Mbti, infj
Packaging design is the art of creating attractive and functional packaging that enhances a product's appeal and usability. It involves selecting materials, colors, and shapes that not only protect and preserve the product but also convey brand identity and appeal to consumers. Effective packaging design boosts shelf impact, ensures easy handling, and communicates key information, ultimately influencing buying decisions and brand perception.
Get this stock video and more royalty-free footage. 3D Trophy Lower Thirds . ✔️Best Price Guaranteed ✔️Simple licensing. Download Now ➡️
ماسٽر محمد ابراهيم ڪڇي لب ۽ لهجي وارو منفرد سنڌي ڪلاڪار ناصر مقصود گل سنڌي لغت موجب ’ڪڇ‘ لفظ جي معنى ’ماٿري‘، ’وادي‘ يا ’هيٺاهين زمين‘ آهي، ان ئي نالي سان ننڍي کنڊ ۾ سنڌ جي پاڙي ۾ عربي سمنڊ جي ڪناري تي هندوستان جو هڪ علائقو ’ڪڇ‘ پڻ موجود آهي، جنهن جون سرحدون سنڌ جي ڏکڻ-اوڀر سان لڳن ٿيون، محققن جو اهو خيال آهي ته اهو علائقو عربي سمنڊ جي ڪناري تي هڪ ماٿري هجڻ ڪري قديم زماني کان ’ڪڇ‘ جي نالي سان سڏجي ٿو. تاريخ جا ورق ان ڳالهه جا شاهد آهن ته سنڌ جا مارو ماڻهو، خاص ڪري لاڙي، ٿري، ڪاڇائي ۽ ڪڇي اڪثر ڏڪر وارين حالتن سان منهن ڏيندا رهيا آهن ۽ هر حالت ۾ محنت سندن شان ۽ مان رهندي آئي آهي. صدين کان ڪڇ جا ملاح، جهازرانن طور مشهور هئا. تاريخ ۾ ڪن هنڌن تي اهي به شاهديون ملن ٿيون ته ڪڇ جا محنت ڪش ڪڇي ايترا ته هوشيار ۽ جفاڪش هوندا هئا، جو سن ۱۷۰۲ع ڌاري ڪڇي ملاحن هڪ سامونڊي ٻيڙو بنا ڪنهن ٻاهرين مدد جي جوڙي تيار ڪيو، جيڪو ننڍي کنڊ کان ڪاميابيءَ سان انگلينڊ روانو ڪيو ويو. هي ته هيو ڪڇ سان وابسته محنتي ملاحن توڙي جان فشان جهاز رانن جو ذڪر، پر جيڪڏهن ڪڇ واري علائقي سان واڳيل سر جي سفر بابت کوجنا ڪبي ته ڪيترائي سريلا آواز هن خطي مان گونجندي ٻڌي سگھبا، انهن آوازن مان هڪ اهڙو آواز به آهي، جنهن پنهنجي منفرد انداز ۾ جڏهن ڀٽائي توڙي ٻين شاعرن جا ٻول ڳايا، ته هر ٻڌڻ واري پنهنجي من ۾ راحت محسوس ڪئي، اهو مٺڙو ۽ سدا حيات آواز ماسٽر محمد ابراهيم جو آهي. سنڌ جي سدا حيات ڪلاڪار ماسٽر محمد ابراهيم جا وڏا به اصل ڪڇ واري علائقي جا رهواسي هئا، پر ماسٽر محمد ابراهيم پاران ڏنل هڪ انٽرويو ۾ ان ڳالهه جو به پتو پوي ٿو ته سندس وڏا اصل عبرستان جا رهاڪو هئا، جيڪي بعد ۾ هجرت ڪري ’ڪڇ‘ ۾ اچي آباد ٿيا هئا. ماسٽر محمد ابراهيم جو جنم ڪڇ کان ۳۶ ميل ڏکڻ ۾ واقع ’سلايا‘ نالي ڳوٺ ۾ ۳۱ جون ۱۹۲۰ع تي ٿيو. سندس مادري زبان ڪڇي هئي. محمد ابراهيم جو جنم اهڙي خاندان ۾ ٿيو، جنهن خاندان ۾ تعليم جي وڏي اهميت هئي ۽ موسيقيءَ جو تصور ئي نه ڪيو ويندو هو. محمد ابراهيم جو والد احمد ڪڇي هڪ پڙهيل لکيل ڪامورو هو، جيڪو ريلوي کاتي ۾ اسٽيشن ماستر جي حيثيت سان ڪم ڪندو هو. ساڳئيءَ طرح محمد ابراهيم جو هڪ چاچو پوليس کاتي ۾ ايس. پي هو. سندس ٻيا چاچا ۽ مائٽ به چڱن عهدن تي فائز هئا، جنهنڪري محمد ابراهيم جي والد جي پڻ اها خواهش هئي ته سندس پٽ لکي پڙهي ڪو وڏو آفيسر ٿئي. محمد ابراهيم کي بنيادي تعليم لاءِ جڏهن اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو، تڏهن کان ئي سندس دل تعليم سان ڪانه ٿي لڳي، ڇاڪاڻ جو ننڍپڻ ۾ ئي سندس روح ۾ راڳ طرف رغبت پيوست ٿيل هئي، تنهنڪري هو اسڪول توڙي گھر ۾ اڪثر ويٺو جھونگاريندو رهندو هو. سندس استادن انهيءَ سموري حقيقت کان محمد ابراهيم جي والد کي شڪايتي نموني آگاهه ڪيو، جنهن تي سندس والد کي مٺيان لڳي ۽ محمد ابراهيم کي سختيءَ سان تعليم طرف توجهه ڏيڻ جي هدايت ڪئي. جڏهن ماسٽر محمد ابراهيم ڪجھه درجا پڙهي ورتا ۽ سندس والد ڏٺو ته سندس دل پڙهائيءَ سان ڪانه ٿي لڳي ته پوءِ مجبور ۽ مايوس ٿي، هنر جي سکيا ڏيارڻ لاءِ محمد ابراهيم کي پنهنجي هڪ واسطيدار سيٺ رگھومل ڏانهن بمبئي (هاڻوڪي ممبئي) طرف اماڻيائين، سيٺ رگھومل بمبئي توڙي ڀرپاسي ۾ قائم ڪيترين ئي ملن ۽ ڪارخانن جو مالڪ هو. ان زماني ۾ بمبئي سنڌ جو حصو هوندي هئي ۽ اتي ڪيتريون ئي ملون ۽ تربيت گاهون هيون، جتان تيار ڪيل مال اولهه جي ملڪن ڏانهن اماڻيو ويندو هو. محمد ابراهيم کي سيٺ رگهو مل پنهنجي گھر ۾ رهايو ۽ هڪ تربيت گاهه ’ڀاڪا ٽيڪنيڪل‘ ۾ داخل پڻ ڪرايو، جتي محمد ابراهيم ٽيڪنيڪل تربيت حاصل ڪندو رهيو. پر عجيب اتفاق اهو ٿيو، جو اهي ڏينهن ماسٽر محمد ابراهيم جي موسيقيءَ جي بنيادي تربيت لاءِ تمام ڪارائتا ثابت ٿيا، ڇاڪاڻ جو سيٺ رگھومل جي ڌيءَ ’سوشيلڊ ٺاڪر‘ کي راڳ سکڻ جو ڏاڍو شوق هو، تنهنڪري هڪ استاد ’نارائڻ رائو وياس‘ کيس راڳ جي تربيت ڏيڻ لاءِ سندن گھر ۾ ايندو هو. هيءُ اهو استاد هو، جيڪو ان وقت هند جي مشهور موسيقيءَ جي درسگاهه ’گانڌرو سنگيت مهاوديالا‘ ۾ شاگردن کي راڳ جي سکيا ڏيندو هو. محمد ابراهيم به موقعي جو فائدو وٺندي کانئس راڳ جي سکيا وٺڻ شروع ڪئي. پر ٿوري ئي عرصي ۾ اها خبر محمد ابراهيم جي پيءُ کي پئي، جنهن پنهنجي دوست سيٺ کي چوائي موڪليو ته سندس پٽ کي بمبئيءَ کان احمد آباد ڏانهن موڪليو وڃي. نتيجي ۾ ماسٽر محمد ابراهيم وڃي احمد آباد پهتو. احمدآباد کي هندن وٽ هڪ مذهبي حيثيت حاصل هئي، جيڪا هينئر به آهي، ڇاڪاڻ جو سومنات مندر احمدآباد جي ڀر ۾ ئي آهي. هي اهو زمانو هو، جڏهن هندو ڳائڻن جو تمام گھڻو عروج هوندو هو، سندن ڳائڻ جو انداز به منفرد هو، جنهن کي هو ’ڀڳتي‘ ڪوٺيندا هئا. انهن ڏينهن ۾ احمدآباد ۾ موسيقيءَ جو هڪ وڏو استاد رهندو هو، جنهن کي وقت جي سنگيتڪارن پاران ’پنڊت‘ جو لقب مليل هو، جيڪو اتفاق سان محمد ابراهيم جي بمبئيءَ واري استاد ’نارائڻ رائو وياس‘ جو ڀاءُ هو. تنهنڪري ماسٽر محمد ابراهيم قسمت آزمائيندي پنهنجي پهرين استاد ’نارائڻ رائو وياس‘ جي معرفت پنهنجي ٻئي استاد سان وڃي مليو، جنهن پنهنجي ڀاءُ جو نالو ۽ حوالو ٻڌي مٿس شفقت جو هٿ رکيو، اهڙي نموني ماسٽر محمد ابراهيم کي راڳ جي سکيا جو سلسلو جاري رکڻ ۾ ڪنهن به قسم جي رنڊڪ ڪانه ٿي ۽ هتي به کيس موسيقيءَ جي اهڙي ئي سکيا ملندي رهي، جهڙي هو ان کان اڳ بمبئيءَ ۾ وٺي چڪو هو. ٻئي طرف احمد آباد ۾ به ساڳئي قسم جي تربيت گاهه ۾ ٽيڪنيڪل تربيت جي سکيا لاءِ داخلا ورتائين، اهڙيءَ ريت جيترو عرصو ٽيڪنيڪل تربيت حاصل ڪيائين، اوترو ئي عرصو راڳ ڳائڻ جي تربيت پڻ حاصل ڪندو رهيو. ماسٽر محمد ابراهيم احمدآباد مان موٽي وڃي پنهنجن مائٽن وٽ پهتو، پر ستت ئي ۱۹۴۶ع ڌاري سندس والد وفات ڪري ويو ۽ هو پنهنجي پيءُ جي رحلت کانپوءِ ڪڇ کان ڪراچيءَ لڏي آيو، جتي کيس بحريه جي هڪ ڪمپني ’محمد الاحمدي‘ ۾ پاڻيءَ وارن جهازن جي ميڪينڪل انجنيئر طور ملازمت ملي، جتان کيس ساڍا ڇهه سو روپيا ماهوار پگھار ملڻ لڳي، جيڪا هڪ ڪٽنب جي ڪفالت جي لاءِ ان وقت ۾ ڪافي هوندي هئي. اڳتي هلي ورهاڱي کان بعد ۱۹۴۸ع ۾ جڏهن ريڊيو ڪراچيءَ جو قيام عمل ۾ آيو، تڏهن ريڊيو تي محمد ابراهيم پنهنجي قسمت آزمائڻ جي خاطر آڊيشن ڏيڻ آيو، جنهن آڊيشن ۾ ننڍي کنڊ جي معتبر ۽ سگھاري براڊڪاسٽر زيڊ اي بخاريءَ (ذوالفقار علي بخاري) کيس ڪامياب قرار ڏنو، جنهن سوڀ ماڻڻ بعد محمد ابراهيم نه فقط ريڊيو تي هڪ ايپرووڊ آرٽسٽ طور ڪامياب ٿيو، پر ريڊيو ڪراچيءَ تي کيس موسيقيءَ جي شعبي ۾ مستقل ملازم طور پڻ مقرر ڪيو ويو، جنهنڪري هن سامونڊي جهازن جي ميڪينڪل انجنيئر جهڙي نوڪري به ڇڏي ڏني. ماسٽر محمد ابراهيم جيئن ته فطري طور تي راڳ جو عاشق هو، جنهن جي هن تربيت به حاصل ڪئي هئي، تنهنڪري ڪراچيءَ ۾ ملازمت دوران هو انهيءَ تلاش ۾ هو ته کيس ڪا اهڙي سنگت ملي، جنهن سان سندس موسيقيءَ واري شوق جو پورائو به ٿي سگھي. انهن ڏينهن ۾ سندس ملاقات محمد جمن هالي سان ٿي، جيڪو هڪ نامياري شاعر هجڻ سان گڏ راڳ ٻڌڻ جو شوقين پڻ هو، سندس گھر جي هيٺان هڪ اوطاق هوندي هئي، جتي راڳ جون محفلون ٿينديون رهنديون هيون. اتي ساز به رکيل هوندا هئا ۽ وڏا وڏا فنڪار ايندا ويندا هئا. پنهنجي روح کي ريجھائڻ لاءِ محمد ابراهيم به اتي ايندو رهندو هو. ۱۹۵۵ع ۾ جڏهن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو افتتاح ٿيو، تڏهن کيس حيدرآباد ريڊئي تي ميوزڪ ڪمپوزر جي حيثيت سان مقرر ڪيو ويو. اها هڪ لڪل حقيقت آهي ته ماسٽر محمد ابراهيم پنهنجي موسيقيءَ واري ڪيريئر جي شروعات ۾ اردو، گجراتي ۽ ڪڇيءَ ۾ ڳائيندو هو، ڇاڪاڻ جو سندس مادري ٻولي ڪڇي هئي، ان ڪري شروعات ۾ کيس سنڌي تمام گھٽ ايندي هئي. پوءِ پنهنجي جهازن واري ڪمپنيءَ ۾ ملازمت دؤران ڪراچيءَ ۾ ڪياماڙيءَ جي آس پاس سنڌي وسندين ۾ سنڌين سان ملڻ جلڻ سبب ڀرپور محنت ڪري سنڌي سکيو ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڳائڻ شروع ڪيائين ۽ پنهنجي منفرد انداز سبب جلد ٻڌندڙن ۾ پسنديدگي حاصل ڪري ورتائين. محمد ابراهيم سنڌيءَ سان گڏ اردو ۽ فارسي ٻولين ۾ به ڪلام چوندو هو. سندس گائيڪيءَ جو اهو اصول هوندو هو، ته پاڻ جنهن به شاعر جو ڪلام چوندو هو ته موضوع جي مناسبت سان ان ڪلام جي شروع توڙي وچ ۾ بيت به انهيءَ شاعر جا چوندو هو. سندس حافظو انتهائي سٺو هوندو هو، جو سڄي سڄي رات محفل ۾ بنا ڪنهن لکيل تحرير يا بنا ڪنهن ڊائري وغيره جي ياد ڳائيندو هو. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو هڪ وڏو تعداد کيس ياد هوندو هو، اهو ئي سبب آهي جو هن شاهه سائين جي ڪلام کي گھڻو ڳايو. پوءِ سچل، سامي، حمل، بيدل، علامه اقبال، وارث شاهه، بابا بلي شاهه، خواجه غلام فريد، حافظ جامي، سعدي، غالب، ميران ٻائي، مصري شاهه، طالب المولى ۽ محمد جمن هالي جي بيتن، واين، ڪافين، گيتن ۽ غزلن کي جڏهن به ڳايو ته ٻڌندڙن جي من کي موهي وڌائين. محمد ابراهيم سنڌي فلمن ۾ پسِ پرده ڳائيندڙ مقبول ڪلاڪار پڻ رهيو هن جن فلمن جا گيت ڳايا، انهن مان ڪجھه مشهور فلمن ۾ عمر مارئي، سسئي پنهون، پرديسي، مارو، پرائي زمين ۽ تنهنجون ڳالهيون سڄڻ ۽ ٻيون ڪيتريون ئي مشهور فلمون شامل آهن. آگسٽ ۱۹۵۱ع ۾ موسيقار احمد علي چاگلا پاڪستان جي قومي تراني جي ڌن ٺاهي ۽ تراني جي ريڪارڊنگ جي ڪورس جي لاءِ جن آوازن جي چونڊ ڪئي ته انهن آوازن ۾ محمد ابراهيم جو آواز پڻ شامل هو، اهڙي طرح محمد ابراهيم اهو واحد سنڌي ڪلاڪار هو، جنهن جو آواز پاڪستان جي قومي تراني جي پهرين سرڪاري ريڪارڊنگ لاءِ چونڊيو ويو، اهو ترانو ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ ۾ ريڪارڊ ٿيو ۽ اها قديم ريڪارڊنگ اڄ تائين پاڪستان ٽيلي ويزن ۽ ريڊيو پاڪستان جي هر اسٽيشن تان روزاني نشريات جي آخر ۾ نشر ٿيندي آهي. محمد ابراهيم پنهنجو فن پنهنجي ڪيترن ئي شاگردن تائين منتقل پڻ ڪيو، سندس شاگردن ۾ روبينا قريشي، سشيلا مهتاڻي، عبدالله پنهور، عبدالله ڪڇي، فقير امير بخش، جيجي زرينه بلوچ ۽ احمد ابراهيم قابلِ ذڪر آهن. ماسٽر محمد ابراهيم انتهائي سادو گذاريندو هو ۽ سادو هنڊائيندو هو. اخلاقي طور تي ايتريقدر مضبوط هوندو هو، جو اڄ سوڌو ڪنهنجي واتان سندس ڪا گلا يا غيبت ٻڌڻ ۾ نه آئي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو هو، جو راڳ جي محفل کان علاوه دوستن جي نجي ڪچهريءَ ۾ سنگت پاران کيس ڪلام ٻڌائڻ لاءِ چيو ويندو هو ۽ جيڪڏهن اتي ساز وغيره موجود ڪونه هوندا هئا ته ماچيس جي دٻيءَ تي آڱرين کي حرڪت ڏئي، ان مان ڦٽندڙ رڌم تي ئي ٻه ڪلام جھونگاري به ٻڌندڙن جي دل رکندو هو. محمد ابراهيم سنڌ جي راڳ کي دنيا ٻين ملڪن ۾ به روشناس ڪرايو، پاڪستان کان سواءِ هندستان، بنگلاديش ۽ ٻين ملڪن ۾ به فن جو مظاهرو ڪيائين. ماسٽر محمد ابراهيم ۳ مئي ۱۹۷۷ع تي هيءُ فاني جهان ڇڏي، وڃي پنهنجي مالڪ حقيقيءَ سان مليو، سندس وفات سان هڪ عظيم فنڪار کان سنڌ واسي محروم ٿي ويا. سندس اهو خال سالن گذرڻ بعد به اڄ تائين محسوس ڪيو پيو وڃي. سندس پڄاڻان سندس هڪ پٽ احمد ابراهيم پنهنجي پيءُ جي ورثي کي عملي طور اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي، مگر موت کيس اجازت نه ڏني. سندس ٻيو پٽ نور محمد بالا آهي، جيڪو راڳ طرف مائل نه آهي، البته ٿوري گھڻي شاعري يا نثر لکندو آهي. محمد ابراهيم جي گائيڪيءَ جو انداز سنڌي موسيقيءَ جي هڪ اهم ۽ منفرد ’مڪتبه فڪر‘ جي حيثيت سان سڃاتو وڃي ٿو، خدا پنهنجي رحمت ۾محمد ابراهيم کي جاءِ ڏي. (اڄ ماسٽر محمد ابراهيم جي ۳۸هين ورسي آهي) استاد محمد ابراهيم سُر ۽ سنگيت جو بادشاهه محمد سليمان وساڻ اڄوڪي ڏينهن ۳ مئي تي سنڌ جي ڪلاسيڪل ڳائڻي استاد محمد ابراهيم جي ورسي آهي۔ موسيقي جي دنيا جي سريلي ڳائڻي استاد محمد ابراهيم جي پيدائش احمد ڪڇي جي گهر ۾ ۱۹۲۰ع ۾ ٿي. سندس پيدائش جي جڳهه هندستان جي علائقي ڪڇ جي راڄڌاني ڀُڄ کان ڇٽيهه ميل ڏکڻ توناهاربر پورٽ ويجهو ڳوٺ سيلايا آهي. ننڍپڻ کان ئي ڳائڻ جو شوق رکندڙ استاد محمد ابراهيم اسڪول جي زماني ۾ اسيمبلي ۾ پڙجهندڙ پرارٿا (دعا) جي اڳواڻي ڪندو هو ۽ هن جي راڳ سان دل لڳي وئي ۽ پڙهڻ تان شوق کڄي ويو. سندس ڳائڻ تي گهر وارن کي اعتراض هوندو هو. موسيقي جي شوق ۾ کيس گهر ڇڏڻو پيو ۽ ڳائڻ جي چڪر ۾ هن جو مڱڻو به ٽٽي ويو. پاڻ هندستان ۾ ناليوارن راڳين کان راڳ جي سکيا ورتي. ۱۹۴۶ع ۾ والد جي وفات کانپوءِ هو هندستان کان ڪراچي آيو ۽ هتي به ڳائڻ وڄائڻ جو سلسلو جاري رکيو. ڪراچي ۾ نيوي جهازن ۾ مڪينڪ جي نوڪري ملي پر اها به ڳائڻ جي ڪري وڃائي ويٺو. ڇو جو هي اڪثر ڪري ڳائڻ ۾ مگن رهندو هو. آخرڪار ڳائڻ جي ڪري برادري وارن به هن کي الڳ ڪري ڇڏيو. پر هن پنهنجو شوق نه ڇڏيو ۽ آخر تائين شوق سان سلهاڙيل رهيو. ڪراچي ۾ هو پهريان ڪڇي ۾ ڳائيندو هو پر پوءِ هن سنڌي سکي ورتي ۽ هو سنڌي، اردو. ڪڇي ۽ گجراتي ۾ ڳائڻ لڳو. ۱۹۴۸ع ۾ ريڊيو ڪراچي جو بنياد پيو ته هي به اتان جي بنيادي ڳائڻن ۾ شامل ٿيو. ۱۹۵۵ع ۾ جڏهن ريڊيو حيدرآباد جي شروعات ٿي ته استاد محمد ابراهيم کي به اوڏانهن ڪمپوزر طور بدلي ڪيو ويو ۽ ريڊيو حيدرآباد تان پهرين فنڪار جو آواز سندس ئي هيو. سنڌي سنگيت يونيورسٽي جو خطاب ماڻيندڙ ۽ ننڍي کنڊ جو سدا حيات فنڪار ۽ امر موسيقار ماسٽر محمد ابراهيم سنگيت سان لاڳاپيل فنڪارن، توڙي سنڌي شاعرن ۽ شاهه عبداللطيف جي شاعري کي جهر جهنگ تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن هزارين ڪلامن جون ڌنون ڪمپوز ڪيون، نه صرف اهو پر پاڻ سنڌي فلمن ۾ ڳائيندڙ پهريون سنڌي فنڪار پڻ هيو. سندن مشهور فلمن ۾ عمر مارئي، سسئي پنهون، پرديسي، مارو، پرائي زمين ۽ تنهنجون ڳالهيون سڄڻ شامل آهن. محمد ابراهيم واحد راڳي هو جيڪو شاهه جو ڪلام ڳائڻ کان اڳ ۽ پوءِ ڏوهيڙا چوندو هو. پاڻ ڪورس، دوگانا ۽ سولو گيت ڳائڻ ۾وڏي مهارت رکندڙ هو. استاد محمد ابراهيم پهريون سنڌي راڳي هو جنهن جو آواز پاڪستان جي قومي تراني ۾ شامل آهي، شاهه عبداللطيف، سچل، سامي، بابا فريد، غالب، ڪبير، حمل فقير، رکيل شاهه، طالب المولا ۽ ٻين ڪيترن ئي شاعرن کي ڳايو. سندس ۱۶ آڊيو ڪيسٽ اڄ به مارڪيٽ ۾ موجود آهن. پاڻ اسٽيج، ريڊيو، ٽي وي، فلم ۽ گرافون تي آخري وقت تائين ڳائيندو رهيو. سنڌي راڳين ۾ استاد محمد ابراهيم واحد راڳي هو جنهن وڌ کان وڌ شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي ڳايو آهي. موسيقي جو هي سدا بهار آواز ۳ مئي ۱۹۷۲ع تي اسان کان هميشه لاءِ موڪلائي ويو. پاڻ پاڪستان کان سواءِ هندستان، بنگلاديش ۽ ٻين ملڪن ۾ فن جو مظاهرو ڪيو، محمد ابراهيم اردو، سنڌي، گجراتي، ڪڇي، پنجابي، بلوچي، پشتو ۽ سرائيڪي ۾ ڳايو جڏهن ته حمد، نعت، مرثيو، ڪافي، وائي، گيت، غزل ۽ نظم وغيره پڻ ڳايا آهن. شاهه سائين جي رسالي ۾ پيش ڪيل لوڪ قصن کي خوبصورتي سان ڳائي خاص مقبوليت حاصل ڪين. استاد محمد ابراهيم شاگردي ۾ سڀ کان وڌيڪ عورتن کي راڳ جي دنيا ۾ متعارف ڪرايو، انهن ۾ ڪيترن ئي عورتن کي هن راڳ جي سکيا ڏني. جنهن ۾ روبينه قريشي، زرينه بلوچ، سوشيلا مهتاڻي، امينه، شيلا مهتلاڻي، نور بانو، طاهرا شيخ، رقيه خانم، غزاله بلقيس، فرح جوڻيجو، شهنيلا قريشي، زيب النساءَ، حميده جوڻيجو جڏهن ته مردن ۾ عبدالله ڪڇي، فقير عبدالغفور، عبدالله پنهور، سيد لطيف شاهه، احمد ابراهيم، مولا بخش لاسي، ابراهيم رايو، احمد علي، ماسٽر جان عبدالرشيد ۽ ٻيا شامل آهن. ماسٽر محمد ابراهيم سنڌ جو نه وسرندڙ راڳي حميد ڀٽو سنڌ ۾ هزارين راڳ جي راڻن توڙي راڻين سنڌ جي راڳ کي هميشه زندهه رکيو آهي، اهڙن ئي راڳ جي راڻن ۾ استاد محمد ابراهيم پڻ هڪ آهي، جنهن سنڌ جي راڳ کي پنهنجي منفرد ڳائڪي سبب سموري دنيا ۾ راڳ وسيلي سنڌ جو ڳاٽ اوچو رکيو آهي، هو ڪو خانداني ميراثي يا گويو نه هيو، جنهن پنهنجي خاندان سان راڳ جي ڪري ڪيتريون ئي بغاوتون ڪري سنڌ جو اهو گويو ثابت ٿيو جيڪو سنڌ جي وڏن وڏن گوين کان به وڏو گويو بڻجندي سنڌ کي سوين ٻيا اهڙا فنڪار به ڏنا جن جو ميراثي خاندانن سان ڪوبه تعلق نه هيو. اهڙو ئي امر راڳي استاد محمد ابراهيم ۳۱ جون ۱۹۲۰ع ۾ مانڊوي جي ڳوٺ سلايا ڪڇ ۾ احمد ڪڇي جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس والد احمد ڪڇي ٽونا هاربر ريلوي اسٽيشن تي اسٽيشن ماسٽرطور پنهنجون خدمتون سر انجام ڏئي رهيو هو. احمد ڪڇي جي وڏڙن جو اصل تعلق عربستان سان هو، جيڪي عربستان کان هجرت ڪري ’ڪڇ‘ جي علائقي ۾ اچي آباد ٿيا هئا. ماسٽر محمد ابراهيم جي مادري ٻولي ڪڇي هئي. محمد ابراهيم جو خاندان تعليم جي اهميت کان بخوبي واقف هو ۽ ان خاندان ۾ گائڪي جو ڪوبه تصور نه هو. اهڙيءَ طرح سان محمد ابراهيم جو چاچو پوليس کاتي ۾ ملازم هو، ان ڪري محمد ابراهيم جي والد جي خواهش هئي ته سندس پٽ لکي پڙهي وڏو آفيسر بڻجي، اهڙي خيال تحت محمد ابراهيم کي بنيادي تعليم لاءِ اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو پر تعليم سان دل نه لڳس، کيس ننڍپڻ ۾ ئي راڳ سان عشق ظاهر ٿي رهيو هو جنهن ڪري هو اسڪول توڙي گھر ۾ اڪثر جھونگاريندو رهندو هو. محمد ابراهيم جي اهڙي صورتحال بابت سندس استادن محمد ابراهيم جي والد کي آگاهه ڪيو، جنهن تي سندس والد پريشان ٿيو ۽ کيس تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سخت هدايت ڪئي ، جنهن جي نتيجي ۾ هن ابتدائي تعليم حاصل ڪئي. محمد ابراهيم جي والد جڏهن ڏٺو ته سندس پٽ جي تعليم سان دل ئي نه ٿي لڳي ته هن کيس هنر سيکارڻ لاءِ ممبئي، هندستان ۾ موجود پنهنجي صنعتڪار دوست رگهو ناٿ ڏانهن موڪلي ڏنو ته جيئن هو مڪينڪ جو ڪم سکي سگهي جڏهن ته ممبئي ۾ سيٺ رگهو مل استاد ابراهيم کي پنهنجي گھر ۾ رهايو ۽ هڪ تربيت گاهه ’ڀاڪا ٽيڪنيڪل‘ ۾ داخلا وٺي ڏني جتي محمد ابراهيم فني سکيا وٺڻ لڳو . انهن ڏينهن ۾ سيٺ رگھومل جي ڌيءَ ’سوشيلا ٺاڪر‘ کي راڳ سکڻ جو ڏاڍو شوق هو، تنهنڪري هڪ استاد ’نارائڻ رائو وياس‘ کيس راڳ جي تربيت ڏيڻ لاءِ سندن گھر ايندو هو جنهن مان فائدو حاصل ڪندي محمد ابراهيم کانئس راڳ جي سکيا حاصل ڪرڻ لڳو، اهڙي صورتحال جي کڙڪ پوڻ بعد محمد ابراهيم جي والد پنهنجي دوست کي نياپو ڪيو ته سندس پٽ کي بمبئيءَ کان احمد آباد موڪليو وڃي، اهڙي طرح سان محمد ابراهيم احمد آباد پهتو، جتي موسيقيءَ جو هڪ وڏو استاد رهندو هوجنهن کي راڳ جو پنڊت سڏيو ويندو هو جيڪو ’نارائڻ رائو وياس‘ جو ڀاءُ هو، جنهن سبب ماسٽر محمد ابراهيم پنهنجي پهرين استاد ’نارائڻ رائو وياس‘ جي معرفت سان ملاقات ڪئي، جنهن پنهنجي ڀاءُ جو شاگرد هجڻ سبب کيس پنهنجي شاگرديءَ ۾ ورتو. جتي هن راڳ جي سکيا وٺڻ شروع ڪئي جنهن بابت سندس والد کي خبر پئي ته هو صدمي ۾ بيمار ٿي پيو. ماسٽر محمد ابراهيم پنهنجي والد جي بيماريءَ جو ٻڌي احمدآباد پهتو تنهن کان اڳ ۱۹۴۶ع ڌاري گذاري ويو.اهڙي صدمي سهڻ کان پوءِ محمد ابراهيم پنهنجي ڪٽنب سميت ڪڇ مان لڏي ڪراچيءَ پهتو، جتي پيٽ جي گذر سفر لاءِ بحريه جي هڪ ڪمپني ’محمد الاحمدي‘ ۾ پاڻيءَجي جهازن تي ملازمت ڪئي. برصغير جي ورهاڱي بعد ۱۹۴۸ع ۾ ريڊيو ڪراچيءَ جو بنياد وجهڻ بعد محمد ابراهيم پنهنجي قسمت آزمائي ڪندي آڊيشن ڏنو جنهن ۾ ننڍي کنڊ جي معتبر ۽ سگھاري براڊڪاسٽر زيڊ . اي بخاريءَ (ذوالفقار علي بخاري) کيس ڪامياب قرار ڏيندي نوڪري ڏني. ڪراچي ريڊيو تي ملازمت دوران سندس ملاقات شاعر محمد جمن هالي سان ٿي، ان جي گھر جي هيٺان اوطاق ۾ راڳ جون محفلون ٿينديون هيون جتي ان وقت جا وڏا وڏا فنڪار محفلون مچائيندا هئا اتي محمد ابراهيم به انهن فنڪارن سان گڏجي محفلن ۾ ڳائيندو وڄائيندو رهيو. اهڙي طرح سان ۱۹۵۵ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو افتتاح ٿيو ته سندس ميوزڪ ڪمپوزر طور مقرري ڪئي وئي ۽ ڪراچي کي خيرآباد ڪندي ڪافي عرصو حيدر آباد ۾ سڪونت پذير ٿيو. محمد ابراهيم پنهنجي ڳائڻ جي شروعات ۾ اردو، گجراتي ۽ ڪڇي ٻولين سان ڪئي. ان ڪري جو سندس مادري ٻولي ڪڇي هئي، جنهن بعد ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ رهڻ کان پوءِ سنڌي ڳائڻ سميت سنڌي ٻولي پڻ سکندو رهيو، پنهنجي جهازن واري نوڪري دوران ڪراچيءَ جي ڪياماڙيءَ واري علائقي ۾ رهائش سبب هن اتي رهندڙ سنڌين توڙي بلوچن سان دوستين سبب سنڌي ٻولي کي سمجهڻ ۽ ڳالهائڻ جي شروعات ڪئي. ريڊيو حيدرآباد تي جڏهن سنڌيءَ ۾ ڪلام ڳائڻ شروع ڪيا ۽ پذيرائي ملڻ بعد سنڌي ڳائڻ واري فن ۾ مهارت حاصل ڪندو رهيو سندس گائيڪيءَ جو اهو اصول هوندو هو ته هو جنهن به شاعر جو ڪلام ڳائيندو هو ته ان جي شروعات توڙي وچ ۾ بيت به انهيءَ شاعر جا اچاريندو هو، سندس حافظو تمام گهڻو بهتر هوندو هو جنهن ڪري هو محفلن ۾ بنا ڪنهن لکيل تحرير جي ڪلام کي ياد ڳائيندو هو، کيس شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو تمام وڏو حصو ياد هوندو هو، اهڙي طرح سان هن حضرت سچل سرمست، سامي، حمل، بيدل، علامه اقبال، وارث شاهه، بابا بلي شاهه، خواجه غلام فريد، حافظ، جامي، سعدي، غالب، ميران ٻائي، مصري شاهه، طالب المولى ۽ محمد جمن هالي جي بيتن، واين، ڪافين، گيتن ۽ غزلن کي جڏهن به ڳايو ته ٻڌندڙن کي پنهنجي ڳائڪي ۾ جڪڙي ڇڏيندو هو. اهڙي طرح محمد ابراهيم سنڌي فلمن جي بيڪ گرائونڊ موسيقي ڏني. هن جي مشهور فلمن ۾ عمر مارئي، سسئي پنهون، پرديسي، مارو، پرائي زمين ۽ تنهنجون ڳالهيون سڄڻ ۽ ٻيون ڪيتريون ئي فلمون شامل آهن جن ۾ فن موسيقي کي ترتيب ڏنو ۽ فلمي گيت ڳايا. ان زماني ۾ آگسٽ ۱۹۵۱ع ۾ موسيقار احمد علي چاگلا پاڪستان جي قومي تراني جي ڌن ٺاهي ۽ تراني جي ريڪارڊنگ جي ڪورس جي لاءِ جن آوازن جي چونڊ ڪئي ته انهن آوازن ۾ محمد ابراهيم جو آواز پڻ شامل آهي، اهڙي طرح محمد ابراهيم اهو واحد سنڌي راڳي هو، جنهن جي آواز کي پاڪستان جي قومي تراني جي پهرين سرڪاري ريڪارڊنگ لاءِ چونڊيو ويو، جيڪو ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ ۾ ريڪارڊ ڪيو ويو هو، محمد ابراهيم انهيءَ دوران سنڌ جي ڪيترن ئي ان وقت جي راڳ جي شوقينن کي پنهنجي شاگرديءَ ۾ ورتو انهن ۾ روبينا قريشي، سوشيلا مهتاڻي، استاد عبدالله پنهور، عبدالله ڪڇي، فقير امير بخش، جيجي زرينه بلوچ ۽ احمد ابراهيم، امينه، شيلا مهتلاڻي، نوربانو، طاهرا شيخ، رقيا خانم، غزالا بلقيس، فرح جوڻيجو، شهنيلا قريشي، زيب النساءَ، حميدا جوڻيجو، سيد لطيف شاهه، مولا بخش لاسي، ابراهيم رايو، احمد علي، ماسٽر جان عبدالرشيد ۽ ٻيا سوين فنڪار شامل آهن جن راڳ جي سکيا وٺي سنڌي فن جي تمام گهڻي خدمت ڪئي. محمد ابراهيم پاڪستان کان علاوه انڊيا ۽ بنگلاديش سميت ٻين ملڪن ۾ فن جو مظاهرو ڪيو. کيس قدرت فن سان مالا مال ڪيو هو، جنهن ڪري فني دنيا ۾ تمام گهڻي پذرائي ملندي رهي. ماسٽر محمد ابراهيم هزارن جي تعداد ۾ نغما ڳايا ۽ ڪمپوز ڪيا. هن شاعريءَ جي هر صنف جهڙوڪ، حمد، نعت، منقبت، مرثيو، ڪافي وائي، گيت، غزل ۽ نظم وغيره ڳايا آهن. وطن جا نغما، ٻارڙن لاءِ گيت، لوڪ گيت، لوڪ داستان ۽ فلمي نغما به ڳايا جڏهن ته صوفي شاعرن کان وٺي جديد شاعرن تائين جي شاعري ڳائي. هن جن سنڌي فلمن جا نغما ڳايا هُن ريڊيي، ٽي ويءَ، گرامو فون ۽ ڪيسٽ جي دنيا ۾ به پاڻ مڃايو ۽ ٽي ويءَ تي ڪمپوزر جي حيثيت سان ڪم ڪيو. هن ڀٽائي رح جي بيتن کي اصلي شڪل ۾ ڳائي لطيف سرڪار جي پيغام کي گهر گهر پهچايو جڏهن ته ان کان اڳ جا فنڪار شاهه سائين جي ڪلام کي صحيح نموني سان نه ڳائي سگهندا هئا. محمد ابراهيم پنهنجي رنگ سان ڪافي يا نغمي جي ابتدا ۽ وچ ۾ بيتن (ڏوهيڙن) چوڻ جو رواج عام جام ڪيو. ماسٽر محمد ابراهيم سڀ کان گهڻو لطيف سرڪار جي ڪلام کي ڳايو آهي، هن جي شهرت ۽ سڃاڻپ جو ڪلام بڻيو سو هو (ايندو سڄڻ سائين الا منهنجو ايندو ڍولڻ سائين) جنهن جو شاعر پڻ شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح آهي، محمد ابراهيم جي آواز ۾ درد ۽ سوز سمايل هوندو هو. محمد ابراهيم جو پهريون مقبول ڪلام “ايندو سڄڻ سائين، الا منهنجو ايندو ڍولڻ سائين” آهي. محمد ابراهيم جي گهر واري جو نالو خديجا هو، جنهن مان کيس ۴ نياڻيون ۽ ۲ پٽ آهن، سندس هڪ پٽ نور محمد بالا شاعر ۽ استاد آهي ۽ ٻيو پٽ محمد صديق احمد جيڪو احمد ابراهيم جي نالي سان راڳي طور پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي چڪو آهي. محمد ابراهيم جي ڳائڻ سان تمام گهڻي دلچسپي هئي جنهن ڪري ئي پوليس کاتي ۾ ڪم ڪندڙ سندس چاچي پنهنجي نياڻيءَ جو محمد ابراهيم سان ٿيل مڻو اهو چئي ٽوڙي ڇڏيو ته آءَ پنهنجي نياڻي ڳائڻي کي نه ڏيندس، تنهن هوندي به محمد ابراهيم ڳائڻ واري شوق کي نه ڇڏيو. جڏهن ته سندس خاندان ۾ راڳ ڳائڻ کي عيب سمجهو ويندو هو. محمد جمن پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي اها وصيعت ڪئي هئي ته هو جڏهن گذاري وڃي ته سندس قبر تي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جو هي بيت لکرائجو، اهڙي سندس وصيت تي خاندان پاران عمل ڪندي ڀٽائي سائين جو هيٺيون بيت لکرايو ويو. جا ڀونءِ پيرن مون، سا ڀونءِ مٿي سڄڻين، ڌگ لٽبا ڌوڙ ۾، اڀي ڏٺاسون، ڏينهن مڙوئي ڏون، اٿي لوچ لطيف چئي. زندگي جي آخر تائين هو فن جي خدمت ڪندو رهيو، وفات کان اڳ ڊگهو عرصو بيمار ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ماسٽر محمد ابراهيم ۳ مئي ۱۹۷۷ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو، سندس آخري آرام گاهه ميوي شاهه قبرستان ۾ آهي. اڄ سنڌ جي ڪلاسيڪل ڳائڻي استاد محمد ابراهيم جي ورسي آهي. سموري سنڌ کيس عقيدت ڀريو سلام پيش ڪري ٿي. استاد محمد ابراهيم استاد محمد ابراهيم جي پيدائش، احمد ڪڇي جي گهر ۾ ۱۹۲۰ع ڌاران گڏيل هندستان جي علائقي ڪڇ ڀُڄ کان ڇٽيهه ميل ڏکڻ، توناهاربر پورٽ ويجهو ڳوٺ سيلايا ۾ ٿي. ٻاروتڻ کان ئي ڳائڻ جو شوق رکندڙ استاد محمد ابراهيم اسڪولي زماني ۾ اسيمبليءَ دوران شاگردن پاران پڙهي ويندڙ ”دعا“ ۾ ٻارن جي اڳواڻي ڪندو هو. سندس ڳائڻ تي گهر وارن کي اعتراض هوندو هو. موسيقي جي شوق ۾ کيس گهر ڇڏڻو پيو ۽ ڳائڻ جي چڪر ۾ هن جو مڱڻو به ٽٽو، پر هُن هندستان ۾ ناليوارن راڳين کان راڳ جي سکيا وٺندو رهيو. ۱۹۴۶ع ۾ والد جي وفات کانپوءِ هُو هندستان کان ڪراچي آيو ۽ هتي به ڳائڻ وڄائڻ جو سلسلو جاري رکيائين. ڪراچيءَ ۾ نيوي جهازن ۾ مڪينڪ جي نوڪري مليس پر اها به ڳائڻ جي ڪري وڃائي ويٺو. هُو اڪثر ڳائڻ ۾ مگن رهندو هو.. آخرڪار ڳائڻ جي ڪري برادري وارن به هن کي الڳ ڪري ڇڏيو.. پر هن پنهنجو شوق نه ڇڏيو ۽ آخر تائين شوق سان سلهاڙيل رهيو. ڪراچي ۾ هُو پهريان ڪڇي زبان ۾ ڳائيندو هو پر پوء هن سنڌي سکي ورتي ۽ هو سنڌي، اردو، ڪڇي ۽ گجراتي زبانن ۾ ڳائڻ لڳو. ۱۹۴۸ع ۾ ريڊيو ڪراچي جو بنياد پيو ته هي به اتان جي بنيادي ڳائڻن ۾ شامل ٿيو. ۱۹۵۵ع ۾ جڏهن ريڊيو حيدرآباد جي شروعات ٿي ته استاد محمد ابراهيم کي به اوڏانهن ڪمپوزر طور بدلي ڪيو ويو ۽ ريڊيو حيدرآباد تان پهرين فنڪار جو آواز سندس ئي هيو. ”سنڌي سنگيت جي يونيورسٽيءَ“ جو خطاب ماڻيندڙ، برصغير جو سداحيات فنڪار، موسيقار ماسٽر محمد ابراهيم سنگيت سان لاڳاپيل فنڪارن، توڙي سنڌ جي شاعرن ۽ خاص ڪري حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام کي جهر جهنگ تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو رهيو. هن هزارين ڪلامن جون ڌنون ڪمپوز ڪيون، نه صرف ايترو پر پاڻ سنڌي فلمن ۾ پلي بيڪ طور ڳائيندڙ پهريون ڪلاڪار پڻ هيو. جن فلمن لاءِ هن ڳايو تن ۾ عمر مارئي، سسئي پنهون، پرديسي، مارو، پرائي زمين ۽ تنهنجون ڳالهيون سڄڻ شامل آهن. محمد ابراهيم ڪورس، دوگانا ۽ سولو گيت ڳائڻ ۾وڏي مهارت رکندڙ راڳي هو. استاد محمد ابراهيم پهريون سنڌي راڳي هو، جنهن جو آواز پاڪستان جي قومي تراني ۾ شامل آهي، هُن شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، سامي، بابا فريد، غالب، ڪبير، حمل فقير، رکيل شاهه، طالب الموليٰ ۽ ٻين ڪيترن ئي شاعرن کي ڳايو. هُو واحد راڳي هو، جنهن وڌ کان وڌ شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي ڳايو آهي، رسالي ۾ پيش ڪيل لوڪ قصن کي خوبصورتي سان ڳائي خاص مقبوليت حاصل ڪيائين. استاد محمد ابراهيم اردو، سنڌي، گجراتي، ڪڇي، پنجابي، بلوچي، پشتو ۽ سرائيڪي زبانن ۾ ڳايو، هُن پاڪستان سميت هندستان، بنگلاديش ۽ ٻين ملڪن ۾ پڻ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. استاد محمد ابراهيم کان سکيا وٺندڙ گلوڪارن ۽ گلوڪارائن ۾ روبينه قريشي، زرينه بلوچ، سوشيلا مهتاڻي، شيلا مهتلاڻي، امينه، نور بانو، طاهرا شيخ، رقيه خانم، غزاله بلقيس، فرح جوڻيجو، شهنيلا قريشي، زيب النساءَ، حميده جوڻيجو، عبدالله ڪڇي، فقير عبدالغفور، عبدالله پنهور، سيد لطيف شاهه، سندس فرزند احمد ابراهيم، مولا بخش لاسي، ابراهيم رايو، احمد علي، ماسٽر جان عبدالرشيد ۽ ٻيا شامل آهن. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي سندس ڳايل ڪلام، توڙي ترتيب ڏنل ڌنن جو بي بها خزانو موجود آهي، سندس آواز، انداز ۽ موسيقيءَ جا عاشق اڄ به ساڳي طرح ساڻس پيار ڪن ٿا. سنڌي موسيقيءَ جو سدا بهار آواز، سنڌ جي ڪيترن ئي راڳين جي سکيا ڪندڙ عظيم موسيقار استاد محمد ابراهيم ۳ مئي ۱۹۷۲ع تي هن عارضي دنيا کي هميشه لاءِ ڇڏي دارالبقا ڏانهن روانو ٿيو. سنڌي سنگيت جي تاريخ موسيقيءَ جي هن مهان شخصيت جي خدمتن کي ڪڏهن به فراموش نٿي ڪري سگهي. سندس سُر ۽ آلاپ رهندي دنيا تائين کيس زنده ۽ جاويد رکندا.
ملڪ انوکو پاڻ روئي ٻين کي کلائيندڙ اداڪار سيد يار محمد شاهه سنڌي فلمن جي تاريخ ۾ مرحوم ملڪ انوکي جو نالو اڄ به هر ڪنهن کي چٽيءَ طرح ياد آهي. فلم ”مٺڙا شال ملن“ ۾ مٿس پڪچرائز ٿيل گانو ”مونکي قسمت مار کارائي الا ڙي گهوڙا ڙي بابا ڙي“ ان وقت به مشهور هو ته اڄ به بيحد مقبول آهي، ۽ خاص ڪري ان گاني تي جيڪا مزاحيه اداڪاري ملڪ انوکي ڪئي، اهي منظر اڄ به ڏسجن ٿا ته کل ڇڏائجي وڃي ٿي. حالانڪه سنڌي فلمن جي ابتدا، عروج ۽ زوال ۾ جيتريون به سنڌي فلمون ٺهيون، انهن جو مسخرو يعني مزاحيه اداڪار هوندو ئي ملڪ انوکو هو. جڏهن ته فلم ”عمر مارئي“ ۽ ”پرديسيءَ“ ۾ لطيف چارلي، جيڪو هندوستان جي فلم انڊسٽري ڇڏي پاڪستان آيو هو، تنهن مزاحيه ڪردارن جي ابتدا ڪئي. هو گجراتي هو پر پوءِ به سنڌي ٻولي ڳالهائي ويندو هو. جڏهن ته سنڌي فلمن جو نمبر ون مزاحيه اداڪار ملڪ انوکو ته هئو ئي راجستاني ۽ سندس مادري زبان سنڌي نه هئي. سندس والد صاحب ذاڪر هو ۽ مجلسون سرائيڪي يا پنجابي ۾ ئي پڙهندو هو. پر ملڪ انوکي جي مرڻ تائين ڪنهن کي به اها خبر نه هئي ته هو ڪو غير سنڌي فنڪار هو. جيئن ته سندس ڄمڻ ۽ سندس ٻالڪپڻ جو واسطو ميرپورخاص سان رهيو، پاڻ اسٽيج تي مزاحيه خاڪا ۽ گانا ٻڌائڻ جو ماهر هو. سندس فني سفر جي ابتدا اسٽيج تي ”ون مين شو“ ڪرڻ واري فنڪار جي حيثيت ۾ ٿي هئي. مرحوم شيخ حسن جي فلم ”شهرو فيروز“ کيس بحيثيت سنڌي مزاحيه فلمي اداڪار جي جيڪا شهرت ڏني، اها اڄ به سڀني فلمي شوقينن کي ياد آهي. ان کان پوءِ هر سنڌي فلم ۾ ملڪ انوکي ۽ مشتاق جسڪاڻيءَ جي مزاحيه جوڙي بيحد مقبول ٿي هئي. اها جوڙي هر فلم جي ضرورت بنجي ويئي هئي. جڏهن سنڌي فلمن جو زوال آيو ته، ملڪ انوکي وري وڃي اسٽيج شو شروع ڪيا. هڪڙي اينٽري جا پئسا ملي ويندا هئس. مرحوم معين اختر جتي ٻيا به ڪيترا فنڪار پاليا ۽ سنڀاليا اتي جڏهن ملڪ انوکو اسٽيج شو جو ڪامياب ۽ مهانگو فنڪار بنيل هو، ان زماني ۾ مرحوم معين اختر جيڪو اڃا مشهور ۽ مقبول فنڪار نه هو، ملڪ انوکو کيس پاڻ سان گڏ کڻي هلندو هو ۽ ڪوشش ڪري اهي ئي خاڪا معين به نقل ڪندو هو، جيڪي ملڪ انوکو اسٽيج تي ڪندو هو. ملڪ انوکو هندوستان مان آيل مزاحيه اداڪار ۽ موسيقار آغا سرور، ”مشهور اردو فلم ارمان ۽ احساس جو ڪاميڊين“ جيڪو پڻ اسٽيج تي خاڪا به پيش ڪندو هو، جا ئي خاڪا نقل ڪندو هو. حيدرآباد ۾ هڪ ڊراماٽڪ سوسائٽي ”المشرق ڊراماٽڪ سوسائٽي“ جي نالي سان حميد ڪنڊيڪٽر قائم ڪئي هئي، جنهن مان وڏا نالي وارا فنڪار ۽ موسيقار نڪتا، جنهن ۾ مون به ميمبرشپ حاصل ڪئي هئي ۽ آئون به ون مين شو ڪندو هوس ۽ مون به آغا سرور جا مشهور خاڪا ياد ڪيا هئا. هڪ ڏينهن جو واقعو آهي ته حيدرآباد جي بسنت هال ۾ ”المشرق“ سوسائٽيءَ طرفان اسٽيج پروگرام پيش ٿي رهيو هو. ان وقت مون ان پروگرام ۾ هڪ مزاحيه خاڪو خانداني منصوبه بنديءَ بابت عورت، مرد ۽ ٻارن سميت ستن آوازن ۾ پيش ڪري بي پناهه داد حاصل ڪيو. ان وقت پبلڪ ونس مور، ونس مور جا نعرا هنيا ۽ مونکي مجبور ڪيو ته آئون اڃا به وڌيڪ ٻڌايان. مجبورن مون اهي مزاحيه آئٽم پيش ڪيا، جيڪي آغا سرور کان مون سکيا ۽ ياد ڪيا هئا. پبلڪ تمام گهڻي پذيرائي ڪئي. جڏهن آئون اسٽيج تان لهڻ لڳس ته ان وقت ملڪ انوکو مون سان وڙهي پيو. چيائين ته مون وارا سڀ خاڪا تو پيش ڪيا آئون ڪهڙي ڌوڙ پائيندس...؟ مون وراڻيو ته اهي ته آغا سرور وارا خاڪا هئا، تون وڃي پنهنجا پيش ڪر. ان وقت ۾ معين اختر ساڻس بطور ٻانهه ٻيلي بيٺو هو. ملڪ انوکي جا سگريٽ ۽ پرس وغيره معين کڻي هلندو هو. پر جڏهن معين اختر پنهنجي شهرت جي بلندين تي پهتو ته، هو هر شو ۾ ملڪ انوکي کي پروگرام ڏياريندو هو ۽ هر طرح سان سندس عزت به ڪندو هو. اهڙي طرح ملڪ انوکو شوز ۽ فلمن کان فارغ ٿيو ته ٽيليويزن جو رخ ڪيائين. ابتدا ۾ هو لاهور وڃي سيٽل ٿيو هو، جت هن ڪجهه اردو فلمن ۾ ننڍا ننڍا رول ڪرڻ کانپوءِ لاهور ٽي وي جو رخ ڪيو ۽ اتي وڏن وڏن پروڊيوسرن جي وڏن وڏن ڊراما سيريلن ۾ ننڍا ننڍا ڪردار ڪيائين. ان کانپوءِ هو وري ڪراچيءَ واپس آيو ۽ هتي جي شوبز مارڪيٽ يعني اسٽيج ۽ ٽي وي تي ڪم شروع ڪيائين. انهن ڏينهن ۾ تقريبن سڀ اردو سنڌي اداڪار ۽ پروڊيوسر شام جو منهنجي فليٽ تي ايندا هئا، جيڪو اشرف اسڪوائر ۾ نيشنل اسٽيڊيم جي سامهون ٽئين فلور تي هو. اسان سڀ دوست جن ۾ محمود صديقي، زاهد معصومي، مشتاق جسڪاڻي، اقبال سعيد انصاري، منظور مراد ۽ گلاب چانڊيو وغيره شام جو پهچي ويندا هئاسين ۽ اتي ملڪ انوکو به رات جو پهچي ويندو هو. هو اسانکي ايڏو کلائيندو هو جو دل چاهيندي هئي ته اها رات وڏي ٿي پئي. ان کانپوءِ اقبال انصاري جي اردو ڊرامي ”ڪارروان“ ۽ ”برزخ“ ۾ گڏ ڪم ڪيوسين ۽ سنڌيءَ ۾ منهنجي لکيل مزاحيه خاڪن جي پروگرام ”کل ڀوڳ“ جي 13 قسطن ۾ به ڏينهن رات مونسان گڏ رهيو، جيڪو اقبال سعيد انصاريءَ پروڊيوس ڪيو. جيئن ته اقبال سعيد انصاري به هر وقت طنز ۽ مزاحيه جملن سان محفلون مچايو ويٺو هوندو هو، هو اڪثر رات جو منهنجي شانتي نگر واري بنگلي تي به مون وٽ ايندو رهندو هو. سندس طنز ۽ مزاح مان مونکي تمام گهڻو سڪون ملندو هو، خوشي به ٿيندي هئي. مرحوم ملڪ انوکي منهنجي لکيل ۽ منهنجي هدايت ۾ ڪي ٽي اين لاءِ تيار ٿيل هڪ عيد پروگرام ۾ ڪم ڪيو، جيڪو هن جو مون سان آخري ڊرامو ثابت ٿيو. مرحوم سگريٽ تمام گهڻا پيئندو هو. اسان سڀني دوستن جي محفل جو مور ۽ پيارو ساٿي دل جو دورو پوڻ سبب اسانکان هميشه لاءِ موڪلائي ويو ۽ سوين يادگيريون ۽ خوبصورت ڳالهيون اسان ۾ ڇڏي ويو. ڪي ٽي اين جي ابتدائي ڊراما سيريلن ۾ تمام سٺا مرڪزي مزاحيه ڪردار ڪيائين. بھرحال اسان کي هن جي کوٽ هميشه محسوس ٿيندي، بحيثيت سنڌي مزاحيه فلمي اداڪار جي هو هميشه سنڌي فلمن ۾ نمبر ون ليکيو ويندو. فن جي تاريخ ۾ هو پنهنجو نالو سونهري اکرن ۾ لکرائي ويو. اڄ هُو ڀلي ٽي وي، فلم انڊسٽري ۽ ثقافت وارن کي ياد نه هجي پر اسانکي ۽ سنڌي فن جي ڏسندڙن ۽ قدردانن کي هميشه ياد آهي ۽ ياد رهندو. ملڪ انوکو عبدالجبار آزاد منگي ملڪ انوکو اصل ۾ گجرات (پنجاب) سان تعلق رکندڙ هو. پر سندس مائٽ، ميرپورخاص ۾ اچي آباد ٿيا. ميرپورخاص ۾ 1947ع ڌاري اک کوليندڙ ملڪ انوکو جو اصل نالو ملڪ اڪبر عباسي هو. ملڪ انوکو شروعاتي تعليم پرائمري، مئٽرڪ ۽ انٽر ميرپورخاص مان ئي حاصل ڪئي. ڪاليج واري زماني دوران اتي هڪ اسٽيج ڊرامو ٿي رهيو هو، جتي استاد قيصر زبيري کي هڪ انوکي ماڻهوءَ جي تلاش هئي. جڏهن ملڪ انوکو هن جي سامهون آيو ته چيائين ته بس انوکو ملي ويو. اهڙيءَ طرح استاد قيصر زبيريءَ، مٿس ملڪ اڪبر عباسي نالي مان ملڪ انوکو نالو رکي ڇڏيو. جيڪو مشهور ٿي ويو. ملڪ انوکو کي ٽي ڀائر ۽ ٽي ڀينرون آهن. هن فن جي شروعات، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کان ڪئي. جتي هن جو آڊيشن استاد نياز حسين ورتو. ملڪ انوکو، تقريبًا 50 سنڌي فلمن ۾ ڪم ڪيو. انهن ۾ مشهور فلمون آھن؛ مٺڙا شال ملن، جيجل ماءُ، رت جا رشته، ڌرتي لال ڪنوار، البيلي، سوڍا پٽ سنڌ جا، پيار تان صدقي، بادل ۽ برسات، ڌرتي دل وارن جي، اچ ته ڀاڪر پايون، شهرو فيروز، گهونگٽ لاهه ڪنوار، ڌرتي ۽ آڪاش، حاضر سائين، اميد، حاڪم خان، طوفان، دشمن، مهراڻ جا موتي، بيوس، ميران جمالي، همت وغيرھ. ان کان علاوھ، ٻيون به کوڙ ساريون فلمون شامل آهن. مرحوم ملڪ انوکي ڊرامن ۾ پڻ ڪم ڪيو. انهن ۾سنڌي ڊراما جيڪي مشھور ٿيا سي آھن؛ راڻيءَ جي ڪهاڻي، ديوارين، جنگل. ٻيا وري اردو ڊراما به ھيا جن ۾ ڪم ڪيائين، تن ۾؛ جگ بيتي، وارث، ايڪ حقيقت سؤ فسانه ۽ چانن دا دريا وغيرھ شامل آهن. پي ٽي وي هن کي 1996ع ۾ مهان اداڪار جو ايوارڊ ڏنو هو. سال 1988ع ۾هن غوثيه بيگم سان شادي ڪئي. جنهن مان هن کي هڪ پٽ ۽ ٽي ڌيئر جو اولاد ٿيو. ملڪ انوکو سون جي تعداد ۾ اردو، سنڌي ۽ پنجابي ۾ ڊراما ڪيا. هن هڪ سرائيڪي فلم ”سانجهه تيڏي پيار دي“ ۾ به ڪم ڪيو. هن کي هڪ ڀيري اداڪار لهري، هن جو ڪم ڏسي، سؤ رپيه ۽ معين اختر هن کي هڪ هزار انعام طور ڏنو. اداڪار ملڪ انوکو 26 جولاءِ 2008ع تي هميشه لاءِ موڪلائي ويو. هن جو مڙهه ڪراچيءَ ۾ دفن ٿيل آهي. (عبدالجبار آزاد منگيءَ جي فيس بوڪ جي وال تان کنيل)
سندري اتم چنداڻي سنڌي ناول جي خاتون اول رکيل مورائي اڄ منهنجي آڏو لکت ۾ اهڙو پروف موجود آهي، جو مان سنڌي ٻوليءَ جي نهايت آبرودار ڪهاڻيڪار ۽ بيحد تخليقي ناول ”ڪرندڙ ديوارون“ ۽ ”پريت پراڻي ريت نرالي“ جهڙن ناولن جي ليکڪا محترمه سندري اتم چنداڻيءَ کي ”سنڌي ناول جي خاتون اول چوان“ ڇاڪاڻ ته اها منهنجي درستي نامياري ليکڪا ۽ سنڌي ادب کي گهڻي کان گهڻا ناول ڏيندڙ ۽ سنڌي ناول کي هڪ مرتبو عطا ڪندڙ، ڪلا پرڪاش ڪئي هئي، جڏهن مون سندس اڄ تائين ڇپيل آخري ناول ”اوکا پنڌ پيار جا“ جو مهاڳ لکندي کيس ”سنڌي ناول جي خاتون اول ڪوٺيو هئو ۽ پوءِ هن پنهنجي خط ۾ لکيو هئو ته ”سندري ئي سنڌي ناول جي خاتون اول آهي ۽ اهڙي اهميت هن کي ملڻ گهرجي“. حيدرآباد جي ڄاول سندري اتمچنداڻيءَ ورهاڱي جي واءَ ۾ اڏامي ممبئيءَ وڃي وسائي، ۽ هند ۾سنڌيت جي جوت کي آخري ساهه تائين سلامت رکندڙ اي جي اتم سان شادي ڪيائين. سنڌي ادب جي مان ڀايان ٿو ته هيءُ پهرين جوڙي آهي، جنهن هند ۾سنڌي ادب لاءِ لاڳيتو پاڻ پتوڙيو. اي جي اتم، سنڌيت لاءِ وڙهندڙ ان ٽمورتيءَ جي هڪ مورت هئو، جنهن جون ٻه مورتيون گوبند مالهي ۽ ڪيرت ٻاٻاڻي آهن. اتم نظرياتي طور ترقي پسند رهيو ۽ آخري گهڙي تائين، سندري پڻ ذهني طور ترقي پسنديءَ کي ويجهو رهي، پر هن پنهنجي تخليقن ۾ نظرئي کي داخل ٿيڻ گهٽ ڏنو ۽ ائين سنڌي ادب ۾ اهو مشهور ٿيو ته سندري ۽ اتم ريل جون ٻه پٽڙيون آهن جيڪي گڏوگڏ هلي رهيون آهن. سندريءَ جون تخليقي صلاحيتون سندس شروعاتي لکڻين ۾ ئي ظاهر ٿيڻ لڳيون هيون ۽ ڏسندي ڏسندي هوءَ سنڌي ادب جي آڪاس تي اڏامڻ لڳي. ان ڳالهه کان سنڌي ادب پڙهندڙ توڻي سنڌي ادب جا سنجيده نقاد، ساڳئي وقت سندريءَ جي لکڻين جا نقاد ڪڏهن به انڪار نه ڪري سگهندا، ته سندريءَ کي ادب ۾ اهم جڳهه ڏيارڻ ۾ ڪامريڊ اتم جو گهڻو هٿ هيو. هن کيس مڪمل سهڪار ڏنو ۽ اڳتي آڻڻ ۾ ٻانهن ٻيلي رهيو. هند ۾ پهريون ۽ شايد آخري به ترقي پسند ادب کي ڇپيندڙ رسالو ”نئين دنيا“ رسالو آهي، جنهن ۾ سندريءَ جون لکڻيون لڳاتار شايع ٿينديون هيون، سندس ڪهاڻين ۾ سنڌي ٻوليءَ جي محاوري جو استعمال ايترو سهڻو آهي جو سندس ڪهاڻيون پڙهي گمان ئي نه ٿيندو ته اهي ممبئيءَ ۾ ويهي لکيل آهن، آخر تائين دادي سندريءَ جي ڪهاڻين مان حيدرآباد جو هڳاءُ ايندو رهيو ۽ هيرا آباد جي عاملياڻين جي سندرتا نظر ايندي هئي، ساڳئي وقت سنڌوءَ جي مٺي پاڻيءَ جو ساءُ به محسوس ٿيندو هئو. سندريءَ ڪهاڻين سان گڏ به ناول به لکيا آهن، جنهن مان هڪ جو نالو آهي ”ڪرندڙ ديوارون ۱۹۵۳ع“ ۽ ٻئي نالو آهي ”پريت پراڻي ريت نرالي ۱۹۶۱ع“. ورهاڱي کان پوءِ هند ۾ لکيل ”ڪرندڙ ديوارون“ اهم سنڌي ناول آهي، جيڪوهڪ عورت ليکڪا جو آهي، هيءُ اهڙو ناول آهي جيڪو الڳ الڳ نظريو رکندڙ سڀني اديبن ۾ تخليقي طور اهميت ڀريو ڄاتو ويو آهي. ۽ هاڻ مان بنا ڪنهن تهميد جي سڌو ناول ”ڪرندڙ ديوارون“ تي اچان ٿو، سندريءَ اتمچنداڻي جو هيءُ ناول ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ وارين تڪڙين بدلجندڙ حالتن تي لکيل آهي. ۽ ورهاڱي کان پوءِ شايد سنڌي ڪنهن به ليکڪا جو هي پهرين ڪجهه ناولن مان هڪ ناول پڻ! هيءُ ناول ايتري وضاحت به لهڻي ٿو جو چوان ته هن ناول کي انهن ادب جي الڳ الڳ ڌارائن سان تعلق رکندڙ سنڌي اديبن به ساراهيو آهي جيڪي سندري اتمچنداڻيءَ کي ترقي پسند ليکڪا مڃيندا رهيا. انهن مان ٽي نالا مان اوس ڏيڻ چاهيندس. جيڪي ٽئي ترقي پسند ادب جا وروڌي/مخالف هئا، هڪ لعل پشپ ٻيون گنو سامتاڻي ۽ ٽيون موهن ڪلپنا، مان قبول ڪيان ٿو، ته هن ناول کي اهم ناول قبول ڪرڻ لاءِ مٿين ليکڪن جي راءِ سند جي حيثيت رکي ٿي. ڪرندڙ ديوارون ناول ڇا هي، اڄ جي ادب ۾ هن جي اهميت ڇا بڻجندي، ان بحث کي ڇڏي، مان ناول جي هڪ ڪردار ريکا کي کڻان ٿو جيڪو هن ناول جو مرڪزي ڪردار آهي. سندري اتمچنداڻي هن کي ڪيئن پيش ڪيو آهي، سندس زباني ” رڪمڻي ! هيءَ ڌيءَ ته کير پي ڄڻي اٿئي“ ۽ هن سٽ مان ريکا جي سموري سونهن ظاهر ٿي پوي ٿي. ناول جي هن اهم ڪردار ريکا ڪجهه عمر سنڌ ۾ گذاري آهي ۽ ورهاڱي کان پوءِ ممبئي جي هڪ غريب وسنديءَ ۾ پنهنجي زندگي، مڙس سان نهايت سک ۾ گذاري رهي آهي. چندر نالي نوجوان ريکا جو مڙس آهي ۽ مارڪسوادي آهي. ريکا جي ذهني اوسر کي مخصوص سماجي حقيقت نگاريءَ جي نقطي نظر کان چٽيو ويو آهي جيڪو تخليقي آهي. سنڌ جي ماحول ۾ پليل ريکا شاديءَ کان پوءِ پنهنجي مڙس چندر جي ويجهڙائپ ۾ جنهن طرح بدلجندي ڏيکاري وئي آهي اتي ريکا جو ڪردار گورڪيءَ جي جڳ مشهور ناول ماءُ جي مرڪزي ”ڪردار پاويل ماءُ“ سان ملي ٿو، پنهنجي دور جي ادب تي سموري دنيا ۾ اثر انداز ٿيندڙ هن ويچار ڌارا جي اثر هيٺ لکيل هيءُ ناول پنجن ڪردارن تي ٻڌل آهي. ٻه ڀائر، ٻه انهن جون زالون ۽ هڪ ماءُ آهي جيڪا سنڌ ۾ هوندي هڪ سکيئي ستابي گهر جي مالڪياڻي هئي. پر ورهاڱي کان پوءِ ممبئيءَ ۾ اچي هڪ ننڍي گهر ۾ ٻن پٽن ۽ انهن جي زالن سان گڏ گهاري ٿي. کيس ٻه ننڍڙا پٽ به آهن. گلاب ۽ چندر ٻه ڀائر آهن، وڏو گلاب پيسا ڪمائي گهڻي حد تائين ماڻهپو ڇڏي ڏئي ٿو ۽ ننڍو چندر ماڻهپي کي بچائڻ لاءِ پيسن جي پٺيان نٿو لڳي، هن جو مڃڻ آهي ته جڏهن طبقاتي انقلاب ايندو ته ڪو به غريب نه رهندو، ائين اسين به غريب نه رهنداسين. سندس بيحد سهڻي زال ريکا جيڪا هڪ چڱي موچاري گهر مان پرڻجي غريب گهر ۾ آيل آهي، ۽ جڏهن ان گهر جو وڏو گلاب آفريقا مان جهجو ناڻو ڪمائي ٿو اچي تڏهن پنهنجي تکي سڀاءُ واري زال ديوي سان گڏ ننڍي ڀاءُ کان الڳ ٿي رهڻ ٿو لڳي ۽ آخر ۾ ڀڏن ڪمن سبب سندس پيسو توڙي فليٽ هليا وڃن ٿا ۽ هو موٽي پنهنجي ڀاءَ چندر وٽ اچي ٿو رهي. گهر کي پاڻ ڀرو ڪرڻ لاءِ ريکا نوڪري ڪرڻ لاءِ گهران نڪري ٿي ۽ چندر کي پڪ ڏياري ٿي ته هن سماج کي بدلائڻ لاءِ گڏجي جدوجهد ڪنداسين ۽ ريکا جي اهڙي ارادي آڏو طبقاتي سماج جون ديوارون ڪرڻ لڳن ٿيون وغير وغيره. سندريءَ جو هيءَ ناول، جيڪو ويچار جي سطح تي مارڪسوادي ويچارڌارا کي کڻي اڳتي وڌي ٿو. پر ادب ۾ ان جي اهميت ڪيتري جڙي ٿي ان لاءِ منهنجي جاچنا انهن ليکن تي بيهي ٿي جيڪي شڌ/تخليقي ليکڪ آهن مثال طور، هريش واسواڻي، موهن ڪلپنا، گنو سامتاڻي، لعل پشپ، هيرو شيوڪاڻي، جيڪي تخليقڪارن سان گڏ اعليٰ نقاد پڻ آهن ۽ اهي نالا کڻي مون کي حيرت جي حد تائين عجيب لڳي ٿو ۽ سندن ادبي ايمانداريءَ ثبوت ملي ٿو ته ڪامريڊ اتم سان وڏي جنگ وڙهندي به ادب جي هن اهم ٽمورتي ۽ هريش واسواڻيءَ جهڙي ليجنڊ اديب هن ناول کي بيحد ساراهيو آهي، ساڳئي وقت هيري شيوڪاڻيءَ جهڙي سخت نقاد پڻ هن ناول کي تخليقي ناول سڏيو آهي ۽ منهنجي نظر ۾ هيءَ ناول پنهنجي هڪ هڪ پيرا ۾ جنهن تخليقي سطح تي اڀري آيو آهي، اهو ان دور جي ترقي پسند ادب جو معجزو آهي. ريکا، چندر، گلاب، گلاب جي ماءُ ۽ ديوي، اهي ڪردار سڀ مختلف سوچيندڙ آهن انهن کي سندريءَ جهڙي بيمثال ليکڪا جنهن ترتيب سان پنهنجي ناول ۾ اڻيو آهي اهو پنهنجو مٽ پاڻ آهي. سندري اتمچنداڻيءَ جي ٻولي محاوريدار ۽ نج تخليقي ٻولي آهي، جنهن هن کي ادب ۾ بيحد مڃتا ڏني آهي. ها اڄ به مون کي هڪ ڳالهه ضرور کٽڪي ٿي ته هيءَ بيحد تخليقي ناول پنهنجي پڄاڻي تي تبليغي سطح تي اچي ٿو بيهي، جنهن ڪري وري به هيءُ ناول نظرياتي ادب جي ور چڙهي وڃڻ جو امڪان رکي ٿو. جڏهن ته هن کي نج تخليقي مڃتا تي پورو لهڻ گهربو هئو، ۽ هاڻ سندري اتمچنداڻيءَ جو ٻيون ناول، ”پريت پراڻي ريت نرالي“. هيءُ ناول ۱۹۶۱ع ۾ ڇپيو آهي، ۽ سندريءَ جو ٻيون نمبر ناول آهي، هن سماجي ناول تي گهڻي حد تائين رومانوي، ويچارڌارا جو اثر آهي. ناول ۾ هڪ ننڍڙي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ پيار به آهي، وڇوڙو به آهي ۽ اميد به آهي. ناول ۾ مکيه ڪردار ٽي آهن، موتي، سولا ۽ جمنا، ٻيا ننڍا ڪردار سندن خاندان وارا آهن، ناول، سنڌي سماج کي ڪجهه ڏئي ٿو، هڪ اعتماد، اعتبار ۽ نيڪي، جيڪا دراصل، ليکڪا جي پنهنجي اندر ۾ موجود آهي. هي ناول سنڌي ناول کي ڪي وکون اڳتي وٺي اچي اهڙو منجهيس گهٽ آهي، جيڪو گهڻي ۾ گهڻو هن ناول ۾ آهي، اهو آهي سندري اتمچنداڻيءَ جي بيحد خوبصورت ۽ محاوريدار ٻولي جيڪا ڪردار ڳالهائين ٿا، هڪ ڏکوئيندڙ پيار ڀريو قصو، ۽ ڪردارن پاران پنهنجي اندر جو نج اظهار موتي ۽ سرلا، ڪلاس فيلو آهن، هڪ ٻئي سان پيار ڪن ٿا، پر موتيءَ جي شادي مائٽن جي پسند تي جمنا سان ٿئي ٿي جيڪا هڪ ڳوٺائي ڇوڪري آهي. موتي دکي آهي، سرلا پنهنجي ليکي دکي آهي، ٻئي ڪردار پنهنجي پنهنجي اندر کي اظهارين ٿا، هنن جا پنهنجا پنهنجا ويچار آهن، سرلا، آفيس ۾ هڪ ٻئي نوجوان نارايڻ سان شادي ڪرڻ جو سوچي ٿي، وچ ۾ وري موتي اچي ٿو پر سرلا بهادريءَ سان پنهنجي موقف تي بيٺل آهي. سڀ ڪردار پنهنجي پنهنجي اندر ۾ دکي آهن، پر هڪ موهه ۾ جڙيل آهن جيڪو ئي کين ڳنڍي ٿو. سندن آس پاس ٻيا ڪردار به آهن، سرلا جا ماءُ، پيءُ، موتي جا دوست وغيره وغيره. پر ناول ٽن مکيه ڪردارن موتي، سرلا ۽ جمنا تي آڌارت آهي. هنن جي پنهنجي نفسياتي ۽ ذهني ايپروج آهي، هن ناول سان گڏ جيڪڏهن همعصر ادب جو مطالعو ڪبو ته هند جا ٻه ٻيا ناول ناول سامهون اچي ويندا جيڪي ساڳيو گهاڙيٽو کڻي اچن ٿا. ڀڳوان اٽلاڻيءَ جو هندي ناول اپني اپني مريچڪا، پنهنجي پنهنجي رڃ ۽ گجراتي ناول نگار خاتون ڪندنيڪا ڪاپڙيا جو اعليٰ ترين ناول. ”ست قدم آڪاش“ ۾ هنن ٻنهي ناولن ۽ ”ريت پراڻي ريت نرالي“ جا موضوع الڳ هوندو به گهاڙيٽو ساڳيو آهي، جنهن مان اها ڳالهه چٽي ٿي پئي ته هند جي لکندڙن کي هند ۾ هڪ وسيع تجربو حاصل ٿيو آهي، جنهن ڪري سندن ناول اڄ سنڌ جي ناول کان گهڻو مٿي بيٺو آهي، سندريءَ جي هن ناول جو ڪردار موتي، پنهنجي دوستن جا پنهنجي گهروارين ڏانهن رويا ڏسي، پنهنجي گهرواريءَ ڏانهن موٽي ٿو، جيڪا سندس وڇوڙي، ۾ ڪنهن مرض سبب آخري پساهن ۾ آهي، هوءَ موتيءَ کي ڏسي دم ڌڻيءَ حوالي ڪير ٿي ۽ موتي پنهنجي پراڻي پريت کي ساري، نئين ريت نڀائڻ واري جمنا لاءِ غمگين ٿي وڃي ٿو. ائين جيئن ڪنهن انڊين فلم ۾ ٿيندو آهي. مون کي احساس آهي ته ناول تي هن طرح لکڻ سان لکڻ جو رواج هند جي مختلف ٻولين ۾ عام آهي، خود سنڌيءَ ۾ به عام جام آهي. بهرحال هن ڪجهه حقيقت نگاري ڪجهه رومانوي، ڪجهه سماجي ۽ ڪجهه ترقي پسند ويچار کي گڏيل نموني کڻي هلندڙ ناول سندري اتمچنداڻي ان دور ۾ لکيو جڏهن سنڌي ٻوليءَ کي ناول جي گهڻي گهرج هئي، جيتوڻيڪ سنڌي ٻوليءَ کي اڄ به ناول جي گهرج آهي، تنهن هوندي به خاص طور هند جو سنڌي ناول ۽ عام طور سنڌ جو سنڌي ناول اڄ گهڻو اڳتي نڪري آيو آهي، ايترو اڳتي جو ان کي کڻي ادب ۾ چڱو موچارو، اڀياس لکي سگهجي ٿو، ٻيءَ طرح سنڌي ناول کي اڃا گهڻو پنڌ ڪرڻو آهي، اهو طئه آهي ته هند توڻي سنڌ جي ناول بابت ۽ ان جي ترقيءَ بابت جڏهن به ڪو اڀياس لکيو ويندو ته سندريءَ جو ناول ”ڪرندڙ ديوارون“ ان ترقيءَ واري سفر جي هڪ اهم اڳتي وڌايل وک طور ضرور ڳڻايو ويندو ۽ ”پريت پراڻي ريت نرالي“ ان فهرست ۾ ڳڻايو ويندو جنهن ۾ ٻه سؤ کن ناولن جا نالا درج هوندا ۽ بس!. سندري اتم چنداڻي سڄڻ سونيءَ تند جئن! تاج جويو ”تاج! اڄ تاريخ جو هڪ دؤر پورو ٿي ويو، اسان جي ادبي ساٿاري سندري اتمچنداڻي به موڪلائي وئي.“ هي هو موتي پرڪاش، جيڪو آديپور، ڪڇ مان موبائيل فون تي ڳالهائي رهيو هو، ۽ گڏوگڏ اوڇنگارون به ڏئي رهيو هو. خبر ٻُڌندي مون کان به هڪ وڏي اوڇنگار نڪري وئي. الا! سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب ڇورا ڇنا ٿيندا پيا وڃن. هر سال ڪيترا ساڃهه وند اديب ۽ اديبائون اسان کان دؤر ٿيندا پيا وڃن ۽ شيخ اياز پُڪاري پيو چوي: ڏور ٿيندا وڃن، روز جوڳيئڙا، تون اڃا پيو جيئين، هاءِ ڙي جيئڙا. سُندري، سنڌ ۽ هند جي اوچي پد جي ليکڪائن ۾ شمار ٿيندي هئي. هوءَ ۲۸ سيپٽمبر ۱۹۲۴ع تي حيدرآباد سنڌ جي سُرهين هوائن ۾ ڄائي هئي. هوءَ نه رڳو نامياري ليکڪا، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ناٽڪ نگار ۽ شاعر هئي، پر ريڊيو، ٽي. وي ۽ اسٽيج جي به هڪ سٺي اداڪار هئي. گذريل ساٺيڪو سالن کان سنڌي ادب جي لاڳيتو خدمت ڪندي پئي آئي. هن جو وَر سنڌي زبان جو ترقي پسند، روشن خيال اديب ۽ انقلابي، اي. جي. اتم هو، جيڪو پڻ ٻه ٽي سال اڳ اسان کان وڇڙي ويو هو. سُندريءَ پرائمري تعليم شوقيرام چانڊو مل ميونسپل اسڪول حيدرآباد ۽ مئٽرڪ تولارام گرلس هاءِ اسڪول حيدرآباد مان حاصل ڪئي. هن بنارس هندو يونيورسٽيءَ مان انٽر سائنس ڪئي، کيس ڊاڪٽر ٿيڻ جو ڏاڍو شوق هو، پر ان زماني ۾ ڪراچيءَ ۾ ڪو ميڊيڪل ڪاليج نه هو ۽ هن جو اهو شوق پورو نه ٿي سگهيو. هن ورهاڱي کانپوءِ ۱۹۴۹ع ۾ بنارس يونيورسٽيءَ مان بي. اي ڪئي ۽ ايس. اين. ڊي. ٽي يونيورسٽيءَ مان سنڌي ۽ انگريزي ادب ۾ ايم. اي ڪئي. سندري اسڪولي جيون ۾ پنهنجي استاد جمنا لکاڻيءَ کان ڏاڍي متاثر هئي ۽ کيس ماسترياڻي ٿيڻ جو شوق هو. تعليمي اڀياس پوري ڪرڻ کانپوءِ هن ڪجهه وقت لئبررين، ڪلرڪ ۽ ماسترياڻيءَ طور فرض سرانجام ڏنا ۽ اڳتي هلي بمبئيءَ جي ڪي. جي. کلناڻي ڪاليج مان ليڪچرار طور رٽائر ڪيو. سندريءَ کي ننڍپڻ کان وٺي ادبي ڪتابن پڙهڻ جو وڏو چاهه هو. ڪراچيءَ ۾ پڙهڻ دوران هوءَ ڪجهه وقت لاءِ عورتن جي رسالي ’ساٿيءَ‘ جي ايڊيٽر به رهي ۽ ان ۾ هڪ روسي ڪهاڻي ترجمو ڪري ڇپائي هئائين. هن جي ترقي پسند ويچار ڌارا تي ٻَڌل پهرين لکڻي، ’منهنجي ڌيءَ‘ ۴۷-۱۹۴۶ع ڌاري ’ساٿي‘ رسالي ۾ شايع ٿي هئي. جڏهن ۱۹۴۹ع ۾ ممبئيءَ ۾ سنڌي ساهت منڊل (سنڌي ادبي سنگت) قائم ٿي، ته سندري اُن جي هفتيوار ڪلاسن ۾ باقاعدي شريڪ ٿيندي هئي. سندري ورهاڱي کان اڳي ’سنڌي سرڪل‘ ۽ ’سنڌي ادبي سنگت‘ جي ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ ڪلاسن ۾ به شريڪ ٿيندي هئي، جن ۾ منگهارام ملڪاڻي، رام پنجواڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي، بهاري لال ڇاٻڙيا، موتي رام رامواڻي، شيخ اياز ۽ سوڀو گيانچنداڻي شريڪ ٿيندا هئا، ان ڪري جديد ترقي پسند ادب سان هن جا لاڳاپا منڍ کان ئي قائم هئا، جيڪي اتم سان گهر گرهستي ٻنڌڻ ۾ لاڳاپجڻ کانپوءِ وڌيڪ پڪا ۽ پختا ٿي ويا. سندري، ڀارت ۽ يورپ جي ڪلاسيڪي ۽ جديد ترقي پسند اديبن- ڪاليداس، ٽئگور، شرت چندر، پريم چند، يشپال، ڪرشن چندر، شيڪسپيئر، وڪٽر هيوگو، مئڪسم گورڪي، ٽالسٽاءِ، ٿامس هارڊي، اوهينري ۽ ٻين کان متاثر هئي. هن مئڪسم گورڪيءَ جو ناول ’ٽُٽل ساز‘ ۽ ڪرشن چندر جو ناول ’پياسي ڌرتي، پياسي دلڙيون‘ ترجمو ڪري ڇپرايا. ان کانسواءِ هن امرتا پريتم جي ناول جو ترجمو ’هڪ سسئي، سئو سُور‘ جي نالي سان ۽ مليالم ٻوليءَ جي ليکڪ تڪشي شنڪر جو ناول ’ساگر جي سنتان‘ (اولاد) عنوان سان ترجمو ڪري ڇپايا. ان کانسواءِ هن شولوخوف جي چونڊ ادب جو ترجمو ’شولوخوف جي جهلڪ‘ عنوان سان پڻ ترجمو ڪري ڇپايو هو. سندري هڪ سٺي شاعر به هئي. سندس شاعريءَ جا ٻه ڪتاب: ’هڳاءُ‘ ۽ ’ڏات بڻي لات‘ ڇپيل آهن، جڏهن ته هن ۹۵ روسي شاعرن جي شاعري، سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري، ’امن سڏي پيو‘ (۱۹۶۵ع) نالي ڪتاب ۾ شامل ڪئي. ان کانسواءِ هن روسي صدر ليونڊ برزنيف جي يادگيرين تي ٻَڌل ٽي ڪتابڙا: ’ملايازيمليا‘، ’نئون جنم‘ ۽ ’ڪنواري ڌرتي‘ به ترجمو ڪيا، جن تي کيس ۱۹۷۹ع ۾ سوويت لئنڊ نهرو ايوارڊ مليو ۽ هن ۱۴ ڏينهن جو روس جو مهماني دؤرو به ڪيو. ان دوري کانپوءِ هن ’نئين سڀيتا درشن‘ عنوان سان روس جو سفرنامو پڻ لکي ڇپايو هو، جنهن کي وڏي مقبوليت ملي. سندري، نامور ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار به هئي. سندس ڪهاڻين جا ڏهه مجموعا، ٻه ناول ۽ هڪ ناٽڪن جو مجموعو شايع ٿيل آهن، جيڪي سنڌي جديد ادب ۾ اهم مقام رکن ٿا. ان کانسواءِ سندس مضمونن جا به ڪيترا ڪتاب ڇپيل آهن. سندريءَ کي ڀارت سرڪار جي تعليم کاتي، مرڪزي ساهتيه اڪيڊمي ۽ اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا ۽ ٻين ادارن پاران ڪيترا ادبي انعام ۽ اوارڊ به مليا. سندريءَ جو سنڌي ٻوليءَ کي هندستاني آئين جي اٺين شيڊول ۾، ’قومي ٻوليءَ‘ طور مڃائڻ واري تحريڪ ۾ به وڏو ڪردار رهيو آهي، جنهن سفر ۾ سندس گهر وارو اي. جي. اتم، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي، موتي پرڪاش، ڪرشن راهي، پوپٽي هيراننداڻي، مايا راهي، هري دلگير، گورڌن ڀارتي، ٽيڪچند مست، لڇمڻ ڪومل ۽ ٻيا به شامل هئا. اهو ڪيڏو نه روح پرور منظر هو، جڏهن سندري اتمچنداڻيءَ، پنهنجن ۵۱ ساٿين سان گڏ سنڌي الف- ب جي ۵۲ اکرن جا ڪارڊ سيني تي سجائي، ’انڊين پارليامينٽ‘ آڏو هڙتال ڪئي هئي ۽ نعرا هنيا هئا. اڄ هندستان ۾ سنڌي ٻولي جيڪڏهن زنده آهي، ته اُن ۾ پوپٽي هيراننداڻي، مايا راهي ۽ سندري اتمچنداڻيءَ جهڙين ليکڪائن جو وڏو ڪردار آهي. سندري نهايت سٻاجهي عورت هئي، سندس لهجي ۽ رويي ۾ مامتا واري محبت جا مڻ ڀريل هئا. منهنجون ساڻس ۸۶-۸۷، ۲۰۰۸ع، ۽ ۲۰۱۱ع ۾ ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿيل هيون. مون هن جهڙي ٻاجهاري ليکڪا صرف پوپٽي هيراننداڻيءَ کي ئي پاتو هو. هن جي آشا چاند جهڙي سڀاڳي ڌيءُ، دبئيءَ ۾ ’سنڌيت‘ جي جوت جلايو ويٺي آهي ۽ اُن دنيا جو پهريون سنڌي سکيا سافٽ ويئر ’اچو ته سنڌي سکون‘ (Lets’ Learn Sindhi) پڌرو ڪيو آهي ۽ KTN سان گڏ ڪيترا ثقافتي ۽ سنگيت جا پروگرام به ڪرايا آهن. سندريءَ سان آخري ملاقات ۾ مون سان شوڪت شورو ۽ اياز گل به گڏ هئا، اڄ جڏهن سندري هن دنيا ۾ نه رهي آهي، تڏهن سندس چهرو ۽ سڀاءُ اکين آڏو ڦري اچن ٿا ته هڪ نامعلوم سنڌي شاعر جو هي بيت ذهن تي تري اچي ٿو: وساريان نه وسرن، نه وسارڻ جيها، ريکون ٿي رهيا، سڄڻ سونيءَ تند جئن! (اڱارو ۰۹ جولاءِ ۲۰۱۳ع) سندري اتم چنداڻي سنڌي ادب جي واڌاري ۾ سندس ڪردار صعيم علي ڀيلار سِنڌي ادبَ جو گُلشنُ مھِڪائڻَ ۾ جتي سِنڌي هندو اديبن پاڻ موکيو آهي، اُتي سنڌي هندو عورت ليکڪائون پڻ ڪُلھو ڪُلِھي سان ملائي اَدبي سفرَ ڪيا آهن. سنڌ جو شھر حيدرآباد ڳچ عرصي کان علم، ادبَ ۽ اَملھه ليکڪ ۽ ليکڪائن جو شھر رهيو آهي. هنَ تاريخي شھرَ، ٽنِ وڏين بَرک ليکڪائن کي جنم ڏنو، جن ۾ پوپٽي هيراننداڻي، ريٽا شھاڻي ۽ سُندري اُتم چنداڻي شامل آهن. هنن ٽنِ ليکڪائن پنھنجي علمي ڏاهپَ، ادراڪَ ۽ بھترين لکڻين جي ڪري سنڌ توڙي هند ۾ هڪَ جيتري عزت، مانُ ۽ مرتبو حاصل ڪيو آهي. هن مضمون ۾ سُندري اتم چنداڻي جي تحريرن کي تنقيدي زاويي سان پيش ڪرڻ مقصود آهي. سندري اتم چنداڻي جو جنم سنڌ جي شهر حيدرآباد ۾ ۲۸ سيپٽمبر ۱۹۲۴ع تي ٿيو. ميٽرڪ تائين تعليم حيدرآباد مان حاصل ڪيائين. شروع کان ئي ذهين. سُلڇڻي ۽ اَدب سان چاهه رکندڙ سُندريءَ بنارس مان ٻارنهن درجا پاس ڪيا. ورهاڱي جي ڪيترن ئي سالن کانپوءِ ايس. اين. ڊي. ٽي يونيورسٽين مان سنڌي ۽ انگريزي ادب ۾ ايم اي ڪيائين. ورهاڱي کان پھرين وارن ليکڪن ۽ ليکڪائن جيان سُندري اتم چنداڻي به گهڻ پاسائين ليکڪا هئي، پاڻ هڪ ئي وقت ڪھاڻيڪارہ، ناول نگار، ناٽڪ نويس، شاعره ۽ ان کان علاوه ريديو ۽ ٽي وي تي بھترين رهنما پڻ رهي آهي. هن مھان ليکڪا مڙني شعبن ۾ وڏي ايمانداري سان نڀايو آهي، سندس تحريرن جي اڀياس مان ترقي پسند سوچ جو اولڙو نظر اچي ٿو ۽ ڪيترين ئي ڪَھاڻين ۾ سَماج جي تعميري سوچ جا چٽا عڪِس پسي سگهجن ٿا. مضمون کي طوالت کان بچائيندي سندس چند تصنيفن جو مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو. اڇا وار، ڳاڙها گل ۽ ٻيون ڪھاڻيون: مٿي ڄاڻايل ڪتاب سال ۱۹۶۵ع ۾ ممبئي مان شايع ٿيو، جنھن ۾ جملي ۱۰ ڪھاڻيون شامل آهن، جن ۾ ڪتاب جي عنوان واري ڪھاڻي آخر ۾ درج ڪيل آهي. ٻين ڪهاڻين ۾ “پھريدار”، “زهر جي پڙي”، “ڪاڪ محل” وغيره اهميت جون حامل آھن. ڪھاڻين ۾ سماجي عڪاسي وڏي عرق ريزيءَ سان بيان ڪيل آھي. تو جنين جي تات: سُندري اتم چنداڻي جي لکيل ڪھاڻين ھي جو ڪتاب جيڪو سنڌ ۾ ۱۹۸۳ع ۾ شايع ٿيو، هي ڪتابُ ان کان پَھرين هندستان ۾ ٻه ڀيرا شايع ٿي چڪو هو. هن ڪتاب ۾ جملي ۱۱ ڪھاڻيون شامل آهن. هن ڪتاب جو مھاڳُ عمر ميمڻ جو لکيل آهي. ڪتاب جي عنوان واري ڪَھاڻي شروع ۾ ڏني ويئي آهِي. ڪھاڻين ۾ سندس ٻولي سپڪ، سوادي ۽ سادي ڪتب آندل آهي. سندس موضوع سنڌي سماج جي ھر طبقي سان واسطو رکن ٿا. وڇوڙو (سنڌي ڪَھاڻيون): سُندري اتم چنداڻيءَ جي هن بھترين ڪھاڻين جي ڪتاب ۾ جملي نوَ ڪھاڻيون شامل آهن. جن ۾ “ڪارو گهوٽ”، “ڪنوارو پيءُ”، “سنڌوءَ جو روپ” ۽ “سوريءَ سچ چڙهيو” وغيره اهميت جون حامل آهن. هنن ڪھاڻين ۾ پيار، محبت، سماجي اڻ برابري، ڏيتي ليتي، هندستان لڏي ويل سندرين جي پنھنجي اباڻي وطن لاءِ اڪير ۽ سڪ جا چٽا عڪس پسي سگهجن ٿا. سندس ڪتاب ڪيترائي ڀيرا شايع ٿيندا رهيا آهن. ان مان سندس شھرت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هن ڪھاڻين جي ڪتاب کي ساهتيه اڪادمي طرفان سال ۱۹۸۶ع ۾ ادبي انعام پڻ مليو هو. سنڌو ناٽڪ (ڏهه ننڍا ناٽڪ): سنڌي ادب ۾ ننڍي ناٽڪ جو باني منگهارام ملڪاڻي کي چيو ويندو آهي. سُندري اتم چنداڻي کي شروع کان ناٽڪ ڏسڻ، پڙهڻ ۽ انهن ۾ ڪم جو شوق هوندو هو. هن ٽئگور جي هندي ناٽڪ “مالني” ۾ ماءُ جو ڪردار ادا ڪيو هو. ان ڪري سندس لکيل ننڍن ناٽڪن جي مڪالمن ۾ جان آهي. ڇاڪاڻ جو ليکڪا ناٽڪ لکڻ کان پھرين پاڻ مختلف ناٽڪن ۾ ڪيترائي ڪردار ادا ڪري چڪي آهي. هن ڪتاب ۾ شامل ناٽڪَ سماج جي مختلف زاوين جي ڀرپور عڪاسي ڪن ٿا. مٿي بيان ڪيل ڪتاب جي عنوان ۾ هڪ ننڍو ناٽڪ “وڻجارو” پڻ ملي ٿو. هي ننڍو ناٽڪ شاهه لطيف جي “سر سامونڊي” تي ٺاهيل ناٽڪ آهي، جنھن ۾ شاهه لطيف جا بيت پڻ ڪتب آندل آهن. کيڙيل ڌرتي: هن ڪتاب ۾ جملي اٺ (۸) ڪھاڻيون شامل آهن جن ۾ ٽئين نمبر تي درج ڪيل ڪھاڻي ڪتاب جي عنوان واري ڪھاڻي آهي. هنن ڪھاڻين ۾ سنڌي سماج جي گهرو ماحول ۽ سنڌيت کي ڀرپور انداز سان پيش ڪيو ويو آهي. پنھنجي وطن سان قائم اٽوٽ رشتي کي وڏي حساسيت سان پيش ڪيو اٿس. آتم وشواس: هي ڪتاب به ٻين ڪتابن جيان سندري اتم چنداڻي جو بھترين ڪتاب آهي. هن مجموعي ۾ “ولر کان وڇڙيل”، “سنڌيءَ جي سڪ”، “قرباني” بھترين ڪھاڻيون آهن. سندري اتم چنداڻي جي ڪھاڻين مان اها پرک پوي ٿي ته وقت گذرڻ ۽ پنھنجي ڌرتي کان ڪٽجڻ جي باوجود به مادري ٻولي ۾ اها ئي نمايان اورچائي ۽ ٺيٺ سنڌي لفظن جو استعمال عام جام ملي ٿو. سنڌي ادب ۾ ڪھاڻين جي ڀيٽ ۾ ناول تمام گهٽ لکيو ويو آهي، ان جو سبب طويل پلاٽ کي يڪسوئيءَ سان نڀائڻ جو سوال پيدا ٿئي ٿو. سندري اتم چنداڻي جا لکيل ناول “ڪرندڙ ديوارون” ۽ “پريت پراڻي ريت نرالي” سندس شاهڪار ڪھاڻين وانگر بھترين جڳھه والارين ٿا. ترجما: ادب جي دنيا ۾ ترجمو به هڪ خاص اهميت رکي ٿو. ڪنهن به ڌاري ٻوليءَ جي تصنيف جو ترجمو ڪرڻ کان پھرين مترجم ان کي مڪمل طور تي سمجهي موضوع، خيال ۽ فڪر کي هضم ڪرڻ کانپوءِ پنھنجي سماجي، مذهبي ۽ ثقافتي اصولن پٽاندڙ آسان انداز ۾ پنھنجي مادري ٻوليءَ جو ويس ڍڪائي ٿو. سندري اتم چنداڻي به هن اوکي ڪم ۾ پاڻ موکيو آهي. هن تڪشي شو شنڪر جو ناول سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. هن مھان ليکڪا روس جي ترقي پسند سوچ وارن هڪ شعرن ۾ سنڌيءَ ٻولي ۾ ترجمو ڪيو آهي. ان عمل سان هند جي سماج ۾ وهمن، وسوسن ۽ انڌي تقليد جي جوڙيل بتن ۾ ڏاريون پئجي ويون هيون. هند جي جيجيءَ، ميڪسم گورڪيءَ جي ناول کي ترجمو ڪري “ٽٽل ساز” جي نالي سان شايع ڪرايو هو. ان کان علاوه ڪرشن چندر جي ناول جو ترجمو “پياسي ڌرتي پياسي دلڙيون” پڻ وڏي اهميت رکي ٿو. سندري اتم چنداڻي، امرتا پريتم جي ناول کي “هڪ سسئي سو سور” جي نالي سان پڻ ترجمو ڪري سنڌي ادب ۾ اضافو ڪيو آهي. نتيجا: * سندري اتم چنداڻيءَ جي ٻوليءَ سنڌ ڌرتيءَ جي اها نج نبار سپڪ، سادي ۽ سلوڻي ٻولي آهي، جنھن ۾ ڪڙمي، ڪوري، لوهار، هاري ناري ۽ ميربحر وغيره عام روز مرهجي ڪمن ۾ ڪتب آڻين ٿا. * سندري اتم چنداڻي سنڌي ادب جي دنيا ۾ ناٽڪ نويس، مترجم، ناول نگار جھڙين زاوين تي وڏي مھارت لکي چڪي آهي، ادبي حلقن ۾ سندس سڃاڻپ ڪھاڻيون بڻيون. * سندري اتم چنداڻي جي مڙني ڪھاڻين ۾ ٻين سنڌي هندو لکارين جيان پنھنجي وطن جي لاءِ بي انتها سڪ، پيار ۽ اڪير ملي ٿي. * سُندريءَ جي ٻوليءَ ۾ اها رواني آهي جيڪا سنڌوءَ جي ڇولين ۾ نظر اچي ٿي. * سندريءَ جي ڪھاڻين جا موضوع اوپرا نه آهن هن مٽي جي ماڻهن جون درد ڪھاڻيون احساس سان پيش ڪيل آهن. * موجوده دور جي سنڌي ادب جي گهڻ گهرن کي گهرجي ته سندري اتم چنداڻيءَ جي مڙني تحريرن کي مختلف رسالن مان ميڙي چونڊي گڏ ڪري ٻيهر شايع ڪرائڻ گهرجي. هيءَ ليکڪا پنھنجي دور ۽ موجوده دور جي ليکڪائن کان وڏي بيباڪ ليکڪا آهي، سندس ادبي ڪمن تي سائنسي بنيادن ۾ تحقيق ڪرائي وڃي ته جيئن نئين نسل کي پنهنجي ڌرتيءَ جي ليکڪائن جي علمي ۽ ادبي قد ڪاٺ جي صحيح نموني خبر پئجي سگهي. *** (ماھوار ھمسري حيدرآباد آن لائين جي ڊسمبر ۲۰۲۴ع واري شماري ۾ ڇپيل)
ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي سنڌ لاءِ جاکوڙيندڙ جو فلسفو پروفيسر الله ڏنو ابڙو سنڌ ڌرتي صدين کان صوفين، بزرگن، عالمن، اديبن، دانشورن ۽ مفڪرن کي جنم ڏيندي آئي آهي. هن ڌرتي جي مٽيءَ هر دور ۾ هزارين اهڙا املهه ماڻڪ پيدا ڪيا آهن، جن پنهنجي ڪردار، عمل ۽ جستجو سان نه صرف سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ساک مٿي ڪئي آهي، پر سنڌ جي تاريخ ۽ تمدن کي به محفوظ ڪيو آهي. سومرن جو دور هجي يا سمن جو، مغل، ارغون، ترخانن جو دور هجي يا ڪلهوڙن جو، ٽالپرن جو دور هجي يا انگريزن جو، مطلب ته مهراڻ واديءَ هر دور ۾ سچل، سامي، بيدل، بيڪس، سانگي، قادري، قليچ، عنايت، منصور، شاهه ڪريم ۽ شاهه لطيف جھڙا بزرگ، شاعر، اديب ۽ محب وطن پيدا ڪيا آهن، جن پنهنجي سموري زندگي سنڌو ماٿريءَ جي خدمت ۾ گذاري ڇڏي. اهڙن عظيم انسانن جي صف ۾ موجوده دور جو جيئرو جاڳندو اديب، شاعر، مفڪر، محقق ۽ تعليمدان ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي به نمايان نظر اچي ٿو. سنڌ جي تاريخ تي هڪ نظر وڌي وڃي ته اسان کي ڪوبه اهڙو اديب، دانشور، مفڪر ۽ شاعر نٿو ملي، جنهن هڪ ئي وقت سنڌين جي حقن، سنڌي نثر، نظم، لسانيات، نصابي ڪتابن، سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت تي ڊاڪيومينٽري فلمن ۽ سنڌيءَ ۾ سائنسي تعليم لاءِ عملي ڪم ڪيو هجي. اهو واحد ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي آهي، جنهن سنڌ جي ساک مٿي کڻڻ لاءِ ڪوبه ميدان خالي ناهي ڇڏيو. منهنجو هڪ دوست پروفيسر غلام رسول سومرو اڪثر اهو چوندو آهي ته اديب جي اکين ۾ هڪ ئي وقت دوربين ۽ خوردبين ٻئي لڳل هونديون آهن ۽ هن جو دماغ هڪ مڪمل تجربيگاهه جي حيثيت رکي ٿو. معاشري ۾ اديب جي حيثيت اسپيشلسٽ ڊاڪٽر کان به وڌيڪ آهي. هو معاشري جي هر ڀلائي ۽ برائي، ڪاميابي ۽ ناڪاميابي، عروج ۽ زوال جي نه صرف نشاندهي ڪندو آهي پر پنهنجي تجربي، تحقيق ۽ منطق جي مدد سان انهي جا اسباب معلوم ڪري، تمام موثر علاج پڻ وضع ڪندو آهي. اديب ۽ محقق جي حيثيت سان ڊاڪٽر عرساڻي صاحب کي هميشه سنڌ ڌرتي، ٻولي، قوم جي لاڙهن ۽ چاڙهن جو فڪر رهندو آيو آهي. سندن هميشه اها ڪوشش رهي آهي ته سنڌ ڌرتيءَ کي ڪنهن به قيمت تي گل گلزار بڻائجي. هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي صاحب پنهنجي تحقيق ۽ تجربي جي بنياد تي ابتدا ۾ اڪثر اهو چوندو رهيو ته سنڌ ڌرتي، ٻولي ۽ قوم جي بقا صرف انهي ۾ آهي ته سنڌي ٻوليءَ کي اعليٰ سنڌي سائنسي ٻولي بڻايو وڃي. جيسين سنڌي سائنسي تعليم جي ٻولي نه ٿيندي، تيسين سنڌ ڌرتي، قوم ۽ ٻولي جي بقا محفوظ نٿي ٿي سگھي. پاڻ پنهنجي ڳالهه پهچائڻ لاءِ هر ان ماڻهو سان ملڻ ويا، جن ۾ اها اميد هئي ته هو ڪجهه ڪري سگھن ٿا. پاڻ هڪ طرف سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ٻئي طرف قوم پرستن، دانشورن، مفڪرن ۽ محققن جو ڌيان هن طرف ڇڪائڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو. ڊاڪٽر صاحب جڏهن محسوس ڪيو ته اسان جي اڪثر سنڌين تي انگريزي جو ڀوت سوار آهي ۽ رڍن اڳيان رباب وڄائڻ مان ورندو ڪجهه به ڪو نه. هو هڪ ئي وقت چاچي به چوندا ته چهنڊڙي به هڻندا. تڏهن پاڻ سندرو ٻڌي، سنڌي کي سائنسي ٻولي بڻائڻ لاءِ، عملي ميدان ۾ لهي آيا. پاڻ ۲۰۰۲ع ۾ اوسر امانتاڻي جو بنياد رکي، هن ميدان ۾ پهريون قدم کنيو. پاڻ هڪ ئي وقت اوسر تعليمي مرڪز، اوسر اشاعتاڻي، اوسر سنڌي سائنس اڪيڊمي ۽ اوسر ثقافتي مرڪز جو بنياد رکي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو. اوسر تعليمي مرڪز جو بنيادي مقصد آهي ته سنڌي ٻولي ۾ تعليم عام ڪرڻ. ساڳي طرح اوسر اشاعتاڻي جو بنيادي مقصد آهي ته سنڌي ٻولي ۾ ڪتاب ڇپرائڻ، خاص ڪري سنڌي ۾ سائنسي ڪتاب. اهڙي نموني اوسر سنڌي سائنس اڪيڊمي جو بنيادي مقصد آهي ته سنڌي ٻولي ۾ سائنس جي اعليٰ تعليم کي يقيني بنائڻ ۽ اوسر ثقافتي مرڪز جو بنيادي مقصد سنڌي ثقافت ۽ تهذيب کي محفوظ ڪرڻ آهي. هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر صاحب جڏهن سنڌي اسڪول کولڻ لاءِ قدم وڌايو ته سندس ساٿ سواءِ اٽي ۾ لوڻ برابر ماڻهن جي ڪنهن به نه ڏنو. چوندا آهن ته ٺلهو چڙو وڄي گھڻو ۽ گڏهه پنهنجي سانوڻي هينگن ۾ وڃائي، سو بجاءِ جو ساٿ ڏين، ويتر ائين چوڻ لڳا ته مائٽ چريا ٿيا آهن، جو پنهنجا ٻار سنڌي اسڪول ۾ پڙهائيندا. پروفيسر سومري جي چوڻ مطابق ته اديب جي نظر پري تائين ڏسي سگھي ٿي. ڊاڪٽر صاحب هنن جي ڳالهين تي ڪن ڏيڻ بجاءِ لطيف سرڪار جو ڏسيل، تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه ڪانهي ويل ويهڻ جي، وارو گس وٺندي، پنهنجو مقصد جاري رکيو ۽ ۲۰۰۵ع ۾ گل عرساڻي سنڌي هاءِ اسڪول قاسم آباد جو وجود رکي پنهنجي ارادي جي پختگي جو ثبوت ڏنو. شروع ۾ ماڻهن کي آماده ڪرڻ ۾ ٿوري تڪليف ضرور ٿي، پر پاڻ پنهنجي بهتر تعليم سان سڀني جا وات بند ڪري ڇڏيا. هن وقت حالت اها آهي جو محدود اسڪول جي عمارت ۽ وسيلن ڪري ڪافي ٻار موٽايا پيا وڃن. ساڳئي وقت ڊاڪٽر صاحب سنڌي ۾ اسرار انصاري اسڪول مٽياري، جين منظور ميمڻ اسڪول ميران پور تعلقو هالا، فاطمه گرلس اسڪول ٽالهو خان لغاري تعلقو هالا، محمد صديق قريشي بوبڪائي اوسر اسڪول تعلقو هالا، بيبي بدرالنساءِ پير گل حسن لنواري شريف، اوسر اسڪول تعلقو هالا، زهره افضل شيخ اوسر اسڪول ملوڪ ڏاهري تعلقو هالا، محمد رمضان ڪلهوڙو اوسر گرلز هاءِ اسڪول، ايس ايم سنڌي سائنس ڪاليج ميرانپور تعلقو هالا ۽ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي گرلز سائنس ڪاليج کولي پنهنجي ڪامياب سفر کي جاري رکيو آهي. ڊاڪٽر صاحب استادن جي قابليت ۽ تجربي کي ترقي ڏيڻ لاءِ تعليم، تربيت ۽ تحقيقي اداري جو بنياد پڻ رکيو آهي. ڊاڪٽر صاحب جي ادبي خدمتن تي اگر هڪ نظر وڌي وڃي ته پاڻ سؤ کان وڌيڪ تحقيقي مقالا، پنج سؤ کان وڌيڪ اخباري ڪالم، پنجاهه کان وڌيڪ سائنسي موضوعن جا سنڌيءَ ۾ ترجما، پندرهن ادبي ۽ ٻاراڻي ادب جا ڪتاب ۽ ست نصابي ڪتاب لکي، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي وڏي خدمت ڪئي آهي. ساڳئي وقت پاڻ ٽن سالن تائين ٽه ماهي اوسر ميگزين ۽ ٻارن جو ٽه ماهي ڪتاب ڦلواڙي (هلندڙ) ۾ به پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. ڊاڪٽر صاحب پنهنجي تحقيقي، تخليقي، منطقي ۽ فلسفيانه صلاحيتن سان سنڌي علم ۽ ادب ۾ نه صرف جدت ۽ نواڻ پيدا ڪئي، پر سنڌي ۾ سندس لکيل ڪتاب جهڙوڪ؛ سنڌي ادب ۾ تنقيد، آزاديءَ کان پوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر، وغيره هر ننڍي ۽ وڏي لائبريري ۾ محقق، عالم ۽ شاگرد حوالي طور استعمال ڪندا رهندا آهن. سندس تحقيقي ڪالم ۽ مقالا نه صرف مقامي يونيورسٽين ۾ حوالي ۽ سليبس طور استعمال ڪيا وڃن ٿا پر ممبئي يونيورسٽي انڊيا ۾ به حوالي خاطر عام استعمال ڪيا وڃن ٿا. سندس جڳ مشهور ڪتاب “ورجيسي ٻولي” جي طلب کي مد نظر رکندي، اوسر اشاعتاڻي هن ڪتاب جا ٽي ايڊيشن پڻ ڇپايا آهن. ڊاڪٽر صاحب جي سوانح حيات تي هڪ نظر وڌي وڃي ته پاڻ پنهنجي زندگيءَ جي ابتدا ۲ فيبروري ۱۹۳۷ع ۾ ڪئي. سندس جنم سنڌ سونهاري جي هڪ ننڍي شهر هالا ۾ ٿيو. پاڻ ڄمندي ئي ڄام هئا. سندس طبيعت جو لاڙو ننڍي هوندي کان ئي سنڌ ڌرتي، سنڌي ادب، ٻولي ۽ سنڌيءَ ۾ تعليم ڏانهن رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڊاڪٽر صاحب کي جڏهن ۱۹۵۸ع ۾ روينيو کاتي ۾ پهرين نوڪري ملي ته کيس ڪا به خوشي محسوس نه ٿي ۽ جڏهن ۱۹۶۱ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ اسسٽنٽ ماستر جي پوسٽ ملي ته پاڻ حقيقي خوشي محسوس ڪيائون. هن دور ۾ سندس مٽن مائٽن ۽ دوست احبابن ڏاڍو اصرار ڪيو ته روينيو کاتي جي نوڪري بهتر آهي ۽ ڊاڪٽر صاحب کي اها نه ڇڏڻ گھرجي پر پاڻ ڪنهن جي هڪ به نه ٻڌائون ۽ پنهنجي اصلي منزل ڏانهن سفر جاري رکيائون. ڊاڪٽر صاحب ۱۹۶۲ ۾ ايم اي (سنڌي) ۽ ۱۹۸۰ع ۾ پي ايڇ ڊي (سنڌي) پاس ڪري، پنهنجي تحقيق ۽ منطق کي مضبوط بڻايو ۽ ۱۹۶۶ع ۾ ويسٽ پاڪستان ڪميشن ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪري، ليڪچرر بڻجي سنڌي قوم، ٻولي ۽ تعليم جي لازوال خدمت جي عملي ابتدا ڪئي. گورنمينٽ کيس ۱۹۹۹ع ۾ پروفيسر جي پوسٽ تان ۶۰ سالن جي عمر تي پهچڻ ڪري رٽائر ڪيو، پر سندن سنڌي قوم، ٻولي ۽ ثقافت لاءِ اڻ کٽ محبت ڪڏهن به رٽائر نه ٿي، بلڪ وڌندڙ عمر سان گڏ ڏينهون ڏينهن وڌندي رهي. جيتوڻيڪ سندن جسم سندن ساٿ ڏيڻ ڇڏي ڏنو آهي ۽ پاڻ طويل علالت ڪري بستري تان اٿي به ڪو نه ٿا سگھن، پر سندن حوصلو ۽ عزم اڄ به بلند آهي. تازو ۱۹ سيپٽمبر تي انڊس هوٽل ۾ سندس ٽن ڪتابن جو ٿيل مهورت انهي اعليٰ عزم ۽ حوصلي جو جيئرو جاڳندو ثبوت آهي. ڊاڪٽر صاحب ننڍپڻ کان ئي سنڌي قوم، ٻولي، ادب ۽ سنڌي ۾ تعليم لاءِ جاکوڙيندو رهيو آهي. ننڍي عمر کان ئي، سنڌين جي تنظيم سازي ڪرڻ، ادبي محفلون مچائڻ، سنڌي ادب، ٻوليءَ، قوم جي بقا ۽ ترقيءِ تي بحث ڪرائڻ، نوجوانن کي گڏ ڪري سندن اندر ۾ سنڌ ڌرتيءَ لاءَ محبت جو روح ڦوڪڻ سندس مشغلو رهيو آهي. ڊاڪٽر صاحب پنهنجي ننڍي عمر ۾ ئي سال ۱۹۶۱ع ۾ کاهي روڊ واري اتمچنداڻي گهٽيءَ واري تاريخي عمارت ۾ ”ٻارڙن جي ڦلواڙي“ جي نالي سان هڪ تنظيم قائم ڪئي، جنهن ۾ باقاعده لائبريري، ادبي رهاڻيون، ڊراما ۽ ليڪچر ڪري ٻارن ۾ ادبي ذوق ۽ رجحان کي پروان چاڙهيو. ان تنظيم ۾ سنڌ جون مشهور شخصيتون پڻ شامل رهيون، جن اڳتي هلي سياسي، سماجي ۽ ادبي دنيا ۾ پنهنجو نالو ڪمايو. انهن شخصيتن ۾ پير مظهرالحق صديقي، شمس الحق ميمڻ، نواز علي ڀٽو، گل محمد ڀٽي، ڌڻي بخش سومرو، قاضي امتياز ۽ ٻيا ڪيترا ئي نالا شامل آهن. ڊاڪٽر صاحب نوجوانيءَ جي وقت کان وٺي، قومي ۽ وطني تنظيمن سان سلهاڙيل رهيو. هن سنڌو ساڻيهه سنگت نالي پنهنجي هم اثرن سان ملي هڪ تنظيم جوڙي، جنهن ايوب خان جي پهرين مارشلا جي ڪڙي وقت ۾ ون يونٽ خلاف عملي ڪم ڪيو ۽ سنڌ جي سڀني قومي تحريڪن سان سڌي ۽ اڻ سڌي طرح وابسته رهيو. ڊاڪٽر صاحب ۱۹۶۸ع ۾ خالق ڏنو هال ڪراچي اندر سنڌي ادبي سنگت جي صدارتي تقرير ۾ چيو هو ته ”سنڌي ٻولي، هڪ شاهوڪار ٻولي آهي، جنهن ۾ علم ادب جو سموريون شاخون به آساني سان سمائجي سگهن ٿيون“. هن پنهنجي تقرير ۾ اهو به چيو ته ”سنڌي ٻوليءَ کي سائنسي پد تي پهچائڻ واسطي، سنڌي سائنس يونيورسٽي قائم ڪئي وڃي، جنهن ۾ سائنس جا سمورا علوم، سنڌيءَ ۾ پڙهايا وڃن“. ڊاڪٽر صاحب سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ ايڊيٽر طور به ڪم ڪيو آهي. سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي ڪتابن ۾ سندس نظم پڻ پڙهايا ويندا آهن. ڊاڪٽر صاحب ڪيترن ئي تحقيقي مضمونن جو ترجمو به ڪيو آهي. سندس ترجمو ڪيل ڪالمن ۾ “Runni Kot” کي تمام گھڻي پذيرائي ملي چڪي آهي. پاڻ شهره آفاق ڪتاب ڪاسماس جو ترجمو به ڪيو آهي. پاڻ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ميمبر طور خدمتون پڻ سرانجام ڏنيون آهن. ڊاڪٽر صاحب جي ڪيل خدمتن کي مڃتا ڏيندي، ڪافي ادارا کيس وقت بوقت ايوارڊ به ڏيندا رهيا آهن. پاڪستان پروفيسر ايسوسيئيشن پڻ سندس ڊاڪٽوريٽ ٿيسس تي ڪيل بهترين تحقيق جي عيوض کيس انعام سان نوازيو آهي. کيس ۲۰۰4ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جو مادر وطن ايوارڊ ۽ ۲۰۰۵ع ۾ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو اڪيڊمي طرفان ٻولي ۽ لٽريچر جي ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو. پاڪستان انفارميشن ڊپارٽمينٽ طرفان نئين زندگي رسالي ۾ ڪيل ڀاڱيداري عيوض ڊاڪٽر صاحب کي ايوارڊ آڇيو ويو، جيڪو ايوارڊ وٺڻ کان پاڻ اهو چئي انڪار ڪيو ته؛ ”سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجي حيثيت مطابق درجو نه ٿو ڏنو وڃي“. المختصر ته ڊاڪٽر صاحب جي ذات، ڪردار، تخليق، فلسفو، عمل، جستجو ۽ سنڌ ڌرتيءَ، ٻولي ۽ تعليم سان محبت، اسان ديس واسين لاءِ هڪ مشعل راهه آهي. پاڻ نه صرف سنڌين کي سنڌي ۾ اعليٰ سائنسي تعليم لاءِ آماده ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر پنهنجي اولاد (پٽن، پوٽن، ڏوهٽن، ڌيئرن، پوٽين، ڏهٽين) کي سنڌي اسڪولن ۾ تعليم ڏياري، انهي جو عملي مظاهرو پڻ ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحب جي پٽن ۽ ڌيئرن کي اعليٰ عهدن تي ڏسي، اهي ماڻهو جيڪي سنڌي ۾ تعليم کي وقت جو زيان سمجھندا هئا، سي به پنهنجي ٻارن کي ڊاڪٽر صاحب جي قائم ڪيل سنڌي اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ تي ترجيح ڏئي رهيا آهن. اهڙي طرح ڊاڪٽر صاحب انهن ماڻهن جو منهن پڻ بند ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي سمجھندا هئا ته سنڌيءَ ۾ تعليم پرائڻ سان ٻار وڏن عهدن تي نٿا پهچي سگھن. مطلب ته ڊاڪٽر صاحب جي زندگي ۽ فلاسافي اسان سنڌ واسين لاءِ اها راهه آهي، جيڪا منزل مقصود تي پهچائي ٿي. هاڻي اسان سنڌ واسين جي ذميواري آهي ته ڊاڪٽر صاحب جي شروع ڪيل سفر کي سنڌي سائنس يونيورسٽيءَ قائم ڪرڻ تائين پهچائي ڊاڪٽر صاحب جي مقصد کي عملي جامون پارايون ۽ سنڌي قوم ۽ ٻولي جي بقا کي هميشه لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيون. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي تعليمي ماهر جو وڇوڙو علي ڏنو جروار سنڌ جي صدين کان وٺي ڪيترا ئي انمول ماڻڪ موتي، هيرا، ليکڪ ۽ دانشور پيدا ڪيا آهن جن مان ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي به هڪ آهي سو اڄ سنڌ ڌرتي کان وڇڙي ويو آهي. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته سنڌ اڄ هڪ وڌيڪ تعليمي ماهر کان محروم بڻجي چڪي آهي. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي جنهن جو تعلق سنڌ جي انتهائي پڙهيل لکيل ۽ باشعور خاندان سان آهي سندس وڏا ۽ اولاد اڄ تائين تعليم کاتي سان لاڳاپيل آهي سندن مامو محمد اسماعيل عرساڻي به سنڌ جو هڪ بهترين تعليمي ماهر ۽ استاد هو، جنهن ”بدنصيب ٿري“ جهڙا ناول تخليق ڪيا. انهيءَ حوالي سان ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي پڻ هڪ استاد هئڻ سان گڏوگڏ هڪ بهترين ليکڪ، ترجمي نگار ۽ ڪتاب مرتب ڪندڙ هئا. پاڻ سڄي زندگي گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري ۾ سنڌي مضمون جا استاد رهيا. پاڻ سنڌيءَ ۾ پي ايڇ ڊي ڪيائون. رٽائرمينٽ کانپوءِ به درس ۽ تدريس سان لاڳاپيل رهيا. ڪتاب ڇپائڻ، مرتب ڪرڻ ۽ ترجمو ڪرڻ ۾ مصروف رهيا. قاسم آباد حيدرآباد ۾ سندن هڪ نجي اسڪول به آهي، جتي مثالي ۽ معياري تعليم ڏني وڃي ٿي. سندن ٻه فرزند گل عرساڻي ۽ احسان عرساڻي اڄ به سنڌ جي تعليم کاتي سان لاڳاپيل آهن. احسان عرساڻي مهراڻ يونيورسٽي ۾ استاد جا فرائض سرانجام ڏئي رهيو آهي ته وري گل عرساڻي حيدرآباد جي ڪنهن هائر سيڪنڊري اسڪول ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي مطلب ته سندن سڄو خاندان درس ۽ تدريس سان لاڳاپيل آهي، جتي به سنڌ جي اهڙن خاندانن جو ذڪر ايندو جن نسل در نسل پنهنجون خدمتون علم ۽ ادب کي ارپيون آهن، تن ۾ هالا جي هن عرساڻي خاندان جو نالو به سرفهرست هوندو. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي کي آئون ۱۹۸۸ع کان وٺي سڃاڻان ٿو، جڏهن آئون پي ٽي سي ڪرڻ لاءِ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ داخل ٿيس. سائين عرساڻي صاحب ان وقت گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري حيدرآباد ۾ پروفيسر جي حيثيت سان ڊيوٽي ڪري رهيو هو ان وقت ٽريننگ ڪاليج جي هڪ ناليواري استاد ۽ يگاني عالم سائين حيدر علي خان لغاري سان سندن نيازمندي هئڻ جي ڪري هو روزانو شام جو ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جي لان تي اچي ڪچهري ڪندا هئا، جن ۾ سائين حيدر علي خان کانسواءِ پروفيسر امير علي قادري ۽ ٻيا ڪيترائي علم ۽ ادب سان لاڳاپيل شخص اچي شريڪ ٿيندا هئا. تن ڏينهن ۾ سائين حيدر علي خان ۽ امير علي قادري سنڌ فلاسافيڪل سوسائٽي پاران علامه آءِ آءِ قاضي جي ليڪچررس تي مبني ڪتاب ”اُو ڪو ٻيو فهم“ ڇپرائي رهيا هئا، جنهن ۾ شمس الدين عرساڻي صاحب پڻ سندن رهنمائي ڪندا رهندا هئا ۽ اُتي ويهي پروف وغيره چيڪ ڪندا هئا يا ڪٿي ڪا ايڊيٽنگ ڪندا هئا. مون تن ڏينهن ۾ سائين عرساڻي صاحب کان ڪتابن ۽ علم ادب بابت گهڻو ڪجهه سکيو ۽ پرايو. سندن ڳالهائڻ جو انداز اهڙو ته پُراثر هوندو هو جو سامهون وارو سندس هر ڳالهه آسانيءَ سان سمجهي ويندو هو. سائين شمس الدين عرساڻي زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين سندن ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۽ ٻين علمي ادبي ادارن سان پڻ لاڳاپيل رهيو. سن ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ ڪم ڪرڻ دوران مون به کانئس تمام گهڻي رهنمائي ۽ رهبري حاصل ڪئي. سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ سنڌيءَ جو ماهر هئڻ جي حيثيت سان پاڻ ڪيتري ئي عرصي کان لاڳاپيل رهيا، جنهن ۾ نصاب جي ترتيب، ورڇ، ورهاست ۽ ايڊيٽنگ وغيره جهڙا ڪم سرانجام ڏيندا هئا. سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ سنڌي سبجيڪٽ متعلق جيڪي به گڏجاڻيون ٿينديون هيون يا رٿابنديون ٿينديون هيون تن سڀني ۾ عرساڻي صاحب جي شرڪت هوندي هئي. مطلب ته شمس الدين عرساڻي سنڌ جو هڪ اهڙو تعليمي ماهر هو، جيڪو سدائين علم، ادب، درس، تدريس ۽ نصاب جي عملي ڪمن ۾ شامل رهيو. سندن علمي ادبي خدمتون سنڌ جي ماڻهن کي سدائين ياد رهنديون. اڄ هي سٽون ڏک سان لکي رهيو آهيان ته سنڌ سدائين لاءِ هڪ بهترين تعليمي ماهر، اديب، ليکڪ ۽ استاد کان محروم بڻجي وئي آهي. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي خواب کان حقيقت تائين... امتياز احمد عرساڻي ساهه جي تند ضرور ٽُٽندي آهي، پر تسلسل هميشه جاري رهندو آهي. فطرت انسان کان سندس طبعي صورت ته کسي ٿي، پر ان جي متبادل ان مان ئي ساڳي طبعي توڙي ذهني امتزاج سان سندس ئي عڪس پيدا ڪري وٺي ٿي. ڪيڏو نه عجيب آهي! انسان جي فڪر ۽ سوچ منجهان ئي جڙيل سماج سندس ئي امنگن ۽ احساسن تي قدخن لڳائي ٿو ۽ پنهنجي ئي اوج ۽ آساني ۾ رڪاوٽون پيدا ڪري ٿو. اهو انسان جنهن کي فطرت طرفان اڳ ئي خاص دائرن ۾ اوڙهيل طبيعت ۽ سوچ مليل هجي ۽ ڄمندي ئي معاشري جا مقرره اصول سندس جهولي ۾ اچيو پون، پر تڏهن به هو سماج جي ٽڪساٽ کي سمجهي، ان ماحول ۾ پنهنجا معيار جوڙڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري، اها ڪار ڪنهن عام فرد جي نه آهي!... انسان اتفاقي عمل جي پيداوار آهي ۽ فطرت جا اتفاق به انسان جي جڙڻ شرط ئي شروع ٿيو وڃن. مخصوص شبيهه، قد ڪاٺ ۽ جنس جي جڙڻ تي ڪنٽرول اڃا انسان حاصل نه ڪري سگهيو آهي، ها پر ان جي ويجهو ضرور پهچي ويو آهي! جيستائين سائنس فطرت جي حادثن تي قابو پائي، اوسيتائين اهي غير معمولي انسان ئي آهن، جيڪي فطرت جي ڪٿيل دائرن مان انسان جي جان آجي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. اهي انسان طبعي طور ضرور دنيا مان هليا وڃن ٿا، پر سندن عمل، فڪر ۽ سوچ جو تسلسل هميشه فطري حادثن سان مهاڏو اٽڪائيندو رهي ٿو. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي به انهن ئي انسانن مان هڪ آهي، جن فطرت جي اتفاقي اصولن کي سمجهيو ۽ ان جي روشني ۾ پنهنجي سماج کي هڪ نه کٽندڙ ۽ هميشه جاري رهندڙ، سوچ و فڪر ڏنو. اها سوچ جنهن جي سمت جو تعين نه ٿو ڪري سگهجي، اها سوچ جنهن جي ڪا به حد مقرر نه آهي، اها سوچ جيڪا وقت جي وهڪرن سان هميشه گڏ رهڻ ٿي چاهي. اها سوچ جنهن کي ڪنهن به صورت سان تشبيهه نه ٿي ڏئي سگهجي، اها سوچ جنهنجي قد ڪاٺ جو به اندازو نه ٿو لڳائي سگهجي. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي جن حالتن ۽ ماحول ۾ جنم ورتو، اهو دور لاهن چاڙهن ۽ تبديلين سان ڀرپور هو. ڄمندي ئي والد جو گذاري وڃڻ ۽ سندس يتيمي واري زندگي جو احساس مون کي به تڏهن ٿيو آهي، جڏهن آئون سندس وجود کان خالي دنيا ڏسي رهيو آهيان، پر سندس ساهه جو ڇهاءُ مان اڃا به چڱيءَ ريت محسوس ڪندو آهيان ۽ سندس آزاد سوچن جي وهڪري ۾ پاڻ کي اڃا به وهندي محسوس ڪندو آهي. آئون پنهنجو پاڻ کي ان جي ڏنل آفاقي اصولن جو شاخصانو سمجهان ٿو، جيڪي اصول هر قيد و بند کان آزاد ۽ بي فڪرا آهن! ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي جي جنم ڀومي ته هالا نوان هئي، پر ٻن سالن کان وٺي سموري پرورش حيدرآباد شهر ۾ ٿي. سندس جنم جي ٺيڪ ۱۰ سالن بعد سنڌ اندر سياسي، سماجي ۽ ثقافتي اٿل پٿل سموري مانڊاڻ کي تبديل ڪري وڌو. ڄڻ ته گهٽين کان سندن شناخت ئي وڃائجي وئي! يڪا يڪا سمورو ماحول اوپرو اوپرو!..... رستن کان پنهنجو ساءُ ڇڏائجي ويو ۽ کاڌن مان پنهنجو سواد! ٻوليءَ کان پنهنجا لفظ وسري ويا ۽ زبان کان پنهنجو لهجو! شهرن مان اهي رنگ هليا ويا ۽ ماڻهن مان سندن روپ!... ڄڻ اهو ماڻهن جو ڪيل قهر نه پر ڪا اهڙي آفت هجي، جيڪا پل ڀر ۾ سمورا پيار، محبتون، دلڪشيون، رعنايون، سپنا، مستقبل ۽ سڀ ڪجهه ڪنهن وهڪري سان گڏ کڻي وئي هجي يا اهڙي ڀوميڪا آئي هجي جنهن کن پل ۾ سڀ ڪجهه تبديل ڪري ڇڏيو هجي. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي هوش سنڀاليندي ئي سون ورني ۽ پيار محبت جي هن ڌرتي کي وطن پرستي، وفاق پرستي، قوم پرستي، مذهب پرستي، انا پرستي ۽ مفاد پرستي جي سوچ سان تمام گهڻن حصن ۾ ورهائجندي ڏٺو پر هر عام و خاص وانگر سندس مزاج ۽ فڪر ڪنهن خاص اثر ڏانهن منقسم ٿيڻ بجاءِ ان رخ ڏانهن راغب ٿيو، جيڪو سنڌ جي آزاد سوچ جو رستو هو. عقيدن جا آڪار هجن يا صوفي ازم جا تهوار، درگاهن جا در هجن يا فقيرن جون محفلون هر اها سوچ، جيڪا اسان کي منطق کان پري ڪري ۽ جيڪا اسان جي سوچن کي محدوديت ڏانهن ڌڪي ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي هميشه ان سوچن جي نفي ڪئي. خودشناسي کي معيار ٺاهيندي، ننڍڙن مفادن ۽ ڪوڙين انائن کان هميشه پاڻ کي پاسيرو ڪيو، خوداري، خودانحصاري تي ڪڏهن ڪوبه سمجهوتو ڪونه ڪيو. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي جو هميشه کان اهو خواب رهيو ته اسين پنهنجي وڃايل شهرن، رستن، گهٽين ۽ پاڙن کي واپس ماڻيون، هتي اهڙو ئي ماحول جوڙيون جيڪو سندس هوش سنڀاليندي ئي ڪٿي وڃائجي ويو. سندس خواب جي تعبير ٻولي جي زندگيءَ ۾ لڪل آهي. اها ٻولي جيڪا اسان جي قوم جي مستقبل جي ضمانت آهي، اها ٻولي جنهن وسيلي اسين خواب ڏسون ٿا، اها ٻولي جنهن جي نالي سان اسان کي هيءَ ڌرتي نصيب ٿي آهي، اها ٻولي جيڪا اسان جي سڃاڻپ آهي، اها ٻولي جيڪا اسان لاءِ سائنسي، سماجي، اخلاقي ۽ اقتصادي ترقيءَ جو رستو آهي. ان ٻوليءَ کي سنوارڻ ۽ ترقي وٺرائڻ اسان سڀني جو فرض آهي. اهو فرض اڃا به وڌيڪ چٽو ۽ صاف ٿي وڃي ٿو جڏهن اسان کي نئين دنيا جا ٻه طرفه چئلينجز سامهون اچن ٿا. پهريون چئلنج: دنيا سڪڙجي گولائين ڳوٺڙي جي صورت اختيار ڪئي آهي ته هر قوم پنهنجي پنهنجي ٻولي جي بقا لاءِ جٽجي وئي آهي. ٻيو چئلينج اسان کي اندروني طور سامهون آيو آهي، جن علائقن ۾ رابطي جي ٻولي سنڌي هوندي هئي، ان جي جڳهه هاڻي اردو والاري آهي. سرڪاري سرپرستي نه هئڻ ۽ ڌارين جي آبادڪاري سبب سنڌي ٻولي سڪڙجندي نظر اچي ٿي. پنهنجا ئي پنهنجي ٻولي کان ناآشنا ۽ ان جي اهميت کان اڻ واقف ٿيندا نظر اچن ٿا. اسان جا سياستدان، تعليمدان، ڪامورا ۽ ٻين مڪتبه فڪر جا ماڻهن سنڌي ٻوليءَ کي رڳو ڳالهائڻ جي حد تائين اهميت ڏيندي، پنجاپي، ڍاٽڪي، سرائڪي ۽ ٻين ننڍين ننڍين ٻولين سان مماثلت ڏئي رهيا آهن. جڏهن ته سنڌي ٻولي سرڪاري حيثيت ۾ سائنسي، اقتصادي ۽ قانون جي ٻولي آهي، جنهن ۾ اعليٰ درجن تائين دنيا جو هر علم ڏئي سگهجي ٿو. ڊاڪٽر صاحب جو خواب هو ته اسين پنهنجي قوم کي آرٽس، ڪامرس توڙي سائنس جو هر علم پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾ ڏيون. جنهن لاءِ سنڌي سائنس يونيورسٽي جو قيام عمل ۾ آڻيون. جيئن اسان جي قوم ٻين زنده قومن وانگر سمورو علم پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾ حاصل ڪري تنقيد، تحقيق ۽ تخليق جون جديد منزلون حاصل ڪري. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي ڄاتو ٿي ته فرد ادارن کي جوڙيندا آهن ۽ ادارا فردن کي، ان حقيقت جي پيش نظر هن هميشه ادارن کي جوڙڻ ۽ پروان چاڙهڻ کي ترجيح ڏني. ڊاڪٽر صاحب پنهنجي محدود وسيلن هوندي به ننڍي هوندي کان ئي فڪري ادارا جوڙڻ ۽ انهن کي پروان چاڙهڻ جي ڪوشش ڪئي، ٻارڙن جي ٻاري،ٻارڙن جي لائبرري ۽ اسٽڊي سرڪلس اهڙا ادارا هئا جيڪي ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي پنهنجي ٻالڪپڻي ۾ ئي قائم ڪيا ۽ انهن کي ڪاميابي سان هلايو. سندس جواني، تعليم کاتي ۾ خدمتون ڏيندي ۽ سنڌ جي تعليم سان لاڳاپيل ٻين ادارن کي سگهه بخشڻ ۾ گذري. هن سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌيالاجي، سنڌي لينگئيج اٿارٽي، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۽ ٻين به ڪيترن ئي سرڪاري توڙي غيرسرڪاري ادارن ۾ پنهنجون بي لوث خدمتون سرانجام ڏنيون. اخبارن، رسالن ۽ ملڪي توڙي غير ملڪي جريدن ۾ سندس لکيل ڪهاڻيون، مضمون، ٻاراڻو ادب ۽ شاعري سنڌي ادب ۾ هڪ خاص جڳهه والارين ٿيون. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي پنهنجي سرڪاري خدمتن دورآن حتڪ الامڪان ڪوشش ڪئي ته حڪومت سنڌ طرفان جڙيل سنڌي ٻولي ۽ تعليم جي ادارن لاءِ ڪم ڪجي ۽ ان جي ترويج و اوسر لاءِ خاص قدم کڻجن. هن چاهيو ٿئي ته اهي ادارا جنهن مقصد لاءِ کليا آهن، انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ واسطي صحيح رخ ۾ ڪم ڪن، پر بدقسمتي سان سمورا سماج جي زوال سان گڏ اسان جا ادارا به زوالپذيري جو ڏيک ڏيڻ لڳا. ادارن ۾ اجتماعي اخلاقي بحران ۽ ڪمزورين سبب اهو ممڪن نه رهيو ته انهن ادارن مان ڪا به اميد رکي سگهجي. ان صورتحال جي پيش نظر، ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي ۱۹۹۹ع ۾ رٽائر ٿيڻ جي فورن بعد پنهنجي ساري عمر جي جمع پونجي ۽ رٽائرمينٽ جي رقم سان ادارو جوڙڻ جو ارادو ڪيو. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي ٻارهن مهينن جي ڪوشش سان پنهنجن هم خيالن سان ملي سن ۲۰۰۰ع ۾ سنڌي ٻولي، تعليم ۽ ثقافت جي واڌاري لاءِ اوسر پيڙهڪا امانتاڻه جو بنياد وڌو. “اوسر” جو لفظ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي جي فرزند ڊاڪٽر ضياءُالدين عرساڻي (جيڪو هاڻي انگلينڊ ۾ رهائش پذير آهي) تجويز ڪيو، جنهن تي سمورن شرڪاءُ اتفاق راءِ رکيو. اوسر پيڙهڪا امانتاڻه کي رجسٽر ڪرايو ويو ۽ هن اداري سن ۲۰۰۲ع ۾ سنڌي ٻولي، تعليم ۽ ثقافت لاءِ باقاعده ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي جسماني طور تي اڄ اسان سان گڏ نه آهي پر سندس خواب اڄ حقيقت جو روپ ڌارڻ وڃي رهيو آهي. سندس سوچ ۽ فڪر سان قائم ٿيل هي ادارو پنهنجي ڪاميابي جون منزلون طئي ڪندو اهڙي منزل تي اچي بيٺو آهي، جو اڄ اسين فخر سان چئي سگهون ٿا ته جيڪو خواب ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي ڏٺو ان جي ساڀيان ممڪن بنجي وئي آهي. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي نئين ٽهيءَ جو اتساهه پروفيسر منوج ڪمار ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي جو جنم ۲ اپريل ۱۹۳۷ع تي هالا ۾ ٿيو. جنهن جو رهاڪو آئون پاڻ آهيان، جيتوڻيڪ سائين ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي جي وڏن حيدرآباد وڃي وسايو پر سندن تعلق اڃا به ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان هالا سان جڙيل آهي. هالا ۾ گهٽي به اڃا تائين عرساڻين جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي. سو آئون فخر محسوس ڪريان ٿو ته منهنجو تعلق به انهيءَ شهر سان آهي، جتي عرساڻي صاحب جو جنم ٿيو. اسان جو اڪثر ان ڳالهه تي بحث ٿيندو آهي ته ڪو ماڻهو وڏو ڪيئن هوندو آهي؟ يا وڏو ماڻهو ڪيئن چورائبو آهي؟ هونءَ ته هر ڪو محنت ڪري ٿو، پنهنجي لاءِ پنهنجن ٻچن لاءِ ڪم به ڪري ٿو، پگهر به وهائي ٿو، پر اصل ۾ وڏو ماڻهو اهو آهي، جيڪو انهن سڀني ڳالهين کي مٿانهون ٿي خدمتون سر انجام ڏي. پنهنجي ڌرتي واسين لاءِ ڪجهه ڪري ڏيکاري، قرباني ڏي، مسلسل جدوجهد ۾ رهي ۽ بنا ڪنهن غرض، لوڀ لالچ جي پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏي. اهڙا ماڻهو سنڌ ۾ تمام گهٽ نظر اچن ٿا، جيڪي وڏ ماڻهپي جي وصف تي پورا لهندا هجن. پر آئون يقين سان چوندس تي سائين شمس الدين عرساڻي انهيءَ وصف تي پورو پورو لهي ٿو. عرساڻي صاحب پنهنجي قلم ۽ پنهنجي ڏات سان سنڌ کي گهڻو ڪجهه ڏنو آهي ۽ سندن اڌ صديءَ تي مشتمل پورهئي، سنڌ کي يقينن علمي ۽ ادبي طور تي تعليمي ۽ سماجي طور شاهوڪار ڪيو آهي. هر ڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ ماهر آهي. ڪنهن جون ادب ۾ خدمتون آهن ته ڪنهن جون تعليم ۾ ته ڪنهن جون وري سماج ۾؛ پر جيڪڏهن ٽئي کيت ڪنهن هڪڙي ماڻهوءَ ۾ اچي گڏ ٿيا آهن، جنهن جون وڌ کان وڌ خدمتون آهن ته اهو شخص آهي، ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي! ڊاڪٽر عرساڻي جون خدمتون يقينن انتهائي شاندار آهن. حقيقت اها آهي ته عرساڻي صاحب جي ڪم کي مسلسل نگاهه ۾ رکون ٿا ته سندن ڪيل ڪم جي جيڪا وسعت ۽ گوناگونيت آهي، انهن ۾ جيڪي مختلف حوالا آهن انهن کي ڏسي حيرت ٿئي ٿي ته ڊاڪٽر عرساڻي ڪيڏي نه سڦل، ڪيڏي نه تخليقي زندگي گذاري آهي. جيڪڏهن اسان ادب جي کيتن ۾ ڏسون ته مون کي نه ٿو لڳي ته ادب جو ڪو اهڙو موضوع هجي جنهن تي شمس الدين عرساڻي صاحب طبع آزمائي نه ڪئي هجي. سندس سرجيل ۲۰ ڪتاب هڪٻئي کان مختلف ۽ انتهائي اهم موضوعن تي آهن. جنهن ۾ ادبي تنقيد به آهي، سائنسي افسانا به آهن، ادب آهي ته لغت به آهي، تاريخ به آهي ته مضمون به آهن ۽ ٻيا به ڪافي موضوع آهن، جن تي عرساڻي صاحب جو ڪم ٿيل آهي. سندن ۵۰۰ کان وڌيڪ مقالا آهن، جيڪي اڃا تائين ڏيهي ۽ پرڏيهي درسگاهن ۾ حوالاتي طور نصاب ۾ پڙهايا وڃن ٿا ۽ يقينن اهو منهنجي لاءِ ممڪن ڪونهي ڪو ته آئون سڀني مقالن ۽ ڪتابن تي ڳالهائي سگهان. ڊاڪٽر شمس الدين اڄ اسان وچ ۾ موجود ڪونهي پر سندس ڳاڻ ڳڻيا ڪتاب ۽ مضمون اسان سامهون موجود آهن، جنهن مان نه صرف اسين پر ايندڙ هر نسل فائدو وٺندو رهندو. آئون انتهائي ذميواري سان اها ڳالهه چوندس ته سائين عرساڻي جو ڪيل علمي پورهيو انهي معيار جو آهي جو علم جي تاريخ ۾ شايد ئي ڪو سندس جاءِ والاري سگهي. آئون چاهيندس ته سائين جي پهرين ورسي جي موقعي تي سائين شمس الدين عرساڻي جي ڪجهه لکڻين بابت پنهنجي پڙهندڙن کي روشناس ڪريان، جنهن مان اوسر پهاڪاتي لغت به هڪ آهي. هن ڪتاب جو معيار ۽ ڪم اهڙو آهي جو جيڪڏهن عرساڻي صاحب ٻيو ڪوبه ڪم نه ڪري ها، رڳو هي هڪڙو ئي ڪتاب لکي ها تڏهن به هي هڪڙو ئي قلمي پورهيو سندس نالي جي اهڙي ته ڇاپ هميشه لاءِ ادبي دنيا ۾ ڇڏي وڃي ها، جنهن جو مثال ملڻ مشڪل ئي نه پر ناممڪن آهي. آئون پاڻ ٻوليءِ جو استاد آهيان، ٻوليءَ جو شاگرد به رهيو آهيان، ٻولي جي اهميت کان به واقف آهيان، جنهن محنت ۽ محبت سان عرساڻي صاحب سنڌ جي ثقافتي ورثي ۽ لوڪ ڏاهپ جي جيڪا خدمت ڪئي آهي ۽ انهي جا جيڪي ادبي حوالا ڏنا آهن، سچ پڇو ته سنڌ جي علمي، ادبي تاريخ ۾ انهيءَ معيار جو ڪتاب انهي کان پهرين مونکي ڪٿي نه ٿو ملي. پهاڪاتي لغت ۾ عرساڻي صاحب سنڌي اردو ۽ انگريزي هم معنيٰ پهاڪا ۽ انهن جو تقابلي جائزو ۽ ڀيٽ پڻ پيش ڪئي آهي، جنهن سان گڏ سندس مرتب ٿيل گفتارون انتهائي شاندار آهن. يقينن توهان جڏهن اهو ڪتاب پڙهندا ته خاص ڪتاب جي شروعات ۾ جيڪو پهاڪن ۽ انهيءَ جي اهميت تي تحقيقي بحث ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ان جي مختلف پهلوئن کي نهايت ئي چٽائيءَ سان تمام شاندار طريقي سان بيان ڪيو ويو آهي. هي ڪتاب يقينن سنڌي ٻولي جي شاگردن توڙي عام پڙهندڙن لاءِ هڪ بهترين سرمايو ثابت ٿيندو. ساڳئي طريقي سان ڊاڪٽر عرساڻي جو ٻيو ڪتاب ”سنڌي سماج ۽ انساني معاشري جي اوسر“ به تمام اهم ڪتاب آهي. سندن اهو ڪتاب مختلف رسالن ۽ ڪتابن ۾ ڇپجندڙ مضمونن جو مجموعو آهي ۽ انهن مضمونن جو مواد ۽ معيار ڪنهن به لحاظ کان گهٽ ناهي. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي ”شخص ۽ عڪس“ ڪتاب پنهنجي موضوع ۽ اصلوب جي لحاظ کان دلچسپ ڪتاب آهي. مون کي سندن مرزا قليچ بيگ، سائين حيدر خان لغاري ۽ سائين محمد اسماعيل عرساڻيءَ تي لکيل خاڪن ڏاڍو متاثر ڪيو. اهي نه فقط معلوماتي آهن پر ڏاڍا دلچسپ ۽ پنهنجي ٻوليءَ جي حساب سان ڪارائتا آهن. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي صاحب ڊرامانويس، ڊاڪيومينٽريز ٺاهيندڙ، ڪاسماس سائنسي ڪتاب جو ”آفاق“ جي نالي سان ترجمو ڪندڙ ۽ ڪالم نويس به رهيا آهن. پر سڀني کان وڌيڪ جيڪو سندن ڪم رهيو آهي، سو يقينن سماجي ميدان ۾ رهيو آهي. جيڪو ڪم اوسر پيڙهڪا ڪري رهي آهي. جيڪي اسڪول اوسر پيڙهڪا قائم ڪيا آهن، اوسر جو ڪم ۽ ڪارڪردگي جو مثال ٻيو ڪٿي نه ٿو ملي. اوسر جا ڪافي اسڪول منهنجي تعلقي هالا ۽ مٽياري ۾ قائم ڪيل آهن. جن جون دعوتون به اڪثر ملنديون رهنديون آهن، انهن دعوتن ۾ ڪوشش ڪري ضرور ويندو آهيان. سرڪاري اسڪولن جي معيار تي اڃا به سوال اٿن ٿا، پر اوسر جيڪي اسڪول قائم ڪيا آهن، مهانگائي جي دور ۾ اهڙا ادارا جيڪي غريبن کي مناسب فيس ۾ اهڙي معيار جي تعليم ۽ سهولتون مهيا ڪري ڏين، اهو معيار ۽ سهولتون وڏيون فيسون اوڳاڙيندڙ اسڪول به نه ٿا ڏئي سگهن. سائين ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي صاحب جي جيڪا مونکي سڀ کان وڌيڪ ڳالهه وڻي اهو آهي پنهنجي پونئيرن لاءِ ڇڏيل ”ورثو“....! ماڻهو پنهنجو ورثو پنهنجي پونئيرن ۾ منتقل ڪندا آهن. جنهن ۾ ڪجهه ڄمندي ئي منتقل ٿي ويندو آهي ته ڪو وري سماجي گهرجن پٽاندر منتقل ڪيو ويندو آهي. طبعي ۽ موروثي وراثت ته فطري طور عمل ۾ اچي ويندي آهي، پر جائداد، مال ملڪيت ۽ زمين جي ورهاست جو عمل پنهنجي هٿ وس سان ڪيو ويندو آهي. پر سڀني کان وڏو ورثو جيڪو پنهنجن وڏن کان غير ارادي طور منتقل ٿيندو آهي، اهو اخلاق، ڪردار، ريتون، رسمون، روين ۽ قدرن تي مشتمل هوندو آهي. مون کي جيڪا سڀ کان وڌيڪ سنڌ ۾ کوٽ نظر آئي سا اها ته اسان پنهنجي اولاد ۾ مالياتي ورثو ته منتقل ڪريون ٿا پر سماجي ورثو منتقل نه ٿا ڪريون، جيڪي اسان جا اديب آهن سي اهي سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڳوڙها ڳاڙيندي نظر ايندا آهن پر جڏهن پنهنجي اولاد ۾ سنڌي پڙهائڻ جي ڳالهه ايندي آهي ته اهي پنهنجي موقف تان عملي طور ڦرندي نظر ايندا آهن. سماجي طور تي اهي ڳالهيون ته ڪندا آهن پر پهنجي اولاد ۾ اهو ذميواريءَ وارو رويو پيدا ڪرڻ هنن کان ڪو نه پڄندو آهي. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي جي سڀ کان وڌيڪ اها ڳالهه سٺي لڳي ته هنن شعوري طور تي پنهنجي اولاد ۾ اهي سڀئي قدر پروان چڙهايا جن قدرن لاءِ هن پنهنجي سڄي زندگي ارپي. ڊاڪٽر عرساڻي صاحب ٻوليءَ سان عشق صرف پاڻ تائين محدود نه رکيو، بلڪ پنهنجن ٻارن ۾ به اهو عشق منتقل ڪيو. جڏهن اسين پنهنجي زندگيءَ جو جائزو وٺون ٿا ته مون سميت مونکي ڪوبه اهڙو ماڻهو نظر نه ٿو اچي جنهن پنهنجا ادبي، تعليمي ۽ سماجي لاڙا پنهنجي آئيندن ڏانهن ايئن منتقل ڪيا هجن، جيئن عرساڻي صاحب ڪيا آهن. ڊاڪٽر عرساڻي جو اولاد نه صرف پنهنجي فيلڊ جي حساب سان بلڪ علمي ادبي سماجي، ڪم ۾ به ڀڙ آهي. ڊاڪٽر احسان احمد عرساڻي جا ڊيلي موشن تي سنڌيءَ ۾ رکيل سائنسي ليڪچر ۽ سندس ڪيل اصطلاح سازي يا مضمون نگاري ڪنهن کان لڪل ناهي. امتياز احمد عرساڻي ڏينهن رات جيڪو اوسر جي سماجي ڪمن ۾ رڌل نظر اچي ٿو، سو به سڀني اڳيان مثال آهي. اوسر جو جيڪو سفر سائين اسماعيل عرساڻي ۽ سائين شمس الدين عرساڻي کان شروع ٿيو سو اڄ احسان، امتياز ۽ سندس ڌيءَ سنڌيه عرساڻي جي صورت ۾ روان دوان آهي. صرف ايترو ئي نه پر ڊاڪٽر صاحب ڪٽنب ۾ آيل پنهنجي اولاد جي ونين کي به ادب ۽ تعليم جي ان ساڳي ئي رنگ ۾ رڱي ڇڏيو، جنهن ۾ سندس سمورو ڪٽنب پيوست آهي. اميد ٿا ڪريون وقت سان گڏ اهو سفر اڃا به اڳيان وڌندو ۽ روان دوان رهندو. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي جي ٽئين پيڙهي به اهو ئي ڪري ڏيکاريندي، جيڪو ڪجهه سندس اولاد ڪري رهيو آهي. آئون سمجهان ٿو ته سڀ کان وڏو ۽ اعليٰ ڪم به اهو ئي آهي ته پنهنجي آئيندن کي پنهنجي مالي ورثن سان گڏ سماجي، اخلاقي ۽ قومي ورثا به منتقل ڪجن. اسان کي پنهنجي زندگيءَ جي ضايع ٿيڻ جو شديد احساس پڻ ٿيندو آهي ته هيترو وقت گذارڻ کان پوءِ به اهڙو ڪو ڪم نه ڪيو اٿئون جو چئي سگهون ته اسان جو ڪم ٿيل آهي. حقيقت اها آهي تي عرساڻي صاحب جيڪو علمي، ادبي، تعليمي، سماجي ڪم ڪيو آهي، سو اسان جهڙن ماڻهن کي اوترو ڪم ڪرڻ لاءِ الائي ڪيتريون زندگيون کپنديون. الائي ڪيترا جنم وٺڻا پوندا. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي جو سماج لاءِ ڪيل ڪم نئين ٽهيءَ لاءِ هڪ کليل ڪتاب آهي، جيڪو نسل در نسل سندس اولاد، شاگردن ۽ قوم جي شڪل ۾ هميشه جاري و ساري رهندو. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي سنڌي ادب جي هيرو جو وڇوڙو ابراهيم لاشاري وادي مهراڻ جي ٻولي ۽ ادب تي گهري نظر ڪبي ته هن ڌرتي ڪيترن ئي املھ اديبن، شاعرن، تعليمي ماهرن،علم جي اڪابرن کي پنهنجي گود ۾ هميشه جنم پئي ڏنو آهي جن پنهنجي ڪيل خدمت عيوض هميشه ادبي لڏي ۾ پنهنجو پنهنجي ديس جو نالو دنيا جي انسان تائين جرڪايو آهي اهڙن علمي ادبي شخصيتن منجهان سنڌي ادب ۾ کي هڪ وڏي سگهه ڏيندڙ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي پڻ هڪ آهي جنهن سال ۱۹۳۹ع جي ۲ اپريل آچر ڏينهن هالا جي پڙهيل لکيل خاندان جي عظيم انسان نور محمد عرساڻي ۽ امڙ نعمت خاتون جي گهر پهريون ساهه کڻي جنم ورتو. سندس والدين ننڍي هوندي بهترين تعيمي تربيت ڪري مين پرائمري اسڪول هالا منجه داخل ڪرايو جتان هن ذهين شاگرد اسڪول ۾ پهريون نمبر کڻي پنج درجا پاس ڪيا. وڏڌيڪ تعليم حاصل ڪندي ڪندي وڏي منزل تي پهتو، شمس الدين عرساڻي صاحب سال ۱۹۵۸ع ڌاري سرڪاري ملازمت اختيار ڪندي ڪجهه وقت مختيار ڪار تعلقه آفيس حيدرآباد ۾ سر شيتدار ٿي رهيو ۽ ڪجهه عرصو وري ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد جو سرشيتيدار واري عهدي تي ٻه ڪم ڪندو رهيو سندس اها نوڪري ڀان نه پئي هن روينو کاتي کي الوداع چئي سال ۱۹۶۱ع ڌاري درس تدريس واري شعبي پڙهڻ پراهائڻ سان سلهاڙجي ويو پهريان پهريان ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي صاحب گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ اسسٽنٽ ماستر واري عهدي تي پنهنجا فرض سر انجام ڏيندو رهيو بعد ۾ هي ذهين انسان خاموش ٿي نه ويٺو ۽ سال ۱۹۶۲ع ۾ ايم اي سنڌي ادب ۾ ڪري هن محنت ڪندي سال ۱۹۶۶ع ڌاري سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي سنڌي ادب ۾ ليڪچرار ٿيڻ لاءِ امحتان ۾ ڀهرو ورتو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ان امتحان منجهه ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي صاحب سڄي سنڌ جي اميدوارن کان گوءِ کڻي (فرسٽ پوزيشن) پهريون نمبر تي آيو ۽ سنڌي شعبي جو ليڪچرر مقرر ٿيو.ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي صاحب کي ننڍي هوندي ادب سان گهري دلچسپي هوندي هئي هو سنڌي ادب، ٻولي جي خدمت ڪندي ڪڏهن به نه ٿڪيو سنڌ جي مختلف اخبارن، رسالن، ميگزين ۾ سوين مختلف مضمنن تي مقالا، مضمون ڇپجي پڌرا ٿيا سنڌي ادب تي نظر ڪجي ٿي ته ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي سنڌي علم ادب جو هڪ وڏوو نقاد، ادبي تاريخدان، ناميارو ڪهاڻيڪار، ماهر لسانيات، محقق، سنڌي ٻاراڻي ادب ج بهترين ليکڪ ۽ ماهر تعيمدان ۽ زبردست سنڌيڪار وارين سڀني ادبي وصفن جو مالڪ رهيو.ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي صاحب سنڌي زبان تي پڻ جديد طرز سان ڪم ڪيو خاص طور تي نون سنڌي علمي اصطلاحن کي رواج سان روشناس ڪرايو، سنڌي ادب جي هن ڏاهي سال ۱۹۸وع ڌاري سنڌ يونيورستي منجهان (سنڌي ادب ۾ افسانوي ادب جي اوسر) تي هڪ بهترين مقالو لکي ( پي _ ايڇ _ ڊي ) جي اعلي سند پڻ حاصل ڪئي سنڌ جو هي ناميارو تعليمدان، محقق ۽ دانشور ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي صاحب درس تدريد جو فرض هميشه سچائي ايمانداري سان نڀائيندي سرڪاري عمر جي حد ۶۰ سال پوري ڪندي سال ۱۹۹۹ع ڌاري پروفيسر جي حيثيت ۾ گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري حيدرآباد منجهان رٽائرڊ ٿيو، ڊاڪٽر عرساڻي صاحب سرڪاري نوڪري دوران ڪيترا ئي ڀيرا سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ايڪس آفيشو ميمبر پڻ ٿي پنهنجو ڪم ايمانداري سان سر انجام ڏيندو رهيو ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي صاحب کي سنڌي ٻولي سان نهايت گهرو پيار هوندو هو هن سال ۲۰۰۲ع ڌاري سنڌ جي تعليم جي خراب صورتحال کي سڌارڻ واري نيت سان هڪ تنظيم (پيڙهڪا) جو بنياد وڌو، ۽ سنڌي ميڊيم ۾ پڙهائڻ لاءِ ڪيترا ئي اسڪول کوليا جئين سنڌي ٻولي ترقي ڪندي رهي اهڙي ريت هي سنڌ جو ناميارو نقاد، محقق، تعليم جو ماهر دانشور، سنڌي ادب نهايت پروقار نالو سنڌي ادب جي جهول ڀرڻ ۾ ڪا ڪمي ناهي ڇڏي ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي سنڌي ادب کي ڪيترا ئي ادبي ڪتاب جهڙوڪ سنڌي ادب ۾ تنقيد سال ۱۹۶۵ع، آزاديءَ کان پوءِ سنڌي اافسانوي ادب جي اوسر سال ۱۹۸۱ع، سنڌي ٻلي جي سکيا (بي ايڊ جي شاگردن لاءِ) سال ۱۹۸۲ع سنڌي ورجيسي ٻولي سال ۱۹۹۹ع، سنڌي ٻولي جي جهان ۾ کوجنا ۲۰۰۱ع، فن شخصيت۽ انداز (ادبي شخصيتن تي خاڪا ۲۰۰۳ع، ٻاراڻي ادب لاءِ لاکو ڦلاڻي (ٻارنجو ناول ۱۹۸۶ع نئون ڇٽيهه لکڻو ۱۹۹۷ع ان کان علاوه اخلاق ۽ ڪردار، پهاڪاتي لغت، ثقافت ۽ انساني معاشري جي اوسر، الف بي ٻاراڻا ٻول، سنڌي ادب جي ارتقائي تاريخ، دل جون ڳالهيون، ۽ سائنسي افسانا وغيره سان سنڌي ادب کي ڊاڪٽر صاحب آسودو ڪيو اهڙي ريت سندس اولاد پڻ والد جي نقشي قدم تي هلندي علم ادب ۽ سنڌي ٻولي جي بي پناهه خدمت ڪرڻ ۾ جنبيل نظر اچي ٿي ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي صاحب کي ڪيل ادبي خدمتن عيوض ڪيترن ئي اعزازن ۽ انعامن سان وقت به وقت نوازيو ويو جن ۾ پاڪستان پروفيسر ايسوسيئيشن پاران پي ايڇ ڊي تي بهترين مقالو لکڻ عيوض کيس انعام سان نوازيو، ۲۰۰۴ع ڌاري سنڌي ٻولي جو مادري وطن ايوارڊ ۲۰۰۵ع ڌاري ڊاڪٽر محبت ٻرڙو اڪيڊمي قمبر پاران ٻولي ۽ لٽريچر ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو ڊاڪٽر صاحب جو ڪيل ادبي ڪم هميشه صدين تائين ياد رهندو سندس ذات، ڪردار سنڌي ٻولي، تعليم سان محبت سان سڀني لاءِ هميشه مشعل راه رهندي سنڌ ڌرتي مهراڻ جو راڻو برک اديب دماغ جي بيماري سبب هڪ هفتو مسلسل علاج واسطي راجپوتانه اسپتال حيدرآباد ۾ داخل هيو جتي سندس پٽ ڊاڪٽر احسان عرساڻي صاحب مسلسل خدمت ڪندي زندگي بچائڻ لاءِ ڊاڪٽرن سان مشورا ڪندي نظر آيو مڱر بيماري ۽ موت ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي مٿان ٽڪ ٻڌي بيهي رهيو آخرڪار سنڌ واسين ۽ سنڌي اديبن ۽ ادبي خدمتن منجهان هٿ ڪڍي زندگي جون ۷۸ بهارون ۴ مهينا ۲۰ ڏينهن ڏسي ۲۲ آگسٽ ۲۰۱۷ اڱري ڏينهن آخر ابدي آرامي ٿيو سندس سوڳ ۾ هڪ گهرواري ۲ نياڻيون ۴ علم ادب جا اڪابر پٽ ڊاڪٽر احسان عرساڻي، ڊاڪٽر نور محمد، ڊاڪٽر ضياءَ الدين، ۽ امتياز عرساڻي کان مولائي هميشه لاءِ راهه رباني ٿي ويو.سندس ادبي خدمتون هميشه ياد رهنديون. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي اڻمٽ نقش چٽيندڙ قلمڪار - ٽين ورسي جي مناسبت سان امتياز احمد عرساڻي انسان جو فنا ٿيڻ فطري آهي، مگر سندس خيالن جو تسلسل برقرار رهڻ غير فطري! نسب وڌائڻ واري ڪار ته هر جاندار جي آهي، ليڪن حسب جو عمل هڪ تقليدي سلسلو آهي! انسان جو جنمجڻ هڪ فطري عمل آهي ۽ فنا ٿيڻ القاءُ جي حقيقت، پر نسل جي فڪري جنبش، آئينده نسل جي ڪڙي ۽ پرورش سان مشروط آهي. نالي پٺيان نالو لڳائڻ ڪنهن به اهميت جو حامل نه آهي، سندس ڪرت جي ڪار ئي معني خيز تصور سان جٽيل هوندي آهي. هن دنيا ۾ نسل در نسل نڪتل انسانن پٺيان بشر جا ڪيترائي آل اولاد آيا ۽ هليا ويا، ليڪن ڪيترا بغير ڪنهن مقصد جي زندگي گذاري ويا. ڪيئي پنهنجي پچار ۽ عمل سان سماج کي سيرياب ڪري ويا ۽ ٿورائي ڪي پنهنجي تربيت سان پنهنجي خيال، سوچ ۽ فڪر کي اڳتي وڌائي سگهيا! بي مقصد ۽ بي جان زندگي جو تصور اهڙن فردن جو آئينو آهي، جيڪي تنقيدي ۽ تخليقي پهلوءَ کان خالي رهيا، اهي انسان جن پنهنجي فن و فڪر سان هن جهان کي سيرياب ڪيو ڄڻ ته تن پنهنجي زندگيءَ جي مقصد کي ملهايو، ليڪن اهي شخصيتون جن پنهنجي نظرين کي نون رستن تي هلائڻ جو گس ڏيکاريو ۽ پنهنجي ويچارن کي نئين نسل ڏانهن منتقل ڪري پنهنجو تسلسل برقرار رکيو انهن هن حياتيءَ جو اصل مقصد ماڻيو. سماج لاءِ ڪم ڪرڻ ۽ پنهنجي ڪم جو سلسلو ايندڙ نسل ڏانهن منتقل ڪرڻ وارو عمل ئي زندگي ڪامل هئڻ جو سعيو نه ٿو ڏي. مقصد اتي ئي ختم نه ٿو ٿئي ۽ نه ئي حياتيءَ جو منطقي جوڙ اتي مڪمل ٿو ٿئي! اها شخصيت جيڪا نوان سماجي لاڙا متعارف ڪرائي، پنهنجي ڪرت سان جديد گس ٺهرائي، پنهنجو فن نئين نسل جي رهنمائي لاءِ ته ڇڏي ليڪن پنهنجي سوچ جي ڇاپ، پنهنجي فڪر جو گمان، پنهنجي تخيل جو سمان پنهنجي آئيندن جي ذهنن ۾ پيوست ڪرڻ بجاءِ انهن ۾ تنقيدي سوچ پيدا ڪري، سندن سوچ ۽ پروڙڻ جي فهم کي جنم ڏي، ان ئي شخصيت کي ڪامل زندگيءَ جي علامت سمجهيو ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته دنيا جي تهذيب جي ترويج تنقيدي ۽ تخيلقي گهرج سان گڏ هميشه جديد لاڙن جي گهرجائو رهي آهي ۽ جديد فن و فڪر جو سينگار اهڙين ئي شخصيتن سان ممڪن بنجي سگهيو آهي جيڪي پنهنجو ڪردار ته نڀائين پر پنهنجي فڪري سوچ کان بالاتر ٿي نوان ۽ جديد لاڙا جنم ڏيندڙن کي جنمن! ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي به انهن ئي شخصيتن مان هڪ آهي، جنهن پنهنجي ڪردار ۽ عمل سان نه صرف سماج کي نئون تخيل ڏنو، بلڪ پنهنجي حلقي جي سمورن چاهڪن لاءِ جديد فڪر جوڙڻ جا دروازا کوليا. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي بنيادي طور هڪ تنقيدنگار رهيو آهي. سندس طبيعيت ۽ ڪيفيت هميشه سراپا تخليقار رهي. سندس مزاج ۾ سدائين پرکڻ ۽ پروڙڻ جي جستجو ۽ خاصيتون ولوڙڻ جي ولوڙ رهندي هئي. سندس من اندر دنيا جي حسناڪين ۽ جماليات جو غلبو رهندو آيو. هو فن و فڪر جي تهه جانچڻ ۽ ان جي وضاحت ۾ مهارت رکندڙ رهيو. شخصيتن جو ڇيد هجي يا فڪري فلسفو، فڪشن هجي يا تخليقي ماخذات، مضمون هجن يا ناول نگاري، ڊرامه هجن يا فلم ڪاري، فطري حسن هجي يا هٿرادو ماحول، فن تعمير هجي يا کليل سحرا، بند گهٽيون هجن يا ڪشاده راهون، قومي تحريڪ هجي يا انقلابي واٽون مطلب ته سندس تجزيو ۽ امتياز اهڙين اوڀارين لهوارين ۽ ان جي فن و تخيل کي پرکي وٺندو هو، جيڪا شايد خود خالق جي اک به نه ڏسي سگهندي هجي! سندس قلم ان جي صفت ۽ لڇڻ کي ايتري مثبت ۽ سادن الفاظن سان بيان ڪندو هو جو هر ڇڪ رکندڙ شخص ان مان محظوظ ٿي ايئن ڀائيندو ڄڻ سندس هن من جا الفاظ ڇني ورتا هجن! ڊاڪٽر عرساڻي پنهنجي سڄي زندگي يتيمي ۾ گذاري، ننڍپڻ ۾ ئي والد جي وفات سندس شخصيت تي گهرو اثر ڇڏيو. طبيعيت ۾ محروميت جي احساس کيس حساسيت جي ڪيفيت ۾ مبتلا ڪري وڌو، اهو ئي سبب آهي جو کيس زندگيءَ کي ويجهي کان ڏسڻ جو وڌيڪ موقعو مليو. هن پنهنجي محرومين کي استعداد ۾ منتقل ڪندي، پنهنجي شخصيت کي تنقيدي پهلوءَ سان شناسا ڪيو ۽ زندگيءَ جي آخري لمحي تائين منطقي فڪر و سوچ سان سلهاڙيل رهيو. هن پنهنجي آئيندن کي دائرن اندر سوچڻ واري سڀاءُ مان ٻاهر نڪرڻ جو رستو ٻڌايو. هٿ وسيڪ جڪڙيل سماج ۾ به آزاد سوچ کي پروان چاڙهڻ جو عملي مظاهرو ڪري ڏيکاريو. سندس تربيت جو انداز به سندس مزاج جو عڪس هوندو هو. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي هڪ کليل مزاج ۽ دوست روا شخصيت جو مالڪ هو، هن پنهنجي اولاد سان پڻ هڪ دوستي جو رشتو قائم رکيو ۽ ڪلام گفتگو کان وڌيڪ پنهنجي عمل ۽ ڪردار سان پرورش ڪئي. هن پنهنجي تخليقي ڪرت ذريعي نتيجو ٻڌائڻ بدران، شين جو ڇيد ڪرڻ سيکاريو. ننڍين ننڍين مهل ۽ موقعن جي مناسبت سان سندس گفتگو جو سحر سوچ واري حاصلات تائين ڪيئن ٿي پهتو ڪا خبر ئي ڪونه ٿي پئي. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي کي اسان هميشه ڪتابن ۾ گهيريل ۽ پنا پڙهندي ۽ لکندي ڏٺو. سندس ڪوبه پل بيجا گفتگوءَ يا ضايع ڪندي نه گذريو. هن ڪڏهن به اسان کي ڪتاب پڙهڻ، فلم ڏسڻ يا عبادت لاءِ ذهني دٻاءُ ڪونه وڌو، سندس عمل ۽ ڪيل گفتگوءَ جي سحر ئي اسان کي ادب ڏانهن راغب ڪيو. اها سندس ڪمال تربيت هئي جنهن اڻسڌي طرح سان اسان کي ادب ڏانهن مائل ڪيو. هن ڪڏهن لوڪ داستان جي ڪهاڻي کي ڪلائميڪس تي پهچائي ڪتاب پڙهڻ تي مجبور ڪيو ته ڪڏهن وري پنهنجون لکڻيون فيئر ڪري ڏيڻ واري عمل سان اسان ۾ شوق پيدا ڪيو. ڪڏهن شخصيتن جا قصا ٻڌائي آتم ڪٿا ڏانهن راغب ڪيو ته ڪڏهن وري تاريخ جا ورق اٿلائي ذهن اندر سوال اٿاريا. مطلب ته سندس هر پل هر ساءُ ۾ ڪانه ڪا اهڙي حڪمت پنها هئي جنهن اسان کي نوان فڪري رستا کولي ڏنا. ڊاڪٽر عرساڻي پنهنجي مقالن اندر صرف انهن ئي شخصيتن کي ڪين اڀاريو آهي، جيڪي سماجي ناماچار رکن، بلڪ انهن شخصيتن کي پڻ باوقعت ظاهر ڪيو آهي، جيڪي مختلف واقعن جي صورت ۾ سماج اندر پنهنجو وجود رکندا اچن. جيئن ته ڪو به انسان مڻيا کان خالي ڪونه هوندو آهي، پر سندس شخصيت اندر لڪل جوت جلواگر نه ٿيڻ سبب کين اهو مرتبو نه ملي سگهندو آهي جنهن جا هو گهرجائو هوندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو هو هر عام نظر کان اوجهل رهندا آهن. ليڪن اهي خاص نظر رکندڙ شخصيتون ئي هونديون آهن، جيڪي سندن صلاحيتن ۽ خاصيتن کي پروڙي ماڻهن سامهون آڻينديون آهن. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي هڪ بهترين نقاد سان گڏ ادبي تاريخدان، ناميارو ڪهاڻيڪار ۽ سنڌي ٻاراڻي ادب جو پڻ ليکڪ ٿي گذريو آهي. سندس لکيل ادبي مسودا ”آزاديءَ کان پوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر“، ”سنڌي ٻوليءَ جي جهان جي کوجنا“، ”سنڌي ادب ۾ تنقيد“، سنڌي ادب جي ارتقائي تاريخ“، ”پهاڪاتي لغت“ ۽ اهڙا ڳاڻ ڳڻيا ڪتاب ايندڙ نسل لاءِ مشعل راهه آهن. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي پنهنجي عملي زندگي توڙي پنهنجي قلمي پورهئي سان اهڙا نقش چٽيا آهن، جيڪي ايندڙ نسل کي نئين سوچ ۽ راهه سان همڪنار ڪن ٿا ۽ اهي نقش ڪڏهن به مٽجڻ جهڙا نه آهن. ڊاڪٽر شمس ۽ سائين حيدر ٻه دوست - هڪ فڪر امتياز احمد عرساڻي جيئن هر انسان پنهنجي نقش ۽ رنگ ڍنگ سان جنم وٺي ٿو، تيئن هر ماڻهو پنهنجي ئي سوچ ويچار ۽ فڪر جو مالڪ هوندو آهي. جيتوڻيڪ ماحول جو اثر هر ڪو وٺي ٿو، ليڪن سندس رجحان کيس ڪهڙي دڳ ڏانهن ڇڪين ٿا، ان جو تعين ڪرڻ ڏکيو امر آهي. دوستي، رشتيداري ۽ تعلقات جو ٽڪساٽ ساري ڄمار انسان جي جيون سان جڙيل رهندو آهي. ٻنڌڻن ۾ ٻڌل هي سماج هڪ باهم ڄار مثل فردن کي گهيري رکندو آهي. سماج جي سنگم کي نڀائيندي ڪيڏي مهل انسان گهڻ رخي شخصيت جي ڪُن ۾ هليو ٿو وڃي ڪا ڪل ئي ڪانه پوندي آهي! مگر اها به حقيقت آهي ته مائٽن ۽ رفقاءَ جي پيچيده تعلقات کي نڀائيندي پنهنجي اصل شناخت ۽ مزاج کان ماڻهو ڀلي ڪيترو ئي دور هليو وڃي، مگر سمورن رشتن کان بالاتر ٿي پنهنجي مرضي ۽ پسنديدگي واري دوستيءَ ۾ هو پنهنجي اصل روح سان موجود رهندو آهي. اهڙيون شايد ئي ڪي شخصيتون هجن، جيڪي سامهون واري شخصيت جي قد ڪاٺ کي ڏسندي پنهنجي روين ۽ لهجن کي نه مٽائين. اهي فرد عمر، جنس، ذات ۽ عهدن جي اسيريءَ جا اسير نه بنجن. ٻيڙا ئي پار واري تصور کي به شايد اهي ئي پهچي سگهن، جيڪي پنهنجو رنگ موسم ساڻ نه مٽائين! اڻ برابريءَ واري سماج ۾ سڌي ليڪ وارو سفر شايد اسان کي ڪامياب شخص جي لقب کان خالي ڪري وجهي پر تڏهن به سمورن القابن کي جهيڙيندي به جيڪي فرد پنهنجي مزاج جي پختگيءَ سان ساري عمر گذارين سي تاريخ جي تاريڪ رات کي به روشن ڪيو وجهن. پنهنجن سڳن، تعلقدارن توڙي عملدارن سان هڪجهڙائيءَ واري هلت پنهنجن کي دور ڪري، اولاد لاءِ ڏوراپن جا در کوليو وجهي. مگر لفظن جا پٿر جهيلي به پنهنجي شخصيت کي متوازن رکڻ واري جستجوءَ ۾ مگن اهي شخصيتون سماج لاءِ مثال بنجيو اڀرن. سائين حيدر علي ۽ ڊاڪٽر شمس عرساڻي به انهن ئي شخصيتن مان هڪ هيون، جيڪي نه صرف پنهنجي فڪر و فراست ۾ هڪ جهڙيون هيون بلڪ آخري ايامن تائين به پنهنجي مزاج ۽ روين اندر هڪ خاص مماثلت جون حامل رهيون. ڊاڪٽر شمس ۽ سائين حيدر جي شخصيت ادبي حلقن سامهون کليل رمز جو استعارو آهي. سندن شخصيت لاءِ ”هڪ فڪر... ٻه دوست“ جي عنوان سان ڪوبه جداگانه رايو نٿو ٿي سگهي. فڪري دوست يقينن هر ظاهري توڙي باطني مفادن کان بالاتر ۽ کليل سوچ جو محور هجن ٿا. ڇاڪاڻ ته سندن سامهون دنيا کي ڏسڻ ۽ پرکڻ جا پنهنجا ئي زاويه هوندا آهن. يقينن نوان لاڙا متعارف ڪرائيندڙ شخصيتون ئي پنهنجي اندر ۾ هڪ فڪر کي جنم ڏين ٿيون. سائين حيدر ۽ ڊاڪٽر شمس جي هم فڪر مان مراد به اهڙا ئي رجحان آهن، جيڪي نئين بحث جي آغاز کي جنم ڏين ٿا. هر معاملي، هر مسئلي ۽ هر تصور کي منطقي انداز سان ڏسي ان کي نئون رخ ڏيڻ، شين کي تنقيدي نگاهه سان پرکي ان جي خاصيتن کي اجاگر ڪرڻ ئي سندن مشعل راهه هجي ٿي. ڊاڪٽر عرساڻي ۽ سائين لغاري صاحب جو ساٿ به فڪر جي اهڙن ئي آزاد دائرن اندر پنها هو، جنهن اندران نوان رستا ڦٽي نڪتا. اسان جي معاشري اندر مخصوص تعليم و تربيت ۽ ماحول هوندي، پنهنجي فطري سمت جو تعين ڪرڻ تمام گهڻو مشڪل آهي. پر جتي دائرن اندر سوچڻ کان وڌيڪ، اڳيان ڏسڻ جو موقعو ئي نه ملي ته اتي ذهن جو اُسرڻ ناممڪن ٿي پوندو آهي. سائين حيدر ۽ ڊاڪٽر عرساڻيءَ جي رغبت، ذهني ادراڪ ۽ فڪر کي آزاد ڪري نه صرف فطري موڙ ڏنو بلڪ سندن مباحثن ۽ دليل بازين ڪيترين ئي پس منظر ۾ پيل سوچن کي پيش منظر ڏانهن آڻي بيهاريو. ڊاڪٽر عرساڻي حقيقت پسند هوندي به تخيل واري دنيا جو هيراڪ هو. جڏهن ته حيدر عليءَ تي الاهيات ۽ روحانيت غالب هئي ۽ طبيعتن آئڊليسٽ ۽ رومان پرست لڳندو هو. هُن مذهبيات ۽ تصوف جو گهرو مطالعو ڪيو هو. جيڪڏهن سائين حيدر خيال پرست هو ته ڊاڪٽر عرساڻي به ماده پرستانه خيال کان آجو ڪونه هو. شايد سواد جو اهو ساڳيو ئي ذرو هو جنهن ڪري ڊاڪٽر عرساڻي ۽ سائين حيدر ظاهر ظهور مطالعاتي اختلافن جي باوجود هڪٻئي جي قريب اچي ويا. جيتوڻيڪ ڊاڪٽر عرساڻي ۽ سائين حيدر جي پرورش جداگانه خانداني پس منظر ۽ ماحول ۾ ٿيل هئي. پر رفته رفته پاڻ ۾ طول طويل بحثن ساڻن قربت پيدا ڪري وڌي. جتي سائين حيدر، ڊاڪٽر عرساڻيءَ جو متعرف بنجي ويو، اُتي ڊاڪٽر عرساڻي به سندس چاهيندڙ ۽ عاشق بنجي ويو. سچ جي مٺاس هجي يا ڪوڙاڻ، سائين حيدر جي اندر ۾ ڄڻ ته ٻئي حقيقتون جذب ٿيل هجن. ڪنهن جي ڪوتاهي هجي يا غلطڪاري، ڪوڙ هجي يا ٺڳي، نخرو، ادا هجي يا سدا سندس جواب ۾ اهڙي ته تاثير ۽ سبق هوندو هو، ڄڻ ته سامهون واري کي ناگوار به نه گذري ۽ سبق به پرائي وجهي. ڊاڪٽر شمس عرساڻي ذڪر ڪندو هو ته محفل، آفيس، گهر، دڪان يا ڪنهن به سرڪاري توڙي غير سرڪاري تقريب ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون ڳالهيون ٿينديون هيون، جيڪي سائين حيدر جي وات مان نڪرندي ئي مزاح سان گڏ سبق ڀائنبيون هيون. سامهون وارو انهن کي محسوس ڪندو هو ۽ بنا ڪنهن جواب جي پنهنجي اصلاح ڪرڻ لاءِ سوچڻ تي مجبور ٿي ويندو هو. انهن ڳالهين مان ڪيترين جو ذڪر ڊاڪٽر عرساڻي، حيدر علي لغاري صاحب تي لکيل پنهنجي مضمونن ۾ اڳ ئي ڪري چڪو آهي، جنهن جو ورجاءُ ضروري نه آهي. سائين شمس ۽ حيدر جون ٽرينگ ڪاليج فار مين تلڪ چاڙهي جي پارڪ تي شاگردن جي گهيري هيٺ ٿيندڙ ڪچهريون، شايد ئي ڪير وساري سگهي! جيتوڻيڪ چار ڏهاڪا گذري چڪا آهن، مگر انهن فڪري ويهڪن جي پاڇي هيٺ تيار ٿيل نسل پنهنجي وستين ۽ واهڻن ۾ ان جو اثر ورهائيندي اڃا به ڏسڻ ۾ ايندو آهي. مختلف ادارن اندر ڪم ڪندڙ ساٿي اڃا به ساڳي ساءُ لاءِ واجهائيندا رهندا آهن. وقت جي دز ڪن کي ميرانجهڙو ڪري وڌو ته ڪن کي وري پرلوڳ پڌارڻو پيو ليڪن اتي ٿيل فڪري محفلن جي گونج ان ئي جوان عمريءَ سان سيني به سيني منتقل ٿيندي ٿي رهي. انهن ڪچهرين جو ذڪر اصل رس، چس ۽ چاهه ساڻ ڪندي اڄ به ٻڌو ويندو آهي. ڊاڪٽر شمس ۽ سائين حيدر ڪيترين ئي انهن محفلن ۽ مجلسن جو حصو رهيا، جيڪي سندن فڪر جي تضاد ۽ سماجي بند ۾ بنديل هيون، پر هن ڪڏهن به ان نظريي ۽ عقيدن جي چاهيندڙن جي دل آزاري نه ڪئي ۽ نه ئي ڪڏهن سندن موقف کي برملا غلط ڪوٺيو. سندس ڳالهه جو تسلسل هميشه ايترو رواني اختيار ڪندو هو، جيترو سامهون واري جي دل و دماغ هضم ڪري سگهي. طنز، ٽوڪ يا پاڻ کان ٻئي جي سمجهه کي گهٽ ڀانئڻ سندس مزاج ۾ شامل نه هو. ملائم طبيعت سان، تحقيق ۽ تجربن جي آڌار تي ڳالهائڻ ئي سندس مڪتبه فڪر هو. ڪنهن جي اعتقاد کي ٺيس رسائڻ کان بالاتر ٿي خاص لفظن جي چونڊ سان اختلاف راءِ رکڻ جو فن سائين حيدر ۽ ڊاڪٽر شمس کي بخوبي ايندو هو. اڳئين جي ذهن ۾ سوال اٿارڻ ۽ ان جي کوجنا لاءِ اڪسائڻ ئي سندس اصل ڏانءُ هو. کين اها ڄاڻ هئي ته بحث کي اقراري ۽ مثبت جملن سان سميٽڻ جو رجحان ئي سامهون واري کي قائل ۽ سوچڻ تي مجبور ڪندو آهي. ڊاڪٽر عرساڻي ۽ سائين لغاري منجهان فيض پرائيندڙ، پنهنجي ويچار کي ٻئي تي فوقيت ڏيڻ کان سواءِ ئي، پنهنجي فڪر جي پرچار ڪندا آهن. هو سامهون واري جي فهم و فڪر کي مانُ ڏيندي، پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندا آهن ۽ کين سوچڻ تي مجبور ڪندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو خاندان، اولاد توڙي سندس ويجها ساٿي سندس انداز جا گرويدا ٿي پيا آهن. اهي گهٽ ئي ماڻهو هوندا آهن، جيڪي پنهنجي ڪڙم جي روين ۽ سماجي لاڙن کان منحرف ٿي حقيقتن سان گڏ بيهي سگهندا آهن. زندگيءَ جا تجربا ۽ حادثا انسان جي بنياد کي به لوڏيو ڇڏين، وقت جو سفر جيئن طبعي حياتيءَ تي اثر انداز ٿئي ٿو، تيئن ئي سندس سوچ تي پڻ پنهنجا گهرا نقش چٽي ٿو. اهو سماج جتي چوڌاري عقيدن جو گهيرو هجي ۽ جنهن معاشري کي رسومات ڄمڻ کان مرڻ تائين ول وانگر ويڙهي رکن. ان حالت ۾ ڪوبه فرد پنهنجا اعصاب تسلسل سان سنڀالي، پنهنجي معتدلي برقرار رکي، اها هڪ غير معمولي ڳالهه آهي. اها غير معمولي سوچ ۽ صلاحيتن جي مالڪ شخصيات جيڪي حقيقتن کي سمجهي، فطرت ۾ سمائجي وڃي ۽ زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين پنهنجي معتدل سوچ سان ٻين جي سمجهه کي روشن ڪري. سائين لغاري ۽ ڊاڪٽر عرساڻي نئين نسل ۾ پنهنجي سوچ منتقل ڪرڻ بجاءِ هميشه سوچ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هنن پنهنجا پوئلڳ پيدا ڪرڻ جو سوچيو نه ئي ڪوشش ڪئي. ڇاڪاڻ ته هو چڱيءَ ريت سمجهندا هئا ته پوئلڳ جو تصور خود پاڻ ۾ هڪ جمود جو تاثر ڏئي ٿو. پنهنجا معتقد پيدا ڪرڻ يا پنهنجي سوچ جو ڪاروان جاري رکڻ جي خواهش کي پڻ هو ائين ئي سمجهندا هئا، جيئن ڪو ”پير“ پنهنجو چيلو پيدا ڪري. سندن پنهنجو زاويو سامهون رکڻ واري ڪرت زندگي جو حصو رهي. هو هميشه صوفيت ۽ عقيدت تي انحصار ڪرڻ بجاءِ پنهنجي عمل وسيلي زندگيءَ جي حقائق تي غور ڪرڻ ۽ سوچڻ جي ترغيب ڏيندا رهيا. هنن ڪڏهن به روايتن تي ٻڌل اخلاقي اقدارن ۽ صحيح غلط جي معيارن کي حتمي تصور نه ڪيو. هنن هميشه پنهنجي آئيندن کي سندن سوچ پيدا ڪرڻ ۽ نوان معيار جوڙڻ سيکاريو. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي (اديب، ڪهاڻيڪار، محقق ۽ نقاد - جنم ڏينهن جي نسبت سان ڀيٽا) ساجد رند ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻيءَ، ۰۴ اپريل ۱۹۳۹ع تي هالا نوان، تعلقي هالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ نور محمد عرساڻي جي گھر ۾ جنم ورتو. پاڻ ٻن سالن جو ٿيو ته سندس خاندان هالا نوان کان لڏي حيدرآباد شهر ۾ اچي رهيو، سندس تعليم ۽ تربيت حيدرآباد ۾ ٿي. شمس الدين عرساڻي مئٽرڪ ۱۹۵۶ع ۾ ڪيائين، جنهن بعد بي اي ۽ ايم اي (سنڌي ادب) ۾ ڪري، اڳتي هلي ۱۹۸۰ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري “آزاديءَ کان پوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر” عنوان سان حاصل ڪيائين. پيشي جي لحاظ کان پاڻ مئٽرڪ پاس ڪرڻ بعد ۱۹۵۸ع ۾ نوڪريءَ سان عملي زندگيءَ جي شروعات ڪيائين، ڪجھ عرصو مختيارڪار آفيس حيدرآباد ۾ ملازم، ڪجھ عرصو ڊپٽي ڪمشنر آفيس حيدرآباد ۾ سرشتيدار ٿي رهيو. ۱۹۶۱ع ڌاري گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ نائب ماستر مقرر ٿيو، بعد ۾ ۱۹۶۶ع ۾ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪري سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو. مختلف ڪاليجن ۾ نوڪري ڪرڻ سان گڏ ڪيترا ئي ڀيرا سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ سنڌيءَ جو ايڪسپرٽ به رهيو. ۱۹۹۹ع ڌاري گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد مان پروفيسر طور رٽائر ٿيو. پروفيسر ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي لکڻ جو آغاز ۱۹۶۳ع کان ڪيو، هن ٻارن لاءِ ڪهاڻيون لکيون. سنڌي لسانيات تي پڻ جديد انداز سان ڪم ڪيائين. خاص طور تي نون سنڌي علمي اصطلاحن کي رواج ۾ آندو. هن مختلف موضوعن تي تنقيدي مضمون ۽ مختلف شخصيتن تي خاڪا لکيا. سندس مضمون، مقالا ۽ ڪهاڻيون وقت به وقت مختلف رسالن ۾ ڇپبيون رهيون. سنڌ جو ھي ناليوارو محقق، نقاد ۽ ڪهاڻيڪار ۲۲ آگسٽ ۲۰۱۷ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻيءَ جون ڪيل علمي، ادبي خدمتون ھيٺين ڪتابن جي صورت ۾ موجود آھن. ۱. سنڌي ادب ۾ تنقيد (تنقيد) ۲. آزاديءَ کانپوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر (پي ايڇ ڊي مقالو) ۳. سنڌي ٻوليءَ جي سکيا (بي. ايڊ جي شاگردن لاءِ) ۴. سنڌي ورجيسي ٻولي ۵. سنڌي ٻوليءَ جي جهان جي کوجنا ۶. فن، شخصيت ۽ انداز (خاڪا) ۷. بنيادي سائنس (پهرين درجي لاءِ) ۸. سنڌي ادب جي ارتقائي تاريخ (بيت ڪهاڻيون) ۹. پڪو ٻاراڻو (ٻاراڻو ادب) ۱۰. لاکو ڦلاڻي (ٻاراڻو ناول) ۱۱. نئو ڇٽيھ لکڻو (ٻاراڻو ادب) ۱۲. اوسر پهاڪاتي لغت ۱۳. سنڌي ادب ۾ تنقيد (وڌايل ۽ سڌاريل) ۱۴. سنڌي لسانياتي اوسر ۱۵. سنڌي ادب جي اوسر ۱۶. آزاديءَ ۾ اسير (ڪھاڻيون) ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي ڪجھ يادون. . . . . ڪجھ عڪس امتياز عرساڻي جيتوڻيڪ اوهان طبعي طور منهنجي سامهون ڪونه آهيو پر تڏهن به اهو ڪو ڏينهن ڪونهي، جڏهن مون اوهان سان رهاڻ نه ڪئي هجي. ها البت اهو ضرور آهي ته اوهان هاڻي بلڪل خاموشي اختيار ڪئي آهي، پر مون اوهان جي چهري جا تاثرات پڙهڻ جو فن سکي ورتو آهي. مون کي اوهان جي چُپ مان به هر سوال جو جواب ملي ويندو آهي. جيتوڻيڪ ننڊ جي نظاري ۾ گهاريل گهڙيون تصوراتي دنيا جو آئينو هونديون آهن، پر پوءِ به انساني سوچ جي محور منجهان نڪتل نتيجا خواب ديده اکيون ئي ڏسنديون آهن. چوندا آهن انسان جي دماغ جا ننڊاکڙا هارمونز سمهڻ وقت وڌيڪ سرگرم ٿي ويندا آهن ۽ دماغ مان اهي ڳالهيون ڀسم ڪري ڇڏيندا آهن، جيڪي اسان لاءِ غير ضروري هونديون آهن ۽ اهي ڳالهيون سانڍيندا آهن، جن کي اسين اهم سمجهندا آهيون. اوهان سان گهاريل هڪ هڪ گهڙيءَ جو تاثر منهنجي ذهن تي نقش آهي. منهنجي گردان اندر ٿيندڙ هر عمل، اوهان جي صورت ۾ عيان هوندو آهي. صبح جي جاڳ کان وٺي رات جي بستري تائين اوهان جي شخصيت سامهون هوندي آهي. شايد ئي ڪو عمل هجي جنهن ۾ اوهان جي بسيرت ۽ رهنمائي مون ساڻ نه هجي. محبت، اڪير ۽ چاھ ته هر اولاد جو پنهنجي والدين سان هوندو آهي، ليڪن سندن شخصيت ۾ والدين جو عڪس شايد ئي ڪنهن جي اندر پنها هوندو! اوهان سان گذاريل اڌ صديءَ جي رفاقت صرف ماضيءَ جي يادن جو تسلسل نه آهي پر مستقبل جي عمل جو ڳانڍاپو پڻ آهي. اوهان سان گهاريل گهڙيون ماضيءَ جو شاخصانو نه پر مستقبل جو دورانيو آهن. تڏهن ئي ته منهنجي هر عمل ۾ اوهان جي ئي تصوير ۽ رهبري نمايا نظر ايندي آهي. ماضي جو موضوع هجي يا مستقبل جو تصور، سماجي لاڙا هجن يا سياست جا پيچرا، فن جو معراج هجي يا هنر جون بلنديون. اعتقاد جا دائرا هجن يا منطقي وسعتون، سائنسي حقيقتون هجن يا مذهبي گمان، اوهان سان بحث هيٺ آيل هر هڪ سچائي جي چٽائي منهنجي ذهن ۾ رواني سان سفر ڪري رهي آهي. اوهان جو ڏنل سوچڻ وارو سفر ۽ تنقيدي فڪر ايندڙ نسل ڏانهن منتقل ڪرڻ جو سلسلو ايئن ئي جاري آهي، جيئن اوهان شروع ڪيو هو. اوهان ته يتيمي واري زندگي گذاريندي پنهنجي پيءُ، ڀاءُ، ڀيڻ ۽ چاچي جي رهنمائين کان به محروم هئا ۽ اوهان جو سمورو ويڙهو به عقيدن جي ڄار سان اڻيل هو پوءِ به اوهان ۾ سوچ جو سرجڻ ۽ تنقيد واري انسيت جو اسرڻ، شايد فطري محرومين جو اولڙو هو! حقيقت کي ڦولهڻ ۽ منطقي سوچ جو تصور اوهان کي وراثت ۾ ڀلي نه مليو هجي، پر سماجي اوڀارين لهوارين اوهان سان زندگيءَ جي حقيقتن جي سڃاڻپ ڪرائي ۽ اوهان جي فطري استعداد انهن سچائين کي بخوبي سڃاڻي ورتو. يقينن آئون خوش نصيب آهيان، جنهن کي اوهان جو ساٿ نصيب ٿيو ۽ آئون اوهان جي سوچ جي وسعتن جو حصيدار ۽ سپردڪار ٿيڻ جي اهل بڻيس. اوهان دوران ون يونٽ انفرادي سياسي سرگرميون به ڪيون ۽ اجتماعي سرگرمين ۾ پڻ ڀرپور حصو ورتو. سياسي هلچل کان سواءِ سماج ۾ تبديلي اچڻ وارو خواب ڪڏهن به ساڀيان نه ٿيڻ جو خاڪو هميشه بيان ڪندا رهيائو. مون اوهان کي سنڌ طرفان ڏنل جاني ۽ مالي قربانين جو ذڪر زير زبر سان هميشه پيش ڪندي ٻڌو. اوهان هميشه سائين جي ايم سيد ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جي سرواڻيءَ جا گرويدا رهيا. شاگرد، مزور ۽ هاري، سياست جو بنيادي ڏاڪو آهن، انهن کان سواءِ سياست جو سماج ۾ پنپجڻ ناممڪن آهي جهڙو حقيقت تي ٻڌل بيانيو اپنائيندي سڻيو. اوهان جو سنڌي زبان سان لازوال پيار ۽ ان لاءِ ڪيل عملي ڪم ڪنهن کان به ڳجهو نه آهي. اسان جو سماجي ڪارڪن هجي يا سياسي سرواڻ، معاشي ماهر هجي يا صحافي، استاد هجي يا عملدار هر ڪو رياستي جبري پاليسين سبب دائرن اندر ڪم ڪرڻ تي مجبور آهي. ليڪن پنهنجي دائرن ۾ رهي پاڻ کي زنده رکڻ ۽ اڳتي جي راھ تڪڻ واري مسلسل جدوجهد جو سبق اسان توهان کان سکيو آهي. عقيدي تي اوهان جو موقف هميشه چٽو رهيو آهي، جيڪو اوهان جي صرف قلم مان ئي نه پر بياني ڪيفيت سان گڏ عمل منجهان به صاف ظاهر آهي. اوهان ڪڏهن به عقيدت يا اعتقاد جا قائل نه رهيا. اهو ئي سبب آهي جو اوهان جي هم خيالي محدود رهي. اوهان نه صرف مصنوعي سماجي محفلن کان ڪناره ڪشي ڪئي پر اعليٰ رتبن ۽ سرڪاري تمغن کان انڪار پڻ اوهان جي ورتاءُ ۾ نمايا نظر آيو. ڪيترا ئي ترقي پسند ۽ سيڪيولر خيالن سان وابستگي رکندڙ پنهنجي آخري ايامن ۾ وشواس يا صوفي ازم سان ڳنڍجي پنهنجي سڄي عمر جي تعليمات تي پاڻي ڦيريو ۽ عهدا ۽ تمغا پنهنجي سيني تي سجائي پنهنجي تاريخ کي تاريڪ ڪيو. ليڪن اوهان جي ثابت قدمي، سچائي ۽ حقيقت تي ٻڌل زندگي يقينن انهن فردن لاءِ هڪ مشعل راه آهي جيڪي تحقيقي سوچ و فڪر جا پيروڪار آهن، جيڪي هن دنيا کي حقيقي ۽ ابدي دنيا سمجهي هن سماج کي جنت جو گهوارو بنائڻ جو ارادو رکن ٿا. جڏهن منهنجو جنم ٿيو هو، ته لالي امان (ڏاڏي) اوهان سان مخاطب ٿي چيو: “شمس هي ڏس! تنهنجو دوست دنيا ۾ اچي ويو”! آئون پنهنجي ڀائر ڀيڻن ۾ چوٿين نمبر تي هئس. سڀ کان پهرين جڏهن منهنجي ڀيڻ ڄائي ته ان جو نالو “ميمونه” (پُڦيءَ جو نالو) رکندي لالي امان چيو: “شمس ڏس! الله سائين تنهنجي ڀيڻ توکي واپس ورائي ڏني آهي”. ٻئين نمبر تي جڏهن ڀاءُ ڄائو ته ان جو نالو “نور محمد” (ڏاڏي جو نالو) رکي، لالي امان چيو ته: “شمس ڏس! خدا تعاليٰ توکي تنهنجو بابا موٽائي ڏنو آهي. ٽئين نمبر تي جڏهن منهنجي ٻئي نمبر ڀاءُ جنم ورتو ته لالي امان ان جو نالو “ضياءُالدين” (چاچا جو نالو) رکندي چيو: “شمس ڏس! اڄ قدرت واري توکي تنهنجو ڀاءُ به موٽائي ڏنو آهي”. منهنجي جنم تائين والد، ڀيڻ ۽ ڀاءُ جي نالن سان ٻار دنيا ۾ اچي چڪا هئا، تڏهن منهنجي جنم سان مون تي امتياز نالو رکي مون کي اوهان جي دوست جو درجو عطا ڪيو ويو. واقعي ۾ به اولاد کان وڌيڪ منهنجو اوهان سان دوستيءَ جو رشتو رهيو آهي. تڏهن ته منهنجي سڃاڻپ اوهان سان ٻين ڀائر ڀيڻن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ منسوب ٿي وئي. اوهان سان اعتبار جو رشتو اهڙو جڙيو، جنهن جو نظير ملڻ مشڪل آهي. خريداري جي غرض هجي يا بيمارين جا مسئلا، قانوني صلاحون هجن يا ادارتي ڪم، سرڪاري مشغولي هجي يا فني شغل، زندگيءَ جي هر موڙ تي گڏيل مصلحت سان هلڻ سبب جيڪا مون کي خوداعتمادي عطا ٿي اهو صرف ۽ صرف اوهان جو مون سان قائم دوستاڻي ناتن جو ئي نتيجو آهي. بابا سائين، اڄ اوهان جي جسم جو دنيا کان رخصت ٿيڻ جو ڏينهن آهي. ليڪن اوهان کي ياد ڪرڻ جو صرف اهو ئي هڪڙو ڏينهن ڪونهي. اوهان جي اولاد سان گڏ اوهان جا هزارين شاگرد ۽ اوهان جو ادبي خزانو هر پل، هر وقت اوهان جي ياد سان شرابور آهي. اوهان جي ئي زبان سان سڻيوسين، ڏينهن ته ڏينهَن جهڙا. ڏينهن ڪو وڏو، ڪو ننڍو ڪونهي! ڏينهن ڪو برڪت وارو ڪو اڀاڳو ناهي، هر گذرندڙ پل وري موٽي ڪونه ايندو آهي. ڏينهن جا نالا ۽ ڳاڻيٽو ته اسان پنهنجي حساب لاءِ مقرر ڪيا آهن، نه ته زندگيءَ جو هي سلسلو يڪا يڪ هلندو رهي ٿو. ڏينهن، هفتا، مهينا، سال ۽ صديون گذرنديون رهن ٿيون. سالگراهون هجن يا ورسيون مڙئي شغل جيئرن لاءِ آهن، جهان ڇڏي ويندڙن لاءِ ڪهڙو ڏينهن، ڪهڙي رات! يادون، جهان ڇڏيندڙن لاءِ نه پر جيئرن جي اتساھ لاءِ هونديون آهن. ماضيءَ جون يادون جتي ايندڙ نسل کي اتساھ ڏينديون آهن، اتي ماضيءَ جي پل ۾ گذاريندڙن کي مرتبو بخشينديون آهن. ليڪن اهو مانُ به ايندڙ نسل کي ئي اڳيان وڌڻ ۾ ڪم ايندو آهي. اوهان پنهنجي عمل سان هڪ خاڪو تيار ڪري ڏئي ويا، جنهن کي هر لمحي، هر پل هر سائت چٽي تبديليءَ جي تجديد ڪرڻ ايندڙ نسل جو مشغلو بنجي ويو آهي. ڏينهن جنم جو هجي يا وفات جو، ڏهاڙو ڏک جو هجي يا خوشيءَ جو، يوم پاراتن جو هجي يا ساراهن جو، تاريخ تاريڪ هجي يا تلخ مطلب ته هر سال ملهائجندڙ روز اسان جي مستقبل جي ترڪيب لاءِ هوندا آهن. عام ماڻهن کي آماده ڪرڻ واسطي مذهبي نقطه نظر سان صدقه جاريه جي الفاظن کي پڻ ساڳي مقصد لاءِ ترتيب ڏنو ويو آهي. اوهان جا قائم ڪيل ادارا، قلمي پورهيو ۽ تعليمات ايندڙ نسل لاءِ سماجي ڀلائي جو مظهر آهن، جيڪي معاشري کي اڳيان وٺي وڃڻ جو هڪ سنگ ميل آهن. بابا سائين اوهان جون ڪيتريون ئي لکتون پيل آهن، جيڪي ڪتابي شڪل جون گهرجائو آهن. اوهان جو فن ۽ فڪر اڃا بيٺو نه آهي، اوهان جي لکت جو تسلسل اڃا جاري و ساري آهي. هن سال به اوسر اشاعتاڻه طرفان اوهان جو هڪ ڪتاب “مختصر ڪهاڻي جو فن ۽ اسلوب” جي نالي سان ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. جنهن ۾ اوهان شارٽ اسٽوري ڇا آهي؟ ۽ اها ڪيئن لکي ويندي آهي، جو تفصيل بيان ڪيو آهي. هي اوهان جو ٻاويهون ڪتاب آهي، جيڪو ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي. مون کي ياد آهي، ته آئون اڃا ڏهين ۾ هئس، يعني سن ٻياسي ۽ ٽياسي جو سال هو ته اوهان “لاکو ڦلاڻي” جي نالي سان ٻارن جو ناول لکيو. تڏهن اڃا اسين ڪمپيوٽر يا فوٽو اسٽيٽ سان شناسا ڪونه ٿيا هئاسين. اوهان مون کان اهو ڪتاب فيئر ڪرايو هو، جيئن مون ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ سان انسيت وڌي سگهي. ڪتابي دنيا پبليڪيشن جي نالي سان اشاعتي ادارو قائم ڪري مون کي ان جو مينيجر مقرر ڪيو هو. آئون اڄ به پنهنجو نالو ڪتاب پٺيان ڏسندو آهيان ته اندر مان هڪ عجيب خوشيءَ جو احساس ۽ چپن تي مسڪراهٽ ايندي ئي اهي لمحا ذهن تي تري ايندا آهن. بابا سائين اوهان جو قائم ڪيل ادارو اوسر پيڙهڪا پنهنجي رفتار سان اڳيان وڌي رهيو آهي. اوهان جيئن ئي مونکي نشستمان جو منسب ڏنو تنهن کان پوءِ اوسر جي سٿ، اوسر جي زنجير ۾ ٻن ادارن جو اضافو ڪيو آهي. ليڪن منهنجي ذميواري سنڀالڻ کان هڪ سال پوءِ ڪووڊ ۱۹ نمودار ٿيو ۽ ٻه سال ٿيا آهن جو اهو وائرس دنيا جي ڪاروهنوار کي شديد متاثر ڪريو پنهنجي پوري طاقت سان بيٺو آهي. جيتوڻيڪ ويڪسين به ايجاد ٿي چڪي آهي ليڪن تڏهن به وائرس مختلف قسمن سان پنهنجون شڪليون مٽائيندو نئين انداز سان ظاهر ٿي انساني جانين کي پنهنجو شڪار بنائي رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ٻين ادارن سان گڏ اڃا تائين تعليمي ادارا به پوري طرح سان کلي ۽ هلي نه سگهيا آهن. پر تڏهن به اوهان جي مضبوط ارادن سان قائم ڪيل سنڌي ٻولي، تعليم ۽ ثقافت جو هي ادارو پنهنجي پوري صلاحيتن سان پنهنجي مقصدن ڏانهن روان دوان آهي. اوهان کي اها ڄاڻ ڏيندي به مون کي خوشي محسوس ٿي رهي آهي ته اوسر هاڻي صحت جي شعبي ۾ به پنهنجا پير پساريا آهن. اوسر طرفان ايس ڊي اي (يوڪي) جي الحاق سان جهنڊو کوسو تعلقو حيدرآباد ۾ هڪ هاسپيٽل قائم ڪئي وئي آهي، جيڪا پسگردائي جي مستحقين کي پنهنجي صحت جون بهترين خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي ۽ مستقبل قريب ۾ شيخ ڀرڪيو روڊ تي صحت جون چوويھ ڪلاڪ خدمتون پيش ڪرڻ لاءِ هڪ مڪمل اسپتال قائم ڪرڻ واسطي رٿابندي ٿي رهي آهي. جيتوڻيڪ تعليم کاتو سمورن ادارن جو بنياد آهي، پر انصاف ۽ صحت جا کاتا پڻ سماج جا ڀرجهلا آهن. سنڌ جي سياست جڪڙيل هئڻ سبب اسرڻ جي سست رفتاري واري عمل مان گذري رهي آهي، ڪيتريون ئي رڪاوٽون هئڻ جي باوجود به اسان پنهنجي سست ئي سهي پر سماجي ۽ سياسي اوسر منجهان گذري رهيا آهيون. وفاق هر حربو استعمال ڪندي ارڙهين ترميم ۾ آيل تعليم کاتي کي واپس وٺڻ ۽ جڪڙڻ لاءِ ڪوشان آهي. وفاق طرفان سموري ملڪ لاءِ هڪ نصاب لاڳو ڪرڻ جي بهاني سنڌ جي ذهنن کي زنجيرن ۾ جڪڙڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن. اوهان جي تعليمات جو تسلسل اڃا زنده آهي. جيتوڻيڪ قوم، ٻولي، ثقافت مقامي ۽ بين الاقوامي طور زير اثر ضرور آهن، مگر اوهان جي محنت، لڳاءُ، محبت ۽ سچائي جي عملي شڪشا سموري قوم سان گڏ آهي. اڄوڪي ڏينهن تي اها تجديد ورجائي ٿي وڃي ته قوم جي آسودگيءَ جو اکين ۾ سمايل اوهان جو خواب ساڀيان ضرور ٿيندو. (ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۲ آگسٽ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل) ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي بحيثيت تخليقڪار ۽ ھڪ نقاد امتياز احمد عرساڻي دانائن وچ ۾ اهو بحث رھيو آھي ته ٻار کي جيڪا خصلت پنھنجي خاندان کان وراثت ۾ ملندي آھي، اھا طبيعت ھميشه لاءِ سندس شخصيت جو حصو بنجي ويندي آھي، سندس انھن خصلتن تي ماحول به اثرانداز ڪونه ٿي سگھندو آھي. جڏھن ته ڪجھ عاقلن جو چوڻ آھي ته ٻار جنھن ماحول ۾ نپجندو آھي، اھو ماحول سندس والدين کان وراثت ۾ مليل عادتن تي غالب پئجي ويندو آھي ۽ ٻار ان معاشري جو حصو ٿي ويندو آھي، جنھن ۾ ھو پلجي رھيو آھي، مگر ڏٺو وڃي ته وراثت مان مليل خصلت ۽ ماحول مان ورتل روش ھر انسان تي الڳ الڳ اثر انداز ٿيندي آھي. ائين ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻيءَ جي شخصيت به انھن ئي فردن مان آھي، جن موروثي ڳالهين کي پنھنجي نزديڪ اچڻ نه ڏنو ۽ نه ئي پنھنجي معاشري جي فرسوده روايتن کي قبوليو. ھو پنھنجي زندگيءَ ۾ نئين پرچار سان اڳيان وڌيو، جنھن سماجي اپٽار کي نوان رخ عطا ڪيا. سندس خيال، سوچ ۽ نظر ھميشه کان سماج جي اندر لڪل نون لاڙن کي ڳوليندي رھي، ھن ۾ ساري عمر ھڪ قسم جو اتساھ ۽ تجسس رھيو. سندس نظر عام رواجي شخصيت ۽ مقام مان به اھڙيون خاصيتون ۽ نواڻ نروار ڪندي ھئي، جيڪا ھر ڪنھن کان گم رھندي ھئي. اھو ئي سبب ھو جو ھن جي قلم ھميشه نقاد وارو ڪم ڪيو. ڊاڪٽر عرساڻي ننڍي ھوندي کان ئي تنقيدي ۽ تخليقي ڪرت کان آشنا ھو، سن اوڻيھ سئو پنجاھ اندر کاھي روڊ واري رھائشگاھ تي سندس ھٿ ھيٺ قائم ڪيل ”ٻارڙن جي ٻاري“ ۾ ڪيترن ئي ٻارن اچي اسٽڊي ڪلب ۾ ادبي تربيت حاصل ڪئي. ٻاراڻي وھيءَ کان ئي گھر اندر ٿيٽر ڪرائڻ ۽ ڊرامه لکڻ سندن مشغلو رھيو. سندس ادبي ۽ تخليقي روش پنھنجي وھيءَ جي ٻارن سميت ڪٽنب جي ڀاتين جي ذھني اوسر ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. ھن پنھنجي شاگرديءَ واري دور ۾ ئي ”اخلاق ۽ ڪردار“ جي نالي سان ننڍين ننڍين اخلاص واري ڳالھين تي مشتمل ھڪ ڪتاب لکي شايع ڪرايو. جنھن کي پنھنجي دور ۾ تمام گھڻي پذيرائي ملي. ڊاڪٽر عرساڻي پنھنجي گريجوئيشن واري دور ۾ ”سنڌي ادب ۾ تنقيد“ جي عنوان سان ۱۹۶۵ع ۾ ڪتاب لکي شايع ڪرايو، جيڪا سنڌي زبان ۾ تنقيد جي موضوع جي باقاعده ابتدا هئي، سندس اهو ڪتاب سنڌ يونيورسٽي ۾ ايم اي جي ڪورس تي رکيو ويو. بعد ۾ ممبئي يونيورسٽِي جي سنڌي شعبي ۾ پڻ اهو ڪتاب نصاب ۾ شامل ڪيو ويو. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي پنھنجي پي ايڇ ڊيءَ جي مقالاتي تحرير ”آزاديءَ کان پوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر“ ۱۹۸۱ع ۾ تحرير ڪئي، جنھن کي سنڌالاجي طرفان ۱۹۸۲ع ۾ ڇپائي پڌريو ڪيو ويو. ڊاڪٽر عرساڻي ۱۹۸۳ع ۾ ”لاکو ڦلاڻي“ جي نالي سان ٻارن جو ناول سرجيو جنھن جون ھڪ سال اندر چار ھزار ڪاپيون کپي ويون، ڪتاب جي وڪري جو اھو تعداد ان دور ۾ تمام گھڻو ھو. ھن ڪتاب سماجي توڙي سياسي اسٽڊي سرڪلز ۾ تمام گھڻي پذيرائي حاصل ڪئي. ۱۹۸۶ع ۾ يادگار پبليڪيشن طرفان ”سنڌي ٻوليءَ جي سکيا“ جي نالي سان ڊاڪٽر عرساڻي جو ڪتاب شايع ڪرايو ويو، جيڪو خاص ڪري استادن جي پيشه وارانه قابليت وڌائڻ واسطي تحرير ڪيو ويو ھو. سنڌي ساھت گھر پاران ڊاڪٽر صاحب جو ٻارن لاءِ ھڪ ٻيو ناول ”نئون ڇٽيھ لکڻو“ شايع ڪرايو ويو جنھن کي پڻ تمام گھڻي شھرت حاصل ٿي. ڊاڪٽر عرساڻي ۲۰۰۳ع ۾ ڪھاڻين جو مجموعو آزاديءَ ۾ اسير“ ۽ سنڌ جي مختلف شخصيتن تي ”فن شخصيت ۽ انداز“ جي نالي سان لکيل تحرير اوسر پبليڪيشن طرفان ڇپرائي پڌري ڪئي. سن ۲۰۰۶ع ۾ سائنسي ڪھاڻين جو مجموعو اوسر پبليڪيشن طرفان ”سائنس فسانا“ ڊاڪٽر عرساڻيءِ جي سنڌيڪاريءَ ھيٺ ڇپايو ويو. جلد ئي پھاڪن تي مشتمل مجموعو ”نئين ورجيسي ٻولي“ روشني پبليڪيشن طرفان شايع ڪرايو. جڏھن ته ۲۰۰۹ع ۾ ڊاڪٽر عرساڻي جي قلم سان سرجيل ”سنڌي ادب جي ارتقائي تاريخ“، نثري ادب شايع ڪرايو ويو. سن ۲۰۱۵ع ۾ ڊاڪٽر عرساڻيءَ جا ”پھاڪاتي لغت“، ”شخص ۽ عڪس“ ۽ ”ثقافت ۽ انساني معاشري جي اوسر“ جي عنوان سان ھڪ ئي وقت ٽي ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪريا ويا. ڊاڪٽر صاحب جن جي ۲۰۱۷ع ۾ رحلت بعد ۲۰۱۸ع ۾ ”دل جي ڳالھ“ ۽ ۲۰۲۰ع ۾ ”ھڪ باب ھڪ ماڳ ۽ مان“ جي عنوان سان تخليقي ماخذات اوسر پبليڪيشن طرفان شايع ڪرايا ويا. ڊاڪٽر عرساڻيءَ جي آخري ڪتابن مان آفاق آھي، جيڪو جڳ مشھور ليکڪ ڪارل سيگن جي ڪتاب ڪاسموس جو ترجمو آهي جڏھن ته تحقيقي ادب جو ڪتاب ”مختصر ڪھاڻيءَ جو فن ۽ اسلوب“ آھي. ڊاڪٽر عرساڻي ”نصابي بيت ڪھاڻيءَ“ جي نالي سان ٻاراڻا ڪتاب پڻ ترتيب ڏنا، جڏھن ته اسڪول ۾ قبل ابتدائي تعليم حاصل ڪندڙ ٻارن لاءِ ”الف ب ٻاراڻا ٻول“ جي عنوان سان الف کان ي تائين ھر اکر سان الڳ الڳ ٽه سٽا نظم تحرير ڪري شايع ڪرايا. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي جون تعليم، ٻولي، ادب ۽ شخصيتن تي لکيل انيڪ لکڻيون سندس تخليق جو کليل عڪس آهن. هن جون تخليق ڪيل دستاويزي فلمون پنهنجي ڌرتي ۽ ماڻهن سان لڳاءُ جو آئيني دار آهن. ڊاڪٽر عرساڻي جا قائم ڪيل ادارا ان حقيقت جو ثبوت آهن ته هو زندگيءَ ۾ ڪڏهن به نه ٿڪيو ۽ هو پنهنجي قوم جي ماڻهن جي حقيقي سوچ جي آزادي لاءِ ساهه جي آخري تند تائين عملي ڪم ۾ جٽيل رهيو. ڊاڪٽر عرساڻي جي تخليق جو محور هميشه پنهنجي وطن جا ماڻهو ئي رهيا، قوم جي ماڻهن جي ذهني غلامي هميشه هن لاءِ فڪر جو باعث رهي. اسان جي رياستي پاليسين ۽ تعليمي ادارن ۾ نصابي فڪر جو جڪڙيل هجڻ سندس تنقيد جو محور رهيو. اهو ئي سبب آهي جو ڊاڪٽر عرساڻي پنهنجي وطن جي ماڻهن کي سماجي غلاميءَ مان آجو ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ هن مادري ٻوليءَ جي بنياد تي نون لاڙن ۽ نئين سوچ متعارف ڪرائڻ جا ادارا قائم ڪري ڪاميابيءَ سان هلائي ڏيکاريا. ڊاڪٽر عرساڻي پنهنجي هڙئون وڙئون خرچ ڪري نئين تصور سان ادارا ان واسطي به قائم ڪيا، جيئن ان جي ڪاميابي ڏسي سرڪار توڙي ٻيا به نجي ادارا ان طرز تي پنهنجي سوچ و فڪر کي درست سمت ۾ آڻي سگهن ۽ ساڳي طرز تي ادارا قائم ڪري هڪ نئين دور جو آغاز ڪن. ڊاڪٽر عرساڻي پنهنجي تنقيدي لکڻين ۾ به جديديت جو پرچار هميشه عيان رکيو ۽ پنهنجي هلڪي ڦلڪي توڙي فلسفيانه لکڻين ۾ نوان سوال اٿاري پنهنجي قوم جي سوچ کي بيدار رکيو. ڊاڪٽر عرساڻي، هر افساني، اسٽوري، مضمون، شخصيت جي خاصيتن تي نه صرف قلم آزمائي ڪئي، بلڪه پنهنجي عام رواجي زندگيءَ اندر به هر ان پهلوءَ کي اجاگر ڪيو جيڪي عام اک کان لڪل رهيو. سندس ڪتاب ”فن شخصيت ۽ انداز“ ۾ ”محمد خان مجيدي“ جي فن تي لکيل تنقيدي مقالي پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ڊاڪٽر عرساڻي جو نظر و فڪر ڪيئن نه لڪل صلاحيتن کي اڀاري سامهون آڻيندو هو، جنهن جي ڪل خالق قلم کي به نه رهندي هئي. ڊاڪٽر عرساڻي محمد خان مجيدي جي شاعريءَ تي لکندي، کيس والٽ وٽمين جي شاعريءَ سان ڀيٽيو آهي، والٽ وٽمين جو نالو انگريزي ادب خصوصن آمريڪا جي جديد ادب ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو. هو آمريڪا جي ”نئين شاعري“ جي اڏيندڙن مان اول درجو رکندڙ تخليقي شاعر تسليم ڪيو وڃي ٿو. ڊاڪٽر عرساڻي محمد خان مجيديءَ جي شاعري کي والٽ وٽمين جي شاعري سان ڀيٽيندي لکي ٿو ته: ”والٽ وٽمين وانگر اسان جو مجيدي به ڪو وڏو عالم نه آهي، پر هڪ پڙهيل ڪڙهيل ۽ هڪ آدرشي انسان جي حيثيت رکي ٿو ۽ هن وانگر ئي سنئين سڌي انداز ۾ هنرمندانه اٽڪل سان نظر گوئيءَ جو ملڪو ڄاڻي ٿو. والٽ وٽمين وانگر ئي ساڳي دور جا شاعر ان ساڳي طرز ۾ محمد خان مجيدي سان به شاعريءَ ۾ مقابلو نه ٿا ڪري سگهن. والٽ وٽمين جو ڪلام عوامي امنگن جو ترجمان ۽ زنده رهڻ جو سبق ڏيندڙ آهي. اهڙي طرح محمد خان مجيديءَ جي شاعري به سنڌي ماڻهن جي قومي احساسن ۽ جدوجهد جو چٽو پٽو اظهار آهي. ڊاڪٽر عرساڻي پنهنجي مقالن اندر صرف انهن ئي شخصيتن کي نه اڀاريو آهي، جيڪي سماجي ناماچار رکن پيا، بلڪه انهن شخصيتن کي پڻ باوقعت ظاهر ڪيو آهي، جيڪي مختلف واقعن جي صورت ۾ سماج اندر پنهنجو وجود رکندا اچن. جيئن ته ڪو به انسان مڻيا کان خالي ڪونه هوندو آهي، پر سندس شخصيت اندر لڪل جوت جلوه گر نه ٿيڻ سبب کين اهو مرتبو نه ملي سگهندو آهي جنهن جا هو گهرجائو هوندا آهن. اهوئي سبب آهي جو هو هر عام نظر کان اوجهل رهندا آهن. ليڪن اهي خاص نظر رکندڙ شخصيتون ئي هونديون آهن، جيڪي سندن صلاحيتن ۽ خاصيتن کي پروڙي ماڻهن سامهون آڻينديون آهن. شنگهور شيدي به اها ئي شخصيت آهي، جنهن جي شخصيت فن لطيف يا ٻيو ڪو شهرت جو سبب نه آهي. ليڪن ڊاڪٽر عرساڻي شنگهور شيدي جي عام عادتن ۽ واقعن کي اهڙي ته دلچسپ انداز سان پيش ڪيو آهي، جو شنگهور جي شخصيت ڄڻ ته سماج لاءِ هڪ مثال ٿي سامهون آئي آهي! ڊاڪٽر عرساڻي تاريخ جي دريچن ۾ لڪل شخصيتن کي پڻ اجاگر ڪندي چوڏھين صديءَ (سمن جي دور حڪومت وارو عرصي) جي شروعاتي دور ۾ سنڌي ڳاھون چوندڙ شاعر ”سمنگ چارڻ“ جي شخصيت کي نئين نسل ڏانھن نروار ڪيو آھي. جنھن ۾ سندس شاعري ۽ ڪارنامن کي لکندي سندس شاعري، موضوع ۽ فن کي اجاگر ڪندي هي فقرو قلم بند ڪيو آھي ته: ”سمنگ چارڻ جي شاعري ۾ ڳاھ جو فن آھي، جنھن جي سٽا سادي آھي. ھن جي شاعريءَ جا موضوع خيالي ناھن بلڪه زميني آھن، جيڪي واقعاتي ماحول جي اردگرد ڦرن ٿا. ايئن کڻي چئجي ته سمنگ جي ڳاھه جو فن سراسر تاريخي واقعن تي ٻڌل آھي. جن ۾ ساراھه، سٺ، يا وري تمنائون آھن“. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي بطور نقاد ۽ تخليقڪار سنڌي زبان کي نون لاڙن سان ھمڪنار ڪيو. ھن زبان، شخصيتن ۽ تحريرن کي پنھنجي نظر ۽ ويچار سان نوان رخ عطا ڪيا. سندن ڪيل ڪم سنڌي زبان جو اثاثو آھي، جنھن کي سمجھڻ، پکيڙڻ ۽ سھيڙڻ جي ضرورت تمام گھڻي ضرورت آھي، ھاڻي اھو اسان جي نوجوانن جي ذميواري آھي ته ھو ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي جي ڪيل ڪم جا تحقيقي پھلو پسين ۽ سندس تنقيدي ۽ تخليقي ڪم جي نون زاوين کي ايندڙ نسل جي سامھون آڻين. (ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۲ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل) ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي فن ۽ اسلوب الطاف ميمڻ اڄ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻيءَ جي پنجين ورسيءَ جو موقعو آھي، سندس ٻولي، ادب ۽ تعليم لاءِ ڪيل خدمتون ناقابل فراموش آھن، ڊاڪٽر شمس عرساڻيءَ جي باوقار ۽ عملي ڪردار سان جڙيل سموري زندگي اسان سڀني لاءِ ھڪ مثال آھي. اھڙن شخصيتن جي ڪم تي لکڻ ۽ سندن خدمتن جي مختلف پاسن کي نوجوان نسل سامھون آڻڻ اسان سڀني جو فرض آھي. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي صاحب ۽ سائين حيدر لغاري اهو ناياب ۽ سدورو نسل هو، جنهن پنهنجي پوري زندگي انتهائي ڪمٽمينٽ ۽جان فشاني سان گذاري. ھنن پنهنجي زندگي جي مقصد کي سمجهندي، پنھنجي سموري حياتي سماجي اوسر لاءِ وقف ڪري ڇڏي. جيتوڻيڪ اھو دور ڏکيو هو ۽ قوم به کين ڏاڍي اوکي ملي، مگر هنن سنڌ ۽ سنڌ جي ٻولي جي عاشق جي حيثيت ۾ پنهنجي پاڻ کي ٻولي ۽ علم ۽ ادب جي لاءِ ارپي ڇڏيو. ڊاڪٽر عرساڻي ٻولي اندر پنھا علمِ، ادب ۽تاريخ جي ڳجهه جي ڳولا ڪندي پنھنجي پوري زندگي گذاري. نهايت ئي ضبط ۽ قائدي وارو ماڻهو ھو. عرساڻي صاحب جو نالو اسين ننڍپڻ کان ٻڌندا اچون. اسان جي رهائش کاهي روڊ ۾ هئي، اسان جو گھر سندن گھر ڀرسان ئي ھو ۽ وري اتفاق اهو ٿيو جو جڏهن اسان قاسم آباد شفٽ ٿياسين ته وري به عرساڻي صاحب اسان جو پاڙيسري رهيو. اسان سائين عرساڻي صاحب ۽ سائين حيدر علي لغاري کي هميشه هڪ ئي محفل ۾ ڏٺو، پر سائين حيدر ۽ سائين عرساڻي ٻئي پنهنجي طبيعت ۾ بلڪل مختلف ماڻهو هئا، بس نڪتو جيڪو ٻنهي جو هڪ هو، اها هئي اندر جي سچائي ۽ پنهنجي مقصد سان ڪمٽمينٽ. عرساڻي صاحب وقت جو انتهائي پابند، انتهائي ضابطن وارو، قائدن وارو ماڻهو هو. مگر هو جيڪو بيت آهي ”جو دم غافل سو دم ڪافر....... . “ هي انھن جي حقيقي تصوير ھو ۽ کيس اھا چڱيءَ ريت پروڙ ھئي ته اسان جي وجود جو ڪارج ڪهڙو آهي. سائين شمس عرساڻيءَ جي زندگي جا الاهي پهلو آهن، جيڪي مختلف موقعن ۽ وقتن تي نقادن طرفان لکيا ۽ پڙھيا ويا آھن، مگر سندس ھڪ اهم پهلو جنھن تي لکڻ جي ضرورت آھي، اھو لسانيات آھي. سر جان مارشل ۽ احمد حسن داني آثار قديمه جا ماهر ھئا جن، پيشه ورانه مھارت سان پنھنجي شعبي ۾ ايسڪيويشن Excavationڪئي. آئون سمجهان ٿو ته عرساڻي صاحب سنڌي ٻولي جو ايسڪيويٽر آهي، جنهن ٻولي جي تاريخي شعور جي ايسڪيويشن ڪئي آهي. ھن پهاڪن، چوڻين ۽ اصطلاحن جي مفھوم ۽ معنيٰ جي نون رخن کي اظھاريو. عرساڻي صاحب جا”اوسر پهاڪا تي لغت“ ۽ ”سنڌي ورجيسي ٻولي“ اھي ڪتاب آھن، جنھن ۾ ھن پهاڪن ۽ محاورن جي جهان ۾ لهي ان جي ايسڪيويشن ڪري سنڌي تهذيب ۽ سنڌي قوم جي وڃايل رستي کي ڳولي سنڌي ماڻهن جي سامهون آندو آھي. سائين شمس عرساڻي جيڪي پهاڪا ترتيب ڏنا آھن، انھن پهاڪن ۾ هو اهو ثابت ڪري ٿو ته سنڌي ماڻهو نهايت بهادر انتهائي غيرتمند ۽ سدائين سجاڳ رهندڙ قوم آھي، يقينن اها عرساڻي صاحب جي ايسڪيويشن آهي، پر وڏي ڳالهه جيڪا هو جاويدان ڪرڻ جي ڪوشش به ڪري ٿو ته سنڌي دنيا جي واحد قوم آهي جيڪا جنگ جي حالت ۾ به عظيم انساني شرافت کي به نهٿي ڇڏي. ”اهو ڪي ڪجي، جيڪو پرچڻ مهل ڪم اچي“، سنڌي جو ٻيو مشهور پهاڪو آهي ”ڌڪ دشمن جو به نه وڃائجي. هن جي تحقيق اهو ثابت ڪري ٿي ته هي ماڻهوانتهائي جرئت مند ۽ غيرتمند آهن. مثال هڪ پهاڪو ڪوٽ ڪري ٿو ته ”شينهن مري پر ڊڀ نه چري“، هو چوي ٿو ته اهو اتفاق ناهي جو اهي ڪلمات هن قوم ۾ اچي ويا آهن، اهي ثابت ڪن ٿا ته هزارين سالن جي شعور ۽ عوامي سماجيات ڪيئن رھي آھي. عرساڻي صاحب جديد فلسفي ۽ جديد سائنس کي به ٻوليءَ مان هٿ ڪري ويو، سنڌي ٻولي جي پهاڪن ۽ محاورن کي هو سائنس جي جديد فلسفن ۽ جديد نظرين سان ڳنڍي ٿو، مثال طور ڊارون جو پيچيدہ نظريئي کي سنڌي جي عام، سليس پهاڪي ”اٺين پيڙهي اٺ ماڪوڙو ماسات“، جي ڊارون جي ٿيوري سان ڳنڍي ٿو. پيچيدہ نظرين کي ”جهڙا ڪانو تهڙا ٻچا“، پهاڪي سان ڳنڍيندي چوي ٿو ته اسان جي ٻولي ۾ جيڪو شعور آهي، اسان دنيا کي اهو شعور ڏنو آهي، ها اها الڳ ڳالهه آهي ته اسان ان جو ورثو وڃائي ويٺا آهيون. اسان جي ورثي تي دنيا جيڪا تحقيق ڪئي آهي اها دنيا کي روشن ڪري ويٺي آهي، اسان پنهنجو رستو وڃائي ويٺا آهيون، هو نيوٽن جي لا آف موشن کي ”حرڪت ۾ برڪت آهي“ سمجهي ٿو. هو فارميسي ۽ جديد دوائن جي ايجاد کي ”ڪک هيٺان لک“ ۾ ڳولي ٿو. عرساڻي صاحب جي زندگي جو خدمت جو ٻيو پهلو جيڪو مون کي نظر اچي ٿو، اهو آهي لفظن جي ايجاد، دنيا جا فلسفا، دنيا جون ايجادون، دنيا جي ترقين جا نوان نوان ٽرم هو چاهي ٿو ته ان کي سنڌي ۾ روپ ڏجي، ان جي لاءِ غور به ڪري ٿو ۽ ته ويچاري به ٿو. حالانڪه ان کي ان ۾ عوامي پذيرائي نٿي ملي. مثال طور اوسر پيڙهڪا امانتاڻو، اوسر لفظ ئي هن جي پنهنجي ايجاد آهي، پيڙهڪا فائونڊيشن جو نعم البدل آهي يعني هو ٻولي کي صرف پنهنجي شناخت ۽ ذريعه اظهار نٿو سمجهي، بلڪ ٻولي جي ماضي ۽ حال کي مستقبل سان جوڙي زبان جي چئلينجز کي قبول ڪندي پنهنجو وقت، رت ۽ ست ڏئي ٿو ته جيئن سنڌي ۾ اهي لفظ مروج ٿين ۽ سنڌي تبديل ٿيل دنيا جي جديد ٻولين سان ھمڪنار بڻجي سگھي. تنقيد تي هن جا ڪيئي ڪتاب، سنڌي ادب ۾ تنقيد، آزادي کانپوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر، سنڌي ادب جي ارتقائي تاريخ آھن. ليڪن تازو ئي ڊاڪٽر عرساڻي جو ھڪ ڪتاب آيو آھي، ”دل جي ڳالھه“ ان ڪتاب ۾ آھن ته لائيٽ ايسيز ليڪن ان ۾ به تنقيد جو پھلو شامل آھي. اسين جيڪڏھن ايئن چئون ته تنقيد ڊاڪٽر عرساڻيءِ جي رت ۾ شامل آهي ته غلط نه ٿيندو. عنوان ڇا به ھجي ۽ موضوع ڪھڙو به ھجي پنھنجي ھر رنگ جي تحرير ۾ ڊاڪٽر عرساڻي بحيثيت نقاد ڏسڻ ايندو. ان جو مثال سندس ساڳي ڪتاب ”دل جي ڳالهھ“ جي مضمون بعنوان ”ماڊرن گھر جي ثقافت“ ۾ به جھلڪي ٿو. ان عنوان ۾ به هو پڙھندڙن جو ڌيان قديم گهر جي اھميت ۽ وسعت ڏانھن ڇڪائي ٿو. ھن مضمون ۾ ڪچسري گھر کان محل تائين ۽ ھڪ ننڍي فليٽ کان وڏن اپارٽمينٽن تائين جو ذڪر ڪندي ڊاڪٽر صاحب ماڊرن گھر جي ثقافت کي اھڙي ته سھڻي انداز سان پرکيو آھي جو پڙھندڙ اڳيان سموري آماجگاھن جي تصوير صاف چٽجيو پوي. ڊاڪٽر عرساڻيءَ جو انداز فڪر ۽ طرز تحرير ايتري ته سليس ۽ عام روا آھي، جو سندس لکڻين مان ھر پڙھندڙ چس وٺندو رھيو. ڊاڪٽر عرساڻي نه صرف پنھنجي لکڻين سان پنھنجي چاھڪن جي ڪردار سازي ڪئي بلڪه ھن پنھنجي سموري خاندان جي پڻ اوسر ڪئي، ڊاڪٽر عرساڻي ھڪ ادارا ساز شخصيت ٿي گذريو، جنھن پنھنجي زندگيءَ ۾ تعليم ۽ تربيت جا ھڪ ڊزن کان وڌيڪ ادارا جوڙي سماج جي اوسر ۾ پنھنجو اھم ڪردار ادا ڪيو. (ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۲ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
محمد ابراهيم جويو هڪ صديءَ جو پڙاڏو پروفيسر محمد سليم ميمڻ اڄ ۱۳ آگسٽ آهي. سائين محمد ابراهيم جويي جي ۱۰۲ين سالگرهه. کين ان سڀاڳي ڏينهن جون مبارڪون هجن. جويو صاحب، سنڌ ڌرتيءَ جو اهو چمڪندڙ تارو آهي، جيڪو گذريل هڪ صديءَ کان سنڌ جو آواز بڻجي، ان جي افق تي چمڪي، هن ڌرتيءَ ۽ ان جي رهاڪن لاءِ پنهنجي لکڻين وسيلي پنهنجي آواز کي انهن ايوانن تائين پهچائيندو رهيو آهي، جن وٽ هن ڌرتيءَ جي رهواسين جي قسمت جي فيصلي ڪرڻ جو اختيار رهيو آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن، هن عظيم ڏاهي جي ڳالهين تي ڌيان نه ڌريو آهي. محمد ابراهيم جويي جي هڪ صديءَ جي آدرشي حياتي کي هن ايڏو ته مُحرڪ، متحرڪ ۽ ڪارائتو ۽ بامقصد بڻايو آهي، جنهن جو مثال سنڌ جي تاريخ ۾ ملڻ محال آهي. جويو صاحب پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات هڪ استاد جي حيثيت سان ڪئي، پر پاڻ سدائين ان حيثيت کي برقرار رکندو آيو آهي، ڪٿي شاگردن کي تعليم ڏيندي، ڪٿي سياسي، سماجي ڪارڪنن کي سکيا ڏيندي، ته وري ڪٿي سياسي اڳواڻن جي به تربيت ۽ رهنمائي ڪندي نظر اچي ٿو. هڪ استاد سان گڏ پاڻ هڪ ڏاهو به آهي، جنهن سنڌ بابت هميشه پاڻ کي پتوڙيو آهي. سندس فڪر سندس لکڻين مان جرڪندو نظر اچي ٿو. سندس فڪر جي مٽي بنيادي طور تي ٽن ڌارائن مان ڳوهيل آهي. بنيادي طور تي پاڻ پنهنجي قوم ۽ سنڌ ڌرتيءَ جو سچو عاشق آهي، سنڌ سان سندس عشق جو جمال عمر جي هن وهيءَ ۾ به پسي سگهجي ٿو ته پنهنجي ڪمزور بُت، هاٺي ۽ ڪاٺي جي هوندي به سندس حوصلا، سندس سوچ ۽ سندس فڪر ڌرتيءَ لاءِ ڪيئن بکندو نظر اچي ٿو. ۱۳ آگسٽ ۲۰۱۴ع کان ۱۳ آگسٽ ۲۰۱۵ع تائين محمد ابراهيم جويو سؤ ساله جشن ڪاميٽي پاران ملهايل مختلف جلسن، ڪانفرنسن ۽ گڏجاڻين ۾ سندس اتساهيندڙ رويو ۽ سوچ ان جو هڪ واضح مثال آهي. سراج الحق هڪ هنڌ لکيو آهي ته، ”قوم ۽ وطن سان عشق ئي جويي صاحب جو مذهب آهي. هن هميشه روشن سنڌ جو خواب ڏٺو ۽ ان جي ساڀيان لاءِ جاکوڙيندو رهيو آهي، جنهن جو اظهار هن پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جا مون سپنن ۾ سوچي“ ۾ ڪيو اٿس. ان ڪتاب جي مضمونن ۾ هن دنيا جا سڀ عظيم اصول، آدرش، قدر ۽ روايتون سامهون رکي، اهي سپنا ڏٺا ۽ انهن جي ساڀيان لاءِ حل ۽ نبيرا به تجويز ڪيا آهن.“ جويي صاحب جي فڪر جو ٻيو پهلو ماديت پسندي ۽ عقليت پسندي آهي. ارڙهين صدي جي ماديت پسندي ۽ اڳتي هلي ان ۾ ٿيل جدلي ۽ تاريخي ماديت وارا واڌارا ۽ سڌارا، سندس سوچ جو محور رهيا آهن، ۽ سڄي ڄمار اُن جي پرچار ۽ ٻين کي ان لاءِ اتساهيندو رهيو آهي. جويو صاحب بنيادي طور تي هڪ سيڪيولر سوچ جو مالڪ هو. هن سڄي ڄمار پنهنجي لکڻين ۾ ان فڪر جو پرچار ڪيو آهي، جيڪو اڄ ڏينهن تائين جاري آهي. جويي صاحب جي زندگيءَ جو جيڪڏهن جائزو وٺجي ته پاڻ ننڍپڻ کان ئي ماءُ ۽ پيءُ جي پيار کان محروم رهيو، ڏاڏي ۽ ڏاڏيءَ جي قرب ۾ پلجي وڏو ٿيندڙ محمد ابراهيم جويو، جڏهن اسڪول جي چانئٺ اُڪري، اُتي تعليم پرائڻ لاءِ پهچي ٿو ته سندس استاد ٽيڪڻ مل سندس آدرشي استاد جي حيثيت ۾ کيس اتساهيندو نظر اچي ٿو. اسڪول ۾ داخل ٿيڻ جو پهريون ڏينهن، سندس زندگيءَ جي اهم ڏينهن مان آهي. پنهنجي زندگيءَ جي پهرئين اهم ڏينهن ۽ پنهنجي استاد سائين ٽيڪڻ مل جي ڪردار ۽ شخصيت تي هڪ خاڪي ۾ لکيو اٿس: ”پنهنجي ننڍپڻ جي پهرين يادگيريءَ مان پهريون هڪڙي جيڪا پياري ۾ پياري يادگيري منهنجي دل تي سدائين تري ايندي آهي، سا آهي منهنجي اسڪول ۾ وڃڻ جي پهرين ڏينهن جي يادگيري. منهنجي ڏاڏِي مون کي اسڪول وٺي هلي هئي. ان کان اڳ ڏاڏو مرهيات ناني احمد موچيءَ کان جُتي جوڙائي آيو هو. منهنجي غريب امڙ مون لاءِ ڪپڙن جو نئون جوڙو سُبيو هو ۽ ٽِڪن واري ٽوپي ٽونئر سان، قلم ۽ سليٽ رکڻ لاءِ هڪ بُجڪي تيار ڪئي هئي، جنهن تي به هُن ٽِڪون جَڙيون هيون ۽ ڀرت ڀري ان کي سهڻو بڻايو هو. ڪنهن دفعي آءٌ پنهنجي امڙ جي ڳالهه به لکندس، هينئر به جڏهن آءٌ هي اکر لکي رهيو آهيان، ته منهنجي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا آهن ۽ منهنجو هانءُ به ڀرجي آيو آهي.“ ”هميشه کير جهڙو اجو اجرو ڍلو چولو پائيندو هو، جنهن جي ڳچي پٽي واري هوندي هئي ۽ ڊيگهه گوڏن تائين هوندي هئي. ٻانهون کليل ۽ ويڪريون هونديون هيون، جنهن کي ڪم ڪرڻ وقت کنجي مٿي چاڙهي ڇڏيندو هو. جڏهن ته ويڪرن پائنچن وارو پاجامو پائيندو هو. پيرن ۾ ڪاري چمڙي جي جُتي ۽ مٿي تي ڪاري مخملي ٽوپي. هو عمر ۾ پنجويهن کان ٽيهن ورهين جو نوجوان هو. ڊگهو قد، ماسيرو بُت، ڪڻڪ رنگو، گول چهرو، ڊگهو نڪ، وڏيون ڪاريون اکيون، ويڪري پيشاني، وڏيرن جهڙا وڏا ڪن، جڏهن ڪنهن کي چتائي ڏسندو هو ته لڳندو هو ته پاڻ چهري جي نقش نگارن مان ان شخص جي ڪردار جي خاصيتن کي پروڙيندو هجي. سندس اکين جي چمڪ ٻين جي اکين ۾ ائين ليئا پائيندي هئي، ڄڻ ڪنهن شيءِ جي ڳولا ۾ هجن. سندس ڳالهائڻ جو انداز عجيب، دلڪش ۽ وڻندڙ هوندو هو. آواز سريلو پر کڙڪي وارو، ٻڌندڙ به ڇرڪي پوي. ڳالهائيندي سندس چپن تي هميشه مرڪ هوندي هئي. ڳالهائڻ جو ڏانءُ به ڪو کانئس سکي. ٻين جي ڳالهين کي ڏاڍي پاٻوهه مان ٻڌندو هو. سائين ٽيڪڻ مل ڳوٺ آباد جو رهواسي ڪونه هو بلڪ اتان ويهه ميل پرتي آراضي نالي ڳوٺ جو رهاڪو هو. پاڻ هر ڇنڇر تي پنهنجي ڳوٺ هليو ويندو هو ۽ سومر ڏينهن صبح جو سويل اچي اسڪول پهچندو هو. هر ڀيري ٻارن لاءِ کائڻ جي ڪانه ڪا شيءَ ضرور پاڻ سان آڻيندا هئا. ڪڏهن ڪا مٺائي، ڪڏهن ٻاجهر يا جوئر جي ماني مان ٺهيل ڪُٽي، ڪڏهن مٺي ماني، ڪڏهن بوندي، ڪڏهن مائو. ايندي ئي چوندا هئا ٻارو ڏسو! امان هن ڀيري اوهان لاءِ ڇا موڪليو آهي، اهو چوندي پاڻ سان آندل سوکڙي ٻارن ۾ ورهائي ڇڏيندو هئو. سائين ٽيڪڻ مل جي ميز جي خاني ۾ ٺڪر جي برنيءَ ۾ ٿڌ، زڪام ۽ کنگهه کان بچاءَ لاءِ گوريون، جن ۾ لونگ ۽ ڪارا مرچ پيل هوندا هئا، هميشه موجود رهنديون هيون، اهي به پاڻ پنهنجي گهران آڻيندو هئو، ۽ چوندو هو ته منهنجي ڪاڪي ٺاهيون آهن. پنهنجي بابي کي ”ڪاڪا“ ڪوٺيندو هئو، سندس والد شايد ويد هو. سياري ۾ ٿڌ لڳڻ، زڪام، کنگهه ۽ بخار جهڙا مرض ڳوٺن ۾ عام جام هوندا هئا، ۽ ڳوٺاڻا هميشه اهڙين بيمارين ۾ ورتا پيا هوندا هئا. ان مند ۾ سائين ٽيڪڻ مل جنهن به ٻار کي زڪام، کنگهه، بخار يا ٿڌ ۾ ورتل ڏسندو هو ته کيس پنهنجي ويجهو سڏي، خاني مان دوا جي برني ڪڍي کيس دوا چٽائي ڇڏيندو هو.“ ٽيڪڻ مل جي زندگيءَ جا عڪس، ابراهيم جويي جي زندگيءَ مان اسان کي جهلڪندا نظر اچن ٿا. پاڻ سڄي ڄمار ٽيڪڻ مل کي هڪ رول ماڊل جي حيثيت ۾ پسندو ۽ ان جي زندگيءَ مان اتساهه حاصل ڪندو رهيو، ڇاڪاڻ ته ٽيڪڻ مل نه فقط هڪ استاد هو، پر ساڳي وقت هڪ سماجي ڪارڪن بلڪ سماج سڌارڪ پڻ هو. جويو صاحب ننڍي کنڊ جي مارڪسي دانشور ايم. اين. راءِ جي سياسي پارٽي ”ريڊيڪل هيومنسٽ پارٽي“ جو ميمبر به هو ۽ انهن جي اخبار کي ڪجهه وقت تائين ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ڏسندو رهيو. ايم. اين. راءِ جي سوچ ۽ فڪر، جويي صاحب جي عملي زندگيءَ کي نوان رخ ڏنا ۽ پاڻ سڄي ڄمار هڪ قومي ڏاهي جي حيثيت ۾ قومي سياست سان لاڳاپيل رهيو. سرڪاري نوڪري هوندي به هن جيڪو سياسي ادب تخليق ڪيو، تنهن جي کيس وقت به وقت سزا به ڀوڳڻي پئي، پر سندس ارادو اٽل ۽ پَهه پڪو هو ۽ پاڻ ان واٽ تي هلندي، زندگيءَ جا هڪ سؤ ٻه سال مڪمل ڪري رهيو آهي. ان اڙانگي واٽ تي هلندي سندس گهريلو زندگي به سخت متاثر ٿي، جنهن جا اگرا اثر ڪٽنب جي ڀاتين تي به پيا، پر پاڻ انهن سختين ۽ ڏاڍ کي خوش اسلوبيءَ سان منهن ڏيندو رهيو. ورهاڱي وقت جيتوڻيڪ سندس عمر ڪا گهڻي ڪانه هئي، هُو فقط ۳۰ ورهين جو هو، پر سندس شعور ۽ سياسي سوچ جي پختگي کيس ورهاڱي جي وقت جي حالتن ۽ مستقبل جي اگرن نتيجن کان باخبر ڪري رهي هئي. ان صورتحال کي آڏو رکندي ابراهيم جويي صاحب، سنڌ جي وڏيرن، واڳ ڌڻين ۽ سياستدانن کي باخبر رکڻ لاءِ ۱۹۴۶ع ڌاريSave Sindh Save the Continent from the Feudal Lords, Capitalists and their Communalist ڪتاب لکيو. ڪتاب لکڻ جي ڏوهه ۾ ان وقت جي سنڌ جي تعليم جي وزير پير الاهي بخش، جيڪو سنڌ مدرسه بورڊ جو چيئرمين پڻ هو، کيس نوڪريءَ مان ڪڍرائي ڇڏيو. ان سڄي صورتحال کي جويي صاحب خنده پيشانيءَ سان قبول ڪيو. ڪتاب جي اشاعت ۽ نوڪريءَ کان جواب ملڻ تي واويلا ڪرڻ بدران پنهنجي سياسي مقصدن جي حاصلات لاءِ وڌيڪ سرگرم ٿي ويو ۽ وقت وڃائڻ کان سواءِ سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرن ڏانهن هڪ کليل خط لکيو، جنهن ۾ ڪتاب ۾ ڏنل نڪتن جي وڌيڪ وضاحت ڪئي ويئي هئي ۽ سنڌ جي عوام پاران گهر ڪئي ويئي هئي ته، شخصي، گروهي ۽ طبقاتي مفادن بدران پارلياماني سياست ۾ هلندڙ سازشن کي ٻُنجو ڏنو وڃي ۽ سماجي حقن جي تحفظ لاءِ اثرائتا اپاءَ ورتا وڃن. ابراهيم جويي اهو خط، اسيمبلي جي ميمبرن کي سنڌ بچايو ڪميٽي جي اعزازي سيڪريٽري جي حيثيت ۾ لکيو. ان خط کي سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر جي اخبارن ۾ وڏي پئماني تي پذيرائي ملي. ڳالهه اتي پوري ڪانه ٿي، بلڪ پاڻ سنڌ اسيمبليءَ جي هڪ هڪ ميمبر سان ملاقات ڪري به کين سنڌي قوم جي جذبن، خيالن ۽ اندر جي اڌمن کي پهچائڻ جي مهم شروع ڪيائين، جنهن جو مقصد فقط اهو هو ته سنڌ اسيمبليءَ جا ميمبر انهن حالتن ۽ معاملن کي چڱيءَ ريت سمجهن، جن کي سنڌ ۽ سنڌي عوام منهن ڏيئي رهيا هئا. منهنجي ذاتي راءِ اها آهي ته ”سنڌ بچايو کنڊ بچايو“، جيڪو جويي صاحب جو پهريون ڪتاب هو، تنهن ۾ جويي صاحب جن جن حالتن ۽ صورتحال جي اڳڪٿي ڪئي هئي، ورهاڱي کان پوءِ سنڌ انهن حالتن ۽ صورتحال جي وڪڙ ۾ وڪڙجندي ويئي ۽ ڏينهون ڏينهن حالتون خراب کان خراب تر ٿينديون ويون ۽ جويي صاحب جا خدشا ۽ اڳڪٿيون درست ثابت ٿين پيون. جويي صاحب جو اهو ڪتاب هڪ بنيادي ڪتاب جي حيثيت رکي ٿو. ان کان پوءِ جويي صاحب جيڪي به ڪتاب، مضمون ۽ مقالا لکيا آهن، تن جو ماخذ اهو ئي ڪتاب آهي. ان ڪتاب تي اڳتي هلي سرڪار پابندي مڙهي ڇڏي. تازو محمد ابراهيم جويو سؤ ساله جشن ڪاميٽي، اصل انگريزي ڪتاب ۽ ان جي سنڌي ترجمي کي شايع ڪرايو آهي. هونئن ته جويي صاحب پنهنجي شعوري زندگيءَ ۾ ڪيترن ئي شعبن ۾ ڪم ڪيو ۽ مختلف ادارن ۾ مختلف حيثيت ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون، پر سندس ڪم ۽ مقصد بنيادي طور تي فقط اهو هو ته پاڻ سنڌين جي شعورسازي ڪري. هڪ دانشور ۽ اديب کي پنهنجي قوم، وطن ۽ ٻوليءَ سان جيڪا دلي وابستگي هجي ۽ ان جي آئيندي جي سلامتي، مانَ ۽ شانَ لاءِ جيڪا بي لوث اون ۽ دورانديش نگاهه هجڻ گهرجي، ان جو سنڌ ۾ هڪ وڏو مثال سائين محمد ابراهيم جويو آهي. ٻولي، جيئن ته قومن جي سڃاڻپ ۽ سماج جي شعوري توڙي تحت الشعور جي ترجمان هوندي آهي، تنهن ڪري جويو صاحب هڪ اديب، ڏاهي جي حيثيت ۾ سنڌي ٻوليءَ بابت سدائين حساس رهيو آهي، بلڪ اهو چوڻ وڌيڪ مناسب ٿيندو ته پاڻ سڄي ڄمار ٻوليءَ جي بچاءَ، واڌاري، سڌاري ۽ ان کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ لاءِ هميشه پاڻ پتوڙيندو رهيو آهي. ثقافت جي صوبائي وزير سسئي پليجو، جنهن دؤر ۾ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ لاءِ سنڌ اسيمبليءَ ۾ ان معاملي کي کنيو ته سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ لاءِ گهربل سڀيئي دستاويز، محمد ابراهيم جويي صاحب تيار ڪيا هئا. اهڙي ريت هي مرد مجاهد عمر جي هن مرحلي ۾ به سنڌ، سنڌين ۽ سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪرڻ ۾ رڌل آهي. ابراهيم جويو صاحب توهان کي جنم ڏينهن مبارڪ هجي. ابراهيم جويو صديءَ جي ساڃاهه جو سفر طئه ڪندڙ عتيق ملاح - حيدرآباد سنڌ جو ڏاهي، عالم، اديب ۽ دانشور محمد ابراهيم جويو پنهنجي ۱۰۳ هين سالگرهه ملهائي آهي، محمد ابراهيم جويو جي سالگرهه جي موقعي تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تقريبون ٿيون ۽ کيس سنڌي ٻولي، ادب ۽ وطن جي خدمت ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو ويو. محمد ابراهيم جويو ۱۳ آگسٽ ۱۹۱۵ع تي اڳوڻي ضلعي دادو ۽ هاڻوڪي ضلعي ڄامشورو جي ڳوٺ آباد ۾ هاري محمد خان جويو جي گهر ۾ جنم ورتو، هو هڪ غريب گهراڻي سان تعلق رکندڙ هو، پر هن تعليم کي نه ڇڏيو، معاشي حالتون بهتر نه هجڻ باوجود هن تعليم حاصل ڪئي. سنڌيڪا موجب هن پرائمري تعليم جا چار درجا ڳوٺ ۾ پڙهيا، ۱۹۲۷ع ۾ اي وي اسڪول سن ۾ داخل ٿيو، جتي سائين جي ايم سيد جي تعاون سان ٽي درجا انگريزي پڙهي، هن ۱۹۳۰ع ۾ سنڌ مدرسي ڪراچي ۾ داخلا ورتي، جتي چوٿين کان ستين درجي تائين پڙهيو، هن ۱۹۳۸ع ۾ ڊي جي سنڌ ڪاليج مان بي اي جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ هن اتي ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي ۽ منگهارام ملڪاڻي جهڙن استادن جي صحبت ۽ محبت حاصل ڪئي، ۱۹۴۰ع ۾ سنڌ مدرسي طرفان بي ٽي ڪرڻ لاءِ بمبئي جي ايس ٽي ڪاليج پڙهڻ ويو، جتان موٽندي ئي کيس ۱۹۴۱ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ اسسٽنٽ ماسٽر مقرر ڪيو ويو، هو مختلف عهدن تي رهيو، پر هن پنهنجي رستي کي نه ڇڏيو، هو هڪ صديءَ جو سفر پورو ڪري زندگي جون ۱۰۳ بهارون مڪمل ڪري چڪو آهي، پر سندس حوصلا اڄ به بلند آهن، هن علم، ادب، شاعري ۽ عالمي ادب توڙي سياست سميت مختلف موضوعن کي تمام گهڻو لکيو آهي ۽ هن جا ڪيترائي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، هن مختلف علمي ۽ ادبي ادارن جي ڀلائي لاءِ ڪردار ادا ڪيو، سائين جي ايم سيد کي هن جو پهريون تعليمي مددگار پڻ سمجهيو وڃي ٿو. محمد ابراهيم جويو پنهنجي سالگرهه حيدرآباد واري رهائشگاهه تي ملهائي، جڏهن ته سندس سان محبت جي اظهار لاءِ مختلف ادبي حلقن پاران پڻ سالگرهه ملهائي وئي، سنڌي ادبي سنگت پاران سنڌ جي سمورين شاخن ۾ محمد ابراهيم جويو جي سالگرهه جي حوالي سان تقريبون ڪوٺائڻ جو اعلان ڪيو ويو هو ۽ مختلف هنڌن تي اهڙيون تقريبون ٿيون، محمد ابراهيم جويو جي سالگرهه جي موقعي تي مختلف سياسي، سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن سندس گهر تي پهچي کيس سالگرهه جون مبارڪون ڏنيون ۽ کيس گلدستن ۽ اجرڪن جا تحفا پڻ ڏنا. محمد ابراهيم جويو پنهنجي سالگرهه جي موقعي تي عوامي آواز معرفت سنڌ جي ماڻهن لاءِ پيغام ڏيندي چيو ته هو سنڌي قوم جو احسان مند آهي، هو پنهنجي زندگي مان ڪڏهن به مايوس ناهي ٿيو. هن چيو ته اها ڳالهه منهنجي لاءِ واضح آهي ته حياتي کان وڌيڪ مقصد اوچو هوندو آهي ۽ جيترو به مون ڪم ڪيو آهي، ان مان مطمئن آهيان، اهو احساس ضرور ٿئي ٿو ته تويل عمري جي ڪري هن عمر جي حصي ۾ هو گهڻا ڪم نه ڪري سگهيو آهيان، اڄ جي دور ۾ به ڪيترائي ڪم رهجي ويا آهن. محمد ابراهيم جويو چيو ته اها به حقيقت آهي ته ڪيترائي ماڻهو پنهنجي زندگي ۾ ئي رهجي ويل ڪم پورا ڪندا ۽ ڪري رهيا آهن. محمد ابراهيم جويو يقين ڏياريندي چيو ته کيس اهو يقين آهي ته هي علم ۽ قلم جو ڪم ڪڏهن به کٽڻو ناهي، سوچ جي فڪر جو هي ڀرپور جهرڻو سدائين پيو وهڻو آهي. هن سنڌ جي موجوده صورتحال تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته هن وقت سنڌ جي جيڪا صورتحال محسوس ڪيان ٿو ان تي ڪافي ارمان اٿم، پر اهو ڏکيو وقت گهڻو عرصو نه رهندو ۽ اسان جي ٻڌي اسان کي ان سڄي صورتحال مان ڪڍي سگهي ٿي. سنڌ جي اديبن، ليکڪن، دانشورن ۽ سياسي اڳواڻن محمد ابراهيم جويو کي ۱۰۳ سالگرهه جي موقعي تي مبارڪون ڏيندي سنڌ جي علم، ادب، ٻولي جي خدمت ڪرڻ ۽ سنڌ جي ماڻهن کي فڪري طرح سگهارو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي کيس سلام پيش ڪيو آهي. محمد ابراهيم جويو سنڌ جي علم، ادب ۽ وطن دوست سياست کي هٿي ڏيارڻ وارو ڪم ڪيو آهي، هو اڄ به بلند حوصلن سان سنڌ جي آجپي، خوشحالي ۽ ترقي جي خوابن جي سچ ٿيڻ لاءِ پراميد رهيو آهي، محمد ابراهيم جويو هڪ صديءَ جي جدوجهد، عمل ۽ پيڙا جي علامت آهي، هن سنڌ کي جديد فڪر ۽ قومي شعور ڏنو آهي، هو قلمي پورهيي سان گڏ عملي جدوجهد جي ميدان ۾ رهيو آهي، هو اڄ به سنڌ جي لاءِ فڪرمند آهي، سنڌ ۾ سياسي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ وارو سلسلو بند نه ٿيو ته سنڌ جا اديب ۽ شاعر سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪندا. سنڌي ادبي سنگت ۽ خانه بدوش رائٽرس ڪيفي پاران حيدرآباد ۾ خانه بدوش رائٽرس ڪيفي ۾ سنڌ جي ڏاهي محمد ابراهيم جويو جي ۱۰۳ هين سالگرهه واري تقريب ملهائي وئي، جنهن ۾ سياسي، سماجي اڳواڻن، اديبن ۽ شاعرن شرڪت ڪئي. سالگرهه واري هن تقريب کي عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجي خطاب ڪندي چيو ته محمد ابراهيم جويو هڪ ئي پاسي بيٺل هو ۽ آهي، ان ۾ ڪا به تبديلي نه آئي، محمد ابراهيم جويو سنڌ مدرسي ۾ منهنجا مضمون ڏسي مونکي پنهنجي آفيس ۾ سڏايو، هن منهنجي لکڻين ۾ پڙهيو ته سنڌين جا گهر سٺا ان ڪري نه آهن ته هو غلام آهن ۽ انگريزن جون رهائشگاهون ان ڪري سٺيون آهن ته هو حڪمران آهن. هن چيو ته محمد ابراهيم جويو کي اهي شاگرد وڻندا هئا، جيڪي انگريزي ۾ سٺي ڄاڻ رکندا هئا، ان ڪري آئون به انگريزي پڙهندو هوس. هن چيو ته محمد ابراهيم شروع کان وٺي اهو ئي رهيو آهي، جيڪو اڄ نظر اچي ٿو، هن ۾ سڀ کان وڏي خاصيت اها آهي ته هو ڪنهن به بااثر ۽ وڏيري جي پويان نه لڳو آهي، سنڌ ۾ محمد ابراهيم جويو جهڙو ڪو به ماڻهو نه ڄائو آهي، شل ان کانپوءِ به ٻيو ڪو پيدا ٿئي. هن ماضيءَ جي يادين کي ورجائيندي چيو ته ايوب جي مارشلا ۾ سياست تي پابندي هئي، ان ڪري مون، محمد ابراهيم جويو ۽ زرينا بلوچ گڏجي ميوزڪ لور ڪلب ٺاهيو، ان ۾ اسان شاهه لطيف ۽ شيخ اياز جي شاعري کي نئين انداز ۾ پيش ڪيو. سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري نسرين الطاف چيو ته محمد ابراهيم جويو پنهنجي فن ۽ فڪر ذريعي پنهنجو فرض پورو ڪيو، هاڻ اسان جو ڪم آهي ته ان فڪر تي هلون ۽ ان جي قلمي پورهيي جو فائدو وٺون، سوشل ميڊيا پڙهڻ جي رجحان کي گهٽايو آهي. سالگرهه واري تقريب ۾ سنڌ جي قومي ڪارڪنن جي گمشدگين واري معاملي تي پڻ سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو، نسرين الطاف سنڌي ادبي سنگت جي جوائنٽ سيڪريٽري جي حيثيت ۾ ڳالهائيندي چيو ته اسان مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ مان گم ڪيل ماڻهن کي ظاهر ڪري آزاد ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ ادبي سنگت سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪندي، سڄي سنڌ جا اديب ۽ شاعر جدوجهد جي ميدان ۾ هوندا، اهڙي طرح نامياري اديب تاج جويو چيو ته محمد ابراهيم جويو جديد سنڌ جو فڪري سرواڻ آهي، هن جديد ادب جي سرپرستي ڪئي آهي، هو جديد سنڌي ادب جو سرجڻهار آهي، سنڌي ادبي سنگت گم ڪيل ماڻهن تي واضح موقف اختيار ڪيو آهي، مختلف آجياڻي وارين تقريبن ۾ کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي گمشدگين جي مذمت ڪئي آهي، سنڌي ادبي سنگت سنڌ سان گڏ بيهندي، سڄي سنڌ مان هن هفتي ۾ ۱۵۰ ماڻهن کي کنڀيو ويو آهي. هن سپريم ڪورٽ کي اپيل ڪندي چيو ته گنڀي گم ڪيل ماڻهن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ پاڻمرادو نوٽيس وٺي ۽ لڪل قوتن کي سامهون آندو وڃي. تاج جويو چيو ته محمد ابراهيم جويو جديد سنڌي ادب جو سرجڻهار آهي، سمورو نئون سنڌي ادب جويو صاحب جي فڪري سوچ جو عڪس آهي، هن جي سنڌ جي خودمختيار حيثيت لاءِ ورهاڱي کان اڳ به ڪتاب لکيو، ون يونٽ خلاف جدوجهد ڪئي، سنڌي ٻولي قومي ٻولي واري تحريڪ ۾ به ڀرپور حصو ورتو، محمد ابراهيم جويو جديد سنڌي شاعري کي به نئون رخ ڏنو، هن سنڌ جي نئين نسل کي فڪري طرح سگهارو ڪيو. ان موقعي تي ڊاڪٽر محبوب بخاري، قومپرست اڳواڻ قمر الزمان راڄپر، ڊاڪٽر دودي مهيري، نوجوان شاعر علي آڪاش، نامياري شاعر عزيز گوپانگ، حسين مسرت شاهه، محسن جويو ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي علم، ادب ۽ قومي وحدت کي اوچو رکڻ وارا سڀئي ابراهيم جويو جي علم جي پيداوار آهن، اڄ جي سنڌ جي علمي ۽ ادبي تحريڪ جيڪڏهن ڊڪٽيشن وٺڻ وارن مان نه هجي ها ته سنڌ جي کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن کي ائين نه کنڀيو پيو وڃي ها، سياسي ڪارڪن ادب کي نوان لاڙا ۽ رجحان ڏين ٿا، سياسي ڪارڪن ادب جي ميدان ۾ اديبن ۽ ليکڪن کي جوش ۽ جذبو ڏين ٿا. محمد ابراهيم جويو صديءَ جي تاريخ آهي، هن سنڌ جي ماڻهن کي شعور ۽ فڪر ڏنو آهي، ان شعور ۽ فڪر کي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي، محمد ابراهيم جويو جهڙن ڪردارن کي مڃتا ملي آهي ۽ ملندي رهندي، اسان کي سوچڻو پوندو سائين جي ايم سيد، رسول بخش پليجو ۽ محمد ابراهيم جويو جهڙيون شخصيتون هاڻ ڇو نٿيون پيدا ٿين، هنن ڪردار گهٽ سهولتون هوندي وڏا ادارا ٺاهيا، پر اسان سموريون سهولتن هوندي به ادارن مان اهو لاڀ حاصل نه ڪري سگهيا آهيون. محمد ابراهيم جويو جي سڄي ڄمار علمي، ادبي ۽ سياسي جدوجهد ۾ گذري، محمد ابراهيم وطن ۽ قوم جي خدمت ڪئي آهي، هن سياسي ادب کي تمام گهڻو ڪجهه ڏنو آهي. هنن چيو ته پرائمري ۾ ٻارڙن کي انگريزي پڙهائڻ واري رجحان جي محمد ابراهيم جويو مخالفت ڪئي، محمد ابراهيم جويو چيو هو ته ٻارڙن کي پنهنجي مادري زبان ۾ تعليم ڏني وڃي، جويو صاحب جي زندگي ڪم ۽ عمل ۾ ڪامياب زندگي آهي. محمد ابراهيم جويو جو ورهاڱي کان اڳ وارو لکڻ وارو طريقيڪار طبقاتي هو، هو هاري جدوجهدن سان سلهاڙيل هو، پورهيتن ۽ هارين جي حقن لاءِ جاکوڙ ڪندو رهيو، هن ترقي پسند فڪر کي سنڌ ۾ رائج ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. محمد ابراهيم جويو سنڌ جي ماڻهن کي شعور ۽ ساڃاهه ڏني آهي، محمد ابراهيم جويو جهڙن ڪردارن تمام گهڻا ماڻهو ٺاهيا، انهن کي علمي، ادبي ۽ سياسي حوالي سان شعور ڏنو. هنن چيو ته محمد ابراهيم جويو کي پنهنجي شخصيت جي تعريف پسند نه ايندي آهي، محمد ابراهيم جويو هڪ صديءَ جو اوجاڳو آهي، هڪ صديءَ جي ازيت ۽ پيڙا آهي، محمد ابراهيم پنهنجي زندگي جو مقصد سنڌ جي ماڻهن جي نجات رهيو آهي. محمد ابراهيم جويو جي سالگرهه جي حوالي سان عوامي آواز سان ڳالهائيندي، عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي صدر امان الله شيخ چيو ته؛ سنڌ ۾ ۲۰ صديءَ ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا سياسي دانشور ۽ ڏاها پيدا ٿيا آهن. انهن ۾ محمد ابراهيم جويو شامل آهي ۽ محمد ابراهيم جويو جو نالو مٿي نظر اچي رهيو آهي. هن جون لکڻيون تاريخ تي اثر انداز ٿيندڙ آهن. محمد ابراهيم جويو، انهن اديبن ۽ دانشورن جي ڀيٽ ۾ عظيم آهي، جيڪي پنهنجي ذاتي مفادن خاطر وڪرو ٿيڻ ۽ مصلحت پسندي جو شڪار ٿي وڃن ٿا. محمد ابراهيم جويو، هڪ عظيم انسان آهي. هن جون سنڌ جي علم، ادب ۽ سياست لاءِ تمام گهڻيون خدمتون آهن. هن چيو ته؛ محمد ابراهيم جويو جي پيروي ڪرڻ جي دعويداري ڪندڙ، کوڙ سارا دانشور پنهنجي ذاتي مفادن کي قومي مفادن تي ترجيح ڏين ٿا ۽ سنڌ ۾ فڪري مايوسي پکيڙڻ کانسواءِ ڪو به ڪارائتو ڪم ڪرڻ کان لاچار آهن. نامياري اديب ۽ ليکڪ مدد علي سنڌي چيو؛ محمد ابراهيم جويو جون سنڌ جي علم ۽ ادب لاءِ خدمتون لازوال آهن، هن ون يونٽ خلاف سنڌ جي اديبن کي متحرڪ ڪيو، اهڙا گهٽ ماڻهو هوندا آهن، جن کي پنهنجي زندگي ۾ ئي خراج تحسين پيش ڪيو وڃي ٿو. هن کي جيترو خراج تحسين پيش ڪجي اهو گهٽ آهي، هن سنڌ جي علم ۽ ادب کي تمام گهڻو ڪجهه ڏنو آهي، هن جون ڪيتريون ئي لکڻيون اڃا به ڇپجي سگهن ٿيون، پر علمي ۽ ادبي ادارن جي تباهي جي ڪري اهو ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو آهي، آئون محمد ابراهيم جويو جي سٺي صحت لاءِ دعاڳو آهيان. سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل چيو ته محمد ابراهيم جويو سنڌي ادب جي جديد دور جو مثال آهي، هي اهو واحد اديب آهي جيڪو نون اديبن جون لکڻيون پڙهي ٿو، انهن جا ڪتاب پڙهي ٿو، پروف جي غلطين ۽ گرامر جي غلطين کي ڳولي ڪتاب تي پنهنجي راءِ ڏئي ٿو ۽ نون اديبن جي حوصلا افزائيءَ وارو ڪم پڻ ڪندو رهيو آهي. محمد ابراهيم جويو جديد سنڌ جي شعور جو اڏڻهار رکيل مورائي سنڌ کي نيئن سنڌ اڏڻ جو شعور ڏيندڙ سائين محمد ابراهيم جويو هڪ صديءَ جو سفر پارڪري ٻيءَ صديءَ تي پنهنجي ٻڍاپي جي ڇانَو ڪري بيٺل آهي، جنهن ڇانَو ۾ اڄ به ڪيترائي شخص علم جي آسيس وٺڻ لاءِ اچي ويهن ٿا. سائين جوئي صاحب جي سڄي ڄمار جي ڪيل علمي ۽ ادبي خدمتن بابت سدائين لکيو ويندو رهيو آهي ۽ اڳتي به لکبو رهبو. تازوئي جوئي صاحب سان گڏ، اڌ صدي علمي ۽ ادبي مسافت ۾ رهندڙ پروفيسر اعجاز احمد قريشيءَ پڻ مٿس هڪ بيحد اهم ڪتاب لکيو آهي. جنهن جو عنوان آهي ” محد ابراهيم جويو، جديد سنڌ جي شعور جو اڏڻهارُ“ سچ پچ ته هيءَ ڪتاب جوئي صاحب کي هڪ اهڙي ڀيٽا آهي جيڪا هُو اسان سنڌ وارن کان لهڻي به ٿو، ساڳئي وقت هن ڪتاب ۾ جوئي صاحب جي هڪ صديءَ تي ڦهليل سفر جي مختلف ڏسائن جا عڪس به آهن ته هُن جي ڪيل علمي ۽ ادبي جدوجهد جا پيرا کنيل به آهن ته هُن جي شخص جا به ڪي پاسا ظاهر ڪيا ويا آهن ۽ اهي اڄ جي پڙهندڙ لاءِ حوالائي / مستند ريفرنس ان ڪري آهن جو اعجاز قريشي صاحب سندس سفر ۾ ساڻس گڏ گڏ يا سندس پيرن تي پير رکي هليو آهي، هُن کيس پڙهيو آهي، پرکيو آهي ۽ شخص طور سندس ويجهو رهيو آهي. اعجاز قريشي صاحب اسان جي انهن اديبن، دانشورن ۽ تعليمدانن مان آهي، جن مسلسل نئين سنڌ اڏڻ جا نه رڳو خواب ڏٺا آهن پر انهن خوابن جي سا ڀيا لاءِ پنهنجون عمريون به ڏنيون آهن، ڪيترائي ڪتاب لکندڙ، ترجمو ڪندڙ ۽ ترتيب ڏيندڙ پروفيسر اعجاز احمد قريشي وطن دوست عالمن ۽ اديبن جي پهريئن صف جي اها شخصيت رهيو آهي جنهن سنڌ جي آجپي ۽ خوشحاليءَ لاءِ الڳ الڳ فورمن تان هڪ ڊگهي ويڙهه ڪئي آهي، اها ويڙهه هن پهرين شاگر طور عملي طرح ڪئي آهي ۽ پوءِ قلم وسيلي لڳاتا ڪئي آهي، ان ڪري اڄوڪي سنڌ ۾ هُو هڪ آبرودار نالو آهي، سنڌ جي ڏاهپ ۾هن جو حصو آهي سندس سائين جوئي صاحب بابت الڳ الڳ وقتن تي لکيل مضمون جڏهن هاڻ هڪ ڪتاب جي صورت ۾ ظاهر ٿيا آهن ته ڪتابي شڪل ۾ اهي جوئي صاحب جي الڳ الڳ پهلوئن جي واقفيت ڏيئي وڃن ٿا. نَون الڳ الڳ عنوانن سان ڇپيل هنن مضمونن ۾ تفصيل سان جوئي صاحب جي ڪيل جدوجهد جو پتو پئجي ٿو. اهو ته سچ آهي ته جويو صاحب تاريخ ٺاهيندڙ به آهي ته ادارا ٺاهيندڙ به، شخص ٺاهيندڙ آهي نه شعور وڌائيندڙ به. ۽ ائين به آهي ته سندس ساٿ ۾ جيڪي شخص رهيا آهن انهن مٿان سندس شعوري اثر ته رهڻو ئي آهي ۽ اهو آهي، نيئن سنڌ اڏڻ جُو خواب. جنهن جي ساڀيا لاءِ هو پنهنجي همسفرن سان گڏ نڪتو هُئو، نوجوان محمد ابراهيم جويو ۽ اڄ هُو ڪيترائي طوفان، سرديون، گرميون، لڪ ۽ لانگها پار ڪري، هڪ صديءَ کي اکين ۾ سانڍي، مُرڪي رهيو آهي. سندس مرڪڻ ان حاصلات لاءِ آهي ته هُن جيڪو سفر چونڊيو هُئو ان سفر ۾ کانئُس پوءِ به ڪيترا ئي شخص پنڌ جاري رکيو اچن ٿا ۽ اڳتي به جاري رکندا. انهن مان هڪ پروفيسر اعجاز قريشي به آهي، جنهن سندس سفر جي ماڳن مڪانن جا عڪس پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڏنا آهن، جنهن کي هُن ”جديد سنڌ جي شعور جو اڏڻهار“ نالو ڏنو آهي. هي ڪتاب اڄ جي پڙهندڙن لاءِ لازمي پڙهيو ويندڙ نصاب جيان آهي، جنهن مان هُو انهن جي شعوري اڳواڻ سائين جوئي صاحب جي جدوجهد جو اندازو به لڳائي سگهندا ساڳئي وقت اهو سفر به جاري رکي سگهندا، جنهن تي هلي، نئين سنڌ اڏڻ جو خواب ساڀيا ماڻيندو. سياسي، شعور، تاريخي شعور، مادي شعور ۽ سماجي شعور جو گڏيل مجموعو آهي سائين محمد ابراهيم جويو ۽ ساڻس گڏ سفر ۾ هلندڙ به شاهه سائين جي هن سٽ وانگر آهن. جهڙو پنهون پاڻ، تهڙي سٽا ساٿ جي. دعا آهي ته ساٿ هلندو رهي ۽ ان ساٿ جي هر مسافر جي هٿ ۾ ڪجهه ڪتاب ضرور هجن، جن مان هڪ ڪتاب هيءُ آهي، جيڪو کين پنهنجي ساٿ ڌڻي سرواڻ جي گذريل سفر کان واقف ڪندو هلندو. جيئن پروفيسر اعجاز احمد قريشي صاحب لکيو آهي ۽ اسين سڀ جوئي صاحب سان شعوري طور نسبت رکندڙ شخص به چئون ٿا ته هو ئي آهي جنهن لاءِ چئي سگهجي ٿو ته ” جديد سنڌ جي شعور جو اڏڻهار“ آهي ان ۾ ٻه ڳالهيون نه آهن. ڪتاب ۾ ڪيتريون ئي اهم تصويرون پڻ ڏنل آهن، جيڪي جوئي صاحب جي سفر سان گڏ اعجاز قريشي صاحب جي سفر کي پڻ واضح ڪري رهيون آهن، هڪ سئو چوونجاهه صفحن جو هيءُ پڪي جلد وارو ڪتاب پيڪاڪ پرنٽرز ۽ پبلشرز ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو آهي، ڪتاب جو ملهه ٻه سئو رپيا آهي، سڀ کان اهم ته هي ڪتاب پڙهڻ ۽ پُرجهڻ جهڙو آهي. محمد ابراهيم جويو سنڌي ٻولي ۽ ادب جو گھڻ گھرو رضوان گل ڪجهه ماڻهو قومن جي علم، ادب، ثقافت ۽ ذهني اوسر جي حوالي سان پيڙهه جي پٿر واري حيثيت جا حامل هوندا آهن ۽ پنهنجي علمي بصيرت ذريعي قومي شعور ۽ جاڳرتا پيدا ڪرڻ جي حوالي سان سڃاتا ويندا آهن. اهڙا ماڻهو ڪنهن به ٻولي ۽ علم و ادب لاءِ سرمايو هجن ٿا. سنڌي قوم جي ذهني تربيت ۾ جن ماڻهن تمام ڀرپور ۽ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي انهن ۾ محمد ابراهيم جويي جو نالو وڏي اهميت وارو آهي. ابراهيم جويو نظرياتي حوالي سان اڄ به اُتي ئي موجود آهي ۽ ان ئي فڪر سان سلهاڙيل آهي جتان هن پنهنجو سفر شروع ڪيو هو. هن جي خيالن ۽ نظرين سنڌ جي ماڻهن جي ذهني لاڙن ۾ انقلابي تبديليون آنديون. جويو صاحب جتي به ليڪچر ڏنا، اتي ماڻهو سندس مداح ٿي پيا. سائين جي ايم سيّد ۽ شيخ اياز جهڙين قدآور ۽ مَهان شخصيتن کان پوءِ ابراهيم جويو ۽ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ۽ اهڙا چند ئي ٻيا ماڻهو وڃي بچيا آهن، جن سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ پاڻ پتوڙيو ۽ وڙيو آهي. ڪنهن وڏي شخصيت بابت لکڻ ان ڪري به ڪافي ڏکيو هوندو آهي جو ان جي ڪيل پورهئي جا ڪيترائي رخ هوندا آهن، جن کي هڪ ئي وقت پوري ذميواريءَ سان بيان ڪرڻو هوندو آهي ۽ ٻيو ته پنهنجو قد ان وقت هماليه جي چوٽيءَ جي هيٺان بيٺل ننڍري ڪِوِل جيترو ڏسي به اهو گمان ٿيندو آهي ته شايد سندس محبت ۽ محنت سان ڪيل پورهئي جو ڪاٿو ڪري نه سگهجي ۽ سندس ذڪر ڀرپور انداز سان ٿيڻ کان رهجي وڃي. جويي صاحب جو نالو يقيناً اهڙين ئي شخيتن ۾ شامل آهي. محمد ابراهيم جويو تعلقي سيوهڻ جي لڪي تيرٿ ڀرسان ڳوٺ آباد ۾ ۱۳ آگسٽ ۱۹۱۵ع تي جنم ورتو، بنيادي تعليم آباد ۽ سنَ ۽ بعد ۾ مئٽرڪ ۱۹۳۴ ۾ سنڌ مدرسي ڪراچي، انٽر ۱۹۳۶ ۾ ڊِي جي (ڏيارام ڄيٺمل) ڪاليج، گريجوئيشن ۱۹۳۸ ۾ ڊي جي ڪاليج ڪراچي ۽ بِي ٽِي ۱۹۴۲ ۾ بمبئي مان ڪيائين. ۱۹۳۸ ۾ سنڌ مدرسي ۾ انگريزي استاد جي حيثيت سان ملازمت جو آغاز ڪيائين، ۱۹۴۲ ۾ ميونسپل هاءِ اسڪول ٺٽي جو هيڊ ماستر ٿيو، جنهن بعد گورنمينٽ ڪاليج فار مين ۾ استاد ٿيو. ۱۹۵۱ ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ۽ ۱۹۵۵ ۾ ٽه ماهي ”مهراڻ“ جو ايڊيٽر پڻ رهيو. اهڙي طرح ۱۹۷۳ ۾ نوڪريءَ تان رٽائرمينٽ ورتائين. ۱۹۹۷ کان ۲۰۰۲ تائين کيس سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمئن طور خدمت ڪرڻ جو موقعو مليو. ڪراچي ۾ ملازمت دؤران اڪثر سنڌي ادبي سنگت جون گڏجاڻيون به منعقد ڪرائيندو رهيو. سائين جي ايم سيد سان گڏجي سنڌ جو ڪيس به وڙهيو، بي ڊپو ٿي لکندو ۽ پروگرامن ۾ بيباڪيءَ ڳالهائيندو رهيو. وقت جي حڪمرانن سان اصولي ڳالهين تي مهاڏو اٽڪائڻ ۾ هن ڪا به جِجَهڪ محسوس نه ڪئي. پاڻ هميشه هڪ اديب ۽ دانشور طور ڀرپور مزاحمتي ڪردار نڀائيندو رهيو آهي. ابراهيم جويو هڪ ئي وقت بهترين نقاد ۽ دانشور به آهي ته مترجم ۽ سچو سياسي ڪارڪن به. هن هميشه هڪ ڪارڪن جيان ئي ڪم ڪيو آهي، پر سندس سوچ، فڪر ۽ ڏاهپ کيس ماڻهن جي دلين ۾ هڪ اڳواڻ واري حيثيت ڏياري آهي. پنهنجي ارادن تي اٽل رهڻ وارو هي کاهوڙي هر دؤر ۾ سنڌيت جو نعرو بلند ڪندو رهيو آهي. شيخ اياز سان سندس تمام گهڻي ويجهڙائي ۽ دوستيءَ جو سٻنڌ رهيو ۽ سائين جي ايم سيد ۽ رسول بخش پليجي جي سنڌي ماڻهن کي آزادي ۽ سندن حق ڏيارڻ واري جدوجهد ۾ پڻ سندس اهم ڪردار رهيو. هن ترقي پسند نظريي جي پرچار ۾ پنهنجا ڪيترائي هم خيال دوست پيدا ڪيا. محمد ابراهيم جويي جن ڪتابن جا ترجما ڪيا سي انتهائي ڪارائتا آهن. هن ادبي بورڊ ۾ ڪجهه معياري ڪتابن جا ترجما ٻين ناليوارن ليکڪن ۽ مترجمن کان به ڪرايا. سائين جي ايم سيّد جي ڪتابن جي شايع ڪرائڻ لاءِ پاڻ پروف ريڊنگ کان ويندي آخري مرحلن تائين جُڙيل رهيو. ساڳئي ريت هن سنڌ جي بيحد وڏي شاعر شيخ اياز جي ڪتابن جا بهترين مهاڳ پڻ لکيائين جن مان اياز کي وڏو اتساهه مليو. شيخ اياز، ابراهيم جويي بابت لکيو آهي ته: ”ابراهيم جويي ۾ ڪوئي تذبذَب نه آهي، هن جا سياسي نظريا ۽ زندگيءَ جا اصول طَي شده آهن، جن ۾ ڦير گھير جي ڪائي گنجائش نه آهي. ترتيب ۽ تسلسل هن جي زندگيءَ جون نمايان خوبيون آهن، پسِ پردا رهي هن نئين سنڌ جي ذهني تربيت ڪئي آهي.“ ابراهيم جويي بابت ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي لکيو آهي: ”محمد ابراهيم جويو هڪ اهڙو عالم، اديب، محقق، دانشور ۽ سياسي گُرو آهي، جنهن تي تمام گهڻو لکجڻ کپندو هو، پر هن يار نه ڪجهه پاڻ تي لکيو ۽ نه ڪنهن ٻئي کيس خاص ڪريڊٽ ڏنو. جِي ايم سيد، شيخ اياز، رسول بخش پليجو، مان پاڻ ۽ سنڌ جو سمورو ادبي لڏو محمد ابراهيم جويي جا مقروض آهيون. هن اسان کي صرف ڏنو آهي، ورتو ڪجهه به نه آهي.“ ابراهيم جويو بحيثيت اديب ۽ دانشور گهڻو مشهور آهي، پر هي هڪ باشعور سياسي ڄاڻ رکندڙ خاموش ۽ گم نام ڪارڪن رهيو آهي. هن تاريخي نوعيت وارا ۽ انتهائي ذميواريءَ وارا ڪم پڻ سرانجام ڏنا آهن. جويو صاحب وڏي سياسي بصيرت رکندڙ ماڻهو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سياسي ڄاڻ ڏيندڙ سندس انتهائي لاڀائتا ليک دستاويز جي حيثيت رکندڙ آهن. محمد ابراهيم جويي ڪيترائي ڪتاب ترتيب ڏنا ۽ ڪيترائي ترجمو به ڪيا. هڪ ڪتاب انگريزي ٻوليءَ ۾ ”سيوِ سنڌ سيوِ ڪانٽينينٽ فرام فيوڊل لارڊس ڪيپيٽلس“ ۱۹۴۷ ۾ هن شايع ڪرايو، جنهن سبب کيس ملازمت تان به هٿ ڌوئڻا پيا. بعد ۾ مدرسي جي شاگردن هن جي حمايت ۾ جلسا جلوس ڪڍيا. ٽه ماهي رسالو ”مهراڻ“ ۱۹۵۵ ۾ شايع ڪرائڻ شروع ڪيائين، جنهن ۾ ناليوارن ليکڪن جي ليکن شايع ڪرڻ کان علاوه نون لکندڙن جي تمام گهڻي همت افزائي ۽ اصلاح پڻ ڪيائين. جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي نوان لکندڙ اڀري آيا. ”ادب ٻولي تعليم“، ”شاهه سچل سامي“، ”هوءَ جا ٽمڪي باهڙي“، ”سيڪيولرزم ۽ اقليت پسندي“، ”علم تدريس مظلومن لاءِ“ (ترجمو)، ”ٻارن جو مسيح“ (ترجمو)، ”وحشي جيوت جا نشان“، ”ماڻهو جو ڀاڳ“، ”فلسفي جو ابتدائي ڪورس“ (ترجمو)، ”شدان جو باندي“، ”مهڪريءَ جا مضمون“ (ترجمو)، ”سنڌ منهنجي خوابن جي“، ”ادب ۽ سياست عوام لاءِ“ ۽ ان کان علاوه ٻيا ڪيترائي ڪتاب پاڻ ترتيب ڏنائين ۽ ترجمو ڪيائين. محمد ابراهيم جويو اڄ سوڌو ڌرتيءَ لاءِ پاڻ ارپڻ واري جذبي تحت ڪم ڪري رهيو آهي. محمد ابراھيم جويو جُوڻ مَٽائي آيل جوتشي سنگرام سنڌ ۾ هڪ مشهور لوڪ ڪهاڻي آهي، جيڪا اسان به ننڍي هوندي، ڪيترا ئي ڀيرا پنهنجن وڏڙن کان ٻُڌي هئي سون. اوهان جي ٻالڪپڻ جي يادگيرين کي تازو ڪرڻ لاءِ آءٌ اُهـا لـوڪ وارتا اوهان جي شيوا ۾ عرض رکان ٿو. ڳالهه ڪندا آهن ته؛ ڪنهن زماني ۾ هڪ ماڻهو، ڏاڍو ڏکيو جيوّنُ گذاري رهيو هو. سندس زندگيءَ جو هر پل ڄڻ ته هن لاءِ ڪنهن وڏيءَ آزمائش جي گهڙيءَ کان گهٽ نه هوندو هو. هُو هر روز الائي ته ڪيترا ئي ڀيرا جيئندو ۽ مرندو هو. ماڻهو سندس حالت مان عبرت حاصل ڪندا هئا. انهيءَ دوران هڪ ڏينهن ڪو زماني شناس جوتشي، جيڪو پنهنجي جوڳ تپسيا سبب، جوتش وِديا جي ٻَل تي، ماڻهوءَ جي جيوّن ۾ ليئو پائي، اُن جي حالت بابت راز ڄاڻي سگهندو هو، ۽ جيڪڏهن ڪنهن تي ڪَهَل آيس ته اُن جي مستقبل بابت اڳڪٿي به ڪري سگهندو هو، سو وٽس آيو. هِن جي بِپتا ڏسي، مٿس ڪَهَلُ آيس ۽ چـيائينس ته؛ ”تنهنجو بخت، هڪ گهاٽي وڻ جي هيٺان، اَگهور ننڊ ۾ ستو پيو آهي. جيڪـڏهن تون کيس ڳولي ۽ جاڳائي وٺيـن ته جيڪـر تنهـنجا سـڀ لُـڙ لهـي پـون. تون وڏو بختوَر ۽ سُکيو سُهنجو ٿي پوين!“ قسمت جي ستايل اُن شخص، وڏي بيچينيءَ وچان ۽ نماڻائيءَ سان کيس وينتي ڪئي؛ ”مهرباني ڪري منھنجي ڀاڳُ جو ڏَس پتو ڏي ته اُهو ڪهڙيءَ جُوءِ ۾ ملندو.“ تنهن تي اُن جوتشيءَ، مٿس ترسُ کائيندي چيو؛ ”چار ئي ڏِس وڃي ڳولا ڪرينس. هڪ هنڌ اُهو تنهنجو ڀاڳُ تو کي گهاٽي بڙ جي وڻ هيٺان سُتل ملندو. وڃي کيس جاڳاءِ ۽ پنهنجا ڪشٽَ دُور ڪر.“ ايئن چئي اُهو رمتو جوڳي، پنهنجي راهه وٺي، اَلوپ ٿي ويو. پنهنجي ڏُجهاري جيوّنَ ۾ سُک جي سُهائيندڙ سُندر ساعتن جي امڪانَ بابت، اُن نام ڪَٺئي جوتشيءَ جي واتان شُڀ واڻي ٻُڌي، همراهَه جي جيءَ ۾ اُدم لاءِ اُتساھُ ڪَر کڻڻ لڳو. هُن منَ ئي منَ ۾ الائي ته ڪيترا ئي خيالي لڏوُ ٺاهي، کائي ڇڏيا. سندس دل گد گد ڪري رهي هئي. رکي رکي خيال اچي رهيا هئس؛ ”ڏُک جا ڏينهنَ اِجهو ڪِي ختم ٿيا!“ هُو پنهنجو ڀاڳُ جاڳائڻ لاءِ ڀانت ڀانت جي ترڪيبن آزمائڻ لاءِ، پنهنجا وِيچار ويڙهائڻ لڳو. ٻئي ڏينهن سعيو ڪري، ۽ پڪو پَهه ڪري، پنهنجي ڀاڳ جي ڳولا ۾ هڪ طرف مُنهن ڪري، نڪري پيو. نَڪ جي سِڌ ۾، سڄو ڏينهن هلندو رهيو. هيڏانهن هوڏانهن پڻ نظرون ڊوڙائيندو رهيو، ڪشالا ڪڍندو رهيو، تان جو سجَ ٽُٻي ڏني، پر کيس پنهنجي ڀاڳُ جو ڪٿي به ڪو آثار نظر نه آيو ۽ ائين ٿڪو، ٽُٽو، اُداس منَ سان هو پنهنجي گهر ڏانهن واپس وريو. ٻئي ڏينهن وري ساڳي ڪِرت، ساڳي جستجو، ساڳي ڳولا. ائين هو اَٽل اِرادي سان پنهنجي بخت جي ڳولا ۾ جُنبي ويو. هر روز پرڀات ويلي هُو ڪنهن نه ڪنهن ڏِسُ ڏانهن نڪري ويندو هو ۽ سڄو ڏينهن ڀٽڪڻ کان پوءِ سانجهيءَ ٽاڻي هميشه وانگر، مايوس ۽ نامُراد بڻجي واپس موٽي ايندو هو. اِن ريت هُو ٽي دِشائون رُلي ڀٽڪي چڪو هو، پر پوءِ به همت نه هاريائين. سُک جي ڏينهن جي آس سندس اندر ۾ آنڌ مانڌ مچائي ڏني هئي. هُو هاڻي مڪمل طرح بيدار ٿي چڪو هو، پنهنجي ”بخت“، پنهنجي ”نصيب“ تي ڏمريل هو. هاڻي هُن پنهنجيءَ ”قسمت“، ”قسمت جي لکئي“ تي ماتم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو! هُو هر روز هڪ نئين اُمنگ ۽ اُميد سان وري نئين ڏِسُ جو پنڌ ڪرڻ لاءِ نڪري ويندو هو. نيٺ هڪ ڏينهن هلندي هلندي، ٽاڪ منجهند جو پري کان هڪ بڙ جو وڻ نظر آيس. کيس پنهنجي اميد ساڀيان ٿيندي محسوس ٿي. سندس دل زور سان ڌڪ ڌڪ ڪري، ڌڙڪڻ لڳي ۽ تکيون تکيون وِکون کڻي، جڏهن اُن وڻ وٽ پهتو ته جان کڻي ڏسي ته سندس ڀاڳُ، اُن وڻ جي گهاٽيءَ ۽ ٿڌيءَ ڇانءَ ۾ اَگهور ننڊ ۾ سُتو پيو هو. همراهه پنهنجي ڀاڳ کي سُڃاڻي، ننڊ مان جاڳائڻ شروع ڪيائين. وڏا جتن ڪرڻ کان پوءِ مَس وڃي اُن اک کولي ۽ هن ڏانهن ننڊاکڙن نيڻن سان ڏسي، پاسو ورائي، وري سُمهي پيو. همراهه وري خلل ڪري، جڏهن کيس ٻيهر جاڳايو ته سندس ڀاڳُ مٿس ڪاوڙجي پيو ۽ ڪروڌ مان کيس گهُورڻ لڳو. همراهَه کي تِهان ئي جوش ۾ ڏسي، ڪجهه ماٺو ٿيو ۽ کانئس حال احوال ورتائين. اِن تي همراهَه چيس؛ ”تون منهنجو ڀاڳُ آهين؛ تون هتي سُتو ننڊون پيو ٿو ڪرين ۽ هوڏانهن منهنجو جيئڻ جنجال بڻيل آهي. مون تو کي سڃاتو آهي ۽ وڏا ڪشالا ڪڍي، تو کي ڳولي لڌو اٿم. تنهن ڪري، هاڻي نڀاڳ جي ننڊ ڇڏ ۽ اُٿ ۽ مون سان گڏجي گهر هلُ ته ڪي منهنجا ڏينهنَ بدلجن ۽ آءٌ سُک جون ڪي گهڙيون جيئان، آءٌ ڏاڍو ڏُکارو آهيان.“ همراهَه جي ڳالهه ٻُڌي، سندس بخت وراڻيو: ”ٺيڪ آهه، ٺيڪ آهه. پر، ڏسين نٿو ته ٻاهر ڪهڙي نه نِٽهڻ اُس آهي، ساهه کڻڻ به دُشوار آهي. هينئر تون به ٿڪل آھين، ڪي گهڙيون هِن وڻ جي ٿڌيءَ ڇانوَ ۾ آرام ڪر! ڏينهن ڪجهه ٿڌو ٿئي، پوءِ آءٌ تو سان گڏجي هلندس، تون دلجاءِ ڪر.“ ائين چئي اُهو سندس ڀاڳُ وري سُمهي پيو. همراهه ٻيو ڪو چارو نه ڏسي، ۽ وري دل کي آٿت ڏيندي ته سندس ڀاڳُ شام ڌاري ساڻس گڏ هلڻ جو وچن ڪيو آھي، سو ضرور ساڻس گڏ هلندو ۽ پوءِ سڀ سڻايون ٿي پونديون. ائين سوچي، پاڻ به اُن وڻ هيٺان سمهي پيو. همراهه ٿڪل هو، سو ننڊ کيس گهيري وئي ۽ هُو مٺيءَ ننڊ جي من لُڀائيندڙ وادين ۾ گُم ٿي ويو. سج لٿو، رات آئي ۽ وئي؛ ٻيو سج اُڀريو، منجهند ٿي، پر نه پاڻ جاڳيو ۽ نه ئي وري سندس ڀاڳ! جنهن جوتشيءَ کيس ڀاڳُ جو ڏَسُ ڏنو هو، سو پنهنجيءَ گيان شڪتيءَ سان سڄيءَ صورتحال تي نظر رکي رهيو هو، سو اِها ماجرا ڏسي پريشان ٿي ويو. پنهنجي مُنهن هم ڪلام ٿيندي، ڀُڻڪندي چيائين: ”مار! جنهن همراهه کي پنهنجو بخت جاڳائڻ لاءِ موڪليو هئم، سو ته ماڳهين پاڻ ئي نڀاڳ جي ننڊ سُمهي پيو آهي! ائين ته سندس جيوّنُ نه فقط مشڪل پر سندس جيئڻ به جنجال بڻجي پوندو.“ اِهو خيال من ۾ سمائي، اُن جوتشيءَ اچي همراههَ کي ننڊ مان سُجاڳ ڪيو ۽ چيائينس؛ ”تون هن جي ڳالهين ۾ ڇو ڦاسي پئين؟ اِها ڳالهه ئي ته تنهنجي ڏکن جو ڪارڻ آهي؛ تنهنڪري، نڀاڳ جي ننڊ ڇڏ ۽ عمل جي گرميءَ سان پنهنجو بخت جاڳاءِ. ٻيءَ صورت ۾ بدبختي تنهنجو مقدر بڻيل رهندي، سو ويٺو سڄي ڄمار اُن جو ماتم ڪجانءِ! پر هاڻي، پنهنجي بدبختيءَ جو ذميوار تون پاڻ هوندين!“ جوتشيءَ جي اِن ڳالهه مٿس گهرو اثر ڪيو ۽ جوش ۾ اچي پاڻ به بيدار ٿيو ۽ پنهنجي سُتل ڀاڳ کي هٿوڙا هڻي جاڳايائين. جيتوڻيڪ اُن گهڻي ئي گوهيون هنيون ۽ گوٿناٿ ڪئي، پر همراهه جيڪو هاڻي بيدار ٿي چڪو هو، تنهن اُن جا هڙ ئي حيلا بهانا ناڪام بڻائي ڇڏيا ۽ پنهنجو بخت بيدار ڪري، سُک جا ڏينهن گذارڻ لڳو. اسان سنڌين جو حال به اُن همراهه وانگر ئي آهي. پنهنجي بخت سان گڏ اسين پاڻ به نڀاڳ جي مٺي اَگهور ننڊ ۾ غلطان آهيون ۽ ويٺا ”قسمت جو لکيو“ لوڙيون. اسان جي جيوّنَ ۾ به هڪ جوتشي آيل آهي. اُهو آدُجڳادي جوتشي جُوڻ مٽائي سائين محمد ابراهيم جويي جي روپ ۾ آيو آهي ۽ گذريل لڳ ڀڳ مُني صديءَ کان وٺي لڳاتار اسان کي نڀاڳ جي ننڊ مان بيدار ڪرڻ ۽ پنهنجو ڀاڳُ جاڳائڻ جا ڏَس ۽ گُر ڏَسي رهيو آهي. ضرورت فقط اِن ڳالهه جي آهي ته اسين پنهنجيءَ حالت، پنهنجيءَ دُرگت ڏانهن سنجيده روّيو اختيار ڪريون ۽ اُن جو اِدراڪ ڪري، عمل ۽ جدوجهد سان پنهنجو ۽ پنهنجن ايندڙ نسلن جو بخت سنواريون ۽ سُک جون ڪي گهڙيون شان ۽ مانَ سان گذاريون. هڪ صديءَ کان جاڳيل اکيون ٻوٽجي ويون ادل سولنگي نئين سنڌ اڏڻ جي لاءِ علمي ۽ عملي جدوجهد ڪندڙ، سنڌ جو ڏاهو محمد ابراهيم جويو، زندگيءَ جا سمورا پل پهر سنڌ جي فڪري اڏات واري ڪرت ۾ ڪتب آڻيندي ۹ نومبر ۲۰۱۷ع تي سنڌ واسين جي اکين ۾ وڇوڙي جا وڍ ڏئي سنڌ امڙ جي هنجهه ۾ سدائين لاءِ وڃي آرامي ٿيو. محمد ابراهيم جويو لڪي تيرٿ ڀرسان هڪ ننڍڙي ڳوٺ آباد ۾ هاري گهراڻي ۾ پيدا ٿيو، سائين محمد خان جويي جي هن سڀاڳي نينگر پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان پرائي، سن جي سقراط سائين جي ايم سيد جڏهن هن ننڍڙي ٻالڪ کي ڏٺو ته کيس وڌيڪ تعليم پرائڻ لاءِ سندس ڏاڏي کي چيو ته هن کي انگريزي پڙهائڻ لاءِ سن جي اسڪول ۾ داخل ڪرايو وڃي. محمد ابراهيم جويي جڏهن ٽي درجا انگريزي “سن“ جي اسڪول مان پاس ڪيا ته وڌيڪ تعليم پرائڻ لاءِ سائين جي ايم سيد کيس سنڌ مدرسي ۾ داخل ڪرايو. محمد ابراهيم جويو، نازڪ نفيس، سلڇڻو ۽ ذهين نينگر هيو، جڏهن سنڌ مدرسي ۾ داخل ٿيو، تڏهن مدرسي جو پرنسپال/هيڊ ماستر عمر بن محمد دائود پوٽو هيو، جنهن جو تعلق ان ٽلٽيءَ سان هيو، جنهن ٽلٽيءَ ۾ مخدوم بلاول جهڙا محبت وطن، عالم، اڪابر ۽ قومي اڳواڻ علم پرائڻ سانگي ڪيترا ئي ورهيه رهائش پذير هئا. سائين جي ايم سيد سن جو رهواسي جيڪو مخدوم بلاول جي بهادر خليفي حيدر شاهه سنائي جو پونئير هئوجنهن نئين سنڌ اڏڻ جا خوبصورت خواب پنهنجي نيڻن ۾ اُڻيا هئا. اڳتي هلي سنڌ ڌرتيءَ جا هي ٽيئي سپوت سنڌ جي علم، عقل، ڏاهپ ۽ جدوجهد جا مهندار ٿي سنڌ جي سينڌ سنوارڻ لڳا. ان زماني ۾ سائين جي ايم سيد عمر بن محمد دائود پوٽو ۽ محمد ابراهيم جويو اهڙا نالا رهيا آهن، جن اڳتي هلي سنڌي ادب، سنڌي ٻولي، سنڌ جي قومي تشخص، سنڌ جي ڪلچر سنڌ جي تاريخ، سنڌ جي لطيف ۽ سنڌ جي سورمن جي مان ۽ مريادا لاءِ علمي پورهيو ڪيو ۽ سنڌ سان پنهنجي تاريخي ورثي جي سڃاڻپ ڪرائي ۽ سنڌ ۾ علمي سجاڳيءَ جو تحرڪ پيدا ڪيو. اڳتي هلي محمد ابراهيم جويو سائين جي ايم سيد جو سندس فڪري جدوجد ۾ ساٿاري ۽ ٻانهن ٻيلي بڻيو ۽ وڏي حد تائين سنڌ جي روشن خيالي واري تحريڪ جو روح روان به بڻجي ويو، محمد ابراهيم جويو، سنڌ ڌرتيءَ جي سڀاڳ جي علامت ۽ اهڃاڻ رهيو، جنهن سموري زندگي علم ۽ شعور، ڏات ۽ ڏاهپ، فن ۽ فڪر، حب الوطني ۽ روشن خيالي،سهپ ۽ رواداري، سياسي ۽ سماجي سجاڳي لاءِ پاڻ پتوڙيو، زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين سائين محمد ابراهيم جويي علم ۽ شعور جون مشعلون ٻاري سنڌ کي شعور جي روشني ڏيندو رهيو، جنهن جي علمي، ادبي جاکوڙي جدوجهد ۽ هڪ مڪمل صديءَ جي تاريخ جو مشاهدو آهي ته هن سنڌ جي علمي، ادبي سنوار ۾ پنهنجون سموريون صلاحيتون ڪتب آڻيندي لازوال مثال قائم ڪيو. سنڌ واسين ارسطو ۽ سقراط ته ڪو نه ڏٺو پر هنن سائين جي ايم سيد ۽ محمد ابراهيم جويي کي ضرور ڏٺو، جن سنڌ جي عشق ۾ فنا ٿيڻ جي روايت قائم ڪئي. سائين محمد ابراهيم جويي پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات سنڌ مدرسي کان ڪئي ۽ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ سنڌ سان مستقبل ۾ ٿيندڙ سازشن ۽ ويساهه گهاتين جو ادراڪ رکندي ”سيو سنڌ، سيو سب ڪانٽيننٽ /سنڌ بچايو، کنڊ بچايو“ جهڙو لازوال ڪتاب تخليق ڪيو. جنهن جي پاداش ۾ ان وقت جي تعليم جي وزير” پير الاهي بخش کيس نوڪريءَ تان لاهي ڇڏيو، ياد رهي ته پير الاهي بخش سنڌ مان سنڌي ٻوليءَ کي نيڪالي ڏيڻ ۾ ڌارين جو ساٿ ڏيندي سڀ کان پهرين ڪراچي شهر مان ۱۳ سئو سنڌي اسڪول بند ڪرايا هئا. سائين محمد ابراهيم جويو، اينٽي ون يونٽ فرنٽ ۽ بزم صوفياءِ سنڌ جي جدوجهد ۾ سنڌ ۽ سيد سان گڏ ايوبي شاهيءَ سان مهاڏو اٽڪائي پاڻ ملهايو، جنهن جي ڏوهه ۾ کيس ڪوهاٽ بدلي ڪيو ويو هو، سائين محمد ابراهيم جويو سنڌي ادبي سنگت کي سنڌ جي ترقي پسند ۾روشن خيال تنظيم طور نه رڳو قبوليو پر ان مقصد جي حاصلات لاءِ مسلسل سنڌي ادبي سنگت سان سلهاڙيل رهندي ان جي زيادتين جي رهنمائي ڪندو رهيو. جويو صاحب ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سان گڏ سنڌ هاري ڪميٽي جي مقصدن سان سهمت ٿيندي ان جدوجهد ۾ شامل رهيو، پنهنجي شاگرد رسول بخش پليجي جي عوامي تحريڪ کي به پنهنجي اخلاقي،علمي، ادبي ۽ سياسي حمايت سان اڳتي وڌايو. هو مارڪسوادي هجڻ باوجود هتان جي اشتراڪين سان قومي سوال تي سدائين ٽڪراءَ واري پوزيشن ۾ رهيو. سائين محمد ابراهيم جويو آزاد سنڌ ۽ سيڪيولر سماج جو حامي ۽ گهرجائو هئو، جنهن لاءِ سندس ڪوششون جاري رهيون. سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري، چيئرمين رهندڙ سائين محمد ابراهيم جويي ”مهراڻ“ کي جيڪو مٿاهون مقام ڏياريو ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي نيڪ ناميءَ لاءِ جيڪو پاڻ پتوڙيو اهو به تاريخ جو اهم حصو ۽ سندس علمي ادبي ڪاميابين ۽ ڪامرانين جو هڪ اعليٰ مثال رهيو آهي، سنڌ جي نصاب کي سيڪيولر، روشن خيال ۽ انسان دوست بڻائڻ لاءِ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين جي حيثيت سان ڪيل سندس پورهيو سدائين ياد رکيو ويندو. سائين محمد ابراهيم جويو سرونٽس آف سنڌ، سوسائٽي ۽ سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت جي بينر هيٺ ڪيترا ئي ڪرائتا ڪتاب ڇپرائي سنڌ جي علم ۽ ادب جي خدمت ڪئي.. سائين جويي صاحب شاهه سچل سامي، سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعرن جي ٽه مورتي بابت ڪتاب لکڻ سميت عالمي ادب جي شاهڪار ڪتابن جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري سنڌي ادب کي مالا مال ڪيو. سندس ترجمو ڪيل ڪتابن سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ ادبي دنيا ۾ هڪ نئين روشني ۽ شعوري انقلابي هلچل پيدا ڪئي. سياسي ادارن ۾ سائين محمد ابراهيم جويي جي ترجمو ڪيل ڪتابن کي اسٽڊي سرڪل ۾ باقائدگي سان پڙهايو ويندو هيو. سائين جي ايم سيد نئين سنڌ جو خواب ڏٺو، ان خواب جي ساڀيان لاءِ محمد ابراهيم جويي زندگيءَ جي هر گهڙي جدوجهد ۾ گذاري ڪندي.هن نئين سنڌ ۾ علمي سجاڳي پيدا ڪري روشن خيال ذهن پيا ڪيا، جنهن پنهنجي قلم ذريعي روسو ۽ والٽيئرجيان ڪردار ادا ڪيو. وطن دوستي، سماجي انصاف، جمهوري سماج جي اڏاوت لاءِ علمي ادبي ميدان ۾ ڪيل سندس جدوجهد سماج جي اڏاوت لاءِ علمي ادبي ميدان ۾ ڪيل خدمتون ڪڏهن به وساري نٿيون سگهجن. سائين محمد ابراهيم جويو سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيڻ واري عملي جدوجهد ۾ سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻي ڪئي ۽ سنڌ دشمنن، رٿائن ۽ سازشن خلاف سخت مزاحمت ڪئي. سائين محمد ابراهيم جويي سنڌ ۾ مادري ٻوليءَ ۾ تعليم ڏيارڻ جي حق کي مڃرائڻ لاءِ مثالي جدوجهد ڪئي. ۱۹۶۰ع ۾ شريف ڪميٽي سنڌ جي مادري تعليم واري حق کي پٺي ڏيندي سنڌي ٻوليءَ جي تعليم کي پرائمري تعليم تائين محدود ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا، تڏهن سائين محمد ابراهيم جويي جي اڳواڻي ۾ سنڌ جي عالمن، اديبن، تعليمي ماهرن ۽ دانشورن ”شريف ڪميشنن“ خلاف مزاحمت ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ شريف ڪميشن کي اهڙو فيصلو واپس وٺڻ تي مجبور ڪيو ويو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي تعليم واري فطري حق کي مڃرايو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخي حيثيت کي بحال ڪرايو. جرمن ڏاهي ارنيسٽ ٽرمپ شاهه لطيف جي دنيا ۾ هڪ وڏي شاعر طور سڃاڻپ ڪرائي ۽ شاهه سائين جي شاعريءَ تي تحقيق ڪري دنيا جو وڏو شاعر قبول ڪرايو، اهڙي طرح سائين محمد ابراهيم جويي سنڌ جي ويهين صديءَ جي وڏي شاعرشيخ اياز جي سڃاڻپ ڪرائي، هن شيخ اياز کي سنڌي شاعريءَ جي اوچي پد تي ويهارڻ لاءِ پنهنجون علمي، ادبي، صلاحيتون ڪتب آڻيندي شيخ اياز کي سنڌ جي ٻولي جي نج پڻي ۽ ڪارائتي نموني ٻوليءَ جو استعمال ڪرڻ سان شيخ اياز کي صدين جو سرجڻهار بڻائي ڇڏيو. شيخ اياز جي شاعراڻي سنوار ۾ جنهنجو علمي ڪردار هيو، جنهن سندس ڪتابن جا شاهڪار مهاڳ لکي، سندس شاعريءَ جي خوبين، فني ۽ فڪري اڏار ۾ وسعت پيدا ڪئي، شيخ اياز جنهن جي شاعريءَ جون پاڙون پنهنجي ڌرتيءَ جي پاتال ۾ کتل هيون ۽ سندس فني ۽ فڪري اڌارون آڪاش جي پولارن تائين جاري هيون. شيخ اياز جيڪو روايتي شاعراڻي گدلي سينور ۾ ڪنهن ڪنول جيئن کڙيو هو ۽ گگهه انڌاري ۾ چڪور جيان چنڊ ڏانهن اڏارون ڪندي ڏوهاري بڻيو هو. اياز جيڪو محمد ابراهيم جويي وانگر سنڌ ۾ نئين انسان کي تخليق ڪرڻ لاءِ سندس مٽيءَ کي ٻيهر ڳوهڻ جو ڏوهاري بڻيو هو، اياز جنهن وٽ به انوکي ڏات جي جيڪا تند هئي، اها تلوارن سان ويڙهاند ڪندي هئي، جنهن جي ڏات ڏيا کان ڀاري بر بُرج لڏندي ۽ ڀُرندي محسوس ٿيندا هئا، جنهن جي شاعراڻي اظهار سان هيٿار بند به هيڻا ٿيندي محسوس ٿيندا هئا، ان شيخ اياز کي اياز جي مرتبي تي پهچائڻ لاءِ محمد ابراهيم جويي جي علمي، ادي فڪري رهنمائي واري ڪردار ڱي ڪيئن ٿو وساري سگهجي، ان شيخ اياز کي ڪيئن ٿو وساري سگهجي، جنهن محمد ابراهيم جويي ڏانهن سندس محبت ۽ مڃتا ۾ جي ”ڪاڪ ڪڪور يا ڪاپڙي“ جي سري هيٺ لازوال خط لکي، پنهنجي محسن دوست ۽ رهبر سان پنهنجي اندر ۾ پلجندڙ احساسن ۽ اڌمن کان کيس آگاهه ڪيو پر پنهنجي تخليقي نواڻ کان به باخبر رکيو، جنهن جي پس منظر ۾ محمد ابرهيم جويي شيخ اياز جي تخليقي اڏار کي مٿاهون ۽ اُتاهون رکڻ لاءِ پنهنجون سموريون علمي صلاحيتون ڪتب آنديون. محمد ابراهيم جيويو، سنڌ جي اعليٰ انسانن ۽ اعليٰ ادارن سان رهي نه رڳو اعليٰ انساني قدرن کي پنهنجي زندگيءَ جي امُلهه ميراث ڄاتو پر انهن اعلي انساني قدرن کي پنهنجي سماج ۾ رائج ڪرڻ لاءِ ڀرپور ۽ عملي ڪوششون ڪيون. سائين جي ايم سيد، حشو ڪيولراماڻي، عمر بن محمد دائود پوٽو، علامه آءِ آءِ قاضي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، قاضي فيض محمد، شيخ عبدالمجيد سنڌي، ڪامريڊ حيدربخش جتوئي، پير حسام الدين راشدي، رسول بخش پليجو، رشيد ڀٽي، سرالج الحق ميمڻ، شمشير الحيدري، حميد سنڌي، غلام محمد گدائي، غلام مصطفيٰ شاهه، عبدالڪريم گدائي، سرويچ سجاولي، محمد خان مجيدي، منشي ابراهيم، استاد بخاري، تنوير عباسي، ڄام ساقي، عبدالواحد آريسر وانگر سنڌ جي علمي، ادبي، سياسي ۽ قومي ورثي جي وارثي ڪندڙ ۽ ان شعوري روايت کي حب الوطنيءَ سان سلهاڙي نئين نسل ڏانهن پنهنجي قومي ورثي کي منتقل ڪرڻ واري عملي جدوجهد جو مهندار ۽ نئين نسل جو سونهون رهندڙ هڪ باڪردار عالم، اڪابر، اديب، دانشور، تعليمي ماهر جو رتبو ماڻيندڙ سائين محمد ابراهيم جويو جنهن پنهنجي سڄي ڄمار، علم جي روشني ڦهلائڻ واري صالح عمل کي ورجائيندي گذاري، جنهن پنهنجي نيڻن ۾ اڻيل پنهنجي خوبصورت خوابن واري سنڌ جي نئين سر اڏاوت ڪندي زندگيءَ جا سمورا پل پهر ارپي ڇڏيا، جنهن سنڌ ۾ علم ۽ ادب جا واهڙ نه پر ڪيئي درياهه وهائي سنڌ جي ذهنن کي زرخيرز بڻائي ڇڏيو. انڊس سولائيزيشن جو سفر جڏهن مُهين جي دڙي ۾ ختم ٿيو ته وري اتان نئون سفر شروع ٿيو، جيڪو مهاراجا ڏاهر جي ديول بندر کان ٿيندو روٻاهه ماڙي کان ويندي ڄام نظام جي ٺٽي ننگر کان ٿيندو مخدوم بلاول ۽ ڄام سارنگ جي ٽلٽيءَ کان ٿيندو، شهيد شاهه عنايت جي جهوڪ ۽ شاهه لطيف جي ڀٽ کان روپلي جي ڪارونجهر تائين هيمون ڪالاڻي جي سکر شهيد ۽ هوش محمد جي مياڻي کا سورهيه بادشاهه جي مکي ٻيلي کان ٿيندو، سن جي سائين جي ايم سيد تائين اچي پڳو.اتان کان ان سفر ۾ جيڪي سنڌ جا عالم، اڪابر، دانشور، قومي اڳواڻ، اديب ۽ شاعر انڊس سولائيزيشن جي ان سفر جاري رکندي نظر اچن ٿا. انهن جو مٿي ذڪر ڪيو ويوآهي، ٿلهي ليکي هن قومي قافلي جي اڳواڻي سائين جي ايم سيد شيخ اياز ۽ سائين محمد ابراهيم جويو ڪندي نظر اچن ٿا. نئين سنڌ جو هي شعوري سفر جنهن ۾ هزارين پانڌيئڙا شامل رهيا آهن ۽ مستقبل ۾ لکين پانڌيئڙا پنهنجي منزل ماڻڻ لاءِ انفرادي مفادن جي سوڙهين ٿيندڙ گهٽين مان نڪري اجتماعي مفادن واري شاهي رستي تي جدوجهد جون مشعلون ٻاري غلاميءَ جي گگهه انڌاري مان پاڻ اڪاري آجپي جي لال ڪنوار سان ضرور لائون لهندا ۽ گهوٽ اڻ موٽ ٿيندا ۽ محمد ابراهيم جويي جي خوابن جهڙيءَ آزاد، خوشحال، علم،عقل، شعور، ڏاهپ، فن، فڪر، ڏات، ڏانءَ، هنر ۽ ڪاريگريءَ سان مالا مال سنڌ اڏيندا. اها سنڌ جنهن سنڌ لاءِ اسان جي وڏڙن تاريخ جي هر دور ۾ پنهنجا سهائي سنڌ وطن جي آزاديءَ لاءِ پنهنجو رت ۽ ست قربان ڪيو آهي، پنهنجي وطن جي هزارين ورهين جي شعور جي روشنيءَ ۾ وکون کڻندڙ قومون ۽ پنهنجي قومي روايتن جي پاسداري ڪندڙ قومون ڏاڍ جا ڏونگر ڏاري پنهنجي منزل ڏانهن نوان رستا ٺاهينديون آهن، محمد ابراهيم جويو، مثال آهي، قومن جي تاريخي علم، شعور ، پنهنجي ثقافتي ۽ تهذيبي روايتن کي برقرار رکڻ جو، سائين محمد ابراهيم جويو، اهو محبت وطن، عالم، اديب، دانشور ۽ قومي اڳواڻ هيو، جنهن پنهنجي قوم جي علمي ادبي پيڙهه پختي ڪرڻ لاءِ سڄي ڄمار ڪشالا ڪندي گذاري ، جنهن ادارا جوڙيا، جنهن نئين سماج جي تخليق لاءِ شعوري ڪوششون ڪيون، جنهن نه رڳو پنهنجون اکيون سجاڳ رکيون پر سنڌ جي سمورن سڄڻن ۽ ساڃاهه وندن جي اکين ۾ سنڌ جو الڪو ۽ اوجاڳو جاڳايو، جڏهن به سنڌ پنهنجي منزل ماڻيندي۽ تڏهن هزارين شهيدن سان گڏ سائين جي ايم سيد، شيخ اياز ۽ محمد ابراهيم جويي جي عظمت کي سلام ڪيو ويندو. محمد ابراهيم جويو گهڻ پاسائين شخصيت ۽ گهڻين ئي خوبين جو مالڪ هيو، جويو صاحب سڀ کان پهرين هڪ قابل ۽ قابل احترام استاد هيو، جنهن سنڌي ٻوليءَ جي تاريخي قومي حيثيت کي برقرار رکڻ جي عملي جدوجهد ڪئي، جنهن ٻوليءَ جي ادارن جي اڏاوت ڪئي، جويو صاحب، صاحب ڪمال اديب هيو، جنهن جون لکڻيون شعور، سجاڳي ۽ روشن خياليءَ جون ساکي رهيون آهن، جويي صاحب اعليٰ درجي جو ايڊيٽر ۽ ترجمي نگار هيو، جنهن عالمي ادب مان چونڊ ڪتابن جو ترجمو ڪري سنڌ جي علم ۽ ادب کي سگهارو ڪيو، جويو صاحب اعليٰ قسم جو منتظم ۽ سياسي سماجي اڳواڻ هيو، جنهن سنڌ جي سماج کي علمي بنيادن تي مضبوط ڪرڻ جون رٿون رٿيون ۽ جدوجهد ڪئي، جويو صاحب جديد سنڌي ادب جي بانيڪارن مان هيو، جنهن مسلسل سنڌي ادب جي سوڙ ۽ سنوار ڪندي گذاري. سائين محمد ابراهيم جويي، فلسفي جو ابتدائي ڪوس، فڪر جي آزادي ، علم تدرسي، مظلومن لاءِ، گليلو، وحشي جيوت جا نشان، جهڙا شاهڪار ڪتاب ترجمان ڪيا، جويي صاحب شيخ اياز جي ڪتاب ”وڄون وسڻ آڻيون، ڪي جو ٻيجل ٻوليو، ڪپر ٿو ڪن ڪري، راڄ گهاٽ تي چنڊ، لڙيو سج لڪن ۾، بڙ جي ڇانو، اڳتي کان گهاٽي، محمد علي مانجهي، منشي ابراهيم ۽ نورالهدي شاهه جي ڪتابن جا مهاڳ به لکيا، جيڪي جديد سنڌي ادب جا شاهڪار مهاڳ آهن. غربت جي گهاڻي ۾ پيڙجندڙ هڪ عريب گهراڻي جو ٻالڪ يتيميءَ جون پيڙائون ڀوڳيندڙ،ڪيئن سنڌ جي شعور ۽ ساڃاهه جو روشن ستارو بڻجي اُڀرندو، اها ڪنهن کي به ڄاڻ ڪو نه هئي، وقت ۽ حالتون انسان کي ٺاهينديون ۽ ڊاهينديون رهيون آهن پر هن ٻالڪ جو سڀاڳ هئو، جو کيس سائين جي ايم سيد جهڙو سڄڻ مليو، جنهن کيس علم حاصل ڪرڻ ۾ مدد ۽ رهنمائي ڪئي. سائين جي ايم سيد جي فڪري ڇانو ۾ رهندي هن ٻالڪ پنهنجي علم جي حاصلات لاءِ نهايت ئي ذميواري سان زندگي جا پل پهر ڪتب آندا ۽ پنهنجي منزل ماڻي ورتي، هي ڏاهو شخص پنهنجي زندگيءَ ۾ آمريتن جي عتاب هيٺ به رهيو ۽ آمريتن سان ويڙهاند ۾ به مصروف رهيو، جنهن جي علمي حيثيت ان رتبي تي پهتي. سموري سنڌ کيس اهم حيثيت ۽ قبوليت ڏئي هڪ وڏڙي جيان کيس قبوليو ۽ مان ڏنو ۽ سائين جويي صاحب به بنا ڪنهن فرق جي سنڌ جي سمورين ڌرين کي عزت ۽ احترام ڏنو ۽ کين علمي شعور کان آگاهه ڪيو، دنيا ۾ يتيم ۽ غريب ٻالڪ ڪيئن پنهنجي زماني جا وڏا ماڻهو ٿيندا آهن، ان ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ اسان وٽ سڀ کان وڏو مثال به سائين محمد ابراهيم جويي جو ئي آهي. جنهن سماجي اونداهي مان پنڌ ڪندي علم ۽ شعور جي روشنيءَ واري منزل ماڻي، پنهنجي سماج جي رهبري ۽ رهنمائي ڪئي، محمد ابراهيم جويو قومي سياست جي مورچي جو اهڙو سپاهي ۽ اهڙو سپهه سالار هيو، جيڪو سياسي جنگ وڙهڻ جو وڏو ماهر ۽ رٿا بندي ڪندڙ ماهر ۽ ڄاتو شخص هيو، جنهن پنهنجي علمي شعور کي ڌرتي دشمنن خلاف خوب ڪتب آندو، جنهن وٽ پنهنجي بچاءَ ۽ سلامتي جا ڪيترا ئي قيمتي گڻ هئا، جنهن جي آڌار تي هن ڌرتيءَ جو ڪيس نهايت ئي خبرداريءَ سان دليلن، مثالن ۽ ڏاهپ ذريعي پيش ڪيو ۽ پنهنجي فطري ۽ تاريخي حقن جي حاصلات لاءِ ميدان ملهايو، جنهن پنهنجي ڏاهپ سان سنڌ جي حقن لاءِ جهيڙيندڙ ڌرين جي وچ ۾ ڳانڍاپي واريءَ پل جو ڪردر ادا ڪيو ۽ قومي تحريڪ جي رهنمائي ڪئي، سائين جي ايم سيد کانپوءِ قومي تحريڪ لاءِ محمد ابراهيم جي شخصيت انتهائي مان ۽ مرتبي واري رهي، ڇاڪاڻ جو پنهنجي علمي حيثيت ۾ مٿاهون، باڪردار ۽ اعتماد جوڳو هيو، جنهن جي ڪري قومي تحريڪ جي قيادت لاءِ هيءُ ڏاهو شخص انتهائي احترام لائق رهيو، اهيو ئي سبب آهي جو سندس مرتئي پڄاڻان کيس سنڌ ڌرتيءَ جي قومي تراني جي گونج ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، جنهن پنهنجي مٽيءَ سان ملي امرتا ماڻي ورتي آهي. سائين محمد ابراهيم جويو هڪ صديءَ جي سفر جِي پُڄاڻي.! شاهد حسين تيوڻو سنڌ جي هن عظيم ڌرتيءَ پنهنجي ڪک مان هر دور ۾ ڪيترا ئي اتم ۽ اعلى انسان پئي پيدا ڪيا آهن جن سنڌ جي سيڌ کي سنوارڻ ان سان محبت ۽ انچ انچ جو پئي بچاءَ ڪيو آهي اهڙا ڪيترا ئي ڪردار موجود آهن جن ڌرتيءَ سان عشق جي ڏوهه ۾ سوليون به سينگارڻ ۾ فخر محسوس ڪيو ۽ مرڪندي مرڪندي هميشه لاءِ امر بڻجي ويا. پر ڪڏهن به اهڙن انسانن پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ان جي مٽيءَ جي خوشبوءَ سان محبت کي گھٽ نه ڪيو ۽ توڙي جو صدين جي صفر ۽ زندگيءَ جي آخري پلن ۾ به ڌرتيءَ سان اٿاهه محبت جو اظهار ڪيو. اهڙن اتم انسانن ۾ محمد ابراهيم جويي جو نالو سونهري ۽ چٽن اکرن ۾ لکيل نظر ايندو. جنهن هڪ صديءَ جي صفر کان به وڌيڪ وقت هن ڌرتيءَ تي رهندڙ ماروئڙن کي شعور ڏيڻ لاءِ ارپيو ۽ وقت سان گڏ هن جھوني مڙس جنهن جي جسم جي توانائي ته ضرور گهٽ ٿي هئي پر هن جون سوچون تمام عظيم ۽ جبلن کان به اونچيون هيون جن زندگيءَ جي ان عرصي ۾ به نوجوانن کي پئي همٿايو. ۽ ڌرتيءَ سان محبت جو پئي درس ڏنو. سائين محمد ابراهيم جويو جنهن جو خال ڀرجڻ تمام ڏکيو شايد صدين تائين ڀرجڻ ممڪن ئي ناهي. سائين جهڙو اڏول انسان جيڪي هلندڙ گهمندڙ هڪ صدي جي تاريخ هو جيڪو پنهنجي محبوب مٽيءَ ۾ هميشه لاءِ آرامي ٿيو. سائين محمد ابراهيم جويو ۱۳ آگسٽ ۱۹۱۵ع ۾ تيرٿ لکي ضلعو دادو موجوده ضلعي ڄامشوري ۾ پنهنجي محسن والد محمد خان جويي جي گهر ۾ اک کولي ۽ پنهنجي زندگيءَ جي سفر جي شروعات ڪئي. نهايت خلوص ۽ نيڪ نيتيءَ سان علم جي واڌاري لاءِ لوچيندو رهيو. جڏهن ته سائين جويي صاحب ۱۹۵۱ع تائين سنڌي ادبي بورڊ ۾ سيڪرٽري جي عهدي تي خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. سائين کي وري ٻيهر ۱۹۶۱ع ۾ ساڳئي ئي عهدي تي مقرر ڪيو ويو ۽ ۱۹۷۳ع تائين سيڪريٽريءَ جي حيثيت سان به سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڪم ڪيو پر سائين ڪجهه وقت چئرمين جي حيثيت سان به سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڪم ڪيو. سائين جويو صاحب جيڪو هڪ صديءَ کان به ڊگهي تاريخ رکندڙ عظيم انسان هو جنهن کي سنڌ جو ٻچو ٻچو هڪ وڏي ليکڪ، عالم ۽ سنڌي قوم پرست جي حيثيت سان سڃاڻندو هو. جويي صاحب جي اڻٿڪ محنت ۽ جدوجهد هئي جنهن هزارين ڪتابن جو مطالعي سان گڏ ڪيترا ئي درجنن جا درجن ڪتاب لکيا ۽ ڪيترن ئي يورپي ليکڪن کي به پڙهيو ۽ انهن جي مشهور ڪتابن کي سنڌي ۾ ترجمو ڪيو ۽ انهن کي ڇپرايو سائين ابراهيم جويو جيڪو سائين جي ايم سيد جو ويجھو ساٿي ۽ قوم پرست هو جنهن سنڌ ۽ سنڌيت کي پنهنجو مرڪز بڻائي ۷۰ کان به وڌيڪ سالن جو عرصو سنڌي قوم کي شعور ڏيڻ لاءِ ڪتاب لکندو رهيو. جنهن ۾ تاريخ، فلسفو، ڪهاڻيون مهاڳ، مضمون، مقالا تقريبن ۶۰ ڪتابن مان ڪيترا ئي ڪتاب جن وڏي شهريت پڻ ماڻي پاڪستان اڪيڊمي آف لٽريسيءَ جي حيثيت سان ۲۰۱۳ ع ۾ لٽريسي ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو. پر حقيقت ته سائين جي اڻٿڪ محنت ۽ ان جي جستجو جي اڳيان اهڙا ڪيترا ئي ”ايوارڊ“ به ڪا اهميت نه ٿا رکن. ڇو ته سائين هڪ ئي وقت گهڻ-رخي شخصيت جو مالڪ اتاهون انسان هو. هن جهوني مڙس جي اکين ۾ گهوري ڏسڻ سان سنڌ جي خوشحالي امن امان، ترقي جا هزارين خواب سانڀيل هئا پر حقيقت ۾ ته هن جهوني مڙس ڌرتيءَ ماءُ جي مٽيءَ سان لڳاءُ هجڻ جي ڏوهه ۾ وقت جي فرعونن هٿان ڪيترا ئي ڀيرا زندگيءَ ۾ تڪليف کي به سٺو پر پنهنجي ماتر ڀوميءَ جي سڪ کي گهٽ ٿيڻ نه ڏنو. ۽ ڏٺو وڃي ته اهڙن ئي عظيم پٽن تي مائرن کي ناز هوندو آهي. محمد ابراهيم جويي جي شخصي ۽ فڪري تاريخ مدثر کهاوڙ اسان جي سونهاري سنڌ ڪيترا ئي دانشور، اديب، شاعر، مفڪر پيدا ڪيا آهن جن پنهنجي جوڀن جواني ۽ دنيا ڇڏڻ کانپوء به انهن جو نالو صدين تائين ياد ڪيو وڃي ٿو. شاعر، اديب، ليکڪ، مفڪر دنيا ڇڏي ته وڃن ٿا پر انهن جون يادون ۽ سماج ۾ ڪيل خدمتون وساري نٿيون سگهجن انهن مان اسان جي سنڌ جو ڏاهو محمد ابراهيم جويو صاحب به هڪ آهي. ناميارو عالم، اديب ۽ ڏاهو محمد ابراهيم جويو ۱۳ آگسٽ ۱۹۱۵ع تي اڳوڻي ضلعي دادوءَ (۽ هاڻي ڄامشوري) جي ڳوٺ ’آباد‘ ۾ هڪ هاريءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. ٽن سالن جو هو ته سندس والد محمد خان جويو، پهرين مهاڀاري جنگ بعد پکڙيل وڏيءَ بيماريءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. محمد ابراهيم جويي جو ننڍپڻ غربت ۾ گذريو، پر هن همت نه هاريندي، پرائمريءَ جا چار درجا ڳوٺ ۾ پڙهي، ۱۹۲۷ع ۾ اي. وي اسڪول سَن ۾ داخل ٿيو، جتي سائين جي. ايم. سيد جي مهربانين سان ٽي درجا انگريزي پڙهي، ۱۹۳۰ع ۾ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتائين. جتي چوٿين کان ستين درجي تائين پڙهيو، هن ۱۹۳۴ع ۾ مئٽرڪ جي امتحان ۾ سنڌ مدرسة السلام مان ٻِي پوزيشن ماڻي ۽ ۲۰ رپيا ماهوار اسڪالرشپ حاصل ڪيائين. سنڌ مدرسي ۾ ان وقت علامه عمر بن محمد دائود پوٽو پرنسپال هو ۽ جويو صاحب سندس لائق شاگردن ۾ نمايان هو. جويي صاحب ۱۹۳۸ع ۾ ڊي. جي سنڌ ڪاليج مان بي. اي جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ کيس ڪاليج ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ۽ منگهارام ملڪاڻيءَ جهڙن استادن جي صحبت ۽ محبت حاصل رهي. ۱۹۴۰ع ۾ سنڌ مدرسي طرفان بي. ٽي ڪرڻ لاءِ بمبئيءَ جي ايس. ٽي ڪاليج پڙهڻ ويو، جتان موٽندي ئي کيس ۱۹۴۱ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ ’اسسٽنٽ ماستر‘ مقرر ڪيو ويو. محمد ابراهيم جويي زندگيءَ جو پهريون سنڌي مضمون ”پڃري جا پکي“ ۱۴ سالن جي عمر ۾ لکيو، سندس انگريزي ۾ پهريون مضمون Democracy in School Administration سال ۱۹۴۶ع ۾ سنڌ مدرسي جي مئگزين ’ڪرانيڪل‘ ۾ ڇپيو. سائين جي. ايم. سيد سندس پهريون تعليمي مددگار هو. هُو ٻن مفڪرن سائين جي ايم سيد ۽ ايم. اين راءِ کان گهڻو متاثر هو، ۽ پهرين پارٽي جنهن ۾ شموليت ڪيائين، اها هئي ايم اين راءِ جي ‘Radical Democratic Party’. هُن ايم. اين راءِ جي ڪتاب ‘Historical Role of Islam’ جو سنڌي ترجمو ’اسلام جو تاريخي ڪارنامو‘ جي عنوان سان ڪيو. علمي زندگيءَ ۾ جويي صاحب سنڌ دوستيءَ جي راهه ۾ سرڪار جا عتاب ۽ ناراضگيون به برداشت ڪيون. ۱۹۴۷ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ پڙهائڻ دؤران هن هڪ ڪتاب ’سنڌ بچايو- کنڊ بچايو‘Save Sindh, Save the Continent from Feudal Lords, Capitalists and their Communalists لکيو، جنهن جي ڏوهه ۾ سنڌ مدرسي بورڊ جي صدر ۽ (تڏهوڪي وزير تعليم) سندس ملازمت ختم ڪرڻ جو حڪمنامو جاري ڪيو هو. جويي صاحب جي اهليت کي مڃيندي، ٺٽي ميونسپالٽيءَ جي چيئرمين موليڏني عباسيءَ کيس ميونسپل هاءِ اسڪول ٺٽي جو هيڊ ماستر ٿيڻ جي آڇ ڪئي، جتي ٻن سالن تائين ۲۰۰ رپيا پگهار تي پڙهايائين. بعد ۾ اهو اسڪول به سرڪاري تحويل ۾ ورتو ويو، جتان بدلي ٿي ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار مئن، حيدرآباد ۾ اسسٽنٽ ماسٽر طور فرض نڀايائين. ۱۹۵۱ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چونڊ سان ڪلاس ٻئين گزيٽيڊ آفيسر طور ”هاءِ پاور ايگزيڪٽو ڪاميٽي فار سنڌي لٽريچر“ جو سيڪريٽري مقرر ٿيو. ۱۹۵۴ع ۾ هاءِ پاور ڪميٽيءَ کي ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي نالي سان نئين سر تشڪيل ڏنو ويو، جتي ۱۹۶۱ع تائين سيڪريٽريءَ طور جانفشانيءَ سان ڪم ڪيائين. ان دوران جويو صاحب (۵۶-۱۹۵۵) ٻه سال بورڊ جي ٽماهي ’مهراڻ‘ جو ايڊيٽر به رهيو، جنهن دوران هُن جديد ادب جي وڏي سرپرستي ڪئي ۽ ’مهراڻ‘ جو اهو دؤر يادگار ليکيو وڃي ٿو. ۱۹۶۳ع کان ۱۹۶۷ع تائين هُو آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي پاڪستان ٽيڪسٽ بڪ بورڊ لاهور، ڪراچي، ڪوئيٽا ۽ حيدرآباد ۾ رهيو، ان عرصي ۾ پنج سال اعزازي طرح سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري پڻ رهيو. نومبر ۱۹۶۹ع ۾ ون يونٽ جي خاتمي جي اعلان بعد هُو سنڌ ۾ رجسٽرار ڊپارٽمينٽل ايگزئمنيشن، ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊيوڪيشن مقرر ٿي حيدرآباد ۾ آيو. پوءِ ۱۹۷۱ع ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جو ميمبر به ٿيو. هن ڪيترا ئي نصابي ڪتاب به لکيا. ۱۹۷۲ع ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر، بيورو آف ڪريڪيولم ائنڊ ايڪٽينشن سروسز سنڌ، حيدرآباد مقرر ٿيو، جتان آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي ۽ بعد ۾ سيڪريٽري سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ مقرر ٿيو ۽ ۱۲ آگسٽ ۱۹۷۳ع تي رٽائر ڪيائين. ابراهيم جويي جو سنڌي ادبي سنگت سان به ابتدا کان وٺي واسطو رهيو ۽ ۵۶-۱۹۵۴ واري دؤر ۾ سنڌي ادب ۽ ادبي سنگت جي ’نئين جاڳرتا‘Renaissance جو اهم اڳواڻ رهيو. هُو سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد شاخ جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر به رهيو. ۱۹۷۳ع ڌاري هُن ڪجهه سڄاڻ اديبن سان گڏجي ”سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت“ نالي اداري جو بنياد وڌو، پاڻ ان جو صدر ٿيو ۽ ان ئي پليٽ فارم تان چاليهه کن ڪتاب چپائي پڌرا ڪيائين. ۱۹۷۳ع ۾ ”سنڌ فرينڊس سرڪل“ قائم ڪري، ان طرفان ۲۰ ڪتاب شايع ڪرايائين. سرونٽس آف سنڌ سوسائٽيءَ جو ۱۹۸۲ع کان وائيس پريزيڊنٽ رهندو اچي. پنهنجي دوست، نامياري ليکڪ سراج الحق ميمڻ جي تحرڪ ۽ سرپرستيءَ ۾ ’سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ‘ جو بنياد رکيائين، پاڻ ان جو وائيس چيئرمين ۽ مئنيجنگ ٽرسٽي رهيو. سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ واري عاليشان عمارت سراج صاحب ٽرسٽ کي سونپي علم ۽ قلم دوستيءَ جو ثبوت ڏنو. هن ٽرسٽ جي ذريعي ليڪچرن جو سلسلو هلايو، جن ۾ اهم اديبن ۽ دانشورن ليڪچر ڏنا جن کي ڇپائي پڌرو ڪيائين. جويي صاحب ۱۹۹۷ع کان ۲۰۰۲ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين رهيو ۽ ۱۹۹۸ع کان هيل تائين، مختلف مرحلن ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس، مالي ڪاميٽي، پبليڪيشن ڪاميٽيءَ ۽ ادبي تحقيقي ڪاميٽيءَ جي ميمبر طور به ذميواريُون نڀائيندو ۽ اٿارٽيءَ جي اسڪيمن ۾ مددگار رهيو. جڏهن ۱۹۹۸ع ۾ شيخ اياز فائونڊيشن جو قيام عمل ۾ آيو ته کيس ان جو چيئرمئن مقرر ڪيو ويو. فائونڊيشن طرفان هن وقت تائين ڇهه ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا ويا آهن. ان کان علاوه پاڻ شيخ اياز چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي صلاحڪار بورڊ جو به ۲۰۰۰ع کان ميمبر رهيو آهي. ان کان سواءِ ٿياسافيڪل سوسائٽي، حيدرآباد جو وائيس پريزيڊنٽ پڻ. جويي صاحب، سنڌ جي مهان شاعر شيخ اياز جي ڪيترن ڪتابن جا مهاڳ لکيا. ويجهڙائيءَ ۾ سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي پاران ڇپجندڙ شيخ اياز جي سموري شاعريءَ ۽ نثر جي ۲۲ جامع جُلدن جي سربراهي پڻ جويي صاحب کي ڏني وئي، جنهن ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري تاج جويو رهيو. سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت نامياري اديب سراج جي لکيل اهم ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ (۱۹۶۴ع) جي مهاڳ لکڻ سان گڏ جويي صاحب سوين نوجوان اديبن ۽ شاعرن جي ڪتابن تي به مهاڳ لکيا ۽ سنڌ ۾ ”مهاڳ نويسيءَ“ جي فن جو استاد ليکيو وڃي ٿو. هن دنيا جي ڪلاسيڪي ادب مان خاص ڪري فڪري، نظرياتي ۽ فلسفياڻي نوعيت جا ڪيترا ڪتاب ترجمو ڪري، سنڌي ماڻهن جي فڪري غربت جو خاتمو آڻڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. جويي صاحب کي چئن پٽن ۽ ٻن نياڻين جو اولاد ٿيو، جن مان نيلوفر جويو ڪهاڻيڪار هئي. تازو مئي ۲۰۰۹ع ۾ سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي حڪومت سنڌ پاران پهريون ڀيرو محمد ابراهيم جويي جي مڃتا ۾ هڪ تقريب انڊس هوٽل حيدرآباد ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ثقافت ۽ سياحت جي صوبائي وزير، محترمه سسئي پليجو، سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر نثار احمد کهڙي سميت جويي صاحب جي شاگردن، مداحن ۽ اديبن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي جويي صاحب کي سنڌ جي سمورن ادبي، علمي ادارن ۽ يونيورسٽين پاران اوارڊ، شيلڊُون ۽ گلن جا تحفا ڏئي، سندس خدمتن جو اعتراف ڪيو ويو. جڏهن ته سنڌ ميوزيم، حيدرآباد ۾ ’ابراهيم جويو ڪارنر‘ پڻ قائم ڪيو ويو آهي. هو لاڏاڻي وقت صحافي ڪالونيءَ، حيدرآباد ۾ رهائش پذير هيو. محمدابراهيم جويي صاحب ۹ نومبر ۲۰۱۷ع تي پنهنجي گهر حيدرآباد ۾ خميس ڏينهن صبح جو وفات ڪري ويو. محمد ابراهيم جويي لاءِ سنڌ اسيمبلي مان ٺھراءُ به پاس ڪيو ويو ۽ محمد ابراهيم جويو جي ڪيل خدمتن کي پڻ ساراهيو ويو. محمد ابراهيم جويو سنڌ جي ڏاهپ جو پيغمبر طارق عزيز شيخ سنڌ جو عالم، اديب ترجمي نگار ۽ تعليمدان محمد ابراهم جويو انهن ڏاهن منجهان ڳڻيو وڃي ٿو. جن سنڌي ادب جي آبياري ڪئي. سائين ابراهيم جويو ترقي پسند لاڙو رکندڙ رهيو ، سنڌ جو عاشق ۽ قومي نظريو رکندڙ مفڪر رهيو جويو صاحب ۱۳ آگسٽ ۱۹۱۵ تي ڳوٺ آباد، ضلعو ڄامشورو ۾ پيدا ٿيو، سندس والد محمد خان جويو غريب هاري هئو پر سندس ارادو هو ته پٽ کي پڙهايان. محمد ابراهيم جويو ٽن ورهين جو هو ته سندس والد وفات ڪري ويو، والد جي وفات بعد پڙهڻ جي ڄمار وارو ٿيو ته سندس والده کيس اسڪول ۾ داخل ڪرايو ڏکين ڏينهن هئڻ باوجود ابتدائي تعليم حاصل ڪري ورتائين . ۱۲ ورهين جي ڄمار ۾ دادو جي تاريخي شهر سن ۾ اي وي اسڪول ۾ داخل ٿيو. سن جيڪو رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جو اباڻو علائقو آهي، اتي سائين جي ايم سيد پاران جوئي صاحب جي تعليم ۾ مالي سهڪار ساڻس رهيو، هي وقت هو جڏهن جويو صاحب ڏاڍي محنت سان پڙهي رهيو هو. اها ئي اها ڳالهه هئي جنهن سائين جي ايم سيد کي به متاثر ڪيو هو. سائين جي ايم سيد علم، ڏاهپ ۽ سياست جو سمنڊ هو ۽ علم سان چاهه رکندڙن جو کيس وڏو قدر هو. جويو صاحب علمي شوق سبب ادبي ۽ سياسي ميڙاڪن ۾ سائين جي ايم سيد سان گڏ رهيو. اهڙي ريت سندس فڪري تربيت به ٿيندي رهي. انهي کانپوءِ سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتائين ۽ مئٽرڪ ڪري فارغ ٿيو، مئٽرڪ ۾ پوزيشن اچڻ سبب اداري پاران اسڪالر شپ حاصل ڪيائين ۽ گريجوئيشن مڪمل ڪرڻ کان هڪدم پوءِ بمبئي ڪاليج مان بي ٽي ڪرڻ ويو جڏهن واپس موٽيو ته سنڌ مدرسته الاسلام ۾ ئي استاد جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو. جويو صاحب سيڪيولر رهيو، هن ڪڏهن به مذهب کي سنڌ ۽ علم جي وچ ۾ ناهي آندو مون کي عوامي آواز اخبار لاءِ انٽرويو ڏيندي چيو هئائين ته آئون سيڪيولر ازم جو حامي آهيان فلاح بهبود جو ڀلو سوشلزم ۾ آهي، انهي سوچ جا ماڻهو جتي گڏ ٿين ٿا. اتي وڃي آواز ۾ آواز ملايون ٿا. جوئي صاحب لکڻ جي شروعات ترجمي سان ڪئي هئي، سنڌ مدرسته الاسلام جي تدريسي رسالي ”ڪرانيڪل“ ۾ ترجمن وارا ليک شايع ڪرايائين، سندس علمي ادبي زندگيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ تعداد ترجمو ڪيل مضمونن ۽ ڪتابن جو رهيو آهي. انهي زماني ۾ ايم اين راءِ جي انگريزي ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ”اسلام جو تاريخي ڪارنامو“ جي نالي سان ڪيو هئائين هي ۱۹۴۵ع جو سن هو. انهي کانپوءِ مختلف ملڪن جو ادب ۽ سياسي لٽريچر وقت سر ترجمو ڪندو رهيو جن ۾ خاص طور تي انقلابي تحريڪن بابت مواد شامل رهيو، جوئي صاحب جي ڪيل علمي پورهئي جو تفصيل هن ريت آهي، (۱) اسلام جو تاريخي ڪارنامو (ترجمو) (۲) سنڌ بچايو، کنڊ بچايو (۳) ايميلي عرف تعليم (ترجمو) (۴) ٻارن جي تعليم (ترجمو) (۵) وحشي جيوت جا نشان (ترجمو) (۶) سنڌي زبان جي بنيادي لغت (۷) فڪفر جي آزادي (ترجمو) (۸) گليلو انگريزي ڊرامي جو (ترجمو) (۹) شاهه سچل سامي، (۱۰) ٻارن جو ميسج (ترجمو) (۱۱) ماڻهوءَ جو ڀاڳ، (۱۲) عورت زاد، عورتن جي تحريڪ آزادي (ترجمو) (۱۳) فلسفي جو ابتدائي ڪورس (ترجمو) (۱۴) علم تدريس مظلومن لاءِ (ترجمو) (۱۵) مهڪريءَ جا مضمون (ترجمو) (۱۶) اسان جي ٻولي اسان جي تعليم، (۱۷) فرينچ انقلاب (ترجمو) (۱۸) مُٺ مُٺ موتين جي (۱۹) هوءَ جا ٽمڪي باهڙي (۲ جلدن ۾) (۲۰) خط ٻن اديبن جا، (۲۱) ڳالهيون ڪتابن جون (۲۲) خط ٻن استادن جا (۲۳) خط دوستن جا، ان کان علاوه ثقافت کاتي پاران مون ڏات انوکي آندي آ، ۲۰۱۲ ۾ جوئي صاحب جو لکيل ڪتاب آهي، جڏهن ته اردو دانشور مظهر جميل، ”محمد ابراهيم جويو: ايڪ صدي ڪي آواز“ نالي ڪتاب لکيو جيڪو پڻ ثقافت کاتي ڇپرايو آهي، جنهن ۾ جوئي صاحب جي سوانح آهي. جويو صاحب هڪ صديءَ جي تاريخ هو. سنڌ جو مزاج ۽ فڪر به ان کي ئي چئي سگهجي ٿو. گذريل صديءَ ۾ سنڌ ۾ هزارين ادبي، دانشور، ڏاها جنم وٺي، ڪردار نڀائي ويا، پر جن شخصيتن سنڌ ڌرتيءَ تي پنهنجو اثر ڇڏيو، فڪر ڏنو، اهي سائين جي ايم سيد، شيخ اياز ۽ محمد ابراهيم جويو صاحب آهن. ترقي پسند ذهن ۽ روشن خيال سوچ رکندڙ سنڌ جي هن ڏاهي سنڌي ادبي بورڊ لاءِ جاکوڙ ڪئي ۽ آخرڪار ان جو قيام يقيني بڻايو. ۱۹۵۱ع کان وٺي اڃان جڏهن بورڊ وجود ۾ ڪونه آيو هو، انهي جي وجود لاءِ جويو صاحب ڀڄ ڊڪ ۾ اڳڀرو رهيو. ۱۹۵۴ع ۾ هيءَ ادارو هاءِ پاور ايگزيڪيوٽو ڪميٽي فار سنڌي لٽريچر مان تبديل ٿي ”سنڌي ادبي بورڊ“ بڻيو، جويو صاحٻ اڳوڻي اداري جو سيڪنڊ آفيسر ڪميشن ذريعي چونڊجي آيو هو. ادبي بورڊ وجود ۾ اچڻ بعد ان جي گهڻي کان گهڻي جوڙجڪ پاڻ ڪيائون ”مهراڻ“ رسالو شاهڪار بڻائڻ ۾ جوئي صاحب جو اهم ڪردار رهيو جنهن ان جي ڏهه ورهيه سرپرستي ڪئي. هو سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جو به سيڪريٽري رهيو ۽ نهايت معياري نصاب جي تياري ڪيائين، ماهر تعيلم هئڻ ڪري ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ کي جويو صاحب هڪ سرمايو ملي ويو، جنهن سنڌ جي تدريسي ڪتابن ۾ معياري ۽ جديد انداز آندو پاڻ به ڪتاب لکيائين ۽ سڄي سنڌ مان وڏن عالمن ۽ اديبن کان به تعليمي لحاظ کان مدد ورتائين، هو بيورو آف ڪريڪيوليم جو به ڊائريڪٽر رهيو. سنڌي ادبي سنگت جي حوالي سان پڻ اديبن جي تنظيم کي متحرڪ ڪيائين. سنڌ جي حوالي سان ڪيترا ئي قومي ۽ ادبي معاملا هن پليٽ فارم تان اٿاريائين، ادبي سنگت جي بنياد کان وٺي جوئي صاحب ان ۾ ڪردار نڀايو، ادبي سنگت کان علاوه ”سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت“ ۽ ”سنڌ فرينڊس سرڪل“ نالي پڻ جوئي صاحب اديبن جا نوان ۽ متحرڪ يونٽ کوليا جنهن جي ذريعي سنڌي ڪتاب شايع ڪرايا ويا. سنڌ جا ڪيس اٿاريا ويا ۽ اديبن ۽ شاعرن کي گڏ ڪيو ويو. اهو جوئي صاحب جي شخصيت جو ڪمال هو جو هن هر ننڍي وڏي اديب جي عزت ڪئي ۽ عزت ڪرائي سڀني سنڌي اديبن کي هڪ هنڌ ڪٺو ڪري سهگارو اتحاد بڻايو. تعليم جي حوالي سان جوئي صاحب جون ڪيل خدمتون به اهميت جوڳيون آهن، سنڌ مدرسي ۾ ۱۹۴۱ع کان استاد طور مقرر ٿيو، جنهن بعد ۱۹۴۷ع ۾ ميونسپل ٺٽي هاءِ اسڪول ۾ ٻن سالن تائين هيڊ ماستر بڻيو، تڏهن ۲۰۰ رپيا پگهار کنيائين، ٻن ورهين بعد ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد ۾ اسٽنٽ ماستر طور بدلي ٿيو، ۱۹۵۱ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾امتحان پاس ڪيائين ۽ گزيٽيڊ آفيسر طور ”هاءِ پاور ايگزيڪيو ڪميٽي فار سنڌي لٽريچر جو سيڪريٽري مقرر ٿيو، ۱۹۶۷ع ۾ گرونرمينٽ هاءِ اسڪول جيڪب آباد جو هيڊ ماستر مقرر ٿيو، ۱۹۶۸ع ۾ گورنمينٽ ٽريننگ اسڪول ڪوهاٽ جو پرنسيپال بڻيو، ۱۹۶۹ع ۾ رجسٽرار ڊپاررٽمينٽل ايگزئميشن، ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن حيدرآباد مقرر ٿيو، ۱۹۷۱ع ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو ميمبر ۽ ۱۹۷۲ع ۾ اتي ئي ڊپٽي ڊائريڪٽر مقرر ٿيو جتان ۱۹۷۳ع ۾ ريٽائرڊ ٿي سروس مڪمل ڪيائين. ريٽائرمينٽ کانپوءِ جويو صاحب مڪمل طور تي ادب حوالي ٿي ويو، جنهن سڄو سارو وقت علمي ادبي، سرگرمين کي ڏنو، ڪيترا ئي مقالا، مضمون ۽ ترجمان به ڪيائين شاهه سائين لطيف جي حوالي سان پڻ ڪم ڪيائين، ادبي حلقا قائم ڪيائين ۽ قومي سجاڳيءَ وارو سلسلو فڪري انداز ۾ اڳتي وڌايائين، سائين جي ايم سيد شيخ اياز، سراج ۽ ناميارن مدبرن ساٿين سان گڏ جي اهڙو نظرياتي ڪم ڪيائين جو سنڌي ٻولي، علم، ادب ۽ قوم کي پنهنجي منفرد سڃاڻپ ملي. سنڌ بابت جوئي صاحب جو موقف هميشه سگهارو رهندو آيو. هن عوامي آواز اخبار لاءِ مون کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو هو ته سنڌ پاڪستان سان انهيءَ لاءِ شامل ڪونه ٿي هئي ته سنڌين کي اقليت ۾ بدلايو وڃي، پر انهي لاءِ شامل ٿيا هئاسون ته جن قومن گڏجي پاڪستان ٺاهيو آهي سي سڀئي هڪ جيتريون حقدار آهن، اها زندگي جنهن ۾ ماڻهو بيوس هجي سا موت جهڙي آهي. ساڳي ريت اها آزادي جنهن ۾ اختيار نه هجي بي اختيار هجي، اها بي معنيٰ آهي، اها غلامي آهي. اسان سنڌ کي پاڪستان ۾ باوقار ۽ بااختيار ڏسڻ چاهيون ٿا. اهو حق تڏهن ملندو جڏهن سنڌين ۽ پاڪستان جي ٻين قومن کي هڪجيترو حق ملندو ۽ برادري ايندي.“ جويو صاحب سنڌ جي برابري جو خواب ڏسندو رهيو. هن سڄي ڄمار سنڌ جي حقن لاءِ ويڙهه ڪئي، نظرياتي ۽ فڪري طرح ڪم ڪيو آهي، جڏهن به سنڌ سان اناصنافي ٿي جوئي صاحب پنهنجو رد عمل ڏنو. محفلن ۾ تقريرن ذريعي، اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمونن ذريعي يا وري سماجي اڳواڻڻ ۽ دانشورن جا فورم ٺاهڻ جي صورت ۾ نهايت سنجيده طبيعت هئڻ سبب ساڻس ملڻ وارن به پنهنجو مزاج اهڙو ڪرڻ شروع ڪيو. نون ليکڪن ۽ ادب سان چاهه رکندڙن کي هميشه هٿي وٺرايائين، انهن جي ذهني صلاحيت کي روشن ڪيائين، جوئي صاحب سان هڪ ڀيرو ڪير ملاقات ڪري آيو ڄڻ ڪو تاريخ، علم ۽ ادب جو فلسفو پڙهي نڪتو، سيڪيولر هئڻ ڪري شاهه لطيف کي سنڌ جو قومي شاعر چوندو رهيو، ڪڏهن به بزرگ ۽ اولياءِ نه چيائين سچل کي جو شيلو مفڪر ڪوٺيائين پر مست الست نه ڪوٺيائين. ۲۰۰۹ع ۾ جوئي صاحب جي مڃتا لاءِ سنڌ حڪومت پاران شاندار تقريب ڪئي وئي ۽ کيس مڃتا شيلڊ ڏني وئي. حيدرآباد ۾ سنڌ ميوزم ۾ ”ابراهيم جويو ڪارنر“ قائم ڪيو ويو، ۲۰۱۱ع ۾ جوئي صاحب جي طبيعت تمام بگڙي وئي هئي جنهن ڪري هڪدم حيدرآباد مان ڪراچي شفٽ ڪري سندس علاج ڪيو ويو هو. جويو صاحب سنڌ ۾نثر کي وڏي ترقي ڏيڻ واري شخصيت رهيو، هن ڪيترن ئي ڪتاب جا شاندار مهاڳ لکيا، جيڪڏهن اهي سمورا مهاڳ گڏ ڪري هڪ جاءِ تي رکجن تڏهن به نثر جو عاليشان ڪتاب ٺهي پوندو. وڏي ڄمار هئڻ باوجود نوجوان اديبن سان عزت ۽ مانائتي انداز ۾ ملندو رهيو. سندس چوڻ هو ته ”سڀئي هڪ ٻئي کان سکون ٿا، ڪو به ماڻهو مٿانهون ناهي سڀ عزت ۾ برابر آهن“. جوئي صاحب جهڙي سوچ سنڌ جي هر دانشور جي بڻجي وڃي ته سنڌي دانشور سهڻو لکڻ سان گڏ دل دماغ جا به سهڻا ٿي وڃن، سنڌ جي قسمت چڱيءَ آهي جو سائين جي ايم سيد کانپوءِ جويو صاحب اسان کي مليو جنهن ۾ علمي ۽ نظرياتي گڻ اهي ئي نظر آيا. جوئي صاحب سان سندس پياري دوست مرحوم ابن حيات پنهور جي پٽ لطيف اياز پنهور سان گڏجي صحافي ڪالونيءَ ۾سندس گهر وڃي ڪچهريون ڪيم ته سائينءَ هميشه مانائتي موٽ ڏني ۽ ڊگها بحث ڪيائين جيڪي لاڀ وارا ثابت ٿيا، هڪ ڀيري جناح اسپتال ڪراچي جي سامهون ٽيلي فون ڪمپني جي آفيسرن جي ڪالوني ۾ آيو، جتي سندس پٽ جو گهر هو، سوهاڪي اسٽيڊيم ۾ عوامي آواز جي آفيس هليو آيو ۽ مون کي عزت ڏنائين جو رسمي دعوت تي تڪليف ڪئي هئائين، مون موقعي جو فائدو وٺندي سائين جو تفصيلي انٽرويو ڪري ڇڏيو، جنهن سنڌ جي علمي ادبي ۽ سياسي حلقي ۾ اثر ڏيکاريو، انهيءَ انٽرويو جو حوالو، انگريزي اخبار ”ڊان“ ۾ ڇپيو سنڌي اخبار جي تبصري هيٺ ڀلي نموني شايع ڪيو ويو، جويو صاحب سنڌ جي ڏاهپ جو پيامبر رهيو جنهن جي ڪردار کي ڪڏهن به فراموش نٿو ڪري سگهجي. محمد ابراهيم جويو سنڌي ادب جو پارس مير نادر علي ابڙو پنهنجي ادبي ۽ علمي گهراڻي هجڻ سبب مون کي ٻالڪپڻ کان ئي سنڌي ادب جي نمايان شخصيتن سان ملڻ جو موقعو ميسر ٿيو. ڇو ته بابا سائين ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي شام واري روزاني ڪچهرين ۾ به گهڻي قدر سندن ادبي دوست ئي گڏ ٿيندا هئا، جتي سنڌ جي سڀني وڏن ليکڪن کي مان بابا سائين جي ڪچهرين ۾ ڏٺو ۽ جڏهن به بابا سائين جي حيدرآباد بدلي ٿيندي هئي ته پاڻ پنهنجي سڀني کان وڌيڪ ويجهي دوست چاچا محمد ابراهيم جويو سان وڌيڪ وقت گذاريندا هئا. مون کي ياد آهي هڪ ڏينهن مان به بابا سائينءَ جن سان گڏ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ويو هئس، جتي چاچا ابراهيم جويو سان ويهي ڪچهري ڪرڻ لڳا هئا ۽ مون بابا جن کي چئي سنڌي ادبي بورڊ مان ڪيترا ئي ڪتاب وٺي گاڏي جي ڊڪي ڀري ڇڏي هئي. اهڙيءَ ريت چاچا ابراهيم جويو منهنجي ان معصومانه خواهش کي پورو ڪيو ۽ پوءِ پاڻ زندگيءَ ۾ منهنجي پسنديده شخصيت بڻجي ويو. ڪتابن سان منهنجي رغبت ۽ لڳاءُ ڪا نئين ڳالهه ناهي، پر امڙ سانئڻ ٻڌائيندي آهي ته مان ٻالڪپڻ ۾ به جڏهن اڃان اسڪول وڃڻ جهڙو نه هيس تڏهن به اڪثر گهر مان ڪجهه ڪتاب کڻي پراڻي اسڪولي ٿيلهي ۾ وجهي سڄي گهر ۾ گهمائيندو وتندو هيس ۽ منهنجي ان عمل تي سمورا گهر ڀاتي کلندا هئا ته پاڻ کان وڏو ٿيلهو کنيو اٿم. پوءِ عمر سان گڏ اهو چاهه ويتر وڌڻ لڳو ۽ ڪتابن جي ويجهو ٿيندو ويس. منهنجي لاءِ اها هڪ وڏي سرهائي جي ڳالهه آهي ته مون جويي صاحب جهڙي مانائتي شخصيت کي ويجهڙائيءَ کان ڏٺو، سندن لبن تي هميشه سنڌي ادب ۽ زبان جي واڌاري ۽ سنڌي سماج جي خوشحالي جون ڳالهيون رهيون. ڏٺو وڃي ته سنڌي ادب جو هي اڻٿڪ ڪردار، ادب کي ڪيترا ئي اهم ڪتاب ڏئي چڪو آهي. جنهن ۾ ادبي ٻولي ۽ ان جي فلسفيانه پيڙاهي جو وڏو عنصر موجود آهي. سندن حياتي جو احاطو ڪبو ته پوري هڪ صديءَ جو دؤر هن ادبي ميدان لاءِ ڏنو آهي ۽ ساڻن جڏهن به ڪچهري ٿيندي هئي ته هو سنڌ جي مڙنئي مسئلن، خاص ڪري تعليمي، ثقافتي، معاشرتي اوسر ۽ اقتصادي آجپي جي ڳالهه ڪندو هو. سنڌ جي هن سٻاجھڙي ڏاهي، ڪشادي صاف دل، سادي فطرت ۽ درگذر ڪندڙ طبيعت جي مالڪ سائين ابراهيم جويو جو بنيادي تعلق تعلقي ڪوٽڙي ضلعي ڄامشورو جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ’’آباد‘‘ سان هو، جتي هڪ محنت ڪش هاريءَ ميان محمد جويو جي گهر ۾ ۱۳ آگسٽ ۱۹۱۵ع ۾ جنم ٿيو ۽ سندن والد جي ان وقت وفات ٿي جڏهن محمد ابراهيم جويو جن تمام ننڍا هئا. جڏهن ته سندن ڏاڏو محبوب جويو کي ڳوٺ ۾ وڌيڪ پڙهيل لکيل ۽ سمجهدار هجڻ جي ڪري ’’آخوند‘‘ جي نالي سان سڏيو ويندو هو. محترم محمد ابراهيم جويو پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ئي حاصل ڪئي ۽ بعد ۾ ۱۹۲۷ع ڌاري اينگلو ورٽيڪلر (اي. وي) اسڪول سن ۾ داخلا ورتائون. جنهن بعد اڳيان تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ کين سنڌ مدرسه ڪراچي جي تعليم حاصل ڪرڻي پئي، جتي لوڪل بورڊ طرفان کيس ڏهه رپيا ماهانا وظيفو به جاري ٿيو. ان زماني ۾ اهو وظيفو انهن شاگردن کي ئي ملندو هو، جن جي تعليمي ڪارڪردگي نمايان هوندي هئي ۽ ابراهيم جويو صاحب اڳيان هلي سنڌ مدرسه ۾ اسسٽنٽ ٽيچر جي حيثيت سان ٻن سالن تائين خدمت به سرانجام ڏني، جنهن سان سندس ڪردار سنڌ واسين لاءِ هڪ فڪري استاد ۽ شعوري شخصيت طور پڻ رهيو آهي. ويهين صدي عيسوي جي شروعاتي ڏهاڪن ۾ جڏهن سنڌ انگريزن کان آجپي واري تحريڪ شروع ڪئي، ان زماني ۾ ايم اين راءِ جي فڪري تحريڪ اڀري رهي هئي ۽ ان فڪري ماحول ۾ محمد ابراهيم جويو ان تحريڪ جو فڪري ۽ شعوري طور تي ڳوڙهو اڀياس ڪيو. ان زماني ۾ هن ايم اين راءِ جي مضمونن جو مطالعو پڻ شروع ڪيو. جيڪي ان وقت جي ٽائمز آف انڊيا ۾ شايع ٿيندا هئا. جنهن سان جويو صاحب کي اهو احساس ٿيو ته سنڌ ۾ سائنسي ۽ تعليمي شعور جي جيڪا گهٽتائي آهي تنهن لاءِ جاڳرتا جي انتهائي اشد ضروت آهي ۽ اڳيان هلي جڏهن ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جي ڳالهه ٿي ۽ حڪمران طبقي مسلمانن لاءِ هڪ الڳ مسلم رياست جو مطالبو ڪيو ته ان وقت محمد ابراهيم جويو جهڙي دورانديش ۽ قابل ڏاهي اهو محسوس ڪري ورتو ته آئنده لاءِ سنڌ ۾ سماجي، علمي ۽ فڪري طور ڪي مشڪلاتون پيش اچي سگهن ٿيون ۽ ان حوالي سان سنڌ واسين جي جاڳرتا لاءِ پاڻ هڪ ڪتاب پڻ رقم ڪيو. سنڌي ادب ۾ جويي صاحب بين الاقوامي ادب کي متعارف ڪرائڻ لاءِ پرڏيهي ڪتابن کي ترجمو ڪري ڪيترا ئي انيڪ ڪتاب به ڇپرايا، جنهن ذريعي هن پنهنجي ترجمن ۾ فڪري ۽ شعوري طور سنڌ ۾ جديد سائنسي علم جي اوسر، ٻوليءَ جي تحفظ ۽ سماجي سڌارن بابت وسيع ڄاڻ ڏنائون ۽ گڏوگڏ هن سنڌ کي روايتي ذات پرستي، وڏيرائي سوچ ۽ تعليمي کوٽ مان پڻ ڪڍڻ ٿي چاهيو. اهڙيءَ ريت هن هميشه پنهنجي قلم ذريعي ٻولي، تعليم، ادب ۽ سماج جي وڏي خدمت ڪئي ۽ اهو چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته اڄ سنڌ ۾ علمي، ادبي ۽ فڪري طور تي جيڪو پڪو پختو شعور آهي تنهن ۾ نمايان حصو جويو صاحب جو به آهي ۽ سنڌي ادب جي ڪيترن وڏن ليکڪن شيخ اياز، سراج ميمڻ، حسام الدين راشدي، محمد عثمان ڏيپلائي، الهداد ٻوهيو ۽ ٻين ڪيترن وڏن ناليوارين شخصيتن محمد ابراهيم جويو منجهان گهڻو ڪجهه سکيو. محمد ابراهيم جويو سنڌ جو اهو دانشور، مفڪر، معلم ۽ اديب هو، جنهن پنهنجي زندگي جو مقصد سنڌي ادب جي خدمت لاءِ وقف ڪيو ۽ سنڌ جي حساسيت کي محسوس ڪندي هن سنجيده مزاج ۽ گهڻ پاسائين، اتساهيندڙ ڪردار هميشه سنڌ لاءِ هڪ روشن خواب ڏٺو. هڪ شانائتي شرڌانجلي سائين محمد ابراهيم جويي جي شان ۾! حسن منصور سنگرام سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يُورولاجي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن (S.I.U.T) جي آغا حسن عابدي آڊيٽوريم ۾ سائين محمد ابراهيم جويي جي ياد ۾ ڇنڇر ۱۸ نومبر ۲۰۱۷ تي هڪ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو، جنھن ۾ مقررن سائين محمد ابراهيم جويي جي علمي ۽ ادبي خدمتن تي کيس ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي. مقررن جو چوڻ هو ته سائين جويي صاحب اُن دور ۾، جڏهن ملڪ ۾ اظھار جي آزاديءَ تي پھرا هوندا هئا، پنھنجن شاگردن منجھه عقلي سوچ ۽ ساڃاههَ جي آبياري ڪئي، هُن نسلن کي اُتساههُ ڏنو ۽ تنقيد ۽ تشريحي تدريس واري اصول کي اپنايو. S.I.U.T جي ڊائريڪٽر، ڊاڪٽر اديب الحسن رضويءَ تعزيتي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو ته، ”ڪي ماڻھو پنھنجي پويان ڌن دولت ڇڏيندا آهن، ڪي وري غير معمولي اِدارا قائم ڪري، پنھنجي وِرثي طور پويان ڇڏيندا آهن، پر جويي جھڙا ماڻھو پنھنجو وِرثو پنھنجن ڪتابن جي صورت ۾ ايندڙ نسلن کي منتقل ڪندا آهن، اُهي ڪتاب مستقبل تي اثر انداز ٿيندا آهن.