور ۾ بابري مسجد واري معاملي تي پھچايو ويو. سوريه مندر ڀڳوان رام جي بنواس ڪاٽڻ بعد آراڌنا طور جوڙيو ويو، ھاڻوڪي پنجاب جا ٻھ علائقا قصور ۽ لاھور ڀڳوان رام جي ٻن پٽن جا علائقا آھن ۽ تاريخ ۾ انهن جي نالن پٺيان سڏيا ويا، جن مان قصور ”ڪيش“ ۽ لاھور ”لو” جي ”نالن“ سڃاتا ويندا رهيا آهن. سنڌ مجموعي طور تي مهاديو شوو جي قديم دور کان وٺي، مهاراجا ڏاهر جي وچيئن اوائلي دور مان گذرندي جڏهن انگريز جي دور ۾ پھتي ته مڪمل طور تي هڪ سياسي ايڪي جي شڪل اختيار ڪري چڪي ھُئي، پر ان موقعي تي سنڌ جي بدنصيبي اھا ھُئي جو سنڌ کي نھ تھ ڪا مضبوط سياسي قيادت حاصل ھُئي ۽ نھ ئي ڪو شھنشاھھ گھراڻُو، راجا ڏاھر ۽ ان خاندان جي خاتمي بعد سنڌ مان اھڙي شھنشاھي گھراڻي جي پڄاڻي ٿي چڪي ھُئي. سنڌ ۾ انگريزن جي اچڻ کان اڳ ۽ ۱۹۴۷ع تائين به سنڌ ۾ اهي ئي علائقا شامل هيا، جيڪي مهاراجا ڏاهر جي دور ۾ هيا، اهو ئي سبب آهي جو جڏهن انگريز حيدرآباد قلعي ۾ خيما کوڙي ويٺل ھيا ۽ راجستان جي ڪنهن ڇانوڻيءَ مان انگريز ڊاڪٽر کي گهرائيندا هيا ته هو پنهنجي سرڪاري خط ۽ ڪتابت ۾ راجستان، سنڌ ڪري لکندا هيا، اهڙا دستاويز اڄ به ڏسي سگهجن ٿا. سنڌ ۷۱۲ع بعد جڏهن ۱۹۴۷ع تائين پهچي ٿي ته ان کي سياسي طور تي ته ڪيئي اڳواڻ ملن ٿا پر انهن مان ٻه اڳواڻ انتهائي اهم آهن انهن مان هڪ شهيد الاهي بخش سومرو ۽ ٻيو سائين جي ايم سيد شامل آهن، ٻئي سنڌ جا عاشق ۽ سچا ۽ کرا ماڻھو، پر بدقسمتي اھا آھي تھ ٻنھي کي عوامي طور تي سياسي پُٺ نھ ھُئي ۽ نھ ئي ان وقت ۾ وٽن ڪا سائنسي بنيادن تي سياسي پارٽي ھُئي، جنھن جو نقصان اھو ٿيو تھ جو ۱۹۴۷ع ۾ انھن کي جھڙي نموني سنڌ جو ڪيس عوامي عدالت ۾ پيش ڪرڻ گھرجي ھا اھو نھ ڪري سگھيا. ۱۹۴۷ع تائين برصغير جو سياسي منظر نامو ڪجهه اهڙو اچي بيٺو جهڙوڪر سمورو برصغير برٽش انڊيا جي نالي انگريزن جو هڪ ملڪ هو، جنهن جون ڪي بھ جاگرافيائي حدون/ بائونڊريون نه هيون، هڪ ئي خطي هيو، جنهن کي وڻي جيڏانهن وڃي ان تي ڪا پابندي نه ھُئي، ڪابل جي پٺاڻ کي خيال پوي تي ڇونهارن جي ٻوجهو ڪهلي تي رکي وڃي بنگال پهچي، سنڌين کي ضرورت پوي ته پڙهائي ۽ ٻين سببن ڪري وڃي ببمئي پهچن، ملباڙيءَ جو موڊ ٿئي ته اچي سکر، حيدرآباد ۽ ڪراچي پهچي، ميمڻن جو موڊ ٿئي ته بدين کان وڃي ڪاٺياواڙ پهچن، اهو ئي سبب آهي ته سنڌ ان وقت به هندستان جي ماڻهن خاص ڪري اردو ڳالهائيندڙن لاءِ هڪ پرڪشش علائقو هو جنهن جا ٽي مکيه سبب هيا هڪ سنڌ جو خوشحال هجڻ، ٻيو سنڌ جو تهذيب يافته هجڻ ۽ ٽيون ڪراچيءَ جهڙي شهر جو سنڌ جي گادي هجڻ، ان وقت ڪراچي سموري برصغير جي شهرن مان هڪ اهم ۽ جديد شهر هو، اصل ۾ ڪراچيءَ جھڙي شھر ئي ھندستان جي مسلمانن کي سنڌ اچڻ تي مجبور ڪيو جو هو گڏيل ھندستان ۾ بمبئي ۽ ڪلڪتي جھڙا شھر ڏسي چڪا ھيا جيڪي ميٽروپوليٽن ۽ بندرگاھي شھر آھن، انھن ڪراچيءَ تي قبضي لاءِ جھڙوڪر ۱۹۴۷ع جھڙي سانحي جو انتظار پئي ڪيو، اھو ئي سبب آھي جو ورھاڱي بعد برصغير جي ٻي ڪنھن به علائقي مان ھڪڙو بھ ماڻھو ڪراچيءَ نھ پھتو سواءِ يو پي، سي پي، بھار ۽ لکنئو جي مسلمانن جي، جو انھن وٽ نھ تھ ڪو بندرگاھي ۽ نھ ئي ڪو ميٽروپوليٽِن شھر. ڪراچي شھر جي جديد معيارن موجب تعمير جي شروعات اڄ کان پنج سئو سال اڳ ھندن شروع ڪئي ۽ بعد ۾ سيٺ هرچند راءِ، جمشيد نسرواجيءَ، سان گڏوگڏ سائين جي ايم سيد جديد ڪراچيءَ جي تعمير ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سنڌ، مهاديوشوو جي دور کان وٺي، مهاراجا ڏاهر جي دور کان ٿيندي جڏهن ۱۹۴۷ع ۾ پهچي ٿي تڏهن سنڌ کي وري هڪ اهڙي قائد جي ضرورت پوي ٿي جيڪو، مهاديو شوو ۽ مها راجا ڏاهر جي تسلسل کي برقرار رکندي مها رهبر ٿي سگهي ها، جو ۱۹۴۷ع وارو ئي اهڙو دور هو جڏهن هڪ تهذيبي سنڌ پنهنجي ورجاءَ ڪندي هڪ ٿيڻ جو اعلان ڪري ها، پر ائين ٿي نه سگهيو جنهن جا ڪيئي سبب ٿي سگهن ٿا پر اهڙي صورتحال ۾ جڏهن سياسي حوالي سان ان وقت جي سياسي اڳواڻن جي پنهنجي معاشري ۾ پذيرائي نه ٿيندي هُجي، جڏهن اوهان جي علائقي ۽ خطي خلاف سو سازشون ٿينديون هجن، جڏهن اوهان جي وطن جون سرحدون کليل هجن ۽ اوهان غير محفوظ هجو ته پوءِ اهڙو فيصلو ڪرڻ انتهائي ضروري ٿي پوي ٿو، جيڪو اوهان جي عوام ۽ اوهان جي خطي کي تحفظ فراهم ڪري سگهي، اهڙي صورتحال ۾ اوهان وٽ اهڙي سياسي حڪمت عمليءَ جو هجڻ ضروري آهي جيڪا اوهان جي مدد ڪندي هُجي. برصغير ۾ انگريزن جي خلاف شروع ٿيل بغاوتن جي تحريڪن ۾ تيزي اچڻ بعد اهي تحريڪون ڪنهن حد تائين سياسي جوڙجڪ ۾ اچي رهيون هيون ۽ اينديون ويون، انهن سمورين تحريڪن جي سياسي جوڙجڪ ۾ اچڻ بعد سندن سياست جو هڪ مضبوط نقطو جڙي پيو هو، اهو هو، ”انگريز برصغير مان نڪري وڃن“، پر پوءِ انهيءَ نقطي ۾ تبديلي تڏهن آئي جڏهن برصغير ۾ مسلمانن ٻھ قومي نظرئي جي بنياد تي هندستان جي ورهاڱي جو مطالبو ڪندي برصغير جي مسلمانن لاءِ الڳ وطن جي گهر ڪُئي ۽ اهڙي صورتحال ۾ جيڪو ٻيو سياسي نقطو جڙي منظر عام تي آيو اهو هو ”برصغير مان انگريزن جي نيڪاليءَ جي صورت ۾ هندستان ۽ پاڪستان نالي ٻه ملڪ قائم ٿيندا ۽ برصغير ۾ جيڪي مسلم اڪثريتي علائقا آهن، اهي علائقا پنهنجيون آزاد ۽ خودمختيار حڪومتون جوڙيندا ۽ اهي حڪومتون هڪ وفاق ۾ برابر جي نمائندگي ۽ حقن سميت شامل هونديون ۽ جيڪڏھن ڪا رياست اھڙي وفاق ۾ پاڻ لاءِ ڪي مسئلا سمجھي ٿي تھ وفاق کان الڳ به ٿي سگھي ٿي“. سائين جي ايم سيد ۱۹۴۷ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ ۾ قيام پاڪستان متعلق جيڪا ٺهراءَ پيش ڪري ۽ منظور ڪرايو هئو، اهو انهيءَ وفاق متعلق هُئو، جنهن ۾ برصغير جون مسلم اڪثريتي رياستون شامل ٿيڻيون هيون ۽ پنهنجي پنهنجي علائقائي، ثقافتي، تهذيبي ۽ اقتصادي آزاديءَ، مالڪيءَ ۽ خودمختاري سان، پاڪستان نالي وفاق ۾ گڏ ٿيڻيون ھيون، اهڙي ٺهراءَ پنهنجي تخليق جا ڪيئي مرحلا طئه ڪيا هيا ۽ ان ڏس ۾ لکنئو، ڪلڪتي ۽ لاهور جا اجلاس اهم آهن. ۱۹۴۷ع جي سنڌ ۾ جڏهن انگريز ان ڳالهه تي راضي ئي نه هُجي جو سنڌ کي الڳ ۽ خودمختيار ملڪ جي حيثيت ڏئي آزاد ڪري ۽ نه ئي ان وقت سنڌ جي سياسي قيادت ان لائق هُجي جو هو سنڌ جي آزادي ۽ خودمختيار حيثيت جي بحاليءَ لاءِ ڪا جدوجهد ڪري سگھي، اهڙي صورتحال ۾ ان کان وڌيڪ ڪهڙو فيصلو ٿيندو جو اوهان پنهنجي وطن جي حيثيت کي محفوظ ۽ مقدم بڻايو، جيڪو سياسي عمل سائين جي ايم سيد ڪيو، سائين جي ايم سيد جي ڪيل اهڙي سياسي فيصلي جا جيڪي ٻيا مثبت پهلو نڪرندا رهيا آهن، ضروري آهي ته انهن جو ذڪر به ٿئي، پر ان کان اڳ اها ڳالهه ضرور ٿيڻ گهرجي ته سنڌ سائين جي ايم سيد جي سياسي قيادت تائين پهچندي پهچندي قديم سنڌ پنهنجو سياسي ايڪو ته برقرار رکي نه سگهي پر پاڪستان جي ٺهراءَ جي صورت ۾ ٺهندڙ وفاق ۾ پنهنجي سياسي حيثيت ضرور بچائي سگهي. اها ڳالهه سياست جي شاگردن جي ڄاڻ ۾ ضرور هوندي ته دنيا ۾ ٻن قسمن جون رياستون ٿينديون آھن ھڪUnitary رياستون ۽ ٻيونNative رياستون، سياسي بيهڪ، اختيارن ۽ ذميوارين جي حوالي سان اھي الڳ الڳ ٿينديون آهن، پاڪستان جو قيام هڪUnitary رياست جي طور تي ٿيو هو جنهن ۾ شامل يونٽ خودمختيار حيثيت ۾ هڪ وفاق ۾ گڏ ھوندا، کين وفاقي اختيارن، وسيلن ۽ ادارن ۾ برابريءَ جي نمائندگي ملندي ۽ انھن جي حق حڪمرانيءَ جو تحفظ ڪيو ويندو، ايتري قدر جو انهن کي جيڪڏهن وفاق مان ڪا تڪليف آهي ته اهُي الڳ ٿيڻ جو حق به استعمال ڪري سگهن ٿيون، Unitary رياستن ۾ ھڪ کان وڌيڪ مختلف تاريخي، سياسي، سماجي ۽ تھذيبي پس منظر رکندڙ خطا گڏ ٿي سگھن ٿا جڏھن تھ اھڙي وفاق ۾ پڻ ھڪ کان وڌيڪ نسل ۽ قومون گڏ ٿي سگھن ٿيون. جڏهن تهNative رياستون فقط ھڪ ئي قوم، نسل ۽ خطي جي ماڻھن تي مشتمل ھونديون آھن، جيئن سعودي عرب، عرب امارات کيUnitary رياستن جي بھترين مثال طور ڏسي سگھجي ٿو. دنيا ۾ ھن وقت سعودي عرب، ويٽنام، ملائشيا، انڊونيشيا، جرمني ۽ فرانس Native رياستن جي مثالن طور ڏسي سگھجن ٿيون، جڏھن ته ھندستان، آمريڪا ۽ برطانيھ کي ھن وقتUnitary رياستن جي پس منظر ۾ ڏسي سگھجي ٿو، سائين جي ايم سيد جي ٺهراءَ پاڪستان اصل ۾ عرب امارات جھڙي وفاق جي لڳ ڀڳ ھُئو ۽ ان وقت مثالي ھُئو ٺهراءَ هُئي ۽ اڃا تائين هڪ مثالي ٺهراءَ آھي جيڪڏھن ان کي ان جي روح سان لاڳو ڪيو وڃي ھا تھ. سائين جي ايم سيد، ان وقت جي سياسي حالتن جي حوالي سان هڪ درست فيصلو ڪيو، پر پوءِ سياسي سازشن سبب ٿيندڙ نقصانن جو کيس الزام ڏيڻ درست ناھي. ۱۹۴۷ع ۾ سنڌ اسميبليءَ جي پاس ڪيل جنهن ٺهراءَ جي نتيجي ۾ پاڪستان، مسلم رياستن جي ميلاپ سان هڪ وفاقي ملڪ طور تي وجود ۾ آيو هو، آخرڪار اهو ملڪ به فقط ان جي ڪري ٻه ٽڪر ٿي ويو جو پاڪستان کي هلائيندڙن سنڌ اسيمبليءَ جي اهڙي ٺهراءَ جو نه ته مان رکيو ۽ نه ئي ان سان وفا ڪئي ۽ نه ئي ان تي عمل ڪيو، نتيجي ۾ هڪ وڏي آباديءَ وارو علائقو لکين ماڻهن جي قتل جي نتيجي ۾ الڳ ٿي ويو، ته ڇا؟ اسان اهڙي صورتحال ۾ اهو چئي سگهون ٿا ته بنگالين جو ۱۹۴۷ع جي سنڌ اسيمبليءَ جي ٺهراءَ کي مڃڻ غلط هو جو هو پاڪستان ۾ شامل ٿيا هيا، نه بلڪل به نٿو چئي سگهجي ڇو جو بنگالين به ائين محسوس ٿي ڪيو جيئن سائين جي ايم سيد محسوس ڪيو هو، “ ته بنگالين کي هڪ اهڙي ئي وفاق جي ضرورت آهي، جيڪو انهن جي ملڪي جاگرافيائيءَ کي سلامت رکي سگهي، انهن جي ٻولي ۽ ادب جو تحفظ ڪري سگهي ۽ گذر سفر ۽ اقتصادي وسيلن جو دفاع ڪري سگهي، بنگالي قوم جي سماجي ريتن، رسمن ۽ ثقافتي ورثي کي محفوظ بنائي سگهي، سو ائين چوڻ درست هوندو ته بنگالين جو ان وقت ڪيل اهڙُو فيصلو بلڪل به درست هيو، ۽ ۱۹۷۱ع ۾ بنگالين جو پاڪستان جي وفاق کان الڳ ٿيڻ جو فيصلو بھ ائين ئي درست هيو جيئن ۱۹۴۷ع ۾ سائين جي ايم سيد جو ٺهراءَ پاڪستان، سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيش ڪرڻ ۽ منظور ڪرائڻ جو فيصلو درست هيو، ۽ بعد جي صورتحال ۾ سائين جي ايم سيد جو اختيار ڪيل سياسي موقف بھ بلڪل ائين ئي درست آھي جيئن بنگالين جو ۱۹۴۷ع واري ٺهراءَ تسليم ڪرڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ، بدنيتين ۽ سياسي سازشن جي شروعات ان بعد ٿي جنهن جو نقصان وفاق پاڪستان کي پيو. ۱۹۴۷ع جي ٺهراءَ برصغير جي مسلم اڪثريتي علائقن تي مشتمل هڪ وفاقي ملڪ لاءِ هئو جنهن ۾ شامل ايڪا خودمختيار حيثيت ۾ وفاق جو حصو هوندا، پر بعد ۾ جڏهن سياسي سازشن جو دور شروع ٿيو ته سڀ کان پهريان ۱۹۴۷ع واري ٺهراءَ پاڪستان کي ئي رد ڪيو ويو، جنهن جي پٺيان هڪ مخصوص لابيءَ جو بي انتها خوف هيو، بنگال جيڪو اولهه پاڪستان سڏبو هو، اهو آباديءَ جي حوالي سان اوڀر پاڪستان جي چئني ايڪن جي ڀيٽ ۾ به جهڙوڪر اڪثريت ۾ هيو، جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ اوڀر پاڪستان جي چئني ايڪن کي گڏائي به لوڙائي ۾ هجڻ جي خوف سبب انهن جي اها حيثيت جيڪا ۱۹۴۷ع ۾ هُئي ختم ڪئي وئي، ۽ بنگال جي پڻ اها اهڙي سياسي، ثقافتي، سماجي ۽ اقتصادي حيثيت جيڪا ۱۹۴۷ع ۾ هُئي اها به ختم ڪئي وئي، مجموعي طور تي ۱۹۴۷ع جي ٺهراءَ کي ئي رول بيڪ ڪيو ويو، نتيجي ۾ ۱۹۷۱ع ۾ بنگال، بنگلاديش ٿي ويو ۽ ملڪ ٻه ٽڪر ٿي ويو، جيڪڏهن ۱۹۴۷ع جي ٺهراءَ تي عمل ٿيندو هُجي ها ته اها صورتحال پيش نه اچي ها. ھن ملڪ جي بدنصيبي بڻائي وئي تھ ان کي پنھنجي قيام بعد نھ ته آئين ڏنو ويو ۽ نھ ئي انھيءَ دستاويز تي عمل ڪيو ويو، جيڪو ھن ملڪ جي قيام جو بنياد بڻيو هو، ٿيڻ تھ ائين گھرجي ھا تھ جيستائين آئين جڙي، تيستائين ۱۹۴۷ع واري ٺهراءَ تحت ادارا ٺاھي ملڪ کي ھلايو وڃي ھا جو ان ٺهراءَ ۾ وفاقي يونٽن جي فرض ۽ وفاق جون ذميوايون چٽيون بيان ڪيل ھيون، پر ائين نھ ڪيو ويو نتيجي ۾ ناانصافين جي ھڪ ڊگھي دور جي شروعات ٿي جنھن جي نتيجي ۾ بنگال پاڪستان جي وفاق کان الڳ ٿي ويو، بنگال جو الڳ ٿيڻ ۱۹۴۷ع جي ٺهراءَ جي درست ھجڻ جو واضع ثبوت آھي، جيڪڏھن سنڌي اسميبليءَ جي انھيءَ ٺهراءَ تي عمل ڪيو وڃي ھا تھ بنگال ڪڏھن بھ پاڪستاني وفاق کان الڳ نھ ٿئي ھا، اھا ڳالھھ ثابت ٿي ڪري تھ سائين جي ايم سيد جو فيصلو غلط نھ ھيو. اڳتي بنگال جي سانحي بعد وري جڏھن ۱۹۷۳ع جو آئين ٺھي ٿو تھ ان آئين ۾ بھ ۱۹۴۷ع جي ٺهراءَ جي نقطن تي ڌيان نھ ٿو ڏنو وڃي، سياسي طور تي اھا عجيب ڳالھھ آھي، جو دنيا ۾ ڪٿي بھ ائين نھ ٿيندو آھي، آمريڪا جو “ ڊڪليئريشن آف انڊپينڊنس” اڄ آمريڪا جو آئين آھي، جنھن ۾ گذريل ۵ سو سالن ۾ فقط چار ترميمون ٿيون آھن، پر پاڪستان جي حوالي سان تھ ” ڊڪليئريشن آف فرڊم“ کي ٽڪي جي بھ اھميت نھ ڏني وئي، ۱۹۷۳ع جي آئين جي بدقسمتي اھا رھي جوان جي جوڙيندڙ کي ئي ڦاھي ملي، ان آئين ۾ بيشمار ترميمون ٿيون، ان آئين ۾ اھڙي ڪا سگھھ ئي نھ رھي تھ اھو ملڪ ۾ آمريتن کي روڪي سگھي، اھو آئين ھن وقت تائين وفاقي ايڪن کي نھ تھ حق ڏياري سگھيو آھي ۽ نھ ڪو سياسي استحڪام قائم ڪري سگھيو آھي، اڄ سياسي صورتحال اھا آھي تھ ۱۹۷۳ع جي آئين کي سرجيندڙ حڪمران ڌر ان ۾ ۱۸- ھين آئيني ترميم ذريعي ڪيئي ترميون ڪري ان کي وفاق جي ايڪن لاءِ مفيد بنائڻ جون ڪوششون ڪيون آھن. ملڪ ۾ ون يونٽ مڙھي ۱۹۴۷ع جي ٺهراءَ کي رد ڪندڙن پنھنجين اکين سان ڏٺو تھ ملڪ ٻھ ٽڪر ٿي ويو، سياسي فيصلي جي حوالي سان ون يونٽ مڙھيندڙ غلط ثابت ٿيا، ۽ ھاڻي ۱۹۷۳ع جي آئين ۾ ۱۸- ترميم ڪري ايڪن کي حق ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪندڙن اھو ثابت ڪيو تھ ۱۹۷۳ع جو آئين غلط ھيو، انھن ٻنھي صورتن ۾ جيڪڏھن، سائين جي ايم سيد جي ۱۹۴۷ع واري ٺهراءَ پاڪستان تي حقيقي طور تي عمل ڪيو وڃي ھا تھ ڪوبھ نقصان نھ ٿئي ھا، وقت ثابت ڪيو تو ون يونٽ مڙھيندڙ ۽ ۱۹۷۳ع جو آئين ڏيندڙ ٻئي غلط ھيا ۽ ٻنھي جو مقصد فقط پاڪستاني وفاق ۾ شامل ايڪن کي نقصان پهچائڻو هو ۽ وقت اھو بھ ڏٺو تھ انھن ٻنھي ڌرين جو انجام ڪھڙو ٿيو. انھيءَ سموري سياسي عمل اھو ثابت ڪيو تھ ۱۹۴۷ع ۾ سنڌ اسميبليءَ مان پاڪستان جو ٺهراءَ پيش ۽ پاس ڪرائڻ وارو سائين جي ايم سيد جو فيصلو درست ھيو، ۽ اھڙو درست فيصلو سائين جي ايم سيد کي تاريخ ۾ واقعي بھ مھا رھبر ڪري پيش ڪرڻ لاءِ ڪافي آھي. سائين جي ايم سيد سنڌ جو عظيم عاشق دودو ديشي سنڌو ڪناري هڪ پوڙهو جھور گيت جھونگاري ماتر ڀومي جي جياپي لاءِ دشمنن لاءِ سيهي جي دوار ثابت ٿيو. هن زندگي جا ڪيترائي حسين سال زندان جي جھوڪن ۽ نظر بندن ۾ گھاريا. دنيا جي ڌرتي ماءُ سان اڪير ڏسي کيس عاشقن سنڌ سڏڻ لڳي. هن عظيم شخصيت ۱۹۰۴ ع ۾ سيد محمد شاهه سنائي جي گھر ۱۷ جنوري تي جنم ورتو. ننڍڙي لاءِ غلام مرتضيٰ ۽ وڏي لاءِ جي ايم سيد جي نالي سان مشهور ٿيندڙ کي سنڌ صدين تائين شايد ان جو نعم البدل پيدا نه ڪري سگھي. تنهن جڏهن ڏٺو ته سنڌ جنهن کي انگريز سامراج غلام بڻائي رکيو آهي تنهن خان غفار خان سان گڏ انگريزن کي هتان نيڪالي ڏيڻ ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. کيس جڏهن ۴۷ ع کان اڳ سنڌ جي وزارت ملي ته قوم کي تعليم جهڙي عظيم زيور سان نوازڻ خاطر سنڌ يونيورسٽي جو بنياد وڌو. سيد اهڙو انسان هيو، جڏهن غدارن جي گوءِ هئي ڪي ماڻهوفرنگي سامراج جي دلالي ڪندي بهادر، سر راڻي بهادر جا لقب ماڻي رهيا هئا پر سيد انهن لقبن کي ٺڪرائي اصول پرست رهيو. سيد جي معراج ۽ منزل سنڌ رهي. حڪمرانن جون دلفريب لالچون ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ کان به هٽي ڪري هن دوستي ۽ دشمني جو محور سنڌ کي بڻايو. سنڌ سان عشق جا قصا جڏهن مشهور ٿيا ته هزارين نوجوان سندس رهبريءَ ۾ اچي هن کان آزاديءَ ۽ نجات جا درس وٺڻ لڳا. حڪمرانن هن ضعيف ۽ پوڙهي انسان کي جبري ملڪ ۽ پنهنجي لاءِ خطرو محسوس ڪري ۲۶ سالن تائين قيد ۽ نظر بند ڪيو. سندس آواز کي لبيڪ پهريان تعليمي ادارن مان ٿي. هزارين نوجوان فلسطين جي نوجوانن جيان ته هي جان عشق تي قربان آ ۽ عشق آزاديءَ تي قربان چئي محبوبن جي ٻانهن ۽ مائرن جي گودن کي الوداع چئي شمع آزادي جا پروانه بڻجي در در جوڳي بڻجي لفظن جا هٿوڙا ٺاهي غلاميءَ جي ننڊ ۾ ستل سنڌين کي جاڳائڻ لاءِ نڪتا. انهن سيد جي پوئلڳن کي ماڻهون جي ايم جا ڏنگا ٻار ڪوٺڻ لڳا. حڪمرانن کان به سٺو ڪين هزارين نوجوانن کي زندان جي ڪال ڪوٺڙين ۽ بند وارڊن ۾ بند ڪيو ويو. ڪيترن ئي رستن ۽ روڊن تي گولين جو نشانو بڻايو ويو. ڪيترن جي جسمن تي ڪوڙا ۽ ڦٽڪا هنيا ويا. ڪيترن کي تعليمي ادارن مان هميشه لاءِ رسٽيڪيٽ ڪيو ويو. پر پوءِ به اهي مڙس ماڻهو ٿي ثابت قدم رهي دشمنن کي للڪاريندا رهيا آهن. پر سامراج پوري مڪاري ۽ چالاڪي سان ان ڪوشش ۾ هيو ته ڪنهن به طريقي ۽ حيلي سان سن مان نڪرندڙ ان لاٽ آواز کي ختم ڪجي جيڪا مظلوم قوم سنڌ جي دردن جو در مان بڻجڻ واري آهي. سيد جو نظريو هڪ سمنڊ جيان آهي، جيئن سمنڊ ۾ ڪو به گند ڪچرو اندر پيٽ ۾ رهي نه سگھندو آهي ساڳئي ريت جن به غداريون مڪاريون ۽ نا انصافيون ڪيون تن کي قدرت، وري قومي تحريڪ مان لوڏي ڪڍيو. سيد هڪ همه گير شخصيت جو مالڪ هيو، ضعيف ۽ ٻڍڙن هٿن سان گھران عام ورڪرن لاءِ ماني کڻي اچڻ سياري جي سرد راتين ۾ اڌارت جو گھري ننڊ ۾ ستل تنظيمي نوجوانن مٿان هڪ ماءُ جيان سٺو هوندو هيو، متان ڪنهن جي مٿان سوڙ يا چادر لهي وڃي ته انکي سخت سردي کان بچائڻ لاءِ مٿس سوڙ وجھندو هيو. ڏکڻ ايشيا ۾ سيد واحد اڳوڻ ۽ شخصيت هيو جنهن ۾ ڪا به وڏائي، ڪوبه غرور نه هيو ۲۴ ڪلاڪ (جيل يا نظربندي کانسواءِ) عام ورڪرن ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ دروازا کليل هئا نه ٻاهر ويٽنگ روم ۾ انتظام ڪرڻو پوندو هيو نه وري چٺ موڪلي ڄاڻ ڏبي هئي ته ڪير آيو آهي، ڪير ملڻ ٿو چاهي. انهيءَ کان علاوه سائين جي ايم سيد ۾ هڪ عظيم خوبي اها به هئي ته پاڻ کڻي ڪنهن کان به ڏکارا ڇو نه هجن ليڪن ڪنهن به ميار يا ائين چيائون ته توهان کي ائين نه ڪرڻ گھرجي. سائين جي ايم سيد هڪ اهڙي مٽيءَ مان ٺهي راس ٿيو هيو جنهن رڳو وفا ڪرڻ سکي هئي. سنڌ جو هي عاشق صادق اهڙن ارادن جو مالڪ هو جو منهنجي ذهن جي ڊڪشنري ۾ ايڏا مهان الفاظ نه آهن جو انهن جي ارادن کي مهانتا ڏيان. جي ايم سيد سيد ۽ سنڌ جو عشق عامر خان مهيسر ڌرتي جو وڏو ڪارناميو اھو آھي ته جتي ھن پنهنجي وشال مان وڻ, جبل جوالان ۽ جذيرھ پيدا ڪيا آھن اتي فطرت جي پرنور تخليق انسان کي به آباد ڪيو اٿس جيڪو پنهنجي جوھر ۾ ڪائينات جو محور ٿو ڏسجي. سنسار جي سجاوٽ ۽ ان جي رنگن ۾ ازل کان اڄ تائين اھڙا ڪيترا ئي دور آيا آھن جن ۾ ڌرتي جي املھ ۽ ارڏن فرزندن پاڻ ڳولھي ڪائنات جو ازلي حسن پوڄيو آھي جنهن ۾ محبت آھي, امن آھي, اتحاد آھي ۽ ترقيء بني آدم جو بنياد آھي. اڄ تائين اھو سلسلو جاري آھي. ڪي قدر دان اچڻ جي تياري ڪري رھيا آھن ۽ ڪي وڃڻ جي ويجھو آھن، ڪن مختصر جيون گھاريو ۽ ڪن ڊگھي ڄمار ماڻي، ڪن پاڻ کان پري ڏٺو ئي ڪين ۽ ڪن رڳو پري ڏٺو ۽ پاڻ ڏانھن ڏٺو ئي ڪين، ڪن ذاتي مفادن کي عزيز سمجھيو ۽ ڪن اجتمائي مفادن لاء پاڻ پتوڙيندي پنھنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي. انھن سڀني انسانن کي ياد ڪرڻ ته ممڪن ڪين آھي, پر ياد اھڙن انسانن کي رکيو ويندو آھي جن جي سوچ ۽ عمل اجتمائي ۽ مسبت ھوندو آھي. سونھاري سنڌ به اھڙن امر انسانن کي جنم ڏنو آھي, جن پنھنجي پنھنجي شعبن ۾ رھندي گھڻن پنھنجي ڪرت سان نڀايو آھي پوء ڀلي کڻي اھي عالم، اديب ھجن يا شاعر مانجھي مرد ھجن يا جوڌا جوان ھجن يا سونھاري سنڌ مٿان پنھنجي جند گھوريندڙ عاشق ھجن. اھڙن ئي ارڏن ۽ عاشقن ۾ مٿانھون نالو جي ايم سيد جو به آھي. جنھن ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع ۾ شھر سن ۾ سيد محمد شاھ جي گھر ۾ جنم ورتو ۽ سندس ڇٽيء جو نالو غلام مرتضيٰ شاھ رکيو ويو. ننڍي ھوندي ئي حسين ۽ ذھين ٻين ٻارڙن کان مختلف سندس لاڙو علم ڏانھن ڏسندي سندن والد کين ۱ جولاء ۱۹۱۰ ۾ پنھنجي ئي شھر سن جي سنڌي پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو جتي رڳو ڇھن درجن تائين پڙھايو ويندو ھو سائين جي ايم سيد محنت سان شفيق استادن جي نگرانيء ۾ ڇھ درجا پاس ڪرڻ کان پوء ۱۹۱۵ ۾ عربي، فارسي محترم قاضي محمد ھاشم ميمڻ کان ۽ انگريزي ماستر حامد علي ھالائي کان پرائي پاڻ ۱۶ سالن جي ننڍڙي ڄمار ۾ سياست ۾ پير پاتائون. ۱۹۲۵ع ۾ سائين جي ايم سيد لوڪل بورڊ تعلقي مانجھند جو صدر ۽ لوڪل بورڊ ڪراچي جو نائب صدر چونڊجڻ کان پوء پاڻ جيڪي سماجي ڪم ڪرايائون سي سڀ قابل تعريف ۽ سنڌ واسين جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اھم ڪردار آدا ڪن ٿا ساڳئي وقت سائين جي ايم سيد جو سنڌ سونھاري سان عشق جو اظھار به ڪن ٿا. پاڻ سنڌ ھاري ڪاميٽي قائم ڪئي جيئن سنڌ جو غريب ھاري پنھنجي پيرن تي بيھندي پنھنجي ڪٽنب کي خوشحال بڻائي سگھي. سندس ٻيو اھم ڪم اھو ھو ته ان دور ۾ ڪراچي ۾ ڪيترن ئي خاندانن جي گذر سفر واري ڪرت ماھي گيري مڇي مارڻ واري ھئي جنھن ڪري پاڻ ڪراچي ۾ مالدار ميربحر ايسوسيئيشن جو بنياد وڌو جيئن ماھي گيرن کي مانائتي زندگي گذارڻ جا موقعا ميسر ٿي سگھن سندن ٽيون اھم ڪم ڳوٺاڻي عورتن جي ڀلائي لاء ھڪ جمائت ٺاھي جنھن جي سپرد ڪيل مقصدن ۾ عورتاڻي تعليم ھٿ جو پورھيو ويم جون سھولتون ۽ ٻارڙن پالنا بھتر نموني ڪرڻ شامل ھئا. ۱۹۲۸ع ۾ سنڌ جي آزادي جي تحريڪ ھئي ته کيس بمبئي کان جدا ڪيو وڃي. تحريڪ سنڌ جي حوالي سان ھجي ۽ عاشق اڳتي نه اچي ائين ٿي نه ٿو سگھي ان ئي تحريڪ ۾ سائين جي ايم سيد تحريري تقريري مطلب ته ھر موڙ ھر موقعي تي ڀرپور ڪردار ادا ڪيو جيڪو وساري نه ٿو سگھجي ۽ اھڙي جدوجھد جي ڪري اپريل ۱۹۳۶ع ۾ سنڌ کي بمبئي کان آزاد ڪيو ويو. ۽ مٿان وري ۱۹۳۷ع ۾ سنڌ اتحاد پارٽي جي پليٽ فارم تان چونڊون وڙھيون ۽ بعد ۱۹۳۸ع ۾ مسلم ليگ ۾ شامل ٿيا ۽ ۳ مارچ ۱۹۴۳ع تي سنڌ اسيمبلي ۾ ”پاڪستان“ جي قيام واري تاريخي قرارداد پيش ڪري پاس ڪرائي جنھن ۾ سنڌ کي ھڪ خودمختيار رياست طور رکڻ جي رٿ ڏنل ھئي جنھن کي پائي تڪميل پھچائڻ لاء سائين جي ايم سيد ھر ممڪن ۽ ھر موقعي مھل تي ڪوشش جاري رکي. ايتري ۾ پاڪستان وجود ۾ اچي ويو. پاڪستان ٺھڻ کان پوء سنڌ جي عاشقي عيوض ھن ھر ظلم ۽ ڏاڍ جي ڀرپور مذمت ڪئي. پوء ڀلي ڪراچي کي مرڪز حوالي ڪرڻ ھجي يا ون يونٽ جون ڳالھيون يا وري ايوب خان جي مارشلا، مذمت دوران تڪليفين پريشانين کي به مسڪرائيندي مُنھن ڏنو پر سنڌ جي عاشقي تان ھٿ نه کنيو. مذمت دوران آيل تڪليفون ته سيد جي عزم کي وڌيڪ پختو ڪنديون رھيون جنھن جي نتيجي ۾ ۳،۴ مارچ ۱۹۷۲ع تي سنڌ جي جدوجھد شروع ڪئي وئي جنھن جو بنياد سيڪيولر، ڊيموڪريٽڪ، سوشلسٽ ۽ نيشنلسٽ جھڙن اھم نقعتن تي رکيو ويو. ۱۹۹۲ع تي نشترپارڪ ڪراچي ۾ جلسو منعقد ڪرايو ويو. جنھن ۾ سيد جي ۸۹ ھين سالگرھ ملھائي وئي. جنھن سيد تاريخي سپاس نامو پيش ڪندي نيو ورلڊ آرڊر جي روشني ۾ سنڌ جو ڪيس وضاحت سان پيش ڪيو جنھن جي نتيجي ۾ سيد کي وقفي وقفي سان جيل ۽ نظربنديء جون سزائون به ڏنيون ويون عدم تشدد جي قائل سنڌ جي ھن عاشق ۳۲ سال ۱۰ مھينا ۲۱ ڏينھن تڪليفون برداشت ڪندي آخري گھڙي تائين امن، اتحاد، ڀائيچاري، عزت، احترام، ترقي، خوشحالي جھڙا سبق ڏيندي سنڌ سان لاتل ننڍپڻ واري نيھن کي نڀائيندي پنھنجي اصولن ۽ نظريي جي پختگيءَ سان پابندي ڪندي ۲۵ اپريل ۱۹۹۵ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي ۽ کين پنھنجي جنم ڀومي سن ۾ رکيو ويو. جي ايم سيد جنهن سان اڄ سنڌ جو نوجوان عشق ڪري ٿو جنهن جي شخصيت ۽ فڪر جي ڇانو ۾ سنڌ جي مستقبل ڏانهن ڏسي ٿو. سائين جي ايم سيد منهنجو محسن-منهنجو رهبر محمد ابراهيم جويو سائين جي ايم سيد سان منهنجو سڄيءَ زندگيءَ جو سنٻنڌ رهيو آهي. مون کي پاليو ۽ نپايو منهنجن مائٽن، پر مون جو ڪجهه پرايو ۽ ان پراپت مان آئون جيڪي ڪجهه بنيس، تنهن لاءِ آئون سائين جي ايم سيد جو شڪر گذار آهيان. سائين جي ايم سيد جو ڳوٺ سن آهي، ۽ آئون ان کان ويهارو ميل پري هڪڙي ننڍڙي واهڻ “آباد” ۾ ڄائو هوس. منهنجو پيءُ ته منهنجي گهڻي سانڀر کان اڳ ئي گذاري ويو هو، ۽ منهنجي ماءُ به پوءِ وڇڙي ويئي، پر منهنجو ڏاڏو ۽ ڏاڏي حيات هئا، جن مون کي ماءُ پيءُ جو پيار ڏنو. منهنجو ڏاڏو هڪ جامڙد، ڏاهو ۽ خود دار شخص هو، پنهنجو راڄ توڙي آسپاس جا راڄ هن جو ڏاڍو لحاظ رکندا هئا. مون کي ياد آهي ته آئون جڏهن يارهن ورهين کن جو هوس ۽ سنڌي ڇهون درجو پڙهندو هوس، تڏهن اسان کي هر روز ٽي ميل پري، پاسي واري ڳوٺ، تيرٿ لڪيءَ جي اسڪول ۾ سنڌي پڙهڻ لاءِ وڃڻو پوندو هو. هڪ ڏينهن ڏاڏو ڪنهن ڪم سان سن ويو ۽ موٽيو ته هڪ اهڙي ڳالهه کڻي آيو، جيڪا منهنجي نئين جنم جو سبب بڻي. جيڪڏهن اڄ مون کي اهو معلوم ٿي وڃي ته اهو ڪهڙو ڏينهن هو، جڏهن ڏاڏو سن مان موٽيو هو، ۽ منهنجي نئين جنم جي اها ڳالهه کڻي آيو هو، ته اهو ڏينهن آئون هوند پنهنجي اصلي جنم جو ڏينهن ڪري هر سال ملهايان. ڳالهه هيءَ هئي ته سائين جي ايم سيد ان سال پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ ديني تعليم جو مدرسو، بورڊنگ هائوس سميت، ۽ سنڌي اسڪول سان گڏ انگريزي تعليم لاءِ اي وي ڪلاس کولايا هئا ۽ جڏهن خبر پيس ته ڏاڏو سن ۾ هو، تڏهن هن کي سڏائي، مدرسي ۽ انگريزي ڪلاسن ۾ پنهنجن ڇوڪرن کي داخل ڪرائڻ جو سخت تاڪيد ڪيائين. جڏهن ڏاڏي گهر ۾ سن جي نئين اسڪول جي ڳالهه ڪئي، تڏهن مان ڏاڍو خوش ٿيس. هيءُ سال ۱۹۲۷ع جو هو. پوءِ آئون سن جي انگريزي اسڪول ۾ داخل ٿيس. سائين جي ايم سيد وٽ منهنجو ڏاڏو مون کي وٺي ويو، ان وقت آئون ۱۲-۱۱ ورهين کن جو هئس. سائين جي ايم سيد جي والد سيد محمد شاهه مرحوم جي شهادت ۽ سندس وڏي حضرت ميين حيدر، جنهن جي درگاهه جا پاڻ سجاده نشين هئا، تن جون ڳالهيون سڄي تر ۾ عام پکڙيل هيون. سائين جي ايم سيد لاءِ عام اها خبر ته ننڍي وڏي جي وات هئي ته پاڻ پنهنجي والد محترم جي شهادت وقت ٻالڪ اوستا ۾ هئا ۽ سندن عام ناموس هئي ته سنِ بلوغت جي عمر تي پهتا ته عام اعلان وسيلي سڄيءَ سنڌ ۾ رهندڙ پنهنجي مريدن لاءِ اهو پڌرو ڪيو هئائون ته ڪو به کين پيرين پئي نه ملي. ٻيو ته پنهنجي مريدن مان پاڻ ڪو به نذر نياز يا ڏَن نه وصول ڪندا. ان زماني ۾ لڪيءَ تائين سڄو محال ڪوهستان به ڪراچي ضلعي سان ڳنڍيل هو ۽ سائين جن پاڻ ڪراچي ضلعي لوڪل بورڊ جي اسڪول بورڊ جا تڏهن چيئرمين هئا. مون ٽي درجا انگريزيءَ جا پاس ڪيا، ته سائين جي ايم سيد مون کي ڪراچي لوڪل بورڊ جي اسڪالرشپ وٺي ڏني ۽ پوءِ آئون ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسي ۾ ۱۹۳۱ع ۾ داخل ٿيڻ لاءِ، پنهنجي ڏاڏي مرحوم سان گڏجي ڪراچيءَ ويس. اتي جڏهن ڏاڏو ۽ آئون ڪراچي جي سٽي اسٽيشن تي لٿا هئاسون ته اتي اسان کي وٺڻ لاءِ لڪيءَ جي سيٺ تيجو مل جو گماشتو آيو هو ۽ اسان کي بولٽن مارڪيٽ وٽ پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ وٺي وڃي رات اتي رهايائين. ٻئي ڏينهن تي بولٽن مارڪيٽ کان گانڌي گارڊن تائين ويندڙ ٽرام گاڏيءَ ۾ ويهاري، سائين جي ايم سيد جي بنگلي تي آڻي ڇڏيو هئائين. ٻئي ڏينهن سائينءَ ڪاغذ ڏيئي پنهنجي خاص ماڻهوءَ سان مون کي مدرسي جي پرنسپال، ڊاڪٽر علامھ دائود پوٽي صاحب وٽ موڪليو. علامه صاحب منهنجا اسڪول ليونگ سرٽيفڪيٽ ڏسي ۽ پوءِ سائين جي ايم سيد جو خط کولي پڙهيو. ائين آئون اتي اسڪول ۾ داخل ٿيس. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ ڏاڏي مرحوم جي زور ڀرڻ تي، دل تي پٿر رکي، سائين جي ايم سيد وٽ حاضر ٿيس ته مون کي ڪا نوڪري وٺرائي ڏين. مون کي مئٽرڪ جي امتحان ۾ دادو ضلعي مان پهريون نمبر بيهڻ تي اسڪالرشپ ملي هئي، تنهن جي کين خبر هئي ۽ منهنجي دلي خواهش جي به کين سڌ هئي ته مون نوڪري ڪرڻ نٿي گهري، پر وڌيڪ پڙهڻ ٿي گهريو. پاڻ همت ڏياريائون ۽ چيائون ته نوڪري ڪنهن به صورت ۾ نه ڪجي، پر، ڪيئن به ڪري، پڙهڻ لاءِ ڪاليج ۾ داخلا وٺجي. پوءِ مون کي ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچي جي پرنسپال بٽاڻي صاحب ڏانهن چٺي لکي ڏنائون ۽ جيتوڻيڪ داخلا جون تاريخون گذري چڪيون هيون، پر درويش صفت پرنسپال مون کي ڪاليج ۾ داخل ڪيو ۽ اهڙيءَ طرح زندگيءَ جي راهه ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر مون کي سائين جي ايم سيد جي رهبري ۽ مدد نصيب ٿي. هڪ ياد سيد صاحب جي حوالي سان منهنجي من ۽ ذهن تي چٽيل آهي ۽ جيڪا نه رڳو ياد جي حد تائين آهي، پر ان منهنجي پوريءَ زندگيءَ تي پڻ گهرا اثر ڇڏيا آهن. اها ياد ڪجهه هن طرح ته جڏهن آئون اڃا سورهن ورهين جو هوس ته سيد صاحب مون کي شاهه لطيف ڀٽائيءَ جي درگاهه تي حاضريءَ لاءِ وٺي ويو هو. شاهه لطيف جي مزار تي پاڻ دعا گهريائون، جا خاص طرح سنڌ جي نسبت سان هئي. انهيءَ دعا ۾ ٽي شيون شامل هيون: (۱) امن جهجهائي(Plenty of Peace) (۲) اندر اُجار (Enlightenment) (۳)آزادي (Freedom) انهيءَ دعا ۾ شامل ٽنهي شين کي مون چڱيءَ طرح ياد ڪيو، اڃا به، هانءُ سان هنڊايو ۽ انهيءَ مهل، ڀٽائيءَ سائينءَ جي آڳرن تي اهو پڪو پهه ڪيم ته انهن ٽنهي شين جي حاصلات لاءِ آئون سڄي ڄمار پاڻ کي ڪاربند رکندس. اڄ به آئون انهن ٽنهي شين جي خواهش رکان ٿو. سائين جي ايم سيد سان خيالن جي ڪڏهن به منهنجي نا اتفاقي نه ٿي آهي. سواءِ ٿورڙي وقت لاءِ هڪ مسئلي جي سلسلي ۾، اهو هو مسلم ليگ جي سياست جو مسئلو. سائينءَ جو ستيه پريم ۽ ايڪتا يعني حق، محبت ۽ وحدت جي پرورش ۽ علمبرداريءَ جو ڪردار آهي، جيڪو سنڌ جي تاريخ، لافاني ادب ۽ تهذيب جو، سنڌ جي سَنتن، اوليائن ۽ درويشن جو ۽ سنڌ جي سمورن صالح ۽ سرويچ سپوتن، اڳين توڙي هاڻوڪن جو ڪردار آهي ۽ سنڌ جي انهيءَ ئي آفاقي ڪردار جي پوئواريءَ ۾ آئون ۽ مون جهڙا ٻيا ڪيئي سنڌ ۽ سنڌ سان گڏ عالم انسانيءَ جا محب ۽ فدائي اڄ به سائين جي ايم سيد جا ساٿي ۽ ٻانهن ٻيلي ٿيو بيٺا آهن ۽ ان سندم ساٿ ڌڻي سرواڻ ۽ سندس ساٿ تي اسان کي فخر رهيو آهي. سائين جي ايم سيد جي رياست لاءِ ۽ سندس سنڌي قوم لاءِ قوم دوست فڪر جي چونڊ ۽ ان جي ڦهلاءُ لاءِ باضابطا نموني عملي، قومي، توڻي سياسي اڳڀرائي، ڪي اوچتا ئي فيصلا نه هئا، جهڙِيءَ ريت عام طرح سوچيو، چيو، لکيو ۽ اظهاريو ويو آهي. اهڙن حتمي نتيجن تي پاڻ لڳاتار عملي سياست جي تلخ تجربن ۽ سنڌي قوم سان ٿيندڙ انيڪ ناانصافين، واعدي خلافين ۽ سازشي فيصلن جي عمل ۾ اچڻ کان پوءِ پهتا هئا. اسين پڻ انهن سمورن واقعن جا اکين ڏٺا شاهد آهيون. پاڻ اهي پهريان سنڌ دوست حقيقي مفڪر هئا، جن سنڌ ۾ قومي فڪر جي پنهنجين لکڻين ۽ خطابن وسيلي باقاعدي جوڙجڪ ڪئي ۽ هڪ قوم طور سنڌي ماڻهن جو ڪيس، رياست اڳيان پيش ڪيائون، جنهن جي بدلي ۾ پاڻ رڳو جيل ۽ نظربندين جا عذاب ئي نه سٺائون، پر مٿن الزام ۽ دشنام، تهمتون ۽ بهتان به رکيا ويا، انهن مڙني الزامن، دشنامن، تهمتن ۽ بهتانن کي قبول ڪيائون، جيڪي رياست پاران انهيءَ ڪري ميدان ۾ لاٿا ۽ عمل ۾ آندا ويا هئا ته جيئن پاڻ ماٺ ڪري ويهي رهن. حقيقت هيءَ آهي ته سيد صاحب جن وٽ پنهنجي سنڌ ۽ سنڌي قوم جي تاريخي تشخص جي بحالي، ان جي مڃتا ۽ ان جي حاصلات کان سواءِ ٻيون سڀ شيون معنيٰ وڃائي ويٺيون هيون. ائين چئجي ته به غلط نه ٿيندو ته پاڻ روحاني طرح عقل جي اوچي ڏاڪي يعني عقلِ سليم تائين، ٻين لفظن ۾ سنڌ سان عشق جي منزل تائين پهچي چڪا هئا، جتي پهچي صعوبتون ۽ سختيون، ڏک ۽ اهنج به پنهنجي اساسي تاثير ۾ سک ۽ راحت بڻجي پوندا آهن. جي ايم سيد هڪ انقلابي ڪردار دلشاد ڀٽو سينئر جي ايم سيد جي ولادت سن ۱۹۰۴ ۾ ٿي هئي۔ پوري گهر ۾ واحد اولاد نرينه هو۔ جي ايم سيد جو والد، سن واري مسجد ڏانهن نماز لاءِ ويندي، عين ان وقت قتل ڪيو ويو، جڏهن جي ايم سيد جي عمر صرف پوڻا ٻه سال هئي۔ جي ايم سيد جي پرورش خاندان جي عورتن ڪئي۔ جي ايم سيد کي ابتدائي تعليم سن جي پرائمري اسڪول ۾ ڏياري وئي۔ پرائمري تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ مسئلو اهو هيو ته انگريزي تعليم لاءِ سن ۾ اسڪول ڪو نه هو۔ ان ڪري ٻه آپشن هيا يا ته جي ايم سيد کي وڌيڪ تعليم لاءِ سن کان ٻاهر موڪلجي يا ان جي تعليم جو سلسلو منقطع ڪجي۔ گهر جون عورتون سائين جي ايم سيد کان پنهنجي اکين کان پري ڪرڻ لاءِ تيار نه هيون۔ ڇو ته جي ايم سيد پوري خاندان جو اڪيلو فرد هو جنهن تي خاندان جي نسل جي بقا جو دار و مدار هو۔ انڪري جي ايم سيد جي گهر ۾ خاص سنڀال ڪئي ويندي هئي۔ جيڪا سنڀال گهر کان ٻاهر ملڻ ممڪن نه هئي۔ آخر گهڻي پس و پيش کان پوءِ اهو فيصلو ڪيو ويو ته جي ايم سيد سن ۾ رهندو ۽ ان کي سن ۾ تعليم ڏيڻ لاءِ خاص استادن جو بندوبست ڪيو ويندو۔ جيڪي ان کي گهر تي عربي، فارسي ۽ انگريزي جي تعليم ڏيندا۔ عربي ۽ فارس پڙهائڻ لاءِ قاضي محمد هاشم کي مقرر ڪيو ويو ۽ انگريزي پڙهائڻ لاءِ هڪ خاص استاد سن کان ٻاهران گهرايو ويو، جنهنجو نالو هو استاد حامد علي۔ جي ايم سيد جڏهن پنهنجن نون استادن وٽ پڙهائي شروع ڪئي ان وقت جي ايم سيد جي عمر لڳ ڀڳ ۱۰ سال هئي۔ اهو ۱۹۱۴ جو زمانو هو ۽ ۱۹۱۴ ۾ پهرين مها ڀاري جنگ شروع ٿي چڪي هئي۔ پهرين مها ڀاري جنگ جي شروعات سان هندستان ۾ انقلابي سياست جا نقاراوڄڻ شروع ٿي ويا ۽ انهن انقلابي نقارن جو آواز جي ايم سيد تائين به پهتو۔ مولانا عبيد الله سنڌي افغانستان ۾ وڃي هندستان جي آزاد جلا وطن حڪومت قائم ڪئي هئي ۽ هندستان جي آزاديءَ لاءِ انگريزن خلاف جنگ جو اعلان ڪيو هو۔ مولانا عبيد الله سنڌيءَ جي شروع ڪيل تحريڪ هندستان جي تاريخ ۾ ريشمي رومال تحريڪ جي نالي سان سڏي ويندي آهي۔ استاد حامد علي مولانا سنڌيءَ جي ريشمي رومال تحريڪ سان لاڳاپيل هو انڪري پوري هندستان ۾ ريشمي رومال تحريڪ جا ڪارڪن جيڪي به انقلابي سرگرميون ڪندا هيا استاد حامد علي انهن سرگرمين کان سائين جي ايم سيد کي واقف ڪندو هو۔ سنڌ ۾ ريشمي رومال تحريڪ جا ٻه وڏا ڳڙھ هيا۔ هڪ امروٽ جو مدرسو ۽ ٻيو پير جهنڊي وارو مدرسو۔ استاد حامد علي جو پير جهنڊي واري سان ڪافي ويجهو تعلق هو۔ انڪري جي ايم سيد جي به پير جهنڊي واري سان ويجهڙائي پئدا ٿي۔ ريشمي رومال تحريڪ جا ٻه مقصد هيا هڪ انگريز سان نفرت، ٻيو هندستان جي آزادي ۽ اهي ٻئي مقصد استادحامد علي پوري خوش اصلوبيءَ سان جي ايم سيد ڏانهن منتقل ڪيا۔ اهڙي ريت جي ايم سيد، ڏهن سالن جي عمر کان انگريز خلاف نفرت ۽ هندستان جي آزاديءَ جو تصور کڻي پروان چڙهيو۔ هي واحد انقلابي هو جيڪو ڏهن سالن جي عمر ۾ انقلاب ۽ آزاديءَ جي عشق ۾ جڙجي ويو۔ پهرين جنگ عظيم ۾ جرمنيءَ جي جنگ برطانيه ۽ فرانسى جي خلاف هئي۔ مولانا عبيدالله سنڌيءَ جا قيصر جرمنيءَ سان تعلقات جڙي چڪا هيا۔ انڪري مولانا سنڌيءَ جي معرفت جرمني هندستان جي آزادي پسندن کي اسلحو ۽ تربيت ڏئي رهي هئي۔ اهو سڀ ڪجهه جرمني هندستان جي عشق ۾ نه ڪري رهي هئي پر برطانيه کي شڪست ڏيڻ لاءِ ڪري رهي هئي۔ قيصر جرمنيءَ جو مقصد هو ته هندستان جا آزادي پسند انگريز سان وڙهن جيئن انگريز ڪمزور ٿي ۽ جنگ ۾ هارائي وڃي۔ پر جنگ ۾ برطانيه بجاء جرمنيءَ جي شڪست ٿي۔ جرمنيءَ جي شڪست سان ۱۹۱۹ ۾ پهرين عالمگير جنگ پڄاڻيءَ تي پهتي۔ اهڙي ريت جنگ جي خاتمي سان گڏ ريشمي رومال تحريڪ به غير فعال ٿي وئي۔ ريشمي رومال تحريڪ جي پس منظر تان هٽجڻ کان پوءِ انگريز خلاف پوري هندستان ۾ نيون مزاحمتي تحريڪون اڀري آيون۔ ياد رهي ته برطانيه خلاف جرمني اڪيلي نه وڙھي هئي پر ان جنگ ۾ جرمنيءَ سان گڏ اٽلي ۽ ترڪي به برطانيه ۽ فرانس جي خلاف وڙھي رهيا هيا۔ انڪري جنگ ۾ جرمنيءَ سان گڏ اٽلي ۽ ترڪيءَ کي به شڪست ملي۔ ترڪيءَ جي شڪست کانپوءِ برطانه ۽ فرانس جي فوجن ترڪيءَ تي قبضو ڪيو۔ ترڪيءَ ۾ جيئن ته مسلمانن جي اسلامي خلافت قائم ڪئي هئي۔ انڪري ترڪيءَ تي برطانوي فوجن جي قبضي کان پوءِ هندستان جي مسلمانن خلافت تحريڪ شروع ڪئي۔ خلافت تحريڪ جو مقصد هو ته برطانيه ترڪي خالي ڪري۔ پر اڳتي هلي اها تحريڪ هندستان خالي ڪيو جي تحريڪ ۾ تبديل ٿي وئي يعني انگريز هندستان خالي ڪري۔ سن ۱۹۱۹ ۾ هڪ ٻيو واقعو ٿيو. جنرل ڊائر جليانوالا باغ ۾ هڪ عوامي ميڙ تي انڌا ڌنڌ فائرنگ شروع ڪرائي ڏني۔ جنهن جي نتيجي ۾ سوين ماڻهون مارجي ويا۔ اها خبر پوري هندستان ۾ باه وانگر ڦھلجي وئي۔ ان واقعي کي بنياد بڻائي مهاتما گانڌيءَ عدم تعاون جي تحريڪ شروع ڪري ڏني۔ خلافت تحريڪ ۽ عدم تعاون جي تحريڪ ٻئي تحريڪون گڏ گڏ هليون۔ هڪ ئي وقت هندو مسلم گڏيل تحريڪن هندستان اندر انگريز جا بنياد لوڏي ڇڏيا۔ عين انهي وقت جڏهن انگريز جا بنياد لڏي رهيا هيا۔ جي ايم سيد عملي سياست ۾ پير پاتو۔ سن ۱۹۱۹ ۾ سنڌ ۾ خلافت تحريڪ جي پهرين ڪانفرنس ٿي۔ ان ڪانفرنس ۾ جي ايم سيد به شريڪ ٿيو هو۔ ۱۹۱۹ ۾ جي ايم سيد جي عمر مشڪل سان ۱۵ سال هئي۔ ان وقت قد ننڍو هجڻ سبب جي ايم سيد ميز تي چڙهي ميڙ کي خطاب ڪيو هو ۽ اها جي ايم سيد جي سياسي زندگيءَ جي پهرين تقرير هئي۔ ان ڪانفرنس کان پوءِ خلافت تحريڪ جي ٻي ڪانفرنس جي ايم سيد سن ۾ ڪرائي۔ ان ڪانفرنس ۾ جلسو به ٿيو ۽ تقريرون به ٿيون۔ تقريرن کان پوءِ خلافت تحريڪ لاءِ چندو ڪٺو ڪيو ويو۔ جي ايم سيد ان وقت عمر جي لحاظ کان نا بالغ هو۔ ۱۵ سالن جي ڪچي عمر ۾ هن کي اها خبر ڪو نه هئي ته هو ڇا ڪري رهيو آهي۔ خلافت تحريڪ لاءِ چندو ڪٺو ڪري جي ايم سيد انگريزن لاءِ موت جو سامان ٺاهي رهيو هو۔ ڇو ته ان ڪانفرنس ۾ پير جهنڊي وارو به شريڪ هو ۽ خلافت تحريڪ لاءِ سن ۾ ٿيندڙ چندو پير جهنڊي واري جي معرفت مولانا عبيد الله سنڌيءَ وٽ پهچي رهيو هو ۽ مولانا سنڌي ان رقم مان انگريز جي موت لاءِ اسلحو ۽ بارود خريد ڪري رهيو هو۔ جرمنيءَ کي شڪست ضرور ٿي هئي پر مولانا سنڌيءَ جي جلا وطن حڪومت آڃا قائم هئي۔ جنگ کٽڻ جي باوجود انگريز تان خطرو ڪونه ٽريو هو۔ انڪري اهو فيصلو ڪيو ويو ته جي ايم سيد کي ڪهن به حالت ۾ روڪيو وڃي۔ ياد رهي ته جي ايم سيد جو والد ان جي ننڍپڻ ۾ ئي قتل ٿي چڪو هو۔ جي ايم سيد جي والد جي وفات کان پوءِ هن جي خانداني ملڪيت سرڪاري سنڀال ۾ هلي وئي هئي۔ انگريزن ان ملڪيت جي سنڀال لاءِ هڪ وارڊن مقرر ڪيو هو۔ وارڊن هر مهيني خرچ لاءِ هڪ مخصوص رقم جي ايم سيد جي گهر ڏيندو هو, جنهن کي وظيفو چوندا هيا ۽ انگريزن اهو وظيفو بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو۔ پر وظيفو بند ڪرڻ کان اڳ جي ايم سيد کي گهرائي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي۔ فيصلو ٿيو ته جي ايم سيد کي ڪمشنر گهرائيندو ياد رهي ته ان وقت پوري سنڌ تي هڪ ڪمشنر مقرر هو جنهن کي گورنر جيترا پاور هيا۔ ڪمشنر طرفان جي ايم سيد کي پاڻ گهرائڻ جو فيصلو ظاهر پيو ڪري ته معاملو ڪيترو اهم هو جنهن کي ڪليڪٽر يا ڊپٽي ڪليڪٽر جي حوالي نه پيو ڪري سگهجي۔ ٻين لفظن ۾ جي ايم سيد انگريزن لاءِ انتهائي خطرناڪ بڻجي چڪو هو۔ آخر ڪار ڪمشنر پاڻ حيدر آباد آيو ۽ جي ايم سيد کي طلب ڪيو ويو۔ ڪمشنر جي ايم سيد کي چيو ته هو خلافت تحريڪ ڇڏي ڏي۔ پر جي ايم سيد هن کي منهن تي کتو جواب ڏيندي چيو ته مان خلافت تحريڪ نه ڇڏيندم۔ ان کان پوءِ ڪمشنر جي ايم سيد کي سمجهائيندي چيو ته تون اڃا صغير آهين، اسان جي سنڀال ۾ آهين۔ مان چاهيان ته تعليم لاءِ توکي بمبئي موڪلي سگهان ٿو۔ جي ايم سيد جواب ۾ چيو توهان کي جيڪو وڻي سو ڪيو پر مان خلافت تحريڪ کان علحده ڪو نه ٿيندم۔ ان کان پوءِ ڪمشنر غصي ۾ اچي چيو ته جيڪڏهن تون نه مڙندي ته اسان توکي بمبئي جي ڪنهن هاسٽل ۾ موڪلي ڇڏينداسي۔ انڱريز ڪمشنر جي ايم سيد کي بمبئي موڪلڻ جي ڌمڪي ته ڏني پر بمبئي موڪلي نه سگهيو۔ ڇو ته جي ايم سيد کي جي بمبئي موڪليو وڃي ها ته گهر جون عورتون احتجاج ڪن ها۔ جيڪڏهن سيد زاديون احتجاج ڪن ها ته مريد مڇرجي پون ها۔ ڪاڇي ۾ جي ايم سيد جا هزارين مريد هيا جيڪڏهن اهي بغاوت تي لهي اچن ها ته انگريز هڪ نئين ڏچي ۾ اچي وڃي ها۔ انڪري انگريز پنهنجي ڌمڪيءَ تي عمل نه ڪيو۔ انگريز سرڪار جي ايم سيد کي بمبئي ته نه موڪليو پر هن جو وظيفو بند ڪري ڇڏيو۔ ان فيصلي کان پوءِ وارڊن جيڪا رقم گهر جي خرچ لاءِ ڏيندو هو اها بند ڪئي وئي۔ حڪومت جا جڏهن سڀ حربا ناڪام ويندا آهن ته پوءِ اها اقتصادي ناڪه بندي تي لهي ايندي آهي۔ انگريزن به جي ايم سيد جي اقتصادي ناڪه بندي ڪئي هئي۔ جيئن مجبور ٿي جي ايم سيد سياست ڇڏي ڏي۔ پر جي ايم سيد نه سياست ڇڏي نه خلافت تحريڪ ڇڏي۔ جي ايم سيد جا مريد ايترا هيا جو گهر جو خرچ مريد به هلائي سگهن پيا۔ انڪري جي ايم سيد کي ان جي پرواه نه هئي ته انگريز وظيفو بند ٿو ڪري يا جاري ٿو ڪري۔ انگريزن جڏهن ڏٺو ته انهن جو اهو حربو ناڪام ٿو وڃي ته هنن پنهنجي چال تبديل ڪئي۔ فيصلو اهو ٿيو ته جي ايم سيد کي ان جي ملڪيت واپس ڪئي وڃي۔ اها ملڪيت نه هئي پوري جاگير هئي۔ حيدر شاه سنائي جي ڏاڏي سيد بدر الدين شاه کي ڄام نظام الدين لڪيءَ کان وٺي ڪوٽڙيءَ تائين درياه جي ٻنهي پاسن جي زمين جاگير طور ڏني هئي ۽ درياه جي انهن ٻنهي پاسن ۾ ڪيترا شهر ۽ ڪيترا ڳوٺ اچي وڃن پيا۔ ان جاگير جو پورو اڌ جي ايم سيد جي حصي ۾ آيل هو۔ جوانيءَ جي ڪچي عمر ۾ جڏهن ايڏي وڏي جاگير ملي وڃي ته چڱن ڀلن جو زهد ٽٽي پوندو آهي ۽ طبعيت عياشيءَ ڏانهن مائل ٿي ويندي آهي۔ عمر جي ان حصي ۾ عورت ۽ شراب لاءِ ڪشش پئدا ٿيندي آهي۔ خاص طور ان وقت جڏهن روڪڻ ٽوڪڻ وارو ڪوئي به نه هجي۔ انگريزن جو مقصد به اهو هيو ته جي ايم سيد کي جڏهن بي تحاشا دولت ملندي ته هو عورت ۽ شراب ڏي مائل ٿيندو۔ جڏهن عورت ۽ شراب ڏي مائل ٿيندو ته انقلابي گڻ وڃائي ويهندو۔ يقيناً انگريز ڪجهه اهڙا ماڻهون به جي ايم سيد پويان ڇڏيا هوندا جيڪي هن کي عياشيءَ ڏي مائل ڪن۔ پر آفرين آهن خاندان جي انهن عورتن کي جن جي ايم سيد جي پرورش ڪئي۔ جي ايم سيد جي پرورش ان جي پڦيءَ، ڏاڏيءَ ۽ ماءُ ڪئي هئي ۽ اهي ٽئي عورتون قابل تحسين آهن جن جي ايم سيد کي هڪ اهڙو باڪردار انسان بڻايو جنهن انڱريز جي عزائم کي شڪست ڏئي ڇڏي ۽ بي تحاشا دولت ملڻ جي باوجود به عياشيءَ ڏي مائل نه ٿيو۔ جي ايم سيد ۱۹۲۴ تائين خلافت تحريڪ سان وابسته رهيو۔ ۱۹۲۴ ۾ ترڪ اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال اتا ترڪ پاڻ ئي ترڪ خلافت ختم ڪري ڇڏي اهڙي ريت خلافت تحريڪ به ختم ٿي وئي۔ جي ايم سيد هڪ طويل عرصو خلافت تحريڪ ۾ مذهبي عالمن سان گڏ رهيو پر مذهبي انتها پسنديءَ هن کي ڇهي به نه گذري۔ سن ۱۹۲۱ ۾ جڏهن مهاتما گانڌي سنڌ جو دورو ڪيو هو ته جي ايم سيد مهاتما گانڌيءَ سان ملڻ لاءِ دادو ريلوي اسٽيشن تي ويو هو۔ جتي هن جي ريل ۾ مهاتما گانڌيءَ سان ملاقات ٿي هئي۔ مهاتما گانڌيءَ جي ايم سيد کي تلقين ڪئي هئي ته هو کاڌيءَ جا ڪپڙا پائي ۽ جي ايم سيد خلافت تحريڪ ۾ هوندي به کاڌيءَ جا ڪپڙا پائڻ شروع ڪيا هيا۔ ان مان ظاهر ٿو ٿئي ته مذهب کان بالا تر جي ايم سيد صرف انقلاب ۽ انقلابي ڪردارن جو عاشق هو۔ اهو انقلابي ڪردار مولانا عبيد الله سنڌي جو هجي يا مهاتما گانڌي جو هجي۔ سائين جي ايم سيد سياست، قيد بنر ۽ نظربندي پاويل جوڻيجو ننڍي کنڊ جي سياست، سماج ۾ جن ماڻهن فڪري تبديلي آندي، انهن ٿورن نالن جي فهرست ۾ سائين جي ايم سيد جو نالو شامل آ هي. سندس فڪر مڃندڙ رهبر سنڌ سڏين ٿا. هتي پاڻ سائين جي ايم سيد جي سياست ۽ ان سياست جي ڪري قيد و بند ۽ نظربندي جو جائزو وٺون ٿا. سائين جي ايم سيد جي سياست: سائين جي ايم سيد سياست جي شروعات ته پاڪستان ٺھڻ کان اڳ ڪري چڪو هو پر تحريڪ پاڪستان ۾ قائداعظم محمد علي جناح سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي سرگرمي ڪئي، ملڪ ٺهڻ کانپوءِ قومپرست سياست جي شروعات ڪيائين. اهو قصو هيئن آھي ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ۱۹۴۸ع ۾ ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪري مرڪز حوالي ڪرڻ جي سازش ٿي، ان وقت ايوب کهڙو سنڌ جو وزيراعليٰ ۽ مسلم ليگ جو صدر هو، جنهن ڪراچي کي مرڪز جي حوالي ڪرڻ کان انڪار ڪيو، ان تي سر غلام حسين مرڪزي سرڪار جي حڪم تي ايوب کهڙي کي هٽائي پير الاهي بخش کي وزيراعليٰ مقرر ڪيو. سائين جي ايم سيد ڪراچي کي مرڪز حوالي ڪرڻ خلاف سخت آواز اٿاريو تـه کيس سن ۾ ٽن مهينن لاءِ نظربـند ڪيو ويو. ۱۹۴۸ع ڌاري سائين جي ايم سيد ترقي پسند سياستدانن سان گڏجي “پاڪستان نيشنل پارٽي” ٺاهي، جنهن جو صدر خان عبدالغفار خان کي چونڊيو ويو. ان دوران ۱۹۵۲ع ۾ ويانا ڪانفرنس ۾ جـي ايم سيد پاڪستان ۽ خطي جي امڪاني حالتن جو درست اندازو لڳائيندي مذهبي ڪٽرپڻي جي زور وٺڻ جو خدشو ڏيکاريو هو، اڄ ۲۱ هين صدي ۾ اهو سچ ثابت ٿي چڪو آهي. ۱۹۵۳ع ۾ سنڌ اسيمبلي جون نيون چونڊون ٿيون، جن ۾ سائين جي ايم سيد ستن ميمبرن سان چونڊ کٽي آيو ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ جي حيثيت ۾ ڪراچي سنڌ کي واپس ڪرائڻ ۽ سنڌ جي حقن جي گهر لاءِ يڪراءِ ٺهراءُ پاس ڪرايائين. ان کان ڊڄي، گورنر جنرل چوڌري غلام محمد ون يونٽ ٺاهڻ جي سازش رٿي، پر وزيراعليٰ سنڌ عبدالستارپيرزادي ۽ ٻين ميمبرن ون يونٽ جي حمايت کان انڪار ڪيو، جنهن تي هن آئين ساز اسيمبلي ختم ڪري، ايوب کهڙو کي سنڌ جو وزيراعليٰ مقرر ڪرايو، جنهن پوليس جي مدد سان، ناجائز طريقن سان ميمبرن کي ڊيڄاري، سنڌ اسيمبليءَ مان ون يونٽ جي حق ۾ ٺهراءُ پاس ڪرايو. ۴ ميمبرن پير الاهي بخش، شيخ خورشيد، عبدالحميد جتوئي ۽ غلام مصطفيٰ جتوئي مخالفت ڪئي. جي ايم سيد، قاضي فيض محمد ۽ حيدربخش جتوئي ۽ ٻيا قومي اڳواڻ جيل موڪليا ويا. هن ڀيري جي ايم سيد ۶ مهينا جيل ۾ رهيو. آگسٽ ۱۹۵۵ع ۾ سائين جي ايم سيد خان عبدالغفار خان جي صدارت ۾ هڪ گڏجاڻي ڪوٺائي “اينٽي ون يونٽ فرنٽ” ٺهرايو، بعد ۾ پاڪستان جي قومپرست پارٽين سان گڏجي لاهور ۾ “نيشنل پاڪستان پارٽي“ ٺهرائي. سائين جي ايم سيد اولهه پاڪستان اسيمبلي ۾ ستن ميمبرن هوندي حڪمت عمليءَ سان ريپبلڪن پارٽي ۽ مسلم ليگ سان ٺاهه ڪري اڪثريت سان ون يونٽ مخالف ٺهراءُ پاس ڪرايو، جنهن جي صرف ۴ ميمبرن مخالفت ڪئي. ان کان پوءِ مولانا ڀاشانيءَ سان اتحاد ڪري سائين نيشنل عوامي پارٽي ٺهرائي، اڳتي هلي حڪمران ريپبلڪن پارٽي، ون يونٽ کي آئيني طرح ٽوڙائڻ ۽ اولهه پاڪستان جي قومن/ صوبن کي خودمختياري ڏيڻ واري واعدي تان ڦري وئي. جنهن کانپوءِ سائين جي ايم سيد سنڌ ۾ سڀني سياسي گروهن (ون يونٽ ٺهرائيندڙ ايوب کهڙي ۽ پير علي محمد راشدي سميت) متحد ڪري اينٽي ون يونٽ ٺهرايو. ون يونٽ خلاف سرگرميون ڏسي، حڪمرانن ۸ آڪٽوبر ۱۹۵۸ع تي ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪري اسيمبليون ختم ڪري ڇڏيون. جي ايم سيد ۽ نيشنل عوامي پارٽي جي ليڊرن کي جيل ۾ اماڻيو ويو. سائين جي ايم سيد ۱۹۶۰ع تائين جيل ۾ رهيو. ان کان پوءِ صحت جي خرابي جي ڪري کيس مارچ ۱۹۶۶ع تائين سن ۾ نظربند رکيو ويو. ان نظربنديءَ جو فائدو وٺندي، سائين جي ايم سيد مطالعو جاري رکيو ۽ ڪيترا ئي ڪتاب لکيا. آزاد ٿيڻ بعد سائين جي ايم سيد جون ۱۹۶۶ع ۾ صحت جي خرابي ۽ ٻين سببن ڪري سياست کان ڪناره ڪشيءَ جو اعلان ڪندي “بزم صوفياءِ سنڌ” جو بنياد وجهي، قومپرست ۽ ترقي پسند اديبن ۽ سياسي ڪارڪنن کي ساڻ کڻي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪانفرنسون ڪوٺايون، قومي سجاڳي ۽ جديد قوم جي تصور ۽ مذهب کي سياست کان ڌار ڪرڻ بابت صوفي بزرگن جي درگاهن تي خطبا ڏنائين، جنهن فڪري نقطه نگاهه اهو هو ته “سنڌي هڪ قوم آهي ۽ سرزمين سنڌ وٽ اتحاد انساني، امن عالم ۽ ترقي بني آدم لاءِ خاص پيغام آهي.“ ۴ مارچ ۱۹۶۷ع جي قومي واقعي کانپوءِ سنڌ ۾ سائين جي ايم سيد جي تحريڪ کي خطرناڪ سمجهي، ايوبي آمريت، کيس جولاءِ ۱۹۶۷ع کان ۱۹۶۸ع جي آخر تائين نظربند ڪيو. ان نظربندي کي جي ايم سيد ڪورٽ ۾ چئلينج ڪندي بيان ڏنو ته هو عملي سياست کان الڳ آهي، پر کيس ون يونٽ جي مخالفت سبب نظربند ڪيو ويو آهي. پهرين مارچ ۱۹۶۹ع تي سائين جي ايم سيد کي آزاد ڪيو ويو. ۹ مارچ ۱۹۶۹ع تي هڪ نئين سياسي جماعت “سنڌ متحده محاذ” قائم ڪيائين. ۱۰ آگسٽ ۱۹۶۹ع تي بنگال جي قومي اڳواڻ شيخ مجيب الرحمان کي ڪراچي گهرائي آجياڻو ڏنائين. ٻئي طرف ذوالفقار علي ڀٽي جي عوامي تحريڪ ۽ جي ايم سيد جي قومي تحريڪ آڏو فيلڊ مارشل ايوب خان گوڏا کوڙيا ۽ ملڪ جون واڳون جنرل يحيٰ خان حوالي ڪري اقتدار کان ڌار ٿي ويو ۽ يحيٰ خان پهرين جولاءِ ۱۹۷۰ع تي ون جو خاتمو آڻي ملڪ ۾ چونڊن جون اعلان ڪيو. شيخ مجيب الرحمان ۶ نقاطي پروگرام هيٺ اوڀر پاڪستان ۾ چونڊن ۾ حصو ورتو، سنڌ ۾ صرف سائين جي ايم سيد، قاضي فيض محمد ۽ شيخ اياز سندس پروگرام جي حمايت ڪئي. شيخ مجيب الرحمان کي اڪثريت جي باوجود اقتدار نه مليو. ۱۶ ڊسمبر ۱۹۷۱ع تي اوڀر پاڪستان، وڏي خون خرابي کان پوءِ بنگلاديش بڻجي ويو. ان دوران ۱۸ مئي ۱۹۷۱ع کان ۳۱ ڊسمبر ۱۹۷۱ع تائين جي ايم سيد کي پنهنجي گهر ۾ نظربند رکيو ويو. اهڙين حالتن کانپوءِ سائين جي ايم سيد جي سياست ۾ تبديلي آئي ۽ هن سنڌ جي آجپي جو نعرو هڻندي “جيئي سنڌ محاذ” جو بنياد وڌو. سائين جي ايم سيد فنا في السنڌ انعام ڀٽي سنڌ جي يگاني شخص، تقرير جي قلندر چاچي حفيظ قريشي چيو هو، “مان عاقل بالغ ٿي ويو هيس، پڙهيل ڳڙهيل به هيس پر مونکي اها خبر ڪونه هئي ته اسان سنڌي هڪ قوم آهيون! انهيءَ جي خبر تڏهن پئي جڏهن آئون سائين جي ايم سيد سان مليس.” منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن اها سوچ سائين جي ايم سيد سنڌ جي ماڻهن کي نه ڏئي ها ته شايد اها خبر سنڌ جي اڪثريت کي نه پوي ها ۽ نه ئي اهي ڪو انهي سوچ سان سلهاڙجي هڪ مالها ۾ پوئجي سگهن ها ته سنڌي هڪ قوم آهن، انهن کي پنهنجي تاريخ، جاگرافي، تهذيب، ٻولي ۽ صدين کان الڳ قومي سڃاڻپ رهي آهي. انهي جو هڪ ثبوت اهو آهي ته اڄ تائين سنڌ جا اڪثر ماڻهو پنهنجي ذات يا قبيلي کي ئي قوم سمجهندا ۽ سڏائيندا رهيا آهن. هنن لاءِ سندن خاندان جي سڃاڻپ ئي قوم جي حيثيت رکي ٿي. هنن دنيا جي تاريخ يا سماجي اڀياس ڪونه پڙهيو آهي جو کين سڌ هجي ته قوم ڇا ٿيندي آهي؟ مٿان وري جيڪي پڙهيل لکيل استاد، جن اسڪولن جو نصاب پڙهائڻ شروع ڪيو انهن کي ته اهو ئي پڙهائڻو هو جيڪو درسي ڪتابن ۾ لکيل هيو. ورهاڱي کان پهرين واري دور ۾ اکنڊ ڀارت جي هڪ قومي سوچ جو غلبو وري پاڪستان ٺهڻ بعد هڪ نئين مسلماني سوچ جي ڇاپ، سنڌ جي تاريخي، قومي تشخص ۽آزاد وجود واري تاريخ جي ورقن کي ميسارڻ شروع ڪيو ۽ ماڻهن جي ذهنن ۾ اهو ڀرڻ شروع ڪيو ويو ته ٻه قومي نظرئي تحت پاڪستان اسلام جي نالي تي ٺهيو آهي، انهي ڪري ان ۾ رهندڙ مسلمان سڀ ڀائر آهن ۽ اهي هڪ مسلمان قوم آهن. ڀلو ٿئي سن جي مٽي جي سرمدي کي زندهه رکندڙ، حيدر شاھ سنائي جي تسلسل جي وارث، سيد غلام مرتضيٰ شاھ، عرف عام سائين جي ايم سيد کي جنهن سنڌ جي ڌرتي سان پنهنجو نمڪ ملهائيندي ۽ پنهنجي وڏڙن جي روايتن کي زندھ رکندي، اهو ڄاڻي ورتو ته سنڌي هڪ قوم آهن، سنڌ سندن تاريخي وطن آهي ۽ انهي ۾ آزاد رهڻ انهن جو فطري حق آهي. ها سائين جي ايم سيد سنڌ جي مٽي سان قومي حق ۽ محبت ملهائيندڙ شاهه لطيف کان پوءِ پهريون فرد آهي جنهن سنڌ جي ماڻهن کي اهو شعور ڏنو ته سندن ڌرتي ماءُ جو هنن مٿان هڪ قرض آهي جيڪو انهن کي هڪ نه هڪ ڏينهن لاهڻو پوندو. شاهه لطيف شاعري جي صورت ۾ سنڌ جي ماڻهن کي هڪ قومي رومانويت ڏئي ويو، پر انهي کي فڪري بنياد ۽ سياسي، سماجي طور سڃاڻپ، نثر جي صورت ۾ سائين جي ايم سيد ڏئي ويو. لطيف سائين چئي ويو هو؛ “سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسي وسري، حيف تنهين کي هوءِ، وطن جن وساريو.” انهي لطيف جي سٽن کي سائين جي ايم سيد پنهنجي زندگي جو سبق سمجهي ورتو. پاڻ لطيف جي قومي رومانويت کي عملي طرح ثابت ڪري ڏيکاريائين ۽ تهان پوءِ زندگي جي هر حال ۾ جيها ڪي تيها مارو قبول ڪري انهن جي خوشحالي لاءِ پتوڙيندو رهيو. سائين جي ايم سيد کي هر دور ۾ وقت جي حاڪم ته تڪليفون پهچايون پر انهن به ساڻس گهٽ نه ڪئي جن جي قومي آزادي، خوشحالي ۽ قومي سڃاڻپ جي بحالي لاءِ هن پنهنجي زندگي وقف ڪئي. هر دور ۾ مٿس تهمتن جا تير وسايا ويا ۽ الزامن جا انبار مڙهيا ويا، پر پاڻ ڪڏهن انهي تي ارها ٿي ڪا بددعا به کين ڪونه ڏنائون. سيد جي محبت ۽ نفرت جو محور سنڌ هئي، پر جن به مٿس سنگباري ڪئي انهن اهو ڪڏهن ڪونه ڏٺو ۽ پرکيو ته هن سنڌ جي عشق ۾ جو به ڪيو جي اهو تاريخ جي وهڪري ۾ غلط به ٿي ويو ته انهي جو دليري سان ۽ ايمانداري سان هن اعتراف ڪيو ۽ انهي جي ازالي لاءِ پنهنجي سموري حياتي قيد و بند ۾ انهي تي پشيمان به رهيو. وري به چاچي حفيظ قريشي جا لفظ ٿا ياد اچن، هو چوندو هو، “سائين جي ايم سيد فنا في السنڌ آهي.” بلڪل ايئن هيو به، سيد پنهنجي ذات، پنهنجي هر خواهش کي سنڌ تان قربان ڪري ڇڏيو. هن اهو سمجهي ورتو هو ته تاريخ ۾ سندس مقام ڇا هوندو، هن کي زماني جي فڪر ڪڏهن پريشان ڪونه ڪيو، هن کي پريشان ڪيو ته انهي سوچ، انهي ميار جيڪا لطيف وطن وسارڻ تي حيف ڏيڻ جي صورت ۾ ڏئي ويو. هن کي اهو فڪر ڪڏهن ڪونه ٿيو ته هو ڪنهن جي لاءِ پيو ڪري، انهن لاءِ جيڪي مٿس تهمتون، الزام ۽ فتوائون ڏئي رهيا آهن؟ پر هن کي فڪر اهو هو ته جيها ڪي تيها مارو قبول ڪرڻا آهن. هو کيس ڪونه ٿا سڃاڻن، هنن جو عشق ساڻس ڀلي نه هجي، پر هن انهن سان الست به ربڪم وقت جيڪو وچن ڪيو هو سو پاڙڻ لاءِ پابند آهي. سائين جي ايم سيد پنهنجي ذات کان ۽ ذاتي خواهشن کان گهڻو بالاتر ٿي ڪري زندگي جو سفر ڪيو. جيڪي اياڻا عقل جا انڌا ۽ دشمنن جي ڪئمپ جي پروپئگنڊا جا گرويده آهن، انهن لاءِ هڪ واقعو سائين جي زندگي جو بيان ڪريان ٿو اهو ئي انهن جي شرمندگي لاءِ ڪافي هوندو جي کين سمجهه هوندي ته. “ڪنهن زماني ۾ دادو لوڪل بورڊ ۾ سائين جي ايم سيد نائب صدر منتخب ٿي آيو. صدر انهي وقت جيڪو به هئو انهي خلاف سائين جي ايم سيد ڪا ايجنڊا پيش ڪئي جنهن تي ان وقت جي سرڪار مٿس سخت ڏمرجي پئي. مٿس زور وڌائون ته اها ايجنڊا واپس وٺو، سائين جي مٿان اخلاقي دٻاءُ اهو به هو ته انهي ايجنڊا جي نتيجي ۾ صدر هٽايو ويو ته نائب صدر قائم مقام صدر ٿي ويندو، ڪٿي اهو نه سمجهيو وڃي ته سائين جي ايم سيد اها ايجنڊا ئي انهي ڪري پيش ڪري رهيو آهي جو کيس صدر ٿيڻ جو شوق آهي، انهي ڪري پاڻ نائب صدر تان استعيفيٰ ڏنائون ۽ ڪنهن ٻئي کي پنهنجي جاءِ تي نائب صدر چونڊرايائون. سرڪار سندس سن جي گهر کي آني بهاني ڍل جو يا ڪو ٻيو سبب ڄاڻائي ڪري سيل ڪيو، انهيءَ هوندي به پاڻ پٺتي ڪونه هٽيو ۽ انهي ايجنڊا جي نتيجي ۾ اهو لوڪل بورڊ دادو جو صدر هٽي ويو.” هي واقعو ۱۹۳۵ع يا ۱۹۳۶ع جو آهي جڏهن سندن عمر اڃا ۳۱ يا ۳۲ سال مس هوندي، انهيءَ دور ۾ به سائين جي ايم سيد جي نظر تاريخ جي ايندڙ ورقن تي هئي. کيس خبر هئي ته ڪٿي تاريخدان کيس خودغرض ۽ ذاتي عهدي جي خواهشن جو خادم ڪري نه پيش ڪن. جنهن شخص کي تاريخ جي ورقن جو فڪر هوندو آهي، اهي تاريخ ساز هوندا آهن. اهي زماني سان ناهن هلندا پر زمانا صدين تائين انهن سان، انهن جي نالي سان، انهن جي اصولن سان ۽ انهن جي ٺاهيل قدرن سان هلندا آهن. اڄ به ڪي نادان جڏهن سائين جي ايم سيد جي ماضي جي ڪيل ڪمن تي حال ۾ پنهنجي ڪوتاھ نظري سان اظهار ڪن ٿا ته انهن کان مستقبل وسريل هجي ٿو. هنن جي نظر ۽ سوچ ايتري ته تنگ هجي ٿي جو کين اهو نظر ئي ڪونه ٿو اچي ته جنهن شخص تي هو آڱر کڻي رهيا آهن اهو تاريخ جو اهڙو سچ آهي جنهن کي وقت جو ڪو به واءُ زنگ آلود نه ڪري سگهيو. هن جيڪي به ڪيو جيئن به ڪيو اهو انهن حالتن جي پيش نظر سنڌ ۽ سنڌي مارن جي محبت ۾ ڪيو. هن کي يقين هو ته سندس من ۾ محبت پائي روڙيل رنڊا هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور اگهامجندا ۽ هو جنهن حضور ۾ حاضر ٿيڻ لاءِ اهو ڪجهه ڪري ويو آهي هڪ ڏينهن کيس اهو معراج ضرور ملندو. بس رڳو اهو ارمان ضرور رهندو ته وقت جي ماڻهن کيس ڪونه سڃاتو ڇاڪاڻ ته اهي وقت جي نزاڪتن جا غلام هيا، هنن اهو ڪونه ڄاتو ته سندن ناتو ڪنهن ساڻ هجڻ گهرجي. جي تو اڃان نه ڄاتو آ، ڪير ديس واسي، تنهنجو جنم اجايو، تنهنجي مٽي اڻاسي. سائين جي ايم سيد سنڌ جو سڃاڻپ ڪارڊ زبير سومرو سنڌوءَ ڪناري سَن شهر ۾ کليل ڪتاب جي شبيهه واري سنگ مرمري مرقد ۾ هڪڙو باغي صوفي ستو پيو آهي. هُو ازل جا ٿڪ کڻي ابدي ننڊ ۾ آهي. هُن جو روح مارئي بڻجي پنهنجن مارُن لاءِ اڄ به تڙپ ۾ آهي. اهو باغي صوفي، جنهن جي جنازي ۾ قرآن پاڪ، ڀڳوت گيتا، رامائڻ، انجيل شريف، توريت شريف ۽ گرنٿ صاحب جهڙن ڪتابن جو ورد ٿيو هو، نئين صديءَ جي سنڌ جي سڃاڻپ ۽ سنڌ سان غير مشروط عشق جي علامت بڻجي چڪو آهي. هي سنڌ جو اهو دانشور سياستدان آهي، جنهن پنهنجي تحرين ۽ تقريرن ۾ ڪيئي ڏهاڪا اڳ، ننڍي کنڊ ۾ مذهبي انتها پسندي جي پيشن گوئي ڪندي خطي کي خبردار ڪيو هو. سنڌ جو هي واحد جهونڙو هو، جنهن جا عاشق سڀ جوان هيا. هُو “سچل عشق ٻڍا نه ٿيوي، توڙي چِٽي ٿيوي ڏاڙهي” جي جيئري جاڳندي تصوير هو. آفريڪي ڪارن کان ڪو پڇي ته اوهان جو ڌڻي سائين ڪير آهي ته جواب ۾ “نيلسن منڊيلا” کان سواءِ ٻيو ڪو به نالو نه کڻندا. هندستان جو باپو “گانڌي جي” ئي ٿي سگهي ٿو. جديد ملائيشيا جو اڏيندڙ “مهاتير محمد” کان سواءِ ڀلا ٻيو ڪير هوندو. نئين چين جي اڏاوت “مائوزي تنگ” ئي ڪري سگهي ٿو. آمريڪا کي عظيم بڻائيندڙ “جارج واشنگٽن” کان سواءِ ٻيو ڪير ٿي سگهي ٿو. اهڙي طرح جديد سنڌ جو روح روان جي ايم سيّد ئي ٿي سگهي ٿو. پنجاب به ڏيڍ ٻن صدين کان پوءِ راجا رنجيت سنگهه کي پنهنجو قومي هيرو مڃڻ لاءِ تيار ٿي بادشاهي مسجد ۾ سندس مجسمي جو افتتاح ڪيو. رنجيت سنگهه بابت اڄ سوا صديءَ کان پوءِ پنجابي قوم کي نيٺ احساس ٿيو آهي ته انهن جو قومي هيرو محمود غزنوي، احمد شاهه ابدالي يا قطب الدين ايبڪ نه بلڪه رنجيت سنگهه آهي. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ کان ٻاهر ٻين صوبن ۾ به اهو بحث ٻيهر ڇڙي پيو آهي ته جي ايم سيّد جو پنهنجي قوم آڏو راجا ڏاهر کي سنڌ جو هيرو ڪري پيش ڪرڻ غلط نه هو. سائين جي ايم سيّد جڏهن پهريون ڀيرو راجا ڏاهر کي سنڌ جو قومي هيرو لکيو ته مذهبي ڌرين ۾ ممڻ مچي ويو. سائينءَ دليل ڏنو ته راءِ سهاسي گھراڻي جو ولي عهد راجا ڏاهر، جيڪو پنهنجي وطن جي دنگن ۽ ننگن جي حفاظت ڪندي حمله آورن هٿان مارجي ويو. ڏاهر ان دؤر جي آزاد رياست جو اُهو هيڊ آف اسٽيٽ هيو، جنهن پنهنجي سنڌ جي سموري معلوم تاريخ جي سنڌي بادشاهن جي امن کي قائم رکڻ واري اصولي پرمپرا جي پاسداري ڪندي، ڪڏهن به ڪنهن ٻئي ملڪ ۽ قوم تي ڪاهه نه ڪئي. سنڌ ۾ وسيع پيماني تي انهي معاملي تي اتفاق راءِ هجڻ باوجود به سنڌ حڪومت سياسي مصلحتن تحت ان جو اظهار ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي. هميشه پنهنجي مٿان ٿيندڙ حملن جي بچاءَ ۾ وڙهيو. سائين جي ايم سيّد کان اڳ سنڌين کي پنهنجن قومي هيرن جي تميز ڪٿي هئي؟ سائين جي ايم سيّد سنڌ جي تاريخ جي اها غير معمولي شخصيت آهي، جنهن سنڌ واسين کي جديد سنڌ جو بنياد وجهي ڏنو. انهيءَ غير معمولي بنياد تي عمارت جُڙڻ جا مرحلا اڃا گھڻو پري آهن، پر جديد سنڌ جو تصور ايڏو ته مضبوط، منظم، مهذب ۽ ايڏو ته حسين آهي، جو ان جو خيال اچڻ سان ئي دل ۾ هڪ خوبصورت احساس ٿو اڀري ته اُهي سنڌ ديس جا الائي ڪهڙا باشندا هوندا جيڪا سيّد واري گھڙيل آجي ۽ سُکي ستابي سنڌ جا شهري هوندا. سائين جي ايم سيّد جي آفاقي نظرئي کي ڪا به طاقت، ڪنهن به دؤر ۾ روڪي نه سگهي. هر دؤر جي حڪمران پنهنجي پنهنجي وسَ، وِتُ ۽ ظرف آهر، ڀرپور ڪوشش ڪئي ته ڪنهن به ريت سيّد جي فڪر کي ميسارجي، پر ڪوبه حاڪم ڪامياب ٿي نه سگهيو. سيّد جي سياسي ساٿيءَ جناح صاحب، سيّد کي قيد رکي ڪراچيءَ کي اسلام آباد جي حوالي ڪيو. هندستان جي ڪرنال شهر کان هجرت ڪري آيل پاڻ کي نواب سڏائيندڙ لياقت عليءَ، سيّد کي قيد ڪري يُو پي سي پي جي پناهگيرن کي سنڌ ۾ آباد ڪيو. شهيد الله بخش سومري جي قتل الزام ۾ جيل ڪاٽيندڙ ايُوب کهڙي، سيّد کي قيد ڪري سنڌ ۾ پنجابي پٺاڻ آباد ڪرايا. آمريت جي آقا جنرل ايوب، سيّد کي قيد ڪري ون يونٽ جي قهر کي قائم رکيو. شيخ مجيب جهڙي عوامي ليڊر سان دوکو ڪندڙ جنرل يحييٰ، سيّد کي قيد ڪري مظلوم بنگالين سان ويساهه گھاتي ڪئي. آمريڪا ۽ پاڪستاني وفاق جي پرائي جنگ ۾ استعمال ٿيندڙ قائد عوام ذوالفقار ڀُٽي، سيّد کي قيد ڪري سنڌي اديبن ۽ قومي تحريڪ جي ڪارڪنن توڙي اڳواڻن تي قسم قسم جي ظلمن جا داستان رقم ڪيا. آمريت جي علامت بڻجي ويل جنرل ضياء، سيّد کي قيد ڪري قومي تحريڪ کي ڇيهو رسايو. اقتدارن جا مزا ماڻيندڙ شهيد راڻي بينظير ڀٽو، سيّد کي قيد ڪري، ٻاهرين ملڪ علاج ڪرائڻ جي بنيادي انساني حق جي اجازت نه ڏني ۽ کيس اسپتال ۾ دم ڏيڻ تي مجبور ڪيو. ڪوبه نه رهيو پر سيّد پنهنجي فڪر ۾ اڄ به زندهه جاويد آهي. خان غفار کان پوءِ، سائين جي ايم سيّد، سنڌ جو اهو “باغي” هو، جنهن کي ٽي ڏهاڪا قيد ۾ رکڻ جي باوجود عدالتن ۾ پيش ڪري مٿس ڪيس نه هلايو ويو. جنهن ڏينهن حاضري هوندي هئي، ان ڏينهن جج غائب ٿي ويندا هئا. سيّد پنهنجي عدالتي بيان “سنڌ ڳالهائي ٿي” ۾ پنهنجي مٿان لڳايل الزام جو اعترافِ جرم ڪيو. بينظير ڀٽو جي دؤر ۾ سيّد جي خلاف بغاوت جو ڪيس هلائيندڙ انسدادِ دهشتگردي جي جج، سائينءَ کي خاص طور تي ماڻهو موڪلي گذارش ڪئي ته هُو عدالت ۾ پيش نه ٿئي، ڇو ته اعترافِ جرم جي صورت ۾، جج لاءِ لازم آهي ته مجرم کي سزا ڏئي ۽ هُو (جج) ننڍي کنڊ جي ايڏي وڏي عظيم ليڊر کي سزا ڏيڻ جو گناهگار نه ٿو ٿيڻ چاهي. اندازو ڪيو ته ان مجرم جي تاريخي حيثيت ۽ فڪري هئيت ڇا هوندي، جنهن جي عدالت ۾ پهچندي، منصفن جا هٿ ڏڪڻ شروع ٿي وڃن ۽ فيصلو ڏيڻ کان قاصر ٿي پون ۽ مجرم کي عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ جا عرض ڪن. ذاتي زندگيءَ ۾ صوم صلوات جو پابند، تهجد گذار سيّد جو فڪري پاسو نج سيڪيولر هو. “جيئن ڏٺو آهي مون” ۽ “ديار دل داستانِ محبت” جهڙا فڪر انگيز ڪتاب لکي، هُن سچ پچ سنڌي قوم تي نه لهڻ جهڙو احسان ڪيو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪيترن ئي عطائي خانقاهن جي ڪٽڙو مسند نشينن، سيّد تي فتوائن جون هلائون ڪيون، پر سيّد جو مرتبو اڃان به بلند ٿيندو ويو. خبر ناهي ته ورَ ۾ خنجر لڪائي سيّد کي قتل ڪرڻ جي نيت سان سن آيل اُهو “گلستان خان” حال حيات آهي الائي نه، جنهن کي چيو ويو هو ته جي ايم سيّد واجب القتل آهي ۽ دين مان خارج آهي، پر هُن جڏهن سن ۾ سيّد کي تهجد ۽ اشراق جون نمازون پڙهندي ڏٺو ته هُن خنجر ميز تي رکيو ۽ قتل جي ارادي جو اعتراف ڪيو، پر سيّد کيس معاف ڪري ڇڏيو. اڄ سڄي ننڍي کنڊ ۾ بنياد پرستي ((Right Wing جو راڄ آهي، ايتري قدر جو گانڌيءَ جو اهنسا وارو سيڪيولر هندستان به ان باهه کان بچي نه سگهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ سنڌي ماڻهو اڄ به پنهنجي جوهر ۾ صوفي مزاج رکي ٿو، اڄ به سنڌي ماڻهو مذهبي هم آهنگي، ڀائيچاري، امن ۽ محبت تي يقين رکي ٿو، جنهن جو گھڻي قدر ڪريڊٽ سيّد ڏانهن ئي وڃي ٿو. پياري دوست آدرش چواڻي ته “جي ايم سيّد سنڌ جو سڃاڻپ ڪارڊ آهي.” جي ايم سيد ھڪڙو سيد آ جنھن جي پڄاڻي نه آ راشد شر حليم باغي ڪٿي لکيو آھي ته ”ھڪڙو سيد آ جنھن جي پڄاڻي نه آ“ بلڪل اھو سن جي عظيم سيد سائين جي ايم سيد لاءِ ئي حليم باغي لکيو آھي جنھن جي تاريخ علم ادب ۽ سياست جي ڪڏھن به ڪنھن به دور ۾ پڄاڻي ناھي ٿيڻي بلڪه سائين جي ايم سيد جھڙي عظيم عالم اديب ۽ سياستدان جي نرالي عظمت ھر دور ۾ رھڻي آھي. انساني تاريخ ان ڳالھ جي گواھ آھي ته جن امر انسانن جي ساڃاهه انساني سماج جي اجتماعي پيڙا جي شناس رکي ذاتي خواھشن کي ترڪ ڪري، پنهنجي سوچ سمجھ عقل ۽ ادراڪ کي عام لوڪ کان لطيف جي چواڻي، جيئن لهوارو ڪري ٿي: اَکِ اُلِـٽِي ڌارِ، وَنءُ اُلِٽو عامَ سين، جي لَهِوارو لوڪُ وَهي، تُون اُوچو وَھُ اوڀارِ، مَنجھان نُوچَ نِهارِ، پُرُ پُٺِيرو پِرِينءَ ڏي. اھا سوچ نه صرف پاڻ کي اُتم ڪري ٿي ڇڏي بلڪ اھو ڪردار پنھنجي ان فڪري سوچ آھر انساني تاريخ ۾ ھڪ اھڙو بحث ڇيڙي ٿو ڇڏي جيڪو سوچ فڪر سماج اندر رھڻ جي تميز جا طور طريقا سيکارڻ سان گڏ سماج اندر انسان شناسيءَ خلاف ٿيندڙ فيصلن ۽ قاعدن قانونن خلاف ھڪ جدوجهد جو آغاز ڪري، ھر ان ڪاري قانون خلاف آواز اٿاري ٿو جنھن سان ڌرتيءَ ڌڻين جي اهنجن ۾ اضافو ٿيندو ھجي. عظيم فلسفي گوتم ٻڌ پنھنجي چئن اتم بنيادي سچن ۾ جنھن ڳالھه کي بحث جي مرڪزي حيثيت ڏئي ٿو اھا به ساڳئي انساني زندگيءَ جي تميز ۽ زندگي ڇا آھي ان جا مقصد ڪھڙا آھن؟ ڏکن سکن جو سنگم، سبب نتيجا مسئلا ۽ حل جھڙن اھم پيچيده سوالن کي پنهنجي علمي بحث جو حصو بنائي انساني زندگيءَ کي غلاميءَ جي زنجيرن مان ڪڍي انسان شناسيءَ جي ڏاڍي خوبصورت تصوير چٽيندي انسان کي نه صرف پنهنجي ھڪ جملي ”سروم دکم دکم“ ۾ اسان جي صوفي ازم جيئن قيد ڪري بيھاريو بلڪه ھن اڳتي سمورن انساني اھنجن جي حل جي به وائکي فلسفياڻي سائنسي تشريح ڪري انسان جي ذھنن کي قيد مان جدوجهد ذريعي ڪڍڻ جي پرچار ڪئي. ھڪ اھڙي جدوجھد، ھڪ اھڙي چيٽ، ھڪ اھڙو علم ادب سياست جو ڏيئو سنڌي قوم جي خوداراديت ھزارين سالن جي آزاد رياست تھذيب ۽ تشخص جي آزاديءَ جو اعلان سائين جي ايم سيد به ڪيو جنھن کان پوءِ سندس اڳيان ٻه رستا اڀري آيا جن مان ھڪڙو رستو ھيو ته ھو پنھنجي ڌرتيءَ، ماڻھن جي جدوجھد سياست ۽ قلم جي جھاد تان ھٿ کڻي سماج کان لاتعلقي واري عياش زندگي گذاري ٻي صورت ۾ جيلن ويلن سورن سختين ۾ به وڙھندو رھي! سائين جي ايم سيد ان ٻن واٽن مان جيڪا واٽ طئه ڪئي اھا ھئي بغاوت ۽ جدوجھد واري جنھن سان ھن جي سامھون وقت جي حڪمرانن سختين جا انبار اُڀا ڪري کيس جيل موڪلڻ سان گڏ سندس قلم کي زنجيرن ۾ قيد ڪري، ڪيترن ئي ڪتابن تي پابنديون وجھي ڇڏيون پر تاريخ ۽ وقت جي انصاف سان اھي جابر حڪمران سيد جي آواز کي دٻائي ته نه سگھيا بلڪه دنيا ڏٺو ته ھن عظيم شخص جو آواز جدوجهد ۽ قلم ايترو ته طاقتور ٿي ويو جو سندس لکڻيون اڄ تائين دنيا جي وڏين وڏين يونيورسٽين ۾ نصاب طور پڙھايون پيون وڃن. سائين جي ايم سيد جي سياسي شخصيت سان گڏ سندس جيڪي ٻيو سگھارو پاسو آھي اھو آھي سندس ادبي شخصيت جو. ھن پنھنجي ادبي تخليقن ذريعي پوري سنڌي ادب سميت عالمي پاسن کان به پاڻ کي خوب مڃرايو. سائين جي ايم سيد جي سمورين لکڻين مان جيڪڏھن اسين صرف پغام لطيف ۽ جيئن ڏٺو آ مون تي ڳالھايون ته اسان کي سائين جي ايم سيد جا اھي ڪتاب ھڪ اھڙي تخليقي، ادب، سياست، مزاحمت جو مطالعو ڪرائن ٿا جن سان ڪيترن ئي رجعت پسند ڳالھين، مذھبي ڪٽر پڻي جي منھن تي چماٽ سان گڏوگڏ لطيفات کي درست معنيٰ ۾ قومي جدوجھد ۽ مزاحمت جي معنيٰ پڻ سمجهائيندي نظر اچن ٿا. سنڌي ادب ۾ جيڪڏھن لطيفات جي پاسي کان سائين جي ايم سيد کي ڏٺو وڃي ته پيغام لطيف سنڌي ادب جي تاريخ ۾ اھو پھريون ڪتاب آھي جنھن لطيف جي فڪر کي ڄڻ ته آسمان تان لاھي عقلي بنيادن تي زمين تي آڻي سامھون بيھاري رکيو ڇو ته اڳ ۾ لطيف کي صرف ھڪ پَڙن وارو ولي يا درويش سمجهو ويندو ھيو. سيد صاحب جي سمورن ڪتابن مان ٻي سندس جيڪا دلچسپ لکڻي آھي ته اھا آھي”جيئن ڏٺو آ مون“ ھي سيد جي ان دور ۾ ھڪ اھڙي جرئتمنداڻي تخليق ھئي جنھن سان سموري رجعت پسند ملائيت ڄڻ لرزي پئي ھئي ۽ اسان جي انهن اديبن تي به ھڪڙي تنقيد ھئي جيڪي ملائيت جي خوف کان پنهنجا علمي عقلي ادبي ۽ سائنسي بحث ڪمرن تائين محدود رکندا ھئا پر سائين جي ايم سيد ان دور ۾ اھڙو علمي ليک سامھون آڻي ڄڻ ھڪ انقلاب آڻي ڇڏيو جنھن کي سنڌ سميت دنيا جي ٻين ٻولين به سيني سان لائي ترجمو ڪري سيد جي ان لکڻي کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. سيد سنڌ ۽ سنڌي قوم جو ھڪ اھڙو عاشق ھيو جنھن جي ھر سوچ ويچار ۾ سنڌ وسندي ھئي ايتري قدر جو ھن جي ھر ڪتاب جي ھر موضوع ۾ ڪٿي نه ڪٿي سنڌ جي بقا بحاليءَ جو ذڪر ضرور ايندو ھيو. هُن پنھنجي فڪر سنڌ جي خوشحالي، خودمختياري، آزاديءَ ۾ ئي عالم انسانيت جو فڪر سمجهو ۽ ھن پنهنجي تحريرن ۽ تقريرن ۾ سنڌ جي تاريخ، تھذيب ۽ علم ادب کان ماڻھن کي واقف ڪيو. سيد پنهنجي سياست جو بنياد ئي سنڌ جي تعليم کي بنايو جو پاڻ پنهنجي سياسي تنظيم جو اعلان به شاگرد سياست کان شروع ڪيو ۽ سندس مقصد به اھو ھيو ته سنڌ جي بقا باهمي ۽ خوشحالي سنڌ جي پڙھيل لکيل نظرياتي نوجوانن جي شفاف سياست اخلاقيات مان ئي اڀرندي. پاڻ اھا ڳالهھ ورجائيندو رھندو ھئو ته اخلاقيات ئي ھڪ سٺي انقلابي ليڊر، ڪارڪن جو معراج آھي ڇو ته جنهن ماڻھوءَ ۾ شخصي اخلاق نه ھوندو ان مان سياسي اخلاق ۽ انقلاب جي توقع ڪرڻ اجائي آھي. اھو ھڪڙو فطري ۽ جدلياتي عمل آھي ته ھر شيءِ مستقل تبديليءَ مان گذري ٿي، ھر سادي ۽ پيچيده شيءِ ماضيءَ جي حيثيت ۾ اڳ کان وڌيڪ پيچده کان پيچيده ٿيڻي آھي. پر ڪو به امر ڪردار، امر نظريو، امر سوچ ڪنھن به دور ۾ مرڻي ناھي ڇو ته ھر دور جي ڏاھپ/ نظريو پنهنجي ھر ايندڙ ھمعصر دور جي واڌ ڪندو آھي. انڪري اسان جي قومپرست، سيڪيولر، سوشلسٽ دوستن کي به گھرجي ته سيد جھڙي عظيم درسگاھ مان تاريخ ۽ سياست جي اُڃ اجهائي سندس سياست ۽ ادب کي چاھ سان پڙھڻ سان گڏ سندس ڪيل تاريخ ساز پورهئي مان فائدو وٺي، زنجيرن ۾ قيد غلام ماڻھن جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪن. سائين جي ايم سيد بابت وڌيڪ ليک پڙھڻ لاءِ ھيٺ ڏنل لنڪ تي ڪلڪ ڪيو. سائين جي ايم سيد - ۲