“ هيءُ ميڙاڪو اُن سلسلي جي هڪ ڪڙي هو، جنھن تحت سموريءَ سنڌ ۾ اُن هستيءَ کي سندس علمي ۽ ادبي خدمتن جي مڃتا طور ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي، جنھن پنھنجي ۱۰۲ ورهين جي ڄمار دوران اعلى پايي جا عالماڻا ڪتاب لکيا ۽ دنيا جي عظيم ڏاهن، فلسفين ۽ ليکڪن، جھڙوڪ رُوسو، والٽيئر، پائيلو فريري، شيلي ۽ ٽئگور جا ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري، اُن جي تونگريءَ ۾ بيمثال اضافو ڪيو. ڊاڪٽر رضويءَ چيو ته هُن جويي صاحب بابت اُن وقت ٻُڌو جڏهن کيس سندس لکيل هڪ خط مليو هو، جنھن ۾ هُن کيس اڪيڊمي آف ليٽرس پاران سن ۲۰۱۱ ۾ ڏنل ”ڪمالَ فن ايوارڊ“ ۾ مليل رقم، ايوارڊ سُوڌي، S.I.U.T کي عطيو ڏيڻ جي اِڇا ڏيکاري هئي. ”اسان کيس قائل ڪرڻ لاءِ ڏاڍا جتن ڪيا ته جنھن ٻُڍاپڻ واريءَ عمر ۾ پاڻ هئا، تنھن ۾ اُها رقم کين ڏاڍي ڪم اچي ها، ڇو ته سندس آمدنيءَ جو ٻيو ڪو ذريعو به نه هو، پر پاڻ پنھنجي اِرادي ۾ ڏاڍا اَٽل هئا“، S.I.U.T سربراهه چيو. مسٽر جويو S.I.U.T ۾ آيو ۽ هتي اچي ڏاڍو سَرهو ٿيو هو. ”مون نٿي ڄاتو ته عظيم ليکڪ اهڙين پَوِتُر، اهڙين اَڇيَنِ اُجرين دلين جا مالڪ به هوندا آهن. اُهي جيڪي ڪجھه ڏسن وائسن ٿا، ۽ مُشاهدو ڪن ٿا، تنھن کي پنھنجي وجود جو حصو بڻائي ڇڏين ٿا“، هُن [ڊاڪٽر رضويءَ] چيو. اُستاد ۽ ڪالم نويس توصيف احمد خان ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو مسٽر جويي پنھنجيءَ ڄمار جا ۱۰۲ ورهيه پنھنجن شاگردن جا ذهن بدلائڻ ۾ گُذاريا. ”بحيثيت اُستاد، سندس قد ڪاٺ رِيس ڪرڻ جوڳو هو. جنھن دور ۾ ڪلاس روم جي بحث مباحثن تي ڪَرڙي نظر رکي ويندي هئي، هِن ماڻھوءَ ڪلاسن اندر پنھنجي علمي ۽ ادبي قابليت جو استعمال بيباڪيءَ سان ڪيو، هُو پنھنجي ڳالھه چوڻ کان ڪڏهن به نه ڪيٻائيندو هو.“ هُن وڌيڪ چيو ته مسٽر جويو ڪلاس رُومس کان هَٽِي ڪري به سنڌ جي مسئلن تي بحث ڪندو هو ۽ هُن ڪڏهن به پنھنجو پاڻ کي ڪتابن جي نصاب تائين محدود نه رکيو، جيئن اُن وقت جا اڪثر استاد ڪندا هئا. هينئر به گھڻا تڻا استاد ائين ئي ڪري رهيا آهن [يعني اُهي پنھنجو پاڻ کي فقط ڪتابن جي نصاب تائين ئي محدود رکن ٿا]. ”جڏهن مستقبل ۾ رُونما ٿيندڙ واقعا نِروار ٿيا، ته سندس تجزياتي دُورانديشيءَ کيس درست ثابت ڪيو ۽ ملڪ تي ڏُور رس اثر ڇڏيا.“ صحافي، غازي صلاح الدين چيو ته جڏهن پاڪستان وجود ۾ آيو، جويو صاحب اُن وقت ۳۲ ورهين جو هو. هُن پاڪستان جي قيام وارا ڏينھن پنھنجي اکين سان ڏٺا هئا ۽ سندس ڏاهپ ڀريءَ قابليت جا تجلا تن ڏينھن ۾ لکيل سندس ڪتاب، ’سنڌ بچايو، وڏو کنڊ بچايو-جاگيردارن، سرمائيدارن ۽ سندن حوارين کان‘، ۾ نِروار ٿيا هئا. ”هُو ايڏو ته هر دل عزيز هو جو ذوالفقار علي ڀٽو پنھنجي جوانيءَ وارن ڏينھن ۾ ساڻس ملڻ جون سَڌُون ڪندو هو ۽ جڏهن ڀٽو صاحب ساڻس مليو، ته اُمالڪ سندس مُک مان نڪري ويو: ”اڇا، ته هيءُ آهي مسٽر جويو!“ هُن وڌيڪ ڳالھائيندي چيو ته مسٽر جويو ٽِن نسلن تائين ماڻھن لاءِ هڪ آدرشي انسان رهيو آهي ۽ پنھنجو انعام S.I.U.T کي ڏيڻ، جيڪو ڪراچيءَ جو هڪ اِدارو آهي، واضح طور تي سندس اِن سوچ کي ظاهر ڪري ٿو ته ڪراچيءَ جو سنڌ سان ڪيڏو نه اَساسي تعلق آهي. ”اُها سنڌ جي لازمي جُز آهي“، هُن چيو. ”اهڙي دور ۾، جڏهن غير تعصبي liberal، سنساري secular، ۽ انسان دوست قدُر پوين پساهن ۾ آهن، مسٽر جويي پنھنجي سموري زندگي سنسار-واديsecular ۽ ترقي پسند نظرين جي پرچار ۾ وقف ڪري ڇڏي ۽ هُو اُنھن قدُرن تي پنھنجي آخري پساهه تائين اَٽل بيٺو رهيو. مسٽر شفيق احمد پراچا ميڙاڪي ۾ ڳالھائيندي چيو ته مسٽر جويو هڪ اهڙو مالھي هو، جيڪو پنھنجي گُلشن جي هر هڪ گُل سان بي انت پيار ڪندو هو ۽ هُن اُنھن جي نھايت پريم سان سار لڌي. ليکڪ مظھر جميل گھُر ڪئي ته ڪنھن يونيورسٽيءَ ۾ مسٽر جويي جي نانءُ تي ترجمي ۽ تحقيق جي چيئر قائم ڪئي وڃي. تعليم دان ڊاڪٽر فھميدا حسين چيو ته هُن هڪ اُستاد ۽ سماج سُڌارڪ جي حيثيت ۾ ڪيترن ئي نسلن کي اُتساههُ ڏنو. سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي وائيس چانسلر، مظھرالحق صديقيءَ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي بيتُ پاڇا هِي نه پاڙيان، سَرتيُون! سُئيءَ ساڻُ، ڍَڪي اُگھاڙي کي، ڪين ڍَڪيائين پاڻُ، ٻِيھر ڄاپِي ڄاڻُ، ابر جي اوصاف کي. جو حوالو ڏيئي چيائين ته جويو صاحب جو سموُرو جيوّنُ سُئيءَ مثل هو، جيڪا ٻين جي اوگھڙ ڍَڪڻ لاءِ ڪپڙا سِبي ٿي، پر پاڻ سدائين اُگھاڙي رهي ٿي. ڊاڪٽر مُرليڌر اُن ميڙاڪي جي ڪارروائي هلائي. [نوٽ: هن مضمون ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي مرحوم جو لفظ استعمال ڪيو ويو آهي، پر آءٌ سائين جويي صاحب لاءِ اُهو استعمال ڪرڻ جي همٿ ٻَڌي نه سگھيو آهيان، تنھن لاءِ معافيءَ جو طلبگار آهيان- سنڌيڪار] (روزاني ”ڊان“ ڪراچي، ۱۹ نومبر ۲۰۱۷، جي ٿورن سان) کنيل ڏيھاڙي عبرت بتاريخ ۲۳ نومبر ۲۰۱۷ع تان ٿورن سان) محمد ابراهيم جويو هڪ صديءَ جي روشني سارنگ جويو سنڌ اڀياس اڪيڊمي ۽ سراج انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز پاران ڪالھه بتاريخ ۱۵ نومبر ۲۰۱۷ جي شام جو ۴ وڳي کان ۷ وڳي تائين جديد سنڌ جي اڏڻھار سائين ابراھيم جويي جي ياد ۾ “A Legend never Dies” جي عنوان تي زيبسٽ جي ۹۰ آڊيٽوريم ۾ ھڪ شاندار تقريب ٿي گُذري. ھن پروگرام جي شروعات سنڌ اڀياس اڪيڊميءَ پاران پڙھائي ويندڙ ڪورس سنڌ اسٽڊيز جي شاگردن ۽ سنڌ اڀياس اڪيڊميءَ جي ريسرچ ايسوسيئيٽ سارنگ جويي شاھ لطيف جي بيت “اول الله عليم، اعلي عالمٰ جو ڌڻي” سان ڳائي ڪئي، جيڪا ڌُن سنڌ اسٽڊيز جي شاگردن ۽ سنڌ اڀياس اڪيڊميءَ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر غزالا رحمان جي ٺاھيل آھي. ان کان پوءِ ھن پروگرام جي ماڊريٽر ڊاڪٽر غزالا رحمان سنڌ اڀياس اڪيڊمي ۽ سراج انسٽيٽيوٽ پاران سڀني آيل مھمانن کي آجياڻو ڏنو، جنھن کان پوءِ سنڌ اڀياس اڪيڊمي سنڌ اسٽڊيز جي شاگردياڻي خوشبخت ميمڻ سائين ابراھيم جويي جي زندگيءَ تي مختصر روشني وجھندي چيو ته، “ جويو صاحب سان مُنھنجي ڪڏھن به مُلاقات نه ٿيل ھُئي پر ان بابت اسان سنڌ اسٽڊيز جي ڪورس ۾ پڙھيو آھي، ھو ھڪ وڏي علمي شخصيت ھُئا، جن جا ڪيترا ئي ڪتاب لکيل آھن ان کان پوءِ سنڌ اڀياس جي ھڪ ٻئي شاگرد شھروز جمالي ڳالھائيندي چيو ته، “ سائين جن سنڌ جي ايڏي وڏي شخصيت آھي، جو ان تي ڳالھڻ جي آئون جسارت به نه ٿو ڪري سگھان، بس ايترو ئي چئي سگھان ٿو ته سائين جتي به رھيا ۽ جيڪي به ادارا ٺاھيا، اُتي ايمانداريءَ سان ڪم ڪيو، ۽ اسان کي به ايمانداريءَ سان ئي ڪم ڪرڻ گھرجي جنھن کان پوءِ نعيم چانڊيي ڳالھائيندي چيو ته، “سائين ابراھيم جويي جو تعارف مون وٽ سندن ناياب ترجمن جي ڪري آھي، شيلي، ٽئگور، شيڪسپيئر، پائلو فريري جا ترجما جيڪي جويي صاحب ڪيا آھن، اھي ناياب آھن، ان کان پوءِ سائين ابراھيم جويي جي پوٽيءَ بُشريٰ جويو ڳالھائيندي چيو ته، “ مُنھنجو نه رڳو ڏاڏا سائين ابراھيم جويي سان لاڳاپو آھي، پر آئون شيخ اياز جي به ڏُھٽي آھيان، ان لاءِ مون تي پريشر ھوندو ھو ته تون ھيڏين وڏين شخصيتن جي اولاد آھين توھان ڇا ڪيو آھي، منھنجو ڏاڏا بابا سان ڏاڍو ڪلوز رشتو ھو، جيڪو شايد ڪنھن سان به نه ھو، اسان سان گھڻو پيار ڪندو ھو، آئون کانئن سوشل ازم ۽ سنڌي آئڊيالاجي جي باري ۾ پُڇندي ھُيس، پر جنھن طريقي سان ھو اسان کي سمجھائيندا ھُئا اھو نھايت سولو ھوندو ھو. ھڪ اھم ڳالھ ڏاڏا بابا جي اھا ھُئي ته پاڻ سادي زندگي گُذاريندا ھُئا، اسان کي به زندگي سادگي ءَ سان گُذارڻ گھرجي ۽ ڪتابن سان پيار ڪرڻ گھرجي، ڏاڏا بابا ته پنھنجي لائبريري به ڊونيٽ ڪري ڇڏي ته جيئن سنڌ جا نوجوان ذھن اھي ڪتاب پڙھن.” ان کان پوءِ سنڌ جي ناليواري ليکڪ تاج جويي ڳالھائيندي چيو ته، سائين ابراھيم جويي جو سنڌ تي وڏو ڪم ته ترقي پسند ادب جي آبياري ڪرڻ ۽ ان کي ھٿي وٺرائڻ ھو، پر ان کان به اھم ڪم جويي صاحب جو اھو ڊاڪيومينٽ آھي، جيڪو سائين ۱۹۴۷ ۾ “سيو سنڌ سيو دي ڪانٽينينٽ” جي نالي سان لکيو، جنھن ۾ سائين جيڪا اڳڪٿي ڪئي ته اسان پاڪستان ۾ شامل ته ٿيون ٿا، پر اسان ٻئي درجي جي شھري جي حيثيت وارو رويپ رکيو ويندو، جنھن سان اسان جي ٻوليءَ، ثقافت ۽ قومي شناخت کي خطرو ٿيندو، اھي ڳالھيون اڄ به سئو آنا سچ آھن. “ جنھن کان پوءِ سحر گل ڀٽيءَ ڳالھائيندي چيو ته، “سائين جويو صاحب سنڌ جو شعور ساز ھو، جنھن پنھنجين لکڻين ۽ ترجمن ذريعي سنڌ ۾ ترقي پسند لاڙن کي متعارف ڪرايو، سائين جو ھڪ ڪتاب “سيڪيولرازم ۽ عقليت پسندي” دراصل ٻن اسڪول آف ٿاٽس جي وچ ۾ ڊبيٽ آھي، جنھن ذريعي سائين عقليت پسنديءَ کي ھٿي وٺرائي آھي. ان کان علاوه سائين سنڌ اندر جديديت لاڙن کي متعارف ڪرايو. “ ان کان پوءِ ڊائريڪٽر سنڌ اڀياس اڪيڊمي ڊاڪٽر غزالا رحمان رفيق سائين ابراھيم جويي جو سنڌ اڀياس اڪيڊميءَ سان تعلق تي ڳالھائيندي چيو ته، “سائين ابراھيم جويي جي آئون ٿورائتي آھيان جو انھن جي شفقت جو ھٿ ھميشه مون مٿان ۽ اسان جي اداري سنڌ اڀياس مٿان رھندو آيو، ھو مونکي پيار مان بابلي به چوندو ھو، منھنجو ساڻن تعلق ڏاڏا عبدالرحمان، چاچا لُطف رحمان ۽ بابا حسن علي عبدالرحمان جي ڪري به رھيو، مون کي سائينءَ ئي ٻُڌايو ته بابلي تنھنجو ڏاڏو سنڌ مدرسته الاسلام ۾ اسٽڊي سرڪل ھلائيندو ھو، جن جا موضوع ان وقت شيڪسپيئرس جا ڊراما، شيلي، گوئٽي، ۽ ٻيا ھوندا ھُئا ان کان علاوه ون يونٽ جي دور ۾ جڏھن اوھان جو والد سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ھو، تڏھن ھو حيدرآباد ۾ مٺارام ھاسٽل ۾ اسٽڊي سرڪل ھلائيندو ھو، جنھن کان پوءِ سارنگ جويي ڳالھائيندي چيو ته، “جان جان ھُئي جيئري ورچي نه ويٺي، وڃي ڀونءِ پيٺي ساريندين کي سڄڻين. سائين ابراھيم جويو جديد ۽ ترقي پسند سنڌ جو اڏيندڙ ھو. ابراهيم جويو سنڌي ادب جو پارس مير نادر علي ابڙو پنهنجي ادبي ۽ علمي گهراڻي هجڻ سبب مون کي ٻالڪپڻ کان ئي سنڌي ادب جي نمايان شخصيتن سان ملڻ جو موقعو ميسر ٿيو. ڇو ته بابا سائين ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي شام واري روزاني ڪچهرين ۾ به گهڻي قدر سندن ادبي دوست ئي گڏ ٿيندا هئا، جتي سنڌ جي سڀني وڏن ليکڪن کي مان بابا سائين جي ڪچهرين ۾ ڏٺو ۽ جڏهن به بابا سائين جي حيدرآباد بدلي ٿيندي هئي ته پاڻ پنهنجي سڀني کان وڌيڪ ويجهي دوست چاچا محمد ابراهيم جويو سان وڌيڪ وقت گذاريندا هئا. مون کي ياد آهي هڪ ڏينهن مان به بابا سائين جن سان گڏ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ويو هئس، جتي چاچا ابراهيم جويو سان ويهي ڪچهري ڪرڻ لڳا هئا ۽ مون بابا جن کي چئي سنڌي ادبي بورڊ مان ڪيترائي ڪتاب وٺي گاڏي جي ڊڪي ڀري ڇڏي هئي. اهڙي ريت چاچا ابراهيم جويو منهنجي ان معصومانه خواهش کي پورو ڪيو ۽ پوءِ پاڻ زندگي ۾ منهنجي پسنديده شخصيت بڻجي ويو. ڪتابن سان منهنجي رغبت ۽ لڳاءُ ڪا نئين ڳالهه ناهي، پر امڙ سانئڻ ٻڌائيندي آهي ته مان ٻالڪپڻ ۾ به جڏهن اڃان مان اسڪول وڃڻ جهڙو نه هيس تڏهن به اڪثر گهر مان ڪجهه ڪتاب کڻي پراڻي اسڪولي ٿيلهي ۾ وجهي سڄي گهر ۾ گهمائيندو وتندو هيس ۽ منهنجي ان عمل تي سمورا گهر ڀاتي کلندا هئا ته پاڻ کان وڏو ٿيلهو کنيو اٿم. پوءِ عمر سان گڏ اهو چاهه ويتر وڌڻ لڳو ۽ ڪتابن جي ويجهو ٿيندو ويس. منهنجا لاءِ اها هڪ وڏي سرهائي جي ڳالهه آهي ته مون جويي صاحب جهڙي مانائتي شخصيت کي ويجهڙائيءَ کان ڏٺو، سندن لبن تي هميشه سنڌي ادب ۽ زبان جي واڌاري ۽ سنڌي سماج جي خوشحالي جون ڳالهيون رهيون آهن، ڏٺو وڃي ته سنڌي ادب جو هي اڻ ٿڪ ڪردار، ادب کي ڪيترائي اهم ڪتاب ڏئي چڪو آهي. جنهن ۾ ادبي ٻولي ۽ ان جي فلسفيانه پيڙاهي جو وڏو عنصر موجود آهي. سندن حياتي جو احاطو ڪبو ته پوري هڪ صديءَ جو دؤر هن ادبي ميدان لاءِ ڏنو آهي ۽ ساڻن جڏهن به ڪچهري ٿيندي آهي ته هو سنڌ جي مڙنئي مسئلن، خاص ڪري تعليمي، ثقافتي، معاشرتي اوسر ۽ اقتصادي آجپي جي ڳالهه ڪندو آهي. سنڌ جي هن سٻاجھڙي ڏاهي، ڪشادي صاف دل، سادي فطرت ۽ درگذر ڪندڙ طبيعت جي مالڪ سائين ابراهيم جويو جو بنيادي تعلق تعلقي ڪوٽڙي ضلعي ڄامشورو جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ “آباد” سان آهي، جتي هڪ محنت ڪش هاريءَ ميان محمد جويو جي گهر ۾ ۱۳ آگسٽ ۱۹۱۵ع ۾ جنم ٿيو ۽ سندن والد جي ان وقت وفات ٿي جڏهن محمد ابراهيم جويو جن تمام ننڍا هئا. جڏهن ته سندن ڏاڏو محبوب جويو کي ڳوٺ ۾ وڌيڪ پڙهيل لکيل ۽ سمجهدار هجڻ جي ڪري “آخوند” جي نالي سان سڏيو ويندو هيو. محترم محمد ابراهيم جويو پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ئي حاصل ڪئي ۽ بعد ۾ ۱۹۲۷ع ڌاري اينگلو ورٽيڪلر (اي. وي) اسڪول سن ۾ داخلا ورتائون. جنهن بعد اڳيان تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ کين سنڌ مدرسه ڪراچي جي تعليم حاصل ڪرڻي پئي، جتي لوڪل بورڊ طرفان کيس ڏهه رپيا ماهانا وظيفو به جاري ٿيو،ان زماني ۾ اهو وظيفو انهن شاگردن کي ئي ملندو هو جن جي تعليمي ڪارڪردگي نمايان هوندي هئي ۽ ابراهيم جويو صاحب اڳيان هلي سنڌ مدرسه ۾ اسسٽنٽ ٽيچر جي حيثيت سان ٻن سالن تائين خدمت به سرانجام ڏني، جنهن سان سندس ڪردار سنڌ واسين لاءِ هڪ فڪري استاد ۽ شعوري شخصيت طور پڻ رهيو آهي. ويهين صدي عيسوي جي شروعاتي ڏهاڪن ۾ جڏهن سنڌ انگريزن کان آجپي واري تحريڪ شروع ڪئي ويئي، ان زماني ۾ ايم. اين. راءِ جي فڪري تحريڪ اڀري رهي هئي ۽ ان فڪري ماحول ۾ محمد ابراهيم جويو ان تحريڪ جو فڪري ۽ شعوري طور تي ڳوڙهو اڀياس ڪيو. ان زماني ۾ هن ايم. اين. راءِ جي مضمونن جو مطالعو پڻ شروع ڪيو. جيڪي ان وقت جي ٽائميز آف انڊيا ۾ شايع ٿيندا هئا. جنهن سان جويو صاحب کي اهو احساس ٿيو ته سنڌ ۾ سائنسي ۽ تعليمي شعور جي جيڪا گهٽتائي آهي تنهن لاءِ جاڳرتا جي انتهائي اشد ضروت آهي ۽ اڳيان هلي جڏهن ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جي ڳالهه ٿي ۽ حڪمرانن طبقي مسلمانن لاءِ هڪ الڳ مسلم رياست جو مطالبو ڪيو ته ان وقت محمد ابراهيم جويو جهڙي دور انديش ۽ قابل ڏاهي اهو محسوس ڪري ورتو ته آئنده لاءِ سنڌ ۾ سماجي، علمي ۽ فڪري طور ڪي مشڪلاتون پيش اچي سگهن ٿيون ۽ ان حوالي سان سنڌ واسين جي جاڳرتا لاءِ پاڻ هڪ ڪتاب پڻ رقم ڪيو. سنڌي ادب ۾ جويي صاحب بين الاقوامي ادب کي متعارف ڪرائڻ لاءِ پرڏيهي ڪتابن کي ترجمو ڪري ڪيترائي انيڪ ڪتاب به ڇپرايا، جنهن ذريعي هن پنهنجي ترجمن ۾ فڪري ۽ شعوري طور سنڌ ۾ جديد سائنسي علم جي اوسر، ٻوليءَ جي تحفظ ۽ سماجي سڌارن بابت وسيع ڄاڻ ڏنائون ۽ گڏوگڏ هن سنڌ کي روايتي ذات پرستي، وڏيرائي سوچ ۽ تعليمي کوٽ مان پڻ ڪڍڻ ٿي چاهيو، اهڙي ريت هن هميشه پنهنجي قلم ذريعي ٻولي، تعليم، ادب ۽ سماج جي وڏي خدمت ڪئي ۽ اهو چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته اڄ سنڌ ۾ علمي، ادبي ۽ فڪري طور تي جيڪو پڪو پختو شعور آهي تنهن ۾ نمايان حصو جويو صاحب به آهي ۽ سنڌي ادب جي ڪيترن وڏن ليکڪن شيخ اياز، سراج ميمڻ، حسام الدين راشدي، محمد عثمان ڏيپلائي، الهداد ٻوهيو ۽ ٻين ڪيترن وڏن ناليواري شخصيتن محمد ابراهيم جويو منجهان گهڻو ڪجهه سکيو آهي. محمد ابراهيم جويو سنڌ جو اهو دانشور، مفڪر، معلم ۽ اديب آهي جنهن پنهنجي زندگي جو مقصد سنڌي ادب جي خدمت لاءِ وقف ڪري چڪو آهي ۽ سنڌ جي حساسيت کي محسوس ڪندي هو سنجيده مزاج ۽ گهڻ پاسائو اتساهيندڙ ڏيندڙ ڪردار هميشه سنڌ لاءِ هڪ روشن خواب به ڏسندو رهيو آهي. محمد ابراهيم جويو سندس وڇوڙي تي دودو ديشي سنڌ جي هڪ صدي جو آواز هميشه لاءِ بند ٿي ويو پر ان سڏ پراڏو صدين تائين قائم رهڻو آهي هڪ سنڌ دوست عالم اديب اسان کان هميشه لاءِ طبقاتي طور هميشه لاءِ وڇڙي آهي پر ان جون محبتن جا سبق هميشه اسان کي ياد رهندا سنڌ جو هڪ عظيم محقق اديب ليکڪ محمد ابراهيم جويو اسان کان موڪلائي چڪو آهي جنهن کي ديس جي مٽي پنهنجي دل ۾ گهرائي ورتو پر هن جو پيغام ڪڏهن به ختم ٿيڻو نه آهي هن ڪتاب هميشه اسان سان گڏ رهندا جنهن ۾ اسان نه صرف هن نظرياتي تصوير ڏسي سگهون ٿا پر ٻڌايل واٽ تي هلندي پنهنجي سنڌ کي به سنواري ۽ سنگاري سگهون ٿا. محمد ابراهيم جو سائين جي ايم سيد سان گڏجي سنڌ جو ڪيس وڙهيو ۽ بي ڊپو ٿي سنڌ لاءِ لکندو رهيو ۽ سائين جي ايم سيد جي پروگرامن ۾ بي باڪي شرڪت سان گڏ ڳالهائيندو رهيو محمد ابراهيم جويو سان منهنجي پهرئين ملاقات ڀائو قمر ڀٽي جي ڪتاب سائين جي ايم سيد جي ساسي ذاتي زندگي بابت لکيل ڪتاب جي مهورت حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ٿي جنهن ۾ هن جو آواز گفتگو سمجهاڻي ڳالهائڻ ايڏو ته ڀرجست هو جو مان سندس جو تفصيلي ڳالهه مان مطميئن ٿيس ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ ٻيا به گهڻا اديب ليکڪ ۽ محقق شاعر ۽ سگهڙ موجود آهن پر محمد ابراهيم جويو هڪ سچو انسان ۽ سنڌ دوست قومپرست ۽ سائين جي ايم سيد جو وفادار ساٿي نظر آيو ڇاڪاڻ ته جڏهن به سن شهر ۾ رهبر سائين جي ايم سيد جي سالگراهه تي وڃڻ ٿيندو هو ته سيد جي مزار مونکي اديب محمد ابراهيم جويو نظر ايندو هو اهو ڏسي مونکي ڏاڍي خوشي ٿيندي هئي. ته هيڏو جهونو اديب محمد ابراهيم جويو سائين جي مزار تي اچي ڪري اهيو پنهنجي سچائي ۽ سنڌ پرستي ۽ قومپرستي جو ثبوت ڏيندو هو.محمد ابراهيم جويو هڪ صدي جي آدريش حياتي کي هن ايڏو ته متحرڪ ۽ ڪارائتو ۽ بامقيد بڻايو جنهن جو مثال سنڌ جي تاريخ ۾ ملڻ محامل آهي جويو صاحب پنهنجي عملي زندگي جي شروعات هڪ استاد جي حيثيت سان ڪئي پر پاڻ سدائي ان حيثيت کي برقرار رکندو آيو. ڪٿي شاگردن کي تعليم ڏياريندي ڪٿي سياسي ڪارڪنن کي سکيا ڏيندي ۽ وري ڪٿي سياسي اڳواڻن جي تربيت ۽ رهنمائي ڪندي نظر آيو. محمد ابراهيم جويو هڪ ئي وقت بهترين نقاد ۽ دانشور هو ته ۽ سچو ڪارڪن هو ۽ هو هميشه ڪارڪنن جيان ڪم ڪندو رهيو پر سندس سوچ فڪر ڏاهپ کيس ماڻهن جي دلين ۾ هڪ اڳواڻ واري حيثيت ڏياري پنهنجي ارادن تي اٽل رهڻ وارو هي کاوڙي انسان هر دور ۾ سنڌيت جو نعرو بلند ڪندو رهيو. استاد بخاري، ابراهيم منشي، شيخ اياز سان تمام گهڻي ويجهڻائپ ۽ دوستي جو سبب سنڌ هيو. سائين جي ايم سيد ۽ سنڌي ماڻهن کي آزادي ڏيارڻ ۽ حق ڏيارڻ واري جدوجهد ۾ اهم ڪردار رهيو قومپرست نظريي جي پرچار ۽ پنهنجا ڪيترائي هم خيالي دوست پيدا ڪيا سائين جي ايم سيد جا ڪتاب شايع ڪرائڻ لاءِ پاڻ پروفرينڊنگ کان آخري مرحلن تائين گڏ رهيو ساڳئي ريت هن وڏي شاعر شيخ اياز جي ڪتاب جا مهاڳ پڻ لکيا. سائين محمد ابراهيم جويو سان منهنجي آخري ملاقات ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ڪتاب جي مهورت ڪلهوڙا ڪالوني ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي جي پروگرام ۾ ٿي جتي پڻ مونکي ڀرجستو انسان ۽ قومپرست وارو خيال نظر آيو محمد ابراهيم جويو پنهنجي جدوجهد کي مات نه ڏني. ۽ هو اڳتي وڌندو رهيو ۽ سنڌي ادبي بورڊ وسيلي ڏاهپ سڃانهه جا سبق ورجايا جيڪي هئينر همت حاصل ڪن ۽ سجاڳ ٿي پنهنجي سنڌ جي وارثي کي سبڀالي سگهن ٿا. محمد ابراهيم جويو پنهنجي ڪوک مان اهڙا هزارين انسان پيدا ڪيا آهن جن هر ڏوکي ويل ڌرتي ۽ ڌرتي ڌڻين جي حفاظت ۽ پنهنجي تن من جي قرباني ڏئي ڪري سنڌ واسين جو مان مٿاهون ڪيو آهي. اهي آهن قومپرست ۽ سنڌ دوست جيڪي پنهنجي وس ۽ وتهار جدوجهد ڪندا پيا اچن. محمد ابراهيم جويو جو خال ڀرجڻ لاءِ شايد صديون انتظار ڪرڻو پوندو ۽ هن صدي جو آواز الوداع چئي ڌرتي ماءُ جي هنج ۾ هميشه لاءِ آرامي ٿي ويو مان ۽ سهاري سنڌ ۾ جويو صاحب جو دنيا ڇڏڻ کانپوءِ ان جو نالو صدين تائين ياد رهندو. استاد بخاري جي شاعري وانگر “جو عام اجاري جئيندو رهندو جو قوم اجاري جئيندو رهندو،مونکي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آ، جو سنڌ سنواري اهو جيئندو رهندو جيئندو رهندو”. محمد ابراھيم جويو سنڌ لاءِ سندر سپنا ڏسندڙ هستي مهتاب اڪبر راشدي ڪيڏي نه خوش نصيبي اٿم، جو اڄ اُن ٻاجهاري روح جي سامهون بيٺي آهيان، جيڪو پنهنجي زندگيءَ جو سفر، شانت من ۽ ايڪانت سان طئي ڪندو، هڪ صديءَ جي چانئٺ تي پير پائي رهيو آهي. سونهاري سنڌ جو هي پڪو عاشق عشق جا هڙئي مرحلا ايئن ٽپي ۽ اهڙي نموني ئي نڀائي آيو آهي، جيئن عشق جي ڪتاب ۾ لکيل هوندا آهن. جنهن جو پهريون اصول ئي هوندو آهي، پاڻ ارپڻ، خود سپردگي بس، پنهنجي محبوب کي ڏسندو وڃ، هو جيڪو چوي اُهو ڪندو وڃ، موٽ ۾ اُن کان ڪجهه گهر نه، ڇو ته ان محبوب وٽ اڳ ۾ ئي ڏيڻ لاءِ ايترو ڪجهه آهي، جو جهولن جا جهول ڀري به ميڙيندا وڃون ته سندس ڏنل خزانا کٽڻ جا ناهن. محمد ابراهيم جوئي جو اهو محبوب آهي، امڙ وانگر مٺڙي، سٻاجهي، ٻاجهاري” سنڌ“ ۽ هيءُ اُن جو ٻڌو ٻانهو. اسان مان جنهن به جوئي صاحب کي ويجهي کان ڏٺو، هنن جي تحريرن کي پڙهيو آهي ته اهو يقينن ان نتيجي تي پهتو هوندو ته، هن جي سوچ جو محُرڪ ۽ مرڪز هن جو وطن ۽ اُن جا ماڻهو رهيا آهن اها ڳالهه مان ڏاڍي پختي يقين سان چوان ٿي ته نوانوي سالن ۾ گهاريل، سندس زندگيءَ جي هر گهڙي، سندس وات مان نڪتل هر گفتو ۽ قلم مان سرجيل ڏاهپ ۽ سوچ جا هڙئي نقطا، هنجي ديس ۽ ديس واسين لاءِ ئي چيل لکيل آهن. پنهنجي محبتن ۾ ته ماڻهون خود غرض ٿي ويندا آهن پر هو جيڪو انتها درجي جو وطن دوست آهي هن جو ته عشق ئي عجيب آهي. هٿ وٺي سڀني کي پنهنجي اکين سان اُن محبوب ڌرتيءَ جي حسنا ڪي ٿو ڏيکارڻ چاهي. جيڪا سندن اکين ۾ صديءَ کان سمايل آهي. ڌرتي سان سندس محبت جي فلسفي۾، سندس اهو پختو يقين آهي ته وطن جي محبت ماڻن لاءِ، توهان پاڻ به اهڙائي ٿي وڃو. جهڙو توهان پنهنجي ڌرتيءَ کي ڏسو ٿا ڌرتي جا نقش ونگار اُن جون روايتون ۽ اُن جو اخلاق. محمد ابراهيم جوئي، جنهن سنڌ کي سچائي ان جي روايتن ۾ انسانيت کي زنده ڏٺو آهي. اهڙي انسانيت، جنهن جو مقصد ئي اهو هجي ته ڪنهن کي ڪو هاڃو نه رسي ڪنهن کي ڪو نقصان نه پهچي. اها ئي ته سنڌ جي روايت آهي ۽ جڏهين سراج الحق ميمڻ، سائين ابراهيم جوئي جو ويجهو دوست اسان کي اهو ٻڌائي ته، محمد ابراهيم جوئي جو عقيدو آهي ته سنڌ پنهنجي حيثيت ۾ مڪمل ترين وطن آهي، ملڪ آهي، جنهن ۾ هر اُها شئي آهي. جيڪا هڪ ملڪ، هڪ وطن ۾ هئڻ گهرجي. هن وٽ هڪ سمنڊ آهي، هڪ درياھ آهي. هن وٽ ڪارونجهر ۽ هالار جهڙا جبل آهن. هن وٽ ٿر جهڙو ريگستان آهي، ماٿريون آهن، ڇپر ۽ ڇانورا آهن. هن جا صبح حسين ۽ شامون سحر انگيز آهن ته انهن سڀني شين کي اُڏو رکندي سنڌ جي هيءَ شخصيت، سنڌ واسين کان ”همه گيريت“ کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه ٿي سگهي.“ اڄ سنڌ جي سٻاجهڙي سپوت، نئين سنڌ جي معمار نوانوي سالن جي جوان همت شخص جي سنڌ واسين مٿان ڪيل ٿورن لاهڻ جو موقعو آيو آهي. سنڌ واسين به پاڻ ملهايو آهي. هن جي شان ۽ مان مطابق کيس ڀيٽا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سنڌي اخبارن سهڻي نموني پنهنجي فرض ادائگي ڪئي آهي. سئو سالا جشن جي رٿ جوڙيندڙ ڪميٽيءَ پوري طرح فعال آهي. اڄ ان سلسلي جي هيءَ پهرين ڪڙي آهي ۽ هي سنڌ ڄائو، هن صديءَ جو هي مهان ڏاهو اسان جي وچ ۾ ويٺو آهي، دل ۾ هو به مطمئن هوندو ته دل جي جنهن ويساھ سان هن. سنڌ ۽ سنڌ واسين جي روايتن تي يقين ڪيو، اُهي سڀ سچيون آهن. سنڌ واسي محبت ڪري به ڄاڻن ۽ اوتري ئي محبت مورُ سوڌي موٽائي به ڄاڻن، اڄوڪي هن تقريب ۾۽ اڳتي رٿيل مختلف رهاڻين ۾ محمد ابراهيم جوئي جي هڪ صديءَ جي پورهئي تي ڪيترائي مقالا لکيا ويندا. هن جي ڪيل ڪمن جي اپٽار ٿيندي، سندس تحريرن تي تجزيا ۽ تبصرا ٿيندا. اهو هڪ نه کٽندڙ سلسلو ٿيندو، جيڪو اسان جي اُسرندڙ نسل کي هن جي سوچ جي همه گيريت، سنڌ جي ترقيءَ لاءِ سندس اکين ۾ سرجيل سپنن ۽ سندس قلم مان نڪتل مقصد جي حصول لاءِ جدوجهد جي رهبريءَ کان آگاهه ڪندو رهندو، پر مان سندس زندگي جي انهن گوشن ۾ جهاتي پائڻ ٿي چاهيان، جيڪي اڄ به سندس يادگيرين ۾ چٽا آهن، اُهي هنڌ جن هن کي ڪائنات جي آفاقيت کان روشناس ڪرايو، اُهي سيبتيون مايون، جن رت جي مختلف رشتن ۾ ٻڌجي کيس انهن لاڳاپن جي عزت ۽ محبت ڪرڻ سيکاري ۽ اُهو اُستاد، جنهن آڱر پڪڙي کيس سندس ننڍري ڳوٺ آباد جي پرسڪون دنيا مان ڪڍي، هڪ پرهجوم ۽ مسئلن سان ٽمٽار دنيا ۾ همت ۽ اعتماد سان پنهنجي سڃاڻ ۽ مقام حاصل ڪرڻ لاءِ تيار ڪري روانو ڪيو. عورت هئڻ جي ناطي، ان ڳالهه ۾ پڪو ويساھ اٿم ته هر ماڻهوءَ جي شخصيت تي انهن عورتن جو ضرور ڪونه ڪو اثر پوي ٿو، جن سان هنن پنهنجو ٻاروتڻ گذاريو هجي. جوئي صاحب جي ساروڻين ۾ به، پنهنجي اُن ڏاڏيءَ جي ياد، ڏيئي جي روشنيءَ مثل جرڪي ٿي، جنهن ۾ پرڀات مهل مصلي تي نماز پڙهڻ کان پوءِ مداحون کيس مٺڙي ننڊ مان جاڳائينديون هيون، هو ستي ستي، اهي مداحون ٻڌي، هن جي مٺڙي سُر ۾ گم ٿي ويندو هو. کانئس اُهو صبح به نه ٿو وسري، جڏهين سندس ڏاڏيءَ کيس پهرين ڏينهن اسڪول وڃڻ لاءِ تيار ڪيو، هن کي ياد آهن سڀ کان پهرين بسم الله پڙهي، الحمد پڙهيو ۽ بُڪ کڻي دعا گهريائين. سندس ڏاڏو، هن لاءِ احمد موچيءَ کان خاص جُتي جوڙائي آيو هو، سندس امڙ، اسڪول وڃڻ لاءِ ڪپڙڻ جو نئون وڳو سبيو هو، ٽونئر سان ٽڪن واري ٽوپي به ٺاهي، قلم ۽ سليٽ رکڻ لاءِ هڪ بجڪي تيار ڪئي هئي، جنهن کي ٽڪون جڙي، سهڻي ڀرت سان سينگاري پوءِ ننڍڙو محمد ابراهيم، نئون جوڙو اوڍي، نئين جتي پائي، مٿي ۾ ٽوئنرن واري ٽوپي ۽ ڪُلهي ۾ ٻُجڪي وجهي ڏاڏيءَ جي هٿ ۾ هٿ ڏيئي، پهرين ڏينهن اسڪول ويو. مان سوچيان ٿي ته اها ڪيڏي نه خوشبختي هئي، ننڍڙي محمد ابراهيم جي، جنهن لاءِ علم جو دروازو، هڪ عورت کوليو. هڪ سڄاڻ، بااعتماد ۽ ٻاجهاري مائي، جيڪا جڏهن اسڪول جي اڱڻ ۾ داخل ٿي ته، اُستاد به اُٿي بيٺو ۽ساڻس گڏ سندس ساڃاھ وند شآگرد به اُٿي بيٺا. اهو ڄڻ ته سنڌ جي انهن سهڻين روايتن جو مظهر هو، جنهن ۾ عورت جي عزت ڪرڻ ۽ مان ڏيڻ، سڀ کان مٿانهون گڻ ليکيو ويندو هو. اُها سيبتي ڏاڏي، پنهنجي پوٽي کي اسڪول داخل ڪرائڻ جي خوشيءَ ۾ پتاشن سان ڀريل ٽٻڻي به کڻي وئي جيڪي هن ٻارن ۾ ورهايا. جوئي صاحب جي دل ۽ دماغ تي، پنهنجي مٺڙي امڙ جي زندگيءَ جا هڙئي ڏک ڏاکڙا اڄ به ايئن ئي نقش آهن، جيئن اُن ڪچي وهيءَ ۾ هن کي سهندي ڏٺا ۽ محسوس ڪيا هئا. سندس امڙ جڏهين گذاري ويئي تڏهين، جويو صاحب ڪراچيءَ ۾ ڇهون درجو انگريزي پڙهندو هو هن جو موت حادثاتي ٿيو، درياھ جي ڪپ تي ٽين ڪپڙن جو ڌوئڻ وئي هئي ته پير ترڪي ويس، بلڪل ايئن جيئن سندس پهروٺي ڌيءَ ڀاڳڀري به ڪجهه سال اڳ اهڙي ئي نموني لهرن جي حوالي ٿي هئي، ۽ ڪناري ته بيٺل هٿ مهٽيندا رهجي ويا، کيس بچائي نه سگهيا، پنهنجي مٺڙيءَ ماءُ جي وڇوڙي تي، پنهنجن يادگيرين کي جيئندي، جويو صاحب لکي ٿو، ” اڄ امڙ جو مان هڪڙوئي پٽ اوڻانوي ورهين جي عمر ۾ اڃا جيان پيو سچ ته مائون ويچاريون نورَ نوازيل، نيڪ دل نماڻيون، جيءَ جياريندڙ،پاڻ گهوريندڙ ۽ ڇاڇا نه جڳ کي دان ڏيئي ويندڙ پر عيوض ۾ ڪجهه نه ڪنهن کان گهرندڙ هجن ٿيون. هن گهڙيءَ به سڀ کان وڌيڪ چاهنا منهنجي پاڻيءَ ۾ پاڻيءَ جي دنيا سان ملڻ جي آهي جت منهنجي يتيم ڀيڻ ڀاڳڀري ۽ منهنجي دکياري امڙ ڪامل ٻائي کي پوئين دم کڻڻ جي مهلت ملي سگهي هئي.“ محمد ابراهيم جوئي صاحب تي، اولين تاثر ڇڏڻ وارن ۾ سندس پهريون استاد سائين ٽيڪڻ مل هيو جيڪو هنن جو استاد به هو ته ڳوٺ ۾ بيماري سيماريءَ ۾ شاگردن کي کنگهه مهل چاٽا به چٽائيندو هو ته بخار ويل ڪوئنين جون ڪوڙيون ٽڪيون به کارائيندو هو. جيڪو سنڌي ڪتابن مان ڪهاڻيون ڪڍي، انهن مان زندگيءَ جو فلسفو به سمجهائيندو هو. اهڙي ئي هڪڙي، ڪتي ۽ سندس پاڇي واري ڪهاڻي به هئي ۽ ان ڪهاڻيءَ مان پنج لفظ ڪامُ (سڌ) ڪروڌ (ڪاوڙ) لوڀ (هٻڇ)، موهه (انڌو چاھ)، اهنڪار (وڏائي) ڪڍي انهن جي معنيٰ ٻڌائي، شاگردن کي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهو ڪتو جيئن ته ڪامي، ڪروڌي، لوڀي، موهي ۽ اهنڪاري هو، اهي پنج ئي خرابيون ان ۾ هيو ۽ اهي ئي پنج خراب عادتون يا ڪُلڇڻ ماڻهوءَ جا ٻه وڏي ۾ وڏا دشمن آهن. جيڪو ماڻهو انهن کان بچي ٿو، سوئي ماڻهو، ماڻهو سڏجڻ جي لائق ٿو بڻجي. جڏهين محمد ابراهيم کي چوٿون درجو پهرين نمبر سان پاس ڪرڻ تي امتحانن واري وڏي صاحب کيس به ڪتاب، هڪ ”گلدستو“ سنڌ ادب جا چونڊ مضمون، جيڪي ديوان ڏيارام وسڻ مل ۽ ديوان ليلا رام پريم چند جي گڏيل ڪاوش هئي، ٻيو مرزا قليچ بيگ جو ”گلن جي ٽوڪري“ جيڪو هڪ مشهور جرمن ناول جي انگريزي ترجمي جو بهترين سنڌي ترجمو هو، کيس مليا، ته سائين ٽيڪڻ مل کيس مبارڪباد ڏيندي چيو ته ”پٽ ابراهيم تون ڏاڍو ڀاڳ وارو آهين جو اهڙا ٻه ڪتاب، هن ئي عمر ۾، توکي مليا آهن، اهي ڪتاب تون وري وري پڙهج، تون انهنجي پڙهڻ مان ڪڏهين به ڪو نه ٿڪبين، انهنجون ڳالهيون توکي سڄي عمر ڪم اينديون،“ ۽ پوءِ جويو صاحب لکي ٿو، ”آنءُ انهيءَ هدايت لاءِ پنهنجي پياري سائين ٽيڪڻ مل جو شڪرگذار آهيان. جو سندن اها هدايت مون سورنهن آنا سچي ۽ صحيح ڏٺي ۽ ان تي پورو عمل ڪيم. هن وقت آنءُ ذهني طرح ۽ عملي دنيا ۾ جيئن به آهيان ۽ جو ڪجهه به آهي ان لاءِ اهي ٻه ڪتاب آنءُ پنهنجا محترم ۽ مشفق استاد سمجهان ٿو.“ اهڙي طرح ئي جوئي صاحب جي ان مهل اُسرندڙ شخصيت، ڪامريڊ ايم اين راءِ جي فڪر ۽ فلسفي جا گهاٽا اثر نظر اچن ٿا. جيڪي هنن پاڻ تمام تفصيل سان هڪ مضمون، ”ڪامريڊ ايم اين راءِ ۽ منهنجو فڪري سفر “ ۾ بيان ڪيا آهن. پر اڄ اسان جنهن شخصيت کي هن جي سامهون سندس سوچ ۽ فڪر جي مڃتا لاءِ گڏ ٿيا آهيون، تڏهين معاشري ۾ ادا ڪيل سندس هاڪاري ڪردار ۽ تحرير مان جيڪا ڳالهه اُڀري ۽ نکرجي سامهون آئي آهي اها هيءَ ته هن سندس سڄي زندگي نيڪي جي پرچار ڪندي گذاري. هن علم کي ئي ترقيءَ ۽ سجاڳيءَ جو اهڃاڻ ڄاتو آهي. هو سماجي مت ڀيد ۽ ڇوت ڇات ۾ يقين نه رکندڙ ۽ انسانيت ۾ ويساھ رکندڙ روح آهي. هو پنهنجي ڌرتيءَ جو عاشق ۽ هن ۾ ويساھ رکندڙ آهي. هن جي سوچ ۾ عقليت پسندي آهي، هو هر وقت هر معاملي ۾ متحرڪ نظر اچي ٿو. هو پنهنجي سماج کي، انڌن اونڌن وهمن ۽ عقيدن کان ٻاهر ڏسڻ ٿو چاهي. شڪست خوردگيءَ جي هن جي لغت ۾ ڪاجاءِ ڪانهي. وڏيرا شاهي ڪامورا شاهي ۽ پير پرستيءَ کي هو سنڌ واسين لاءِ زهر قاتل ٿو سمجهي. هن جي قلم جي جنگ هميشه رجعت پسند سوچ جي خلاف رهي آهي. هو حقيقت شناسيءَ جو پرچار رهيو آهي ۽ سندس سوچ هميشه انسان جي اعليٰ قدرن جي گرد ڦرندي رهي آهي. محمد ابراهيم جوئي کي جڏهن اسان نئين سنڌ جو معمار چئون ٿا ته، يقين رکو هن ان سوچ جو بنياد ئي، بنيادي انساني لڳ لاڳاپن، ۽ بهترين انساني قدرن تي رکيو آهي. جيڪو هُو پنهنجي ديس واسين ۾ ڏسڻ چاهي ٿو ۽ کيس يقين آهي ته جي هو چاهي ته انهن لاءِ هن سماج کي بدلائڻ ۾ دير نه لڳندي. ته دوستو! اچو ته اسان جوئي صاحب جي انهن اکين ۾ جهاتي پايون، جنهن سنڌ لاءِ سندر سپنا جوڙيا آهن، ايڪتا، محبت ۽ ترقيءَ جا خواب ڏٺا آهن، اهو جيئرو جاڳندو شخص جنهن پنهنجو نور نچوئي، راتيون جاڳي پنهنجي ستل قوم کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اها قوم، اڄ هن کي ڀيٽا ڏيڻ مهل اهو به وچن ڪري ته، هن جي ڏٺل، سپنن کي هوءَ ساڀيان ڪندي، جيڪا سنڌ، جوئي صاحب پنهنجي سپنن ۾ سوچي، تنهن جي تعمير ڪندي اهو ئي هن لاءِ سالگرھ جو وڏي ۾ وڏو تحفو هوندو. (محمد ابراهيم جوئي جي سئو سالا جشن جي تقريب ۾ پڙهيل مقالو) سائين محمد ابراهيم جويو پروفائيل آگسٽ ۱۳-۱۹۱۵ع – نومبر ۰۹-۲۰۱۷ع ناميارو عالم، اديب ۽ ڏاهو محمد ابراهيم جويو ۱۳ آگسٽ ۱۹۱۵ع تي اڳوڻي ضلعي دادوءَ (۽ هاڻي ڄامشوري) جي ڳوٺ ’آباد‘ ۾ هڪ هاريءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. ٽن سالن جو هو ته سندس والد محمد خان جويو، پهرين مهاڀاري جنگ بعد پکڙيل وڏيءَ بيماريءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. محمد ابراهيم جويي جو ننڍپڻ غربت ۾ گذريو، پر همت نه هاريندي، پرائمريءَ جا چار درجا ڳوٺ ۾ پڙهي، ۱۹۲۷ع ۾ اي. وي اسڪول، سَن ۾ داخل ٿيو، جتي سائين جي ايم سيد جي مهربانين سان ٽي درجا انگريزي پڙهي، ۱۹۳۰ع ۾ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتائين. جتي چوٿين کان ستين درجي تائين پڙهيو، ان زماني ۾ ستون درجو مئٽرڪ شمار ٿيندو هو، هن ۱۹۳۴ع ۾ مئٽرڪ جي امتحان ۾ سنڌ مدرسة السلام مان ٻِي پوزيشن ماڻي ۽ ۲۰ رپيا ماهوار اسڪالرشپ حاصل ڪيائين. سنڌ مدرسي ۾ ان وقت علامه عمر بن محمد دائود پوٽو پرنسپال هو ۽ جويو صاحب سندس لائق شاگردن ۾ نمايان هو. جويي صاحب ۱۹۳۸ع ۾ ڊي جي سنڌ ڪاليج مان بي اي جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ کيس ڪاليج ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ۽ منگهارام ملڪاڻيءَ جهڙن استادن جي صحبت ۽ محبت حاصل رهي. ۱۹۴۰ع ۾ سنڌ مدرسي طرفان بي. ٽي ڪرڻ لاءِ بمبئيءَ جي ايس ٽي ڪاليج پڙهڻ ويو، جتان موٽندي ئي کيس ۱۹۴۱ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ ’اسسٽنٽ ماسٽر‘ مقرر ڪيو ويو. محمد ابراهيم جويي زندگيءَ جو پهريون سنڌي مضمون ”پڃري جا پکي“ ۱۴ سالن جي عمر ۾ لکيو، سندس انگريزي ۾ پهريون مضمون Democracy in School Administration سال ۱۹۴۶ع ۾ سنڌ مدرسي جي مئگزين ’ڪرانيڪل‘ ۾ ڇپيو. سائين جي ايم سيد سندس پهريون تعليمي مددگار هو. هُو ٻن مفڪرن سائين جي ايم سيد ۽ ايم. اين راءِ کان گهڻو متاثر هو، ۽ پهرين پارٽي جنهن ۾ شموليت ڪيائين، اها هئي ايم اين راءِ جيRadical Democratic Party . هُن ايم اين راءِ جي ڪتابHistorical Role of Islam جو سنڌي ترجمو ’اسلام جو تاريخي ڪارنامو‘ جي عنوان سان ڪيو. علمي زندگيءَ ۾ جويي صاحب سنڌ دوستيءَ جي راهه ۾ سرڪار جا عتاب ۽ ناراضگيون به برداشت ڪيون. ۱۹۴۷ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ پڙهائڻ دؤران هن هڪ ڪتاب ’سنڌ بچايو- کنڊ بچايو‘ Save Sindh، Save the Continent from Feudal Lords، Capitalists and their Communalists لکيو، جنهن جي ڏوهه ۾ سنڌ مدرسي بورڊ جي صدر ۽ (تڏهوڪي وزير تعليم) سندس ملازمت ختم ڪرڻ جو حڪمنامو جاري ڪيو هو. جويي صاحب جي اهليت کي مڃيندي، ٺٽي ميونسپالٽيءَ جي چيئرمئِن موليڏني عباسيءَ کيس ميونسپل هاءِ اسڪول ٺٽي جو هيڊ ماستر ٿيڻ جي آڇ ڪئي، جتي ٻن سالن تائين ۲۰۰ رپيا پگهار تي پڙهايائين. بعد ۾ اهو اسڪول به سرڪاري تحويل ۾ ورتو ويو، جتان بدلي ٿي ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار مئن، حيدرآباد ۾ اسسٽنٽ ماسٽر طور فرض نڀايائين. ۱۹۵۱ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چونڊ سان ڪلاس ٻئين گزيٽيڊ آفيسر طور ”هاءِ پاور ايگزيڪٽو ڪاميٽي فار سنڌي لٽريچر“ جو سيڪريٽري مقرر ٿيو. ۱۹۵۴ع ۾ هاءِ پاور ڪميٽيءَ کي ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي نالي سان نئين سر تشڪيل ڏنو ويو، جتي ۱۹۶۱ع تائين سيڪريٽريءَ طور جانفشانيءَ سان ڪم ڪيائين. ان دوران جويو صاحب (۵۶-۱۹۵۵) ٻه سال بورڊ جي ٽماهي ’مهراڻ‘ جو ايڊيٽر به رهيو، جنهن دوران هُن جديد ادب جي وڏي سرپرستي ڪئي ۽ ’مهراڻ‘ جو اهو دؤر يادگار ليکيو وڃي ٿو. ۱۹۶۳ع کان ۱۹۶۷ع تائين هُو آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي پاڪستان ٽيڪسٽ بڪ بورڊ لاهور، ڪراچي، ڪوئيٽا ۽ حيدرآباد ۾ رهيو، ان عرصي ۾ پنج سال اعزازي طرح سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري پڻ رهيو. جولاءِ ۱۹۶۷ع ۾ جويي صاحب هڪ مضمون لکي ’سليم احمد‘ جي فرضي نالي سان ڇپايو، جنهن جو عنوان هو: ’اولهه پاڪستان ۾ ٻولين جو مسئلو‘. جنهن تان ناراض ٿي سرڪار کيس گورنمينٽ هاءِ اسڪول جيڪب آباد ۾ هيڊ ماستر طور بدلي ڪري ڇڏيو. اها سرڪاري ناراضگي پوءِ به ٿڌي نه ٿي ۽ کيس ۱۹۶۸ع ۾ گورنمينٽ ٽريننگ اسڪول ڪوهاٽ جو پرنسپال ڪري موڪليو ويو، جتي لڳ ڀڳ ٻه سال کن رهيو. نومبر ۱۹۶۹ع ۾ ون يونٽ جي خاتمي جي اعلان بعد هُو سنڌ ۾ رجسٽرار ڊپارٽمينٽل ايگزئمنيشن، ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊيوڪيشن مقرر ٿي حيدرآباد ۾ آيو. پوءِ ۱۹۷۱ع ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جو ميمبر به ٿيو. هن ڪيترائي نصابي ڪتاب به لکيا. ۱۹۷۲ع ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر، بيورو آف ڪريڪيولم ائنڊ ايڪٽينشن سروسز سنڌ، حيدرآباد مقرر ٿيو، جتان آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي ۽ بعد ۾ سيڪريٽري سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ مقرر ٿيو ۽ ۱۲ آگسٽ ۱۹۷۳ع تي رٽائر ڪيائين. ابراهيم جويي جو سنڌي ادبي سنگت سان به ابتدا کان وٺي واسطو رهيو ۽ ۵۶-۱۹۵۴ واري دؤر ۾ سنڌي ادب ۽ ادبي سنگت جي ’نئين جاڳرتا‘ (Renaissance) جو اهم اڳواڻ رهيو. هُو اڄ به سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد شاخ جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر آهي. ۱۹۷۳ع ڌاري هُن ڪجهه سڄاڻ اديبن سان گڏجي ”سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت“ نالي اداري جو بنياد وڌو، پاڻ ان جو صدر ٿيو ۽ ان ئي پليٽ فارم تان چاليهه کن ڪتاب چپائي پڌرا ڪيائين. ۱۹۷۳ع ۾ ”سنڌ فرينڊس سرڪل“ قائم ڪري، ان طرفان ۲۰ ڪتاب شايع ڪرايائين. سرونٽس آف سنڌ سوسائٽيءَ جو ۱۹۸۲ع کان وائيس پريزيڊنٽ رهندو اچي. پنهنجي دوست، نامياري ليکڪ سراج الحق ميمڻ جي تحرڪ ۽ سرپرستيءَ ۾ ’سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ‘ جو بنياد رکيائين، پاڻ ان جو وائيس چيئرمين ۽ مئنيجنگ ٽرسٽي آهي. سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ واري عاليشان عمارت سراج صاحب ٽرسٽ کي سونپي علم ۽ قلم دوستيءَ جو ثبوت ڏنو. هن ٽرسٽ جي ذريعي ليڪچرن جو سلسلو هلايو، جن ۾ اهم اديبن ۽ دانشورن ليڪچر ڏنا جن کي ڇپائي پڌرو ڪيائين. جويو صاحب ۱۹۹۷ع کان ۲۰۰۲ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمئن رهيو ۽ ۱۹۹۸ع کان هيل تائين، مختلف مرحلن ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس، مالي ڪاميٽي، پبليڪيشن ڪاميٽيءَ ۽ ادبي تحقيقي ڪاميٽيءَ جي ميمبر طور به ذميواريُون نڀائيندو اچي ۽ اٿارٽيءَ جي اسڪيمن ۾ مددگار رهيو آهي. جڏهن ۱۹۹۸ع ۾ شيخ اياز فائونڊيشن جو قيام عمل ۾ آيو ته کيس ان جو چيئرمئن مقرر ڪيو ويو. فائونڊيشن طرفان هن وقت تائين ڇهه ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا ويا آهن. ان کان علاوه پاڻ شيخ اياز چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي صلاحڪار بورڊ جو به ۲۰۰۰ع کان ميمبر رهيو آهي. ان کان سواءِ ٿياسافيڪل سوسائٽي، حيدرآباد جو وائيس پريزيڊنٽ پڻ آهي. بنيادي لغت)، (ساٿين سان گڏجي تيار ڪيل: ۱۹۷۶ع)، (۷). ’فِڪر جي آزادي ‘:اسٽيفن زويگ جي ڪتاب ‘The Right to Heresy’ جو ترجمو، (جون ۱۹۷۷ع)، (۸). ’گليلو ‘:برنالٽ بريخت جي ڊرامي ‘Life of Gallileo’ جو ترجمو (۱۹۷۷ع)، (۹). ’شاهه- سچل- سامي ‘:(۱۶۸۹-۱۸۵۰- هڪ مطالعو) (۱۹۷۸ع)، (۱۰). ’ٻارن جو مسيح ‘:اينڊ بلائٽن جي ڪتاب ‘Children’s Life of Christ’ جو ترجمو (۱۹۸۰ع)، (۱۱). ’ماڻهوءَ جو ڀاڳ ‘:(ناٽڪ، لوڪ ڪهاڻيون، شاعري وغيره) (۱۹۸۰ع)، (۱۲). ’عورتازاد‘ (عورتن جي تحريڪ آزادي ):ترتيب ۽ ترجمو(۱۹۸۳ع)، (۱۳). ’فلسفي جو ابتدائي ڪورس ‘:جارج پوليزر جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۸۴ع)، (۱۴). ’علم تدريس مظلومن لاءِ ‘:پائلو فراري جي ڪتاب ‘Pedagogy of the Oppressed’ جو ترجمو ۹۸۴ع)، (۱۵). ’مهڪريءَ جا مضمون ‘:(ترتيب، ترجمو ۽ پيش لفظ) (۱۹۸۳ع)، (۱۶). ’اسان جي ٻولي، اسان جي تعليم ‘:(ترتيب)، (۱۹۸۵ع)، (۱۷). ’فرينچ انقلاب ‘:ايميل ايرڪمن اليگزانڊر چيتريان جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۹۰ع)، (۱۸). ’مُٺِ مُٺ موتين جي ‘:(هفتيوار ’هدايت‘، حيدرآباد ۾ ڇپيل مواد مان چونڊ)، (۱۹۹۲ع)، (۱۹). ’هوءَ جا ٽمڪي باهڙي‘ (پهريون جلد ):مضمون ۽ ترجما (۱۹۹۵ع)، (۲۰). ’ادب- ٻولي- تعليم ‘:(هُوءَ جا ٽمڪي باهڙي‘، جلد ٻيو) (۱۹۹۸ع)، (۲۱). خط ٻن اديبن جا ‘:(عبدالقادر جوڻيجي ۽ محمد ابراهيم جويي جا خط) (۱۹۹۹ع)، (۲۲). ’ڳالهيون ڪتابن جون‘، ڀاڱو پهريون(۲۰۰۲ع)، (۲۳). ’خط ٻن اُستادن جا ‘:(محمد ابراهيم جويو ۽ غلام علي چنا) (۲۰۰۳ع)، (۲۴). ڳالهيون ڪتابن جون‘ (ڀاڱو ٻيو) (۲۰۰۳ع)، (۲۵). خط دوستن جا (جلد پهريون: پيار، نبارُ، اٿاههُ (ابن حيات پنهور ۽ محمد ابراهيم جويي جا خط) (۲۰۰۸ع)، (۲۶). Sindh Betrayed: Her Right to Redemption; Essays and Articles، Letters (۱۹۴۲-۲۰۰۳)، (۲۰۰۶). ان کان سواءِ سنڌيءَ ۽ انگريزيءَ ۾ ٻولين جي مسئلي، ون يونٽ جي خاتمي ۽ ڪراچيءَ جي عليحدگيءَ جي مسئلي، استادن، ڪريڪيولم، نصاب، ادب، سياست، شاهه لطيف، سنڌي سماج، چونڊن جي ڌار سرشتي ۽ شخصيتن تي خاڪا ۽ ٻين موضوعن تي سوين مضمون، ڪتابچا ۽ پترا لکيل ۽ ڇپيل اٿس. جن جي ذريعي هن سنڌ جي ٽن پيڙهين جي ذهني تربيت ڪئي آهي. جويي صاحب کي چئن پٽن ۽ ٻن نياڻين جو اولاد ٿيو، جن مان نيلوفر جويو ڪهاڻيڪار هئي. تازو مئي ۲۰۰۹ع ۾ سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي حڪومت سنڌ پاران پهريون ڀيرو محمد ابراهيم جويي جي مڃتا ۾ هڪ تقريب انڊس هوٽل حيدرآباد ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ثقافت ۽ سياحت جي صوبائي وزير، محترمه سسئي پليجو، سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر نثار احمد کهڙي سميت جويي صاحب جي شاگردن، مداحن ۽ اديبن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي جويي صاحب کي سنڌ جي سمورن ادبي، علمي ادارن ۽ يونيورسٽين پاران اوارڊ، شيلڊُون ۽ گلن جا تحفا ڏئي، سندس خدمتن جو اعتراف ڪيو ويو. جڏهن ته سنڌ ميوزيم، حيدرآباد ۾ ’ابراهيم جويو ڪارنر‘ پڻ قائم ڪيو ويو آهي. هو لاڏاڻي وقت صحافي ڪالونيءَ، حيدرآباد ۾ رهائش پذير هيو. محمدابراهيم جويي صاحب ۹.نومبر ۲۰۱۷ع تي پنهنجي گهر واقع صحافي ڪالوني حيدرآباد ۾ خميس ڏينهن صبح جو ۹ لڳي ۵۶ منٽن تي وفات ڪئي. سائين محمد ابراهيم جويو سنڌ جو عظيم ڏاهو نور سنڌي سائين محمد ابراهيم جويو سنڌ جو عظيم ڏاهو، دانشور ۽ علمي ادبي شخصيت ھو. علمي توڙي ادبي دنيا ۾ ڪيل سندس خدمتون اڻ وسرندڙ آهن. پاڻ سنڌ جو قومي سرمايو ھو. سندس شخصيت اسان سنڌ واسين لاءِ هڪ يونيورسٽي جي حيثيت رکي ٿي. پاڻ تعليمي ماهر، شفيق استاد، اديب، دانشور، ترجمي نگار رھيو، پاڻ سڄي زندگي سنڌي ٻوليءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو. جڏهن پاڪستان ٺهڻ بعد سنڌي ٻولي کي ڪاپاري ڌڪ لڳو ته پاڻ ان خلاف سراپا احتجاج بنجي ويو. سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان احتجاجي مهم جي اڳواڻي ڪئي ۽ ان خلاف اخبارن ۾ مضمون لکيا. سنڌي ٻوليءَ کي صوبي سنڌ جي سرڪاري ٻولي قرار ڏنو ويو. ۱۹۴۶ع ۾ پاڻ انگريزي ۾ ڪتاب ”سيو سنڌ سيو دي ڪانٽيننٽ“ (سنڌ بچايو ننڍو کنڊ بچايو) لکي مثال قائم ڪيو. حقيقت تي مبني مواد واري اهڙي ڪتاب تي وقت جا حڪمران مٿس ناراض ٿيا. جويو صاحب ان وقت سنڌ مدرسي ڪراچي ۾ استاد هو ۽ کيس ان ڪتاب لکڻ جي ڏوهه ۾ سنڌ مدرسي جي ان وقت جي صدر پير الاهي بخش ملازمت تان هٽائي ڇڏيو. ون يونٽ خلاف سندس وڏي جدوجهد رهي ۽ ان ڏوهه ۾ کيس ۲ سالن لاءِ صوبي بدر ڪيو ويو. پاڻ لاتعداد مختلف ٻولين جي ڪتابن کي سنڌي ۾ ترجمو ڪيو. جيڪو سندس وڏو ڪارنامو آهي. پاڻ سنڌي ادبي سنگت جي بانيڪارن مان هڪ ھو. پاڻ ڪراچي ۾ سنڌي ادبي سنگت جون سرگرميون جاري رکيون. ان کان اڳ پاڻ مشهور اديب ڊاڪٽر گربخشاڻي جي سرپرستيءَ هيٺ هلندڙ سنڌي ادبي سرڪل ۾ سرگرم رهيو. ۱۹۵۳ع چونڊيل اسيمبلي ۾ جيڪي سنڌي ٻوليءَ لاءِ انگريزي ۾ پيش ڪيل ٺهراءَ جي نظرثاني ڪندڙن ۾ سائين جي ايم سيد، علي محمد راشدي، عبدالستار پيرزادو، محمد ابراهيم جويو هو. نوان ليکڪ پيدا ڪرڻ ۽ اڀرندڙ ليکڪن جي همٿ افزائي ۽ کين اڳتي آڻڻ ۾ سندس شاندار ڪردار رهيو. سنڌ ڌرتي ۽ سنڌ واسين سان ٿيندڙ ويساهه گهاتين، سنڌ جي حقن، سنڌ جي ٻولي ۽ ثقافت جي حفاظت لاءِ هر دور ۾ محمد ابراهيم جويو جو هڪ ليکڪ، هڪ دانشور ۽ هڪ ڏاهي جي حيثيت سان شاندار ڪردار رهيو. ان حوالي سان پاڻ لاتعداد مضمون لکيائون. کيس سنڌي ٻولي جي ترقي، سڌاري جو فڪر رهيو. ان حوالي سان مختلف اخبارن، رسالن ۾ سندس مضمون شايع ٿيندا رهيا. پاڻ جڏهن پاڪستان ٽيڪسٽ بڪ بورڊ سنڌ لاءِ انچارج مقرر ڪيو ويو، ساڳئي وقت سنڌي ادبي بورڊ جي اعزازي سيڪريٽري طور ادب لاءِ پاڻ پتوڙيو. ساڳئي وقت پاڻ سليم احمد جي فرضي نالي سان انگريزي ۾ هڪ وال بروشر ”لينگويج پرابلم ان ويسٽ پاڪستان“ لکيو، جنهن ۾ جويو صاحب پاڪستان جي قومي زبانن جي اهميت ۽ تاريخ بابت ملڪ اندر ٻوليءَ جي مسئلي کي بهترين حل ڏنو. جڏهن اهو راز کليو ته اهو پمفليٽ محمد ابراهيم جويو جو لکيل آهي ته وقت جي حڪمرانن کيس بدلي ڪري سزا طور جيڪب آباد هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر مقرر ڪيو ته جيئن هو گهر کان پري رهي ڀلي پريشان ٿئي پر پاڻ اتي رهي به پنهنجو قومي ادبي ڪم جاري رکيو. شيخ اياز جي معرفت ترقي پسند ادبين، دانشورن لاءِ پاڪستان ادبي انجمن نالي تنظيم جو قيام آندو. ان جو پڌرنامو اردو، انگريزي، بنگالي، پشتو، سنڌي ۾ ڇپايو ويو. جنهن وڏي هلچل مچائي ڇڏي ۽ اها ڳالهه راز نه رهي ۽ حڪمرانن مٿس وڌيڪ ناراض ٿي سزا طور کيس پشاور موڪليو ۽ آرڊر ۾ لکيو ويو ته کيس جتي ماڻهن سان سندس رابطو گهٽ رهي، اتي رکيو وڃي ۽ کيس ڪوهاٽ ٽريننگ ڪاليج ۾ پرنسيپل طور مقرر ڪيو ويو. محمد ابراهيم جويو سن ويجهو ڳوٺ آباد ۾ ۱۹۱۵ع ۾ ڄائو، ننڍڙي ڄمار ۾ پهرين سندس والد پوءِ امڙ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا. سندس پالنا سار سنڀال سندس ڏاڏي ڪئي. ۴ درجا پنهنجي ڳوٺ ۾ ۵ درجو ڳوٺ تيرٿ لکي ۾، فائينل اي وي هاءِ اسڪول سن ۾ ڪئي. جتي سندس ملاقات سائين جي ايم سيد سان ٿي ۽ هنن جي دوستي ٿي وئي. ميٽرڪ ۱۹۳۰ع ۾ سنڌ مدرسو ڪراچي مان پاس ڪيائين، جتي سندس استادن ۽ ان دور جون مشهور علمي ادبي شخصيتون، ڊاڪٽر گربخشاڻي، پروفيسر منگهارام، پروفيسر ٽي ايم آڏواڻي، ڊاڪٽر ڊيو آرٿ، ڪاڪا ڀيرومل، مهر چند ۽ ٻيا هئا، اتان بي اي پاس ڪري ۱۹۳۸ع ۾ انهيءَ اداري ۾ استاد طور مقرر ٿيو. سندس سيو سنڌ سيو دي ڪانٽيننٽ لکڻ جي ڏوهه ۾ نوڪري ختم ٿيڻ بعد ڪجهه سال بيروزگار رهيو ۽ ۱۹۴۹ع ۾ کيس ميونسپل هاءِ اسڪول ٺٽو ۾ هيڊ ماستر طور مقرر ڪيو ويو. جتي شاگردن ۾ غير نصابي سرگرميون شروع ڪيون. ٺٽو ۽ جيڪب آباد جي ان وقت جي اسڪولن جي استادن ۽ شاگردن جو چوڻ آهي ته پاڻ شفيق استاد هو، والدين جهڙو پيار ڏيندو هو، ڪڏهن به شاگردن کي مار نه ڏني. هر ڳالهه پيار سان سمجهائيندو هو. شاگردن کي اولاد وانگر سمجهندو هو، سندس پڙهائڻ جو طريقو اهڙو ته پُراثر هو جو شاگرد چاهيندا هئا ته سندس پيرڊ ختم ئي نه ٿئي. انهن اسڪولن ۾ شاگردن جا ڊراما، ڊبيٽ پروگرام به ڪرايا ۽ شام جو اسڪول جي گرائونڊ تي شاگردن سان گڏ راند روند به رهندو هو. ۱۹۵۴ع ۾ هاءِ پاور ايگزيڪيوٽو ڪميٽي فار سنڌي لٽريچر ۾ نالو ڏنو ويو، ان جو ۱۰ سال سيڪريٽري مقرر رهيو. ان دوران به پاڻ سنڌي ادب جي بي مثال خدمت ڪئي. ۳ ماهي مهراڻ رسالي جو ايڊيٽر به رهيو. ۱۹۶۱ع ۾ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊيوڪيشن حيدرآباد ۾ پبليڪيشن آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي مقرر ڪيو ويو. ان بعد ساڳئي بورڊ جو حيدرآباد، ڪراچي، ڪوئيٽا ريجن جو انچارج رهيو. ۱۹۶۸ع گورنمينٽ ٽريننگ ڪاليج ڪوهاٽ جو پرنسيپل، ۱۹۷۰ع ۾ حيدرآباد ڊويزن تعليم کاتي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر رهيو. ساڳئي سال کيس سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. ۱۹۷۱ع ۾ تعليم کاتو خيرپور ڊويزن ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر رهيو. پاڻ ۱۹۷۳ع ۾ بيورو آف ڪريڪيولم اينڊ ايڪٽينشن سروس سنڌ ۾ ڊائريڪٽر ٿيو ۽ انهيءَ سال ان عهدي تان ريٽارئرڊ ٿيو. سندس اهم ادبي ۽ نصابي ڪتاب ۾ روسو جي ايملي جو ترجمو بليو ٽارچ مضمون ٻارن جي تعليم جو ترجمو، سنڌي پهريون ڪتاب، سنڌي بالغن جي تعليم جا ۳ ڪتاب، سنڌي ريڊر درجو چوٿون، سنڌي سپليمينٽري، درجو ڇهون، سنڌي اختياري درجو ڇهون، پاڪستان جي تاريخ لازمي درجو نائون ۽ ڏهون، دنيا جي تاريخ جو ترجمو، درجو نائون ۽ ڏهون، ٽيچرس گائيڊ ٽو ٽيچنگ آف سائنس درجو ٻيون ۽ ٽيون، ٽيچرس گائيڊ ٽو ٽيچنگ آف سائنس درجو چوٿون ۽ پنجون، فلسفي جو بنيادي ڪورس ترجمو گئليلو، ترجمو، ٻارن جو مسيح، ترجمو فڪر جي آزادي، ترجمو شاهه سچل سامي، هوءَ جا ٽمڪي باهڙي، وحشي جيوت جا نشان ترجمو ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب لکيائون. پاڻ شاعري تي به عبور رکندو هو. سنڌي شاعري جو بهترين پارکو هو. پاڻ شيخ اياز جي ڪيترن ئي شاعري جي مجموعن جا خوبصورت مهاڳ لکيا. سنڌي ادبي بورڊ جي مهراڻ رسالي جي ايڊيٽري دوران رسالو سرڪاري هئڻ باوجود کليل طرح سنڌيت جي پرچار ڪئي. پاڻ سچو قومپرست هو. مهان شاعر شيخ اياز پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ لکي ٿو ته محمد ابراهيم جويو سنڌي شاعري جو وڏو پارکو آهي، هو لکي ٿو ته سوڀو گيانچنداڻي، حشو ڪيولراماڻي ۽ محمد ابراهيم جويو اهي ۳ شخصيتون آهن، جن منهنجي ننڍڙي عمر ۾ تربيت ڪئي. جي مان انهن سان نه ملان هان ته مان، ڪجهه نه هجان ها. انهن سان منهنجي عقيدت ۽ محبت ائين رهي آهي جيئن رومي جي شمس تبريز سان. ابراهيم جويو سنڌ جو اُهو عظيم انسان هو، جنهن سنڌ ۽ سنڌ واسين کي سُکيو ۽ ستابو ڏسڻ پئي گهريو ۽ ان واسطي هُن پوري زندگي جدوجهد جاري رکي. پاڻ ۹نومبر ۲۰۱۷ع تي ھن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا. اڄ سندن پھرين ورسي ملھائي پئي وڃي. سياحت ثقافت کاتي پاران ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ سندس ياد ۾ ميڙاڪو ڪوٺايو ويو آهي. محمد ابراهيم جويو ڪڏهن ڪڏهن ته سارجو... علي ڏنو جروار سنڌ سونهاري هر دؤر ۾ ڪيترائي ڏاها، اديب، دانشور، شاعر ۽ ليکڪ پيدا ڪيا آهن، جن مان سائين محمد ابراهيم جويو به هڪ آهي. سائين محمد ابراهيم جويو جي اڄ پهرين ورسي آهي، جنهن حوالي سان ڪجهه سِٽون پيش ڪجن ٿيون. محمد ابراهيم جويو سنڌ جو اهو اهلِ علم ۽ دانشور هو جيڪو هڪ اداري جي حيثيت رکي ٿو. پاڻ سڄي زندگي حق، سچ، علم، ادب توڙي سنڌ ڌرتي لاءِ پتوڙيندو رهيو آهي. ان جي پاداش ۾ کيس ڪيتريون ئي تڪليفون برداشت ڪرڻيون پيون. ايتري حد تائين جو نوڪريءَ تان به هٿ کڻڻو پيو هوس. اهڙين حالتن ۾ به سنڌ سنڌ ڪندو رهيو. ڪڏهن به پنهنجي مقصد تان نه هٽيو. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ۽ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌ سان ٿيندڙ سڀني زيادتين تي اسٽينڊ وٺي مخالفت ڪندو رهيو، جن ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو قيام، سنڌ يونيورسٽيءَ جو قيام، سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جو قيام ۽ ٻين اهڙن هاڪاري منصوبن لاءِ به جاکوڙيندو رهيو ته وري ون يونٽ خلاف تحريڪ کان وٺي ڪالا باغ ڊيم جي مخالفت ۾ هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪندو رهيو. سنڌ جا ڪيترائي اديب اهڙا آهن جن جي باقاعدگيءَ سان تربيت ڪيائين، جن اڳتي هلي تمام گهڻو نالو ڪمايو. انهن ۾ غلام رباني آگرو ۽ ٻيا شامل آهن، جن سائينءَ جي تربيت مان فيض پرائي سنڌي ٻوليءَ جي تمام گهڻي خدمت ڪئي ۽ ڪيترائي ناياب ڪتاب تخليق ڪيا. آئون ۽ سنڌي ٻوليءَ جو بهترين ليکڪ اڪبر سومرو هڪ دفعي ساڻس ملڻ وياسين، اڪبر جا ڪجهه شايع ٿيل ڪتاب کيس پيش ڪيا، جنهن تي چيائين ته اڪبر به منهنجن انهن شاگردن مان آهي جن سنڌي ادب ۾ تمام گهڻو نالو ڪمايو آهي. اهڙيءَ ريت غلام رباني آگرو لاءِ به اهي لفظ ورجايائين. سنڌ جي هر مسئلي توڙي اِشوءَ تي ٻين سڀني کان هر وقت اڳرو رهندو هو. ڪڏهن به نتيجن جي پرواهه نه ڪيائين، بس هڪ اهڙي خاموش خدمتگار وانگر سنڌ ڌرتي جي خدمت ۽ حفاظت ڪندو رهيو، جن لاءِ اهو مشهور آهي ته اهي پنهنجن فرضن جي ادائيگي ڪندي ڪنهن طرف نهاريندا به ناهن، بس اهي پنهنجن حقن جي حاصلات لاءِ سوچيندا ۽ جاکوڙيندا رهيا آهن. سائين محمد ابراهيم جويو به انهن مان هڪ آهي، جن کي هر وقت سنڌ جي حقن جي تات رهندي هئي. ووٽر لسٽون سنڌيءَ ۾ ڇاپيو، ۴ مارچ جي شاگرد تحريڪ، ايم آر ڊي جون تحريڪون توڙي ٻيا سنڌ سان جيڪي به لاڳاپيل مسئلا رهيا آهن، تن متعلق هر وقت کيس اونو ۽ يادگيري رهندي هئي. هڪ دفعي سيد اڪبر، قادر بخش طالباڻي، رفيق جروار ۽ آئون زبيده ڪاليج وٽان پيادل سٽي گيٽ هوٽل طرف اچي رهيا هئاسين ته سامهون سائين محمد ابراهيم جويو گهر طرف وڃي رهيو هو، جيئن ئي سيد اڪبر ۽ قادر بخش طالباڻي تي نظر پيس ته گاڏي واري کي بيهاريائين ۽ اسان کي چيائين ته پاڻ سڀني کي يعني سنڌي ماڻهن کي هڪ ڏينهن ڌرتيءَ لاءِ ڪڍڻو پوندو، ڇو ته هن وقت سنڌ ڌرتي انتهائي سورن ۽ تڪليفن ۾ آهي. ياد رهي ته هي اهي ڏهاڙا هئا، جڏهن ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ لساني فساد عروج تي هئا. ان وقت ۳۰ سيپٽمبر وارو واقعو به تازو ئي ٿيو هو، ته اهڙي صورتحال ۾ به هو سنڌ لاءِ سوچيندو ۽ اداس ٿيندو رهندو هو. ايم آر ڊي تحريڪ دوران هدايت رسالي جو چيف ايڊيٽر هو، جنهن مختصر شايع ٿيل پرچن ۾ سنڌ بابت، جمهوريت بابت ۽ ايم آر ڊي جي تحريڪ بابت گهڻو ڪجهه شايع ڪيو. هن وقت هو اسان ۾ موجود نه آهي، پر سندس يادون موجود آهن، آئون اڄ جيڪو ڪجهه آهيان ان جي ڪري آهيان، ڇو ته لکڻ ۽ پڙهڻ جي معاملي ۾ وٽانئس ڪيتريون ئي ڳالهيون سکيون ۽ پرايون آهن. پاڻ سدائين نجي ڪچهرين ۾، ليڪچرز ۾ يا وري تقريرن ۾ ۽ تحريرن ۾ چوندو هو لکڻ لاءِ پڙهڻ ضروري آهي، توهان پڙهندا رهو، لکڻ پاڻيهي سکي ويندا. انهيءَ قسم جون هدايتون ۽ نصيحتون اڄ ڏينهن تائين اسان جن پتڪڙن ذهنن ۾ موجود آهن ۽ سندن ئي ٿورن توڙي ڪاوشن سان هي ٻه چار سِٽون لکڻ جي سگهه ساري سگهون ٿا. آئون اڄ سندس پهرين ورسيءَ جي حوالي سان سنڌ واسين کي هي اپيل ڪندس ته اهي سائين محمد ابراهيم جويي جون لکڻيون، تحريرون، ليڪچر وغيره سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکيڙين ته جيئن اسان جي سنڌ ۾ محبت، ٻڌي، اتحاد ۽ ايڪو قائم رهي سگهي ۽ سنڌ خوشحالي ماڻي سگهي. سندس ورسي جي حوالي سان ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ جي هي سِٽ ذهن ۾ تري اچي ٿي: ”ڪڏهن ڪڏهن ته سارجو“ سائين محمد ابراهيم جويي جا همعمر اديب، دانشور ۽ شاعر به پنهنجي طور تي سنڌ ۽ سنڌ واسين لاءِ گهڻو ڪجهه مواد ڇڏي ويا آهن، جن ۾ شيخ اياز، نياز همايوني، جمال ابڙو، پير حسام الدين راشدي ۽ ٻيا شامل آهن. اسان سنڌ واسين کي گهرجي ته ان دؤر جون لکڻيون ٻيهر پڙهون ۽ انهيءَ دؤر ۾ پنهنجي ڏاهن جي ڪيل تخليقن مان سبق پرايون. محمد ابراهيم جويو سندس شخصي ۽ فڪري تاريخ مدثر کهاوڙ اسان جي سونهاري سنڌ ڪيترا ئي دانشو، اديب، شاعر، مفڪر پيدا ڪيا آهن جن پنهنجي جوڀن جواني ۽ دنيا ڇڏڻ کانپوء به انهن جو نالو صدين تائين ياد ڪيو وڃي ٿو. شاعر، اديب، ليکڪ، مفڪر دنيا ڇڏي ته وڃن ٿا پر انهن جون يادون ۽ سماج ۾ ڪيل خدمتون وساري نٿيون سگهجن انهن مان اسان جي سنڌ جو ڏاهو محمد ابراهيم جويو صاحب به هڪ آهي. ناميارو عالم، اديب ۽ ڏاهو محمد ابراهيم جويو ۱۳ آگسٽ ۱۹۱۵ع تي اڳوڻي ضلعي دادوءَ (۽ هاڻي ڄامشوري) جي ڳوٺ ’آباد‘ ۾ هڪ هاريءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. ٽن سالن جو هو ته سندس والد محمد خان جويو، پهرين مهاڀاري جنگ بعد پکڙيل وڏيءَ بيماريءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. محمد ابراهيم جويي جو ننڍپڻ غربت ۾ گذريو، پر همت نه هاريندي، پرائمريءَ جا چار درجا ڳوٺ ۾ پڙهي، ۱۹۲۷ع ۾ اي. وي اسڪول سَن ۾ داخل ٿيو، جتي سائين جي ايم سيد جي مهربانين سان ٽي درجا انگريزي پڙهي، ۱۹۳۰ع ۾ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتائين. جتي چوٿين کان ستين درجي تائين پڙهيو، ان زماني ۾ ستون درجو مئٽرڪ شمار ٿيندو هو، هن ۱۹۳۴ع ۾ مئٽرڪ جي امتحان ۾ سنڌ مدرسة السلام مان ٻِي پوزيشن ماڻي ۽ ۲۰ رپيا ماهوار اسڪالرشپ حاصل ڪيائين. سنڌ مدرسي ۾ ان وقت علامه عمر بن محمد دائود پوٽو پرنسپال هو ۽ جويو صاحب سندس لائق شاگردن ۾ نمايان هو. جويي صاحب ۱۹۳۸ع ۾ ڊي. جي سنڌ ڪاليج مان بي. اي جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ کيس ڪاليج ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ۽ منگهارام ملڪاڻيءَ جهڙن استادن جي صحبت ۽ محبت حاصل رهي. ۱۹۴۰ع ۾ سنڌ مدرسي طرفان بي. ٽي ڪرڻ لاءِ بمبئيءَ جي ايس. ٽي ڪاليج پڙهڻ ويو، جتان موٽندي ئي کيس ۱۹۴۱ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ ’اسسٽنٽ ماسٽر‘ مقرر ڪيو ويو. محمد ابراهيم جويي زندگيءَ جو پهريون سنڌي مضمون ”پڃري جا پکي“ ۱۴ سالن جي عمر ۾ لکيو، سندس انگريزي ۾ پهريون مضمون Democracy in School Administration سال ۱۹۴۶ع ۾ سنڌ مدرسي جي مئگزين ’ڪرانيڪل‘ ۾ ڇپيو. سائين جي ايم سيد سندس پهريون تعليمي مددگار هو. هُو ٻن مفڪرن سائين جي ايم سيد ۽ ايم اين راءِ کان گهڻو متاثر هو، ۽ پهرين پارٽي جنهن ۾ شموليت ڪيائين، اها هئي ايم اين راءِ جيRadical Democratic Party . هُن ايم اين راءِ جي ڪتابHistorical Role of Islam جو سنڌي ترجمو ’اسلام جو تاريخي ڪارنامو‘ جي عنوان سان ڪيو. علمي زندگيءَ ۾ جويي صاحب سنڌ دوستيءَ جي راهه ۾ سرڪار جا عتاب ۽ ناراضگيون به برداشت ڪيون. ۱۹۴۷ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ پڙهائڻ دؤران هن هڪ ڪتاب ’سنڌ بچايو- کنڊ بچايو‘Save Sindh، Save the Continent from Feudal Lords، Capitalists and their Communalists لکيو، جنهن جي ڏوهه ۾ سنڌ مدرسي بورڊ جي صدر ۽ (تڏهوڪي وزير تعليم) سندس ملازمت ختم ڪرڻ جو حڪمنامو جاري ڪيو هو. جويي صاحب جي اهليت کي مڃيندي، ٺٽي ميونسپالٽيءَ جي چيئرمئِن موليڏني عباسيءَ کيس ميونسپل هاءِ اسڪول ٺٽي جو هيڊ ماستر ٿيڻ جي آڇ ڪئي، جتي ٻن سالن تائين ۲۰۰ رپيا پگهار تي پڙهايائين. بعد ۾ اهو اسڪول به سرڪاري تحويل ۾ ورتو ويو، جتان بدلي ٿي ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار مئن، حيدرآباد ۾ اسسٽنٽ ماسٽر طور فرض نڀايائين. ۱۹۵۱ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چونڊ سان ڪلاس ٻئين گزيٽيڊ آفيسر طور ”هاءِ پاور ايگزيڪٽو ڪاميٽي فار سنڌي لٽريچر“ جو سيڪريٽري مقرر ٿيو. ۱۹۵۴ع ۾ هاءِ پاور ڪميٽيءَ کي ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي نالي سان نئين سر تشڪيل ڏنو ويو، جتي ۱۹۶۱ع تائين سيڪريٽريءَ طور جانفشانيءَ سان ڪم ڪيائين. ان دوران جويو صاحب (۵۶-۱۹۵۵) ٻه سال بورڊ جي ٽماهي ’مهراڻ‘ جو ايڊيٽر به رهيو، جنهن دوران هُن جديد ادب جي وڏي سرپرستي ڪئي ۽ ’مهراڻ‘ جو اهو دؤر يادگار ليکيو وڃي ٿو. ۱۹۶۳ع کان ۱۹۶۷ع تائين هُو آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي پاڪستان ٽيڪسٽ بڪ بورڊ لاهور، ڪراچي، ڪوئيٽا ۽ حيدرآباد ۾ رهيو، ان عرصي ۾ پنج سال اعزازي طرح سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري پڻ رهيو. نومبر ۱۹۶۹ع ۾ ون يونٽ جي خاتمي جي اعلان بعد هُو سنڌ ۾ رجسٽرار ڊپارٽمينٽل ايگزئمنيشن، ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊيوڪيشن مقرر ٿي حيدرآباد ۾ آيو. پوءِ ۱۹۷۱ع ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جو ميمبر به ٿيو. هن ڪيترائي نصابي ڪتاب به لکيا. ۱۹۷۲ع ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر، بيورو آف ڪريڪيولم ائنڊ ايڪٽينشن سروسز سنڌ، حيدرآباد مقرر ٿيو، جتان آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي ۽ بعد ۾ سيڪريٽري سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ مقرر ٿيو ۽ ۱۲ آگسٽ ۱۹۷۳ع تي رٽائر ڪيائين. ابراهيم جويي جو سنڌي ادبي سنگت سان به ابتدا کان وٺي واسطو رهيو ۽ ۵۶-۱۹۵۴ واري دؤر ۾ سنڌي ادب ۽ ادبي سنگت جي ’نئين جاڳرتا‘Renaissance جو اهم اڳواڻ رهيو. هُو اڄ به سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد شاخ جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر آهي. ۱۹۷۳ع ڌاري هُن ڪجهه سڄاڻ اديبن سان گڏجي ”سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت“ نالي اداري جو بنياد وڌو، پاڻ ان جو صدر ٿيو ۽ ان ئي پليٽ فارم تان چاليهه کن ڪتاب چپائي پڌرا ڪيائين. ۱۹۷۳ع ۾ ”سنڌ فرينڊس سرڪل“ قائم ڪري، ان طرفان ۲۰ ڪتاب شايع ڪرايائين. سرونٽس آف سنڌ سوسائٽيءَ جو ۱۹۸۲ع کان وائيس پريزيڊنٽ رهندو اچي. پنهنجي دوست، نامياري ليکڪ سراج الحق ميمڻ جي تحرڪ ۽ سرپرستيءَ ۾ ’سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ‘ جو بنياد رکيائين، پاڻ ان جو وائيس چيئرمين ۽ مئنيجنگ ٽرسٽي آهي. سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ واري عاليشان عمارت سراج صاحب ٽرسٽ کي سونپي علم ۽ قلم دوستيءَ جو ثبوت ڏنو. هن ٽرسٽ جي ذريعي ليڪچرن جو سلسلو هلايو، جن ۾ اهم اديبن ۽ دانشورن ليڪچر ڏنا جن کي ڇپائي پڌرو ڪيائين. جويو صاحب ۱۹۹۷ع کان ۲۰۰۲ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمئن رهيو ۽ ۱۹۹۸ع کان هيل تائين، مختلف مرحلن ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس، مالي ڪاميٽي، پبليڪيشن ڪاميٽيءَ ۽ ادبي تحقيقي ڪاميٽيءَ جي ميمبر طور به ذميواريُون نڀائيندو اچي ۽ اٿارٽيءَ جي اسڪيمن ۾ مددگار رهيو آهي. جڏهن ۱۹۹۸ع ۾ شيخ اياز فائونڊيشن جو قيام عمل ۾ آيو ته کيس ان جو چيئرمئن مقرر ڪيو ويو. فائونڊيشن طرفان هن وقت تائين ڇهه ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا ويا آهن. ان کان علاوه پاڻ شيخ اياز چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي صلاحڪار بورڊ جو به ۲۰۰۰ع کان ميمبر رهيو آهي. ان کان سواءِ ٿياسافيڪل سوسائٽي، حيدرآباد جو وائيس پريزيڊنٽ پڻ آهي. جويي صاحب، سنڌ جي مهان شاعر شيخ اياز جي ڪيترن ڪتابن جا مهاڳ لکيا. ويجهڙائيءَ ۾ سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي پاران ڇپجندڙ شيخ اياز جي سموري شاعريءَ ۽ نثر جي ۲۲ جامع جُلدن جي سربراهي پڻ جويي صاحب کي ڏني وئي آهي، جنهن ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري تاج جويو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت نامياري اديب سراج جي لکيل اهم ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ (۱۹۶۴ع) جي مهاڳ لکڻ سان گڏ جويي صاحب سوين نوجوان اديبن ۽ شاعرن جي ڪتابن تي به مهاڳ لکيا آهن ۽ سنڌ ۾ ”مهاڳ نويسيءَ“ جي فن جو استاد ليکيو وڃي ٿو. هن دنيا جي ڪلاسيڪي ادب مان خاص ڪري فڪري، نظرياتي ۽ فلسفياڻي نوعيت جا ڪيترا ڪتاب ترجمو ڪري، سنڌي ماڻهن جي فڪري غربت جو خاتمو آڻڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. محمد ابراهيم جويي ڪيترن ئي ڪتابن جا ترجما ڪيا ۽ ڪيترائي ڪتاب لکيا جيڪي ڪجهه بيان ڪجن ٿا. (۱). اسلام جو تاريخي ڪارنامو: ايم. اين. راءِ جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۴۵ع)، (۲). Save Sindh، Save the Continent (۱۹۴۵)، (۳). ايميلي عرف تعليم: جي. جي روسي جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۶۹ع)، (۴). ٻارن جي تعليم: پليو ٽارچ جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۷۲ع)، (۵). وحشي جيوت جا نِشان ‘:هاوَرڊ موئر جي ڪتاب ‘Savage Survivals’ جو ترجمو، (۱۹۷۶ع)، (۶). سنڌي زبان جي بنيادي لغت: (وڌايل بنيادي لغت ۽ ڪاروباري بنيادي لغت)، (ساٿين سان گڏجي تيار ڪيل: ۱۹۷۶ع)، (۷). ’فِڪر جي آزادي ‘: اسٽيفن زويگ جي ڪتابThe Right to Heresy جو ترجمو، (جون ۱۹۷۷ع)، (۸). ’گليلو ‘:برنالٽ بريخت جي ڊراميLife of Galileo جو ترجمو (۱۹۷۷ع)، (۹). ’شاهه- سچل- سامي ‘:(۱۶۸۹-۱۸۵۰- هڪ مطالعو) (۱۹۷۸ع)، (۱۰). ’ٻارن جو مسيح ‘:اينڊ بلائٽن جي ڪتاب ‘Children’s Life of Christ’ جو ترجمو (۱۹۸۰ع)، (۱۱). ’ماڻهوءَ جو ڀاڳ ‘:(ناٽڪ، لوڪ ڪهاڻيون، شاعري وغيره) (۱۹۸۰ع)، (۱۲). ’عورتازاد‘ (عورتن جي تحريڪ آزادي ):ترتيب ۽ ترجمو(۱۹۸۳ع)، (۱۳). ’فلسفي جو ابتدائي ڪورس ‘:جارج پوليزر جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۸۴ع)، (۱۴). ’علم تدريس مظلومن لاءِ ‘:پائلو فراري جي ڪتاب ‘Pedagogy of the Oppressed’ جو ترجمو ۹۸۴ع)، (۱۵). ’مهڪريءَ جا مضمون ‘:(ترتيب، ترجمو ۽ پيش لفظ) (۱۹۸۳ع)، (۱۶). ’اسان جي ٻولي، اسان جي تعليم ‘:(ترتيب)، (۱۹۸۵ع)، (۱۷). ’فرينچ انقلاب ‘:ايميل ايرڪمن اليگزانڊر چيتريان جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۹۰ع)، (۱۸). ’مُٺِ مُٺ موتين جي ‘:(هفتيوار ’هدايت‘، حيدرآباد ۾ ڇپيل مواد مان چونڊ)، (۱۹۹۲ع)، (۱۹). ’هوءَ جا ٽمڪي باهڙي‘ (پهريون جلد ):مضمون ۽ ترجما (۱۹۹۵ع)، (۲۰). ’ادب- ٻولي- تعليم ‘:(هُوءَ جا ٽمڪي باهڙي‘، جلد ٻيو) (۱۹۹۸ع)، (۲۱). خط ٻن اديبن جا ‘:(عبدالقادر جوڻيجي ۽ محمد ابراهيم جويي جا خط) (۱۹۹۹ع)، (۲۲). ’ڳالهيون ڪتابن جون‘، ڀاڱو پهريون(۲۰۰۲ع)، (۲۳). ’خط ٻن اُستادن جا ‘:(محمد ابراهيم جويو ۽ غلام علي چنا) (۲۰۰۳ع)، (۲۴). ڳالهيون ڪتابن جون‘ (ڀاڱو ٻيو) (۲۰۰۳ع)، (۲۵). خط دوستن جا (جلد پهريون: پيار، نبارُ، اٿاههُ (ابن حيات پنهور ۽ محمد ابراهيم جويي جا خط) (۲۰۰۸ع)، (۲۶). Sindh Betrayed: Her Right to Redemption; Essays and Articles، Letters (1942-2003)، (2006). ان کان سواءِ سنڌيءَ ۽ انگريزيءَ ۾ ٻولين جي مسئلي، ون يونٽ جي خاتمي ۽ ڪراچيءَ جي عليحدگيءَ جي مسئلي، استادن، ڪريڪيولم، نصاب، ادب، سياست، شاهه لطيف، سنڌي سماج، چونڊن جي ڌار سرشتي ۽ شخصيتن تي خاڪا ۽ ٻين موضوعن تي سوين مضمون، ڪتابچا ۽ پترا لکيل ۽ ڇپيل اٿس. جن جي ذريعي هن سنڌ جي ٽن پيڙهين جي ذهني تربيت ڪئي آهي. جويي صاحب کي چئن پٽن ۽ ٻن نياڻين جو اولاد ٿيو، جن مان نيلوفر جويو ڪهاڻيڪار هئي. تازو مئي ۲۰۰۹ع ۾ سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي حڪومت سنڌ پاران پهريون ڀيرو محمد ابراهيم جويي جي مڃتا ۾ هڪ تقريب انڊس هوٽل حيدرآباد ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ثقافت ۽ سياحت جي صوبائي وزير، محترمه سسئي پليجو، سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر نثار احمد کهڙي سميت جويي صاحب جي شاگردن، مداحن ۽ اديبن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي جويي صاحب کي سنڌ جي سمورن ادبي، علمي ادارن ۽ يونيورسٽين پاران اوارڊ، شيلڊُون ۽ گلن جا تحفا ڏئي، سندس خدمتن جو اعتراف ڪيو ويو. جڏهن ته سنڌ ميوزيم، حيدرآباد ۾ ’ابراهيم جويو ڪارنر‘ پڻ قائم ڪيو ويو آهي. هو لاڏاڻي وقت صحافي ڪالونيءَ، حيدرآباد ۾ محمد ابراهيم جويو رهائش پذير هيو. محمدابراهيم جويي صاحب ۹ نومبر ۲۰۱۷ع تي پنهنجي گهر واقع صحافي ڪالوني حيدرآباد ۾ وفات ڪري پوري سنڌ سوڳوار ڪري ويو. محمد ابراهيم جويو لاء سنڌ اسيمبلي مان ٺھراءُ به پاس ڪيو ويو هيو ۽ محمد ابراهيم جويو جي ڪيل خدمتن کي پڻ ساراهيو ويو. اڄ سندس جي پهرين ورسي آهي جنهن ڪري سنڌ جي مختلف جڳهن تي محمد ابراهيم جويو کي ياد ڪري ڀيٽا پيش ڪئي ويندي. محمد ابراهيم جويو جسماني طور تي اسان کان ته جدا ٿي ويو آهي پر وسريو ناهي. سائين محمد ابراهيم جويو سنڌ جي اميدن جو اٽلس- ۲۰۱۹ مئي ۱۵ سڪندر گلاب سومرو جنهن ڏينهن کان ڪتابن کي پڙهڻ جو شوق جاڳيو، جتي سنڌ ڏيهه سان گڏ ڏيساور جي لکارين جا ڪتاب خريد ڪري پڙهڻ کي پنهنجي عادت بڻائي ڇڏي هئي سين، اتي سائين محمد ابراهيم جويي جا ڪتاب به، اسان جي ٽيبل جي زينت بڻجندا رهندا هئا. اسڪول جي زماني کان وٺي ڪاليج ۽ ڪاليج واري وقت کان يونيورسٽي ۾ داخل ٿيڻ ۽ يونيورسٽي ڇڏڻ تائين، سائين جي ڪتابن کي پڙهڻ پنهنجي لاءِ ضروري سمجهندا هئاسين. اسان اهو ڇو ضروري سمجهندا هئاسين ته، سائين محمد ابراهيم جويي جا ڪتاب ضرور پڙهڻ گهرجن؟ ان جا ڪيترائي سبب هئا. جن مان ڪجهه هيٺ بيان ڪجن ٿا. هڪ سنڌي هجڻ جي ناتي يونيورسٽي ۾ اسان جي سياست جو محور سنڌ هوندي هئي. سنڌ متعلق معلومات جو ذريعو يا ته سائين جي ايم سيد جا ڪتاب، شيخ اياز جا ڪتاب، ايم ايڇ پنهور جا ڪتاب يا وري سائين محمد ابراهيم جويو (سائين م ا جويو) جا ڪتاب، جيڪي اسانجي سياسي جدوجهد واري حلقه مطالعو (اسٽڊي سرڪل) ۾ اسان جي رهبري ۽ رهنمائي ڪندا رهندا هئا. سائين محمد ابراهيم جويو جي ڪتابن مان جيڪا معلومات، ڄاڻ ۽ علم اسان جهڙن نالي ماتر ڪامريڊن کي ملندي / ملندو هئو اسان کي هي احساس ڏياريندو هئو ته سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جو مستقبل اسان جي پنهنجن هٿن ۾ آهي. جيڪڏهن اسان پنهنجي ڌرتي ۽ ٻولي نه سنڀالي ته، اسان تاريخ ٿي وينداسين. مارڪيٽ ۾ اهڙا ڪتاب جيڪي سنڌي ۾ لکيل هجن ۽ انهن ۾ سنڌ متعلق مناسب ڄاڻ شامل هجي، نه هجڻ جي برابر هوندا هئا. جيڪڏهن ملي به ويندا هئا ته، انهن ڪتابن ۾ سنڌ جي تاريخ جي باري ۾ غلط معلومات ڏنل هوندي هئي يعني سرسري ڄاڻ جيڪا اسان جي ڪم جي بلڪل نه هوندي هئي. سڀ کان اهم ڳالهه ته سائين م ا جويو جا ڪتاب تمام گهڻو اتسائيندڙ هوندا هئا (آهن) ڪتاب کي جڏهن هٿ ۾ کڻبو هئو ته، جيسيتائين پڙهي پورو نه ڪندا هئاسين ڪتاب مان هٿ نه ڪڍندا هئاسين. سائين محمد ابراهيم جويو جا ڪتاب اسان کي هي موقعو مهيا ڪري ڏيندا هئا ته اسان جي سياست جو مرڪز هميشهه سنڌ ئي رهي ۽ اهي سندس هي ڪتاب ئي آهن جو سنڌ سان محبت اڄ به قائم ۽ دائم آهي. سائين محمد ابراهيم جويو جي ڪتابن مان اسان کي هي درس ۾ مليو ته، ڌرتي ۽ ٻولي جي خدمت ڪرڻ لاءِ ضروري ناهي ته، ماڻهو سياست کي پنهنجو پيشو يا عادت يا مجبوري بڻائي ڪري. هن کان علاوهه به کوڙ سارا اهڙا شعبا آهن جن جي وسيلي اسان ڌرتي ۽ ٻولي جي خدمت خوب ڪري سگهون ٿا. جنهن جو وڏو مثال سائين پاڻ آهي. آخري پر، نه حتمي، سائين جا ڪتاب ترقي پسند ادب جا شاهڪار، روشن خيالي جا مينار ۽ پنهنجي مسئلن کي عقليت ۽ سائنسي بنيادن تي حل ڪرڻ جو درس ڏيندا هئا. هي به حقيقت آهي ته، انسان فطرتي طور تي انهن شين ڏانهن گهڻو راغب ٿئي ٿو جنهن سان هن جو ثقافتي تعلق هجي ٿو. ٻولي پنهنجي هڙني لهجن سميت، ڌرتي، ڌرتي تي موجود وڻ ٽڻ، نديون، درياءَ، سمنڊ، هوائون، پهاڙ، واديون، فصل، ريتون رسمون، ڪاڄ ، رانديون، ميلا ملاکڙا، ڍنڍون ۽ ڍورا، موسمون، آبهوا، ماحوليات ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه جيڪو ان ڌرتي تي موجود هجي ٿو ان سان انسان جو جيڪو رشتو جڙي ٿو اهو ڏاڍو مضبوط هجي ٿو. انسان جو پنهنجي ڌرتي سان لاڳاپيل هرشيءِ سان جذباتي لڳاءُ هجي ٿو اهوئي سبب آهي جو سائين م ا جويو سئو سال به جيئي ٿو ته، ڪٿي به ڪنهن به مهل پنهنجو رشتو پنهنجي ڌرتي سان ٽوڙي نٿو پر، هو ان لاءِ هر نئين آئي ڏينهن نوان خواب ڏسي ٿو، پنهنجي وطن جي انهن ماڻهن کي مخاطب ٿئي ٿو جن جي هٿن ۾ وطن جي قسمت هجي ٿي ۽ ايندڙ نسل جو مستقبل هجي ٿو پنهنجي هڪ پمفليٽ ۽ خط وسيلي (۲۵ جون ۱۹۴۷ پاڪستان جي ٺهڻ کان تقريبن ڏيڍ مهينو اڳ) خبردار ڪري رهيو آهي ته، توهان هوشيار ٿيو، تاريخ هر قوم کي زندگي ۾ صرف هڪ موقعو ڏئي ٿي. انگريز (۱۹۴۷- ۱۶۱۲ مجموعي عرصو ۳۳۵ سال، ۱۶۱۲–۱۷۵۷ دوران ايسٽ انڊيا ڪمپني طور، ۱۷۵۷-۱۸۵۸ دوران ڪمپني جي حاڪميت طور ۽ ۱۸۵۸-۱۹۴۷ دوران براه راست برطانوي راڄ طور) هتان ٽپڙ گول ڪري رهيا آهن، ننڍي کنڊ جو ورهاڱو ٿي رهيو آهي ۽ ٻه ملڪ ٺهڻ وڃي رهيا آهن توهان ڪنهن جي به پاسي نه وڃو پر، پنهنجي سنڌ ڌرتي کي هڪ آزاد ملڪ جي حيثيت ۾ بحال ڪرڻ جي لاءِ سوچيو ڇو ته، سنڌ هميشهه هڪ آزاد پرڳڻو رهي آهي. اڄ قسمت جي ديوي توهان جي در تي ٺڪ ٺڪ ڪري رهي آهي. ٻيلي ڏاها ٿيو اهڙو فيصلو نه ڪيو جو سنڌ جو آئيندو هميشهه جي لاءِ اونداهو ٿي وڃي. پنهنجي ڪتابچي “سنڌ بچايو کنڊ بچايو” (وڏيرن کان، سرمائيدارن کان ۽ انهن جي فرقيواريت کان) جي عنوان هيٺ نوجوان ابراهيم ۽ سنڌ رنيئزنز ايسوسئيشن (سنڌ سجاڳي انجمن) جي اعزازي سيڪريٽري جي حيثيت ۾ پنهنجي ان ساڳي ڳالهه کي ورجائي رهيو آهي بقول شبير نظاماڻي جي “جڏهن اهو فيصلو ٿي چڪو هو ته ننڍي کنڊ جو ورهاڱو ٿيندو ۽ ان مان ٻه ملڪ هندستان ۽ پاڪستان جنم وٺندا. ان وقت جي سنڌ اسمبلي ۶۰ ميمبرن تي مشتمل هئي جنهن ۾ اڪثريت مسلمان ميمبرن جي هئي. هي ڪتابچو انهن ۽ ٻين اسمبلي ميمبرن لاءِ لکيو ويو هو ته جيئن انهن کي خبردار ڪري سگهجي ته اهي جنهن اسمبلي جا ميمبر آهن ان تي تاريخ هڪ اهم بار وجهي ڇڏيو آهي. جيڪڏهن انهن اهو وزن تاريخي سمجهه ۽ ڏاهپ جي آڌارا تي نه کنيو ته سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻهو هڪ غلامي جي کاهي مان نڪرڻ بدران ان کاهي ّذريعي ٻي کڏ ۾ وڃي ڪرندا جتان انهن جو نڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو”. (ص ۱۰، روزاني سنڌ ايڪسپريس، حيدرآباد، ۱۰ نومبر، ۲۰۱۷). سوال ٿو پيدا ٿئي ته سائين م ا جويو هي سڀ ڳالهيون ڇو، ڇالاءِ ۽ ڪنهن لاءِ ڪري رهيو هيو؟ نوجوان ابراهيم کي آخر هي الڪو ڇو اچي لڳو هو ته، تاريخ اسان کي پاڻ موقعو ڏئي رهي آهي پر اسان جي پنهنجي سنڌ اسمبلي جا ميمبر مذهب جي الائي ڪهڙي عشق ۾ مبتلا آهن جو هنن کي سندس جي ڳالهه سمجهه ۾ ڪونه ٿي اچي. تاريخ، فلسفي ۽ ڏاهپ جي شاگرد جي حيثيت سائين کي اهو خطرو نظر اچي رهيو هيو ته، هن خطي جنهن تي پاڪستان ٺهي رهيو آهي ان خطي ۾ پنجاب هڪ اهڙو علائقو آهي جنهن جو نه ته ڪو اصول آهي ۽ نه هن جو ڪو دين ايمان سان واسطو آهي. رنجيت سنگهه جي دور کان وٺي سنڌ تي ڪاهون ٿينديون رهيون آهن پر هر ڀيري هنن کي ناڪامي پلئه پئي آهي. پنجاب جي نظر سنڌ تي آهي ۽ مذهب جي آڙ ۾ ٺهندڙ هن نئين رياست جا اثرات تمام گهڻو اگرا نڪرندا! سائين هنن کي سمجهائي رهيو هيو ته، مذهب بهانو، نئون ملڪ پاڪستان آستانو ۽ سنڌ نشانو آهي. پر افسوس سنڌ اسمبلي جي ميمبرن اهوئي ڪجهه ڪيو جنهن جو انديشو هو. سائين محمد ابراهيم جويو کي نوجوان ۽ هڪ شاگرد سمجهي هن جي ڳالهه ۽ ڏاهپ تي ڪو ڌيان نه ڌريو ويو پر تاريخ ڏاڍي بي رحم آهي ان بي رحم تاريخ ثابت ڪيو ته، سائين محمد ابراهيم جويو جيڪو ڪجهه پنهنجي هڪ ننڍڙي پمفليٽ ۽ ڪتابچي ذريعي چيو ۽ لکيو اهو سچ ثابت ٿيو. تاريخ هميشهه کان ڏاهن سان دوستي رکندي آئي آهي ۽ ان دوستي جي نتيجي ۾ ڏاهن به هن سان خوب نڀايو آهي. اها ڏاهپ ئي آهي جيڪا هڪ سوچيندڙ انسان کي نه صرف سوال ڪرڻ سيکاري ٿي پر، هن جي ارد گرد ٿيندڙ مظهرن تي سوال پڻ اٿارڻ لاءِ اڀاري ٿي ۽ هڪ ڏاهو انسان جڏهن ارد گرد ٿيندڙ عجيب و غريب حرڪتن، انيائن ۽ ڏهڪائن جيڪي يا ته خدا جي نالي تي ٿي رهيون هونديون آهن يا پنهنجي اڻڄاڻائي جي سبب ماڻهو لٽجي ۽ ڦٽجي رهيا هوندا آهن انهن تي سوال اٿاري ٿو ته، معاشري ۾ هن خلاف باهه ٻري وڃي ٿي، طرح طرح جا القاب، تحمتون ۽ الزام لڳايا وڃن ٿا ايتري تائين جو ان سوال ڪرڻ واري جي ايمان تي شڪ ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪفر جون فتوائون صادر ڪيون وڃن ٿيون. سائين م ا جويو جڏهن سنڌ کي پنهنجو اهو سماج موٽائي ڏيڻ جي ڳالهه ڪري ٿو جيڪو اصل ۾ سنڌ جي سڃاڻپ هئي ۽ ان لاءِ هو ڪتاب “سيڪيولرازم ۽ عقليت پسندي” لکي سنڌ جي نوجوانن کي مخاطب ٿئي ٿو ۽ وهمن، وسوسن، توهم پرستي، انڌي عقيدي پسندي کي ننديدي هو سنڌ جي نوجوانن کي مخاطب ٿيندي چئي رهيو آهي ته توهان پنهنجي هر مسئلي کي عقل ۽ علم جي بنياد تي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو نڪي ڪنهن لولي لنگڙي ملي جي چوڻ تي ڦيڻا پڙهائي بيمارين کي ڀڄايو، گهرو اڻبڻتن تي بيبن کان تعويذ نه وٺو پر ڏاهپ ئي اها شئي آهي جنهن کي ساڻ کڻي توهان پنهنجا کوڙ سارا مامرا، معاملا ۽ مسئلا خود به خود حل ڪري سگهو ٿا.. جامي چانڊيو بطور هڪ ايڊيٽر لکي ٿو، “پنجاهه ۽ سٺ جي ڏهاڪي ۾ هتي به اوهام پرستي جي مقابلي ۾ عقليت پسندي جا لاڙا متعارف ٿيڻ شروع ٿيا. سنڌ ۾ اهڙا روشن خيال عنصر اڀري رهيا هئا جن جي بنيادي تربيت ۱۶هين صدي کان ۱۹هين صديءَ جي ان نئين سجاڳي جي فڪر منجهان ٿي هئي ۽ نتيجي ۾ انهن سنڌ ۾ دنيا جي اڳتي وڌي ويل سائنسي شعور کي متعارف ڪرائڻ شروع ڪيو. سنڌ ۾ ان نئين سجاگي جي سفر جو پهريون امين م ا جويو هو”. (ص ۸-۹، ڪتاب سيڪيولرازم ۽ عقليت پسندي، ڇاپو ٽيون، سال ۲۰۱۴، از م ا جويو). جڏهن هن ڪتاب جو واهپو وڌي ٿو ۽ ماڻهو هن ڪتاب کي پڙهڻ شروع ڪن ٿا ته هن خلاف واويلا وڌي ٿي. هو جڏهن مذهب جي نالي تي هلندڙ دڪانداري کي نندي ٿو ته هن خلاف هي آواز اٿن ٿا ته، هو سنڌ ۾ انتشار پکيڙي رهيو آهي ۽ نوجوانن کي مذهب کان ڏور ڪري رهيو آهي. جامي چانڊيو پنهنجي ان ساڳي ڳالهه جي سلسلي کي اڳتي وڌائيندي لکي ٿو، “۽ ڇاڪاڻ ته سندن بنيادي جهيڙو آهي ئي عقل، سائنسي علم، دليل ۽ مادي شعور سان، ان ڪري سندن نشانو به اهڙا ماڻهو، قدر ۽ رجحان آهن جيڪي تاريخ، فطرت ۽ سماج جي مادي شعور جي ترجماني ڪن ٿا. هڪ رسالي (نام نهاد) “بيداري” ۾ هڪ اهڙي ئي صاحب (محمد موسى ڀُٽي) طويل مضمون لکي پنهنجيءَ پر ۾ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته سنڌي سماج جي هن پست حالي جو سبب سائنسي ۽ مادي فڪر جي ترويج آهي ۽ ان سڄي “ڏوهه” جو “ذميوار” جويي صاحب کي قرار ڏئي کيس “مجرم” جي لقب سان مخاطب ڪيو آهي. جويو صاحب جا ڪيترائي اهڙا ڪتاب، مضمون، ڪالم، ليڪچر ۽ لکڻيون آهن جن کي پڙهڻ کانپوءِ انسان سوچڻ تي مجبور ٿئي ٿو. هو جڏهن هي سوچي ٿو ته، ڪاش سنڌ وطن ۾ امن هجي، بهاري هجي، سماجي انصاف هجي ته هو جويو صاحب جو ڪتاب “سنڌ جا مون سپنن ۾ سوچي” کڻي پڙهڻ شروع ڪري ٿو. هو جڏهن هڪ تعليمي ماهر، تعليمي منتظم يا استاد هجي ٿو ۽ پنهنجي کيتر ۾ تعليم کي سڌارڻ جا سانڀاها ڪري ٿو ته هو سائين پاران ترجمو ڪيل ڪتاب “تعليم جو مسيحائي ڪردار” پڙهي ٿو، هو جڏهن فڪر ۽ ڏاهپ جي ڳالهه ڪري ٿو ته هن سامهون سائين جو ڪتاب “فڪر جي آزادي” پيو آهي، هو جڏهن اخلاق جي دائرن ۾ رهندي صحيح ڇا آهي، غلط ڇا آهي گناهه ۽ ثواب جو تصور ڪيتري قدر مذهبي آهي، ڪيتري قدر سماجي يا ضرورت آڌار آهي. ماڻهو ڏوهه ۽ ڊوهه ڇوٿو ڪري، هو جيڪڏهن چڱو آهي ته پنهنجي نظر ۾ ۽ جيڪڏهن برو يا خراب آهي ته ٻين جي نظر ۾، ائين ڇو آهي. انسان ۽ حيوان جو تعلق پنهنجو پاڻ سان، معاشري سان ڪيتري قدر منطقي آهي؟ هنن ۽ اهڙن کور سارن سوالن جي جوابن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ جويو صاحب جو ڪتاب “وحشي جيوت جا نشان” پڙهي ٿو. جويو صاحب نه ڪنهن تعارف جو محتاج هيو ۽ نه ئي هن کي ڀيٽا يا مڃتا جي ضرورت آهي. جويو صاحب ته خود هڪ تعارف آهي روشن خيالي جو، شعور جو، علم ۽ عقل جو ۽ هڪ صدي جي عرصي دوران سندس ڪيل ڪم هن کي خود ڀيٽا ڏئي رهيو آهي، مڃتا ڏئي رهيو آهي. ضرورت آهي ته بس هن ڳالهه جي ته حڪومت هن جي قومي پورهيي کي دنيا جي مختلف ٻولين ۾ ترجمو ڪرائي ڏيهان ڏيهه روشناس ڪرائي ۽ هي ٻڌائي ته، دنيا ۾ هڪ خطو اهڙو به آهي جنهن کي سنڌ چون، ۽ جڏهن دنيا وارا هي پڇا ڪن ته سنڌ جا ماڻهو پنهنجن ڏاهن سان ايترو گهڻو پيار ڇوٿا ڪن ته جواب هي هجڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته اسان جا ڏاها سنڌ سان بي پناهه پيار ڪن ٿا. سنڌ جي نوجوانن، علم و ادب سان واسطو رکندڙ ادڙن ۽ ادڙين، سياسي و سماجي ڪارڪنن سماج سڌارڪ تنظيمن، اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽي ۾ درس ۽ تدريس سان واسطو رکندڙ، پڙهندڙ شاگردن، فنونِ لطيفه، آرٽ، موسيقي ۽ فلمڪاري، ناٽڪ نويسي سان لاڳاپيل دوستن ۽ سنڌ اسمبلي (سنڌ راڄ سڀا) ۾ سنڌي عوام جي ووٽ تي چونڊجي آيل ميمبرن وٽ جيڪڏهن سنڌ کي بهتر بڻائڻ جا خواب آهن، منصوبا ۽ رٿائون آهن، سنڌي عوام کي بنيادي سهولتون مهيا ڪري ڏيڻ جا قول اقرار آهن ته پوءِ توهان سڀني کي سائين محمد ابراهيم جويي جي ڪتابن کي پڙهڻ گهرجي ۽ پنهنجن خوابن، منصوبن ۽ رٿائن ۽ قول اقرارن کي سائين جي خوابن، منصوبن ۽ رٿائن سان سلهاڙي ڏسو ۽ عمل ڪري ڏسو يقين ڄاڻو توهان کي ڪاميابي ضرور ملندي اهو انهيءَ ڪري ٿو چوان ڇاڪاڻ ته سائين محمد ابراهيم جويو سنڌ جي اميدن جو اٽلس آهي ۽ جيڪدهن اسان سڀئي ملي ڪري هي فيصلو ڪيون ته ٻيلي گهڻو ٿيو هاڻي اسان جو حدف سنڌ جي بهتري ۽ عوام کي مناسب پر بنيادي سهولتون يقينن سندن چاٺ تي مهيا ڪري ڏنيون وينديون ته اسان هڙئي نه صرف سنڌ جا معمار ثابت ٿينداسين پر اسان هڪ نئين تاريخ رقم ڪنداسين. هڪ سهڻي سنڌ من مهڻي سنڌ. ابراھيم جويو صاحب جون يادون ڊاڪٽر آزاد قاضي نامور عالم محمد ابراهيم جويي صاحب سان هون ته ڪيتريون ئي يادون وابسته آهن پر هتي يوسف جي خريدارن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ٻه چار ڳالهيون پيش ڪجن ٿيون. ۲۰۰۳ع ۾ سائين جي ايم سيد جي ۱۰۰ سالا جشن ملهائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو ته ان ۾ جويي صاحب مکيه صلاحڪار هو. سمورا پروگرام سندس صلاح سان ٿيا. ايتري قدر جومختلف عالمن کان سيد جي حوالي سان ڌار ڌار عنوانن تي مقالا لکرائڻن واري اهم رٿا پڻ پاڻ تيار ڪرايائين. ان سلسلي ۾ جويي صاحب سان جيڪي لاڳيتيون ملاقاتون ٿيون انهن ۾ اهو خيال آيو ته جويي صاحب ۽ سائين جي ايم سيد جي خط وڪتابت کي ڪتابي شڪل ۾ اچڻ گھرجي. ٿيو ائين ته هڪ ڏينهن جويي صاحب سان ڪچهري ڪندي سامهون ريڪ تي رکيل فائيلن تي نظر پئجي وئي جن مان هڪ تي لکيل هو سائين جي ايم سيد جا خط!. منهنجي ذهن ۾ هڪ دم ڪتاب تيار ڪرڻ جو خيال آيو. جويي صاحب کان اجازت وٺي، اهو فائيل کڻي ويس ۽ سائين جي ايم سيد جي لائبريري مان جويي صاحب پاران سيد کي لکيل خطن جي ڳولا ڦولا ۾ لڳي ويس ڪتاب تيار ڪرڻ جي سلسلي ۾ چونڊ ترتيب کان وٺي هر عمل تائين جويو صاحب جو تعاون رهيو. ايتري قدر جو مون جڏهن کيس مواد لاءِ مهاڳ طور ڪجھه لکي ڏيڻ لاءِ چيوته پاڻ مون ڏانهن شفقت واري نظر سان ڏسندي چيو هيائين ته ڀاءُ اوهان ئي ٻه اکر لکي وٺو اها ڳالهه مون لاءِ وڏو اعزاز هئي تڏهن مون اهو مهاڳ لکي جويي صاحب کي ڏيکاريو. ڪتاب سندس ان رهبري ۾ تيار ڪري ورتو مواد جي ترتيب وقت جويي صاحب جي پاران اخترڪاڪي پوٽي جي نالي ۾ لکيل هڪ مضمون “انقلابي مُلي جو سياسي پوسٽمارٽم” جو ذڪر آيو ته کين گذارش ڪيم ته هاڻِ ته اهو اوهان جي نالي ۾ شايع ٿيڻ گھرجي پاڻ منهنجي ان راءِ سان سهمت ٿيندي کلي نه رڳو اجازت ڏنائين پر ان تي موجوده نئون نالو به پاڻ ئي تجويز ڪيائون، اهو مضمون ڪتاب ۾ شامل آهي. ڪتاب جي عنوان تي صلاح پئي ڪئي سون ته پاڻ، سڏ پڙاڏو نالو تجويز ڪيائين ان تي مون کين اها ياد دهاني ڪرائڻ چاهي ته ڪيرت ٻاٻاڻي جو ڪتاب پڻ اهڙي نالي سان آهي، تڏهن پاڻ چيائين ته ان عنوان جو ٻيو مطلب آهي. پنهنجي نالي جو مفهوم اهو آهي ته سيد سنڌ جو سڏ آهي ۽ جويو ان جو پڙاڏو آهي . جويو صاحب سنڌي قوم جي وسيح تر اتحاد جو وڏو شيدائي ۽ خواهش مند هو ڪيئي ڀيرا ڪچهرين دوران اهو اظهار ڪيائين ته سنڌ جون سياسي ڌريون مڪمل طور گڏجي جدوجهد ڪرڻ واري مرحلي تائين پهچن ئي پهچن ان کان اڳ جيڪڏهن اهي سڀ هڪ جاءِ ويهي گڏجي چانهه جو ڪوپ پي اٿن تڏهن به پنهنجن توڙي پروان تي اها ڳالهه وڏو اثر ڇڏيندي. سندس اها خواهش ئي هئي جنهن ڪري ٻه ڀيرا سنڌ جي وسيح تر اتحادن لاءِ ٿيندڙ ڪوششن ۾ پاڻ سرگرمِ عمل رهيو. هڪڙو سائين جي ايم سيد جي سربراهيءَ ۾ ٿيندڙ اتحاد ۽ ٻيو ممتاز علي خان ڀٽي جي سربراهيءَ ۾ ٿيندڙ اتحاد. سائين جي ايم سيد سان ته سندس ننڍ پڻ کان لنوَ لڳل هئي پر ممتاز علي ڀٽو جيڪو نه رڳو نالي چڙهيو وڏيرو هو پر پوءِ هٿ ٺوڪيو سردار به ٿي ويو، جويي صاحب جهڙي سوشلٽ خيال رکندڙ دانشور سنڌ جي وسيح تر مفاد لاءِ سڀ ڳالهيون درگذر ڪري ان جي سربراهيءَ ۾ به ڪم ڪيو. سندس اها ايمانداري ۽ سچائي اهڙن پاڻ پڻي جو شڪار سياست بازن لاءِ بهترين سبق آهي جيڪي ڳالهيون ته اتحاد جون ڪندا آهن پر عمل ۾ ايندڙ وسيح تر اتحادن ۾ هي وڏيرو آهي ۽ ڦلاڻو وڏيرن جو ساٿاري آهي، جهڙيون فتوائون ڏيئي ڦيٽاري وجھڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. سنڌ ۾ ڊگھي عرصي کان هتان واري سياسي وايو منڊل ۾ سنڌ جي حيثيت واري تعين واري حوالي سان بحث هلندا پئي آيا آهن جنهن جي نتيجي ۾ نوان اتحادي، نوان دوست ۽ مخالف واريون صفون ٺهنديون ۽ ڊهنديون رهيون آهن. اهو هڪ فطري عمل آهي ان سموري مهي ولوڙڻ ۾ ۱۹۴۰ وارن قراردادد جو بار بار ذڪر ٿيندو پئي رهيو آهي، هڪ طرف حڪمران قوتن به مختلف حوالن سان سوچڻ شروع ڪيو آهي ته ٻئي طرف اڳ انقلاب جون دعوائون ڪندڙ ۱۹۴۰ واري قرارداد سان ڪلهو هڻڻ لاءِ پنهنجي پنهنجي جماعتن جا نشان جهڙوڪ جهنڊا ۽ نارا تبديل ڪري ميدان ۾ لٿا آهن. ڪير ڪٿي ٿو بيهي، ڪهڙي ٿو سياست ڪري اهو هر ڪنهن کي حق آهي پر اهو ڪنهن کي به اختيار ڪونهي ته هو پنهنجون من پسند ڳالهيون ٻين سان لاڳو ڪري. تازو جويي صاحب بابت مضمون لکندي هڪ اهڙي سياست ڪار جيڪو ڦيريون کائڻ ۾ مشهور آهي، لکيو آهي ته: “جويي صاحب حيدرآباد ۾ ٿيل هڪ تقريب ۾ اظهار ڪيو ته ۱۹۴۰ع واري ٺهراءَ جو مقصد قومي وحدتن جي آزاد ۽ خودمختيار Sovereign and Autonomous حيثيت هو”. اها ڳالهه ان مهربان حسب معمول اڌوري، اڻپوري ۽ پنهنجي من پسند پيش ڪئي آهي جنهن جو بنياد ان ٻڌ سڌ واري معلومات تي آهي جيڪا کيس پنهنجي موڪليل نمائندي کان ملي سگھي. ان پروگرام ڪرائڻ ۾ منهنجو وڏو عمل دخل هو اهو پروگرام ڪنهن سياسي جماعت جو نه پر جي ايم سيد فائونڊيشن جو ڪرايل هو ان موقعي تي جويي صاحب ۱۹۴۰ واري قرارداد کي اهميت ڏيڻ ۽ ان تي ڳالهائڻ بجاءِ پنهنجو اڳ شايع ڪرايل مضمون “پاڪستان جو ٺهراءُ جيئن اهو ۳ مارچ ۴۳ تي سنڌ ليجسليٽو اسيمبليءَ ۾ بحث هيٺ آيو” فوٽو اسٽيٽ ڪرائي کڻي آيو هو. ۱۹۴۰ع جي قراردات جو مختصر ذڪر ڪرڻ بعد سائين جي ايم سيد جي ان مان مطمئن نه هئڻ جو ذڪر ڪندي ۱۹۴۳ع واري نئين سر پاس ڪرايل قرارداد بابت اهو ڇپيل پيپر پڙهيو هيائين جيڪو سندس ڪتاب سڏ پڙاڏو کان سواءِ ٻين به ڪيترين جاين تي شايع ٿيل آهي. محمد ابراهيم جويو مون سي ڏٺا ماءُ ڊاڪٽر دُر محمد پٺاڻ جناب محمد ابراهيم ولد محمد خان جويو ۱۲ آگسٽ ۱۹۱۵ع تي ڳوٺ آباد ۾ ڄائو، ابتدائي چار درجا ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهڻ کان پوءِ لڪيءَ جي اسڪول ۾ داخل ٿيو ۽ اتي ڇهين درجي سنڌيءَ تائين تعليم ورتائين. انگريزي تعليم ”اي وي اسڪول“ سن ۽ ”سنڌ مدرسي“ مان ورتائين. سال ۱۹۳۴ع ۾ مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ جويو صاحب ”ڊي جي سنڌ ڪاليج“ ڪراچي ۾ داخل ٿيو، جتان ۱۹۳۸ ع ۾ بي اي ڪيائين. گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ جويي صاحب ”سنڌ مدرسي“ ۾ استاد جي حيثيت سان پنهنجي ملازمت جو آغاز ڪيو. انهي ئي ملازمت دوران ۱۹۴۰ع ۾ بمبئي مان بي ٽي جو امتحان پاس ڪري آيو. ورهاڱي کان ڪجهه وقت ”سنڌ کي بچايو، ننڍي کنڊ کي بچايو“ نالي انگريزي ۾ ڪتاب لکيائين. وطن دوستيءَ جي انهيءَ جذبي پنهنجي ملازمت تان هٿ کڻايا. ورهاڱي کان پوءِ ۱۹۴۸ع ۾ جويو صاحب “ميونسپل هاءِ اسڪول” ٺٽي جو هيڊ ماستر ٿيو .جڏهن وقت جي سرڪار انهيءَ اسڪول کي تحويل ۾ ورتو کيس “ٽرينگ ڪاليج فارمين”حيدرآباد ڏانهن بدلي ڪيو ويو، جتي ۱۹۵۱ع تائين ڪم ڪيائين. انهيءَ کان پوءِ مارچ ۱۹۵۴ کان وٺي فيبروري ۱۹۶۱ع تائين “سنڌي ادبي بورڊ” جو سيڪريٽري ٿي رهيو. فيبروري ۱۹۶۱ع ۾ کيس حيدرآباد ريجن جي تعليمي ڊائريڪوٽريٽ ۾ پبليڪيشن آفيسر مقرر ڪيو ويو. جنهن کان پوءِ نومبر ۱۹۶۲ع ۾ “اولهه پاڪستان ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۾ آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي مقرر ٿيو. ۱۹۶۳ع کان آگسٽ ۱۹۶۷ع تائين انهيءَ بورڊ جي حيدرآباد، ڪراچي ۽ ڪوئٽيا ريجن جو انچارج ٿي رهيو، ۽ ساڳي ئي وقت ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي اعزازي سيڪريٽريءَ جي حيثيت سان به ڪم ڪيائين. ان کان پوءِ ”گورنمنٽ هاءِ اسڪول جيڪب آباد“ جو هيڊ ماستر ۽ مارچ ۱۹۶۸ع کان نومبر تائين ”گورنمينٽ ٽرينگ ڪاليج ڪوهاٽ“ جو پرنسپال ٿي ڪم ڪيائين. تنهن بعد سيپٽمبر ۱۹۷۰ع تائين حيدرآباد ريجن جي تعليمي ڊائريڪٽريٽ ۾ “کاتي جي امتحانن” جو رجسٽرار مقرر ٿيو. ان کان پوءِ جنوري ۱۹۷۱ع تائين تعليم کاتي جو ڊپٽي ڊائريڪٽر، آگسٽ ۱۹۷۱ع تائين ”سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ“ جو سيڪريٽري، سيپٽمبر ۱۹۷۱ع کان جولاءِ ۱۹۷۲ع تائين خيرپور ڊويزن ۾ اسڪولن جو انسپيڪٽر ۽ ان کان پوءِ ٻن مهينن لاءِ “ايڊيوڪيشن ايڪسٽيشن” جو ڊپٽي ڊائريڪٽر ٿي رهيو. آخر ۾ ۲۱ آگسٽ ۱۹۷۳ع تي “سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ” جي آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي جي عهدي تان رٽائر ڪيائين. جويي صاحب سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جا دل تي گهڙا ڀريا آهن. کين هڪ “استاد-اديب” جي حيثيت حاصل آهي، هن دور جا ڪتيرائي نامور اديب ۽ شاعر سندس نظرياتي تربيت جي رنگ ۾ ورتل آهن. هن صاحب ڀريا پندرهن سال “سنڌي ادبي بورڊ” جي خدمت ڪئي آهي، ۽ سندس دور جي “سنڌي ادبي بورڊ” جي ڪارڪردگي اڄ به مثال جي حيثيت رکي ٿي. سندس ئي ڪوشش سان “سنڌي ادبي بورڊ” ٻارڙن لاءِ” گل ڦل” رسالو جاري ٿيو. ان کان سواءِ پاڻ ۱۹۵۵ع کان ۱۹۵۶ع تائين ٽه ماهي “مهراڻ” جو ايڊيٽر به ٿي رهيو. جويي صاحب جي ڪوششن سان ۱۹۶۴ع ۾ “سنڌي اديبن جي ڪو آپريٽو سوسائٽي” قائم ٿي، جنهن طرفان سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي تعريف جوڳي خدمت ٿي رهي آهي. جويو صاحب نه رڳو تعليم جو ماهر ۽ اشاعتي مسئلن جي ڄاڻو جي حيثيت رکي ٿو، بلڪ سنڌي علم ادب جي دنيا ۾ اديب جي روپ ۾ به ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. پاڻ ڪجهه شاعري به ڪئي اٿس، ليڪن شاعر کان وڌيڪ مترجم ۽ ليکڪ جي حيثيت سان مشهور آهن. سندس لکيل توڙي ترجمو ٿيل ڪتابن جو وچور هن ريت ٿئي ٿو. “ايملي عرف تعليم“ (تعليم- ۱۹۵۰)، “گل” (تربيت -۱۹۵۶)، “سنڌي پهريون ڪتاب“ (نصابي ڪتاب -۱۹۶۰)، “آسان سنڌي پهريون ڪتاب” (نصابي ڪتاب -۱۹۶۱)، “تاريخ پاڪستان” (تاريخ- ۱۹۶۲)، “سنڌي چوٿون ڪتاب“ (نصابي ڪتاب- ۱۹۶۲)، “سنڌي پرائيمري“ (نصابي ڪتاب- ۱۹۶۲)، “سنڌي ڇهون ڪتاب” (نصابي-۱۹۶۶)، “سنڌي چوٿون ڪتاب” (نصابي ڪتاب- ۱۹۶۷)، “سنڌي پنجون ڪتاب” (نصابي ڪتاب-۱۹۶۷)، “سنڌي ڇهون ڪتاب” (نصابي-۱۹۶۷)، “سنڌي ستون ڪتاب” (نصابي-۱۹۶۷)، “ٻارن جي تعليم” (تعليم- ۱۹۷۲)، “انگي حساب” (نصابي- ۱۹۷۳)، “اچو ته لکون” (تعليم- ۱۹۷۳)، “بالغن جي تعليم استادن جو رهبر” (تعليم- ۱۹۷۳)، “اچو ته وڌيڪ پڙهون” (تعليمي/ نصابي -۱۹۷۳)، “سنڌي زبان جي بنيادي لغت” (لسانيات، ساڻي مرتب-۱۹۷۳)، “سنڌي زبان جي ڪاروباري بنيادي لغت” (لسانيات، ساڻي مرتب ۱۹۷۴)، “سنڌي زبان جي وڌايل لغت” (لسانيات، ساڻي مرتب- ۱۹۷۳)، “سنڌي ٻيو ڪتاب“ (نصابي- ۱۹۷۳)، “سماجي اڀياس“ (نصابي)، “گليلو“ (ترجمو ناٽڪ -۱۹۷۷)، “فڪر جي آزادي” (ترجمو) ۽ “شاھ، سچل سامي“ (تنقيد- ۱۹۷۸). جويو صاحب سنڌ جي انهن چونڊ ماڻهن مان هڪ آهي، جيڪي پنهنجي ذات ۾ هڪ مڪمل انجمن هوندا آهن. جويو صاحب هڪ مڪمل تحريڪ آهي ۽ پنهنجيءَ جاءِ تي هڪ آدرش آهي، اهو آدرش جنهن کي ڀرپور نموني سان چاهيو به ويو ۽ جنهن سان نفرتون ڪندي به ڪونه گهٽايو ويو. پوءِ به انهن سردين ۽ گرمين کي سهندي، گل ۽ خار جا مزا ماڻيندي به پنهنجي منزل طرف روان آهي. جويي صاحب سان “غائبانه ڏيٺ“ ته گهڻو اڳ ٿي چڪي هئي، پر کيس ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جو موقعو ڪراچيءَ ۾ اچڻ کان پوءِ مليو. مون کي ياد ٿو پئي ته آئون جڏهن ڏوڪري هاءِ اسڪول ۾ استاد هئس، ان وقت جويو صاحب اسان جو آفيسر ۽ انسپيڪٽر آف اسڪولس هو. هن صاحب انهيءَ ايامڪاريءَ ۾ پنهنجي زبردست هاءِ اسڪولن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي پنهنجي تاريخ مرتب ڪري ڏانهس موڪلين. انهيءَ سلسلي ۾ اسان جي اسڪولن ڏانهن به هڪ سوالنامو موڪليو ويو هو. هيڊ ماستر جي منشا تي ڏوڪري هاءِ اسڪول جي تاريخ مون کي ئي لکڻي پئي. مون کي ياد ٿو پئي ته انهيءَ مختصر تاريخ ۾ مون سموري ڏوڪري تعلقي جي ثقافتي ۽ ادبي ادارن ۽ شخصين تي به لکيو هو. ان کانسواءِ اسڪول جي پيدا ڪيل عالمن، اديبن، شاعرن ۽ آفيسرن جو وچور به ڏنو هو. ستت ئي جويو صاحب بدلي ٿي ويو ۽ خيرپور ڊويزن جي اسڪولن جي تاريخ جو اهم ڪم اڌورو رهجي ٿو. جويي صاحب جي بدلي ٿيڻ کان پوءِ اسان به ڏوڪري هاءِ اسڪول ۾ ٽڪاءُ نه ڪيو. جنگشاهي جي هاءِ اسڪول کان ڦرندا گهرندا اچي ڪراچيءَ جي ڪاليج ۾ پهتاسين. منهنجو ڪراچي اچڻ نئين جنم وٺڻ جي برابر هو. اڳ ۾ علمي ۽ ادبي ذوق هوندو هو، پر هاڻي هتي سُري پـُري پنهنجي جاءِ به وٺڻ لڳس. ائين ٿيو جو جناب وفائي صاحب ۽ سندس “آزاد“ مون کي لکڻ ۽ ڇپجڻ جو موقعو فراهم ڪيو. انهيءَ ڪري شهر ۾ “آزاد“ جي آفيس هڪ اهڙي جاءِ بڻجي وئي، جنهنجو هفتي ۾ هڪ اڌ چڪر هڻڻ ضروري ٿي پيو. “آزاد“ جي آفيس ۾ مون دنيا جا ڪيترا ئي رنگ ڏٺا. وزيرن ۽ وڪيلن کي به ايندو ڏٺم ته پيرن ۽ فقيرن کي به ڀيرا ڀريندي ڏٺم. ان کان سواءِ ڪيترين ئي علمي ادبي شخصيتن سان ملاقات به هتي ئي ٿي. جن مان جويو صاحب به هڪ هو. جويو صاحب پهرين ئي جهلڪ ۾ مون کي عالم، اديب ۽ دانشور نظر آيو. هن صاحب سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ جا بي لوث خدمت ڪئي آهي، انهيءَ ڪري ساڻس عقيدت ته اڳ ئي هئي؛ ليڪن اها عقيدت هاڻي قربت ۾ بدلجي وئي. آئون انهيءَ وقت ڌاري “آزاد“ لاءِ لڳاتار لکڻ لڳو هوس. جيئن ته “آزاد“ جويي صاحب ڏي به ويندي آهي، ان ڪري هن صاحب منهنجي لکڻين مان منهنجي شخصيت جي تلاش شروع ڪئي. منهنجو خيال آهي ته هن صاحب مون کي ”هڪ جذباتي مگر محنتي نوجوان“ جي حيثيت ۾ تسليم ڪيو. آئون وري کيس ماٺيڻو، برد بار، همدرد ۽ خير خواھ ڪري ڄاڻيندو آهيان. “آزاد“ ۾ جڏهن “سگهڙ سنگت“ جو سلسلو شروع ڪيم ته ملاقاتن ۾ آئون کانئس راءِ وٺندو هوس . پاڻ چوندو هو ته هيڏي ساريءَ جاکوڙ جي نتيجي ۾ تون رڳو هڪ مڪمل سگهڙ کي ڳولهي سگهيو آهين. اهو آهي ٽنڊي باگي جو محمد طالب لوهار، جيتوڻيڪ جويئي صاحب کي منهنجي ڪم ۽ ان جي طريقه ڪار سان ڪيترا ئي اختلاف هوندا هئا، پر ان هوندي به منهنجي ڪڏهن همت شڪني نه ڪيائين. ويتر چوندو رهيو ته جيترو ممڪن ٿي سگهي، اوترو سگهڙن کان ”راست گوئيون“ هٿ ڪيون وڃن. مون انهيءَ سلسلي ڪجهه ڪوشش به ڪئي. موجوده دور جي سنڌي ليکڪن ۾ جويو صاحب اسلوب ۽ ٻوليءَ جي معاملي ۾ پنهنجو منفرد مقام رکي ٿو. پيرائتي مگر مختصر ۽ جامع نموني ۾ ڳالهه کي نڀائڻ ڪو کانئس سکي. جيڪڏهن ڪنهن ڪتاب جو ترجمو ڪندو ته ان تي اصلوڪي هئڻ جو گمان پيو ٿيندو. پر جي اصلوڪو ڪتاب لکندو ته ٻوليءَ ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏيندو. سندس لکيل ڪتاب “شاھ، سچل ۽ سامي” مون کي ايترو ته پسند آيو، جو مون ان ڪتاب جون ٽيهارو کن ڪاپيون وٺي ڏيهي توڙي پرڏيهي دوستن ۾ ورهائيون. ساڳي نموني سان سندس ترجمو ٿيل ڪتاب “فڪر جي آزادي” به پڙهڻ وٽان آهي، جڏهن مون اهو ڪتاب پڙهيو ته الائي ڪيترا دفعا روئڻ به آيو ته کلڻ به. روئڻ ان ڪري ته انسان جڏهن انڌ جي گهوڙي تي چڙهي ٿو ته ڇا ڇا نه ٿو ڪري ۽ کلڻ ان ڪري ته ڪتاب پڙهڻ وقت اهو تاثر ملندو هو ته انسان کي ماري ته سگهجي ٿو پر کيس شڪست ڏئي نه ٿي سگهجي. (فيبروري ۱۹۸۱ ع) محمد ابراھيم جويو جديد سنڌ جي شعور جو اڏڻهار پروفيسر اعجاز قريشي گذريل سال ۹ نومبر تي سنڌ جو هڪ عظيم انسان سائين محمد ابراهيم جويو اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويو، سائين سڄي عمر يعني حياتيءَ جا ۱۰۲ سال سنڌ کي ارپيا ۽ سنڌ جي ماڻهن جي خدمت ڪئي. سنڌي ٻولي ۽ ادب سان انتهائي پيار ڪيو، جڏهن به سائين سان ملبو هو ته پاڻ سنڌي نوجوانن لاءِ نت نوان پيغام ڏيندو رهيو ۽ انهن جي شعور کي اڏڻ لاءِ پاڻ ارپيو. اڄ جڏهن هو اسان وٽ ناهي تڏهن سندس علمي/ادبي پورهيو سنڌ کي پيڙهيون ۽ صديون ياد رهندو. سائين سموري زندگي ۽ ان جو هر هڪ پل هڪ مقصد جي پنڌ تي هلندي گذاريو، هن ڪڏهن به لکڻ ۽ پڙهڻ، يعني قلم ۽ علم کي ذهني عياشي ۽ دماغي ورونهن جو وسيلو نه بڻايو. ان جي ابتڙ هن جو لکيل هر لفظ هڪ مقصد، هڪ تمنا، هڪ خواب ۽ ان جي ساڀيان جي ڏس ۾ قدم کڻي هلي ٿو، سندس هر هڪ جملو سندس سوچ جي پاتالن کان هلندي، هن جي قلم جي نوڪ تي اچي ڪا ڳر تي جرڪي پوي ٿو ۽ لڳ ڀڳ هڪ صديءَ جي ڊگهي سفر م هو ڪٿي به، ڪڏهن به ٿڪو يا مايوس نه ٿيو، ڪٿ به هن ساهي نه کنئي، لڳاتار منزلون لتاڙيون، فقط هڪ منزل کي رسڻ جي لاءِ ڇاڪاڻ ته هو ڄاڻي پيو ته حرڪت ۾ ئي برڪت آهي، ۽ هڪ خواب جي ساڀيا ٿيڻ لاءِ هن ڪيترا نه پنڌ ڪيا۽ هن ڪيترا نه ڏاکڙا ۽ ڏک ڏٺا، پر هن ڪٿي به ايئن ناهي چيو ته: ايئن ئي رهيس راهه ۾، ايئن ئي هٿ هڻي، ويا خيال کڻي،ماءُ منهنجو جندڙو. پر ان جي ابتڙ سندس سموري زندگي لطيف جي هن بيت جو اجرو ۽ چٽو عڪس آهي: ٿڪيائي ٿر ٿيل چڙهه چڪيائي چوٽئين، هلندي هوت پنهونءَ ڏي، ڀوءَ مڙيوئي ڀيل، اٿي رائو ريل، ويٺن تان واري وري، سنڌ ۾ نئين علم جي روشني پکيڙڻ ۽ جديد فڪر ۽ نظرين جا واس وٺرائڻ جي سلسلي ۾ سائين جويي صاحب جي ڀاڱي ڀائيواري بنهه بنيادي قسم جي آهي. هن سدائين، خير، خوشي، خوبي، امن، سلامي، سک ۽ انصاف لاءِ آواز اٿاريو ۽ بديءَ جون قوتون ۽ شر جي شيطانن خلاف علم بلند ڪيو. هن سدائين استحصال ۽ استبداد جي دادن خلاف ببانگ دهل ڳالهايو ۽ لکيو. هن هميشه اميرن، وزيرن، وڏيرن، جاگيردارن جي ڪارستانين ۽ ڪارنامن کي بي نقاب ڪيو ۽ مذهب جي آڙ ۾ ٿيندر انسانيت خلاف اڍنگاين ۽ مورک پاين کي للڪاريو. اهو ئي سبب آهي جو غلام رباني آگري هن لاچيو آهي ته: ” هي پيدائشي باغي آهي پر علم ۽ ڏاهپ جي مٿاهين ڏاڪي تي پهچي به هن پاڻ پڏائڻ کان پاسو ڪيو آهي. هن ڪڏهن به زبان کي مان جي ورڊ تي ناهي هيرايو. انا پرستي، طمع پروري، حرص، لالچ ۽ لوڀ جا لينگها سندس دامن تي نه ڏٺا ويا آهن، سندس من به هن جي هن اڇيءَ کاڌيءَ جيان اڇو ۽ بي داغ آهي ۽ اسين خوش نصيب آهيون جو اسان اڻويهين ۽ ويهين صديءَ جي هڪ عظيم ڏاهي ۽ ساڃهه وند کي اکين سان ڏٺو ۽ مون کي ذاتي حوالي سان ان ڳالهه تي فخر رهندو ته آئون پڻ ان دور جو آهيان، جنهن دور جو محمد ابراهيم جويو رهيوآهي ۽ آئون سمجهان ٿو ته لطيف سائينءَ به اهڙا ڪردار ڏٺا هئا، جن لاءِ هن چيو هو: بُک وڌائون بُگرئين، جوڳي ڪندا جي، طلب نه رکن طعام سين، اوتيو پيئن اڃ، لاهوتين لطيف چئي، من ماري ڪيو مُڃ، سامي جهاڳي سُڃ وسنهن کي ويجهو ٿيا، روسي ناول نگار ۽ شاعر پاسترنڪ جي جڳ مشهور ڪتاب ڊاڪٽر زواگو ۾ هڪ هنڌ بيان ڪيو ويو آهي ته: ”شايد هر زندگي ۾ ٻين خاص ماڻهن کانسواءِ هڪ ڳجهي ۽ هستي آهي، جيڪا سڏڻ کانسواءِ ئي مدد لاءِ پهچي ويندي آهي“. اهي سٽون پڙهي جڏهن آئون سائين ابراهيم جويي تي سوچان ٿو، جنهن جا هونئن ته هزارين يار، درست ۽ ساٿي آهن، پر اها ڪهڙي ڳجهي ۽ اڻ لکي طاقت آهي، جيڪا سدائين ساڻس گڏ آهي، هڪ جسم طور نه پر هڪ روح طور هن سان دمبدم ۽ هر قدم گڏ هلي ٿي، ان جي جواب لاءِ پاڻ ۾ جهاتي پائجي ٿي ته اندر جي فضائن ۾ ” سنڌ جو نالو پر کولي اڏندڙ پنڇيءَ جي ڀڙڪي جيان گونجڻ لڳي ٿو، تحقيق، اها سنڌ ئي آهي، جنهن سان سندس جنم جنم جو رشتو آهي، جيڪا هن سان سدائين ساڻ رهي آهي، اها ئي قوت آهي، جنهن جو جلوو ۽ جهلڪ اسان کي جويي صاحب جي پوري حياتيءَ ۾ نطر اچي ٿي. پوءِ ڪڏهن ڪيهي ته ڪڏهن ڪيهي، ڪڏهن ڪنهن روپ ۾ ته، ڪڏهن ڪنهنءَ رنگ ۾. ايڪ قصر در لک ڪوڙين ڪڻس ڳڙکيون، جيڏان ڪريان پرک، تيڏان صاحب سامهان. سنڌ، سنڌي قوم، سنڌي ٻولي، سنڌ جي تاريخ، سنڌي ثقافت سان جويي صاحب جو سچو عشق رهيو، هو خوابن جي سودائي نه پر ساڀيان جو سوداگر هئو. هن هيترن ڪتابن ۽ ادارن جا سانگ ان عشق جي روايتن کي ان جي حقيقي جوهر ۾ برقرار ۽ بحال رکڻ لاءِ رچايا، سنڌ سان عشق جو اعليٰ اقرار ۽ دعويٰ ته گهڻائي ڪن ٿا پر ان نينهن جي ناتي ۽ ان جي گهرجن سان نڀاءُ ڪنهن ڪنهن جي وس آهي، سنڌ سان محبت فقط سڏ جو نالو ناهي، پر ”سر کي سٽ“ ۾ ڏيڻ جو اهڃاڻ آهي ۽ جويو صاحب اهو مرد قلندر هئو، جيڪو هر دور جي ڇوهين ۽ چٽين ڇولين ۽ سير ۾ گهاگهائي گهڙيو. هن ڪڏهن به محبتن ۽ اصولن تي سوديبازي نه ڪئي. محمد ابراهيم جويو جديد سنڌ جي شعور جو اَڏڻِهارُ! پروفيسر اعجاز قريشي پلئه پايو پُوڻيون، در در ڦيرا ڏي، ڪا مون ڪَتائي، آئون ڪاپائتي آهيان. سائين محمد ابراهيم جويي به سنڌ جي سپنن جا منجهيل ڦورا کڻي سانڀر کان وٺي هوڪا ڏنا آهن. هن اڪيلي ڪتڻ کان ساٿ کي سڏي ارٽ کي اوڏو ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ هن ڪتڻ وارا ڏينهن ويهي نه وڃائيا آهن. هن سدائين ڏور ارٽ ۾ وجهي ڪتيو آهي ۽ مٿي ۾ موڙيءَ جو ڪَسو خيال ۽ ڀاونا ڀلجي به نه آئي اٿس. جيتوڻيڪ اهي ڪتڻ سندا ڏينهڙا، هن ۽ سندس ساٿين جي مٿان ڏکيا گذريا، تڏهن به جهڙي تهڙي حال سان هو پنهنجي ساٿ کي همٿائيندو رهيو ۽ جڏهن به تاڃي توريندي عيب نڪتا ته هن سڀ کان پَر ۾ پڇيو ۽ ان جي حصي جا ڀڙا هن پاڻ ڀڳا، هن بيڪاريءَ تي پاڻ نه هيريو ۽ سدائين چت جو چرخو چوريو. هن نئين ائٽ جي تمنا من ۾ رکي، سدائين ڀڳو ئي ڀيريو، ڇو ته وقت جي تقاضا اها هئي ته جيترو به ۽ جو ڪجهه به موجود آهي. ان سان هڏ هلائجي: ڀَڳو ئي ڀير، جان سين رتو راس ٿئي! هن ڪڏهن به رنڊا روڙڻ وارو اٻهرو عمل نه ڪيو. پر چت ۾ چاهت رکي ڌيان ۽ من سان سنهو ڪتيو. هن صرافن جي پرواهه نه ڪئي. پر سدائين ڪاپي سان ڪم رکيو آهي. آئون جڏهن به کيس ڏسندو هوس ته لطيف جي هيءَ سٽ چپن تي اچي ويندي هئي: مُنهن محراب پرينءَ جو، جامع سڀُ جهانُ. هيءُ سنڌ جو سچو کاهوڙي، جنهن ڪيئي ڏونگر ڏولاوا ڏٺا ۽ رڃن ۾ راتيون ڪٽيون ۽ ڏٿ ڏوريو. پاڻ هڪ ازلي درد جو نهوڙيل ۽ هڪ انوکي وچن سان سندس ساهه سٻنڌ هو، جنهن لاءِ اياز چيو هو: ڪنهن وچن جي واسطي پنهنجي اياز! زندگي بنواس ۾ گذري وئي. ۽ اهو وچن ۽ واسطو ان ڌرتيءَ ۽ ڌن سان آهي، جيڪا اسان جي ازلي ملڪيت آهي: جڏهن “ڪُن” چيائون، اسان کي ملي، اهائي ته ڌرتي، اهوئي ته ڌن، انهيءَ لاءِ بنواس ڀوڳيون پيا، انهيءَ سان اسان جو انوکو وچن. ۽ جنهن سان اهو انوکو وچن آهي اُها گنجي ڏونگر گام آهي. اها اسان جي سنڌ آهي، جنهن کي لوچڻ جي لاءِ لاهوتي ٿيڻو پوندو آهي. ان جي پروڙ ٻيا سڀ ضرور ڇڏائي ڇڏيندي آهي، ۽ ان پروڙ جو هڪ پارکو محمد ابراهيم جويو به آهي ۽ ان سان گڏ سندس کاهوڙڪي کير آهي ۽ اڄ سنڌ سنڌ ۾ علم، آگاهي، ڏاهپ، سرت، ساڃاهه ۽ سچ جو، جيڪو مچ ٻري رهيو آهي، اهو ان ئي کاهوڙڪي کير جو ٻاريل آهي ۽ ان جو مهندار اهوئي فقير منش انسان آهي. لاريب، جنهن سنڌوءَ جي ساڃاهه جا اهي مٽ چڪائي آڻي اتر واءَ ۾ کوليا آهن، جن جو ساءُ ۽ کيپ خبار اڳي ڪنهن به نه ڄاتو هو. جنهن تي ڪيئي متارا مست ٿيا آهن. ڪيترن ان مڌ جي سُرڪ کي سو کان وڌيڪ ڀانيو آهي. ان ڪري پير حسام الدين راشديءَ کي چوڻو پيو ته: “اسان کي سنڌ سان محبت جو سبق جويي صاحب ئي ڏنو.” فقط ايترو ئي نه پر سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز به اهڙو اعتراف ڪيو آهي ته: “هڪ شام جو مون ابراهيم کي پنهنجا اردو نظم ٻڌايا، جي هن کي ڏاڍا پسند آيا، جڏهن هي سٽون پڙهيون: يه دنيا، يه آماجگاهي تمنا، ڪهان جا رهي هي يه رقاصهءِ روز و شب نوڪ خنجر په يون ناچتي جا رهي هي ڪه جيسي اُسي يه يقين هوگيا هو ڪه اب پائون ڇلني نه هون گي. تڏهن ابراهيم چيو هو، “اياز، توکي مان وري به چوان ٿو ته تون پنهنجي ڏات اجائي وڃائي رهيو آهين، تون پنهنجي ڏات کي منطقي نتيجي تي رڳو سنڌيءَ ۾ پهچائي سگهين ٿو!” مون ڏک سان ڏسي ابراهيم کي چيو هو، “پر توکان سواءِ مون کي سنڌيءَ ۾ ٻڌڻ وارو ڪير آهي؟” ان تي ابراهيم سختيءَ سان چيو هو، “اسان ٻه ڪافي آهيون، اسان ٻه چاهيون ته سنڌ کي بدلائي سگهون ٿا.” “Save Sindh save the continent” جي مصنف جو ضد ڪنهن وقت ڏاڍو سجايو ثابت ٿيو آهي.” شيخ اياز اڄ اسان جي سنڌي شاعريءَ جو ڄڻ ته ديو مالائي ڪردار بنجي ويو آهي. هن جي شاعريءَ جي منڊ ۾ سڄي سنڌ منڊجي ويئي آهي. جيڪڏهن شاهه لطيف سنڌي شاعريءَ جو روح آهي ته شيخ اياز ان کي سرير بخش پورڻتا تائين پهچايو ۽ جيڪڏهن اسين شيخ اياز جي ڳالهه ڪريون ٿا ته ابراهيم جويي جي ذڪر کانسواءِ اها ڳالهه اڌوري آهي. اهو ابراهيم جويو ئي هو، جنهن سندس ڏات ۾ اجهل درياهه ڇوليون هڻندي ڏٺو ۽ هن اهو به ڄاتو ته جنهن ڏسا ۾ اهو درياهه وهندو پيو وڃي، اهو لاڀائتو ۽ سڦل نٿو ٿي سگهي ۽ ابراهيم جويي ان جي نشاندهي ڪئي ۽ اياز ان تي لبيڪ ڪئي. ائين واقعي آهي ٻه ڄڻا ڪافي ثابت ٿيا ۽ انهن اهي ڪم ۽ ڪارناما سرانجام ڏنا، جن تي اڄ اسين ناز ڪري رهيا آهيون ۽ اياز چيو: مون ڏات انوکي آندي آ، ٿي تند وڙهي تلوارن سان. اهو تلوار سان تند جي ويڙهه جو پهريون سبق شيخ اياز کي محمد ابراهيم جويي ڏنو ۽ هن کي سدائين “اسان جو شاعر” ڪري پڪاريو ۽ اسان جي ان شاعر، جنهن جي شاعري جويي صاحب جي لفظن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ڪرشمو آهي، کي صراط المستقيم تي آڻڻ وارو هيءُ عظيم انسان ئي آهي. سنڌ ملڪ تاريخ جي اولين سڌريل سماجن ۾ پنهنجي هڪ اڳ حيثيت رکي ٿو ۽ ظاهر آهي ته ڏاهپ، سرت ۽ شعور کانسواءِ ڪو ملڪ ڪيئن مهذب ۽ سڌريل ٿي سگهي ٿو. تاريخ ۾ سنڌ جي ماڻهن جي وسيع ذهن ۽ روشن دماغيءَ جا ڪيترا ئي مثال ملن ٿا. اچو ته هن سلسلي ۾ هي اقتباس پڙهون. “سن ۵۱۹ ق م ڌاري ايران جي ڪياني شهنشاهه دارا اول سنڌو نديءَ جو مغربي علائقو پنهنجي حڪومت هيٺ آندو. اٽڪل ٻه صديون پوءِ سڪندر اعظم سن ۳۲۶ ق م ڌاري سنڌ فتح ڪئي. جڏهن سنڌو ماٿريءَ ۾ ٽئڪسيلا، جهلم ۽ سنڌ جون خودمختيار شهري رياستون قائم هيون، پوءِ ٻن صدين تائين ڌارين جي يلغارن ۽ قتل ۽ غارتگري جا واقعا ٿيندا رهيا. ويهارو کن سال (۳۰۵-۳۲۵ ق م) تائين يوناني راڄ ۽ تهذيبي- ثقافتي آميزش جاري رهي. انهيءَ دؤر جو هڪ واقعو خاص اهم ۽ دلچسپ آهي: جڏهن يوناني فوج سيوهڻ جي راجا “سامبس” کي شڪست ڏني. تڏهن به عام ماڻهن ويڙهه بند نه ڪئي. معلوم ٿيو ته عام ماڻهو پنهنجي ڏاهن ماڻهن جي اثر هيٺ آهن ۽ انهن کي پڪڙيو ويو. سڪندر اعظم ۽ سندس يوناني عاملن سوچيو ته سنڌين جي ڏاهپ کي پرکڻ جو سٺو موقعو آهي، سوچيائون ته هر هڪ سنڌي ڏاهو يوناني عاملن جي پڇيل هڪ سوال جو صحيح جواب ڏئي ته سندس جان بخشي ويندي نه ته قتل ڪيو ويندو. پهرين سيوهاڻي ڏاهي کان پڇيائون ته: “مري ويل انسانن ۽ زنده انسانن جو صحيح تناسب ڇا آهي؟” هن جواب ڏنو ته “ڪجهه به نه، ڇاڪاڻ ته جيڪي مري ويا سي ڳاڻيٽي ۾ نه ايندا.” اِئين ڪيترن ئي ڏاهن جا جواب ٻُڌي هو لاجواب ٿي ويا. آخر ۾ پڇيائون ته ڪنهن انسان کي ڪيستائين ذميوار سمجهجي؟ چيائين ته: “جيستائين هو زندگي کان وڌيڪ موت جي تمنا رکندو هجي.” مٿيون بيان “مشاهير يونان ۽ روم” ۾ موجود آهي، جيستائين پوئين سوال جنهن ۾ اهو پڇيو ويو آهي ته ڪير ماڻهو ڪيترو ذميوار آهي؟ ۽ ان جي جواب، جيستائين اهو زندگيءَ کان وڌيڪ موت جو تمنا رکي ٿو جو تعلق آهي، ته صدين جي ان ڏاهپ محمد ابراهيم جويي وٽ پهچي نئون موڙ ۽ نئون گس ڳوليو آهي. هيءُ اهو چوي ٿو ته زندگي موت جي تمنا نه پر جيئڻ جو جذبو ۽ جولان آهي ۽ جيستائين جيئرو رهڻو آهي، ان وقت تائين پنهنجون لازم ذميواريون ۽ گهربل ڪم ڪرڻا آهن. اهڙيون ڏاهپ ۽ سرت جون ڏياٽيون اسان جي سامهون آهن. “سيوَ سنڌ سيو دي ڪانٽيننٽ” کان “هوءَ جي ٽمڪي باهڙي” تائين اڌ صديءَ کان وڏو سفر آهي. ان وقت ۾ سوين ذميواريون سندس ڪلهن تي آيون آهن ۽ هن سوين ڪتاب لکيا آهن. سوين ڪتاب لکرايا آهن، جيڪي سندس نگرانيءَ هيٺ ڇپيا آهن. اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿي سگهيو آهي جو سائينءَ سموري زندگي ۽ ان جو هر هڪ پل هڪ مقصد جي پنڌ تي هلندي گذاريو آهي. هن ڪڏهن به لکڻ ۽ پڙهڻ. يعني قلم ۽ علم کي ذهني عياشي ۽ دماغي ورونهن جو وسيلو نه بڻايو آهي، ان جي ابتڙ هن جو لکيل هر لفظ هڪ مقصد، هڪ تمنا، هڪ خواب ۽ ان جي ساڀيا جي ڏس ۾ قدم کڻي هلي ٿو. سندس هر هڪ جملو سندس سوچ جي پاتالن کان هلندي هن جي قلم جي نوڪ تي اچي ڪاڳر تي جرڪي پوي ٿو. ۽ لڳ ڀڳ هڪ صديءَ جي ڊگهي سفر ۾ هو ڪٿي به، ڪڏهن به ٿڪو يا مايوس نه ٿيو، ڪٿي به هن ساهي نه کنئي. لڳاتار منزلون لتاڙيون فقط هڪ منزل کي رسڻ جي لاءِ ڇاڪاڻ ته هُن ڄاتو ٿي، ته حرڪت ۾ ئي برڪت آهي پر اها حرڪت جيڪا ڪنهن ماڳ ڏانهن ڪنهن منزل ڏانهن وٺي ويندي هجي. ۽ سندس ماڳ، جيڪو اسان سڀني جو ماڳ به آهي، ان ڪري هي پاڻ “سنڌ منهنجي خوابن جي” جو نالو ڏئي ٿو ۽ هڪ خواب جي ساڀيان ٿيڻ لاءِ هن ڪيترا نه پنڌ ڪيا ۽ هن ڪيترا نه ڏاکڙا ۽ ڏک ڏٺا پر هن ڪٿي به ائين نه چيو ته: ائين ئي رهيس راهه ۾، ائين ئي هٿ هڻي، ويا خيال کڻي، ماءِ منهنجو ڄندڙو. پر ان جي ابتڙ سندس سموري زندگي لطيف جي هن بيت جو اجرو ۽ چٽو عڪس رهي: ٿڪيائي ٿر ٿيل چڙهه چڪيائي چوٽئين هلندي هوت پنهونءَ ڏي، ڀو مڙيوئي ڀيل، اٿي رائو ريل، ويٺن تان واري وري. سنڌ ۾ نئين علم جي روشني پکيڙڻ ۽ جديد فڪر ۽ نظرين جا واس وٺرائڻ جي سلسلي ۾ سائين جويي صاحب جي ڀاڱي ڀائيواري بنهه بنيادي قسم جي آهي. هن سدائين، خير، خوشي، خوبي، امن، سلامتي، سک ۽ انصاف لاءِ آواز اٿاريو ۽ بديءَ جون قوتون ۽ شر جي شيطانن خلاف علم بلند ڪيو. هن سدائين استحصال ۽ استبداد جي دادن خلاف ببانگ دهل ڳالهايو ۽ لکيو. هن هميشه اميرن وزيرن، وڏيرن، جاگيردارن جي ڪارستانين ۽ ڪارنامن کي بي نقاب ڪيو ۽ مذهب جي آڙ ۾ ٿيندڙ انسانيت خلاف اڍنگاين ۽ مورک پاين کي للڪاريو. سنڌ، ۽ سنڌي قوم، سنڌي ٻولي، سنڌي تاريخ، سنڌي ثقافت سان جويي صاحب جو سچو عشق هو. هو خوابن جو سودائي نه پر ساڀيائن جو سوداگر هو. هن هيترن ڪتابن ۽ ادارن جا سانگ ان عشق جي روايتن کي ان جي حقيقي جوهر ۾ برقرار ۽ بحال رکڻ لاءِ رچايا. سنڌ سان عشق جو اعلان اقرار ۽ دعويٰ ته گهڻا ئي ڪن ٿا پر ان نينهن جي ناتي سان نڀاءُ ۽ ان جي تقاضائن سان نڀاءُ ڪنهن ڪنهن جي وس آهي. سنڌ سان محبت فقط سڏ جو نالو ناهي، پر “سر کي سٽ” ۾ ڏيڻ جو اهڃاڻ آهي ۽ جويو صاحب اهو مرد قلندر هو جنهن هر دؤر جي چوهين ۽ چٽين ڇولين ۽ سير ۾ گهاگهائي گهڙيو آهي. هن ڪڏهن به محبتن ۽ اصولن تي سوديبازي نه ڪئي. محمد ابراهيم جويو حاجي جمالي پاڪستاني اديب، ترجميڪار، معلم ۽ دانشور، عالم، اديب ۽ ڏاهو محمد ابراهيم جويو ۱۳ آگسٽ ۱۹۱۵ع تي اڳوڻي ضلعي دادوءَ (۽ هاڻي ڄامشوري ضلعي) جي ڳوٺ ’آباد‘ ۾ هڪ هاريءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. ٽن سالن جو هو ته سندس والد محمد خان جويو، پهرين مهاڀاري جنگ بعد پکڙيل وڏيءَ بيماريءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. تعليم محمد ابراهيم جويي جو ننڍپڻ غربت ۾ گذريو، پر همت نه هاريندي، پرائمريءَ جا چار درجا ڳوٺ ۾ پڙهي، ۱۹۲۷ع ۾ اي. وي اسڪول، سَن ۾ داخل ٿيو، جتي سائين جي. ايم. سيد جي مهربانين سان ٽي درجا انگريزي پڙهي، ۱۹۳۰ع ۾ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتائين. جتي چوٿين کان ستين درجي تائين پڙهيو، ان زماني ۾ ستون درجو مئٽرڪ شمار ٿيندو هو، هن ۱۹۳۴ع ۾ مئٽرڪ جي امتحان ۾ سنڌ مدرسة السلام مان ٻِي پوزيشن ماڻي ۽ ۲۰ رپيا ماهوار اسڪالرشپ حاصل ڪيائين. سنڌ مدرسي ۾ ان وقت علامه عمر بن محمد دائود پوٽو پرنسپال هو ۽ جويو صاحب سندس لائق شاگردن ۾ نمايان هو. جويي صاحب ۱۹۳۸ع ۾ ڊي. جي سنڌ ڪاليج مان بي. اي جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ کيس ڪاليج ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ۽ منگهارام ملڪاڻيءَ جهڙن استادن جي صحبت ۽ محبت حاصل رهي. ملازمتي، سياسي ۽ ادبي خدمتون ۱۹۴۰ع ۾ سنڌ مدرسي طرفان بي. ٽي ڪرڻ لاءِ بمبئيءَ جي ايس. ٽي ڪاليج پڙهڻ ويو، جتان موٽندي ئي کيس ۱۹۴۱ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ ’اسسٽنٽ ماسٽر‘ مقرر ڪيو ويو. محمد ابراهيم جويي زندگيءَ جو پهريون سنڌي مضمون “پڃري جا پکي” ۱۴ سالن جي عمر ۾ لکيو، سندس انگريزي ۾ پهريون مضمون Democracy in School Administration سال ۱۹۴۶ع ۾ سنڌ مدرسي جي مئگزين ’ڪرانيڪل‘ ۾ ڇپيو. سائين جي. ايم. سيد سندس پهريون تعليمي مددگار هو. هُو ٻن مفڪرن سائين جي ايم سيد ۽ ايم. اين راءِ کان گهڻو متاثر هو، ۽ پهرين پارٽي جنهن ۾ شموليت ڪيائين، اها هئي ايم. اين. راءِ جي ‘Radical Democratic Party’. هُن ايم. اين راءِ جي ڪتاب ‘Historical Role of Islam’ جو سنڌي ترجمو ’اسلام جو تاريخي ڪارنامو‘ جي عنوان سان ڪيو. علمي زندگيءَ ۾ جويي صاحب سنڌ دوستيءَ جي راھ ۾ سرڪار جا عتاب ۽ ناراضگيون به برداشت ڪيون. ۱۹۴۷ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ پڙهائڻ دؤران هن هڪ ڪتاب ’سنڌ بچايو- کنڊ بچايو‘Save Sindh، Save the Continent from Feudal Lords، Capitalists and their Communalists لکيو، جنهن جي ڏوهه ۾ سنڌ مدرسي بورڊ جي صدر ۽ (تڏهوڪي وزير تعليم) سندس ملازمت ختم ڪرڻ جو حڪمنامو جاري ڪيو هو. جويي صاحب جي اهليت کي مڃيندي، ٺٽي ميونسپالٽيءَ جي چيئرمئِن موليڏني عباسيءَ کيس ميونسپل هاءِ اسڪول ٺٽي جو هيڊ ماستر ٿيڻ جي آڇ ڪئي، جتي ٻن سالن تائين ۲۰۰ رپيا پگهار تي پڙهايائين. بعد ۾ اهو اسڪول به سرڪاري تحويل ۾ ورتو ويو، جتان بدلي ٿي ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار مئن، حيدرآباد ۾ اسسٽنٽ ماسٽر طور فرض نڀايائين. ۱۹۵۱ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چونڊ سان ڪلاس ٻئين گزيٽيڊ آفيسر طور “هاءِ پاور ايگزيڪٽو ڪاميٽي فار سنڌي لٽريچر” جو سيڪريٽري مقرر ٿيو. ۱۹۵۴ع ۾ هاءِ پاور ڪميٽيءَ کي ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي نالي سان نئين سر تشڪيل ڏنو ويو، جتي ۱۹۶۱ع تائين سيڪريٽريءَ طور جانفشانيءَ سان ڪم ڪيائين. ان دوران جويو صاحب (۵۶-۱۹۵۵) ٻه سال بورڊ جي ٽماهي ’مهراڻ‘ جو ايڊيٽر به رهيو، جنهن دوران هُن جديد ادب جي وڏي سرپرستي ڪئي ۽ ’مهراڻ‘ جو اهو دؤر يادگار ليکيو وڃي ٿو. ۱۹۶۳ع کان ۱۹۶۷ع تائين هُو آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي پاڪستان ٽيڪسٽ بڪ بورڊ لاهور، ڪراچي، ڪوئيٽا ۽ حيدرآباد ۾ رهيو، ان عرصي ۾ پنج سال اعزازي طرح سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري پڻ رهيو. جولاءِ ۱۹۶۷ع ۾ جويي صاحب هڪ مضمون لکي ’سليم احمد‘ جي فرضي نالي سان ڇپايو، جنهن جو عنوان هو: ’اولھ پاڪستان ۾ ٻولين جو مسئلو‘. جنهن تان ناراض ٿي سرڪار کيس گورنمينٽ هاءِ اسڪول جيڪب آباد ۾ هيڊ ماستر طور بدلي ڪري ڇڏيو. اها سرڪاري ناراضگي پوءِ به ٿڌي نه ٿي ۽ کيس ۱۹۶۸ع ۾ گورنمينٽ ٽريننگ اسڪول ڪوهاٽ جو پرنسپال ڪري موڪليو ويو، جتي لڳ ڀڳ ٻه سال کن رهيو. نومبر ۱۹۶۹ع ۾ ون يونٽ جي خاتمي جي اعلان بعد هُو سنڌ ۾ رجسٽرار ڊپارٽمينٽل ايگزئمنيشن، ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊيوڪيشن مقرر ٿي حيدرآباد ۾ آيو. پوءِ ۱۹۷۱ع ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جو ميمبر به ٿيو. هن ڪيترائي نصابي ڪتاب به لکيا. ۱۹۷۲ع ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر، بيورو آف ڪريڪيولم ائنڊ ايڪٽينشن سروسز سنڌ، حيدرآباد مقرر ٿيو، جتان آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي ۽ بعد ۾ سيڪريٽري سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ مقرر ٿيو ۽ ۱۲ آگسٽ ۱۹۷۳ع تي رٽائر ڪيائين. ابراهيم جويي جو سنڌي ادبي سنگت سان به ابتدا کان وٺي واسطو رهيو ۽ ۵۶-۱۹۵۴ واري دؤر ۾ سنڌي ادب ۽ ادبي سنگت جي ’نئين جاڳرتا‘ (Renaissance) جو اهم اڳواڻ رهيو. هُو سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد شاخ جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر به رھيو. ۱۹۷۳ع ڌاري هُن ڪجھ سڄاڻ اديبن سان گڏجي “سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت” نالي اداري جو بنياد وڌو، پاڻ ان جو صدر ٿيو ۽ ان ئي پليٽ فارم تان چاليھ کن ڪتاب چپائي پڌرا ڪيائين. ۱۹۷۳ع ۾ “سنڌ فرينڊس سرڪل” قائم ڪري، ان طرفان ۲۰ ڪتاب شايع ڪرايائين. سرونٽس آف سنڌ سوسائٽيءَ جو ۱۹۸۲ع کان وائيس پريزيڊنٽ رهندو اچي. پنهنجي دوست، نامياري ليکڪ سراج الحق ميمڻ جي تحرڪ ۽ سرپرستيءَ ۾ ’سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ‘ جو بنياد رکيائين، پاڻ ان جو وائيس چيئرمين ۽ مئنيجنگ ٽرسٽي آهي. سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ واري عاليشان عمارت سراج صاحب ٽرسٽ کي سونپي علم ۽ قلم دوستيءَ جو ثبوت ڏنو. هن ٽرسٽ جي ذريعي ليڪچرن جو سلسلو هلايو، جن ۾ اهم اديبن ۽ دانشورن ليڪچر ڏنا جن کي ڇپائي پڌرو ڪيائين. جويو صاحب ۱۹۹۷ع کان ۲۰۰۲ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمئن رهيو ۽ ۱۹۹۸ع کان آخري ڏينھن تائين، مختلف مرحلن ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس، مالي ڪاميٽي، پبليڪيشن ڪاميٽيءَ ۽ ادبي تحقيقي ڪاميٽيءَ جي ميمبر طور به ذميواريُون نڀايائين ۽ اٿارٽيءَ جي اسڪيمن ۾ مددگار رهيو. جڏهن ۱۹۹۸ع ۾ شيخ اياز فائونڊيشن جو قيام عمل ۾ آيو ته کيس ان جو چيئرمئن مقرر ڪيو ويو. ان کان علاوه پاڻ شيخ اياز چيئر، شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي صلاحڪار بورڊ جو به ۲۰۰۰ع کان آخري ڏينھن تائين رڪن رھيو. ان کان سواءِ ٿياسافيڪل سوسائٽي، حيدرآباد جو وائيس پريزيڊنٽ پڻ رھيو. جويي صاحب، سنڌ جي شاعر شيخ اياز جي ڪيترن ڪتابن جا مهاڳ لکيا. سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي پاران ڇپجندڙ شيخ اياز جي سموري شاعريءَ ۽ نثر جي ۲۲ جامع جُلدن جي سربراهي پڻ جويي صاحب کي ڏني وئي، جنهن ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري تاج جويو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت نامياري اديب سراج جي لکيل اهم ڪتاب “سنڌي ٻولي” (۱۹۶۴ع) جي مهاڳ لکڻ سان گڏ جويي صاحب سوين نوجوان اديبن ۽ شاعرن جي ڪتابن تي به مهاڳ لکيا ۽ سنڌ ۾ “مهاڳ نويسيءَ” جي فن جو استاد ليکيو ويو. هن دنيا جي ڪلاسيڪي ادب مان خاص ڪري فڪري، نظرياتي ۽ فلسفياڻي نوعيت جا ڪيترا ڪتاب ترجمو ڪري، سنڌي ماڻهن جي فڪري غربت جو خاتمو آڻڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. ڪتاب محمد ابراهيم جويي جي ڇپيل طبعزاد ۽ ترجمو ڪيل ڪتابن مان ڪجھ اهم ڪتابن جو تفصيل هن ريت آهي. اسلام جو تاريخي ڪارنامو: ايم. اين. راءِ جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۴۵ع)، Save Sindh، Save the Continent (۱۹۴۵) ايميلي عرف تعليم: جي. جي روسي جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۶۹ع)، ٻارن جي تعليم: پليو ٽارچ جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۷۲ع)، #وحشي جيوت جا نِشان‘:هاوَرڊ موئر جي ڪتاب ‘Savage Survivals’ جو ترجمو، (۱۹۷۶ع)، سنڌي زبان جي بنيادي لغت: (وڌايل بنيادي لغت ۽ ڪاروباري بنيادي لغت)، (ساٿين سان گڏجي تيار ڪيل: ۱۹۷۶ع)، ’فِڪر جي آزادي‘:اسٽيفن زويگ جي ڪتاب ‘The Right to Heresy’ جو ترجمو، (جون ۱۹۷۷ع)، ’گليلو ‘:برنالٽ بريخت جي ڊرامي ‘Life of Gallileo’ جو ترجمو (۱۹۷۷ع)، ’شاھ - سچل - سامي‘:(۱۶۸۹-۱۸۵۰- هڪ مطالعو) (۱۹۷۸ع)، ’ٻارن جو مسيح‘:اينڊ بلائٽن جي ڪتاب ‘Children’s Life of Christ’ جو ترجمو (۱۹۸۰ع)، ’ماڻهوءَ جو ڀاڳ‘:(ناٽڪ، لوڪ ڪهاڻيون، شاعري وغيره) (۱۹۸۰ع)، ’عورتازاد‘ (عورتن جي تحريڪ آزادي ):ترتيب ۽ ترجمو(۱۹۸۳ع)، ’فلسفي جو ابتدائي ڪورس‘:جارج پوليزر جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۸۴ع)، ’علم تدريس مظلومن لاءِ‘:پائلو فراري جي ڪتاب ‘Pedagogy of the Oppressed’ جو ترجمو ۹۸۴ع)، ’مهڪريءَ جا مضمون‘:(ترتيب، ترجمو ۽ پيش لفظ) (۱۹۸۳ع)، #’اسان جي ٻولي، اسان جي تعليم ‘:(ترتيب)، (۱۹۸۵ع)، ’فرينچ انقلاب‘:ايميل ايرڪمن اليگزانڊر چيتريان جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۹۰ع)، ’مُٺِ مُٺ موتين جي‘:(هفتيوار ’هدايت‘، حيدرآباد ۾ ڇپيل مواد مان چونڊ)، (۱۹۹۲ع)، ’هوءَ جا ٽمڪي باهڙي‘ (پهريون جلد ):مضمون ۽ ترجما (۱۹۹۵ع)، ’ادب - ٻولي - تعليم‘:(هُوءَ جا ٽمڪي باهڙي‘، جلد ٻيو) (۱۹۹۸ع)، خط ٻن اديبن جا‘:(عبدالقادر جوڻيجي ۽ محمد ابراهيم جويي جا خط) (۱۹۹۹ع)، ’ڳالهيون ڪتابن جون‘، ڀاڱو پهريون(۲۰۰۲ع)، ’خط ٻن اُستادن جا‘:(محمد ابراهيم جويو ۽ غلام علي چنا) (۲۰۰۳ع)، ’ڳالهيون ڪتابن جون‘ (ڀاڱو ٻيو) (۲۰۰۳ع)، (۲۵). خط دوستن جا (جلد پهريون: پيار، نبارُ، اٿاھُ (ابن حيات پنهور ۽ محمد ابراهيم جويي جا خط) (۲۰۰۸ع)، Sindh Betrayed: Her Right to Redemption; Essays and Articles، Letters (۱۹۴۲-۲۰۰۳)، (۲۰۰۶). ان کان سواءِ سنڌيءَ ۽ انگريزيءَ ۾ ٻولين جي مسئلي، ون يونٽ جي خاتمي ۽ ڪراچيءَ جي عليحدگيءَ جي مسئلي، استادن، ڪريڪيولم، نصاب، ادب، سياست، شاھ لطيف، سنڌي سماج، چونڊن جي ڌار سرشتي ۽ شخصيتن تي خاڪا ۽ ٻين موضوعن تي سوين مضمون، ڪتابچا ۽ پترا لکيل ۽ ڇپيل اٿس. جن جي ذريعي هن سنڌ جي ٽن پيڙهين جي ذهني تربيت ڪئي. ذاتي زندگي جويي صاحب کي چئن پٽن ۽ ٻن نياڻين جو اولاد ٿيو، جن مان نيلوفر جويو ڪهاڻيڪار هئي. مئي ۲۰۰۹ع ۾ سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي حڪومت سنڌ پاران پهريون ڀيرو محمد ابراهيم جويي جي مڃتا ۾ هڪ تقريب انڊس هوٽل حيدرآباد ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ثقافت ۽ سياحت جي صوبائي وزير، محترمه سسئي پليجو، سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر نثار احمد کهڙي سميت جويي صاحب جي شاگردن، مداحن ۽ اديبن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي جويي صاحب کي سنڌ جي سمورن ادبي، علمي ادارن ۽ يونيورسٽين پاران اوارڊ، شيلڊُون ۽ گلن جا تحفا ڏئي، سندس خدمتن جو اعتراف ڪيو ويو. جڏهن ته سنڌ ميوزيم، حيدرآباد ۾ ’ابراهيم جويو ڪارنر‘ پڻ قائم ڪيو ويو. پنهنجي ۱۰۰ سالگرھ ۱۳ آگسٽ ۲۰۱۵ع تي ملهايائين. وفات محمد ابراهيم جويو ۹ نومبر ۲۰۱۷ع تي ۱۰۲ سال جي عمر ۾ حيدرآباد، پاڪستان ۾ وفات ڪري ويو. کيس سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ علامه آءِ آءِ قاضي جي مزار جي احاطي ۾ دفنايو ويو. جديد سنڌ جي اڏاوت ۽ محمد ابراهيم جويو علي محمد ميمڻ سنڌ جي برک ڏاهي، اديب، ليکڪ ۽ قلمڪار محمد ابراهيم جوئي جي ۱۰۶هين سالگرهه جو اهم ميڙاڪو سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن هيڊ آفيس، ڪراچي جي مظهر ميمڻ ريسورس سينٽر ۾ ڪوٺايو ويو. جنهن ۾ “جديد سنڌ جي اڏاوت ۽ محمد ابراهيم جوئي جي فڪر” جي حوالي سان سنڌ جي وڏين شخصيتن طرفان سنڌ جي تاريخ، ادب، سماج، سياست، تحريڪن ۽ نامور شخصيتن جي ڪردارن تي يادن جو مچ مچايو ويو. هن ميڙاڪي ۾ سائين محمد ابراهيم جوئي، ذوالفقار علي ڀٽو، جي ايم سيد، رسول بخش پليجو، شمشير الحيدري، ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ جي تاريخ ساز جدوجهد ۽ سنڌ جي بيشمار خدمتگارن ۽ خاموش ڪردارن جي ڪمن ۽ ڪارگذارين تي مقررن طرفان تفصيل سان روشني وڌي وئي ۽ تاريخي واقعن جي دلچسپ يادن ۽ يادگيرين سان ماحول مهڪي اٿيو. ميڙاڪي ۾ جوئي صاحب جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪٽيو ويو ۽ سگا طرفان جوئي صاحب جي پاڪستان جي قائم ٿيڻ جي حوالي سان تاريخي دستاويزن ۽ تحريرن تي مشتمل انگريزي ۾ شايع ڪيل ڪتاب “The Betrayal Sindh Bides، The Day for Freedom” جي پڻ مهورت ڪئي وئي. هن ميڙاڪي ۾ اتفاق ڪيو ويو ته، “ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ ايندڙ ۳۰ سالن تائين هر قيمت تي امن ۽ تعليم اوليت رهي ته، سنڌي قوم، ملڪ جي ٻين قومن جي برابر ٿي ويندي ۽ پنهنجو گهربل مقام حاصل ڪري وٺندي”. سگا ڪراچي شاخ طرفان ڪوٺايل هن ميڙاڪي جي صدارت رفيق احمد جعفري چيئرمين سگا ڪئي ۽ شريڪ ٻين اهم شخصيتن ۾ سنڌ جي تحريڪي ڪردارن ۾ مسعود نوراني، اشفاق احمد ميمڻ خاص معاون وزير اعليٰ سنڌ، پروفيسر اعجاز قريشي، ڊاڪٽر عابده گهانگهرو، محمد ابراهيم جوئي جو فرزند محبوب جويو، اشرف کهاوڙ، ڌڻي بخش اوٺو ايڊووڪيٽ، غلام اڪبر ملڪ، مولابخش چنڊ ۽ ٻين پنهنجا ويچار ونڊيا. ميڙاڪي ۾ سنڌ جي جديد تاريخ، تحريڪن، فيصلن، هلچل، علمي ۽ سماجي ڪردارن ۽ محمد ابراهيم جوئي جي زندگي ۽ سندس حياتيءَ جي علمي ڪمن ۽ ڪاوشن سان لاڳاپيل واقعن ۽ ڪتابن جي يادن جا ورق اٿلايا ويا ۽ نئين سنڌ جي تعمير جي موضوع تي کليل نموني پنهنجا خيال پيش ڪيا. سنڌ جي شاگردن جي ۴ مارچ واري تحريڪ جي ڪردار مسعود نوراني جو پنهنجي خطاب ۾ چوڻ هو ته محمد ابراهيم جويو سنڌ جي تمام وڏي شخصيت هو، سندس هم عصرن ۾ حيدر بخش جتوئي، جي ايم سيد، قاضي فيض محمد، اي ڪي بروهي، تنوير عباسي، امداد حسيني ۽ نياز همايوني سميت سموري صديءَ جون اهم علمي، ادبي، فڪري ۽ تحريڪي ۽ سياسي شخصيتون شامل آهن ۽ انهن سان جوئي صاحب جا واسطا ۽ تعلق رهيا. مسعود نوراني چيو ته محمد براهيم جويو پاڻ بنيادي طور تي ترقي پسند هو ۽ هن جي سموري زندگي جو محور سنڌ هئي. جويو صاحب، مهاتما گانڌي کان متاثر هو ۽ هو عدم تشدد جو قائل هو ۽ پنهنجي قوم کي پڻ پنهنجي حقن، ترقي ۽ تعمير لاءِ هر وقت جدوجهد ڪرڻ جي تاڪيد ڪندو رهيو ۽ هو پنهنجي صحت جو خاص خيال رکندو هو. حيدرآباد ۾ پنهنجي گهر کان شهر جي مختلف هندن تي پنڌ هلڻ پسند ڪندو هو. مسعود نوراني ٻڌايو ته هڪ ڀيري هو ساڻس گڏ سينٽرل جيل حيدرآباد واري رستي تي وڃي رهيو هو ته، جويو صاحب رستي تي بيهي رهيو ۽ کوٽائي واري کڏ جي ڪناري تي ويهي ماڪوڙن کي چتائي ڏسڻ لڳو، منهنجي پڇڻ تي سڏي هڪ ماڪوڙو ڏيکاريائين جنهن جي چيلهه پڳل هئي ۽ هو مٿي اچڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيو هو ۽ وري ڪِري ٿي پيو ۽ اٿي وري ريڙهيون پائي هلڻ ٿي لڳو. جوئي صاحب منهنجو ڌيان ڇڪائيندي چيائين ته مسعود ! “اسان جي قوم جي به هن ماڪوڙي وانگر چيلهه پڳل آهي ۽ اسان کي پڻ هن ماڪوڙي وانگر پنهنجي جياپي لاءِ جدوجهد ڪرڻي آهي”. مسعود نوراني وڌيڪ چيو ته، ابراهيم جويو صاحب حالتن مطابق هلندو هو ۽ انتهاپسند نه هو ۽ ڪنهن به معاملي تي کلي سامهون نه ايندو هو. هن وٽ تمام گهڻي برداشت هئي ۽ هو ناممڪن حالتن مان به امڪانن ۽ ممڪن جي ڳولها ڪندو رهندو هو. محمد ابراهيم جوئي جي سالگرهه تقريب جي خاص مهمان اشفاق ميمڻ، اسپيشل اسسٽنٽ وزير اعليٰ سنڌ، پنهنجي خطاب ۾ چيو ته، سائين محمد براهيم جوئي کي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي سان تمام گهڻو چاهه ۽ لاڳاپو هو. هو تعليم جي معاملي ۾ ترقي جي دنيا جي نقطن تي پنهنجي ٻولي جي ترويج ۽ ترقيءَ کي اهم سمجهندو هو. اشفاق ميمڻ ٻڌايو ته، صوبائي حڪومت جي سيڪريٽري تعليم جي حيثيت ۾ هن سنڌ جي ٻهراڙين جي اسڪولن ۾ پنجاب وانگر سنڌ ۾ پڻ پرائمري کان انگريزي تعليم رائج ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ وارن فيصلن ۽ قدمن جي حوالي سان محمد ابراهيم جوئي سان تمام گهڻا بحث ۽ مباحثا ٿيا پر هو پرائمري کان انگريزي بجاءِ مادري ٻولي سنڌي کي پڙهائڻ لازمي قرار ڏيندو رهيو ۽ پرائمري کان ٻارڙن کي انگريزي پڙهائڻ جي حق ۾ نه هو. اهڙيءَ ريت، “عقل تي محبت سرسي ۽ اوليت حاصل ڪري وئي”. اشفاق ميمڻ جو چوڻ هو ته، پنجاب ۳۰ سال اڳ پنهنجي اسڪولن ۾ پرائمري کان ئي انگريزي تعليم رائج ڪئي ۽ هن وقت هو تعليم ۽ جديد دنياوي تعليم ۾ سنڌ کان گهڻو اڳتي آهي. سنڌ ۾ سگا جي خدمتن جي حوالي سان اشفاق ميمڻ جو چوڻ هو ته، سگا سنڌ جو تمام وڏو ادارو آهي، هن جي سماجي اهميت ۽ قدر و مقام کي ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ تمام گهڻو سمجهيو ۽ سنڌ جو تعليم سان بهتر مستقبل جو لاڳاپو ۽ حال کي بهتر بنائڻ لاءِ تعليم ۽ معياري تعليم کي عام ڪرڻ سگا جو مرڪز ۽ ڪم جو محور ۽ بنيادي نقطو بڻايو. سگا لابنگ جي حوالي سان سنڌ ۾ پنهنجيون ڪيتريون ئي مهمون شروع ڪيون ۽ انهن مان سنڌ کي لاڀ مليو آهي. اشفاق ميمڻ ٻڌايو ته، سگا جي تعليم عام ڪرڻ واري لابنگ جو هڪ مثال اهو پڻ آهي ته، وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو سان سگا جي اهم شخصيتن جي وفد خاص گڏجاڻيون ڪيون ۽ ڀٽو صاحب سان بحث مباحثن ذريعي سنڌ ۾ تعلقي سطح تي انٽرميڊيٽ ڪاليج قائم ڪرائڻ جو فيصلو ڪرايو ويو. اهڙيءَ ريت، سگا جا هن وقت پنهنجا به ۲۰ کان وڌيڪ روشن تارا اسڪول ۽ تعليمي ادارا هلي رهيا آهن. اشفاق ميمڻ چيو ته، سگا جون اهڙي قسم جون مهمون سي ايس ايس، بئنڪنگ سيڪٽر ۽ دنيا جي ٻين سمورن تعليمي شعبن ۽ مهارتن ۾ سنڌين کي پنهنجا حق ڏيارڻ ۽ رستا مهيا ڪرائڻ لاءِ هر وقت همٿايو ويندو رهيو آهي. ان سموري سماج سڌارڪ ۽ سماجي ڪمن ۾ سگا جا سمورا ساڃهه وند ۽ رضاڪار پنهنجي مدد پاڻ جي جذبي تحت ڪم ڪندا رهيا آهن. سگا جو اهو فڪر ۽ عمل “هڙان ۽ وڙان ڏئي ڪم ڪرڻ ۽ پاڻ ملهائڻ” واري شعوري جذبو جو عڪاس رهيو آهي. هن سموري تحريڪ جي اڌ صديءَ واري جاکوڙ جي مختلف رخن ۽ ڪردار تي يقينن، تفصيلي نموني تحقيق ڪرڻ ۽ ريڪارڊ تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. پروفيسر اعجاز قريشي چيو ته، سائين ابراهيم جوئي جا مختلف علمي موضوعن، تعليم، ادب، عالمي ادب ۽ دنيا جي شاندار ۽ اهم ڪتابن جا ترجما ٿيل آهن، جيڪي گذريل صدي کان پڙهندڙ جي اڃ اجهائيندا رهيا آهن ۽ اها تخليق ۽ شاهڪار ڪتاب صدين تائين پڙهندڙن جي علم ۾ واڌارو ۽ رهنمائي ڪندا رهندا. تقريب ۾ سنڌ گريجويٽس ائسوسئيشن جي چيئرمين رفيق احمد جعفري پنهنجي صدارتي خطاب ۾ چيو ته، محمد ابراهيم جويو سنڌ آهي ۽ سنڌ محمد ابراهيم جوئي کانسواءِ نامڪمل آهي. سندس صد ساله تقريبات ۽ ڪتابن جي اشاعت لاءِ هلايل مهم ۾ شريڪ ۽ شامل رهي ۽ هڪ وزني ڪتاب سگا کي شايع ڪرڻ جو اعزاز حاصل ٿيو، جنهن جي ڪجهه سال اڳ مهورت ته ڪئي وئي هئي پر ڪراچي ۾ سگا جي مرڪز ۾ سائين جوئي صاحب جي ۱۰۶هين سالگرهه واري ميڙاڪي ۾ ان ڪتاب جي مهورت ڪري پنهنجو اهو فرض ۽ قرض پڻ ادا ڪيو ويو آهي. هن چيو ته، جوئي صاحب جي سالگرهه جي حوالي سان ۱۳ آگسٽ يا ۲۲ آگسٽ وارو تڪرار ڪا وڏي ڳالهه نه آهي، سال جا سمورا ڏينهن محمد ابراهيم جوئي جا ئي ڏينهن آهن. (ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۵ آگسٽ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل) سائين ابراهيم جويو جي ياد ۾ ادل سولنگي نئين سنڌ اڏڻ جي لاءِ علمي ۽ عملي جدوجهد ڪندڙ، سنڌ جو ڏاهو محمد ابراهيم جويو، زندگيءَ جا سمورا پل پهر سنڌ جي فڪري اڏات واري ڪرت ۾ ڪتب آڻيندي ۹ نومبر ۲۰۱۷ع تي سنڌ واسين جي اکين ۾ وڇوڙي جا وڍ ڏئي سنڌ امڙ جي هنجهه ۾ سدائين لاءِ وڃي آرامي ٿيو. محمد ابراهيم جويو لڪي تيرٿ ڀرسان هڪ ننڍڙي ڳوٺ آباد ۾ هاري گهراڻي ۾ پيدا ٿيو هو. اڳتي هلي محمد ابراهيم جويو سائين جي ايم سيد جو سندس فڪري جدوجد ۾ ساٿاري ۽ ٻانهن ٻيلي بڻيو ۽ وڏي حد تائين سنڌ جي روشن خيالي واري تحريڪ جو روح روان به بڻجي ويو، محمد ابراهيم جويو، سنڌ ڌرتيءَ جي سڀاڳ جي علامت ۽ اهڃاڻ رهيو، جنهن سموري زندگي علم ۽ شعور، ڏات ۽ ڏاهپ، فن ۽ فڪر، حب الوطني ۽ روشن خيالي،سهپ ۽ رواداري، سياسي ۽ سماجي سجاڳي لاءِ پاڻ پتوڙيو، زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين سائين محمد ابراهيم جويي علم ۽ شعور جون مشعلون ٻاري سنڌ کي شعور جي روشني ڏيندو رهيو، جنهن جي علمي، ادبي جاکوڙي جدوجهد ۽ هڪ مڪمل صديءَ جي تاريخ جو مشاهدو آهي ته هن سنڌ جي علمي، ادبي سنوار ۾ پنهنجون سموريون صلاحيتون ڪتب آڻيندي لازوال مثال قائم ڪيو. سائين محمد ابراهيم جويي پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات سنڌ مدرسي کان ڪئي ۽ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ سنڌ سان مستقبل ۾ ٿيندڙ سازشن ۽ ويساهه گهاتين جو ادراڪ رکندي ”سيو سنڌ، سيو سب ڪانٽيننٽ /سنڌ بچايو، کنڊ بچايو“ جهڙو لازوال ڪتاب تخليق ڪيو. جنهن جي پاداش ۾ ان وقت جي تعليم جي وزير” پير الاهي بخش کيس نوڪريءَ تان لاهي ڇڏيو، ياد رهي ته پير الاهي بخش سنڌ مان سنڌي ٻوليءَ کي نيڪالي ڏيڻ ۾ ڌارين جو ساٿ ڏيندي سڀ کان پهرين ڪراچي شهر مان ۱۳ سئو سنڌي اسڪول بند ڪرايا هئا. سائين محمد ابراهيم جويو، اينٽي ون يونٽ فرنٽ ۽ بزم صوفياءِ سنڌ جي جدوجهد ۾ سنڌ ۽ سيد سان گڏ ايوبي شاهيءَ سان مهاڏو اٽڪائي پاڻ ملهايو، جنهن جي ڏوهه ۾ کيس ڪوهاٽ بدلي ڪيو ويو هو، سائين محمد ابراهيم جويو سنڌي ادبي سنگت کي سنڌ جي ترقي پسند ۾روشن خيال تنظيم طور نه رڳو قبوليو پر ان مقصد جي حاصلات لاءِ مسلسل سنڌي ادبي سنگت سان سلهاڙيل رهندي ان جي زيادتين جي رهنمائي ڪندو رهيو. جويو صاحب ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سان گڏ سنڌ هاري ڪميٽي جي مقصدن سان سهمت ٿيندي ان جدوجهد ۾ شامل رهيو، پنهنجي شاگرد رسول بخش پليجي جي عوامي تحريڪ کي به پنهنجي اخلاقي، علمي، ادبي ۽ سياسي حمايت سان اڳتي وڌايو. هو مارڪسوادي هجڻ باوجود هتان جي اشتراڪين سان قومي سوال تي سدائين ٽڪراءَ واري پوزيشن ۾ رهيو. سائين محمد ابراهيم جويو آزاد سنڌ ۽ سيڪيولر سماج جو حامي ۽ گهرجائو هئو، جنهن لاءِ سندس ڪوششون جاري رهيون. سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري، چيئرمين رهندڙ سائين محمد ابراهيم جويي ”مهراڻ“ کي جيڪو مٿاهون مقام ڏياريو ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي نيڪ ناميءَ لاءِ جيڪو پاڻ پتوڙيو اهو به تاريخ جو اهم حصو ۽ سندس علمي ادبي ڪاميابين ۽ ڪامرانين جو هڪ اعليٰ مثال رهيو آهي، سنڌ جي نصاب کي سيڪيولر، روشن خيال ۽ انسان دوست بڻائڻ لاءِ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين جي حيثيت سان ڪيل سندس پورهيو سدائين ياد رکيو ويندو. سائين محمد ابراهيم جويو سرونٽس آف سنڌ، سوسائٽي ۽ سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت جي بينر هيٺ ڪيترا ئي ڪرائتا ڪتاب ڇپرائي سنڌ جي علم ۽ ادب جي خدمت ڪئي.. سائين جويي صاحب شاهه سچل سامي، سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعرن جي ٽه مورتي بابت ڪتاب لکڻ سميت عالمي ادب جي شاهڪار ڪتابن جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري سنڌي ادب کي مالا مال ڪيو. سندس ترجمو ڪيل ڪتابن سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ ادبي دنيا ۾ هڪ نئين روشني ۽ شعوري انقلابي هلچل پيدا ڪئي. سياسي ادارن ۾ سائين محمد ابراهيم جويي جي ترجمو ڪيل ڪتابن کي اسٽڊي سرڪل ۾ باقائدگي سان پڙهايو ويندو هيو. سائين جي ايم سيد نئين سنڌ جو خواب ڏٺو، ان خواب جي ساڀيان لاءِ محمد ابراهيم جويي زندگيءَ جي هر گهڙي جدوجهد ۾ گذاري ڪندي.هن نئين سنڌ ۾ علمي سجاڳي پيدا ڪري روشن خيال ذهن پيا ڪيا، جنهن پنهنجي قلم ذريعي روسو ۽ والٽيئرجيان ڪردار ادا ڪيو. وطن دوستي، سماجي انصاف، جمهوري سماج جي اڏاوت لاءِ علمي ادبي ميدان ۾ ڪيل سندس جدوجهد سماج جي اڏاوت لاءِ علمي ادبي ميدان ۾ ڪيل خدمتون ڪڏهن به وساري نٿيون سگهجن. سائين محمد ابراهيم جويو سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيڻ واري عملي جدوجهد ۾ سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻي ڪئي ۽ سنڌ دشمنن، رٿائن ۽ سازشن خلاف سخت مزاحمت ڪئي. سائين محمد ابراهيم جويي سنڌ ۾ مادري ٻوليءَ ۾ تعليم ڏيارڻ جي حق کي مڃرائڻ لاءِ مثالي جدوجهد ڪئي. جرمن ڏاهي ارنيسٽ ٽرمپ شاهه لطيف جي دنيا ۾ هڪ وڏي شاعر طور سڃاڻپ ڪرائي ۽ شاهه سائين جي شاعريءَ تي تحقيق ڪري دنيا جو وڏو شاعر قبول ڪرايو، اهڙي طرح سائين محمد ابراهيم جويي سنڌ جي ويهين صديءَ جي وڏي شاعرشيخ اياز جي سڃاڻپ ڪرائي، هن شيخ اياز کي سنڌي شاعريءَ جي اوچي پد تي ويهارڻ لاءِ پنهنجون علمي، ادبي، صلاحيتون ڪتب آڻيندي شيخ اياز کي سنڌ جي ٻولي جي نج پڻي ۽ ڪارائتي نموني ٻوليءَ جو استعمال ڪرڻ سان شيخ اياز کي صدين جو سرجڻهار بڻائي ڇڏيو. سائين جي ايم سيد، حشو ڪيولراماڻي، عمر بن محمد دائود پوٽو، علامه آءِ آءِ قاضي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، قاضي فيض محمد، شيخ عبدالمجيد سنڌي، ڪامريڊ حيدربخش جتوئي، پير حسام الدين راشدي، رسول بخش پليجو، رشيد ڀٽي، سرالج الحق ميمڻ، شمشير الحيدري، حميد سنڌي، غلام محمد گدائي، غلام مصطفيٰ شاهه، عبدالڪريم گدائي، سرويچ سجاولي، محمد خان مجيدي، منشي ابراهيم، استاد بخاري، تنوير عباسي، ڄام ساقي، عبدالواحد آريسر وانگر سنڌ جي علمي، ادبي، سياسي ۽ قومي ورثي جي وارثي ڪندڙ ۽ ان شعوري روايت کي حب الوطنيءَ سان سلهاڙي نئين نسل ڏانهن پنهنجي قومي ورثي کي منتقل ڪرڻ واري عملي جدوجهد جو مهندار ۽ نئين نسل جو سونهون رهندڙ هڪ باڪردار عالم، اڪابر، اديب، دانشور، تعليمي ماهر جو رتبو ماڻيندڙ سائين محمد ابراهيم جويو جنهن پنهنجي سڄي ڄمار، علم جي روشني ڦهلائڻ واري صالح عمل کي ورجائيندي گذاري، جنهن پنهنجي نيڻن ۾ اڻيل پنهنجي خوبصورت خوابن واري سنڌ جي نئين سر اڏاوت ڪندي زندگيءَ جا سمورا پل پهر ارپي ڇڏيا، جنهن سنڌ ۾ علم ۽ ادب جا واهڙ نه پر ڪيئي درياهه وهائي سنڌ جي ذهنن کي زرخيرز بڻائي ڇڏيو. (ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۹ نومبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل) سائين محمد ابراهيم جويو سنڌ جو عظيم ڏاهو علمي ادبي شخصيت نور سنڌي سائين محمد ابراهيم جويو سنڌ جو عظيم ڏاهو، علمي ادبي، شخصيت، دانشور ھو سندس علمي ادبي دنيا ۾ ڪيل خدمتون اڻ وسرندڙ آهن. پاڻ سنڌ جو قومي سرمايو آهي، سندس شخصيت اسان سنڌ واسين لاءِ هڪ يونيورسٽيءَ جي حيثيت رکي ٿي. پاڻ تعليمي ماهر، شفيق استاد، اديب، دانشور، ترجما نگار رھيو. پاڻ سنڌي ٻوليءَ لاءِ پتوڙيو، خاص ڪري جڏهن پاڪستان ٺهڻ بعد سنڌي ٻوليءَ کي ڪاپاري ڌڪ لڳو ته پاڻ ان خلاف سراپا احتجاج بنجي ويو. سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان احتجاجي مهم جي اڳواڻي ڪئي ۽ ان خلاف اخبارن ۾ مضمون لکيا، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌي ٻوليءَ کي صوبي سنڌ جي سرڪاري ٻولي قرار ڏنو ويو. ۱۹۴۶ع ۾ پاڻ انگريزيءَ ۾ ڪتاب ”سيو سنڌ سيو دي ڪانٽيننٽ“ سنڌ بچايو کنڊ کي بچايو لکي ڀنڀور کي باهه ڏيڻ وارو مثال قائم ڪيو. ان ڪتاب جو ٽائيٽل ڏاڍو خوبصورت ۽ معنيٰ خيز هو. ٽائيٽل تي سنڌ جو نقشو هو، حقيقت تي مبني مواد واري اهڙي ڪتاب تي وقت جا حڪمران مٿس ناراض ٿيا جويو صاحب ان وقت سنڌ مدرسي ڪراچيءَ ۾ استاد هو ۽ کيس ان ڪتاب لکڻ جي ڏوهه ۾ سنڌ مدرسي جي ان وقت جي صدر پير الاهي بخش ملازمت تان هٽائي ڇڏيو. ون يونٽ خلاف سندس وڏي جدو جهد رهي ۽ ان ڏوهه ۾ کيس ۲ سالن لاءِ صوبي بدر ڪيو ويو. پاڻ لاتعداد مختلف ٻولين جي ڪتابن کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. جيڪو سندس وڏو ڪارنامو آهي. پاڻ سنڌي ادبي سنگت جي بانيڪارن مان هڪ ھو، پاڻ ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت جون سرگرميون جاري رکيون. ان کان اڳ پاڻ مشهور اديب ڊاڪٽر گر بخشاڻي جي سرپرستي هيٺ هلندڙ سنڌي ادبي سرڪل ۾ سرگرم رهيو. ۱۹۵۳ع ۾ چونڊيل اسيمبلي ۾ جيڪي سنڌي ٻولي لاءِ انگريزي ۾ پيش ڪيل ٺهراءَ جي نظرثاني ڪندڙن ۾ سائين جي ايم سيد، علي محمد راشدي، عبدالستار پيرزادو، محمد ابراهيم جويو هو. نوان ليکڪ پيدا ڪرڻ ۽ اڀرندڙ ليکڪن جي همٿ افزائي ۽ کين اڳتي آڻڻ ۾ سندس شاندار ڪردار رهيو سنڌ ڌرتي ۽ سنڌ واسين سان ٿيندڙ ويساهه گهاتين، سنڌ جي حقن، سنڌ جي ٻولي ثقافت جي حفاظت لاءِ هر دور ۾ محمد ابراهيم جويو جو هڪ ليکڪ هڪ دانشور هڪ ڏاهي جي حيثيت سان شاندار ڪردار رهيو، ان حوالي سان پاڻ لاتعداد مضمون لکيا کيس سنڌي ٻوليءَ جي ترقي، سڌاري جو فڪر رهيو، ان حوالي سان مختلف اخبارن، رسالن ۾ سندس مضمون شايع ٿيندا رهيا آهن. پاڻ جڏهن پاڪستان ٽيڪسٽ بورڊ سنڌ لاءِ انچارج مقرر ڪيو ويو، ساڳئي وقت پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جو اعزازي سيڪريٽري طور ادب لاءِ پاڻ پتوڙيو ساڳئي وقت پاڻ سليم احمد جي فرضي نالي سان انگريزي ۾ هڪ وال بروشر ”لينگويج پرابلم ان ويسٽ پاڪستان“ لکيو جنهن ۾ جويو صاحب پاڪستان جي قومي زبانن جي اهميت ۽ تاريخ بابت ملڪ اندر ٻولي جي مسئلي کي بهترين حل ڏنو. جڏهن اهو راز راز نه رهيو ۽ ڳالهه کلي ته اهو پمفليٽ محمد ابراهيم جويو جو لکيو ته وقت جي حڪمرانن کيس بدلي ڪري سزا طور جيڪب آباد هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر مقرر ڪيو. ته جيئن هو گهر کان پري رهي ڀلي پريشان ٿئي پر پاڻ اتي رهي به پنهنجو قومي ادبي ڪم جاري رکيو. شيخ اياز جي معرفت ترقي پسند ادبين، دانشورن لاءِ پاڪستان ادبي انجمن نالي تنظيم جو قيام آندو. ان جو پڌرنامو اردو، انگريزي، بنگالي، پشتو، سنڌي ۾ ڇپايو ويو. جنهن وڏي هلچل مچائي ڇڏي، ۽ اها ڳالهه راز نه رهي ۽ حڪمرانن مٿس وڌيڪ نارض ٿي سزا طور کيس پشاور موڪليو ۽ آرڊر ۾ لکيو ويو ته کيس جتي ماڻهن سان سندس رابطو گهٽ رهي اتي رکيو وڃي ۽ کيس ڪوهاٽ ٽريننگ ڪاليج ۾ پرنسيپل طور مقرر ڪيو ويو. محمد ابراهيم جويو سن ويجهو ڳوٺ آباد ۾ ۱۹۱۵ع ۾ ڄائو، ننڍڙي ڄمار ۾ پهرين سندس والد پوءِ امڙ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا. سندس پالنا سار سنڀال سندس ڏاڏي ڪئي. ۴ درجا پنهنجي ڳوٺ ۾ ۵ درجو ڳوٺ تيرٿ لکي ۾ فائينل، اي وي هاءِ اسڪول سن ۾ڪئي. جتي سندسن ملاقات سائين جي ايم سيد سان ٿي ۽ هنن جي دوستي ٿي وئي. ميٽرڪ ۱۹۳۰ع ۾ سنڌ مدرسو ڪراچي مان پاس ڪيائين جتي سندس استادن ۽ ان دور جون مشهور علمي ادبي شخصيتون، ڊاڪٽر گر بخشاڻي، پروفيسر منگهارام، پروفيسر ٽي ايم آڏواڻي، ڊاڪٽر ڊيو آرٿ، ڪاڪا ڀيرو مل، مهر چند ۽ ٻيا هئا. اتان بي اي پاس ڪري ۱۹۳۸ع ۾ انهيءَ اداري ۾ استاد طور مقرر ٿيو. سندس سيو سنڌ سيو دي ڪانٽيننٽ لکڻ جي ڏوهه ۾ نوڪري ختم ٿيڻ بعد ڪجهه سال بيروزگار رهيو ۽ ۱۹۴۹ع ۾ کيس ميونسپل هاءِ اسڪول ٺٽو ۾ هيڊ ماستر طور مقرر ڪيو ويو، جتي شاگردن ۾ غير نصابي سرگرميون شروع ڪيون ٺٽو ۽ جيڪب آباد جي ان وقت جي اسڪولن جي استادن ۽ شاگردن جو چوڻ آهي ته پاڻ شفيق استاد هو. والدين جهڙو پيار ڏيندو هو، ڪڏهن به شاگردن کي مار نه ڏني، بي عزتو نه ڪيو. هر ڳالهه پيار سان سمجهائيندو هو. شاگردن کي اولاد وانگر سمجهندو هو، سندس پڙهائڻ جو طريقو اهڙو ته پر اثر هو جو شاگرد چاهيندا هئا ته سندس پيرڊ ختم ئي نه ٿئي. انهن اسڪولن ۾ شاگردن جا ڊراما، ڊبيٽ پروگرام به ڪرايا. ۽ شام جو اسڪول جي گرائونڊ تي شاگردن سان گڏ راند روند به رهندو هو. ۱۹۵۴ع ۾ هاءِ پاور ايگزيڪيوٽو ڪميٽي فار سنڌي لٽريچر ۾ نالو ڏنو ويو ان جو ۱۰ سال سيڪريٽري مقرر رهيو. ان دوران به پاڻ سنڌي ادب جي بي مثال خدمت ڪئي. ۳ ماهي مهراڻ رسالي جو ايڊيٽر به رهيو. ۱۹۶۱ع ۾ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊيوڪيشن حيدرآباد ۾ پبليڪيشن آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي مقرر ڪيو ويو. ان بعد ساڳئي بورڊ جو حيدرآباد، ڪراچي، ڪوئيٽا ريجن جو انچارج رهيو. ۱۹۶۸ع گورنمنٽ ٽريننگ ڪاليج ڪوهاٽ جو پرنسيپل، ۱۹۷۰ع ۾ حيدرآباد ڊويزن تعليم کاتي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر رهيو. ساڳئي سال کيس سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. ۱۹۷۱ع ۾ تعليم کاتو خيرپور ڊويزن ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر رهيو. پاڻ ۱۹۷۳ع ۾ بيورو آف ڪريڪرلم اينڊ ايڪٽينشن سروس سنڌ ۾ ڊائريڪٽر ٿيو ۽ انهيءَ سال ان عهدي تان ريٽارئرڊ ٿيو. سندس اهم ادبي ۽ نصابي ڪتاب ۾ روسو جي ايملي جو ترجمو، بليو ٽارچ مضمون ٻارن جي تعليم جو ترجمو، سنڌي پهريون ڪتاب سنڌي بالغن جي تعليم جا ۳ ڪتاب، سنڌي ريڊر درجو چوٿون، سنڌي سپليمينٽري، درجو ڇهون، سنڌي اختياري درجو ڇهون، پاڪستان جي تاريخ لازمي درجو نائون ۽ ڏهون، دنيا جي تاريخ جو ترجمو، درجو نائون ۽ ڏهون، ٽيچرس گائيڊ ٽوٽيچنگ آف سائنس درجو ٻيون ۽ ٽيون، ٽيچرس گائيڊ ٽوٽيچنگ آف سائنس درجو چوٿون ۽ پنجون، فلسفي جو بنيادي ڪورس، ترجمو گئليلو، ترجمو، ٻارن جو مسيح، ترجمو فڪر جي آزادي، ترجمو شاهه سچل سامي، هوءَ جا ٽمڪي باهڙي، وحشي جيوت جا نشان ترجمو، محڪري جا مضمون ترجمو، ڳالهيون، ڪتابن جون، ٻولي ادب تعليم، اسلام جو تاريخ نامون ترجمو، اسان جي ٻولي اسان جي تعليم، ماڻهو جو ڀاڳ، خط ٻن استادن جا، مٺ مٺ موتين جي، عورت زاد، علم تدريس مظلومن لاءِ ترجمو”فرينچ انقلاب“ ترجمو، سيو سنڌ، سيو دي ڪانٽيننٽ، دي نيشن ان چينس ترجمو، پاڻ شاعري تي به عبور رکي ٿو. سنڌي شاعري جو بهترين پارکو آهي. پاڻ شيخ اياز جي ڪيترن ئي شاعري جي مجموعن جا خوبصورت مهاڳ لکيا. هر اديب، هر شاعر چاهي ٿو ته سندس ڪتاب جا مهاڳ سائين محمد ابراهيم جويو صاحب لکي. پاڻ سچو قومپرست ھو. مهان شاعر شيخ اياز پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ لکي ٿو ته محمد ابراهيم جويو سنڌي شاعري جو وڏو پارکو آهي، هو لکي ٿو ته سوڀو گيانچنداڻي، حشو ڪيولراماڻي ۽ محمد ابراهيم جويو اهي ۳ شخصيتون آهن جن منهنجي ننڍڙي عمر ۾ تربيت ڪئي آهي. جي مان انهن سان نه ملان هان ته مان، مان نه هجان هان، انهن سان منهنجي عقيدت ۽ محبت ائين رهي آهي جيئن رومي جي شمس تبريز سان رهي آهي. مشهور شاعر ليکڪ تاج جويو، محمد ابراهيم جويو بابت لکيل هڪ مضمون ۾ لکي ٿو ته محمد ابراهيم جويو ۽ شيخ اياز جي دوستي ۽ رفاقت فڪري رهي آهي، ان دوستيءَ جو محور ۽ محرڪ فقط سنڌ رهي آهي. ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکي ٿو ته، سنڌ جا ناميارا اديب حفيظ شيخ، سراج ميمڻ، رشيد آخوند، خواجه سليم، اياز قادري ۽ ٻيا ڪيترائي محمد ابراهيم جويو جي ميزباني ۾ سنڌ ادبي سنگت جون ڪراچي ۾ ٿيندڙ گڏجاڻين ۾ نپجي وڏا عالم ۽ اديب ٿي نڪتا آهن. پاڻ ڪيترن ئي اديبن جي ڪچين ڦڪين لکڻين کي درست ڪري سنواري مهراڻ رسالي ۾ شايع ڪيو. شيخ اياز کي همٿائڻ ۽ مٿي آڻڻ ۾ پڻ سندس جاکوڙ ۽ ڪردار آهي. محمد ابراهيم جويو صاحب مارڪسٽ آهي، پاڻ سياسي ڄاڻ رکندڙ شريف انسان تقرير، ۽ گفتگو جو جادو ئي انداز هر ڳالهه دليلن سان مڃائيندڙ پاڻ وڏا سهپ وارا گهڻ سهو. پاڻ ڪچهريون جو ڪوڏيو ھو هر ساڃاهه وند ماڻهو جي خواهش رهي ٿي ته هو جويو صاحب سان ملي ۽ ڪچهري ٻڌي. سندس لفظ موتين جي مالها وانگر آهن پاڻ سچ چوندڙ صاف دل ۽ هر ننڍي وڏي جي عزت ڪندڙ رهيو، سنڌ جو ھيءُ عظيم شخص ۹نومبر ۲۰۱۷ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. اڄ سندس ۵ ورسي ملھائي پئي وڃي. (ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۹ نومبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
حيدر علي لغاري شاهه لطيف جو پارکو الطاف ميمڻ برک عالم، استاد، اديب، نقاد ۽ شاهه لطيف جو پارکو سائين حيدر علي لغاري ۱۱ آگسٽ ۱۹۳۴ع ۾ تاجپور جي نواب گهراڻي ۾ نواب قمبر علي لغاري جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس خاندان مان نواب ولي محمد لغاري ٽالپر دؤرِ حڪومت ۾ سنڌ جو وزيراعظم هو. حيدر علي لغاري پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول تاجپور مان حاصل ڪئي، جتي سندس استاد غلام نبي لغاري راڳ جو وڏو ڄاڻو ۽ هار مونيم جو ماهر هو. ميٽرڪ ۱۹۵۲ع نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان ڪيائين، جتي سندس استاد عبدالرحيم ڏيٿو، غلام محمد شاهواڻي ۽ غلام حسين بالادي هئا. بي اي ۱۹۵۶ع ۽ ايم اي (مسلم هسٽري) ۱۹۶۰ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري حيدرآباد مان ڪيائين، جتي ڪاليج جو پرنسپل ڊاڪٽر ايڊرين دوارتي هو. بي ٽي (بي- ايڊ) ۱۹۶۱ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ڪيائين، جتي پنهنجي استاد سيد اڪرام علي کان تمام گهڻو متاثر ٿيا. پاڻ ”بي ٽي جي دؤر“ کي پنهنجو ”نئون جنم“ تصور ڪندا هئا. ڪاليج جي ئي زماني ۾ ۱۹۵۲ع کان علامه آءِ آءِ قاضي جا ليڪچر ٻڌڻ شروع ڪيائين، جنهن سندس ذهني تربيت ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو. سندس فڪر جي گهرائي، قول ۽ فعل جي سچائي تي قاضي صاحب جا چٽا عڪس نظر اچن ٿا. سائين حيدر علي لغاري مولانا غلام محمد گرامي جي شخصيت ۽ علم کان به گهڻو متاثر هئا ۽ پاڻ کي ان جو ”حبدار شاگرد“ لکيو اٿن. سندن گرامي صاحب سان ڪچهرين ۽ خط و ڪتابت جو سلسلو تمام ڊگهو آهي. سائين حيدر علي لغاري پنهنجي خانداني نوابيءَ کي ڇڏي استاد ٿيڻ پسند ڪيو ۽ ۴۰ سال سنڌ جي مختلف تعليمي ادارن ۾ استاد جي حيثيت ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. هو ۲۰ آگسٽ ۱۹۵۶ع ۾ اسسٽنٽ ماسٽر طور تعليم کاتي ۾ ڀرتي ٿيو. ۱۹۵۶ع کان ۱۹۷۲ع تائين گورنمينٽ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ رهيو. ان دوران ۱۹۶۱ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪنڌرا (ضلعو سکر) ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٻنو (ضلعو ٺٽو) ۾ هيڊ ماسٽر ٿي رهيو. آڪٽوبر ۱۹۷۳ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽنڊوڄام ۾ هيڊ ماسٽر ٿي رهيو. ڪجهه مخالفن جي زور تي مارچ ۱۹۷۵ع ۾ جڏهن سندس بدلي ٽنڊوڄام کان نصرپور ڪئي وئي ته اسڪول جي شاگردن پنهنجي هر دلعزيز محبوب استاد جي واپسيءَ لاءِ سخت احتجاج، جلوس ۽ هڙتالون ڪيون، حيدرآباد ۾ مظاهرا ڪيا ويا، ۱۷ ڏينهن جي مسلسل ويڙهاند ۾ معاملو سنڌ اسيمبليءَ تائين پهتو ۽ انتظاميا مجبور ٿي حيدر علي لغاري کي ٻيهر ٽنڊوڄام ۾ مقرر ڪيو. آڪٽوبر ۱۹۸۱ع کان فيبروري ۱۹۹۱ع تائين گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج آف ايجوڪيشن (مين) حيدرآباد ۾ ليڪچرر طور فرض انجام ڏنائين. آگسٽ ۱۹۹۲ع تائين هائير سيڪنڊري اسڪول سن ۾ پرنسپل ٿي رهيو. بيورو آف ڪريڪيولم ۽ ايڪسٽينشن ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ ٿي رهيو. ان دوران گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج حيدرآباد جي پرنسپل جي اضافي چارج به سندن حوالي رهي. ۱۰ آگسٽ ۱۹۹۴ع تي ملازمت کان رٽائر ٿيا. سائين حيدر علي لغاري جو شمار سنڌ جي انتهائي ڪميٽيڊ ۽ غير روايتي استادن ۾ ٿئي ٿو. سندس مقناطيسي شخصيت، اخلاق ۽ علم ٽريننگ ڪاليج ۾ ٽريننگ لاءِ ايندڙ استادن تي اهڙو ته اثر ڪندا هئا جو اُهي ٻين استادن جا ڪلاس وٺڻ بدران سندس ئي ڪلاسن ۾ ويٺا هوندا هئا. هو هڪ ڪُل وقتي استاد هو. اسڪول ۽ ڪاليج جي سرڪاري ذميوارين کانپوءِ به سندس گهر سدائين شاگردن جي هجومن سان ڀريو پيو هوندو هو. هو يونان جي سُقراط وانگر روڊن تي، رستن تي، ٿلهن ۽ فوٽ پاٿن تي ويٺو شاگردن سان علم ۽ دانش جا ٻول ٻوليندو هو. پاڻ نئين سنڌ جي نوجوان نسل جي فڪري اوسر ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيائون. ڪيترن ئي شاگردن سان سندس خط و ڪتابت جو سلسلو هوندو هو. عبدالقادر جوڻيجو ڏانهن لکيل سندس هڪ خط سنڌ يونيورسٽي جي بي اي جي سليبس ۾ به رکيل آهي. متڀيد جي فرقن کان آجو ٿي پاڻ ڪيترن ئي غريب شاگردن جون مالي مددون به ڪندا هئا، جن جي خبر سندن وفات کانپوءِ پئي آهي. جاگيردار خاندان جو فرد هوندي به پورهيت دوستن جي ساٿ ۾ رهيو. هارين ۾ جاڳرتا پيدا ڪندڙ کاٻي ڌر جي مشهور ڪردار عزيز سلام بخاري جون تنظيمي ڳجهيون ميٽنگون لغاري صاحب جي گهر تي ٿينديون هيون، ان جي وفات به لغاري صاحب جي گهر تي ۷ فيبروري ۱۹۸۶ع ۾ هڪ ميٽنگ دوران ئي ٿي هئي. ۱۹۷۴ع کان ۱۹۷۸ع جي زماني ۾ سنڌ جي پهرين غير قانوني سائيڪلوسيل ماهوار اخبار ”هلچل“ حيدر علي لغاري جي تعاون سان ڄام ساقي ٽنڊوڄام هاءِ اسڪول جي سائيڪلومشين تان ڇاپيندو هو، جنهن ۾ سندس فرضي نالن سان سندس ڪيترائي مضمون پڻ شايع ٿيا. ڄام ساقي جي روپوشي جي زماني ۾ اڪثر رهائش حيدر علي لغاري جي گهر ۾ ئي هوندي هئي. سائين حيدر علي لغاريءَ جو پهريون مضمون ۱۹۵۸ع ۾ ملا اسڪول مخزن ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ شايع ٿيو. اخبار تعليم ۽ مهراڻ/ رسالن ۾ به ڪيترائي مضمون ڇپيا، سندس ٻه ڪتاب پهريون اندر ملهه املهه ۱۹۹۸ع ۽ ٻيو ڪتاب ڪُڇان ڪڄاڙو ۲۰۰۷ع ۾ شايع ٿيا. تنقيد، تعليم، تصوف، فلسفي ۽ لطيفيات جي حوالي سان سنڌي ادب ۾ نمايان حيثيت رکن ٿا. شاهه لطيف تي لکيل سندس مضمونن کي شهناز شورو اردو ترجمو ڪري ڪتابي صورت ۾ ”سوزو سازِ لطيف“ ۲۰۰۹ع جي نالي سان ڇپرايو آهي. سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري حيدرآباد پاران غير مادري زبان وارن لاءِ پهريون ڪتاب به حيدر علي لغاري پنهنجي دوست محمد نواز نوناري سان گڏ ”سنڌي ڪتاب“ ۱۹۹۵ع لکيو. حيدر علي لغاري سنڌي زبان جي ڪلاسيڪي ادب، صوفي شاعرن جي شاعريءَ ۽ خاص طور تي شاهه لطيف جي احساسن جي نهايت ئي ڳوڙهي انداز ۾ شرح ڪئي. علمِ نفسيات ۽ فلسفي جي جديد عالمي نظرين جي تناظر ۾ سندس ڪيل لطيف جي تنقيدي تشريح کيس علامه آءِ آءِ قاضي ۽ تنوير عباسي جهڙن نقادن جي فهرست ۾ آڻي بيهاريو آهي. اها خاصيت سنڌي ادب جي تنقيد نگاريءَ ۾ نواڻ پيدا ڪرڻ جي پهرين لهر آهي. سندس خاص موضوع انسانيت جا اعليٰ قدر ۽ آدرش هئا. سندس انداز فلسفاڻو، طبيعت صوفياڻي ۽ ڳالهائڻ علمي ظرافت سان ڀرپور هو. هو صبر و تحمل ۽ قوتِ برداشت جو حيرت انگيز پيڪر هو. پنهنجي ڳوٺ تاج پور ۾ ۱۹۵۳ع ۾ ”ينگ بلوچ سوسائٽي“ قائم ڪيائين، جنهن جو مقصد ڳوٺ جي نوجوانن ۾ سجاڳي، تعليم جو واڌارو، سماجي ڪمن تي ڌيان ۽ ڳوٺ جي فلاح ۽ بهبود هو. پاڻ پنهنجي دوست امير علي قادري جي ٺاهيل ”سنڌ فلاسافيڪل سوسائٽي“ جا صدر رهيا. هن سوسائٽي جو مقصد جديد فڪر کي سنڌ ۾ آڻڻ ۽ سجاڳي هو. ان سلسلي ۾ علامه آءِ آءِ قاضي جو ڪتاب ”اوڪو ٻيو فهم“ ڇپرايو ويو ۽ ڪيترائي ليڪچر به ڪرايا ويا. ان کانسواءِ سنڌ ايجوڪيشن ٽرسٽ حيدرآباد ۾ به ڪيترن ئي موضوعن تي سندن ليڪچر ٿيا، جيڪي ٽرسٽ پاران ڇپيل صورت ۾ موجود آهن. پاڻ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي جي ٺاهيل تنظيمن ”اوسر پيڙهڪا حيدرآباد“ جا جنرل سيڪريٽري ۽ ”سنڌ ٽيچرس ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي“ جا صدر به رهيا. سائين حيدر کي چئن پٽن ۽ ڇهن نياڻين جو اولاد ٿيو، جن مان اسرار لغاري آرٽ جي ميدان ۾ هڪ مشهور نالو آهي. سائين حيدر علي لغاري ۲۵ آگسٽ ۲۰۰۸ع تي ۷۴ سالن جي عمر ۾ اختر ڪاٽيجز حيدرآباد ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي وفات ڪري ويو. سندس قبر نواب ولي محمد لغاري جي مقبري جي ڀر ۾ پٺاڻ ڪالوني حيدرآباد ۾ واقع آهي. سندس ڪجهه شاگردن مانجهند ۾ حيدر علي لغاري لائيبريري به قائم ڪئي آهي. حيدر علي لغاري سڄڻ کٿوري بُوءِ غلام حسين رنگريز منهنجو اُهو اڃا شاگرديءَ وارو دؤر هو ته هڪ ڀيري شهر جي بازار ڏانهن ويندي هڪ ماڻهوءَ کي پينٽ شرٽ ۾ سامهون ايندي ڏٺم، جنهن جي چهري جي اڇي رنگت، ٿورا گهنگهريالا وار ۽ موچارا مهانڊا هُئس ۽ قدآور به هو. سوچيم ته اهو همراهه هن شهر جو ته نٿو لڳي، غالبن ڪو اجنبي ڪنهن ڪم سانگي آيو هوندو. ڪجهه هفتن بعد دوستن سرڪاري پرائمري اسڪول ميرپور بٺورو، جتي هن وقت گرلس پرائمري اسڪول آهي ۾ هڪ تعليمي تقريب ۾ اچڻ جي نينڍ ڏني ته آئون ۽ سندم دوست عبدالحميد شاهين (مرحوم) گڏجي تقريب ۾ وياسين. اسڪول جي ورانڊي ۾ تقريب جو اهتمام ڪيل هو، جنهن ۾ اڪثريت پرائمري استادن جي هُئي. مختلف استادن مقالا پڙهيا ۽ تقريرون ڪيون. آخري ماڻهن مان هڪ کي مقالي پڙهڻ لاءِ سڏيو ويو ۽ هُو جڏهن اسٽيج تي آيو ته ڏٺم اُهو ساڳيو ئي پينٽ شرٽ وارو همراهه هو. اُتي پهريون ڀيرو خبر پئي ته هو ٽريننگ اسڪول جو استاد محترم حيدر علي لغاري هو. ساڻس بٺورو ۾ ڪا خاص قابلِ ذڪر ڪچهري نه ٿي. ان بعد ڪافي سالن پُڄاڻان منهنجي ملاقات حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج ۾ سندم مرحوم دوست عبدالفتاح عبد ذريعي ٿي. ڇاڪاڻ ته عبدالفتاح عبد، اُنهن ڏينهن ۾ ڪاليج طرفان ڇپجندڙ ’اخبار تعليم‘ (ماهوار) جو ايڊيٽر هو ۽ محترم حيدر علي اُنهيءَ ڪاليج ۾ استاد هو. جيئن ته منهنجو ڪاليج ۾ اڪثر اچڻ وڃڻ ۽ هاسٽل ۾ رهڻ ٿيندو هو. انهيءَ ڪري سائين حيدر علي کي تمام ويجهڙائيءَ سان ڏسڻ، ٻُڌڻ ۽ پرکڻ جو موقعو نصيب ٿيو ۽ پوءِ اها قربت آخر تائين قائم رهي. سائين حيدر علي لغاري، جيتوڻيڪ تاجپور جي نواب خاندان سان تعلق رکندو هو پر منجهس نوابيءَ وارو ٺاٺ وغيره قطعي موجود نه هو. هو ٻين استادن جي ڀيٽ ۾ تمام نهٺو، سنجيده ۽ گهڻو پڙهيو انسان هو ۽ منجهس انسانيت جا سڀ گُڻ موجود هئا. سائين حيدر عليءَ کان، علم ۽ ادب ۽ فلسفي جي حوالي سان، گهڻو ڪجهه پلئه پيوم. سائين حيدر علي فڪري طرح علامه آءِ آءِ قاضي کان ڪافي متاثر هو ۽ اڪثر قاضي صاحب جي دانش جا حوالا ڏيندو هو. هو فڪري طرح هن دؤر جو هڪ ڏاهو فيلسوف هو جنهن فلسفي جي مختلف نظرين ۽ فڪري وهڪرن مان فيضياب ٿي پنهنجي انفرادي واٽ ٺاهي ورتي هئي. ساڻس ڳالهين ٻولين دوران ڪا به تلخي نه ٿيندي هئي ۽ هو انتهائي ڌيرج سان مدلل نموني پنهنجو نقطئه نظر پيش ڪندو هو. هُن جي فڪري اُڻت ۾ تصوف، سيڪيولرزم، سماجواديت ۽ ڪي قدر وجوديت جا عناصر شامل هئا ۽ پاڻ ترقي پسند هئڻ سان گڏوگڏ سنڌ دوست به هو ته انسانيت پرست به. مون کيس ڪچهرين دوران اسلام ۽ مختلف مغربي ۽ مشرقي فيلسوفن تي توريل تڪيل راءِ ڏيندي ڏٺو ۽ ٻُڌو. سنڌ ۾ ۽ خاص طرح تعليم کاتي ۾ ايڏي وڏي ۽ همه گير اڀياس رکڻ وارا ماڻهو تمام گهٽ نظر ايندا، جيڪي صاحبِ علم به هجن ته صاحبِ ڪردار به. سائين حيدر علي لغاري ڪافي قلمي پورهيو ڪيو ۽ سندس هڪ ڪتاب ”مُلهه املهه“ به ڇپيو ۽ آئون پاڻ کي خوش قسمت ٿو سمجهان ته سندم لائبريري ۾ اُهو ڪتاب موجود آهي، جنهن ۾ مختلف موضوعن تي سندس طبعزاد مضمون ۽ مقالا آهن. سندس مضمون سنڌي ٻوليءَ جي مختلف رسالن جهڙوڪ ”اخبار تعليم“، ”ٽه ماهي مهراڻ“ ۽ ٻين رسالن ۽ اخبارن ۾ وقت بوقت شايع ٿيندا هئا. سندس لکڻ جو به هڪ پنهنجو منفرد اسٽائل هوندو هو، جنهن ۾ فارسيءَ جا شعر، لطيف سائين جا بيت ليک کي وڌيڪ حسُناڪ بنائي ڇڏيندا هئا. هُن جي فڪر و نظر ۾ هڪ عجيب ڇڪ محسوس ٿيندي هُئي جيڪا ذهنن کي جهنجهوڙي ڇڏيندي هئي. هُو ڪنهن به سياسي ڌر جو ماڻهو نه هو پر هُن جي دامن جي وسعت ۾ سڀ ڌريون سمائجي وينديون هُيون. هو سونهن، سنگيت ۽ ٻين فنونِ لطيفه جو پرستار هو يا ائين کڻي چوان ته ’سونهن ۽ سنگيت‘ سندس ڪمزوري هوندا هئا. هو طبعن حضور شرم، ڏيک ويک کان پري رهندڙ ۽ ڪتابن سان گڏ چونڊ دوستن سان ميل ميلاپ رکندڙ هڪ آدرشي انسان هو. هو ٻئي جي راءِ کي سنجيدگيءَ سان ٻڌندو ۽ قابلِ قبول استدلال کي تسليم ڪندو هو ۽ پنهنجي نقطئه نظر کي جارحاڻي انداز ۾ ڪڏهن به پيش نه ڪندو هو. سائين شمس الدين عرساڻي سندس قريبي دوست رهيو. سائين حيدر علي لغاري هڪ انسائيڪلوپيڊڪ پد جو ماڻهو هو پر اسان جا اشاعتي ادارا کيس پرکي ۽ پروڙي نه سگهيا، جي نه ته اسان کي اهو احساس نه ستائي ها ته سنڌي ٻولي ۽ ادب فلسفي جي دنيا ۾ گهڻو پوئتي رهيل آهي. سائين حيدر علي اسان جي درميان نه آهي پر سندس ساروڻيون ساٿ آهن. هُن تاري هُن روءِ، هُتي منهنجا سپرين سڄڻ کٿوري بوُءِ، موُن کي موُر نه وسريا. (لطيف سائين) سائين حيدر علي لغاري هڪ يگاني عالم جي ياد ۾! تاريخ ۲۵ آگسٽ ۲۰۰۸ع تي اسان سنڌ واسين کان هڪ استاد، مفڪر، عالم، اديب ۽ لطيف جو پارکو سائين حيدر علي خان هميشه لاءِ وڇڙي ويو. ڪالهه سندن چوٿين ورسي هئي. سائين حيدر علي لغاري بنيادي طور تي استاد هئا ۽ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ايندڙ هزارين ماسترن کي تربيت ڏئي کين صحيح معنيٰ ۾ استاد بڻائڻ ۾ سندن اهم ڪردار رهيو. سائين حيدر علي جو سڀني تربيت وٺندڙ استادن سان شفقت وارو رويو هوندو هو ۽ ٻيو اهو ته سائين جو پڙهائڻ ۽ ليڪچر ڏيڻ جو منفرد انداز هو. سائين جي لکڻ جو انداز به ٻين ليکڪن کان مختلف آهي، ان ڪري کين يگانو عالم ڪوٺيو ويندو آهي. سائين حيدر علي جي لکڻين جا ٻه ڪتاب ”اندر ملهه املهه“ ۽ ”ڪڇان ڪڄاڙو“ سندن جيئري ئي ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن ۽ اڃا به گهڻو اڻ ڇپيل مواد موجود آهي، جنهن کي ڇپائڻ جي ضرورت آهي. سائين جي لکڻين جا موضوع علم، تعليم، تدريس ۽ لطيف جي فن ۽ فڪر بابت آهن. سندن استاد ۽ رهبر علامه آءِ آءِ قاضي هو. سائين حيدر علي ”سنڌ فلاسافيڪل سوسائٽي“ جي صدر جي حيثيت سان، سندن روحاني رهبر علامه آءِ آءِ قاضي جي تقريرن تي مشتمل ڪتاب ”اُو ڪو ٻيو فهم“ پڻ ڇپايو هو ۽ ان جي مهورت سنڌ زرعي يونيورسٽي جي آڊيٽوريم ۾ ٿي هئي، جنهن جو مهمان خاص تڏهوڪو وفاقي وزير تعليم سيد غلام مصطفيٰ شاهه هو. سائين ان تقريب ۾ به هڪ فڪر انگيز تقرير ڪئي هئي، جيڪا رڪارڊ تي موجود آهي. سائين هڪ شخصيت نه پر هڪ مڪمل ادارو هئا ۽ ڪنهن ڏاهي چواڻي ته پاڻ خاموش خدمت ڪندڙ هئا ۽ فرد تيار ڪندا رهيا، جيڪو هڪ ڏکيو عمل آهي. اڄ سائين حيدرعلي ته اسان وٽ موجود ناهي پر سندن يادون موجود آهن. سائين وٽ ڪتابن جو به تمام وڏو ذخيرو هو، اميد ته سائين جا پونيئر ۽ پوئلڳ انهن ناياب ۽ املهه ڪتابن جي ذخيري کي به سنڀاليو ايندا. فقير علي ڏنو جروار/حيدرآباد حيدر علي لغاري لطيف سائينءَ جو پارکو علي ڏنو جروار سائين حيدر علي لغاري اسان سنڌ واسين کان ۲۵ آگسٽ ۲۰۰۸ع تي وڇڙي ويو هو. هي مضمون سندن ستين ورسيءَ جي نسبت سان لکي رهيو آهيان. سائين حيدر علي جي زندگي جا ڪيترا ئي رُخ، پهلو ۽ قدر آهن. سڀ کان پهريون اِهو ته سندن تعلق تاجپور جي نواب گهراڻي سان آهي. تاجپور جي نواب گهراڻي جي سڃاڻپ ”نواب ولي محمد لغاري“ جيڪو سنڌ ۾ ميرن جي صاحبي واري دؤر ۾ سنڌ جو وزيراعظم هو، تنهن کانپوءِ وري انهيءَ خاندان مان هڪ ٻيو ”نواب ولي محمد لغاري فقير“ پيدا ٿيو، جيڪو ڪافين جو بهترين شاعر آهي. اُن نواب ولي محمد فقير جو تاجپور ۾ ۴ رمضان شريف تي هر سال ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي. انهيءَ ڏهاڙي تي سڄي سنڌ مان صوفي راڳي اچي گڏ ٿيندا آهن، جيڪي ٽن ڏينهن جي تقريبن ۾ صوفي راڳ ٻڌائي ٻڌندڙن تي وجد طاري ڪري ڇڏيندا آهن. سائين ان فقير ولي محمد جي خاندان جو چشم چراغ هو. سندن ٻي سڃاڻپ استاد هئڻ واري آهي. پنهنجي ملازمت جو ڳچ عرصو ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد ۾ سنڌ جي پرائمري اسڪول ٽيچر، جونيئر اسڪول ٽيچر ۽ اورينٽل ٽيچر کي پڙهائيندي گذريو، جنهن کي سنڌيءَ ۾ استادن جي تربيت به چيو ويندو آهي. ان کان علاوه پاڻ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٻنون ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽنڊوڄام جا هيڊ ماستر، گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول سن ۽ گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج فار ايڊيوڪيشن حيدرآباد جا پرنسپل به رهيا. سبجيڪٽ اسپيشلسٽ بيورو آف ڪريڪيولم مان زندگي جا ۶۰ سال پورا ٿيڻ تي رٽائرمينٽ ورتائون. ٽريننگ ڪاليج ۾ پڙهائڻ سبب سائين حيدر علي جا سڄي سنڌ ۾ شاگرد موجود آهن، جن مان ڪيترائي سي ايس ايس ۽ پي سي ايس ڪري تمام وڏن عهدن تي وڃي پهتا آهن. ڪاليج ۾ سائين حيدر علي لغاري جي ليڪچر جو، شاگرد ايترو ته اثر وٺندا هئا جو هو واقعي ڪاليج مان ”استاد“ بڻجي نڪرندا هئا. آئون پاڻ سائين جو شاگرد رهيو آهيان. ڪلاس ۾ ليڪچر دوران ۽ نجي ڪچهرين ۾ سائين سدائين چوندو هو ته، ”اسان جي وڌ کان وڌ اِها ڪوشش رهندي آهي ته هتان پڙهي نڪرندڙ يا ٽريننگ جو پاس سرٽيفڪيٽ وٺي ويندڙ استاد کي حقيقي استاد ڪري موڪليون“ ۽ ڪڏهن ڪڏهن وري اِهو به چوندا هئا ته ”ان ڪوشش ۾ ڪيترا ڪامياب يا سوڀارا ٿيندا آهيون؟ اُهو وقت ۽ تاريخ طئه ڪندو“. سائين تقريبن روزانو شام جو ٽريننگ ڪاليج جي لان ۾ اچي ويهندو هو، جتي ڪجهه سلجهيل شاگرد به وٽس اچي ويهندا هئا. سائين جي ڪچهري جو موضوع هر جاءِ تي علم ۽ ادب هوندو هو. لطيف جي شاعري، اياز جي شاعري، منشي ابراهيم جا گيت، آءِ آءِ قاضي جا گفتا ڪچهري جي رونق هوندا هئا ۽ جڏهن شاگرد سال يا ٻن سالن جي تعليم ۽ تربيت مڪمل ڪري واپس پنهنجن ماڳن ڏانهن روانا ٿيندا هئا ته سندن سامان جي ڳوٿري ۾ شاهه جو رسالو، اياز، امر جليل، سراج ۽ ٻين ليکڪن جو ڪونه ڪو ڪتاب ضرور موجود هوندو هو، جيڪو هو تلڪ چاڙهي تي آمريڪن ڪلچرل سينٽر جي هيٺان موجود ادبي ڪتاب گهر ادبيات يا حيدر چؤڪ تي موجود ڪتابن وارن کان خريدي ڳوٺن ڏانهن کڻي ويندا هئا، جتي پاڻ به اُهي ڪتاب پيا پڙهندا هئا ۽ پنهنجن عزيزن يا دوستن کي به پيا پڙهائيندا هئا. هڪ لحاظ کان اِها ادب ۽ ٻوليءَ جي خدمت هئي، جيڪا سائين حيدر علي لغاري خاموشيءَ سان ڪندو رهندو هو. سندن ٽين سُڃاڻپ هڪ ليکڪ واري آهي. سائين حيدر علي جي لکڻين ۾ انفراديت هئي. اسلوب ۽ ٻوليءَ جي لحاظ کان انهن لکڻين جي الڳ حيثيت ۽ شناسائي آهي. سندس لکڻين جا ٻه ڪتاب ”اندر مُلهُه اَمُلهه“ ۽ ”ڪڇان ڪڄاڙو“ ڇپجي چڪا آهن. ٻنهي ڪتابن جا نالا لطيف جي بيتن مان کنيا ويا آهن. (۱) جهڙا ڪڙڇ ڪَڪَرا، تهڙا جائن ڦُل، تِن سامين جي سُڌ مران، جن جي گودڙين ۾ گُل، اندر مُلهه اَمُلهه، ٻهر ڪوجها ڪاپڙي (لطيف) ۽ وري ٻئي ڪتاب جو نالو به لطيف جي سٽ مان ورتو ويو آهي. (۲) ڪُڇان ڪڄاڙو، بري هِن ڀنڀور ۾. (شاهه) ڪتابن جا نالا لطيف جي شاعريءَ مان چونڊڻ سندن لطيف سان انسيت جو اظهار آهي. سندن چوٿين خوبي يا سڃاڻپ لطيف جي شاعري سان چاهه هئن. پاڻ لطيف جي شاعري تي ايترو ته عبور رکندا هئا ۽ اُن جو اهڙو ته ڇيد پيش ڪندا هئا جو ٻڌندڙ محو ٿي ويندا هئا. پاڻ سنڌ ۾ لطيف جا پارکو سمجهيا ۽ سڏيا ويندا هئا. لطيف جا ڪيترا ئي بيت سائين کي ياد هوندا هئا. اُن ڳالهه جو اعتراف ۽ اظهار سنڌ جي ڏاهي سائين محمد ابراهيم جويي به ڪيو آهي. هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام عمرڪوٽ سان تعلق رکندڙ شاگرد، ابراهيم جويي صاحب وٽ ويا ۽ چيائون ته سائين اسان عمرڪوٽ ۾ جشن لطيف ٿا ملهايون، توهان هلي صدارت ڪريو، جنهن تي جويي صاحب طبيعت صحيح نه هئڻ ڪري انهن کان معذرت ڪئي. جويي صاحب جو جواب ٻڌي هڪ شاگرد کين چيو ته سائين پوءِ لطيف بابت اسان ڪنهن کان ٻڌون. جويي صاحب هڪدم ورندي ڏني ته ”ٽريننگ ڪاليج ۾ حيدر علي لغاري ويٺو آهي، لطيف جي باري ۾ اُهو ڳالهائي سگهي ٿو، اُن کي وٺي وڃو.“ پاڪستان ٽيليويزن تي سنڌيءَ ۾ ”پرک“ پروگرام نشر ٿيندو هو، جنهن ۾ هر دفعي ڪو ڏاهو، اديب يا لطيف جو پارکو گهرائي اُن کان لطيف بابت ٽن کان پنجن منٽن تائين ڪنهن بيت، داستان يا سُر بابت ڳالهرائيندا هئا. اُن پروگرام ۾ هڪ دفعي سائين حيدر علي کي به گهرايو ويو هو، جنهن ۾ سائين لطيف جون هيٺيون ٻه سٽون پڙهي انهن جي تشريح ڪرڻ شروع ڪئي. ڪين ڌر تتي ماءِ، ڪين ڄر سندي سڄڻين، هلي ۽ واجهاءِ، ٻنهي ڄيرن وچ ۾. (شاهه) اُهو پروگرام مون پاڻ ٽي وي تي ڏٺو پئي. اُن وقت سائين ڳالهائي به رهيو هو ۽ بار بار پنهنجي واچ ۾ به ڏسي رهيو هو، پوءِ جڏهن اسان روبرو ملياسين ته مون کانئس پڇيو ”سائين ڀلا توهان گهڙي ڇو پئي ڏٺي؟ چيائين ته ادا مون کي پروڊيوسر چيو هو ته جيڪا به ڳالهه توهان کي ڪرڻي آهي، اُها ٽن کان پنجن منٽن اندر مڪمل ڪرڻي آهي، تنهن ڪري وقت پئي ڏٺم.“ سائين جي اُها گفتگو ايتري ته متاثر ڪندڙ هئي جو اٺن منٽن تائين هلي هئي، جنهن ۾ پروڊيوسر کيس اِشاري سان چوندو رهيو ته جاري رکو. هي آهن سائين حيدر علي جي استقلال ۽ عظمت جون ڳالهيون. سائين جي شخصيت جو هڪ عظيم ۽ اهم گُڻ انسان دوستي هئي، جنهن موضوع تي وري الڳ مضمون لکي سگهجي ٿو. سائين حيدر علي جي روح کي سمجهڻ لاءِ اسان سنڌ واسين کي مٿي ذڪر ڪيل ٻئي ڪتاب بار بار پڙهڻا پوندا، انهن ڪتابن پڙهڻ جي هينئر سنڌ جي ماڻهن کي تمام گهڻي ضرورت آهي. حيدر علي لغاري بحيثيت شاعر مٺل جسڪاڻي سائين حيدر علي لغاري هڪ لکيو پڙهيو، غير معمولي انسان ته هو ئي؛ هو ڏاهو، مدبر، عالم، فيلسوف، انسان دوست، دانشور، اديب، تعليمي ماهر، بهترين منتظم، گهڻ رخي شخصيت جو ڌڻي هو. سندس عام اٿڻ ويهڻ، هلڻ گهمڻ، ڳالهائڻ، سفر ڪرڻ، خريداري جو رنگ ۽ ڍنگ، زندگي جو هر وهنوار، کيس نرالي سڃاڻپ ڏيندڙ رهيو. ان ۾ ڪو شڪ شبهو، ڪو اجايو وڌاءُ نه آهي. شاهدي لاءِ ساڻس اٿندڙ ويهندڙ، هر عام توڙي خاص جي واتان ٿيندڙ ڳالهيون، سندس وڇوڙي ۽ سالوار سار (ورسي) تي ٿيندڙ تقريرن ۽ تحريرن وسيلي ملندڙ مواد به ڪافي آهي. آئون سائين کي اهو سڀ ڪجهه به سمجهندو آهيان، پر انهن سمورين خوبين ۽ گُڻن کان الڳ، منهنجي نظر ۾ هو شاعر به رهيو. سائين حيدر علي سان منهنجي ڪا هڪ اڌ ملاقات، ڪي چند هفتا ۽ مهينا واسطو نه رهيو، پر هڪ ڊگهي عرصي تائين، جيستائين واندو وڌيڪ رهندو هئس، تيستائين سائين سان منهنجي ويجهڙائي رهي. ان کان پوءِ عملي زندگي، يعني روزگار ۽ گهر ٻار جو فڪر وڌيو ته ملاقاتن ۾ گهاريون وڌي ويون ۽ پوءِ ڄڻ ته اسين جيئري ئي وڇڙي وياسين، البت سائين وسريو ته اڃا به نه آهي ۽ شايد يا ڄمار نه وسري. سائين سان اهڙي ويجهڙائي به رهي، جنهن کي حد کان وڌيڪ گهرائي وارو لاڳاپو چئجي ته به وڌاءُ نه آهي. اها ٻيءَ ڳالهه آهي ته جيئن سائين گهڻو رولاڪ ۽ ججهو اٿندڙ ويهندڙ، گهڻن ادبي ميڙاڪن ۾ شريڪ ٿيندڙ نه رهيو، موان ۾ به اهو ساڳيو عيب، شايد سائين کان به سرس رهيو آهي. سائين جو پڪ سان پنهنجو ڪو نقطه نظر هوندو. منهنجون پنهنجون ڪي سوچون، پاڻ ليکي ڪيل فيصلا، ڪي چند مجبوريون رهيون، جنهن ڪري اهڙن ميڙاڪن کان اڪثر پري رهيو آهيان. سائين سان ”ڪي ويجها ئي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين“ واري اهڙي ويجهڙائي ضرور رهي، جنهن جي آڌار تي آئون کيس شاعر طور متعارف ڪرائڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه پيو سمجهان. اوهان، اسان، شاعر ڪنهن کي ٿا چئون؟ شاعر جي وصف ڇا آهي؟ ڇا رڳو اهو شاعر آهي، جيڪو گيت، غزل، وايون، ڪافيون، ڪلام لکي؟ جيڪو صرف پابند شاعري ڪري ۽ جنهن کي هر ڪو شاعر چوي؟ نه. ڪنهن جو شاعر هجڻ يا نه هجڻ لاءِ اهي معيار، اهي ماڻ ۽ ماپا، پنهنجي جاءِ تي وزندار سهي، پر اهي سڀ شرط هر ڪنهن سان لاڳو نه ٿا ڪري سگهجن. ائين، جيئن ڪو گيت، غزل، وايون، ڪافيون، شاعري جي ڀلي ته ڪهڙي به صنف تي طبع آزمائي ڪري، پر ان جي شاعري ۾، شاعري واري ڪشش ئي نه هجي، ڪنهن کي وڻي ئي نه، ته اهڙي شاعري گهڙيندڙ کي شاعر نه ٿو چيو وڃي، نه ٿو مڃيو وڃي، ڀلي ته کيس شاعر نه سڏڻ گهرجي. اصل نقطي تي اچجي. منهنجي نظر ۾ سائين حيدر علي لغاري انتهائي خوبصورت ۽ پرڪشش شاعر رهيو. ڇاڪاڻ ته هو جڏهن به ڪنهن موضوع جي اونهائي، گهرائي، ڳوڙهائي ۾ وڃي ڳالهائيندو هو، ته سندس واتان اهڙي غير معمولي ۽ مٺڙي ٻولي ٻُڌبي هئي، جيڪا سندس اڻ قلمبند، لکجڻ کان رهجي ويل شاعري کان گهٽ نه هئي. مون کي خبر آهي ته عام ٻڌندڙ ۽ پڙهندڙ منهنجي هن ڳالهه کي وزن نه ڏيندو، پر آئون سائين کي شاعر ڇو پيو چوان ۽ مڃيان، ان لاءِ مون وٽ ڪيترائي دليل آهن. منهنجي نظر ۾ شاعر اهو آهي، جيڪو شاعري جي لفظن کي ئي نه، پر شاعري جي روح کي سمجهي. شاعري جي گونانيت تائين پهچ رکي. سائين جي اهڙن شاگردن سان ملو، انهن دوستن سان ملو، جن سان هن مختلف شاعرن جي شاعري تي ڳالهايو. رڳو سنڌي ئي نه، اردو ۽ انگريزي شاعري تي به سائين ڳالهائيندو هو، ته مون کي لڳندو هو، سائين ٻئي شاعر جي شاعري کي سمجهائڻ لاءِ، سندس منظوم، سليس شاعري ٻڌائي رهيو آهي. جيءُ، ها. اوهان منهنجي ان دليل کي به اهميت نه ڏيندا، ڀلي نه ڏيو. اوهان ڀلي سائين کي شاعر نه سمجهيو، نه ليکيو، پر ٿورو ٻڌايو ته اعتراض ڪهڙو آهي؟ جيڪڏهن اوهان کي لکت ۾ ڪو اهڙو ثبوت کپي ته سائين جا مختلف مضمون پڙهو، جيڪي نج پج نثر ۾ ئي لکيل آهن، پر جڏهن اوهان پڙهندا، ته اوهان کي اهو نثر وڻندڙ، ڇهندڙ، گهڻين معنائن وارو، شاعري جي معيار تي پورو لهندڙ ملندو، شاعري وانگر ئي پرڪشش، پرلُطف، شاعري کان ڪنهن به ريت گهٽ محسوس نه ٿيندو. سائين حيدر علي لغاري جو شاعر هجڻ ته انهن مضمونن ۾ به پڌرو آهي، جيڪي سائين لطيف، سچل، استاد بخاري جي شاعري جي حوالي سان لکيا. سائين علامه آءِ آءَ قاضي جي سڃاڻپ ڪرائيندي جيڪو تفصيلي مضمون لکيو آهي، ان ۾ به گهڻن هنڌن تي شاعري ٿيل آهي. ”شاعر جي عظمت“ سنڌي ادب مان چونڊ مضمونن ۾ ڇو شامل ٿيو، اهو ڪورس لاءِ ڪيئن منتخب ٿيو، اهو مضمون سائين حيدر علي جي شاهڪار تحريرن مان هڪ آهي ۽ اهو هڪ مضمون به سائين کي شاعر مڃڻ لاءِ ڪافي آهي. اهڙي طرح ٻين به کوڙ تحريرن جو مثال پيش ڪري سگهجي پيو. ٻڌندڙ ۽ پڙهندڙ ڀلي نه مڃين، شاعر ڀلي اعتراض وارين، پر منهنجي نظر ۾ سائين حيدر علي پختو شاعر هو، سندس ڇپيل ۽ ڇپجڻ کان رهجي ويل مواد ڦلورڻ سان لکت ۾ اهڙا ثبوت به ملي ويندا، جنهن جي آڌار تي رواجي ماڻهو به سائين کي شاعر مڃڻ کان انڪار نه ڪري سگهندا. اوهان منهنجي هنن ٻن لفظن کي، هروبرو سائين حيدر علي کي، زوري زبردستي شاعر مڃرائڻ جي غير ضروري ڪوشش سمجهڻ ۽ چوڻ جو حق نه ٿا رکو. اهڙو حق جتائيندڙ کي عرض ڪندس، ته هو سائين کي پڙهن، سائين جي پهرئين ڪتاب ”اندر ملهه املهه“ جي شروعاتي صفحن ۾ آيل مواد پڙهن. هن ڪتاب جي شروعات ”عيد“ جي عنوان سان، هن نظم سان ٿيل آهي: ماڻهو چون ٿا ته اڄ ڪا عيد آهي اسان وٽ ته نه ڪو آيو آهي، ۽ نه اچڻ جي ڪا اميد آهي گل، گلدان جي بجاءِ آتشدان ۾ آهن مون ۽ هن ۾ صدين جا فاصلا آهن هو دل جي مام نٿو سمجهي پوءِ به چون ٿا ته اڄ عيد آهي! ٻئي حوالي طور سائين حيدر علي جي ساڳئي ڪتاب ۾، سندس ٻيءَ تحرير ”احتساب جو احتساب، لڳي ماٺ مرن کي“ پڙهو، ان جون ڪجهه سٽون هي آهن: اچو ته خسيس کي تياڳيون اچو ته پاڻ سنڀاريون اچو ته ڳنڀير ٿيون اچو ته مٿاهان ٿيون اچو ته آڳاهان ٿيون اچو ته آجا ٿيون اچو- اچو ته آجا ٿيون اچو ته نرواڻ ماڻيون ٽئين شاهدي طور به سائين جي ساڳئي ڪتاب جي ٽيون نمبر تحرير جو ئي حوالو ڏيان ٿو. آءِ آءِ قاضي جي الوداعي واردات واري موقعي تي اُسري آيل اڌمو ”درياءَ توتي دانهن“ جون چند سٽون آهن: شعور جي عظمتن پنهنجي ساٿي، نحيف ۽ ضعيف جسم جي رفاقت کي ترڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو سوز نقطئه ڪمال تي پهتو روح جي رڙ، جسم جي پڃري کي هڻي ڀورو ڪيو... اڄ خاموشين روئي ڏنو... اڄ عقيدتن کي نئون درد نئون سوز نصيب ٿيو. هڪڙا ناتا ٽٽا ته ٻيا ڳنڍجي ويا اڄ هڪڙي ئي وقت هجر ۽ وصال جون ٻه وارداتون ٿيون... نفي ۽ اثبات جون سرحدون هڪ ٻئي سان ملي ويون... شاهديون ٽي ئي ڪافي مڃيل آهن، اڃا به وڌيڪ گواهيون پيش ڪري سگهجن ٿيون، پر اهي ڪنهن ٻئي ڀيري. ڇاڪاڻ ته سائين حيدر علي علم جو ڀنڊار هو. قلم سندس محتاج هو. هن نثر گهڻو لکيو، شاعري ٿوري سرجي، پر بهرحال، سائين حيدر علي پختو شاعر به رهيو... حيدر علي لغاري مون سي ڏٺا ماءُ، جنين ڏٺو پرينءَ کي. علي ڏنو جروار سائين حيدر علي خان لغاري سنڌ جو هڪ اهڙو املهه سرمايو آهي، جنهن کي ڪنهن به ريت وساري نٿو سگهجي. سائين حيدر علي سنڌ جي انهن ڪجهه اهم شخصيتن مان هڪ آهي جن کي هڪ ئي وقت علم، ادب، تقرير جي ڏانءُ ۽ لطيفيات تي عبور حاصل هو. ائين کڻي چئجي ته سائين حيدر علي خان هڪ گهڻي رُخي شخصيت هو. جيڪو اسان سنڌ واسين کان ۲۵ آگسٽ ۲۰۰۸ع تي وڇڙي ويو. اڄ سندس نائين ورسي جي نسبت سان سندس چاهيندڙ ڏهاڙو ملهائي رهيا آهن. سائين حيدر علي خان لغاري سنڌ جو هڪ اهڙو ليکڪ آهي جنهن جي لکڻ جو انداز منفرد ۽ نرالو آهي. هي غير رواجي لکڻين جو ماهر تصور ڪيو ويندو هو. بنيادي طور تي سائين حيدر علي خان هڪ استاد هو جنهن پنهنجي سڄي زندگي ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ گذاري. جتي هن هزارن جي تعداد ۾ شاگردن کي پڙهائڻ جي تربيت ڏني ۽ طور طريقا ٻڌايا ته شاگردن کي ڪهڙيءَ ريت سندن عمر ۽ دماغ جي لحاظ کان تعليم ڏني وڃي. پاڻ هڪ بهترين استاد سان گڏ سٺو ليکڪ به هو. سندن لکڻين جا ٻه ڪتاب “اندر مُلهه اَمُلهه” ، “ڪُڇان ڪڄاڙو” سنڌي ۾ جڏهن ته سندس لطيف بابت لکڻين جو اردو ترجمو جيڪو محترمه شهناز شورو ترتيب ڏنو آهي اهو “سوز و ساز لطيف” جي عنوان سان فيصل آباد جي ڪنهن پبليڪيشن پاران ڇپرايو ويو آهي. حيدر علي خان لغاري، لطيف سائينءَ جو پارکو، لطيف شناس ۽ لطيف جي بيتن جي بهترين تشريح ڪندڙ هو. هُو جڏهن لطيف سائينءَ بابت ڪو ليڪچر ڏيندو هو يا ڪنهن سيمينار وغيره ۾ يا وري ڪنهن نجي ڪچهري ۾ ڳالهائيندو هو ته سندس اهو انداز ۽ لهجو ڏسي ٻڌندڙ حيران ٿي ويندا هئا. کيس لطيف سائينءَ جي شاعريءَ تي ايترو ته عبور حاصل هو جو سنڌ جي ڏاهي ابراهيم جويي پڻ ان جو ڪيترن ئي هنڌن تي اعتراف ڪيو آهي. ٻي ڳالهه اها ته سائين جهڙن لطيف شناس ماڻهن لاءِ خود لطيف سائين پنهنجن بيتن ۾ پار پتا ۽ اهڃاڻ ڏسيا آهن، جن مان اها خبر پوي ٿي ته لطيف کي اڳ ئي پنهنجن پارکن متعلق علم هو. مٿن ٽٻڪ ٽٻڪڙا، چڪندڙا اچن، کڙيون کهه ڀڪليون پگهر سر پيرن، ايءُ وڙ ويڙهيچن، مون لوڏان ئي ليکيا. (شاهه) لطيف سائين جي مٿئين بيت مان ظاهر آهي ته اهڙا ماڻهو جيڪي مسلسل پنڌ ۽ جاکوڙ ۾ رهن ٿا، انهن جي پيرن جي کڙين تي مختلف علائقن جي مٽي ۽ دز ڄميل آهي، انهن جي انداز ۽ لوڏ مان ئي پتو پوي ٿو ته اهي ويڙهيچا ۽ جاکوڙي آهن. سو اهڙا ئي اهڃاڻ لطيف جي سڀني ساڃاهه وندن جا آهن، جيڪي هر وقت جاکوڙ ۾ رهيا آهن ۽ ڪڏهن به خاموش ٿي نه ويٺا آهن. سائين حيدر علي هر وقت علم، ادب ۽ ڄاڻ جي پرچار ڪندو رهيو. سندس شاگردن، دوستن ۽ چاهيندڙن جو به هڪ اهڙو حلقو موجود آهي، جيڪو پڻ علم ادب سان لاڳاپيل آهي. سائين حيدر علي سان لاڳاپيل ڪيترا ئي فرد محنت ڪري پڙهي وڏن وڏن عهدن تي وڃي پهتا آهن، جن مان ڪيترن سي ايس ايس جهڙا امتحان پاس ڪيا ته ڪن وري پي سي ايس ۽ ٻيا امتحان پاس ڪيا ۽ مختلف عهدن تي فائز ٿيا. اهو سڀ سائينءَ جي محبت ۽ صحبت جو نتيجو آهي. جيئن شيخ اياز جو هڪ بيت آهي ته: مون چيو مينديءَ کيت کي ڦٽي پئو، مونکي ڪيئي سو رتا گهرجن هٿڙا. بلڪل اهڙيءَ ريت سائين حيدر علي خان به هر وقت اهو چوندو رهندو هو ته پڙهو، محنت ڪريو ڪتابن سان دوستي رکو. جيڪو ۱۸ کان ۲۰ ڪلاڪن تائين نٿو پڙهي، اهو ڄڻ پڙهي ئي ڪونه ٿو. پاڻ اهي ڳالهيون ڪلاس، نجي محفلن ۾ يا وري مختلف سيمينارن ۽ پروگرامن ۾ تقريرن ۾ چوندو رهندو هو. سندن اهو به چوڻ هو ته اسان کي پڙهيل لکيل ماڻهو گهرجن. علم دوست ماڻهو گهرجن، ادب سان چاهه رکندڙ ماڻهو گهرجن، هٿ ۾ قلم رکندڙ نوجوان گهرجن. انهن جملن کي ورجائيندي ڪيترا ئي دوست پنهنجون زندگيون علم، ادب، سياست، لطيف شناسي کي به ارپي چڪا آهن. سائين حيدر علي جو بنيادي طور تي سنڌ جي نواب گهراڻي سان تعلق هو پاڻ ميرن واري دور جي وزيراعظم نواب ولي محمد لغاري جي خاندان مان هئا. جنهن جو پوٽو سنڌ جو مشهور صوفي شاعر فقير ولي محمد لغاري هو. سائين به انهيءَ خاندان جو هڪ چشم و چراغ آهي، پاڻ ڪڏهن به پنهنجي خاندان متعلق ڪا وڏائي وغيره بيان نه ڪئي. پاڻ سدائين هڪ استاد جي حيثيت ۾ رهڻ پسند ڪيائين. سائينءَ وٽ ڪتابن جو هڪ بهترين ذخيرو موجود هو ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته سائينءَ جي زندگي جي سڄي موڙي يا ڪمائي اهي ڪتاب هئا، جيڪي سندس ڊرائنگ روم جي سونهن بڻيل هئا. مون سميت ڪيترا ئي سائينءَ جا شاگرد انهن ڪتابن مان مختلف وقتن تي فيضياب ٿيندا رهيا آهن. حيدر علي خان وٽ علم جا اُملهه موتي موجود هوندا هئا، جيڪي هو هر هنڌ ورهائيندو رهندو هو ۽ چوندو هو ته علمي ڄاڻ جيتري ورهائي سگهو اوتري گهٽ آهي. سندس شاگرد به سندس ئي نقش قدم تي هلندي اهو ئي عمل ورجائي رهيا آهن، جنهن ۾ سائين هر وقت مصروف رهندو هو ۽ اڄ جيڪو هي علمي ادبي ميڙاڪو مچايو ويو آهي، اهو سڀ سائينءَ جي ڪردار ۽ عمل جو سلو آهي، جيڪو سندس شاگردن، پوئلڳن پاران ڀيٽا طور سائينءَ کي پيش ڪيو ويو آهي. سائين حيدر علي جيئن ته گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو، تنهن ڪري اسان سڀني کي گهرجي ته کيس انهيءَ حيثيت ۾ رهڻ ڏيون ۽ ان کي مخصوص ماڻهن تائين محدود رکڻ کان بچايون. هونئن ته سائين حيدر علي لاءِ سنڌ جي سڀني ساڃاهه وندن، علم، ادب دوست ماڻهن، استادن، صحافين ۽ سول سوسائٽي جي فردن وٽ دل ۾ جايون آهن پر سائينءَ جي چاهيندڙن ۽ سائينءَ جي روح ۾ وٿيون پيدا ڪندڙن کي احترام طور پنهنجن روين ۾ تبديلي آڻڻي پوندي. ڇو ته سائين پنهنجي سڄي زندگي غير تڪراري شخصيت طور موجود رهيو. ڪڏهن به ۽ ڪٿي به هن ڪنهن جي نه مخالفت ڪئي ۽ نه وري ڪنهن کان ڪا نفرت ڪئي. اسان کي به سندس زندگي جي انهن سڀني پهلوئن مان مستفيض ٿيڻ گهرجي. اسان کي ڪنهن به حالت ۾ سائينءَ جهڙي شخصيت کي هڪ هنڌ بيهارڻ نه گهرجي. سائين جي شخصيت وسيع شخصيت آهي، جنهن جو لحاظ ڪرڻ اسان سڀني سنڌ واسين جو فرض آهي. آئون سائين حيدر علي خان جي هڪ ادنيٰ شاگرد جي حيثيت سان هي گذارش ڪندس ته سائين کي اسان سڀني جي دلين ۾ رهڻ ڏيو، اسان کان سائين جون محبتون، صحبتون ۽ يادون نه کسيو، اسان سائين جي يادن ۽ محبتن جي سهاري جي رهيا آهيون. اسان کان اهو جيئڻ جو حق ڪنهن به ريت نه کسيو وڃي. سائين حيدر علي، لطيف سرڪار جي سُر کاهوڙيءَ جو هڪ ڪردار هو، جيڪو سدائين اسان کي ياد رهندو.لطيف جون سٽون آهن ته: سُڪا سُنڍ هٿن ۾ کرڪڻا پيرين ٽمندي نيڻين اهان ڪي کاهوڙي گڏيا؟ يا وري ائين به چئي سگهجي ٿو ته: مون سي ڏٺا ماءُ، جنين ڏٺو پرين کي. تنين سندي ڪا، ڪري نه سگهان ڳالهڙي. حيدر علي لغاري علمي اداري جي حيثيت رکندڙ امتياز احمد عرساڻي انساني سوچ ۽ فڪر جو سفر صدين کان جاري آهي، طبعي بيهڪ اندر فڪري سوچ جو محور جڏهن جڏهن دائرن کان ٻاهر نڪري لامحدوديت ڏانهن هليو ويندو آهي، تڏهن تڏهن انسان جا تصورات ڪائنات جي هر پاسي کي ڇهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. اندر جو مانڌاڻ هجي يا ظاهري چانڊاڻ، قلب ڏانهن قائل هجي يا عقل ڏانهن مائل، سندس سوچ جو محور سمورين بندشن کان بالاتر ٿي محرڪات کي لوچيندو آهي. حيدر علي لغاري به انهن ئي يگاني شخصيتن مان هڪ آهي، جيڪي حقيقت ڳوليندي ڳوليندي پنهنجون لامحدود سوچون پنهنجي چاهيندڙن کي ارپي ويا. حيدر علي لغاري ۱۱ آگسٽ ۱۹۳۴ع ۾ هڪ اهڙي مڪتبه فڪر اندر جنم ورتو، جنهن جون روايتون ڪن بندشن ۾ رهندي هڪ خاص رخ ڏانهن سفر ڪندي نظر اينديون. سندس جنم ڀومي، تاجپور پنهنجي نالي ۾ ئي لازوال، تاريخ رکندڙ ۽ ڪنهن مخصوص فڪر جي دائري ۾ رهندڙ مردمخيز زمين آهي. سندن ذهني اوسر حيدرآباد جي خاص مزاج رکندڙ تاريخي درسگاهن ۾ ٿي، ان وقت اهي درسگاهون پنهنجي اوج تي رسيل هيون ۽ پنهنجي تعليمات سان سماجي جوڙجڪ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيون هيون، پر حيدر علي لغاري جي سوچن جي اڏام تڏهن شروع ٿي، جڏهن هن عملي زندگي اندر ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد ۾ پهريون پير پاتو. هن کي مون هوش سنڀاليندي ئي ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي يعني منهنجي بابا سائين سان هميشه گڏ ڏٺو. مسڪرائيندڙ چهرو، شفيقانه مزاج، سندس هر لفظ مٺاس سان ڀريل ۽ بامعني! سچ جي مٺاس هجي يا ڪوڙاڻ، حيدر علي لغاري جي اندر ۾ ڄڻ ته ٻئي حقيقتون جذب ٿيل هجن. ڪنهن جي ڪوتاهي هجي يا غلطڪاري، ڪوڙ هجي يا نخرو، ادا هجي يا سدا، سندس جواب ۾ اهڙي ته تاثير ۽ سبق هوندو هو، ڄڻ ته سامهون واري کي ناگوار به نه گذري ۽ سبق به پرائي وجهي. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي اڪثر ذڪر ڪندو هو ته محفل، آفيس، گهر، دڪان يا ڪنهن به سرڪاري توڙي غير سرڪاري تقريب ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون ڳالهيون ٿينديون هيون، جيڪي هن جي وات مان نڪرندي ئي مزاح ۽ سبق جو شاخصانو لڳنديون هيون. سامهون وارو انهن کي محسوس ڪندو هو ۽ بنا ڪنهن جواب جي پنهنجي اصلاح ڪرڻ لاءِ ضرور سوچڻ تي مجبور ٿيندو هو. انهن ڳالهين مان ڪيترين جو ذڪر بابا حيدر علي لغاري تي لکيل پنهنجي مضمونن ۾ اڳ ئي ڪري چڪو آهي. آئون هتي ان جو مثال ڏيندس ته: ڪنهن ڪتاب گهر ۾ هڪ معتبر شخصيت ڏاڍي اتساهه سان ڪنهن ڪتاب جي ڳولا ڪري رهيو هو. حيدر علي لغاري به اتي موجود هو، هن معتبر شخصيت جو اتساهه ڏسي سندس مدد ڪرڻ جي نيت سان کانئس سوال ڪيو ته “سائين اوهين ڪهڙي ڪتاب جي ڳولا ڪري رهيا آهيو؟ سوال تي معتبر شخصيت هڪدم جواب ۾ وارڻيو ته آئون “قيامت جون نشانيون” ڪتاب جي تلاش ۾ آهيان. حيدر علي لغاري هڪدم ٻيو سوال ڪيو ته “سائين اوهان ڇا ڪندا آهيو؟” تنهن تي وري جواب مليو ته “آئون فزڪس جو پروفيسر آهيان”. تنهن تي حيدر علي لغاري جواب ڏنو ته “سائين اوهين ڪتاب جي هرو ڀرو ڳولا ڪري رهيا آهيو، ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي قيامت جي نشاني ٿيندي ته هڪ فزڪس جو پروفيسر قيامت جون نشانيون ڪتاب جي تلاش ۾ هجي...ٰ!” حيدر علي لغاري وٽ عمر جي ڪابه بندش نه هوندي هئي، ڪير ڪيترو به کڻي عمر ۾ ننڍو يا وڏو ڇونه هجي هو پنهنجي ڏاهپ جا ڏيئا هر هنڌ روشن ڪندي نظر ايندو هو. اهو ئي سبب هو جو هن جي چاهيندڙن جو وڏو تعداد نوجوان شاگردن جو هو، جيڪي هر وقت سندس پراثر ساعتن مان پرائيندا رهندا هئا. اندر جون حسرتون، اڌما، خواهشون، محبتون، جستجو ۽ ٻيا احساس انسان لاءِ هڪ وقت راحت به آهن ته ساڳي وقت عذاب به بڻيل آهن. مليل جليل ڪيفيتون هر وقت انسان جي اندر ۾ هلچل ۽ اڻ تڻ مچائينديون رهنديون آهن. اهي ئي احساس انسان کي نه هڪ هنڌ ويهڻ ٿا ڏين ۽ نه سک سان رهڻ ٿا ڏين. انسان جي اندر جو اهو خلفشار ترقي ۽ خوشحاليءَ جو به باعث آهي ته بي چيني ۽ پيڙهه جو به....! حيدر علي لغاري پڻ ان ئي نڪتي تي شاهه سائين جي ڪل ڪلام جو نچوڙ ان ئي شعر کي سمجهي ٿو. “سو ئي عين عذاب، سو ئي راحت روح جي”. حيدر علي لغاري پنهنجي اندر ۾ هڪ اداري جي حيثيت رکندو هو هن سڄي عمر خاص اصولن تحت گذاري، هو سرڪاري عهدن، بي معنيٰ شهرت، بي وقعت مشهوري کان هميشه بالاتر رهيو. هن سموري زندگي سچائي، اورچائي ۽ فڪري آزادگي سان گذاري. هن ڪڏهن به پنهنجي مرضي، سوچ يا فڪر ٻئي تي مسلط ڪونه ڪيو، بلڪه هن هميشه پنهنجي اخلاق، ڪردار ۽ عمل سان پنهنجي فڪري سوچ کي ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن اسان سڀني کي لامحدود سوچ جي دائرن جو دڳ ڏيکاريو آهي. حقيقت به اها ئي آهي ته ڪائنات جي ڪنهن به شيءِ کي فل اسٽاپ نه ٿو اچي سگهي، ڇاڪاڻ ته فل اسٽاپ اختتام جي نشاني آهي ۽ مڪمل ٿيڻ خاتمي جي علامت. ڳوليان ڳوليان م لهان، شال م ملان هوت من اندر جا لوچ، مڇڻ ملڻ سان ماٺي ٿئي. حيدر علي لغاري ڪڏهن ڪڏهن ته سارجو! علي ڏنو جروار سنڌ جو هڪ يگانو عالم، اديب، استاد ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي پارکو سائين حيدر علي لغاري جي يارهين ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي. ياد رهي ته سائين حيدر علي لغاري لطيف جي شاعري جو انتهائي اعليٰ پارکو ۽ هڪ غير رواجي استاد ۽ نقاد رهيو آهي. هن ۱۱ آگسٽ ۱۹۳۴ع ۾ حيدرآباد جي تاجپور شهر ۾ نواب خاندان ۾ جنم ورتو. تاجپور جو اهو خاندان ٽالپرن جي دؤرِ حڪومت ۾ سنڌ جي حڪمراني ۾ ٽالپرن سان ڀاڱي ڀائيوار هو، سندن تڙ ڏاڏو نواب ولي محمد لغاري ان وقت ۾ سنڌ جو وزيراعظم هو، جڏهن ته ان جو پوٽو نواب فقير ولي محمد لغاري سنڌ جو هڪ عظيم صوفي شاعر هو. سائين حيدر علي لغاري به سندس ئي نقشِ قدم تي هلندي علم، ادب، فلسفي، لطيفيات سان چاهه رکيو ۽ زندگي جي آخري گهڙين تائين ان سان نڀائيندو رهيو. سائين حيدر علي لغاري سنڌ جي هڪ عظيم فلاسافر علامه آءِ آءِ قاضي جو شاگرد رهيو ۽ گڏوگڏ مولانا غلام محمد گرامي جهڙي مفڪر جي صحبت ۾ رهيو، جنهن سبب پنهنجي نوابي ڇڏي استاد مقرر ٿيو، سو به سنڌ جي ايليمينٽري ڪاليج ۾ جتي استادن کي تربيت ۽ تعليم فراهم ڪئي ويندي آهي. سائين حيدر علي خان لڳ ڀڳ ۴۰ سال سنڌ جي مختلف تعليمي ادارن ۾ استاد جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنيون. پاڻ سنڌي ٻوليءَ جي ڪلاسيڪي ادب، صوفي شاعرن جي شاعري ۽ شاهه لطيف جي شاعري ۽ احساس جو نهايت ئي ڳوڙهي انداز ۾ مطالعو ڪيو ۽ ان جي شرح ڪيائين. علم نفسيات ۽ فلسفي تي جديد عالمي نظرين جي تناظر ۾ سندس ڪيل لطيف جي تنقيدي تشريح کيس علامه آءِ آءِ قاضي ۽ تنوير عباسي جهڙن نقادن جي فهرست ۾ آڻي بيهاريو آهي. اها خاصيت سنڌي ادب جي تنقيد نگاريءَ ۾ نواڻ پيدا ڪرڻ جي پهرين لهر آهي. سنڌ جي علمي ادبي کيتر ۾ سندس مضمونن، خاڪن ۽ لطيف شناسي بابت لکيل مضمونن جا ٻه ڪتاب ”اندر ملهه املهه“ ۽ ”ڪڇان ڪڄاڙو“ شايع ٿيل آهن، جيڪي سنڌ جي علمي ادبي ماحول ۾ انتهائي اهميت جوڳا آهن. ان کان سواءِ شاهه لطيف بابت لکيل مضمونن کي شهناز شورو اردو ۾ ترجمو ڪري ڪتابي صورت ۾ آندو آهي ۽ ان کي سوز ۽ ساز لطيف جي نالي سان شايع ڪرايو آهي. سائين حيدر علي لغاريءَ جا سنڌ ۾ هزارين شاگرد موجود آهن، جيڪي جڏهن استادي جي ٽريننگ وٺڻ حيدرآباد جي ٽيچرز ٽريننگ ڪاليج ايندا هئا ته سندن خيال ۽ سوچون بلڪل ٻهراڙي واري انداز تي مبني هونديون هيون، پر جڏهن هو تربيتي مدو پورو ڪري واپس ڳوٺن ڏانهن روانا ٿيندا هئا ته سندن سامان واري ڳوٿري ۾ لطيف سائين جو رسالو، شيخ اياز جو ڪو ڪتاب، امر جليل جو ڪتاب، علامه آءِ آءِ قاضي ۽ ٻين ليکڪن جو ڪو ڪتاب ضرور موجود هوندو هو، جيڪو سائين حيدر علي لغاري جهڙي استاد جي صحبت ۽ تربيت جو ئي نتيجو هوندو هو. سائين هر وقت پنهنجن شاگردن کي اهو ذهن نشين ڪرائيندي ۽ ٻڌائيندي نظر ايندو هو ته جيڪڏهن ڏينهن ۾ ۱۹-۱۸ ڪلاڪ نه پڙهنداسين ته پوءِ پڙهڻ مان ڪوبه فائدو يا لاڀ حاصل نه ٿيندو. اهو ئي سبب آهي جو سائين جا ڪيترائي شاگرد تربيت پوري ڪرڻ کان پوءِ پي سي ايس ۽ سي ايس ايس جهڙين امتحانن جي تياري ۾ مصروف ٿي ويندا هئا ۽ ڪيترائي پي سي ايس ۽ سي ايس ايس جا امتحان پاس ڪري ملڪ جي اعليٰ عهدن تائين پهتا آهن. انهن ۾ سلام ميمڻ، سبحان ميمڻ، مناف ميمڻ، اڪبر لغاري، علي ڏنو ڳاهوٽي، الطاف ميمڻ، شوڪت اڄڻ ۽ ٻيا ڪيترائي نالا شامل آهن، جن اعليٰ ذهانت وارا امتحان پاس ڪري سول سروسز جوائن ڪئي ۽ اڄ انهن مان ڪيترائي رٽائرڊ ٿي چڪا آهن ۽ ڪيترائي اڃا موجود آهن. لطيف سائين جي شاعري بابت سائين حيدر علي لغاري کي ايتري ته ڄاڻ ۽ واقفيت هئي جو ان جو اعتراف مختلف وقتن تي مرحلن دوران سنڌ جو هڪ اديب، دانشور ۽ ڏاهو سائين محمد ابراهيم جويو پڻ ڪري چڪو آهي. مون به سائين جا ڪيترائي ليڪچر ٻڌا ۽ انهن کي دل سان هنڍايو، جنهن جي نتيجي ۾ اڄ آئون ڪجهه سِٽون ۽ لفظ لکڻ پڙهڻ جي قابل بڻيو آهيان. جيڪڏهن مون کي سائين حيدر علي خان جي تربيت ۽ صحبت حاصل نه ٿئي ها ته اڄ آئون هن لائق نه هجان ها جو هن بابت يا ٻين موضوعن متعلق ڪجهه لکڻ جي قابل هجان ها. سائين هڪ اهڙو پارس هوندو هو، جنهن سان جنهن جي به صحبت ٿي ويندي هئي اهو علم، ڏاهپ ۽ شعور ۾ پاڻڀرو ٿي ويندو هو. سائين حيدر علي لغاري ۲۵ آگسٽ ۲۰۰۸ع ۾ حيدرآباد جي اختر ڪاٽيج واري رهائشگاهه تي وفات ڪئي، سندس مزار نواب ولي محمد لغاري جي مقبري جي ڀر ۾ پٺاڻ ڪالوني واري قبرستان ۾ آهي. جس آهي سندس شاگردن کي جيڪي کيس هر سال سندس ورسيءَ جي موقعي تي انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ياد ڪن ٿا. گذريل ڪجهه سالن کان حيدر علي لغاري يادگار ڪميٽي پاران علمي ۽ ادبي ايوارڊ ڏيڻ جو سلسلو پڻ جاري ڪيو ويو آهي. هن سال اهو ايوارڊ سندس هڪ انتهائي بهترين شاگرد سائين لائق سنڌي جي نالي سان منسوب ڪيو ويو آهي، جيڪو پڻ هڪ بهترين استاد ۽ ناليوارو صحافي هو. اميد آهي ته ايوارڊن ۽ ورسي ملهائڻ وارو سلسلو سدائين جاري رهندو، جنهن سان سائين کي هر سال عقيدت ۽ احترام سان ياد ڪرڻ جو موقعو به فراهم ٿيندو ته گڏوگڏ اسان سڀني ۾ هڪ نئون جوش، جذبو ۽ ولولو پڻ پيدا ٿيندو، جنهن سان اسان سڀئي پنهنجي پنهنجي حصي جو علمي، ادبي ۽ سماجي ڪم ڪري سگهنداسين، ڇو ته اسان جي محترم استاد جو عقيدو، ايمان ۽ عمل انسانيت سان محبت ڪرڻ هو ۽ اسان کي به سندس ان ئي رستي تي گامزن ٿيڻ گهرجي، جنهن سان اسان انسانيت جي ڪا ٿوري گهڻي خدمت ڪري سگهون ۽ اطمينان حاصل ڪري سگهون. حيدر علي لغاري فڪري زاوين جو شخصيت جي آدرشن سان سنگم: الطاف ميمڻ زندگيءَ جي ڪُل کي پلن جا ڪرڻا ڪيئن ٿا روشن ڪن! ”جن اندر ٻري باهھ، سُڌ تنين کي سڀڪا!“ سائين حيدر سوال اٿاري ٿو: ”انسان ھيترو ڪجه ”حاصل“ ڪندي، ڇا وڃائيو آھي؟ ھو ھڪ ٻئي کي ايترو ويجھو ھوندي ڇو ھڪ ٻئي کان ھيترو پري آھي؟ اڃان به پري ٿيندو ٿو وڃي. “ (اقتباس: ڪڇان ڪڄاڙو، ص ۱۴۰) معنيٰ ته انسان ويجھي جي نظر وڃائي آھي، اندر ۾ جھاتي پائڻ وساري آھي، جڏھن ته اسان جي شاعر روحل فقير چئي ڇڏيو ھو؛ ”پنھنجون اکيون پاڻ ۾، جوڙي رکيون جن، سي سؤ ڀيرا ساعت ۾، پل پل پرين پسن، تن تحصيلون تمام ڪيون، محب جنين جي من، روحل مٿئون تن، لٿا حُرف حساب جا“ پر انساني رشتن ۾ موجود ڍونگ ۽ رِيا، انساني عظمت جي دعويٰ تي اڄ سوڌو آڱر کڻيو بيٺا آھن. سائين حيدر لکي ٿو: ”انسان پنھنجي ذات، پنھنجي خودي جي پستين ۾ گم آھي، لهذا هو خود شناسي، توسيع ذات ۽ تسخيرِ ذات جي نصاب جو ضرورتمند آهي، جنهن جو هن کي احساس ۽ ادراڪ ناھي. اهو نصاب، جو هن جي اڪيلي خودي جي اڪيلائي ۽ تنهائي جو علاج آهي- جو هن جيِ خودي جو باقي خودين سان انساني رشتو، اتحاد ۽ خير سگالي جو رشتو بحال ڪري سگھي ٿو- جو ھن کي ذات کان ڪائنات ڏانهن ۽ ذات کان انسانذات ڏانهن مائل ۽ متوجهه ڪري سگھي ٿو- ھن جي اھڙي ساڃاه جي تجديد ۽ توسيع ۾ سندس مددگار ٿي سگھي ٿو- اِھا اُھا بابرڪت خودي ۽ خود شناسي جي منزل هوندي جا انسان کي عدل ۽ امن، سونھن، سُرت ۽ سڪون جي حقيقي ذائقن ماڻڻ جي قابل بنائيندي. “ (اقتباس : ڪڇان ڪڄاڙو، ص ۱۴۰، ۱۴۱) اصل ۾ ھڪ نڪاح جي ضرورت آهي؛ شعور ۽ ضمير جي نڪاح جي ضرورت- جيڪڏھن ٻنهي جو سنگم اڻٽُٽ بڻجي وڃي ٿو، ته ماڻهو کي ماڻهو ٿيڻ کان ڪير به روڪي نه ٿو سگھي. اھا ترتيب ئي حسن کي جنم ڏيندي، سائين لکي ٿو: ”اسانکي رڳو ذهين انسان نٿو گهرجي، رڳو بهادر طاقتور انسان به نٿو گهرجي، اسان کي اڌورو انسان ۽ اڻپورو انسان- جزوي انسان نه، پر مڪمل انسان، پورو انسان کپي.. . باشعور، باضمير، باعمل، غيرجانبدار، خود مختيار تشخص وارو انسان ٿو اسان سڀني کي گھرجي“ (اقتباس: ڪڇان ڪڄاڙو، ص ۱۹۷، ۱۹۸) ”تصوف“ سائين جي پنھنجي لفظن ۾ ”ھر د-ر جو پيغام ۽ ھر مرض جو علاج نه آھي، پر ان جي اڪثر وصفن ۽ قدرن ۾ ايترو جٽاءُ ۽ دم خم آھي جو انسان کي شرافت، حُريت، محويت، رواداري ۽ خود قرباني جي جذبي ۽ عمل لاءِ آماده ڪندا رھيا آھن. “ (اقتباس: اندر مله املھ، ص ۴۵) تصوف ڪنھن فارسي جو درس ناھي، جو ماڻھن کي سمجه ۾ نه اچي. اھو ته صرف ۽ صرف ماڻھو جي قول ۽ فعل جي ھڪجھڙائي جو درس آھي ۽ بس! ماڻھو جو قول جيترو سالم ھجي، اوترو ئي ان جو عمل به سچو ھجڻ گھرجي. ماڻھو بس پنھنجي ڳاله تي ئي بيھي ۽ اھا ڳاله انساني سماج لاءِ ڪارگر ھجڻ گھرجي. ان سادي ڳاله کان وڌيڪ تصوف ماڻھن کان ٻي ڪا ڳاله طلبي ئي ڪون ٿو. تصوف نه صرف اھو درس ڏنو، پر سکيا جي تعليم ۽ ”اک الٽي ڌار“ جي انقلاب لاءِ اتساھي ٿو. سائين حيدر موجب: ”صوفيءَ جي پنھنجي نفس جي غير صالح حصي سان بغاوت به دراصل سماج سان بغاوت آھي، ھو انھيءَ بغاوت کي جيڪڏھن ترڪ ۽ تياڳ جِي بعضي ڪا صورت ڏئي ٿو ته اھو به ھن جو احتجاجي بائيڪاٽ يا واڪ آئوٽ آھي. “ (اقتباس: اندر مله املھ، ص : ۱۰۵) ”شاعري“ سائين حيدر جي لفظن ۾ فڪري بلوغت جو مُترنم ردعمل آھي. “ (اقتباس: اندر مله املھ، ص: ۱۷۹) شاعر جي ”فڪر ۽ ويچار جا محاذ ايترو ته وسيع ۽ رفيع آھن، جن ۾ حيرت زده ٿيڻ کانسواءِ شعر جو خمير ٺھي نٿو سگھي. وڏي ڳاله ته شاعري )نفسِ شعر( شاعر جو اختيار نه بلڪه اضطرار آھي، ھن جي عالمِ محسوسات جو والھانه ۽ بي اختيارانه اقرار ۽ اظھار!“. (اقتباس: اندر مله املھ، ص: ۱۷۸) ان ڪري سائين حيدر ڪنھن به احساس ڪمتري جو شڪار ٿيڻ بدران شاعر کي صرف شاعر سمجھِي سندس عظمت کي سلام پيش ڪري ٿو. ھن کي شاعر لاءِ ”شاعر“ کان وڌيڪ ڪو ٻيو لفظ سُجھي ئي نه ٿو. ان ڪري ھو لطيف جي شاعري جا روحاني راز نه ٿو سمجھائي. ھن کي تصوف، فلسفي، سياست، سائنس وغيره وغيره جي چوغن ۾ ويڙھي پيش ڪرڻ ھن جي عظمت کي گھٽائڻ جي مترادف سمجھي ٿو. پاڻ لکي ٿو: ”ھونئن ائين چوڻ ۾ ڪھڙو ھرج آھي ته لطيف بنيادي طور تي شاعر آھي، موسيقار آھي، شاعر ھجڻ صوفي ھجڻ کاڻ ڪمتر ته نه آھي. جيڪڏھن ڪو ائين سمجھي ٿو ته پوءِ ائين چوڻ حق بجانب آھي ته شاعر جي عظمت ۽ اھميت جي عالمي ڪسوٽي اڃا اسان ماڻھن کي ميسر ڪانهي ٿي. “ (اقتباس: اندر مله املھ، ص: ۱۰۰، ۹۹) ”شاعريءَ جي اثر ۽ نفوذ جو دائرو پاڻ ڪنھن فلسفي ۽ نظرئي جي ڀيٽ ۾ گھڻو وسيع آھي، ڇاڪاڻ ته ان جا منصبي ۽ فني موضوع ماڻھن جي اڪثريت لاءِ قابل فھم آھن، ۽ قابل عمل به. ان حوالي سان تصوف تي جھڙوڪر لطيف جو احسان آھي، جو ان جا اغلاف ۽ اشڪال ھن جي ڏات جي ڪري قابل فھم بنجي پيا آھن. “ (اقتباس: اندر مله املھ، ص: ۱۰۰) ”جِي پوء مرڻ “ وارو عمل ته ھر حياتيءَ سان چُھٽيل آھي. سڀ ڪو ڄمي ٿو، جيئي ٿو ۽ نيٺ مريو وڃي، پر لطيف انھي روايتي چڪر ۾ پوڻ بدران ھڪ انقلابي استعارو پنھنجي شاعري ۾ بار بار استعمال ڪري سائين حيدر پارن عظيم انسانن کي ڇرڪايو وجھي، اھو آھي ”مري پوءِ جيئڻ“ ”مري جيءُ ته ماڻين، جانب جو جمال“ آخر اھو ڪيئن ممڪن ٿيندو ته مري پوءِ به جيئجي!؟ سائين حيدر موجب؛ ”اھو طبعي موت نه بلڪه معنوي موت آھي. “ (اقتباس: اندر مله املھ، ص: ۱۰۵) ”اھو موت، لوڀ، ڪيني، رِيا ۽ طمع واري تشخص جو موت آھي. انھن کي دفن ڪري، بي لوثيءَ، بي ريائيءَ، ۽ لاطمع واري نئين نرالي وجود کي ماڻڻو آهي. “ (اقتباس: اندر مله املھ، ص: ۱۰۹) آخر ان نئين نرالي وجود ماڻڻ سان ماڻھن کي ڪھڙيون نعمتون پلئه پونديون؟ لطيف جي شاعريءَ مان سائين حيدر ڳاله جي ڳرڀ کي واضح ڪري ٿو؛ ”لطيف نه رڳو نئين صحتمند انسان جي سرجڻ جو متمني آھي، بلڪه پوءِ ان جو ڪردار ھڪڙي فولادي انسان جي روپ ۾ نروار ٿئي ٿو. ھڪڙي سپرمئن)Super Man( جي صورت ۾، جنھن کي نه ڪا قدرتي آفت ھيسائي ۽ ھٽائي، ماري يا مڃائي سگھي ۽ نه ڪي دنيا جھان وارن جا ھٿرادو مانڊاڻ ھن جي لاءِ ڪا رڪاوٽ بنجي، ھن جي آڏو ڪو جٽاءُ ڪري سگھن ٿا. !“ (اقتباس: اندر مُله املھ، ص ۱۱۳، ۱۱۴) مٿيون ڳالھيون سمجھڻ کان پوءِ اھا ڳاله ته چٽي ٿي وڃي ٿي ته سائين حيدر جو لطيف ڏانھن رويو انتھائي غير روايتي آھي. ھن جو ھڪ Remark ته مون کان نظر انداز ٿئي ئي نه ٿو، جڏھن ھو شاه لطيف جي ھڪ بيت؛ ”ماءُ! کاھوڙي آئيا، ڏوري ڏوري ڏيھ، مَيَنِ پيرين کِھ، ڪُه ڄاڻان ڪنھن پارجي“ (سر کاھوڙي) جي تشريح ڪندي ڪندي هيئن به لکي ٿو: ”دوست! جيڪا لذت ۽ راحت انھيءَ بيت کي اُچارڻ ۽ ان جي تاثرات کي سڃاڻڻ ۽ انھي کي سيني ۾ سمائڻ ۾ آھي، ان جو مقابلو زندگيءَ جي ڪا ٻي لذت ڪري نٿي سگھي. “ (اقتباس: اندر مله املھ، ص ۱۸۰) لطيف جي حيرت انگيز ڪلام جو مطالعو ڪرڻ کان پوءِ سائين حيدر انسان ذات جي ان الميي ڏانھن اشارو ڪري ٿو )ندر مله املھ، ص ۱۰۱( ته اڍائي سؤ سال گذرڻ باجود اڃا تائين لطيف اسان لاءِ اَڇتو ۽ ڪئنارو ئي آھي، جنھن کي ڪو وسيع نظر شارح ۽ مفسر ئي ميسر ناھي ٿيو. اھا ڪا لطيف جي کوٽ نه بلڪه اسان جي بدقسمتي آھي. ھڪ ڀيري سائين حيدر جي محفل ۾ شاه لطيف جو ھڪ بيت پڙھيم: ”جوڳيءَ تي جڙاءُ، نِسورو ئي نينهن جو، پتنگ جئن پيدا ٿيو، سامي سِڄ وَڙاءُ، آيو ڪاڪ تڙاءُ، ڪُنئارن ڪڪوريو. “ سائين کان پڇم اھو ”ڪُنئارن ڪڪوريو“ ڇا آھي؟ سائين جواب ڏنو؛ ڪنواري معنيٰ اڻ ڇُھيل، ڪنوارا رڳو ماڻھون ناھن ھوندا، پر آدرش به ڪنوارا ھوندا آھن، اصول ۽ قدر به ڪنوارا ھوندا آھن، جيڪي تاريخ جي ڪنھن دور ۾ ڪنھن سوچي، چئي ۽ لکي ته ڇڏيا، ٻين ماڻھن کي ٻڌائي ته ڇڏيا، پر انھن تي عمل اڃا سوڌو انسان ذات لاءِChallenge آھي، پر لطيف جو ھي جوڳي، جنھن تي ”نينھن“ جي بيوٽي پارلر جو سينگار ٿيل آھي، ان کي انساني قدرن جي ڪنوارين اھڙو ته ڪڪوري ريٽي ڳاڙھو لال ڪري ڇڏيو آھي، جو ھن جو تاءُ، سِڄَ جيان سڄي ڪائنات کي روشن ۽ منور ڪري بيٺو آھي. سائين حيدر وٽ ته اھو ”ڪُنئارن ڪڪوريو“ ڀلي شاه لطيف ئي ھجي، پر اسان لاءِ اھو ”ڪُنئارن ڪڪوريو“ سائين حيدر ئي آھي. جيڪو پنھنجي روايتي خانداني خولن کي ٽوڙي، اعلي انساني قدرن ۽ آدرشن جي ڪُنئارن سان ڪڪورجي، سڄي زندگي ھي درس ڏيندو رھيو؛ ”اچو ته ڪي گھڙيون شرمسار ٿيڻ جي باعزت مشق ڪريون. “ ”اچو ته اڇي اُجري من جي ميراث جو در کڙڪايون ۽ اٽڪل سٽڪل، لوڪ رياءَ ۽ پاڻ پڏاءَ جي بي پاڙي وڻ ويڙھيءَ مان ”پاڻُ“ ڇڏايون. “ اچو ته امن ۽ حُسن جي دل نواز وادين ۽ اَننت سوز ۽ سُرور جي سير ۽ سواد جو پاڻ کي اھل بنايون. اچو ته خسيس کي تياڳيون. اچو ته پاڻ سنڀاريون. اچو ته گنڀير ٿيون. اچو ته مٿاھان ٿيون. اچو ته آڳاھان ٿيون. اچو ته آجا ٿيون. اچو – اچو ته آجا ٿيون. اچو ته نرواڻ ماڻيون“ (اقتباس: اندر مله املھ، ص ۲۲، ۲۳) (ماھوار ھمسري حيدرآباد آن لائين جي مارچ ۲۰۲۴ع واري پرچي ۾ ڇپيل) حيدر علي لغاري سڀاءُ ۽ فڪر امتياز احمد عرساڻي اھي انسان به عجيب احساس ۽ مزاج جو امتزاج آھن، جيڪي من کي ماٺار ڪرڻ واري ڪوشش ۾ ساري عمر گذاريو ڇڏين. پر سندن اندر ھميشه ماندو ئي رھي ٿو. سندن خيال آسمانن جي بلندين کي به ڇھيو اچن ته سندس نظر سمنڊن جي پاتال کان به ھيٺ لھيو پوي. ھو زندگيءَ جي لاھن چاڙھن ۽ اوڀارين لھوارين مان گذرندي، زندگيءَ جي حقيقتن کي سيني اندر ساڍيندي، ھر پل ھر ساعت نئين منظر ڪشيءَ سان اڳتي وڌندا ٿا رھن. سندن لوڙ، تجسس، اڻتڻ وارو احساس ڪڏھن به اختتام پذير نه ٿو ٿئي. تبديل ٿيل جڳ ميسر نه ٿئي ته سندن نظر ساڳي نظاري منجھان به ھر پل نت نئون لطف وٺڻ لاءِ آسائتي ھوندي آھي. ھو ھڪ ئي جوءِ روزانو وڃن ٿا، مگر ھر ساعت سندن نظر ان منجھان ڪا نئين راحت وٺيو اچي. محبوب جو حسن ھجي يا گلشن جون رعنايون، قدرت جا رنگ ھجن يا فطرتي دلڪشيون سندن ڏسڻ واري اک ھميشه ان مان نئين رنگ ۽ ڍنگ سان محظوظ ٿيڻ چاھيندي آھي. اھو شخص جيڪو ساڳي شيءِ مان نت نئين لذت وٺڻ جو قائل نه ٿو رھي ته نئين شيءِ جي عنوان آسري سندس زندگيءَ مان اتساھ به ختم ٿيو وڃي. تڏھن ئي ته شاھ صاحب فرمايو آھي؛ کامان، پچان، پڄران، لڇان ۽ لوچيان، تن ۾ تئونس پرينءَ جي، پيان نه ڍاپان! جي سمنڊ منهن ڪيان ته، سُرڪيا ئي نه ٿئي. سائين حيدر علي لغاري به، انھن ئي شخصيتن منجھان ھو، جنھن ھميشه پنھنجي اندر جي اڌمن کي ماٺو ٿيڻ نه ڏنو. ھو ھر پل ھر لحظي نواڻ سان ملاقاتي ھوندو ھو. سندس جمالياتي حس کان فطرت جو ڪو به لقاءُ ڇپيل ڪونه رھندو ھو. ننڍڙو ٻار ھجي يا سنگت ۽ ساٿ، مائٽ ۽ مٽ ھجي يا حسن و جمال سندس تراري مزاج کان ڪنھن جو به ڳــر ڳجھو نه رھي سگھندو ھو. ملڻ واري جو ھر بار ڪو نه ڪو نئون رخ سندس نظر منجھ لھندو ھو. جيئن ڪتاب کي ورائي ورائي پڙھڻ سان ان جو نئون پھلو ۽ مطلب سامھون اچي، تيئن ئي سائين حيدرعلي ھر تصور کي پنھنجي نئين اسم سان منسوب ڪري اظھار ڪندو ھو. فطرت جي حسن کي پروڙڻ، پرکڻ ۽ نئين انداز ۽ تخيل سان جانچڻ ئي سائين حيدر عليءَ جي فڪر جو اصل ماخذ ھو. سندس ڪيل ڪچھريون ۽ گفتار اسان جي سماج جو اثاثو آھن. سندس فڪر جا گرويده اڄ به پنھنجي عملي زندگيءَ ۾ سائين حيدر علي جي نظر سان زماني کي ڏسي رھيا آھن. ھر عام نظارو اسان جي سامھون اچي ۽ گذري ويندو آھي. موسم جي لطافت، فطرت جا منظر ھر وقت اسان جي اکيون پسنديون آھن، ليڪن ان لقاءُ کي نظر منجھ قيد ڪرڻ ۽ ان جي سونھن کي پسڻ جو احساس ۽ اظھار جي وسعت صرف سائين لغاري صاحب جي ديد ۽ مشاھدي ۾ سمويل ھوندي ھئي. روزمره اسين ڪيترن ئي شخصيتن سان ملاقات ڪندا آھيون ۽ گھڻن ئي فردن سان محوگفتگو رھندا آھيون، مگر ان ڳالھ ٻولھ جا فقرا اسين توريندا آھيون نه ئي ان منجھان حاصلات پرائيندا آھيون. سائين حيدر جو گفتو مھل، موقعي جي نزاڪت پرکيندي بيان ڪندڙ کي اھڙي تز نڪتي انداز سان موٽ ڏيندو هو جو ڳالھ ڪندڙ کي لاجواب ڪري ڇڏيندو هو. موضوع ڪيڏو ئي سنجيدو ڇو نه ھجي، سائين حيدر جي گفتار مان محفل جو ھر فرد سرور وٺندو ۽ سندس لبن مان بي اختيار مسڪراھٽ ڦٽي نڪرندي هئي. اسان گھڻن ئي واقعن جي منھن سامھون ٿيندا آھيون. مگر ڪڏھن به ان ماحول جي لاڙن سان شناسائي حاصل ڪري نه سگھندا آھيون. سائين حيدر جو احساس ھر معمولي واقعي ۽ عام رواجي اسم منجھان به اھڙو رخ عيان ڪندو هو جو ٻڌندڙ جو دماغ سوچڻ تي آماده ٿي ويندو ھو. سائين حيدرعلي لغاريءَ جي ڏسڻ، سوچڻ، پرکڻ ۽ اظھارڻ جو پنھنجو انداز ھوندو ھو. ھو عام رواجي نظريئي ۽ ڍنگ سان شين کي پروڙڻ واري استعداد کان بالاتر ھو. ھن پنھنجي تحريرن ۾ برملا ان جو اظھار رکيو آھي. جتي علامه اقبال ”عظمت ۽ شجاعت“ جي تصور کي ھڪ عظيم قوم سان منسوب ڪري چوي ٿو ته ”سبق پڙھ صداقت کا عدالت کا شجاعت کا، ليا جائي گا تجھ سي کام دنيا کي امامت کا“ اتي سائين حيدر علي جي تحرير ڪيل ڪتاب ”ڪڇان ڪڄاڙو“ جي عبارت آھي ته: ”سنڌي قوم ويچاري پنجن ھزارن سالن جي تاريخ ۾ ڪڏھن به پنھنجي عظمت جي دعويٰ ڪانه ڪئي آھي. عظمت جي جنھن تصور کي اڪثر جارحيت ۽ جارحيت کي شجاعت جي قدر سان سلھاڙي پيش ڪيو ويندو آھي، خبر ناھي اسان جا سماج شاستري پنھنجي شاسترن ۾ مھذب قوم ۽ متمدن سماج جا ڪھڙا معيار ٿا بيان ڪن. موھن جي دڙي جا ماڻھو به ٻين ملڪن تي ھلان ته ڇا پر پنھنجي دفاع ۽ حفاظت کان ايترو غافل ھئا جو ھنن جي ورثي ۽ سرمايي جي باقيات مان ڪو موثر ھٿيار دستياب نه ٿيو آھي. اسان وٽ ھنن جي مھذب ھجڻ جون سوين ثابتيون ۽ علامتون آھن، پر اھي سڀ انھيءَ ڪري بيڪار ۽ بي اثر آھن ۽ انھن جي ڪنھن ڪم ڪونه آيون جو اھي ان نام نھاد ”عظمت ۽ شجاعت“ جي معيار کي انھيءَ ڪري ماڻي نه سگھيا جو انھن ۾ پنھنجي بستيءَ کان ٻاھر نڪري ڏوراھين بستين تي ھلان ڪرڻ يعني جارح ھجڻ يعني ”بھادر“ ھجڻ جي اھليت ڪانه ھئي“. سائين حيدر علي اعتقادي نظرين کي پڻ پنھنجي ئي نگاھ سان پروڙي پنھنجي چاھيندڙن کي فڪرانگيز ڪيو. انسان جي قبل تاريخ جي موضوع تي سندس بيان پڻ روايتي نظرين کان جداگانه ۽ نئين نسل لاءِ اڄ مشعل راھ آھي. سندس مختلف مضمونن جون تحريرون ان حقيقت جون گواھ آھن ته ھن ھميشه بيٺل ذھنن جي تند کي ڇيڙي انھن اندر جنبش پيدا ڪئي ۽ سندس ڪيترائي چاهيندڙ ان نظريئي جا پيروڪار ٿي نئين ۽ آزاد سوچ جا بنيادرکيائون. سائين حيدر علي پنھنجي سوچ و فڪر کي ڪنھن تي مسلط ڪرڻ جو خواھان ھرگز نه رھيو. سندس فڪري سوچ اتي ئي براجمان ٿيندي ھئي جتي ھم خيال دوست گڏ ٿيندا ھئا. سوال جواب ۽ ان جا نڪرندڙ نتيجا ھميشه ھڪ اڻ کٽ بحث جو موضوع رھندا ھئا. ھو پنھنجي بيان سان ڪنھن جي به دل آزاري ٿيڻ جو ھميشه خيال رکندو ھو. سائين سمجھندو ھو ته ھر ڪو پنھنجي ماحول ۽ موروثيت منجھان ڄاڻ کڻي پھتو آھي، ھن جي سوچ، سمجھ ۽ خيال سندس روايتن جا اسير آھن، تنھن ڪري ڪنھن به سڌي سئين طريقي سان بيان ڪرڻ سندس عقيدن کي ڇيڙڻ دل آزارڻ برابر آھي. اھو ئي سبب آھي جو سائين جا گفتا ھميشه زو معني ۽ سمجھڻ ۽ پاڻ سوچڻ تي مجبور ڪندا ھئا. سائين حيدر علي جي شخصيت جي ڪشش ۾ ڪيترائي چاهيندڙ گرويده ٿيا، سندس طبعي زندگي پوري ٿيڻ کانپوءِ به سندس شاگردن ۾ ايتري ئي چاهت ۽ اڪير نظر اچي ٿي، جيتري سندس زندگيءَ ۾ هئي. سندس شاگردن جو وڏو حلقو شيرين گفتگو، حسن اخلاق ۽ سندس شخصيت جي تاثير ۾ گم آهي. جيتوڻيڪ سائين حيدر پنهنجي ڀوڳ واري انداز فڪر سان سڃاتو وڃي ٿو پر اهو فڪر هڪ خاص سماجي رخ جي عڪاسي ڪري ٿو. سائين حيدر جي انتخاب ۾ اهو ئي ڀوڳ رچيل هوندو هو. هُو پنهنجا خيال ۽ فلسفي جي منتقلي پنهنجي قول و فعل ذريعي ڪندو هو، جيڪو سندس درس تدريس جو خاص انداز هو. پاڻ جيڪڏهن ايئن چئون ته حيدرعليءَ جي گفتار، سندس درسگاهه جو عڪس هئي ته غلط نه ٿيندو. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي، سائين حيدر لغاري جي تحرير کي فرانس جي سارتر جي لکڻين ۽ رجنيش جي تعليمات سان تشبيھ ڏيندي ڪڇان ڪڄاڙو ۾ سندس فن بابت ويچار وڊيندي لکيو آھي ته: ”منھنجي اندازي ۾ حيدر علي جي تحرير سنڌي معاشري ۾ اھو ئي وزن رکي ٿي، جيڪو سارتر جي لکتن کي فرانس ۾ آھي يا وري رجنيش جي فلسفي جي تعليم يافته فردن ۾ مقبوليت آھي. منھنجي چوڻ جو مقصد اھو ناھي ته حيدر علي لغاري سارتر يا رجنيش جي تقليد ۾ لکيو آھي، جيڪي ھن دور ۾ جديد فسفي جا داعي مڃيا وڃن ٿا ۽ جن زندگيءَ جي فسفيانه مسائل تي تسلسل ۽ تعقل سان لکيو آھي. آئون ايترو چوان ٿو ته حيدرعلي جا موضوع ۽ مضمون ۽ بعضي اٿاريل سوالن ۽ جوابن ۾ سمايل فھم جي نوعيت به فلسفيانه ٿئي ٿي، جنھن ۾ سندس حيات آفرين پيغام ھوندو آھي“. سائين حيدر لغاريءَ پنهنجا معتقد پيدا ڪرڻ يا پنهنجي سوچ جو ڪاروان جاري رکڻ جي خواهش کي پڻ هو ائين ئي سمجهندو ھو، جيئن ڪو ”پير“ پنهنجو چيلو پيدا ڪري. سندس پنهنجو زاويو سامهون رکڻ واري ڪرت زندگي جو حصو رهي. هو هميشه صوفيت ۽ عقيدت تي انحصار ڪرڻ بجاءِ پنهنجي عمل وسيلي زندگي جي حقائق تي غور ڪرڻ ۽ سوچڻ جي ترغيب ڏيندو رهيو. سائين حيدر لغاري ڪڏهن به روايتن تي ٻڌل اخلاقي اقدارن ۽ صحيح غلط جي معيارن کي حتمي تصور نه ڪيو. سائين جي فڪر ۽ سڀاءُ جو سلسلو اڻٽٽ آھي، سندس ويچار ۽ فلسفو نسل در نسل ھلندو رھي ٿو. ھزارين طالب سندس فلسفي جي اثر ھيٺ پنھنجي تعليمات کي اڳيان وڌائي رھيا آھن. انھن شاگردن ۾ محترم سلام انڙ، محترم الطاف ميمڻ ۽ محترم شوڪت اڄڻ کان علاوه ڪيترائي ٻيا شاگرد قابل ذڪر آھن، جن جو ذڪر مضمون جي گھرجن لاءِ اضافي ٿيندو. (ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۶ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
جلال چانڊيو يڪتاري جو يڪتا ۽ يگانو عوامي فنڪار ناصر قاضي سهڻي سنڌ جي ساهتي پرڳڻي جي هڪڙي ننڍڙي شهر ڦل مان هڪ واءَ ۽ پڙلاءَ اهڙي ته گونجار ڪئي، جيڪا پنهنجي الڳ ۽ لوڪ رمز سان عام لوڪ کي لوئي وئي. سنڌ جي هن منفرد ۽ لوڪ فنڪار، جيڪو ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان هڪ مڪمل ڪردار پڻ هو، پنهنجي ٻالجتيءَ وارن ڏهاڙن ۾ هن اهو سوچيو به نه هوندو ته هو پنهنجي منفرد انداز سبب ملڪان ملڪ ايتري مقبوليت ماڻيندو، جو سندس آواز جو پڙلاءُ جھر جهنگ ۾ گوجندو رهندو ۽ واقعي ٿيو به ائين جو يڪتاري جي يڪ تار تي آڱريون سوريندڙ اهو لوڪ ڳائڻو ’جلال چانڊئي‘ جي نانءَ سان يڪتاري ۽ چپڙيءَ جي جهان ۾ يڪتا ۽ يگانو بادشاهه فنڪار بڻجي ويو. کيس چڱي طرح خبر هوندي هئي ته عوام جي دلين تي راڄ ڪيئن ڪبو آهي. هو جڏهن به اسٽيج تي ايندو هو ته هزارين پرستار پتنگن جيان پچڻ تيار ٿي ويندا هئا. هو جڏهن به وڏي واڪي ’ايڏي دير ڪري ڇو ٿا يار اچو‘ يا ’اٿندي ويهندي حسن وارن جو منهن ڏسڻ ته ثواب آ‘ جهڙا ڪلام ڳائيندو هو ته هزارين عاشق پنهنجون دليون هارائي ويهندا هئا. سنڌ جي نامياري عوامي راڳي جلال چانڊئي، جنهن کي ڪنهن يڪتاري چپڙيءَ جو بي تاج بادشاهه پڻ سڏيو، ۱۹۴۸ع ڌاري حاجي فيض محمد چانڊئي جي آغوش ۾ اکيون کوليون. سندس ڳوٺ موري ضلعي نوشهري فيروز کان اوڀر طرف ’مصر واهه‘ لڳ ’ڦل‘ شهر ڀرسان واقع آهي. جلال چانڊئي جو والد هڪ حاجي هجڻ جي حوالي سان باشرع صفتن جو مالڪ هو، جنهن جي ذهن ۾ راڳ جو تصور به ڪونه هو. سندس والد روزي روزگار جي حوالي سان هڪ مالوند ماڻهو پڻ هو، جنهن وٽ سٺي نسل جي مينهن، ٻڪرين ۽ رڍن جو چڱو خاصو تعداد موجود هوندو هو. جلال چانڊيو ننڍپڻ ۾ پنهنجي ئي گھر جو ڌاريل چوپايو مال چاريندو هو، پر سندس والد چاهيو ٿي ته جلال چانڊيو درزڪو ڪم سکي، ڪاريگر بڻجي، پنهنجو پيٽ گذر ڪري. جنهن لاءِ عملي طور تي به هن پنهنجي ڳوٺ کان ڏهه ٻارهن ڪلوميٽر پر ڀرو ڳوٺ نوان جتوئيءَ ۾ درزڪي هنر سکڻ لاءِ جلال کي ڇڏيو، جتي جلال درزڪو ڪم سکندو رهيو. پر چون ٿا ته جڏهن سندس عمر ۾ جوانيءَ جي پنڇيءَ پنهنجا پر پکيڙيا، تڏهن عشق شهنشاهه جي سلطنت سندس دل جي دنيا تي حڪومت ڪئي، جنهنجي نتيجي ۾ هيءُ درزڪو ڪم ڇڏي، ورهه جو ويراڳي بڻجي ويو. ان ڏس ۾ جلال چانڊئي عشق جي آڙاهه ۾ اندر جي آويءَ کي پچائڻ بجاءِ، ان کي آلاپ جي آب سان ٿڌو ڪرڻ لاءِ يڪتاري ۽ چپڙيءَ جو سهارو وٺي، پوري جوش، جنون ۽ جلال سان اڀري آڏو آيو ۽ موسيقيءَ جي ميدان ۾ قدم رکيو. جلال چانڊيو فن جي حاصلات لاءِ سڀ کان اول پنهنجي پڦاٽ سائينداد چانڊئي کان راڳ جي بنيادي ڄاڻ حاصل ڪئي، جنهن بعد فقير احسان علي کان ۽ بعد ۾ باقاعده طور تي پنهنجي دؤر جي نامياري راڳي فقير علي گل مهر وٽ راڳ جي سکيا لاءِ ويو، جيڪو اصل رهاڪو ته ميرپور ماٿيلي جو هو، پر ڪن سببن جي ڪري پنهنجو ڳوٺ ڇڏي موري ۾ رهندو هو، جنهنڪري جلال کي وٽس پهچڻ ۾ ڪا خاص ڏکيائي پيش نه آئي. استاد علي گل مهر يڪتاري ۽ چپڙيءَ جي سکيا سان گڏ جيڪو ڪلام سڀ کان پهريان کيس سيکاريو، ان جا ٻول هئا: اڄ سڃاڻي ڪونه ٿو، پر ڪو ڏهاڙو ياد ڪر، دل سڙي وئي يار جاني!، دل سڙيءَ جو داد ڪر. جلال چانڊيو پهريان پنهنجي استاد علي گل مهر سان گڏجي ڳائيندو هو، پر اڳتي هلي پاڻ پنهنجي الڳ انداز سان ڳائڻ شروع ڪيو. اهڙيءَ طرح جلال چانڊئي ۱۹۷۳ع ڌاري باضطه طور تي عوامي راڳي طور منظرِ عام تي آيو. جلال چانڊئي پنهنجي زندگيءَ جي پهرين محفل پنهنجي ڳوٺ ڀرسان سيد يعقوب شاهه جي ميلي جي موقعي تي ڳائي، جنهن درگاهه جي گادي نشين سيد نور محمد شاهه کيس دعا ڪئي ۽ سندس ڳائڻ جي انداز کي بيحد ساراهيو. ”والد صاحب حاجي ماڻهو هو، مون تي شروع ۾ چڙندو هو ته تون راڳ نه ڳاءِ، ان سان اسان جو ڇا. پيءُ کان لڪي ڳائيندو هوس. هيڪر ڳوٺ ڀرسان ميلو ٿيو، اتي ڳايم، ماڻهن کي ڏاڍو وڻيو. ماڻهو جو پنهنجي ڳوٺن ڏانهن موٽن ته رستي تي بابا ويٺو هو، جيڪو ماڻهو گذري بابا کي چوي ته: ”حاجي ميلو تنهنجي ڇوڪري کنيون“ سڄي ميلي ۾ ”جلال جلال“ لڳي پئي هئي. مان ٽي ڏينهن ميلي تان ڳائي واپس ڳوٺ ورڻ لڳس ته ڊڄان به پيو ته بابا کي ضرور خبر پئي هوندي، ڏاڍوو وڙهندو. سيارو هو، ڊڄندي ڊڄندي گھر واپس آيس، بابو مچ تي ويٺو هو، پيرين پئي مليو مانس ته پٺي ٺپي چيائين: ”جلال هاڻي ڀلي وڃي ڳاءِ، ڇو ته اولاد جي مائٽ نيڪي ٻڌندو آهي ته خوش ٿيندو آهي، هاڻي توکي جھل ڪونهي.“ چيم: ”بابا ڀلا اها ڪيئن اجازت ملي؟“ ته چيائين جيڪي ماڻهو ميلي تان موٽن پيا، اهي تنهنجي ئي تعريف پيا ڪن“ پوءِ بابا روبرو به ٻڌندو هو ۽ خوش ٿيندو هو.“ اهڙيءَ طرح جلال چانڊئي جي مقبوليت معمول کان غير معمولي بڻجڻ لڳي ۽ سنڌ جي ٻهراڙين کان شهرن تائين، ڪئسٽن کان سيٽ لائيٽ تائين، ٽريڪٽرن کان مرسيڊيز تائين، جھڳين کان بنگلن تائين، فصلن کان هاءِ ويز تائين مطلب ته جٿي ڪٿي جلال چانڊئي جو آواز گونجڻ لڳو. ايتري قدر جو نومبر ۱۹۸۵ع تي سنڌي فلم اندسٽريءَ پاران ’جلال چانڊيو‘ نالي سان فلم رليز ٿي. هيءَ فلم سندس زندگيءَ جي پسمنظر ۾ رچيل هئي. جنهنجي موسيقي نامياري موسيقار ۽ ڪلاڪار استاد فيروز گل ڏني، جڏهن ته فلم جو پروڊيوسر مظهر حسين هو ۽ هدايتڪار شاهه اسد هو. هن فلم جي اداڪارن ۾ مصطفى قريشي، شهناز ڀٽي، مشتاق چنگيزي، خود جلال چانڊيو، پروين، بوبي، لعل ڪمار، شهزادي، لطيف منو، غلام رسول جتوئي، مشتاق جسڪاڻي ۽ محمود صديقي شامل هئا. هن فلم کي تمام گهڻي ڪاميابي نصيب ٿي. ڄاڻايل فلم نيو مئجسٽڪ سئنيما حيدرآباد، پيراڊائيز سئنيما سکر، قلو پطره سئنيما لاڙڪاڻو، پلازه شهدادڪوٽ، شاهه ٽاڪيز سئنيما ٽنڊو آدم، شاهين سئنيما شهدادپور، محفل سئنيما، ڪيپري ۽ ڪوهنور سئنيما حيدرآباد جي پردن تي ڏيکاري وئي. فلم ’جلال چانڊيو‘ ۾ سندس اداڪاريءَ سان گڏ سندس آواز ۾ ڪجھه ڪلام پڻ ريڪارڊ ٿيا، ان کانسواءِ پاڻ فلم ’اميد‘ ۽ فلم ’حيدر خان‘ لاءِ به پنهنجي آواز ۾ ڪلام ڳايائين. جلال چانڊيو ڪئسٽ، ريڊيو ۽ فلم انڊسٽريءَ ۾ ڳائڻ کانسواءِ سنڌ جي ميلن ملاکڙن ۾ ٽڪيٽ وسيلي ٿيندڙ ٿيئٽر وارو راڳ پڻ متعارف ڪرايو ۽ اهڙي طرح سندس مقبوليت پسندي جلال چانڊئي کي ريڊيو ۽ ٽي.وي کانسواءِ لطيف سائين، سچل سرمست، لعل شهباز قلندر ۽ ٻين بزرگن جي سالياني ميلن توڙي ٻين سرڪاري ڪاڄن ۽ ثقافت کاتي جي مخلتف پروگرامن تي پڻ ڪانڍ ڏئي ڳارايو ويندو هو. ان حوالي سان چئي سگهجي ٿو ته جلال چانڊئي ۲۰هين صديءَ جي پوئين چوٿاڙ ۾ واهه جو وارو وڄايو. ايتري قدر جو سندس دؤر ۾ اڀرندڙ فنڪارن سندس گائيڪيءَ جي طرز کي اپنائيندي، سندس ئي نالي کي حوالو بڻائي ’ننڍو جلال‘، ’گرم جلال‘، ’آخري جلال‘، ’سهڻو جلال‘ وغيره جي نالن سان منظرِ عام تي آيا. جلال چانڊئي جي فن ۾ هڪ حيران ڪندڙ ڳالهه اها پڻ ڏٺي وئي ته پاڻ تدريسي حوالي سان هڪ درجو به ڪونه پڙهيل هو، پر پوءِ به جتي ڪٿي ڪلام هميشه ياد ڳائيندو هو، کيس بي انت شاعري بر زبان ياد هوندي هئي. جلال چانڊئي کي سندس فني خدمتن عيوض عوام پاران ته ڀرپور موٽ ملي، پر ان سان گڏ ۱۹۹۹ع ۾ لطيف سرڪار جي ميلي جي موقعي تي ’شاهه لطيف ايوارڊ‘، فلم ’جلال چانديو‘ ۾اداڪاريءَ جي موٽ ۾ ايوارڊ کانسواءِ ٻيا ڪيترائي ايوارڊ کيس مليا ۽ سندس مان ۾ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سندس تاجپوشيءَ جا پروگرام پڻ منعقد ڪرايا ويا. جلال چانڊيو هڪ راڳي هجڻ سان گڏوگڏ هڪ زميندار ۽ مالوند ماڻهو پڻ هو، وٽس سٺي نسل جون ڪيتريون ئي مينهون موجود هونديون هيون، جلال چانڊيو سٺا گھوڙا پڻ پاليندو هو، جن کي ميل جي مقابلن ۾ لاهڻ جو پڻ ذوق رکندو هو. انهن مڙني خصلتن سان گڏوگڏ جلال چانڊيو هڪ رڄ راڄوڻي مڙس، اوطاقي جوان، مهمان نواز، آئي وئي جو آڌرڀاءُ ڪندڙ ۽ غريبن جو همدرد ۽ هڏڏوکي پڻ هوندو هو. سندس سخاوت جو هڪ واقعو مشهور آهي ته ڪنهن ميلي جي موقعي تي جلال چانديو ٿئٽر ۾ ٽڪيٽ وارو راڳ ڳائي رهيو هو، ان محفل دؤران هڪ ڪراڙي بيواهه عورت اسٽيج طرف اچي جلال کي چيو ته: ”منهنجي مينهن چوري ٿي وئي اهي، ان جو مائيڪ تي اعلان ڪريو“، ان ڏينهن جلال چانڊئي محفل دؤران اعلان ڪيو، ميلي جي ٻئي ڏينهن تي به ساڳئيءَ طرح اها عورت آئي ۽ اعلان ڪرايائين، ساڳئيءَ ريت ٽئين ڏينهن به ائين ٿيو. آخر ڪار ٽئين ڏينهن تي جلال وچ محفل ۾ ان بيواهه عورت کي مٿي تي هٿ رکندي دلجاءِ ڏني ته: ”امان! هڪ هفتو ڳولا ڪريو! جيڪڏهن مينهن جو پتو نه ٿو پوي ته منهنجي واڙي مان جهڙي مينهن پسند اچي، اها کڻي وڃجو.“ سنڌ جي هن عوامي فنڪار ۽ انيڪ صفتن جي مالڪ جلال چاندئي گڙدن جي تڪليف سبب ۱۰ جنوري ۲۰۰۱ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه سندس ڳوٺ ۾ آهي. جلال چانڊيو يڪتاري ۽ چپڙيءَ جو بادشاهه حاڪم علي جسڪاڻي/ راڻيپور سنڌ ۾ پنجابي ۽ اردو موسيقيءَ جو عروج گهٽ ڪرڻ واري مرحوم جلال چانڊئي متعلق اُستاد الهه جڙيو سمون ڍولڪ نواز، جيڪو گهڻو وقت جلال چانڊئي سان گڏ رهيو، ان ٻڌايو ته جلال چانڊئي سن ۱۹۴۴ع ڌاري ڳوٺ هوت خان نزد ڏيپارجا، تعلقو مورو جي هڪ غريب گھراڻي فيض محمد چانڊيو جي گھر ۾ جنم ورتو. پر ڪجهه ڪتاب سندس جنم جو هنڌ، ڦل شهر به لکن ٿا. مٿس ان وقت نالو جلال الدين رکيو ويو. بعد ۾ جلال چانڊيو جي نالي سان مشهور ٿيو. ان وقت ڪنهن به نه ٿي ڄاتو ته، اهو نينگر اڳتي هلي يڪتاري ۽ چپڙيءَ جو بي تاج بادشاهه فنڪار ٿيندو. جلال چانڊيو جو تعلق مالوند گهراڻي سان هو. انڪري سندس تعليم ڏانهن خيال ئي نه هو. ٻڪرين چارڻ دوران هو گيت پيو جُھونگاريندو هو. ڪجھه وقت درزڪو ڪم به ڪيائين. پر درزڪي ڪم ۾ به مزو نه آيس. ائين ڳائڻ طرف راغب ٿي ويو ۽ راڳ جي باقاعده سکيا ورتائين. جلال چانڊئي ڳائڻ جي شروعات ان وقت ڪئي، جڏهن سنڌ ۾ ميڊم نورجهان ۽ عنايت حسين ڀٽي جو عروج هو. ڳوٺن ۽ شهرن، جتي ڪٿي انهن کي گھڻو ٻڌو ويندو هو. سنڌي موسيقيءَ ۾ وري استاد منظور علي خان، محمد يوسف ۽ رونا ليلى کي ٻڌو ويندو هو. پر جلال چانڊئي جي يڪتاري ۽ چپڙيءَ تي ڳائڻ جي انوکي انداز ماڻهن جون دليون موهي ڇڏيون. ۷۰ واري ڏهاڪي ۾ جلال چانڊئي ٿوري ئي وقت ۾ ايتري ته مقبوليت ماڻي جو، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جلال چانڊيو پيو ٻڌجي. جلال چانڊئي يڪتاري تي ڳائيندڙ فنڪار عام ڪيا. جن ۾ ۱۰۰ کان وڌيڪ، جلال چانڊئي جا ئي شاگرد، وري شاگردن جا شاگرد آهن. جنهن ڪري اڄ به ڪو آخري جلال، ڪو سهڻو جلال ته ڪو وري صفا جلال آهن. جلال چانڊئي ۱۰ هزار کان مٿي آڊيو ڪيسٽون ڏنيون. انهن ۾ سوين ڪلام تمام گھڻا مشهور آهن. پر ڪجهه هي آهن: · ”جتن لاءِ جيڏيون ڏونگر ٿي ڏوري (شاهه)“، · ”چيم آخر ٻڌي هٿڙا (سچل سرمست رحه)“، · ”ڪندي ياد تو کي (مخدوم طالب الموليٰ)“، · ”هلڪي هلڪي چانڊوڪيءَ ۾ (راشد مورائي)“، · ”اڄوڪي رات رهي پئو (نياز محمد پتافي)، · ”ڪيڏي دير ڪري پوءِ ٿا يار اچو (استاد بخاري)“ جلال چانڊئي جو آواز، اڄ به ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪري ٿو. مرحوم جلال چانڊئي پاڪستان کان علاوه دبئي، شام، هانگ ڪانگ ۽ ٻين ملڪن ۾ به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. جلال چانڊئي کي ۱۹۹۹ع ۾ لطيف ايوارڊ، قلندر لال شهباز ايوارڊ، سچل سرمست ايوارڊ ۽ ٻيا ايوارڊ به مليا. تاريخ ۱۰ جنوري ۲۰۰۱ع تي سنڌ جو هِي ناميارو فنڪار، بڪين جي بيماريءَ سبب، سول اسپتال ڪراچيءَ ۾ وفات ڪري ويو. جلال چانڊيو جلالي انداز جو راڳي حميد ڀٽو سال ۱۹۴۷ع کان پوءِ سنڌ جي ثقافت کي ڌڪ رسائڻ لاءِ پنجابي ڪلچر کي سنڌ اندر وڌائڻ جي سازش سٽي وئي، سڄي سنڌ ۾ چانهه جي هوٽلن ۽ ميلن ملاکڙن توڙي جهرجهنگ ۾ پنجابي ڪلامن جا واڄٽ پيا وڄندا هئا. هزارين پنجابي فنڪارن جا ڪلام رڪارڊ ڪرائي سنڌي ماڻهن کي ٻنهي هٿن سان ڦريو لٽيو پئي ويو ته ۱۹۷۰ع واري ڏهاڪي ۾ سنڌ جي ننڍڙي شهر مورو سان تعلق رکندڙ فنڪار جلال چانڊيو ٽوپي نرڙ تي رکي هٿ ۾ چپڙي يڪتارو کڻي نروار ٿي ويو، جنهن پنهنجي سادي سودي شاعري سان سنڌي ماڻهن جي دلين ۾ گهر ڪري ڇڏيو، جهر جهنگ ٽريڪٽر ٽرالين، هوٽلن، ميخانن، توڙي گهرن کان حويلين تائين جلال چانڊيو جا گيت گونجڻ لڳا. جلال چانڊيو پنهنجي جلالي انداز ۾ سنڌ اندر سنگيت جي دنيا ۾ نوان لاڙا ڏيندي پنجابي ۽ ٻين غير سنڌي فنڪارن کي پنهَنجي سنگيت وسيلي ڊوڙائي ڌڪي ڪڍي ڇڏيو. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جلال چانڊيو جو نالو روشن ٿي ويو پر هي سنڌ جو انوکوَ ڪردار رکندڙ جلال چانڊيو جي زندگي ڏانهن ڏسبو ته به سندس زندگي جا انوکا پاسا نروار ٿين ٿا. جلال چانڊيو ۱۰ آگسٽ ۱۹۴۴ع ڌاري تعلقي موري ضلعي نوشهري فيروز جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ حاجي فيض محمد چانڊيو جي گهر پيدا ٿيو. جلال چانڊيو هوش سنڀاليو ته گهر جو ماحول مالوند ماڻهن وارو هو ٿورو وڏو ٿيو ته جلال جي والد فيض محمد کيس درزڪو ڪم سيکارڻ لاءِ مورو ۾ هڪ استاد وٽ ڇڏي آيو پر جلال چانڊيو جو درزڪو ڪم ۾ دل نه لڳو، اتي پيو مختلف فنڪارن جا ريڊيو ۽ ٽيپ ريڪارڊ تي ڪلام ٻڌندو هو، جنهن سبب سندس دهيان ڪلام ٻڌڻ ڏانهن وڌيڪ هو ۽ پرايا ڪپڙا سبڻ بجاءِ خراب ڪندو هو، استاد جي مار-ڪٽ سبب، اچي اتان به بيزار ٿيو ۽ ڳوٺ واپس اچي مال چارڻ لڳو مال چارڻ دوران جهنگ ۾ ٺڪريون ۽ ڪاٺيون کئي پيو وڄائيندو وتندو هو جهنگ ۾ گائڻ وڄائڻ وارو شوق سندس وڌي ويو مال چارڻ سان به دل نه لڳي جنهن سبب کسي پيادڙڪا اتي به پيا ملندا هئا پر سندس کي سنگيت سان عشق ٿي ويو هو، سندس سنگيت سان جنونيت جي حدتائين عشق کي ڏسندي جلال جي مائٽن به کيس گائڻ جي لاءِ گهوٽڪي ضلعي جي شهر ميرپور ماٿيلو ۾ استاد علي گل مهر وٽ شاگردي لاءِ حوالي ڪيو. استاد علي گل وٽ جلال راڳ جي ابتدائي سيکا ورتي ۽ پنهنجي استاد سان گڏجي ترجي مختلف درگاهن تي وڃي پيرن فقيرن جي اڳڻ تي ويهي ڊيوٽي ڏيڻ سان گڏ گائڻ شروع ڪيو. سندس آواز اهڙو جو لائوڊ اسپيڪر جو محتاج نه هو جلال چانڊيو، جنهن دور ۾ گائڻ شروع ڪيو ته تڏهن سنڌ اندر جهرجهنگ غير سنڌي فنڪارن جو اوج هو، هن ان دور ۾ وڏي همٿ پاڻ ۾ پيدا ڪري ۱۹۷۰ع ڌاري پارس ڪيسٽ ڪمپني طرفان آڊيو ڪيسٽ تيار ڪرائي. انهيءَ ڪيسٽ ۾ سندس ڳايل ڪلام ”هل نه مٺو ايڏي لوڏ ڪري“ تمام گهڻي مقبوليت مائي. جنهن بعد جلال چانڊيو لاءِ سنڌي سنگيت ۾ دروزا کلڻ لڳا نج ڳوٺائڻ انداز واري ٽوپي ۽ لباس ۾ ٿوري جدت آئي چيڙي يڪتاري جي گونج ۾ سنڌ اندر تڏهن عام ڄام ٿيندڙ ٿيٽرن، ميلن ملاکڙن ۾ ڳائڻ وڄائڻ شروع ڪيو ته ان دور ۾ عير سنڌي فنڪارن جون وايون بتال ڪري ڇڏيائين ۽ سنڌ جو بي تاج بادشاهه فنڪار طور اوج ماڻي ورتائين سنڌ ۾ جلال، جلال ٿي ويو. سندس اڳيان پويان تڏهوڪي ڪيسٽ ڪمپنيز جا مالڪ پيا سلامي ٿيندا هئا سوين ڪيسٽون جلال چانڊيو جون جاري ٿيو ريڊيو، ٽيلويزن جا دروازا جلال چانڊيو لاءِ کلي ويا. سال ۱۹۸۵ع ڌاري جلال چانڊيو انتهائي اوج وارو زمانو ڏسي تڏهوڪي وقت جي ڪامياب فلمي هدايتڪار جناب شاهه اسد پنهنجي سنڌي فلم لاءِ جلال چانڊيو سان وڃي ڪچهري ڪندي کيس فلم ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ حامي ڀرائي ۽ سنڌي فلم جلال چانڊيو ٺاهي جڏهن فلم جلال چانڊيو سنڌ جي سينمائن تي لڳي ته سنڌي فلمن جي دنيا ۾ نوان بزنس جا ريڪارڊ قائم ڪيا. انهيءَ فلم کي تمام گهڻي عوامي موٽ ملي ۽ سنڌ جي تاريخ ۾ ڪنهن سنڌي فنڪار تي ٺهندڙ پهرين سنڌي فلم جلال چانڊيو لاءِ ٺهي جلال چانڊيو سان سنڌ جا ماڻهو انتهائي گهڻو پيار ڪرڻ لڳا ۽ جلال ته اڳ ئي حسن پرست ۽ سونهن جو پوڄاري هو، جنهن سبب جتي به جنهن به شي ۾ سونهن ڏسندو هو ته دل ڏئي ويهي رهندو هو. جانورن سان تمام گهڻو پيار ڪندو هو، ميهون ۽ گهوڙا پالڻ جو شوق تمام گهڻو هئيس. سنڌ اندر پنهنجي وقت جو انتهائي مصروف فنڪار هو، جنهن سبب سنڌ اندر سوين ماڻهو پنهنجي شادين، مرادين ۾ گهرائڻ لاءِ پروگرام جي تاريخ پهريان جلال چانڊيو کان وٺندا هئا. پوءِ پنهنجي شادين جون تاريخون طئي ڪندا هئا. جلال چانڊيو رنگين طبعيت جي مالڪ هجڻ سان گڏ انتهائي طور نماز جو پڻ پابند هوندو هو ۽ انسانيت جي خدمت سان سرشار جذبو رکندڙ شخصيت هو. پنهنجي علائقي جي غريبن جي نياڻين جي ڏاج ڏيڻ کان وٺي غريبن جي مدد ۾ اڳيان اڳيان هوندو هو. سنڌ اندر ڪو اهڙو شهر يا ڳوٺ نه هوندو جتي جلال چانڊيو پنهنجي فن جو مظاهرو نه ڪيو هجي. هر هنڌ پنهنجي فني دنيا جي اوج وارن ڏينهن ۾ سنڌي سنگيت جو ڀرپور مظاهرو ڪيو پر دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پڻ تمام گهڻو ڳائي وڄائي انگريزن کي به حيران ڪري ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته سندس ڳائڻ وقت چپڙي يڪتاري وڄائڻ سان گڏ سندس منهن جو رخ، ويهڻي ۽ هٿن جي بيهڪ وارو انداز اڄ تائين ڪو ئي به فنڪار پيدا نه ڪري سگهيو. سڄو جسم سندس جو ڳائڻ سان گڏ پيو پرفارم ڪندو هو. هو ويٺي ويٺي ڳائيندي به ائين لڳندو هو جو ڄڻ نچي رهيو هجي. جلال چانڊيو ۲ شاديون رچايون، هڪ پنهنجي مائٽن مان ننڍپڻ ۾ ته ٻي شادي پنهنجي پسند سان ڪئي. فني دنيا ۾ انتهائي اوج واري زندگي ۾ جڏهن ته جلال چانڊيو جنهن محفل ۾ ڳائڻ ويندو هو، اتي اوڙي پاڙي جون سوين عورتون پنهنجي گهرن جي ڪوٺن تي ويهي جلال چانڊيو جو راڳ لازمي ٻڌنديون هنيون. جلال چانڊيو پنهنجي شروعاتي دور کان حياتي جي آخري لمحن تائين انتهائي مقبول فنڪار رهيو. سنڌ جي هن عوامي فنڪار جي حياتي جا ڏينهن ڏهين جنوري ۲۰۰۱ تي رات جو ساڍين ڏهين وڳي پورا ٿي ويا. هميشه جيان روزانو صبح ۽ رات جو سندس طبعيت پچڻ لاءِ روزانو اسپتال وڃي عيادت ڪندو هيم. اتفاق سان جنهن وقت سندس وفات ٿي ته SIUT وارڊ جي انتهائي نگهداشت واري وارڊ ۾ ڊاڪٽر منظور ملاح سان گڏجي مان موجود هيم ڊاڪٽر منظور ملاح ٻڌايو ته جلال چانڊيو لاءِ اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون، پر الله جي جيڪا مرضي. انهيءَ وقت اسپتال جي بستري تي ننڊ ستل جلال چانڊيو جي مک تي هڪ حسين مرڪ هئي. انهي حسين مرڪ دوران هڪ هڏڪي ڏيندي جلال چانڊيو پنهنجو ساهه ڌڻي حوالي ڪيو ۽ 5 وڳي صبح جو جلال چانڊيو جو مڙهه سندس مائٽن حوالي ڪيو ويو. جلال چانڊيو جي وچوڙي جي ڏينهن سنڌ جي هزارين گهرن ۾ تڏا وڇايا ويا، جنهنجو مثال سنڌ جي ٻئين ڪنهن وڏي فنڪار جي وڇوڙي تي نٿو ملي. اڄوڪي تاريخ ۱۰ جنوري تي هن عوامي فنڪار جي وڇوڙي کي اڄ ۱۵ سال گذري ويا آهن پر سندس عوامي مقبوليت ۾ اڄ به ڪا کوٽ ناهي ٿي. اڄ به سندس آواز جهرجهنگ گونجي ٿو ۽ سندس فني خدمتن سبب سنڌ کي نوان سنگيت جي دنيا ۾ لاڙا مليا. جلال چانڊيو کي سنڌي سنگيت جي خدمتن عيوض شاهه لطيف ايوارڊ، سچل سرمست ايوارڊ، فنڪار ايوارڊ سميت سوين ايوارڊن سان نوازيو ويو. سنڌ جي کوڙ سارن شهرن ۾ سندس مڃتا طور سون جون تاجپوشيون پڻ ڪيون ويو. جلال چانڊيو واري فني ڳائڪي جو الڳ انداز جو اڄ به سنڌ ۾ اوڄ آهي، جنهن کي عوامي مقبوليت ملي ٿي. جلال چانڊيو يڪتاري ۽ چپڙيءَ جو بي تاج بادشاهه مصطفيٰ ملاح/ڪراچي عوامي راڳي جلال چانڊئي کان اڳ يڪتاري ۽ چپڙيءَ جي سڃاڻپ صرف فقيراڻي سڃاڻپ هئي. يعني يڪتارو ۽ چپڙي، صوفي بزرگن جي درگاهن تائين محدود هو. پر جلال چانڊئي، هن کي سنڌي لوڪ موسيقي ۽ ڪلاسيڪي موسيقي ۾ متعارف ڪرايو. هو نه صرف يڪتاري ۽ چپڙيءَ جو بادشاهه هو پر سنڌي ڪيسٽ جي دنيا جو به بادشاهه هو. جلال کان اڳ، سنڌ ۾ ڪيسٽ جي دنيا تي پنجابي ۽ ٻين ٻولين جي گانن جو راڄ هو. هر هنڌ ميڊم نورجهان، مهدي حسن، عنايت حسين ڀٽي ۽ ٻين فنڪارن کي نهايت ذوق ۽ شوق سان ٻڌو ويندو هو. پر جلال چانڊئي جي ڳائڻ سان نه صرف سنڌي ڪيسٽ ڪلچر سگهارو ٿيو، پر سنڌ مان پنجابي گانن جي جاءِ سنڌي گانن والاري ورتي. گاڏين، هوٽلن، ٽريڪٽرن ۽ ٽرڪن ۾ جلال جو آواز گونجڻ لڳو. هن راڳ جي شروعات ۷۰ع واري ڏهاڪي ۾ ڪئي. شروعات ۾ هن جا گيت؛ ”اڄوڪي رات رهي پئو، منهنجي دل ٿي چوي ۽ هل نه مٺو ايڏي لوڏ ڪري“ ٻڌندڙن ۾ تمام گهڻو مقبول ٿيا. ڪيسٽ جي دنيا ۾ هن جي مقبوليت ڏسندي تڏهوڪي پروڊيوسر شيخ غلام حسين، کيس ريڊيو تي متعارف ڪرايو. تنهن بعد هو پنهنجي ذهانت ۽ محنت سان پي ٽي وي تي متعارف ٿيو. جتي هن نيون ڌنون تخليق ڪري موسيقي جي دنيا ۾ پنهنجو هڪ منفرد مقام ٺاهيو. هن پاڪستان کان علاوه دبئي ۽ سعودي عرب کان ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. جلال چانڊئي جي مادري ٻولي سرائيڪي هئي. پر هن سرائيڪيءَ کان علاوه براهوي، پنجابي، بلوچي، اردو، سنڌي ۽ ٻين ٻولين ۾ به ڳايو. هن سنڌ جي سرموڙ شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي، حضرت سچل سرمست ۽ استاد بخاريءَ سميت ٻين ڪيترن ئي شاعرن جي ڪلام کي پنهنجو نرالو آواز ۽ انداز ڏئي لازوال بڻائي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ پنهنجي لاءِ ڪاميابيءَ جا دروازا هميشه لاءِ کولي ڇڏيا. اڄ به جلال جي نالي جو کٽيو کائيندڙ فنڪار جوڳي جلال، پتڪڙو جلال، سهڻو جلال، صفا جلال، ننڍو جلال، وڏو جلال ۽ آخري جلال جي نالن سان مشهور آهن، جن نه صرف جلال جي آواز ۽ انداز کي اپنايو پر جلال جي شهپرن ۽ ٽوپي واري فيشن کي به پاڻ مٿان طاري ڪري ڇڏيو. جلال چانڊيي جي اچڻ سان سنڌي موسيقيءَ کي هڪ نج ٻهراڙي جي فطرتي ٻولي وارو اصلوڪو فنڪار نصيب ٿيو. جنهن ڪري اڄ لکن جي تعداد ۾ ماڻهو جلال وانگر ٽوپي نرڙ تي سجائڻ ۽ مڇن جي بيهڪ، جلال وانگر ڪرائڻ ۾ فخر محسوس ڪندا آهن. جلال چانڊئي کي سندس فني خدمتن جي اعتراف ۾ شاهه لطيف ايوارڊ، سچل سرمست ايوارڊ، قلندر شهباز ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترا ئي سرڪاري توڙي غير سرڪاري ايوارڊ به مليا. جلال چانڊئي ٽي شاديون ڪيون. گردن جي بيماري سبب، ۱۰ جنوري ۲۰۰۱ع تي، ۵۷ سالن جي عمر ۾، ھن دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. جلال چانڊيو يڪتاري ۽ چپڙي جو منفرد راڳي مسافر محبوب ڪلهوڙو ۱۰ جنوري اهو ڏينهن آهي جنهن ڏينهن هزارين سنڌ واسين کان جلال چانڊيي جهڙو محبوب فنڪار کسي ورتو جنهن جي وڇوڙي کي اڄ ۱۵ سال گذري چڪا آهن پر پوءِ به هو يگانو راڳي پنهنجي چاهيندڙن جي دلين ۾ اڄ به موجود آهي اڄ به سندس هزارين چاهيندڙ کيس وساري ناهن سگهيا جلال چانڊيو جيڪو پنهنجي بهترين اخلاق سٺي طبعيت ۽ ڳائڻ جي نرالي انداز سبب سنڌ توڙي ٻين صوبن جي ماڻهن جي دلين ۾ ٿورڙي عرصي ۾ وڏي جاءِ ٺاهي ورتي هئي، جنهن ڪري کيس عزت ۽ مان جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو، جلال چانڊيو جنهن ڦل شهر ۽ مصرجي واهه جي ڳوٺ کبڙ وڳڻ ۾ هڪ پورهيت ڳوٺاڻي فقيرفيض محمد چانڊيي جي ڪکائين گهر ۾ جنم ورتو سندس اک کلڻ کان پوءِ جڏهن جلال چانڊيو اڃا پنڌ ڪرڻ جهڙو مس ٿيو هو ته سندس والد کيس پڙهائڻ بدران جهنگ ۾ ٻڪريون ڇوڙي چارڻ جو چيو جيڪا عمر پڙهڻ ۽ هڪ جيڏن سان راند کيڏڻ جي هوندي آهي، ان وقت جلال چانڊيو ائين پنهنجون ٻڪريون ڳوٺ کبڙ وڳڻ ۽ ان جي آسپاس چاريندو هو ۽ جهنگ ۾ هڪ جيڏن کي اُتي ويهي ڪلام ٻڌائيندو هو جيڪي کيس هميشه اهو چوندا هئا ته جلال تون هڪ ڏينهن سنڌ جو وڏو فنڪار ٿي اُڀرندين ۽ سندس امڙ به کيس روزانو رات جو ڳائڻ وقت دعائون ڏيندي چوندي هئي جلال ڪو وقت ايندو ماڻهو ۽ پئسا تنهنجي پويان ڊوڙندا، امڙ جي ان دعا ۽ دوستن جي دعائن ان ڏينهن کي اڀاريو ۽ جلال چانڊئي جي ڀاڳ ڪر کنيوسندس ڳوٺ جي ڀرسان سيد امام علي شاهه بادشاهه جي درگاهه تي هر سال لڳندڙ ميلي ۾ جلال به پنهنجن هڪ جيڏن يارن سان گڏ ميلو گهمڻ لاءِ آيو جتي سمورن دوستن جي ميڙن منٿن تي راضي ٿي جلال پهريون دفعو سازن تي ميلي ۾ ڪلام چيا، جنهن جو منفرد انداز ڏسي ۽ آواز ٻڌي جنهن کي ٻڌڻ جي لاءِ ميلي سمورين هوٽلن تي ويٺل ماڻهو اٿي اچي ان هوٽل تي جمع ٿيا، جتي جلال چانڊيو ڪلام ڳائي رهيو هو. ان دوران گهوٽڪي ضلعي سان واسطو رکندڙ فنڪار علي گل مهر جلال چانڊيي کي پنهنجو شاگرد بڻائي سندس ٻانهه۾ ڳانو ٻڌو ۽ ان کان پوءِ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ، واهڻ وستي ڳوٺ، شهر جهر جهنگ ۾ جلال چانڊيي جي راڳ جي ڌم مچي وئي اهو زمانو سنڌ ۾ ماڻهن کي خاص ڪري سفر ڪرڻ وقت ڊرائيور نورجهان، عنايت حسين ڀٽي، عطاءُالله نيازي جو راڳ ٻڌرائيندا هئا پر جنهن ڏينهن کان جلال چانڊيي پنهنجي آواز ۽ نرالي انداز سان راڳ جي دنيا ۾ مضبوطي سان پير پاتو ته اهي بسن ٽريڪٽر ٽرالين ۽ شهرن ۾ ٻڌجندڙ راڳي اتان تڙجي نڪتا ۽ انهن فنڪارن جي جاءِ تي جلال چانڊيي جا ڪلام ٻڌجڻ لڳا جلال چانڊيو اڻپڙهيل ۽ ٻهراڙي جو سادو ۽ سچو ماڻهو هوندو هو اهو ئي سبب هو جو هن وٽ منافقت واري سوچ نه هوندي هئي پر سندس مشاهدو مطالعي کان به ان ڪري وڌيڪ هو جو هزارين ڪلام جلال چانڊيي کي ياد هوندا هئا جڏهن ته جلال چانڊيي جي سخاوت جا واقعا به عام جام آهن هن ڪيترن مسڪين ماڻهن کي پنهنجي وٿاڻ تان کير پيئڻ لاءِ سُئا مينهون کولي ڏنيون ۽ مسڪين، غريب، بي پهچ نياڻين ۽ نوجوانن کي شادي ڪرائڻ لاءِ سندن مائٽن جي مالي مدد ڪري پنهنجو ڪردار ٺاهيو. جڏهن جلال چانڊيي جي ڳائڻ وارو عروج جو وقت هو ته ان وقت هن جي آسپاس گهمندڙ اهي مفاد پرست ڪجهه فرد ۽ ڪيسٽ ڪمپنين جا مالڪ جيڪي چوندا هئا ته جلال چانڊيي کان سواءِ هنن کي ماني به نه ٿي وڻي ۽ هو ان کان سواءِ ڪنهن کي سڃاڻن نه ٿا پر جڏهن جلال چانڊيي جي وڇوڙي کان پوءِ وقت انهن نام نهاد ڪمپنين جي مالڪن جن جلال جي ڪيسٽن مان نالو ڪمايو انهن جي دعوائن کي ڌوڙ ڪندي انهن جي منافقت واري لڪل چهري کي نروار ڪري ڇڏيو آهي جلال چانڊيو نوشهرو فيروز جي ڳوٺ ڇلي وارن چانڊين ۾ سيد ڇتل شاهه جو ميلو لڳرائيندو هو جيڪو ڪافي سالن تائين جاري رهيو جنهن ۾ جلال چانڊيو سنڌ، پنجاب، خيبر پختون خواهه، بلوچستان جي ملهه پهلوانن کي ڀلوڙ سُئا مينهون، بوسڪي جا وڳا، پٽڪا ۽ ۱۰ کان ۲۰ هزار تائين روڪ انعام ڏيندو هو، هن ميلي ۾ ڀلا اُٺ، گهوڙا، ڏاند آڻيندڙ شوقينن کي به دل کولي انعام ڏنا ويندا هئا جلال جي جيئري ئي اهو لڳندڙ ميلو بند ٿي ويو. جلال جو آواز جهرجهنگ گونجندو رهيو ۽ هن وقت تائين جلال جا هزارين چاهيندڙ جن ۾ اڪثريت ٽريڪٽر ڊرائيورن، ٽرڪ ڊرائيورن توڙي ٻهراڙي جي هوٽلن تي ويهندڙ ماڻهن جي آهي، اهي اڄ به جلال چانڊيي جا ڪلام وڏي آواز ۾ ٻڌندا رهن ٿا ۽ رات جي وقت جڏهن جلال جي آواز ۾ جڏهن ٽريڪٽرن ۾ ڊرائيور ٻنين ۾ هر ڪاهيندي راڻو وڃائيندا هئا ته سندس آواز ٿڌڙي رات ۾ ايڏو ته سرور ڏيندو هو جو سيءَ جي پرواهه ڪرڻ بنا ئي گهر کان ٻاهر اچڻ تي مجبور ٿي ويندا هيا سين، جلال چانڊيي جو سنڌ جي ثقافت ٽوپي پائڻ ،وڏا ۽ ويڪرا ڪپڙا پائڻ سميت منهن تي وڏا شهپر وارو انوکو انداز جنهن کي اڄ به سنڌ جو ٻهراڙي سان تعلق رکندڙ طبقو جاري رکيو پيو اچي، جلال جڏهن يورپ جي ڪجهه ملڪن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ ويو هو ته اتان جي نوجوان ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جلال چانڊيي جي ڳائڻ واري انداز سان گڏ يڪتارو ۽ چپڙي وڄائڻ واري انداز ۽ ٽوپي پائڻ واري انداز کي تمام گهڻو پسند ڪيو، سنڌ جي هن ڀلوڙ فنڪار کي پنهنجي زندگي ۾ ڀليون مينهون، ڀلا گهوڙا، ڪڪڙ ،ٽيڊيون ٻڪريون ،وڏي قد جا ڪتا پالڻ جو به گهڻو شوق هوندو هو جيڪي اڄ به سندس ڦل شهر ۾ آخري آرامگاهه ۽ اوطاق تي بيٺل آهن جلال يارن جو يار ۽ غريب مسڪينن جو مدد گار به بڻجندو رهيو، اگر ڪو دوست يار يا وري ڪو به سندس چاهيندڙ سندس اوطاق تي ايندو هو ته سندس دل باغ بهار ٿي پوندي هئي ۽ هو کيس ڳل لائي سندس هٿ چمي آڌر ڀاءُ ڪندو هو سندس وٽان ڪڏهن به ڪو سوالي خالي نه موٽيو، جلال جي زندگي توڙي ان جي فوتگي کان پوءِ جلال جا کوڙ سارا شاگرد ظاهر ٿيا جن ۾ جوڳي جلال ،پتڪڙو جلال ،گرم جلال ۽ ٻين جلال جهڙو ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پر انهن کي ناڪامي حاصل ٿي ۽ اڄ تائين جلال جي وڇڙي وڃڻ کان پوءِ پيدا ٿيل خال ڀرجي ناهي سگهيو ۱۰ جنوري ۲۰۰۱ع تي جسماني طور تي گڙدن جي بيماري سبب سنڌ ڌرتيءَ جو هي يگانو فنڪار هميشه جي لاءِ هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو پر سنڌ جي ثقافت کاتي هن عوامي فنڪار کي وساري ڇڏيو آهي پر سچ اهو آهي ته اڄ به هزارين جلال چانڊيي جا چاهيندڙ ۽ ٻڌندڙ کيس دل ۾ سانڍيو رکيو اچن ٿا ۽ اڄ به هر سال جيئان ڦل شهر ۾ ۱۰ جنوري تي جلال چانڊيي جي ورسي ملهائجي رهي آهي. جلال چانڊيو لوڪ راڳي گل مورو ڪنهن ٿي ڄاتو ته ڌنارن سان ڌنار بڻجي ٻهراڙين جي ٻارڙن سان مال چاريندڙ جلال کي اهڙو ته جلال اچي ويندو جو هڪ ڏينهن هو سڄي سنڌ جو جلال بڻجي ويندو. ۽ ڪنهن ٿي ڄاتو ته هي غريب پيءُ جو مال چاريندڙ ٻار وڏو ٿي، هند سنڌ ۾ راڳ ذريعي اهڙو ته دردن جو داستان ڪنهن راڻي جي صورت ۾ ته ڪڏهن ڪوهياريءَ جي روپ ۾ ڀيروي۴ ڀيرن سان سڄي ڀونءِ ۾ باهه جا ڀنڀٽ مچائي ڇڏيندو ۽ ٿيو به ائين ننڍي هوندي مال چارڻ کان پوءِ ٿورڙو جوان ٿيو ۽ جوڀن جا ڏينهن آيس ته، ٻنين توڙي ٻارن ۾ مائٽن سان هارپي ڪرڻ وقت به ڳائيندو وتندو هو عشق مان رڙيون ڪندو هو ته “ڪونه بچسان درد تيڏي وچ رو رو مرويسان” اچي جو اهڙو ته عشق لڳس جو، مال ٻنين ۾ ڇڏي، ڪرڪا ڪارڪتڻ جي، يعني درزڪي ڪم جي لاءِ ڪڏهن ڪٿي ڪڏهن ڪٿي ميدان ۾ نڪري پيو. پوءِ ڪيتري وقت تائين مورو نوان جتوئي ڦل ۾ سنهيءَ سئي سبيو ۽ ڏينهن رات ڪپڙا سبندو رهيو ۽ سلائي مشين واري رڌم تي جهونگاريندو به رهيو. اچي جو اوچتو عشق چوٽ لڳس پوءِ ته بس سندس زبان تي “يار سانون ڏاڍي عشق آتش لائي هي” جي تنوار هئي، پنهنجي جلويدار آواز کي يڪتاري ۽ چپڙي جي تارن سان ملائڻ لاءِ، باقائدي راڳ جي سکيا وٺڻ لڳو. سنڌ جي ڀلوڙ راڳي استاد علي گل مهر کي پنهنجو استاد بڻايائين. پهريان پاڻ پنهنجي استاد سان گڏجي ڳائيندو هو ۽ پوءِ استاد جي اجازت سان ۱۹۷۳ع کان هن جدا ڳائڻ شروع ڪيو. جلال چانڊيي ۱۹۴۸ع ڌاري نوشهروفيروز جي شهر ڦل ڀرسان ڳوٺ هڙپال ۾ جنم ورتو. سُرن جي سکيا وٺڻ کان پوءِ جلال کي عشق جو جلال اهڙو ته آيو جو سڄي سنڌ جي وستين واهڻن، شهرن، ڪاڇي کان ڪارونجهر تائين، اوطاقن، هوٽلن، بسن، ٽريڪٽرن توڙي ٽرينن ۾ به جلال جي آواز جو جادو جو چرچو هو، ڪيسٽ ڪمپنين وارا قطارن ۾ بيٺل هوندا هئا ته اسان جي ڪمپني ۾ ڳائي، پر جنهن سان به نيهن لاتائين، ان کي ڪڏهن به نه ڇڏيائين، ڀل کڻي پوءِ کيس لکين روپيا ڇو نه آڇين اهي به ٺڪرائي ڇڏيندو هو. ايڏو ته نالو روشن ڪيائين جو پنهنجو ته نالو روشن ڪيائين، پر پنهنجي خاندان کي سکيو ستابو بڻايائين، نه رڳي ايترو پر جلال ايتري شهرت ماڻي جو ڊزن کن ملڪن ۾ وڃي هن اتي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. جتي سندس گونجندڙ آواز تي پرڏيهي توڙي ڏيهي ماڻهو جهومڻ تي مجبور ٿي پوندا هئا. جڏهن به سنڌ جو هي مشهور فنڪار ڪنهن شادي يا فنڪشن ۾ ويندو هو ته اتي هزارين ماڻهو سندس استقبال لاءِ اٿي پوندا هئا. ايتري قدر ته رش ٿي ويندي هئي جو ماڻهن جي رش هئڻ سبب وڏي مشڪل سان اسٽيج تي پهچندو هو. راڳ ٻڌڻ وقت ماڻهو نوٽ گهورڻ مهل بيهوش ٿي پوندا هئا، مٿس نوٽن جي برسات هوندي هئي سندس نوٽ ميڙڻ وارا ساٿي ٿڪجي پوندا هئا، جلال پنهنجي دور جو بي تاج بادشاهه راڳي به سڏجڻ لڳو، سندس مشهوريءَ جو عالم اهو هو، جو نه رڳي مرد پر عورتون، ۽ ٻار به سندس راڳ جا مداح بڻجي ويا. ويهين صديءَ ۾ ڀڳت ڪنول رام، ماسٽر چندر، جيوڻي ٻائيءَ کان پوءِ جلال چانڊيو سنڌ ۾ اهڙو عوامي فنڪار پيدا ٿيو جنهن ٻهراڙي توڙي شهرن ۾ سنڌي راڳ کي اوج ڏياريو. هن ٺيٺ سنڌي موسيقيءَ کي وڌايو ۽ سنڌ مان عنايت حسين ڀٽي ۽ نورجهان کي نيڪالي ڏيارڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪيو. سندس فني خدمتن تي کيس ڪيترا ئي ايوارڊ مليا. سنڌ سرڪار پاران ۱۹۹۹ع ۾ لطيف ايوارڊ، شامل آهي. ان کان سواءِ قلندر شهباز، سچل سرمست ڄام ڏاتار، مهدي شاهه ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙچ ۾ موجود صوفي شاعرن جي آڳنڌ تي هن ڳاتو ۽ ڪيترا ئي ڀيرا کيس مڃتا طور ماڻهن سونا تاج پارايا. سنڌ کان علاوه دبئي، مسقط ۽ ٻين ملڪن ۾ وڃي محفلون مچايون ۽ هن کي بي تاج بادشاهه چيو ويندو هو. هونئن به سنڌ هردور ۾ هر مڪتب فڪر ۽ فن جا وڏي ڪمال وارن ماڻهن کي جنم ڏنو آهي پوءِ اهو هنر هجي ادب هجي يا عزم هجي يا نظم هجي، جمال هجي يا جلال هجي، جنهن طرف به نظر ڪبي ته موتين مالهائون ئي نظر اينديون، جلال به موتين جي مالها ۾ اهڙو ته انمول موتي ٿي اڀريو، جو هن جو ڀاڳ اڻ کٽ هو، سنڌ ۾ ٻيا به پنهنجي پنهنجي وقت ۾ عظيم ڪلاڪار / فنڪار پيدا ٿيا پر جيتري شهرت ۽ عزت هن کي ملي ايتري شايد ڪنهن کي مشڪل سان نصيب ٿي هجي، سنڌ ۾ وڏن راڳ جي ڄاڻو راڳين گوئين ۽ ڪلاسيڪل گائڻن هوندي به هر ماڻهوءَ جي وات تي جلال جي جادو جو ئي اثر هو، نه رڳي راڳ وسيلي غريب مان شاهوڪار بڻيو پر ٻني ٻاري وارو به ٿيو پر هن ۾ وڏائي ڪڏهن به نه رهي. اوطاقي مڙس به اهڙو جو چارئي پهر سندس اوطاق تي ميلو متل هوندو هو. ڀلن گهوڙن، ڪارين ڪنڍين مينهن، ٻوليون ٻوليندڙ تترن، ڀلن ڏاندن، اٺن توڙي ڪامورين ٻڪرين جون قطارون سندس اوطاق تي وڏي تعداد ۾ هونديون هيون. ملهه راند جو به اهڙو ته شوقين جو، نوشهري فيروز ٻاهران سيد ڇتن شاهه جي ميلي ۾ ويهي ملهه کٽيندڙ ملهه پهلوانن کي انعام ۾ بوسڪيءَ جا پٽڪا، نوٽن جا هار ۽ کين کير پيئڻ لاءِ ڀلوڙ مينهون پڻ ڏئي ڇڏيندو هو، ڏٺو وڃي ته جلال جي چاهيندڙن جو دائرو وسيع هو، ايترو وري سخاوت ۾ به وڏو ماڻهو هو، چون ٿا ته هڪ دفعي ڪنهن شاديءَ جي محفل ۾ هڪڙو همراهه قرآن پاڪ کڻي آيو ته منهنجي ميهن چوري ٿي وئي آهي، ته جلال راڳ بند ڪرائي، کيس چيو ته هي پاڪ ڪتاب آهي ته مون خبر ناهي، پر مسلمانن ۾ ايمان ناهي رهيو، ان ڪري سڀاڻي منهنجي اوطاق تان چونڊ مينهن اچي ڪاهي وڃجان. کيس ائين مينهن ڏئي ڇڏيائين، ٻيو واقعو به عجيب ۽ غريب هو جو اسان جي ڳوٺ ڀرسان هڪڙو هٿن پيرن کان معذور نوجوان جلال چانڊيي جي مينهن چوري ڪري ويو هو. جڏهن جلال کي خبر پئي ته سندس مينهن جو چور عمر مبيجو آهي ان کي گهرائي پنهنجي هٿن جو سلام ڪري کيس چيائين ته تون معذور هوندي منهنجي مينهن ڪاهي وئين تون واقعي مڙس ماڻهو آهين، هاڻ اها مينهن توکي معاف. پر انعام ۾ منهنجي هيءَ ٻي مينهن به ڪاهي وڃ. پر چوري نه ڪجان! جلال جي زندگيءَ جا کوڙ سارا واقعا اڄ به ڪيترن ماڻهن کي ياد آهن، ايتري قدر جو لاڙڪاڻي جو هڪ غريب نوجوان وٽس آيو ته سهرو چوي ٿو ته جلال جو راڳ ڪراءِ ته پوءِ توکي سڱ ڏيندس. ان ڪري جو پئسا ڪونهن منهنجو هي ڳهو کڻ! جلال به دير ئي نه ڪئي ان کي چيائين وڃي شادي جي تياري ڪر مان ضرور ايندس، ان راڳ جي فيس ته ڪونه وتائين، رهندو اتي ڇني دوران پيل سمورا گهور وارا پئسا گهوٽ جي جهوليءَ ۾ وڌائين. سنڌ جي هن بي تاج بادشاهه راڳيءَ جلال چانڊيي جي شاگردن جو تعداد به سڄي سنڌ ۾ سون جي تعداد ۾ پکڙيل آهي گل شير تيوڻي، کان وٺي ننڍي جلال، گرم جلال، ۽ ٻيا کوڙ سارا اڄ به راڳ جي دنيا ۾ جلال ڇانيل آهن، حالانڪه جلال جيڪو نج ٻهراڙيءَ جو سادو ماڻهو هو جنهن وٽ تعليم به نه هئي، گهڻو پڙهيل ته ڇا صفا اڻ پڙهيل هو، ان جي حافظي دل ۽ دماغ کي شاباس هجي، جو هن ڏهه هزار کان وڌيڪ ڪيسٽون ڪيون هيون، جيڪڏهن هر ڪيسٽ ۾ ڇهه ڪلام هن ڳايا هجن، ته به سندس ڪلامن جو تعداد ۶۰ هزار کان وڌيڪ ٿئي ٿو. ان ڳالهه تي هر ڪو ماڻهو متفق آهي ته سڄي دنيا ۾ اهڙو ڪوبه ڳائڻو نه هوندو. جنهن هزارين ڪلام ياد ڪري ڳايا هجن. اهو سندس وڏو ڪمال هو. جلال پنهنجي پاڻ کي ته يادگار بڻايو پر سنڌ جي ناليواري شاعرن ۽ ٻهراڙيءَ جي گمنام شاعرن جي شاعري ڳائي انهن کي به شهرت جي بلندين تي پهچائي ڇڏيو. شاهه عبدالطيف ڀٽائي کان وٺي شيخ اياز، استاد بخاري، راشد مورائي غلام حيدر گجو ، انور قمبراڻي ۽ ٻين شاعرن کي هن ڳايو، چون ٿا ته جلال کي هڪ سيد، سيد نور محمد شاهه بودلائي جي دعا ٿيل هئي، حالانڪه راڳداريءَ مان ڪو گهڻو واقف ڪار به نه هو. پر سندس ڀاڳ کي ضرور مڃڻو پوندو. جنهن اڌ صديءَ تائين عوام جي دلين تي راڄ ڪيو ۽ وڇوڙي وقت به هزارين ماڻهو سندس مڙهه مٿان ڳوڙها ڳاڙي رهيا هئا. افسوس جو هي سنڌ جو وڏو راڳي ۱۰ جنوري ۲۰۰۱ع تي اسان کان وڇڙي ويو سندس آواز اڄ به ڳوٺن توڙي شهرن ۾ گونجي پيو. جلال چانڊيو جنهن کي سنڌ اڄ به ساري ٿي مظهر خاصخيلي اڄ وري ۱۰ جنوري جو ڏينهن ڦري آيو آهي اڄوڪوڏينهن سنڌ ۾ لکين جلال چانڊيو جي چاهيندڙن کان نه وسرندڙ ڏينهن آهي هن ڏينهن تي ۱۰ جنوري ۲۰۰۱ تي جلال چانڊيو جيڪو پنهنجي طبيعت ۽ ڳائڻ جي منفرد انداز سبب سڄي سنڌ ۾ عزت ۽ مان جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو اهو جسماني طور تي سنڌ ڌرتيءَ ۽ چاهيندڙن کان گڙدن جي بيماري سبب الڳ ٿي ويو هو ۽ اهو ئي سبب آهي ته سياري جي هن ٿڌڙي هوائن ۾ جلال چانڊيو جا چاهيندڙ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ۽ خاص ڪري بلوچستان خيبر پختون خواهه ۽ پنجاب جي سرائيڪي پٽيءَ سان واسطو رکندڙن جو هڪ وڏو انگ جلال جي آخري آرامگاهه تي اچي گڏ ٿيندو آهي ۽ هو پنهنجي محبوب فنڪار کي ياد ڪري پنهنجي اکين مان لڙڪ هارڻ سان گڏ هر سال کيس لفظن جي ڀيٽا ڏيڻ جي لاءِ ايندا رهندا آهن پر اهو به سچ آهي ته جڏهن جلال چانڊيو جي ڳائڻ وارو اوج جو وقت هو ته ان وقت هن جي آسپاس گهمندڙ اهي مفاد پرست ڪجهه فرد ۽ ڪيسيٽ ڪمپنين جا مالڪ جيڪي چوندا هئا ته جلال چانڊيو کان سواءِ هو ڪنهن کي سڃاڻن نه ٿا هو جلال چانڊيو سان پيار ڪن ٿا پر انهن جو پيار به جلال چانڊيو سان ان جي زندهه هجڻ تائين هو ڇو ته دنيا جي ڏاهن ماڻهن جو چوڻ آهي ته ماڻهو جنهن سان پيار ۽ عشق جون حاميون ڀريندو آهي ان جو اصل امتحان ان جي هن دنيا مان جسماني طور موڪلائي وڃڻ کان پوءِ شروع ٿيندو آهي ۽ خبر پوندي آهي ته ان جي وڃڻ کان پوءِ اهي لالچي ماڻهو ياد رکن ٿا يا وري کيس وساري ڇڏين ٿا ۽ اهي ئي جلال چانڊيو کي به انهن دوستي جون ڪوڙيون حاميون ڀريندڙن ۽ ڪجهه مفاد پرست ڪيسيٽ ڪمپنين جي مالڪن وساري ڇڏيو آهي اهو جلال چانڊيو جنهن ڦل شهر ۽ مصرجي واهه جي وچ تي قائم ڳوٺ کبڙ وڳڻ ۾ هڪ مسڪين ڳوٺاڻي فيض محمد چانڊيو جي ڪکائن ۽ ڪچي گهر ۾ جڏهن اکيون کوليون هيون ته ان وقت سندس والد فيض محمد چانڊيو پنهنجي گهر جي چلهه ٻارڻ لاءِ به سخت پريشان هوندو هو ۽ جلال چانڊيو اڃا پنڌ ڪرڻ جهڙو مس ٿيو هو ته سندس والد کيس جهنگ ۾ ٻڪريون ڇوڙي ڪاهي وڃي چارڻ جو چيو جيڪا عمر پڙهڻ ۽ راند ڪرڻ جي هوندي آهي ان وقت جلال چانڊيو ائين پنهنجون ٻڪريون مصرجي واهه ۽ ڦل شهر جي ڀرسان ڳوٺ کبڙ وڳڻ ۽ ان جي آسپاس چاريندو هو ۽ جهنگ ۾ پنهنجي هڪ جيڏن کي اُتي ويهي ڪلام ٻڌائيندو هو جيڪي کيس سدائين اهو چوندا هئا ته جلال تون هڪ ڏينهن سنڌ جو وڏو فنڪار ٿي اُڀرندي ۽ سندس امڙ به کيس روزانو رات جو ڳائڻ وقت اهي دعائون ڏيندي چوندي هئي جلال ڪو وقت ايندو ماڻهو ۽ پئسا تنهنجي پويان ڊوڙندا ۽ اهو ئي ٿيو سندس امڙ ۽ دوستن جي دعائن پنهنجو رنگ ڏيکاريو يا وري جلال چانڊئي جو ڀاڳ کليو جو سندس ڳوٺ جي ڀرسان سيد امام علي شاهه جي درگاهه تي هر سال وارو ميلو لڳو ۽ جلال به پنهنجن هڪ جيڏن دوستن سان گڏ ميلو گهمڻ لاءِ آيو جتي سمورن دوستن کيس چيو ته اڄ جلال توکي اسان کي پنهنجي آواز ۾ ڪلام ٻڌائڻا پوندا ۽ ان کان پوءِ جلال پهريون دفعو سازن تي سيد امام علي شاهه جي ميلي ۾ ڪلام چيا جنهن کي ٻڌڻ جي لاءِ ميلي ۾ سمورين هوٽلن تي ويٺل ماڻهو اٿي اچي ان هوٽل تي جمع ٿيا جتي جلال چانڊيو ڪلام ڳائي رهيو هو. ان دوران گهوٽڪي ضلعي سان واسطو رکندڙ فنڪار علي گل مهر جلال چانڊيو کي پنهنجو شاگرد بڻائي سندس ٻانهن ۾ ڳانو ٻڌو ۽ ان کان پوءِ سنڌ جي واهڻ وسطي ڳوٺ، شهر جهر جهنگ ۾ جلال چانڊيو جي راڳ جي ڌوم مچي وئي ۽ اهو زمانو سنڌ ۾ ماڻهن کي خاص ڪري سفر ڪرڻ وقت ڊرائيور نورجهان، عنايت حسين ڀٽي، عطاءُالله نيازي جو راڳ ٻڌرائيندا هئا پر جلال چانڊيو انهن فنڪارن کي پنهنجي ڌرتي سنڌ امڙ تان تڙي ڪڍڻ وارو ڪم ڪيو جنهن کي جيترو ساراهجي اهو گهٽ آهي باقي ڪجهه دوستن جي اها ڳالهه واقعي صحيح آهي ته جلال چانڊيو اڻپڙهيل ۽ ٻهراڙي جو سادو ۽ سچو ماڻهو هوندو هو اهو ئي سبب هو جو هن وٽ منافقت ۽ ڊپلوميسي واري سوچ به نه هوندي هئي پر سندس مشاهدو مطالعي کان به ان ڪري وڌيڪ هو جو هزارين ڪلام جلال چانڊيو کي ياد هوندا هئا جڏهن ته جلال چانڊيو جي سخاوت جا واقعا به عام جام آهن هن ڪيترن مسڪين ماڻهن کي پنهنجن قلعن تان کير پيئڻ لاءِ سُئا مينهون کولي ڏنيون ۽ مسڪين، غريب، بي پهچ نياڻين ۽ نوجوانن کي شادي ڪرائڻ لاءِ سندن مائٽن جي مالي مدد ڪئي. اهڙو هڪ واقعو سنڌ جو مزاحمتي ۽ مرحوم شاعر سائين راشد مورائي ڪافي دفعا ڳالهه ڪندي بار بار ٻدائيندو هو ته هڪ دفعو هو جلال چانڊيو وٽ ويٺو هو ته لاڙڪاڻي ضلعي سان واسطو رکندڙ هڪ نوجوان آيو ۽ کيس پيرن تي ڪري چيائين ته جلال چانڊيا مان تنهنجو نالو ٻڌي آيو آهيان منهنجو چاچو مون کي پنهنجي مڱيندي ان شرط تي ڏيڻ جي لاءِ راضي ٿيو آهي ته تون منهنجي ڀت ۾ اچي ڳائيندي ان نوجوان کيس روئيندي چيوته منهنجو چاچو لالچي آهي ۽ هن ٻڌو آهي ته تون لکين روپيا وٺي پوءِ ڳائڻ ايندو آهين ان دوران جلال چانڊئي نوجوان کي ڀاڪر پائيندي چيو ته تون وڃ ۽ پنهنجي تاريخ ٻڌ مان ان ڏهاڙي تي تو وٽ ڳائڻ ضرور ايندس ۽ پوءِ جلال ان تاريخ تي ان نوجوان جي ڀت ۾ ڳائڻ لاءِ لاڙڪاڻي ضلعي ويو جتي کيس ٻن کٽن جيترا پئسا پيا جنهن مان هڪ کٽ جيترا پئسا ان نوجوان کي سڏ ڪري چيائين ته هي مان توکي مبارڪباد ڏيان ٿو ۽ پنهنجو وڃي ڪاروبار ڪر اهو نوجوان اڄ ڏينهن تائين جلال جي ورسي تي لاڙڪاڻي مان ايندو آهي ان ڳالهه جو مان شاهد آهيان مون جڏهن هيءَ ڳالهه جلال چانڊيو جي ورسي ۾ تقرير ۾ چئي هئي ته هزارن جي ميڙ ۾ اهو نوجوان اٿي ٻئي هٿ مٿي ڪري چوڻ لڳو ته اهو سچ آهي اهو مان ئي آهيان ۽ ان کان سواءِ مون کي ان ڳالهه جي چٽي سانڀر آهي ته نوشهروفيروز کان ۴ ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ڳوٺ ڇلي وارن چانڊين ۾ سيد ڇتل شاهه جو ميلوجلال لڳرائيندو هو جيڪو ڪافي سالن تائين جاري رهيو جنهن ۾ جلال چانڊيو سنڌ، پنجاب، خيبر پختون خواهه، بلوچستان جي ملهه پهلوانن کي ڀلوڙ سُئا مينهون، بوسڪي جا وڳا، پٽڪا ۽ ۱۰ کان ۲۰ هزار تائين روڪ انعام ڏيندو هو هن ميلي ۾ ڀلا اُٺ، گهوڙا، ڏاند آڻيندڙ شوقينن کي به دل کولي انعام ڏنا ويندا هئا ۽ ان سان گڏ جيڪو دوڪاندار ڀلو دوڪان سينگاريندو هو ان کي به جلال چانڊيو روڪ ۲۰ هزار انعام ڏيندو هو ان جي ڪري هي ميلو سڄي ملڪ ۾ مشهوري ماڻي چڪو هو پر افسوس جو پيار ۽ محبت جي ويرين هن ميلي کي نه سٺو ۽ جلال جي جيئري ئي هي ميلو بند ٿي ويو ۽ ان کان پوءِ اڄ ڏينهن تائين وري سائين ڇتل شاهه جو ميلو ضلعي نوشهروفيروز جي رهواسين لڳندي ناهي ڏٺو ۽ هڪڙي ڳالهه سنڌ جو عوامي شاعر استاد بخاري پنهنجي نجي ڪچهرين ۾ ڪندو هو ته هو علاج جي حوالي سان دبئي ويو اتي اسپتال جي ڀرسان هڪ بنگلو هوندو هو ان بنگلي مان روزانو صبح جو سوير ۽ شام جو سج لهڻ کان پهريان جلال چانڊيو جي آواز ۾ سندس شاعري جو هي ڪلام هلندو هو. ايڏي دير ڪري ٿا يار اچو نه ٿا سار لهو ته ڪو مُئو يا بچو ۽ جڏهن مون ان جي جاچ ڪرائي ته ان گهر ۾ هڪ دادو ضلعي سان واسطو رکندڙ سنڌي عورت رهندي هئي جنهن پنهنجي سئوٽ سان عشق جي شادي ڪئي پر اهو کيس هڪ يورپي عورت جي ڪري ڇڏي هليو ويو ان کان پوءِ هوءَ روزانو اهو ڪلام ٻڌندي آهي. پر مون ان عورت کي اسپتال ۾ گهرائي جڏهن چيو ته تون جيڪو ڪلام ٻڌندي آهين ان ڪلام جو شاعر مان ئي استاد بخاري آهيان ان عورت مون کي مسڪرائيندي جواب ڏيندي چيو ته ڀلي تون استاد بخاري هج پر مان توکي هڪڙي ڳالهه چوان. توکي جهرجهنگ جلال چانڊيي ئي پهچايو آهي ۽ استاد بخاري به چوندو هو ته ٻهراڙي جي ماڻهن تائين سندس شاعري ۽ نالي کي جلال چانڊيي ئي پهچايو آهي اها ڳالهه سچ آهي ته اڄ به جلال چانڊئي جون هزارن جي تعداد ۾ ڪيسٽون سندس لکين چاهيندڙ ۽ ٻڌندڙ پنهنجي ساهه جيان سانڍيو رکيو ٿا اچن ۽ سنڌ ۾ کوڙ اهڙا فنڪار آهن جيڪي جلال چانڊيو کان پوءِ يڪتارو ۽ چپڙي جو راڳ ڳائين ٿا انهن مان گهڻائي جلال چانڊيو کي پنهنجو استاد ڪري مڃي ٿي ۽ اڄ ڏينهن تائين ۱۰ جنوري جي شام ٿيندي ئي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سمورا فنڪار ضلعي نوشهروفيروز جي شهر ڦل اچي گڏ ٿي سندس قبر تي حاضري ڀرڻ کان پوءِ پنهنجي پنهنجي واري ملڻ تي فن جو مظاهرو ڪندا آهن. جلال چانڊيو جو سنڌ جي ثقافت ٽوپي پائڻ وارو انوکو انداز به سنڌ جا رهواسي اپنائيندا اچن ٿا جلال جڏهن ٻاهرن ملڪن خاص ڪري يورپ جي ڪجهه ملڪن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ ويو هو ته اتان جي نوجوان ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جلال چانڊيو جي ڳائڻ واري انداز سان گڏ يڪتارو ۽ چپڙي وڄائڻ واري انداز ۽ ٽوپي پائڻ واري انداز کي تمام گهڻو پسند ڪيو هو هن سنڌ جي اربيلي فنڪار کي پنهنجي زندگي ۾ ڀليون مينهون، ڀلا گهوڙا، ڪڪڙ ڌارڻ جو به گهڻو شوق هوندو هو جيڪي اڄ به سندس ڦل شهر ۾ آخري آرامگاهه ۽ اوطاق تي بيٺل آهن جلال جي هڪ وڏي ۽ خاص اها خوبي هوندي هئي ته هن ڀلي سنڌ ۾ وڏو نالو ڪمايو ۽ دولت پر جڏهن به کيس پنهنجي ننڍپڻ جو يار ۽ دوست رستي ويندي يا ڪنهن شهر ۾ ملي ويندو هو ته کيس ڀاڪر پائي ملندوهو هن ننڍڙي لائي جون يادون ڪڏهن به نه وساريو اسان کان اهڙو محبوب فنڪار ۽ ماڻهو ۱۰ جنوري ۲۰۰۱ تي جسماني طور گڙدن جي بيماري سبب سنڌ ڌرتيءَ ۽ ان جي رهندڙ سنڌي ماڻهن کي هميشهه لاءِ ڇڏي جسماني طور تي موڪلائي هليو ويو پر ان ڳالهه جو ڏک ضرور آهي ته سنڌ جي ثقافت کاتي هن عوامي فنڪار کي وساري ڇڏيو آهي ڪافي دفعا ثقافت کاتي اهو اعلان ڪيو آهي ته هاڻي هر سال جلال چانڊيو جي ورثي هو ملهائيندا پر اهو اعلان اعلان رهجي ٿو وڃي ۽ ان ڳالهه مان ثابت ٿو ٿئي ته ثقافت کاتي وٽ سنڌ جي محبوب فنڪارن جو قدر ناهي پر سچ اهو آهي ته اڄ به لکين جلال چانڊيو جا چاهيندڙ ۽ ٻڌندڙ کيس دل ۾ سانڍيو رکيو اچن ٿا ۽ اڄ به هر سال جيئان ڦل شهر ۾ ۱۰ جنوري تي جلال چانڊيو جي۱۷ هين ورسي ملهائجي رهي آهي ۽ سياري جي ٿڌڙي هوائن ۾ هزارين ماڻهو سندس ورسي ۾ شامل ٿي ساڻس محبت جو ثبوت ڏئي رهيا آهن. جلال چانڊيو ساهتيءَ جو ثقافتي آواز اسلم عباسي سنڌ جي ساهتيءَ پرڳڻي جي تاريخ جيتري پراڻي آهي، اوترو سماج جي هر شعبي ۾ هتان جي رهواسين پنهنجو پاڻ ملهايو آهي. جنهن ۾ علم، ادب، تاريخ، ثقافت ۽ موسيقي جهڙا شعبه اچي وڃن ٿا. موسيقي جي دنيا ۾ ساهتيءَ پرڳڻي جا تمام وڏا نالا جن فنون لطيفه ۾ هڪ بهترين تاريخ رقم ڪئي آهي. جن ۾ سونا خان بلوچ، ماسٽر چندر، محمد يوسف ماڇي، استاد غلام قيوم وسطڙو ۽ ٻيا ڪيترائي اهڙا فنڪار جن ساهتيءَ ۾ موسيقي جي بنيادي سکيا ۽ تربيت ڏني، انهيءَ دور کان پوءِ ۷۰ جي ڏهاڪي کان پوءِ جن فنڪارن نالو ڪمايو انهن ۾ انور حسين وسطڙو، فوٽو زرداري، امام بخش زرداري، الهھ داد زرداري، بخشل ماڇي ۽ جلال چانڊيو اچي وڃن ٿا. راڳي فنڪار جلال چانڊئي جو جنم سال ۱۹۴۴ع ڌاري ساهتي پرڳڻي جي شهر ڦل ڀرسان ڳوٺ هڙپال ۾ حاجي فيض محمد چانڊيو جي گهر ۾ ٿيو. پيشي جي لحاظ کان سندس وڏڙا درزڪو ڪم ڪندا هئا. سندس والد کيس نوان جتوئي شهر ۾ هڪ درزڪي دوڪان تي درزڪو ڪم سيکارڻ لاءِ ويهاريو، پر اتي سندس دل نه لڳي ۽ ٻڪرين جو ڌڻ چارڻ لڳو ۽ ٺڪريون وڄائي جهر جهنگ ۾ جهونگاريندو هو ۽ آهستي آهستي کيس راڳ ڳائڻ جو شوق پيدا ٿيو. جلال چانڊيو اڻ پڙهيل هو سندس ڪابه تعليم نه هئي، پر قدرتي طرح سندس حافظو تمام بهترين هو، سندس ذهن پختو ۽ حافظو ڪمال جو هو، جو ڪنهن به ڪلام کي ٻه دفعا ڪير به کيس پڙهي ٻڌائيندو هو ته کيس ياد ٿي ويندو هو. پهريون ڪلام ڦل شهر ڀرسان مقامي ميلي ۾ ڳايائين. لڙي لنگهجان متان نظر لڳئي، تون ٿو لڇڪين اڳئي. هن راڳ سرلئه جي سکيا ميرپور ماٿيلي جي راڳي فنڪار علي گل مهر کان ورتي. جيڪو ڳوٺ جاني گبول گهوٽڪي جو رهواسي هو. ان کي سندور پياريو ويو هو جنهن سبب گلو خراب هئس پر راڳ جو ڄاڻون هو. جلال چانڊيو ۽ سندس والدين درگاھ نانگو شاھ غلام شاھ جا مريد هئا، پاڻ ڳوٺ قمرالدين چانڊيو ۾ سڪونت اختيار ڪرڻ کان پوءِ مصر جي واءِ ڀرسان اچي لڏي ويٺا چون ٿا ته دشمنيءَ سبب سندن گهر کي باھ لڳي ۽ الهھ تلهه سڙي ويو. ان بعد موري شهر ۾ ٻانڌي روڊ تي مسواڙي جڳھه وٺي رهائش اختيار ڪيائين. راڳ جي شوق سبب پاڻ شاهي بازار ۾ محمد پريل حجم جي سيلون تي ڪلام جهونگاريندو هو، ان دور ۾ ٽيپ رڪارڊر نئون نئون آيو هو ۽ پاڻ آهستي آهستي ميلن، ملاکڙن، شادين ۾ ڳائيندو هو ۽ سندس راڳ جا ٻڌندڙ ٽيپ رڪارڊ ۾ ڪيسٽون ڀريندا هئا ۽ هوٽلن تي پڻ سندس رڪارڊ هلندا هئا. جلال چانڊئي جي سنڌي راڳ ٻڌندڙن ۾ خاص طرح سنڌ جو پورهيت ڪلاس هاري ناري، مزدور بسن، ٽرڪن ۽ ٽريڪٽرن جا ڊرائيور ڪنڊيڪٽر ۽ ٻهراڙي سان تعلق رکندڙ عام ماڻهون وڌيڪ رهيا آهن عوامي انداز ۽ عام ماڻهن جي راڳ واري ذوق جي جلال چانڊئي پورائي ڪري سنڌيءَ ۾ جڏهن ڳائڻ شروع ڪيو ته ميلن ملاکڙن ۾ ايندڙ هزارين ماڻهن جلال کي بيحد ٻڌڻ پسند ڪيو ۽ سندس مداح ٿي پيا. سندس چواڻي ته منهنجي مقبوليت جو سبب اهو آهي جو مان عام ماڻهن جو عشق ۽ سور انهن جي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڳايان ٿو، ان ڪري ماڻهون پسند ڪن ٿا. هن سنڌي، اردو، سرائيڪي، بلوچي ۽ براهويءَ زبان ۾ پڻ ڳايو. جلال چانڊيو ۱۹۷۰ع ڌاري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي آڊيشن لاءِ پهتو، کيس راڳ نه پر مقبوليت ڪري پير اسحاق جان سرهندي پاس ڪيو ۽ مرحوم غلام حسين شيخ پروڊيوسر ۽ محمد انور بلوچ پروڊيوسر جي حيثيت سان موسيقار نياز حسين جي موسيقيءَ ۾ ڪلام رڪارڊ ڪرايا، ڪيترن ئي ماڻهن خط لکي ريڊيو اسٽيشن حيدرآباد وارن کي سندس رڪارڊ وڄائڻ کان منع ڪيو. سنڌ ۾ ڀٽائي جي فقيرن کانپوءِ يڪتاري کي عوامي ساز جلال بنايو، جلال سينگاريل يڪتارو، سنڌي ٽوپي، شهپر، کليل گلي جو نمونو اڳتي هلي هڪ نمونو عرف ڪٽ سڃاڻپ طور مشهور بڻجي ويا. جلال ڪٽ يڪتارو، جلال ڪٽ شهپر، جلال ڪٽ ٽوپي جيڪا سنڌ ۾ گهڻي ڀاڱي فنڪار پائين ٿا. سندس نالي پٺيان ڪيترائي فنڪار ننڍو جلال، وڏو جلال، صفا جلال، جوڳي جلال ۽ پٽ جلال سڏرائڻ لڳا. جڏهن ته روبينه حيدري، تاج مستاني عورتون پڻ جلال وانگر راڳ ڳايو، جڏهن جلال کان تاريخ پئدائش جو پڇيو ويو ته هن سنڌي مولودن جي وڏي شاعر غلام نبي مهيسر مرحوم وارو جواب ڏنو هو “منهنجي مارو اباڻن کي منهنجي ڄم وقت تاريخ لکڻ جو شعور نه هو” کانئس جڏهن ڳايل ڪلامن جو تعداد پڇيو ويو ته هن ملڪ ترنم نور جهان وارو جواب ڏنو هو ته “مون پنهنجي ڳايل گيتن ۽ ڪيل عشقن جو ڪڏهن به حساب نه ڪيو آهي. ڏھ هزار کان وڌيڪ ڪيسٽون ڪڍيائين ۽ ڪيترائي هزار ڳايائين، ۱۹۹۹ع ڌاري اڳوڻي سنڌ جي گورنر محمد عظيم دائود پوٽي کيس لطيف ايوارڊ ڏنو. ان سان گڏوگڏ کيس قلندر لعل شهباز ايوارڊ، سچل ايوارڊ پڻ مليا. ملڪ اندر ۽ ملڪ کان ٻاهر به فن جو مظاهرو ڪيائين، ۱۹۸۵ع ڌاري سندس زندگيءَ تي شاھ اسد هڪ فلم پڻ ٺاهي. ٽي شاديون ڪيائين، جنهن مان کيس چار پٽ ۽ هڪ نياڻي جو اولاد آهي. جلال جي عام ماڻهن واري ٻڌندڙ حلقي جو وسيع تعداد ڏسندي ڪيترن ئي ڪيسٽ ڪمپنين مالڪن فائدو ورتو ۽ ڪک پتي مان لک پتي بڻجي ويا، پر افسوس جلال جي موڪلائي وڃڻ بعد انهن سندس اولاد جي ڪابه سار سنڀال نه لڌي. سڌي پڌري راڻي ڳائندو هو. جيترو ٿلهو آواز اوترو مٿي ڳائيندو هو، ڀيروي، ڪلياڻ، تلنگ، سورٺ، ڪوهياري، سهڻي راڻو ۽ ٻين سرن ۾ ڳايائين. قدرت جي مڻيا رکيل هئس. استاد منظور علي خان چيو ته جلال جو راڳ نه پر ڀاڳ ٿو ڳائي، راڻو جهڙو هن ڳايو اهڙو ڪنهن به نه ڳايو. ڪوهياري ڳائيندو هو ته صفا خون ڪري ڇڏيندو هو. سچ پچ ته سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ، ننڍي وڏي شهر، واهڻ وستين، ڳوٺن ٿرن برن ۾ ڄڻ ته ڀنڀور کي باھ لڳي وئي. ڪيترن ئي عاشقن، البيلن جڏهن محبت ڀريو ميار وارو ڪلام ٻڌو ته جلال ڄڻ سندن سيني ۾ دفن ٿيل عشق کي وري جاڳايو ۽ سندن ترجماني ڪئي. نه رڳو ايترو پر مريضن ۽ موت جي بستري تي پيل لاوارث ماڻهن جا ڇَههَ ڇڄي پيا. جلال چانڊيو ڪيترائي دفعا بيماريءَ جي سبب اسپتال ڀيڙو ٿيو، پر هن بيماري جو ڄمي مقابلو ڪيو، بعد ۾ هن جي بيماري ڏانهن بي توجهي سبب سندس گردن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو ۽ آخر ۱۰ جنوري ۲۰۰۱ع ۾ سول اسپتال ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. اهڙي طرح سنڌي موسيقي ۾ هڪ منفرد گائڪي جي هڪ انداز جي پڄاڻي ٿي پر ان جي باوجود جلال جي وڇوڙي سان گڏ سنڌي راڳ جي هڪ منفرد انداز جو بنياد ٿيو. هن ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيا، جن جلال جي ڇڏيل ورثي کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ محفلون ڪري سندس انداز واري راڳ کي وڌيڪ هٿي ڏني جن ۾ گل شير تيوڻو، محمد يوسف پنهور، نورل ماڇي، دلشير تيوڻو، جڏهن ته سندس اولاد مان قلندر بخش چانڊيو ۽ دلبر چانڊيو ڳائي سنڌي موسيقيءَ جي هن انداز کي زنده رکيو پيا اچن. (ڏيھاڙي پنھنجي اخبار ۱۰ جنوري ۲۰۲۰ع) جلال چانڊيو ايڏي دير ڪري، ڇو ٿا يار اچو علي رضا قاضي مٺياڻي شهر جو ڪامريڊ گوهر ملاح هاڻي حيات ناهي، پر هو جڏهن به استاد بخاريءَ جو ڪلام “ايڏي دير ڪري، ڇو ٿا يار اچو۔۔۔” جيڪو ان وقت جلال چانڊيي جي آواز ۾ اڪثر ڪري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد اسٽيشن تان نشر ٿيندو رهندو هو، ڳائيندو هو ته هن جي اکين مان لڙڪ نار ڪري وهندا هئا. منهنجو بابا، جيڪو ان وقت مٺياڻي هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر ۽ پاڻ به راڳ جو تمام گهڻو شوقين هو. گوهر ملاح کان پڇندو هو: “گوهر، ان ڪلام سان تنهنجي اکين مان نير ڇو ٿا وهن؟” گوهر جواب ڏيندو هو ته؛ ”سائين، جڏهن جلال جو آواز ۽ بخاريءَ جي شاعري پاڻ ۾ جوڙ ڪن ته اکين جا بند بي اختيار ٽُٽي پوندا آهن!” هاڻي نه گوهر رهيو نه ئي منهنجو بابا نه ئي جلال چانڊيو۔۔۔ جي رهيو آهي ته جلال جو لافاني آواز، جيڪو اڄ به گونجي رهيو آهي. بيشڪ هو زندگيءَ ۾ ڀاڳ وارو فنڪار هو. ان ڪري ئي ته هڪ محفل ۾ استاد منظور علي خان سندس مٿان هڪ رپئي جو نوٽ اهو چئي گهوريو هو: “جلال! هي انعام تنهنجي فن نه پر ڀاڳ کي آهي!” جلال چانڊيي اهو ڀاڳ ڦلن جي واهه تان ٻڪريون چاريندي لڌو هو، جيڪو مرڻ گهڙي تائين هن ساڻ رهيو. ڪمال جو فنڪار هو. هن جي ڳلي مان نڪرندڙ هر سرُ، محبت ۽ زندگيءَ جي علامت بڻجي ويا. اهي به ڏينهن هئا، جڏهن وهانءَ جي تٿ پوءِ ٻڌبي هئي، پهريائين جلال چانڊيي کان محفل جي تاريخ وٺبي هئي. ڊاڪٽر الطاف جوکيو چوندو آهي: “جلال فقط هڪ فنڪار جو نالو نه هو، پر پوري هڪ ڪلچر جو نالو هو. جلال جي ٽوپي، جلال جا ڪپڙا، جلال جي ڳالهائڻ جو انداز، جلال جو هلڻ، مطلب ته ستر کان نوي تائين جا ٽئي ڏهاڪا جلال چانڊيي جا سال هئا، جنهن ۾ هو نه صرف موسيقي پر پنهنجي شخصيت جي ڪري سنڌ جي مٿان ڇانيل رهيو.” راشد مورائي، پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو: “گرميءَ جي موسم ۾ هڪ ڀيرو استاد بخاري سندس در تي آيو، پگهر ۾ شل لڳو پيو هو. نٽهڻ اس، ٽاڪ منجهند ۽ استاد بخاري... راشد مورائي چيو: حيران ٿي پڇيومانس “سائين، خير ته آهي؟ جواب ڏنائين: ڦلن ڏانهن ويو هئس جلال کي هڪ اسم ڏيڻو هو. ٻيهر حيرت ۾ اچي ويس، ڪٿي جلال چانڊيو، ڪٿي استاد بخاري!؟ اهڙي اظهار جي جواب ۾ استاد بخاري چوڻ لڳو: جلال کي گهٽ نه سمجهو، هن جو ڳايل هڪ ڪلام اسان کي سماج ۾ جهڙي مڃتا ڏياري ٿو، تنهن کي ڪنهن سان ڀيٽي نه ٿو سگهجي.” شايد اهو ئي سبب هو جو بخاري پنهنجي محفلن ۾ ٻڌائيندو هو: “جڏهن بيماري سبب لنڊن علاج لاءِ ويس، ڪافي ڏينهن هڪ اسپتال ۾ داخل هجڻ ڪري بور ٿي ٻاهر ڪنهن سنڌي ماڻهوءَ سان ملڻ جي خيال سان نڪتم ته خبر پئي اسپتال جي ڀر ۾ ئي پاڪستاني سنڌي ماڻهن جو گهر آهي. در کڙڪايم ته هڪ عورت نڪري آئي، ٻڌايومانس ته هتي علاج لاءِ سنڌ کان آيو آهيان، شاعر آهيان، استاد بخاري نالو آهي. عورت حيرت ۾ تڪيندي چوڻ لڳي، اهو استاد بخاري جنهن کي جلال چانڊيي ڳايو آهي!” ايڏي دير ڪري ڇو ٿا يار اچو، نه ٿا سار لهو ڪو مئو يا بچو. جلال چانڊيو عوامي فنڪار هو، نه فقط عوامي پر فن تي هن کي مڪمل گرفت حاصل هئي، هن کي اها پڻ خبر هئي ته فن جي ذريعي ۽ سرن جي معرفت ڪهڙي ريت ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪبو آهي. جلال چانڊيي جي بايوگرافيءَ ۾ لکيل آهي؛ “هو ڦلن جي ڀرسان هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ سال ۱۹۴۴ع ڌاري حاجي فيض محمد چانڊيي جي گهر پيدا ٿيو. جلال چانڊيي هوش سنڀاليو ته گهر جو ماحول مالوند ماڻهن وارو هو. ٿورو وڏو ٿيو ته جلال جو والد فيض محمد کيس درزڪو ڪم سيکارڻ لاءِ نوان جتوئي ۾ هڪ درزيءَ وٽ ڇڏي آيو پر جلال چانڊيي جو درزڪي ڪم ۾ دل نه لڳي، اتي پيو مختلف فنڪارن جا ريڊيو ۽ ٽيپ ريڪارڊ تي ڪلام ٻڌندو هو، جنهن سبب سندس ڌيان ڪلام ٻڌڻ ڏانهن وڌيڪ هو ۽ پراوا ڪپڙا سبڻ بجاءِ خراب ڪندو هو! استاد جي مارڪٽ سبب اچي اتان به بيزار ٿيو ۽ ڳوٺ واپس اچي مال چارڻ لڳو!” پاڻ مٿي لکي آيا آهيون ته جلال تي قسمت سدائين مهربان رهي، سمجهي سگهجي ٿو ته اها قسمت ڪڏهن هن مال چاريندي ڳولهي لڌي هوندي. مقدر هن جي اڳيان غلام جيان هٿ ٻڌي بيٺل رهيو. چڱي ريت ياد آهي ته هڪ ڀيرو جڏهن هو اسان جي ڳوٺ آيو ته ڳوٺ جي وڏيري حجت ۾ هن سان شروع ۾ ئي هڪ ڪلام جي فرمائش ڪئي، جنهن تي جلال چانڊيي وراڻيو: “وڏيرا! برابر ڳوٺ جو وڏيرو تون ئي هوندين، پر فن جو وڏيرو مان آهيان، سو ڳائڻ ۾ منهنجي مرضي هلندي..” اها ڳالهه بظاهر ته ڀوڳ ۾ ڪيل هئي پر سچ ته هو فن جي دنيا جو سردار هو، خاص ڪري سنڌي موسيقيءَ کي هن جيڪي نوان رنگ ڏنا، انهن جو ڪو ثاني نه آهي. جلال چانڊيو جي فن جا جتي ڪيترائي نوان رنگ آهن، پر اتي جڏهن هو درد ۽ سوز مان “راڻو” ڳائيندو هو ته لڱ ڪانڊارجي ويندا هئا. اڄ به جڏهن جلال جي آواز ۾ راڻو ٻڌجي ٿو ته من جي عجيب ڪيفيت ٿيو وڃي: راڻا تنهنجي راڄ ۾ مون چوڏھون چنڊ ڏٺو، نڪي داڻو پيٽ ۾ نڪي اکين ان ڏٺو، هاڻي راڻي کي چئجو، مومل رات مري وئي. ---- وَيٺِي نِتُ نِهارِيان, راڻا! تُنهنجي راهُه، موٽائَي ماڳنِ تَي، آڻِيندَوءِ اللهُ، سوڍا تو ڳَرِ ساهُه, نه تَه راڻا گهڻا راڄَ ۾. سنڌ جو اهو جادوگر فنڪار، جنهن ٽي ڏهاڪا، فن جي آسمان تي حڪومت ڪئي، اهو ۱۰ فيروري ۲۰۰۱ع تي اسان کان موڪلائي ڪنهن ڏور جڳهه ڏانهن روانو ٿيو. ليکڪ حميد ڀٽو لکي ٿو: “هميشه جيان روزانو صبح ۽ رات جو سندس طبعيت پڇڻ لاءِ اسپتال وڃي عيادت ڪندو هئس. اتفاق سان جنهن وقت سندس وفات ٿي ته SIUT جي انتهائي نگهداشت واري وارڊ ۾ ڊاڪٽر منظور ملاح سان گڏجي مان به موجود هيس، ڊاڪٽر منظور ملاح ٻڌايو ته جلال چانڊيي لاءِ اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون، پر الله جي جيڪا مرضي. انهي وقت اسپتال جي بستري تي ننڊ ستل جلال چانڊيي جي مک تي هڪ حسين مرڪ هئي. انهي حسين مرڪ دوران هڪ هڏڪي ڏيندي جلال چانڊيي پنهنجو ساهه ڌڻي حوالي ڪيو ۽ ۵ وڳي صبح جو جلال چانڊيي جو مڙهه سندس مائٽن حوالي ڪيو ويو. جنهن بعد ايڌي ايمبولينس ۾ مڙهه جلال چانڊيي جي اباڻي ڳوٺ ڏانهن روانو ڪيو ويو. صبح جو سوير کان منجهند جو جلال چانڊيي جي ڳوٺ، مڙهه پهچڻ تائين سوين ماڻهن جي گاڏين جلال چانڊيي جي مڙهه جو ائين استقبال ڪيو، جئين سندس حياتي ۾ سندس آجيان ڪئي ويندي هئي. جلال چانڊيي جي وڇوڙي جي ڏينهن سنڌ جي هزارين گهرن ۾ تڏا وڇايا ويا، جنهن جو مثال سنڌ جي ٻئي ڪنهن وڏي فنڪار جي وڇوڙي تي نٿو ملي.” جلال چانڊيو جنھن کان سواءِ سنڌي لوڪ راڳ جي تاريخ اڌوري آھي زاھد راڄپر جيتوڻيڪ، جلال چانڊيو کي اسان کان وڇڙئي اڄ ۱۹ سال ٿي ويا آهن، پر اڄ به سندس شهر ۾ سندس نالي سان ميڙاڪو ٿئي ٿو ته چاهيندڙن جا انبوهه پهچي وڃن ٿا، هن جو اولاد ۽ ڦل جا محبتي ماڻهو خالد ميمڻ، بخش علي چانڊيو کيس خراج پيش ڪرڻ لاءِ اديبن ۽ سماج سڌارڪن کي به گڏ ڪندا آهن پر سندس چاهيندڙن کي اها ڳالهه اصل ناهي وڻندي ته اهي سندن وقت وڃائين ۽ اهي ته فقط جلال چانڊيي جي راڳ جي انداز تي فدا هوندا آهن. جلال چانديو ساهتي پرڳڻي جي ڦل شهر کان ٿورو ٻاهران سندس ئي نالي سان آباد ڳوٺ جلال چانڊيو ۾ ۱۹۴۴ع ۾ پيدا ٿيو، اڄ ان ڳوٺ جو ڪوبه نانءَ نشان باقي ناهي رهيو، ڇاڪاڻ ته سم ان ڳوٺ سميت سڄي علائقي کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي، پر جلال چانڊيي جو نالو اڄ به لوڪ راڳ جي دنيا ۾ چوڏهين جي چنڊ جيئن جرڪي رهيو آهي. اڄ ۱۰ جنوري تي سنڌ جي هن منفرد عوامي فنڪار جي ۱۹ هين ورسي ملهائي پئي وڃي. سنڌ جي اديباڻا ۽ دانشوراڻا خيال رکندڙ يا وري انڊين ۽ ڪلاسيڪل راڳ کان متاثر توڙي ڊسڪو موسيقي جي دنيا سان واسطو رکندڙ نوجوانن توڙي ماڻهن کي ڀلي جلال چانڊيو نه وڻي پر جڏهن به سنڌ ۾ لوڪ راڳ جي تاريخ لکي ويندي ته اها جلال چانڊيي جي نالي کانسواءِ اڻ پوري هوندي، ڇاڪاڻ ته جلال سنڌ جي ٻهراڙي جا اهي نوجوان جيڪي ڇاپرا هوٽلن تي ويهي چانهه جون چسڪيون ڀريندي يا سڄي رات زمينون کيڙيندڙ ٽريڪٽر ۽ ٽرڪ ڊرائيورن سميت ٻهراڙي جي اٻوجهه ۽ پيرين اگهاڙن ماڻهن جي پسنديده فنڪار آهي. هو يڪتاري ۽ چپڙي تي جڏهن به پنهنجي مخصوص انداز سان سر ڇيڙيندو هو ته ماڻهن کي محفل ۾ مست ڪري ڇڏيندو هو. هزارين چاهيندڙ هوندي به هو ماڻهو مڻياندار هو، سادو ماڻهو ۽ ماڻهن سان گڏ جانورن سان پيار ڪندڙ انسان هو، هن جي اوطاق تي ڀلن گهوڙن، ڪڪڙن جون قطارون لڳل هونديون هيون. تتر پالڻ ۽ ڀليون مينهون ڌارڻ جو به شوقين هو. سندس اوطاق ٻارهو ئي مهمانن سان ٽمٽار هوندي هئي، سڀني کي هڪجهڙي ماني ملندي هئي ۽ سڀني سان اٿي بيهي ڀاڪر پائي ملڻ، چرچا، کل ڀوڳ ۽ ٽهڪ هن جي اندر جي سچائي جي شاهدي ڏيندا هئا. جلال هڪ اڻ پڙهيو انسان هو، هڪ هاريءَ فيض محمد جو پٽ جنهن جهنگ ۾ مال چاريندي پنهنجي منهن راڳ ڳائڻ شروع ڪيو ۽ هن کي راڳ سان الستي عشق ٿي ويو، مال چارڻ کانپوءِ هن پنهنجي پيءَ جي صلاح سان نوان جتوئي ۾ هڪ درزي وٽ درزڪو ڪم سکڻ شروع ڪيو ۽ درزي ٿيو، پر راڳ جي اڻ تڻ کيس اتي به سک سان ويهڻ سان نه ڏنو ۽ نيٺ درزڪو ڪم ڇڏي راڳ جي دنيا وسايائين ۽ ٿوري وقت کانپوءِ سندس هاڪ پکڙجي وئي. وڏا شهپر، نرڙ تي سنڌي ٽوپي، يڪتارو، چپڙي، سڀني سان محبت ۽ نوڙت سان ملڻ سندس سڃاڻپ هئي. جلال چانڊيو ان وقت اڀريو جڏهن سنڌ ۾ عطاءُ الله عيسيٰ خيلوي، عنايت حسين ڀٽي، نور جهان، زبيده بيگم (يعني) پنجابي ڪلچر (موسيقي) ڌاڪو ڄمائي رکيو هو، هوٽلن تي اهي ڪيسٽون ٻڌبيون هيون پر جلال جي منفرد انداز ۽ سريلي آواز انهن سڀني غير مقامي ٻولين کي هوٽلن ۽ محفلن مان تڙي ڪڍيو، جيتوڻيڪ، شروع شروع ۾ ريڊيو، ٽي وي يا ڪيسٽ ڪمپنين وارا جلال چانڊيي جي راڳ کي ڪابه اهميت نه ڏيندا هئا، ان وقت جلال جا چاهيندڙ سندس محفلن، پروگرامن ۾ وڃي ڪيسٽون ڀري (رڪارڊ) ڪري ايندا هئا، جيڪي جهر جهنگ، هوٽلن ۽ گهرن ۾ وڄنديون هيون. جلال جي اهڙي مڃتا، چاهت ڏسڻ کانپوءِ نيٺ ڪمپنين پاران ڪيسٽون رڪارڊ ٿيڻ لڳيون ۽ کيس ريڊيو، ٽي وي تي گهرائي پڻ رڪارڊنگ ڪئي وئي، جلال جي آواز کانپوءِ ڪيتريون ئي ڪيسٽ ڪمپنيون پڻ وجود ۾ آيون جن اڳتي هلي نه صرف نالو ڪمايو، پر خوب ناڻو پڻ ڪمايو، جلال جي ميدان تي اچڻ تي يڪتاري وارو سنڌي راڳ ڄڻ ته زندهه ٿي پيو. اڄ به جلال جي انداز سان ڳائڻ وارن فنڪارن جي گهڻائي آهي پر اهو جلال ناهي ۽ جلال جي نالي تي کائڻ وارا گهڻائي فنڪار موجود آهن. جلال چانڊيو غريب چاهيندڙن سان پيار ڪندڙ فنڪار هو، جنهن به غريب سندس در تي اچي صدا پهچي جلال ان جي ڪاڄ ۾ بنا پئسي جي ويندو هو ۽ پوندڙ پئسا به ان غريب کي ڏئي ايندو هو. هن شاهه لطيف جي شاعري کان وٺي استاد بخاري ۽ راشد مورائي سميت سنڌ جي خوبصورت شاعرن سان گڏ ولگر شاعرن کي به ڳايو ته هڪ فقير صفت انسان غلام حيدر گجو کي به تمام گهڻو ڳايو، غلام حيدر جنهن عشق ۾ پنهنجو گهر گهاٽ ڇڏيو انتهائي فقيراڻي زندگي بسر ڪئي ان کي پنهنجي ڪار ۾ کڻي گهمائڻ ۽ سندس شاعري ڳائڻ سان گڏ ان کان ڌنون پڻ ڪمپوز ڪرائيندو هو ۽ ان جي ڌنن ئي جلال کي شهرت جي چوٽي تائين پهچايو. جلال ڪيترن ئي بي سهارا شاگردن جو تعليمي خرچ به برداشت ڪندو هو، هو ميلا لڳائڻ جو شوق رکندو هو، جتي ملاکڙا ڪرائيندو هو ۽ کٽيندڙن کي مينهون انعام ڏئي همت افزائي ڪندو هو. جلال چانڊيو جي زندگي تي سن ۱۹۸۵ع ۾ مشهور ڊائريڪٽر شاهه اسد فلم “جلال چانڊيي” به ٺاهي، ان فلم ۾ جلال چانڊيي کي هن هيرو طور کنيو. ان فلم مقبوليت سان گڏ سٺو ناڻو پڻ ڪمايو. جلال ڪافي ٻاهرين ملڪن ۾ پڻ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري، مڃتا ماڻڻ سان گڏ ڪيترائي ايوارڊ پڻ حاصل ڪيا. زندگي جي آخري ڏينهن ۾ گڙدا ختم ٿي وڃڻ ڪري هن ۱۰ جنوري ۲۰۰۱ع ڪراچي جي سول اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. جلال چانڊيو جنھن کان سواءِ سنڌي لوڪ راڳ جي تاريخ اڌوري آھي زاھد راڄپر جيتوڻيڪ، جلال چانڊيو کي اسان کان وڇڙئي اڄ ۱۹ سال ٿي ويا آهن، پر اڄ به سندس شهر ۾ سندس نالي سان ميڙاڪو ٿئي ٿو ته چاهيندڙن جا انبوهه پهچي وڃن ٿا، هن جو اولاد ۽ ڦل جا محبتي ماڻهو خالد ميمڻ، بخش علي چانڊيو کيس خراج پيش ڪرڻ لاءِ اديبن ۽ سماج سڌارڪن کي به گڏ ڪندا آهن پر سندس چاهيندڙن کي اها ڳالهه اصل ناهي وڻندي ته اهي سندن وقت وڃائين ۽ اهي ته فقط جلال چانڊيي جي راڳ جي انداز تي فدا هوندا آهن. جلال چانديو ساهتي پرڳڻي جي ڦل شهر کان ٿورو ٻاهران سندس ئي نالي سان آباد ڳوٺ جلال چانڊيو ۾ ۱۹۴۴ع ۾ پيدا ٿيو، اڄ ان ڳوٺ جو ڪوبه نانءَ نشان باقي ناهي رهيو، ڇاڪاڻ ته سم ان ڳوٺ سميت سڄي علائقي کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي، پر جلال چانڊيي جو نالو اڄ به لوڪ راڳ جي دنيا ۾ چوڏهين جي چنڊ جيئن جرڪي رهيو آهي. اڄ ۱۰ جنوري تي سنڌ جي هن منفرد عوامي فنڪار جي ۱۹ هين ورسي ملهائي پئي وڃي. سنڌ جي اديباڻا ۽ دانشوراڻا خيال رکندڙ يا وري انڊين ۽ ڪلاسيڪل راڳ کان متاثر توڙي ڊسڪو موسيقي جي دنيا سان واسطو رکندڙ نوجوانن توڙي ماڻهن کي ڀلي جلال چانڊيو نه وڻي پر جڏهن به سنڌ ۾ لوڪ راڳ جي تاريخ لکي ويندي ته اها جلال چانڊيي جي نالي کانسواءِ اڻ پوري هوندي، ڇاڪاڻ ته جلال سنڌ جي ٻهراڙي جا اهي نوجوان جيڪي ڇاپرا هوٽلن تي ويهي چانهه جون چسڪيون ڀريندي يا سڄي رات زمينون کيڙيندڙ ٽريڪٽر ۽ ٽرڪ ڊرائيورن سميت ٻهراڙي جي اٻوجهه ۽ پيرين اگهاڙن ماڻهن جي پسنديده فنڪار آهي. هو يڪتاري ۽ چپڙي تي جڏهن به پنهنجي مخصوص انداز سان سر ڇيڙيندو هو ته ماڻهن کي محفل ۾ مست ڪري ڇڏيندو هو. هزارين چاهيندڙ هوندي به هو ماڻهو مڻياندار هو، سادو ماڻهو ۽ ماڻهن سان گڏ جانورن سان پيار ڪندڙ انسان هو، هن جي اوطاق تي ڀلن گهوڙن، ڪڪڙن جون قطارون لڳل هونديون هيون. تتر پالڻ ۽ ڀليون مينهون ڌارڻ جو به شوقين هو. سندس اوطاق ٻارهو ئي مهمانن سان ٽمٽار هوندي هئي، سڀني کي هڪجهڙي ماني ملندي هئي ۽ سڀني سان اٿي بيهي ڀاڪر پائي ملڻ، چرچا، کل ڀوڳ ۽ ٽهڪ هن جي اندر جي سچائي جي شاهدي ڏيندا هئا. جلال هڪ اڻ پڙهيو انسان هو، هڪ هاريءَ فيض محمد جو پٽ جنهن جهنگ ۾ مال چاريندي پنهنجي منهن راڳ ڳائڻ شروع ڪيو ۽ هن کي راڳ سان الستي عشق ٿي ويو، مال چارڻ کانپوءِ هن پنهنجي پيءَ جي صلاح سان نوان جتوئي ۾ هڪ درزي وٽ درزڪو ڪم سکڻ شروع ڪيو ۽ درزي ٿيو، پر راڳ جي اڻ تڻ کيس اتي به سک سان ويهڻ سان نه ڏنو ۽ نيٺ درزڪو ڪم ڇڏي راڳ جي دنيا وسايائين ۽ ٿوري وقت کانپوءِ سندس هاڪ پکڙجي وئي. وڏا شهپر، نرڙ تي سنڌي ٽوپي، يڪتارو، چپڙي، سڀني سان محبت ۽ نوڙت سان ملڻ سندس سڃاڻپ هئي. جلال چانڊيو ان وقت اڀريو جڏهن سنڌ ۾ عطاءُ الله عيسيٰ خيلوي، عنايت حسين ڀٽي، نور جهان، زبيده بيگم (يعني) پنجابي ڪلچر (موسيقي) ڌاڪو ڄمائي رکيو هو، هوٽلن تي اهي ڪيسٽون ٻڌبيون هيون پر جلال جي منفرد انداز ۽ سريلي آواز انهن سڀني غير مقامي ٻولين کي هوٽلن ۽ محفلن مان تڙي ڪڍيو، جيتوڻيڪ، شروع شروع ۾ ريڊيو، ٽي وي يا ڪيسٽ ڪمپنين وارا جلال چانڊيي جي راڳ کي ڪابه اهميت نه ڏيندا هئا، ان وقت جلال جا چاهيندڙ سندس محفلن، پروگرامن ۾ وڃي ڪيسٽون ڀري (رڪارڊ) ڪري ايندا هئا، جيڪي جهر جهنگ، هوٽلن ۽ گهرن ۾ وڄنديون هيون. جلال جي اهڙي مڃتا، چاهت ڏسڻ کانپوءِ نيٺ ڪمپنين پاران ڪيسٽون رڪارڊ ٿيڻ لڳيون ۽ کيس ريڊيو، ٽي وي تي گهرائي پڻ رڪارڊنگ ڪئي وئي، جلال جي آواز کانپوءِ ڪيتريون ئي ڪيسٽ ڪمپنيون پڻ وجود ۾ آيون جن اڳتي هلي نه صرف نالو ڪمايو، پر خوب ناڻو پڻ ڪمايو، جلال جي ميدان تي اچڻ تي يڪتاري وارو سنڌي راڳ ڄڻ ته زندهه ٿي پيو. اڄ به جلال جي انداز سان ڳائڻ وارن فنڪارن جي گهڻائي آهي پر اهو جلال ناهي ۽ جلال جي نالي تي کائڻ وارا گهڻائي فنڪار موجود آهن. جلال چانڊيو غريب چاهيندڙن سان پيار ڪندڙ فنڪار هو، جنهن به غريب سندس در تي اچي صدا پهچي جلال ان جي ڪاڄ ۾ بنا پئسي جي ويندو هو ۽ پوندڙ پئسا به ان غريب کي ڏئي ايندو هو. هن شاهه لطيف جي شاعري کان وٺي استاد بخاري ۽ راشد مورائي سميت سنڌ جي خوبصورت شاعرن سان گڏ ولگر شاعرن کي به ڳايو ته هڪ فقير صفت انسان غلام حيدر گجو کي به تمام گهڻو ڳايو، غلام حيدر جنهن عشق ۾ پنهنجو گهر گهاٽ ڇڏيو انتهائي فقيراڻي زندگي بسر ڪئي ان کي پنهنجي ڪار ۾ کڻي گهمائڻ ۽ سندس شاعري ڳائڻ سان گڏ ان کان ڌنون پڻ ڪمپوز ڪرائيندو هو ۽ ان جي ڌنن ئي جلال کي شهرت جي چوٽي تائين پهچايو. جلال ڪيترن ئي بي سهارا شاگردن جو تعليمي خرچ به برداشت ڪندو هو، هو ميلا لڳائڻ جو شوق رکندو هو، جتي ملاکڙا ڪرائيندو هو ۽ کٽيندڙن کي مينهون انعام ڏئي همت افزائي ڪندو هو. جلال چانڊيو جي زندگي تي سن ۱۹۸۵ع ۾ مشهور ڊائريڪٽر شاهه اسد فلم “جلال چانڊيي” به ٺاهي، ان فلم ۾ جلال چانڊيي کي هن هيرو طور کنيو. ان فلم مقبوليت سان گڏ سٺو ناڻو پڻ ڪمايو. جلال ڪافي ٻاهرين ملڪن ۾ پڻ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري، مڃتا ماڻڻ سان گڏ ڪيترائي ايوارڊ پڻ حاصل ڪيا. زندگي جي آخري ڏينهن ۾ گڙدا ختم ٿي وڃڻ ڪري هن ۱۰ جنوري ۲۰۰۱ع ڪراچي جي سول اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. جلال چانڊيو سنڌيانا جلال خان ولد حاجي فيض محمد چانڊيو ۱۹۴۸ع ڌاري ضلعي نوشهري فيروز جي شهر ڦل ڀرسان ڳوٺ هڙپال جي هٽ ۾ ڄائو. پاڻ مشهور عوامي راڳي هو. جلال چانڊيو نصابي تعليم حاصل نه ڪري سگهيو. سندس مائٽ مالوند ماڻهو هئا، جنهن ڪري هن ننڍي هوندي مال چاريو. شروع کان ئي کيس ڳائڻ جو شوق هو ۽ مال چاريندي پنهنجي منهن پيو جهونگاريندو هو. جڏهن ٿورو وڏو ٿيو ته مائٽن کيس نوان جتوئي ۾ درزڪو ڪم سکڻ لاءِ ڇڏيو. جنهن کان پوءِ کيس اوچتو عشق جي چوٽ لڳي ويئي ۽ هن درزڪو ڌنڌو ڇڏي ڳائڻ شروع ڪيو. راڳ جي باقاعدي سکيا ميرپور ماٿيلي جي مشهور راڳي فقير علي گل مهر کان ورتائين. پهريان پاڻ پنهنجي استاد سان گڏجي ڳائيندو هو ۽ پوءِ استاد جي اجازت سان ۱۹۷۳ع کان هن جدا ڳائڻ شروع ڪيو. يڪتاري ۽ چپڙيءَ تي هن جي ڳائڻ واري نرالي انداز ٻڌندڙن کي تمام گهڻو متاثر ڪيو. ان وقت سنڌ جي ڳوٺن ۾ اردو ۽ پنجابي ڳائيندڙن کي تمام گهڻي مقبوليت هئي. جلال جي انوکي انداز انهن غير سنڌي فنڪارن جي سنڌ مان پڄاڻي ڪري ڇڏي. جنهن کان پوءِ مٿس شهرت، عزت ۽ دولت جي ديوي مهربان ٿي ۽ کيس سنڌ جي جهرجهنگ ۾ تمام گهڻي مقبوليت ملي ۽ کيس سنڌي موسيقي جو بي تاج بادشاھ سڏيو ويو. هن سنڌي موسيقيءَ ۾ انوکا رڪارڊ قائم ڪيا. جلال چانڊيو سنڌ جو اهو واحد سنڌي فنڪار آهي، جنهن جون ڳايل سنڌي ڪيسيٽون اهي ماڻهو به ٻڌن ٿا، جيڪي سنڌي ٻولي پوري طرح سمجهن ئي ڪو نه ٿا، پاڪستان جي چئني صوبن کانسواءِ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ جتي جتي سنڌي رهن ٿا اتي کيس ٻڌو وڃي ٿو. ويهين صديءَ ۾ ڪنور ڀڳت، ماسٽر چندر ۽ جيوڻي ٻائي کان پوءِ جلال چانڊيو سنڌ ۾ اهڙو عوامي فنڪار پيدا ٿيو، جنهن ٻهراڙيءَ توڙي شهرن ۾ سنڌي راڳ کي اوج ڏياريو. پاڻ سنڌ جو پهريون فنڪار آهي، جنهن جي زندگيءَ ۾ ئي سندس حياتي تي فلم “جلال چانڊيو” ٺهي. ان فلم ۾ هن پنهنجو ڪردار پاڻ ادا ڪيو ۽ انهيءَ فلم لاءِ کيس اوارڊ به مليو. اڄ جا ڪيترا ئي فنڪار پنهنجا اصل نالا مٽائي سندس نالي پٺيان پاڻ کي ننڍو جلال، آخري جلال، گرم جلال، سهڻو جلال وغيره سڏرائي سندس آواز جو نقل ڪري، سندس ڳايل ڪافيون ڪلام ڳائي پيٽ گذر ڪري رهيا آهن. جلال چانڊيو واحد سنڌي فنڪار آهي، جنهن ۱۰ هزار کان وڌيڪ ڪلام ڳايا. هن جي هر ڪيسيٽ هٿوهٿ کپي ويندي هئي. کيس جيڪڏهن ڪو شادي وغيره جي تقريب ۾ راڳ ڳائڻ لاءِ گهرائيندو هو ته ان لاءِ شادي جي تاريخ اڳواٽ جلال کان مقرر ڪرائڻي پوندي هئي. جڏهن شادي مرادي جي تقريب ۾ ڳائڻ لاءِ پهچندو هو ته جلال جو ٻڌي ٻيڻا ٽيڻا غير دعوتي ماڻهو اچي نڪرندا هئا ۽ ميزبان لاءِ ماني کارائڻ به ڏکيو ٿي پوندو هو. جلال چانڊيي جو حافظو به تمام سٺو هو. اڻ پڙهيل هوندي به کيس نون پراڻن سوين شاعرن جا هزارين ڪلام، ڪافيون، گيت، غزل، وايون، بيت، ڏوهيڙا وغيره ياد رهندا هئس. اڄ جا اڪثر راڳي ڳائڻ مهل پنهنجي سامهون شاعريءَ جو ڪو ڪتاب يا ڪاپي کولي ويهندا آهن، پر جلال جڏهن ڳائيندو هو ته دل جو دفتر کولي ويهندو هو، ڪلام ۽ ڏوهيڙا چوندو ويندو هو. سندس ڳائڻ ۽ يڪتاري چپڙي وڄائڻ جو انداز پڻ من موهيندڙ هوندو هو. سندس آواز لچڪدار ۽ وڻندڙ هو. سندس آواز جو اهو جادو آخر تائين قائم ر هيو. قداور جسم، بت ۾ ڀريل ويڪري ۽ سهڻي چهري تي ڪارا ڀنڀور ۽ وڏا شهپر. مٿي تي هيرن سان جڙيل سنڌي ٽوپي، ڳچيءَ ۾ وڏي پتلي سان سوني زنجير، ٻانهن ۾ گهڙي پاتل، سنڌي پوشاڪ ۾ ملبوس جلال چانڊيو جڏهن هڪ هٿ ۾ سنڌ جو قديم ساز يڪتارو ۽ ٻئي هٿ ۾ چپڙيون کڻي اسٽيج تي پنهنجي مخصوص انداز ۾ ڳائڻ شروع ڪندو هو ته ماڻهو جهومي پوندا هئا. هو ٺيٺ سنڌي موسيقيءَ جو راڳي هو. جلال چانڊيي جي پيرن فقيرن سان به وڏي عقيدتمندي هئي. شاهپور جهانيان جي مهدي شاھ کي پنهنجو مرشد ڪيائين. ان کانسواءِ پنهنجي ڳوٺ جي ويجهو درگاھ نور شاھ سميت شاھ لطيف، قلندر شهباز، سچل سرمست، ڄام ڏاتار ۽ ٻين بزرگن جي درگاهن تي حاضر ٿي وڏي چاھ سان ڳائيندو هو. پاڻ نهايت يار ويس، مهمان نواز، خوش مزاج جوان هو، ڀلا گهوڙا ۽ مينهون ڌارڻ سندس مشغلو هو. سندس فني خدمتن عيوض کيس ڪيترا ئي انعام اعزاز پڻ مليا، جن ۾ سنڌ سرڪار پاران ۱۹۹۹ع ۾ کيس مليل ’لطيف اوارڊ’به شامل آهي، عوام طرفان به سندس ڪافي قدرداني ٿي هئي. لاڙڪاڻي جي گوپانگ برادريءَ پاران کيس سونو تاج پارايو ويو. ڪيترا ئي ڀيرا دبئي، مسقط ۽ هانگ ڪانگ ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهن خاص طرح سان اتي گهرائي، ساڻس محفلون مچائي کيس وڏن انعامن اڪرامن سان نوازيو. گڙدن جي بيماريءَ سبب ۲۰۰۱ع ۾ وفات ڪيائين. سنڌ جو هيءُ واحد فنڪار هو، جنهن جي جنازي تي چار هزار اجرڪ پيا. (انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا تي رکيل) جلال چانڊيو جلال جو جلوو ۽ جمال آزاد انور مهر چڪ مان لکي ٿو ايڪويھ سال اڳ جلال چانڊئي جي موت سان ڪلا جي ڪائنات جي وسعت پنڊ پهڻ ٿي بيهي رهي هئي سندس موت کيس هميشه جي لاءِ جوان جماڻ تصور سان امر ڪري ويو. جلال چانڊيو سنڌ جو اهڙو فنڪار جنهن پوري هڪ صديءَ جي چوٿين حصي جيترو وقت سنڌي ماڻهن جي دلين تي نه صرف راڄ ڪيو پر کين يڪتاري چپڙي جي سحر ۾ اهڙو قابو ڪيو جو سنڌي ماڻهن نه صرف غيرسنڌي فنڪارن مان هٿ ڪڍيا پر وڏي عرصي وقت جلال کي پنهنجي دلين جو بادشاھ بڻائي رکيو. اهو جلال ئي هو جنهن جون محفلون ٻڌندڙن کي اهو احساس ئي نه ڏيارينديون هيون ته رات کٽي ۽ پرھ ڦٽي وئي آهي جنهن جي آڊيو ڪيسٽن مارڪيٽ ۾ ڪيسٽن جي ڪاروبار کي زندھ رهڻ جا جواز فراهم ڪري ڏنا. ھو جڏهن يڪتارو چپڙي هٿ ۾ کڻي پنهنجي لچڪ دار آواز ۾ سر راڻي کي ڳائيندو ھو ته سندس آواز اڀ کي ڇھندو هو. ھن جي آواز تي پنڊال ۾ موجود سوين هزارين ماڻهن جي دلين کي ڌوڏي وجھندو ھو. جڏهن جلال پنهنجي مخصوص انداز ۾ مومل راڻي جا گيت قصا ڳائيندو سنڌ جي واھڻ ۽ وستين ۾ ڪنهن للڪار جيان لھرائيندو ھو ته ان وقت ٻهراڙي ۾ عشق جو ماريل ڪومايل دليون ٻھڪي اٿنديون ھيون ۽ محبتن جو انوکو جھان جڙي پوندو ھو. ھن جي لچڪدار آواز ۾ تلوارن جو تيج ھو. سنڌ جڏهن پنهنجي گائيڪيءَ جا پراڻا ورق ورائيندي ته سنڌي راڳ جو هڪ نانءُ آسمان تي صدا روشن ستاري جيان جرڪندو رھندو. جلال جي مداحن جو انگ لکن ۾ هو جن کي راڳ جي الف بي جي به خبر نه هئي پر هو جلال جي هر نئين ايندڙ البم جو انتظار ايئن ڪندا هئا جيئن اڄ به سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ڳوٺاڻا ڳڀرو عاشق محبوبا جي نياپي جو انتظار ڪندا آهن. جلال چانڊيو ان وقت اڀريو جڏهن سنڌ ۾ عطاءُ الله عيسيٰ خيلوي، عنايت حسين ڀٽي، ميڊم نور جهان، ڌاڪو ڄمائي رکيو هو، پر جلال جي منفرد انداز ۽ سريلي آواز انهن سڀني غير مقامي ٻولين کي هوٽلن ۽ محفلن مان تڙي ڪڍيو ۽ اتي بعد ۾ جلال جون ڪيسٽون وڄڻ لڳيون. ۸۵-۱۹۹۰ واري دور ۾ انگريزي مهينن جي پهرين تاريخن ۾ جلال جا البم ايندا هئا جيڪي هٿو هٿ وڪامجي ويندا هئا هر ماڻهو خاص ڪري سڀ هوٽلن وارا جلال جو نئون البم حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. جلال جو البم حاصل ڪندڙ هوٽل مالڪ جي گراهڪي وڌي ويندي هئي ماڻهو پاڻ کي ايئن خوش نصيب سمجهندا هئا جيئن ڪڻي ۾ ڪنهن جي وي سي نڪري پئي، نه صرف ايترو پر جلال جا مداح پهرين تاريخن ۾ جلال جي نئين البم جو انتظار ايئن ڪندا هئا جيئن سرڪاري ملازم پوئين تاريخن ۾ پگهار جو ڪندا آهن. جلال چانڊيو ولد حاجي فيض محمد چانڊيو ۱۹۴۸ع ڌاري ضلعي نوشهري فيروز جي شهر ڦل ڀرسان ڳوٺ هڙپال جي هٽ ۾ ڄائو جلال چانڊيو نصابي تعليم حاصل نه ڪري سگهيو. نصرت ڪئنال جي ڪنڌيءَ تي ٻڪريون چاريندي جلال کي ان عمر عشق جي لوري لڳي جنهن عمر سنڌي ٻارن کي نڪ هيٺان مڇن جي ساول لهڻ شروع ٿيندي آهي منهن تي ڦٽندڙ موهيڙا جوانيءَ اچڻ جو اعلان ڪندا آهن جلال به ان عمر ۾ ٻڪريون چاريندي پنهنجي منهن جهونگارڻ شروع ڪيو ۽ ست ئي کيس شاهپور جهانيا جي هڪ صوفي آستان تان کيس راڳ جو نئون گس مليو ۽ سندس آواز لهجي سنڌ ۾ مقبوليت جا نوان رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيا. سندس مقبوليت جو اندازو ان ڳالھ مان لڳائي سگهجي ٿو ته اتر کان لاڙ تائين سنڌ جي هزارين ڳڀرن نوجوانن جي شادين جون تاريخ راڄن جي چڱن مڙسن بدران جلال پاڻ ٻڌندو هو. سنڌ ۾ سوين اهڙا گهوٽ هوندا جن شادي ته پنهنجي مرضيءَ سان ڪئي پر سندن شاديءَ جي تاريخ جلال جي مرضي سان مقرر ٿي. راڳ جي باقاعدي سکيا گهوٽڪي ضلعي جي ميرپور ماٿيلي جي مشهور راڳي فقير علي گل مهر کان ورتائين. پهريان پاڻ پنهنجي استاد سان گڏجي ڳائيندو هو ۽ پوءِ استاد جي اجازت سان ۱۹۷۳ع کان هن جدا ڳائڻ شروع ڪيو. يڪتاري ۽ چپڙيءَ تي هن جي ڳائڻ واري نرالي انداز ٻڌندڙن کي تمام گهڻو متاثر ڪيو. جنهن کان پوءِ مٿس شهرت، عزت ۽ دولت جي ديوي مهربان ٿي ۽ کيس سنڌ جي جهرجهنگ ۾ تمام گهڻي مقبوليت ملي ۽ کيس سنڌي موسيقي جو بي تاج بادشاھ سڏيو ويو. هن سنڌي موسيقيءَ ۾ انوکا رڪارڊ قائم ڪيا. جلال چانڊيو سنڌ جو اهو واحد سنڌي فنڪار آهي، جنهن جون ڳايل سنڌي ڪيسيٽون اهي ماڻهو به ٻڌن ٿا، جيڪي سنڌي ٻولي پوري طرح سمجهن ئي ڪو نه ٿا، پاڪستان جي چئني صوبن کانسواءِ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ جتي جتي سنڌي رهن ٿا اتي کيس ٻڌو وڃي ٿو. سنڌ جو پهريون فنڪار آهي، جنهن جي زندگيءَ ۾ ئي سندس حياتي تي فلم “جلال چانڊيو” ٺهي. ان فلم ۾ هن پنهنجو ڪردار پاڻ ادا ڪيو ۽ انهيءَ فلم لاءِ کيس ايوارڊ به مليو. اڄ جا ڪيترا ئي فنڪار پنهنجا اصل نالا مٽائي سندس نالي پٺيان پاڻ کي اوچتو جلال، ننڍو جلال، آخري جلال، سرڪش جلال، سهڻو جلال وغيره سڏرائي سندس آواز جو نقل ڪري، سندس ڳايل ڪافيون ڪلام ڳائي پيٽ گذر ڪري رهيا آهن. جلال چانڊيو واحد سنڌي فنڪار آهي، جنهن ۱۰ هزار کان وڌيڪ ڪلام ڳايا جلال نهايت يار ويس مهمان نواز، خوش مزاج انسان هو، ڀلا گهوڙا ۽ ڪنڍيون مينهون ڌارڻ سندس شوق هو. گڙدن جي بيماريءَ سبب ۲۰۰۱ع ۾ وفات ڪيائين. سنڌ جو هيءُ واحد فنڪار هو، جنهن جي جنازي تي ۵ هزار اجرڪ پيا هزارين سوڳوار ماڻهن جي حفاظت لاءِ پوليس مقرر ڪئي وئي هئي. اڄ جلال چانڊيو ته ناهي پر اڄ ٻهراڙيءَ جي ٻنيءَ تي هر هلائيندڙ ٽريڪٽر ۾ جڏهن سندس آواز ۾ ڪو ڪلام گونجي ٿو ته محسوس ٿئي ٿو جلال جي آواز کي ڪڏهن به پوڙهائپ جو گگهو آواز ميساري نٿو سگهي. اسانجي ذهنن ۽ سوچ ۾ سمايل جلال جي چهري کي ڪڏهن به وڌندڙ عمر جا گُھنجَ ڌُنڌلو نٿا ڪري سگهن. (ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۰ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل) جلال چانڊيو (راڳ ۽ ورچوئل ميلو - ايڪويهين ورسيءَ جي مناسبت سان) صاحب خان ڀنڊ ٻولي، ثقافت ۽ موسيقي گڏجي ڪري ڪنهن علائقي اندر رنگا رنگي تهذيب ۽ تمدن جو بنياد وجهن ٿيون، جنهن ذريعي ان مخصوص جاگرافي رکندڙ خطي جي قوم انهي حوالي سان هڪ خاص سڃاڻپ رکي ٿي. سنڌ اندر موسيقي پڻ موهن جي دڙي جي دور کان وٺي هن خطي جي سڃاڻپ جو هڪ اهم اُهڃاڻ رهي آهي. جيئن عام طور تي ڪتابن ۾ سياسي، حڪومتي ۽ ادبي دور پڙهيا ۽ پڙهايا ويندا آهن، تئين ئي موسيقي جا به اهڙا دور ٿين ٿا جو ڪٿي ڪو سريلو ساز ۽ آوز ڪنن تي پوي ٿو ته فوري طور تي ان دور جو نمايان فنڪار ياد اچي وڃي ٿو. جيئن جوڳي، جگر يا آخري جلال جو ڪو ڪلام ٻُڌجي ٿو ته ازخود زبان مان اهو نڪري وڃي ٿو ته ”ڇا ته جلال چانڊئي جو به دور هو. “ سنڌ اندر سنگيت ۾ به ڪي اهڙا ناليوارا فنڪار ٿي گُذريا آهن جن راڳ جي دنيا تي راڄ ڪيو. اهڙي طرح ۷۰ واري ڏهاڪي ۾ موسيقي جي دنيا ۾ باقاعدگي سان پير پائيندڙ جلال چانڊيو ۳ ڏهاڪن کان وڌيڪ سنڌ جي سنگيت جي دنيا جو بي تاج بادشاھ رهيو. سندس آواز سنڌ جي سرحدن کان ٽپي ڪري نه صرف بلوچستان جي ڊيرا مُراد جمالي (ٽيپل)، مڪران ۽ لس ٻيلي جي ماڻهن تائين پهتو پر ڪيتري عرصي تائين ڏکڻ پنجاب جي صادق آباد ۽ ملتان جا ماڻهو به سندس راڳ ۽ خاص طور تي سرائيڪي ڪلامن جا شوقين ۽ عاشق رهيا. جلال چانڊئي جو جنم ۱۰ آگسٽ ۱۹۴۴ع ڌاري تعلقي موري، ضلعي نوشهروفيروز جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”هڙپال جي هٽ”۾ حاجي فيض محمد چانڊيو جي گهر ۾ ٿيو، ۱۰ مارچ ۲۰۰۱ع ۾ جلال پڄاڻان هاڻي اهو ڳوٺ جلال چانڊئي جي نالي سان سڏجي ٿو، جتي هُن جي ابدي آرام گاھ آهي. جيڪڏهن سنڌي ادب جيان موسيقي جا دور به پڙهيا، لکيا يا پڙهايا وڃن ها ته يقينن جلال چانڊئي واري دور کي ”چپڙي ۽ يڪتاري”واري دور سان ياد ڪيو وڃي ها، پر بدقسمتي سان اسان وٽ مزاح ۽ موسيقي کي ٻُڌڻ، ڏسڻ ۽ ڪافي حد تائين پڙهيو ته وڃي ٿو پر ان بابت تمام گهٽ لکيو ويو آهي. راڳ رنگ جي دنيا ۾ جلال جي اچڻ کان اڳ ٻهراڙي جي ڳوٺن، هوٽلن توڙي زرعي زمينن کي کيڙيندڙ ٽريڪٽرن ۾سنڌي فنڪارن جي ڀيٽ ۾ اڪثر عطاءُ الله نيازي، مئڊم نورجهان، رفيع توڙي ڪٿي ڪٿي عنايت ڀٽي کي ٻُڌو ويندو هو پر جڏهن ۱۹۷۰ع ۾ هڪ ڪيسٽ ڪمپني پاران تيار ٿيل ”هل نه مِٺو ايڏي لوڏ ڪري”جي ٽائيٽل سانگ سان جڏهن جلال چانڊئي سنڌ اندر موسيقي جي دنيا ۾ باقاعده انٽري ڏني ته ان جي مقبوليت اڄ جي ڪنهن بالي ووڊ جي فلمي ائٽم سانگ کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ نه هئي. اهڙي طرح جلال سنڌي موسيقي جو هڪ نئون دور رقم ڪري چپڙي ۽ يڪتاري تي پنهنجي مخصوص انداز ۾ ڳائي سنڌي جديد ۽ نج راڳ کي نه صرف جهر جهنگ عام ڪيو پر سنڌ جي ميوزڪ انڊسٽري ۾ هڪ نئون معاشي روح ڦُوڪيو. جلال چانڊئي جو خانداني پس منظر راڳ رنگ کان ڪوهين دور هو ۽ سندس والد ۽ ٻيا مٽ مائٽ مشهور مالوند هئا تنهنڪري جلال جي ٻاراڻي وهي ۾ ابي ڏاڏي وري ڪرت مال چارڻ ۾ گُذاري، بعد ۾ سندس والد درزڪو ڪم سکڻ لاءِ مورو شهر موڪليو، جتي جلال ڪجھ عرصو ماڻهن جا ابتا سُبتا ڪپڙا سبي وري واپس ٻيهر چوپائي مال جو ڌنار ٿيو. جلال کي راڳ رنگ جو شوق درزڪي ڪم جي سکڻ دوران ريڊيو ۽ ٽيپ تي مختلف فنڪارن جي ٻُڌڻ سان ٿيو هو، جڏهن ٻيهر ڳوٺ مال چارڻ ويو ته اتي جهر جهنگ ۾ پنهنجي مست آواز ۾ ڳائيندو رهيو. پهريون دفعو پنهنجي علائقي جي پير جي ميلي تي جڏهن جلال محفل مچائي ته اصل جاڏي تاڏي واھ واه ٿي وئي ۽ علائقي واسين سندس والد کي به جلال پاران ميلي تي محفل لُٽڻ جو قصو ٻڌايو ته پوءِ والد کيس ڳائڻ جي اجازت ڏني، ان کان اڳ والد سندس ڳائڻ جو سخت مخالف هو. جلال چانڊئي راڳ ۽ ساز جي ميلاپ کي باقاعدگي سان سمجهڻ ۽ سکڻ لاءِ گهوٽڪي واسي استاد علي گُل مهر کان ڌاڳو ٻڌائي شاگرد ٿيو، پوءِ جلال چانڊيو سنڌ جي ڪيترن ميلن ۽ شادين جي محفلن کي پنهنجي مخصوص آواز ۽ انداز سان ڳائي ڪري محفلون لُٽيندو رهيو. ڪيترن ئي وڏن وڏن ميلن تي وڏن فنڪارن جي محفل ۾ مفت انٽري هوندي به ماڻهو پئسا ڀري جلال چانڊئي کي ٻُڌڻ ۽ ڏسڻ ايندا هئا. جلال چانڊيو راڳ سکڻ بعد پهريون دفعو سمن سرڪار جي ميلي تي ”اڄ سُڃاڻي ڇو نٿو ڪو ڏهاڙو ياد ڪر، دل سڙي وئي يار جاني دل سڙي جو داد ڪر”ڳايو ته جلال سڄي سنڌ اندر مشهور ٿي ويو. هن ملڪ کان ٻاهر لنڊن، سعودي عرب، دبئي ۽ ٻين ملڪن ۾ به محفلون مچائي ڀرپور داد وصول ڪيو ۽ سنڌ جي مختلف درگاهن تي سالياني ميلن تي سندس راڳ کي بيحد ساراهيو ويو. جلال چانڊيو کي لطيف ايوارڊ توڙي ٻيا ڪيترا ئي ايوارڊ پڻ مليا. چپڙي ۽ يڪتاري جو بي تاج بادشاھ جلال چانڊيو نه صرف راڳ پنهنجي مخصوص ۽ نئين انداز ۾ ڳائيندو هو پر سندس شخصيت به منفرد هئي، سندس جسماني بناوٽ ۾ هُو وڏو قد بُت رکندڙ هو ۽ جڏهن نراڙ تي ٽوپي، ڳچي ۾ سونو لاڪيٽ، ٻانهن ۾ راڊو واچ پائيندو هو ته سندس شخصيت هڪ ملھ پهلوان جو ڏيک ڏيندي هئي ۽ پرستارن پاران کيس دلين جو ڌاڙيل طور پڻ سڏيو ويندو هو. ڄامشورو ۾ پڙهائي ۽ ڪڙهائي واري دور ۾ جڏهن اسانجو هڪ ٻيو دوست ڪئبن تان سگريٽ وٺي پوءِ ان ساڳي ڪئبن تان جلال جو فرمائشي ڪلام “او ڳنڍي نيهن ناتو نڀائڻ نه آئين، او رئاري سڄڻ پوءِ کلائڻ نه آئين ” هلرائيندو هو ته ساڳي يونيورسٽي ۾ پنهنجي ان ڳوٺاڻي محبوبه کي ياد ڪندي ڳوڙها ڳاڙيندو هو، جيڪا يونيورسٽي جي پڙهائي اڌ ۾ ڇڏي ڳوٺ وڃي مائٽن جي زور تي هڪ ڌنار سان شادي رچائي. جلال چانڊيو ته ان منهنجي هم ڪلاسي خيرپور ناٿن (ڪي اين) شاھ ۽ اتي ئي هڪ هاءِ اسڪول ۾ مقرر ٿيل استاد حفيظ گاڏهي اڃان به هن جديد دور ۾ پنهنجي سمارٽ فون تي يوٽيوب تي اهو ساڳو ڪلام “گج گج گوڙ ڪاڇا ٻُوڙ، يار وطن ول آوي. . ” سرچ ڪري ٻڌي ٿو جنهن جي ٻڌڻ سان هو يونيورسٽي جي ڪئمپس جي ڏينهن ۽ هاسٽلن جي راتن واري ان پراڻي يادن (ناسٽلجيا) واري دور ۾ گم ٿي وڃي ان دور جي پنهنجي ان جيڪب آباد واسي عاشق مزاج دوست راجا سليم کرل کي پڻ ياد ڪريٿو جيڪو هاڻي خضدار، بلوچستان جي ڪنهن ڪاليج ۾ ڪمپيوٽر جو پروفيسر مقرر ٿيل آهي. اسانجي عاشقي ۽ اُداسي واري دور جو هڪ ٻيو دوست به جلال کي اصل ڏينهن رات ٻڌندو هو جيڪو اڪثر يونيورسٽي جي ان دور ۾ پنهنجي هاسٽل جي روم ۾ به ساڳو ڪلام “سڄڻ ٻئي گڏ هوندا هئاسين هل اهي ڏينهن به هوندا هئا، سڏيندو هئين پاڳل اهي ڏينهن به هوندا هئا. ” وڏي آواز ۾ لڳائي پاڻ ڪمري جي سامهو لان ۾ واڪ ڪرڻ بعد هڪ بينچ تي بيچيني ۽ اُداسي واري ڪيفيت ۾ سگريٽ جا ڪش هڻندي بار بار ٻڌندو هو. اڪثر دوستن جي عشق ۽ معشوقي جي قصن ۽ ڪهاڻين جو آئون همراز هوندي به هن دوست جي اڃان تائين خبر نه پئجي سگهي ته اصل قصو ڪهڙو هو. فوجي ڇاوڻين ۾ رهندڙ اسانجي علائقي جا اهي فوجي جوان اڄ به جلال جا ڪلام ٻُڌن ۽ گونجارين ٿا جن پنهنجي اسڪول واري دور ۾ جڏهن جهر جهنگ وڃي گاھ پٺو ڪندي “ڳنڍي نينهن ناتو نڀائڻ نه آئين، روئاري سڄڻ پوءِ کلائڻ نه آئين” ڳائيندا هئا ته پري پري تائين سندن آواز پهچندو هو. هڪ ڏينهن به اسڪول نه ويندڙ جلال چانڊيو راڳ جي دنيا ۾ مختلف ميلن، شادي تقريبن توڙي ڪئسيٽن ۾ ۱۰ هزار گانا ياد ڪري يڪتاري ۽ چپڙي جي جديد ۽ انوکي انداز ۾ ڳايا، هن پنهنجي مخصوص انداز ۾ ڳائيندڙ شاگرد پڻ پيدا ڪيا، جن ۾ دلبر جلال، جوڳي جلال، جگر جلال، آخري جلال، گرم ۽ مست جلال ۽ ٻيا پڻ شامل آهن. جهڙي ٿئي مست جواني يا اڄوڪي رات رهي پئو جهڙا هاٽ ۽ فاسٽ ٽريڪ ڏيندڙ جلال چانڊئي کِلڻ تي ڪو به خوش ناهي، روئڻ تي آهي پابندي، جهڙا ڪلاسيڪل توڙي نيم ڪلاسيڪل راڳ سان گڏ شاھ لطيف جي شاعري پڻ ڳائي. جلال چانڊيو پنهنجي حياتي جي آخري حصي ۾ تمام گهڻو بيمار ٿي پيو ۽ اسپتالن اندر سرڪاري دوائن کان بيزار ۽ مايوس ٿي ڪري دادو ضلعي جي ڪاڇي واري علائقي ۾ گاجي شاھ جي مشهور درگاھ تي ڌاڳي ۽ ڦيڻي واري عام رواجي علاج تي ڀائنڻ لڳو پر سندس ئي ڪلام ”ڪنهن ته نڀاڳي نظر ماري، ٽُٽ ڳئي تيڏي ميڏي ياري”جيان حياتي ساٿ ڪونه ڏنو ۽ ۱۰ جنوري تي هن فاني دنيا مان موڪلائڻ سان گڏ سندس راڳ سان پڻ ياري ٽُٽي وئي. (ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچي، عبرت ۽ ڪاوش حيدرآباد ۾ ۱۰ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل) جلال چانڊيو يڪتاري ۽ چپڙيءَ جو بيتاج بادشاهه محمد خالد ميمڻ جلال چانڊئي جو جنم ۱۰ آگسٽ ۱۹۴۴ع ڌاري ساهتي پرڳڻي جي شهر ڦل ڀرسان ڳوٺ هڙپال جو هٽ ۾ حاجي فيض محمد چانڊيو جي گهر ۾ ٿيو. پيشي جي لحاظ کان سندس وڏڙا درزڪو ڪم ڪندا هئا. سندس والد کيس نوان جتوئي شهر ۾ هڪ درزڪي دوڪان تي ڪم سيکارڻ لاءِ ويهاريو، پر اتي سندس دل نه لڳي ۽ ٻڪرين جو ڌڻ چارڻ لڳو ۽ ٺڪريون وڄائي جهر جهنگ ۾ جهونگاريندو هو ۽ آهستي آهستي کيس راڳ ڳائڻ جو شوق پيدا ٿيو. جلال چانڊيو اڻ پڙهيل هو، سندس ڪابه تعليم نه هئي، پر سندس ذهن پختو ۽ حافظو ڪمال جو هو، ڪنهن به ڪلام کي هڪ دفعو ڪير به کيس پڙهي ٻڌائيندو هو ته کيس بر زبان ياد ٿي ويندو هو. پهريون ڪلام ڦل شهر ڀرسان مقامي ميلي ۾ ڳايائين. هن راڳ سر لئه جي سکيا ميرپور ماٿيلي جي راڳي فنڪار علي گل مهر کان ورتي. جيڪو ڳوٺ جاني گبول گهوٽڪيءَ جو رهواسي هو. جلال چانڊيو ۽ سندس والدين درگاهه نانگو شاهه غلام شاهه جا مريد هئا، پاڻ ڳوٺ قمرالدين چانڊيو ۾ سڪونت اختيار ڪرڻ کان پوءِ مصر جي واءِ ڀرسان لڏي ويٺا. چون ٿا ته دشمنيءَ سبب گهر کي باهه لڳي ۽ الهه تلهه سڙي ويو. ان بعد موري شهر ۾ ٻانڌي روڊ تي مسواڙي جڳهه وٺي رهائش اختيار ڪيائين. موري ۾ رهائش بعد ڊراما نگار استاد محمد صديق پرهياڙ ڊراما ڪرائيندو هو، جن ۾ پڻ جلال راڳ ڳائيندو هو. جلال چانڊئي پنهنجو راڳ چپڙي ۽ يڪتاري تي ڳائڻ شروع ڪيو. سنڌي موسيقيءَ ۽ راڳ ۾ چپڙي ۽ يڪتاري جو استعمال اڪثر ڪري سنڌ جي صوفي درگاهن تي صوفي راڳي ڪندا هئا. ان دور ۾ فقير خادم حسين، ڍول فقير، فقير عبدالغفور ۽ ٻيا يڪتاري تي ڳائي محفلن ۾ رونقون بخشيندا هئا. اهڙيءَ طرح ٻيا به ان ئي دور ۾ درگاهن، خانقاهن ۽ اوتارن تي چپڙي ۽ يڪتاري تي ڳائيندا وڄائيندا هئا. جلال جي راڳ جي پهرين ڪيسٽ پارس ڪمپنيءَ طرفان ۱۹۷۰ع ڌاري جاري ٿي، جنهن جي شاعري افضل سولنگي جي هئي. عوامي انداز ۽ عام ماڻهن جي راڳ واري ذوق کي جلال چانڊئي پورائي ڪري سنڌيءَ ۾ جڏهن ڳائڻ شروع ڪيو ته انهن ئي ميلن ملاکڙن ۾ ايندڙ هزارين ماڻهو جلال کي بيحد پسند ڪيو ۽ سندس مداح ٿي پيا. سندس چواڻي ته منهنجي مقبوليت جو سبب اهو آهي جو مان عام ماڻهن جو عشق ۽ سور انهن جي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڳايان ٿو، ان ڪري ماڻهو پسند ڪن ٿا. هن سنڌي، اردو، سرائيڪي، بلوچي ۽ براهويءَ زبان ۾ پڻ ڳايو. جلال چانڊيو ۱۹۷۰ع ڌاري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي آڊيشن لاءِ پهتو، کيس راڳ نه پر مقبوليت ڪري پير اسحاق جان سرهندي پاس ڪيو ۽ مرحوم غلام حسين شيخ پروڊيوسر ۽ محمد انور بلوچ پروڊيوسر جي حيثيت سان موسيقار نياز حسين جي موسيقيءَ ۾ ڪلام رڪارڊ ڪرايا. جلال چانڊيو ڏهه هزار کان وڌيڪ ڪيسٽون ڪڍيون ۽ ۳۰ کان ۴۰ هزار ڪلام ڳايائين. ۱۹۹۹ع ڌاري کيس اڳوڻي سنڌ جي گورنر محمد عظيم دائودپوٽي کيس لطيف ايوارڊ ڏنو. ان سان گڏوگڏ کيس قلندر لعل شهباز ايوارڊ، سچل ايوارڊ پڻ مليا. ملڪ اندر ۽ ملڪ کان ٻاهر به فن جو مظاهرو ڪيائين. ۱۹۸۵ع ڌاري سندس زندگيءَ تي شاهه اسد هڪ فلم پڻ ٺاهي. ٽي شاديون ڪيائين، جنهن مان کيس چار پٽ ۽ هڪ نياڻي جو اولاد ٿيس. جلال جي عام ماڻهن واري ٻڌندڙ حلقي جو وسيع تعداد ڏسندي ڪيترين ئي ڪيسٽ ڪمپني مالڪن فائدو ورتو ۽ ڪک پتي مان لک پتي بڻجي ويا، پر افسوس جلال جي موڪلائيءَ وڃڻ بعد انهن ڪابه سار سنڀال نه لڌي. هو سڌي پڌري راڳ ڳائيندو هو. جيترو ڳرو آواز اوترو مٿي ڳائيندو هو، ڀيروي، ڪلياڻ، تل، سورٺ، ڪوهياري، سهڻي، راڻو ۽ ٻين سرن ۾ ڳايائين. استاد منظور علي خان هڪ ڀيري کيس چيو ته جلال راڳ نه پر ڀاڳ ٿو ڳائي. راڻو جهڙو هن ڳايو اهڙو اهڙو ڪنهن نه ڳايو. جلال چانڊيو جي وڇوڙي کان وٺي سگا ڦل شاخ جلال چانڊيو يادگار ڪاميٽي ۽ سندس اولاد هر سال ۱۰ جنوري تي سندس آخري آرام گاهه ڦل شهر ۾ سندس ورسي تقريب ملهائيندا آهن، پر هاڻي ڪجهه سالن کان اهي به ورسي سادگيءَ سان صرف سندس مزار تي چادر چاڙهي ملهائين ٿا. جلال جي مداحن جو مطالبو آهي ته ثقافت کاتو جلال چانڊيو جي ورسي سندس جي وڇوڙي جي تاريخ تي ڦل شهر ۾ ملهائي. ڇوته ان تاريخ تي سندس مداح ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ کان بنا ڪنهن دعوت جي پهچي ويندا آهن ۽ ان تاريخ تي ڦل شهر ۾ ميلي جو سمان هوندو آهي. جيڪڏهن ثقافت کاتو ان تاريخ تي ورسي ملهائي ته بهتر ٿيندو. (ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۹ جنوري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل) جلال چانڊيو يڪتاري چپڙي جو بي تاج بادشاهه فنڪار پرويز علي ڪليار هن سنڌ ڌرتيءَ تي ڪيترن ئي املهه ماڻڪ موتين جو جنم ٿيو آهي ۽ ٿيندو رهي ٿو. اهڙن ماڻڪ موتين مان يڪتاري ۽ چپڙيءَ جو بي تاج بادشاهه جلال چانڊيو به هڪ هو. جلال چانڊيي جو جنم ۱۹۴۸ع ۾ نوشهروفيروز جي علائقي ڦل ڀرسان ڳوٺ ’هرپال جو هٿ‘ ۾ ٿيو. سندس والد جو نالو حاجي فيض محمد چانڊيو هو. جلال چانڊيو سنڌ جو مشهور عوامي راڳي هو. جلال چانڊئي کي ننڍپڻ کان وٺي ڳائڻ جو شوق هوندو هو. پاڻ مال چارڻ دوران مختلف ڪلام پنهنجي منهن پيو جهونگاريندو رهندو هو. جلال چانڊيونوان جتوئي جي شهر ۾ درزڪو ڪم سکڻ جي لاءِ پڻ ويو هو. جتي کيس اهڙي ته چاهت جي چوٽ لڳي جو هو راڳ جي دنيا ۾ پاڻ کي اڙائي ويٺو. جلال چانڊئي شروعات ۾ راڳ جي سکيا پنهنجي استاد فقير علي گل مهر ميرپورماٿيلو واري کان ورتي جنهن بعد هن ۱۹۷۳ع کان باقاعده نرالي انداز سان يڪتاري ۽ چپڙي تي ڳائڻ شروع ڪيو. سندس آواز ۾ اهڙي ته درديلي گجگوڙ هئي جو هو ٻڌندڙن کي جهومائي ڇڏيندو هو. جڏهن جلال چانڊئي، ۱۹۸۳ع ڌاري راڳ جي شروعات ڪئي هئي. تنهن وقت سنڌ جي هر وستي واهڻ ۾ ان وقت جي مشهور اردو ۽ پنجابي فنڪارن ميڊم نورجهان، عطاءَ الله خان عيسوي خيلوي، ريشمان، شوڪت علي ۽ ٻين جو وڏو اثر هو پر جلال چانڊيو جي راڳ اهڙي ته عوامي مقبوليت حاصل ڪئي جو سنڌ مان اردو ۽ پنجابي راڳين کي مڪمل طور تڙي ڪڍي ڇڏيو ۽ جهر جهنگ ۾ جلال جلال لڳي مقوليت هوندي هئي. جلال چانڊيو جي مٿان عزت شهرت ۽ دولت جي ديوي ايتري ته مهربان ٿي وئي جو کيس فرش کان کڻي عرش تي پڄائي ڇڏيو ۽ سندس مقبوليت جي سنڌ جي جهر جهنگ ۾ هاڪ هلي رهي هئي. مرحوم جلال چانڊئي کي سنڌي موسيقي جو بي تاج بادشاهه جو لقب مليل آهي. مرحوم جلال چانڊئي کي راڳ جي ته ايتري ڄاڻ نه هئي پر سندس آواز ۾ اهڙو انوکو درد سمايل هو جو کيس ايتري ته شهرت نصيب ٿي جيڪا وقت جي وڏن وڏن راڳين کي نه ملي سگهي. جلال چانڊيو جون رڪارڊ ڪيل هزارين ڪيسٽون سڄي سنڌ سميت پنجاب سرحد ۽ بلوچستان ۾ اڄ به وڏي شوق ۽ چاهه سان ٻڌيون وڃن ٿيون. سنڌ ۾ ويهين صدي ڌاري ماسٽر چندر، ڪنور ڀڳت، جيوڻي ٻائي ۽ ٻين راڳين کي وڏي عوامي مقبوليت حاصل هئي جنهن کان پوءِ جلال چانڊيو اهو واحد فنڪار هو جنهن کي وڏي عوامي مقبوليت ملي ۽ هن سنڌي راڳ کي جهر جهنگ ۾ ڪري ڇڏيو جلال چانڊيو سنڌ جو اهو واحد عوامي مقبوليت رکندڙ راڳي هو سندس حياتي ۾ ئي سندس حياتيءَ تي هڪ فلم ٺاهي وئي ۽ ان فلم جو نالو پڻ جلال چانڊيو رکيو ويو. ان فلم ۾ جلال چانڊيو پنهنجو رول پڻ پاڻ ادا ڪيو ۽ ان فلم تي کيس ايوارڊ سان نوازيو ويو. جلال چانڊيو جون رڪارڊ ڪيل ڪيسٽون. جلال چانڊيو سنڌ جي ڪيترن ئي صوفي بزرگن حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح، قلندر لال شهباز، سخي ڄام ڏاتار ۽ ٻين درگاهن تي وڏي عقيدت جوش ۽ جذبي سان فن جو مظاهرو ڪندو هو. جڏهن ته سنڌ جي ڪيترن ئي ميلن ۾ پڻ ڪلام ڳائيندو هو ته هزارين ماڻهن جا ميِڙ مٿس وري پوندا هئا. جلال چانڊيو اڻ پڙهيل هو پر ان جي باوجود کيس هزارين ڪلام ۽ ڏوهيڙا ياد هوندا هئا. جڏهن محفل ۾ ڳائيندو هو ته ڪلام جي لکيل ڊائري يا ڪتاب بجاءِ پنهنجي دل جي ڊائري کولي ويهندو هو. جلال چانڊيو جو يڪتاري ۽ چپڙي تي ڳائڻ وارو انداز ايڏو ته اثر انداز هوندو هو جو هزارين منن کي موهي ڇڏيندو هو. جلال چانڊئي جي سڃاڻپ مٿي تي سنڌي ٽوپي وڏا ۽ ٿلها شهپر ۽ سنڌي لباس هوندي هئي. جلال چانڊئي جو راڳ کان علاوه ڀلا گهوڙا ۽ ڀليون مينهون ڌارڻ جو کيس شوق هوندو هو. کيس فن جي دنيا ۾ ڪيل خدمتن تي سنڌ سرڪار طرفان ۱۹۹۹ع ۾ لطيف ايوارڊ سان نوازيو ويو ۽ ان کان علاوه ٻين ڪيترن ئي ايوارڊن ۽ سوني تاج سان نوازيو ويو. مرحوم جلال چانڊئي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن دبئي، هانگ ڪانگ، سعودي عرب ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ فن جو مظاهرو ڪيو ويو هو. سندس زندگي جي باري ۾ ريڊيو پاڪستان جي سينئير ڪمپيئر محمد موسيٰ چانڊيو جو چوڻ آهي ته هُو سنڌ جو اهو عوامي ۽ البيلو فنڪار هو، جيڪو ايڏي ته شهرت جي بلنديءَ تي پهتو، جيڪا شايد ٻئي ڪنهن به فنڪار کي نه ملي سگهي هوندي. هن چيو ته؛ مرحوم جلال چانڊئي جي بقول هو ننڍپڻ کان ئي رڳ جو شوقين هوندو هو ۽ سندس زندگي ڪيترن ئي ڏکن ۽ سکن وارن مرحلن مان گذري آهي. هن چيو ته مرحوم جلال چانڊئي جا ڪيترائي ڪلام ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي رڪارڊ ٿيل آهن جيڪي اڄ تائين به ٻڌندڙ وڏي شوق ۽ چاهه سان هلائڻ جي فرمائش ڪن ٿا. مرحوم جلال چانڊئي کي گڙدن جي بيماري هئي. زندگيءَ جي آخري ڏهاڙن ۾ کيس علاج لاءِ حيدرآباد جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو. جنهن بعد، کيس وڌيڪ تڪليف هجڻ ڪري، ڪراچي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. جتي هن ۱۰ جنوري ۲۰۰۱ع تي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. مرحوم جلال چانڊيو پنهنجي ڳوٺ ۾ دفن ٿيل آهي. سندس ڳالھيون، راڳ جي دنيا ۾ ياد رهنديون.
مولانا عبيدالله سنڌي امام انقلاب محمد سليمان وساڻ مولانا عبيدالله سنڌي ۱۰ مارچ ۱۸۷۲ع ۾ چيانوالي ضلع سيالڪوٽ جي هڪ سک گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس پيدائش کان اڳ، سندس والد وفات ڪري ويو. ٻن سالن جو ٿيو ته سندس ڏاڏو به وفات ڪري ويو. سندس ماءُ، کيس پنهنجي پيڪن ۾، ڊيرا غازي خان وٺي آئي. اتي هڪ دوست کان اسلامي ڪتاب پڙهڻ جو موقعو مليس. ۱۵ آگست ۱۸۸۷ع ۾ جڏهن پاڻ ڄام پور ضلع ڊيره غازي خان ۾ اٺين جماعت پڙهندو هو تڏهن اظهارِ اسلام لاءِ نڪري پيو ۽ سنڌ ۾ پهچي سيد العارفين حضرت حافظ محمد صديق ڀرچونڊي واري جي بيعت ڪيائين ۽ اتي ۶ مهينا رهيو. ۱۸۸۸ع ۾ ديوبند جي درسگاهه ۾ داخل ٿيو ۽ حضرت شيخ الهند مولانا محمود حسن رحه جي جماعت جي اندروني حلقي ۾ داخل ٿيو. حافظ سان روحاني نسبت جي ڪري پاڻ کي سنڌي سڏائڻ لڳو. ان کان پوءِ بزرگ امروٽي جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. هتي ماهوار رسالو هدايت الاخوان جاري ڪيائين. هو ۱۹۲۲ ۾ حضرت شيخ الهند رحه جي حڪم سان ڪابل ڏانهن تشريف فرما ٿيا ۽ اُتي ستن سالن تائين سياسي ڪم ڪندا رهيا. جنهن جي نتيجي ۾ امير امان الله خان مرحوم هند جي برطانوي حڪومت سان جنگ ڪئي. جنهن بعد افغانستان برطانوي اثر کان آزاد ٿيو. ۱۹۲۲ع ۾ پاڻ ماسڪو مان ٿيندا ترڪي ويا. جتي ۱۹۲۴ع ۾ اردو ۾ ۽ ۱۹۲۶ع ۾ انگريزي ۾ پنهنجو اهو شهره آفاق سياسي پروگرام شايع ڪيو، جنهن هند ۾ انگريزي سياست جو رُخ بدلائي ڇڏيو. ان ۾ پهريون ڀيرو مطالبو پيش ڪيو ويو ته بر اعظم پاڪ و هند کي ورهايو وڃي. ۱۹۲۷ع ۾ پاڻ مڪه مڪرم پهتو جتي ٻارهن سال رهي ۽ امام ولي الله دهلوي رحه جي فلسفي جو گهرو مطالعو ڪندو رهيو. ۷ مارچ ۱۹۳۹ع ۾ ۲۳ سالن جي جلاوطني کان واپس اچي ڪراچيءَ پهتو مولانا تان بندش ختم ٿي. ڪراچي بندر تي لٿو سندس استقبال ۾ سنڌ جو وزير اعلى خانبهادر الله بخش سومرو مرحوم گلن جا هار کنيو موجود هو. ۲۳ ورهين جو وڇوڙو ختم ٿيو. مولانا ۽ سنڌ وري هم آغوش ٿيا. مارئي موٽي ملير آئي. مولانا عبيد الله سنڌي، سنڌ جي دوري تي هو ۽ سنڌ مسلم شاگردن جي اجلاس کي خطاب ڪندي هن فرمايو ته، هن موقعي تي آئون اوهان شاگردن کي ٻڌائيندس ته اوهان انگريزي پڙهو، مغربي سائنس جو مطالعو ڪيو ۽ علم ۽ ڄاڻ حاصل ڪيو ته اوهان ان انقلاب کي چڱيءَ طرح سمجهو، جيڪو يورپ ۾ اڄ ڪلهه روان دوان آهي. حالانڪ پاڻ پنجن سالن تائين امام ولي الله دهلوي رحه جي فلسفي جي تشريح اشاعت ڪندو رهيو. پاڻ ان فلسفي جي تدريس جي لاءِ بيت الحڪمت پڻ قائم ڪيا. بيت الحڪمت لاهور نومبر ۱۹۴۰ع ۾ قائم ڪيائين ۽ ۱۵ مارچ ۱۹۴۴ع تي فلسفه ولي الله جي اشاعت جي لاءِ ولي الله سوسائٽي لاهور جو بنيات رکيائين. پاڻ ۲۲ آگسٽ ۱۹۴۴ع تي وفات ڪري ويو. دين پور (بهاولپور) ۾ سندس تدفين ٿي. مولانا عبيدالله سنڌي حافظ سڪندر تنيو ۱۰ مارچ ۱۸۷۲ع جي بهار جي مند ۾ سيال ڪوٽ پنجاب جي ڀر ۾ هڪ ننڍڙي ڳوٺ چيانوالي ۾ هن سدوري ٻار کي امڙ پنهنجي ڪک مان جنمي هن نئين دنيا منجھه آندو، سندس نالو بوٽاسنگھ رکيو ويو. ننڍڙي بوٽاسنگهھ کي ڇهن سالن جي ڄمار ۾ اسڪول ۾ ويهاريو ويو. هي اسڪول ۾ ذهين ٻار ليکيو ويندو هيو. هن کي ڪتابن پڙھڻ سان ننڍي عمر ۾ شوق هيو. کيس سندس هڪ سک استاد ڪتاب تحفةالهند نالي پڙھڻ لاءِ ڏنو، جيڪو هڪ نئين مسلمان ٿيل سک جو لکيل هيو.جيڪو اسلامي تعليمات تي لکيل هيو. هن ڪتاب ننڍڙي بوٽاسنگھه جي ذھن ۾ ولولو پيدا ڪري وڌو. اسلام جي توحيد پرستي کيس متاثر ڪيو ۽ وڌيڪ ڪتاب پڙھڻ لڳو. نيٺ هن جي اندر ۾ ويٺل انسان اباڻي مذهب سان بغاوت ڪري وڌي، ۽ پنجاب مان نڪري سنڌ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڀرچونڊيءَ۾ وقت جي عارف سائين حافظ محمد صديق سميجي جي هٿ تي اسلام قبول ڪيو. سندس نالو ڪتاب جي مصنف جي نسبت سان عبيدالله رکيو ويو. سندس سنڌ ۾ ڪوئي مٽ مائٽ نه هيو هن حافظ کي پنهنجو ابو سڏيو ۽ پنجابي قوميت جو چولو لاهي سنڌي قوميت جو پهراڻ بدن تي پهريو، سنڌ کي پنهنجي امڙ بڻايو. سنڌ جي مدرسن امروٽ، پير جهنڊو، کڏو ڪراچي ۾ پڙھيو، سنڌي زبان سکيو، پڙهيو، سکر جي هڪ سنڌي پٺاڻ جي گهر مان سندس شادي ٿي. اعليٰ تعليم جي ان دور جي وڏي درسگاهه دارالعلوم ديوبند مان سَندَ (ڊگري) ورتي .هن برصغير جي سياسي ۽ علمي دنيا جي وڏي شخصيت حضرت شيخ الهند مولانا محمودالحسن کان علم ۽ سياست جا سبق پڙهيا، ۽ جڏھن گانڌي ۽ نهرو سياست جي اڱڻ ۾ بانبڙا پائي رهيا هئا ته ان وقت شيخ الهند ۽ مهاراشٽر جو تلڪ مهراج انگريزن جي قيد خانن جا دڳ پڇائيندي ڏِسبا هئا، سو مولانا عبيد الله کي ڪابل موڪليو ويو ته اتي وڃي دنيا جي ملڪن کان سياسي، اخلاقي، معاشي سپورٽ حاصل ڪر.هن اتي وڃي جرمن، روس، ترڪي، جپان جي سفيرن سان رابطا ڪيا، ۽ افغانستان کي انگريزن سان وڙھڻ لاءِ همٿايو، هن جي سياسي منصوبابندي انگريز جو هيانءُ ڏاري وڌو ۽ افغانستان کي آزاد رهڻ جو حق لکي ڏنو.پر انگريزن شرط رکيو ته عبيدالله جي ٻانهن انگريزن جي حوالي ڪئي وڃي. احسان فراموش پٺاڻ مولانا کي گرفتار ڪرائڻ جي تياري ڪري رهيا هئا. مولانا کي چيو ويو ته ڪابل مان نڪري وڃ مولاناجي کيسي ۾ ھڪ رپيو ڪابلي سڪو هيو ته هي گهر کان ٻاهر نڪتو دروازي تي انگريز سپاهي پهچي ويا کانئس پڇيائون عبيدالله جو گهر هي آهي؟ چيائين ها هي اٿس پڇيائونس پاڻ ڪٿي آهي؟ چيائين ٿورو وقت اڳ ته هتي هيو اهڙي طرح هو روس نڪري ويو. ماسڪو پهتو، لينن جي گهر واريءَ سندس اڙانگي سفر ڪري پير ڦٽيل ڏسي سندس مرهم پٽي هٿن سان ڪندي هيس. ماسڪو جي هوٽل ۾ رهندي کيس نماز پڙھندي ڏٺو ويو، کيس آفيسرن آڏو آندو ويو کيس چيو ويو هتي نماز پڙھندڙ جي سزا موت آهي، هن چيو ڏيئي ڇڏيوم، هي منهنجو ذاتي عمل آهي سرڪار کي ڪهڙي تڪليف ڏني اٿم. کيس چيائون ته تو سوني پتريءَ تي پيغام لکي ڪميونسٽ فوج جي همت افزائي ڪئي هئي، جنهنڪري زار کي شڪست آئي هئي، ان احسان سبب تو کي سزا نٿا ڏيون. بادشاهي مسجد جي خطيب ٻڌايو ته هو روس ويو هڪ گهر ڏيکاريو ويس، جنهن تي ٻاهران تختيءَ تي لکيل هيو ته هي عبيدالله سنڌي جي رهائش هئي، اندر هال ۾ گهڙياسين ته روسي انقلابين جا فوٽو ٽنگيل هئا جن ۾ ڪامريڊ لينن جي تصوير به هئي پر سڀني کان مٿي مولانا جي تصوير لڳل ڏٺم، چيائون هي اسانجو محسن هيو هن زار (روس جو مطلق العنان حاڪم) کان آزادي ڏيارڻ ۾ اسانجي مدد ڪئي هئي. قصو ڊگهو آهي مختصر مضمون ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي نيٺ ۲۵ سال زندگي جا جلاوطني جي عذاب ۾ گذاريندي، ڪراچي جي ڪياماڙي بندر تي هي پوڙهو جرنيل جهاز مان لهي ٿو ته سنڌ جي حڪومت جو سربراهه وزيراعظم الله بخش سومرو، جمعيت علماء سنڌ ۽ ڪانگريس پارٽي جا اڳواڻ هار کڻي سندس سواگت ڪندي نوڙي نياز ڪرڻ آيا، پر ان وقت جي مسلم ليگي قيادت انگريزن جي ناراضپي سبب بنگلن ۾ لڪل ويٺي رهي. مولانا صاحب جي جلاوطني جي خبر جڏھن ڦهلجي ويئي ته هڪ پاڻي وارو جهاز ان رات جده کان ڪراچي لاءِ اچي رهيو هيو، ڪمپني وارا مولانا وٽ آيا کيس چيائون ته اوهين اسان جي جهاز ۾ سفر ڪريو، مولانا کين چيو ته مون وٽ ڀاڙي جا پئسا ئي نه آهن، کيس چيائون ته اوهان کان اسين ڀاڙو نه وٺنداسين اوهان جو هلڻ اسان لاءِ اعزاز ۽ سعادت هوندو. مولانا ان شرط تي سفر ڪيو ته ڪراچي پهچي اوهان کي پئسا ڏيندس جيڪي هر صورت ۾اوهان کي وٺڻا پوندا. سندس توڪل ۽ قرباني هن طرح جي هئي جو هڪ ڀيري ڪراچي کان پير جهنڊي اچڻو هيس، وٽس ڀاڙي جا پئسا نه هئا، کڏي جي جماعت کيس هڪ سؤ رپيا ڏنا، سٽي اسٽيشن تي پهتو قليءَ کي سو جو نوٽ ڏنائين ته سرهاڙيءَ جي هڪ ٽڪيٽ وٺي اچ، قلي ٽڪيٽ وٺي آيو جيڪا ٽن رپين جي ملي باقي پئسا مولانا کي ڏيڻ لڳو ته کانئس واپس نه ورتائين، چيائينس منهنجي ضرورت پوري ٿي اهي تنهنجي ضرورت جا آهن، پاڻ وٽ رکي ڇڏ، محترم جي ايم سيد صاحب شانتي نڪيتن جهڙو ادارو پنهنجي ڳوٺ سن ۾ قائم ڪرڻ پئي گهريو جن لاءِ هن ٽن ماڻھن هڪ آءِ آءِ قاضي، ٻيو ڪي ايم اشرف ڪميونسٽ اڳواڻ، ۽ ٽيون مولانا عبيد الله سنڌي ءَ کي ذميواريون ڏيڻ لاءِ گهرايو هو ٻه ڄڻا نه آيا مولانا صاحب سن آيو، هڪ هفتو سن ۾ رهيو، عبدالواحد آريسر لکيو آهي ته جي ايم سيد سان ٿيل ان ڪچهرين سيد جي ذهن کي بدلائي ڇڏيو ۽ سيد جي سنڌ دوستي واري سياست تي ان ملاقاتن جا اثر ٿيا جنهن کيس بدلائي وڌو. دهليءَ ۾ ساڻس هندستان جو اڳوڻو صدر ذاڪرحسين اچي مليو، جيڪو سندس شاگرد به هيو. کانئس پڇيائين مولانا ڇا پاڪستان بڻجي ويندو؟ سنڌي صاحب چيس ته ها بڻجي چڪو آھي. چيائين؛ ڪيئن؟ هيءَ ۱۹۳۹ جي ڳالھه آهي چاليهن جي قرارداد به اڃا نه آئي هئي. چيائينس؛ ذاڪر صاحب انگريز ڏھ سال اڳ ۾ پلاننگ ڪري ڇڏيندو آهي، هن هندستان کي ورهائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. جڏھن ملڪ ورهائجي ويو مولانا ابوالڪلام آزاد کي مولانا سنڌيءَ جي ڏوهٽي مولوي ظھيرالحق ۱۹۴۸ع ۾کيس آزادي مبارڪ جو خط لکيو، کيس جواب ۾ جيڪو خط آزاد لکيس سو ماهوار سنڌي رسالي الرحيم ۾ مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي ڇاپيو هيو. آزاد لکي ٿو ميان ظهيرالحق اوهانجو آزادي مبارڪ جو خط مليم خير مبارڪ. مونکي هتي مولانا عبيدالله سنڌي ياد اچي رهيو آهي، ان جي دردن جو داستان دل مان نڪري زبان تي آيو آھي، جنهنکي قلم جي نوڪ جي اڳيان ٿو آڻيان. ۱۹۱۴ع جي عالمي جنگ جا ڏھاڙا هئا، شاهه ولي الله قافلي جي امير مولانا محمود الحسن پاران عبيدالله کي ڏکين حالتن ۾ ڪابل موڪليو ويو، جتي کيس مختلف ملڪن جي سياسي اڳواڻن سان ملي ڪم ڪرڻ جو موقعو ميسر ٿيو. جن ۾ جرمن، جاپان، فرانس جا سفير هئا، جن مان ڪيترا اڄ پنهنجي ملڪن جي حڪومتن جون واڳون سنڀاليو ويٺا آهن. مولانا افغانستان ۾ آزاد جلاوطن حڪومت هند قائم ڪئي، ان جو اڳواڻ مهندر پرتاب مقرر ٿيو. مولانا ان جو وزير هند (خارجا وزير) بڻيو، ريشمي رومال تي خط لکي برطانيا جي سڄي دنيا مٿان چڙھيل سج کي لاهڻ لاءِ للڪاريو، کيس ميدان جنگ ۾ هارائي وڌو. جو برطانوي نمائندي جنگ جي خاتمي تي مصالحتي دستاويز تي صحيحون ڪيون، ڪابل حڪومت جي خود مختاريءَ کي تسليم ڪيو. ان سان گڏ هند جي آزادي جو پڻ مطالبو مڃي ورتو ۽ آهستي آهستي هندستان کي ڇڏڻ جو يقين ڏياريو. ان جو انتقام برٽش حڪومت امير امان الله کي قتل ڪرائي کانئس ورتو، پر مولانا جو وار ونگو نه ڪري سگهي، جو مولانا جو وڏو قد ۽ ڪردار ڏسي کانئس مرعوب رهي هئي. ۲۵ سالن جي جلاوطني کان پوءِ ۱۹۳۹ع ۾ مولانا هتي پهتو ته ٻي عالمي جنگ جو آغاز هيو. مولانا هندستان خالي ڪريو تحريڪ جو اعلان ڪيو، گانڌي جي ان جي مخالفت ڪئي، پر اهو نعرو ايوان اسيمبليءَ ۾ گونجڻ لڳو، جنهن جو پڙاڏو برمنگهم پيلس لنڊن سان ٽڪرايو. هن ڪنهن به بحث ۾ حصو نه ورتو نه ئي ڪنهن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي پر اهو فن مولانا ئي ڄاڻندو هيو. مون سان (آزاد) هڪ چانھه جي ڪچهري ڪندي ملاقات ٿي. سندس چهري جي رنگت مان ڪجھ عجيب تاثرات ڏسندي کانئس پڇي ويٺم ته ڇا ڪرڻ جو ارادو آهي؟ چيائين سباش چندر بوس کي جاپان موڪلڻ ٿو گهران، ڪجھ دير ماٺ ۾ رهي مونکان موڪلائي هليو ويو. ٻئي ڏينهن تي دهليءَ کي اوکلي سان ملائيندڙ اٺ ميل ڊگهي سڙڪ جي هڪ ويران ڪنڊ تي سباش سان سندس ملاقات ٿي ۽ ٻي ملاقات ساڻس بالي گنج ڪلڪتي ۾ پڻ ٿي. کيس جپان موڪلڻ لاءِ تيار ڪيو ويو. حڪومت هند جي اڳواڻ جي حيثيت وارو ڪارڊ ۽ خط جپان حڪومت لاءِ کيس ڏنائين ته هي اسانجو نمائندو اچي ٿو، هن سان سهڪار ڪجو. سباش بابو جيئن ئي جپان پهتو سندس شاندار آجيان ڪئي ويئي. برطانيا حڪومت کي اها کڙڪ پيئي ته گهٻرائجي ويئي، ۽ ڪانگريس جي جيڪا هاءِ ڪمان قيادت، قلعي احمد نگر ۾ اسان قيد هئاسين، تن کي بنا شرطن جي آزاد ڪرڻ لڳي. جڏھن ته اڳ ۾ ھي فيصلو ٿي چڪو هيو ته قلعي کي بم سان اڏائي سموري قيادت کي ماريو ويندو. ان سان گڏ هندستان کي آزادي ڏيڻ جو به اعلان ڪيو ويو. ڪير ٿو ڄاڻي ته اهي قربانيون ڏيندڙ ڪير هئا، جپان کي به ان جي سزا هيروشيما ۾ ڀوڳڻي پئي. مولانا کي ڳجهي نموني انگريزن زهر ڏياريو، جنهن سبب سندس کل هڏن تان لهڻ لڳي هئي، نظر به گهٽجي ويس. آخر ڪار ۲۲ آگسٽ ۱۹۴۴ع تي ان ماڳ تي رسيو جيڪوسندس لاءِ الله تعاليٰ مخصوص ڪيو هيو. اڄ ان عظيم المرتبت انسان جي۱۴۵ هين سالگرهه جو ڏينهن سنڌ ساگر پارٽي لاڙڪاڻي ۽ نوشهرو فيروز ۾ ملهائي کيس سليوٽ ڪري رهي آهي. مولانا عبيدالله سنڌي ماڻهو جيڪي مرڻا ناهين حافظ سڪندر تنيو جڏهن سياست بازار جو وکر نه بڻي هئي ته اها پيغمبري پيشو بڻيل هئي، سياست تي جڏهن پيسي وارن جي غلط نظر پيئي ته هنن کيس بازار جو ڪوٺو سمجهي کانئس خوب ڪمايو، اڄ سياست جي نالي م بينڪن جا لاڪرز ڀريا ٿا ڏسجن، پر ماضيءَ جي سياست عبادت ڪري پوڄي ويندي هئي، اهڙو هڪ سياستڪار مولانا عبيد الله سنڌي جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، هي درويش صفت ماڻهو دنيا جي بادشاهن، وزير اعظمن، وڏن قوم جي سردارن جي صحبت ۾ رهيو، کيس پيسو ڏوڪڙ به سياسي ڪم لاءِ ملندو رهيو، پر هن ان دولت کي قوم جي امانت سمجهي منجهس ٽڪي پيسي جي ڪڌت ڪا نه ڪئي، ڪڏهن شاهاڻي زندگي ۾ رهندو هيو ته ڪڏهن انگ تي ڪيترن ڏينهن جا ميرا ٿيل ڪپڙا ڍڪيل هوندا هيس، سدائين توڪل جي ترهو ٻڌي سياست جي سمونڊ ۾ ترندو رهيو، سيالڪوٽ جي ڀرسان چيانوالي ڳوٺ ۾ ۱۰ مارچ ۱۸۷۲ع ۾ امڙ پريم ڪور جي ڪک مان نڪتو، والد سيالڪوٽ ۾ سون جو واپار ڪندڙ هئس، کانئس سک سردار، مسلمان چوڌري، ڪامورا زالن لاءِ ڳهھ ڳٺا ٺهرائيندا هئا، پٽ جو نالو بوٽا سنگھه رکيس، پر ٻالڪ پيءُ جو پيار وٺي نه سگهيو، هو بوٽا جي ننڍي عمر ۾ ئي پرلوڪ پڌاري ويو، امڙ کيس ڄام پور پيڪن جي گهر کڻي آيس، ماما تپيدار هيس، اڄ جو تپيدار به وڏي ٺٺ واري زندگي ۾ گذاري ٿو، ان وقت جو تپيدار ته ڄڻ تپي مٿان بادشاھ بڻيل هوندو هيو، وڏيرا سندس خدمت چاڪري ڪرڻ ۾ کٿا نه ماپبا هئا، هڪ زناني تقريب ۾ مختيارڪار ۽ تپيدار جون زالون شريڪ هيون، تپيدار جي زال جو سون ۾ جهنجهيل بدن، نواز شريف جي ڌيءَ جيان انساني جسم نه پر سون جو بڻايل مجسمو لڳي رهيو هيو، مختيار ڪار جي زال سندس تجمل ڏسي وائڙي ٿي ويئي، گهر اچي مڙس کي چيائين ته تون تپيدار ڪڏهن ٿو ٿئين؟ بوٽا سنگھه کي پڙهڻ لاءِ ويهاريو ويو، هي اسڪول جي ٻارن ۾ ذهين ٻار شمار ٿيڻ لڳو، نصابي ڪتابن سان گڏ ادبي ڪتاب پڻ پڙهڻ لڳو، هڪ ڀيري سندس ماما جو هڪ مناظرو سک ۽ هندو مذهب جي ٻاون ٻانڀڻن سان ٿيو، جنهن ۾ هي اسلام جو طرفدار بڻجي دليل ڏيڻ لڳو، اسلام جي ٻين مذهبن سان ڀيٽ ڪندي کيس بهتر مذهب ڪري پيش ڪيو، جنهنجو اثر سندس ننڍڙي ڀاڻج بوٽا سنگھه تي گهرو پيو، وڌيڪ کيس هڪ ڪتاب تحفت الهند نالي سان اسلام تي لکيل پڙهڻ لاءِ مليو، جنهن جي پڙهڻ سان هن جي ذهن ۾ هلچل مچي ويئي، هن اسلام کي قبولڻ جو فيصلو ڪري وڌو، اڄ هتي هندو جو مذهب مٽائڻ ۽ خاص ڪري هندو نياڻي کي مسلمان ڪري ساڻس سيڪس جي ورونھ خاطر دين جي خدمت سمجهيو وڃي ٿو، سرڪار پڻ ان کي سپورٽ ڪندي رهي ٿي، پران دور ۾ مذهب مٽائي مسلمان ٿيڻ ڄڻ ڪاريهر تي پير رکڻ جيان هوندو هيو، ان ڪري بوٽا سنگھه پنجاب مان ڀڄي اچي سنڌ ۾ ڀرچونڊي بزرگ حافظ محمد صديق سميجي جي هٿ تي مسلمان ٿي عبيد الله سنڌي جي نالي جي سڃاڻپ حاصل ڪئي، هي مختلف مدرسن ۾ پڙهندي اڄ جي دور جي آڪسفورڊ يونيورسٽي جي حيثيت رکندڙدارالعلوم ديوبند ۾ داخل ٿيو، جتي صرف اسلامي ڪتاب نه پر منطق، فلسفو، رياضي، سياست، سماجيات جا موضوع پڙهايا ويندا هئا، هي ديوبند مدرسي مان اسڪالر عالم جي ڊگري وٺي سنڌ ۾ اچي ڪراچي، پيرجهنڊو ۽ امروٽ ۾ پڙهائڻ لڳو. کيس دارالعلوم ديوبند سڏايو ويو سندن استاد شيخ الهند مولانا محمود الحسن چيو مون خواب ۾ سنڌ جا ٻه پنهنجا شاگرد هڪ عبيد الله سنڌي ۽ ٻيو مولانا محمد صادق کڏي ڪراچي جو رهاڪو ڏٺا آهين، ان ڪري اوهان مٿان وڏي ذميواري وارو بار رکڻ ٿو چاهيان، جُهنڊيون هڻي ڪنڌ ڌوڻيل مدرسا ٻارن کي ته هر هنڌ اسلامي ڪتاب پڙهائي رهيا آهن، پر اسان جنهن مقصد لاءِ هي مدرسو قائم ڪيو ھيو، ان جو مکيو مقصد انگريز کان آزادي وٺڻ هيو، ان لاءِ ويڙهاڪ جٿا پيدا ڪرڻا آهين، خود رسول اڪرم کي قرآن پاڪ ۾ مزمل نالي سان مخاطب ٿيندي چيو ويو آهي ته اي نظرياتي ساٿي، ورڪر تيار ڪندڙ اٿي ڪارڪن تيار ڪر(پڙهي ڏسو مولانا ٻير واري جو قرآن پاڪ جو سنڌي ترجمو جنهن ۾مزمل جي معني’ ساٿي بڻائڻ لکي اٿس) ان ڪري اوهان ٻنهي مان هڪ کي افغانستان وڃڻو آهي، جتي دنيا جي سفيرن سان ملي کانئن مالي، اخلاقي، عسڪري، سياسي مدد حاصل ڪري آزادي وٺڻي آهي، عبيد الله سنڌي ڏوري تي هٿ رکي چيو آئون ويندس، ٻيئي بزرگ سنڌ موٽي آيا، مولانا عبيد الله سنڌي پير جهنڊي لڳ نيو سعيد آباد ۾ پڙهائي رهيا هئا، پنهنجي اعتماد واري شاگرد عبدالله لغاري کي هالا جي مخدوم ڏانهن موڪليس ته کيس چئو ته مولانا کي اهم ڪم لاءِ ڳپل پيسن جي گهرج آهي، جيڪو ڪم هن وقت ٻڌائي نٿو سگهجي، اڳتي هلي توھان کي خبر پوندي ته ڀلي مقصد خاطر ڪم آيا هئا، پر جي پيسا نه ڏنا ته پوءِ انهن سون جي گينين کي ٺڪر جون ڪوڏيون سمجهي رکي هٿ هڻندا رهندا، جيئن اڄ هڪ ڀوتار جي بينڪ لاڪر ۾ خانداني سونيون گينيون پڪڙيون ويون آهن، مخدوم صاحب هڪ هزار ان دور ۱۹۱۵ع ۾ ڏيئي ڇڏيا جيڪي مولانا کي ڪابل افغانستان جي سفر ۾ ڪم آيا هئا، ان سان گڏ سنڌ جي وڏي سياسي ماڻهو آچاريا ڪر پلاڻي جي ننڍي ڀاءُ نئين مسلمان ٿيل شيخ عبدالرحيم حيدرآباد واري پنهنجي گهر واري ءَ جا سونا زيور وڪڻي پڻ مولانا جي مدد لاءِ ڏنا هئا، اهڙي طرح مخدوم صاحب جو هڪ هزار ۽ شيخ صاحب جا پيسا آزادي جي حصي وٺڻ ۾ وڏو ڪردار بڻيا هئا، اسين مخدوم صاحبن جا پڻ ٿورائتا آهيون، جو هنن ان تحريڪ ۾ پيسو ڏيئي نالو تاريخ ۾ لکرائي ڇڏيو. مولانا ڪابل ۾ ست سال رهيو، اتان جرمني، روس، جاپان کان هر طرح جي مدد ورتس، ويڙهه لاءِ هٿيار پڻ جرمني ڏنا هيا، جيڪي سنڌ تائين پهچايا ويا هئا، مولانا جي حڪمت عملين سبب افغان امير کيس رات جو مشوري لاءِ گهرائي وٺندو هيو، جنهن ڪري افغانستان جي آزادي، ترڪي جي آزادي ۽ برصغير جي آزادي ۾ مولانا جو ڪردار يادگار بڻيل آهي، هي سفيرن وزيرن سان سندن پهريل قيمتي ڪپڙن ۾ ملندو هيو، ساڻن گڏ ڇري ڪانٽن سان کائيندو هيو، چوندو هيو اسين انقلاب آڻڻ ۾ ڪامياب وياسين ته سنڌي هاري ءَ کي بلڪل يورپي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي مطابق بڻائيندا سين،جو هو مٿي تي هيٽ پائي هلندو، پٽڪن وارن وڏن ڦيڙهن ٻڌڻ جو وقت ويو هليو، انڪري مولانا پاڻ به پٽڪو نه ٻڌندو هيو، اڪثر مٿو اگهاڙو ڪري هلندو هيو، مون کڏي مدرسي ڪراچي جي مهتمم حافظ اسماعيل کي ڏٺو هيو، هو پانچا هيٺ ڪري نماز پڙهندو هيو، مون هڪ ڀيري کجي جي پوٽن جي ٺهيل ٽوپي سان نماز پئي پڙهي، مونکي چيائون ان ٽوپي پائڻ کان بھتر اٿئي ته مٿو اگهاڙو ڪري نماز پڙهندا ڪريو. مولانا صاحب ڪابل مان هڪ ريشمي رومال تي پنهنجي منصوبن کي لکي سنڌ ڏانهن موڪليو هيو، جنهن ۾ سموري پلاننگ ٿيل هئي ته ڪهڙن جڳهن تي انگريزي فوجين مٿان حملا ڪرڻا آهين، اهو ڳجهو پيغام شيخ الهند ڏي حجاز موڪلڻو هيو، جيڪو حج جي بهاني ويل ھيو، اهو رومال ملتان ۾ هڪ غدار وڏيري هٿ ڪري انگريزن کي آگاهه ڪيو، جنهن ڪري سنڌ ۾ گهڻيون گرفتاريون ٿيون، مولانا جا ساٿي پڪڙجڻ لڳا، حجاز مان شيخ الهند، مولانا سيد حسين احمد مدني ۽ سندن ساٿين کي گرفتار ڪري مصر ڀرسان سامونڊي بيٽ مالٽا ۾ کين قيد ڪري رکيو ويو، مولانا ترڪي مان منشور جاري ڪيو، مولانا مذھب جي نالي ۾ هندوستان جي ورهاست جو مخالف هيو، هن هندستان جي تاريخي قومن ۽ خطن تي ٻڌل ڏهه رياستون جوڙڻ جو منصوبو ڏنو هيو، جنهن ۾ تاريخي قومن جا سياسي، لساني، ثقافتي، سماجي، جاگرافي، معاشي حق محفوظ ڏسيل هئا، مرڪز وٽ رڳو ٻه ٽي کاتا رکڻا هئا، باقي سڀني رياستن کي مڪمل خود مختياري ڏسيل ھئي، سندس نعرو هيو پنجاب جا مالڪ پنجابي، بنگال جا بنگالي، بلوچستان جا بلوچي، سنڌ سنڌين جي، ۽ ٻين قومن جي خطن جي وارثي مالڪي پڻ هرهڪ جي هٿ ۾ هوندي، گهڻ قومي ملڪن ۾ اڄ به سندس فارمولو پراڻو نه ٿيو آهي. ريشمي رومال پڪڙجڻ سبب حيدرآباد ۾ شيخ عبد الرحيم جي گهر تي پوليس چڙهائي ڪئي، شيخ صاحب ڀت ٽپي نڪري ويو، سندس نياڻي خديجه جنهن پنهنجي آتم ڪھاڻي” شيخياڻي جي ڪهاڻي ” جي نالي سان لکي آهي، خديجه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي جي سس هئي، ڪتاب ۾ لکي ٿي بابا جيئن ئي گھر مان نڪري ويو ته وري موٽي نه مليو، چيو ٿو وڃي هندستان جي سرهند شهر ۾ گنمامي جي صورت ۾ گذاري ويو، ڪجھه هيئن به چيو ٿو وڃي ته کيس انگريزن مارائي لاش ڪٿي دفنائي ڇڏيو هيو، اهڙي طرح مولانا مذهبي رواداري جو قائل هيو، جلاوطن حڪومت هند قائم ڪيس ان جو سربراهه هندو کي بنايس، پاڻ ھندو مذهب وارن کي ڪافر نه چوندو هيو، هن وٽ ڪافر جو تصور هي هيو ته جيڪو فلاحي رياست قائم ڪرڻ ۾ رڪاوٽ پيدا ڪري ۽ انقلابي ورڪرن سان ويڙهه ڪري سوئي ڪافر آهي، اسين قرآن پاڪ ۾ پڻ ڏسون ٿا ته مڪي جي انقلاب دشمن عربن کي ته ڪافر سڏيو ويو آهي، پر ٻئي ڪنھن مذهب واري يهودي، نصاري، عيسائي، هندو وغيره کي ڪافر نه چيو ويو آھي. اھڙي طرح مولانا ۲۵ سال جلا وطن رهي جڏهن ڪياماڙي بندر تي جهاز مان لھي ٿو ته سنڌين کي خبردار ڪندي چوي ٿو سنڌيو سجاڳ ٿيو، مون صنعتي انقلاب ايندي ڏٺو آهي، وڏن وڏن ترم خانن جون پڳون پيرن ۾ لتاڙيندي ڏٺيون آهن، عزتون ٽڪي ملھ تي وڪامندي ڏٺم، امير پائيءَ خاطر پنندي ڏٺم، ان ڪري ڪراچي ايندڙ وقت ۾ وڏو صنعتي شهر بڻبو، اوهان سنڌي ڪراچي لڏي اچو، اوهان جو هڪ ڀاءُ ڳوٺ ۾ هجي هڪ ڪراچي ۾ رهندڙ هجي، مَٽايو پاڻ کي نه ته اوهان پاڻ مِٽجي ويندئو، مولوين کي چيائين انهن پراڻن ڪتابن پڙهائڻ جي پچر ڇڏيو، ٻارن کي يورپي طرز جي تعليم سيکاريو، اسان آزادي وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين، اڄ اسان جو انگريز دشمن آهي پر ايندڙ وقت ۾ اسان کانئس عسڪري تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ کيس نوڪري تي رکندا سين، هن سنڌي زبان کي رومن رسم الخط ۾ لکڻ جي تجويز ڏني هئي ته جيئن دنيا جي ملڪن سان ڳنڍجي پئون، انگريزن کيس ڳجهي نموني زهر ڏياريو جنهن جا اثر سندس جسم تي ظاهر ٿيا رت جون الٽيون کيس اچڻ لڳيون جنهن ڪري ۲۲ آگسٽ ۱۹۴۳ تي سندس ساه جو سڳو ٽٽي پيو، سندس مرڻ کي انگريز قبول نه پئي ڪيو، هڪ ٽيم موڪليائين ته ڏسي اچو ساڳيو شخص ئي پوريو ويو آهي يا هي ٻيو ڪوئي ماڻهو اسان کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ ماريو ويو آهي، ان ڪميٽي رپورٽ ڏني ته واقعي مولانا وفات ڪري ويو آهي، تڏھن وڃي انگريز کي سرير ۾ ساهه پيو هيو، خدا جون رحمتون هن انقلابي مٿان قائم دائم رهن. امام عبيدالله سنڌي ويا مور مري. عزيزالله ٻوهيو امام انقلاب عبيدالله سنڌي جي پيءَ جي وفات کان ترت ئي پوءِ سندس ماءَ پنهنجي پٽ سميت پنهنجي ڀائرن وٽ ڄام پور اچي رهي ۽ اتي جي هڪ اسڪول ۾ کيس پڙهڻ لاءِ ويهاريو تعليم ۾ فائنل جي ويجهو پهچڻ جي ڏينهن ۾ اسڪول اندر کيس دين اسلام تي لکيل هڪ ڪتاب پڙهڻ لاءِ مليو جنهن کان متاثر ٿي اسلام قبول ڪيائون. اها عمر سندس ڪا ايڏي ويڏي ڪا نه هئي امام سنڌيءَ جو نانو رنجيت سنگهه جي حڪومت ۾ فوج جي هڪ وڏي عهدي تي رهي چڪو هو ان کي جڏهن اها خبر پئي ته سندس خاندان جو ٻالڪ مسلمان بنجڻ گهري ٿو ته هن ان تي وڏي ڪاوڙ ڏيکاري ۽ نينگر تي نگراني ڪرڻ جو حڪم ڏنو. امام عبيدالله سنڌي ننڍپڻ کان ئي وڏو ذهين هئو ۽ مسلمان ٿيڻ ۽ ان کان پوءِ محفوظ رهڻ لاءِ پڇا ڳاڇا ڪري ڳوٺ ڀرچونڊي جي بزرگ حافظ محمد صديق جو پتو معلوم ڪري ورتائون ۽ لڪ ڇپ ۾ اتي پهچي اسلام قبول ڪيائون ۽ اڳتي هلي ديني تعليم جي لاءِ دهليءَ جي ويجهو شهر ديوبند جي مدرسي دارالعلوم پهچي اتي پڙهڻ لڳا. سندس اتي پڙهڻ جي عرصي ۾ سڄي هندستان اندر انگريزن جي حاڪميت خلاف غلام هندستان کي آزادي ڏيارڻ جي هلچل به هلي رهي هئي جنهن ۾ مدرسي۳ ديوبند جو شيخ الحديث مولانا محمود الحسن به اهڙي تحريڪ جي اڳواڻن منجهان هڪڙو هئو جنهن مدرسي جي شاگردن منجهان نوجوان عبيدالله سنڌي کي پرکي ورتو ته هن ۾ غلاميءَ خلاف آزادي حاصل ڪرڻ جي تڙپ اتم درجي جي موجود آهي، سنڌي صاحب اتي تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ اتي آزادي حاصل ڪرڻ جي مهم ۾ جنبي ويو ۽ آزادي حاصل ڪرڻ وارن اڳواڻن واري پهرين صف کي ويجهو وڃي پهتو پر مدرسي ديوبند اندر انگريز نواز گروپ مدرسي جي باني نانوتوي جي پٽ محمد احمد، شبير احمد عثماني، اشرف علي ٿانوي وغيرهه جي سازشن سان سنڌي صاحب کي ديوبند منجهان ڪڍرايو ويو پوءِ هو دهليءَ ۾ رهي سياسي ڪم ڪرڻ لڳو پر ٿوري ئي وقت کان پوءِ سنڌ ۾ واپس آيو ۽ ڪجهه وقت امروٽ ۾ مدرسو کولي پڙهائڻ لڳا پوءِ اتاهون ڇڏي سعيد آباد ويجهو پير جهنڊي ۾ اچي مدرسو کوليائون. هي اهي ڏينهن هوا جڏهن ترڪن خلاف بلقان ۾ انگريزن جنگ شروع ڪئي هئي تن ڏينهن ۾ بلوچستان جي مشهور انگريز دشمن اڳواڻ نوري مينگل بلوچ نوجوانن جي هڪ وڏي کيپ ترڪن جي مدد ۾ انگريزن جي خلاف بلقان جي محاذ تي موڪلي هئي تنهن بابت انگريزن کي شڪ پيو ته نوري مينگل کان اهو ڪم ڪرائڻ ۾ کڏي ڪراچي جي مولانا محمد صادق ۽ عبيدالله سنڌيءَ جو ئي هٿُ ٿي سگهي ٿو پوءِ انگريز حڪومت پير جهنڊي ڳوٺ جي چارئي طرف سرڪاري فورس جي ڊيوٽي لڳائي ته هو اتي عبيدالله سنڌي ۽ اچڻ وڃڻ وارن مٿان ڪڙي نظر رکن ۽ هن جا ٻاهرين دنيا سان لڳ لاڳاپا ختم ڪن. ان عرصي ۾ مدرسي ديوبند کان شيخ الهند محمودالحسن سنڌي صاحب کي هڪ مبهم پيغام موڪليو ته اوهان هند سنڌ ڇڏي ڪابل افغانستان هليا وڃو، سنڌي صاحب ان حڪم تي مخفي نموني عمل ڪيو ان سفر جي لاءِ وٽن خرچ جا پئسا ڪو نه هئا اهي حيدرآباد جي نو مسلم شيخ عبدالرحيم پنهنجي ڌيءَ جا زيور وڪڻي امام سنڌيءَ کي پئسا ڏنا. افغان حڪومت طرفان هندستان منجهان انهن وٽ ماڻهن جي داخلا تي بندش هئي البت چمن جي بارڊر تي افغان حڪومت طرفان هڪ ماڻهو مقرر ڪيل هئو جو جيڪڏهن هو ڪنهن کي هي پاس لکي ڏيندو هئو ته هن ليٽر سان اچڻ وارو ماڻهو هتي هندستان ۾ اول هندو هئو پوءِ هي مذهب مٽائي مسلمان ٿيو آهي تنهن ڪري هن کي هن جا هندو مائٽ مذهب مٽائڻ تي تنگ ڪن ٿا سو هن شخص کي دين ايمان بچائڻ لاءِ اوهان افغان حڪومت پاڻ وٽ رهائڻ جي منظوري ڏئي پوءِ اهڙي ماڻهوءَ کي بارڊر ڪراس ڪرڻ جي منظوري ملندي هئي. سو امام سنڌي صاحب به پنهنجي لاءِ ان ماڻهوءَ کان اهڙو ليٽر لکرايو ۽ بارڊر پاس ڪري ڪابل پهتا ۽ ڪابل ۾ ست سال رهي اتي رهندڙ دنيا جي ملڪن جي سفيرن سان ملاقاتون ڪري انگريزن خلاف آزاديءَ جو رستو هموار ڪندا رهيا ۽ اتي پهچڻ کان پوءِ افغانستان جي بادشاهه جي مشوري سان سنڌي صاحب هندستان ۾ هلندڙ آزادي واسطي ڪانگريس پارٽيءَ جا نمائندا بنجي مشن هلائيندا هوا ۽ غلام هندستان جي غير ملڪي آزاد حڪومت جوڙيائون جنهن جو صدر راجا مهندر پرتاب کي بڻايائون ۽ پاڻ ان حڪومت جا وزير بڻيا هُئا ۽ جنودربانيه جي نالي سان آزاد هندستان جي غير ملڪي فوج به ٺاهيائون جنهن جا هندستان ۾ مخفي طور فوجي آفيسر به مقرر ڪيائون جن منجهان تاج محمود امروٽي ۽ مولانا محمد صادق کڏي ڪراچي وارا به ڪرنل وغيرهه جي عهدن وارا مقرر ڪيا هئائون جن سان ريشمي رومال تي ٽڪ ذريعي لکليل خطن سان رابطو رکندا هوا. ان تحريڪ ريشمي رومال جو عرصو سندس ڪابل ۾ ست سال رهڻ وارو مدو هو جنهن جو تفصيل پروفيسر سرور جي لکيل ڪتاب ڪابل ۾ سال اندر ملي سگهندو. سنڌي صاحب جي ڪابل ۾ رهڻ واري عرصي دوران آزادي لاءِ هلچل کي ڄاڻڻ لاءِ انگريزن ڪابل جي جامع مسجد ۾ پنهنجي هڪ انگريز جاسوس کي مڪمل باشريعت شڪل ڏيئي پيش امام ڪري رکرايو هئو. نيٺ برطانيه حڪومت افغان بادشاهه سان ڪجهه سياسي رشوتن ڏيڻ تي عبيدالله سنڌي کي جيئرو گرفتار ڪري ڏيڻ يا قتل ڪرڻ جو معاهدو ڪيو جنهن جي ٻاڦ امام سنڌي کي پئجي وئي ۽ ترت ئي مخفي طور نامعلوم رستن ذريعي سوويت يونين روس ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ مولانا عزيزالله جروار صاحب جي چوڻ مطابق افغانستان منجهان نڪري وڃڻ وارن ڏهاڙن کان ڪجهه اڳي جڏهن جو افغان بادشاهه امير حبيب الله قتل ڪيو ويو هئو ته ان جي قتل ڪرائڻ ۾ به امام سنڌيءَ جو حصو هئو ۽ امر حبيب الله جي جاءِ نشين غازي امان الله جي بادشاهه بنجڻ کان پوءِ ان جو جيڪو برطانيه جي خلاف ذهن ۽ پاليسيون هيون ان ۾ به امام سنڌيءَ جي تربيت جو حصو هئو جو انگريزن ڪرنل لارينس جي ذريعي غازي امان الله کي هٽرائي ڇڏيو اهو هن طرح ته ڪرنل لارينس مديني شهر جي مسجد نبوي ۾ ستن سالن کان پيش امام بنجي مسلم امت جو پيش امام بڻيو پيو هئو، انگريزن ان کي اُتاهون بدلي ڪري وزيرستان جي شهر ميران شاهه ۾ پير ڪرم شاهه جي نالي خانقاهه کولي ڏني ته اُتاهون ويهي هو افغان بادشاهه غازي امان الله کي قتل ڪرائي يا معزول ڪرائي پوءِ ان ڊيوٽي دوران ڪرنل لارينس بادشاهه امان الله لاءِ اهڙو ته چڪر هلايو جو ان بادشاهي ڇڏي جلاوطن ٿي وڃڻ ۾ پنهنجي ڀلائي سمجهي سو ملڪ ڇڏي جلاوطن ٿي ويو ۽ هن اٽليءَ جي رهڻ واري عرصي ۾ اتي وفات ڪئي. امام سنڌي صاحب توڻي جو هندستان جي ورهاڱي کان ئي سال اڳي وفات ڪري ويو پر سندس نظريو ورهاست جي خلاف هئو ۽ هوا کنڊ ڀارت يعني گڏيل آزادي جو قائل هئو سندس پارٽي جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽيءَ جي منشور ۾ سڀن صوبن لاءِ وڏي خودمختياري رکيل هئي، وفاق جي مرڪزيت ڪنفيڊريشن وانگر هئي پاڻ هن ڳالهه تي گهڻو زور لڳائيندا هئا ته آزادي کان پوءِ تعليمي ادارن جي نصاب تعليم ۾ انگريزن جي پرماريت خلاف ڀرپور موقف تي مشتمل ڪتاب پڙهايا وڃن، اهو ئي نظريو سموري ڪانگريس قيادت جو به هئو جنهن تي خاص ڪري امام الهند ابوالڪلام آزاد بحيثيت وزير تعليم پورو پورو عمل ڪيو جو اڄ تائين هندستان جون فلمون ڊراما ۽ ادبي شهپارا آزاديءَ جي حق ۾ غلامي خلاف انگريز دشمنيءَ جي مواد سان ڀرپور پڙهايا ۽ فلمايا پيا وڃن، انهيءَ سبب ملڪ هند جي خارجه پاليسي به ملڪي خودمختياري ۽ وطن کي آزاد رکڻ لاءِ وڏو ڪم ڏئي رهيا آهن. امام عبيدالله سنڌي ماسڪو ۾ - جنم ڏينهن جي حوالي سان سندس يادون عزيز الله ٻوهيو ڊاڪٽر عبدالمجيد چانڊيو (اڳوڻو ڊين شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور) مون کي ٻڌايو ته آئون جڏهن پنهنجي شعبي آءِ آر ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ ماسڪو پڙهڻ ويو هئس ته اتي جي پروفيسرن کي مون پنهنجي تعارف ۾ جڏهن ٻڌايو ته آئون سنڌي آهيان ته انهن متوجهه ٿي وڏي پاٻوهه منجهان مون کان پڇيو ته تون جيڪڏهن سنڌي آهين ته تون پڪ سان مولانا عبيدالله سنڌي کي سڃاڻيندو هوندين پر افسوس جو مون کي امام سنڌي بابت اها علمي ڄاڻ ڪا نه هئي جيڪا ۽ جيتري هو پڇڻ گهرن پيا، پوءِ انهن ئي ٻڌايو ته جڏهن غلام هندستان جي زماني ۾ پنهنجي ملڪ کي آزادي ڏيارڻ لاءِ جلاوطن ٿي پهريائين افغانستان ۾ آيو ۽ اتي ست سال رهڻ کان پوءِ هتي سوويت يونين روس ۾ آيو هو ۽ اسان ان سان ملاقاتن منجهان کانئس وڏي علمي ڄاڻ حاصل ڪندا هئاسون. پروفيسر صاحب ته امام سنڌيءَ جي جلاوطني واري زندگيءَ تي ڪجهه ڪتاب لکيا جن منجهان “ڪابل ۾ سات سال” به هڪڙو ڪتاب مارڪيٽ ۾ آهي، ڪاش ڊاڪٽر مجيد چانڊيو به امام سنڌي جي روسي پروفيسرن سان علمي ۽ سياسي ملاقاتن تي اسان کي هڪ ڪتاب جوڙي ڏئي ها ته ڏاڍو ڀلو ٿئي ها. امام سنڌيءَ جو ماسڪو ۾ هڪ خاص شاگرد موسيٰ جارالله هئو جيڪو سنڌي صاحب وٽ قرآن حڪيم جو تفسير به پڙهيو هئو، ان جو اهو عربي ٻولي ۾ تفسير سوره مائده تائين مولانا قاسمي، شاهه ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد منجهان ڇپرايو هئو. موسيٰ جارالله جو گهر ماسڪو ۾ لينن گراڊ منجهه هئو، امام سنڌي هڪ هنڌ لکيو آهي ته اتي جڏهن آئون رهندو هئس ته تڏهن لينن جو انقلاب نئون آيل هئو مذهبي ريتن رسمن تي وڏي پابندي هوندي هئي، آئون موسيٰ جارالله جي گهر ۾ به سوڙ ۾ لڪي نمازون پڙهندو هئس. انڌي عقيدت وارن مسلمانن جي باري ۾ آئون هت ڇا لکان جو ڪن لاهوري مصنفن ته ايترو به ڪوڙ لکيو ته لينن جي زال امام سنڌي کي نماز پڙهڻ لاءِ وضو ڪرڻ خاطر پاڻي به ڪوسو ڪري ڏيندي هئي ۽ سنڌي صاحب جون لينن سان ڪوڙين ملاقاتن جون کوڙ ساريون خبرون به لکيائون، جڏهن ته پروفيسر سرور خود مولانا سنڌيءَ جي حوالي سان اها ڳالهه لکي آهي ته آئون جنهن وقت لينن سان ملڻ ويو هئس ته هو پنهنجي وفات واري مرض ۾ ايترو ته ڪمزور ٿيل هو جو اشارن کان سواءِ ڳالهائي به ڪو نه سگهندو هئو، مون کي ملائڻ وارن ان کي صرف ايترو ٻڌائي مون کي پيش ڪيو ته هي ماڻهو هندستان کي برطانيه کان آزاد ڪرائڻ لاءِ سوراجي ورڪر آهي. مطلب ته لينن سان ڪا به گفتگو ڪا نه ٿي هئي البته لينن جي ڪٽنب جو هڪ وزير جنهن جو سنڌي صاحب نالو به لکيو آهي جيڪو مون کي ياد ناهي اهو سنڌي صاحب سان رابطي ۾ آيو ته اسان مارڪسي فارمولن تي صنعتي شعبن ۾ ڪامياب ويا آهيون، باقي زمين ۾ ڪم ڪندڙ هاري اسان سان انقلابي تقاضائن جيترو ساٿ نه ٿا ڏين جنهن ڪري اسان جي زرعي اپت ڏاڍو پوئتي پيل آهي تنهن سنڌي صاحب ان کي مشورو ڏنو ته توهان هارين، ڪاشتڪارن ۾ هي ڳالهه عام ڪيو ۽ انهن سان وعدو ڪيو ته جيڪي زمينون اوهان پوکي رهيا آهيو اهي ڪڏهن به اوهان کان واپس ڪو نه ورتيون وينديون جيڪڏهن اوهان مري وئيو ته اهي توهان جي پونيئرن کي ڏنيون وينديون. پوءِ ان ايگريڪلچر واري وزير سنڌي صاحب جي ان ڳالهه تي عمل ڪندي هارين کي اهڙي ساک پت ڏني ڄڻ ته سرڪاري طرح ان کي قانون جي به شڪل ڏياري، جنهن کان پوءِ هارين دل لائي پوکن ۾ ڪم ڪيو، ايترو جو اهو وزير صاحب سنڌي صاحب وٽ هلي آيو ۽ چيائينس ته آئون توهان کي مبارڪ ڏيڻ آيو آهيان ته اسان توهان جي ڏس تي عمل ڪندي هارين کي پڪ ڏني ته توهان جون زمينون اوهان کان ڪو نه کسيون وينديون سو انهن هن سال اهڙو ته دل لائي ڪم ڪيو آهي جو سڄي ملڪ ۾ فصل ڏاڍا ڀلا لٿا آهن. امام سنڌي جڏهن سوويت روس کي ڇڏي جلاوطني جا ڏينهن گهارڻ لاءِ ترڪيءَ ۾ آيو تڏهن اتي ڪمال اتاترڪ جي انقلابي حڪومت قائم ٿي چڪي هئي. سلطان عبدالحميد جي خلافت واري حڪومت ختم ٿي چڪي هئي، اتاترڪ مذهبي پابندين جي خلاف پنهنجي دور ۾ وڏيون جدتون آنديون هيون سو جڏهن امام سنڌي اتي ويو ته ماڻهن ان کي دانهون ڏنيون ته اتاترڪ ايڏو بي دين آهي جو اسان جون مايون جڏهن شهر ۾ برقعا پائي ٿيون وڃن ته سرڪاري سپاهي بازارن ۾ ئي انهن جا برقعا زوريءَ لهرائي ڇڏين ٿا. تنهن تي عبيدالله سنڌي انهن کي چيو ته توهان پنهنجي عورتن کي گهرن منجهان ئي بغير برقعن جي موڪليندا ڪريو پوءِ ساڻن سپاهي اهڙي بي حرمتي ڪو نه ڪندا. هندستان جو پهريون وزيراعظم جواهر لال نهرو غلاميءَ جي زماني ۾ شايد اٽليءَ ۾ امام سنڌيءَ کي مليو، ان جو ذڪر نهروءَ پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو ته آهي پر ملاقات جو موضوع ۽ تفصيل ڪو نه لکيو اٿس صرف هي لکيو اٿس ته سنڌي صاحب وٽ هر مشڪل مسئلن جو وڏو حل موجود هو. امام سنڌي جڏهن جلاوطني ختم ڪري هندستان واپس موٽڻ لاءِ سعودي حڪومت ۾ برطانيه جي جدي واري قونصل خاني کان ويزا جو مطالبو ڪيو ته قونصلر مولانا جو اهو مطالبو لنڊن موڪليو، انهن لکيو ته هن شرط سان کيس ويزا ڏني وڃي ته هندستان ۾ وڃي ڪو به سياسي عمل نه ڪندو ۽ ان لاءِ ڪو اتان جو ماڻهو بطور ضامن جي به ڏئي ته مولانا اهو شرط قبول ڪيو ۽ ضمانت لاءِ شهيد الهه بخش سومرو وزيراعظم سنڌ کي پيش ڪيو. امام سنڌيءَ ڪنفيڊريشن قسم جي صوبائي خودمختياري واري منشور سان نئين پارٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو جنهن کي هو گهڻو هلائي نه سگهيو. مولانا جلاوطني جا ڏينهن ٻين ملڪن ۾ گهاري پڇاڙيءَ ۾ سعودي حڪومت ۾ آيو ۽ شهر مڪي جي انتظاميه کان ڪعبي ۾ درس قرآن پڙهائڻ جي اجازت گهري ته انهن به اهو شرط وڌس ته هو پنهنجي درس ۾ سياسي ڳالهيون نه ڪندو. مولانا اهو شرط مڃي درس ڏيڻ شروع ڪيو. منهنجي زندگيءَ جا حالات مولانا عبيدالله سنڌي فصل پهريون پنجاب جو مشهور تاريخي شهر سيالڪوٽ، هماليه جي دامن ۾ هوادار ۽ زرخيز ميدان تي آباد آهي. ان جي ٻهراڙيءَ ۾ پسرور جي ويجهو هڪ ڳوٺ چيانوالي آهي، اها ئي منهنجي جنم ڀومي آهي. رنجيت سنگهه جي زماني ۾ جسپت راءِ ان ڳوٺ جي مڇي مانيءَ لائق ماڻهن ۾ ليکيو ويندو هو. هڪ سناتني سونارو جيتري قدر سٺو ٿي سگهي ٿو، اوترو ئي هو سمجهيو ويندو هو. حڪومتي عملدارن ۽ عام ماڻهن جو مٿس ڀروسو هو. کيس پنج پٽ هئا. انهن مان وچئين جو نالو رام راءِ هيو، جيڪو منهنجو پيءُ آهي. حڪومت جي تبديليءَ جي ڪري منهنجو والد پنهنجي اباڻي ڌنڌي سونارڪي مان ئي گذران ڪندو هو. هو پنهنجي سمورن ڀائرن ۾ پنهنجن والدين جي خدمت ۾ وڌيڪ اڳرو هيو. منهنجو نانو ”مير علي والا“ ضلعي گوجرانوالا جو رهندڙ هڪ خانداني سک هيو ۽ ”هلو والي“ ضلعي سيالڪوٽ ۾ منتقل ٿي چڪو هو. سندس سڀ کان وڏي ڌيءَ، پريم ڪور، منهنجي امڙ آهي. منهنجو پيءُ، منهنجي ناني جي دعوت تي، رام راءِ مان رام سنگهه بڻجي ويو هو. منهنجي والد جو سؤٽ، حاڪم راءِ پنهنجي ڳوٺ جو تپيدار هيو ۽ منهنجا ٻه ماما به تپيدار هيا. منهنجون ٻه ڀينرون هيون، جيڪي منهنجي پيدائش کان اڳ، هڪ گکڙ ۾ ۽ ٻي بيگواليءَ ۾ پرڻجي ويون هيون. فصل ٻيون منهنجو ڏاڏو اڃا جيئرو هو ته منهنجو پيءُ فوت ٿي ويو، سندس مرڻ کان ٽي مهينا پوءِ ڦڳڻ مهيني جي آخري ڏهاڪي ۾ جمعي جي رات صبح ٿيڻ کان ٿورو اڳ منهنجي ولادت ٿي. امڙ سڳوريءَ جي ٻڌايل واقعن کي مختلف جنترين سان ڀيٽائڻ کان پوءِ خبر پئي ته اها تاريخ ۱۲ محرم الحرام ۱۲۸۹ هجري ۽ ۱۰ مارچ ۱۸۷۲ع جيڪو اسان جي حساب سان ۸۷۲ هندي ٿئي ٿو. مان ٻن ورهين جو هوس ته منهنجو ڏاڏو فوت ٿي ويو، مون کي سندس صورت هڪ خاص واقعي ۾ ياد آهي. ان کان پوءِ منهنجي امڙ گهڻو ڪري پنهنجي پيءُ وٽ رهڻ لڳي. ان کان پوءِ ٻن سالن جي اندر نانو به فوت ٿي ويو. ان وقت منهنجو هڪ مامو جهنگ (ضلعي) جي بندوبست واري کاتي ۾ ڪم ڪندو هو ۽ ٻيو ڄامپور ضلعي ديري غازيخان ۾ تپيدار هيو. منهنجي امڙ ۽ ناني جهنگ کان ٿي ڄامپور پهتيون، منهنجي عمر ان وقت چئن سالن جي هئي. جهڙيءَ طرح ناني سان گڏ شطرنج کيڏڻ مون کي ياد آهي، اهڙيءَ طرح ڄامپور ۾ مامي سائينءَ جو فوجي قاعدا سيکارڻ به نٿو وساريان. هڪ سال اتي رهي امڙ پنهنجي گهر موٽي آئي. (اسان) وڌيڪ عرصو پنهنجي ڀينرن کان پري نه ٿي رهي سگهيو. هتي سال کن کان وڌيڪ رهيس. آخر ۾ سخت ڏڪار پيو ۽ منهنجي امڙ پوءِ مون کي ڄامپور وٺي آئي. فصل ٽيون منهنجي عمر ڇهه ورهيه هئي ته ڄامپور جي مڊل اسڪول ۾ داخل ٿيس. ۸۷۸ هنديءَ کان ٽي سال لڳاتار پڙهندو رهيس. ۸۸۱ هنديءَ واري مردم شماريءَ ۾ مان به ڪم ڪندو رهيس. ان زماني ۾ مون کي گرمکيءَ جو پهريون ڪتاب ڏنو ويو. جيتوڻيڪ مون ان مان هڪ اکر به ڪونه پڙهيو پر ان ۾ هڪ تصوير ته ”ٻن ٻلين جي ماني ڀولو ورهائي رهيو آهي“ ضرور ياد اٿم. مون کي مامي ٻڌايو ته هي ٻه ٻليون هندو ۽ مسلمان آهن ۽ ڀولو انگريز آهي. ان کان پوءِ وري امڙ پنهنجي گهر آئي ۽ ٻه سال ضلعي سيالڪوٽ جي مختلف ڳوٺن ۾ ويجهن ۽ پري وارن مائٽن سان ملائڻ لاءِ مون کي وٺي ويندي هئي. برادريءَ جي غميءَ ۽ خوشيءَ جي تقريبن ۾ شريڪ ٿيندو رهيس. ننڍڙو هجڻ جي باوجود وڏڙا ۽ پوڙها اهڙي تعظيم سان پيش ايندا هئا، جيڪو منهنجي امڙ جو حق هيو. مان ان جو خاص اثر پنهنجي طبيعت ۾ محسوس ڪندو آهيان. يعني، پنهنجن هڪ جيڏن مائٽن کان ممتاز رهڻ جو خيال رهندو آهي. ٿوري وقت لاءِ ڄامڪي جي مڊل اسڪول جي چوٿين جماعت ۾ شامل رهيس. اڪثر موقعن ۾ مسجدين جي مولوين کان پارسيءَ جا ڪتاب ضرور پڙهندو رهيس. امڙ ان دوران منهنجي لاءِ مناسب رشتو ڳوليندي رهي. جڏهن ان ۾ ڪامياب ٿي ته مون کي وري ڄامپور موڪلي ڏنائين. فصل چوٿون انهيءَ وقت جو هڪ واقعو لکڻ جوڳو آهي، منهنجو چاچو حاڪم راءِ جڏهن ڳوٺ جي ڪچهريءَ ۾ ويهندو هو ته عام ميڙ سندس چوڌاري گڏ ٿي ويندو هو. هڪ ڏينهن مان به اتي ئي ويٺو هوس ته هن هندو ڌرم ۽ اسلام ۾ ڀيٽ ڪئي ۽ اسلام کي ترجيح ڏني. سندس تقرير جو تت مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي: ”هندن ۽ مسلمانن ۾ هڪ ڊگهو مناظرو ٿيو، پڇاڙيءَ ۾ فيصلو ٿيو ته هڪ هندو ۽ هڪ مسلمان کوهه ۾ ٽپو ڏين، جيڪو بچي وڃي، ان جو مذهب (سچو ۽) حق مڃيو ويندو. پهريائين هندو اٿيو ۽ شري رام کي پنهنجي واهر لاءِ سڏيائين ان جا عملدار اچي رهيا هئا ته هن شري ڪرشن کي سڏڻ شروع ڪيو. ان تي شري رام جا خادم واپس موٽيا. اڃا شري ڪرشن جا ماڻهو سندس مدد لاءِ نه پهتا هئا ته هن مهاديو کي ٻاڏايو، ان ڪري شري ڪرشن جي مدد به کيس نه ملي سگهي. اهڙيءَ ريت پنهنجن مختلف بزرگن کي لڳاتار مدد لاءِ سڏيندو رهيو پر جنهن وقت ٽپو ڏنائين ته ان وقت سندس ڪوبه واهر نه ڪري سگهيو. ان ڪري سندس هٿ پير ڀڄي پيا. ان کانپوءِ مسلمان اٿي بيٺو. هن هڪ الله کي زور سان سڏڻ شروع ڪيو ۽ جلدي ۾ کوهه ۾ ڪڏي پيو، الله جا فرشتا سندس مدد لاءِ پهتا ۽ کيس سلامت بچائي ورتو.“ جيستائين مون کي ياد آهي ته اسلام جي حقانيت تي هيءَ پهرين تقرير آهي، جيڪا مون ٻڌي ۽ جنهن کان متاثر ٿيس. فصل پنجون رب زدني علما انهن ٻن سالن جي وقفي سان منهنجا هم ڪلاسي ته مارچ ۸۸۴ هنديءَ تي ڇهين درجي ۾ پهچي ويا پر مان ٻه مهينا محنت ڪري چوٿين درجي جو امتحان ڏئي سگهيس ۽ پنجين درجي ۾ شامل ٿيس. هتان کان منهنجي شاگرديءَ جو زمانو شروع ٿئي ٿو. اسڪول جو مقرر ٿيل ڪم منهنجي لاءِ ڏکيو نه هو، پارسي پڙهڻ ۽ ياد ڪرڻ ۾ خاص محنت ڪندو هوس. باقي مضمون مان سال جي شروعات ۾ ڪجهه هفتا لڳائي ياد ڪري وٺندو هوس، پوءِ سڄو سال واندو رهندو هوس. امتحان کان ٿوري دير اڳ ۾ ڪتاب تي سرسري نگاهه وجهڻ ڪافي ٿيندو هو. سڀ کان وڌيڪ دلچسپ رياضي هئي. حساب، آلجبرا ۽ اقليدس ۾ جيتري قدر سٺا ۽ وڏا ڪتاب ملندا هئا، انهن کي حل ڪرڻ ۾ رڌل رهندو هوس. ڏکيا سوال حل ڪرڻ ۾ خاص لذت محسوس ڪندو هوس. ”مراة الاشڪال“ اقليدس جي چئن مقالن جي شرح هئي. مون ان جا مشقي سوال سمورا حل ڪري ڇڏيا هئا. سنه ۸۸۶ هنديءَ تي ستين درجي ۾ هوس ته ”قيصري“ جالنڌر (اخبار) ۾ هڪ حل طلب سوال ڇپيو: ا+ ب +ج= ۶، ا+ب+ ج= ۱۴، ا+ ب+ ج= ۳۶ ٻيپهريءَ کان پوءِ مڪتب ۾ مون کي اخبار ملي، پنهنجي روزاني ڪمن ۾ رڌل هيس. فقط واندڪائيءَ جا پل ان جي حل ڪرڻ تي استعمال ڪندو رهيس. تڏهن به سانجهيءَ کان اڳ مون اخبار جي نالي جواب موڪلي ڏنو. ٻئي هفتي ۾ منهنجي نالي سان ٻن ڪالمن ۾ ڇپجي آيو. مان ان خوشيءَ کي وساري نٿو سگهان. ان کانپوءِ تاريخ، قصن ۽ ناولن ۾ طبيعت خوش ٿيندي هئي. جيڪو ڪتاب ملندو هو، جيستائين سمورو ختم نه ڪري ڇڏيان، سڪون نه ايندو هو. ان دوران اخبار پڙهڻ شروع ڪيم. هفتيوار ”آفتاب پنجاب“ لڳاتار ڏسندو هوس ۽ ”پنجاب“ ۽ ”ڪوهه نور“ جا پراڻا فائيل به پڙهندو هوس پوءِ (ڄڻ) اخبار عام ڏسڻ لڳس. پنجاب جي تاريخ ۾ سکن جي حڪومت سان وڌيڪ دلچسپي محسوس ڪندو هوس. پنهنجي سک هجڻ تي فخر محسوس ڪندو هوس. ننڍپڻ ۾ پنهنجن مائٽن جي عورتن سان گڏ ديوان مولراج جي عزيزن جي گهر ويندو رهيو آهيان. ان ڪري انهن جي واقعن کان وڌيڪ متاثر ٿيندو هوس. پنجاب حڪومت جي سالياني رپورٽ اردوءَ ۾ شايع ٿيندي هئي. ان کي چڱيءَ طرح پڙهندو هوس، راجا دليپ سنگهه کي پنجاب اچڻ جي موڪل ملي ۽ منهنجي مامي رات جو خبر آندي ته اسان جي گهر ۾ عيد جهڙي خوشي ٿي ته اسان جو راجا اچي رهيو آهي. ٻئين ٽئين هفتي جڏهن هيءَ خبر ملي ته هو عدن کان موٽايو ويو ته اسان جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. جيتوڻيڪ ان علمي مشغلي مون کي سٺو کائڻ، سٺو پهرڻ جي خواهشن کان بي نياز ڪري ڇڏيو هو، تنهن هوندي به سوسائٽيءَ ۾ ڪا به اهڙي شيءِ نظر نه ٿي آئي جيڪا گهر ۾ ميسر نه هجي. سو اعليٰ سوسائٽيءَ ۾ منهنجو رابطو مضبوط رهيو. ڄامپور جي سرڪاري آفيسرن واري سوسائٽيءَ ۾ پڻ مون کي اهڙا ساٿي مليا، جن کان مٿانهان، اتي ممڪن نه هئا. مختيارڪار، نائب مختيارڪار، جج، پوليس آفيسر ۽ پوسٽ ماسٽر هندو هئا. ان مٿانهين سوسائٽيءَ ۾ منهنجي سڃاڻ عزت سان هئي. اسسٽنٽ مختيارڪار اسان جي ويجهي علائقي جو هو. سندس ڇوڪرا اسان سان گڏ پڙهندا هئا. ساڻس ۽ سندس گهر سان (اسان جو) هڪ جهڙو ۽ هڪ جيترو سلوڪ هيو ۽ ساڳيو رويو سوسائٽيءَ جي ٻين ماڻهن مختيارڪار، پوليس آفيسر، جج، پوسٽ ماسٽر ۽ ڊاڪٽر سان هيو. ذاتي ڊائريءَ جا نوٽ آءٌ ضلعي سيالڪوٽ جي هڪ ڳوٺ چيانواليءَ ۾ پيدا ٿيس. منهنجي خاندان جو اصلي ڌنڌو سونارڪو آهي، مگر ڪجهه وقت کان ڪي ماڻهو سرڪاري نوڪرين ۾ داخل ٿيا ۽ ڪي ماڻهو واپار به ڪندا آهن. آءٌ گهڻو ڪري حضرت سلمان فارسيءَ جي تابعداريءَ موجب پنهنجو نالو عبيدالله بن اسلام لکندو آهيان. مگر ڪن عرب دوستن جي زور آڻڻ تي پنهنجي والد ڏانهن منسوب ڪري لکڻو پيو ته هن ريت لکيم: عبيدالله بن ابي عائشه، ڇاڪاڻ ته منهنجي وڏي ڀيڻ جو نالو جيوڻي آهي. (جيوڻي ۽ عائشه هم معنيٰ آهن) مون ارادو ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ ان کان وڌيڪ صفائي گهري ته هن ريت لکندس ”عبيدالله بن راما بن راءِ“ منهنجي والد جو نالو رام سنگهه پٽ جسپت راءِ پٽ گلاب راءِ آهي. چون ٿا ته منهنجو ڏاڏو سک حڪومت ۾ پنهنجي ڳوٺ جو ڪاردار هو. مون جمعرات پره ڦٽڻ کان ٿورو اڳ ۾ ۱۲ محرم الحرام ۱۲۸۹هه مطابق ۱۰ مارچ ۱۸۷۲ع ۾ جنم ورتو. منهنجي ڄمڻ کان چار مهينا اڳ ۾ منهنجو والد فوت ٿي چڪو هو. ٻن سالن کان پوءِ منهنجو ڏاڏو به فوت ٿي ويو. جنهن کان پوءِ منهنجي والده مون کي ناناڻن ۾ وٺي آئي جو هڪ نج سک خاندان هو ۽ منهنجو والد به نانا صاحب جي چوڻ تي ئي سک بڻيو هو. منهنجا ٻه ماما ڄامپور ضلعي ديري غازي خان ۾ تپيدار هئا. جڏهن نانو صاحب فوت ٿي ويو تڏهن اسان ڄامپور ۾ مامن وٽ اچي رهياسين. منهنجي پڙهائي ۱۸۷۸ع کان ڄامپور جي اردو مڊل اسڪول ۾ شروع ٿي. ۱۸۸۷ع ۾ مڊل جي مٿين جماعت ۾ پڙهندو هوس ته اسلام جي ظاهر ڪرڻ خاطر گهر کي الوداع ڪيم. ان وچ ۾ ٻه سال سيالڪوٽ ۾ رهڻو پيو. جنهن ڪري هڪ سال پنهنجي جماعت کان پوئتي رهجي ويس نه ته مان پنهنجي اسڪول ۾ وڏو سمجهدار شاگرد مڃيو ويندو هوس. اسلام جو مطالعو سنه ۱۸۸۴ع ۾ مون کي اسڪول جي هڪ آريه سماجي ڇوڪري جي هٿان ڪتاب ”تحفة الهند“ مليو (اهو ڪتاب هڪ نو مسلم بزرگ جو لکيل آهي، جنهن ۾ هندو مذهب جي بنيادي ڳالهين جو بيان ٿيل آهي.) انهيءَ ڪتاب جي پڙهڻ ۾ لڳو لڳ مشغول رهيس ۽ آهستي آهستي اسلام جي سچائيءَ تي يقين وڌندو ويو. اسان جو ويجهو پرائمري اسڪول ڪوٽله مغلان جا ڪي هندو به ملاقي ٿيا جي پڻ تحفة الهند جا ڏاڍا دلداده هئا. انهن هندو دوستن وٽان مون کي مولانا محمد اسماعيل شهيد دهلويءَ جو ڪتاب ”تقوية الايمان“ به مليو، جنهن جي مطالعي کان پوءِ اسلامي توحيد ۽ هندو پرانڪ شرڪ جو مسئلو چڱيءَ طرح سمجهه ۾ اچي ويو. ان کان پوءِ مولوي محمد لکويءَ (اهل حديث سيد نذير حسين دهلويءَ جو شاگرد) جو ڪتاب ”احوال الآخرة“ هڪ مولوي صاحب وٽان مليو. مان ان وقت نماز سکي چڪو هوس ۽ پنهنجو نالو تحفة الهند جي ٺاهيندڙ جي نالي تي عبيدالله پنهنجو پاڻ رکي ڇڏيو هوم. احوال الاخرة جو بار بار مطالعو ۽ تحفة الهند جو اهو حصو جنهن ۾ نومسلمن جا حالات لکيل آهن، اهي ٻئي شيون منهنجي جلدي اسلام جي ظاهر ڪرڻ جو ڪارڻ بڻيون. ۱۰ آگسٽ ۱۸۸۷ع ۾ الله تعاليٰ تي توڪل ڪري نڪري پيس، نه ته اصل ارادو هي هو ته جڏهن ڪنهن هاءِ اسڪول ۾ ايندڙ سال داخل ٿيس تڏهن اسلام جي اظهار جو اعلان ڪندس. اسلام جو ظاهر ڪرڻ مون سان ڪوٽلا مغلان جو هڪ ساٿي عبدالقادر نالي هو. اسان ٻئي هڪ طالب العلم جي ذريعي ڪوٽلا رحم شاهه ضلعي مظفرڳڙهه ۾ پهتاسين. ۹ ذوالحج ۱۳۰۴هه تي منهنجي طهر جي سنت ادا ڪئي وئي. ان کان پوءِ ٿورن ڏينهن اندر جڏهن منهنجا عزيز اسان جي ڳولا ۾ نڪتا تڏهن اسان سنڌ ڏانهن روانا ٿي وياسين. عربي صرف جا ڪتاب اسان انهيءَ طالب علم کان پڙهڻ شروع ڪيا. سيد العارفين جي صحبت الله تعاليٰ جي خاص رحمت چئبي ته جيئن شروع ڄمار ۾ اسلام جي سمجهڻ ۾ آساني ٿي تيئن خاص رحمت جو هي اثر ظاهر ٿيو جو سنڌ ۾ اسان حضرت حافظ محمد صديق رحه صاحب (ڀرچونڊيءَ واري) جي خدمت ۾ پهچي وياسون، جو پنهنجي وقت جو جيد ۽ عارفن جو سردار هو. ڪجهه مهينا اسان سندس صحبت ۾ رهياسين جنهن جو پهريون فائدو هي ٿيو ته اسلامي معاشرت اسان جي لاءِ اهڙي طرح طبيعت ثاني بڻجي وئي جيئن هڪ پيدائشي مسلمان جي هوندي آهي. ٻيو ته حضرت حافظ صاحب هڪ ڏينهن منهنجي سامهون ماڻهن کي مخاطب ٿي فرمايو، جن ۾ گهڻو ڪري مولانا ابوالحسن امروٽي به موجود هيو ته ”عبيدالله، الله تعاليٰ واسطي پنهنجي پيءُ ماءُ کي ڇڏيو آهي، هاڻي سندس پيءُ ماءُ اسان آهيون.“ انهيءَ ڪلمه مبارڪ جو خاص اثر منهنجي دل ۾ محفوظ آهي. آءٌ مولوي عبدالقادر (حضرت مولانا دينپوريءَ جي ناٺيءَ) کان ڪتاب پڙهيا ۽ هن بزرگ کي پنهنجو ديني ابو ڪري مڃيندو آهيان ۽ خاص انهيءَ ڪري مون سنڌ کي پنهنجو وطن بنايو، يا بڻجي ويو. ٽيون ته مان قادري راشدي طريقي ۾ حضرت حافظ سان بيعت ڪئي. جنهن جو هڪ هيءُ نتيجو نڪتو جو مان ڪنهن به وڏي ماڻهوءَ کان ڪونه ڊڄندو آهيان. چئن مهينن کانپوءِ اسان علم جي طلب لاءِ موڪل ورتي. مون کي چيو ويو ته حضرت حافظ صاحب مون لاءِ خاص دعا گهري آهي ته خدا ڪري ته عبيدالله جو شال ڪنهن راسخ عالم (سچي ۽ حقيقي عالم) سان واسطو پوي. منهنجي خيال ۾ الله تعاليٰ اها دعا قبول فرمائي ۽ الله رب العزت پنهنجي فضل سان حضرت مولانا شيخ الهند محمود حسن ديوبنديءَ جي خدمت ۾ پهچايو. سيدالعارفين جي خليفه اعظم جي صحبت ڀرچونڊيءَ کان موڪل وٺي آءٌ انهيءَ طالب العلم سان گڏجي رياست بهاولپور جي ڳوٺاڻي مسجدن ۾ ابتدائي عربي جا ڪتاب پڙهندو رهيس. انهيءَ سلسلي ۾ دين پور پهتس جتي سيدالعارفين جو پهريون خليفو مولانا ابوالسراج غلام محمد صاحب رهندو هو. هدايته النحو تائين مان اتي پڙهيس حضرت خليفه صاحب خط لکي منهنجي والده کي گهرايو جنهن مون کي موٽائي وٺي وڃڻ جي سخت ڪوشش ڪئي مگر آءٌ ثابت قدم رهيس. پر هي غلط آهي ته منهنجي والده ديوبند آئي هئي. شوال ۱۳۰۵هه ۾ دينپور کان ڪوٽله رحم شاهه ۾ آيس ۽ مولوي خدابخش وٽ ڪافيه و نحو پڙهيم ۽ اتي هڪ نووارد طالب علم کان هندستان جي عربي مدرسن جو احوال معلوم ٿيو. مان مظفرڳڙهه جي اسٽيشن تان سوار ٿي سڌو ديوبند پهتس. دارالعلوم ديوبند دارالعلوم ديوبند ۾ صفر ۱۳۰۶هجريءَ ۾ داخل ٿيس. اٽڪل پنجن مهينن ۾ قطبيءَ تائين منطق جا رسالا پڙهيم ۽ شرح جامي مولانا حڪيم محمد حسن امروهيءَ کان پڙهيم. هڪ سمجهدار استاد جي خاص مهربانيءَ سان مطالعي ڪرڻ جو رستو سکيس. پوءِ پنهنجي محنت سان ترقيءَ جو رستو سامهون ٿيندو ويو. حڪمت ۽ منطق جا ڪتاب جلدي پورا ڪري ٿورن مهينن لاءِ مولانا محمد حسن صاحب ڪانپوريءَ جي مدرسي ۾ هليو ويس ۽ اتان ٿورن مهينن لاءِ مدرسي عاليه رامپور ۾ رهي مولوي ناظرالدين کان به ڪتاب پڙهيم. اهڙيءَ طرح وري صفر ۱۳۰۶هه ۾ ديوبند موٽي آيس. حضرت مولانا شيخ الهند ديوبند ۾ ٻن ٽن مهينن تائين مولانا حافظ احمد صاحب کان پڙهندو رهيس. (حافظ محمد احمد مولانا محمد قاسم باني دارالعلوم جو فرزند ۽ مدرسي جو مهتمم هو) ان کانپوءِ مولانا شيخ الهند جي درس ۾ شامل ٿيس. شعبان ۱۳۰۷هه ۾ هدايه، تلويح، مطول، شرح عقائد، مسلم الثبوت جو امتحان ڏنم، امتيازي نمبرن ۾ ڪامياب ٿيس. مولانا سيد احمد دهلوي مدرس اول منهنجي جوابن جي تمام گهڻي تعريف ڪئي ۽ فرمايو ته جيڪڏهن هن کي ڪتاب ملي ويا ته شاهه عبدالعزيز ثاني ٿيندو. ڪيترن دوستن خوشخبريءَ جهڙا خواب ڏٺا ۽ مان به رسول الله ﷺ جي خواب ۾ زيارت ڪئي ۽ امام ابوحنيفه ؐ کي به خواب ۾ ڏٺم. رمضان شريف ۾ اصول فقه ۾ هڪ رسالو لکيم جنهن کي شيخ الهند پسند فرمايو، ان ۾ بعض مسئلا جمهور جي برخلاف محققن جي راءِ مطابق لکيا ويا هئا. مثلاً مشابه آيتن جي معنيٰ ناممڪن الحصول نه آهي ۽ الراسخين في العلم وهبي علم سان سمجهن ٿا. شوال ۱۳۰۷هه ۾ تفسير بيضاوي ۽ حديث جي دوري ۾ شريڪ ٿيس ۽ جامع ترمذي حضرت مولانا شيخ الهند وٽ پڙهيم ۽ سنن ابي داؤد پڙهڻ لاءِ حضرت مولانا رشيد احمد صاحب جي خدمت ۾ گنگوهه پهتس. شاهجهان آباد دهلي گنگوهه مان بيمار ٿي دهليءَ آيس. حڪيم غلام محمود خان (حڪيم اجمل خان جي والد) جي علاج سان صحت حاصل ٿي. حديث جا باقي ڪتاب مولوي عبدالڪريم پنجابي ديوبنديءَ کان جلدي جلدي ختم ڪري ورتم. مون کي ياد آهي ته سنن نسائي ۽ سنن ابن ماجه چئن ڏينهن ۾ پڙهيو هيم ۽ سراجي ٻن ڪلاڪن ۾ پوري ڪئي هيم. اهو مولوي عبدالڪريم پنجابي حضرت مولانا محمد قاسم ديوبنديءَ ۽ حضرت مولانا رشيد احمد گنگوهيءَ جو هڪ محقق شاگرد هو. شهرت پسند نه هو، دهليءَ وارن ڏينهن ۾ ٻه دفعا حضرت مولانا سيد نذير حسين صاحب جي زيارت لاءِ ويو هوس. صحيح بخاريءَ ۽ جامع ترمذيءَ جا ٻه سبق به ٻڌا هيم. سنڌ ڏانهن موٽڻ ۲۰ جمادي الثاني سنه ۱۳۰۸هه تي دهليءَ مان سڌو ڀرچونڊي ضلع سکر ۾ پهتس. مگر ان سفر ۾ ايندي ويندي نه لاهور ۾ ۽ نه وري چينياوالي مسجد ۾ ويس. منهنجو مرشد منهنجي اچڻ کان اڳ ۾ ڏهه ڏينهن پهريائين وفات ڪري ويو هو. رجب سنه ۱۳۰۸هه ۾ حضرت شيخ الهند اجازت نامه لکي مون ڏانهن موڪليو ۽ مولوي ڪمال الدين صاحب مون وٽ سنن ابي داؤد پڙهي پوري ڪئي. امروٽ وارو بزرگ شوال ۱۳۰۸هه تي سيدالعارفين جي ٻئي خليفي مولانا ابوالحسن تاج محمود امروٽي صاحب وٽ امروٽ ضلعي سکر ۾ هليو آيس. هن صاحب پنهنجي پير رشيد جو وعدو پورو ڪري ڏيکاريو. هو مون لاءِ پيءُ وانگر هو، سندس ذريعي منهنجو نڪاح مولوي محمد عظيم خان يوسف زئي ماستر اسلاميه اسڪول سکر جي نياڻيءَ سان ڪرايو. منهنجي ماءُ کي گهرائي ڏنو جا آخر وقت تائين پنهنجي نموني تي مون وٽ رهندي آئي. منهنجي مطالعي لاءِ تمام وڏو ڪتب خانه گڏ ڪيائين. هن بزرگ جي مهربانيءَ واري پاڇي ۾ ۱۳۱۵هه تائين مطالعو ڪندو رهيس. ڪتب خانه پير جهنڊي وارو ڳوٺ پير جهنڊي ضلع حيدرآباد سنڌ ۾ راشدي طريقي جي پير صاحب وٽ دين علومن جو هڪ بينظير ڪتب خانه هو. امروٽ وارن ڏينهن ۾ مطالعي لاءِ اوڏانهن به ويندو رهندو هوس ۽ اڌارا ڪتاب به وٺي ايندو هوس. منهنجي مطالعي جي ڪماليت ۾ انهيءَ ڪتب خانه جي فيض جو به وڏو دخل آهي. ان کان سواءِ حضرت مولانا رشيد الدين صاحب العلم الثالث جي صحبت مان فائدو پرايم. مان سندس ڪيتريون ئي ڪرامتون ڏٺيون. اسماءَ الحسنيٰ جو ذڪر کانئس سکيم. سندس فرزند حضرت مولانا رشدالله صاحب العلم الرابع سان علمي صحبتون رهيون. هو علم حديث جو تمام وڏو عالم ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف هو. سندس والد حضرت مولانا رشيدالدين توحيد ۽ جهاد جي دعوت جو مجدد هو. قاضي فتح محمد نظاماڻي• (ويٺل ٽنڊه قيصر) جون علمي صحبتون به ياد رکڻ جي لائق آهن. علمي تحقيق جو مرڪز الله تعاليٰ جي رحمتن مان هڪ وڏي نعمت جنهن جو آءُ شڪر ادا ڪري نٿو سگهان، اها هيءَ آهي ته فقه ۽ حديث جي تحقيق ۽ تطبيق ۽ اهڙيءَ طرح قرآن عظيم جي تفسير ۾ حضرت مولانا محمد قاسم (نانوتوي) ديوبنديءَ کان شروع ٿي امام ولي الله دهلوي تائين سلسلو عاليه منهنجو رهبر بڻيو ۽ مان هنن کي پنهنجو اڳواڻ بڻايو. مون کي پنهنجي علمي ۽ سياسي واڌاري ۾ انهن کان ٻاهر وڃڻو نه پيو. تنهن ڪري منهنجون سموريون ڪوششون هڪ اصول تي درست ٿينديون رهيون ۽ آءُ اسلام جي فلسفي سمجهڻ جي لائق بڻيس. مان دهليءَ ۾ قبله نما جو مطالعو ڪيو (اهو ڪتاب مولانا محمد قاسم جو تصنيف ڪيل آهي) جنهن جا معارف منهنجي روح ۾ پيوست ٿي ويا. حديث جي تحقيق لاءِ حجة الله البالغه (مصنفه امام ولي الله دهلوي) سان شيخ الهند منهنجي واقفيت ڪرائي. آخر ۾ مون کي ان جي مطالعي مان اطمينان نصيب ٿيو ۽ مان عالمن جي هڪ جماعت کي حجة الله پڙهائي ان کان گهڻو وقت پوءِ شيخ الهند کان وڃي پڙهيم. طريقه قادريه جو شغل انهيءَ عرصي ۾ طريقه قادريه ۽ نقشبندي مجددي جا شغل ۽ ذڪر به پنهنجيءَ طاقت آهر حضرت سيدالعارفين جي وڏي خليفه مولانا ابوالسراج (خليفه غلام محمد صاحب) دينپوريءَ کان سکندو رهيس. جيڪڏهن منهنجي ڪا دنياوي ضرورت امروٽ مان پوري نه ٿيندي هئي ته اها دينپور مان حاصل ڪندو هوس. اهڙيءَ طرح مون کي پنهنجي مرشد جي جماعت کان ٻاهر وڃڻ جي ضرورت نه پئي. منهنجو سياسي مسلڪ اسلام سکڻ جي شروع کان وٺي منهنجو قلبي لاڳاپو مولانا شهيد مرحوم سان پيدا ٿي چڪو هو ۽ ديوبند جي طالب علميءَ واري زماني ۾ ڪيترن ئي واقعن ۽ ڳالهين سبب وڌيڪ واقفيت ٿي چڪي هئي. مولانا عبدالڪريم (پنجابي) ديوبنديءَ دهليءَ جي غدر جو اکين ڏٺو واقعو ٻڌايو هو ۽ ٻاراڻي ڄمار کان خانداني عورتن جي صحبت ۾ (ٻڌل ڳالهين جي بنياد تي) انقلاب پنجاب جي مصيبتن کان منهنجو دماغ ڀريو پيو هو، ان ۾ هڪ قسم جو انقلاب آيو، پهريان جو ڪجهه لاهور لاءِ سوچيندو هوس هاڻي دهليءَ لاءِ سوچڻ لڳس. مولانا شهيد جي مڪتوبات مان هڪ خط جو مضمون سامهون رکي مان پنهنجو مختصر سياسي پروگرام بڻايو جو اسلامي به هو ۽ انقلابي به هو. مگر هندستان کان ٻاهرين مسلمانن سان ان جو ڪوبه تعلق نه هو. مان حجة الله پڙهندڙ جماعت کي ان ۾ شامل ڪيو. اهڙيءَ ريت پنهنجي خيال موجب آهستي آهستي ڪم شروع ڪري ڏنم. ديوبند ۾ وري اچڻ ۱۳۱۵هه ۾ وري ديوبند آيس. پنهنجي علمي معلومات جي رنگ ۾ ٻه رساله لکي کڻي آيس. هڪ علم حديث ۽ ٻيو فقه حنفيءَ ۾. حضرت مولانا شيخ الهند ٻنهين رسالن کي پسند فرمايو. انهيءَ دفعي ٻارهن حديث جي مشهور ڪتابن جا اطراف ٻڌائي ٻيهر مولانا صاحب کان روبرو اجازت حاصل ڪيم. ڪن جهاد جي مسئلن وقت درس هلندي اسان جي جماعت جو ذڪر اچي ويو جنهن کي مولانا پسند فرمايو. ڪن دوستن جو مشورو ڏئي انهيءَ ڪم کي اتحاد اسلام جي هڪ ڪڙي بڻايائون ۽ انهيءَ ڪم کي جاري رکڻ جي وصيت فرمايائون. ان کان پوءِ منهنجا علمي ۽ سياسي سمورا شغل حضرت شيخ الهند سان وابسته رهيا. دارالرشاد ڳوٺ پير جهنڊو ديوبند جي انهيءَ پوئين مختصر سفر کان پوءِ مان امروٽ شريف ۾ رهي، هڪ پريس قائم ڪئي (محمود المطابع نالي سان) جنهن کي ٻن سالن تائين هلائيندو رهيس. ڪي عربي ۽ سنڌي ناياب ڪتاب ڇپايا ويا. ۽ هڪ ماهوار رساله ”هدايت الاخوان“ به شايع ٿيندو رهيو. ان سان گڏ مدرسه قائم ڪرڻ جي به ڪوشش جاري رهي. مگر ان ۾ ڪاميابي نه ٿي، هوڏانهن اسان جو ڪم مدرسه کان سواءِ هلي نٿي سگهيو. تنهن ڪري مان ٻئي ڪنهن جاءِ جي ڳولا ۾ حيران هوس ته حضرت مولانا رشدالله صاحب العلم الرابع ۱۳۱۹هه ۾ منهنجي تجويز جي موافق مدرسه بنائڻ جو ارادو ڪيو ۽ دارالرشاد مدرسه جو نالو منهنجي رٿ سان مقرر ٿيو. مان انهيءَ مدرسي ۾ شريڪ ٿي پورن ستن سالن تائين علمي ۽ انتظامي خدمتون مڪمل اختيارات سان ڪندو رهيس ۽ مدرسي ۾ انهيءَ زماني جي وڏن علمائن مان حضرت مولانا شيخ الهند ۽ حضرت مولانا شيخ حسين بن محسن انصاري يماني (محدث مقيم پوپال) امتحان وٺڻ جي ارادي سان تشريف فرما ٿيا. مان انهيءَ مدرسه ۾ حضرت رسول الله ﷺ کي خواب ۾ ڏٺو ۽ امام مالڪ کي به ڏٺو جو ڄڻ مدرسه جي هڪ حجري ۾ اچي رهيو آهي. جميعت الانصار ديوبند ۱۳۲۷هه ۾ حضرت شيخ الهند ديوبند سڏايو. مفصل احوال ٻڌي ديوبند ۾ رهي ڪم ڪرڻ جو حڪم ڏنائون ته جيئن سنڌ سان به لاڳاپو قائم رهي. چار سال جمعيت الانصار ۾ ڪم ڪندو رهيس. انهيءَ جماعت جي تحريڪ جي بنياد ۾مولانا محمد صادق سنڌي، مولانا ابو محمد احمد لاهوري ۽ عزيز مولوي احمد علي لاهوري به شريڪ هئا. نظارة المعارف دهلي حضرت شيخ الهند جي ارشاد سان منهنجو ڪم ديوبند کان دهليءَ منتقل ٿيو. ۱۳۳۱هه ۾ نظارت المعارف قائم ٿي، انهيءَ ڪم جي سرپرستيءَ ۾ شيخ الهند سان حڪيم اجمل خان ۽ نواب وقارالملڪ (سيڪريٽري علي ڳڙهه ڪاليج) ساڳئي نموني ۾ شريڪ هئا. حضرت شيخ الهند جيئن چار سال ديوبند ۾ رهي منهنجو پنهنجي جماعت سان تعارف ڪرايو، اهڙيءَ طرح دهليءَ موڪلي مون کي نوجوان طاقت سان واقف ڪرڻ گهريو. انهيءَ مقصد لاءِ ئي هڪ دفعو دهليءَ ۾ تشريف فرما ٿيو، مون کي ڊاڪٽر انصاريءَ سان ملاقات ڪرايائين ۽ ڊاڪٽر انصاريءَ مون کي مولانا ابوالڪلام ۽ مولانا محمد علي مرحوم سان ملايو جنهن ڪري مون کي ٻن سالن اندر هندستان جي اسلامي اعليٰ سياسي طاقت سان واقفيت پيدا ٿي وئي. هجرت ڪابل ۱۳۳۳هه مطابق ۱۹۱۵ع ۾ شيخ الهند جي حڪم سان ڪابل روانو ٿي ويس. مگر مون کي ڪم جو ڪوبه مفصل پروگرام ڪونه ٻڌايو ويو. جنهن ڪري منهنجي طبيعت تي اها هجرت گران پئي گذري مگر تعميل حڪم لاءِ وڃڻو ضرور هو ۽ الله تعاليٰ آسانيءَ سان هندستان مان نڪري وڃڻ جو رستو پيدا ڪري ڏنو. جنهن ڪري آءٌ افغانستان پهچي ويس. دهليءَ جي سياسي جماعت به مون کي پنهنجو عيوضي مقرر ڪيو هو. پر مان هنن کي اها ڳالهه ئي ڪانه ڪئي ته اڳ ۾ ئي شيخ الهند جي حڪم موجب منهنجي ڪابل وڃڻ جو فيصلو ٿي چڪو آهي. افسوس جو دهليءَ واري مرڪز پاران به ڪو معقول پروگرام ڪونه هو. ڪابل پهچي مون کي معلوم ٿيو ته حضرت شيخ الهند قدس سره جنهن جماعت جو پاڻ عيوضي هو تنهن جي پنجاهه سالن جي محنتن جو نتيجو غيرمنظم شڪل ۾ منهنجي سامهون تعميل حڪم لاءِ موجود آهي. جنهن ۾ حضرت شيخ الهند کي هڪ مون جهڙي خادم جي سخت ضرورت هئي. هاڻي مون کي هجرت ۽ حضرت شيخ الهند جي چونڊ تي بيحد فخر محسوس ٿيڻ لڳو. مان ستن سالن تائين حڪومت ڪابل جي امداد سان هندستان لاءِ ڪم ڪندو رهيس. ۱۹۱۶ع ۾ امير حبيب الله خان هندن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جنهن جي تعميل جي هڪ ئي صورت هئي ته نيشنل ڪانگريس ۾ شامل ٿي وڃان. ان وقت آءٌ ڪانگريس جو مبلغ بڻجي ويس. هيءَ ڳالهه نهايت عجب جهڙي آهي ته امير صاحب مرحوم نج اسلام جي ڪم کان هندستاني ڪم کي وڌيڪ پسند ڪندو هو. ۱۹۲۲ع ۾ امير امان الله خان جي زمانه ۾ ڪانگريس ڪاميٽي ڪابل ۾ قائم ڪئي وئي. ڊاڪٽر انصاريءَ جي ڪوشش سان ”گيا“ واري اجلاس ۾ ان جو الحاق انڊين ڪانگريس سان ڪيو ويو. برٽش ايمپائر کان ٻاهر اها پهرين ڪانگريس ڪميٽي هئي ۽ مان هن ڳالهه تي فخر ڪري سگهان ٿو ته آءٌ ان جو پهريون پريزيڊنٽ هوس. روس جو سفر ۱۹۲۳ع ۾ ترڪيءَ ڏانهن ويندي ست مهينا ماسڪو (روس) ۾ وڃي رهيس. سوشلزم جو مطالعو پنهنجي طاقت آهر پنهنجن نوجوان ساٿين جي مدد سان ڪندو رهيس. جنهن حالت ۾ نيشنل ڪانگريس سان لاڳاپو سرڪاري طرح ثابت ٿي چڪو هو، تنهن ڪري سويت روس مون کي پنهنجو معزز مهمان بڻايو ۽ مطالعي لاءِ هر قسم جون سهوليتون مهيا ڪري ڏنيون. هي بلڪل غلط آهي ته مان لينن سان ملاقات ڪئي، ڇو ته ڪامريڊ لينن ان وقت اهڙو بيمار هو جو پنهنجن دوستن کي به سڃاڻي نه سگهندو هو. انهيءَ مطالعي جو نتيجو آهي جو مان پنهنجي مذهبي تحريڪ کي جا امام ولي الله جي فلسفي جي شاخ آهي ان کي لادينيت جي حملي کان محفوظ ڪرڻ جي تدبير ۾ ڪامياب ٿي ويس. مان انهيءَ ڪاميابيءَ ۾ (۱) انڊين نيشنل ڪانگريس (۲) هندستاني سفر جي ساٿين جن ۾ هندو مسلم نوجوان هئا جن ۾ سوشلسٽ ۽ نيشنلسٽ ٻئي قسم جا ماڻهو هئا. (۳) سويت روس جو هميشه لاءِ شڪر گذار رهندس جيڪڏهن مون کي ٽنهين طاقتن جي امداد نه ملي ها ته آءٌ پنهنجي اصلي امتيازي مقصد ۾ ڪامياب نه ٿيان ها. نئين ترڪي ساڳئي سال ۱۹۲۳ع ۾ انگورا پهتس. منهنجي انهيءَ سفر لاءِ ماسڪو واري ترڪي سفير ۽ روس جي وزارت خارجه سفر جو رستو مقرر ڪري ڏنو. ممڪن آهي ته برطانيه جي ڪارندن کي ان جو پتو نه پيو هجي. (هي به غلط آهي ته آءٌ استنبول ان وقت پهتس جڏهن فرانس ۽ برطانيه جي متحده قوت ان تي قابض هئي) اٽڪل ۳ سال ترڪيءَ ۾ رهيس. مان اتحاد اسلامي تحريڪ جو پورو پورو مطالعو ڪيو. مگر مون کي مستقبل قريب ۾ ان لاءِ ڪوبه مرڪز نظر نه آيو. تنهن ڪري مان ترڪن جي وطني خدمت وانگر پنهنجي اسلامي تحريڪ کي انڊين نيشنل ڪانگريس ۾ شامل ڪرڻ ضروري سمجهيو ۽ ڪانگريس ۾ پنهنجي اصول جي هڪ مستقل پارٽيءَ جو پروگرام ڇاپي ڇڏيو، جنهن ڪري منهنجي تحريڪ هر هڪ مخالف انقلاب کان محفوظ رهي سگهي ٿي. اسان جو پروگرام يورپ کي ان نموني ۾ اسلام جي تعارف ڪرائڻ ۾ منهنجو خيال آهي ته آءٌ پنهنجي استاذ الاستاذ ۽ پنهنجي امام مولانا محمد قاسم ديوبنديءَ جي هڪ قلبي خواهش کي پوري ڪرڻ ۾ عملي جامه ڍڪائي رهيو آهيان. انهيءَ پروگرام کي ترڪي پريس مان شايع ڪرڻ لاءِ انگورا حڪومت کان اجازت وٺڻي پئي. جنهن کي پهريائين وزارت خارجه ٻه جدا جدا ترجمه ڪرائي جيستائين حرف بحرف نه پڙهيو تيستائين اجازت نه ڏني. ڪي هندو دوست اردو پڙهي نه ڄاڻيندا هئا تنهن ڪري انهن جي سهوليت لاءِ پروگرام جو انگريزيءَ ۾ به ترجمو ڪرايم. استنبول جي رهڻ واري زمانه ۾ لالا لڄپت راءِ سان تبادله خيالات ٿيو. اهڙيءَ طرح ڊاڪٽر انصاريءَ سان به چڱيءَ طرح ڳالهيون ٿيون، اسان جا هي ٻئي بزرگ نه انهيءَ پروگرام کي قبول ڪري سگهيا ٿي ۽ نه وري ان جو چڱو بدل ٻڌائي سگهيا ٿي، ڪوشش ڪندا ته اسان کي هزار ٻه هزار سال گذريل زمانه ڏانهن وٺي وڃن، يقيناً پنڊت جواهر لال نهروءَ هڪ فقره ان جي پسنديدگي تي لکيو. اهو منهنجي لاءِ خوشيءَ جو ڪارڻ آهي. مان پنهنجي پروگرام ۾ عدم تشدد کي ضروري ٺهرايو آهي. ان ۾ مهاتما گانڌيءَ جا ممنون آهيون ۽ عدم تشدد جي اخلاقي حيثيت کي ڄاڻان ٿو. انهيءَ بنياد تي پوليٽيڪل پروگرام جي تربيت ۽ اهميت مهاتما گانڌيءَ کان سکي. هُن اسان کي حضرت مسيح جي تعليم جي يادگيري ڏياري آهي جا اسان وساري چڪا هئاسين. مون کي اهو به پتو آهي ته اسلام جو پهريون دور انهيءَ سياسي اصول تي عامل هو، دانائيءَ جي ڳالهه مؤمن جي وڃايل وٿ آهي پوءِ جتي به هٿ اچيس ته اهوئي ان جو مالڪ آهي. مڪه معظمه ۾ پهچڻ ۱۳۴۴هه ۾ حج جي موسم ۾ مڪه معظمه ۾ خلافت ڪانفرنس منعقد ٿيڻ واري هئي ۽ منهنجا سمورا دوست ان ۾ اچڻ وارا هئا. مان هنن جي ملاقات لاءِ ترڪيءَ مان اٽليءَ جي رستي مڪه معظمه پهچڻ جي ڪوشش ڪئي. مگر ڪانفرنس ختم ٿيڻ کان پوءِ صفر ۱۳۴۵هه ۾ پهتس. آءٌ پنهنجي پوزيشن کي صحيح نموني ۾ ڄاڻيندو هوس. تنهن ڪري حجاز گورنمينٽ کي يقين ڏياريم ته آءٌ هتي ڪابه سياسي پروپيگنڊا ڪانه ڪندس، جنهن مون تي اعتماد ڪيو ۽ انهيءَ اعتماد سبب آءٌ بلڪل محفوظ رهجي ويس. مان جيڪڏهن ڪنهن وقت ڪنهن ٿورڙي امداد جي گهر ڪئي ته حڪومت ان کي پورو ڪيو ۽ منهنجي پنهنجي نموني ۽ پنهنجي مٿي رهڻ ۾ حڪومت جا اهلڪار حارج نه ٿيا تنهن ڪري هو منهنجي پاران تمام گهڻي شڪريي ۽ دعا جا حقدار آهن. جزاهم الله تعاليٰ خيراً مڪي جا علماءَ مون کي مڪي وارن مان ٽن هندوستاني ۽ هڪ عرب خاندان خاص طرح علمي امداد پهچائي، سڀ کان پهريائين شيخ عبدالوهاب دهلويءَ (حاجي علي جان وارا)، ٻيو شيخ عبدالستار بن عبدالوهاب دهلوي، ڪتبي مرحوم، ٽيون حضرت ابو اشرف مجدديءَ انهن جي ڪتب خانن مان فائدو ورتم. عرب خاندان مان منهنجي شيخ محمد بن عبدالرزاق حمزه شيخ دارالحديث ۽ شيخ ابو السمح امام الحرمين جو خاندان آهي. منهنجو علمي شغل آءٌ اٽڪل ۱۲، ۱۳ سالن کان قرآن عظيم ۽ حجة الله البالغه جو نهايت اونهي نظر سان مطالعو ڪندو رهيس. قرآن عظيم جي تفسير ۾ جيتريون جايون به مشڪل هيون تن کي مان امام ولي الله دهلويءَ جي اصول تي اطمينان سان حل ڪندو رهيس. جيڪي ماڻهو امام ولي الله دهلويءَ کي اسان وانگي نٿا مڃين اسان تن جي اطمينان ڏيارڻ جي دعويٰ ڪري نٿا سگهون. پر مون کي پنهنجي اصول تي قرآن عظيم ۾ قابل عمل نصاب تعليم نظر آيو ۽ ان معاملي ۾ هن تجلي ريز مقدس مقام (مڪه معظمه) جو تاثير ضرور قبول ڪرڻو پوي ٿو. ان زماني ۾ امام ولي الله دهلويءَ جي مشهور ڪتابن جو خاص طور مطالعو جاري رکيم. مثلاً بدور بازغه، خير ڪثير، تفهيمات الاهيه، سطعات، الطاف القدس، لمعات وغيره. انهن ڪتابن جي سمجهڻ لاءِ ڪنجيءَ طور مان مولانا رفيع الدين دهلويءَ (ولد امام ولي الله) جو ڪتاب تڪميل الاذهان ۽ (مولانا محمد اسماعيل شهيد امام ولي الله جي پوٽي جو) ڪتاب عبقات ۽ مولانا محمد قاسم جي ”قاسم العلوم“ ۽ ”تقرير دل پذير“ ۽ ”آب حيات“ کي استعمال ڪندو رهيس. مون کي انهن ڪتابن جي پڙهائڻ جو موقعو به مليو ۽ ان سان گڏ قرآن عظيم جو درس به جاري رهيو، جنهن ڪري منهنجا نظريا بلڪل وسيع ٿي ويا. (ف لله الحمد) امام ولي الله دهلويءَ جي حڪمت جيڪڏهن مون کي اجازت ڏني وڃي ته آءٌ هن ريت ظاهر ڪريان ته آءٌ امام ولي الله دهلويءَ کي حڪمت جو مجتهد مستقل فرض ڪريان ۽ امام عبدالعزيز (ولد امام ولي الله) ۽ مولانا رفيع الدين دهلويءَ کي مجتهد منتسب جو درجو ڏيان ۽ مولانا محمد اسماعيل شهيد ۽ مولانا محمد قاسم کي مجتهد في المذهب جي درجي تي تسليم ڪريان، ان کان پوءِ مان هڪ اهڙو اسڪول قائم ڪري سگهان ٿو جنهن ۾ (الف) قرآن عظيم (ب) سنت رسول الله ﷺ ۽ سنت خلفاءِ راشدين (ج) تاريخ اسلام جي پوريءَ ريت عقلي تشريح موجود هجي. ان کان پوءِ دنيا جي سمورن مذهبن ۽ سندن مقدس ڪتابن جي تحقيق ۽ تطبيق به انهيءَ اصول تي آسان ٿي سگهي ٿي. (ذالک فضل الله يؤتيه من يشاءالله ذوالفضلٍ العظيم) وطن ڏانهن واپسي سنه ۱۹۳۶ع ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس منهنجي واپسيءَ لاءِ ڪوشش ڪئي ۽ منهنجا سمورا دوست ان جي تائيد ۾ ڪوشش ڪندا رهيا. جنهن ۾ سياسي مسلڪ جي اختلاف ۽ اتحاد جو ڪوبه خيال ڪونه رکيو ويو، انهيءَ ڪوشش جو هي نتيجو نڪتو جو مون کي پهرين نومبر ۱۹۳۷ع ۾ وطن واپسي جي اجازت ملي وئي ۽ پهرين جنوري سنه ۱۹۳۹ع ۾ پاسپورٽ ڏيڻ جو فيصلو ٿي ويو پر حج جي موسم مٿان اچي وئي هئي تنهن ڪري حج جي عبادات کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ واپسيءَ جو ارادو آهي. وطن پهچڻ کان پوءِ منهنجو پروگرام قريب قريب هيٺين ريت هوندو: (۱) اسان نيشنل ڪانگريس جا معمولي ميمبر ٿي رهنداسين ته جيئن عدم تشدد جي متعلق اسان جي جوابداري قومي قانون هيٺ اچي وڃي ۽ اسان پريشان دماغ دوستن جي پريشان ڪندڙ حرڪتن کان بچي وڃون. مگر اسان ڪانگريس جي ڪنهن به پارٽيءَ سان عملي حصي ۾ شرڪت ڪانه ڪنداسين. (۲) اسان جو محبوب مشغله امام ولي الله جي تعليم جي اشاعت جو هوندو. اسان علم وارن مان اعليٰ طبقه کي ان ڏانهن متوجه ڪندا رهنداسين جنهن ۾ ديني عالم ۽ جديد تعليم يافته ٻئي مخاطب هوندا، جيڪڏهن ڪوبه غيرمسلم هندو يا عيسائي آزاد خيال وارو انهيءَ فلسفه جو مطالعو ڪرڻ پسند ڪندو ته اسان ان جي پوري امداد ڪنداسين. (۳) جڏهن به حالات سازگار ٿيا تڏهن اسان نيشنل ڪانگريس ۾ فلسفه امام ولي الله جي روشنيءَ ۾ پنهنجي هڪ مستقل پارٽي تيار ڪنداسين جيڪا عام تعليم ۽ اقتصاد جي مسئلن تي قائم هوندي. والله هو الموفق والمعين. منهنجا تجربا ۽ مشاهدا اهو ضروري نه آهي ته انسان جنهن شيءِ جي تمنا رکي، ان جو مقصد جيڪڏهن خواهش واري صورت ۾ ئي پورو ٿئي ته انهيءَ کي ڪامياب سمجهيو وڃي. ڪن وقتن ۾ اهڙيون حالتون به پيش اينديون آهن جو انسان ڪنهن ڳالهه ۾ پاڻ کي ناڪام سمجهندو آهي پر انهيءَ صورت ۾ به جيڪڏهن سندس محنت صحيح ۽ سوچيل سمجهيل پروگرام تي عمل ۾ آئي آهي ته اها ڪڏهن به ضايع نه ٿي وڃي، پر ان تجربي کي حاصل ڪري پوءِ آئنده ٻئي ڪنهن شئي ۾ اهو نقصان پورو ڪري سگهي ٿو ۽ اڳتي انهيءَ قسم جي غلطين کان بچڻ جي هڪ مستقل شڪتي پڻ پيدا ٿي وڃي ٿي جيڪا عظيم الشان نتيجا پيدا ڪري سگهي ٿي. مون پنهنجي زندگيءَ جي مختلف راهن تي ڇا ڇا حاصل ڪيو آهي. اڄ مختصر نموني ۾ ان جي واقفيت ڪرائڻ گهران ٿو. هت جيون جي سفر جي نتيجن جو سمورو ذڪر ڪرڻ منهنجو مقصد نه آهي البته ٿورا اهڙا واقعا ۽ فڪر بيان ڪنداسون جن ۾ هڪ خاص قسم جو سلسلو هوندو جو ايندڙ مسئلن جي حل ڪرڻ ۾ ڪجهه مدد ڏئي سگهندو. مون پنهنجي جيون جي سفر جون اٺ منزلون بڻايون آهن: (۱) گهر ۽ اسڪول جي زندگي (۲) ديني علم حاصل ڪرڻ ۽ ان جي تڪميل ڪرڻ (۳) عملي پروگرام جو تعين ۽ ان کي سوڀارو بڻائڻ جي ڪوشش (۴) ڪابل ۾ قيام (۵) ماسڪو ۾ قيام (۶) استنبول ۾ قيام (۷) مڪي شريف ۾ قيام (۸) وطن ڏانهن واپسي. پهرين منزل: گهر ۽ اسڪول ۾ ۱۲۸۹هه (۱۸۷۲ع) کان ۱۳۰۴هه (۱۸۸۷ع) تائين (۱) اسڪول جي شاگرديءَ جي زماني ۾ تحفة الهند ۽ تقويت الايمان جي لڳاتار مطالعي سان اسلام جي حقانيت جو يقين حاصل ٿي ويو. (۲) سمجهيم ته ڪنهن کي به اسلام جي صحيح تعليم جي ضرورت هجي ته ان کي قرآن ۽ حديث پڙهڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته قرآن ۽ حديث ۾ اصلي تعليم محفوظ آهي. (۳) عام مسلمانن ۾ هندن وانگر غلط رسمون رائج ٿي ويون آهن جن جو اسلام سان لاڳاپو ڪونه آهي. (۴) مولوي محمد لکويءَ جي ڪتابڙي ”احوال الاخرت“ جي پڙهڻ سان عمل ۽ همت ۾ تيزي ايندي وئي. ٻي منزل ديوبند ۽ سنڌ ۾: ۱۳۱۵هه (۱۸۹۷ع) تائين (۱) دارالعلوم ديوبند ۾ شروعاتي علم حاصل ڪرڻ (۲) حضرت مولانا شيخ الهند جي خدمت ۾ حديث ۽ فقهه جي تڪميل (۳) مولانا محمد قاسم رحه جي حڪمت عمليءَ جي واقفيت ۽ محبت (۴) سندس عملي طريقي کي پنهنجو مرڪزي فڪر بڻائڻ (۵) سنڌ ۾ علمي مطالعو ۽ تحقيق (۶) ڪتاب ”حجة الله البالغه“ تي پورو ڀروسو ڪرڻ ۽ ان جي برڪت سان اطمينان حاصل ٿيڻ (۷) ڪتابڙي ”الفوزالڪبير“ جي اصول تي قرآن عظيم تي غور ڪرڻ (۸) حجة الله البالغه جي بنياد تي هر هڪ سورة جي آيت ۾ لاڳاپو پيدا ڪرڻ. (۹) قرآن عظيم جو (اڳين) ”سمورن دينن کي ميٽي ڇڏڻ“ واري حڪمت جو راز کلي پوڻ. ٽين منزل: سنڌ، ديوبند ۽ دهليءَ ۾ ۱۳۳۳هه (۱۹۱۵ع) تائين (۱) حضرت مولانا محمد اسماعيل شهيد ؓ جي اصول تي ننڍين ننڍين جماعتن جي تياري (۲) حضرت مولانا شيخ الهند جي نظام تي جماعت جي اعليٰ فردن جي تياري (۳) سنڌ ۾ دارالرشاد جو بنياد رکڻ (۴) دارالعلوم ديوبند ۾ جمعيت الانصار جو سيڪريٽري ٿي رهڻ (۵) دهليءَ ۾ نظارت المعارف جو برپا ڪرڻ. چوٿين منزل ڪابل ۾ ۱۳۴۰هه (۱۹۲۲ع) تائين (۱) ڪابل ۾ امير حبيب الله جي درٻاري سوسائٽيءَ جو اعتماد حاصل ڪرڻ (۲) عملي سياست جي صحيح واقفيت حاصل ڪرڻ (۳) پوري يقين سان هڪ فڪري انقلاب پيدا ٿي ويو ته جيڪڏهن هن زماني جا مسلمان بادشاهه پنهنجون ڪمزوريون دور ڪري سگهندا ته انهن جي حڪومت جي طرز بهر صورت يورپين هوندي. دهليءَ وارو پراڻو نظام اڄ نه هلي سگهندو. (۴) امير حبيب الله خان هڪ سڌاري پسند ۽ وڏي ارادي وارو بادشاهه هيو. هن جنهن قسم جو انقلاب آڻڻ گهريو ٿي ان جو مون گهرو مطالعو ڪيو آهي. جيتري قدر مون سمجهيو آهي تنهن موجب سندس خيال ۾ يورپ جي نون اصولن تي فوجي طاقت پيدا ڪرڻ جي ضرورت هئي، ان کان بي پرواهي ڪرڻ ناممڪن هئي. انهيءَ ڪري امير حبيب الله يورپ جي پيرويءَ تي مجبور هو. (۵) امير حبيب الله خان جي حڪم يا مشوري سان مان انڊين نيشنل ڪانگريس ۾ شامل ٿي ويس. ڪابل ۾ انقلابي هندو (به) موجود هئا جن اسان کي ڪم ۾ شريڪ بڻائڻ گهريو. (۶) ڪابل جي تفصيلي حالتن سمجهڻ کان پوءِ مون کي خبر پئي ته ديوبندي نظام جيتريقدر هندوستاني مسلمان کي فائدو پهچايو آهي جنهن ڪري هنن پنهنجي مرڪزيت محفوظ ڪري ڇڏي آهي، تنهن کان وڌيڪ فائدا هن (ديوبندي) نظام افغانستان کي پهچايا آهن. افغاني حڪومت ۽ قبيلن جي سردارن ۾ اهڙا ماڻهو تمام ٿورا هوندا جن ديوبند کان فيض حاصل نه ڪيو هوندو. مگر اُهي پاڻ کي ديوبندي ظاهر نه ٿا ڪن. منهنجي آڏو ڪيترن ئي تجربن کان پوءِ جيڪي نتيجا سامهون آيا تن مان هي يقين پيدا ٿيو ته اسان جا نوجوان، ڪاليج ۾ پڙهيا هجن يا ديوبند ۾ هنن جو جيڪڏهن آزاد زندگيءَ جي پروگرام ۾ ڪنهن به ٻي قوم سان مقابلو ٿيندو ته هو ڪنهن به ٻي قوم کان پٺتي نه رهندا. هن ۾ مسلم قومون ۽ يورپين قومون ٻئي هڪ جهڙيون آهن. حقيقت ۾ انهيءَ تجربي منهنجي ذهنيت ۾ هندستانيت جو انقلاب پيدا ڪيو آهي. اڳتي هلي دولت عثمانيه جي شڪست سان اتحادِ اسلام جو مرڪز يا خلافت باقي نه رهي. انهيءَ ترڪن وانگر پنهنجي هندوستاني مرڪز تي اعتماد سيکاريو. (جيئن ترڪن دنيا جي مسلمانن کي ڇڏي پاڻ تي اعتماد ڪيو.) پنجين منزل ماسڪو ۾ ۱۳۴۱هه (۱۹۲۳ع) تائين (۱) انقلاب جي ڪاميابيءَ لاءِ پارٽي ڊڪٽيٽرشپ ضروري آهي. (۲) جنگ يا ٻئي ڪنهن حادثي جي ڪري جيڪڏهن حڪومت ڪمزور ٿي وڃي ته ان حالت ۾ ڪمزور جماعتن کي عوام جي کاڌي جي سوال جو بندوبست سڀ کان پهريائين پاڻ تي کڻڻ گهرجي. ايئن ڪرڻ سان اُها جماعت حڪومت تي قابض ٿي ويندي. (۳) جيڪڏهن هڪ ديندار جماعت، هڪ ظالم طاقت سان ظلم جي پٺڀرائي ڪندي ۽ ان جي مقابلي ۾ ٻي هڪ بي دينن جي جماعت عوام تان ظلم ختم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندي ته اها بي دينن واري ٽولي ديني جماعت تي غالب پئجي سگهي ٿي پر انهيءَ کي اسان بي دينيءَ جو غلبو نه ٿا سمجهون. ڇاڪاڻ جو امام ولي الله دهلويءَ جي اصول موجب پيٽ جي تنگي يا مالي مشڪلاتن واري ظلم جو ملڪ مان دور ڪرڻ سمورن آسماني دينن جو بنيادي مقصد آهي. (۴) ماسڪو جي سوسائٽي جي مطالعي کانپوءِ اسان امام ولي الله دهلويءَ کي سياست ۾ پنهنجو مستقل امام مڃون ٿا (۵) جيڪڏهن ڪنهن به انقلابي بي دين جماعت پاران اسلام تي حملو ٿئي ته اسان امام جي اصول جي پابنديءَ سان نوجوانن کي اسلام جي طرف کان پوري پوري مدافعت ڪرڻ جا طريقا سيکاري سگهون ٿا. ڇهين منزل: استنبول ۾ ۱۳۴۴هه (۱۹۲۷ع) تائين (۱) مون تي هيءَ حقيقت ظاهر ٿي ته هندوستاني مسلمان جي پٺتي رهجي وڃڻ جو اصلي سبب هي آهي ته هو حالتن کان ناواقف رکيا ويا آهن. مان ڏاڍو حيران ٿيس جڏهن ڏٺم ته دارالخلافه جو ننڍو وڏو ماڻهو يورپين زندگي گذاري رهيو آهي ۽ خليفة المسلمين ۽ سندس گهراڻو اٽڪل ٻن سؤ سالن کان يورپ جي مٿانهين سوسائٽيءَ جي رسمن ۽ عادتن جا پابند آهن، پر اسان جي ملڪ ۾ بهترين عالمن جو هڪ طبقو يورپين رهڻي ڪهڻيءَ کي اسلام جي ابتڙ سڏي رهيو آهي. (۲) هڪ اهڙي مسلم (ٿورائيءَ واري) قوم جيڪا غير مسلم اڪثريت جي گهيري ۾ آيل آهي تنهن جو پهريون فرض هي آهي ته: (الف) هن جو هر مرد ۽ عورت تعليم يافته هجي (ب) هن جو هر مرد يا عورت ڪانه ڪا فوجي خدمت ادا ڪرڻ جي مهارت پيدا ڪري. (ج) هو قوم جي غيرمسلمن سان گڏجي رهڻ لاءِ پنهنجي حال آهر هڪ قومي پروگرام ٺاهي. (۳) ڳوٺاڻن کي سندن مادري زبان ۾ تعليم ڏيڻ گهرجي. لکڻ جو طريقو جيستائين ممڪن ٿي سگهي اوترو سؤلو اختيار ڪرڻ گهرجي. اسان جي زماني ۾ رومن ڪيريڪٽر ۽ ٽائيپ رائيٽر جي مدد سان گهڻو ئي ڪجهه آسان ٿي ويو آهي. ان کي انٽرنيشنل پوزيشن حاصل آهي. انهيءَ ڪري ترڪن ان کي اختيار ڪيو. انور پاشا مرحوم فوجين جي جبري تعليم لاءِ لکڻ جو هڪ نئون طريقو ايجاد ڪيو هو. هڪ اهڙو واقعو پيش آيو جو اڻ آزمودگار منشين جي ٿوري غلطيءَ جي ڪري هڪ پوري فوج تباهه ٿي وئي. ان (واقعي) کان پوءِ ان (لکڻ جي نموني) کي ڇڏيو ويو. اسان هتي ويهي، سنڌ ۾ ترڪيءَ (جهڙن) سڌارن جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي: (الف) هن تعميري ڪم واسطي اسان ڊومينين اسٽيٽس جو پروگرام ٺاهيو آهي. (ب) سمورن مذهبي ۽ معاشي جهڳڙن کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان يورپين ازم کي آخري علاج ڪري مڃيو آهي. (ج) بيدينيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان يورپين ازم کي آخري علاج ڪري مڃيو آهي. (ج) بيدينيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان امام ولي الله جي فلسفي کي پنهنجي پارٽيءَ جو بنيادي اصول (ڪري) قبول ڪيو آهي. انڊين نيشنل ڪانگريس ۾ گانڌي ازم جي خلاف هيءُ پهريون ئي آواز آهي، ان کان پوءِ سوشلسٽ آهن. ستين منزل: مڪه معظمه ۾ ۱۳۵۶هه (۱۹۳۹ع) تائين (۱) سڀ کان پهريائين اسان مڪي معظمه ۾ حڪومت سان هڪ ڪانگريسيءَ جي حيثيت ۾ پنهنجو تعارف ڪرايو، جنهن جو اسان کي هيءُ فائدو ٿيو جو هندوستاني مسلمانن جي پاڻ ۾ مذهبي جهڳڙن ۾ اسان غيرجانبدار ليکجڻ ۾ آياسون نه ته مون لاءِ اُتي سخت مشڪلات پيدا ٿي پوي ها. (۲) حرم شريف ۾ مون امام ولي الله جي حڪمت پڙهائڻ شروع ڪئي جنهن ۾ چڱي درجي جا عالم شريڪ ٿيندا رهيا. خاص ڪري جاوي مسلمانن وڌيڪ دلچسپي ڏيکاري. (۳) مون امام ولي الله جي فلسفي جو اونهو اڀياس شروع ڪري ڏنو، سموري قرآن شريف جي تفسير تي نظرثاني ڪندو رهيس جنهن ڪري مون کي پنهنجا جهونا ساٿي به نه ٿا سڃاڻي سگهن. (۴) علامه موسيٰ جارالله آفنديءَ منهنجي تفسيري بيانن کي لکت ۾ آندو آهي، پر مان ان کان پوءِ به لڳاتار غور ڪندو رهيس، وقتاً فوقتاً عجيب عجيب حقيقتون ظاهر ٿينديون رهنديون آهن. افسوس اٿم جو منهنجن پراڻن ساٿين ۾ ڪوبه وڏي همت وارو ڪونه رهيو آهي جو منهنجي مطالعي ۽ ڄاڻ کي ٻڌي. اهڙيءَ ريت پنهنجي سياسي پروگرام ۾ جيڪو يورپ ۾ ڇپجي چڪو آهي ان ۾ به مان گهڻي اصلاح ڪري چڪو آهيان. (۵) مون کي ممڪن نظر نه آيو ته مان هندستان کان ٻاهر ويٺو رهان ۽ منهنجي خيالن کان فقط محدود ٽولي واقف ٿيندي رهي، تنهن ڪري جڏهن وطن واپس اچڻ جو موقعو مليو ته مان اُهي سموريون پابنديون پنهنجي فيصلي مطابق قبول ڪيون جيڪي گورنمينٽ طرفان مون کي پيش ڪيون ويون، اهڙيءَ ريت منهنجي واپسي آسان ٿي وئي. (۶) مون مڪي معظمه مان خط لکيو ته ڪانگريس کان ٻاهر رهي ڪو به سياسي ڪم نه ڪندس. سمجهو ته مسلم ليگ، جمعيت العلماء، احرار، خاڪسار وغيره تحريڪن کان واسطو ٽوڙي ڇڏيم. مان ڪانگريس اندر گانڌي پارٽي کي سرمائيداري ۽ برهمڻ ازم جو مجموعو سمجهان ٿو ۽ ماسڪو واري بي دين پروگرام کان فارع ٿي چڪو آهيان. انهيءَ ڪري ٻنهي پارٽين کي قبول نه ٿو ڪريان ۽ جڏهن ڪو موقعو مليو تڏهن پنهنجي مستقل پارٽي ٺاهيندس. اٺين منزل: وطن ۾ واپسي ۱۹۳۹ع ۾ ۷مارچ ۱۹۳۹ع تي ڪراچيءَ پهتس ۽ ۱۰ ڊسمبر ۱۹۳۹ع تي جمنانربدا سنڌ ساگر پارٽي (ٺاهڻ) جو اعلان ڪيم، اهو اُهو ئي پروگرام آهي جنهن جو خاڪو ترڪيءَ ۾ ٺاهيو هيم، نومبر ۱۹۴۰ع ۾ جامعه مليه (دهليءَ) ۾ شيخ الهند جي ياد ۾ بيت الحڪمت جي ڪوشش شروع ڪئي وئي، انهن ٻنهي تحريڪن جو تفصيلي پروگرام جدا ملي سگهندو. ۲۰ فيبروري ۱۹۴۲ هندي بيت الحڪمت قاسم العلوم لاهور مولانا عبيدالله سنڌي تاريخ ساز شخصيت عرفان ڪريم مغل مولانا محمود الحسن جي شفقت ۾ ڪيترائي عالم اڪابر دارالعلوم ديوبند مان فارغ ٿي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي ويا، انهن مان هڪ مولانا عبيدالله سنڌي پڻ هو. ۱۸۵۷ع جي انقلاب کانپوءِ هندوستان جي مسلمانن جي طاقت ٻن ڀاڱن ۾ ورهائجي وئي، هڪ جو مرڪز عليڳڙھ هو ۽ ٻئي جو مرڪز ديوبند ٿيو، عليڳڙھ مسلم ليگ پيدا ڪئي ۽ ديوبند جمعيت العلماءِ هند پيدا ڪئي. انهن عالمن اڪابرن پوري دنيا ۾ پنهنجي علم جي روشني جي ذريعي انقلاب جي باھ ٻاري ۽ شعور ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪئي، جن ۾ مولانا حسين احمد مدني، مولانا ابوالڪلام آزاد، مولانا عبدالحق، مولانا عبيدالله سنڌي شامل آهن. پنجاب جي علائقي چيانوالي، ضلعي سيالڪوٽ جي سک گهراڻي رامسنگ جي گهر ۾ ۱۰ مارچ ۱۸۷۲ع تي هڪ ٻار پيدا ٿيو، جنهن جو نالو بوٽا سنگھ رکيو ويو، سندس ڏاڏي جو نالو چسپتراءِ، ۽ سندس پڙڏاڏي جو نالو گلاب راءِ هو. سکن جي حڪومت جي دور ۾ گلاب راءِ پنهنجي ڳوٺ جو مختيارڪار هو. سندس خاندان جو اصلي پيشو سونارڪو هو پر ڪنهن وقت کان هڪ حصو سرڪاري نوڪريءَ ۾ لڳي ويو، ۽ انهن ۾ ڪيترا شاهوڪار وياج تي پيسو ڏيڻ جو ڌنڌو ڪندا هئا. بوٽا سنگھ جي ڄمڻ کان چار مهينا اڳ ئي وفات ڪري ويو هو، ٻن سالن کان پوءِ سندس ڏاڏو به گذاري ويو. جنهن بعد بوٽا سنگھ کي سندس والده پنهنجي يتيم ٻارڙن سميت پيڪن جي گهر ڄامپور ضلعي ڊيري غازي ۾ آئي. ننڍڙي بوٽاسنگهھ کي ڇهن سالن جي ڄمار ۾ اسڪول ۾ ويهاريو ويو. هي اسڪول ۾ ذهين ٻار ليکيو ويندو هيو. هن کي ڪتابن پڙھڻ سان ننڍي عمر ۾ شوق هيو. ان وقت پاڻ اٺين جماعت ۾ پڙهندو هو، ۱۸۸۴ع ۾ کيس هڪ دوست ڪتاب“تحفةالهند”نالي پڙھڻ لاءِ ڏنو، جيڪو هڪ نئين مسلمان ٿيل سک جو لکيل هيو. جيڪو اسلامي تعليمات تي لکيل هيو. هن ڪتاب ننڍڙي بوٽاسنگھه جي ذھن ۾ ولولو پيدا ڪري وڌو. اسلام جي توحيد پرستي کيس متاثر ڪيو ۽ وڌيڪ ڪتاب پڙھڻ لڳو. پنجاب مان نڪري سنڌ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڀرچونڊيءَ۾ حافظ محمد صديق سميجي جي هٿ تي بيعت قبول ڪري اسلام جي حلقي ۾ داخل ٿيو، سندس نالو ڪتاب جي مصنف جي نسبت سان عبيدالله رکيو ويو. سندس سنڌ ۾ ڪوئي مٽ مائٽ نه هيو، هن حافظ کي پنهنجو ابو سڏيو ۽ پنجابي قوميت جو چولو لاهي سنڌي قوميت جو پهراڻ بدن تي پهريو، سنڌ کي پنهنجي امڙ بڻايو. ان ڏينهن کانپوءِ تاريخ ۾ شخصيت نمودار ٿي جنهن کي اڄ پوري دنيا ۾ “مولانا عبدالله سنڌي”جي نالي سان سڄاتو وڃي ٿو. سال ۱۹۲۲ع ۾ پاڻ ماسڪو مان ٿيندو ترڪيءَ جي دوري تي ويو، روس جي دوري دوران ڪميونسٽ اڳواڻ لينن سان ملاقات جي حوالي سان ڪجھ مورخ لکن ٿا ته مولانا عبيدالله سنڌي سان ملاقات ٿي هئي ڪي مورخ لکن ٿا لينن بيمار هئڻ جي ڪري ملاقات نه ٿي سگهي. مولانا علم جو ڄاڻو، ذهين شخصيت جو مالڪ هو. روس جي حڪومت مولانا کي پنهنجو معزز مهمان ڪري ڄاتو، ۽ کين مطالعو ڪرڻ لاءِ هر قسم جي سهوليت ڪري ڏنائون، انهيءَ مطالعي جو نتيجو اهو ٿيو، جو مولانا جن پنهنجي مذهبي تحريڪ (جا امام شاھ ولي الله دهلويءَ جي فلسفي تي مبني آهي) کي هن زماني جي لادينيءَ جي حملي کان محفوظ رکڻ لاءِ تدبيرن سوچن ۾ ڪامياب ٿيا. جنهن بعد مولانا انگورا ويا. ترڪيءَ جي سفير ۽ ماسڪو جي وزارت خارجه- ٻنهي گڏجي مولانا لاءِ سفر جو رستو آسان ڪري ڏنو. برطانوي جاسوسن کي انهيءَ راز جي بلڪل خبر ڪانه هئي. مولانا جن ساندھ ٽي سال ترڪيءَ ۾ رهي، تحريڪ اتحاد اسلاميءَ جو تاريخي مطالعو ڪيو. حضرت مولانا يورپ مان ٿيندا مڪه معظمه پهتا، ۽ ساندھ ٻارهن سال مڪه معظمه ۾ رهيا پر حڪومت سان سندن ڪوبه تعلق ڪونه هو، نه وري مولانا جن ڪو سياست ۾ بهرو وٺندا هئا. مولانا جن فرمائيندا هئا ته ’اسان خانه ڪعبه ۾ اچي امن ورتو آهي‘. اتي مولانا صاحب جن ڀوپال جي رباط ۾ رهندا هئا، ۽ پنهنجي هميشه واري دستور موجب توڪل واري زندگي بسر ڪندا هئا. اسلامي دنيا جا ڪيترائي عالم ۽ هندستان جا انگريزي خواندا کانئن قرآن حڪيم جو درس وٺندا هئا. مڪي معظمه جي حرم جو پيش امام ۽ ٻيا علماء ڪرام، جي جامع ازهر جا فارغ التحصيل هوندا هئا، اهي به مولانا مرحوم وٽ قرآن حڪيم جو درس وٺندا هئا. روس جو عالم موسيٰ جارالله جڏهن مڪه معظمه ۾ آيو، ته مولانا جو درس ٻڌي گرويده ٿي پيو ۽ مولانا صاحب کان درس وٺندو رهيو. مولانا صاحب ترڪي جي دوري دوران ۱۹۲۴ع ۾ هڪ مقالو“سرواجيه پارٽي جو منشور”جي نالي سان لکي ڇپائي هندوسان موڪليو، هندوستان جي حڪوت ان جي داخلا تي پابندي لاڳو ڪئي. ان ۾ مولانا عبيدالله سنڌي لکيو ته:موجوده سرمائيداري نظام کي اسين رد ڪريون ٿا، پر ان جي بدران ڪوبه اهڙو نظام قبول نٿا ڪريون جنهن ۾ مذهب لاءِ بلڪل گنجائش نه هجي ۽ اهو ٿوري انفرادي ملڪيت جي اجازت نه ڏيندو هجي. ڇاڪاڻ ته اسان جي ملڪ جي ۷۲ سيڪڙو آبادي پراڻي زرعي سرشتي هيٺ زندگي گذاري ٿي، عوام ۾ مذهبي رسمون سندن معاشرت جو جزو بڻجي چڪيون آهن. جيڪڏهن انهن ڳالهين جو خيال نه ڪري ڪوبه پروگرام ٺاهيو ويو ته آزاديءَ جي تحريڪ گهڻو پوئتي ڌڪجي ويندي. اسان نئون اقتصادي ۽ سياسي نظام پيش ڪرڻ وقت پنهنجي پارٽيءَ جي ميمبرن لاءِ جيڪي آزاد هند جي نئين حڪومت ٺاهيندا. هي شرط لاڳو ڪيو ويو آهي ته هو پنهنجين ذاتي گهرجن ۽ خرچن کي ملڪ جي وچين هاري طبقي کان مٿي نه وڌائيندا. جيئن حڪومت ۾ سرمائيداريءَ جي ڪهڙي ريت به ٻيهر پيدا ٿيڻ جي گنجائش نه رهي ۽ اسان جي پارٽيءَ بابت هي شڪ نه ٿي سگهي ته ان جو پروگرام فقط پاڻ پالڻ آهي يا هڪ سياسي چال جي حيثيت رکي ٿو. جامعه مليه دهلي ۾“يادگار شيخ الهند”جو افتتاحي خطبي ۾ مولانا فرمايو ته:“اسان نظريا ته اُهي ئي مڃيون ٿا جيڪي امام ولي الله دهلويءَ کان وٺي شيخ الهند تائين اسان جن بزرگن مقرر ڪيا پر اڄوڪي انقلابي دور ۾ انهن عظيم مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پورگرام اسان يورپ کان سکڻ ضروري سمجهون ٿا. جيئن سڀني مشرقي ملڪن ۾ هڪ صديءَ کان ٿي رهيو آهي. جاپان، ترڪي ۽ گذريل جنگ کانپوءِ ايران، افغانستان ۽ سڀني عرب ملڪن ۾ آخر ۾ نيشنل ڪانگريس جا رهنما سڀ يورپ کان سکندا رهيا. تنهن ڪري اسان نوجوانن کي پنهنجي علمي نظرين سان گڏجي عملي تجربن سکڻ لاءِ کين يورپين بڻجڻ جي دعوت ڏيون ٿا. ” ڪانگريس جي ضلعي ڪاميٽي ڪانفرنس ۾ افتتاحي تقرير ڪندي مولانا چيو ته؛“مون ٻڌو آهي ته مسلم ليگ جو ڊڪٽيٽر مسٽر محمد علي جناح صاحب بالقابه سنڌي آهي. مان سندد خدمت ۾ آل انڊيا ليڊر جي حيثيت سان نه پر هڪ سنڌي لبرل جنٽيلمين جي حيثيت سان عرض ٿو ڪريان ته جيڪڏهن مون کي ساڻس ملڻ جو موقعو مليو ته مان کيس ٻه ڳالهيون ذهن نشين ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندس. کيس ڪرسي ڇڏي ڌرتيءَ تي ڇو ويهڻ گهرجي؟ فيڊريشن مان اسان جي مراد ڇا آهي؟ مان ڇو فيڊريشن کان سواءِ هندوستان جي ترقي جو ٻيو ڪوبه امڪان ڪونه ٿو سمجهان؟ افسوس آهي جو اسان جي نظر ۾ فيڊريشن کي نه ڪو ڪانگريس ٿي سمجهي ۽ نه ليگ. ڪانگريس کي قائل ڪرڻ لاءِ اسان کي تڪڙ آهي پر ليگ کي پنهنجو نقطه نظر سمجهائڻ اسان ضروري سمجهون ٿا. “ دارالعلوم ديوبند کان موٽي آيا ته مولانا ابوالحسن تاج محمود امروٽي وٽ پهتا، پهريان حافظ محمد صديق ڀرچونڊي وارن ڏانهن ويا جتي خبر پئين ته حافظ محمد صديق فوت ٿي ويو، جنهن بعد مولانا تاج محمد امروٽي وٽ آيا. مولانا ابوالحسن تاج محمود امروٽ کي خيال ڪيو ته مولانا جي شادي ڪرائجي، سو کين سکر ۾ اسلاميه اسڪول جي مولوي ماستر محمد عظيم خان يوسف زئي جي صاحبزاديءَ سان نڪاح ڪرايائون. مولانا جي والده کي به ان وقت گهرايو ويو. ان کان پوءِ سندن والده ساڻن گڏ رهي، ۽ پنهنجي اصلي سک مذهب تي محڪم هئي. مولانا عبيدالله سنڌي پيغام کي عام ڪرڻ جي لاءِ مولانا تاج محمد امروٽي سان گڏجي ماهوار رسالو“هدايت الاخوان”جاري ڪيو. حضرت امروٽي، مولانا جي مطالعي خاطر تمام وڏو ۽ ناياب ڪتبخانو گڏ ڪيو. مولانا جن نهايت ئي اطمينان سان مطالعو ڪندا رهيا، ۽ حضرت جن مولانا کي پنهنجي اولاد وانگر سمجهندا هئا. ڳوٺ پير جهنڊي ضلعي حيدرآباد ۾ راشدي طريقي جي پير صاحبن وٽ ديني علم جو بينظير ڪتبخانو هو. مولانا جن دوران مطالعي ۾ ڳوٺ پير جهنڊي واري پير صاحب ڏانهن به تمام گهڻو ايندا ويندا هئا. مولانا جي مطالعي جي اضافي ۾ ڪتبخاني جو وڏو دخل هو، ان سان گڏ حضرت مولانا جن پير رشيدالدين صاحب جي صحبت مان به مستفيد ٿيا، ۽ ذڪر ”اسماءَ الحسنيٰ”به انهن کان سکيا. هي بزرگ دعوت توحيد ۽ جهاد جو هڪ مجدد هو. حضرت مولانا جن پير ابوالتراب رشدالله صاحب العلم الرابع سان به علمي صحبتون ڪيون. هو صاحب علم حديث جو وڏو عالم ۽ صاحب تصنيف هو. ان کان سواءِ، قاضي فتح محمد نظاماڻي صاحب سان به علمي باري ۾ روح- رهاڻيون ڪيائون. قرآن شريف، حديث ۽ فقه جي تحقيق ۾، حضرت مولانا محمد قاسم صاحب رحه ديوبنديءَ کان ويندي امام شاھ ولي الله رحه دهلويءَ تائين جيڪي به وچ ۾ عالم ٿي گذريا، تن کي مولانا صاحب پنهنجو امام تسليم ڪيو. مولانا صاحب جن ۱۹۱۴ع ۾ دهليءَ ويا، جتي پاڻ ڊاڪٽر انصاري ۽ حڪيم اجمل خان سان گڏجي، ترڪيءَ کي بچائڻ ۽ هندستان کي آزاد ڪرڻ جي تحريڪ ۾ حصو ورتائون. هندستان جو پهريون وزيراعظم جواهر لال نهرو غلاميءَ جي زماني ۾ شايد اٽليءَ ۾ امام سنڌيءَ کي مليو، ان جو ذڪر نهروءَ پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو ته آهي پر ملاقات جو موضوع ۽ تفصيل ڪو نه لکيو اٿس صرف هي لکيو اٿس ته سنڌي صاحب وٽ هر مشڪل مسئلن جو وڏو حل موجود هو. امام سنڌي جڏهن جلاوطني ختم ڪري هندستان واپس موٽڻ لاءِ سعودي حڪومت ۾ برطانيه جي جدي واري قونصل خاني کان ويزا جو مطالبو ڪيو ته قونصلر مولانا جو اهو مطالبو لنڊن موڪليو، انهن لکيو ته هن شرط سان کيس ويزا ڏني وڃي ته هندستان ۾ وڃي ڪو به سياسي عمل نه ڪندو ۽ ان لاءِ ڪو اتان جو ماڻهو بطور ضامن جي به ڏئي ته مولانا اهو شرط قبول ڪيو ۽ ضمانت لاءِ شهيد الله بخش سومرو وزيراعظم سنڌ کي پيش ڪيو. امام سنڌيءَ ڪنفيڊريشن قسم جي صوبائي خودمختياري واري منشور سان نئين پارٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو جنهن کي هو گهڻو هلائي نه سگهيو. ۷ مارچ ۱۹۳۹ع ۾ ۲۳ سالن جي جلاوطني کان واپس اچي ڪراچيءَ پهتو مولانا تان بندش ختم ٿي. ڪراچي بندر تي لٿو سندس استقبال ۾ سنڌ جو وزير اعلى خانبهادر الله بخش سومرو مرحوم گلن جا هار کنيو موجود هو. ۲۳ ورهين جو وڇوڙو ختم ٿيو. وطن واپسي تي ڪراچي ۾ هڪ تاريخي تقرير ڪندي چيو ته:“آءُ انقلاب جو پيغامبر بڻجي هندوستان موٽيو آهيان، اُهو ڏينهن پري ناهي جو برطانيه ۽ آمريڪا وارن کي پاڻ سنڀارڻ مشڪل ٿي پوندو. هن انقلاب کي قيامت کان گهٽ نه سمجهو، مون وڏن وڏن عالمن ۽ وڏن وڏن اميرن کي پنندي ڏٺو آهي، عڳزتن کي لٽجندي ڏٺو اٿم، هي سيلاب ڪو موسمي ڇوپهو ناهي جو آيو ۽ ويو، هي موجوده دور جي تاريخي گهرجن جو قدرتي نتيجو آهي قرآن حق آهي، انجيل حق آهي، تورات حق آهي، جيڪڏهن انجيل کي غلط رنگ ۾ پيش ڪرڻ سان نصارو ڪافر ٿي سگهي ٿو ته هن ملڪ جا مسلمان قرآن پاڪ کي غلط رنگ ۾ پيش ڪرڻ سان ڪيئن ٿا مسلمان رهي سگهن. هاڻي انقلاب جي گحڙي مٿان اچي بيٺي آهي پاڻ سنڀاريو نه ته ميسارجي ويندو. جيڪڏهن زندھ رهڻ گهرو ٿا ته اهڙي فلسفي کي قبول ڪيو، جنهن سان خدا تي ايمان به رهي ۽ غريبن جو ڀلو به ٿئي، جنهن جي ترجماني امام ولي الله دهلوي ڪئي آهي. جڏهن انقلاب غريب جي جهوپڙي کان اٿندو آهي ته اهو اميرن جي محلاتن کي به زمين ۾ ملائي ڇڏيندو آهي، جيڪڏهن اوهان انقلابي بڻجڻ گهرو ٿا ته قرآن ۽ سنت جي طريقي سان انقلابي بڻجو. جيڪڏهن مان مري وڃان ۽ منهنجي مرڻ کانپوءِ ٽن سالن تائين انگريز هندستان مان نه نڪري وڃي ته منهنجي قبر تي اچي چئجو ته انگريز هتي اڃا ويٺو آهي. آءُ توهان کي قبر کان جواب ڏيندس ته مون انگريز جي پاڙ بنياد کان ئي اکيڙي ڇڏي آهي. هنيئر هو هندستان ۾ نه ٿو رهي سگهي ۽ جلد اوهان مون کي ياد ڪندو، آءُ پنهنجي معاملي کي الله جي حوالي ڪيان ٿو. ” وطن واپسيءَ بعد، شاھ ولي الله جي فلسفي جي تشريح ۽ هدايت ڪندو رهيو. ان- فلسفي جي تدريس لاءِ “بيت الحڪمت‘ قائم ڪيائين، “بيت الحڪمت لاهور ۱۹۴۰ع ۾ قائم ٿيو ۽ ۱۵ مارچ ۱۹۴۴ع تي شاھ ولي الله جي فلسفي جي اشاعت- لاءِ “ولي -الله- سوسائٽي لاهور” جو بنياد وڌائين. جلاوطني ختم ڪرڻ کانپوءِ مولانا مسلسل جدوجهد ۾ رهيو، مولانا صاحب جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽي، محمد قاسم ولي الله سوسائٽي، سنڌ ساگر اڪيڊمي، سنڌ ساگر انسٽيٽيوٽ قائم ڪئي. مولانا سنڌي جي ڪتابن ۾“التمهيد في ائمة التجديد“، “شاھ ولي الله ۽ ان جي سياسي تحريڪ”، “شاھ ولي الله- ۽ ان جو فلسفئه محموديه”، “خطبات”، “اردو- شرح حجة الله البالغه ”جلد اول، “مبحث اول و دوئم”، “سلسله تفسير- قرآن” شامل آهن ان کان علاوھ اڪثر مقالا پڻ لکيا. مولانا عبيدالله سنڌي کان انگريز سرڪار ڊنل هئي، جنهن ڪري کيس ڳجهي نموني زهر ڏياريو ويو جنهن جا اثر سندس جسم تي ظاهر ٿيا ۽ رت جون الٽيون اچڻ لڳيون، ۲۲ آگسٽ ۱۹۴۴ع تي پنهنجي ڌيءَ وٽ دينپور تعلقي خانپور(رحيم يار خان) ۾ سندس ساھ جو سڳو ٽٽي پيو، سندس مرڻ کي انگريز قبول نه پئي ڪيو، هڪ ٽيم موڪليائين ته ڏسي اچو ساڳيو شخص ئي پوريو ويو آهي يا هي ٻيو ڪوئي ماڻهو اسان کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ ماريو ويو آهي، ان ڪميٽي رپورٽ ڏني ته واقعي مولانا وفات ڪري ويو آهي، تڏھن وڃي انگريز کي سرير ۾ ساھ پيو هيو. (ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۰ مارچ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل) مولانا عبيدالله سنڌي، سائين عبدالوارث دَل ۽ نياڻين جي تعليم الطاف شيخ منهنجو والد صاحب گل محمد شيخ هڪ عجيب فقير طبيعت جو انسان هو. هو اسان جي ڏاڏي جو اڪيلو پٽ هو... زندگي جا شروع وارا سال هو ڪپڙي پوشاڪ جو شوقين رهيو.... اعليٰ عطر استعمال ڪندو هو، نيرن بعد اوچو سگريٽ وڏي شوق سان ڇڪيندو هو.... پوءِ آمريڪا جي ڪارنيل يونيورسٽي (نيو يارڪ) مان ائگريڪلچر ۾ M. Sc ڪرڻ بعد وڌيڪَ مغربي تهذيب کي فالو ڪرڻ بدران هن مذهبي رخ اختيار ڪيو ۽ بيحد سادگي جي زندگي اختيار ڪئي.... ايتري قدر جو هن ان وقت کان جو کاڌي (هٿ جي اوڄي) جا ڪپڙا پائڻ شروع ڪيا ته ڊپٽي ڪمشنر ٿيڻ جي باوجود هن اها ڊريس قائم رکي. پنهنجي گاڏي نه فقط پاڻ هلائيندو هو پر اسان پٽن سان گڏجي ان کي صاف به پاڻ ڪندو هو. نيڪ ۽ قابل ماڻهن جي هن هميشھ عزت ۽ احترام ڪيو ٿي پوءِ اهي ماڻهو سندس ڪلاس ميٽ سيد غلام مصطفيٰ شاھ ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جهڙا هجن يا اسان جي ٻنيءَ جا غريب هاري الھ رکيو ۽ خانڻن ابڙيجو جهڙا. آچر واري موڪل تي نوڪري تان جڏهن ڳوٺ ايندو هو ته هو پنهنجي ٻني (زمين) تي اسانکي به وٺي هلندو هو..... چوندو هو ته زميندار کي ٻنيءَ تي گهڻي کان گهڻو وقت گذارڻ کپي.... ٻنيءَ لاءِ سڀ کان سٺو ڀاڻ زميندار جي جتيءَ جي دز آهي.... بهرحال اسان لاءِ انهن ڏينهن ۾ ڪار جو چڪر اهم هوندو هو..... پنجين ڪلاس کان وٺي مون ٻنيءَ تي وڃڻ شروع ڪيو هو. ’گل فارم‘ نالي اسانجيون زمينون ۽ باغ هالا ۽ سعيد آباد جي وچ ۾ پڪي رستي تي “ٻاروچي باغ” ڳوٺ کان ميل کن اڳتي “ونجھيرين” جي بس اسٽاپ وٽ آهي. ٻنيءَ جي چڪر بعد بابو اڪثر ڀر وارن ڳوٺن جي وڏيرن، عالمن، ڏاهن ۽ بزرگ شخصيتن سان پاڻ به ملندو هو ۽ اسان پٽن کي به ملائيندو هو. سعيد آباد ڀرسان “ڳوٺ پير جھنڊو” ۾ رهندڙ راشدي پيرن وٽ به ترسندو هو جتي منهنجي ملاقات موجوده گادي نشين پير جھندو سائين عباد الله شاھ جي والد صاحب “پير وهب الله شاھ راشدي” سان ٿي هئي جيڪو منهنجي والد جو هم عمر هو.... اهڙي طرح ڀر وارن ٻين ڳوٺن: شهمير راهو، صابُو راهو، بکر جمالي (جتي جو اڄ ڪلھ وارو اي آئي جي پوليس جمالي صاحب آهي)، وغيره جي ڳوٺن جي ڪن ڪن اهم ۽ والد صاحب جي پسنديده ماڻهن سان ٿيندڙ ملاقاتون اڄ به ياد اٿم. انهن ڏينهن ۾ نه مون وٽ ۽ نه منهنجي والد وٽ ڪئميرا هُئي جو کڻي فوٽو ڪڍجن. ابراهيم منشي نالي بابا جو هڪ دوست جيڪو ٻيلي کاتي جو آفيسر هو، مون فقط ان وٽ ڪئميرا ڏٺي جيڪو اسانجي هالا واري اوطاق تي ايندو هو ته اسان ٻارن جا فوٽو ڪڍندو هو. بهرحال بابا جي ڏينهن وارا من پسند ماڻهو اڄ منهنجي پيءُ وانگر هن جهان ۾ نه رهيا آهن پر انهن جي اولاد سان اڄ به ملاقات ٿيندي رهي ٿي. هتي فقط هڪ، بابا جهڙي سادي طبيعت ۽ نيڪ اخلاق واري انسان مولانا عبدالوارث دَل جو ذڪر ڪرڻ چاهيندس جنهن جي بابا تمام گهڻي تعريف ڪندو هو. آئون به اڄ ڏينهن تائين اهڙن کي نه فقط اهم ۽ نيڪ انسان سمجھان ٿو.... بلڪ عظيم سمجھان ٿو ۽ اهو ئي سوچيان ٿو ته هن جهڙن ماڻهن کي جَسُ هُجي جن گهٽ پگهار ۽ وڏي عيال هوندي به پنهنجن ٻارن کي اعليٰ تعليم جهڙو زيور ۽ اخلاق ڏنو. مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي وانگر سعيد آباد جي هن ماستر عبدالوارث دَل صاحب پنهنجن پٽن سان گڏ نياڻين کي به پڙهايو. هو مولانا عبيدالله سنڌي جو وڏو معتقد هو جنهن جڏهن کيس چيو ته ٻارن کي انگريزي پڙهائڻ ضروري آهي ته هن نه فقط سڀني ٻارن کي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي اعليٰ تعليم ڏياري پر وڏن ٻن ٻارن (نياڻين) کي تعليم ڏيارڻ بعد گهر ۾ ڇوڪرين جو اسڪول هلائڻ لاءِ پڻ چيو. هو هڪ عجيب نيڪ انسان هو جنهن کي مون شروع جي سالن بعدوري سندس زندگي جي آخري سالن ۾ ڏٺو جڏهن سالن جا سال جهاز هلائي، ولايت ۾ نوڪريون ڪري پنهنجي وطن جي مئرين اڪيڊمي ۾ پڙهائڻ آيس ۽ منهنجي رٽائرمينٽ ۾ يعني سٺ سال پورا ٿيڻ ۾ باقي ڪو هڪ سال وڃي بچيو هو. سائين عبدالوارث دَل صاحب هميشه وانگر مولانا عبيدالله سنڌي صاحب جي ڪيل قرآني تفسيرن ۽ ٻين ديني ڪتاب جا بنڊل مٿي تي رکي دڪانن ۽ گهرن ۾ ماڻهن تائين پهچايا ٿي.... هي ڪو هن ڪمائيءَ لاءِ نٿي ڪيو پر بقول اسانجي ڪتابن جي پبلشر علينواز گهانگهري ۽ سنڌ يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر يوسف پرديسيءَ جي ماستر عبدالوارث دَل صاحب جو اهو جهاد يعني (Mission) مِشن هئي.... هو پاڻ به عالم، نيڪ ۽ قرآن جي تعليم جو ڄاڻو هو ۽ هن جي زندگيءَ جي خواهش به اها ئي هئي ته گهر گهر ۾ قرآن جو علم پهچايو وڃي گهر گهر ۾ ديني تعليم عام ڪئي وڃي. هتي ڪجھ سٽون مولانا عبيد الله سنڌيءَ بابت لکڻ ضروري سمجھان ٿو جيئن اڄ جي نوجوانن کي اها ڄاڻ رهي ته هن سنڌي نه هجڻ جي باوجود سنڌ سان واسطو رکيو... هو ڪنهن پير، شاھ، گادي نشين جو ڪو فرزند نه هو جو ماڻهن سندس وڏن ڪري هن جوادب، عزت ۽ فرمانبرداري ڪئي ٿي.... هو ته رام سنگھ زرگر نالي هڪ سک جو پٽ هو جنهن اسلام قبول ڪري ديني تعليم حاصل ڪئي ۽ اسلام جو پيغام ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچايو...... دهلي، لکنؤ، بڙودا کان افغانستان روس تائين... ۽ هن پنهنجي زندگيءَ جو چڱو حصو ماستر عبدالوارث دَل جي ڳوٺ “سعيد آباد” ۾ پڻ گذاريو جتي پير جھنڊو ڳوٺ ۾ “دارلارشاد” نالي مدرسي جي خذمت ڪئي.... اسان جي حڪومتن جي ڪاهلي آهي نه ته هي مدرسو اڄ قاهري ۽ ڪولالمپور جهڙي اسلامي يونيورسٽي هجي ها. مولانا عبيدالله سنڌي سيالڪوٽ جي اُپل کتري سک فئملي ۾ ۱۰ مارچ ۱۸۷۲ع تي رام سنگھ جي گهر ۾ ڄائو. سندس ڄمڻ کان ۴ مهينا اڳ سندس والد گذاري ويو. ڏاڏي ۽ پوءِ ناني کيس نپائي وڏو ڪيو. اسڪول ۾ هو ته هن کي “تفت الهند” نالي هڪ ڪتاب ڪنهن هندو دوست پڙهڻ لاءِ ڏنو. اهو ڪتاب هندو مان مسلمان ٿيل هڪ اسڪالر “مولانا عبيدالله مالرڪوٽلا” جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۽ ان بعد ڪجھ ٻين.... جهڙوڪ “تقويت الايمان” ۽ “احوال الآخرين” مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي ذهن تي وڏو اثر ڇڏيو ۽ پنڌرهن ورهين جي ڄمار ۾ سن ۱۸۸۷ع ۾ هو مسلمان ٿيو. ان ئي سال هو سيالڪوٽ کان سنڌ آيو جتي حافظ محمد صديق ڀَرچونڊيءَ جو شاگرد ٿي رهيو...... ان بعد دين پور ۾ مولانا غلام محمد کان ديني تعليم حاصل ڪئي ۽ پوءِ “دار العلوم ديوبند” ۾ داخلا ورتي جتي فقه، حديث، تفسير ۽ ٻين مذهبي مضمونن جي تعليم ورتي. ۱۸۹۱ع ۾ اتان گرئجوئيٽ ٿيڻ بعد هو سڌو سکر آيو جتي امروٽ شريف ۾ مولانا محمد صديق ڀرچونڊي جي نظر هيٺ.... ۽ ان جي وفات بعد مولانا تاج محمد امروٽي سان گڏ ٻارن کي پڙهائڻ لڳو.... ۱۹۰۱ع ۾ شاديءَ بعد مولانا عبيدالله سنڌي سعيد آباد جي پير جھنڊو ڳوٺ ۾ آيو جتي هن دارلارشاد نالي مدرسو قائم ڪيو ۽ لڳاتار ست سال رهيو. ان بعد هو وري ديوبند هليو ويو. ان بعد هن حڪيم اجمل خان ۽ ڊاڪٽر انصاريءَ سان گڏ دهليءَ ۾ پڻ ڪم ڪيو. پوءِ ڪيترا سال هو ترڪي، روس، افغانستان ۽ ٻين ملڪن ۾ اسلام جي تبليغ ڪندو رهيو ۽ “تحريڪ ريشمي رومال” ۾ به حصو ورتو. مولانا صاحب هڪ عرصو مديني ۾ به رهيو ۽ وچ وچ ۾ سنڌ جي شهرن: سکر، سعيد آباد ۽ ٻين ۾ به ايندو رهيو.... هي اهو دور هو جڏهن مولانا عبدالوارث جوان هو ۽ عبيدالله سنڌيءَ جو معتقد هجڻ ڪري هن سان ملندو رهيو ٿي. مولانا عبيدالله سنڌيءَ ۱۹۴۴ع ۾ وفات کان اڳ ماستر عبدالوارث دَل کي اها تلقين ڪئي ته هو ٻارن کي انگريزي پڙهائي ۽ اها ڳالھ پڻ ذهن نشين ڪرائي ته مسلمانن لاءِ دين سان گڏ جديد سائنسي علم حاصل ڪرڻ پڻ ضروري آهي. مٿي لکي آيو آهيان ته ماستر عبدالوارث دَل صاحب منهنجي پيءُ جو هم عمر هو ۽ سندن وڏي نياڻي ٻار منهنجي عمر جي لڳ ڀڳ هوندي. هي اهو زمانو هو جڏهن ماستر عبدالوارث جي ڳوٺ “خدا بخش دَل” (سعيد آباد کان ۱۵ ڪلوميٽر) ۾ ته ڇوڪرين جو هاءِ اسڪول نه هو پر سعيد آباد يا هالا ۾ به نه هو.... سنڌي مسلمانن ۾ ان وقت به تعليم حاصل ڪرڻ جي ايڏي سجاڳي نه هئي جو ڇوڪريون ته ڇا ڪيترن گهرن جا ڇوڪرا به وڌيڪَ تعليم حاصل ڪرڻ ۾ نه دلچسپي وٺندا هئا ۽ نه ضرورت محسوس ڪندا هئا. جن ڏينهن ۾ آئون هالا جي هاءِ اسڪول ۾ آيس ته ان سال اسانجي شهر جي پوسٽ آفيس جي پنجابي پوسٽ ماسٽر جي ڌيءَ پهريون ٻار هو جنهن اسان جي يعني ڇوڪرن جي اسڪول ۾ داخلا ورتي. اسان جي شهر جي سنڌي سرڪاري ڪامورن توڙي سکين ستابن جون نياڻيون به انگريزي نه پڙهنديون هيون... پڙهن به ڇا جڏهن ته ان وقت نه اسان جي شهر هالا ۾ گرلس اسڪول هئو ۽ نه وري اڄ واري ضلعي شهر مٽياريءَ ۾. حيدرآباد شهر ۾ البت هئا جيڪي هندستان جي ورهاڱي کان گهڻو اڳ انگريزن جي ڏينهن ۾ انگريزن ۽ سنڌي هندن ٺهرايا هئا. اڄ اهو ٿو سوچجي ته سائين عبدالوارث دَل صاحب کي شاباس هجي جنهن مولوي ٿي ڪري پنهنجي سڀني ٻارن خاص ڪري نياڻين کي به انگريزي پڙهائي. جيتوڻيڪ هو فقط هڪ گهٽ پگهار وارو ماستر ماڻهو هو.... ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جو نه پر هڪ هاريءَ جو پٽ هو..... پاڻ سائين عبدالوارث توڙي هن جو اولاد پنهنجي ڏاڏي محمد صالح دَل لاءِ اهو ٻڌائيندي عار نه محسوس ڪندا آهن ته هو هڪ ڪڙمي هو جنهن زمين ٽڪرو پاڻ ئي کيڙيو ٿي ۽ پاڻ ئي پوکيو ٿي. ماستر عبدالوارث دَل کي ڇھ نياڻين بعد ٽي پٽ ٿيا. هن جي وڏين نياڻين: حسن بانو ۽ ذوليخا جيئن ئي سعيد آباد مان پرائمري تعليم مڪمل ڪئي ته هن کين حيدرآباد جي ميران اسڪول ۾ داخل ڪرايو ۽ اتي ئي هاسٽل ۾ رکيو.... اهڙي طرح ٻين نياڻين کي پڻ. ميران اسڪول بعد هنن مڙني حيدرآباد جي زبيده گرلس ڪاليج ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان تعليم حاصل ڪئي. وچ ۾ پئسي جي تنگي ڪري وڏين ٻن ڌيئن کي ڪجھ عرصي لاءِ پڙهائي ڇڏرائي ماستري به ڪرائي ۽ پاڻ به رٽائرمينٽ کانپوءِ مولانا عبيد الله سنڌي جي تفسير جا جُلد ۽ ٻيا اسلامي ڪتاب ڇپرائي وڪڻڻ لڳو. پاڻ ڪڏهن ڪڏهن سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس ۾ پروفيسر يوسف پرديسي جي گهر اچي رهندو هو. انهن ڏينهن ۾ پرديسي صاحب ليڪچرار هو. هي مضمون لکڻ دوران پرديسيءَ کان پڇڻ تي هن مولانا عبدالوارث کي ياد ڪندي چيو ته هو ڇا ته نيڪ ۽ ايماندار ماڻهو هو. “الطاف! مون مولانا عبدالوارث دَل جهڙو محنتي ماڻهو زندگي ۾ نه ڏٺو. ” پرديسي جهڙي شخص کان، جيڪو پاڻ به ’سيلف ميڊ‘ ۽ ’هارڊ ورڪنگ‘ ماڻهو سڏيو وڃي ٿو... ٻئي لاءِ اهڙا رمارڪ ٻڌڻ وڏي ڳالھ آهي.... هن چيو ته: “اڄ به سائين عبدالوارث جن هن جي اکين اڳيان ڦري رهيا آهن. هو مٿي تي پٽڪو ٻڌندا هئا، ان مٿان ڪتابن جي وڏي هڙ رکي مختلف آفيسن ۽ دڪانن تي ماڻهن وٽ هلي ويندا هئا. پوءِ ڪي کيس ڪتابن جي قيمت ڏيندا هئا ته ڪن وٽ پئسو نه هوندو هو ته ماستر صاحب کين مفت ۾ ئي ڪتاب ڏئي ڇڏيندو هو. ” سائين عبدالوارث سن ۱۹۲۲ع ۾ ڳوٺ “خدا بخش دَل” ۾ جنم ورتو. سنڌي فائنل پڙهي هو باگراڻي ڳوٺ ۾ ماستر ٿيو. کين ٻه ڀائر هئا: مٺا خان جيڪو سعيد آباد ۾ درزي هو ۽ ٻيو محمد هاشم جنهن کي شهدادپور ۾ ڪپڙي جو دڪان هوندو هو. سائين عبدالوارث جا مڙئي ٻار ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ پروفيسر ٿيا. سندن پهرين ٻار حسن بانوءَ پوليـٽيڪل سائنس ۾ ماسٽرس ڪئي ۽ ٽيچنگ ۾ رهي ۽ ٻيو نمبر ڌيءَ پروفيسر ذواليخا ڪيمسٽري سبجيڪٽ ۾ M. Sc ڪري سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ئي پڙهايو. ٽيون نمبر خيرالنساءِ بئنڪنگ ۾ آهي ۽ اڄ ڪلھ شايد حيدرآباد ۾ ائگريڪلچر بئنڪ جي مئنيجر ۽ ائڊيشنل ڊائريڪٽر آهي. ان بعد ڊاڪٽر رضيه سلطانا حيدرآباد جي مينٽل اسپتال جي انچارج ميڊيڪل آفيسر آهي ۽ پنجون نمبر ڌيءَ جنهن فارميسي سبجيڪٽ ۾ ايم فل ڪئي آهي اها مهراڻ يونيورسٽي ۾ نوڪري ڪري ٿي. کين هڪ ٻي به ڀيڻ هئي جيڪا ننڍي هوندي گذاري وئي. پوليس ڊپارٽمينٽ جو ڊي آءِ جي ولي الله دَل ڇهن ڀيڻن بعد انهن جو ڀاءُ آهي جنهن بعد حماد الله دل آهي جنهن ڪمپيوٽر انجنيئرنگ ۾ B. E ڪئي آهي ۽ آخري ٻار عبدالقادر دَل جيڪو ايريگيشن ڊپارٽمينٽ ۾ آهي ان مهراڻ يونيورسٽيءَ مان سِول ۾ بي اي ڪئي هئي. هڪ ڳالھ آهي ته غربت ۾ رهي ڪري هر ٻار خوب محنت ڪئي ۽ پڙهائيءَ ۾ نالو روشن ڪيو. عبيدالله سنڌي اچو ته اڄ کيس ياد ڪريون شاھد جتوئي “اچو ته شيڪسپيئر جي ناخوش بادشاهه کان انڪار ڪندي گڏجي ويهون ۽ اعليٰ ۽ عظيم مردن ۽ عورتن جون ڪهاڻيون ٻُڌايون.” اها ڳالهه نامياري آمريڪي ڏاهي “ول ڊيورانٽ” پنهنجي ڪتاب “سورمن جي تاريخ” ۾ هڪ جاءِ تي لکي آهي. ول ڊيورانٽ جي ان ڳالهه جو مطلب اهو آهي ته، جڏهن ڪو ننڍا ۽ بندرا ماڻهو عظمت ۽ وڏائيءَ جا دعويدار ٿين ٿا ته، فڪري بحران پيدا ٿي ويندو آهي، ان بحران مان نڪرڻ لاءِ انهن ماڻهن جو ذڪر ڪرڻ گهرجي، جن جي عظمت کي تاريخ ۽ وقت تسليم ڪيو هُجي. اڄ اهڙي ئي عظيم شخصيت جو ذڪر ڪريان ٿو، جنهن جو جنم ڏهاڙو ۱۰ مارچ تي ملهايو وڃي ٿو. اُها شخصيت آهي مولانا عبيد الله سنڌي، جيڪو آزادي جي تحريڪ جو اڳواڻ ۽ ريشمي رومال تحريڪ جو باني هو. هُو “امام سنڌي” جي نالي سان مشهور آهي. مولانا عبيد الله سنڌي ۱۰ مارچ ۱۸۷۲ع تي سيالڪوٽ جي ڳوٺ چلان والي جي هڪ غريب سک کتري خاندان ۾ پيدا ٿيو. سندس پيدائش کان چار مهينا اڳ ئي ان جو والد بوٽا سنگهه اپل گذاري ويو. سندس پرورش سندن ڏاڏي ڪئي. ڏاڏي جي انتقال کان پوءِ هُو پنهنجي چاچي وٽ سرائڪي وسيب جي موجوده ضلعي راجنپور جي وسندي ڪوٽلا مغلان منتقل ٿي ويو، جيڪا وسندي ڄامپور جي ويجهو آهي. کيس هڪ هندو دوست “تحفته الهند” نالي ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏنو. اهو ڪتاب ملير ڪوٽلا جي هڪ نئين مسلمان ٿيل ديني عالم مولانا عبيد الله لکيو، جيڪو مولانا سنڌيءَ جو همنام هو. اهو ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ مولانا سنڌي کي اسلام سان دلچسپي پيدا ٿي ۽ هُن ٻين ڪتابن جو به اڀياس شروع ڪيو. صرف پندرنهن سالن جي عمر ۾ هُو مسلمان ٿي ويو، ان کانپوءِ علم جي تلاش جو سفر شروع ٿيو. ان کانپوءِ هُو ڀرچونڊي شريف، دينپور شريف کان ٿيندو، ديوبند تائين پهتو. ديوبند سان گڏوگڏ اُن جو امروٽ شريف ۽ دين پور شريف سان گهرو تعلق رهيو. مولانا سنڌي علم حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ آزاديءَ جي تحريڪ جو به سرگرم ڪارڪن بڻجي ويو. هن ريشمي رومال تحريڪ پڻ شروع ڪئي، جنهن جو مقصد اهو هو ته هندوستان ۾ آزاديءَ جي تحريڪ کي ڳُجهي نموني منظم ڪيو وڃي، هن هندوستان جي آزاديءَ لاءِ افغانستان، ترڪي، ايران، روس، جرمني، سعودي عرب ۽ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا دورا ڪيا ۽ اتي جي حڪمرانن ۽ ٻين حلقن جي هندوستان جي آزاديءَ جي تحريڪ لاءِ حمايت حاصل ڪئي. هُن سياسي، مذهبي موضوعن تي ڪئين درجن مقالا لکيا، تن ۾ نئين دور جي هر سوال جو جواب موجود آهي. توڙي جو امام سنڌي ديوبندي مڪتبه فڪر سان واسطو رکندڙ مذهبي شخص هو پر ان جو سياسي ۽ مذهبي فڪر مسلڪ ۽ مذهب جي قيد ۾ نه آيو. هُو سچو آزادي پسند ۽ سامراج دُشمن هو. هُو مٽيءَ سان محبت ڪندڙ شخص هو. سندس فڪر مان مٽيءَ جي سُڳنڌ اچي ٿي. هُو مذهب، فرقي، زبان، نسل ۽ علائقي جي بنياد تي انسانن جي ورڇ جي خلاف هو. اُن جو سياسي شعور تمام گهڻو بلند هو، ديوبند ۾ رهندي هُو ڪُجهه عرصي لاءِ ته هندوستان ۾ “اسلامي انقلاب” برپا ڪرڻ جو حامي رهيو. هُن “پان اسلامڪ موومنٽ” جي پڻ حمايت ڪئي پر ٿوري ئي عرصي ۾ هُو ان تحريڪ کان الڳ ٿي ويو. ڪنهن ديوبندي عالم لاءِ اهو فيصلو ايترو آسان نه هو، پر هُن اهو فيصلو ڪيو. ان جو چوڻ هو ته اها تحريڪ سامراجي قوتن جي مفادن کي پورو ڪري رهي آهي. هُن صرف هندوستان جي آزاديءَ کي ئي بهتر رستو سمجهيو. مولانا سنڌي ڪابل ۾ هندوستان جي جلاوطن حڪومت قائم ڪئي ۽ ان حڪومت جو صدر راجا مهيندرا پرتاب کي بڻايو، جيڪو اتر پرديش سان تعلق رکندڙ حريت پسند صحافي، ليکڪ ۽ مارڪسي انقلابي هو. “هندوستان خالي ڪريو تحريڪ” کي مولانا سنڌي پنهنجي غلطي قرار ڏنو. هُو چوندو هو ته، ڌرتيءَ جي جنگ ڌرتيءَ تي ئي رهي وڙهي ويندي آهي. مولانا سنڌي ڪُجهه آزادي پسندن جي ان تجويز جي زبردست مخالفت ڪئي ته ڪجهه اسلامي ملڪن جي فوج هندوستان ۾ داخل ٿي انگريزن سان وڙهي ۽ هندوستان کي آزادي ڏياري. مولانا سنڌي چيو هو ته، اسان کي ڪوبه حق نٿو پهچي ته اسان ٻين مسلمانن کي پنهنجي ڌرتي تي حملو ڪرڻ لاءِ چئون. پروفيسر محمد سرور پنهنجي ڪتاب “افاديت و ملفوظات مولانا سنڌي” ۾ لکي ٿو ته، جامعه نگر ۾ مولانا جي هڪ ويهڪ هُئي، ڪنهن کانئس پُڇيو ته، مسلمان ۽ هندو گڏجي انگريزن سان وڙهي رهيا آهن، گڏجي جيل وڃن ٿا ۽ تڪليفون برداشت ڪن ٿا، ڇا هندن لاءِ “ڪافر” جو اصطلاح استعمال ڪرڻ درست آهي؟ مولانا سنڌيءَ وراڻيو ته، هندن کي ڪافر چوڻ درست ناهي. اسان جي نبي ڪريم صلعم قيصريت ۽ ڪسرويت کي ختم ڪرڻ لاءِ سڄي زندگي جدوجهد ڪئي، جيڪي پنهنجي وقت جا سامراج هُئا. ان دور ۾ به اسلام کي به اڄ جي قيصريت ۽ ڪسرويت يعني سامراج کي ختم ڪرڻو آهي، جيڪي ماڻهو موجوده سامراج جي خلاف اسان سان گڏجي وڙهي رهيا آهن، پوءِ ڀلي اهي اسان جي مذهب جا نه به هجن، اسان انهن کي پنهنجو ساٿي سمجهنداسين ۽ انهن جي باري ۾ ڪفر جو اصطلاح استعمال نه ڪنداسين. هندوستان جي آزاديءَ لاءِ مولانا سنڌي “سرو راجيه منشور” تحرير ڪيو، جنهن ۾ آزاديءَ کانپوءِ سمورن مسئلن جو حل موجود هو. مولانا عبيد الله سنڌي ڪراچي کان ڪولمبو تائين هڪ فيڊريشن قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي، جنهن ۾ ان خطي جون سموريون رياستون شامل هجن، اهي سموريون رياستون خود مختيار هجن، هُو انهن رياستن کي صوبي جو نالو ڏيڻ، انهن رياستن ۽ ان جي عوام جي توهين قرار ڏيندو هو. مولانا سنڌي مقامي ٻولين ۽ ثقافتن کي ترقي وٺرائڻ جو حامي هو. هُن سرائڪي ٻوليءَ جو پهريون ٻاراڻو ڪتاب ترتيب ڏنو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ به عملي جدوجهد ڪئي. مولانا سنڌي جو اهو به چوڻ هو ته، اسان مسلمانن جو سڀ کان وڏو مسئلو اهو مذهبي لٽريچر آهي، جنهن کي انقلابي روح سان ترتيب ناهي ڏنو ويو. جيستائين ملوڪيت سان ترتيب ڏنل فقه اسان جي بنياد ۾ ويٺل آهي، اسان مان ڪنهن چڱائيءَ جي اُميد نٿي ٿي سگهي. پاڪستان جي موجوده حالتن ۾ ننڍن ۽ بندرن ماڻهن جيڪو بحران پيدا ڪيو آهي، ان مان ڇوٽڪاري لاءِ اڄ مولانا عبيدالله سنڌي جي فڪر سان رجوع ڪرڻ جي ضرورت آهي. (ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۵ مارچ ۲۰۲۳ع تي ڇپيل) امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي عوامي آواز ايڊيٽوريل اڄ مشھور سياسي، سماجي شخصيت انقلابن جي امام مولانا عبيدالله سنڌي جي وصال جو ڏينھن آھي. سندس اصل نالو بوٽا سنگھه ھو. پاڻ سک مذھب جي گھراڻي ۾ پيدا ٿيا ھئا. پاڻ اسلام کان متاثر ٿي ڪري اسلام قبول ڪيائين پر ان کان وڏي ڳالھه جو پاڻ پنھنجو پاڻ کي سنڌي سڏرائڻ لڳو. ان زماني ۾ ملتان ۽ بھاولپور جا علائقا سنڌ ۾ شامل ھئا سنڌ جون حدون ڪشمير تائين ھيون جتان سنڌو درياهه نڪري ٿو ان ڪري ئي اھو سمورو خطو سنڌ ئي سڏبو ھو ۽ اتي رھڻ وارا نمڪ حلال ھئا جو پاڻ کي سنڌي سڏرائيندا ھئا، اھو ئي ڪارڻ ھو جو مولانا عبيدالله پاڻ کي سنڌي سڏرائڻ لڳو. پاڻ مطالعي جو شوقين ھو. شاهه ولي الله دھلوي جي ڪتابن جو مطالعو ڪندي پاڻ به علم جو ڀنڊار بڻجي ويو ۽ مولانا جي نالي سان مشھور ٿي ويو. ھي دور سلطنت عثمانيه جو آخري دور ھو جتي پوري خطي ۾ انگريزن جي خلاف تحريڪون جاري ھيون. مولانا سنڌي به انھيءَ تحريڪ جو حصو بڻجي ريشمي رومال تحريڪ ۾ شامل ٿي ويو جيڪا انگريز سامراج جي خلاف تحريڪ ھئي ۽ اھي ان وقت گوريلا نموني سان ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ تائين رومال تي تحرير لکي پنھنجي ڪارڪنن تائين پھچائيندا ھئا. جئين ڪو شڪ نه ڪري سگھي. رومال ۾ ته ڪجھه به ناھي اھو آساني سان ھڪ کان ٻئي جڳھه تائين پھچايو ويندو ھو. اڃان به وڌيڪ تعليم جي لاءِ ۽ سياسي رابطن جي لاءِ مولانا ان وقت جڏھن روس ۾ سوشلسٽ انقلاب برپا ٿيو ته مولانا سنڌي انھي نظام کان متاثر ٿيو ۽ پنھنجن ساٿين سان گڏجي روس جي دوري تي روانا ٿيا. جتان قوم ۽ قوميت جو پرچار کڻي ٻيھر سنڌ ۾ داخل ٿيا ته پاڻ اتي سنڌي ماڻھن کي نئون فڪر ۽ فلسفو ڏنائين ته سنڌ، سنڌين جي آھي جيڪو سنڌ ۾ رھي ٿو سنڌي ڳالھائي ٿو ته اھو پاڻ کي سنڌي سمجھي ۽ ڌرتي سان وفاداري نڀائي. سندس دل ۾ قومي شعور ۽ قوميت جي پرچار جو حوصلو ڏسي ان جا تمام گھڻا پولڳ پيدا ٿي پيا ۽ مولانا جي فڪر ۽ فلسفي کي عام ڪرڻ لاءِ تحريڪن ھلائڻ لڳا. ته مذھب سان گڏوگڏ پنھنجي ٻولي ۽ ڌرتي جي به حفاظت ڪئي وڃي جنھن به ڌرتي تي رھجي ته اتي غداري نه ڪجي۔ سال ۱۹۴۴ع ۾ پاڻ پڪي علائقي ۾ ھڪ وڏي جلسي کي خطاب ڪندي چيائين ته سنڌيو ھڪ ٿيو. اسان سنڌ ۾ سنڌين جي مستقل طور تي حڪومت ڏسڻ چاھيون ٿا. انھيءَ سلسلي ۾ ڪو به مذھبي سوال پيدا ٿيڻ نه ڏينداسين. اتي مولانا قوميت جي باري ۾ فڪري پھلو ٻڌايا. اسان اڄوڪي دور ۾ ڪيترو اڳتي وڌيا آھيون يا وري سوين سال پوئتي ھليا ويا آھيون. مولانا ته پنھنجو وقت پورو ڪري پنھنجو پيغام فلسفو اسان کي ڏيئي ويو آھي ان تي ڪيتري قدر عمل ٿيو آھي يا اڃان ٿيندو. مولانا جي فڪر کي عمل جو روپ ڏيئي ان کي اڳتي وڌايون. جو ان وقت ۽ حالتن کي ڏسندي مذھب سان گڏ قوميت جي ڳالھه ڪرڻ ۽ وطن سان وفاداري ڪندي پاڻ کي ٻي قوم سڏراڻ بجاءِ سنڌي سڏائڻ وڏي بھادري آھي. واضح رھي ته مولانا جي وفات ۽ آخري آرامگاه سنڌ ۾ئي آھي پر ملڪ جي ٺھڻ ۽ جاگرافيائي ڦير گھير جي ڪري ھن وقت ڊيرا غازي خان ۾ آھي. اتي به مولانا جي پولڳن مولاناعبيدالله سنڌي اڪيڊمي قائم ڪئي آھي ۽ ان تي عملي فڪري ڪم ٿي رھيو آھي جيڪامولانا جي ڪيل ڪم جو نچوڙ آھي جو اڄ به ھي علائقو ھاڻي سنڌ ڌرتي ۾ شامل نه آھي پراتي مولانا سنڌي آھي. ان جانشين به آھن. ۽ اھي به مولانا سنڌي جي مشن کي جاري رکندا اچن. ملڪي ۽ صوبائي سرحدن ته تمام گھڻا ويڇا وڌائي ڇڏيا آھن. نئين ملڪي نظام ۾ اتي ھاڻي سنڌي ٻولي پڙھائي ڪونه ٿي وڃي. پر مولانا جو فڪر اتي موجود آھي ته سنڌ سنڌين جي آھي. سنڌ ۾ انھيءَ فڪر کي اجاگر ڪرڻ ۾ مولانا عزيز الله ٻوھيو وڏو اھم ڪردار ادا ڪندي سنڌ ساگر پارٽي جو بنياد وڌو جنھن جو نظريو منشور مولانا سنڌي جي فڪر تي ھو. مولانا عزيزالله ٻوھيو جيستائين زنده ھو انجي فڪر کي عام ڪندو رھيو ۽ اھا ھڪ سگھاري سياسي پارٽي جي طور تي سنڌ ۾ سڃاتي ويندي ھئي. اڃان به ان جا پولڳ آھن جيڪي سنڌ ساگر پارٽي کي سرگرم ڪندا نظر اچن ٿا. ۽اھا پنھنجو فعال ڪردار ادا ڪري پئي. (ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۹ مارچ ۲۰۲۳ع تي ڇپيل) مولانا عبيدالله سنڌي [ ۱۸۷۲ع – ۱۹۴۴ع ] ميمڻ عبدالغفور سنڌي امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي، خميس ۱۲ محرم الحرام ۱۲۸۹هه مطابق ۱۰ مارچ ۱۸۷۲ع تي سيالڪوٽ (پنجاب) جي ڳوٺ چيانواليءَ ۾ پيدا ٿيو هو. ڄمڻ کان چار مهينا اڳ سندس والد وفات ڪري چڪو هو. ٻن سالن جي وقفي بعد ڏاڏو به گذاري ويس؛ جنهن ڪري يتيميءَ دوران والده پيڪي آندس؛ جتي پنهنجي مامي جي نظر هيٺ پرورش ورتائين – ۱۸۷۸ع ۾ ڄامپور (ديره غازي خان) جي هڪ اردو مڊل اسڪول داخلا ورتائين. دوران تعليم پنهنجي رفيق (آريه سماج سان تعلق رکندڙ اسڪولي شاگرد) وٽ ” تحفته الهند“ ۽ ”تقويتہ الايمان“ نالي ڪتاب ڏٺائين. دل نه رهيس؛ جنهن ڪري کانئس وٺي پڙهڻ لڳو. پاڻ مطالع ۾ ايترو ته محو ٿي ويو، جو کيس ”اسلام“ جي صداقت تي يقين ٿي ويو – ۱۸۸۷ع ۾ ستين درجي ۾ پڙهندي، مسلمان ٿيڻ لاءِ پنهنجن کان جدا ٿي ويو. آخر ديس ڇڏي، سنڌ ۾ پهتو. پهريائين ڀرچنڊيءَ وار بزرگ، حافظ محمد صديق سميجو رح (۱۸۷۲ع – ۱۸۹۰ع) وٽ وڃي حاضري ڀريائين. حافظ صاحب جي صحبت مان فيض حاصل ڪري ۱۹۱۰ع ۾ پير جهنڊي ڳوٺ (حيدرآباد) ۾ ديني مدرسو کوليائين؛ جنهن جو ناظم ۽ نگران به پاڻ ٿي رهيو. پاڻ کي ڀرچنڊي بزرگ جو ديني فرزند ڄاڻي ، سنڌ ۾ مستقل رهڻ جو ارادو ڪيائين ۽ قادري ۽ راشدي طريقن ۾ بيعت به وٽانئس ورتائين. ڪجهه وقت بعد مولانا کي وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ جو شوق ٿيو؛ جنهن ڪري ۱۹ شوال ۱۳۰۸هه (۱۸۹۰ع) ۾ روحاني رهبر جي اجازت سان، سندس خليفي، موالان تاج محمود امروٽي رح (۱۸۴۴ع – ۱۹۲۹ع) جي خدمت ۾ اچي حاضر ٿيو. مولانا امروٽي رح منجهس مڻيا ڏسندي، کيس ماستر محمد عظيم خان يوسفزئيءَ جي صاحبزاديءَ سان نڪاح ڪرايائينس . امروٽي بزرگ کيس اولاد جي برابر سمجهند هو. وٽس وڏو ڪتبخانو موجود هو؛ جنهن مان ۱۳۱۵هه (۱۸۹۷ع) تائين سنڌي صاحب ڪافي استفادو حاصل ڪيو. آخر پير رشيدالدين وٽان ذڪر ”اسماء الحسنيٰ“ به حاصل ڪيائين. پير ابوتراب رشدالله ۽ قاضي فتح محمد نظاماڻي صاحبان سان به روح رهاڻيون ڪندو رهيو. قرآن شريف، حديث ۽ فقہ وغيره جي درس ۾ مولانا محمد قاسم نانو توي ديوبندي رح (وفات ۱۳۹۷هه = ۱۸۷۹) کان شاه ولي الله دهلوي رح (وفات ۱۳۶۶هه = ۱۹۴۷ع) تائين عالمن سڳورن کي پنهنجو استاد مڃيندو هو – ۱۳۲۷هه (۱۹۰۹ع) ۾ ديوبند جي صدر مدرس شيخ الهند ابوالحسن مولانا محمود حسن صاحب کيس گهرايو. پورا چار ورهيه ”جميعت الانصار“ ۾ ڪم ڪندي، ۱۳۳۱هه (۱۹۱۳ع) ۾ دهلي ويو؛ ۽ ”نظارة المعارف“ نالي ادارو قائم ڪيائين. سال بعد ڪابل روانو ٿيو – ۱۹۲۲ع ۾ ترڪي ويندي، ستن مهينن لاءِ روس ۾ رهڻ جو موقعو مليس. آخر آگسٽ ۱۹۲۳ع ۾ انقره پهتو، اتان اڍائي، سالن لاءِ استنبول به ويو. ترڪيءَ ۾ قيام دوران، اتان جي ماحول ۽ مذهبي عقيدن جو غور سان مطالعو ڪيائين – ۱۳۴۵هه (۱۹۲۶ع) ۾ مڪي معظمہ ويو، جتان پهرين نومبر ۱۹۳۷ع تي وطن واپس ورڻ جي اجازت مليس، مگر جيئن ته حج جو موقعو قريب هو؛ انهيءَ ڪري ترسي، مارچ ۱۹۳۸ع ۾ واپس سنڌ ۾ آيو. مولانا سنڌي صاحب جو شروعات کان ئي اهو نظريو هو، ته انگريزن جي خلاف جهاد ڪري، هندستان لاءِ آزاديءَ جي راه هموار ڪجي. انهيءَ جو عملي طرح آغاز ۱۹۱۵ع کان ڪيو هئائين. پاڻ عمر جو وڏو حصو قومي ڪمن ۾ صرف ڪيائين. حالانڪ ڏکن ڏاکڙن جي زندگي به کيس بسر ڪرڻي پئي. بعض اوقات ته کيس خطرناڪ صورتحال سان به منهن ڏيڻو پيو. پاڻ سياسي بيداريءَ سان گڏ تصنيف و تاليف کي به چهٽيو رهيو. هڪ طرف سفر جي تڪليفن کيس هيڻو ڪري ڇڏيو هو؛ ۽ ٻئي پاسي قومي آزاديءَ جو اونو سندس ساه کي سوگهو ڪري ڇڏيو هو. تاهم به پيري ۽ بيماريءَ جي پرواه نه ڪري، صبر سان ويهڻ نه آيس؛ جنهن ڪري ۱۶ جمادي الثاني ۱۳۶۴هه مطابق ۲۲ آگسٽ ۱۹۴۴ع جي سج ۾ لاهور ۾ پنهنجي فرزند وٽ رحلت ڪيائين. وصيت مطابق کيس رحيم يار خان (پنجاب) جي ڳوٺ ”خانپور“ ۾، ڀلارن بزرگن جي قديم قبرسان ۾ دفنايو ويو. حوالا/ حاشيا (۱) – مولانا صاحب اصل ۾ سک خاندان جو هڪ فرد هو. سندس شروعاتي نالو ”بوٽا سنگ“ هو؛ ۽ پتا رامسنگ پٽ چسپتراءِ پٽ گلاب راءِ هو، جيڪو پنهنجي ڳوٺ ۾ مختيارڪار جي عهدي تي رهي چڪو هو. هن خاندان جو بنيادي پيشو ”سونارڪو ڪم“ هو. مگر چند فردن نوڪريءَ کي ترجيح ڏني هئي. منجهن ڪافي آسودا هوندا هئا، جيڪي وياج تي پئسا به ڏيندا هئا [مولانا عبيدالله سندهي اور ان کي ناقد- سعيد احمد، لاهور، ۱۹۴۶ع؛ صفحو ۳۳۳]. (۲) – مولان صاحب جا ناناڻا، ديري غازي خان ”ڄامپور“ ضلعي جا رهاڪو هئا. سندس مامو تپيدا هو. (۳) – ”تحفته الهند“ جو مصنف، پايل (پٽيالا) جو رهاڪو، نو مسلم پنڊت اننترام پٽ منشي ڪوٽيمل، المعروف عبيدالله هو؛ جنهن کان متاثر ٿي، پاڻ کي مسلمانڪي نالي ”عبيدالله“ سان سڏائڻ لڳو [تحفته الهند – مولانا محمد عبيدالله (ديبا چه)، دهلي؛ ۱۳۳۰هه (۱۹۱۲ع)، صفحو ۱]. (۴) – ”تقويتہ الايمان“ جو ليکڪ، شاه اسماعيل شهيد (۱۷۷۹ع – ۱۸۳۱ع) هو، جيڪو عربي ڪتاب ”روالاشرڪ“ جو اردو زبان ۾ ترجمو آهي. (۵) – سچ پچ ته اها ڀرچونڊيءَ واري بزرگ جي برڪت هئي؛ جنهن مولانا کي صحيح الطريقت ۽ راسخ العقيدت مسلمان بڻائي، دين جو ڪم سونپيو هو. هڪ ڀيري حافظ صاحب، مولانا لاءِ فرمايو هو، ته ”عبيدالله، الله ڪارڻ پنهنجا مٽ مائٽ ۽ مذهب ڇڏيو آهي، هاڻي اسان هن جا ديني ماءُ پيءُ آهيون!“ [دائرة المعار اسلاميه (اردو) – دانشگاه پنجاب، لاهور (جلد ۱۲)؛ ۱۹۷۳ع” صفحو ۹۸۴]. (۶) – اهويئ سبب هو جو پاڻ کي ”سنڌي“ سڏائڻ ۾ فخر محسوس پئي ڪيائين [خطبات و مقالات مولانا عبيدالله سندهي – مرتبہ، محمد سرور، لاهور ۱۹۷۰ع؛ صفحو ۱۶۹]. (۷) – هن نيڪ رسم ۾ سندس والده به شرڪت ڪئي هئي، جيڪا پڇاڙيءَ تائين ساڻ گڏ رهي؛ ۽ پنهنجي سک مذهب تي قائم رهي [ سه ماهي ”مهراڻ“ (سوانح نمبر ۳-۴/۱۹۵۷ع)، سنڌي ادبي بورڊ، صفحو ۲۶۷]. (۸) – ”ديوبند“، برصغير ۾ نامور ديني درسگاه آهي. هي اتر پرديش (U.P) جي سهارنپور ۾ هڪ قديم شهر آهي؛ ۽ تعلقي جي حيثيت حاصل اٿس. تاريخي لحاظ کان سندس شروعاتي ذڪر ”آئين اڪبريءَ“ ۾ آيو آهي. ان کانپوءِ سندس احوال اساطيري ۽ رومانوي داستانن ۾ ملي ٿو. ڪسابن کان منجهس وڻن جي گهاٽي جهڳٽي ۾ ديوي جو مندر (تيرٿ گاه) هو؛ جنهن جي نسبت سان مٿس ”ديوي (ديبي) بن“ (ديويءَ جو جهنگل) نالو پيو، جيڪو ڪثرت استعمال سان بگڙي ”ديوبند“ ٿيو. [دائرة المعارف اسلاميه (اردو)، دانشگاه پنجاب، لاهور، جلد ۹، ۱۹۷۲ع، ص ۶۲]. هن وقت سندس آدم شماري ۵۰ هزار آحي. جن ۾ ڪثرت مسلمانن جي آحي. هڪ سؤ مسجدن جي هن سهر کي ”مسجدن جو شهر“ به سڏيو وڃي ٿو. منجهس وڏو ديني درسگاه آهي؛ جنهن جو قيام مولانا محمد قاسم نانوتوي رح (۱۸۳۲ع – ۱۸۸۰ع) جي نگرانيءَ ۾، ۱۵ محرم الحرام ۱۸۶۶هه مطابق ۳۰ مئي ۱۸۶۶ع تي ٿيو. [تاريخ ديوبند – سيد محبوب رضوي، ۱۳۷۲هه، ص ۹۷]. شروعات ۾ مولانا محمود حسن نالي صرف هڪ شاگرد سان، کٻڙ جي وڻ هيٺان مدرسي جي ڪاررواي شروع ڪئي وئي؛ جنهن ۾ پهريون معلم مولانا يعقوب نانوتوي هو [حالات دارالعلوم ديوبند، محمد طيب، ديوبند، ۱۳۷۸هه ص ۸۱] مدرسي ۾ قرآن مجيد، دارا لتفسير، دارالحديث، صرف و نحو، فلسفو، منطق، فقہ ۽ فن وغيره جا شعبا قائم ٿيل آهن. خدا جي فضل سان اڄ دنيا جو ڪو به ملڪ رهيل ناهي؛ جنهن ۾ هتان جو عالم نه پهتو آهي: ]India as I Knew it- (1855-1905)- M.O` Dwyer, London 1925. P.P 177[ مغل سلطنت جي زوال ۽ ۱۸۵۷ع واري انقلاب جي ناڪاميءَ بعد، هنستاني مسلمانن هن قسم جي ديني درسگاه قائم ڪرڻ جي اشد ضرورت محسوس ڪئي [انوار قاسمي – پروفيسر انوارالحسن قاسمي، ديوبند، ۱۹۵۸ع، ص ۴۱۸]. (۹) – مولانا سنڌي جلاوطنيءَ جي زندگيءَ ۾ هينئر ۳۳ سال گذاري چڪو هو. (۱۰) – پنهنجي تقريرن خواه تحريرن ۾ انگريزن خلاف کلم کلا آواز اٿاريائين. نتيجي طور پاڻ تي سخت پهرا به بيهاريائين. هي اُهو وقت هو، جڏهن ”آزاديءَ جي تحريڪ“ شروع ٿي چڪي هئي پوءِ سنڌي صاحب افغانستان هجرت ڪري ويو؛ جتي ڪابل ۾ ”آزاد هندستان جي عارضي حڪومت“ جو پايو وجهي، سربراهي سنڀاليائين – ۱۹۳۲ع ۾ ڇهن مهينن لاءِ روس به وڃڻو پيس آخر ترڪيءَ ۾ وڃي ڪمال پاشا ۽ عصمت انونو کان سياسي امداد به حاصل ڪيائين. ]Ubaid- Allah Sindhi in Turkey- Detleve H. Khalid (Journal of R.C.D)- Tuhran, Vol: No: 1&2: P.P 38[. (۱۱) – رسائل وغيره کان علاوه قرآن پاڪ جو تفسير پڻ لکيو هئائين؛ جنهن ۾ مولانا احمد علي لاهوري ۽ مولانا عبدالحي فاروقي به ساڻس فيض يافته هئا [بيس بڙي مسلمانان – عبدالرشيد ”ارشد“، لاهور ۱۹۶۹ع، صفحو ۴۰۹]. امام عبيدالله سنڌي جي فڪري پرواز عزيز الله ٻوهيو امام سنڌي جلاوطني جي پهرين مرحلي ۾ ۱۹۱۵ع ۾ ڪابل ويا، اتي افغانستان جي بادشاهه امير حبيب الله سان پنهنجي اچڻ جو مقصد انگريزن کان هندستان کي آزاد ڪرائڻ بيان ڪيائون، جنهن تي امير حبيب الله کيس چيو ته اوهان جيڪڏهن اسان جي ملڪ ۾ رهندڙ ٻين ملڪن جي سفيرن سان پنهنجي مقصد لاءِ ملندؤ ته ان لاءِ مناسب ٿيندو ته اوهان انهن سان پنهنجو تعارف هندستان ۾ انهيءَ مقصد لاءِ قائم پارٽي ڪانگريس جو پاڻ کي نمائندو سڏايو. امام سنڌي بادشاهه جي ان تجويز کي اهم سمجهي دهليءَ سان رابطو ڪري ڪانگريس جو ٻاهرين ملڪ ۾ يونٽ قائم ڪرڻ جي اجازت وٺي ورتي، نه صرف ايترو پر آزاد هندستان جي حڪومت جي ٻاهرين باڊي به جوڙي ورتائون. چوويهه سال جلاوطني کانپوءِ جڏهن واپس هندستان آيا ته هت مسلمانن لاءِ جدا ملڪ ٺاهڻ جي هلچل ڏٺائون. امام سنڌي انگريز سامراج خلاف آزاديءَ کانپوءِ به هندستان کي متحد رکڻ ضروري سمجهن پيا. سنڌي صاحب جي بصيرت ٻڌائي پئي ته اسان جيڪڏهن برطانيا کان آزادي حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل به ڪئي پر سامراج جي نفسيات هيءَ هوندي آهي ته هو سڄي دنيا جي ملڪن ۽ قومن جي دولت ڦٻائڻ لاءِ انهن کي نو آبادي طور غلام بنائي رکي، سو انگريز سامراج هڪ ڀيرو هتان وڃڻ کانپوءِ به وري ڪڏهن نه ڪڏهن لوهه کائي وري اچي اسان کي غلام بنائيندو ان ڪري سنڌي صاحب متحده هندستان جا حامي هئا، سنڌي صاحب ڏٺو ته هندستان جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪرڻ وارا سرڪاري بيوروڪريٽ انگريزن جا پاليل نواب قسم جا ماڻهو آهن سنڌي صاحب ڏٺو ته مسلمانن کي مذهب جي نالي الڳ رياست قائم ڪرڻ جو چمڪو پس منظر جي لحاظ سان ته انگريزن ڏنو آهي ان ڪري اها راءِ قائم ڪيائون جو انهن پرکي ورتو ته ٻه قومي وارو نظريو علي ڳڙهه يونيورسٽي جي انگريز پروفيسر جان برائيٽ ئي جوڙيو آهي ۽ سنڌي صاحب جو ڳوٺائي علامه اقبال انگريزن طرفان سر جي خطاب ملڻ جي بدلي ۾ خوامخواهه ان نظريي کي اگهائڻ لاءِ پيو شاعري ڪري. سو مسلم ليگي دانشورن جي مذهبي مسئلي ۽ ٿڏي جو حل به امام سنڌي سوچي روتو ۽ ڪانگريس جي مرڪزي قيادت کي چورايو ته اوهان پنهنجي پارٽي پاليسي طور هيءَ ڳالهه تسليم ڪيو ۽ پاس ڪيو ته هندستان جي آزاد ٿي وڃڻ کانپوءِ برصغير جي آباديءَ جي لحاظ سان مسلم اڪثريت وارن صوبن ۾ اتي مسلم اڳواڻن تي مشتمل حڪومتون قائم ڪنداسون. ان تي ڪانگريس وارن پهريائين اهڙي ڳالهه جناح کان مڃائڻ جو شرط وڌو ته هو اسان جي اهڙي اعلان کانپوءِ جدا پاڪستان ٺاهڻ جي ڳالهه تان هٿ کڻي وڃي ته اسان به سنڌي صاحب جي ان فارمولي کي قبول ڪيون ٿا پر جناح کي مڃائڻ جي ڳالهه محال سمجهيو ويو. پوءِ انهيءَ باوجود سنڌي صاحب ڪانگريس مٿان زور رکايو ته هو ان پاليسي جو هڪ طرفو اعلان ڪن، جناح کي مڃائڻ جو شرط نه وجهن. پوءِ ڪانگريس وارن سنڌي صاحب جو مطالبو مڃيندي پارٽي پاليسي طور اها تجويز پاس به ڪئي، جنهن جو ثبوت هي آهي ته اهي اڄ تائين ڪشمير ۾ مسلم قيادت کي قائم رکيو پيا اچن، جنهن کي پاڪستان وارا ڪٺ پتلي سڏيندا ايندا آهن. ان زماني ۾ جڏهن ڪانگريس وارن سنڌي صاحب جي تجويز کي پنهنجي پارٽي پاليسي طور هڪ طرفو قبول ڪيو هو ته هندستان جي ڪافي علائقن جي مسلم ليگي ليڊرن جناح صاحب سان ملاقات ڪئي ۽ کيس چيائون ته ڪانگريس طرفان مسلم اڪثريتي علائقن ۾ جڏهن هنن مسلمانن جون حڪومتون قائم ڪرڻ جو واعدو ڏنو اٿائون ته اهڙي صورت ۾ ڄڻ ته مسلم ليگ جو مقصد به حاصل ٿي ويو. اسان کي اڳتي لاءِ مذهب جي نالي تي هندستان جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪرڻ جو جواز نٿو نظر اچي. جواب ۾ جناح صاحب بغير ڪنهن دليل جي انهن ماڻهن جي ڳالهه کي ٺڪرائي ڇڏيو، پوءِ اهي ليگي اڳواڻ ليگ کان استعيفيٰ ڏيئي ڪانگريس ۾ شامل ٿي ويا. هيءَ حقيقت مون سان مرحوم ڊاڪٽر احمد حسين ڪمال ڀوپالي بيان ڪئي هئي. امام سنڌيءَ جو هي خدشو ته آزادي وٺڻ کانپوءِ به اڳتي انگريز سامراج وري اسان کي غلام بنائي ٻيهر اسان جي ڌرتيءَ جو ڌن اچي لٽيندو. انهيءَ ڳالهه جو تازو ثبوت ذوالفقار مرزا جو ميڊيا اڳيان قرآن کڻي هي بيان ڏيڻ ته انهن کي ايم ڪيو ايم جي الطاف لنڊن ۾ هڪ ملاقات ۾ ٻڌايو ته امريڪا پاڪستان کي ختم ڪرڻ گهري ٿي. اسان ان جي مدد ڪنداسين ۽ ٻيو ثبوت ته برطانوي جاسوس کاتي جي آفيسر جيمس همفري جي ڊائري جي پراڻي ڇاپي ۾ لکيل آهي ته اڳتي هلي اسان ڪراچيءَ جي ويجهو سمنڊ جي ڪناري تي نئون ملڪ اڏينداسون. همفري جي انهيءَ انڪشاف تي مون سان سردار عطاءُ الله خان مينگل پنهنجو تجزيو هي بيان ڪيو ته ان منجهان مراد هي ملڪ پاڪستان آهي مون سردار صاحب کي چيو ته ڊائري واري ڪتاب ۾ جيڪو هي لکيل آهي ته ان نئين ملڪ لاءِ عوام هندستان کان مائگريٽ ڪري آڻينداسون ۽ هاڻي ايم ڪيو ايم وارن سنڌ جو ڏاکڻيون علائقو سمنڊ تائين مهاجرستان صوبي لاءِ گهريو آهي. انهيءَ منجهان ثابت ٿئي ٿو ته ڊائري واري ڪتاب ۾ سامراج جو جيڪو اڳتي وارو پلان آهي, سنڌ کي ٽوڙي نئين صوبي وارا مطالبا اهي سڀ ان منصوبي جون شروعاتي ڪڙيون آهن، پوءِ ڀلي پاڪستان کي به انهن ڪڙين منجهان پهرين ڪڙي شمار ڪجي ته اها ڳالهه به صحيح چئبي. بهرحال امام سنڌي جو اهو خدشو ته انگريز سامراج وري ٻيهر موٽي اسان کي غلام بنائڻ جو منصوبو اندر ۾ رکي ٿو، ان ڪري سڄي هندستان کي متحد رکي دهلي کي پنهنجو مرڪز بنائي ۽ هر صوبي ۾ جنهن قوم جي اڪثريت هجي اهو صوبو ۽ ملڪ ان قوم جو موروثي وطن تسليم ڪيو وڃي ۽ پاڻ ڪانگريسي هجڻ باوجود 1939ع ۾ جيڪا جدا پارٽي جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽي ٺاهي هئائون ان جو منشور به اهو ئي پاس ڪيو هئائون. گانڌيءَ سان ڪيترن ئي اختلافن باوجود امام سنڌي ان جي متحده هندستان واري سوچ کي ڏاڍو ساراهيندو هو. هندستان کي متحد رکڻ جو نظريو ته سر سيد احمد خان جو به هو، هن ملڪ جي ميڊيا جيڪا سر سيد احمد خان کي نظريي پاڪستان جي بانين منجهان شمار ڪندي آهي اهو سراسر اجايو آهي وٽن اهڙي دعويٰ جو ڪو به ثبوت ڪونهي هائو البت سر سيد احمد خان هندن جي ڀيٽ ۾ مسلمانن جي تعليمي ۽ معاشي طور پوئتي هجڻ تي نهايت فڪرمند هو، جنهن جي حل لاءِ ان مسلم ڪاليج جي نالي سان علي ڳڙهه ۾ تعليمي ادارو کوليو هو. امام سنڌي ۽ امام الهند ابوالڪلام آزاد ٻنهي اڳواڻن سر سيد سان ان جي سياسي سوچن سان اختلاف رکڻ باوجود ان جي مسلمانن لاءِ خدمتن کي ساراهيو آهي. (نوٽ: ياد رهي ته امام عبيد الله سنڌي جي ۲۲ آگسٽ (سڀاڻي) ورسي آهي).
سراج ميمڻ سنڌي لسانيات جي ماھر کي سلام ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو انگريزي ٻوليءَ جي لفظن Language ۽ Linguistics جي سنڌيءَ ۾ معنيٰ عام طور تي هڪ ئي يعني ”ٻولي“ ڪئي ويندي آهي، جڏهن ته انهن لفظن جون ڌار ڌار معنائون آهن، لينگئيج جي معنيٰ ٻولي زبان، ڀاشا، ۱: ماڻهن جي وچ ۾ صوتي ۽ تحريري اشارن ۽ آوازن ذريعي رابطو ۲: رابطي جي ڪا به صورت، نشانن جو ڪمپيوٽر ۽ خاص طرح وارو استعمال ٿيندڙ لاڙو يا طريقو ۳: ڪنهن قوم جي مخصوص ٻولي، ۴ ڪنهن ماڻهو، گروهه يا ڪنهن ڌنڌي جي خاص ٻولي يا لهجو وغيره “ لنگسٽڪس جي معنيٰ آهي ”لسانيت ۱: ٻوليءَ جو علم يا سائنس، ۲: ڪنهن خاص ٻوليءَ جو اڀياس (سنڌيڪا ڊڪشنري) سنڌي ٻولي تمام گهڻي شاهوڪار آهي، ٻوليءَ جي ماهرن ۾ به شاهوڪار آهي، پر لسانيات جي ماهرن ۾ ڏاڍي غريب آهي، آڱرين تي ڳڻڻ جيترا لسانيات جا ماهر آهن، انهن ماهرن جي جيڪڏهن تاريخ ڏسنداسين ته گهڻي ڀاڱي انگريزن کان شروع ٿيندي، انگريزن کان جيڪڏهن ڳڻپ ڪجي ٿي ته انگريز عالمن کان سواءِ مرزا قليچ بيگ، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سراج الحق ميمڻ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، آفتاب ابڙو ۽ شايد ڪجهه ٻيا شامل آهن، انهن سڀني ۾ رڳو ٽي عالم اهڙا آهن، جن سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت پنهنجا نظريا ڏنا آهن، انهن عالمن ۾ پيرومل مهر چند آڏواڻي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ سراج الحق ميمڻ اچي وڃن ٿا. سراج الحق ميمڻ کان اڳ ۾ جيڪي نظريا آيا اهي هئا؛ ۱. سنڌي ٻولي سنسڪرت جي لهجي وراچد، اپڀرنش مان ڦٽي نڪتي، ٻين لفظن ۾ سنسڪرت ڄائي آهي، (ڀيرومل مهر چند آڏواڻي) ۲. سنڌي ٻولي سامي سٿ جي ٻولين مان ڦٽي نڪتي، ٻين لفظن ۾ سنڌي ٻولي عربي، عبراني ۽ ٻين ٻولين مان ڄائي، (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ) انهن ٻنهن نظرين جي حق ۾ مختلف عالمن جا رايا دليل ۽ حوالا ڏنا ويا آهن، سراج صاحب اهو پهريون ماڻهو هو، جنهن انهن ٻنهي نظرين سان اختلاف ڪندي پنهنجي تحقيق وسيلي ثابت ڪيو ته سنڌي ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ جي ڄائي ناهي، اها پاڻ هڪ مڪمل ٻولي آهي، ان تي سامي سٿ، سنسڪرتي ٻولين ۽ ٻين ٻولين جا گهرا اثر آهن، هنن ٻولين هڪ ٻئي کي لفظ ڏنا ۽ ورتا آهن، ان حوالي سان هن وڏي کوجنا ڪري مختلف مثال ڏنا آهن. سراج صاحب جي ان نظريي کي تمام گهڻي پذيرائي ۽ مڃتا ملي، خاص طور تي جڏهن اسان دعوا ڪندا آهيون ته هزارين سال قديم تهذيب جا وارث آهيون، ماضيءَ ۾ سنڌي قوم تمام گهڻي قابل، مهذب، ترقي يافته ۽ عظيم هئي، وغيره وغيره ثابتيءَ لاءِ موهن جي دڙي جو مثال ڏيندا آهيون، موهن جي دڙي جي آثارن هئي، وغيره وغيره ثابتيءَ لاءِ موهن جي دڙي جو مثال ڏيندا آهيون، موهن جي دڙي جي آثارن مان اسان کي جديد نظام جون اهي سموريون سهولتون ۽ رٿا بنديون مليون آهن، جيڪي اسريل ملڪن ۾ هن وقت رائج آهن، ڊرينج سسٽم، آبهوا مطابق اڏاوت، مارڪيٽ، تعليمي ادارا، عبادتگاهون، ڦيٿو (گاڏي) وغيره وغيره پنج ڇهه هزار سال پهريان سنڌ جي دنيا ۾ اها حيثيت هئي ته سنڌي ٻوليءَ جو ڪيڏو عروج هوندو؟ ان لاءِ تاريخون خاموش آهن، موهن جي دڙي مان مليل نشانيون، مهرون، ٺپا وغيره پنڊ پهڻ لڳا پيا آهن، انهن کي دنيا وارا پڙهي نه پيا سگهن. سرجان مارشل موهن جي دڙي جي کوٽائي ڪري اسان جي تهذيب کي مڃتا ڏياري، جڏهن ته سراج ميمڻ ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت پنهنجو نظريو ڏئي، سنڌي ٻوليءَ کي اها مڃتا بخشي ته جيئن سنڌو تهذيب ڪنهن ٻيءَ تهذيب مان ڦٽي نه نڪتي آهي، تيئن سنڌي ٻولي به ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ جي ڪک مان نه نڪتي آهي. هن موهن جي دڙي مان مليل مهرن کي پڙهڻ جي به وڏي ڪوشش ڪئي، لڌل نشانين جون پڙهڻيون به مقرر ڪيون، هو سڄي زندگي سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ ۽ واڌاري لاءِ جاکوڙيندو رهيو، هڪ طرف ته هو تحقيقي ڪم ڪندو رهيو، جيڪو مختلف ڪتابن ۽ مقالن جي صورت ۾ عوام تائين پهچندو رهيو، سندس اهو پورهيو ادب جي مختلف صفحن جهڙوڪ: تحقيق، ناول، ڪهاڻي، مضمون، مقالي ۽ شاعريءَ جي صورت ۾ آهي. ٻئي طرف هو نوجوانن کي خاص طور تي لسانيات جي شعبي ۾ تحقيق لاءِ همٿائيندو رهيو، مون کي ياد آهي ته سراج صاحب هڪ ڪچهريءَ ۾ ٻڌايو ته جيڪڏهن ڪو نوجوان سنڌي لسانيات ۽ موهن جي دڙي جي ٻوليءَ کي پڙهڻ لاءِ تحقيق جو ڪم شروع ڪندو ته آءُ ان کي اسڪالرشپ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، پر بدقسمتيءَ سان نوجوان انهن موضوعن کان پري ڀڄن ٿا، اسان جي تعليمي ادارن جهڙوڪ: سنڌ يونيورسٽي، ڪراچي يونيورسٽي، وفاقي اردو يونيورسٽي ۽ شاهه لطيف يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي لسانيات ۾ ايم اي نه ڪرائي ويندي آهي، لسانيات هڪ سائنسي علم آهي، جنهن لاءِ ليبارٽري به ضروري هوندي آهي، يونيورسٽين جي سنڌي شعبن وٽ ان قسم جي ڪا به سهولت ناهي، نتيجي ۾ لسانيات تي جيڪو ٿورو ڪم ٿئي به ٿو ته اهو گهڻي ڀاڱي غير سائنسي بنيادن تي ٿئي ٿو، تنهن کان سواءِ يونيورسٽين ۾ لسانيات جي ماهرن جي به کوٽ آهي. سراج صاحب جي ڪيل ڪم مان سکڻ ۽ وڌيڪ تحقيق ڪرڻ لاءِ سڀني ادارن کي جنگي بنيادن تي ڪم ڪرڻو پوندو، سراج صاحب جو وڇوڙو سنڌي لسانيات لاءِ ڪاپاري ڌڪ آهي، خدا ڪري ته اسان سراج صاحب کي خراج پيش ڪرڻ ۽ افسوس ڪرڻ کان سواءِ سنڌي لسانيات لاءِ به ڪجهه ڪري سگهون. سراج منھنجو بھترين دوست سوڀو گيانچنداڻي سراج الحق ميمڻ وڏي پائي جو اديب هو، هن جيڪي به ناول لکيا، اهي سنڌي ادب جو وڏو سرمايو آهن. هن ڪيترن ئي ڪارائتن ڪتابن جو سنڌي ۾ ترجمو ڪري سنڌي ادب کي گهڻو مالا مال ڪيو. ڪهاڻي جي ميدان ۾ پڻ سراج جو مقام تمام گهڻو مٿانهون آهي. ائين جيئن جمال ابڙي جي ڪهاڻي ”پيراڻي“ اسان جي ادب جي ڪلاسڪ ۾ شمار ڪئي ويندي آهي، ائين ئي سراج جي ڪهاڻي ”ٻهڻي“ کي به ساڳيو ئي درجو ڏئي سگهجي ٿو. سنڌ جي تاريخ کي ناولن ۾ سولو ڪري ۽ فڪشنائيز ڪري هن سنڌ جي اڌ پڙهيل ماڻهن کي تاريخي شعور سان روشناس ڪرايو. هن جون صحافتي دنيا ۾ پڻ خدمتون وسارڻ جهڙيون نه آهن. ۱۹۷۰ع وارو ڏهاڪو “هلال پاڪستان” جي حوالي سان سنڌي صحافت ۾ مان سراج جو ڏهاڪو شمار ڪندو آهيان ۽ ان سموري عرصي ۾ هن سنڌ ۾ جيڪا روشن خيالي جي لهر پکيڙي، اسان اڄ سوڌو ان جو ئي کٽيو کائي رهيا آهيون. هينئر پاڪستان جي سڀني ٻولين جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ صحافتي سجاڳي جون پاڙون جيڪي وڌيڪ مضبوط نظر اچن ٿيون، ان جو سڄو سارو ڪريڊٽ سراج ڏانهن ئي وڃي ٿو ۽ هن جي طفيل ئي اها جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ ترقي ڪندي نظر اچي ٿي. سنڌي ٻوليءَ بابت سراج جيڪو ”سنڌي ٻولي“ نالي سان ڪتاب لکيو، ان کي مان مثالي انڪري چوندو آهيان، جو ان کان اڳ ۾ اهڙو حقيقت پسند ٿي ڪنهن به محقق تحقيق نه ڪئي هئي. ان جو اعتراف اڄ هر باشعور ۽ روشن خيال ماڻهن سان گڏ محقق پڻ ڪري رهيا آهن ۽ ان سلسلي ۾ جيڪو به محقق قلم کڻي ٿو، اهو سراج جي تحقيق مان استفادو ضرور حاصل ڪري ٿو. هن سنڌ جي علمي ۽ ادبي ميدان ۾ ڀرپور نموني سان پنهنجو نالو ڪمايو. منهنجي هن سان سنگت اڌ صدي تائين رهي.جڏهن مان سال ۱۹۵۳ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي ۾ ايم اي ۽ لا ۾ داخلا ورتي هئي ته ان وقت سراج محمد ابراهيم جويو جي سربراهي هيٺ سنڌي ادبي بورڊ جي اسسٽنٽ سيڪريٽريءَ طور پنهنجا فرائض نڀائي رهيو هو. سراج ڪجهه عرصو سياسي تحريڪن ۾ به حصو ورتو، مونکي ياد ٿو اچي ته هو سنڌي ادبي سنگت جي جلسن ۾ پڻ شريڪ ٿيندو رهندو هو.منهنجون هن سان تمام گهڻيون ملاقاتيون ٿيون جن جون ڪيتريون ئي ساروڻيون آهن. جيڪي اڄ سراج کي ياد ڪندي منهنجي ذهن ۾ گردش ڪري رهيون آهن. جيڪي ڪڏهن تفصيل سان ڪنهن مضمون ۾ ساربيون. هڪ ڀيري سراج بيمار ٿي پيو هو ته مان ان جي گهر وڃي سندس عيادت ڪئي هئي. هڪ دفعو وري هندوستان کان جڏهن هتي سنڌي اديب آيا هئا ته مان انهن کي سراج سان ملائڻ لاءِ هن جي گهر وٺي ويو هيس. سراج جي ثقافتي ماڳن ۾ پڻ گهري دلچسپي هوندي هئي ۽ مون سان جڏهن به ملندو هو ته اڪثر ڪري اڳ ۾ موهن جي دڙي جي سلامتيءَ بابت پڇندو هو. سال ۱۹۹۰ع جي ڏهاڪي جي اڌ ڌاران سنڌي ادبي سنگت مرڪز پاران منٺار سولنگي ۽ ادل سومري جي ڪوششن سان مون سان جناح باغ لاڙڪاڻي ۾ جيڪا سنڌ سطح تي رهاڻ رچائي وئي هئي، ان موقعي لاءِ سراج جيڪو جاڳو اخبار ۾ مونکي وڏو مان ڏيندي ڪالم لکيو هو، اهو اڄ به منهنجي اکين اڳيان گذرندو آهي ته مان پنهنجا لڙڪ روڪي نه سگهندو آهيان. هن جو وڇوڙو مون لاءِ هن عمر ۾ وڏي صدمي جو باعث بڻيو آهي ۽ هن جي وڃڻ واري نقصان جي تلافي ناممڪن آهي. سون جھڙو سراج غلام نبي مغل سنڌي علم ۽ ادب جي هڪ ٻي مشعل اجهامي وئي، فيبروري جي ۲ تاريخ تي جيڪو سج لٿو ۽ اُڀ ۽ ڌرتي تي جيڪا اوندهه ڦهلجي وئي سا اسان سنڌ وارن لاءِ ۽ سندن مجموئي ڏاهپ لاءِ اهڙو نقصان آهي جيڪو شايد صدين ۾ به پورو ٿئي ته وڏي ڳالهه آهي.سراج الحق ميمڻ اسان منجهان ويو هليو. هو سائين جو سائين هو. علم ادب جو مخدوم هو ڏاهپ جو ڏيئو هو-روشن ڏيئو! سراج سائين ويهين صدي جو پوئين اڌ جو اهو اُسريل انسان هو، جنهن کي پنهنجي زماني ۽ مستقبل جي علمي ۽ ادبي گھرجن جي ڄاڻ هئي.سراج سائين نئين ۽ جديد سنڌي ڪهاڻي جي ابتدا ڪندڙن ۾ شامل هو.سندس ڪهاڻيون جديد سنڌ جي ادبي اڏاوت ۾ پيڙهه جو پٿر هيون. سندس ڪهاڻيون نه رڳو جديد پر بين الاقوامي ادب جي معيار مطابق هيون.ڪي مسخرا ۽ ٽوٽڪائي ڪردار نظر نه آيا ۽ سراج سائين جو تخليق ڪيل ادب، وقت جي گھرج هو ۽ سنجيده هو. سندس پهريون ناول پڙاڏو سوئي سڏ تي جيتوڻيڪ ڪجهه حلقن طرفان تنقيد ٿي پر اِهو ناول نه رڳو Larger than life هو پر وقت جي هلندڙ قومي تحريڪن لاءِ هٿي هو. سندس ٻيا ناول پڻ سنڌي ادب جا شاهڪار ناول هئا. سراج سائين جي سنڌي ٻولي جي بنياد ۽ ارتقا پڻ، علم جي شاگردن لاءِ هڪ نئون فڪر ۽ املهه کوجنا هئي ۽ عالمن لاءِ سنڌي ٻولي بابت وڌيڪ کوجنا ۽ جاکوڙ ڪرڻ جي دعوت هئي. سراج سائين سنڌي ٻولي جي بڻ بنياد جي باري ۾ هڪ نئون معيار مقرر ڪيو، جيڪو ٻين عالمن لاءِ پڻ هڪ سوچ جو گس آهي. هلال پاڪستان اخبار سنڌي زبان جي اڌ مئي صحافت جي نشان هئي. پر سال ۱۹۷۳-۱۹۷۲ع ۾ جڏهن سراج سائين انهيءَ اخبار جو ايڊيٽر طور مقرر ٿيو ته سنڌي صحافت ۾ جديد دنيا جو ساهه پيو ۽ سنڌي صحافت جو هڪ نئون دور شروع ٿيو، جيڪو اڃا تائين ترقي ڪندو اچي. اخبار ۾ خبرون ۽ تجزيا نئين دور جي طور طريقي ۾ اچڻ لڳا. سراج سائين جڏهن سياسي تجزيا نگاري ڪئي ۽ سياسي منظرنامو لکڻ شروع ڪيو ته اسان جي اخباري طريقن ۾ نئين جدت ۽ زماني مطابق معاملا شروع ٿيا، جيڪا جديد صحافت جي تقاضا هئي. جي اين مغل اسان جي صحافت جو وڏو نالو آهي، ۱۹۷۳ع ۾ مون مغل کي هلال پاڪستان جي آفيس ۾ سراج سائين سان ملايو ۽ ٻڌايم ته هن ۾ سٺي صحافي ٿيڻ جا اهڃاڻ موجود آهن.سراج سائين جي اين مغل جي ٿورڙي پرک ڪئي ۽ پوءِ پاڻ وٽ سب ايڊيٽر ڪري رکيائين.قابليت پاڻ ڳالهائيندي آهي ۽ اڄ مغل پاڪستان جي سينيئر اعليٰ صحافين منجهان آهي. سراج صاحب ٿور-ڳالهائو ۽ نهايت سنجيده شخص هو، جنهن پلازا ۾ آئون رهندو هئس اُت ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ڪنهن دوست سان ملڻ ايندو هو، پر مون وٽ اچڻ لاءِ تيار نه هو، مون هڪ دفعي چيو مانس ته ڪڏهن مون وٽ به ايندا ڪريو. جواب مليو ته تو ڪڏهن سڏيو ئي ڪونه. پوءِ هر هفتي ايندو هو. وڏيون ڪچهريون ٿينديون هيون. شيخ اياز، علي احمد بروهي، سليمان شيخ به انهيءَ پلازه ۾ رهندا هيا. اهي ڪچهريون مون کي ياد آهن. سندس شخصيت کي به مون کي ويجهو ٿي پرکڻ جو موقعو مليو.آءٌ سراج سائين جو ادب جي ميدان ۾ همعصر ته هئس پر گھڻو جونيئر هئس. سراج صاحب سنڌي ٻولي ۽ ادب جو عالم هو، سراج صاحب وچولي طبقي جو وڏو ۽ اعليٰ شخص هو. سراج صاحب پنهنجين عادتن ۽ رهڻي ڪهڻي ۾ پختو شخص هو. هن صدي ۾ اسان ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کانپوءِ ڪهڙي نه املهه ماڻڪ شخص وڃائي ويٺا آهيون. آخر ۾ مون کي سندس هڪ جملو هميشه ياد ايندو رهندو آهي ته ”غلام نبي تنهنجو ناول اوڙاهه پڙهي مون کي خواهش ٿي ته اهو ناول آئون لکان ها !“ اهو جملو ۽ اُهو شخص مون کي هميشه ياد رهندو. سراج جون ڪجھ ڳالھيون ڪجھ يادون شيخ عزيز هيءَ تن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن ون يونٽ جي خلاف سڄي سنڌ ۾ ڪاوڙ ۽ نفرت هئي. هر ماڻهو، ڀلي اهو ڪنهن وستيءَ واهڻ جو رهاڪو هجي يا وڏن شهرن ۾ وڏي تقرير جو مالڪ هجي، هن کي اها ڳالهه سهڻ ۾ ڪا نه پئي آئي ته ڪيئن سنڌ جي نابلد ليڊرن، اڳ پٺ سوچڻ بنا، انڌ جي گهوڙي تي سوار ٿي سنڌ جي قسمت سوين ڪوهه پري وڃي اڇلي. سنڌ ۾ پڙهيل طبقو، خص ڪري نوجوان انهي مامري کان ڀليءَ ڀت واقف ئي نه هو پر هن چاهيو ٿي ته اهو غلاميءَ جو طوق لاهي ڦٽي ڪري، اها ڳالهه هن ڪري وڌيڪ قيمتي هئي جو نوجوان ڏاڍو سجاڳ ٿي چڪو هئو، اهو ڏسي اڳوڻي نسل کي اطمينان ٿيندو هئو ته هڪ ڏينهن اها پاڃاري لاهي ڦٽي ڪندا. انهيءَ ئي نسل جو هڪ نوجوان سراج هو، جنهن جي خاندان ٽنڊي ڄام مان لڏي اچي حيدرآباد وسايو هو ۽ تعليم جي زيور سان آراسته ٿي ڪنهن سڦلي ڪم سان لڳڻ ٿي گهريو. محمد عثمان ڏيپلائي تن ڏينهن م نه صرف پاڻ ڪامريڊن وانگيان ڪم ڪندو هو پر پرعزم نوجوانن لاءِ همت جو ذريعو به هُئو، هيءُ اهو زمانو هو جڏهن سنڌي ادبي سنگت نوجوان نسل جي ذهني آبياري ڪرڻ لاءِ هڪ آزاد ماحول مهيا ڪندي هئي ته ٻئي طرف ڏيپلائي، غلام محمد گرمي جهڙا ماڻهو هنن ۾ اتساهه پيدا ڪندا هئا. تنوير عباسي ڊاڪٽري جو شاگرد هو، نياز همايونيءَ اچي حيدرآباد ۾ خيما کوڙيا هئا. شاعريءَ سان گڏ حڪمت به هلائيندو هو، محمد ابراهيم جوئي، تعليم کان سنڌي ادبي بورڊ اچي وسايو هو. ادبي بورڊ ابتدائي مرحلن مان مس مس نڪري آيو هو ته ابراهيم جويي جهڙي ماڻهو اچي پرجهلو ٿيو. سراج جهڙي محنتي نوجوان کي ڏسي کڻي پاڻ سان کيائينس. اچي سنڌي ادبي بورڊ ۾ وهاريائينس جتي غلام رباني آگرو، اڳئي ڪَرُ کنيو ويٺو هو، ٿورو بعد ۾ شمشير الحيدري به اچي گڏين. سراج ۽ آگري گڏجي انگريزي ادب کي سنڌي ۾ آڻڻ جو طئي ڪيو ۽ ڏسندي ڏسندي چونڊ آمريڪي افسانا جهڙو ڪتاب تيار ٿي ويو. سراج بورڊ ۾ اچڻ کان اڳ ڏکڻ مان ٿو سج اڀري جهڙو ڪتاب لکي ورتو هو. سو بورڊ ۾ ساراهه ملڻ سان ويتر وڌيڪ محنت سان ڪم ڪرڻ لڳو. اتي ئي کيس سنڌي ٻولي جي پڻ بنياد بابت معلومات حاصل ڪرڻ جو شوق جاڳيو، سوکڙي پيو. لسانيات جهڙي ڳوڙهي مضمون ۾، ان وقت جرمن اسڪالر ٽرمپ جو نظريو گهڻو هلي رهيو هو. ڪاڪي پيرو مل به گهڻو ڪجهه لکيو. سراج به پنهنجي مٿاڪٽ کانپوءِ ”سنڌي ٻولي“ نالي ڪتاب ۾ سنڌي ٻولي جي ممڪن بنياد ۽ ٻين ٻولين سان لهه وچڙ بابت چڱو بحث ٿيو هو. انهي ڪتاب سنڌي ٻولي وارن ماهرن ۽ ڄاڻن ۾ گهڻي چوپچو پيدا ڪئي. بورڊ ۾ ويٺي ئي سراج چٽا ڀيٽيءَ واري امتحان ۾ ويٺو ۽ پاس ٿيو سو انڪم ٽيڪس جهڙي کاتي ۾ هنيائونس. اتي به ڏاڍو نالو ڪمايائين پر لکڻ جي پچر ڪو نه ڦٽي ڪيائين. سو ويو ڪتاب لکندو. سنڌ تي ارغونن وارو دور حڪومت ڏاڍو ظالماڻو دور هو. هن دور ۾ ٿيل هاڃن کي هن پنهنجو موضوع بڻائي ناول ”پڙاڏو سو سڏ“ لکي پنهنجي تاريخي معلومات کي افسانوي رنگ ۾ اهڙو رنڱي ڇڏيو جو اهو ناول ڏاڍو مقبول ٿيو. سراج جي لکڻ واري شوق آڏو سرڪاري نوڪري به ڪا رڪاوٽ ڪانه بڻي ۽ هو لکندو ويو. سندس انهي لکڻ جي پاداش ۾ هن ڀوڳيو به جڏهن فوجي حڪمران جنرل يحيٰ ملڪ جون واڳون سنڀاليون ته اچڻ شرط تطهير جي نالي ۾ هن ۳۰۳ آفيسرن کي سرسري اعلان ذريعي نوڪري مان ڪڍي ڇڏيو. سراج به انهيءَ انڌ واري چڪيءَ ۾ پيسجي ويو. پر سچ هيءُ آهي ته سراج، انهي جي انجام کان بي نياز ٿي انڪم ٽيڪس جي وڪالت شروع ڪري ڏني. جنهن ۾ هن گهڻو ناماچار ڪمايو. انهيءَ عرصي دوران ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي پارٽي سميت ميدان تي لٿو. ڀٽي جي شخصيت اهڙي هئي جو هن جي پارٽي ملڪ جي مقبول ترين پارٽي بڻجي وئي. پارٽي کڻي حيدرآباد جي منشي برادران واري اخبار هلال پاڪستان خريد ڪري ان کي پارٽي جي اخبار بڻايو. سراج کي ايڊيٽر مقرر ڪيائين ٿورن ئي ڏينهن ۾ اخبار ملڪ جي مشهور ۽ مقبول اخبار بڻجي وئي. هن اخبار ذريعي هن نون نون لکندڙن کي آندو پر سندن صلاحيتن کي پوريءَ ريت ڪتب آندو. پنهنجي ڀيڻ انيس، مشهور ڪهاڻي ڪار امر جليل، فقير محمد لاشاري ۽ ٻيا ڪيئي کڻي گڏ ڪيائين. نيون ڳالهيون، نوان موضوع ۽ نت نوان لاڙا، اخبار هلال پاڪستان جديد صحافت ۾ ڪيئي سٺيون ڳالهيون ميدان ۾ آنديون. خود سراج جو پنهنجو قلم ڪنهن کان ڊڄڻ وارو ڪو نه هو. تنهن ادارتي تحريرن جو ڏاڍو مڻيادار لاڙو ڏنو. سندس ڪتابن ۾ ”سنڌي ٻولي“، ”ڏکڻ مان ٿو سج اڀري“، ”چونڊ آمريڪي افسانا“، ”سنڌ جي اقتصادي تاريخ“، ”اي درد هلي آءُ“، ”منهنجي دنيا هيڪل وياڪل“، ”تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول“، ”منهنجي دنيا مرگه ترشنا“ جهڙا قابل تعريف ڪتاب ڏنا. سراج تمام ٿورو ڳالهائڻ وارو ۽ ملنسار ماڻهو هو. هن ۾ نهٺائي گهڻي ۽ مسئلن کي سمجهڻ جي خصلت تمام گهڻي هئي. اهائي سندس شخصيت جو خاصو هئي. سراج ھليو ويو ڊاڪٽر سليمان شيخ سٺ وارو ڏهاڪو پرجوش سمون هو. شاگرديءَ وارو زمانو سڄي حياتيءَ جو سڀ کان پيارو دور هوندو آهي. منهنجي سانڀر ۾ ملڪ ۾ ون يونٽ هو ۽ سنڌڙي سورن ۾ هئي. اسان جونسل جيئن سِرجيو ته سنڌي ٻوليءَ جي تعليمي حيثيت کي للڪاريو ويو. ون يونٽ خلاف دستخط مهم هجي يا وري سنڌي شام جي نالي ۾ ادبي ثقافتي ميڙاڪا هجن سڀني جو بنياد سنڌ جي سرهاڻ کي واپس وارئڻ جو وچن ڪرڻ هو. مشاعرا ادبي ميڙاڪا ٿيندا هئا. جشن روح رهاڻ اسان لاءِ روحاني تسڪين جو هڪ اهڙو ميڙاڪو هوندو هو. جنهن جو انتظار ڪبو هو. اهڙي ئي ڪنهن ميڙاڪي ۾ سائين سراج الحق ميمڻ صاحب جن سان ساڃاهه ٿي. سائين ان وقت سنڌي ٻولي جي بڻ بنياد تي تحقيق ڪري هڪ نامور ليکڪ طور سڃاتو ويندو هو. ان کانپوءِ باقاعده سڃاڻپ تڏهين ٿي جڏهين سراج صاحب روزانه هلال پاڪستان ۱۹۷۲ع ۾ ڪراچيءَ مان شايع ڪرڻ شروع ڪئي. ڪورٽ ويو بلڊنگ جي ٻي منزل تي سندن آفيس اسان لاءِ رهنمائي جو مرڪز هئي. پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ الوحيد ڪراچيءَ مان بند ٿيڻ کانپوءِ سنڌي اخبار ڪراچيءَ مان ڪڍڻ هڪ وڏي للڪار هئي. ۱۹۷۰ع جولاءِ تائين سنڌ جو نالو وٺڻ به ڏوهه هو ان کانپوءِ سنڌ صوبو وري قائم ٿيو ۽ ڪراچي ۱۹۴۷ع کانپوءِ پهريون ڀيرو سنڌ جو گاديءَ وارو هنڌ بڻيو. ان ڊگهي عرصي ڪراچيءَ جي سماج کي اوپرو بڻائي وڌو هو. ان ماحول ۾ سنڌي صحافت کي پنهنجي جاءِ ۽ رتبو وٺي ڏيڻ هڪ ڪٺن مرحلو هلو. هن ڏکئي منزل کي سراج صاحب جي بردباريءَ، اڳواڻ واري صلاحيت ڪامياب تجربو بنايو. جنهن جو نتيجو اڄ جي ڪراچيءَ جي صحافتي دنيا آهي. ذاتي طور سراج صاحب مونکي اخباري ڪالم لکڻ تي همٿايو ۽ مون پهريون ڀيرو ۱۹۷۲ع کان هلال پاڪستان ۾ جزوقتي ڪالم لکڻ شروع ڪيا. ”انسان جا پراسرار دشمن“ لکڻ وقت مون کي ميڊيڪل سائنس جي لفظن کي سولي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ جي ڏکئي مرحلي ۾ پڻ سائين رهنمائي ڪئي. سگا جي بنياد وجهڻ وقت پڻ سائين سراج صاحب جي رهنمائي حاصل رهي. ۱۹۸۰ع جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي خادمن جي جماعت سرونٽس آف سنڌ جو بنياد پيو سائين غلام مصطفيٰ شاهه، محمد ابراهيم جويو ۽ سراج صاحب بنياد وجهندڙ بانيڪار هئا. سراج صاحب هن سوسائٽيءَ جو بنيادي خيال “VISION” لکيو جيڪو هتي جيئن جو تيئن نقل ڪريان ٿو. We, as human beings, believe that Sindh is our home, Pakistan is our country and earth is mankind’s only habitat in the Universe. We believe it is our natural duty to love our home, and expect those who live in it and consider it their home, also to love it. We believe that it is our human duty to build life-assets, physical as well as spiritual, of our home, and to protect them from misuse and from suppression and usurpation. We believe that with continuous supplanting of democracy and repeated subversion of constitutions of the country, and the resultant ethical impoverishment of society all around – social, economic, and political – the question of the reordering of our national and intra-national affairs has assumed fresh relevance and urgency to be squarely met and settled de-settled de-novo within the frame-work of the Foundation Resolution of March, 1940. We believe that a society based on justice, including economic justice, and rule of law in which might as determinant of right is eliminated, are essential pre-requisites for man in modern society to evolve into a better human being. We believe that man has no commitment in life higher and nobler than service of man. With the above beliefs, convictions and ideals, we, who have subscribed the following Memorandum of Association have joined together as Founder Members, and formed our-selves into a Society, called “The Servants of Sindh Society,” for the service of Sindh and its people. هن سوسائٽي اٽڪل ۲۵ سال بيحد سرگرميءَ سان سنڌ جي سياسي سماجي، معاشي، ثقافتي حقن تي پنهنجي وزندار راءِ جو برملا اظهار ڪيو جيڪو بجا طور تي سنڌ جي ساڃاهه جو روشن ستارو هو سنڌ جي سينڌ سنوارڻ جي سَڌ ڪرڻ وارن لاءِ اڄ به ان سوسائٽي جا ٺهراءَ ۽ بيان مشعل راهه آهن. انهن سڀني بيانن ۾ علمي پورهيو اسان جي ٽن معزز رهنمائن جو هو جن هن جو بنياد وڌو هو. سراج صاحب اها خدمت بيحد خاموشيءَ سان سنڌ جي عشق نڀائڻ لاءِ ڪئي. ان سوسائٽيءَ جي روئداد ڇپيل صورت ۾ موجود آهي. سائين سراج صاحب، هڪ ناميارو قانوندان هو. ان حيثيت ۾ به سائين قانوني طور ڪيترن نوڪرين ۽ ڪوٽا جي مسئلن ۾ رهنمائي ڪئي. شريعت بينچ ڪوٽا سسٽم خلاف هڪ ”شرعي“ فيصلو ڏنو جنهن مطابق ڪوٽا سسٽم کي غير شرعي قرار ڏئي ان کي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ان حڪم جي خلاف سنڌ جي مجاهد علماء ڪرام جو هڪ وفد ڪراچيءَ آيو. سائين سراج صاحب جي صلاح سان ان فيصلي خلاف شرعي بنيادن تي سپريم ڪورٽ جي سامهون اپيل داخل ڪئي وئي ان ڪري في الحال شرعي ڪورٽ جو فيصلو رڪجي ويو. پر ڪيس جو اڃان به فيصلو نه ٿيو آهي. سراج صاحب ذاتي زندگيءَ ۾ هڪ شفيق مهربان دوست ۽ پرجوش سنڌ جو عاشق هو. سندن قلمي پورهيو ايندڙ نسلن لاءِ هميشه مشعل راهه رهندو پر اڄ جي دور ۾ پڻ سندس لکڻين کي وري پڙهڻ سان سنڌ جي محبتن جو هڪ نئون حوالو جاڳي سگهي ٿو. سندن سماجي-قانوني ڪردار پڻ قابلِ تحسين آهي. انسان مختصر حياتي ماڻي ٿو پر سندس حياتي جي ڪيل هن جدوجهد جو لاڀ پويان ماڻين ٿا. سراج صاحب جي محبتن ۽ محنتن جي سڳنڌ سدا سنڌ کي سرهاڻ بخشيندي رهندي. عشق سلامت سنڌ سلامت سدا اڀريا سنڌ ۾ آنڌيءَ جيان انسان مدد علي سنڌي سنڌي ٻوليءَ جو مشهور ڪهاڻيڪار، ناولسٽ، محقق، صحافي ۽ ”سنڌي ٻولي“ جهڙي شاندار ڪتاب جو ليکڪ محترم سراج الحق ميمڻ، اسان جي لاءِ سدائين سراج صاحب ئي رهيو، سندس طبيعت ۾ انتهائي ڳنڀيرتا شامل هئي، شايد اهو ئي ڪارڻ هو، جو هو گهڻن ماڻهن سان ويجهڙائپ نه رکي سگهيو، پر ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته سراج صاحب کي سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان هڪ عشق هو، اهو عشق هن ۾ شروع کان وٺي هو، ٿي سگهي ٿو ان عشق جي وڻ کي مٿي اڀارڻ ۾ سائين محمد ابراهيم جويي جهڙي بڙ جي گهاٽي وڻ جي ڇانو نصيب ٿي، جنهن جي ڪري سندس سنڌ جو عشق وڌي وڻ ٿيو هجي، پر ادب جي خوشبو ته سراج صاحب کي پنهنجي والد مرحوم محمد يعقوب ”نياز ميمڻ“ کان حاصل ٿي، مرحوم محمد يعقوب پاڻ هڪ وڏو تعليمدان، ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ڄاڻو هو، حافظ شيرازيءَ جي ”ديوان جا خط“ جو سنڌي ۾ سندس ڪل ترجمو ثابت ڪري ٿو، ته کيس سنڌي فارسيءَ تي هڪ ئي وقت مڪمل عبور حاصل هو، اهڙي علم پرور ۽ علم دوست والد جو ساٿ کيس سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب ڏانهن ڇڪي آيو، سال ۱۹۳۳ جي ۲۴ آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ سراج صاحب جو اسٽار لبرا هو، يعني ميزان، اهو اسٽار رکندڙ شخص انتهائي ماٺيڻو ۽ انصاف پنسد پر شرميلو به هوندو آهي، حيدرآباد جي مشهور نور محمد هاءِ اسڪول مان جڏهن هن ميٽرڪ پاس ڪئي ته ان وقت ساڻس گڏ مظهر الحق صديقي ۽ اڳوڻو نگران وڏو وزير رٽائرڊ جسٽس عبدالقادر هاليپوٽو سندس هم ڪلاسي هوندا هئا، ان وقت ميٽرڪ جو امتحان سنڌ يونيورسٽي وٺندي هئي، جتان هن ميٽرڪ جي امتحان ۾ ٽين پوزيشن حاصل ڪئي، ۱۹۵۳۾ هن ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي بورڊ جهڙي علمي اداري ۾ اچي ملازمت ڪئي، ۱۹۵۵ ۾ محمد ابراهيم جويي کيس بورڊ ۾ اسسٽنٽ سيڪريٽري جي عهدي تي مقرر ڪيو، ان وقت سنڌي ادبي بورڊ سائين جي ايم سيد، سيد ميران محمد شاهه، ڊاڪٽر شمس العلماءِ عمر دائود پوٽي، پير علي محمد شاهه راشدي، پير صاحب حسام الدين شاهه راشدي، جهڙن عالمن جي سهڪار سان هلندڙ هو، ۱۹۵۷ ۾ هن سي ايس پي جو امتحان ڏنو، ۽ بورڊ کي خير آباد چئي انڪم ٽيڪس کاتي ۾ نوڪري ڪرڻ شروع ڪئي، پر ان نوڪريءَ دوران به هن سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ساٿ ڪڏهن به نه ڇڏيو، سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ تي هن هڪ شاندار ڪتاب سنڌي ٻولي لکي ۱۹۶۴ ۾ شايع ڪرايو، هن جو موقف هو ته سنڌي ٻولي ڪنهن ٻي ٻوليءَ جي ڄائي ڪونهي، بلڪ سنڌي ٻولي ننڍي کنڊ جي پراڻي ٻولي آهي، جنهن جي هڪ جداگانه حيثيت آهي، اهو وقت ڏاڍو ڏکيو هو، ڇاڪاڻ ته ڪن ماهرن جو چوڻ هو ته سنڌي ٻولي سنسڪرت جي ڄائي آهي ته ٻيا واري ان کي ڇڪي وڃي عربن سان ملائيندا هئا، هڪ ئي وقت ان ڪتاب جي حمايت ۽ مخالفت شروع ٿي ويئي، خصوصي طور تي ڀارت ۾ رهندڙ هڪ سنڌي اديب ۽ لسانيات جي ماهر گنگارام سمراٽ ان ڪتاب تي ڏاڍي ڇتي ۽ بيرحماڻي تنقيد ڪئي، اهو مضمون حيدرآباد جي مشهور سهڻي مئگزين ۾ محترم طارق اشرف شايع ڪيو، نتيجي ۾ سراج الحق ميمڻ، مشهور قومي رسالي روح رهاڻ ۾ ان جو مدلل جواب ڏنو، ٻئي طرف سنڌ جي ترقي پسند فڪر سان تعلق رکندڙ هيءُ اديب سراج صاحب جي حمايت ۾ ميدان ۾ لهي آيا، گنگارام سمراٽ ڇاڪاڻ اصل سن جو رهواسي هو، ان ڪري سائين جي ايم سيد پنهنجي ڳوٺاڻي کي هڪ خط لکي ميار ڏني، ته سراج سنڌي ٻولي جو نوجوان محقق آهي، اوهان کي ان تي ان قسم جي تنقيد کان پاسو ڪرڻ کپندو هو، گنگارام سمراٽ جواب ۾ جيڪو خط لکيو آهي، اهو سيد صاحب جي خطن واري ڪتاب ۾ شامل آهي، ان مان اوهين اندازو لڳائي سگهو ٿا ته سائين جي ايم سيد جهڙا ماڻهو سراج سان ڪيڏي نه محبت ڪندا هئا. ساڳئي وقت هن ۱۹۶۹ ڌاري هڪ ناول پڙا ڏوسوئي سڏ لکيو، اهو ناول سنڌ جي تاريخ جي پس منظر ۾ لکيو ويو هو، ان وقت سنڌ ون يونٽ جي زنجير ۾ جڪڙيل هئي، ان ناول کي جيتوڻيڪ ڪن ليکڪن نعريبازي قرار ڏنو، پر سنڌ جي نوجوان نسل ۾ اهو ناول ڏاڍو مشهور ٿيو. ۱۹۷۲ ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سراج صاحب کي سيد قمر الزمان شاه جي صلاح سان روزاني هلال پاڪستان ڪراچيءَ جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو، پهرين مئي ۱۹۷۲ کان ڪراچيءَ مان نئين رنگ ۽ ڍنگ سان هڪ جديد سنڌي اخبار هلال پاڪستان جو بنياد سراج صاحب جي هٿن سان پيو، يقينن ان ڳالهه کان ڪوئي شخص انڪار نه ڪري سگهندو ته سراج صاحب، جي ايڊيٽر شپ ۾ نڪتل روزاني هلال پاڪستان ڪراچي، سنڌي صحافت ۾ هڪ انداز، هڪ نئون موڙ هئي، ان اخبار سنڌي ٻوليءَ جا اصولڪا لفظ ڪتب آندا، گرامر جو خصوصي طور خيال رکيو ويندو هو، تنهن کان سواءِ اعليٰ قسم جي پروف ريڊنگ جو رواج به سراج صاحب هلال پاڪستان ۾ وڌو ساڳئي وقت ان وقت جي مشهور اديبن جهڙوڪ امر جليل ۽ قمر شهباز کان ڪالم لکرائي، کين معاوضو ڏيڻ جو رواج به سراج صاحب وڌو، نه رڳو اهو بل ان وقت کان وٺي اخبار جي وڪرو ٿيڻ تائين هلال پاڪستان واحد اخبار هئي، جنهن ۾ ورڪرس کي ويج بورڊ پگهارون ملنديون هيون، ۱۹۷۷ جي مارشل لا کان پوءِ علي احمد بروهيءَ هلال پاڪستان ۽ ان جي پيپلز فائونڊيشن کي مارشل لا وارن جي حڪومت جي حوالي ڪرائي ڇڏيو ۽ پاڻ شيخ سلطان ٽرسٽ (پيپلز فائونڊيشن جو ايڊيشنل ايڊمنسٽريٽر ٿي سراج صاحب کي مجبور ڪيو ته هو مارشل لا جي فرمانبرداري ڪري. پر سراج صاحب استعيفيٰ ڏني ۽ اخبار کي الوداع ڪري ويو، شايد گهٽ ماڻهن کي ان ڳالهه جي خبر هوندي ته هلال پاڪستان کي ان وقت جيڪا جديد آفيسٽ پرنٽنگ مشين هئي، اها جنگ اخبار وٽ به بعد ۾ آئي، اهو ڪم سمورو ڪم سراج صاحب جي صلاح سان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سر انجام ڏنو هو، ساڳئي وقت شهيد ڀٽو، پيپلز فائونڊيشن کي سول لائينس ۾، پي آءِ ڊي سي بلڊنگ ڪراچيءَ وٽ به شاهي پلاٽ به ڏنا، جن ۾ اها جديد پريس لڳل هئي، ٻن بلڊنگن جي ان وقت به مسواڙ اداري کي لکين رپيا ملندي هئي، پر بروهي صاحب آخري ۱۹۹۲ جي آخر ڌاري اها جديد مشين وڪڻي، اخبار کي ورڪرس کي وڪڻي ڇڏي.ان سموري ڳالهه تي سراج صاحب ڏاڍو ڏک ظاهر ڪندو هو. سراج صاحب بنيادي طور تي هڪ اصول پرست اديب هو، شيخ اياز سان سندس دلي قرب هوندو هو، منهنجي ذاتي ڏيٺ ويٺ سراج صاحب سان نومبر ۱۹۷۰ ۾ ٿي، شيخ اياز وٽ، اياز، فاران هوٽل ۾ رهيل هجي، اتي اوچتو سراج صاحب اچي نڪتو سندس بهترين پوشاڪ يعني ٿري پيس فل سوٽ ۾ هو وڏي رعب ۽ تاب وارو شخص ٿي اچي اسان جي سامهون بيٺو وات ۾ خوشبودار تماڪ سان پريل پائيپ، اياز منهنجي واقفيت ساڻس ڪرائي يڪدم چوڻ لڳو، نوجوان اڳتي قدم بند ڪري ڇڏيئي ڇا ؟ ته سمجهي ويس ته هن منهنجو رسالو اڳتي قدم جو پهريون پرچو پڙهيو آهي، وڌيڪ مون سان ڪو نه ڳالهايائين اياز سان ڪچهري ڪري رهيو. بعد ۾ ساڻس جڏهن به ملاقات ٿيندي هئي، ته عزت ۽ محبت سان ملندو هو، ۱۹۹۰ ۾ آئون جڏهن روزاني هلال پاڪستان جو چيف ايڊيٽر ٿيس ته پاڻ مون کي فون ڪري مبارڪ ڏيندي چوڻ لڳو ته خبرداري سان اخبار کي هلائجان محسوس ڪرايو آهي ! پوءِ هو مون کي لائونج ۾ ٺهيل هالپسدي ان اسلام آباد هوٽل جي جيسمين ڪافي شاپ ۾ وٺي ويو، اتي ڪافيءَ جو آرڊر ڏيئي پاڻ پائيپ ڇڪڻ لڳو. مون کي ان وقت هو ڏاڍو اداس لڳو، ٻاره شيشي جي دري مان شام جي مهل ان مهل وسندڙ برسات کي ڏاڍي غور سان ڏسي رهيو هو. جڏهن ڪافي پي اسان اٿياسين ته هن بل جي پيمينٽ ڪري ڇڏي. اها ٻي ڳالهه هئي ته اسان هوٽل ۾ حڪومت جا گيسٽ هئاسين. پر سندس خوددار طبيعت جي ڪري هن بل تي صحيح ڪرڻ بدران، پنهنجي کيسي مان بل ڀري ڇڏيو ۽ مون کي خدا حافظ چئي، واپس پنهنجي روم ۾ هليو ويو. ساڻس آخري ملاقات پاڪستان آرٽس ڪائونسل ۾ گذريل سال ٿي هئي. ڪراچي يونيورسٽي طرفان سڏايل شاهه لطيف ڪانفرنس جي هڪ سيشن ۾ پاڻ آيو هو، ملاقات ٿي، ته مان پاڻ ساڻس جهڪي وڃي مليس، چوڻ لڳو، مدد! تو ربانيءَ تي ڏاڍو سٺو مضمون لکيو آهي، در اصل لکڻ ته مون کي کپندو هو، پر تو سٺو نڀايو آهي، تو منهنجي ادبي بورڊ مان ڇڏڻ واري تاريخ ۽ سال لکي ڇڏيو، مون کي ڏاڍي حيرت ٿي ته تو اهو مواد ڪٿان هٿ ڪيو؟ مون سندس ٿورو مڃيندي محسوس ڪيو ته سراج صاحب سنڌي ادب کي باقائدگي سان پڙهي رهيو آهي، هن ڌرتي هن ٻولي ۽ هن مظلوم قوم سان ڪيل پنهنجو وچن آخري دم تائين قائم رکيائين وفات کان اڳ ۾ سندس ٻه لکيل انگريزي ڪتاب History of Sindhi Language Biography Of an unknown Sindhi سندس انهيءَ وچن ۽ ڪمٽمينٽ جو اظهار آهي، سنڌي ادب ۽ سنڌ جي آسمان تي، هو ٻين ڪيترن ستارن وانگر چمڪنڪدو رهندو، سندس ٻيا تارا مرڻ مون سين آءُ، منهنجي دنيا مرگهه ترشنا، منهنجي دنيا هيکل وياڪل، سندس لکيل ڪهاڻيون، مضمون، ۽ سنڌي ٻولي ڪتاب سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهم باب آهن، اڄ شيخ اياز جي هنن لفظن ۾ اسين کيس ياد ڪري رهيا آهيون. سدا اڀريا سنڌ ۾ آنڌي جيئن انسان، وڙهندي مڙس مهان، مٽيءَ منجهه سمايا (اياز) سراج يارن جو يار محمد ابراهيم جويو سراج الحق ميمڻ منهنجو جگري دوست هو، هن صحافتي دنيا توڙي ادب جي دائري ۽ علمي ميدان ۾ هڪ ئي وقت ڪم ڪيو آهي، سراج الحق ميمڻ نماڻي قسم جو انسان پڻ هو، سراج جو مون سان ڀائرن وارو ناتو هوندو هو، سراج الحق ميمڻ علم ۽ ادب جي ميدان ۾ ايترو ته ڄاڻو انسان هو جو جيڪڏهن ادب ۽ علم جي ميدان ۾ ساڻس ڪا ڳالهه ڪبي هئي ته سندس ردعمل دل پسند ۽ علمي لحاظ کان لاجواب هوندو هو، سراج الحق ميمڻ ۽ مون سڄي زندگي گڏجي گذاريو ۽ علم ۽ ادب جي خدمت ڪئي، توڙي جو سراج الحق کانئس عمر ۾ ننڍو هو پر کيس وڏي ڄاڻ هوندي هئي، تنهن ڪري ڪنهن وقت هو سندس استاد به بڻجي ويندو هو، افسوس ته آءُ وڏي عمر وارو زنده رهجي ويس ۽ هو ننڍي عمر وارو اسان کان الڳ ٿي ويو، سندس وڇوڙي ته تمام گهڻو صدمو پهتو آهي، هو وڏي همٿ ۽ حوصلي وارو انسان هو، هن ادب ۽ علم جي دائري ۾ وڏي قابليت، همٿ ۽ حوصلي سان ڪم ڪيو، جنهن وقت آءُ سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري هيس، تنهن وقت سراج ميمڻ پهرين اسسٽنٽ طور مون سان گڏجي ڪم ڪيو ۽ ان دور ۾ بورڊ اندر جيترو ڪم ٿيو، ان ڪم ۾ سراج ميمڻ جو ڀرپور ڪردار هو، سراج ميمڻ صحافتي دنيا ۾ اچي وڏي مقبوليت ماڻي ۽ صحافت ۾ نوان لاڙا پيدا ڪيا ۽ پنهنجي دور ۾ صحافتي دنيا ۾ اڀار آندو، سراج الحق ٻن دلين وارو انسان هو ۽ يار جو يار هو. جديد ادب جو وڏو ماڻهو رسول بخش پليجو سراج الحق ميمڻ هڪ ماڊرن ماڻهو هو، هو هڪ انسان، انقلابي، اديب ۽ دانشور هو، هو جديد ادب ۽ علم ۾ وڏو ماڻهو هو، هو وزن دار شخصيت جو مالڪ هو، سراج الحق ميمڻ ڪمزور ڳالهيون نه ڪندو هو. هو سوچيندو هو ته سنڌي قوم ۾ تبديلي ڪيئن آڻجي ۽ انقلابي لاڙا ڪيئن آڻجن، سراج ڪڏهن به پنهنجي لياقتن جو فائدو وٺي پاڻ وڌائڻ وارو ڪو به ڌنڌو نه ڪيو، هو ان خيال جو ماڻهو هو ته سنڌي ماڻهو سجاڳ ٿين پنهنجي وطن جا مالڪ بڻجي تعليم حاصل ڪن، هو پاڪستان جو حامي ضرور هو ته سنڌ پاڪستان ۾ هجي، پر غلام نه هجي نه مرڪز، نه وڏيرن جي غلامي ۾ هجي، هو هوائي ڳالهيون ڪندڙن مان بيزار هوندو هو، هن جي وڃڻ سان جيڪو نقصان ٿيو آهي، ان نقصان جو پورائو ٿي نٿو سگهي، اهڙا ماڻهو گهٽ هوندا آهن، جيڪي توڙ نڀائين ٿا، جيڪي پلٽا نٿا هڻن، وڏيرن جا چمچا نه ٿيندا آهن، سراج انهن ماڻهن مان هڪ شخصيت هو، سراج جهڙا ماڻهو روز پيدا نه ٿيندا آهن. سراج سندس جديد سنڌي صحافت ۾ ڪردار جي اين مغل سائين سراج الحق ميمڻ اديب هو، بيورو ڪريٽ هو، زبان جو ماهر هو ۽ صحافي به هو. اڄوڪي مضمون ۾ اسين گهڻو ڪري سنڌي صحافت ۾ سندس ڪردار جو ذڪر ڪنداسين. سراج صاحب صحافت پيپلزپارٽي طرفان ڪراچي مان شايع ٿيندڙ ترجمان اختيار ”هلال پاڪستان“ جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ شروع ڪئي، هلال پاڪستان جي ايڊيٽر طور ڪم ڪرڻ کان اڳ سراج صاحب جو شايد باقائدي صحافت جي پيشي سان ڪو تعلق نهر هيو هو، پر جنهن ڏينهن کان هن هلال پاڪستان جي ايڊيٽري سنڀالي ڪڏهن به ڪنهن کي به اهو احساس نه ٿيو ته هلال پاڪستان جي چارج ڪنهن اڌو گابري صحافي وٽ آهي. ان جي برعڪس جنهن به هلال پاڪستان پڙهي ته محسوس ڪيائين ته سندس هٿن ۾ سنڌي زبان جي هڪ اهڙي اخباري آهي جنهن ۾ صحافت جي مڙني معيارن جو خيال رکيو ويو آهي. سراج صاحب جيترو وقت به هلال پاڪستان جو ايڊيٽر رهيو هلال پاڪستان نه فقط پاڪستان جي بهترين اخبارن ۾ شمار ٿيندي آهي پر سندس ايڊيٽر شپ ۾ هلال پاڪستان سنڌ جي زبردست خدمت ڪئي. سنڌ جو اهڙو ڪهڙو اشو هوندو جنهن تي هلال پاڪستان ملڪ جامع حقيقت ... ۽ بي پاڪ موقف نه پيش ڪيو هجي. حالانڪه هلال پاڪستان حڪمران پارٽي جي ترجمان اخبار هئي پر ان سموري عرصي ۾ نه هلال پاڪستان سنڌ جي مفادن کي نظرانداز ڪيو ۽ نه حڪمران پارٽيءَ ڪڏهن ان قسم جي ادارين، خبرن، سرويز ۽ ٻئي مواد تي اعتراض ڪيو. جن به سراج صاحب سان هلال پاڪستان ۾ ڪم ڪيو آهي اهي ان ڳالهه جي شاهدي ڏيندا ته هو هڪ انتهائي سنجيده شخصيت هو. نه هن جي لکڻين مان ۽ نه هن جي رويي مان ڪڏهن غير سنجيدگي لڳندي هئي. هلال پاڪستان جو ايڊيٽوريل سراج صاحب پاڻ لڳندو هو. اهي ايڊيٽوريل جتي سنڌ جي اشوز تي هوندا هئا ته اتي ٻين قومي اشوز، بين الاقوامي اشوز ۽ اقتصادي اشوز تي هوندا هئا. اها ڳالهه به پوري ذميداريءَ مان چئي سگهجي ٿي ته سراج صاحب جو لکيل ڪو به ايڊيٽوريل ... نه هوندو هو. ان ۾ ..... انداز ۾ موقف به رکيو هوندو هو ته ان ۾ واسطيدار انگ اکر به هوندا هئا. شايد تمام گهٽ ماڻهن کي خبر هجي ته سراج صاحب اقتصاديات جو به ماهر هو. اقتصاديات هن جو پسنديده مضمون هو. سراج جي ادارن ۾ نڪرندڙ اخبار هلال پاڪستان هر لحاظ کان مڪمل اخبار هئي. اخبارن ۾ خبرون، ايڊيٽوريل ۾ قطعي، مزاحيه ڪالم، سياسي ۽ اقتصادي موضوعن وارن ڪالم کان سواءِ هفتي دوران ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن ڪو نه ڪو خاص صفحو به شايع ٿيندو هو. انهن ۾ خاص .... جو صفحو تمام مشهور هوندو هو جيڪو سندس مشير ادي فهميده حسين جي ادارت ۾ نڪرندو هو. ان کان سواءِ پورهيتن، هارين ۽ شاگردن جا صفحا به هر هفتي شايع ٿيندا هئا. ان ۾ به ڪو شڪ نه آهي ته هر صفحو پنهنجن پڙهندڙن ۾ ڏاڍو مقبول هوندو هو. اها ڳالهه به ڪانهن کان لڪل نه آهي ته سراج صاحب زبان جو به ماهر هو. سراج صاحب جي ان صلاحيت جو هلال پاڪستان ۽ ان ۾ استعمال ٿيندڙ زبان تي تمام زبردست اثر پيو. سراج صاحب جون هدايتون هونديون ته هروڀرو انگريزي اردو ۽... لفظ استعمال نه ڪيا وڃن جن جا نعم البدل سنڌي لفظ موجود آهن. اهڙن طرح، هلال پاڪستان ۾ استعمال ٿيندڙ سنڌي ٻين سنڌي اخبارن ۾ به استعمال ٿيڻ لڳي. ان جو هڪ سٺو اثر پي ٽي وي تان نشر ٿيندڙ سنڌي خبرن جي معيار تي به پيو. ڪجهه هيئن ٿيو ته جيڪا ٽيم ڪراچي ٽيليويزن سينٽر تي سنڌي خبرون لکڻ جي انچارج هئي اها هلال پاڪستان جي تيار ڪيل ٽيم هئي جنهن ۾ خاص طور محترم انور پيرزادي محمد خان سيال ۽ ٻين اهڙن دوستن جا نالا وٺي سگهجن ٿا. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته جڏهن سراج صاحب هلال پاڪستان کان ڌار ٿيو ته نه فقط ٻين سنڌي اخبارن پر خود هلال پاڪستان مان به سراج صاحب واري سنڌي گهڻي حد تائين ناپيد ٿي وئي. اهو سراج صاحب جو ڪريڊٽ آهي ته هن ڪجهه ممتاز بين الاقوامي سياسي ٽرمنالاجي ۽ معاشي ٽرمس جا اهڙا نعم البدل ٺيٺ سنڌي لفظ ... ڪيا جن کي نه فقط سنڌي اخبارن ۽ سنڌ اخبارن جي قارئين پر سنڌي زبان جي ماهرن به قبول ڪيو. ان سلسلي ۾ مون کي هن وقت هڪ، ٻه مثال ياد اچن ٿا. مثال ياد اچن ٿا. مثال طور، ان وقت فرانس جو صدر ڊيگال هو. ڊيگال ڪيئن اهم بين الاقوامي ... سامهون آندا. ان وقت بين الاقوامي ٽڪراءُ کي ختم ڪرڻ يا گهٽائڻ لاءِ هن جيڪي .... تن کي هو ديتان چيو ويندو هو. .... لفظ هو پر انگريزي زبان کي اهو فرينچ لفظ پنهنجو ڪرڻو پيو. اهڙي طرح اردو پريس به لفظ ديتان استعمال ڪندي هئي پر سراج صاحب فرينج نقشو اديتان لاءِ نج سنڌي لفظ سرچاءُ استعمال ڪيو ۽ ڪيتري عرصي تائين نه فقط هلال پاڪستان مگر اڪثر سنڌي اخبارون ديتان لاءِ سرچاءُ استعمال ڪنديون هيون. اهڙي طرح اقتصاديات جو هڪ ٽرم آهي جنهن لاءِ پڻ سراج صاحب ٽرم ناڻي جي واڌ استعمال ڪيو ۽ ڪيتري حد تائين اهو ٽرم سنڌي اخبارن ۾ استعمال ٿيندو رهيو. سراج صاحب، زبان جي ماهر هئڻ جي حيثيت ۾ ان راءِ جو هو ته سنڌي زبان موجوده رسم الفظ بدران رومن رسم الفظ ۾ لکي وڃي. ان سلسلي ۾ هن هلال پاڪستان ۾ ڪيئن حوالي سان ڪيئن جامع ڪالم لکيا. پر آخرڪار سراج صاحب کي اهو موو ... ڪرڻو پيو. شايدع ان جو هڪ سبب اهو هو ته سندس ڪيترن همعصر سنڌي دانشورن ۽ زبان جي ماهرن به سراج صاحب سان اتفاق نه ڪيو. هنن جي موقف هو ته موجوده رسم الحظ ۾ ايترو سندن لٽريچر جو خزانو ڦهليل آهي جيڪو سڄي جو سڄو رومن اسم الحظ ۾ منتقل نه ٿي سگهندو ۽ اهڙي طرح سنڌي زبان کي نقصان پهچي سگهي ٿو. منهنجو خيال آهي ته رومن رسم ان جو ۾ سنڌي لکڻ واري سراج صاحب .... جي حق خاص طور اهو موقف هو ته جيڪڏهن سڀ سنڌي پوءِ ڀلي دنيا جي ڪنهن به علائقي ۾ هجي رومن رسم الحفظ استعمال ڪرڻ سنڌي زبان به ختم نه ٿيندي ۽ پاڪستان هندستان توڙي دنيا جي هر حصي ۾ رهندڙ سنڌي قوم متحده ٿي سگهي ٿي. سراج صاحب جي هوالي کان منهنجون ڪجهه ذاتي ساروڻيون ڪنهن حد تائين دلچسپ آهن جن مان هن جي وڏائي لکي ٿي هلال پاڪستان ۾ رپورٽرن ۽ ايڊيٽرن جي ڀرتي لاءِ هلال ۾ اشتهار شايع ٿيا. مون به رپورٽر بڻجڻ لاءِ درخواست ڏني، سراج صاحب مڙني درخواست ڏيندڙن کان لکت ۾ ٽيسٽ ورتي جيڪا سي ايس پي واري معيار واري هئي. جيڪي ان ۾ پاس ٿيا انهن کان زباني امتحان ورتو ويو. زباني امتحان ڏيڻ لاءِ جڏهن آئون سراج صاحب جي ڪمري ۾ داخل ٿيس ته سراج صاحب مون کي سامهون صوفه سيٽ تي ويهڻ جي لاءِ چيو. مون ڏٺو ته سندس مٿس ۾ مون وارو ٽيسٽ جو لکيل پيپر هو. سراج صاحب چيو ته تو سٺيو لکيو آهي پر مون کي يقين آهي ته تون گهڻو وقت صحافين ۾ نه رهندي، تو جهڙا ماڻهو جلد سٺي جاب ملڻ تي صحافت ڇڏي ويندا جڏهن ته صحافت کي توجهڙي سنڌي صحافين جي ضرورت آهي مون چيو ته نه سائين آئون صحافت نه ڇڏيندس، چيائين وعدو ته صحافت نه ڇڏيندي به مون چيو وعدو مون هلال پاڪستان ۾ سب ايڊيٽر طور ڊيسڪ تي ڪم ڪرڻ شروع هلال پاڪستان ۾ انٽرويو ڏيڻ کان ۴ مهين اڳ مون زرعي ترقياتي بئنڪ جي آفيسر جي لاءِ انٽرويو ڏنو هو. مون کي اها ڳالهه وسري وئي هڪ ڏينهن مون ليٽر مليو جنهن ۾ چيو ويو ته توکي زرعي ترقياتي بئنڪ ۾ آفيسر طور مقرر ڪيو ويو آهي تون ٻن هفتن اندر فيصل آباد واري تربيتي اداري ۾ رپورٽ ... جتي توکي ڪجهه مهينن لاءِ ٽريننگ ڏني ويندي، آئون ڏاڍو خوش ٿيس. مون کي اها ڳالهه وسري وئي ته هلال پاڪستان ۾ مقرري وقت سراج صاحب سان ڪهڙو وعدو ڪيو هو. آئون سراج صاحب جي ڪمري ۾ ويس ۽ مقرريءَ واري ليٽر سندس پٽيل تي رکندي چيم ته منهنجي زرعي ترقياتي بئنڪ ۾ بطور آفيسر مقرري ٿي وئي آهي. هاڻ مون کي اجازت ڏيو ته توهان کان موڪلايان. سراج صاحب مون ڏانهن گهوريندي چيو ته تون وڃڻ چاهين ٿو ته ڀلي وڃ پر پنهنجو وعدو ياد اٿئي. مون کي سچ پچ پهرين ڪا به ڳالهه ياد نه آئي پر پوءِ فوري طور سڄي ڳالهه ياد اچي وئي. آئون شرمسار ٿيندي اٿيس ۽ سندس ٽيبل تي رکيل مون وارو مقرري وارو ليٽر لفافي سوڌو کڻي سندس اڳيان ڦاڙي سندس ڀر ۾ پيل ڪچري واري دٻي ۾ وجهندي چيم ته سائني وعدو بلڪل ياد آهي. صحافت نه ڇڏيندس. آئون اڄ ڏينهن تائين جهڙو تهڙ صحافت سان جيڪو نڀائيندو اڃا ۽ ان جو ڪريڊٽ سراج صاحب کي ڏيان ٿو. هڪڙي مرحلي تي اسان هلال پاڪستان جي ڪارڪنن يونين ٺاهي. ساڳئي وقت آئون ڪراچي يونين آف جرنلسٽ جو جنرل سيڪريٽري به هيس. هلال واري يونين جو جيتوڻيڪ آئون سينيئر وائيس پريزيڊنٽ هوس پر يونين جي پويان جيڪي وڌيڪ متحرڪ هئا شايد انهن ۾ آئون پيش پيش هوس. اسان ۱۰۰ مطالبن تي مشتمل چارٽر آف ڊمانڊس ٺاهيو جنهن تي انتظاميا سان مذاڪرات ٿيا. انتظاميا جي نمائندي سراج صاحب ڪري رهيو. ٻئي طرف يونين جي مذاڪراتي ٽيم منهنجو اهم ڪردار هو. ان دور ۾ شايد سراج صاحب ۽ ان ۾ ڪي ناراضگيون به پيدا ٿيون، پر بعد ۾ جڏهن جنرل ضياءَ مارشل لڳائي، ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت ختم ڪئي ته هلال پاڪستان کي به ڪراچي جي آرمي ڪورٽيڪ اوور ڪيو. ان دوران هڪ مرحلي تي اسان پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽ ۽ ..... جي پليٽ فارمن تان سڄي ملڪ ۾ مارشل لا خلاف تحريڪ هلائي ۽ ڪراچي ۾ صحافين طرفان گرفتاريون شروع ٿي ويون. پريس ڪلب ۾ جيڪي بک هڙتال تي ويٺا انهن ۾ آئون به شامل هوس. رات جو اسين گرفتار ٿي وياسين. پر ڪجهه ڏينهن دوران اسان کي ... ڪيو ويو ۽ مساوات ۽ هلال پاڪستان جي اشاعت بحال ٿي وئي. جيل مان به ...ٿيڻ کان پوءِ مون کي ساٿين ٻڌايو ته توهان جي جيل ۾ هئڻ دوران ڪراچي پريس ڪلب ۾ ٿيندڙ احتجاجي ميڙاڪي روزانو سراج صاحب خود شرڪت ڪندو هو ۽ چوندو هو ته مغل ۽ ٻيا ساٿي ... هليا ويا آهن ته هنن جي اڪري حد تائين اخلاقي حمايت ڪرڻ لازمي آهي. سراج صاحب اصول پرست هو. هن سڄي زندگي پنهنجي اصولن تي مفاهمت ڪئي. سراج صاحب صحافت ۾ منهنجو استاد آهي ۽ جيسين جان ۾ جان آهي سندس احترام ۾ ڪڏهن به ڪمي نه ايندي. ڪاش سنڌ ۾ سئو، ٻه سئو سراج پيدا ٿي پون ته سنڌ ڪهڙن ڏکن کان آجي ٿي پوي ۽ روج واري زندگي گذرڻ لڳي. سراج سان لاڳاپيل يادگيريون عبدالحميد آخوند جن کيس سڃاتو، مٿس موهت ٿي پيا. جن هن بابت ڄاتو، تن تي سندس شخصيت جو روپ ڇانئجي ويو. سراج هڪ نهايت متا ثر ڪندڙ شخصيت هو، هو اکين جو ٺار ۽ ذهنن کي تازو توانو ڪندڙ هو. پڪي پختي توريل تڪيل ڳالھ ڪرڻ وارو ۽ عملياتي شخصيت هو، سندس حقيقي قد ڪاٺ ۽ وزن سندس خيالن ۾ آهي هن ڪڏهن به غير معقول جذبات نه ڌاريا. سنڌ، سنڌ جي ماڻهن ۽ ٻوليءَ لاءِ سندس پيار لفاظي نه هو، پر هن سنڌي ٻولي تي پنهنجي ڪتاب جي صورت ۾ ان کي سدا بهار ياد گار ڏنو، سراج انهيءَ مشن کي پنهنجي وطن جي هڪ ذميواري ڪري هٿن ۾ کنيو، انهي ميدان ۾ان جي باني واري حيثيت رکندي، هو نوجوان نسل لاءِ اتساھ جو ذريعو هيو، ڪراچي جي سنڌ فري ميسن لارج جي هڪ ڪمري ۾ ”سنڌ صدين کان“ سيمينار دوران سراج مون کي تقرير پويان تقرير ٺاهيندي نظر آيو . اهي تقريرون انهن ڪيترن ماڻهن کي ڪرڻيون هيون، جيڪي مختلف سيشن جي صدارت لاءِ آيل هيا، پر ڪيئن موضوع بابت ڄاڻ گھٽ هئي، مون کيس اهڙي ڪمانڊ سان تقريرون ٺاهيندي ڏٺو جيڪا مون ٻين ۾ تمام گھٽ ڏٺي آهي. اسان مان گھڻن جي ابتڙ هو جهڙو تهڙو اجايو ڳالھائڻ، يا منافقت ۾ وقت ضايع نه ڪندو هو، پر سدائين هاڪاري ۽ همٿائيندڙ هوندو هو، سراج ڪنهن جي گلا ۾ يقين نه رکندو هو، ڪنهن جي بدنامي ۾ دلچسپي نه وٺندو هو، اسان سڀ کيس سندس سڄڻائپ، عقلمندي ۽ علم سبب عزت ڏيون ٿا. جيتوڻيڪ سنڌي ٻولي تي سندس بنيادي ڪم ۴۰ سال اڳ لکيل ڪتاب آهي، هن وقت تائين ان ميدان ۾گھڻي تحقيق نه ڪئي وئي آهي، سندس دل ۾ ابراهيم جويو لاءِ گھڻي نرمي هئي ۽ هو سندس سڄي زندگي عزت ڪندو هو. مون کي ياد آهي ته هن هڪ ڀيري هڪ عجيب درخواست ڪئي ۽ جڏهن مون سندس ڌيان ڇڪايو، هن ٻڌايو ته هو مون کي اهو ڪجهه ڪرڻ لاءِ جوئي جي احترام جي ڪري چئي رهيو آهي، اها ڳالھ مان ۱۹۹۰ جي وچ جي هڪ ڳالھ ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته تنهن وقت سنڌ جي گورنر، سراج کي سنڌ يونيورسٽيءَ جو وي سي ٿيڻ جي آڇ ڪئي جيڪا هن تنهن وقت جي علمي ادارن جي ماحول سبب قبول نه ڪئي. الائي ڪڏهن اسان انهيءَ اداري کي امن سان هلائينداسين. سراج مهتا پيلس ميوزم لاءِ ”ٽرسٽ ڊيڊ“ جو مسودو ٺاهڻ ۾ حيلو وسيلو هو ۽ هو ان جي باني ٽرسٽيز مان هڪ هو. سندس بيماريءَ دوران جيڪا کيس دهليءَ وٺي وئي، سندس جذبا جوان هئا ۽ هو هي صورتحال لاءِ تيار هو. ڇو ته هن هڪ ڀرپور زندگي گهاري هئي ۽ مطمئن هو. هو پنهنجي ڊگهي بيماريءَ دوران به پر اميد هو. پر آخرڪار لڳو پئي ته هو (زندگيءَ جي ) قيد کان ٿڪجي پيو هو ۽ اميد جو ڪرڻو گم ٿي چڪو هو. ساڻس آخري گفتگوءَ ۾ هن مون کي چيو هو ته امر جليل کي سندس تازي ڪتاب جي مهاڳ لاءِ ياد ڏياريان ۽ ساڳئي وقت افسوس ڪيائين ته سندس صحت وڃي ٿي ڪرندي. سراج هيءَ دنيا ان حالت ۾ ڇڏي جو هن پنهنجي ڌرتي، عوام ۽ پنهنجي ڪٽنب جي خدمت ڪئي هئي ۽ کيس اطمينان هو. سندس روانگي شخصي نقصان آهي ۽ مون کي اميد آهي ته سندس خاندان ۽ دوست ريسرچ اسٽڊيز جو هڪ انسٽيٽيوٽ قائم ڪري کيس ڦل ڏيندا. رڳو نانءُ جي صورت ۾ نه پر آدرشن کي بلند ڪرڻ جي صورت ۾ به. سراج سنڌ جو عاشق ليکڪ آفتاب ابڙو سراج الحق ميمڻ سنڌ جي انهن اهم شخصيتن مان هڪ آهي جن لاءِ لطيف سائين چيو آهي ته ”مون سي ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرينءَ کي، تنين سنڌي ڪا، ڪري نه سگهان ڳالڙي“. سراج سنڌ جو اهو سپوت هو، جنهن جو هر عمل سنڌ جي ترقي ۽ سُڌاري سان واڳيل هو، هو جنهن به شعبي ۾ رهيو انتهائي متحرڪ ۽ باخبر رهيو. کيس پنهنجن ۽ پراون جي چڱي پَر خبر هئي. ڪهڙي رٿا سنڌ جي ڀلائي ۾ آهي ۽ ڪنهن منصوبي (هو منصوبي کي منفي انداز ۾ وٺندو هو) مان سنڌ کي ڪهڙو ممڪن خطرو ٿي سگهي ٿو، ان جو کيس چڱي ريت ادراڪ هو. پيپلز پارٽيءَ جي پهرين دور ۾ جيڪي چڱا فيصلا ٿيا، انهن ۾ سراج صاحب جو ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان صلاح مشورو شامل هو. سراج صاحب جي دلي خواهش هئي ته ”شاهه جي رسالي“ جي معياري ۽ جامع لغت جوڙجي، جنهن ۾ هر لفظ جو رومن لپيءَ ۾ تلفظ (Transliteration) ان جو ڌاتو (Root)ته اهو لفظ ڪهڙي ٻوليءَ سان تعلق رکي ٿو. ڌاتوءَ مطابق ان جي معنيٰ: مثلاً شمشير (Shamsher) شم= نهن+ شير= شينهن. اهو لفظ عربي ٻوليءَ جو آهي. جنهن کي تيغ، تلوار ۽ ذوالفقار به چوندا آهن. شاهه سائين ان کي ’ترار‘ طور به استعمال ڪيو آهي. انگريزيءَ ۾ sword، فارسيءَ ۾ به شمشير چوندا آهن. ان لفظ جي عام رواجي سنڌي لغت مطابق معنيٰ ۽ شاهه سائين جي مخصوص معنيٰ ڏجي ۽ حوالي طور بيتن ۾ ان جو استعمال سمجهائجي. ان ڪم لاءِ مون کي اسٽنٽ طور مقرر ڪيائون. ڪجهه وقت سندن نگراني ۾ ڪم ڪيم ۽ ڏاڍو پرايم، پر پوءِ هڪ ته سندن مصروفيتون وڌي ويون، ٻيو ته ڪم جي نوعيت تمام مٿاهين هئي، جنهن تائين مان پُڄي نه ٿي سگهيس! هر لفظ جو ڌاتو ڪڍڻ آسان ڪم نه هو، ٻيو ته سراج سائين جو ٻوليءَ بابت پنهنجو نظريو هو، جيڪو بلڪل حقيقت تي مبني هو. مثلاً اصل لفظ ’اک‘ آهي. ان مان پوءِ ’آنکهه‘ ٿيو. بنيادي لفظ ’ڀت‘ آهي. هندي ۾ اهو ’بهيت‘ ٿيو وغيره. انکان پوءِ ساڳي ڊڪشنريءَ بابت فقير محمد لاشاري کي به آڇ ڪيائون، پر هو به هام ڀري نه سگهيو. آخر ۾ پاڻ ويهي ڪارڊ تي ڪم ڪيائون، بقول ميڊم فهميده جي ته ڪافي ڪم اڪلائي ويا هئا. جيڪڏهن اها لغت شايع ٿئي ته شاهه لطيف کي سمجهڻ ۾ تمام گهڻي آساني ٿيندي. سراج سائين سنگت ساٿ ۽ نوجوانن کي همٿائيندي، هميشه اها صلاح ڏيندو هو ته وقت جي رفتار کي سمجهو، جيئن سڌريل سماجن ۾ ٿي رهيو آهي. اهڙا طريقا اختيار ڪريو، هڪ ڀيري مونکي سمجهايائون ته ”آفتاب شاهه لطيف تي ڪم ڪرڻ بنهه آسان ٿي پيو آهي، جو سائين جو سڄو رسالو اڌ انچ جي USB ۾ اچي وڃي ٿو. انکي جتان گهرون آساني سان ڪلڪ (Click) ڪري ڳولي سگهون ٿا. سڄي رسالي کي ڦولهڻ جي هاڻي ضرورت نه آهي.“ هي اهو دور هو، جڏهن هت ملٽي نيشنل ڪمپنين ۾ به ڪمپيوٽر مشڪل سان متعارف ٿيو هو. سراج الحق ميمڻ بنيادي طور افسانوي ادب جو ماڻهو هو، سندس پهرين تخليق مهان اديب ڪرشن چندر جي ناول ”جنوب سي سورج طلاع هو رها هي“ ’ڏکڻ مان سج اڀري ٿو، ترجمو آهي، جيڪو عثمان ڏيپلائي ۱۹۵۲ ڌاري شايع ڪيو هو. سنڌ ۾، هي ترقي پسند سوچ جي پهرين اهم ڪتابن ۾ شمار ٿئي ٿو. ان سان گڏ هن يورپ ۽ روس جي مهان ليکڪن جي اهم ڪهاڻين جو به سنڌي ۾ ترجمو ڪيو. سندس فهم ۽ فڪر ۾ رومانيت رچيل بسيل هئي. جنهن جو اظهار هن پنهنجن ناولن ”پڙاڏو سوئي سڏ“، ”مرڻ مون سين آءُ“، ”پياسي ڌرتي رمندا بادل“، ”منهنجي دنيا هيڪل ويا ڪل“ ۽ ”تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول“ ۾ ڪيو آهي. ڪهاڻي جي ڪردار سازيءَ تي کيس قدرت حاصل هئي، جنهن جو ذڪر سنڌ جي ڪيترن ئي ناليوارن افسانا نگارن: جمال رند، نسيم کرل، غلام رباني آگري، جمال ابڙي ۽ امر جليل به ڪيو آهي. سراج صاحب کي سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ثقافت سان ايمان جي حد تائين پيار هو. هن جيڪو لکيو، پڙهيو ۽ ڳالهايو ان جو محور سنڌ ۽ صرف سنڌ هئي. سراج صاحب ناولن سان گڏ درسي ڪتاب انگريزيءَ مان ترجمو ڪري، ڪي اصول ۽ ضابطا جوڙيا ته سنڌي ۾ ترجما هن ريت ڪبا آهن. سراج صاحب جڏهن سنڌي ادبي بورڊ ۾ هو ته هن سنڌي ٻوليءَ جي درست استعمال، جوڙجڪ ۽ بيهڪ جي نشانين جي قاعدن ضابطن بابت اهم ۽ مثالي ڪم ڪيو، جيڪي سنڌي ٻولي ۾ رهنما اصول مڃيا وڃن ٿا. سنڌي ٻوليءَ جي بنياد بابت، سندس لکڻ هڪ عجيب حادثو هو. ۱۹۵۹ع ڌاري ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو هڪ تفصيلي مضمون ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“ مهراڻ ۾ ڇپيو، جنهن جو مول متن اهو هوته ”سنڌي ٻولي پنهنجي تاڃي پيٽي ۽ جوڙجڪ جي حوالي سان سامي ٻولين: عربي، عبراني ۽ توراني مان نسري نروار ٿي آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جو صوتياتي سرشتو عربي مان ورتل آهي“. اهڙي موقف سنڌ سان اَٿاهه پيار ڪندڙ ترقي پسند ليکڪن کي ڇرڪائي ڇڏيو. سنڌ ۾ هلچل پيدا ٿي، پر ان جو جواب لکڻ لاءِ ڪو تيار ڪونه هو. پوءِ سائين ابراهيم جو ئي، ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ مولانا غلام محمد گرامي جي حد کان وڌيڪ اصرار تي سراج کي سندرو ٻڌڻو پيو. هن لاڳاتار پنج ورهيه گوڏو ڀڃي، ان موضوع تي مطالعو ڪيو. ڇهه ست ڀيرا موهن جي دڙي جا ڀيرا ڀڳا، راتين جو راتيون رهي مختلف اهڃاڻن تي ڪم ڪندو رهيو. سندس عشق جي حد اها هئي، جو رات جو خواب ۾ به موهن جي ديس جا مٽي هاڻا، چاپهين ڏاڙهيءَ وارا ماڻهو ساڻس ڪچهريون ڪندا هئا. ايئن جيئن سسئي کي وندر جي واٽ وڻن ٿي ڏسي! سراج صاحب آڏو سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد وارو ڪيس انتهائي ڳنڀير بڻجي ويو. نه صرف کيس هتي جي روايتي عالمن کي جواب ڏيڻو پيو، پر انگريز محققن موهن جي دڙي جي کوٽائي وقت جيڪي انومان ڪڍيا هئا ۽ جيڪي غلطيون ڪيون هيون، انهن کي به درست ڪرڻو پيو. اها سڄي وارتا سندس ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ ۾ ڏسي سگهجي ٿي. سراج صاحب تاريخي حوالن سان اهو ثابت ڪيو ته ’سنڌي ٻولي‘ هن ڌرتيءَ جي پيداوار آهي. سنسڪرت ۽ ٻيون پراڪرتون هن مان ڦٽي نڪتيون آهن. سنڌو لکت (Indus Script) مان ’براهمي خط‘ وجود ۾ آيو ۽ جنهن مان پوءِ ’سنسڪرت لپي‘ جڙي. جڳ مشهور قديم آثارن ۽ لسانيات جا ماهر جي-آر هنٽر، سي جي گئڊ ۽ مسٽر سڊني سمٿ به ان راءِ جا هئا. سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت سراج صاحب پنهنجي راءِ بلڪ ايئن چئجي ته مڪمل ٿيسز (Thesis) تحقيق جي مڃيل اصولن مطابق ڪتابي صورت ۾ ”سنڌي ٻولي“ جي نالي سان ۱۹۶۴ع ۾ شايع ڪرائي، جنهن جا موضوع آهن: سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، سنڌي تمدن، موهن جي دڙي جي سنڌي ٻولي. سندس اسلوب ۽ پيشڪش جو انداز بنهه نرالو آهي: هڪ وڪيل وارو! سنڌ جي ادبي عدالت ۾ ڪيس هلي رهيو آهي ته: “سنڌ جي ثقافت اصل آهي يا ڌارين! موهن جي دڙي وارو خط (لپي) هتان جو آهي يا ڪن ٻين لوڪن جو!!”. سراج صاحب ڪيس جي سڀني پهلوئن تي تاريخي حوالن سان بحث ڪيو. سندس سامهون وڪيلن جو هڪ وڏو ۽ اثرائتو گروپ هو، جنهن کي سول سوسائٽي، ڪتابي دنيا جي اديبن ۽ مذهبي پيشوائن جي سپورٽ حاصل هئي ۽ هيڏانهن هي تن تنها ادبي عدالت ۾ ڪيس وڙهي رهيو هو. سندس شاهديون اولهه، اوڀر جي ملڪن ۽ مڪاني ڪورٽن ۽ ماحول مان ورتل آهن. سندس ڪيس لڳاتار پنج ورهيه هليو. آخر جيت حق جي ٿي ۽ سڀني ساڃهه وندن اعتراف ڪيو ته سراج صاحب جا دليل وزنائتا ۽ ٺوس ثبوتن تي ٻڌل آهن، ڪو به ذي فهم انسان انهن کان انڪار ڪري نه سگهندو. سراج صاحب موهن جي دڙي جي ٻوليءَ تي تحقيق هڪ عاشق محقق جي حيثيت ۾ ڪئي آهي، ڏونگر ڏورڻ سڌائتن ماڻهن جو ڪم نه آهي، ان لاءِ اندر ۾ جهير هئڻ لازمي آهن! اهو ڪم پروفيشنل محققن کان گهڻو مٿي آهي. مصري، سميري، فينيشن وغيره قديم لپين جي انگڙين کي هڪٻئي سان ڀيٽي، ڪي مفروضا يا هٿ ٺوڪيا لفظ ٺاهڻ سان، اصل نتيجا ڪو نه نڪرندا آهن، انڊن ڀرڻ سان آلجبرا جا ڏکيا حساب حل ڪري ڪونه سگهبا آهن. موهن جي دڙي جي ٻوليءَ جو ڀورو اهو ڀڃندو، جنهن کي سنڌي ٻوليءَ جي صوتياتي اصولن، نحوي ترڪيبن، اڳياڙين (Prefixes، پڇاڙين (Suffixes) لڳائڻ جي بنيادي اصولن جي مڪمل ڄاڻ هوندي. ان کان سواءِ ان محقق لاءِ بنهه ضروري آهي ته کيس سنڌ جي تمدني اهڃاڻن ۽ لاڙن جي چڱي پر ڄاڻ هجي، ڇاڪاڻ ته تاريخي طور سنڌ پنهنجي تمدني روايتن کي هر حال ۾ برقرار رکيو آهي. اهڙو ڪو به سمو نه آيو آهي جو اسان جي تمدني ڌارا ۾ ڪا وڏي وٿي آئي هجي. اسانجي کائڻ پيئڻ ڄمڻ مرڻ، ڪچهريون ڪرڻ، هڪٻئي سان ساٿ ڏيڻ جو سلسلو اڄ به تقريباً اهو ئي آهي. دلن ، مٽن، دکين، چاڏين، پارن، تونرن، ڪونرن وغيره جي گهڙت تقريباً ساڳي آهي، جيڪا موهن جي دڙي مان لڌل مٽيءَ جي ٿانون جي آهي. انهن تي اڄ سوڌو ساڳيا چٽ چٽيا وڃن ٿا. ڏاندن جي جهلن، اٺن جي مهارن وغيره جي گهاڙ پڻ اها ئي آهي. شهري عالم توڙي ٻاهريان اسڪالر سنڌ جي انهن نرالين وٿن کي آساني سان نه سمجهي سگهندا. ان لاءِ تمام ضروري آهي ته سنڌ جي انهن ثقافتي اهڃاڻن کي انهن جي اصلي ماهيت مطابق سڃاڻجي. سراج صاحب ان کان به وڌيڪ نشانين جو ملهه ڪٿيو آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي صوتياتي سرشتي کي سامهون رکندي، مهرن توڙي تائٿن تي اڪريل/ لکيل لفظن جون بامعنيٰ پڙهڻيون به ٻڌايون آهن. جيڪي هنئي سان هرڻ جهڙيون آهن. سراج صاحب انهن ۾ تاريخي تسلسل علم لسانيات جي Philology مطابق ڏيکاريو آهي. ساڳئي وقت علم اشتقاق (Etymology) جي علمي ۽ عقلي بنيادن تي انهن لفظن جو ڇيد ڪيو به آهي. ان ڏس ۾ ٻين عالمن به ڪافي لاڀائتيون ڪوشش ڪيون آهن، پر سراج صاحب جو دڳ سڌو آهي. ڪاش! سراج صاحب جي اها ٿيسز (Thesis) ۷۰-۸۰ع واري ڏهاڪي ۾ انگريزيءَ ۾ پيش ڪئي وڃي ها ته هوند سنڌو لکت بابت تحقيق ۾ بين الاقوامي سطح تي ڪافي اڳ ڀرائي ٿي چڪي هجي ها. اوندهه ۾ لـٺيون هڻڻ وارن کي سهائي ملي وڃي ها! وري به چڱي خبر اها آهي ته گذريل سال ان جو انگريزي ترجمو “The Story of Sindhi Language” جي نالي سان شايع ٿي چڪو آهي.اها هڪ تاريخي حقيقت آهي ته سنڌ ۾ اهڙا سپوت حادثاتي طور جنم وٺندا آهن ۽ پنهنجي صلاحيتن سان اهڙو مقام حاصل ڪندا آهن، جتي رسڻ عام ۽ خاص جي وس کان مٿي هوندو آهي. سندن ڪردار ۽ اصول ايندڙ وقت لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندا آهن، جهڙوڪ ريت شهيد ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجو رتبو جوڙيو. سچ پچ ته سنڌ هڪ مؤرخ ، محقق، عاشق، عظيم ليکڪ ۽ صحافي کان محروم ٿي ويئي. اهڙي گهڻ رخي شخصيت جي پيدا ٿيڻ ۾ وقت لڳندو، تيسين علم ادب جا گهڻ گهرا کيس پيا ياد ڪندا. بقول شيخ اياز جي: ”واڪا ڪندي ووءِ صديون تولاءِ سنڌڙي“ سراج صاحب سنڌ ھيو محمد روشن عيساڻي مون کي اڄ ارشد سراج جو حڪم ٿيو ته پنهنجا تاثر لکان. آئون اُها ئي وائي ورجائيندس ته سراج صاحب سنڌ هو، آهي، ۽ رهندو. سندس بين الاقواميت ۽ ڄاڻ اُنهيءَ چنڊ نه پر سج مثل هئي جنهن جا ڪرڻا تاريڪ ڪنڊن ڪڙڇن ۾ پهچندا هجن. مون کي اُهو فخر حاصل آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ زندگي جي پهرين تاريخي پٽيشن ۾ سراج صاحب عبدالحفيظ لاکو صاحب ۽ عبدالرشيد آخوند صاحب سان گڏ نه رڳو پيش ٿيڻ پر سکڻ جو موقعو مليو، ڇا لکي ڇا لکان. سندس شخصيت علم جو ڀنڊار هئي. سنجيدگي ۽ مذاح جو به هڪ مخصوص انداز هو. آئون دعاگو آهيان ته ڌڻي پاڪ سندس پوين ۾ برڪت وجهي ۽ شال اُهي سِڪون لاهين، ڀلوڙ اولاد آهي. سنڌ ۾ چوڻي آهي ته ڀاڳين جا وٿاڻ وسندا رهندا آهن. ڌڻي در دعا آهي ته هي وٿاڻ سدائين سائو ستابو ۽ آباد رهي. وري به ورجائيندس ته سراج سنڌ هو ۽ سنڌ سراج آهي ۽ رهندو. سراج صاحب جي شخصيت تي لکڻ سج کي ڏيئو ڏيکارڻ جي برابر آهي. هزار صفحا به ٿورا آهن سراج صاحب تي لکڻ لاءِ. اکين ۾ پاڻي ٿو اچي جڏهن سندس تصور ۾ پرتو ٿو پسان. انشاءُ الله جنت جي حورن هنج هوندو. منهنجو ويساهه آهي ته اُن دنيا ۾ به هو سنڌ کي نه وساريندو. سوچيان ٿو ته هيڏي وڏي شخصيت تي وڌيڪ ڇا لکان. جذبات ۾ خبر ناهه ڇا لکي ويو آهيان. چُڪ ٿي هجي ته معافي. سراج صاحب مٿاهون هو ۽ مٿاهون رهندو. جنت جي حقدارن ۾ هوندو.... مري ٿيا نه مات قاضي علي اطهر سراج صاحب هڪ گهڻ رخي شخصيت رکندڙ انسان هئا، منهنجي زندگي جا بهترين ڏينهن سراج صاحب جي چيمبر ۾ ايسوسيئيٽ جي حيثيت ۾ گذريا کيس انتهائي شفيق پيءُ ۽ استاد جي حيثيت ۾ پاتو سنڌ سان Self Conviction جي حد تائين رشتو سندن شخصيت جو نمايان رخ هيو. سراج صاحب هڪ صحافي، اديب، دانشور، ٻولي جي ماهر سان گڏوگڏ پروفيشنل وڪيل جي حيثيت ۾ پاڻ موکيو ۽ هر ڪردار ۾ سندن رول انتهائي جاندار رهيو، سندن هڪڙو ئي سلوگن/ مشن هيو ته پڙهو ۽ سنڌ جي خدمت ڪريو، سماجي ۽ مذهبي مت ڀيد کان ڌرتي جي عام لوڪ کي آجو ڪريو. سراج صاحب جهڙيون شخصيتون مرنديون ناهن. لطيف سائين چواڻي: مرڻا اڳي جي مئا سي مري ٿيا نه مات. سراج صاحب جي سنڌ جو پڙاڏو سندن سوچون ۽ ويچار، جيڪي هن پنهنجي لکڻين ۾ عام لوڪ سان ونڊيا سي هميشه ٻڌبا رهبا. موهن جي دڙي جي پرسيٽ، جيان ڳاٽ اوچو ڪري گهمدڙ سراج جي صورت هميشه اسان جي سامهون رهندي. سراج صاحب پاڻ کي هميشه سنڌ جو خادم سمجهيو انهيءَ جو ثبوت سندس جوڙيل Servants of sindh سوسائٽي جو بنياد ۽ پاڻ کي سنڌي ٻوليءَ لاءِ ارپڻ سندس هڪ وڏو ڪارنامو هيو. پاڻ سنڌي ٻوليءَ کي نج هن ڌرتيءَ مان جنم وٺندڙ ٻولي جو پرچارڪ رهيو، نه صرف پرچارڪ رهيو بلڪ پاڻ انهيءَ کي ثابت به ڪري ڏيکاريو. رَتِيَ جي رهاڻ کان وٺي، قانون جي سخت زبان تائين سراج صاحب جهڪڻ نه سکيو نه ئي وري مون جهڙن شاگردن کي جهڪڻ ڏنو. سراج منھنجو دوست منھنجو ڀاءُ امر جليل مونکي ٺيڪ سان ياد ناهي ته اپريل ۱۹۷۲ع جي اها ڪهڙي تاريخ هئي، سراج مونکي چورائي موڪليو هو ته سڀاڻي شام جو ستين لڳي شيزان ۾ اچ، چانهه پئينداسين ۽ لکڻ پڙهڻ بابت ڪجهه ڳالهائينداسين. مونکي اچرج ٿيو هو، اچرج ان ڪري ٿيو هو جو دوستن هُلائي ڇڏيو هو ته سراج مخصوص دوستن جي دائري کان ٻاهر نه ڪنهن سان ملندو آهي ۽ نه ڳالهائيندو آهي. ڪنهن سان به ڊيگهه نه ڪندو آهي، سندن دوستيءَ جي دائري ۾ شامل هوندا هئا، گڙنگ ليکڪ ۽ شاعر- رشيد ڀٽي، جمال ابڙو، شيخ اياز، غلام رباني آگرو، رشيد آخوند، ابراهيم جويو، غلام محمد گرامي، سوڀو گيانچنداڻي، تنوير عباسي، نياز همايوني، اياز قادري ۽ نورالدين سرڪي وغيره. تنهنڪري منهنجو اچرج اجايو نه هو. ادب ۾ منهنجو نالو معتبر نه هو. يارن دوستن مشهور ڪري ڇڏيو ته مان ملحد هوس، منڪر هوس، نظريه پاڪستان جي بنيادي ٻه قومي ٿيئري جو مخالف هوس، دين ڌرم کان آجو هوس. سندن رائي ۾ ڪنهن قسم جو وڌاءُ نه هو. ان وقت تائين مون نج تصوف جي تڏي تي هميشه لاءِ سر جهڪائي ڇڏيو هو....... مون پهرين ڪهاڻي ۱۹۵۶ع ۾ لکي هئي ۽ ان کان پوءِ لاڳيتو چار پنج سال وساري ڇڏيو هيم ته ڪڏهن ڪا ڪهاڻي به لکي هيم. اندر ۾ ڏاڍي اڻتڻ هئي. بيچيني هئي. زندگي، موت، مجبوري، بيوسي، بغاوت، ويڙهه ۽ حالتن سان ٺاهه نه ڪرڻ جهڙا انيڪ ويچار ۽ رويا مونکي اڪيلو ڪري ڇڏڻ لاءِ ڪافي هئا. ورهين جا ورهيه اڪيلائين ۾ ڀٽڪندي هڪ انوکي دڳ جا در منهنجي لاءِ کلندا ويا. هڪ راهه مان هزارين نڪرندڙ راهن مونکي نه مُنجهايو. هڪ راهه تي اڳتي نڪري وڃڻ کان پوءِ موٽڻ ممڪن لڳندو آهي. پر راهن مان نڪرندڙ انيڪ راهن جي راهي ٿيڻ کان پوءِ موٽڻ امڪان کان ٻاهر هوندو آهي. انهن راهن تي هلندي مون موٽي وڃڻ جي امڪان بابت ڪڏهن ڪونه سوچيو ۽ نه اڄ تائين سوچيو آهي. مونکي موٽي اچڻو ناهي، مان موٽي نه ايندس. راهن مان ڦٽي نڪرندڙ راهن تي هلندي مان لاڳيتو لکندو رهيس. مسلسل لکندو رهيس. جيڪي وڻيو، جيئن وڻيو تيئن لکندو رهيس. اندر جي اظهار لاءِ اهڙي قسم جو رويو مونکي راهن مان ڦٽي نڪرندڙ راهن تي هلندي مليو آهي. امان جي اسهڻ کان پوءِ مان لاڳيتو لکندو رهيس. ڪنهن کي وڻيس، ڪنهن کي نه وڻيس. ڪنهن دعا ڏني، ڪنهن بددعا ڏني. ڪنهن گاريون ڏنيون، ڪنهن گل ڏنا. ڪنهن کڏ کوٽي ڪنهن مان ڏنو. ڪنهن ڀر ۾ ويهاريو، ڪنهن ڀر مان اٿاري ڇڏيو. اهڙي نيم پاڳل ليکڪ کي سراج چوائي موڪليو، ته فلاڻي تاريخ شام جو صدر واري شيزان ۾ ملنداسين، لکڻ پڙهڻ بابت ڪجهه ڳالهائينداسين. تاريخ مون کي ياد ناهي. مهينو اپريل جو هو ۽ سال هو ۱۹۷۲ع . ان دور ۾ سنڌي ادب تي اياز، جمال، سراج، رباني ۽ رشيد جي هيبت ويٺل هوندي هئي. انهن مان ڪنهن سان به منهنجي ڪا خاص ڏيٺ ويٺ نه هوندي هئي. بس اوچتو ڪٿي ڪٿي عليڪ سليڪ ٿي ويندي هئي. سراج جي باري ۾ مشهور هو ۽ اڃا به اهو ساڳيو تاثر برقرار آهي ته تمام سختگير طبيعت جو مالڪ آهي. کلندو ته اصل ڪونهي. مرڪي پوي ته وڏي ڳالهه. سپيرئر سروسز جي چٽا ڀيٽيءَ ۾ اڳ نڪري ويو هو ۽ وڃي انڪم ٽيڪس کاتي ۾ آفيسر ٿيو هو. ٻڌائيندا آهن ته آفيسريءَ دوران منسٽرن ۽ اسيمبلي ميمبرن کي ڪٿ ۾ نه آڻيندو هو. سندس رعب تعاب اهڙو جو ڪو به جهڙو تهڙو، اثر رسوخ وارو شخص ساڻس کشٽ ڪري نه سگهندو هو. ملڪ ۾ سياسي ڏڦيڙ پيو. اهڙا ته لاها چاڙها آيا جو لکپتي ڀنواٽيون کائي ڪکپتي ٿي ويا ۽ ڪي ڪکپتي ڦري گهري لکپتي ٿي پيا. سرڪاري ڪامورن لاءِ رڻ ٻري پيو. پڪڙ ٿي. ڇنڊڇاڻ ٿي. سراج واند ٿي وڃي وڪالت سان لڳو. انڪم ٽيڪس جي ڪيسن ۾ اسپيشلائيز ڪيائين. ذهين بي انتها هو. وڃي سپريم ڪورٽ جي ايوانن تائين پهتو. الاءِ ڪٿي ۽ ڪيئن ذوالفقار علي ڀُٽي جي دوربين نگاهن ۾ اچي ويو ۽ هو پيپلز پارٽيءَ جو ٿي ويو. سن هو ۱۹۷۲ع. مولانا ابوالڪلام آزاد جي پيشنگوئيءَ مطابق وجود ۾ اچڻ کان چوويهين سال پاڪستان ۱۹۷۱ع ۾ اڌ ٿي چڪو هو.مشرقي پاڪستان ٿي پيو هو. بنگلاديش ۽ رهيل حصي مغربي پاڪستان کي ذوالفقار علي ڀٽي ڦيرائي پاڪستان ڪيو. هن وقت اوهين جنهن پاڪستان ۾ ساهه کڻي رهيا آهيو سو پاڪستان ۱۹۷۱ع کان اڳ مغربي پاڪستان هو. موجوده پاڪستان جو ڪو وجود نه هيو. موجوده پاڪستان ۱۹۷۱ع ۾ ٺاهيو ويو. اصل ۾ پاڪستان نالو هو پنجن صوبن جي فيڊريشن جو. سنڌ، پنجاب، سرحد، بلوچستان ۽ مشرقي پاڪستان. ۱۹۷۱ع ۾ مشرقي پاڪستان علحيدگي اختيار ڪئي ۽ مشرقي پاڪستان مان ڦري بنگلاديش ٿي پيو. مشرقي پاڪستانين وانگر مغربي پاڪستان کي نئون نالو ڏيڻ بدران ذوالفقار علي ڀٽي ۱۹۴۷ع ۾ پنجن صوبن جي فيڊريشن واري ملڪ کي پاڪستان جو نالو ڏنو. اصل ۾ چئن صوبن واري موجوده پاڪستان جي عمر ۳۷ سال آهي. ۶۱ سال ناهي. ها! پنجن صوبن وارو پاڪستان وجود ۾ هجي ها ته ان جي عمر ۶۱ ورهيه هجي ها. ۱۹۷۱ع ۾ وجود ۾ آيل چئن صوبن واري پاڪستان کي شاڪ مان ڪڍڻ لاءِ، وري پيرن تي بيهارڻ لاءِ ذوالفقار علي ڀٽو ويو فيصلن مٿان انقلابي فيصلا ڪندو. انهن فيصلن جو وڏي ۾ وڏو مقصد هيو ماڻهن ۾ سجاڳي آڻڻ، آگاهي آڻڻ ۽ پاڻ سڃاڻڻ جو جذبو پيدا ڪرڻ. ملڪ فقط تڏهن ابتر حالتن مان اڀري سگهندو آهي، جڏهن ماڻهن ۾ خودداريءَ جو احساس پيدا ٿي پوندو آهي. ذوالفقار علي ڀُٽي جي انيڪ فيصلن مان هڪ فيصلو هو سنڌيءَ ۾ انگريزي اخبار ڊان جهڙي اخبار ڪڍڻ. مقصد ساڳيو هو. سنڌ جي ماڻهن ۾آگاهي آڻي، چٽا ڀيٽيءَ واري دور ۾ اڳتي وڌي اچڻ جو جذبو جاڳائڻ لاءِ ٽرسٽ ٺاهيائين. پاڻ سربراهه ٿيو. اخبار جو نالو هلال پاڪستان رکيائين. تجربيڪار ۽ پراڻا ايڊيٽر ڇڏي، سراج کي اخبار جو ايڊيٽر مقرر ڪيائين. سراج سنڌي ٻوليءَ جو ماهر، ڪهاڻيڪار ۽ ناولسٽ هو. هڪدم ها ڪرڻ بدران هن ڪجهه شرط ٽرسٽ آڏو رکيا. انهن شرطن ۾ هڪ شرط هو اخبار هلائڻ ۾ سندس مڪمل آزادي ۽ وزيرن، ميمبرن، ڪارڪنن ۽ ڪامورن طرفان اخبار هلائڻ ۾ ڪنهن به قسم جي دخل اندازي نه ڪرڻ جي ضمانت. سراج جا سمورا شرط مڃيا ويا. سراج اخبار لاءِ ٽيم گڏ ڪرڻ شروع ڪئي. ويو ماڻهن سان ملندو. چونڊي چونڊي ماڻهو کڻندو، اسٽنٽ ايڊيٽر، سب ايڊيٽر، رپورٽر۽ نمائندا کڻندو ويو. جڏهن مونکي ملڻ جو سڏ موڪليائين تڏهن ڳالهه مونکي بنهه سمجهه ۾ نه آئي هئي. هڪ ته صحافي ٿيڻ جو مون ۾ ڏانءُ نه هو، نه اڄ تائين پيدا ٿيو آهي. ٻيو ته پبلڪ سروس ڪميشن جي چٽا ڀيٽيءَ ۾ چونڊجي مان ريڊيو پاڪستان ۾ نوڪري ڪري رهيو هوس. بهرحال، منهنجي لاءِ وڏو اعزاز هو. جو سراج مونکي چانهن جي دعوت ڏيئي لکڻ پڙهڻ جهڙي موضوع تي ڳالهائڻ لاءِ گهرايو هو. صدر ۾شيزان ريسٽورينٽ عبدالله هارون روڊ تي بي وي ايس پارسي اسڪول جي سامهون هوندي هئي. هينئر اتي اليڪٽرانڪ سامان ۽ موبائيل فونن جا دڪان آهن. پيهه ايڏي ڄڻ مال مفت ۾ پيو وراهجي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ به اهو پاڪستان ۱۹۴۷ وارو هجي يا ۱۹۷۱ع وارو، سنڌ پنهنجي سڃاڻپ کان، شناخت کان محروم ٿي ويئي آهي، ڪاڏي ويئي ٻولي! ڪاڏي ويئي تهذيب! ڪاڏي ويو تمدن؟ آئيني ۾ ڏسون، ته ڪنهن اوپري، اجنبيءَ جي بگڙيل شڪل ٿي نظر اچي. علم ۽ آگاهيءَ جا ڀنڊار هوندا آهن ڪتاب. يارن ڪتابن جي جنس مٽائي، ڪتابن کي مذڪر مان ڦيرائي مونث ڪري ڇڏيو آهي. اڳ ڪتاب منهنجو هوندو هو، هينئر منهنجي ڪتاب ٿي پيو آهي. بدنيتيءَ واري سياسي، سماجي ۽ ثقافتي ڦير گهير ۾ ايئن ٿيندو آهي. وڏيون مڇيون ننڍين مڇين کي کائي ڇڏينديون آهن. مان شيزان ريسٽورينٽ ۾ داخل ٿيس. ايڪڙ ٻيڪڙ هيڏانهن هوڏانهن ويٺا هئا. آخريءَ دري وٽ سراج ويٺو، هميشه وانگر وهنتل سهنتل ۽ هينڊسم. هڪ ته شخصيت ۾ نمايان، مٿان جو ٺهڪندڙ ڪپڙا پائيندو هو ته هزارن ۾ هڪ لڳندو هو. جيتوڻيڪ هن ڳالهه کي چاليهارو ورهيه گذري ويا آهن، پر سراج سان پهرين ملاقات پهرين تجربي ۽ پهرين آزمائش وانگر مونکي اڄ به ياد آهي. سراج ريسٽورينٽ جي سڀ کان پرئين دريءَ وٽ ٽنگ ٽنگ تي رکي وٺيو هو. هڪ هٿ ۾ ڪو انگريزي ڪتاب ۽ ٻئي ۾ پائيپ هوس. ڪتاب پڙهندي پائيپ مان سوٽو هڻي پئي ورتائين. مان وڃي سامهون بيٺومانس. ڪنڌ مٿي ڪري مون ڏانهن ڏٺائين. مُنهن تي مرڪ تري آيس. ڪتاب رکي، اُٿي مونکي هڪ ٻانهن سان ڀاڪر پاتائين، ٻئي هٿ ۾ پائيپ هوس، کلي چيائين، ”وقت جو ڏاڍو پابند ٿو لڳين.“ چيم، ”ريڊيو پاڪستان ۾ نوڪري جو ڪريان ٿو.“ ”ويهه“ مونکي پنهنجي سامهون صوفي تي ويهڻ لاءِ چيائين. اڳوڻي وڪٽوريا روڊ ۽ هاڻوڪي عبدالله هارون روڊ طرف کلندڙ شيزان ريسٽورينٽ جي درين ڀرسان صوفا رکيل هوندا هئا، مان ويهي رهيس. پڇيائين، ”ڇا پيئندين؟“ چيم، ”چانهن.“ منهنجي لاءِ چانهن ۽ پنهنجي لاءِ ڪافي گهرايائين. ان وچ ۾ ويٽر پيٽيس، پيسٽريز ۽ سينڊوچز جي ٽري رکي هليو ويو. پُڇيائين، ”ڇا پيو پڙهين، اڄ ڪلهه؟“ ٻڌائيندي هٻڪ ٿي. پر ٻڌائي ڇڏيومانس، ”پنج ڇهه ڪتاب پيو پڙهان.“ ”پنج ڇهه ڪتاب!“ منهن تي مرڪ اچي ويس. الاءِ ڪيئن ۽ ڪڏهن کان مونکي هڪ مهل چار پنج ڪتاب پڙهڻ جي عادت پئجي ويئي هئي ۽ هن عمر تائين هلندي اچي. ٻڌائيندي مونکي پشيماني محسوس ٿيندي آهي. چانهن آئي، ڪافي آئي. سراج کي مون اجائي سجائي ڳالهه ڪندي ڪڏهن ڪو نه ڏٺو. سپريئر سروسز جي آفيسر ۽ وڏي وڪيل وانگر ٽودي پوائنٽ to the point سڌي سنئين ڳالهه ڪندو آهي. مقصد جي ڳالهه ڦيرائي گهيرائي نه ڪندو آهي. ”اخبار پيا ڪڍون“ پڇيائين، ”خبر اٿئي؟“ چيم، ”ها.“ هڪدم چيائين، ”تون اخبار لاءِ ڪالم لک.“ ”ڪالم!“ مان هٻڪيس. چيائين، ”ڊيلي ڪالم روزانو هڪ، هفتي ۾ ڇهه دفعا، هڪ ڏينهن موڪل.“ مونکي تعجب ٿيو. ڪالم لکڻ منهنجي وس جي ڳالهه نه هئي ۽ سو به روزانو ۽ هفتي ۾ ڇهه دفعا!“ ان کان اڳ جو مان ڪجهه چوان، چيائين ”ته پوءِ فيصلو ٿيو ته هفتي ۾ ڇهه ڪالم لکندين، ايئن؟“ هٻڪندي هٻڪندي منجهندي، ”پر“ مس چيم جو فيصلو ڪندڙ لهجي ۾ چيائين ”ڪهاڻيون لکجانءِ، گشا لکجانءِ، جيڪي وڻِئي لکجان، توتي ڪا پابندي ڪونهي.“ پهرئين مئي ۱۹۷۲ تي اخبار جو افتتاحي اجراءُ ٿيو ۽ منهنجي لکڻ لاءِ هڪ بلڪل نئين تجربي جو. سراج پنهنجي واعدي کي توڙ تائين نڀايو. مون طارق اشرف وٽ به مڪمل آزادي ۽ بنا ڪنهن جهل پل جي لکيو هو. پر هي آزادي ان کان به ڪجهه سرس هئي. سرس ان ڪري هئي جو هلال پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اخبار هئي ۽ پيپلز پارٽيءَ جي ميمبرن جي روپ ۾ وڏيرن، جاگيردارن، پيرن، ميرن، سيدن ۽ سردارن جي يلغار هئي. اسيمبلين جا ميمبر هئا، وزير هئا، صلاحڪار هئا، اتحاد ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ وارا هئا. مان وڏيرن، پيرن، ميرن، سردارن ۽ جاگيردان کي سنڌ جو ويري سمجهندو آهيان. هو علم، آگاهي، سائنس، سجاڳي، اسڪولن ۽ ڪاليجن جا دشمن آهن. اڻپڙهيل ۽ نادان، هاري ناري ۽ ڳوٺاڻن جي رعيت سندن مضبوط ووٽ بينڪ آهي. جيڪا کين اسيمبلين تائين پهچائيندي آهي ۽ اسيمبلين ۾ پهچڻ کان پوءِ اقتدار جي ايوان ۾ حاڪمن آڏو هٿ ٻڌي بيهي رهندا آهن. هلال پاڪستان لاءِ ڪالمن ۾ لکيل ڪهاڻيون اهڙن ڪردارن کي واڙي کڻي اينديون هيون ۽ سندن روين ۽ نيتن جو ايڪسري ۽ الٽرا سائونڊ ڪنديون هيون. سندن ڪاوڙ ۽ ڪروڌ وڃي ذوالفقار علي ڀٽي تائين پهچندو هو. ٻاهرين ملڪن جي دوري لاءِ ذوالفقار علي ڀٽو پاڻ سان چونڊ ايڊيٽرن جو جٿو کڻي نڪرندو هو. ان ڊيليگيشن ۾ سراج ضرور شامل هوندو هو. سفر دوران هوائي جهاز ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کيس سڏائي پاڻ وٽ ويهاريندو هو ۽ اخبار جي باري ۾ حال احوال وٺندو هو. کيس خبر هئي ته هلال پاڪستان سنڌ ۾ هڻي وڃي هنڌ ڪيو هو. ڳالهين ٻولهين دوران ڀٽو صاحب سراج سان پيرن، ميرن ۽ سردارن جي شڪايتن ۽ احتجاجن جو ذڪر ڪندي منهنجي باري ۾ پڇندو هو: ڪير آهي جنهن کي تو ڇوٽ ڇڏي ڏنو آهي؟ سراج کيس سمجهائيندو هو، قبلا پهرين اکر کان آخري اکر تائين اخبار پارٽي ۽ پارٽي ميمبرن جي خبرن ۽ ڪارنامن سان ڀريل هوندي آهي. ان ۾ جيڪڏهن هڪ شخص کي اختلاف راءِ جو حق ڏجي ته اخبار جا جمهوري حق پورا ٿيندا. سراج جا اهڙا وضاحتي جواب ٻڌي ذوالفقار علي ڀٽو کِلي چپ ٿي ويندو هو. هلال پاڪستان لاءِ لکندي منهنجو سڌو سنئون رابطو سراج سان هوندو هو. پهرين شماري کان ضيا الحق جي مارشلا۽ ذوالفقار علي ڀٽيءَ جي گرفتاريءَ تائين، سراج مون سان توڙ نڀايو. اهڙي ڏکئي وقت ۾ منهنجو ساٿ ڏنو هئائين، جنهن جو فقط تصور ڪري سگهجي ٿو. منهنجي خلاف اسلام آباد ۾ ملڪ دروهي ۽ بلاسفيميءَ جون انڪوائريون هليون، تڏهن به سراج مونکي اخبار مان نه ڪڍيو. بلڪه اڃا به وڌيڪ پذيرائيءَ سان منهنجيون ڪهاڻيون شايع ڪندو هو۽ پارٽيءَ جو ڏمر سهندو هو. هلال پاڪستان ۾ شامل قصا ۽ ڪهاڻيون ۱۹۷۲ کان ۱۹۷۷ واري دور جون آهن. سمجهو کڻي ته پنجٽيهه سال پراڻا قصا ۽ پنجٽيهه سال پراڻيون ڪهاڻيون آهن. پر پروف پڙهندي مون محسوس ڪيو ته ڄڻ اڄ جون ڪهاڻيون آهن. سواءِ قيمتن جي واڌ جي. توهان کي هاڻي اهو سڀ ڪجهه پڙهندي ڳالهه اوپري اتي محسوس ٿيندي، جڏهن ڏهين رپئي واري سٺي قميص ۽ پنجويهين رپئي واري عاليشان بوٽ جو ذڪر ايندو. سٺي هوٽل ۾ ماني کائڻ کان پوءِ ويهه رپيا بل ۽ بيري کي هڪ رپيو ٽپِ ڏيئي ڄڻ حاتم جي قبر کي لت هڻبي هئي. باقي معاشري جي زوال پذيريءَ ۾ ڪو فرق نه آيو آهي. سياسي پيداگيري اڳ وانگر عام آهي. راڄ ۽ ڪاڄ ۾ داداگيري اڳ وانگر جام آهي. قدر اڳ وانگر بيقدرن جي ور چڙهي ويا آهن. اڳ وانگر چور ڀاڳيا ۽ ڀاڳيا چور ٿي پيا آهن. نه کوٽي جي خبر، نه کري جي خبر!. اڳ وانگر سڪي جا ٻيئي پاسا هڪجهڙا ٿي پيا آهن. پاڪستان ۾ انڊر ورلڊ ان لاءِ ڪونهي جو انڊر ورلڊ جا ڊان اپر ورلڊ تي حاوي ٿي ويا آهن ۽ ملڪ جو وهنوار ۽ ڪاروبار بندوق جي زور تي يتيم حڪمرانن جي سامهون روبرو هلائي رهيا آهن. سموري ملڪ جو اقتصادي ڍانچو هٿيار، هيروئن ۽ قيمتي گاڏين جا سمگلر ٿوڻيون ٿنڀا ڏيئي سنڀالي بيٺا آهن. هنن جي ڪاروبار ۾ شامل آهن بينڪر ۽ غير ملڪي ناڻي جا واپاري. اهڙي ملڪ ۽ معاشري کان علم، آگاهي ۽ روحانيت رُسي ويندي آهي. اهڙي ملڪ ۾ معاشري ۾ ذلت جهڙي زندگي گذارڻ اسان جي مقدر ۾ لکجي ويئي آهي. اهڙي ملڪ ۽ معاشري ۾ مون فقط توائي ڪهاڻيون لکيون آهن، گذريل پنجاهه سالن کان. سراج سنڌي ادب جو ديو مالائي ڪردار نصير سومرو هن رڳو ”سراج“ نالي لکيو، پورو نالو نه لکڻ به سندس طرفان نا ديده بدعتن خلاف احتجاج هو. شڪايتن، ڏوراين ۽ ميارن ڏيڻ بدران پنهنجي تخليقي ڏات کي ادب جو روپ ڏنائين. هن ادب ۾ ”تخيلاتي تحقيق“ جو رخ اجاگر ڪيو. تخليق ۽ تحقيق جي دائري جون ٽيهٺ ئي ڊگريون سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي ٻوليءَ ڏانهن وٺي ويندڙ آهن. انقلاب فرانس کان پوءِ ادب ۽ آرٽ جي دنيا ۾ ڪيترا ئي اصطلاح متعارف ٿيا. پارليامينٽ ۾ ساڄي پاسي ويٺل ”ساڄي ڌر“ ۽ کاٻي پاسي ويٺل ”کاٻي ڌر“ طور سڃاتا ويا. سنڌي ادب ۾ ترقي پسند ۽ رجعت پسند ڌريون رهنديون آيون آهن. خاص طور، انهن ڏينهن جون باقيات سمجهيون وينديون آهن. جڏهن دنيا ٻن بلاڪن جي پاور ۾ ورهايل هئي. سرمائيداراڻو سماج ۽ سوشلسٽ سماج جيڪو طرز حڪومت ۾ هينئر يوني پولر آهي ۽ جو هر ۾ الڳ الڳ فڪري ڌارائن وارو آهي. ون يونٽ خلاف اديبن ۽ شاگردن جي جدوجهد هجي، يا ايم آر ڊي تحريڪ جا اثرات هجن ، ڪهاڻين، ناولن ۽ شاعري ۾ انهن جا چٽا عڪس ملن ٿا، هي زور اسي جي ڏهاڪي تائين شدت وارو رهيو. سراج کاٻي ڌر جي اهڃاڻن جو علمبردار هو. تحقيق هر دور جو ادب آهي. لسانيات يعني سنڌي ٻولي جي کوجنا ۾ سراج الحق پنهنجو گهڻو تڻو وقت صرف ڪيو. تحقيق ۾ سندس رويو ” غير روايتي“ هو. سازن کان آواز رسي ويا روايت آهي ته ”ميمڻ“ لفظ مومن مان ماخوز آهي ۽ پاڻ تحقيق ڪري ٻڌايائين ته ان ج ڌاتو مئيندڙ يعني ماپڻ تورڻ وارو آهي. هيءَ دريافت ميمڻي لوڪ ادب جي متن ۾ ڄاڻايل آهي. ميمڻ اصل ۾ سنڌي آهن. واپار، ڌنڌي ۽ ڪرت سان سڃاڻپ هتان جي روايت رهي آهي. ٺيڪ آهي ته سنڌي پنهنجي جهوني تاريخ سانڍي نه سگهيا پر هنن جي مڪاني ۽ ڌرتيءَ ڌڻي هجڻ جو ثبوت اهو آهي ته سنڌي ٻولي لاڏائو ۽ تاريخي اٿل پٿل وارين حالتن ۾ برقرار رکي اٿائون. سنڌي ٻوليءَ کي ٻن ودوانن سنسڪرت جي ڌيءُ ڪوٺيو ته سراج چيو نه سنسڪرت سنڌيءَ مان نڪتل زبان آهي. مروج آهي ته ”شاعري پيغمبري جو جزو آهي.“ پاڻ چيائين، ” پيغمبري شاعريءَ جو جزو آهي.“ هو تخيلاتي تحقيق جو وڏو نالو هو. هو روشن دماغ ۽ چٽي بصيرت وارو ليکڪ هو. ورهاڱي کان پوءِ هوقليچ ثاني هو. لسانيات ۾ يادگار ڪم ڪيائين. وڌ کان وڌ ناول لکيائين. پرڏيهي ادب مان افسانا ترجمو ڪيائين ۽ انگريزي ۾ به ترجما ڪيائين. سنڌي ٻوليءَ تي انگريزي ۾ سنڌي لئنگويج اٿارٽي طرفان سندس ڪتاب ڪي ڇپيا ۽ ڪي اشاعت هيٺ آهن. ڏيپلائي پريس ۾ پروف ليڊر طور علمي سفر جو آغاز ڪيائين. محمد ابراهيم جويي جي اک کيس سڃاڻي ورتو ۽ سنڌي ادبي بورڊ ۾ کيس نوڪري ۾ رکيائين هن اقتصاديات بابت ڪتاب به ترجمو ڪيو. جيڪو بورڊ طرفان ڇاپيو ويو. سراج الحق جي ناولن جي ڪردارن تي تفصيلي لکڻ جي ۽ تنقيدي تجزيي ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن جي سوچ ڌارائن جو احاطو ڪرڻ هن بنهه ننڍڙي ليک ذريعي نٿو ڪري سگهجي.هن جي آخري ڏينهن وارين تصويرن مان لڳي ٿو ته هن جي ٻڌيمان ۾ وڏي ڪاوڙ ۽ ”گهڻو چوڻ “ جي دٻايل قوت بي چين آهي. هن جي فرزند امجد چواڻي ته سراج صاحب آخري ڏينهن ۾ سنڌ جي هاڻوڪين حالتن بابت متفڪر ۽ مايوس ڏسڻ ۾ آيو. سراج صاحب وڏن وڏن عهدن تي فائز رهيو، هو طرز فڪر ۾ اڳتي طرف ڏسندڙ ۽ سچائيءَ جو متلاشي هو. قوم، ٻولي ۽ ڌرتيءَ جي قلم ذريعي مثالي خدمت ڪيائين. هو ورچي ڪو نه ويٺو. اورچ قسم جو ديومالائي ”ڪردار“ کيس امرتا ڏيندو. دلبر هن دنيا ۾ وڃي رهندو واس هن پنهنجن نظرين جي قيمت چڪائي پر دڳ ڪو نه مٽيائين. سنڌي قومي ۽ مزاحمتي ادب لکڻ جي باداش ۾ کيس انڪم ٽيڪس جي نوڪريءَ تان هٿ ڌوئڻا پيا. صحافت جو سفر شروع ڪيائين. روزاني هلال پاڪستان جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. ضياءُ الحق جي مارشل لا جي دور ۾ سرڪاري پاليسين سان مطابقت ۾اچڻ بدران ايڊيٽر جي عهدي تان استعيفا ڏنائين. سراج الحق ميمڻ ۲۴ آڪٽوبر سن ۱۹۳۳ تي ٽنڊي ڄام ضلعي حيدرآباد ۾ محمد يعقوب ميمڻ سنڌيڪار ” ديوان حافظ شيرازيءَ“ جي گهر ۾ جنم ورتو. ايم اي- ايل ايل بي ڪيائين وهندڙ درياهه جي پاڻيءَ وانگر متحرڪ ذهن وارو رهيو. پنهنجو رستو پاڻ ٺاهي ڪاميابيون ماڻيائين. ۲ فيبروري، سن ۲۰۱۳ع تي فاني جهان ڇڏيائين. ڪراچي، سنڌ جي راڄڌاني شهر ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. آخر ۾ علامه اقبال جو شعر ڏئي اجازت وٺندس ؛ تيري آزاد بندون کي نه يه دنيا نه وه دنيا، يهان مرني ڪي پابندي وهان جيني ڪي پابندي. سراج سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جو خدمتگار وزير فرهاد سولنگي ٻين فيبروري ڇنڇر جي رات جو سوا ٽين وڳي اهو اڀاڳو وقت جنهن اسان کان ۽ سنڌ کان هڪ تمام ڏاهو ۽ وڏو ماڻهو کسيو. صبح جو سوير ٽي وي کولي تازيون خبرون پڙهڻ لاءِ ڳاڙهيءَ پٽيءَ تي نظر ڊوڙايم ته ”سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب سراج الحق ميمڻ ۷۹ سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.“ مون کي انهيءَ وقت محسوس ٿيو ته هي ڪهڙي قسم جي ادبي کيپ هئي. جن سڄي سنڌ جي ادب ٻولي سياست، صحافت، تحقيق، شاعري، ثقافت وغيره تي ايترو ته وڏو ڪم ڪيو. هي هيڏا سارا ماڻهو ڪهڙن استادن تيار ڪيا. جن ۱۹۵۰ع کان هن وقت تائين واندڪائيءَ کان رسي مسلسل قلم کڻي ٻولي لاءِ، سنڌ لاءِ سنڌي ماڻهن لاءِ لکيو، ۽ ايترو لکيو جو پاڻ به تاريخ ٿي ويا. مهنجو انهن ماڻهن ڏانهن اشارو آهي جن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، محمد عثمان ڏيپلائي، شيخ اياز، رشيد ڀٽي، الهداد ٻوهيو، ابراهيم منشي، تنوير عباسي، استاد بخاري، نجم عباسي، تاجل بيوس، شمشير الحيدري ۽ هاڻي وري سراج الحق ميمڻ. هيءَ اها لسٽ آهي. جن تي مان سوچيندو آهيان ته ڇا سنڌ جي مستقبل ۾ اهڙي قسم جا ماڻهو سنڌ کي ملي سگهندا؟ ڇو ته مذڪوره ماڻهو ۱۹ صديءَ جي نظام جي پيدائش هئا. ۽ ويهين صديءَ جي نسل کي اهڙي قسم جي تربيت، تعليم ۽ ماحول ملي سگهيو آهي يا نه. مذڪوره مٿي ڏنل انهن سنڌ جي گهڻ گهرن اديبن، شاعرن ۽ قلم ڌڻين جي ڇڏيل خال کي ڪير ڀريندو؟ ڇا موجوده حالتن ۾ اهڙا سگهارا نالا جڙي سگهن ٿا؟ ۽ اهي سوال منهنجي اندر ۾ هلچل مچائي رهيا هئا. ۽ سنڌ جي هن ڏاهي سراج جي وڇوڙي تي کن پل لاءِ منهنجو ذهن اهو سوچيندو رهيو. ۽ وري آچر ۳ فيبروري جي اخبارن ۾ وڏا وڏا آرٽيڪل سراج بابت ڇپيا. جن جو مرڪزي موضوع سراج هيو. ها! مونکي چٽيءَ طرح ياد آهي ته جڏهن مان پي ٽي وي تي نشر ٿيندڙ هفتيوار ٻارڙن جي پروگرام “روشن تارا” جي پروڊيوسر عبدالحق عظيم سان ڪراچي ٽي وي سينٽر تي ملڻ ويو هوس. ۽ مون ساڻس سان ڊگهي ڪچهري ڪئي هئي ۽ پوءِ روشن تارا پروگرام جي تاريخ لکي هڪ هفتيوار مئگزين ۾ ڇپرائي هيم. ۽ انهي ڊگهيءَ ڪچهري ۾ پهريون دفعو منهنجي ڪنن سراج الحق ميمڻ جو نالو ٻڌو. ۽ جنهن جو تذڪرو عبدالحق عظيم پاڻ مون سان ڪيو ته منهنجو وڏو ڀاءُ سراج الحق ميمڻ هلال پاڪستان اخبار جو ايڊيٽر به رهي چڪو آهي. ۽ ان کان پوءِ محترم سراج الحق ميمڻ جي شخصيت ۽ ادب کي ۾ ويجهڙائي کان جهاتي پائڻ جو موقعو مليو ته خبر پئي ته هي تمام وڏين ۽ گهڻين خوبين جو مالڪ هيو، ادب، تاريخ، تحقيق، ٻولي ۽ صحافت جهڙا شعبه سندس قلم هيٺ آيا. ادب ۾ سندس ناولن ۽ ترجمي هيٺ آيل ڪتابن کي سڄيءَ سنڌ ۾ تمام گهڻي پذيرائي ملي چڪي هئي. ان کان علاوه سنڌي ٻوليءَ جي تحقيق تي سندس آيل ڪتاب ”سنڌي ٻولي” قابل تعريف آهي، جنهن ۾ هن سنڌي ٻوليءَ جي پنهنجي وجود جو مڪمل دليل ڏئي اهو ثابت ڪيو ته سنڌي ٻولي ڪنهن ٻاهرين يا ڌاري ٻولي جي نه پر خالص پنهنجي وجود جي پاڻ پيداوار آهي. تاريخ جي حوالي سان پاڻ سنڌ تي ڌارين جي چڙهاين، حملن ۽ ڪاهن بابت تفصيلي تاريخ ناولن جي روپ ۾ ڏني جيڪا سندس لکڻين ۾ انفراديت جو اهڃاڻ آهي. صحافت ۾ سندس ڪيل خدمتن کي به نٿو وساري سگهجي سندس ئي دور ۾ روزنامه اخبار هلال پاڪستان سنڌي ماڻهن جي توجهه جو مرڪز ٿي. سندس ڪالم، اقتصاديات تي لکيل آرٽيڪل، حالات حاضرا ۽ ان وقت جي سنڌ جي سياسي پس منظر ۾ لکيل ڪالم سنڌي صحافت ۾ پنهنجو منفرد مقام رکن ٿا. مٿين سڀني خوبين ۽ صلاحيتن سان سرشار ذهن جي تربيت، تعليم ڪنهن ڪئي؟ يقينا هڪ ڪامل استاد جو ئي هٿ ٿي سگهي ٿو. ۽ ها اهو استاد محمد يعقوب ميمڻ ئي هيو. جنهن پنهنجي ٻچن جي اهڙي تربيت ڪئي. جو کين سڄي سنڌ پيار ۽ قدر جي نگاھ سان ڏٺو. استاد محمد يعقوب ميمڻ جي گهر ۾ ۲۴ آڪٽومبر ۱۹۳۳ع ۾ پيدا ٿيندڙ سراج الحق جيڪو اڳتي هلي استاد، انڪم ٽيڪس آفيسر، صحافي، ناولسٽ، تاريخدان، ايڊيٽر، محقق ۽ سنڌي ادب جو وڏو خدمتگار ثابت ٿيو. اڄ سندس يادگار ڪتابن ۾ پڙاڏو سو ئي سڏ، پياسي ڌرتي رمندا بادل، علم معاشيات، سنڌي ٻولي، اٺون گهر، منهنجي دنيا هيڪل وياڪل، تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول ۽ منهنجي دنيا مرگ ترشنا، ڏکڻ مان ٿو سج اڀري، چونڊ آمريڪي افسانه ۽ مرڻ مون سين آءُ آهن جيڪي سندس سنڌ، سنڌين ۽ پنهنجي ٻوليءَ لاءِ ناياب سوکڙيون آهن، هو ۽ پنهنجون يادگار لکڻيون ڇڏي پنهنجي مٽيءَ ماءُ جي هنج ۾ هميشه لاءِ آرامي ٿيو ۽ هڪ دفعو ٻيهر سنڌ ۽ سنڌي اُٻاڻڪائي محسوس ڪرڻ لڳا. شال اسان جو ايندڙ نسل به اڳتي هلي سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي اهڙي طرح خدمت ڪري جيئن سراج پنهنجي قلمي پورهئي ذريعي ٻولي جي خدمت ڪري ويو. سنڌ جو محافظ سسئي پليجو چاچا سراج ميمڻ جي گهر ۾ هن نوٽ بوڪ تي تعزيتي جملا لکندي به اڃا يقين نٿو اچي ته چاچا سراج ميمڻ هاڻ اسان ۾ ناهي رهيو ۽ اڃان به مرحوم لفظ سندس نالي سان گڏ لکي نٿي سگهان. اهو پوري يقين ۽ عزم سان چئي سگهجي ٿو ته جديدسنڌ کي ادبي، سماجي ۽ ڏاهپ جي ٻين حوالي سان جديد مزاح متعارف ڪرائڻ، نيون شيون نئين رخ ۽ زاويي سان ڏيکارڻ وارن ۾ سراج الحق ميمڻ جهڙن ماڻهن جو شاندار ۽ بيباڪ ڪردار رهيو آهي. امان اختر جو ڪتاب قيدياڻي جي ڊائري ۾ لکيل ان برجستي پر سادي مهاڳ کي ڪيئن ٿي وساري سگهان، اسڪول جي آخري سالن ۾ جيجي زرينه جي ڏنل ڪتاب پڙاڏو سوئي سڏ جي مزاحمت ڪردارن جي بهادر سوچ ۽ سندن آزادي واري ويڙهه جي هر اکر ۾ ”سراج“ جي خود پنهنجي دل جو عزم محسوس ٿيو ته ”مرسون مرسون پر سنڌ نه ڏيسون“ ۽ پوءِ ٻيا ناول جن ۾ ڪو ڪردار پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ؟ يلغار تي آگ ۽ باهه پئي وسائي ته ڪي ڪردار انتهائي اميراڻي ٺاٺ باٺ سان وڏن شهرن جي بال رومز ۾ حسينائن جي چيلهه ۾ هٿ وجهي عظيم موسيقارن جي ڌنن تي رقص ڪري رهيا هئا پر هڪڙي شيءِ جيڪا هر ڪردار منجهان ڪنهن نه ڪنهن طريقي عيان هئي ته ناول جو بنيادي خيال پنهنجي ڌرتيءَ جي بقا لاءِ ان جي دفاع لاءِ سڀ ڪجهه ڪري گذرڻ واري ڳالهه هئي، جيڪا چاچا سراج جي پنهنجي سوچ هئي، خيال هو، خواب هو ۽ جنهن جي تعبير لاءِ هڪ روشن ۽ لبرل سنڌ لاءِ اها ڳالهه هن سنڌ واسين کان وٺي گهروارن ۾ به منتقل ڪئي. سنڌ جو عظيم ماڻهو گل محمد جکراڻي نهايت ڏک ۽ افسوس جهڙي ڳالهه آهي جو سنڌ جو بيباڪ اديب، دانشور جناب سراج الحق ميمڻ اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويو. سائين سراج ميمڻ صاحب جهڙا عظيم ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن ڪن خوش نصيب قومن ۾ پئدا ٿيندا آهن. افسوس جو هو جسماني طور اسان کان ڌار ٿي ويو پر سندن عمل، ڪردار ۽ سنڌ ڌرتي جي لا ءِ خدمتون تاريخ جي اهم باب طور ياد رهنديون ۽ سنڌي قوم جي رهبري ڪنديون رهنديون. اڄ سراج صاحب جي وڇوڙي تي پوري سنڌ غم ۽ ڏک ۾ سندن پونئرن سان گڏ آهي، دعاگو آهيان ته رب تعالي سائين کي جنت الفردوس ۾ جڳهه ڏئي ۽ پونئرن کي سندن نقشي قدم تي هلندي سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي قوم هي خدمت ڪرڻ جي توفيق ڏئي. آمين. اهڙا مانجهي مرڻا نه آهن. ويس مٽائي ورڻا آهن. سنڌ ۾ قومي جاڳرتا پيدا ڪندڙ ڪردار خالق جوڻيجو ۱۹۷۰ واري ڏهاڪي دوران سنڌ جي قومي جاڳرتا جو جيڪو دور هئو ان ۾ سائين جي ايم سيد کانپوءِ جن چند مکيه ماڻهن جو ڪردار آهي انهن ۾ سراج الحق ميمڻ صاحب جو نالو نمايان آهي. اسان جڏهن ڪاليج مان نڪري يونيورسٽيءَ ۾ حيدرآباد آياسين ته جن ڪتابن سڀ کان پهرين اسانجو آدرڀاءُ ڪيو انهن ۾”پڙاڏو سو ئي سڏ“ به هئو، سنڌ جي تاريخ کي هلندڙ وقت جي قومي جدوجهد سان ڳنڍڻ جو اهو اعلٰي نمونو هئو جنهن نوجوان قومي ڪارڪنن کي تمام گهڻو متاثر ڪيو. ان کان علاوه سنڌي ٻوليءَ جي مطالعي کي نئون ۽ سائنسي رخ ڏيڻ ۾ پڻ سراج الحق صاحب جي جاکوڙ بي مثال آهي. ان کانپوءِ اخبارن ۾ لکيل نمونن ذريعي به محترم سراج سنڌ جي قومي شعور کي اڳتي وڌائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهيو. نوڪري ڇڏڻ کانپوءِ جڏهن مون وڪالت شروع ڪئي ته سراج صاحب سان نياز منديءَ جو نئون سلسلو شروع ٿيو. ملاقات گهٽ ٿيندي هئي پر جڏهن به ٿيندي هئي ته مونکان سنڌ جي قومي جدوجهد بابت پڇندو هئو ۽ پنهنجي طرفان ڪجهه ٻڌائيندو هئو ۽ سنڌ ۾ تمام ڏکين حالتن جي باوجود هو پراميد هئو. اها منهنجي خوشقسمتي ٿي ته منهنجي ويجهڙائيءَ ۾ ڇپيل ڪتاب ”سنڌ جي سياسي جدوجهد“ جو مهاڳ سراج ميمڻ صاحب لکيو. سنڌي افساني کي نئون روپ ڏيندڙ مختيار ملڪ سنڌ جڏهن ادبي کيتر ۾ ابتدائي وکون پئي کنيون تڏهن نثري ادب کي سگهه ڏيڻ لاءِ جن ادبي شخصيتن پنهنجو ڪردار نڀايو انهن ۾ سراج الحق ميمڻ جون ڪوششون ڪڏهن به نٿيون وساري سگهجن، سنڌي افساني کي نئون رنگ ۽ روپ ڏيڻ ۾ ”اي درد هلي آءُ“ اهم ڪوشش آهي. ان کانسواءِ سراج جا ناول نرالي وک هئا. سراج ”پڙاڏو سو ئي سڏ“ سنڌ تي ترخان حڪمرانن ۱۵۵۵ کان جيڪي ويل وهايا، انهن کي تاريخي پسمنظر ۾ بيان ڪرڻ ادب ۾ هڪ ڇرڪائيندڙ واڌارو رهندو. ان کانسواءِ ”مرڻ مون سين آءُ“ به سندس سهڻي ڪاوش آهي. ساڳيءَ طرح پياسي ڌرتي رمندا بادل جي سري سان لڳاتار هر سال ٽي ناول ۱۹۸۸ع، ۱۹۸۹ع ۽ ۱۹۹۰ تائين منهنجي دنيا هيڪل وياڪل، پنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول ۽ منهنجي دنيا مرگهه ترشنا، لکيا. هن پهريون ڀيرو سڃاڻپ سنڌي افسانوي ادب ۾ متعارف ڪرائي. سراج جا سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان وڏا وڙ آهن، سنڌي ٻولي، ڪتاب اپريل ۱۹۶۴ ۾ آڻي، سنڌ ۾ سنڌي ٻولي بابت منجهيل روايتن ۽ مفروضن کي رٽي ڇڏيو. ۽ سنڌي ٻولي کي سنڌ جي اگاٽي زندگيءَ سان سلهاڙي ڪجهه نئين حقيقتن کي نروار ڪيو. ابراهيم جويو صاحب، غلام رباني آگرو، تنوير عباسي، غلام محمد گرامي، شمشير الحيدري جي حوصله افزائي تي اڳواڻن ٻولي جي نظرين سان اختلاف راءِ رکندي نئون نظريو ڏنو ته سنڌين کي هڪ اصلوڪي ٻولي آهي نه ڪي سامي صفت يا سنسڪرت جي ڄائي، هن تحقيق ۾ ثابت ڪيو آهي ته سنڌي اڻ سڌي طرح سنسڪرت تي اثر انداز ٿي، بهر حال سنڌ پنهنجي هڪ محسن/ سڄڻ کان محروم ٿي وئي. رهجي وياڳڻ امان الله شيخ سراج، سنڌ جي ساڃاهه وند ٽهي جو اُهوڪردار هو جنهن کي ديومالائي چئبو ته واڌارو نه ٿيندو، دنيا ۾ جيڪي ماڻهو وقت جي ڌاراسان هلڻ کان انڪار ڪن ۽ پنهنجو رستو ۽ رند جوڙڻ جي ڪوشش ڪن ته انهن کي تواريخ جي ورقن م دائمي ۽ لا زوال درجو حاصل ٿيندو. سراج پنهنجي لکڻين ۽ وابستگيءَ سان سنڌ جي ٽن پيڙهين تي اثر انداز ٿيو. هن ادب کي محض ادب سمجهڻ کان نابري واريندي ادب کي قومن جي تقدير بدلائڻ ۾اهم ڪارج طور ڪتب آندو. جنهن ڪري سندس لکڻين کي مهانتا حاصل ٿي سراج با اصول ۽ وطن پرست روچي رام سراج الحق جهڙا مضبوط ارادي وارا سنڌ سان اٿاهه محبت ڪندڙ سنڌي تمام ورلي پيدا ٿيا آهن. اسان لاءِ هي وڏو الميو آهي هر ڪنهن کي هلڻو آهي پر هيتري ڀرپور، بااصول ۽ وطن دوستيءَ جي زندگي ڪنهن کي وري نصيب ٿئي ٿي؟ ساريم رات سنگهار، ماروئڙا ملير جا دستگير ڀٽي هيڏي وڏي جهان ۾ جتي قسمين قسمين جا ماڻهو ايندا ويندا رهن ٿا، تتي تمام ٿورڙا انسان ڄائي ڄم کان وطن پرست پئدا ٿيندا آهن، جن جي انگ انگ ۾، رَڳ رَڳ ۾ ۽ پور پور ۾، پنهنجي ڌرتيءَ جو عشق رت سان گڏ ڊوڙندو آهي. سراج اهڙن ئي ناياب سپوتن مان هو، جنهن ڳالهين بدران عمل، يعني پنهنجي لکڻين وسيلي، سنڌي سماج کي ڌوڏيو، ته جيئن سندس علم ۽ تجربي منجهان نئون نسل جاڳرتا ۽ وطن دوستيءَ بابت سبق پرائي سگهي. سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي تابناڪ مستقبل واسطي سُهڻا سُهڻا سپنا سرجيندڙ، آزاد فضائن ۾ پرواز ڪندڙ پکيئڙن جيان خوبصورت خوابن جا آکيرا اُڻيندڙ، پوئتي پيل سنڌي سماج ۾ رونقون ۽ روشنيون، پکيڙيندڙ، ترقي ۽ سجاڳيءَ لاءِ قلم کي هٿيار بڻائي ساندهه جنگ جوٽيندڙ، هيءُ علم پرور ۽ ادب دوست قافلي جو مهندار، گذريل هفتي پنهنجن مارو ماڻهن کي وڇوڙي جا وَڍ وجهي، موڪلائي ته ويو آهي، پر جنهن چاهه ۽ پاٻوهه وچان سالن جا سال علمي پورهيو ڪري تخليقون، ڳاٽ اوچو رکڻ واريون جيڪي بي مثال تخليقون، ورثي طور ايندڙ نسلن لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيون اٿس، انهن وسيلي سنڌ جي سماجي، ادبي، صحافتي ۽ لسانياتي اُفق تي سراج جو نانءُ اَبد تائين هڪ چمڪندڙ تارو بڻجي روشن رهندو. مرحوم سان منهنجي پهرين ملاقات، ۱۹۷۰ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ تنهن زماني جي نامياري شاگرد اڳواڻ لالا قادر ڪرائي هئي. ”پڙاڏو سوئي سڏ“ ڇپجڻ کانپوءِ، سنڌ جي شهر شهر، ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ سراج نالي هڪ تخليقڪار جو نالو هر پڙهيل ڳڙهيل سنڌيءَ جي واتان ٻڌبو هو، نيو چاليءَ لڳ يوسف پلازه ۾ واقع سندس وڪالت واري آفيس ۾ ٽائيم وٺڻ بنا پهتاسين. اسان کي وڏي پنهنجائپ سان مليو. سنڌي ٻوليءَ ۾ ووٽر لسٽون ڇپرائڻ واري لالا قادر جي قيادت ۾ هليل ڪامياب ٿيل تحريڪ تي ڏاڍو خوش نظر آيو. ڪجهه مهينن کانپوءِ جڏهن پاڪستان ٽُٽي ٽڪرا ٿيو، بنگلاديش آزادي ماڻي ته، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، ملڪ جو سربراهه بڻيو، جنهن ڪراچيءَ مان پنهنجي اخبار هلالِ پاڪستان شايع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اخبار جي ادارت لاءِ سندس نظرِ انتخاب سراج تي پيئي، جنهن کي ايڊيٽر مقرر ڪيائين. آئون ان زماني ۾ هلال پاڪستان حيدرآباد سان وابسته هئس، جيڪا منهنجي پهرئين استاد ۽ سنڌي صحافت جي سرواڻ شيخ علي محمد مرحوم جي نگرانيءَ هيٺ جنرل يحى خان واري مارشل لا دور ۾ ۱۴ آگسٽ ۱۹۶۹ع تي، ڀٽو صاحب ئي شروع ڪرائي هئي. اسان جي ساٿي ۽ برک صحافي اسلم آزاد، وسيلي سراج صاحب مون کي ڪراچي گهرايو ۽ هلال پاڪستان جو چيف رپورٽر بنجڻ جي آڇ ڪيائين، جيڪا مون هڪدم قبول ڪئي. جيتوڻيڪ ان زماني ۾ ٻين لکين سنڌين وانگر ڪراچيءَ ۾ مون وٽ به نه گهر نه گهاٽ، تڏهن به سنڌ جي گاديءَ واري شهر ۾ صحافت ڪرڻ جو شوق من اندر موجزن هو. يقيناً اسان سڀني جو اصل ٽارگيٽ اهو ئي هو ته، ۱۹۴۸ع ۾ جنهن بيدردي ۽ سان سنڌ جي سِسيءَ ڪراچيءَ کي باقي ڌَڙَ کان ڌار ڪري، وفاقي گادي بڻائي، سنڌي ٻوليءَ کي مورڙئي جهڙن مٿير ميربحرن جي نگريءَ مان لڏائڻ لاءِ، ويرين جيڪي سنڌ دشمن فيصلا ڪيا هئا، تن جي نه رڳو رستا روڪ ڪريون پر پنهنجي مادري ٻوليءَ جي گلابن سان ڪلاچيءَ جي جهوليءَ کي ڀرڻ سان گڏوگڏ، زوريءَ کسيل پنهنجو مورڙي وارو ماڳ به موٽائي وٺون. ڪراچيءَ جو سهڻو شهر، جيڪو ورهاڱي کان گهڻو اڳ ۾ ئي سنڌ جي علم و ادب، واپار ۽ سياست جو مرڪز بڻيل هو، اتي پوءِ به سوين سنڌي ميڊيم اسڪول قائم هئا. سنڌيءَ ۾ اخبارون، رسالا ۽ ڪتاب جام ڇپيا هئا، پر نئين ٺهيل ملڪ جي ”نون مالڪن“ کي بنگال جيان هتي به پنهنجي ٻوليءَ کي زوريءَ مڙهڻ جو جيڪو جُنون چڙهيل هو، تنهن جي آبياري ڪندي تمام تيزيءَ سان سنڌي اسڪول کي بند ڪرڻ ۽ ماڳهين سنڌين کي ڪراچيءَ منجهان تَڙڻ جون سازشون، اهڙي خطرناڪ چالاڪيءَ ۽ تيز رفتاريءَ سان سَٽيون ويون، جن جو شڪار بڻجي، لکين تعليم يافته هندو استاد، ليکڪ ۽ واپاري مجبور ٿي، پنهنجي ڌرتي ماءُ کي الوداع چئي، نئين سرحد جي پرئين پار لڏي ويا. ٿوري وقت اندر اوچتو ئي اوچتو سنڌ جو مڊل ڪلاس ئي ڪجهه سالن اندر پنهنجو وجود وڃائي ويٺو. سراج نه رڳو ڪراچيءَ جي مرڪز پاران ڪيل Annexation تي ڏکوئجي درد ڀريو گيت لکيو، پر پَتنگن جيان پڪو پهه ڪيائين ته، هن هيڏي وڏي هاڃي ڪارڻ پئدا ٿيل سماجي خال کي ڀرڻ لاءِ سنڌين کي نه رڳو سجاڳ ڪجي، پر ڪراچيءَ ۾ وڌ ۾ وڌ انگ ۾ آباد ڪري، پنهنجي سُڃاڻپ ورائي وٺجي. ڪراچيءَ مان سنڌي اخبار شايع ڪرڻ بابت، ڀٽو صاحب جي انهيءَ فيصلي کي تاريخ جو اهڙو شاندار تحفو به قرار ڏيئي سگهجي ٿو، جنهن سنڌين جي ڏکن سورن ۽ سماجي توڙي معاشي مسئلن کي پرنٽ ميڊيا وسيلي اجاگر ڪري، کين شعوري طور ڪراچيءَ ۾ آباد ٿيڻ تي اتساهيو. هيءَ ان دور جي ڳالهه آهي، جڏهن بنگلاديش ٺهڻ کانپوءِ، هزارين بنگالي آفيسر، ڪراچيءَ جي مارٽن ڪوارٽرز، پاڪستان ڪواٽرز، جمشيد ڪواٽرز ۽ فيڊرل ڪئپيٽل ڪواٽرز ۾ کين سرڪاري طرح مليل گَهر خالي ڪري، پنهنجي آزاد وطن ڏانهن ورڻ لاءِ ماندا هئا. تعصب جي عينڪ پاتل آفيسر، اهڙا خالي گهر نون ڀرتي ٿيل سنڌي آفيسرن يا ڪلارڪن کي ڏيڻ کان لنوائين هئا. اهڙين حالتن ۾ ئي سراج، هلال پاڪستان کي هٿيار بڻائي تعصبي آفيسرن جي ناجائز عمل کي ايڪسپوز ڪيو. نتيجي طور پيپلز پارٽيءَ جي پهرين سرڪار، خاص ڪري چيف منسٽر ممتاز علي ڀٽو پنهنجي وڏ وزارت جو جلوو ڏيکاريو. نيٺ سنڌين کي بنگالين جا خالي ڪيل گهر تمام وڏي تعداد ۾ رهڻ لاءِ ملي ويا. آئون، منظور قريشي، اسلم آزاد،راز ناٿن شاهي، محمود يوسفاڻي ۽ ٻيا ڪيترا ساٿي به تين هٽيءَ ڀرسان اهڙي ئي هڪ ڪوارٽر ۾ رهڻ لڳاسين، جيڪو هڪ سرڪاري عملدار دوست کي الاٽ ٿيو هو. هيءُ دور ون يونٽ ٽُٽڻ جي ڪري، سنڌ جي گاديءَ واري شهر ۾ سنڌين جي ٻيهر وسڻ جو سنهرو دور هو. پهرين ٽِڪي کير ڀريءَ جي برڪتن سان ٿي، ڪراچيءَ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هزارين سنڌين جي روزگار ۽ رهائش جو بندوبست ٿيو. سراج صاحب جي ذاتي محنت ۽ ڪوششن سان سنڌين کي ڪراچيءَ ۾ نوڪريون ۽ پلاٽ به جام مليا. ڪِن وڪڻي ڇڏيا ته ڪن پنهنجا گهر اَڏيا. پلاٽن جي عام جام ونڊ ورڇ واري هن ماحول ۾ ئي تڏهوڪي بلدياتي وزير مرحوم ڄام صادق عليءَ جي سخاوت به هنڌين ماڳين مشهور ٿي. سراج ۽ هلال پاڪستان جو سنڌين کي سرڪاري کاتن ۾ پنهنجي حصي جي ڪوٽا مطابق روزگار ڏيارڻ ۾ مکيه ڪردار هو. اسين هر هڪ ڊپارٽمينٽ جا انگ اکر ۽ تفصيل گڏ ڪري، روزانو خبرون هلائيندا هئاسين ته، فلاڻي کاتي ۾ سنڌي آفيسر اٽي ۾ لوڻ جيترا به ناهن ۽ فلاڻي بئنڪ ۾ سنڌين سان ناانصافي ۽ بي واجبي آهي. ساڳيءَ ريت واپڊا، پي آءِ ڊي سي، ڪي ايم سي، ڪي ڊي اي، بئنڪن توڙي ٻين وفاقي کاتن جا سچا انگ اکر سرڪار جي ڌيان تي آڻبا هئا ۽ ناانصافين جو ازالو به ٿيندو هو. ڪراچيءَ جو ترقياتي ادارو (ڪي ڊي اي)، جڏهن به ترقيءَ جي نالي ۾ ڪراچيءَ اندر سنڌين جا ڳوٺ بلڊوز ڪندو هو. ته سراج تڙپي ويندو هو. بلدياتي وزير ڄام صادق علي ته تعصبي ڪامورن جي انهن سنڌي دشمن ڪارروائين تي خاموش هوندو هو، پر سراج مون کي ۽ فوٽو گرافر ظفر کي يڪدم متاثر ٿيل ڳوٺن مان مڪمل تفصيل ۽ تصويرون آڻڻ لاءِ روانو ڪري ڇڏيندو هو. ان کانپوءِ سنڌين جي بيدخلين خلاف سخت لهجي ۾ ايڊيٽوريل لکندو هو. اهڙيءَ ريت هلال پاڪستان سوين سنڌي ڳوٺ بچايا. سراج صاحب ان وقت به شديد احتجاج ڪيو، جڏهن غلام مصطفى جتوئيءَ جي وڏ وزارت ۾، مقبول سنڌي رسالن، سهڻي، تحريڪ ۽ سوجهرو تي پابندي مڙهي ويئي. انهيءَ فيصلي خلاف سنڌ ۾ باهه ٻري ويئي هئي. رسول بخش پليجو سنڌي رسالن پاران وڪيل بڻيو ۽ ڀٽو صاحب جي ٺاهيل ڪميشن آڏو شاندار نموني ڪيس وڙهيو. آئون سوچيان ٿو ته، جيڪڏهن ثقافت کاتو منهنجي تجويز تي عمل ڪري سراج صاحب جي حياتيءَ ۾ ئي کيس مان ڏيڻ لاءِ ڪلفٽن تي ڪو يادگار Monument اَڏي ها ۽ سمورا سنڌي دانشور، سراج صاحب کي جيئري ئي سندس خدمتن عيوض خراج تحسين پيش ڪن ها ته اسان سنڌي ماڻهن تان اها تهمت به لهي سگهي ها ته، پنهنجن قومي هيرن جو سندن حياتيءَ ۾ قدر ئي ڪونه ٿا ڪريون. مون کي اهو به فخر آهي ته، ايم آر ڊي واري تاريخي جدوجهد واري ڏکين ڏينهن ۾ ”برسات“ رسالي اندر ئي سراج صاحب جي ڪهاڻي ”اٺون ماڻهو“ ۽ ان کانپوءِ سندن ٽراءِ لاجي ”پياسي ڌرتي، رمندا بادل“ کي به قسطوار شايع ڪيم ۽ جيسين رسالو ڇپجندو رهيو، آئون سراج صاحب سان رابطي ۾ رهيس، مرحوم هلال پاڪستان ۾ هڪ عدد ايڊيٽوريل انگريزي ٻوليءَ ۾ پڻ لکندو هو ته، جيئن دُنيا جا سفير، وڏا وڏا عملدار ۽ خود ڀٽو صاحب پاڻ به سنڌي عوام جي جائز حقن ۽ مطالبن کان باخبر هجي. سنڌ جي اهم معاشي توڙي سماجي مسئلن تي سراج صاحب انگريزيءَ ۾ ايڊيٽوريل لکڻ جو جيڪو نئون سلسلو شروع ڪيو، تنهن جو اثر ايتري قدر ٿيندو هو، جو نه رڳو غير سنڌي بيورو ڪريسي، پر خود وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو، انهن ايڊيٽوريلس جي جواب ۾ حڪم جاري ڪندو هو، جنهن تي عمل به ترت ٿي ويندو هو. جنرل ايوب خان ۽ جنرل يحى جي ڊگهي فوجي آمريت کانپوءِ، يعني پندرهن سالن کانپوءِ چونڊيل حڪومت ٺهي هئي، جنهن ۾ سنڌي چيف منسٽر ۽ ڪابينا ۾ اڪثريت پڻ سنڌي وزيرن جي هوندي هئي، جن جي ڪارڪردگيءَ تي ڀٽو صاحب ڪرڙي اک رکندو هو، منهنجو ڪالم ”سنڌ اسيمبليءَ جي پريس گئلري مان“ ۽ امر جليل جو ”تنهنجون منهنجون ڳالهيون“ هلال جا قاري، وڏي شوق سان پڙهندا هئا. بعد ۾ سراج صاحب جو ڪالم، ”رتيءَ جي رهاڻ“ ته سڀني کان سرس ثابت ٿيو، سنڌ جي خودمختياري ۽ محصولن ۾ جائز حصو وٺرائڻ بابت ته سراج صاحب دليلن سان ڀريل ايڊيٽوريل لکندو هو، ڇاڪاڻ ته، پاڻ ذهين ۽ هوشيار قانوندان ۽ ٽئڪسيشن واري شعبي ۾ مهارت رکندڙ هو. وزير اعظم ذوالفقار ڀٽي جڏهن نيشنل فنانس ڪميشن پاران آباديءَ جي بنياد تي صوبن کي رقمون ورهائڻ لاءِ نا نصافيءَ تي ٻڌل اين ايف سي ايوارڊ عمل ۾ آندو ته، سراج وڏي سچائي ۽ دليريءَ سان ڀٽو صاحب جي انهيءَ فيصلي جي سخت مخالفت ۾ تاريخي ايڊيٽوريل لکيا ته، وزير اعظم جي ناراضگيءَ جي به ڪاڻ نه ڪڍيائين. جنهن مهل ڀٽو صاحب پنجاب ۾ پنهنجن ووٽرن ۽ جيالن کي خوش رکڻ ۾ رڌل هو، ان اوکيءَ ويل سراج سنڌ ۽ سنڌين سان وفاداري ۽ حق جي ڳالهه لکڻ ۾ پنهنجي وسان ڪين گهٽايو، سراج جو هڪ ٻيو تاريخي ڪارنامو آهي ”سنڌ صدين کان“ جهڙو شاندار بين الاقوامي سيمينار ڪرائڻ. سنڌ جي تڏهوڪي وزير تعليم مرحوم پيار علي الانه کي تيار ڪرڻ ۽ ان مذاڪري ۾ سڄي دنيا مان چوٽيءَ جا تاريخدان، لسانياتي ماهر، قديم آثارن بابت اونهي ڄاڻ رکندڙ آرڪيالاجيسٽ، اسڪالر، اديب، شاعر ۽ دانشور دعوت ڏيئي گهرايا ويا، جن لڳاتار ٽي ڏينهن مُهين جي دڙي واري قديم ترين سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب کان وٺي، پاڪستان ۾ سنڌ جي شامل ٿيڻ تائين، هزارين سالن جي تاريخ ۽ ثقافت بابت تحقيقي مقالا پڙهيا ۽ سنڌين جي عظمت جي واکاڻ ڪئي. هن سيمينار ۾ پيش ٿيل مقالن کي سهيڙي سنڌ سرڪار Sind Through the centuries جي سِري هيٺ جيڪو مخزن ڇپرايو، اهو پنهنجو مَٽ پاڻ آهي. سراج، جنهن کي مُهين جي دڙي واري ٻوليءَ جو مُنجهيل سُٽ سنوارڻ واسطي هر دم اونو رهندو هو. هن موقعي تي فِنلينڊ مان آيل لسانياتي ماهر مسٽر پرپولا جي سربراهيءَ ۾ انهيءَ راز کي پروڙڻ واسطي تحقيق ڪرڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي ٺهرائي ۽ مسٽر پرپولا وڏي محنت باوجود هن سلسلي ۾ ڪنهن نتيجي تي نه پهچي سگهيو. اچو ته سراج جي زندگيءَ کي ملھايون ڊاڪٽر ايوب شيخ ۲۴ آڪٽوبر ۱۹۳۳ع کان ۰۲ فبروري ۲۰۱۳ع تائين جا ۷۹ ورهيه جيڪي سنڌ جي محنتي، سڄاڻ ۽ سنڌ دوست دانشور ۽ ٻولي جي ماهر ۽ ايڊيٽر محترم سراج الحق ميمڻ گذاريا آهن ،سي قيمتي ۽ املهه آهن، انهن ۾ ندامت ۽ پريشاني ڪانهي، انهن ۾ اورچائي۽ مڙس ٿي بيهڻ جي ڳالهه موجود آهي. انهن ورهين ۾ سندن پاران جيڪا محنت ڪئي ويئي، جيڪي ڪتاب لکيا ويا، جيڪي ڪتاب ترجمو ڪيا ويا، جيئن ”هلالِ پاڪستان“ جي ايڊيٽري ڪئي، ڪالم لکيا، ڪيئي اديب پيدا ڪيا، ڪيترن کي سهارو ڏنو ۽ انهن ڳالهين سان گڏ وڏي ڳالهه ته روشن خيال، ترقي پسند ۽ سنڌ دوست ۽ جمهوريت پسند دانشور طور پنهنجي زندگي گذاري ۽ آخري دم تائين ايمان جي حد تائين روشن خيالي کي پُٺي نه ڏني ته اهڙي املهه ماڻڪ جي حياتي کانپوءِ ڏُک بدران اهڙي حياتي گذارڻ تي خوشي ڪجي ۽ اهڙي سورمي جي حياتيءَ کي ملهائڻ گهرجي. سراج صاحب ٽنڊي ڄام ۾ ڄائو ته وقت جي جوتشين ان دور جي پوليس وارن، ميرن ۽ پيرن کي خبردار ڪيو هيو ته سندن علائقي ۾ اهڙو شخص پيدا ٿيو آهي جيڪو عورتن جي تعليم جو حامي آهي، جيڪو سندن ڪُند ذهن روايتن جو مخالف آهي، جيڪو انگريزن ۽ انهن جي آپيشاهين جي خلاف آهي. اهڙي دور ۾ جڏهن سنڌ انگريزن توڙي بمبئي وٽ گروي ٿيل هئي، ٽندوڄام هڪڙو ڳوٺ هيو. جناب سراج اهڙي ماحول ۾ پيدا ٿيو هيو جتي علم بدران جوتشين وسيلي زندگيءَ جا دڳ ڳوليا ويندا هيا. پر هن جي لاءِ وڏو سهارو سندس والد جناب محمد يعقوب ميمڻ جيڪو پاڻ تعليمي شعبي سان واڳيل هجڻ ڪري فارسي جو ماهر هيو ۽ هن پاڻ ايران جي مشهور شاعر خواجه شمس دين محمد حافظ شيرازي (ڄم: ۱۳۲۵ ۽ وفات ۱۳۸۹) جيڪو ”حافظ شيرازي“ جي نالي سان مشهور هيو تنهن جي ڪُل دانش مايا ” ديوانِ حافظ“ جو ترجمو ڪيو هيو. سراج صاحب ننڍي هوندي والد جي تربيت ۾ لکڻ شروع ڪيو. هن پنهنجو تخلص رکيو ”بسمل“ (مئل) ان تخلص يا قلمي نالي مان ئي ان زماني جي تصوير جا نقش سندس ذهن تي موجود ڏسي سگهجن ٿا. سراج صاحب ۱۹ ورهين جي ڄمار ۾ ننڍي کنڊ جي مشهور ناولسٽ ڪرشن چندر جو ناول ”ڏکڻ مان ٿو سج اُڀري“ جو ترجمو جناب محمد عثمان ڏيپلائي صاحب جي چوڻ تي ڪيو هيو. ان ڪتاب تي پڻ سنڌيڪار جو نالو ”سراج الحق ”بسمل“ لکيل آهي. هڪ ڏينهن سراج صاحب جي تخلص تي سندس والد صاحب اعتراض واريندي چيو هيو ته ”جيئرن کي مئل نه هجڻ گهرجي“. مسٽر يعقوب ميمڻ صاحب کي ڇهه پٽ ۽ پنج نياڻيون ٿيون. گهر ۾ مسئلو پٽن جو نه پر نياڻين جي تعليم جو پيدا ٿيو. مائٽن ۾ شور اٿيو. راويتن جا ”امين“ ۽ ”روايت شڪن“ اٽڪي پيا. محمد يعقوب ميمڻ سراج صاحب جي تعليم کي ڳوٺ ۾ پورو ڪرائي پنهنجي پنجن نياڻين جي تعليم جو جهنڊو اوچو ڪيو. چوڌاري رڙ پئجي ويئي. هڪ ڏينهن سراج صاحب پنهنجين ڀينرن سان گڏجي نياڻين ۾ تعليم جي واڌاري لاءِ پنهنجي جنم ڀومي ، ڳوٺ ۽ لڳ لاڳاپا ٽوڙي حيدرآباد پهتو. انهن نياڻين مان ٻن کان اوهان واقف آهيو جن ۾ هڪ ادي ڊاڪٽر فهميده حسين ۽ ٻي انيسه حسين آهن. نور محمد هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ، بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي. اي (آنرس)، ايم. اي ۽ ايل. ايل. بي ڪيائين. اها تعليم پڙهي هن سنڌي ادبي بورڊ ۾ پهرين نوڪري ۱۹۵۳ع ۾ ڪئي. اتي ئي ٻن سالن کانپوءِ ۱۹۵۵ع ۾ ادبي بورڊ جو اسسٽنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيو. ”ون يونٽ“ جي ڪري سنڌ جو هاڪارو رسالو ”مهراڻ“ وڏي ڏچي ۾ اچي ويو . اهڙين حالتن ۾ هن وڌيڪ پڙهڻ جو خيال ڪيو . ۱۹۵۷ع ۾ سي ايس ايس جي امتحان ۾ سندس زباني امتحان دوارن هڪ ڄڻي کانئس پڇيو هيو ته ” سرڪار ماڻهن کي ڪنهن جلوس خلاف ٽڙوڇڙ ڪري ته هو انهن تي ايڪشن کڻندو؟“ تنهن جي جواب ۾ هن چيو هيو ته ”سنڌ خلاف ڪوبه ڪم ڪري نه سگهندو“ سي. ايس. ايس. جو چٽاڀيٽيءَ جو امتحان پاس ڪري انڪم ٽئڪس جي کاتي ۾ آفيسر مقرر ٿيو. جنرل يحيا جي زماني ۾ هن جي ”سراسري هلت“ ون يونٽ انتظاميا جي حق ۾ نه هئي تنهن ڪري هو ۳۰۳ آفيسرن جي لاٽ ۾ جبري طور رٽائر ڪيو ويو. سنڌ جا آفيسر مختلف ڪچهرين ۾ ان ايڪشن کي آفيسر Three knot Three (۳۰۳) جي اصطلاح سان ياد ڪندا آهن. وري اچي ساڳي ڊگري سان انڪم ٽئڪس جي وڪالت شروع ڪيائين. سراج صاحب جي زبردست زندگيءَ جو هڪ نئون باب جناب ذوالفقار علي ڀٽو پاران جاري ڪيل اخبار”هلال پاڪستان“ سان شروع ٿيو، جنهن ۾ هو پاڻ ايڊيٽر هيو. صحافت جي ان دور ۾ هن ”اخبار“ کي ”عوام“ سان ڳنڍي عوام جي حالتن، فتحن، شڪستن، ترقين ۽ شعور جي زبردست تصوير پيش ڪئي. هن پنهنجي ڀائٽي ( اڄڪلهه آفيسر) غفران ميمڻ جيڪو ننڍي هوندي ”غفران عاقلاڻي“ سڏائيندو هيو تنهن سنڌي ٻارڙن لاءِ شاندار رسالو ” گلن جهڙا ٻارڙا“ جاري ڪيو هيو. ان رسالي جي ڪري سنڌ ۾ قومي ۽ سياسي ڪارڪنن جو هڪ وڏو لشڪر تيار ٿيو هيو. ڪتابن پڙهڻ، تقريرن ڪرڻ ۽ مقابلي جو لاڙو وڌيو هيو. ۱۹۷۷ع ۾ جنرل ضيا پنهنجي پوري آب تاب سان ڪاهي آيو. جمهوريت جا تختا اونڌا ڪري هن جناب ڀٽي پاران جيڪا به شعوري واڌ ٿي هئي، جيڪو به درسي ۽ غيرتدريسي علم وڌيو هيو تنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ اخبارن، يونيورسٽين، سياست ۽ سوچڻ تي بندش وجهي ڇڏي. جنرل ضياالحق اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ پنهنجي حمايت ۾ اهي جٿا تيار ڪيا جيڪي جمهوريت، يونيورسٽين، سياست ۽ سوچڻ جي خلاف هيا. ڏسندي ڏسندي سڄي سنڌ جي شاگرد تنظيمن جتي ”مقابلي ۽ دليل“ جو ميدان هاوي هوندو هيو اتي ”جهيڙن“ ۽ ”غنڊه گردي“ واسو ڪيو. عوام پاڻ ۾ وڙهيل هجي ته آمريت جي ان کان وڏي ٻي ڪهڙي خدمت ٿي سگهي ٿي. اهري حالت ۾ سراج صاحب فوجي حڪومت کان ڊڪٽيشن وٺڻ کان انڪار ڪندي هلال پاڪستان مان استعيفا ڏني ۽ وري ساڳي ڊگري سان واپس وڪالت جي شعبي سان لاڳاپجي آخري دم تائين ان سان واڳيل رهيو. ادبي خدمتون سراج صاحب جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ۱۹۶۱ع ۾ ’اي درد هلي آءُ‘ جي نالي سان شايع ٿيو ۽ ٻيو مجموعو ’اٺون ماڻهو‘ ۱۹۸۵ع ۾ شايع ٿيو. ”اٺون ماڻهو“ ايم آرڊي جي پس منظر ۾ هڪ شاندار ليکي ويندڙ ڪهاڻي آهي. هن جو پهريون ناول ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ ۱۹۷۹ع ۾ ڇپيو. اهو ناول ضيا دور ۾ اچڻ ڪري پرڏيهي قبضن جي ڳالهه هوندي به ان جو اثر مڪاني پيو هيو. اصل ۾ ناول سنڌ تي ارغونن ۽ ترخانن جي قهري دور جي تاريخ کي ناول ۾ لکڻ آهي. ٻيو ناول ’مرڻ مون سين آءُ‘ ۱۹۸۸ع ۾ ڇيپو، ان کانسواءِ ’منهنجي دنيا مرگھه ترشنا‘، ’منهنجي دنيا هيڪل وياڪل‘، ’تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول‘ سندس اهم ناول آهن. ٻولي جي حوالي سان سندس اهم ڪتاب ’سنڌي ٻولي‘ ۱۹۶۴ع ۾ ڇپيو. جديد سنڌي ادب ۾ سراج صاحب سنڌي ٻوليءَ جو پهريون سنڌي ليکڪ آهي، جنهن ٽن ناولن تي ٻڌل ’پياسي ڌرتي رمندا بادل‘ جي نالي سان سنڌي ادب جي پهرين ٽريالاجي لکي. هڪ سنڌيڪار جي حيثيت ۾ مٿي ڪرشن چندر جي ناول جو ذڪر آيو آهي. ان کانسواءِ ترجمن ۾ ’چونڊ آمريڪي افسانا‘، ۽ ’سنڌ جي اقتصادي تاريخ‘ ڪتاب پڻ ترجمو ڪيا. هن جي ڪالمن ۾ ’رتيءَ جي رهاڻ“ ۽ ”ملان جي ڊوڙ“‘ ۽ جاڳو اخبار ۾ ’سياسي منظرنامو‘ جي سري سان سوين مضمون ۽ ڪالم لکيا. هن شاعري به ڪئي ۽ ڪراچيءَ جي سنڌ کان ڌار ڪري وفاق حوالي ڪرڻ جي موقعي تي ’ڪراچي‘ نالي سان تاريخي ۽ اهم نظم لکيو. سندس اڻڇپيل ڪتابن ۾ ٻه ڪتاب: (۱) History of Sindhi Language ۽ (۲) پنهنجي آٽوگرافي Biography of an unknown Sindhi لکي مڪمل ڪيا. ڪجهه يادون: اسان سراج صاحب کي ۱۹۸۰ع ۾ روبرو ڏٺو هيو، جڏهن هن قمبر ۾ ”جشن لطيف“ جي پروگرام ۾ صدارت ڪئي هئي. هن شاهه لطيف تي پنهنجي عاليشان تقرير ڪئي هئي. هن عورتن جي سجاڳي تي خاص ڳالهيون ڪيون هيون. محترما بينظير ڀٽو صاحبه (پنهنجي آخري جلاوطني کان اڳ) آخري اجلاس سراج صاحب جي گهر ۾ ڪيو هيو جنهن ۾ ناميارا ماڻهو موجود هيا. انهن ۾، جناب ايم ايڇ پنهور، پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه، آپا شمس، محترم محمد ابراهيم جويو، سيد نويد قمر، سراج صاحب، اعجاز قريشي، مشتاق ميراڻي ۽ ٻيا موجود هيا. محترما مونکي حاضرين ۾ موجود سڀ کان ننڍي عمر وارو هجڻ جي ڪري هدايت ڪئي هئي ته سنڌ جي مسئلن جو ٻن جملن ۾ حل ٻڌايان. مون هڪ جملي ۾ چيو هيو ” تعليم، تعليم ۽ تعليم“ محترما اهو ٻڌي سيد غلام مصطفيٰ شاهه مرحوم کان پڇيو ته ” اوهان ان جواب ڪي ڪيئن ٿا سمجهيو؟“ تنهن تي شاهه صاحب چيو هيو ” سنڌ جو اهم ۽ اصل مسئلو اهو آهي، باقي سڀ اتان نڪرن ٿا ۽ ان وسيلي دفن ٿي ويندا“ سراج صاحب پنهنجي ڄمار جي آخري شرڪت آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ ۳۱ جولاءِ ۲۰۱۲ع تي سنڌ جي هڪ ٻئي يگاني شمشيرالحيدري جي مرتئي تي ”ادبي ريفرنس“ ۾ صدارت طور ڪئي هئي. هن کي صدارتي خطبو ڏيڻو هيو، پر شمشير جي ياد ۾ هن جي هانءَ هن سان گڏ نه هلي سگهيو. مونکي اسٽيج تي سڏيندي چيائين: ” آئون ڳالهائي نه سگهندس، ڳالهائيندس ته روئي پوندس، روئڻ نه ٿو چاهيان، آئون بس شمشير تي ماڻهن جا رايا ٻڌي رهيو آهيان“ گذريل سال فبروري ۲۰۱۲ع ۾ جاويد سومرو ۽ مان سراج صاحب جي آفيس ۾ وياسين. جاويد کين پنهنجو نالو ”فاتح مرڪ“ ڏيئي عرض ڪيو ته هو اچن ۽ ان تي پنهنجي راءِ ڏين. ان وچ ۾ ڦڦڙ جي ڪئنسر سبب سراج صاحب کي انڊيا وڃڻو پيو جنهن ڪري هو نه اچي سگهيا. ٻه مهينا اڳ، آئون سندن گهر ملڻ ويس. مونکي ڪرشن چندر جو اهو ساڳيو ۱۹۵۲ع ۾ شايع ٿيل ناول ”ڏکڻ مان ٿو سج اڀري“ جي فوٽوڪاپي ڏنائون. ان ۾ سنڌيڪار جو نالو ”سراج الحق بسمل“ لکيل هيو. ايشيا جي ڏکڻ ۾، پاڪستان جي ڏاکڻين علائقي سنڌ ۾ سراج صاحب پنهنجي سڄي زندگي ”بسمل“ جي خلاف گذاري. هن محنت، علم، تعليم ۽ جمهوريت توڙي روشن خيالي جو جهنڊو بلند ڪيو. مون کين آرٽس ڪائونسل ۾ سندن جيئري مڃتا جي پروگرام ڪرڻ لاءِ اجازت ۽ ٽائيم گهريو. هن چيو ته ڪجهه ٻين اديبن جي مڃتا به ضروري آهي. انهن کي گهرج نه به هجي پر انهن جي عزت وڌيڪ ٿيڻ گهرجي. هن انتهائي گهري سوچ منجهان چيو ته ”امر جليل، مهتاب محبوب، نورالهُديٰ شاهه ۽ ڪجهه ٻين سان ڏينهن ضرور ملهايو“ آرٽس ڪائونسل ڪراچي سندن عزيزن، پٽن، ڀيڻن، ڀائٽن، سوٽن جي گڏيل صلاح سان ايندڙ آچر ۱۰ فبروري تي ٻنپهرن جو ٻارهين وڳي هڪ شاندار ”مڃتا پروگرام“ رٿيو آهي. جنهن جو عنوان آهي : سراج صاحب جي موت تي ڏکويل رهڻ بدران ان جي حياتي کي ملهائڻ ضروري آهي“ سراج جو وڇوڙو سوڳوار بڻيل سنڌ ساجد چانڊيو سنڌ جو ناميارو اديب، دانشور، ناول نويس، ماهرِ لسانيات سراج الحق ميمڻ دل جي دوري سبب ڪالهه ڪراچيءَ جي هڪ اسپتال ۾ وفات ڪري ويو آهي، سراج جي وفات جي خبر سنڌ جي ادبي ماحول کي سوڳوار ڪري ڇڏيو آهي. سراج ميمڻ جو وڇوڙو سنڌ کان هڪ دور جو وڇوڙو آهي اهو دور جنهن جي ڪري سنڌي ڪهاڻي ۽ ناول وڌي مهانتا ماڻي آهي. سراج نه صرف ڪهاڻيڪار ۽ ناول نويس به ڀلوڙ هو پر هڪ خوبصورت ماڻهو پڻ هو جنهن ۾ ماڻهپي جون سموريون خوبيون موجود هيون. سڄي سنڌ سراج جي وڇوڙي تي ڏک ۾ آهي. سراج جو شمار ويهين صديءَ جي ذهين ترين ليکڪن ۾ ٿئي ٿو، هُن سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ کي جيڪا سُونهن ۽ سُندرتا بخشي اُها سنڌي ادب ۾ هڪ تاريخي حيثيت رکي ٿي، سراج سنڌي ادب توڙي سنڌ کي نوان خيال، نوان لهجا، نوان لاڙا، نوان فڪري ۽ بنياد فراهم ڪيا، سندس لکيل ناول ٻولي، اسلوب، رواني ۽ عڪاسي جي لحاظ کان بيمثال آهن، سندس ناول پڙهندي پڙهندڙ تي عجيب و غريب ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي ۽ پڙهندڙ پنهنجو پاڻ کي پوري طرح ناول جي ڪهاڻي، خيال، ماحول ۽ ڪردارن جي حوالي ڪري ڇڏي ٿو. سراج جا لکيل ناول سنڌ جي پسِ منظر ۾ ئي سرجيل آهن، جنهن ۾ هُن سنڌ تي ڪاهي ايندڙن کي ننديو آهي، سراج ادب براءِ ادب جو قائل نه هو، هُن هڪ واضع مقصد تحت ئي لکيو، اهو مقصد سنڌ ئي هو، سنڌ جا مارو ماڻهو ئي هُئا، هُن سنڌ جي ڏکن جي تصوير پنهنجي ناولن ۾ چٽي طرح عڪاسي. هُن پنهنجي لکڻين ۾ سنڌ جي مسئلن، نفسياتي پهلوئن کي زيربحث آندو، هُو سنڌ سان ٿيندڙ هر زيادتيءَ تي لُڇي پوندو هو ۽ سندس قلم جُنبش ۾ اچي ويندو هو، هُن هر زيادتي ڪندڙ کي پنهنجي تحريرن ۾ ننديو، پوءِ اُهي ڌاريا حڪمران هُجن يا پنهنجا وڏيرا. سراج سنڌي مُجاهدن جي قربانيءَ جا داستان پنهنجي هڪ ناول ”پڙاڏو سوئي سڏ“ ۾ نهايت پُراثر انداز سان بيان ڪيا، سندس هي ناول سنڌي ادب هڪ شاهڪار حيثيت رکي ٿو، جنهن ۾ تُرخانن جي زماني جي تاريخ کي پس منظر ۾ رکي سنڌي جوڌن جي بهادري جا ڪارناما نهايت فخر سان ٻُڌايا ۽ تُرخان حڪمرانن جي پَتِ وائکي ڪندي سندن مٽي پليد ڪئي آهي. سراج لسانيات جو به هڪ وڏو ڄاڻو عالم هو، هُن ۶۰ واري ڏهاڪي ۾ سنڌي ٻولي جي حوالي سان هڪ نظريو پيش ڪيو ته سنڌي ٻولي سنسڪرت تان هرگز ورتل ناهي البت سنڌي ٻولي ڪيترين ئي ٻولين جي ماءُ آهي، سندس اهو نظريو اڄ سچ ثابت ٿي چُڪو آهي، سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان سندس هڪ ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ هڪ تاريخي حيثيت رکي ٿو، جنهن ۾ هُن سنڌي ٻولي جي باري ۾ اهو به نظريو پيش ڪيو ته سنڌي آريائي ۽ ويدن جي دور کان اڳ جي زبان آهي، جيتوڻيڪ لسانيات سندس شعبو ڪونه هو پر هُن دنيا کي سنڌي ٻولي جي اصلي مڃتا کان آگاهه ڪرڻ واري ذميواري بخوبي نڀاهي.ان کان علاوه سنڌي ٻولي جي باري ۾ هُن جا ڪيترائي جامع مضمون، مقالا ۽ ڪالم سنڌ توڙي هند جي مختلف رسالن، مخزنن، اخبارن ۾ ڇپيا، جن کي هڪ ڪتابي صورت ۾ آڻڻ جي اشد ضرورت آهي. ۲۴ آڪٽوبر ۱۹۳۳ع تي ٽنڊو ڄام ۾ هڪ استاد محمد يعقوب ميمڻ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ سراج الحق ميمڻ مان ڦري ”سراج“ جي نالي سان ادبي دنيا ۾ پير پاتو، هُو ايم.اي، ايل ايل بي پاس هو، هُن ۱۹۵۳ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ کان پنهنجي عملي زندگيءَ جي ابتدا ڪئي، ۱۹۵۵ع ۾ ادبي بورڊ جو اسسٽنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيو، ۱۹۵۷ع ۾ ڪميشن پاس ڪري انڪم ٽيڪس آفيسر مقرر ٿيو. سراج ڪيترو ئي وقت روزاني هلال پاڪستان جو ايڊيٽر پڻ رهيو، جنهن دوران هُن صحافت کي نوان موڙ ڏنا. سراج سنڌ جو اُهو گهڻگهرو ليکڪ هو جنهن سنڌ جي مفادن خاطر سي.ايس.پي تان به استعيفا ڏني، هُن سنڌ جي حقن لاءِ هميشه پاڻ پتوڙيو. هُن سنڌي ادب جي جهول ۾ ڪيترائي ڪتاب ارپڻ ڪيا، جن ۾”ڏکڻ مان سج ٿو اُڀري (ترجمو ناول ۱۹۵۳)، سنڌ جي اقتصادي تاريخ (ترجمو ۱۹۵۸ع)، چونڊ آمريڪي افسانا (۱۹۵۸)، اي درد هلي آءُ (ڪهاڻيون ۱۹۶۲)، سنڌي ٻولي (لسانيات ۱۹۶۴ع)، علمِ معاشيات ۱۹۶۴ع)، پڙاڏو سوئي سڏ (ناول ۱۹۷۰ع)، اٺون ماڻهو (ڪهاڻيون ۱۹۸۵)، مرڻ مُون سين آءُ (ناول)، منهمجي دنيا هيڪل وياڪل (ناول)، تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول (ناول)، منهنجي دنيا مرگهه ترشنا (ناول)، پياسي ڌرتي رمندا بادل سميت ڪيترائي ڪتاب قابل ذڪر آهن. سراج جو وڇوڙو يقينن سنڌي ادب لاءِ هڪ نه ڀرجندڙ وڏو خال آهي، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو سراج کي ڪڏهن به وساري نه سگهندا. سنڌي ادب جي صحن ۾ سندس وڇوڙي تي تڏو وڇايل آهي. سراج ميمڻ کي سنڌو ماتا پنھنجي ھنج ۾ سمھاري ڇڏيو ڪراچي (رپورٽ: شبير لاشاري) سنڌي ٻولي جي برک دانشور، ناول نگر ۽ صحافي سراج ميمڻ جو مڙهه گزري قبرستان ۾ سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. ڪالهه ٻن پهري جي نماز کانپوءِ سنڌي ٻولي جي ماهر ۽ جديد سنڌي صحافت جي باني سراج الحق ميمڻ جي جنازي نماز ڊفينس جي سلطان مسجد ۾ ادا ڪئي وئي. جنهن ۾ سنڌ اٿلي پئي. اديبن، ليکڪن، صحافين، تعليمي ماهرن، سياستدانن، قانون دانن ۽ شاعرن توڙي ٻي مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ نالي وارين شخصيتن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪري ڪلهي ڪانڌي ٿي سندس مڙهه کي هميشه لا۳ ڌرتي امڙ جي هنج ۾ سمهاريو. سندس جنازي نماز ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر فخر الدين جي ابراهيم، شرجيل انعام ميمڻ، راشد رباني، مجيب پيرزادو، عوامي آواز جي چيف ايڊيٽر ڊاڪٽر جبار خٽڪ، ڪراچي جي اڳوڻي ناظم نعمت الله خان، تاج حيدر، عبدالعزيز عقيلي، محمد علي مانجهي، وفاقي وزير نثار ميمڻ، مدد علي سنڌي، غلام قادر پليجو، جلال محمود شاهه، نالي وارن اديبن امر جليل، بدر ابڙو، عبدالقادر منگي، ڊاڪٽر ايوب شيخ، تاج جويو، تعليمي ماهر مظهر الحق صديقي، غلام نبي مغل، جاويد جبار، سنڌي ادبي سنگت گلشن حديد جي اڳواڻن اصغر باغي، ڊاڪٽر غفور ميمڻ، منان بروهي، سليم حيدري، جسٽس عبدالقادر هاليپوٽو، سبحان ميمڻ، خالد پنهور، مصطفيٰ ملاح، ڪامريڊ روچي رام، ايم پي اي امداد پتافي، ايم پي اي فياض ٻٽ، جاويد قاضي، ڊاڪٽر ايس ايم قريشي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. تدفين کانپوءِ سراج الحق ميمڻ جو تڏو ڪراچي جي ڪلفٽن واري رهائش گاهه تي وڇايو ويو. وطن! تنهنجي مٽي اوڍي سُتاسين نصير مرزا وقت ڪنهن ريشمي ٿانَ وانگر منهنجي ذهن ۾ کلي رهيو آهي ۽ مون کي پنهنجي ڳوٺ ٽنڊي ٺوڙهي جو اُهو وقت ياد اچي رهيو آهي، جڏهن سٺ واري ڏهاڪي ۾ سراج صاحب جو خاندان عارضي طور ٽنڊي ڄام مان لَڏي اچي اسان جي ڳوٺ ۾ رهيو هو. استاد محمد يعقوب ميمڻ، ادي فهميده (حسين)، عبدالحق عظيم، ادا انعام ميمڻ ۽ ادي انيسه وغيره..... هي ٽنڊو ٺوڙهو، جنهن جو ٻيو نالو، قليچ آباد به آهي.... انهيءَ ۾ هي خاندان سچل سائينءَ جي پهرئين مولف مرزا علي قليچ بيگ ۽ سنڌ جي پهرئين مسلمان ايڊووڪيٽ جنرل، خانبهادر سڪندر بيگ مرزا وارن جي عين هاويلي آڏو اچي رهائش پذير ٿيو هو. تڏهن ٽنڊي ٺوڙهي ۾ ڪيڏو نه علمي ادبي ماحول هوندو هو ۽ هڪ پاسي ڪتب خانهءِ قليچ....بابِ قليچ....سامهون باغ ئي باغ، پريان پڃاري واهه ۽ ٻئي پاسي ڦُليلي واهه ۽ ان جي ڪناري سان وڻ ئي وڻ ۽ انهن جي ڀرسان تعليمي ادارا..... ۽ انهن ئي درسگاهن منجهان مرزا قليچ بيگ پرائمري اسڪول ۾، سائين محمد يعقوب ميمڻ صاحب جن پرائمري استاد هوندا هئا ۽ هيڏانهن سراج صاحب بوڪ اسٽال جو مئنيجر ۽ پوءِ اسسٽنٽ سيڪريٽري بنايو ويو..... جتان نهايت جلد ٽه ماهي ”مهراڻ“ ۽ ”گُل ڦُل“ جهڙا رسالا جاري ٿيا ۽ سنڌ اندر سنڌي ادب روشن خياليءَ سان روشن ٿيڻ شروع ٿي ويو. ۽ اتي جويي صاحب جي ئي صحبت طفيل سراج صاحب کي شيخ اياز..... جمال ابڙي ۽ رسول بخش پليجي صاحب جهڙن سجاڳ دماغن سان شناسائي ٿي ۽ ائين هڪ ٻئي جي صحبت ۽ ساٿ سان هي سڀ رچي ريٽا ۽ رت و رت رتول ٿيندا ويا. تڏهن تنوير عباسي صاحب پنهنجو هي شعر به ته، ان ئي زماني ۾ لکيو هو: پيار ڇُهي ويو اسان سڀن کي سونا ٿي ويا آهيون. ۱۹۶۲ع ڌاري سراج صاحب جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو، ”اي درد هلي آءُ.....“ ظاهر ٿيو، تڏهن مجموعي ۾ آيل هڪ ڪهاڻي....”ٻهڻيءَ“ سبب ته خاص طرح سان ته هن جي ادبي شهرت کي چار چنڊ لڳي ويا. ان مجموعي کانپوءِ، سندس نظريا ساز تحقيقي ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ شايع ٿيو ته، هند سنڌ ۾ انهيءَ حيرت انگيز تحقيق آڌار، سراج صاحب جو شمار، عين ڦوهه جوانيءَ ۾ ئي، لسانايات جي ماهرن ۾ ٿيڻ شروع ٿي ويو ۽ اهو ئي ته اهو دور هو، جڏهن سنڌ جا وارث قلمڪار سجاڳ ٿي چُڪا هئا ۽ سنڌ سان ٿيندڙ هاڃن جي تدارڪ لاءِ سڀني قلم ڌڻين جا قلم، تحرڪ ۾ اچي چُڪا هئا، اهو سن سٺ وارو ڏهاڪو، ڀينرن منجهان ادي انيسه ته منهنجي ڀيڻن سان گڏ ۽ بنهه اسانجي گهر جي ڀرسان واري ئي اسڪول ۾ پڙهندي ۽ اسان جي گهر ايندي ويندي هئي ۽ مون کي ياد آهي.... هي سڀ ڀيڻ ڀائر مون کي چنڊ ستارن وانگر ئي ڀائيندا هئا ۽ انهن ۾ هي سراج الحق ميمڻ صاحب، ته جهڙوڪر ننڍڙو ديوتا پيو نظر ايندو هو. ڀائيان ٿو..... ذهين ۽ حسين سراج صاحب جو هي اهو ئي دور هو، جڏهن پاڻ حيدرآباد ۾ محمد عثمان ڏيپلائي صاحب جي ”ڏيپلائي پريس“ ۾ رُپئي روز تي، ڪتابن جا پروف پڙهندا هئا ۽ ان ئي زماني ۾ ڏيپلائي صاحب کي ٻه ڪتاب ”چين ۾ هارين کي زمين ڪيئن ملي؟“ ۽ ٻيو ڪتاب ”ڏکڻ مان ٿو سج اُڀري“ ترجمو ڪري به ڏنا هئائين. چون ٿا ان ئي ڏيپلائي پريس جي ڪنهن ڪرسيءَ تي ڪم ۾، ”منهمڪ ويٺل هن خوبرو سراج تي، محمد ابراهيم جويي صاحب جي جيئن ئي پارس نگاهه پئي هئي، هن نوخيز پروف ريڊر ۽ مترجم سراج صاحب جون سڀئي راهون سون جون ٿي ويون هيون. تڏهن ڏيپلائي صاحب جي پريس مان جويي صاحب هن هيري کي کڻي سنڌي ادبي بورڊ جي مُنڊيءَ ۾ وڃي جڙي ڇڏيو هو. جتي پهرين ته هُن کي هوءِ ون يونٽ لاڳو ٿي چُڪو هو ۽ شريف ڪميشن سبب دلين ۾ نفرت جون باهيون ڀڙڪي چُڪيون هيون. اجهو نياز همايوني صاحب، پنهنجو هي بي پناهه طاقتور شعر ان ئي زماني ۾ ته لکيو هو: روئيندي روئيندي نيرَ کٽي ويا، لَهُو اچي ويو لڙڪن ۾، آئون ڪيئن کِلندي کير پيئان، منهنجي سنڌڙي آهي سُڏڪن ۾. هيڏانهن ٻئي پاسي وري شيخ اياز صاحب سنڌ ۾ آواز اُڀاريو: “مون شعلا شعلا گيت، جيئن تنهنجو چارو روشن ٿئي.“ تڏهن نثر ۾، پنهنجي شعلا بيانيءَ سان سنڌ جي جوڌن، دودن ۽ سوڍن لاءِ هڪ زبردست جنگ نامو.... ناول جي اسلوب ۾ سڀ کان اول سراج صاحب ئي تحرير ڪيو ۽ نالو رکيائينس، ”پڙاڏو سوئي سڏ“ جيڪو اصل ۾ ته ترخانن جي بدترين دور ۾ سنڌ سان ٿيل هاڃن جو تذڪرو آهي، پر درپده هر دور ۾ سنڌ ۾ آيل ڌارين جي لوڌ، يلغار ۽ پنهنجن کي، اکين پٽي رکڻ جو زبردست درس به ان ۾ آهي ۽ هاڻي ڇا حرج آهي ته.... ڪهاڻي ڪتابن....اي درد هلي آءُ.... اٺون ماڻهو.... مرڻ مون سين آءُ ۽ ”سنڌي ٻولي“. سنڌي ٻوليءَ ۾ ناولن جي ٽرالا جيءَ جو بنياد رکندڙ سراج سان، پنهنجي ذاتي تعلق بابت به ڪجهه لکندا هلون.... ۽ اها ڳالهه به ڪيترائي سال پراڻي آهي، جڏهن ڪراچيءَ ۾ هو ڪنهن ادبي محفل ۾ موجود هو، جو مون اڳيان وڌي زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ساڻس هٿ ملائي کيس پنهنجو تعارف ڪرايو هو. تڏهن منهنجي حيرت جي انتها نه رهي، جڏهن پنهنجي ڳنڀير آواز ۾ منهنجي چهري ڏانهن ڏسي بي اختيار چيو هئائون: ”اڇا! ته تون آهين نصير مرزا.....“ تڏهن دل ۾ خوش ٿي چيو هئم، ”واهه!.... معنى ته سراج صاحب جهڙي هستي منهنجي نالي ۽ ڪم کان اڳي ئي آگاهه آهي“! بعد ۾ نوي واري ڏهاڪي ۾ شيخ اياز فائونڊيشن جي هڪ ميٽنگ ۾ لکڻ وارو قلم..... مون پاڻ وانگر ئي سندن کاٻي هٿ ۾ ڏٺو ۽ پوءِ ميٽنگ بعد رات جي مانيءَ وقت سندن ئي رهائشگاهه تي اسين ڊائننگ ٽيبل تي ويٺاسين، ته جويي صاحب، مهتاب راشدي آپا، رباني، آگري صاحب ۽ جمال رند موجودگيءَ ۾، مون کي سراج صاحب جي ئي ڀر ۾ ويهڻ لاءِ ڪرسي نصيب ٿي هئي، اڙي واهه......ڏٺم اتي به هنن ڪنهن به ڊش مان ڪجهه به ڪڍڻ لاءِ، مون وانگر ئي، کاٻي هٿ کي پئي گهڻو استعمال ڪيو. تڏهن رهي نه سگهيو هئس ۽ چئي ڏنو هئو مان، سائين! آئون به توهان وانگر کاٻڙيل آهيان. تڏهن فورن مِٺي مُرڪ سان وراڻيائون، ”نصير!..... هي آئون ئي ڇا بابا...، منهنجي گهر جا سڀ ڀاتي ئي کاٻڙيل اٿئي.“ تازو....رباني صاحب جي ڪهاڻي ڪليات، آبيعات“ تي مهاڳ لکرائڻ لاءِ، ادي فهميده حسين معرفت کيس مسودو موڪليم، ته اُن تحرير ۾، رباني صاحب جو تذڪرو پوءِ...... اول مون ئي بابت ههڙا شاندار ۽ سون ۾ تورڻ جهڙا لفظ لکيائون: ”نصير مرزا جو حڪم آهي ته ربانيءَ جي ڪهاڻين تي ڪجهه لکي موڪليان. سو هاڻي نصير جهڙي پياري شخص کي ڪيئن نااميد ڪريان. جنهن منهنجي نظر ۾، ادب ۽ فن ۾ اهڙو نانءُ ۽ مرتبو حاصل ڪري ورتو آهي. جنهن جو هو لائق به آهي ۽ مستحق به!“ سراج صاحب جا پاڻ بابت اهي لکيل لفظ پڙهي خوشيءَ ۾ ان وقت، جيئن لڙڪ لاڙڻ شروع ڪري ڏنا هئم، اجهو ائين ئي.... سندن لاڏاڻي جي خبر ٻڌڻ سان اکيون اشڪ بار ٿي ويون هئم..... تڏهن مون کي سندس پهرئين ڪهاڻي مجموعي جي سرنامي تي درج نياز همايونيءَ جي هيءَ سٽ يڪدم اکين جي آڏو اُڀري آئي: اي درد هلي آءُ ته يادن جي جزيري ۾ هلون! سراج صاحب، سنڌ جا نهايت اميد پرست ۽ وطن جي روشن آئندي تي ويساهه رکندڙ عظيم قلمڪار هئا، جن پنهنجي ناول پڙاڏو سوئي سڏ جي انتساب ۾ لکيو هو ته: ”سنڌ جي اڳوڻن، هاڻوڪن ۽ ايندڙ وقت جي سورهيه سوڍن جي نالي“ ۽ اڄ ان انت سان پڙهڻ بعد مون کي پڪ آهي ته..... سنڌ جي سنڌي سمونڊ ڪناري.... مائي ڪولاچيءَ واري شهر ۾ ڪالهه..... لحد ۾ جڏهن پاڻ لهي چُڪا هوندا..... تڏهن سنڌ جي ماضي وارا سڀ سورهيه دودا.... جوڌا ۽ سورما.... .”پڙاڏو سوئي سڏ“ واري هن بهادر ليکڪ سراج صاحب جي اعزاز ۽ آجيان ۾، يڪدم ئي..... اُٿي بيهي رهيا هوندا. ۽ احترام سان کين سلامي ڏيڻ لڳا هوندا. سراج جي تحريرن جو فڪري پسمنظر ڊاڪٽر غفور ميمڻ سراج جي ڪهاڻين ۾ جديد دور جي ڪهاڻين جي عالمگير سوچ جو احساس سمايل آهي، جنهن ۾ اهڙي معاشري جي شديد خواهش آهي، جنهن ۾ استحصال نه هجي ناانصافي نه هجي، ضمير ۽ ذهن جي آزادي هجي. سراج جي ڪهاڻين ۾ مقامي رنگ سان گڏ جديد دور جي بدلجندڙ فڪر مطابق نوجوانن جو اهو شديد اظهار به موجود آهي جيڪي ڪائنات تسخير ڪرڻ چاهين ٿا. ڪهاڻين ۾ نوان رنگ ۽ نوان ڍنگ موجود آهن، سندس ڪهاڻي ”اي درد هلي آ“ اهڙو احساس رکي ٿي جنهن ۾ جديد تهذيب ۽ قدرن وچ ۾ جاگيرداريءَ وارا رويا زيربحث اچن ٿا. ڪهاڻيءَ ۾ هڪ طويل بحث ڇڙيل آهي ته وقت جي تقاضا ۽ مذهب جو رويو ڪيترو هڪ ٻئي سان ٺهڪي اچن ٿا. ڪهاڻيءَ جي شروعات هڪ پارٽيءَ سان ٿئي ٿي، جنهن ۾ شفيق ۽ شمي ٻه مرڪزي ڪردار آهن جن جو پارٽيءَ ۾ عورت ۽ مرد بابت بحث ڇڙيل آهي. ڪهاڻيءَ ۾ الميو ان وقت شروع ٿئي ٿو. جڏهن شمي محفل ۾ وڄندڙ موسيقي تي بي اختيار ٿي پنهنجا ماضيءَ جا ورق اٿلائي ٿي، ان وقت شفيق جنهن جي پارٽيءَ ۾ انا جي تعمير ٿي رهي هئي، انهي کي ڌڪ لڳي ٿو ۽ کيس خبر پوي ٿي ته سندس زال جو ڪو ٻيو چاهيندڙ هو، جنهن ان جي محبت ۾ جان قربان ڪري ڇڏي، ان وقت سندس ذهن، شعور ۽ جذبات جي ڪيفيت کي ڌڪ لڳي ٿو ۽ پوءِ هو آفاقي قدرن ۾ انسانيت ڏانهن موٽ کائي ٿو ۽ شمي کي پيار ڪري ٿو. مجموعي طور هن ڪهاڻيءَ ۾ مٿئين طبقي ۾ بدلجندڙ قدرن جي ٽوڙ ڦوڙ جو فڪر موجود آهي جنهن تي روشن خياليءَ جو اثر آهي. سنڌي ڪهاڻيءَ تي مغربي فن۽ موضوعن جا تجربا ۽ ديومالائن کي علامت طور کڻي انساني الميي کي پيش ڪرڻ جو تجربو سراج شروع ڪيو، جنهن ۾ سندس ٻه ڪهاڻيون قابل ذڪر آهن. هڪ ”پاتال“ ۽ ٻي ”انسان ۽ ديوتا“. ڪهاڻي ”پاتال“ ۾ سراج طبقاتي سماج جي حقيقت کي علامتي انداز سان پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ محسوس ٿئي ٿو ته ديوتائن جو عذاب ۽ ڏک سندن اذيت ايتري ناهي جيتري انساني طبقاتي سماج ۾ انسان پل پل ۾ ڀوڳي ٿو. تمثيلي انداز ۾ ديوتائن جي واتان غير طبقاتي سماج جي نظرئي جو پرچار ڏاڍي خوبصورت انداز سان ٿيل آهي. سراج هڪ ئي وقت جديد دور جي گهڻن پاسن کي کڻي ٿو، جنهن ۾ سرمائيداريءَ جي بدلجندڙ قدرن ۾ انساني رويا ۽ انهن جو نفسياتي اثر، روشن خياليءَ جي بنياد تي جديد علمي بحث ۽ انهن جا اثر ۽ ساڳئي وقت سرمائيداريءَ ۾ پيدا ٿيندڙ معاشي گهوٽالو، پورهيت جي زندگيءَ جو الميو، ساڻس ٿيندڙ غير انساني سلوڪ ۽ سماج کي تبديل ڪندڙ فڪر، پورهيتن جي جدوجهد سڀئي موضوعن سراج ڏاڍي فنڪاريءَ سان ۽ فڪري گهرائي سان کڻي ٿو. مجموعي طور هنن ڪهاڻين جي جائزي مان معلوم ٿئي ٿو ته سراج سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ روشن خيال فڪر ۽ ترقي پسنديءَ جي تقاضائن کي ڏاڍو فني ۽ پيرائتي ۽ جديد انداز سان پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ ڪردار نه ته نعري بازي ڪن ٿا، نه نظرئي جو پرچار بلڪ سندن معاشرتي ۽ نفسياتي زندگيءَ جا پهلو اهڙي طرح پيش ڪيل آهن جو پڙهندڙ خود بخود طبقاتي سماج جي روپ کان نفرت ڪرڻ لڳي ٿو. پراڻين روايتن، قدرن ۽ جديد دور جي تقاضائن کي سمجهڻ لڳي ٿو. سراج ميمڻ سنڌي علم وادب ۽ زبان جو پارکو (۲۴ آڪٽوبر ۱۹۳۳ ــ ۲ فبروري ۲۰۱۳ع) ارشاد ڪاغذي سنڌي علم وادب جا جيڪي بـ ڄاڻو ۽ ماهر ٿي گذريا آهن سراج ميمڻ تن ۾ سرفهرست آهي. هو سنڌي علم وادب، تحقيق ۽ تخليق، پرک، دانش، سياست، لسانيات، صحافت، ناول ۽ ٻولي جو ماهر هو. هو گھڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هو، هو هڪ ئي وقت عالم، ڏاهو، اديب، ناول نويس، ڪهاڻيڪار، شاعر، ترجمو ڪندڙ، صحافي، سياست جو ڄاڻو ۽ لسانيات جو پارکو هو، ماڻهو هِڪڙو پر لک گھڻو هو. سراج الحق ميمڻ ٽنڊوڄام ۾ محمد يعقوب ميمڻ جي گھر ۾ اک کولي، جيئن تـ سندس والد صاحب تعليمي ماهر هو ۽ علم وادب سان شوق، شغف ۽ چاه رکندڙ هو تنهن ڪري سراج کي علمي ۽ ادبي ماحول مليو ۽ هن ان مان ڀرپور لاڀ حاصل ڪيو. سنڌ جي اتهاس ۾ سنڌي جديد ادب جي آبياري ڪرڻ ۾ سراج جو حصو ٻين کان سرس آهي. هن جيئن مضمون، تحقيق ۽ تخليق جو ڪم ڪيو ان نموني سان فنڪشن ۾ نالو ڪمايو. جيڪڏهن هو هڪ ئي ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ لکي ها ۽ ٻيا ڪتاب ۽ ناول نـ لکي ها تڏهن بـ هن جي مڃتا، مڻيادا ۽ قد بت ٻين کان وترو هجي ها! ۱۹۵۹ع ۾ ڊاڪٽر نبي بلوچ صاحب جن جو هڪ مضمون “ سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“ جي سِري هيٺ ٽـ ـ ماهي ”مهراڻ“ ۾ ڇپيو هو، تنهن سراج ميمڻ جي دل ودماغ ۾ طوفان مچائي ڇڏيو. ڊاڪٽر صاحب جي ان مضمون متعلق سراج جو خيال هو تـ ”... ڊاڪٽر صاحب جن جو مضمون، ماڻهن ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ تمدن لاءِ بنهـ غير علمي روايتون ۽ مفروضا عام ڪري ڇڏيندو، ۽ ٻاهريان تـ سنڌي ٻوليءَ ۽ تمدن کي هڪ خيرات ٿيل ۽ اڌارو سمجهندا.“ (سراج ميمڻ جو ”سنڌي ٻولي“ ڪتاب تي لکيل پيش لفظ) سراج ميمڻ صاحب ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جو مقابلو ۽ موازنو ڪجي تـ ڪٿي ڊاڪٽر صاحب ۽ ڪٿي سراج! سراج بـ پريشان ٿي پيو هو. هو لکي ٿو ”... آءٌ پشيمان ۽ پريشان، تـ ڇا لڳي سراج، ۽ ڇا لڳي سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڊين آف آرٽس، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جهڙي عالم فاضل جي جواب ۾ مضمون!“ هو وڌيڪ ساڳئي ڪتاب جي پيش لفظ ۾ لکن ٿا ”جڏهن مضمون شايع ٿيو تـ هڪ هنگامو مچي ويو: ڪن شابس ڏني، ته ڪن ڪچيون گاريون. ايترو ته احساس ٿيم تـ جيڪڏهن منهنجي مضمون ماڻهن کي سوچڻ تي مجبور ڪيو آهي، سندن ذهنن کي لوڏي وڌو آهي، تـ ضرور منجهس ڪا ڳالهـ آهي.“ ۽ اهڙي ريت ٻنهي سنڌي ادب جي پارکن پنهنجي ليکن ۾ هڪٻئي کي جواب در جواب ڏنا. سراج ان دور ۾ سنڌي ادب جي اُفق تي اڀري آيو. سنڌ جا ماڻهو، عالم فاضل، اديب ۽ ليکڪن کي سراج جي حيثيت جي پرک پئجي وئي. جارج برنارڊ شا هڪ ناول لکيو هو،The Adventure of the Black Girl in Her Search for God ان جي جواب ۾ علامـ آءِ آءِ قاضي هڪ ڪتابThe Adventure of Brown Girl in Her Search for God لکيو هو. جڏهن ڪتاب شايع ٿيو ۽ ماڻهن پڙهيو تـ ڪيترا ئي ماڻهو علامـ قاضي صاحب کي ڏسڻ آيا تـ ڪهڙي شخصيت آهي جنهن برنارڊ شا جهڙي مهان اديب سان مقابلو ڪيو آهي. سو اهڙي طرح جڏهن سراج اهي مضمون لکيا ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان کي جواب ڏنا تـ سراج جو علمي ۽ ادبي قد ڪاٺ وڌي ويو ۽ هو اڃا وڏي محنت، جاکوڙ، تحقيق سان علمي پورهئي ۾ جنبي پيو ۽ ”سنڌي ٻولي“ جهڙو شاهڪار ڪتاب پڌرو ڪري هڪ عالم ۽ فاضل جي حيثيت سان نروار ٿيو. سراج جن لکن ٿا : ”۱۹۵۹ع کان سنڌي ٻولي ۽ تمدن بابت منهنجي ذهن ۾ ڪجهـ اهڙو هيجان پيدا ڪيو، جو بيان کان ٻاهر اوهين ان مان اندازو لڳايو تـ رڳو ۱۹۶۰ع جي سياري ۾ پنج ڇهـ دفعا، موهن جي دڙي جي ويرانين ۾، وڇائتن وانگر، مٽي ڇاڻيندو رهيس. مون کي خواب ۾ بـ موهن جي دڙي جا ماڻهو ــ چاپئين ڏاڙهي، ٻٽون ڪٽ وار، وچان سينڌ نڪتل ــ، ۽ زالون ــ عاج جي ٻانهينءَ سان ڪلهي تائين ڍڪيل ٻانهون، نڪ ۾ بولو، وارن ۾ ڪاٺ جي ڦڻي وڌل ــ مون سان سنڌي ڳالهائيندا نظر ايندا هئا. ان سپني جي عالم ۾ ئي، ان کان پوءِ وارا ٽي سال گذاريم ۽ ان وقت ۾ مختلف ٻولين، قديم رسم الخطن ۽ ٻين اهڙين موضوعن تي ڪتاب چٽيندو رهيس.“ (سنڌي ٻولي تي لکيل پيش لفظ) سراج جن ڊاڪٽر نبي بخش خان کي جواب ۾ ڪيئي مضمون لکيا پر هو وڏي ڌيان ۽ گيان سان موهن جي دڙي جي ٻولي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هو موهن جي دڙي جي ٻوليءَ کي پڙهڻ ۾ ڪامياب ٿيو هو ۽ پوءِ ”سنڌي ٻولي“ جهڙو زبردست ڪتاب عالمانا انداز سان لکيو. جيڪو ڪم ادارا ڪونـ ڪري سگھيان سو هن ڪري ڏيکاريو. جيتوڻيڪ هو افسانوي ادب جو شهزور هو پر هن اهو ڪتاب لکي هڪ اهڙو ڪارنامو سرانجام ڏنو جنهن جي جيتري تعريف ڪجي گھٽ ٿيندي. سراج ”پڙاڌو سوئي سڏ“ لکي سنڌ جي نئين نسل کي گھڻو متاثر ڪيو، هن هي ناول سنڌ جي تاريخ جي پسمنظر ۾ لکيو هو جيتوڻيڪ هن ناول تي نعري بازي جا بهتان مڙهيا ويا پر نوجوان نسل هن ناول کي پنهنجي جيءَ ۾ جايون ڏنيون ۽ هينئن سان هنڊايو. سراج جو هي غير معمولي تاريخي ناول ”پڙاڏو سوئي سڏ“ نوجوان نسل ۾ هڪ اهڙو جذبو جاڳايو جنهن ون يونٽ جي تحريڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ هڪ سپر مين جو عملي ڪردار ادا ڪندي هرهڪ سنڌي نوجوان پنهنجي عمل جي ميدان ۾ ڪيئي ڪارناما ڪري ڏيکاريا. سراج ميمڻ بـ پنهنجي ناول جي ڪردار جيان سپر مين هو، هو ذوالفقار علي ڀٽو جو ويجهو ساٿي هو پر هن ڪڏهن بـ ان مان ڪو فائدو ڪونـ ورتو هو هڪ اعليٰ آفيسر هو ۽ جيئن انهن آفيسرن جي ڪنڌ ۾ ڪلي هوندي آهي تيئن سراج جي ادب ۽ شخصيت ۾ اڏول پڻو هيو ۽ ڪڏهن بـ ڪنهن جي اڳيان ڪنڌ ڪونـ نمايو. جاذب نظر شخصيت ۽ لکڻي ۾ شيرين بياني ۽ ويساه ۾ نـ ايندڙ ڪارناما جيڪي هو پنهنجي ڪردارن جي واتان چوررائيندو هو اهڙا ڪم جيڪو ڪوبـ ڪري نـ سگھي سي سندس ناول ڪري ڏيکارين ٿا. هو هڪ اهڙو بي مثل انسان هو جنهن جو تعلق حڪومت جي سربراهن سان بـ هو پر اصولي طرح سنڌ جي ماڻهن سان هن جا پيچ پيل هئا، هو ڪنهن جو ڌر ڀر نـ هو پر پوءِ بـ هن بابت اهو چئي سگھجي ٿو تـ شهيد ڀٽو سان هن جو واسطو هو. هو يگانو انسان هو جنهن پنهنجي ادبي ۽ صحافتي دنيا ۾ هڪ اهڙي هلچل مچائي جنهن کيس ٻين کان منفرد بنائي ڇڏيو. هو جديد ادب جو جديد انسان ۽ اديب هو. استاد رسول بخش پليجو صاحب جن سراج جي باري ۾ لکن ٿا ”اهڙا ماڻهو گھٽ هوندا آهن، جيڪي توڙ نڀائين ٿا، جيڪي پلٽا نٿا هڻن، وڏيرن جا چمچا نـ ٿيندا آهن، سراج انهن ماڻهن مان هڪ شخصيت هو، سراج جهڙا ماڻهو روزروز پيدا نـ ٿيندا آهن.“ (ورسي جي موقعي ۽ مناسبت سان ڀيٽا) سراج ميمڻ هڪ تاريخ ساز شخصيت تاج جويو ۲ فيبروري ۲۰۱۳ع تي سنڌ جي ارڏي اديب، عالم ۽ محقق ’سراج‘ جي لاڏاڻي جي خبر علمي ادبي لڏي سميت سندس چاهيندڙن کي صدمو ڏنو. سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان سچو عشق رکندڙ، ڏاهي دانشور، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، محقق ۽ ماهر لسانيات ’سراج‘ جو پورو نالو سراج الحق ولد محمد يعقوب ميمڻ هو، هن ۲۴آڪٽوبر ۱۹۳۳ع تي ٽنڊي ڄام، ضلعي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سندس والد محمد يعقوب ميمڻ وقت جو بهترين تعليمدان ۽ علم ۽ ادب سان چاهه رکندڙ هو. سندس ترجمو ڪيل ’ديوان حافظ‘ سنڌي ادب ۾ يادگار حيثيت رکي ٿو. سراج تي پنهنجي والد جي مزاج جو اثر ٿيو ۽ شروع کان ئي لکڻ، پڙهڻ سان واسطو رهيس. ابتدائي تعليم ڳوٺ مان وٺڻ کانپوءِ نور محمد هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين ۽ سموري بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ ٽين پوزيشن کنيائين. سندس تعليم بي. اي (آنرس)، ايم. اي ۽ ايل. ايل. بي هئي. پيشي جي لحاظ کان ۱۹۵۳ع ۾ ’سنڌي ادبي بورڊ‘ ۾ نوڪري شروع ڪيائين ۽۱۹۵۵ع ۾ ادبي بورڊ جو اسسٽنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيو. ۱۹۵۷ع ۾ سي. ايس. ايس. جو چٽاڀيٽيءَ جو امتحان پاس ڪري انڪم ٽئڪس جي کاتي ۾ آفيسر مقرر ٿيو، جتان ۱۹۶۹ع ۾ جبري رٽائرمينٽ ٿيس. سندس خلاف الزامن مان مکيه سرڪاري ملازمت ۾ هوندي قومپرست ۽ ترقي پسند ادبي تحريڪن ۾ حصو وٺڻ ۽ قوميت جي موضوع تي لکڻ هو. ان کانپوءِ ڪجهه وقت وڪالت ڪيائين. ۱۹۷۱ع ۾ ڪراچيءَ مان هلال پاڪستان اخبار جو اجراء ٿيو، جنهن ۾ کيس ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. هن اخبار ذريعي سراج، جديد صحافت ۾ نوان ۽ اڇوتا لاڙا آندا. ان تي کيس سنڌي جديد صحافت کي نئون جنم ڏياريندڙ چيو وڃي ٿو. ۱۹۷۷ع ۾ ضياءُ الحق جي دور ۾ هن فوجي حڪومت کان ڊڪٽيشن وٺڻ کان انڪار ڪندي هلال پاڪستان مان استعيفا ڏني ۽ واپس وڪالت جي شعبي سان لاڳاپجي ويو ۽ عمر جي آخري عرصي تائين سپريم ڪورٽ جو سينيئر وڪيل رهيو. انڪم ٽيڪس قانون تي سندس مهارت سبب کيس ان مضمون جي ميدان ۾ ’انسائيڪلوپيڊيا‘ چيو ويندو هو. سراج سنڌي ادب جي هڪ گھڻ پاسائين شخصيت رهيو، سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو۱۹۶۱ع ۾ ’اي درد هلي آءُ‘ جي نالي سان شايع ٿيو ۽ ٻيو مجموعو ’اٺون ماڻهو‘ ۱۹۸۵ع ۾ شايع ٿيو. جديد سنڌي ادب ۾ سراج سڀ کان وڌيڪ تخليقي ناول لکيا ۽ هي اهو پهريون سنڌي ليکڪ آهي، جنهن ٽن ناولن تي ٻڌل ’پياسي ڌرتي رمندا بادل‘ جي نالي سان سنڌي ادب جي پهرين ٽريالاجي لکي. سراج، سنڌ جي تاريخ کي افسانوي انداز ۾ پڙهڻ جو شوق پيدا ڪيو، جن سنڌ جي تاريخ اڳ ۾ ڪانه پڙهي هئي، تن سراج جا ناول پڙهي پوءِ سنڌ جي تاريخ ۾ دلچسپي ورتي. سراج جو پهريون جڳ مشهور ناول ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ ۱۹۷۹ع ۾ ڇپيو، هي ناول سنڌ تي ارغونن ۽ ترخانن جي قهري دور جي تاريخ کي افسانوي انداز ۾ پيش ڪري ٿو. سندس ٻيو ناول ’مرڻ مون سين آءُ، سال ۱۹۸۸ع ۾ ڇيپو، ان کانسواءِ ’منهنجي دنيا مرگھه ترشنا‘، ’منهنجي دنيا هيڪل وياڪل‘، ’تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول‘ سندس اهم ناول آهن. سراج ڪيترا ئي ڊراما پڻ لکيا. هڪ مترجم جي حيثيت سان هن ’چين جي هارين کي زمين ڪيئن ملي‘، ’چونڊ آمريڪي افسانا‘، ’ڏکڻ مان ٿو سج اڀري‘، ’سنڌ جي اقتصادي تاريخ‘ ڪتاب پڻ ترجمو ڪيا. سندس ناول ۽ افسانن جا مجموعا، افسانوي ادب ۾ تمام گھڻي اهميت جا حامل آهن. سراج پنهنجي صحافتي زندگيءَ ۾ روزاني هلال پاڪستان جو ايڊيٽر رهڻ دوران اهم مسئلن تي ايڊيٽوريل لکڻ کانسواءِ ’رتيءَ جي رهاڻ ۽ ملان جي ڊوڙ‘ ۽ جاڳو اخبار ۾ ’سياسي منظرنامو‘ جي سري سان سوين مضمون ۽ ڪالم لکيا. سراج شاعري به ڪئي ۽ ڪراچيءَ جي سنڌ کان ڌار ڪري وفاق حوالي ڪرڻ جي موقعي تي ’ڪراچي‘ نالي سان تاريخي ۽ اهم نظم لکيو. لسانيات جي حوالي سان سندس اهم تصنيف ’سنڌي ٻولي‘ ۱۹۶۴ع ۾ ڇپي، جنهن سنڌي ادب ۾ ٻوليءَ جي ارتقا جي حوالي سان نوان بحث ڇيڙيا. هن ڪتاب ۾ پهريون ڀيرو هن سنڌ جي ٻين عالمن سان اختلاف ڪندي سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي اصلوڪي ۽ بنيادي ٻولي قرار ڏنو، جنهن کي شروع ۾ جن قبول نه ڪيو، انهن به تحقيق بعد آخر ۾ اچي ساڳي ڳالهه ڪئي. هن ڪتاب کي ’پاڪستان رائيٽرس گلڊ‘ پاران انعام پڻ مليو ۽ ۲۰۰۹ع ۾ هن ڪتاب جو انگريزي ترجمو پڻ شايع ٿيو، جيڪو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ڇپيو آهي. هن زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ انگريزيءَ ۾ ٻه ڪتاب: (۱) History of Sindhi Language ۽ (۲) پنهنجي آٽوگرافي Biography of an unknown Sindhi لکي مڪمل ڪيا. انهن مان پهريون ڪتاب هيٺ اشاعت هيٺ آهي. سنڌ جي هن نامور عالم ۽ اديب، ۲ فيبروري ۲۰۱۳ع، رات جو ساڍي ٽين وڳي، لياقت نيشنل اسپتال، ڪراچيءَ ۾، دل جي عارضي سبب وفات ڪئي. سراج سنڌي ادب، صحافت ۽ تحقيق جو ھڪ باب طارق عزيز شيخ سراج حيدرآباد جي ڀر ۾ ٽنڊي ڄام سرسبز ۽ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ۲۴ آڪٽوبر ۱۹۳۳ع ۾ پيدا ٿيو. سندس والد محمد يعقوب ميمڻ تعليم جي شعبي سان وابسته هو. سراج صاحب جو والد جي اثر جي ڪري توڙي پنهنجي ادبي مزاج سبب شروع کان لکڻ پڙهڻ سان گهاٽو واسطو رهيو. ادبي ماحول ۾ اڳتي وڌڻ سان گڏوگڏ هن وڪالت ۾ به ڪاميابيون ماڻيون ۽ ملڪ جي مايه ناز قانوني ماهرن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. ناول نگاريءَ ۾ سراج سنڌي ادب کي معياري ۽ تاريخي شيون ڏنيون. ڪهاڻين لکڻ کان به اڳي هن ناول نگاريءَ ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪري ڇڏي هئي. جڏهن ته ارتقائي تحريرن ۾ هن ترجما ڪيا هئا. ۱۹۵۳ع ۾ ”ڏکڻ مان ٿو سج اڀري” نالي انگريزي ناول هن ترجمو ڪيو، ان کان پوءِ ”چونڊ آمريڪي افسانا“ ۱۹۵۸ع ۾ ترجمو ڪيائين ۽ انهيءَ سال يعني ۱۹۵۸ع ۾ ئي ”سنڌ جي اقتصادي تاريخ“ جو ترجمو ڪيائين. سندس طبعزاد لکڻين جي شروعات سٺ واري ڏهاڪي کان شروع ٿئي ٿي. سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ۱۹۶۱ع ۾ ”اي درد هلي آءُ“ جي نالي سان شايع ٿيو. ان کان پوءِ ٻوليءَ جي حوالي سان مختلف بحث رونما ٿيا. سنڌي ٻوليءَ کي ڪنهن محقق سنسڪرت جي ڌيءَ ٿي چيو ته ڪنهن وري ان کي سميري ٻولين مان نڪتل ٿي چيو پر سراج وڏي محنت سان تحقيق ڪري عالمي ماهرن جي دليلن ۽ پختي يقين سان ثابت ڪري ڏيکاريو ته سنڌي ٻولي سنڌ جي اصلوڪي ٻولي آهي، ان جا وارث سنڌ جا قديم باشندا ئي آهن. انهيءَ بحث تي هن ”مهراڻ“ ۽ ”نئين زندگي“ رسالن ۾ مضمون پڻ لکيا، جڏهن ته لسانيا جي بين الاقوامي اصولن ۽ ماهرن جي نتيجن کي آڏو رکندي هن ”سنڌي ٻولي“ ڪتاب لکي پنهنجو نظريو پيش ڪيو. هيءُ ڪتاب ۱۹۶۴ع ۾ شايع ٿيو جڏهن ٻوليءَ جي حوالي سان ماحول ۾ گهما گهمي هئي. انهيءَ سال سراج ”علم معاشيات“ ڪتاب پڻ لکيو جنهن ۾ معاشي مسئلن تي نظرثاني ٿيل آهي. سراج سنڌ جي تاريخ کي افسانوي انداز ۾ پڙهڻ جو شوق ڏياريو. جن سنڌ جي تاريخ اڳي ڪونه پڙهي هئي تن سراج جا ناول پڙهي پوءِ سنڌ جي تاريخ کي پڙهيو. سنڌ جي هن بي مثال ناول نگار ارغونن ۽ ترخانن جي زماني جي تاريخ کي ”پڙاڏو سوئي سڏ“ ناول ۾ پيش ڪيو. جنهن ۾ سنڌي قوم، سنڌ جي صورتحال ۽ ڌارين جا ظلم سئنما جي پردي تي فلم جيان نظر اچن ٿا. وڏي خوبي سان هن تاريخي ناولن جي شروعات ڪئي. سراج کان اڳي عثمان ڏيپلائي ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻي تاريخي ناولن ۾ طبع آزمائي ڪئي هئي پر اهڙي ڪاميابي ڪونه ماڻي سگهيا جهڙي سراج کي ملي. سراج انهيءَ ناول جو ٻيو حصو ”مرڻ مون سين آءُ“ جي نالي سان لکيو جنهن جي ڪاميابي پڻ اڳوڻي ناول جيتري ٿي. ان کان پوءِ سنڌ ۾ ڌارين جي مختلف دورن تي هن ٽي وڌيڪ ناول ”منهنجي دنيا هيڪل وياڪل“، ”تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول“ ۽ ”منهنجي دنيا مرگهه ترشنا“ لکيا. سراج جي ناولن جو سلسلو سنڌ جي تاريخ جي ترتيبوار بابن جيان آهي. هن ناولن سان گڏوگڏ ڪهاڻين جو هڪ ٻيو مجموعو ”اٺون گهر“ ۱۹۸۵ع ڌاري پڻ لکيو، جڏهن ته مختلف موضوعن تي سندس مضمون ۽ مقالا پڻ اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا. هن ”هلال پاڪستان“ اخبار جي ايڊيٽر طور پڻ فرض انجام ڏنا ۽ پنهنجي صحافتي ڪردار کي به مڃرايو، جڏهن ته ڪيترين ئي اخبارن ۾ ڪالم پڻ لکندو رهيو. سراج، شاهه لطيف جي حوالي سان پڻ مقالا لکيا خاص طور تي شاهه جي سياسي ۽ مذاحمتي شاعري تي هن آمريتي ڏينهن ۾ به جرئت سان قلم کڻي شاهه جي ٻوليءَ ۾ سنڌي قوم کي پيغام ڏنو. سنڌ جو هي نثر نويس نه فقط ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ٻولي جو ماهر ۽ ڪالم نگار آهي پر نثر جي حوالي سان آل رائونڊر رهيو آهي. سنڌ جو سراج جامي چانڊيو اوڻيهين ۽ ويهين صدين ۾ سنڌ ۾ وڏا ماڻهو پئدا ٿيا، جن زندگيءَ جي هر ميدان ۾ سنڌ جي وڏي خدمت ڪئي، ۽ ان جي حسناڪ آئيندي جا نه رڳو خواب ڏٺا، پر انهن جي ساڀيان لاءِ سموري زندگي وِرچي به نه ويٺا. سراج الحق ميمڻ جو ڳاڻيٽو به سنڌ جي اهڙن ماڻِڪ موتين ۾ ٿيندو. پنهنجي شخصيت ۾ باوقار ۽ حسين ماڻهو، علميت ۾ گهرو ۽ گهڻ-طرفو ڄاڻو ماڻهو، هڪ بيحد سچو اديب ۽ پارکو، سُڀاوَ جو شانائتو، حساسيت ۾ گلن جهڙو نرم، ۽ فن ۾ ڳالهه جي اُڻت جو منفرد ڏانءُ رکندڙ ليکڪ، سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻولي هن جي محبت جا محور ۽ مرڪز هئا. سراج جهڙن ماڻهن جو وجود ئي سڀاڳ جي علامت هجي ٿو، سندن خاندان، دوستن، ۽ ويندي ٻولي، ادب ۽ پوري سماج لاءِ. ٽنڊي ڄام ۾ هڪ روشن خيال ۽ ترقي پسند پرائمري استاد محمد يعقوب نياز جي گهر ۾ چويهين آڪٽوبر ۱۹۳۳ع تي جنم وٺندڙ سراج الحق ميمڻ اسان کي پنهنجيءَ پوريءَ حياتيءَ ۾ هڪ آدرشي، محنتي، سچو، ٻوليءَ، وطن ۽ قومَ جو عاشقُ نظر اچي ٿو. ڄڻ ته هڪ پارس هو، جنهن جنهن سندس ساٿ ۾ گذاريو ڄڻ ته سون ٿي ويو. سراج صاحب سان منهنجو قرب جو ادبي ۽ علمي لاڳاپو هو، ۽ ساڻس اهو لاڳاپو پهرين سائين محمد ابراهيم جويي، رسول بخش پليجي ۽ ف م لاشاريءَ معرفت، ۽ پوءِ سڌيءَ ريت پنهنجين لکڻين ذريعي ٿو، جيڪو آخر تائين قائم رهيو. منهنجي خوشبختي آهي جو هو مونکي بيحد ڀائيندو هو، ۽ منهنجين لکڻين کي پسند ڪندو هو، ۽ جيڪي لفظ چوندو هو اها هن جي ادبي وضع داري ۽ شفقت هئي. سراج صاحب سان منهنجي پهرين ملاقات پليجي صاحب سان گڏ ڪراچيءَ ۾ سندس آفيس ۾ ۱۹۹۱ع ۾ ٿي. مون ٻنهي کي هڪٻئي سان بيحد حجائتو ڏٺو. پليجي صاحب جي حجت مٿس وڌيڪ هئي. ويهڻ شرط سراج تي ڏاڪا ٻڌي چڙهي ويو، چئي، ”ڪجهه نٿو ڪرين، سڄو ڏينهن آفيس ۾ ٿڌيءَ ڇانوَ ۾ ويٺو آهين، عوام کان ڪٽيل آهين، ۽ ڪنهن نه ڪم جو آهين! حساب ڏي ته ڇا ٿو ڪرين!“ موٽ ۾ سراج صاحب جي چپن تي هميشه جيان اطمينان بخش مرڪ، ۽ نهٺائيءَ وارو اعتراف. هن جو جواب عجيب هو. چئي، ”پليجا! جنهن خاڪ کي ڦُوڪون ڏئي باهِه ٿو ٻارڻ چاهين، ان ۾ تپش رهي ئي نه آهي“! مون ٻڌو هو ته سراج تمام مغرور ماڻهو آهي، پر هي ته ڪو ٻيو ماڻهو هو، بيحد ماٺيڻو، محبتي، نهٺو ۽ مرڪڻو. ف م لاشاري به سراج صاحب وٽ ويٺو هو، پليجي صاحب مٿس پنهنجي سخت تنقيد جڏهن پوري ڪئي ته ف م لاشاري ۽ مون ڏي نهاري چيائين، ”پليجو سدائين ائين ڪندو آهي، ۽ صحيح ڪندو آهي، ڇو ته اسان سنڌي ڪم جا وڏا ڪاهل آهيون، ۽ خاص طور مان“. مون دل ۾ سوچيو ته جيڪڏهن ۱۹۵۷ع ۾ سي ايس ايس پاس ڪري ملڪ جو چوٽيءَ جو ڪامورو ٿيڻ، ڏيپلائي پريس ۽ سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڇٻلاڻي صاحب جي لکيل سنڌ جي اقتصادي تاريخ ۽ ٽي ايس ايليٽ جي لکڻين سميت انيڪ ڪتابن جا ترجما ڪندڙ، ۱۹۶۴ع ۾ ”سنڌي ٻولي“ جهڙو شاندار تحقيقي ڪتاب لکندڙ، هلالِ پاڪستان جهڙي سرڪاري اخبار کي سنڌ جي شعور جي مهندار آواز ۾ تبديل ڪندڙ، ”پڙاڏو سوئي سڏ“، ”مرڻ مون سين آءُ“، ”منهنجي دنيا هيڪل وياڪل“، ”تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول“، ۽ ”منهنجي دنيا مرگ ترشنا“ جهڙا ناول سرجيندڙ، ”آءُ درد هلي آءُ“ جهڙيون ڪهاڻيون لکندڙ ۽ ملڪ جو چوٽيءَ جو انڪم ٽيڪس جو وڪيل سراج به جيڪڏهن ڪاهل آهي ته پوءِ سنڌ جي باقي پڙهيل لکيل ماڻهن يا عام اديبن کي ڇا چئجي؟ پوءِ مون ڄاتو ته دراصل هنن ماڻهن جي مٽي ئي ٻي آهي. هنن وٽ ڪم جا معيار ۽ سندن آدرش ايترا ته وڏا ۽ غير معمولي آهن، جو هو پنهنجي زندگيءَ جي ڪيل ڪمن کي وڏو ڪم سمجهن ئي نٿا. دراصل اهو رويو ۽ سوچ ئي کين پنهنجي ڪردار ۽ عمل ۾ وڏو ماڻهو بڻائي ٿي. دنيا جو ڪو به وڏو ماڻهو پنهنجي ڪم مان مطمئن ناهي هوندو، جو سندن ڪمن جي فهرست آڏو حياتي کٽي پوندي آهي، وقت هار کائي ويندو آهي. هونئن ته سراج صاحب جو والد به هڪ روشن خيال ۽ ترقي پسند استاد هو، پر سراج صاحب جي زندگيءَ تي پنهنجي والد کان پوءِ گهڻي ۾ گهڻو اثر سائين محمد ابراهيم جويي جي فڪري تربيت جو به هو. سراج صاحب مونکي پاڻ ٻڌايو ته محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي پريس تي ڪم ڪرڻ ۽ ان کان پوءِ جويي صاحب جي نگرانيءَ هيٺ سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڪم ڪرڻ سندس زندگيءَ جا اهم ابتدائي دور هئا، جن سندس شعور ۽ صلاحيت جي آبياري ڪئي. ڏيپلائي صاحب کيس روپئي ڏهاڙيءَ تي ترجما ڏيندو هو ۽ ڪم به ڇڪي وٺندو هو، سراج صاحب ڀوڳ ۾ چوندو هو ته، ”ڏيپلائي صاحب جي کُوري مان پچي نڪتاسين ته پوءِ دنيا ۾ ڪو به ڪم ڏکيو نه لڳو“. ان کان پوءِ سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڪم ڪندي، نه رڳو هن جي سنڌي ۽ انگريزي ٻولين تي مهارت وڌي پر هو پاڻ به هڪ اديب طور اڀري آيو. اهو ئي سبب آهي جو مون سراج صاحب وٽ ڪنهن ماڻهوءَ جو وڌيڪ احترام ڏٺو ته اهو سائين جويو صاحب آهي. هو جويي صاحب کي هڪ شفيق دوست سان گڏ هڪ استاد جو درجو ڏيندو هو. سراج صاحب وٽ سائين جويو صاحب ۽ مان ڪافي ڀيرا گڏجي وياسين ۽ جويي صاحب لاءِ سندس احترام ۽ پيار ڏسڻ وٽان هوندو هو. هونئن سراج صاحب جو شهيد ڀُٽي صاحب ۽ سائين جي ايم سيد سان به گهرو سُٻنڌ رهيو. ۱۹۵۰ع ۾ هن ميٽرڪ جو امتحان ڊي جي نيشنل ڪاليج ڪراچيءَ مان پاس ڪيو ۽ هو پنهنجي تعليم جو خرچ جناح ڪورٽس ۾ پارٽ ٽائيم ملازمت ڪري پورو ڪندو هو. ۱۹۵۷ع ۾ جڏهن هو سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪري سول سروس ۾ ويو ته ان ئي دور ۾ هن جي ڪراچيءَ جي ايس ايم لا ڪاليج ۾ شهيد ڀُٽي سان ملاقات ٿي ۽ سندن اهو دوستيءَ جو تعلق آخر تائين قائم رهيو، اهو ئي سبب آهي جو جڏهن شهيد ڀٽو اقتدار ۾ آيو ته هن هلال پاڪستان جو ايڊيٽر سراج کي بڻايو، ۽ سراج هلال پاڪستان جي صورت ۾ جديد ترقي پسند سنڌي صحافت جا بنياد رکيا، ۽ روشن خيال صحافين جي هڪ وڏي کيپ تيار ڪئي. ڇهن سالن جي مختصر دور ۾ سراج هلال پاڪستان کي وڏي اوج تي پڄايو. جڏهن ۱۹۷۷ع ۾ ضياءُ الحق مارشل لا هنئي ته سراج هلال پاڪستان مان استعيفا ڏئي پنهنجي وڪالت جي ٻيهر شروعات ڪئي. هو انهن ۳۰۳ سرڪار جي ناپسنديده آفيسرن مان هڪ هو، جن کي جبري طور ملازمت مان فارغ ڪيو ويو هو. سراج جو اهو ڪمال هو جو هو شهيد ڀُٽي جو ويجهو دوست هوندي به جتي هن جي مثبت ڳُڻن کي واکاڻيندو هو، اتي هن ڪڏهن به هن جي غلط فيصلن جي تائيد نه ڪئي. ائين ئي سائين جي ايم سيد پڻ سراج جو وڏو احترام ڪندو هو، ۽ سندس اها هر دلعزيز حيثيت دراصل سندس معتبر شخصيت جو مظهر هئي. سراج صاحب جو علمي ۽ تخليقي پورهيو نه رڳو گهڻ رخو آهي، پر ساڳئي وقت تمام معياري پڻ آهي. سنڌي ۽ انگريزي ٻولين تي هن جي مهارت باڪمال هئي. هڪ ڀيري حميد هارون کي مون سراج صاحب جي روبرو ڪراچي جم خانه ۾ پاڻ اهو چوندي ٻڌو ته جيڪڏهن احمد علي خان کان پوءِ پاڪستان ۾ ڊان اخبار جي ايڊيٽر ٿيڻ جو ڪو اهل آهي ته اهو سراج آهي. پر سراج صاحب صحافت کي عملي طرح ڇڏي چڪو هو، ۽ هن واپس صحافت ڏي ورڻ نٿي چاهيو. ڪراچيءَ مان روزاني جاڳو جيتوڻيڪ ف م لاشاريءَ شروع ڪئي پر ان ۾ سراج صاحب جو بنيادي هٿ هو ۽ ان دور ۾ سراج صاحب جا ”سياسي منظرنامو“ جي عنوان سان لکيل تجزياتي مضمون شاندار هئا، جيڪي ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيڻ گهرجن. هلال پاڪستان ۾ لکيل سراج صاحب جا اداريا پڻ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيڻ گهرجن، جو اها ان دور جي تاريخ آهي. سندن ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ پڻ سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت لکيل اهم ڪتابن مان هڪ آهي. سراج جون چند خوبيون اهڙيون آهن، جيڪي هن کي سنڌي سماج ۽ ادب ۾ هڪ منفرد حيثيت ڏين ٿيون. هن سموري زندگي ڪا به دعوى نه ڪئي، نه سنڌ سان عشق جي، نه سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي خدمت جي، ۽ نه پنهنجي ڪارنامن جي. اهو نهٺو سُڀاءُ هن جي اندر جي وڏ-ماڻهپي جو آئينو هو. اُڀامندِي ته سکڻي ڪُنِي آهي، هيءُ ته سنڌ جو سراج هو، جيڪو سنڌي ادب ۾ ناول نگاريءَ جو امتياز هو. مون سراج کي ڪڏهن به ماڻهن تي ڳالهائيندي نه ڏٺو، هڪ مڪمل انگريز ماڻهو هو. رڳو ڪم جي ڳالهه، روايتي اجائي ڊيگهه سراج جي مزاج ۾ ئي نه هئي. مڪمل طور سيلف-ميڊ يعني پنهنجي پورهئي ۽ قابليت جي بنياد تي ٺهيل ماڻهو هو، ان ڪري هميشه قابليت ۽ ادارن جي اهميت جو قائل هوندو هو. ان لاءِ رڳو ڪي سَڌُون نه ڪيائين پر پنهنجو حيدرآباد وارو اباڻو گهر سنڌ ايجوڪيشن ٽرسٽ کي ڏئي مثال پڻ قائم ڪيائين، پر افسوس جو اهو ادارو ڪو ٻوٽو ٻاري نه سگهيو. جڏهن ته سراج صاحب جو اهو خواب هو ته اهو ادارو اڳتي هلي هڪ يونيورسٽيءَ ۾ تبديل ٿئي. منهنجي لاءِ اها ڳالهه ڪنهن اعزاز کان گهٽ ناهي ته هو عمر توڙي ادبي ۽ علمي لحاظ کان وڏو هوندي به مونکي پنهنجي دوستن ۾ شمار ڪندو هو. ۲۰۰۶ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي ادب تي ڪانفرنس ۾ کيس مقالو پڙهڻ لاءِ چيو ويو، طبيعت ناساز هئڻ سبب پنهنجيءَ جاءِ تي کين منهنجو نالو تجويز ڪيائين. سائين جويي صاحب جي ڪتاب ”ادب، ٻولي ۽ تعليم“، ۽ پليجي صاحب جي ڪتاب ”سياسي ادب“ تي لکيل منهنجا تفصيلي مهاڳ پڙهيائين ته ٻنهي ڀيري فون ڪري جيڪي مهربان لفظ چيائين، اهي منهنجي لاءِ ڪنهن اعزاز کان گهٽ نه آهن. ساڳيا رايا جويي صاحب ۽ پليجي صاحب کي به ڏنائين. زندگي تمام مختصر آهي، ۽ ڪو به ماڻهو زندگيءَ ۾ سڀ ڪم پورا نٿو/نٿي ڪري سگهي. سو سراج کان به گهڻا ڪم رهجي ويا هوندا پر هن زندگيءَ ۾ جيڪي ڪجهه ڪيو، اهو به گهٽ نه هو. هر ڪم بيحد معياري ۽ منفرد! لکڻ، ڳالهائڻ، اظهار ڪرڻ، خوش ٿيڻ، ڪاوڙ ڪرڻ، رنجُ ٿيڻ، ڏوراپو ڏيڻ، ۽ راءِ ڏيڻ جو سليقو ته ڪو سراج صاحب کان سکي. خوش ٿيو ته حَسين ۽ شانائتي مرڪ چپن تي، ۽ جي ارهو ٿيو ته منهن ۾ گُهنڊ وجهي بس رڳو نهاريندو، ۽ اهو به هڪ لمحو ۽ بس! وڏا ماڻهو پنهنجي وڏائيءَ جو اظهار رڳو علميت، فڪر، فن يا ادب ذريعي ئي نه پر پنهنجن روين ذريعي به ڪندا آهن. سراج سچ پچ ته سنڌ جو وڏو ماڻهو هو. ٻاهر ماڻهو هن کي پٿر جو ٺهيل سخت مزاج سمجهندا هئا، اندر ۾ ته هو گلن تي پيل ماڪ جهڙو ملائم ماڻهو هو. آخري ڏهن سالن ۾ سنڌ جي ڳالهه نڪرندي هئي ته بي اختيار جُهري پوندو هو ۽ هن جون آدرشي اکيون تشنه خوابن سبب بي اختيار ڀرجي اينديون هيون. خود اعتمادي ۽ خودداريءَ ۾ به سراج جو ڪو مَٽُ نه هو. هاءِ ڪورٽ جي جج ٿيڻ ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ٿيڻ جي آڇَ هن کي انيڪ ڀيرا ٿي، هن هميشه جواب ڏنو. هن جي مثالي خودداريءَ ۽ خوداعتماديءَ جو سبب دراصل هن جي قابليت ۽ هن جي خودشناسي هئي. گهڻن ماڻهن کي زماني جي شناس ته هوندي آهي پر هو خودشناسيءَ کان وانجهيل هوندا آهن، سراج کي خبر هئي ته هو ڪير هو. سراج صاحب ڪو عوامي ماڻهو نه هو، هو مٿئين وچولي طبقي سان واسطو رکندڙ، وچولي ۽ مٿئين طبقي سان رابطي ۾ رهندڙ اسڪالر، اديب ۽ وڪيل هو. مان سمجهان ٿو ته هو وچولي طبقي لاءِ هڪ رول ماڊل به هو ته ڪو ماڻهو هڪ ڪامياب زندگي ۽ ڪيريئر باوجود پنهنجيءَ ٻوليءَ، ادب ۽ قوم لاءِ ڇا ڇا نه ٿو ڪري سگهي. اڪثر وڏن ماڻهن جو اولاد يا گهر جا ڀاتي سندن ڇڏيل دڳ تي ناهن هلندا، پر سراج صاحب پنهنجي اولاد ۽ گهر ڀاتين ۾ سنڌيت جو اهڙو ته روح ڦُوڪيو، جو اڄ سندس ننڍي ڀاءَ اعجاز ميمڻ، سندس ڀيڻ ڊاڪٽر فهميده حسين، ۽ پٽن ڊاڪٽر امجد سراج ۽ ارشد سراج کي ڏسي جيڪا تصوير جُڙندي، اُها هوبهو سراج جي تصوير آهي. ساڳيو سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ پيار، خدمت جو جذبو، علميت ۽ فضيلت. ٻين فيبروريءَ ۲۰۱۳ع تي سنڌ جي هن باوقار اديب، دانشور، محقق، پارکو ۽ عاشق آخري ڀيرو سنڌ ۽ هن سنسار ڏانهن پنهنجي شانائتي مرڪ سان نهاري پنهنجون تشنه خوابن واريون اکيون هميشه لاءِ ٻُوٽي ڇڏيون، ۽ ڪراچيءَ جي گِذري قبرستان ۾ ان مٽيءَ سان وڃي مليو، جنهن جي علمي ۽ ادبي هُڳاءَ جو نالو سراج هو. سراج سنڌي ادب ۽ صحافت جو املهه ماڻڪ - ۲ فيبروري ٻي ورسي جي مناسبت سان زاهد ڪاڪا سنڌي ادب جي جرڪندڙ ستاري سراج کي قدرت ناول نگاري، لسانيات، ڪهاڻي کيتر، ترجمي، تحقيق ، ۽ صحافت ۾ هڪ ئي وقت پاڻ موکي سنڌي ادب جي آبياري ڪري ان کي ميوي دار وڻ بنائڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جو اعزاز بخشيو. سراج ۲۴ آڪٽومبر ۱۹۳۳ع تي ٽنڊي ڄام ۾ محمد يعقوب ”نياز“ ميمڻ جي گهر ۾ اک کولي. سندس والد بهترين استاد، علم ادب سان لنئون لڳل ۽ فارسي زبان جو وڏو ڄاڻو حافظ شيزازيءَ جي ديوان حافظ کي سنڌي ۾ ترجمون ڪرڻ سندس قابليت تي دلالت ڪري ٿو. سراج ۱۸ سالن جي ڄمار ۾ برک اديب ۽ بيباڪ صحافي محمد عثمان ڏيپلائي جي اداره انسانيت ۾ پررف ريڊرنگ ۽ ترجمن جواجرت آغاز ڪيو ۽ ائين کيس ڏيپلائي جي بٺيءَ مان پچي راس ٿيڻ جو موقعو مليو محمد ابراهيم جويي سان سندس ڏيٺ ويٺ ڏيپلائي صاحب جي ڪري ئي ٿي. سندس ادبي سفر جي شروعات ترجمن سان ٿي جنهن ۾ سڀ کان پهرين هن ڪرشن چندر جي ناول جب صبح هوتي هي. جو ترجمو ”ڏکڻ مان ٿو سج اڀري“ نالي سان کان علاوه ”چين جي هارين کي زمين ڪيئن ملي“، ”انسان ۽ انسانيت جي تاريخ“ ترجما ڪيا. سراج انتهائي باصلاحيت ۽ ذهين نوجوان هو ادبي بورڊ ۾ هوندي ئي ۱۹۵۷ع ۾ سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪري انڪم ٽيڪم آفيسر بڻيو. ان عرصي ۾ سندس ٻه ترجما پي ايس ڇپلاڻي. جي ڪتاب جو سنڌي اقتصادي تاريخ ٻيو ”چونڊ آمريڪي افسانا“ غلام رباني آگري سان گڏ ڪيا. ون يونٽ واري ان زماني ۾ جڏهن سنڌ جو نالو کڻڻ به ڪاريهر تي پير رکڻ برابر هو. سراج سرڪاري ملازم هئڻ جي باوجود پنهنجو قلمي پورهيو دليريءَ سان جاري رکيو. (جنهن جي پاداش ۾ اڳتي هلي ۱۹۷۰ع ۾ کيس نوڪري مان نيڪالي ڏني وئي). انھن ڏينهن ۾ ۱۹۵۹ع سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت سنڌ جي برک عالم ۽ گهڻ رخي شخصيت ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سنڌ ٻوليءَ جي قدامت بابت ارنيسٽ ٽرمپ ۽ سرگريئرسن پاران سنڌيءَ کي سنسڪرت ڄائي قرار ڏيڻ واري نظريي کي رد ڪري ان کي سامي صفت زبان يعني سنسڪرت جي ڀيڻ قرار ڏنو. ۲۶ سالن جي نوجوان سراج، ڊاڪٽر بلوچ توري ٽرمپ وارن نظرين کي آمريڪي آرڪيلاجسٽ نوح ڪريمر جي کوجنا ۽ پنهنجي تحقيق جي آڌارتي رد ڪري ادب ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو. سراج جو نظريو آهي ته سنڌي سنسڪرت جي ڌيءُ يا ڀيڻ نه پر ماءُ آهي. سميري تهذيب جو سنڌي تهذيب تي اثر نه ٿيو آهي پر بابل ۽ سمير جي تهذيب تي سڌو تهذيب جا اثر نمايان نظر اچن ٿا. سراج کي شهرت جي آسمان تي پهچائيندڙ اهو نظريو هو. سنڌ جي ٻنهي عالمن ۾ ٻوليءَ جي بڻ بڻياد بابت، مهراڻ رسالي ۾ علمي بحث (۱۹۵۹ع کان ۱۹۶۱ع ) تائين هلندو رهيو. جنهن بعد ٻنهي ٻولي جي ماهرن جا پنهنجي نظرين جي دليلن تي ٻڌل ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ ۱۹۶۴ع، سراج ۽ ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“ ڊاڪٽر بلوچ منظر عام تي آيا. سراج سنڌي ناول جو پڻ سگهارونانءُ آهي. ارغون تر خان جي قهري ڪارروائين تي سندس پهريون ناول ”پراڏو سو سڏ“ شاهڪار ناول آهي. جيڪو ۱۹۷۰ع ۾ ڇپيو ”مرڻ مون سين آءُ“ کان علاوه سنڌي ناولن ۾ ٽريالاجي ڏيندڙ پهريون ناول نگارهو. سندس ٽريا لاجي پياسي ڌرتي رمندا بادل جا ٽئي ناول ”منهنجي دنيا هيڪل ويا ڪل“ ، ”تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول“ ۽ ”منهنجي دنيا مرگهه ترشنا“ بهترين ناول آهن. سندس ناولن تي تبصرو ڪندي مختيار احمد ملاح لکي ٿو ته” سراج جا ناول سنڌ جي تاريخي، سماجي، معاشي ۽ رومانوي حالتن جي عڪاسي ڪن ٿا. انهن جي ٻولي، اسلوب ۽ رواني بهتر هوندي آهي. سراج پنهنجي ناولن ۾ سنڌ جي اوائلي تاريخ کي اجاگر ڪيو آهي هن جي ناول ۾ جذبات نگاري جو عنصر غالب آهي. هو پڙهندڙ جي جذبات کي اڀاري ٿو. هوائين محسوس ٿا ڪن ته سندن ئي جذبن جي عڪاسي ٿي رهي آهي“. سراج صحافت ميدان ۾ جدت آڻيندي هر سياسي، سماجي عوامي اهم مسئلي کي پنهنجي قلم جو موضوع بڻائي وائکو ڪيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي هلال پاڪستان اخبار عبدالشڪور منشيءَ کان خريد ڪرڻ کانپوءِ سراج کي ان جو ايڊيٽر مقرر ڪيو. جتي هن صحافت ۾ نوان لاڙا آندا. هو جديد سنڌي صحافت جو بانيڪار رهو سندس جاڳو اخبار ۾ ”سياسي منظر نامو“ جي سري هيٺ لکيل ڪالم پنهنجو مٽ پاڻ آهن. سراج ڪهاڻي کيتر ۾ به پاڻ ملهايو، ”اي درد هلي آءُ“ ۽ ”اٺون ماڻهو“ سندس ڪهاڻين جا ڳٽڪا آهن ۲۰۱۱ع ۾ سندس خدمتن جي مڃتا طور کيس ستاره امتياز اعزاز ڏنو ويو. سندس ڪتاب سنڌي ٻولي تازو سندس پٽ ڊاڪٽر امجد سراج انگريزي ۾ ترجمو ڪري بين الاقوامي سطح تي سندس تحقيق کي پهچائڻ جي راهه هموار ڪئي آهي. سندس اڻڇپيل ڪتابن ۾ ٻه انگريزي ڪتاب جيڪي سراج زندگيءُ جي آخري سالن ۾ لکيا هئا. ”آٽو بانيوگرافي آف ائن ان نون سنڌي“ ۽ ”هسٽري آف سنڌي لئنگويج“ کان علاوه سندس اخبارن ۾ لکيل ڪالم پڻ ڪتابي صورت ۾ پڌرانه ٿيا آهن. سندس وڇوڙي بعد سنڌي ادبي بورڊ اينٿالاجي ڇپائي آهي، جنهن کي نامياري محقق شاعر ليکڪ ۽ اديب سائين تاج جويو وڏي محنت سان ”سراج: سنڌ جو ديومالائي ڪردار“ جي عنوان هيٺ ترتيب ڏني آهي ان ۾ واقعي به مون لاءِ انڪشاف هو ته سراج هڪ سٺو شاعر به هو. تاج جويي صاحب پنهنجي مقالي ۾ سراج جو هڪ نظم ڪراچي ڏنو آهي جيڪو نه صرف هڪ شاهڪار نظم آهي. پر ڪيترا ئي سال اڳ سراج ڪراچي جي تاريخي حالتن جي جيڪا تصوير ڪشي ڪئي آهي، اڄ جي حالتن جي به ڀرپور عڪاسي ڪري پئي. اي ڪراچي، جانِ سنڌ، روح وطن. اڳ به تون سوداگرن جو شهر هئين. اڄ به تون سوداگرن جو آن وطن. پر ٻنهي سوداگرن ۾ فرق آهه ! اڳ جا سوداگر ڪندا صرف هڪ سوداگري. سر ڏئي پنهنجي وطن کي غيرکان ڳنهنذا ها. اڄ جا سوداگر ته پيا نيلام ڪن پنهنجو وطن. ڪڻڪ جي مٺ تي وڪامي ٿو بهشت ! اي ڪراچي، جانِ سنڌ، روح وطن. تنهنجو ئي ماحول ڏس ڪيڏو آهي! اجنبي! تنهنجو ساگر ڪيترو مايوس آهه! هر گهٽيءَ ۾ لٽجي پيو آد ميت جو سهاڳ. سون چانديءَ جي سجايل جانڊهن ۾ اندران ئي اندران ڏس زندگي پسجي پئي آبرو لٽجي پئي. امن و آزاديءَ سندي ظاهر ظهور! غير ڏس ڪيڏو نه آهي سر بلند ڪيترو مضبوط آهي سامراج! ڊرامانگار طور سندس سنگيت ناٽڪ ”تنهنجي تند تنوار“ ۽ هڪ ترجمو ڪيل ”اڪبر جي حياتي وارو هڪ ڏينهن“ شامل آهن. سراج جي ناولن تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول، تنهنجي دنيا هيڪل ويا ڪل، منهنجي دنيا مرگهه ترشنا ۽ ڪهاڻين جي ڳٽڪي اي درد هلي آءُ جي نالن مان ظاهر ٿئي ٿوته سراج سنڌ جي ناليواري شاعر نياز همايوني جي شاعري کان متاثر هو سنڌ جو هي سرموڙ اديب ۲ فيبروري ۲۰۱۳ع تي اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو سندس شاندار علمي ادبي خدمتن جي ڪري پاڻ هميشه عزت ۽ احترام سان ياد ڪيو ويندو ٻي ورسي جي موقعي تي سندس گرانقندر شخصيت کي لطيف سرڪار جي هنن سٽن سان ياد ڪيون ٿا: اڄ نه اوطاقن ۾ سندي جوڳين ذات ساري سنياسين کي، رنم ساري رات مون تنين جي تات، سي لاهوتي لڏي ويا. سنڌ جو سراج ڊاڪٽر فهميده حسين سنڌ جي ناليواري دانشور، اديب، صحافي ۽ وڪيل سراج الحق ميمڻ جي ڪالهه ۲ فيبروري تي ۳ ورسيءَ هُئي. اسان کان جڏهن اسان جو ڪو پيارو، دل گهريو دوست، عزيز يا مائٽ وڇڙندو آهي ته ائين لڳندو آهي ڄڻ ته دل ڌڙڪڻ ڇڏي ڏيندي، ذهن ڪم ڪرڻ وساري ويهندو ۽ لڱ بي ست ۽ بيجان بڻجي ويندا، پر وقت وڏو مرهم آهي، جيڪو دل دماغ ۽ بدن کي مليل گهاون کي ڀريِ ڇڏيندو آهي، خاص ڪري ان وقت جڏهن ان شخص جي ياد ۾ ڏکوئجڻ ۽ روئڻ بدران ان کي ملهائجي ۽ ماڻجي، سو ادا سراج جي پهرين ورسيءَ تي اسان وچن ڪيو هو ته اسين سندس يادن کي ملهائينداسين ۽ سندس سنڌ سان الستي عشق کي ڳائينداسين ۽ ان جو مانُ وڌائينداسين. سنڌ هن جي محبوبه هئي، سندس دل پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ ڌڙڪندي هئي، ان جو هر ڏک ۽ درد هن کي روئاڙي وجهندو هو، هُن پنهنجي هن ڪنوار ڌرتيءَ جي سلطانيءَ سهاڳ جا سپنا سرجيا هئا ۽ انهن جي ساڀيان جي لاءِ ڏينهن رات پاڻ پتوڙيو هو، پنهنجي قلم جي پورهيي سان ان کي سينگاريو ۽ سنواريو هو. هو پنهنجي سپنن جي ساڀيان جو انتظار ڪندي ڪندي ابدي ننڊ ڪرڻ لاءِ ڌرتيءَ جي هنج ۾ وڃي ستو آهي پر ويندي ويندي هو اسان کان پنهنجن پونيرن کان سنڌ سان نينهن نڀائڻ جو وچن وٺي ويو ۽ پنهنجي لاءِ روئڻ کان منع ڪري سنڌ جي سُورن تي ڏکوئجي انهن کي دور ڪرڻ جو درس ڏئي ويو هو. ان ڪري جڏهن سندس پهرين ورسي آئي هئي ته سندس پٽن ان کي ورسي نه پر celebration ڪري ملهائڻ جو رواج وڌو ۽ سندس ياد ۾ اسان سڀني گڏجي سراج انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽيڊيز قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، ۽ سنڌ سان لاڳاپيل سندس دلپسند موضوعن تي تحقيق ڪرڻ ۽ ڪرائڻ جو وچن ڪيو. انهيءَ وچن تي سندس ٻي ورسيءَ تي پورو لهندي اهو انسٽيٽيوٽ قائم ڪيو ويو، جنهن جي طرفان پهرئين مرحلي تي سندس ٽي ڪتاب پڌرا ڪيا ويا، جن مان ٻه سنڌيءَ ۾ ۽ هڪ انگريزيءَ ۾ آهي. پهريون ڪتاب ”ڏاهپ ۽ ڏات جي لاٽ“ آهي جنهن ۾ سنڌ جي اهڙن ڏات ڌڻين جي ذات جي باري ۾ سندس لکيل ڪالم آهن. جن جي ڏات سنڌ ۾ ساڃهه ۽ ڏاهپ جي لاٽ سان سوجهرو ڪيو ۽ دنيا کي ڏيکاريو ته سنڌين وٽ پنهنجي علم ۽ دانش جا ڪهڙا ڪهڙا گوهر موجود رهيا آهن. ادا سراج جو ٻيو ڪتاب جيڪو ان موقعي تي پڌرو ڪيو ويو، سو هو سندس ڪالمن جو مجموعو. اسي ۽ نوي جي ڏهاڪي ۾ لکيل سندس اهي ڪالم ”سياسي منظر نامو“ جي عنوان سان باقاعدي ڇپيا هئا، جن ۾ سموري دنيا جي سياسي تناظر ۾ سنڌ جو منظر نامو پڙهي ائين ٿو لڳي ته وقت کي گذرڻ وسري ويو آهي، ورهين جا ورهيه لنگهي وڃڻ کانپوءِ به اهو اتي ئي بيٺو آهي ۽ سنڌ جو منظر نامو صفا ساڳيو آهي. اهو اڄ جي سياسيات جي شاگردن لاءِ اهم مطالعو پيش ڪري ٿو، جنهن سان هو سنڌ، پاڪستان ۽ سموري دنيا ۾ هلندڙ سياسي شعبن کي سمجهي سگهن ٿا. سراج جو ٽيون ڪتاب سندس دماغ ۽ دل جي بنهه ويجهي موضوع بابت آهي، جيڪو آهي ”سنڌي ٻولي“، سن ۱۹۶۴ ۾ ڇپيل سندس ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ جيڪا بيٺل تلاءَ ۾ اڇلايل پٿر واري ڪيفيت پيدا ڪئي هئي، ان کي اڃا وڌيڪ دليلن جي ضرورت هئي، جيڪي هن گڏ ڪري رکيا هئا، پر زندگيءَ هن کي مهلت نه ڏني ۽ هو اهي ڇپائي نه سگهيو. گهڻي وقت کان هن محسوس ڪري ورتو هو ته اهو موضوع اهڙو هو جنهن تي عالمي سطح تي تحقيق هلندڙ آهي، ان ۾ سنڌ جو نڪته نظر اڻلڀ آهي، تنهن ڪري ضروري آهي ته اسان جو مؤقف انگريزيءَ ۾ پيش ٿيڻ گهرجي. اهو ئي سبب هو جو هن پنهنجو اهو ڪتاب پنهنجي پٽ ڊاڪٽر امجد سراج کان انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪرائي ڇپرايو، ان کانپوءِ ان بابت ڪيل وڌيڪ تحقيق پڻ انگريزيءَ ۾ لکي ۽ سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ بابت تاريخ جي نالي ۾ ڪيل ڪتاب جو نالو ئي رکيائين: Story of Sindh (Hi) and Sindhi Language اهو ڪتاب پڻ سندس ٻي ورسيءَ تي پڌرو ٿيو، سراج جي دل کي ويجهو هڪ اهم موضوع ”شاهه لطيف“ به هو. پاڻ شاهه تي جديد انداز ۾ ڪيترا تنقيدي مضمون به لکيائين، سندس انهيءَ پهلوءَ کي سامهون رکي سراج انسٽيٽيوٽ طرفان ٽماهي ليڪچر سيريز شروع ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ شاهه جا پارکو شاهه شناسيءَ جي عنوان هيٺ نت نون پهلوئن کي اجاگر ڪندا آهن، هن وقت تائين ٽي ليڪچر ٿي چڪا آهن، جيڪي محترم جامي چانڊيي، تاج جويي ۽ منهنجي طرفان ڏنا ويا. گهٽ ۾ گهٽ ڏهه اهڙا ليڪچر مڪمل ٿيڻ کانپوءِ انهن کي پڻ سهيڙي شايع ڪيو ويندو. هن سال ادا سراج جي ٽين ورسيءَ جو پروگرام رٿڻ ويٺاسين ته سراج انسٽيٽيوٽ جي بورڊ جي هڪ ساٿي محترم مظهر جميل ڏاڍي دلچسپ ڳالهه ڪئي، چيائين ته سراج صاحب مدي خارج روايتن جي خلاف هو، ان ڪري سندس ورسيءَ جو پروگرام به ايصال ثواب کان اڳتي ۽ غير روايتي هئڻ گهرجي. ايصال ثواب خالص ذاتي معاملو آهي، اهو سندس گهر ڀاتين تي ڇڏيو ته جيئن کپين تيئن ڪن پر هڪ اديب ۽ دانشور جي حيثيت ۾ سندس ورسي ڪجهه نئين انداز ۾ ملهائڻ گهرجي“ – سوهن دفعي آچر ۷ فيبروريءَ تي ادا جي ورسي ڪجهه نئين انداز سان ملهائڻ جو پروگرام رٿيو ويو آهي، ڪتابن جي پڌرائيءَ جي حوالي سان ٽن نون ڪتابن جو مهورت ڪرايو ويندو. سراج سنڌي ٻوليءَ جو بهترين نثر نگار هو پر اها ڳالهه تمام گهٽ ماڻهن کي معلوم هوندي ته سراج هڪ سٺو شاعر به هو. هن ٽيِن ورسيءَ جي موقعي تي سندس هڪ ڪتاب شاعريءَ ۽ منظوم ڊرامن تي مشتمل ڇاپيو ويو آهي، جنهن ۾ سندس مشهور نظم ”ڪراچي“ به آهي، جيڪو ۱۹۵۷ جو لکيل آهي، جنهن ۾ ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جو نوحو آهي، جيڪو پڙهي ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ اهو اڄ ۲۰۱۶ ۾ لکيو ويو آهي، هن ڪتاب جو نالو آهي ”تنهنجي تند تنوار“. ٻيو ڪتاب سراج جي جڳ مشهور ناول ”پڙاڏو سوئي سڏ“ جو انگريزي ترجمو Echo is the call نالي آهي، جيڪو ڊاڪٽر امجد سراج ڪيو آهي، جنهن نوجوانن ۾ سنڌ جي تارخ جو رومانس اجاگر ڪيو هو، هاڻي ان جو ساءُ سنڌ کان ٻاهر به ضرور محسوس ڪيو ويندو. هن موقعي تي پڌرو ٿيندڙ ٽيون ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جو اصل نسل“ اهو مضمونن ۽ مقالن جي سهيڙ آهي، جيڪي سراج جي سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ قائم ڪيل نظريي جي پَس منظر ۽ پيش منظر ۾ لکيا ويا. سراج جو اهو نظريو هو ته سنڌي ٻولي سنڌ جي اصلوڪي بنيادي ۽ بڻائتي ٻولي آهي نه اها ڪٿان ٻاهران آئي، نه ئي اها ڪنهن ٻي ٻوليءَ مان نڪتي آهي، مختلف دورن ۾ ساڻس رابطي ۾ ايندڙ ٻولين مٿس اثر ضرور ڪيو آهي، پر پنهنجي بنيادي ساخت ۾ اها اڄ به نج پج ساڳي آهي، هنن مضمونن کي پڙهڻ کانپوءِ بهتر انداز ۾ سمجهه ۾ اچي ٿو: هن ڪتاب ۾ پنجاهه جي ڏهاڪي کان ۲۱ صديءَ تائين ڇپجندڙ ڪيترائي بحث مباحثا ۽ اختلافي رايا شامل آهن، جيڪي سنڌي ٻوليءَ ۽ لسانيات جي شاگردن کي يقيناً متاثر ڪندا. اهڙي نموني سنڌ جي سراج، سراج الحق ميمڻ کي غير روايتي انداز ۾ ڀيٽا ڏئي سندس ورسي ملهائيندي اڄ اسين فخر مند آهيون ته اسان کان جسماني طور وڇڙي ويل اسان جو موڀي ڀاءُ، ڪيئن نه اسان جي دلين ۾ يادن ۾، ڪتابن جي ورقن ۾ ۽ اهڙين گڏجاڻين ۾ زندهه آهي ۽ رهندو. اڄ سندس پٽ پوٽا ۽ پوٽيون سندس نقش قدم تي هلي سنڌي ادب، ٻوليءَ ۽ سماج جي دامن کي وسيع ڪندي انهن جي ترقيءَ ۾ اڳڀرا آهن. جهوريان جهونا ڪوڙ الو ميان، ڪوٽ سوين ڪيرايان، ڌرتي منهنجو ديس مگر، مان سنڌڙي جندڙيءَ لايان. سراج سنڌوءَ جي ساڃاهه علي نواز آريسر سراج، سنڌي ٻوليءَ جو اُهو سگهارو قلمڪار آهي، جنهن سنڌي ٻوليءَ سان انتها جي حد تائين عشق ڪيو، هن سنڌي ادب ۾ جيڪي نوان لاڙا آندا، سي تاريخ جو هڪ مثال بڻجي ويا، ڇاڪاڻ ته هن سڄي زندگي اُهو ادب تخليق ڪيو، جنهن جي سنڌ کي ضرورت هُئي. هن سنڌي ٻوليءَ بابت نج سنڌيت جي جذبي هيٺ جڏهن پنهنجو منفرد نظريو قائم ڪيو، اُن وقت سندس منهن تي مُڇن جي ساول به نه آئي هُئي، هو ان وقت جيتوڻيڪ ٻوليءَ جي وصفن ۽ گهراين کان به ايترو واقف نه هوندو، پر سندس اندر ۾ ويٺل سنڌ جي عشق، نه رُڳو کيس ٻوليءَ جي سڀني وصفن کان آگاهه ڪيو، پر هن ان وقت بيٺل پاڻيءَ ۾ ڄڻ ته پٿر اُڇلايو هو. اُن جو پسمنظر هي آهي ته: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۱۹۵۹ع ڌاري ٽه ماهي مهراڻ ۾ ’سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ‘ جي عنوان سان هڪ مضمون لکي، سنڌي ٻوليءَ بابت پنهنجي راءِ قائم ڪئي، ته ’سنڌي ٻولي، سامي صفت زبانن مان هڪ آهي.‘ اُن وقت سراج جي ذهن ۾ مانڌاڻ مچي پيو، هن انهيءَ مانڌاڻ جو ذڪر جڏهن سنڌي ٻوليءَ جي عالم محمد ابراهيم جويي سان ڪيو ته جويي صاحب کيس چيو: ”جواب ڇو نه ٿو لکين؟“. سراج اُن وقت هڪو ٻڪو ٿي ويو هو ته ڪٿي ڊاڪٽر بلوچ جهڙو جيد عالم ۽ ڪٿي سراج جهڙو شاگرد ۽ الهڙ جوان! وقت پنهنجي رفتار سان گذرندو رهيو، سراج جي دل ۾ ٻوليءَ جو درد قرض بڻجي دُکندو رهيو ۽ ذهن ۾ سنڌ جي عشق جا اُلا ڀڀڙ بڻجي ڀڙڪندا رهيا. سنڌي ٻوليءَ جا عاشق- محمد ابراهيم جويو، شيخ اياز، مولانا غلام محمد گرامي، شمشيرالحيدري، غلام رباني آگرو ۽ نياز همايوني کانئس بار بار پُڇندا رهيا ته جواب جو ڇا ڪيئي؟ اهڙيءَ ريت هُو پنهنجي دل ۽ ذهن جي انهيءَ آڙاهه کي جهڪو ڪرڻ خاطر سياري جي سرد راتين ۾ نڪري پيو موهن جي دڙي جي کنڊرن کي ڦلهورڻ. اُهو موهن جو دڙو، جيڪو پنهنجي اندر ۾ ڪيتريون تاريخي ڪٿائون دفن ڪري ويٺو هو، اُهو موهن جو دڙو، جيڪو سنڌ جي آڳاٽي تاريخ جو اهم ۽ انوکو مثال هو. انهيءَ موهن جي دڙي جي کنڊرن ۾ راتين جون ننڊون ڦٽائي، سراج سنڌي ٻوليءَ جي آڳاٽي تاريخ جو تت ڳولي ڪڍيو. مسلسل جفاڪشي ۽ جاکوڙ کانپوءِ، هن ۱۹۶۱ع ۾ هڪ طويل مضمون لکيو. جنهن جي جواب ۾ وري ڊاڪٽر صاحب هڪ مضمون لکيو ۽ پوءِ ۱۹۶۴ع ۾ سراج ’سنڌي ٻولي‘ نالي هڪ ڪتاب لکي، سنڌي ادب جي جهول ۾ وڌو. جيتوڻيڪ اُن وقت هن ڪتاب تي مختلف اديبن پاران سخت تنقيدون ٿيون، بحث مباحثا ٿيا، ڪتاب ۾ قائم نظريي کي غلط ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر چوندا آهن ته ڪڏهن ڪڏهن تاريخ پنهنجو پاڻ کي ورجائيندي آهي ۽ اُهو ورجاءُ اهو آهي جو اڄ سنڌي ٻوليءَ جا سمورا محافظ ’سراج جي نظريي‘ آڏو مٿو ٽيڪي بيٺل نظر اچي رهيا آهن. خود ڊاڪٽر بلوچ هڪ پروگرام ۾ سراج جي پُٺي ٺپري چيو هو ته: ’نوجوان! اڄ آءٌ به تنهنجي راءِ سان متفق آهيان.‘ سراج جيتوڻيڪ اُن وقت ڪو ايڏو وڏو محقق نقاد نه هو، پر هُو سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو عاشق هو، جنهن سنڌ سان سسئيءَ جهڙو عشق ڪيو هو ۽ سسئيءَ جيان جهنگ جبل جهاڳڻ شروع ڪيا هئا. سراج رُڳو محقق هجي ها ته ڪنهن پراڻي طئه ٿيل نظريي تي بيهي رهي ها، پر هُو ته تخليقڪار هو ۽ تخليقڪار ئي انتها جي حد تائين عشق ڪري سگهي ٿو. سراج عاشق نه هجي ها ته ٻاروتڻ ۾ پڙهيل الف- ب واري پٽي، سندس ذهن تي اُڪريل نه هجي ها! – ۽ ها، اُهو ٻوليءَ جو عشق، کيس پنهنجي والد صاحب محمد يعقوب ’نياز‘ کان وِرثي ۾ مليو هو. سراج، ٻيو جيڪو وڏو ڪم ڪيو، اُهو ڪم هو ’سنڌ جي تاريخي پسمنظر ۾ ناول لکڻ،‘ سراج جو پهريون ناول ‘پڙاڏو سوئي سڏ’ تاريخي پسمنظر ۾ لکيل سنڌيءَ جو پهريون اهم ناول آهي، جنهن جا هن وقت تائين ڏهن کان وڌيڪ ڇاپا پڌرا ٿي چُڪا آهن ۽ هيءَ ناول، سنڌي ادب جي شاگردن کي ايم. اي ۾ سبجيڪٽ طور پڙهايو ويندو آهي. هن ناول جي ٻولي، جيتوڻيڪ سادي آهي، پر ناول ۾ جيڪو انقلابي نُڪتو کنيو ويو آهي، تنهن سنڌ جي قومي هلچل ۾ چڱو خاصو اُڀار آندو. هي ناول ترخانن جي سنڌ سان ڪيل ڏاڍاين خلاف آهي. سراج صاحب جي مٿين راءِ اهو ثابت ڪري ٿي ته سنڌي ماڻهو ويڙهه جو عمل ۽ منظم جدوجهد هن دور ۾ سکيا. سراج هن ناول ۾ ’جيئي سنڌ‘ جو نعرو به متعارف ڪرايو آهي، جنهن سنڌ جي قومي هلچل ۾ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي. اهڙيءَ طرح سراج هن ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو به لکيو، جيڪو ’مرڻ مون سين آءُ‘ جي نالي سان گهڻو پوءِ ڇپيو. اهڙيءَ طرح سراج وقت جي نبض تي هٿ رکي ادب تخليق ڪندو رهيو ۽ ان سلسلي تحت هن سنڌي ناولن ۾ ’ٽريالاجي‘ به متعارف ڪرائي، هن ٽريالاجيءَ ۾ سندس ٽي ناول: ’منهنجي دنيا هيڪل وياڪل‘، ’تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول‘ ۽ ’منهنجي دنيا مِرگهه ترشنا‘، شامل ڪيا، جيڪي ٽريالاجيءَ طور ’پياسي ڌرتي رمندا بادل‘ نالي سان ڇپيا. هن کان اڳ ڪنهن سنڌي مصنف سنڌي ناول جي ٽريالاجي نه لکي هُئي. مجموعي طور سراج هر دور ۾ متحرڪ قلمڪار رهيو آهي. هن ڪهاڻيون به لکيون ته شاعري به ڪئي. منظوم ناٽڪ به لکيا ته لاتعداد ڪالم به لکيا. هو جڏهن هلال پاڪستان اخبار جو ايڊيٽر هو، تڏهن’ملان جي ڊوڙ‘، ’سياسي منظر نامو‘ ۽ ‘رتيءَ جي رهاڻ‘سِري هيٺ لاتعداد مضمون ۽ تجزيا لکيائين، سندس اهي ڪالم اڄ به پڙهجن ٿا ته ايئن پيو محسوس ٿئي، ڄڻ اڄ جي حالتن تي لکيا ويا آهن، ڇاڪاڻ ته سنڌ جون حالتون اڃا تائين ساڳئي پسمنظر ۾ ساهه کڻي رهيون آهن. سراج جي ٻين ڪتابن ۾: ’سج ڏکڻ مان ٿو اُڀري‘ (ڪرشنچندر جي ناول جو ترجمو:۱۹۵۳ع)، ’سنڌ جي اقتصادي تاريخ‘ (ايس. پي ڇٻلاڻيءَ جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۵۸ع)، ’چونڊ آمريڪي افسانا‘ (ترجمو:۱۹۵۸ع)، ’اي درد هلي آءُ‘ (ڪهاڻيون:۱۹۶۲ع)، ’اٺون ماڻهو (ڪهاڻيون‘:۱۹۸۵ع)، ’سياسي منظر نامو‘ (۲۰۱۵ع) ’ڏات ۽ ڏاهپ جي لاٽ‘ (۲۰۱۵ع) شامل آهن. منهنجي سراج صاحب سان صرف هڪ ملاقات ٿي هُئي، اُن وقت آءٌ عمر ۾ ڪافي ننڍو هئس، هڪ ڀيري آريسر صاحب [عبدالواحد آريسر] سان گڏجي ڪراچيءَ ويو هئس ۽ پوءِ اسان شمشيرالحيدريءَ سان گڏجي، سراج صاحب سان مليا هُئاسين. نهايت ئي سنجيده انسان، ضرورت وقت ڳالهائي رهيو هو، نه ته مسلسل خاموش، پر هن جيڪو به ڳالهايو پئي، ان ۾ سنڌ جو ذڪر هو، سنڌ جي شعور جي ٽمورتيءَ سان گڏ ويٺي مون پنهنجي پاڻ کي خوش نصيب ڀانئيو هو ۽ اُن رات ڪيتري دير تائين ٽنهي جي ڪچهريءَ مان مون علم جا ڪيئي ڪڻا ميڙيا هئا، جيڪي اڄ تائين منهنجي ذهن ۾ سانڍيل آهي. سراج سان منهنجي شناسائي هونئن ته گهڻي پراڻي هئي، ڇاڪاڻ ته مون جيڪو پهريون ناول پڙهيو هو، اُهو سراج جو ناول ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ هو جيڪو اُن وقت ته منهنجي سمجهه ۾ نه آيو هو، پر اڳتي هلي انهيءَ ناول منهنجي ايتري ته رهنمائي ڪئي، جو آءٌ به ’ساڳئي پنڌ جو پانڌيئڙو‘ بڻيو هئس. اهڙيءَ طرح انهي شُناسائيءَ کي عملي صورت اُن رات ملي هئي، جڏهن آءٌ هن جي سامهون خاموش ويٺو کيس ڏسندو رهيو هئس. هماليه جهڙي هن اڏول انسان جي ذهن ۾ ان وقت به سنڌ جي سوچ هُئي. سراج، بابت هڪڙي ٻي اهم ڳالهه آءٌ رڪارڊ تي آڻڻ چاهيان ٿو، جيڪا هن وقت تائين سامهون اچي نه سگهي آهي ۽ اُها ڳالهه مون کي آريسر صاحب، ۲۲ اپريل ۲۰۱۵ع تي راجپوتانا اسپتال جي ڪمري نمبر ۱۲۲ ۾ ٻڌائي هُئي ته: جڏهن بينظير صاحبه پاڪستان ۾ اپوزيشن اڳواڻ هئي، اُن وقت هن ڏکڻ ايشيا جي اپوزيشن اڳواڻن جي ميٽنگ ڪوٺائي هئي، جنهن ميٽنگ ۾ شيخ حسينه واجد کان مختلف صحافي انٽرويو وٺڻ آيا هئا ته حسينه واجد انهن کي وراڻيو هو ته: آءٌ انٽرويو صرف بنگالي ٻوليءَ ۾ ڏيڻ پسند ڪنديس، ظاهر ڳالهه آهي ته هِتان جي صحافين کي بنگالي ٻولي ڪانه ٿي آئي، اُن وقت سراج ميمڻ، حسينه واجد سان مليو ۽ پنهنجو تعارف ڪرائيندي چيائين ته آءٌ توهان جي بابا جو دوست آهيان ۽ ڊاڪا مان به ٿي آيو آهيان، تڏهن هن وراڻيو ته: ’ها، مون اوهان جو ذڪر بابا جي ڊائريءَ ۾ پڙهيو آهي- ۽ پوءِ هن سراج صاحب کي انٽرويو ڏيڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي. اُن وقت پاڪستان ۾ بينظير، بنگلاديش ۾ شيخ حسينه واجد ۽ نيپال ۾ ڪُماري ٽنگا اپوزيشن جون عورت اڳواڻ هُيون. ان مان واضح ٿئي ٿو هو ڪيڏو وڏو ماڻهو هو ۽ ڪيڏو ڪميٽيڊ ۽ واسطا ڳنڍيندڙ انسان هو. سراج صاحب تي وقت جي نقادن ڪيتريون ئي تنقيدون ڪيون، پر هن ڪڏهن مُڙي به انهن کي جواب نه ڏنو ۽ نه هن ڪڏهن ان جي ضرورت محسوس ڪئي، ڇاڪاڻ ته هن ڄاتو ٿي ته تنقيدن جي ور چڙهي پنهنجو وقت وڃائڻ کان بهتر آهي ته عملي ڪم ڪجي ۽ هو سڄي زندگي ڪم ڪندو رهيو. اڄ تاريخ سندس انهن مخالفن جي منهن تي سراج جي تخليقن جي اهڙي ته مُهر هڻي ڇڏي آهي، جو وٽن سندس ادبي تخليقن جي ’اعترافي قبوليت‘ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو بچيو ئي ناهي. سراج، جيڪو سنڌوءَ جي ساڃاهه هو، سو سنڌ کان ۲ فيبروري ۲۰۱۳ع تي جدا ٿي ويو، پر سندس ڏنل نظريو سنڌ ۾ اڄ به شعور جي چڻنگ کي روشن رکيو اچي. سراج پڙاڏو سو ئي سڏ جو خلقيندڙ رکيل مورائي سنڌ جي تاريخ کي، سنڌين جي ڌارين هٿان ٿيل قتلن کي، ۽ مسلسل سنڌ جي آجپي لاءِ وڙهندڙ سنڌي سورمن کي، پنهنجي سنڌي تاريخ تي لکيل پهرئين ڪتاب ”پڙاڏو سوئي سڏ ۾“، فڪشنائيز ڪندڙ سنڌ جي محب وطن، سنڌ جي حقن لاءِ الڳ محاذن تان پنهنجو آواز سنڌي توڻي انگريزيءَ ۾ اٿاريندڙ، سراج الحق ميمڻ، ۽ ادبي دنيا ۾ فقط ” سراج“ لکندڙ اديب، ڪهاڻيڪار، ناول نويس، سنڌي ٻوليءَ کي پهريون ڀيرو سنسڪرت کان به قديم ٻولي سمجهندڙ ۽ ”سنڌي ٻولي“ جهڙو جديد ڪتاب لکندڙ سراج اوڻاسي روهين جي ڄمار ۾ پنهنجو سڀ ڪجهه سنڌ جي حوالي ڪري پاڻ مٽيءَ ماءُ جي هنج ۾ وڃي آرامي ٿيو، ۽ اهو آرام، اهڙو آهي، جيڪو هر ان شيءَ لاءِ ضروري طئه ڪيل آهي، جيڪا ساهه کڻي ٿي. ائين سراج صاحب به سنڌ جي راڄڌان ڪراچيءَ ۾ پنهنجو آخري ساهه کنيو، جو سندس دل شايد ساڻس ان ڪري بيوفائي ڪري وئي، جو هن اها دل ڪنهن آفاقي قوت جي بجاءِ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن. سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ادب سان لڳائي هئي. دلين جون ادائون به عجيب آهن. شايد سراج صاحب جي دل اهو قبول نه ڪيو هوندو، ۽ سندس ساٿ ڇڏي ڏنو. عملي طور سراج صاحب، سنڌي ادبي بورڊ جي پهرئين نوڪريءَ کان شروعات ڪئي جنهن کان پوءِ سي ايس ايس آفيسر ٿيو. جڏهن اها نوڪري کائنس کسي وئي ته ڀٽي صاحب کيس هلال پاڪستان جو ايڊيٽر ڪيو. جيڪو وري سندس زندگيءَ جو الڳ باب آهي ۽ ڀٽي صاحب جي حڪومت ختم ٿيڻ کان پوءِ سراج صاحب هڪ اعليٰ قانوندان طور ملڪ ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪيو. ادب، صحافت ۽ وڪالت، هن جي زندگيءَ جا ٽي الڳ الڳ پهلو آهن، جن مان هر هڪ پهلوءَ تي ڪتاب لکي سگهجن ٿا ۽ لکيا به ويندا، هلال پاڪستان اخبار سندس ذڪر کان سواءِ اڻ پوري رهندي، ائين ڪيئي ادارا سندس ذڪر کان سواءِ اڻ پورا رهندا، ۽ اڄ کان پوءِ شايد ميڊم فهميده حسين، ڊاڪٽر امجد سراج، ارشد سراج ۽ نويد سراج به دلي طور اڻپورا آهن، ڇو ته منجهن هاڻ سراج صاحب موجود نه رهيو آهي، ٻيءَ طرح سنڌي ادب پڻ سندس کوٽ محسوس ڪندو، جيتوڻيڪ هو پوئين عمر ۾ سنڌيءَ ۾ ڪجهه لکي نه سگهيو هئو،پر سنڌ جي مسئلن بابت گهڻي عرصي کان هو انگريزي ۾ لکندو رهندو هئو، سرونٽ آف سنڌ سوسائٽي پاران نڪرندڙ انگريزي ڪواٽرلي مئگزين ۾ سندس اهي لکڻيون پڙهي سگهجن ٿيون، نه رڳو پڙهي سگهجن ٿيون پر انهن کي گڏ ڪري ڪتاب جي صورت ۾ به آڻڻ کپي. سراج صاحب انگريزيءَ توڻي سنڌيءَ ۾ ڪجهه به لکڻ کان سواءِ پاڻ کي اڻپورو محسوس ڪندو هئو، ڇاڪاڻ ته سنڌ به اڃا اڻ پوري آهي جنهن کي پورو ٿيڻو آهي. سراج صاحب ۲۴ آڪٽوبر ۱۹۳۳ع تي هڪ تعليمي ماهر محمد يعقوب ميمڻ جي گهر ۾ ٽنڊي ڄام ۾ جنم ورتو ۽ ۲ فيبروري ۲۰۱۳ع تي سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻوڪيو. هن تخليقي طور پڙاڏو سوئي سڏ – ناول، مرڻ مون سين آءُ – ناول، سنڌي ٻولي – تحقيق سنڌي ۽ انگريزي ءَ ۾ ”اي درد هلي آءُ“ ڪهاڻيون، اٺون ماڻهو – ڪهاڻيون، پياسي ڌرتي رمندا بادل – ناول ٽريالاجي لکيا، ترجمي ۾ ”چين جي هارين کي زمين ڪيئن ملي“ ”ڏکڻ مان ٿو سج اڀري“ ”سنڌ جي اقتصادي تاريخ“ ۽ چونڊ آمريڪي افسانا نالي ڪتاب هن سنڌي ٻولي کي ڏنا. ۽ ڄاڻايل ڪتابن کان سواءِ هن اڻ ڳڻيا مضمون، مقالا ۽ ليک سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ لکيا آهن. سراج سندس شخصيت ۽ سنڌ شناسي رکيل مورائي ڳالهه شايد ورجايل آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن پنهنجو ورجاءُ به لکڻ وقت ٿي ويندو آهي، سنڌي ٻوليءَ جي بيمثال لکندڙ سراج صاحب جي حوالي ۾ به شايد ائين ٿئي، ڪيئن به سراج صاحب اهڙو لکندڙ هئو. جنهن جي لکڻين جو اوسيئڙو پڙهندڙ ڪندو ئي هئو، ڊاڪٽر فهميده حسين صاحبه اهو سچ لکيو آهي. سراج صاحب جي هلال اخبار وارو دور اسان جي شعوري عمر واري دور کان اڳ جو آهي، پر جاڳو وارو دور اسان ڏٺو، ان کان اول مون کي برسات جا اهي جهازي سائيز جا پرچا ياد اچن ٿا. جن ۾ سراج صاحب جو ناول ”پياسي ڌرتي رمندا بادل“ قسطن ۾ ڇپبو هئو، سراج صاحب جي هڪ لا جواب تصوير ناول سان ڇپجي هئي، جڏهن ناول جي قسط پڙهي پوري ڪندا هئاسين ته ڪي پل من ۾ ماٺ واسو ڪري ويندي هئي، ڇا ته هن ناول جي ٻولي ۽ منظر نگاري هوندي هئي، تصور ڪبو هئو ته ڪراچي جهڙي شهر ۾ ويهي، اهڙي ٻهراڙي جي حسن سان ڀرپور ٻولي به لکي سگهجي ٿي ڇا؟ ان کان اڳ سراج صاحب جا ناول خاص طور ”پڙاڌو سو ئي سڏ“ ستر جي پڇاڙي ۽ اسيءَ جي شروعات ۾ پڙهيو. حيرت جي حد اها آهي ته ٽياسيءَ جي تحريڪ ۾ سنڌي ماڻهوءَ بلڪل ساڳيءَ طرح ويڙهه ڪئي جيئن سراج صاحب ”پڙادو سو ئي سڏ“ ۾ ڏيکاري آهي، منهنجو ايمان تازو ٿي ويو هئو ته اهم ڪتاب ماڻهن تي، پڙهندڙن تي پنهنجا اثر ائين ڇڏيندا آهن خير. عوامي آواز ۽ جاڳو ۾ ڇپيل سراج صاحب جو ڪالم ”رتيءَ جي رهاڻ“ هر هفتي انهيءَ اتساهه سان پڙهڻ جو موقعو مليو، ڪالمن جي اهائي لاجواب ٻولي، جيتوڻيڪ ٻاهر جو ماحول انهن جي ابتڙ هئو. انهن ڪالمن پڙهڻ وقت اسين ڪراچي جي ڪربلا ۾ هئاسين ۽ سراج صاحب جا ڪالم سچ ته فرات جي پاڻيءَ جيان اسان جي روح جي اڃ اجهائيندا هئا. گذريل صديءَ جي آخري ڏهاڪي جي قيد ۾ پيل سنڌ جو اهو ڪهڙو مسئلو هئو، جيڪو سراج صاحب جي ڪالمن ۾ نه هئو؟ پر سندس ڪالمن جي ٻولي وري به ناول جهڙي وڻندڙ، ڪهڙي به خشڪ موضوع تي ڪالم پڙهڻ لاءِ ملي پر پڙهجي ته ڪهاڻي يا ناول جي باب جون سڪون لهن. کانئس پوءِ آيل سنڌ جي اڪثر تخليقي غربت ۾ مبتلا ڪهاڻيڪارن وانگر هن پنهنجي ڪالم کي هٿرادو نالو ”ڪالم ڪهاڻي“ نه ڏنو، ان کي ڪالم ئي ڪوٺيو ۽ جڏهن هاڻ انهن ڪالمن جو چگو حصو هڪ ڪتابي شڪل ۾ آيو آهي. تڏهن به انهن کي ڪالمن جو سرو ئي ڏنل آهي، ڇاڪاڻ ته سراج صاحب جن به مسئلن تي پنهنجا ڪالم لکيا اهي ان ئي صنف جا گهرجائو هئا. پر ڇاڪاڻ ته هو تخليڪار هئو ان ڪري سندس ٻولي خشڪ هجڻ جي بجاءِ اها ئي تخليقي رهجي وئي آهي، جنهن سبب اڄ به جڏهن ٻيهر، ٽيهر سراج صاحب جا ڪالم پڙهجن ٿا، تڏهن جيتوڻيڪ ڪي موضوع گذريل وقت جا آهن پوءِ اهي تازا توانا ۽ تخليقي محسوس ٿين ٿا. صحافتي لکڻي ۾ تخليقي ٻوليءَ جو ميلاپ سراج صاحب جي ڪالمن کي الڳ سونهن ڏئي ٿو. اهڙو اندازو ڪتاب جي ڪالمن جا سرا پڙهي به ڪري سگهجي ٿو. هنن ڪالمن مان به اهو اندازو لڳائڻ ڪو گهڻو ڏکيو نه آهي ته سراج صاحب ڪجهه به لکڻ وقت پنهنجي تخليڪار واري حيثيت برقرار رکي آهي. سندس ٻولي، لفظن جي چونڊ، شاهه سائين جي شعرن يا شعرن جي ڪن اهم سٽن جو مناسب استعمال، مهاوريدار اظهار، سڀ گڏ جي هن جي هڪ بيمثال تخليقڪار هجڻ جي ساک ڀرين ٿا. سچ ته اهو آهي ته اسان جي نسل سراج صاحب جا ناول ئي پڙهيا، ان ڪري انهن جو اثر پوءِ سندس سڀني لکڻين پڙهڻ وقت ذهن ۾ رهندو آيو. هاڻ جڏهن هو نه رهيو آهي ۽ ڀيڻ فهميده حسين جي ڪوششن ۽ دوست تاج جوئي جي محنتن سان سندس سمورو ڪم سهيڙ جي رهيو آهي ۽ اهو گڏيل ڪتابن جي صورت ۾ اچي رهيو آهي ته نوجوان نسل آڏو سندس ڪيترائي پهلو ظاهر ٿي رهيا آهن، جيڪي اڳ ايترا چٽا نه هئا، هاڻ اسين ڏسي رهيا آهيون ته سراج صاحب ڪهاڻيڪار ، ناول نگار، ناٽڪ نگار، مضمون نگار، شاعر، ٻوليءَ جو ڄاڻو، شاهه جو پارکو، هڪ ئي وقت سنڌي توڻي انگريزي ۾ لکندڙ هئو. ايترن الڳ الڳ حوالن ۾ هڪ اهڙو لکندڙ جنهن جي هر لکڻي پنهنجو نجو تاثر کڻي پرهندڙ وٽ اچي، سنڌي ادب لاءِ ڀاڳ ۽ فخر جي علامت آهي ۽ سچ پچ سراج صاحب سنڌ، سنڌي ادب ۽ ٻولي لاءِ ڀاڳ ئي آهي ”آهي“ مان ان ڪري استعمال ڪريان ٿو جو اسان وٽ اهڙو ئي احساس آهي، ٻيءَ طرح هو پنهنجي ادب جي حوالي سان اسان ۾ اڄ به موجود آهي. ان ڪري کيس لاءِ ”هئو“ لفظ منهنجو قلم لکڻ کان قاصر رهجي وڃي ٿو. ممڪن آهي ته منهنجي دل ۽ دماغ پڻ ائين قبول ڪري ورتو هجي، جيتوڻيڪ هن سال فيبروريءَ ۾ سندس چوٿين ورسي هئي ۽ سندس هن ورسيءَ تي جيڪي ڪتاب شايع ڪرايا ويا آهن رتيءَ جي رهاڻ به انهن ۾ شامل آهي، جيڪو نالو به سندس ئي لکيل ڪالمن جو هئو، جنهن جو تفصيل مٿي اچي چڪو آهي ۽ وڌيڪ ڪتاب جي مرتب تاج جوئي صاحب جي نوٽ ۾ ڏنل آهي. سراج اسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز، پاران ڇپايل هيءُ ستون ڪتاب آهي، ائين سندس سمورو ڪيل پورهيو، جيڪو سمورو سنڌ شناسي بابت آهي ڪتابي صورت ۾ سهيڙجي رهيو آهي. ٻه سئو ستيتاليهن صفحن تي ٻڌل هيءُ بيحد سهڻي پني تي، پڪي جلد سان ڇپيل ڪتاب جو ملهه ساڍا ٽي سئو ريپا آهي. سراج انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز پاران اٺين نمبر ڇپيل ڪتاب جو نالو آهي شاهه لطيف جي آفاقيت جيئن پنهنجي نالي مان ظاهر آهي ته هيءُ ڪتاب شاهه سائين بابت آهي، جنهن کي لطيف شناسي ڪوٺجي ٿو. شاهه سائين جي بيتن جو جيڪو استعمال سراج صاحب جي نثر جي الڳ الڳ صنفن ۾ ڪيل آهي، ان مان ئي سندسن لطيف شناس هجڻ جو پتو پوي ٿو. پر شاهه سائين بابت سندس لکيل مقالا، مضمون ۽ ڪي ليک پڻ سندس هڪ عالم توڻي نقاد واري حيثيت کي اڀاري بيٺا آهن. شاهه سائينءَ بابت لکيل سراج صاحب جا ليک ظاهر آهي ته الڳ وقتن ۽ الڳ الڳ موضوعن تي لکيل آهن، جن مان شاهه سائين جي شاعريءَ جا ڪي نوان پهلو طاهر ٿيڻ لڳن ٿا. ”شاهه لطيف جي آفاقيت“ ڪتاب ۾ سراج صاحب جا نون مضمون، هڪ سرگها توءَ تي رچيل ناٽڪ، هڪ مو کي متارا- لوڪ ڪهاڻي ۽ هڪ ليک شاهه سائين جي بيتن جي انگريزي ترجمي تي آهي، جيڪي ترجما سراج صاحب جا ڪيل آهن، آخري مضمون تاج جوئي صاحب جو آهي، جيڪو هن ڪتاب جو سهيڙيندڙ پڻ آهي، مضمون جو عنوان آهي ” سراج ! شاهه جو شارح“ ائين هڪ بيمثال ڪتاب لطيف شناسيءَ بابت سنڌي ٻوليءَ کي ڏيڻ پڻ سراج صاحب جي سنڌي ٻولي ۽ شاهه سائينءَ سان اٿاهه محبت جي نشاني آهي. شاهه سائين جي فن ۽ فڪر بابت هن ڪتاب جا مضمون موجوده شاهه بابت لکجندڙ لڪير کان الڳ آهن. انهن مان شاهه سائينءَ جي شاعريءَ بابت وڌيڪ ڄاڻ پوي ٿي ۽ ڪجهه ڪجهه نئين ڄاڻ ملي ٿي ، ڇاڪاڻ ته سراج صاحب جي سوچڻ جو انداز نئون هئو. هن جي اظهار جو انداز نئون هئو، ان ڪري هو سنڌي ادب کي گهڻو ڪجهه نئون ڏئي ويو آهي. ”شاهه لطيف جي آفاقيت“ ڪتاب ۾ هڪ سئو نوي صفحا آهن پڪي جلد ۽ سهڻي پني تي ڇپيل لطيف شناسيءَ بابت هن اهم ڪتاب جو ملهه ٻه سئو ريپا آهي، ڪتاب لطيف شناسيءَ سان واسطو رکندڙن لاءِ بيحد اهم آهي. اداري جي نائين نمبر ڪتاب جو نالو آهي مون جاسِر جي سِٽ آهي. سراج صاحب جي هن اهم ڪتاب ۾ چئين موضوعن تي ليک ڏنل آهن، اهي موضوع آهن. ” ادب، شخصيات، تاريخ ۽ آرڪيالاجي“ چئين بابن ۾ ورهايل هن ڪتاب مان پڻ سراج صاحب جا الڳ الڳ پهلو ظاهر ٿين ٿا. هڪ ليکڪ طور ايترن گهڻن موضوعن تي ايترو سٺو لکڻ وارو سراج صاحب ئي سگهي ٿو. ظاهر آهي ته مٿين موضوعن تي گهڻو ئي لکيو ويو آهي، لکجي رهيو آهي ۽ لکبو رهيو پر سراج صاحب جي لکڻ جو ڏانءُ ۽ سوچڻ جو ڏانءُ الڳ آهي، يا چوڻ گهرجي ته هو لکندڙن جي عام ڀيڙ کان پري آهي، هن ڪتاب ۾ بابن جا عنوان هن طرح ڏنا ويا آهن. ۱ - مون جا سر جي سٽ ۲ - مون سي ڏٺا ماءِ ۳ - قديم سنڌ: دڙا ۽ کنڊر ۴ - ڪتابن جا مهاڳ هنن سڀني عنوانن کانپوءِ ڏنل آهن ٽي تبصرا، جيڪي سراج صاحب جي جڳ مشهور ناول ” پڙاڏو سوئي سڏ“ تي لکيل آهن، جن جا لکندڙ آهن. جمال ابڙو صاحب، مراد علي مرزا صاحب ۽ رسول بخش پليجو صاحب ، ائين هيءُ ڪتاب ڪيترن ئي موضوعن جي ترجماني ڪندڙ ڪتاب آهي ۽ ان مان الڳ الڳ پڙهندڙ لاڀ پرائي سگهندا. ساڳئي وقت سراج صاحب جو ڇڙوڇڙ ٿيل ڪم پڻ هڪ هنڌ محفوط ٿي رهيو آهي، سچ پچ هن ڪتاب جا ڪي اهم ليک انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ جهڙا آهن. خاص طور قديم سنڌ: دڙا ۽ کنڊر“ جي سري هيٺ آيل مضمون ته سڀ جا سڀ ترجمو ڪرڻ کپن، ممڪن آهي ته ادارو اهڙي سوچ رکندو هجي. ڪيئن به سراج صاحب جو ڪم گهڻ رخو آهي، جيڪو اڄ جي نسل آڏو ظاهر ٿي رهيو آهي، اسان جو فڪشن رائيٽر ڪيترن محاذن تي سنڌ لاءِ، سنڌي ٻوليءَ لاءِ ۽ سنڌي ادب لاءِ هڪ ئي وقت وڙهي رهيو هئو، اهو اسان جي نيئن نسل آڏو مثال هجڻ گهرجي ۽ پڪ سان سراج صاحب هڪ مثال آهي، جنهن کي کڻي اڄ جو نوجوان اڳتي سفر جاري رکندو. ” مون جا سرجي سٽ“ ڪتاب ، سنڌي ادب ۾ اهڙو واڌارو آهي، جيڪو وساري نه سگهبو، ٻه سئو ٽيونجاهه صفحن جو هيءُ ڪتاب به سانڍڻ جهڙو آهي، ان کان وڌيڪ پڙهي لاڀ پرائڻ جهڙو ڪتاب آهي. جنهن جو ملهه ٽي سئو پنجاهه رپيا آهي.مٿين ٽنهي ڪتابن پڙهڻ کان پوءِ سراج صاحب لاءِ هڪ مناسب لفظ ”سنڌ شناس“ لکڻ ئي ڪافي آهي. هنن ڪتابن کي سهيڙڻ ۽ ڇپرائڻ لاءِ پڪ سان اسان جي مانواري ڀيڻ ڊاڪٽر فهميده حسين ۽ جاکوڙي اديب اسان جو دوست تاج جويو گهڻي تعريف لهڻن. ساڳئي وقت مالي سهڪار لاءِ اسان جو سنڌ دوست، علم دوست ۽ ادب دوست سائين حميد آخوند به اوتري ئي تعريف لهڻي پر ڇا ڪجي اسان گلا ۽ غيبت تي هريل سنڌي ڪنهن سٺي ڪم ڪرڻ واري جي تعريف ڪريون به ته ڪيئن ڪريون؟ سراج سنڌ جو غيرتمند پٽ! نصرت لاشاري گهوڙن ۽ گهوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهڙا ڪڏهن منجهه ڪوٽن ڪڏهن راهي رڻ جا. هي زندگي جيڪا ٿوري آهي، پر هن ڪائنات ۾ جتي ڪا به شئي بي معنيٰ ناهي، بي مقصد ناهي، اُتي انسان ته وري اشرف المخلوقات آهي، ان جو ذهن ۽ ذهني اوسر کيس اهم بڻائي ٿي، اهو ڊاڪٽر آهي ته کيس قدرتي ڏات شفا طور مليل آهي، انجنيئر آهي ته ماڻا ماپا ڪري وڏيون شاهڪار عمارتون کڙيون ڪيو وڃي، ۽ جي ڪو اديب، صحافي، ناول نگار، ٻولي جو ڄاڻو ۽ علم سان سندس ذهني ۽ روحاني اوسر ٿيل آهي، ته هو پنهنجي سماج جي اهنجن جو طبيب ٿيو وڃي، سنڌ کي خوشقمستيءَ سان اهڙا باشعور، باعلم ۽ روشن ضمير اديب صحافي ۽ ليکڪ مليا جن جي ضمير ۾ ڀٽائي جو ڌرتيءَ سان عشق سفر ڪندو. ڪيترين پيڙهين تائين پنهنجي ماءُ سان محبت جو ناتو نڀائيندو آيو، اهڙن غيرتمند پٽن مان هڪ پٽ سراج ميمڻ به هيو، جنهن جي شخصيت گهڻ پا سائين هئي، جنهن پنهنجو ۽ پنهن جي ٻچن جو پيٽ پالڻ لاءِ ڪارپوريٽ وڪيل جو پيشو اختيار ڪيو، پر سندس اندر ۾ مچيل طوفان کيس رڳو هڪ عام وڪيل ڪٿي پيو رهڻ ڏئي. سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسيءَ وسري! سنڌ جو سڄڻ جنهن شاهه جي هن بيت ۽ ٻين ڪيترن بيتن کي هنيئن سان هنڊايو ۽ قلم کڻي صحافت ذريعي ادب جي دنيا ۾ قدم رکيو ۽ هو ڌرتيءَ جو ساڻيهه بڻجي ويو، سراج صاحب جنهن کي اسان کان وڇڙي اڄ چوٿون سال آهي، پر مونکي اڄ به اها صبح ياد آهي، جڏهن ٻين فيبروري ۲۰۱۳ع جي صبح منهنجي ڀاءُ سارنگ مونکي فون تي ٻڌايو ته ادي اڄ سراج صاحب اسان کان موڪلائي ويو، مون کان رڙ نڪري وئي وڌيڪ ڳالهائي نه سگهيس بس نير هئا جن سڀ بند ڀڃي ڇڏيا هئا، پوءِ ياد آيم ته مان ڪيترن ڏينهن کان رات جو سمهي نه سگهي هيس، ائين ٻه دفعا اڳ به مونسان ٿيو هيو، هڪ بابا جي وڇوڙي کانپوءِ پورو مهينو منهنجي ماءُ ۽ مان سڄي رات هڪ عجيب بيچيني هئي جنهن ننڊون ڦٽائي ڇڏيون هيون، ۽ ٻيو ڀيرو محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کان اڳ ۾ هي ٽيون ڀيرو هو جو آنءُ خوف ۾ وڪوڙيل هيس. سراج الحق ميمڻ صاحب ڊاڪٽر فهميده حُسين جو ڀاءُ جيجي انيس ۽ جميلا جو ڀاءُ ادا ارشد، امجد ۽ نويد جو والد اسان جي آنٽي جو ور ۽ ٻين ڪٽنب جي ميمبرن جو هر دل عزيز ته هو ئي پر سنڌي ادب جي اُفق تي چمڪندڙ چنڊ هو، هڪ تحريڪ هو جهالت خلاف، ظلم جبر ۽ ڏاڍ خلاف سراج صاحب هڪ روشن دور هو، سنڌ لاءِ جنهن جي وڇوڙي نيڻن نير واها جو هر اک آلي هئي، اداسي سنڌ جي ڪلاچي کان ڪينجهر ۽ ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين ڦهلجي وئي. سنڌ هن ڌرتيءَ تي اهڙي سڀاڳي ماءُ آهي، جنهن اهڙا پٽ ڄڻيا جن جي ضمير ۾ غيرت جي مٽي شامل آهي، جو سندس پٽن ڪڏهن به ويل نه وڃائي. مون ڏاڍو ذهن تي زور ڏنو ته پهريون ڀيرو مان سراج صاحب سان ڪڏهن ۽ ڪيئن ملي هئيس پر ياد نه آيو. ياد آيو ته گهر ۾ هر روز ٿيندڙ سراج صاحب جو ذڪر، ڪڏهن امان ۽ بابا کي پاڻ ۾ صلاح ڪندي ڏٺم ته امجد جي شاديءَ ۾ ٻارن کي نه وٺي هلنداسين ته ڪڏهن بابا گهران جلدي نڪري ويندا هئا ته اڄ سراج صاحب وٽ وڃڻو آهي.اهڙو ڪو به ڏينهن نه هيو جو سراج صاحب جو ذڪر اسان جي گهر ۾ نه ٿيندو هجي. مطالعي جو شوق بابا جي پنن کي سنڀالڻ ڪري مون ۾ شروع کان هيو، اڃان ڇهين ڪلاس ۾ هيس ته مون بابا کان ڪيترائي سياسي سوال پڇڻ شروع ڪيا، هڪ ڀيرو بابا کان پُڇيم ته بينڪ ۾ ماڻهو پئسا ڇو رکندا آهن، ان مان بئنڪ کي ڪهڙو فائدو ۽ ماڻهن کي ڪهڙو؟ مرڪندي مونکي چيائون ته سڀاڻي جي اخبار ۾ سراج صاحب جو مضمون ”بينڪنگ سسٽم“ تي لکيل آهي، ان ۾ تنهنجي هر سوال جو جواب آهي، ٻئي ڏينهن جي عوامي آواز ۾ مون سراج صاحب جو مضمون پڙهيو ۽ منهنجي بي علمي دور ٿي، اڄ سوچان ٿي ته اهڙي علم جي روشني پنهنجو فرض سمجهي سراج صاحب گهر گهر پهچائي، اتان مون سراج صاحب کي ريگيولر پڙهڻ شروع ڪيو. سراج صاحب جا ناول ”مرڻ مونسين آءُ“، ”تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول“، ”منهنجي دنيا مرگهه ترشنا“، ”پڙاڏو سوئي سڏ“، مون ننڍي عمر ۾ پڙهيا تنهن ڪري منهنجي مٿان گذري ويا، جڏهن سمجهه پُختي ٿي ته وري پڙهيم، تڏهن خبر پئي ته سنڌ جي سماجي، فڪري، روايتي، ريتن، رسمن جو حال ۽ سنڌ اصل ۾ آهي ڇا؟ ان اوائلي سبق مون جهڙن نون سوچڻ وارن کي سراج صاحب ڏنا، سراج صاحب صحافتي توڙي ادبي لکڻين ذريعي انتهائي ذميداري۽ سنجيدگي سان پنهنجي قوم جي ذهني، علمي ۽ فڪري اوسر ڪرڻ ئي سندن اول ذميداري هئي، اهو ئي سبب هو جو هلال پاڪستان واري ايڊيٽرشپ واري دور ۾ جيڪي ليک لکيائون انهن مان ڪيترائي نوان لکاري پيدا ٿيا، جنهن ۾ منهنجو بابا فقير محمد لاشاري (جنهن لاءِ سائين ابراهيم جوئي صاحب فخر سان مونکي ٻڌايو ته ادب جي دنيا ۾ مون سراج کي آندو ۽ سراج فقير کي). سراج هلال پاڪستان ۾ پنهنجي ايڊيٽر شپ دوران صحافين جي هڪ وڏي کيپ تيار ڪئي، جنهن ۾ اسلم آزاد، انور پيرزادو، جي اين مغل، نصير اعجاز ۽ فقير محمد لاشاري شامل آهن، ان کان علاوه ڊاڪٽر فهميده حسين، بدر ابڙو، حسين شاهه راشدي، قمر شهباز وغيره سراج صاحب کان متاثر ٿيا. هڪ ڀيرو مون ڪنهن ماڻهوءَ جو ليک پڙهيو ته سراج صاحب ڏاڍو سخت مزاج شخص آهي ۽ نوجوانن سان سندس ورتاءَ ڪو چڱو ڪونهي، ڪافي پراڻي ڳالهه آهي ان ڪري ان ليکڪ جو نالو ياد ڪو نه اٿم، پر مان جنهن سراج صاحب سان مان مليس اهو چهري تي سخت تاثر ضرور رکندڙ هو، پر سندس من موتي جهڙو اُجرو ۽ ڪومل هو، مون سندس اندر ۾ درد جون ڇوليون اکرن ۾ اوتيندي ڏٺيون جڏهن هنن بابا جي وڇوڙي تي طويل نظم لکيو، جنهن مان چند سٽون آءُ لکان ٿي. هو جو هڪ ماڻهو هو، جنهن سچ پلئه پاتو هو جنهن سچ ورهايو هو جنهن سچ ڳولهيو هو جنهن سچ سنواريو هو جنهن پاڻ اوجاڳا ڪڍي ٻين کي جاڳايو هو جنهن پاڻ هيڻو هوندي ٻين کي حوصلا ڏنا جنهن قلم هلائيندي پنهنجا هٿ زخمي ڪيا ها ته جيئن پنهنجن جا ڦٽ ڇُٽائي سگهي جيڪو گاجي کهاوڙ جي چيڪي مٽيءَ جو قرض لاهڻ ڪراچيءَ آيو هو.. جنهن پنهنجي بنهه مختصر زندگيءَ ۾ سنڌ کي صداقت جو سڏ ڏنو هو سراج صاحب درياهه دل باس هيو، هن ڪڏهن به پنهنجي سب آرڊيننٽ تي تنقيد نه ڪئي، منهنجي بابا جو ذڪر ڪندي مون سندن اکيون ڀنل ڏٺيون، مونکي پاڻ ٻڌايو هئائون ته جڏهن فقير ڪيترا ڀيرا مون وٽ نوڪري جو انٽرويو ڏيڻ آيو هو هلال پاڪستان جي آفيس ۾ ته مون چيومانس تون ايڏو سهڻو اڇو اجرو گاجي کهاوڙ مان آيو آهين توکي نوڪري ته ملي ويندي پر تون ڪراچي جي دونهاٽيل ماحول ۾ ميرو نه ٿي وڃين، هلال ۾ سراج صاحب سان ڪم ڪندي بابا ۽ سراج صاحب جو باس ۽ سب آرڊيننٽ وارو رشتو نه جڙيو پر هڪ استاد ۽ شاگرد وارو جيڪو ٻنهي آخري دم تائين هڪ ٻئي سان نڀايو. جڏهن ٻنهي گڏجي جاڳو اخبار ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو جنهن ۾ ٻيا به ڪيترا دوست اچي شامل ٿيا هئا، پر سراج صاحب کي جيڪا ڳالهه ڪو چوندو هو، پوءِ اها ڪو وڏو فيصلو ڇو نه هجي ته سندن پهريون سوال اهو هوندو هو ته فقير جو ڇا خيال آهي؟ يا جيئن فقير چوندو ٿيندو هو، اهو اعتماد بابا جي قلم ۾ اتساهه اوتيندو هو. جڏهن سراج صاحب سان گڏجي بابا ”جاڳو جاڙيجا سَما! سُک ۾ سمهو“ جي سئين هئين ته اهو سنڌي صحافت لاءِ انتهائي ڏکين حالتن ۾ وڏو اعزاز هو جو سنڌيءَ ۾ ڊان اخبار کان وڌيڪ سگهارو آواز صحافي دنيا ۾ اڀريو، جاڳو اخبار جو پهريون پرچو جيڪو سائين محمد ابرهيم جوئي صاحب جي نئين سال جي دعا ۽ سراج صاحب جو انگريزيءَ ۾ لکيل سنڌ سان وچن the pledge to the people of Sindh يا سنڌ هو. What does one do when darkness engulfs a community, a nation and there is no visible light at the end of the tunnel? What does one do, when the very existence of a community and a nation is threatened from within and from without, by forces of treachery, deceit tyranny and terrorism? What must Sindh and her people do when they are faced with a horrifying scenario described by shah latif in these soul shaking words: ”مڙيا مَڇ هزار، ڀاڱا ٿيندي سهڻي!“ ڀٽائي جي هن سٽ ۾ جيڪو چتاءُ ڏنل آهي، ان کان پنهنجي قوم کي وقتائتو سڏ ڪري جاڳايو، ساڳي ئي وچن ۾ هڪ پيراگراف جون چند ستون آءُ هتي ڪاپي ڪيان ٿي. We shall strive to make “Jaago” the torch bearer of independent, un-biased, clean and enlightened journalism in Pakistan. ۽ آخري پيراگراف به آنءُ توهان سان ونڊڻ چاهيان ٿي. On behalf of the signatories, the sponsors of “Jaago” have solemnly affirmed that they shall stand or fall with Sindh and her people and shall fulfil their pledge and promise, and on my own behalf, give my solemn pledge- which has been capable or making such a pledge to the people of Sindh that we shall safeguard the integrity, solidarity and inviolability of Sindh and her people as a nation, all we ask of the people of Sindh is their trust, support and encouragement if we so deserve Siraj ul Haque. هي ته وچن هو سراج صاحب جو جنهن جي لفظ لفظ ۾ سنجيدگي ۽ ڌرتيءَ لاءِ درد جي جهلڪ چٽي نظر اچي ٿي. سراج صاحب جاڳو جي ذريعي سنڌ سان هفتي ۾ ٻه ڀيرا مخاطب ٿيندا هئا، هڪ دنيا جي سياسي صورتحال تي تفصيل سان مضمون ”سياسي منظرنامو“ هر جمع تي ڇپجندو هو، ۽ ٻيو ڪالم هر اربع تي ”رتيءَ جي رهاڻ“ جنهن ۾ سنڌ جو سماجي درد ونڊبوهو. رتيءَ جي رهاڻ ۲ جنوري ۱۹۹۱ع واري اخبار ۾ ڇپيل ڪالم ۾ سراج صاحب لکن ٿا ته ”منهنجي ڪل خوشي ڪيڏانهن هلي وئي؟... . توکي ته ياد هوندو ته تو ئي مون کي دنيا جي بهترين ڪهاڻين جو ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏنو هو، جنهن ۾ هڪڙي فرانسيسي ڪهاڻي جو ڪردار ٿو چوي ته ”والاريل“ ڌرتيون پنهنجي کل ۽ خوشي وڃائي ويهنديون آهن، ماڻهن کان ٽهڪ موڪلائي ويندا آهن، محبوبائن جي چپن تان ڄڻ ته ڪو مرڪ روڙي پٽي وٺندو آهي، ائين ڀائنبو آهي، ڄڻ ته ماڻهن جي اندر ۾ کل خوشيءَ جا چشما خشڪ ٿي، سُڪي ٺوٺ ٿي ويندا آهن. ۽ آنءُ اڃان تائين فيصلو نه ڪري سگهيو آهيان ته هن جي ياد ڏيارڻ لاءِ آءُ سندس ٿورائتو ٿيان، يا هن جي ڏنل درد تي اکين ۾ ايندڙ ڳوڙهن کي پنهنجي چپن جي گهنجن ۾ جذب ڪري ڇڏيان!” هي ته سراج صاحب جي شخصيت جي ۽ سندن دل دماغ ۽ قلم مان نڪتل علم هيو ان جي جهلڪ هئي، پر سراج صاحب جي شخصيت کي جيڪڏهن مختصر جملي ۾ لکجي ته هو سنڌ جو غيرتمند پٽ هو جنهن پنهنجي قلم ذريعي ماءُ جي لڄ بچائڻ جي جنگ وڙهي، اهڙن جوڌن پٽن لاءِ ئي شاهه سائين چوي ٿو. ”هوندا سي حيات، جيئڻا اڳي جي جيا.“ (سراج الحق ميمڻ جي ياد ۾ آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ ٿيل پروگرام ۾ پڙهيل مقالو) سراج ميمڻ جن جر جي جهاڳ مٿان ديپ جلايو آغا نور محمد پٺاڻ گذريل سال ۲۰۱۶ع کان اسلام آباد ۾ ادبي سرگرمين جو هڪ نئين سري سان سلسلو شروع ٿيو. جنهن ۾ انڊس ڪاٽيج لائبرريز نيٽ ورڪ پاران اسلام آباد ۾ سنڌ جي ادبي اڪابرين جي ياد ۾ انهن جي ورسين، سالگرهن ۽ ڪتابن جي تعارفي تقريبن جي مناسبت سان هڪ درجن کان وڌيڪ پروگرام ٿيا آهن جن ۾ مولائي شيدائي، آغا سليم، محمد عثمان ڏيپلائي، ڊاڪٽر دائود پوٽو، علي بابا، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ياد ۾ پروگرام ڪيا ويا ۽ ۲۰۱۷ع جي شروعات ۾ سائين غلام رباني آگرو ۽ ڪالهه سائين سراج ميمڻ جي ياد ۾ پروگرام ٿي گذريو سنڌ جي انهن ادبي اڪابرن ۽ ڏاهن کي ياد ڪندي شيخ اياز جو هي شعر به ياد اچي ٿو. ڪنهن ڪاريءَ چڳ تي رات کٽي، ڪنهن ڳاڙهي ڳل تي باک ڦٽي، ايئن وقت ڪٽيو، ايئن عمر لٽي، سڀ سانگ سجايو آ پيارا! هي ڪارو ڪارونڀار ته ڏس، هو ڏوراهن هون ڏهڪار ته ڏس، مون ڪيڏي جر جي جهاڳ مٿان، هي ديپ جلايو آ پيارا! انهن ادبي هيرن ۽ جواهرن کي شيخ اياز هن طرح ڀيٽا پيش ئي آهي ته: هيرا ته ڏسو، ڪنڪر نه هڻو، ايندو نه وري هي وڻجارو، ڪجهه ڏات ڏسو، پو بات ڪريو، هي شور اجايو آ پيارا! ۱۸ جنوري ۲۰۱۶ع تي سنڌ جي معتبر، برک اديب ۽ ڪهاڻيڪار سائين غلام رباني آگري جي ياد ۾ پروگرام ٿيو هن پروگرام ۾ پاڪستان جي تقريباً سڀني زبانن جي اديبن خراج تحسين يش ڪيو ڇاڪاڻ ته پاڻ اڪادمي ادبيات پاڪستان جا چيئرمين رهيو ۽ اسلام آباد ۾ رهڻ جي دوران پوري پاڪستان جي اديبن سان ان جا ميلا ملاکڙا ٿيندا رهيا. اسلام آباد ۾ هڪ قومي سطح جي اداري ۾ رهڻ ۽ ڪاميابي سان وقت گذارڻ ڪو سولو ڪم نه آهي. منهنجو جيئن ته سائين غلام رباني آگري سان يونيورسٽي ۾ شاگردي جي زماني کان واسطو رهيو آهي جڏهن عظيم شاعر شيخ اياز ان يونيورسٽي جو وائس چانسلر ۽ آگرو صاحب پرو وائس چانسلر هيو. شيخ صاحب تي شڪارپور جي حوالي سان به اسان فخر محسوس ڪندا آهيون انڪري هن جي وائس چانسلري واري دؤر ۾ هڪڙو وقت اهڙو به آيو جو ان وقت جي قوم پرست دوستن ان جي مخالفت شروع ڪئي پر ان موقعي تي اسان شيخ اياز سان تعلق وڌايو ۽ ان سان ان جي گھر وي سي هائوس ۾ ملندا هياسين ۽ غلام رباني آگرو صاحب به شيخ اياز جو دوست ۽ ساٿي هيو جنهن آخري وقت تائين هن سان ساٿ نڀايو. يونيورسٽيءَ کانپوءِ رباني صاحب سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ٿي آيو ۽ وري ان سان اتي ميل ملاقاتون جاري رهيون. سنڌ جي هن ڏاهي اسان جي من کي موهي وڌو، مان ۽ اسانجي ٻين دوستن جو رباني صاحب سان دوستي جو تعلق ايترو وڌيو جو اسان گھر جا ڀاتي ٿي وياسين، رباني صاحب سنڌي ثقافت جي هڪ خوبصورت شخصيت هئي جنهن جي گفتگو، تحرير، تقرير، ڪچهري سؤ سيڪڙو مڪمل طور سنڌي ثقافت جي امين هئي ۽ پوءِ اهو تعلق اڪادمي ادبيات پاڪستان جي ملازمت دوران اڃا وڌيڪ گھرو ٿيو جو رباني صاحب اڪادمي ادبيات پاڪستان ۾ جڏهن آيو تڏهن سنڌ جي ماڻهن کي هن قومي اداري جي سرگرمين جي خبر پئي ۽ ڄاڻ ملي ڇو ته ان وقت اسلام آباد ۾ سنڌ جا ماڻهو تمام گھٽ هيا ۽ رباني صاحب جو گھر انهن جي لاءِ ڄڻ مهمان خانو هيو ۽ ان جي آفيس سنڌ جي ماڻهن جي ڄڻ اوطاق سمجهي ويندي هئي، هن جي اچڻ کانپوءِ چئني صوبن ۾ اڪادمي جون شاخون قائم ٿيون ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ترجمو پاڪستان جي ٻين ٻولين پشتو، بلوچي، پنجابي ۽ اردو ۾ ڪرائڻ جي لاءِ پروگرام رٿيو ويو. سنڌ ۾ پروفيسر اياز قادري ۽ ڊاڪٽر وقار احمد رضوي کي اردو ۾ نثري ترجمو ڪرڻ جي لاءِ چيو ويو، بلوچي ۾ گلزار احمد مري ۽ ان وقت ملير جي رهائشي هڪ سنڌي زبان جي استاد پروفيسر شير محمد بلوچ جيڪو اسلاميه ڪاليج سکر ۾ پرنسپل به رهيو ان کي اها اسائنمنٽ ڏني وئي جيڪا هنن خوش اسلوبي سان مڪمل ڪئي. پروفيسر اياز قادري ۽ ڊاڪٽر وقار احمد رضوي واري اردو ترجمي جي ڇپائي جي سموري ذميواري رباني صاحب منهنجي حوالي ڪئي ۽ ڪراچي ۾ اهو رسالو حافظ محمد صديق صاحب علمي پرنٽرس جي معرفت ڪمپوز ٿيو ۽ بعد ۾ اسلام آباد مان ڇپيو پر بلوچي ۽ پشتو وارو ترجمو رباني صاحب جي وڃڻ کانپوءِ اڃا تائين ڪو نه ڇپيو آهي. رباني صاحب جي زماني ۾ ان جو ٻيو وڏو ڪارنامو اهو آهي ته قومي ادبي ڪانفرنسز ۾ سنڌ جي ماڻهن کي مناسب نمائندگي ڏني وئي نه ته ان کان پهريون اڪادمي ادبيات پاڪستان کي به فقط مقتدره قومي زبان سمجهيو ويندو هيو پر رباني صاحب جي اچڻ کانپوءِ هو پاڪستان جي ٻولين جو نمائنده ادارو ٿي اڀريو ۽ سنڌي، بلوچي، پشتو، پنجابي، براهوي، گلگتي اديبن جي پذيرائي قومي سطح تي شروع ٿي. مون ۱۹۸۵ع کان اڪادمي جون قومي ادبي ڪانفرنسون اٽينڊ ڪيون آهن پر ۱۹۸۸ع کانپوءِ ادبيات پاڪستان صحيح معنيٰ ۾ قومي ادارو نظر ايندو هيو ۽ اديبن جا ملڪي سطح تي هڪ ٻئي سان ادبي رشتا وڌيا. رباني صاحب جو ٽيون وڏو ڪارنامو اهو آهي ته ان کان پهريان اردو کي قومي ۽ ٻين زبانن کي علائقائي زبان جو درجو مليل هيو پر رباني صاحب هڪ قومي ادبي ڪانفرنس ۾ ان کي پاڪستاني ٻولين جو لقب ڏياريو. ان کانپوءِ انهن سڀني پاڪستاني زبانن جا ادبي انعام برابري جي بنياد تي ڏنا ويندا آهن. جڏهن ته پهريون قومي ۽ علائقائي زبانن جي انعامن ۾ به فرق هيو ۽ رباني صاحب کانپوءِ اڪيڊمي جي هڪ ٻئي چيئرمين محترم فخرالزمان جيڪو پاڻ به پنجابي ٻوليءَ جو هڪ اديب آهي ان به ان موقف کي هٿي ڏني. رباني صاحب جو چوٿون ڪارنامو اهو آهي جو هن شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي نالي تي ٻه ايوارڊ جاري ڪرايا هڪ سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان شاهه عبداللطيف ڀٽائي ادبي ايوارڊ ۽ ٻيو شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ تصوف ايوارڊ جيڪو لطيفيات جي حوالي سان ٿيل ڪم تي هر سال ڏنو ويندو آهي جنهن تي اسانجي ڪجھه اديب حضرات کي حيرت ۽ حسرت به ٿيندي رهي پر شاهه سائين جو هي ايوارڊ جاري آهي. مون رباني صاحب کي هڪ سچو، هڏ ڏوکي ۽ همدرد انسان ڏٺو. هن جو مشهور ڪتاب ”جهڙا گل گلاب جا“ ڪراچي مان سنڌيڪا اڪيڊمي جي پاران منهنجي نگراني ۾ پرنٽ ٿيو، جنهن جو اکر اکر منهنجي نظر مان گذريو ۽ بعد ۾ ان ڪتاب متعلق ماڻهن پنهنجا ايڏا تعريفي خط لکيا جو انهن تي هڪ ٻيو ڪتاب تيار ٿي ويو ۽ اسان ان کي ڇپيو. ايڏي وڏي اديب هوندي به هن جي اها عظمت هئي جو هو مونسان لکڻ پڙهڻ جي هر مرحلي ۾ مشورو ڪندو هيو. مونکي ياد آهي ته منهنجي چوڻ تي هن پنهنجن ڪيترين تحريرن ۾ ردوبدل ڪئي. سائين رباني صاحب جي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ترجمي جو مقدمو به هڪ شاهڪار تخليق آهي ۽ سندس ڪتاب ”جهڙا گل گلاب جا“ جو مقدمو جيڪو سؤ صفحن تي مشتمل آهي اهو هن جي ادبي تجربن جو هڪ نچوڙ آهي ڇاڪاڻ ته هن سَوَن ۽ هزارن جي تعداد ۾ ڪتاب پڙهيا، ڇپرايا، ايترن اديبن کي ڏٺو ۽ انهن سان ڪچهريون ڪيون، هي مقدمو ۽ ”ماڻهو شهر ڀنڀور جا“ ڪتاب به ان جو شاهد آهي. رباني صاحب پنهنجي والد محترم ۽ پير حسام الدين راشدي کان متاثر هيو ۽ آخري وقت تائين انهن جو نالو کڻڻ تي ان جي اکين ۾ پاڻي تري ايندو هيو جيڪو مون بار بار ڏٺو. آگرو صاحب سائين جي.ايم.سيد ۽ علامه آءِ.آءِ قاضي کان به متاثر هيو ۽ مذهبي ۽ سياسي ماڻهن ۾ ابوالڪلام آزاد ۽ مولانا عبيدالله سنڌي کان متاثر هيو، هن جو مشهور جرمن مستشرق ڊاڪٽر اين ميري شمل سان به پير صاحب جي حوالي سان دوستاڻا تعلقات رهيا ۽ هر سال هو پاڪستان ايندي هئي ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ تصوف جي موضوع تي ليڪچر ڏيندي هئي. هڪڙو دفعو هن رباني صاحب سان ان خواهش جو اظهار ڪيو ته مونکي اهي ماڳ مقام ڏسڻا آهن جن جو ڀٽائي ڀيرو ڪيو آهي ۽ ان لاءِ هن هنگلاج جو پروگرام تجويز ڪيو. ان زماني ۾ رباني صاحب اڪادمي ادبيات پاڪستان جو ڊائريڪٽر جنرل هيو هن محمد خان جوڻيجي کان خصوصي هيليڪاپٽر هٿ ڪري ڪوئٽا کان هنگلاج تائين هن کي وٺي ويو ۽ پهاڙن جي وچ ۾ جوڳين جي جهان ۾ وڃي هن کي چانهه پياري ۽ ان تي هڪ سفر نامو ”هنگلاج ۾ چانهه“ تخليق ٿيو جيڪو سنڌيالاجي پاران محمد قاسم ماڪا ڇپرايو. مونکي اهو منظر به ياد آهي جو جرمن سفير سان گڏ اين.ميري شمل جي آخري وصيعت جنهن ۾ هن مڪلي ۾ دفن ٿيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو هيو اها پٿر تي لکرائي مڪليءَ جي قبرستان لڳرائي هئي. سائين سراج ميمڻ سان منهنجي ملاقات فقط اڪيڊمي جي ڪانفرنسز جون دعوت پهچائڻ جي حوالي سان ٿيندي رهي ۽ اڪيڊمي جي قومي ادبي ڪانفرنسز ۾ هن جي حصي ۾ ڪنهن نه ڪنهن سيشن جي صدارت هوندي هئي ۽ آخري صدارت هن غلام رباني آگري صاحب جي ادبي ريفرنس جي ڪئي جيڪو ڪراچي ۾ لياقت لائبرري جي آڊيٽوريم ۾ منهنجي انتظام هيٺ منعقد ٿيو هيو. سراج ميمڻ صاحب سان آخري ملاقات ٺٽي شهر ۾ قادر بخش ڀٽو جي قائم ڪيل هڪ ميڊيڪل سينٽر ۾ مريضن ۾ فروٽ تقسيم ڪرڻ واري عمل ۾ ٿي جنهن ۾ ساڻس تفصيلي ڪچهري ٿي. سراج صاحب جو وڏو ڪارنامو جديد سنڌي صحافت جو بنياد وجھڻ آهي، ان کان اڳ سنڌ جي وڏي اخبار عبرت هوندي هئي پر سراج صاحب جي ايڊيٽري ۾ هلال پاڪستان اخبار نئون جنم ورتو، اهو فقط اخبار جو نئون جنم نه هيو پر سنڌي صحافت جو به نئون جنم هيو، هن ئي اخبار امر جليل، فقير محمد لاشاري، دستگير ڀٽي، سلطانه وقاصي ۽ فهميده حسين جهڙا اديب پيدا ڪيا ۽ گلن جهڙا ٻارڙا سنگت جو بنياد وڌو. اڳتي هلي عوامي آواز ۽ جاڳو اخبار به هنن ئي اديبن جي سهڪار سان هلي ۽ ان اخبار جو فقير محمد لاشاري کي ايڊيٽر بڻايو ويو. اهي ادارتي نوٽ اڄ به ماڻهن کان وسرن نٿا. سراج ميمڻ صاحب پيشي جي لحاظ کان ته وڪيل هيو پر هن جي تحقيق ۽ ڪالم نگاري سنڌي ٻوليءَ کي نئون مان ڏنو. خاص طور تي سنڌي ادبي بورڊ کان هلال پاڪستان تائين هن جي سفر روشن سج وانگر سنڌ جي ادبي ماحول کي تابناڪ بڻايو ۽ آخر ۾ حيدرآباد ۾ هن سنڌ جي تعليم جي ترقي لاءِ هڪ انسٽيٽيوٽ به قائم ڪيو جنهن لاءِ ٺٽي ۾ مونسان پنهنجي ڪچهري دوران پنهنجن دوستن جي عدم دلچسپي تي مايوسي جو اظهار ڪيو. سراج ميمڻ سنڌ جو عاشق ھميشه لاءِ وڇڙي ويو ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار واهوچو) سنڌ جو ناميارو ليکڪ، اديب، مصنف، ٻوليءَ جو ماهر، صحافي، دانشور سراج ميمڻ لاڏاڻو ڪري ويو. سراج کي جديد سنڌي صحافت جو بانيڪار به چيو وڃي ٿو، سراج ميمڻ ۱۹۳۳ع ۾ ٽنڊوڄام ۾ هيڊ ماستر محمديعقوب نياز ميمڻ جي گھر ۾ جنم ورتو، کيس ۲ ڀائر ۽ ۴ ڀينر آهن جڏهن ته کيس ۳ پٽ آهن، سراج الحق ميمڻ جي ايڊيٽرشپ هيٺ، مئي ۱۹۷۲ ۾ هلال پاڪستان، ڪراچيءَ مان ڇپجڻ شروع ٿي هئي، سراج ميمڻ ڪيترا ئي ڪتاب لکيا جن ۾ سنڌي ٻولي، سنڌي لينگويج انگريزي، پڙاڏو سوئي سڏ، مرڻ مون سين آءُ“ ناول ان کان علاوءِ ٽن ناولن تي ٻڌل ڪتاب سڀ رنگ سانول ٻه ڪهاڻين جا ڪتاب، اي درد هلي آ، اٺون ماڻهو شامل آهن ، جڏهن ته سراج الحق ميمڻ جاڳو، عوامي آواز اخبارن ۾ رهاڻ ۽ سياسي منظر نامي جي عنوان سان ڪيترا ئي ڪالم به لکيا آمر يحيى خان جڏهن ۳۰۳ انڪم ٽيڪس آفيسرن کي نوڪري مان ڪڍيو هو ان ۾ سراج الحق ميمڻ به شامل هو، هي سنڌ جو پهريون عالم آهي، جنهن ان نظريي جي مخالفت ڪئي ته سنڌي ٻولي سنسڪرت يا سامي صفت زبانن مان جنم ورتو آهي هن چيو ته سنڌي ٻولي انهن ٻنهي زبانن کان قديم زبان آهي، هن جو چوڻ هو ته سنڌي هن خطي جي اصلوڪي ٻولي آهي ۽ هي پهريون ماڻهو هو، جنهن موهن جي دڙي جي لکڻي جو ملھه مقرر ڪيو يعني پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي ،هن تحقيق ڪري ميمڻن جي تاريخ تي به ڪتاب لکيو هو. ڪجھه ڏينهن کان اسپتال ۾ علاج هيٺ هو جتي ڪالهه صبح ۴ وڳي دم ڏنائين، سندس عمر ۷۹ سال هئي سندس جنازي نماز اڄ سلطان مسجد ڊفينس ۾ ادا ڪئي ويندي، جنهن کان پوءِ ڊفينس قبرستان ۾ مڙھ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو، لاڏاڻي جو اطلاع ملندي سندس تڏي تي مظهرالحق صديقي، امداد حسيني، قلندرشاھ لڪياري، بدر ابڙو، مدد علي سنڌي، اعجاز قريشي، عبدالحميد آخوند، صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر، ڊاڪٽرعبدالستار راڄپر، ايم اين اي ظفر علي شاھ، صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، سبحان ميمڻ، عبدالحق عظيم سميت ڪيتريون ئي سياسي، سماجي ۽ ادبي شخصيتون پهتيون. سراج الحق ميمڻ سندس علمي ادبي خدمتون - ستين ورسيءَ جي مناسبت سان ڊاڪٽر فهميده حسين اڄ سنڌ جي سراج کي اسان کان وڇڙئي ڀريا ست ورهيه گذري ويا آهن. (اڄ سندس ورسي آهي) پر هو اسان جي اداس دلين ۾ ايئن ئي موجود آهي جيئن سنڌ ڌرتيءَ جي مٽيءَ ۾ سندس مٽي موجود آهي. هن جو جيئڻ ۽ مرڻ سنڌ سان هو، جسماني طور هن جنم ته ٽنڊي ڄام جي امڙ ”حوا“ جي ڪک مان ورتو هو جنهن کيس سنڌ سان سنيهه جي ستي پياري هئي پر سندس ذهني اوسر ڪري لافاني ڪردار سندس والد محمد يعقوب نياز جوڙيو، جنهن سندس هٿ ۾ قلم ڏئي انهيءَ محبت کي ملهائڻ سيکاريو ۽ سراج محض ۱۹ سالن جي عمر کان انهيءَ قلم کي سنڌ، سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ماڻهن کي ارپي ڇڏيو ۽ سنڌ سان سندس روح جو رشتو به ان ئي دور ۾ جڙيو ۽ ۲ فيبروري ۲۰۱۳ تي سندس وفات تائين رهيو پر هن جي سدا حيات لکڻين جي ڪري اهو اڄ تائين قائم آهي ۽ قيامت تائين رهندو.! سراج ۱۹۵۲ع کان مرڻ گهڙيءَ تائين لفظ جي حرمت کي قائم رکيو ۽ سنڌي ادب جي شاهوڪاريءَ ۾ پنهنجي پتي وڌي ۽ هزارين لکين پنا پنهنجي کاٻي هٿ سان لکيا، هو کاٻڙيل به هو ته کاٻي ڌر جي آدرشن سان سلهاڙيل به هو ۽ انسان ذات جي مجموعي ڀلائيءَ واري آدرش سان نينهن نڀائيندي، پنهنجي ڌرتيءَ، پنهنجي سنڌ وطن ۾ به ترقي پسندي، روشن خيالي، سماجي انصاف ۽ برابريءَ جي لاءِ ڏينهن رات پاڻ پتوڙيندو رهيو، عملي طور به ته قلمي حوالي سان به. هن ڪڏهن ڪهاڻيون لکيون، ڪڏهن ناول لکيا، ڪڏهن ڊراما ته ڪڏهن وري شاعري ڪئي ۽ پنهنجي تخليقي صلاحيتن جو انهن تخليقي صنفن ۾ ڀرپور استعمال ڪيو، وري جڏهن سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي وجود تي وار ٿيا ۽ انهن جي عظمت جي اهڃاڻن کي مڃڻ کان انڪار ڪيو ويو ته هن جي اندر جو محقق جاڳي پيو. هڪ طرف هن سنڌ جي تاريخ جا پيرا کنيا ته ٻئي طرف سنڌ ڌرتيءَ، سنڌي ٻوليءَ جي اصليت، قدامت، عظمت ۽ آزاد توڙي خودمختيار حيثيت کي ثابت ڪرڻ لاءِ علم لسانيات جي اٿاهه سمنڊ ۾ ڪنهن غواص وانگر غوطا هڻي تاريخي لسانيات جي مدد سان ڪيئي اُملهه ماڻڪن جهڙا اهڃاڻ سوجهي ڪڍيا، جيڪي سندس ان دعويٰ جو ثبوت هئا ته سنڌ ۾ سنڌو سڀينا ڪيتري قديم ۽ مهان آهي ۽ سنڌي ٻولي قديم دور کان هتان جي اصلوڪي، آڳاٽي، آزاد ۽ خودمختيار ٻولي هئي جنهن جي لکت، ان جي قدامت جو ثبوت پيش ڪري ٿي. نه صرف ايترو بلڪ موجوده سنڌي ٻولي ان جي ڄائي هئڻ ناتي، برصغير جي ٻين ٻولين کان منفرد ۽ انوکيون خوبيون ۽ خصوصيتون رکي ٿي، ان لاءِ سنڌي گرامر جي مدد سان اهڙين نرالين خصوصيتن کي پڌرو ڪري ڏيکاريائين ۽ سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جي قدامت ثابت ڪرڻ لاءِ شاهه لطيف کان ٻه سئو سال اڳ جي اوائلي شاعري، بنهه ساڳي روايت واري، برٽش ميوزيم لائبريريءَ مان هٿ ڪري ان بابت ۱۹۶۷ع ۾ ”نئين زندگيءَ“ ۾ ليک لکيائين. هو سنڌي ٻوليءَ جو سچو پچو عاشق هو ۽ جيئن ڪنهن به عاشق کي پنهنجي معشوق جي هر هڪ انگ ۾ سونهن نظر ايندي آهي ۽ هو ان سان غير مشروط محبت ڪندو آهي تيئن سراج به سنڌي ٻوليءَ جي هڪ هڪ انگ سان عشق ڪيو هو. هن ڀٽائيءَ کي سنڌي ٻوليءَ جو معمار ۽ محافظ سمجهندي ان جي ٻوليءَ جي لغت پئي جوڙي جنهن ۾ به هن جو مقصد صرف لفظن جون معنائون ڏيڻ ڪونه هو بلڪ هن دراوڙي ٻولين جي لغت، آريائي ٻولين جي توڙي عربي ۽ فارسيءَ جي لغتن ۽ سنڌو ماٿريءَ جي ٻين ٻولين سرائڪي، پنجابي، هندڪو ۽ ڪشميري وغيره ۾ موجود لفظن سان سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جي ڀيٽ ڪري انهن جي اصل نسل کي پڌرو ڪرڻ ٿي چاهيو ته جيئن سنڌيءَ جي اصلوڪن لفظن ۽ اڌارن ورتل لفظن کي ڌار ڪري نج سنڌيءَ جي قدامت ثابت ڪري سگهي. اهو ڪم هلندڙ هو ۽ انهيءَ کي ڪنهن دور ۾ شاھ لطيف چيئر جي طرفان ڇپائڻ جون مون ڪوششون ڪيون هيون پر پوءِ ڪجهه ماڻهن جي تنقيدن سبب مون جڏهن ان تان هٿ کنيو هو ته اهو ڪم جهڙوڪر رلي ويو، جي ان جي ڇپائي شروع ٿئي ها ته ادا کي ٻيا سڀ ڪم ڇڏي ان کي پورو ڪرڻو پوي ها، پر هو گهڻن ڪمن وارو ماڻهو هو، سو ان ڪم ۾ ڍرائي اچڻ سبب سندس زندگيءَ ۾ پورو نه ٿي سگهيو. آخري ڏينهن ۾ مون کي چوندو هو ته جڏهن تون رٽائر ٿيندينءَ ته پوءِ تون ئي ان کي پورو ڪجانءِ اهو آءٌ ڪري ڪانه سگهيس جنهن جو ڏک اٿم! ادا سراج وڏي پائي جو مڃيل اديب، دانشور ۽ محقق ته هو ئي پر جڏهن اتفاقي يا حادثاتي طور هن کي هڪ سنڌي اخبار جي ادارت جي ذميواري ملي ته هن سنڌي صحافت ۾ نوان لاڙا ۽ نيون روايتون وڌيون ۽ کيس جديد سنڌي صحافت جو باني هئڻ جو لقب مليو. انهيءَ ذميواريءَ دوران هڪ طرف هن سنڌ جي عوام جي حقن لاءِ آواز اٿاريو ته ٻئي طرف سنڌي ٻوليءَ کي صحافت جي ٻوليءَ طور به ڪيترا ئي نوان لفظ ۽ اصطلاح ڏنا ۽ محض اردوءَ جي لفظن جي ورجاءَ يا لفظي ترجمي بدران سنڌي ٻوليءَ جا ڪيترا ئي متروڪ لفظ جياريا ۽ نوان لفظ جوڙيا. ايئن سندس تخليقي ٻوليءَ جو اثر سندس صحافتي ٻوليءَ تي پيو ۽ ان جو مجموعي تاثر سنڌي سماج جي فردن تي به پيو جيڪي بگڙيل اخباري ٻوليءَ جي اهل ڪندي پاڻ به پيا غلط ٻولي ڳالهائيندا ۽ لکندا هئا. (هاڻي وري ايئن ئي ٿي رهيو آهي). هن هڪ ڪامياب ايڊيٽر هئڻ سان گڏ ايڊيٽوريلن کانسواءِ بهترين ڪالم به لکيا. ”هلال پاڪستان“ اخبار کانپوءِ ”جاڳو“ ۽ ”عوامي آواز“ اخبارن ۾ سوين ڪالم لکيائين جن مان ڪن جا عنوان هئا: ”رتيءَ جي رهاڻ“، ”ملان جي ڊوڙ“ ۽ ”سياسي منظرنامو“ وغيره.. سندس ايڊيوٽوريلن وانگر ڪالمن جو محور به ”سنڌ“ هئي، ان جي ماڻهن، ٻوليءَ، ادب ۽ سماج جا معاملا ۽ مسئلا هئا. اهڙي هڪ سڄاڻ عالم، اديب، دانشور ۽ صحافيءَ جا لکيل اهي لکين ڪروڙين لفظ ڪتابي صورت ۾ نه هئڻ جي ڪري تاريخ جي ڌنڌ ۾ وڃائجي نه وڃن، اهو سوچي سندس وفات کانپوءِ ”سراج انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز“ قائم ڪيوسين ته جيئن نه صرف سندس ٽڙيل پکڙيل لکڻين کي سهيڙي ڇپائجي پر سندس دلچسپيءَ وارن دل گهرين موضوعن تي تحقيق ڪرائي شايع ڪجي جن ۾ سنڌ، ان جي تاريخ، ٻولي، ڪلچر ۽ ادب جا موضوع شامل آهن. ادا سراج جي حياتيءَ ۾ سندس افسانن جا ٻه مجموعا، پنج ناول، هڪ ٻوليءَ تي لکيل ڪتاب ۽ ڪي ترجمو ٿيل ڪتاب ڇپيل هئا، سندس وڃڻ کانپوءِ اسان سندس انهن سمورن لکيل لفظن کي سهيڙڻ شروع ڪيو ۽ هن وقت تائين ارڙنهن (۱۸) ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪري چڪا آهيون، ۽ ٻه ڪتاب هن ستين ورسيءَ تي رٿيل پروگرام ۾ پڌرا ڪنداسين جيڪو هن جي دل گهرئي عظيم شاعر شاه لطيف بابت انٽرنيشنل ڪانفرنس جي صورت ۾ ۲۰-۲۱ مارچ ۲۰۲۰ع تي ڪراچيءَ ۾ رٿيل آهي. ڏٺو وڃي ته ادا سراج جي اڻ ڇپيل آتم ڪهاڻيءَ کان سواءِ اڃا به ڪيترا ئي مضمون، مقالا، ايڊيٽوريل، ڪالم سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ موجود آهن، جن مان ڪي هٿ آيا آهن ته ڪن جي ڳولا جاري آهي، ايئن اميد ته ايندڙ سالن ۾ اڃا به سندس ڪيئي ڪتاب سهيڙي ڇاپيا ويندا. سراج انسٽيٽيوٽ پاران سراج جي علمي ادبي ۽ سماجي خدمتن تي ايم فل يا پي ايڇ ڊيءَ لاءِ تحقيق ڪندڙ ڪنهن به ضرورتمند نوجوان ڇوڪري يا ڇوڪريءَ کي اسڪالر شپ ڏيڻ جو به ارادو آهي، ڏسجي ته ڪير ٿو ان ڏس ۾ اڳتي اچي. ان کانسواءِ سنڌي ٻوليءَ، تاريخ ۽ ڪلچر بابت ڪابه نئين تحقيق سامهون اچڻ جي صورت ۾ ان سان ڀرپور سهڪار ڪيو ويندو ۽ تحقيق ڪرڻ کان وٺي ان جي اشاعت لاءِ پڻ هي ادارو سهڪار ڪرڻ جو مقصد رکي ٿو. آئون ڀانيان ٿي ته ادا سراج جهڙي سنڌ جي عاشق جن جن موضوعن تي لکيو اهي سڀئي تمام اهم آهن ۽ جيڪڏهن ڪو اديب انهن تي لکي ٿو ته ان سان سهڪار ڪرڻ به سنڌ سان سڄڻپائي آهي. هڪ اهڙو ماڻهو جنهن سدائين سنڌ جي روشن آئيندي جا خواب ڏٺا ان کي خراج پيش ڪرڻ جو سڀ کان مانائتو طريقو به اهو ئي آهي جنهن کي جيستائين ممڪن ٿي سگهيو جاري رکي اسين سندس يادگيرين کي ملهائيندا رهنداسين. ايئن سندس ڳالهيون، سندس سارون جيءَ کي جيارڻ جو سبب بڻجنديون ۽ هنيون سڄو ٿيندو. مون کي جياريو، پرين جي ڳالهه ڪري، ڊٺو اڄ اڏيو، هينئڙو ڪوٽ برج جيئن. سراج ميمڻ هڪ تاريخ ساز شخصيت - جنم ڏينهن جي حوالي سان تاج جويو سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان سچو عشق رکندڙ، ڏاهي دانشور، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، محقق ۽ ماهر لسانيات ’سراج‘ جو پورو نالو سراج الحق ولد محمد يعقوب ميمڻ هو، هن ۲۴ آڪٽوبر ۱۹۳۳ع تي ٽنڊي ڄام، ضلعي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سندس والد محمد يعقوب ميمڻ وقت جو بهترين تعليمدان ۽ علم ۽ ادب سان چاهه رکندڙ هو. سندس ترجمو ڪيل ’ديوان حافظ‘ سنڌي ادب ۾ يادگار حيثيت رکي ٿو. سراج تي پنهنجي والد جي مزاج جو اثر ٿيو ۽ شروع کان ئي لکڻ، پڙهڻ سان واسطو رهيس. ابتدائي تعليم ڳوٺ مان وٺڻ کانپوءِ نور محمد هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين ۽ سموري بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ ٽين پوزيشن کنيائين. سندس تعليم بي. اي (آنرس)، ايم. اي ۽ ايل. ايل. بي هئي. پيشي جي لحاظ کان ۱۹۵۳ع ۾ ’سنڌي ادبي بورڊ‘ ۾ نوڪري شروع ڪيائين ۽ ۱۹۵۵ع ۾ ادبي بورڊ جو اسسٽنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيو. ۱۹۵۷ع ۾ سي. ايس. ايس. جو چٽاڀيٽيءَ جو امتحان پاس ڪري انڪم ٽئڪس جي کاتي ۾ آفيسر مقرر ٿيو، جتان ۱۹۶۹ع ۾ جبري رٽائرمينٽ ٿيس. سندس خلاف الزامن مان مکيه سرڪاري ملازمت ۾ هوندي قومپرست ۽ ترقي پسند ادبي تحريڪن ۾ حصو وٺڻ ۽ قوميت جي موضوع تي لکڻ هو. ان کانپوءِ ڪجهه وقت وڪالت ڪيائين. ۱۹۷۱ع ۾ ڪراچيءَ مان هلال پاڪستان اخبار جو اجراء ٿيو، جنهن ۾ کيس ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. هن اخبار ذريعي سراج، جديد صحافت ۾ نوان ۽ اڇوتا لاڙا آندا. ان تي کيس سنڌي جديد صحافت کي نئون جنم ڏياريندڙ چيو وڃي ٿو. ۱۹۷۷ع ۾ ضياءُ الحق جي دور ۾ هن فوجي حڪومت کان ڊڪٽيشن وٺڻ کان انڪار ڪندي هلال پاڪستان مان استعيفا ڏني ۽ واپس وڪالت جي شعبي سان لاڳاپجي ويو ۽ عمر جي آخري عرصي تائين سپريم ڪورٽ جو سينيئر وڪيل رهيو. انڪم ٽيڪس قانون تي سندس مهارت سبب کيس ان مضمون جي ميدان ۾ ’انسائيڪلوپيڊيا‘ چيو ويندو هو. سراج سنڌي ادب جي هڪ گھڻ پاسائين شخصيت رهيو، سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ۱۹۶۱ع ۾ ’اي درد هلي آءُ‘ جي نالي سان شايع ٿيو ۽ ٻيو مجموعو ’اٺون ماڻهو‘ ۱۹۸۵ع ۾ شايع ٿيو. جديد سنڌي ادب ۾ سراج سڀ کان وڌيڪ تخليقي ناول لکيا ۽ هي اهو پهريون سنڌي ليکڪ آهي، جنهن ٽن ناولن تي ٻڌل ’پياسي ڌرتي رمندا بادل‘ جي نالي سان سنڌي ادب جي پهرين ٽريالاجي لکي. سراج، سنڌ جي تاريخ کي افسانوي انداز ۾ پڙهڻ جو شوق پيدا ڪيو، جن سنڌ جي تاريخ اڳ ۾ ڪانه پڙهي هئي، تن سراج جا ناول پڙهي پوءِ سنڌ جي تاريخ ۾ دلچسپي ورتي. سراج جو پهريون جڳ مشهور ناول ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ ۱۹۷۹ع ۾ ڇپيو، هي ناول سنڌ تي ارغونن ۽ ترخانن جي قهري دور جي تاريخ کي افسانوي انداز ۾ پيش ڪري ٿو. سندس ٻيو ناول ’مرڻ مون سين آءُ، سال ۱۹۸۸ع ۾ ڇيپو، ان کانسواءِ ’منهنجي دنيا مرگھه ترشنا‘، ’منهنجي دنيا هيڪل وياڪل‘، ’تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول‘ سندس اهم ناول آهن. سراج ڪيترا ئي ڊراما پڻ لکيا. هڪ مترجم جي حيثيت سان هن ’چين جي هارين کي زمين ڪيئن ملي‘، ’چونڊ آمريڪي افسانا‘، ’ڏکڻ مان ٿو سج اڀري‘، ’سنڌ جي اقتصادي تاريخ‘ ڪتاب پڻ ترجمو ڪيا. سندس ناول ۽ افسانن جا مجموعا، افسانوي ادب ۾ تمام گھڻي اهميت جا حامل آهن. سراج پنهنجي صحافتي زندگيءَ ۾ روزاني هلال پاڪستان جو ايڊيٽر رهڻ دوران اهم مسئلن تي ايڊيٽوريل لکڻ کانسواءِ ’رتيءَ جي رهاڻ ۽ ملان جي ڊوڙ‘ ۽ جاڳو اخبار ۾ ’سياسي منظرنامو‘ جي سري سان سوين مضمون ۽ ڪالم لکيا. سراج شاعري به ڪئي ۽ ڪراچيءَ جي سنڌ کان ڌار ڪري وفاق حوالي ڪرڻ جي موقعي تي ’ڪراچي‘ نالي سان تاريخي ۽ اهم نظم لکيو. لسانيات جي حوالي سان سندس اهم تصنيف ’سنڌي ٻولي‘ ۱۹۶۴ع ۾ ڇپي، جنهن سنڌي ادب ۾ ٻوليءَ جي ارتقا جي حوالي سان نوان بحث ڇيڙيا. هن ڪتاب ۾ پهريون ڀيرو هن سنڌ جي ٻين عالمن سان اختلاف ڪندي سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي اصلوڪي ۽ بنيادي ٻولي قرار ڏنو، جنهن کي شروع ۾ جن قبول نه ڪيو، انهن به تحقيق بعد آخر ۾ اچي ساڳي ڳالهه ڪئي. هن ڪتاب کي ’پاڪستان رائيٽرس گلڊ‘ پاران انعام پڻ مليو ۽ ۲۰۰۹ع ۾ هن ڪتاب جو انگريزي ترجمو پڻ شايع ٿيو، جيڪو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ڇپيو آهي. سنڌ جي هن نامور عالم ۽ اديب، ۲ فيبروري ۲۰۱۳ع، رات جو ساڍي ٽئين وڳي، لياقت نيشنل اسپتال، ڪراچيءَ ۾، دل جي عارضي سبب وفات ڪئي. سنڌ جو سراج زبير عاقلاڻي ميمڻ مون کي ياد آھي ته اياز ھن دنيا مان لاڏاڻو ڪيو ھو، صبح جو جيئن ئي اٿيس ته نظر اخبار تي پيم ته اھي سٽون فرنٽ تي ھيون؛ “ڀونءِ نه آئي ڀانءِ، الا مان اڏري ويندوسانءِ.” ۽ ڏٺو ھيم ته بابا سائين اخبار تي لکيل سٽن کي ڏسي اوڇنگارون ڏئي روئي رھيو ھو، تڏھن اچرج مان معصوم نگاھن سان بابا کي ڏٺم ته ھڪ اجنبي ماڻھو لاءِ بابا ڪيئن ٿو روئي، ڄڻ بابا جو ھن ماڻھو سان خون جو رشتو ھجي، منھنجو ٻاراڻو ذھن ان ڳالھه کي سمجھڻ کان قاصر ھيو ته ھو ماڻھو سنڌ جو اياز ھو. وڏو ٿي جڏھن شعور جون منزلون طئي ڪري سنڌ جي سراج کي پڙھيم ھن جي آدرشن صفا ششدر ڪري ڇڏيو، پياسي ڌرتي رمندا بادل، دل جي ويران بنجر کي سيراب ڪري ڇڏيو، پڙاڏو سوئي سڏ دل جو پڙاڏو بڻجي ويو , آئون سوچيندو ھوس سراج سنڌ جو سراج ڪيئن ٿيو ؟ پر پوءِ سوچيم ھن کي سنڌ جو سور ھو، سنڌ جي محبت جو سرور ھو، جنھن ھن کي مسرور ته ڪيو پر محصور به ڪري سنڌ جو سراج ڪري ڇڏيو. ھن جي خاندان کي جڏھن ٽنڊو ڄام شھر ڇڏڻو پيو تڏھن ھن جيون جي جوت جلائڻ لاءِ الاھي مشعلون ٻاريون ھيون ته جنھن ھن جي روح کي ھڪ نئون اتساھه بخشيو ھو.ھن جلاوطني جو سور پيتو ھو، ھن پنھنجن جي بيوفائي سٺي ھئي، ھن پنھنجي بابا يعقوب ميمڻ جي ھڪ ڏيئي مان ڪيئي ڏيئا ٻاريا ھيا، ھو خود ته ٽنڊو ڄام مان ھليو ويو ھو پر پنھنجي ڪلپائن جي ڇانو کي ٽنڊي ڄام ۾ ڇڏي ويو ھو ، جنھن جي ھيٺيان ويھي گھڻن ئي پنھنجي روح جي آڪسيجن ورتي . بھرحال سندس وڇوڙو تڏھن ٿيو جڏھن مون ھن کي سڃاڻڻ شروع ڪيو ھو، ھن جي ھڪ ملاقات منھنجي دل جي درد کي وڌائي ڇڏيو ھيو، ھن جي محبت مونکي محنت ڪرڻ تي مجبور ڪيو ھو، ھن جي شخصيت من اندر طوفان مچائي ڇڏيو ھو . وڌيڪ درد ته اھو به آھي ڪمپيوٽر کان اڳتي موبائيل وارو دور آھي، اڳي ته وقت نه ھجڻ جي ڪري به سفر ۾ ڪتاب ھٿ ۾ ھوندو ھو، ھاڻي ڪتاب جي جڳھه موبائيل والاري آھي، تڏھن ان دور ۾ اڃان به وڌيڪ اھڙن ماڻھن جو خلا شايد ڪابه صدي پورو نه ڪري سگھي. سراج الحق ميمڻ جو ڄم ٽنڊي ڄام جي عاقلاڻي ميمڻ پاڙي۾ سن ۱۹۳۳ع ۾ ٿيو سراج ميمڻ جي بابا محمد يعقوب پنھنجي ٻچڙن سان گڏ حيدرآباد ۾ اچي آباد ٿيا، ڪجھه مٽ مائٽ ٽنڊي ڄام ۾ ئي رھيا، ٽنڊو ڄام کي پياسي نگاھن سان تڪيندي چوندا رھيا. اس دل ڪي ٽڪڙي هزار هوئي ڪوئي يهان گرا ڪوئي وهان گرا. سراج ميمڻ پھرين ته ٽنڊو ڄام مان ھليو ويو جنھن لاءِ ھڪ مشھور چوڻي آھي ته ٽنڊو ڄام نه آھي ٽنڊو جام آھي اتي اچي ماڻھن جي دل جام ٿي وڃي ٿي ھن شھر جي محبت جو جام مسرور ڪندڙ آھي آھي سراج ميمڻ ۲ فيبروري تي دنيا مان لاڏاڻو ڪيو، ۲ فيبروري ڄڻ ھن لمحي جي ئي ڳالھه ھجي ۹ سال گذري ويا پر سراج جي خوشبو اڄ به سنڌ ۾ واسجي ٿي، جڏھن بھارن جي تياري آھي، جڏھن ماڪ ڳلن تي ٿي ڪري تڏھن اکين جي به ماڪ ڳلن تي پئي ڪري ڇو ته اھي اکيون ھاڻي سراج جو ديدار ڪڏھن به نه ڪري سگھنديون . آھه سراج واھه سراج سنڌ جو سراج (ڏھاڙي پنھنجي اخبار ۲ فيبروري ۲۰۲۱ع تي ڇپيل) سراج ميمڻ روايت مخالف اھم سنڌي دانشور ڊاڪٽر ايوب شيخ ڪجهه ڏينهن اڳ منهنجي ذهن ۾ اهو هيو ته سراج صاحب خير سان نوبنو ٿي ويندو ته ساڻس الاهي ڪچهريون ڪبيون، هن مون کي هڪڙو تفصيلي انٽرويو جو وعدو ڪيو هو، ان سلسلي ۾ مون ڪيئي ڀيرا سندس ڳالهيون نوٽ ڪري ڪيئي سوال ٺاهيا هئا. سوال بنا جواب جي تنهن ڏينهن رهجي ويا جڏهن سندس ٻئين نمبر پٽ سرجن ڊاڪٽر امجد سراج جو فون آيو. “بابا اسان کي ڇڏي ويو” هن جي دل سندس گذاري وڃڻ يا فوت ٿيڻ جي ڳالهه ٻڌائڻ لاءِ تيار نه هئي. ۲ فيبروري ۲۰۱۳ع تي ملڪ جي نامياري دانشور، ارڏي شخص، ٻوليءَ جي ماهر، ۽ محقق “سراج” جي لاڏاڻي جي خبر علمي ادبي لڏي سميت سندس چاهيندڙن کي صدمو ڏنو. سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان سچو عشق رکندڙ، ڏاهي دانشور، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، محقق ۽ ماهر لسانيات ’سراج‘ جو پورو نالو سراج الحق ولد محمد يعقوب ميمڻ هو، هن ۲۴ آڪٽوبر ۱۹۳۳ع تي ٽنڊي ڄام، ضلعي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سندس والد محمد يعقوب ميمڻ وقت جو بهترين تعليمدان ۽ علم ۽ ادب سان چاهه رکندڙ هو. جنهن سبب هن جو شروع کان ئي لکڻ، پڙهڻ سان واسطو رهيو. ابتدائي تعليم ڳوٺ مان وٺڻ کانپوءِ نور محمد هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ جو امتحان بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ ٽين پوزيشن سان پاس ڪري ايم اي ايل ايل بي ڪيائين. ۱۹۵۳ع ۾ ’سنڌي ادبي بورڊ‘ ۾ نوڪري شروع ڪيائين ۱۹۵۷ع ۾ سي. ايس. ايس. جو چٽاڀيٽيءَ جو امتحان پاس ڪري انڪم ٽئڪس جي کاتي ۾ آفيسر مقرر ٿيو، جتان ۱۹۶۹ع ۾ جبري رٽائرمينٽ ٿيس. ان کانپوءِ ڪجهه وقت وڪالت ڪيائين. ۱۹۷۱ع ۾ ڪراچيءَ مان هلال پاڪستان اخبار جو ايڊيٽر ٿيو. هن اخبار ذريعي سراج ماڊرن صحافت جو پايو وڌو. ان جديد صحافت نه رڳو سنڌ کي وڏا وڏا اديب روز جي بنياد تي اخبار جي شڪل ۾ ڏنا پر هن پنهنجي ڀائٽي غفران ميمڻ کي “گلن جهڙا ٻارڙا” تنظيم ٺهرائي ان جي سڄي سنڌ ۾ تنظيم سازي ڪرائي. ٻارن جو ڪنهن به اخبار سان ايڏو وڏو چاهه سراج صاحب جي ان ڪوشش سان پيو ۽ سنڌ جي سماج کي پڙهيل نوجوانن جو هڪ وڏو انگ مليو هو. ۱۹۷۷ع ۾ ضياءُ الحق جي دور ۾ هن فوجي حڪومت کان ڊڪٽيشن وٺڻ کان انڪار ڪندي هلال پاڪستان مان استعيفا ڏني ۽ واپس وڪالت جي شعبي سان لاڳاپجي ويو ۽ عمر جي آخري عرصي تائين سپريم ڪورٽ جو سينيئر وڪيل رهيو. انڪم ٽيڪس قانون تي سندس مهارت سبب کيس ان مضمون جي ميدان ۾ “انسائيڪلوپيڊيا” چيو ويندو هو. هڪ نامياري اديب طور، سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ۱۹۶۱ع ۾ “اي درد هلي آءُ” جي نالي سان شايع ٿيو ۽ ٻيو مجموعو “اٺون ماڻهو” ۱۹۸۵ع ۾ شايع ٿيو. ٽن ناولن تي ٻڌل “پياسي ڌرتي رمندا بادل” جي نالي سان سنڌي ادب جي پهرين ٽريالاجي لکي. سراج، سنڌ جي تاريخ کي افسانوي انداز ۾ پڙهڻ جو شوق پيدا ڪيو، جن سنڌ جي تاريخ اڳ ۾ ڪانه پڙهي هئي، تن سراج جا ناول پڙهي پوءِ سنڌ جي تاريخ ۾ دلچسپي ورتي. سراج جو پهريون جڳ مشهور ناول “پڙاڏو سوئي سڏ” ۱۹۷۹ع ۾ ڇپيو، هي ناول سنڌ تي ارغونن ۽ ترخانن جي ڪاري دور جي ڪهاڻي پيش ڪري ٿو هڪ سنڌيڪار جي حيثيت سان هن “چين جي هارين کي زمين ڪيئن ملي”، “چونڊ آمريڪي افسانا”، “ڏکڻ مان ٿو سج اڀري”، “سنڌ جي اقتصادي تاريخ” ڪتاب پڻ ترجمو ڪيا. سندس ناول ۽ افسانن جا مجموعا، افسانوي ادب ۾ تمام وڏي اهميت وارا آهن. سراج صاحب پنهنجي صحافتي زندگيءَ ۾ روزاني هلال پاڪستان جو ايڊيٽر رهڻ کانسواءِ “رتيءَ جي رهاڻ ۽ ملان جي ڊوڙ” ۽ جاڳو اخبار ۾ “سياسي منظرنامو” جي سري سان سوين مضمون ۽ ڪالم لکيا. سراج شاعري به ڪئي ۽ ڪراچيءَ جي سنڌ کان ڌار ڪري وفاق حوالي ڪرڻ جي موقعي تي “ڪراچي” نالي سان تاريخي ۽ اهم نظم لکيو. لسانيات جي حوالي سان سندس اهم تصنيف “سنڌي ٻولي” ۱۹۶۴ع ۾ ڇپي، جنهن سنڌي ادب ۾ ٻوليءَ جي ارتقا جي حوالي سان نوان بحث ڇيڙيا. هن ڪتاب ۾ پهريون ڀيرو هن سنڌ جي ٻين عالمن سان اختلاف ڪندي سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي اصلوڪي ۽ بنيادي ٻولي قرار ڏنو پنهنجي زندگي جي آخري ڏينهن ۾ هڪ ڏينهن هو “پارڪلين اسپتال”۾ داخل هڪ ٻئي ارڏي شمشير الحيدري سان ملڻ آيو. هن پنهنجي ڪڙڪ آواز ۾ شمشير کي چيو ته “جلدي تيار ٿي ته وڏيون ڪچهريون ڪيون” آئون موجود هوس. مون کي چيائين ته شمشير جي حالت بهتر ناهي. هن جي خيال ڪجو. مون سندن گهر ۾ سندس ٻولي جي حوالي سان لکيل ڪتاب تي پڇيو ته هن چيو ته “هاڻي سندس سوچ ٻي آهي، ارتقا ۽ تحقيق پڙهڻ کانپوءِ مون کي پنهنجي ڪتاب کي ٻيهر لکڻ جو خيال ٿيو آهي، رڳو خوش ٿي وٺان. هن مون کي ڪرشن چندر جو ترجمو ٿيل ڪتاب “ڏکڻ مان ٿو سج اڀري” جو اوائلي ڪاپي ڏيندي چيو ته “ايوب هي ڪتاب ٻيهر ڇاپڻ جي گهرج آهي” مون کين ٻڌايو ته ٻن هفتن ۾ اچي ويندو. پوءِ اهو ڪتاب ته آيو پر ان جو سنڌيڪار هن جهان ۾ موجود ڪونه هو. محترما بينظير ڀٽو سان آخري ملاقات: ۱۹۹۸ع ۾ جلاوطن ٿيڻ کان اڳ محترما بينظير ڀٽو آخري ملاقات سنڌ جي دانشورن ۽ اديبن سان ڪئي هئي. جنهن ۾ سيد غلام مصطفي شاه، محمد ابراهيم جويو، ايم ايچ پنهور، اعجاز قريشي، نثار احمد کهڙو، ناهيد عباسي، نويد قمر، مشتاق ميراڻي ۽ ٻيا موجود هئا. ان ملاقات ۾ محترما کي سنڌ جي دانشورن تعليم جي باري ۾ الاهي ڳالهيون ڪيون، کوٽون ٿي سگهڻ جهڙا پر نه ٿي سگهندڙ ڪم ٻڌايا. اها سراج صاحب جي ميزباني ۾ سنڌ جي دانشورن سان محترما جي آخري ملاقات هئي. محترما دبئي هلي ويئي ۽ ان کانپوءِ وري سندس سراج صاحب سان ملاقات ٿي نه سگهي. سراج صاحب جو خيال هو ته پنهنجي روايتن سان ايئن بغاوت ڪرڻي پوندي، جيئن پنهنجي ڀيڻن جي تعليم لاءِ هو ڳوٺ ڇڏي هليو ويو ۽ وري روايتن جي پاسي نه موٽيو. (ڏھاڙي پنھنجي اخبار ۲ فيبروري ۲۰۲۱ع تي ڇپيل) سراج سنڌوءَ جي ساڃاهه علي نواز آريسر سراج، سنڌي ٻوليءَ جو اُهو سگهارو قلمڪار آهي، جنهن سنڌي ٻوليءَ سان انتها جي حد تائين عشق ڪيو، هن سنڌي ادب ۾ جيڪي نوان لاڙا آندا، سي تاريخ جو هڪ مثال بڻجي ويا، ڇاڪاڻ ته هن سڄي زندگي اُهو ادب تخليق ڪيو، جنهن جي سنڌ کي ضرورت هُئي. هن سنڌي ٻوليءَ بابت نج سنڌيت جي جذبي هيٺ جڏهن پنهنجو منفرد نظريو قائم ڪيو، اُن وقت سندس منهن تي مُڇن جي ساول به نه آئي هُئي، هو ان وقت جيتوڻيڪ ٻوليءَ جي وصفن ۽ گهراين کان به ايترو واقف نه هوندو، پر سندس اندر ۾ ويٺل سنڌ جي عشق، نه رُڳو کيس ٻوليءَ جي سڀني وصفن کان آگاهه ڪيو، پر هن ان وقت بيٺل پاڻيءَ ۾ ڄڻ ته پٿر اُڇلايو هو. اُن جو پسمنظر هي آهي ته: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۱۹۵۹ع ڌاري ٽه ماهي مهراڻ ۾ ’سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ‘ جي عنوان سان هڪ مضمون لکي، سنڌي ٻوليءَ بابت پنهنجي راءِ قائم ڪئي، ته ’سنڌي ٻولي، سامي صفت زبانن مان هڪ آهي.‘ اُن وقت سراج جي ذهن ۾ مانڌاڻ مچي پيو، هن انهيءَ مانڌاڻ جو ذڪر جڏهن سنڌي ٻوليءَ جي عالم محمد ابراهيم جويي سان ڪيو ته جويي صاحب کيس چيو: ”جواب ڇو نه ٿو لکين؟“. سراج اُن وقت هڪو ٻڪو ٿي ويو هو ته ڪٿي ڊاڪٽر بلوچ جهڙو جيد عالم ۽ ڪٿي سراج جهڙو شاگرد ۽ الهڙ جوان! وقت پنهنجي رفتار سان گذرندو رهيو، سراج جي دل ۾ ٻوليءَ جو درد قرض بڻجي دُکندو رهيو ۽ ذهن ۾ سنڌ جي عشق جا اُلا ڀڀڙ بڻجي ڀڙڪندا رهيا. سنڌي ٻوليءَ جا عاشق- محمد ابراهيم جويو، شيخ اياز، مولانا غلام محمد گرامي، شمشيرالحيدري، غلام رباني آگرو ۽ نياز همايوني کانئس بار بار پُڇندا رهيا ته جواب جو ڇا ڪيئي؟ اهڙيءَ ريت هُو پنهنجي دل ۽ ذهن جي انهيءَ آڙاهه کي جهڪو ڪرڻ خاطر سياري جي سرد راتين ۾ نڪري پيو موهن جي دڙي جي کنڊرن کي ڦلهورڻ. اُهو موهن جو دڙو، جيڪو پنهنجي اندر ۾ ڪيتريون تاريخي ڪٿائون دفن ڪري ويٺو هو، اُهو موهن جو دڙو، جيڪو سنڌ جي آڳاٽي تاريخ جو اهم ۽ انوکو مثال هو. انهيءَ موهن جي دڙي جي کنڊرن ۾ راتين جون ننڊون ڦٽائي، سراج سنڌي ٻوليءَ جي آڳاٽي تاريخ جو تت ڳولي ڪڍيو. مسلسل جفاڪشي ۽ جاکوڙ کانپوءِ، هن ۱۹۶۱ع ۾ هڪ طويل مضمون لکيو. جنهن جي جواب ۾ وري ڊاڪٽر صاحب هڪ مضمون لکيو ۽ پوءِ ۱۹۶۴ع ۾ سراج ’سنڌي ٻولي‘ نالي هڪ ڪتاب لکي، سنڌي ادب جي جهول ۾ وڌو. جيتوڻيڪ اُن وقت هن ڪتاب تي مختلف اديبن پاران سخت تنقيدون ٿيون، بحث مباحثا ٿيا، ڪتاب ۾ قائم نظريي کي غلط ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر چوندا آهن ته ڪڏهن ڪڏهن تاريخ پنهنجو پاڻ کي ورجائيندي آهي ۽ اُهو ورجاءُ اهو آهي جو اڄ سنڌي ٻوليءَ جا سمورا محافظ ’سراج جي نظريي‘ آڏو مٿو ٽيڪي بيٺل نظر اچي رهيا آهن. خود ڊاڪٽر بلوچ هڪ پروگرام ۾ سراج جي پُٺي ٺپري چيو هو ته: ’نوجوان! اڄ آءٌ به تنهنجي راءِ سان متفق آهيان.‘ سراج جيتوڻيڪ اُن وقت ڪو ايڏو وڏو محقق نقاد نه هو، پر هُو سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو عاشق هو، جنهن سنڌ سان سسئيءَ جهڙو عشق ڪيو هو ۽ سسئيءَ جيان جهنگ جبل جهاڳڻ شروع ڪيا هئا. سراج رُڳو محقق هجي ها ته ڪنهن پراڻي طئه ٿيل نظريي تي بيهي رهي ها، پر هُو ته تخليقڪار هو ۽ تخليقڪار ئي انتها جي حد تائين عشق ڪري سگهي ٿو. سراج عاشق نه هجي ها ته ٻاروتڻ ۾ پڙهيل الف- ب واري پٽي، سندس ذهن تي اُڪريل نه هجي ها! – ۽ ها، اُهو ٻوليءَ جو عشق، کيس پنهنجي والد صاحب محمد يعقوب ’نياز‘ کان وِرثي ۾ مليو هو. سراج، ٻيو جيڪو وڏو ڪم ڪيو، اُهو ڪم هو ’سنڌ جي تاريخي پسمنظر ۾ ناول لکڻ،‘ سراج جو پهريون ناول ‘پڙاڏو سوئي سڏ’ تاريخي پسمنظر ۾ لکيل سنڌيءَ جو پهريون اهم ناول آهي، جنهن جا هن وقت تائين ڏهن کان وڌيڪ ڇاپا پڌرا ٿي چُڪا آهن ۽ هيءَ ناول، سنڌي ادب جي شاگردن کي ايم. اي ۾ سبجيڪٽ طور پڙهايو ويندو آهي. هن ناول جي ٻولي، جيتوڻيڪ سادي آهي، پر ناول ۾ جيڪو انقلابي نُڪتو کنيو ويو آهي، تنهن سنڌ جي قومي هلچل ۾ چڱو خاصو اُڀار آندو. هي ناول ترخانن جي سنڌ سان ڪيل ڏاڍاين خلاف آهي. سراج صاحب جي مٿين راءِ اهو ثابت ڪري ٿي ته سنڌي ماڻهو ويڙهه جو عمل ۽ منظم جدوجهد هن دور ۾ سکيا. سراج هن ناول ۾ ’جيئي سنڌ‘ جو نعرو به متعارف ڪرايو آهي، جنهن سنڌ جي قومي هلچل ۾ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي. اهڙيءَ طرح سراج هن ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو به لکيو، جيڪو ’مرڻ مون سين آءُ‘ جي نالي سان گهڻو پوءِ ڇپيو. اهڙيءَ طرح سراج وقت جي نبض تي هٿ رکي ادب تخليق ڪندو رهيو ۽ ان سلسلي تحت هن سنڌي ناولن ۾ ’ٽريالاجي‘ به متعارف ڪرائي، هن ٽريالاجيءَ ۾ سندس ٽي ناول: ’منهنجي دنيا هيڪل وياڪل‘، ’تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول‘ ۽ ’منهنجي دنيا مِرگهه ترشنا‘، شامل ڪيا، جيڪي ٽريالاجيءَ طور ’پياسي ڌرتي رمندا بادل‘ نالي سان ڇپيا. هن کان اڳ ڪنهن سنڌي مصنف سنڌي ناول جي ٽريالاجي نه لکي هُئي. مجموعي طور سراج هر دور ۾ متحرڪ قلمڪار رهيو آهي. هن ڪهاڻيون به لکيون ته شاعري به ڪئي. منظوم ناٽڪ به لکيا ته لاتعداد ڪالم به لکيا. هو جڏهن هلال پاڪستان اخبار جو ايڊيٽر هو، تڏهن’ملان جي ڊوڙ‘، ’سياسي منظر نامو‘ ۽ ‘رتيءَ جي رهاڻ‘سِري هيٺ لاتعداد مضمون ۽ تجزيا لکيائين، سندس اهي ڪالم اڄ به پڙهجن ٿا ته ايئن پيو محسوس ٿئي، ڄڻ اڄ جي حالتن تي لکيا ويا آهن، ڇاڪاڻ ته سنڌ جون حالتون اڃا تائين ساڳئي پسمنظر ۾ ساهه کڻي رهيون آهن. سراج جي ٻين ڪتابن ۾: ’سج ڏکڻ مان ٿو اُڀري‘ (ڪرشنچندر جي ناول جو ترجمو:۱۹۵۳ع)، ’سنڌ جي اقتصادي تاريخ‘ (ايس. پي ڇٻلاڻيءَ جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۵۸ع)، ’چونڊ آمريڪي افسانا‘ (ترجمو:۱۹۵۸ع)، ’اي درد هلي آءُ‘ (ڪهاڻيون:۱۹۶۲ع)، ’اٺون ماڻهو (ڪهاڻيون‘:۱۹۸۵ع)، ’سياسي منظر نامو‘ (۲۰۱۵ع) ’ڏات ۽ ڏاهپ جي لاٽ‘ (۲۰۱۵ع) شامل آهن. منهنجي سراج صاحب سان صرف هڪ ملاقات ٿي هُئي، اُن وقت آءٌ عمر ۾ ڪافي ننڍو هئس، هڪ ڀيري آريسر صاحب [عبدالواحد آريسر] سان گڏجي ڪراچيءَ ويو هئس ۽ پوءِ اسان شمشيرالحيدريءَ سان گڏجي، سراج صاحب سان مليا هُئاسين. نهايت ئي سنجيده انسان، ضرورت وقت ڳالهائي رهيو هو، نه ته مسلسل خاموش، پر هن جيڪو به ڳالهايو پئي، ان ۾ سنڌ جو ذڪر هو، سنڌ جي شعور جي ٽمورتيءَ سان گڏ ويٺي مون پنهنجي پاڻ کي خوش نصيب ڀانئيو هو ۽ اُن رات ڪيتري دير تائين ٽنهي جي ڪچهريءَ مان مون علم جا ڪيئي ڪڻا ميڙيا هئا، جيڪي اڄ تائين منهنجي ذهن ۾ سانڍيل آهي. سراج سان منهنجي شناسائي هونئن ته گهڻي پراڻي هئي، ڇاڪاڻ ته مون جيڪو پهريون ناول پڙهيو هو، اُهو سراج جو ناول ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ هو جيڪو اُن وقت ته منهنجي سمجهه ۾ نه آيو هو، پر اڳتي هلي انهيءَ ناول منهنجي ايتري ته رهنمائي ڪئي، جو آءٌ به ’ساڳئي پنڌ جو پانڌيئڙو‘ بڻيو هئس. اهڙيءَ طرح انهي شُناسائيءَ کي عملي صورت اُن رات ملي هئي، جڏهن آءٌ هن جي سامهون خاموش ويٺو کيس ڏسندو رهيو هئس. هماليه جهڙي هن اڏول انسان جي ذهن ۾ ان وقت به سنڌ جي سوچ هُئي. سراج، بابت هڪڙي ٻي اهم ڳالهه آءٌ رڪارڊ تي آڻڻ چاهيان ٿو، جيڪا هن وقت تائين سامهون اچي نه سگهي آهي ۽ اُها ڳالهه مون کي آريسر صاحب، ۲۲ اپريل ۲۰۱۵ع تي راجپوتانا اسپتال جي ڪمري نمبر ۱۲۲ ۾ ٻڌائي هُئي ته: جڏهن بينظير صاحبه پاڪستان ۾ اپوزيشن اڳواڻ هئي، اُن وقت هن ڏکڻ ايشيا جي اپوزيشن اڳواڻن جي ميٽنگ ڪوٺائي هئي، جنهن ميٽنگ ۾ شيخ حسينه واجد کان مختلف صحافي انٽرويو وٺڻ آيا هئا ته حسينه واجد انهن کي وراڻيو هو ته: آءٌ انٽرويو صرف بنگالي ٻوليءَ ۾ ڏيڻ پسند ڪنديس، ظاهر ڳالهه آهي ته هِتان جي صحافين کي بنگالي ٻولي ڪانه ٿي آئي، اُن وقت سراج ميمڻ، حسينه واجد سان مليو ۽ پنهنجو تعارف ڪرائيندي چيائين ته آءٌ توهان جي بابا جو دوست آهيان ۽ ڊاڪا مان به ٿي آيو آهيان، تڏهن هن وراڻيو ته: ’ها، مون اوهان جو ذڪر بابا جي ڊائريءَ ۾ پڙهيو آهي- ۽ پوءِ هن سراج صاحب کي انٽرويو ڏيڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي. اُن وقت پاڪستان ۾ بينظير، بنگلاديش ۾ شيخ حسينه واجد ۽ نيپال ۾ ڪُماري ٽنگا اپوزيشن جون عورت اڳواڻ هُيون. ان مان واضح ٿئي ٿو هو ڪيڏو وڏو ماڻهو هو ۽ ڪيڏو ڪميٽيڊ ۽ واسطا ڳنڍيندڙ انسان هو. سراج صاحب تي وقت جي نقادن ڪيتريون ئي تنقيدون ڪيون، پر هن ڪڏهن مُڙي به انهن کي جواب نه ڏنو ۽ نه هن ڪڏهن ان جي ضرورت محسوس ڪئي، ڇاڪاڻ ته هن ڄاتو ٿي ته تنقيدن جي ور چڙهي پنهنجو وقت وڃائڻ کان بهتر آهي ته عملي ڪم ڪجي ۽ هو سڄي زندگي ڪم ڪندو رهيو. اڄ تاريخ سندس انهن مخالفن جي منهن تي سراج جي تخليقن جي اهڙي ته مُهر هڻي ڇڏي آهي، جو وٽن سندس ادبي تخليقن جي ’اعترافي قبوليت‘ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو بچيو ئي ناهي. سراج، جيڪو سنڌوءَ جي ساڃاهه هو، سو سنڌ کان ۲ فيبروري ۲۰۱۳ع تي جدا ٿي ويو، پر سندس ڏنل نظريو سنڌ ۾ اڄ به شعور جي چڻنگ کي روشن رکيو اچي. سراج سنڌوءَ جي ساڃاهه علي نواز آريسر سراج، سنڌي ٻوليءَ جو اُهو سگهارو قلمڪار آهي، جنهن سنڌي ٻوليءَ سان انتها جي حد تائين عشق ڪيو، هن سنڌي ادب ۾ جيڪي نوان لاڙا آندا، سي تاريخ جو هڪ مثال بڻجي ويا، ڇاڪاڻ ته هن سڄي زندگي اُهو ادب تخليق ڪيو، جنهن جي سنڌ کي ضرورت هُئي. هن سنڌي ٻوليءَ بابت نج سنڌيت جي جذبي هيٺ جڏهن پنهنجو منفرد نظريو قائم ڪيو، اُن وقت سندس منهن تي مُڇن جي ساول به نه آئي هُئي، هو ان وقت جيتوڻيڪ ٻوليءَ جي وصفن ۽ گهراين کان به ايترو واقف نه هوندو، پر سندس اندر ۾ ويٺل سنڌ جي عشق، نه رُڳو کيس ٻوليءَ جي سڀني وصفن کان آگاهه ڪيو، پر هن ان وقت بيٺل پاڻيءَ ۾ ڄڻ ته پٿر اُڇلايو هو. ۱۹۶۴ع ۾ سراج ’سنڌي ٻولي‘ نالي هڪ ڪتاب لکي، سنڌي ادب جي جهول ۾ وڌو. جيتوڻيڪ اُن وقت هن ڪتاب تي مختلف اديبن پاران سخت تنقيدون ٿيون، بحث مباحثا ٿيا، ڪتاب ۾ قائم نظريي کي غلط ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر چوندا آهن ته ڪڏهن ڪڏهن تاريخ پنهنجو پاڻ کي ورجائيندي آهي ۽ اُهو ورجاءُ اهو آهي جو اڄ سنڌي ٻوليءَ جا سمورا محافظ ’سراج جي نظريي‘ آڏو مٿو ٽيڪي بيٺل نظر اچي رهيا آهن. سراج، ٻيو جيڪو وڏو ڪم ڪيو، اُهو ڪم هو ’سنڌ جي تاريخي پسمنظر ۾ ناول لکڻ،‘ سراج جو پهريون ناول ‘پڙاڏو سوئي سڏ’ تاريخي پسمنظر ۾ لکيل سنڌيءَ جو پهريون اهم ناول آهي، جنهن جا هن وقت تائين ڏهن کان وڌيڪ ڇاپا پڌرا ٿي چُڪا آهن ۽ هيءَ ناول، سنڌي ادب جي شاگردن کي ايم. اي ۾ سبجيڪٽ طور پڙهايو ويندو آهي. هن ناول جي ٻولي، جيتوڻيڪ سادي آهي، پر ناول ۾ جيڪو انقلابي نُڪتو کنيو ويو آهي، تنهن سنڌ جي قومي هلچل ۾ چڱو خاصو اُڀار آندو. هي ناول ترخانن جي سنڌ سان ڪيل ڏاڍاين خلاف آهياهڙيءَ طرح سراج هن ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو به لکيو، جيڪو ’مرڻ مون سين آءُ‘ جي نالي سان گهڻو پوءِ ڇپيو. اهڙيءَ طرح سراج وقت جي نبض تي هٿ رکي ادب تخليق ڪندو رهيو ۽ ان سلسلي تحت هن سنڌي ناولن ۾ ’ٽريالاجي‘ به متعارف ڪرائي، هن ٽريالاجيءَ ۾ سندس ٽي ناول: ’منهنجي دنيا هيڪل وياڪل‘، ’تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول‘ ۽ ’منهنجي دنيا مِرگهه ترشنا‘، شامل ڪيا، جيڪي ٽريالاجيءَ طور ’پياسي ڌرتي رمندا بادل‘ نالي سان ڇپيا. هن کان اڳ ڪنهن سنڌي مصنف سنڌي ناول جي ٽريالاجي نه لکي هُئي. مجموعي طور سراج هر دور ۾ متحرڪ قلمڪار رهيو آهي. هن ڪهاڻيون به لکيون ته شاعري به ڪئي. منظوم ناٽڪ به لکيا ته لاتعداد ڪالم به لکيا. هو جڏهن هلال پاڪستان اخبار جو ايڊيٽر هو، تڏهن’ملان جي ڊوڙ‘، ’سياسي منظر نامو‘ ۽ ‘رتيءَ جي رهاڻ‘سِري هيٺ لاتعداد مضمون ۽ تجزيا لکيائين، سندس اهي ڪالم اڄ به پڙهجن ٿا ته ايئن پيو محسوس ٿئي، ڄڻ اڄ جي حالتن تي لکيا ويا آهن، ڇاڪاڻ ته سنڌ جون حالتون اڃا تائين ساڳئي پسمنظر ۾ ساهه کڻي رهيون آهن. سراج جي ٻين ڪتابن ۾: ’سج ڏکڻ مان ٿو اُڀري‘ (ڪرشن چندر جي ناول جو ترجمو: ۱۹۵۳ع)، ’سنڌ جي اقتصادي تاريخ‘ (ايس. پي ڇٻلاڻيءَ جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۵۸ع)، ’چونڊ آمريڪي افسانا‘ (ترجمو:۱۹۵۸ع)، ’اي درد هلي آءُ‘ (ڪهاڻيون:۱۹۶۲ع)، ’اٺون ماڻهو (ڪهاڻيون‘ : ۱۹۸۵ع)، ’سياسي منظر نامو‘ (۲۰۱۵ع) ’ڏات ۽ ڏاهپ جي لاٽ‘ (۲۰۱۵ع) شامل آهن. سراج، جيڪو سنڌوءَ جي ساڃاهه هو، سو سنڌ کان ۲ فيبروري ۲۰۱۳ع تي جدا ٿي ويو، پر سندس ڏنل نظريو سنڌ ۾ اڄ به شعور جي چڻنگ کي روشن رکيو اچي. (ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
الطاف شيخ عظيم سفرناما نگار، ليکڪ ۽ مئرين انجنيئر جو ادبي ۽ سامونڊي سفر سليمان وساڻ (هو مسلسل لکي پيو، بلڪل ٿڪجي ئي نه ٿو. لکڻ ڄڻ ته هاڻ سندس مقصد بڻجي ويو آهي. هو هن وقت به سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ پڙهيو ويندڙ ليکڪ آهي. ۹۱ کان مٿي ڪتاب لکي چڪو آهي. جن مان لڳ ڀڳ ۸۰ کان مٿي سفرناما آهن. هن اسان کي دنيا گهمائي آهي. ڪي کيس سندباد سڏين ته اڪثر وري کيس سنڌ جو ڪولمبس سڏين. ڪو کڻي کيس ڪهڙي به نالي سان سڏي پر هو سفرنامن جو شهنشاهه آهي. هي مکڻ ماڻهو سان گڏ ملنسار پڻ آهي.) سرزمين هالا ۾ ۱۴ نومبر ۱۹۴۴ع تي ڄمڻ واري هن سفرناما نگار جو پورو نالو الطاف احمد شيخ ۽ قلمي نالو ’الطاف شيخ‘ آهي. الطاف شيخ جي والد جو نالو گل محمد شيخ ۽ والده جو نالو شريفان آهي. ٻنھي جو تعلق پڙهيل لکيل خاندانن سان هو. الطاف شيخ جو والد اڃا ڪلاس ٻئي ۾ هو ته سندس والد يعني الطاف شيخ جي ڏاڏي عبدالرحيم شيخ جي وفات ٿي وئي. ان بعد کين والده مريم ۽ مامي ماستر محمد وريل نپايو. هنن نور محمد هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ ۽ انٽر سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ مان پاس ڪرڻ بعد ائگريڪلچر سائنس ۾ B.Sc پوني (انڊيا جي اڄ جي رياست مهاراشٽرا جي شهر) جي يونيورسٽي مان ڪئي ۽ بعد ۾ M.Sc آمريڪا جي ڪارنيل يونيورسٽي (اٿيڪا شهر) مان ڪئي، جيڪو شهر نيويارڪ رياست ۾ آهي. B.Sc ڪرڻ بعد، الطاف جي والد ڪراچيءَ مان شيخ اياز (مشهور شاعر) سان گڏ، مسلم لا ڪاليج ڪراچي مان قانون جي ڊگري LL.B پڻ حاصل ڪئي ۽ ڪجهه عرصو جسٽس عبدالرحمان مرزا (جسٽس حامد علي مرزا جو والد ۽ الطاف جي نانيءَ جو وڏو ڀاءُ) وٽ وڪالت ڪئي. ان بعد PCS جو امتحان ڏئي، مختيارڪار ٿي رهيا. ۱۹۵۵ع ڌاري، آمريڪا طرفان ٽنڊو ڄام ۾ کوليل ’وليج ايڊ ڪاليج‘ جا هو پرنسپال ٿيا. وليج ايڊ کاتو بند ٿيڻ تي پاڻ وري روينيو کاتي ۾ آيا ۽ ڊپٽي ڪمشنر جي پوسٽ تان رٽائر ڪيائون. کيس پڙهڻ لکڻ جو تمام گهڻو شوق هو جنهن لاءِ هو پنهنجن ٻارن جي به هر وقت همت افزائي ڪندو هو. ايتريقدر جو الطاف جيتوڻيڪ اسڪول يا ڪاليج ۾ اڙدو نه پڙهيو پر کيس گهر ۾ اڙدو پڙهڻ سيکاريو ويو. پاڻ کيس هميشه اهو چوندا هئا ته؛ ”اڙدو اهم زبان آهي، جنهن ۾ تمام گهڻا اسلامي ڪتاب آهن، جن کي پڙهڻ لاءِ اڙدو سکڻ ضروري آهي.“ الطاف جي والد جا خاص سبجيڪٽ ائگريڪلچر ۽ ائنٿروپالاجي هئا ۽ پاڻ مختلف موضوعن تي ڪڏهن ڪڏهن اخبارن ۾ ڪالم به لکندو ھيو ۽ سنڌيءَ ۾ سندن چار ڪتاب پڻ ڇپيل آهن. جهڙوڪ: ماڪوڙي، ماکيءَ جي مک، ڪوريئڙو ۽ گڏهه. ”گڏهه“ ڪتاب الطاف جي والد گل محمد شيخ پنهنجن دوستن ۽ ڪلاس ميٽن: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ اڳوڻي وائيس چانسلر، سيد غلام مصطفيٰ شاهه سابق وي سي ۽ جلباڻي صاحب سان گڏ لکيو. الطاف شيخ جو نانو، سيٺ محمد حسن سومرو، جيتوڻيڪ بزنيس مئن هو. هن حيدرآباد جي ريلوي اسٽيشن ڀرسان تاريخي هوٽل ”سنڌ زميندار“، هلائي ٿي پر کيس ادب سان به شوق هو ۽ پنهنجن ڏوهٽن پوٽن کي پنهنجي گهر جي لئبرريءَ مان ڪتاب کڻي ڏيندو هو ته هو پڙهن. الطاف سندس ڏوهٽن پوٽن ۾ وڏو آهي، جنهن تي هن گهڻو زور ڏنو. ان کان علاوه الطاف، جڏهن پنهنجي ناني جي گهر حيدرآباد ويندو هو ته هن جي اتي مشهور مزاحيه ليکڪ حليم بروهيءَ ۽ عرض محمد شيخ سان به ملاقات ۽ ادبي ڳالهه ٻولهه ٿيندي هئي، جيڪي سندس ناني جي وڏين ڀينرن غلام فاطمه بروهي ۽ زينت شيخ جا پٽ هئا. الطاف شيخ، پرائمري تعليم جا چار درجا هالا جي سرڪاري اسڪول ۾ پڙهيا. جتي جي استادن جي الطاف وقت بوقت پنهنجي ڪالمن ۾ تعريف ڪئي آهي ته اهي محنتي، ايماندار ۽ Devoted هئا ۽ هنن پنهنجن شاگردن جي تعليم سان گڏ تربيت ۽ اخلاق تي پڻ ڌيان ڏنو ٿي. انهن ۾ هڪ ته الطاف جي والد جو مامو ماستر ڄام محمد وريل ميمڻ هو ۽ ٻيا هئا سائين محمد بچل قريشي، محمد اشرف قريشي، يار محمد تورپيو، عبدالهادي شيخ وغيره..... جن لاءِ الطاف لکيو آهي ته هنن درس تدريس کي پيغمبري پيشو سمجھي نڀايو ٿي. پرائمريءَ جا چار درجا پڙهي، الطاف پنهنجي ڳوٺ هالا جي جھوني اسڪول، مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي. انهن ڏينهن ۾ ڏهين ڪلاس بعد نه، پر يارهين ڪلاس بعد مئٽرڪ ٿيندي هئي. چار درجا پرائمريءَ جا جن ۾ صبح جو ۸ کان ۱۲ تائين ۽ وري شامَ جو ٻيھر ۲ بجي کان ۵ تائين اسڪول وڃڻو پوندو هو، ان بعد هاءِ اسڪول ۾ پهرئين درجي انگريزيءَ ۾ داخلا وٺبي هئي ۽ اتي ست سال يعني ستين درجي (مئٽرڪ) تائين پڙهڻو پوندو هو. الطاف انگريزي اسڪول جي ٻئي درجي ۾ پهتو ته ڪئڊٽ ڪاليج کلڻ جو اعلان ٿيو، جنهن ۾ چوٿين درجي ۾ داخلا لاءِ اخبارن ۾ اشتهار آيا هئا. هالا جي هن اسڪول مان الطاف کان هڪ سال سينيئر شاگرد شفيق الرحمان چنا ان ۾ داخلا ورتي جنهن کان موڪلن ۾ ڪئڊٽ ڪاليج جون ڳالهيون ٻڌي الطاف شيخ کي به شوق ٿيو ۽ ٻئي سال ٽيون درجو پاس ڪرڻ بعد ڪئڊٽ ڪاليج ۾ داخلا ورتي. انهن ڏينهن ۾ جيئن ته اڄ واري ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي عمارت اڃا نه ٺهي هئي ان ڪري الطاف ٻه سال ڪئڊٽ ڪاليج جي ميرپورخاص واري عمارت ۾ تعليم حاصل ڪئي. جنهن بعد ۱۹۶۰ع ۾ هي ڪاليج ميرپور خاص کان پيٽارو شفٽ ٿي ويو ۽ الطاف ۱۹۶۱ع ۾ مئٽرڪ ۽ ۱۹۶۳ع ۾ انٽر پاس ڪئي. ۱۹۶۰ع تائين جيئن ته سنڌ ۾ سيڪنڊري بورڊ آف ايڊيوڪيشن وارو سسٽم اڃا شروع نه ٿيو هو ان ڪري الطاف ۽ سنڌ جي ٻين شاگردن کي ان وقت تائين مئٽرڪ جو سرٽيفڪيٽ، سنڌ يونيورسٽي طرفان ئي ملندو رهيو. انٽر پاس ڪرڻ تائين حيدرآباد ۾ بورڊ جي وجود اچڻ ڪري، ۱۹۶۳ع ۾ انٽر جو سرٽيفڪيٽ ”سيڪنڊري بورڊ آف ايڊيوڪيشن“ طرفان ڏنو ويو. سکر وارو بورڊ گهڻو گهڻو پوءِ ٺهيو. الطاف شيخ کي، هالا جي هاءِ اسڪول ۾ به بهترين استاد مليا ۽ بقول سندس جي ته ”انهن جهڙا اڄ به فقط اڌ معيار جهڙا استاد ٿي پون ته سنڌ جي قسمت بدلجي وڃي“. سائين غلام رضا ڀٽو (جيڪو هيڊ ماستر هو ۽ بعد ۾ ڊائريڪٽر ايڊيوڪيشن ۽ ٻين عهدن تي رهيو)، سائين محمود ابڙيجو، عبدالرحيم ارباب، ظفر علي ارباب، دادوءَ جو باغ علي سهاڳ ۽ سائين الله بخش انصاري انهن مان ڪجهه هئا. هالا جو هي اسڪول ۱۹۴۴ع ۾ قائم ٿيو جنهن جو تعليمي معيار اڄ به بهتر سمجهيو وڃي ٿو .... هن اسڪول مان ملڪ جا ڪيترا ئي مشهور تعليمدان (عبدالرحمان ميمڻ مهراڻ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر، عبدالقدوس علوي NED يونيورسٽي جو VC، ڊاڪٽر حسن ميمڻ لياقت ميڊيڪل ڪاليج جو پرنسپال، عبدالرزاق ميمڻ اليڪٽرانڪس ۾ Ph.D ۽ دائود انجنيئرنگ ڪاليج جو پرنسپال، ڊاڪٽر الطاف گاجڻي ميمڻ نيويارڪ جي يونيورسٽي جو ڊين ۽ ٻيا) ڊاڪٽر، انجنيئر، سائنسدان ۽ فوجي تعليم حاصل ڪري نڪتا ۽ هن شهر لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن جي هر گهٽيءَ ۾ هڪ کان وڌيڪَ Ph.D رهي ٿو. اهڙي طرح الطاف خوش نصيب آهي جو هن کي ڪئڊٽ ڪاليج ۾ به سٺا استاد مليا جن الطاف کي groom ڪيو ۽ ادبي دنيا ۾ آڻڻ لاءِ تيار ڪيو. خاص ڪري ڪاليج جي انگريز پرنسپال ڪرنل جي ايڇ ايڇ ڪومبس، ايڊجيوٽنٽ ڪئپٽن عالم جان محسود (جيڪو فوج ۾ جنرل جي پوسٽ تي پهچي رٽائرڊ ٿيو)، انگريزي جو ٽيچر عبدالله خادم حسين جيڪو اڳتي هلي تعليم کاتي جو فيڊرل سيڪريٽري ٿيو ۽ ڪمانڊر اسرار الله وغيرهه جن الطاف ۽ ٻين شاگردن کي گهڻي کان گهڻا ڪتاب پڙهڻ ۽ لکڻ لاءِ زور ڏنو. الطاف مئٽرڪ کان وٺي ان وقت هلال پاڪستان، گلستان، بادل، ڳوٺ سڌار جهڙن رسالن ۾ هلڪا ڦلڪا مضمون لکڻ شروع ڪيا ۽ ڪاليج جي مئگزين جي سنڌي سيڪشن جو ايڊيٽر ٿيو. ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان انٽر ڪرڻ بعد جتي الطاف جي ٻين ڪلاس ميٽن ’پاڪستان نيوي‘ يعني جنگي جهاز جي تربيت لاءِ ڪراچيءَ جي ”پاڪستان نيول اڪيڊميءَ“ ۾ داخلا ورتي اتي هن مرچنٽ نيويءَ (مال برادر ۽ مسافر کڻندڙ جهازن کي هلائڻ) لاءِ ان وقت چٽگانگ (چاٽگام) ۾ نئين کليل ”پاڪستان مئرين اڪيڊميءَ“ ۾ داخلا ورتي. چٽگانگ بندرگاهه بنگلاديش ۾ آهي جيڪو ان وقت مشرقي پاڪستان سڏيو ويو ٿي. الطاف کي چٽگانگ (بنگال صوبي) جي موسم ۽ ماحول سنڌ کان بيحد مختلف لڳو.... چوڌاري ساوڪ ۽ وڻ وڻڪار.... هر وقت جهڙ ۽ مينهوڳي.... جتي ڪٿي درياهه ۽ نهرون جن ۾ هلندڙ آگبوٽ ۽ ٻيڙيون. الطاف پنهنجي بنگالي دوستن کان يڪدم ٿوري گهڻي بنگالي ٻولي سکي ورتي ۽ موڪلن ۾ سندن ڳوٺن ۾ به وڃڻ لڳو. ان بابت هو دلچسپ ڳالهيون ”دريائن جي ديس مان“ هر هفتي مهراڻ اخبار ۽ هلال پاڪستان رسالي ڏي موڪلڻ لڳو. انهن ڏينهن ۾ هلال پاڪستان روزنامه اخبار نه پر ماهوار رسالو هئي. چٽگانگ ۾ الطاف کي ڪيترائي سنڌ جا سنڌي ڳالهائڻ وارا به ملي ويا. هڪ ته سندس ڳوٺائي هالا جو عبدالغفار انصاري انجنيئر هو جنهن جي ۱۹۷۱ع واري لڙائي ۾ گمشدگي اڃان تائين معمو بڻيل آهي. مٽيارين جو صابر شاهه ۽ خاص ڪري چٽگانگ ميڊيڪل ڪاليج جو شاگرد نعيم دريشاڻي جنهن ان وقت کان شاعري ڪئي ٿي ۽ سندس شاعري سهڻي ۽ روح رهاڻ رسالن ۾ ڇپبي هئي. شڪارپور جي هن ڊاڪٽر نعيم دريشاڻيءَ (جيڪو اڳتي هلي ”ڪن، نڪ ۽ گلي جو ماهر سرجن ۽ پروفيسر“ ٿيو) الطاف کي مٿين رسالن جي ايڊيٽرن طارق اشرف ۽ حميد سنڌي سان متعارف ڪرايو ۽ اڳتي هلي جڏهن الطاف جهاز هلائڻ شروع ڪيا ته سامونڊي سفرن جو احوال ۽ ڪهاڻيون عبرت اخبار کان علاوه سهڻي ۽ روح رهاڻ رسالي ۾ پڻ ڏيندو رهيو. سندس سفرنامي جو پهريون ڪتاب ”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“ سهڻي پبليڪيشن وارن سن ۱۹۶۹ع ۾ ڇپرايو جنهن کي ”پاڪستان رائيٽرس گلڊ طرفان“ بيسٽ بڪ آف دي ييئر قرار ڏنو ويو. هن ڪتاب کان اڳ الطاف جو ”اناميڪا“ نالي بنگالي ڪهاڻين جو ترجمو ۱۹۶۵ع ۾ تڏهن ڇپيو جڏهن هو مئرين انجنيئرنگ جي ورڪ شاپ ٽريننگ ڪراچي شپ يارڊ ۾ وٺي رهيو هو. مرچنٽ نيوي جي جهازن هلائڻ ۽ ٺاهڻ جي تعليم لاءِ دنيا جي مئرين اڪيڊمين (يا ميريٽائيم اڪيڊمين) ۾ چونڊيل ڪئڊٽن (شاگردن) جون ٻه برانچون ٿين ٿيون: هڪ ناٽيڪل ۽ ٻي انجنيئرنگ. ناٽيڪل برانچ وارا ڪئڊٽ نيويگيشن، Astronomy، ڪارگو ورڪ، چارٽ ورڪ، Spherical ٽرگناميٽري، Ship Stability جهڙا سبجيڪٽ پڙهن ٿا ۽ مختلف پوسٽن تان ٿيندا آخر جهاز جا ڪئپٽن ٿين ٿا ۽ انجنيئرنگ ڪئڊٽ نيول آرڪيٽيڪٽر، شپ ڪنسٽرڪشن، فيول ٽيڪنالاجي، ٿرموڊائنامڪس، مشين ڊرائنگ جهڙا سبجيڪٽ پڙهن ٿا. تعليم ۽ ورڪ شاپ ٽريننگ بعد هو جهاز تي جونئر انجنيئر (ففٿ انجنيئر) جي رئنڪ سان چڙهن ٿا ۽ هر دفعي مختلف مدي لاءِ (اٽڪل ۲۱ مهينا) لڳاتار سمنڊ تي جهاز هلائڻ بعد ترقي لاءِ مقرر امتحان ڏين ٿا جيڪي دنيا جي ڪيترن ئي بندرگاهن ۾ ورتا وڃن ٿا ۽ هو مختلف ڏاڪا طئه ڪري آخرڪار جهاز جا چيف انجنيئر ٿين ٿا. گهڻو ڪري دنيا جي هر جهاز تي چيف انجنيئر ۽ ڪئپٽن جو ساڳيو يونيفارم ۽ پگهار آهي پر چيف انجنيئر پنهنجي انجنيئرنگ برانچ جو هيڊ آهي ۽ ڪئپٽن نه فقط پنهنجي ڊپارٽمينٽ (ناٽيڪل) جو هيڊ آهي پر هو جهاز جي مالڪ جي به نمائندگي ڪري ٿو. ناٽيڪل ڪئڊٽ ٻه سال مئرين اڪيڊمي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ بعد باقي ٻه سال کن جهاز تي ٽريننگ وٺن ٿا ۽ انجنيئرنگ ڪئڊٽ ٻه سال مئرين اڪيڊمي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ بعد باقي ٽي سال دنيا جي ڪنهن شپ يارڊ ۾ جتي جهاز ٺهندا هجن يا مرمت ٿيندا هجن، اتي پرئڪٽيڪل ڪن ٿا. چٽگانگ جي ٻن سالن جي تعليم بعد الطاف شيخ جا ڪلاس ميٽ جيڪي ناٽيڪل برانچ جا هئا انهن کي مختلف جهازن تي ”ڊيڪ ڪئڊٽ“ ڪري رکيو ويو انهن ۾ جهانگير حبيب نالي هڪ بنگالي ڪلاس ميٽ الطاف جو دوست به هو. هو تعليم دوران ترڻ جي مقابلي ۾ هميشه پهريون نمبر ايندو هو پر قدرت الاهي اها ٿي جو هن جو جهاز هڪ سفر پورو ڪري جڏهن چالنا بندرگاهه (چٽگانگ جي ويجھو) ۾ پهتو ۽ هو موڪل تي وڃڻ لاءِ جهاز جي ڏاڪڻ تان لهي رهيو هو ته هن جو پير ترڪي ويو ۽ سمنڊ ۾ ڪري پيو. هونءَ ته جهانگير تارو به سٺو هو ۽ سندس مدد لاءِ مٿان لائيف بئاءِ (Buoy) به اڇلايا ويا پر خليج بنگال جي خطرناڪ سامونڊي ڪُنن جو هو مقابلو نه ڪندي دم ڏئي ويٺو. سندس ياد خاطر الطاف شيخ ترجمو ڪيل افسانن جو هي ڪتاب ”اناميڪا“ جهانگير حبيب کي منسوب ڪيو آهي. الطاف کي پنهنجي گهر، ڳوٺ جي اسڪول، ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۽ مئرين اڪيڊمي چٽگانگ ۾ ته لکڻ پڙهڻ لاءِ سٺو ماحول مليو پر هن کي نوڪري (سمنڊ تي جهاز) هلائڻ دوران به اهـڙو ئي ڪجهه ماحول مليو.... بلڪه ان کان به بهتر. الطاف جڏهن تعليم ختم ڪري ۱۹۶۸ع ۾ جهاز Join ڪيو ته ان وقت ڪنهن ورلي جهاز تي ڪو پاڪستاني آفيسر هو. هر جهاز تي سڀ گورا (يورپي) هئا. هونءَ ته پاڻي واري جهاز هلائيندڙن کي لکڻ پڙهڻ جهڙين شين لاءِ وقت گهٽ ئي ملي ٿو جو هڪ طرف ڪراچي کان ڪولمبو، چٽگانگ، پينانگ، پورٽ ڪلانگ (ڪوالالمپور) سنگاپور، بئنڪاڪ، هانگ ڪانگ، ٽوڪيو، يوڪوهاما، اوساڪا، نگويا، موجي، پوسان ۽ سيول (يعني پاڪستان کان ڪوريا تائين) ۽ ٻئي طرف ڪراچي کان بندر عباس، عدن، دبئي، دوحا، ڪويت، جدو بندرگاهه وغيره ٻن ٻن يا ٽن ٽن ڏينهن جي سفر تي اچن ٿا ۽ بندرگاهه ۾ جهاز کڻي ٻه چار ڏينهن رهي يا هفتو ٻه.... جهاز جي اٺ ڪلاڪ ڊيوٽي بعد ماڻهو ڪناري جو ئي رخ ڪري ٿو ۽ خريداري نه ته ان بندگاهه جا روڊ رستا، پارڪ سئنيمائون ۽ مشهور جايون گهمڻ ۾ لڳو رهي ٿو.... بندرگاهه ۾ جهاز جي مکيه انجڻ جيڪا جهاز کي هلائي ٿي اها کڻي بند رهي ٿي پر جنريٽر، پمپ، بئائلر ۽ ٻيون مشينون هلنديون رهن ٿيون جن جي ڪري جهاز تي بجلي، ايئر ڪنڊيشن، پاڻي، رڌ پچاءَ لاءِ چلها ۽ سامان لاهڻ چاڙهڻ جي ڪم لاءِ جهاز جون ڊيرڪون (ڪرينون) هلن ٿيون. ان کان علاوه بندرگاهه واري ڊيوٽي ۾ مئرين انجنيئرن کي جهاز جي مقرر مرمت (Routine Maintenance) به ڪرڻي پوي ٿي. سو لکڻ پڙهڻ جهڙن ڪمن لاءِ بندرگاهه ۾ وقت ملڻ مشڪل ٿئي ٿو. سمنڊ تي جڏهن جهاز هلي ٿو ته اتي يڪا ۸ ڪلاڪ ڊيوٽي ڪرڻ بدران هر انجنيئر ۽ نيويگيشن آفيسر کي چار ڪلاڪ ڏينهن جو چار ڪلاڪ رات جو ڊيوٽي ڪرڻي پوي ٿي. سمنڊ تي ڊيوٽي بعد البت ڪجهه وقت مليو وڃي پر بندرگاهه ڇڏڻ بعد پهريان ٽي چار ڏينهن بندرگاهه وارو اهڙو ٿڪ رهي ٿو جو هر هڪ ننڊون پوريون ڪرڻ جي چڪر ۾ رهي ٿو ۽ پوءِ جيئن ٿڪ ڀڄي ٿو ته ٻيو بندرگاهه اچيو وڃي ۽ وري ساڳي هل هلان. هر جهازي (جهاز هلائڻ وارو) اهو ئي چاهي ٿو ته هن جو جهاز هر وقت بندرگاهه ۾ رهي ڇو جو سمنڊ تي جهاز هلائڻ جي ڏکي ذميواري واري ۽ جسماني ۽ ذهني طرح پريشان ڪندڙ ڊيوٽي هڪ طرف آهي ته سمنڊ جا لوڏا ۽ سي سڪنيس بيماري ٻي طرف آهي. الطاف ان معاملي ۾ خوش نصيب نه رهيو جو الطاف شروع وارا سال جنهن به جهاز تي بدلي ٿي ويو ٿي ان جهاز جي ڊگهي روٽ رهي ٿي.... ڪراچي کان لنڊن، ڪراچي کان ڪيوبا، ٽوڪيو کان لاس اينجلس جنهن ۾ هنجي جهاز کي هندي وڏي سمنڊ، ائٽلانٽڪ ۽ پئسفڪ جهڙا وڏا سمنڊ ڪراس ڪرڻا پيا ٿي.... يا وري سندس جهاز روس رومانيا مان سامان کڻي جدي يا دبئي آيو ٿي جيڪو سفر اڄ ڪلهه سئيز ڪئنال کليل هجڻ ڪري هفتي سوا جو آهي پر انهن ڏينهن ۾ يعني سٺ واري ڏهي جي آخري سالن ۽ ستر جي ڏهاڪي جي شروع وارن سالن ۾ سئيز ڪئنال بند هجڻ ڪري الطاف جي جهاز کي سڄي آفريڪا کنڊ جو ڦيرو ڪرڻو پيو ٿي ۽ هن کي هر سفر ۾ ٽيهن کان چاليهه ڏينهن سمنڊ تي گذارڻو پيو ٿي. الطاف ٻڌائي ٿو ته: ”بندرگاهه ڇڏڻ بعد پهريان ٻه ٽي ڏينهن ته ٿڪ ڀڃڻ لاءِ هر جهازي ننڊون ڪندو هو پوءِ هر هڪ منجھيل رهيو ٿي ته وقت ڪئين گذارجي. جهاز جا گورا آفيسر جيڪي اسان جا سينيئر هئا انهن جا سمنڊ تي ٻه شوق هئا. هو جهاز هلائڻ بعد واندڪائيءَ ۾ يا پتي راند کيڏندا هئا يا بيئر يا وسڪي پي سمهي رهندا هئا.“ الطاف هڪ هنڌ لکيو آهي ته هو جڏهن مئرين اڪيڊمي چٽگانگ ۾ ڪئڊٽ (شاگرد) هو ۽ بندرگاهه ۾ بيٺل جهاز تي هلندڙ ڪم ڏسڻ لاءِ هنن کي اڪيڊمي طرفان جهازن تي وٺي ويندا هئا ته اتي جي آفيسرن کي ’ٽرپل فائو‘ جي دٻي مان سگريٽ ڪڍي ڇڪيندو ڏسي يا بيئر جي بوتل پيئندو ڏسي دل چوندي هئي ته هو به جهاز جي نوڪري شروع ڪندا ته ائين ڪندا پر الطاف جي جنهن پهرين جهاز تي پوسٽنگ ٿي ان تي گوهر رحمان نالي اليڪٽريڪل انجنيئر هڪ نيڪ انسان اڳهين موجود هو جنهن کيس پهرين ڏينهن ئي نصيحت ڪئي ته ڇا به ٿي پوي ته سگريٽ يا شراب کي هٿ لائڻو نه آهي. الطاف ٻڌائي ٿو ته ان ڳالهه تان سندس يورپي آفيسرن کي ڏاڍي چڙ ايندي هئي، ايتري قدر جو سمنڊ تي هڪ رات هنن الطاف ۽ گوهر کي هڪ ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو ته صبح تائين هي ٽي چار بوتلون بيئر جون ختم نه ڪندائو ته توهان کي سمنڊ ۾ ڦٽو ڪيو ويندو پر هي پنهنجي عزم تي اٽل رهيا.... ۽ نيٺ گورن آفيسرن هنن کي ڇڏي ڏنو. الطاف ٻڌائي ٿو ته جهاز تي جهازين (جهاز هلائڻ وارن آفيسرن) جي ٻي وندر برج نالي پتي راند هئي جيڪا الطاف کي سمجهه ۾ نٿي آئي جنهن ڪري هن کي ڪنهن به پنهنجو پارٽنر نٿي ڪيو. ٺلهو ڏسڻ لاءِ هو اچي ويٺو ٿي ته ڪنهن سينئر نيويگيشن آفيسر يا انجنيئر کيس بئري کي چانهه آڻن لاءِ ڊوڙايو ٿي يا پنو پين کڻي هنن جي راند ۾ کٽيل Points لکڻ لاءِ چيو ٿي. ان ڪري الطاف انهن ڳالهين کان بيزار ٿي وقت پاس ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڪئبن ۾ ويهي ڪتاب پڙهڻ لڳو ۽ بندرگاهن جون ڳالهيون. خطن ذريعي پهرين دوستن کي ۽ پوءِ عبرت اخبار ڏي موڪلڻ لڳو. هو ٻڌائي ٿو ته هن جي پهرين سفر جي خطن جو مجموعو جڏهن ”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“ نالي ڪتابي صورت ۾ آيو ته ان کي پاڪستان رائيٽرس گلڊ لاهور طرفان Best Book جو ايوارڊ ڏنو ويو. ان وقت هن جي عمر ۲۸ سالَ هئي ۽ هن کي نه فقط ان جي خوشي ٿي پر هن جي همت افزائي به ٿي. پوءِ الطاف لڳاتار لکندو رهيو ۽ سمنڊ تي وقت گذارڻ لاءِ هن ان کي سٺي وندر سمجھيو. اهو ئي سبب آهي جو الطاف کي جڏهن ڪو چوندو آهي ته توهان جا سنڌي ادب تي ٿورا آهن جو توهان ايترو گهڻو لکيو آهي ته هو کلي چوندو آهي ته ”ٿورا ٻورا ڪجهه نه آهن اها منهنجي مجبوري هئي. هيڏن ڊگهن سامونڊي سفرن ۾ جي اهو ڪم نه ڪريان ها ته چريو ٿيان ها يا شرابي موالي.“ سامونڊي نوڪري جي ڪجهه سالن بعد الطاف جي ۱۹۷۱ع ۾ شادي ٿي ۽ انهن ڏينهن ۾ فئملي سان گڏ جهاز تي رهڻ جي اجازت هجڻ ڪري هن جي زال ۽ پوءِ ٻار ٿيڻ تي اهي به لڳاتار ۸ سال جهاز تي رهيا ۽ ساڳي وقت الطاف جن جن جهازن تي بدلي ٿيندو ويو انهن جي روٽ ۾ بندرگاهه گهڻا ۽ سمنڊ وارا ڏينهن گهٽ آيا ٿي پر ته به هو هر صورت ۾ لکڻ لاءِ وقت ڪڍندو رهيو ٿي ۽ اڄ ڏينهن تائين جڏهن ته هو پنهنجي عمر جا ستر سالَ ٽپي چڪو آهي، لڳاتار لکندو اچي. بقول سندس پهرين هن وقت پاس ڪرڻ جي مجبوري کان لکيو ٿي پر هاڻ هو ان ڪري لکي ٿو جو هو ان جو addicted (عادي) ٿي چڪو آهي. هن کي هن عمر ۾ نه ڪنهن سان ملڻ جلڻ وڻي ٿو نه ٽي وي ريڊيو پسند آهي..... ”هر وقت دل چوي ٿي ته ڪجهه لکندو رهان“. جهاز جي سفرن ۾ الطاف ان خيال کان ڀاڳ وارو رهيو جو هو جنهن به جهاز تي بدلي ٿيو ٿي ان جي روٽ مختلف رهي ٿي ان ڪري هن کي نه فقط ڪيترن ئي ملڪن جي بندرگاهن گهمڻ جو موقعو ملي ويو پر هن کي ڪيترن ئي ڏورانهن ٻيٽن: ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ڪيپ وردي ۽ لاس پاماس کان ميڊيٽريئين جي مالٽا، سسلي ۽ سائپرس (قبرص) تائين.... پئسفڪ سمنڊ جي فجي، مارشل ۽ هونو لولو کان ڪئريبين سمنڊ جي ڪيوبا، برمودا، ٽرنيڊاڊ ۽ جئمئڪا ٻيٽن تائين هن جو وڃڻ ٿيو ۽ انهن بابت هن ڪيتريون ئي معلوماتي ۽ دلچسپ ڳالهيون لکيون آهن. الطاف کي سامونڊي زندگي جي شروع وارن ڏينهن ۾ جيتوڻيڪ سي سڪنيس ٿيڻ ڪري مزو نه آيو پر پوءِ جلد ئي هن جي هن زندگيءَ سان اهڙي ته دل لڳي وئي جو هن پاڻ ته جهازن جي نوڪري نٿي ڇڏڻ چاهي پر ٻارن جي وڏو ٿيڻ ۽ اسڪول ۾ داخل ڪرڻ خاطر هن کي پڻ ٻين جهاز هلائڻ وارن وانگر ڪناري جي نوڪري ڏي رخ ڪرڻو پيو. گذريل ڏهاڪو سالن کان نئين قانون موجب پاڻي جي جهازن تي جهاز هلائيندڙن کي لڳاتار جهاز تي رهڻ جي اجازت نٿي ملي پر الطاف جي ڏينهن ۾ جهاز جي سڀني سينئر آفيسرن: ڪئپٽن، چيف انجنيئر، سيڪنڊ انجنيئر ويندي ريڊيو آفيسر کي فئملي سان رهڻ جي موڪل هوندي هئي .... پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪيترين عورتن کان سي سڪنيس برداشت نه ٿيڻ تي سندن مڙسن لاءِ مسئلو ٿي پوندو هو ته هو جهاز کي ڏسن يا زالن جو خيال ڪن. الطاف جي فئملي ساڻس گڏ لڳاتار اٺ سال جهاز تي رهي پر هو ان جهنجهٽ کان بچيل رهيو جو قدرتي هن زال ۽ ٻارن کي ڪڏهن به ’سي سڪنيس‘ نه ٿي. الطاف جي شادي ۲۱ مئي ۱۹۷۱ع تي دادوءَ ۾ پنهنجي ماسات مستوران گهلوءَ سان ٿي. پاڻي جي جهاز تي سفر ڪرڻ واري هر ماڻهوءَ کي ٿورو يا گهڻو سي سڪنيس جو اثر ٿئي ٿو. اها ٻي ڳالهه آهي ته هيءَ بيماري ڪن کي قدرتن نٿي ٿئي ۽ ڪيترن کي برداشت ڪرڻ جي همت ٿئي ٿي. سي سڪنيس ۾ دل ڪچي ٿئي ٿي ۽ اٻڙاڪ ۽ الٽيون اينديون رهن ٿيون. ڪا شيءِ کائڻ تي دل نٿي چوي جيتوڻيڪ Sea Sickness جي حالت ۾ پيٽ خالي نه رکڻ کپي توڙي کڻي کاڌل شيءِ ان وقت ئي الٽي ۾ نڪري وڃي. ڇو جو خالي پيٽ تي اٻڙاڪ (الٽيون) محسوس ٿيڻ تي ڪڏهن ڪڏهن رت به اچي ٿو. گهڻو وقت سي سڪنيس ٿيڻ تي.... يعني ڏينهن ٻه هلڻ تي انسان مايوسيءَ جو به شڪار ٿئي ٿو ۽ هو چاهي ٿو ته ان زندگيءَ کان ته موت بهتر آهي. سي سڪنيس واري حالت سمنڊ تي ڪا روز روز نٿي ٿئي. جڏهن سمنڊ خراب ٿئي ٿو يا طوفاني موسم ٿئي ٿي ته جهاز جي اڳيان پويان يا ساڄي کاٻي لڏڻ ڪري جهاز ۾ سفر ڪندڙ ماڻهن جي اها حالت ٿئي ٿي.... پوءِ اها حالت ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه ڪلاڪن لاءِ رهي ٿي ته ڪڏهن ڪڏهن هڪ ٻه ڏينهن به رهي ٿي جيسين اهو سامونڊي طوفان وڃي ماٺو ٿئي. سمنڊ جي حالت سڌرڻ سان سي سڪنيس جو شڪار ٿيل ماڻهو ان گهڙي ئي نارمل ٿيو وڃي ڄڻ هن کي ڪجهه نه هو ۽ هو ساڳي صحت ۽ سمنڊ جو سهانو سفر enjoy ڪرڻ لڳي ٿو. الطاف ان عنوان تي به گهڻو ئي لکيو آهي ۽ هو ٻڌائي ٿو ته سمنڊ تي اهڙا ڏکيا ڏينهن ڪڏهن ڪڏهن اچن ٿا. ڪڏهن ته پنج ڇهه مهينن جي ڊگهي سفر ۾ ٽي چار سمنڊ لتاڙڻ دوران هڪ ڏينهن به خراب موسم يا خراب سمنڊ نٿو ملي. الطاف سامونڊي نوڪري وارن ٻارنهن تيرهن سالن ۾ چڱو خاصو لکيو، پوءِ ڪنهن سفر ۾ گهٽ ته ڪنهن ۾ وڌيڪَ ان جو مدار موسم ۽ سمنڊ جي حالت ۽ جهاز جي ڪارڪردگي تي رهيو. ايم وي چناب ۽ ايم وي پدما جهڙن پراڻن جهازن لاءِ الطاف ٻڌائي ٿو ته انهن جي انجڻين سان هر وقت اهڙو مسئلو لڳل هو جو هڪ ٿي صحيح ڪئيسين ته ٻي ٿي خراب ٿي ۽ سمنڊ تي هر روز جهڙي ايمرجنسي جي حالت لڳل هوندي هئي ۽ هر انجنيئر کي روزانو نارمل اٺن ڪلاڪن کان وڌيڪَ ڪم ڪرڻو پيو ٿي. ڪڏهن ڪڏهن ته باهه لڳڻ ڪري يا سنگاپور يا جبرالٽر جهڙن سوڙهن سامونڊي لنگهن وٽان گذرڻ وقت (جتي تمام گهڻي ٽرئفڪ رهي ٿي) ستل انجنيئرن ۽ نيويگيشن آفيسرن کي به اٿارڻو پيو ٿي جيئن هو ڊيوٽي تي مقرر جهاز هلائيندڙن جا ٻانهن ٻيلي ٿي هنن جي مدد ڪري سگهن. ساڳي حالت ايم وي شالامار ۽ ايم وي سندر بنس جهڙن نون جهازن تي به ڪنهن ڪنهن سفر ۾ رهي ٿي.... ۽ ڪنهن ڪنهن سفر ۾ جيتوڻيڪ ايم وي پسر ۽ ايم وي رنگامَٽي جهڙا پراڻا جهاز هئا پر موسم ۽ جهاز جون انجڻيون اهڙيون ته پر سڪون رهيون ٿي جو ڪراچي کان لنڊن تائين يا چٽگانگ کان ٽوڪيو تائين هڪ ڏينهن به پريشانيءَ ۾ نه گذريو.... جهاز ڄڻ آرسيءَ مٿان ترڪندو ٿي ويو. اهڙن ڏينهن تي جهاز تي سوار ماڻهن جي ڪيفيت مايوسيءَ ۽ پريشانيءَ بدران ۱۸۰ ڊگريون مخالف طرف يعني پُراميد ۽ خوشحال (Elevated) رهي ٿي ۽ الطاف ٻڌائي ٿو ته هن اهڙن ڏينهن مان ڀرپور فائدو وٺي تمام گهڻو لکيو. انهن سامونڊي سفرن جا گهڻي ڀاڱي ڪتاب تن ڏينهن جي مشهور پبلشر فيروز ميمڻ حيدرآباد مان ’نيو فيلڊس پبليڪيشن‘ طرفان ڇپرايا. جن مان ڪجهه هن ريت آهن: وايون وڻجارن جون، سي ٻيڙيون رکين ٻاجهه سين، سمونڊ جي سيوين، بندر ديسان ديس، ڇا جو ديس ڇا جو وديس، جاني ته جهاز ۾، دنيا آهي ڪاڪ محل، سانڀاهو سمونڊ جو، دنگي منجهه درياهه وغيره. الطاف ٻڌائي ٿو ته سندس شروع جي سامونڊي سفرنامن ۾ هن گهڻو ڪري گهمڻ ڦرڻ ۽ موج مزن جون ڳالهيون لکيون جيئن پڙهندڙ اهوئي سمجهي ته سمنڊ جي نوڪريءَ ۾ مزا ئي مزا آهن. ”اهو ان ڪري جيئن اسان جي سنڌ صوبي جا نوجوان جيڪي چوڌاري سمنڊ هجڻ جي باوجود هن فيلڊ ۾ نٿي آيا اهي ڪشش محسوس ڪن ۽ پاڪستان نيوي ۽ مرچنٽ نيوي جهڙن ادارن ۾ اچن“. الطاف جي اها ڪوشش رائگان نه وئي ۽ تمام گهڻا سنڌي جيڪي طبيعتن ڀر واري ڳوٺ ۾ نوڪري ڪرڻ کان به ڪيٻائيندا هئا سي هن زندگي ۾ آيا ۽ اڄ ڪيترا ئي سنڌي جهازن جا ڪئپٽن ۽ انجنيئر آهن. هونءَ حقيقت اها آهي ته اڄ جا جهاز جيتوڻيڪ تمام گهڻو ماڊرن ٿي ويا آهن. انهن تي رهائش جو به هر سک آهي .... اهي ڄڻ ته فائو اسٽار هوٽلون لڳن ٿيون پر سمنڊ جا سور اڄ به ساڳيا آهن. اڄ به سامونڊي ڪُنن ۽ ڇتين ڇولين جي مقابلي ۾ هي آفت جيڏا لوهي جهاز ڇوڏن مثال آهن ۽ ان کي هلائيندڙ سخت سي سڪنيس محسوس ڪن ٿا ۽ ڪڏهن ڪڏهن وچ سمنڊ تي بي يارو مددگار محسوس ڪن ٿا. جهازن جي ٽڪرائڻ ۽ باهين لڳڻ کان علاوه ٻيا به ڪيترا حادثا سامونڊي زندگيءَ ۾ درپيش اچن ٿا جن جو سربستو احوال الطاف سڀ کان پهرين ”موج نه سهي مڪڙي“ ڪتاب ۾ ڏنو آهي. ان کان علاوه سمنڊ جي صعوبتن جا ڪجهه قصا هن پنهنجي سفرنامن: بوتلن جو سفر، هي ٻيٽ هي ڪنارا، وغيره ۾ پڻ ڪيو آهي. الطاف ڪناري جي نوڪري لاءِ ۱۹۷۵ع ڌاري ڪوشش ڪئي. کيس ڪويت بندرگاهه ۾ چيف انجنيئر جهڙي اعليٰ نوڪري ملي وئي ۽ الطاف پنهنجي ڪمپني PNSC مان سال کن جي موڪل وٺي ڪويت پهتو پر بقول هن جي هن کي عرب دنيا ۾ ڪم ڪرڻ ۾ مزو نه آيو. پنهنجي ڪتاب ’ڪويت ڪنارا‘ ۾ لکي ٿو ته: ”جيتوڻيڪ آئون ڏسي رهيو آهيان ته هتي ڪويت ۾ اسان جا ڪيترائي پاڪستاني ننڍين نوڪرين ۾ به خوش آهن پر اهو شايد ان ڪري جو هو پاڪستان کان سڌو هتي آيا آهن پر آئون جڏهن هتي جي گهٽيل ماحول ۽ عربن جي ڄٽپڻي ۽ اجائي احساس برتري کي جپان، انگلنڊ، آمريڪا جهڙن ملڪن جي کليل ماحول۽ اتي موجود انساني حقن سان ڀيٽيان ٿو ته آئون ڪويت ۾ ذهني طرح پاڻ کي آزاد نٿو محسوس ڪريان.“ الطاف ڪويت ۾ اهي ٽي چار مهينا رهڻ دوران پڻ عبرت اخبار ۾ هفتيوار ڪالم لکندو رهيو جيڪي بعد ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جي ورسٽي پبليڪيشن پاران ”ڪويت ڪنارا“ نالي ڪتاب ۾ شامل ڪري ڇپايا ويا. هي ڪتاب الطاف شيخ ڪئڊٽ ڪاليج جي پنهنجي استاد ۽ ائڊجيوٽنٽ ڪئپٽن (هاڻ جنرل جي پوسٽ تان رٽائرڊ ٿيل) عالم جان محسوس کي منسوب ڪيو. الطاف ٽن چئن مهينن جي نوڪري بعد ڪويت کان موٽي اچي وري پنهنجي ڪمپني جا جهاز هلايا ۱۹۷۹ع ڌاري سندس ڪمپنيءَ جپان کي آٽوميٽڪ جهاز ٺاهڻ جو آرڊر ڏنو ۽ الطاف کي ٽوڪيو (جپان) جي IHI (اشيڪاوا جيما هريما هيوي انڊسٽريز) شپ يارڊ ۾ موڪليو ويو جتي ڪمپني جو پهريون آٽوميٽڪ جهاز ”ايم وي مالا ڪنڊ“ نالي ٺهي رهيو هو. جهاز کي ٺهڻ ۾ ٽي چار مهينا لڳي ويا ان بعد ڪراچيءَ مان جهاز کي هلائڻ لاءِ ٻيو اسٽاف گهرايو ويو ۽ الطاف شيخ ان جهاز کي چيف انجنيئر جي حيثيت سان سال کن هلائيندو رهيو. ان جهاز جي ٺهڻ دوران الطاف جپان جي آئوئي شهر (اوساڪا ڀرسان) مان تيرساڪي ڪمپني طرفان آٽوميشن جو ڊپلوما ڪورس به ڪري ورتو جنهن ڪري هن کي هي جهاز هلائڻ ۾ ڪا خاص دقت پيش نه آئي ۽ بعد ۾ ملائيشيا ۽ پاڪستان جي مئرين اڪيڊمين ۾ نوجوان جهاز هلائيندڙن کي ٻين سبجيڪٽن سان گڏ اهو سبجيڪٽ “Automation & Instrumentation” پڻ پڙهائيندو رهيو. الطاف جي هر جهاز جي جپان ۾ گهڻي اچ وڃ ڪري هو ڪم هلائڻ جهڙي جپاني سکي ويو. ان کان علاوه هو شروع کان جپان جي نيول آرڪيٽيڪچر سوسائٽي ۽ جپان جي مئرين انجنيئرس انسٽيٽيوٽ جو ميمبر پڻ رهيو. سو ٽوڪيو جي شپ يارڊ (IHI) ۾ پنهنجي ملڪ جي جهاز ٺهڻ تي نگهباني دوران هن کي ان شپ يارڊ ۾ نوڪري جي آفر ڪئي وئي ۽ الطاف پاڻ به اهو چاهيو ٿي ته ”هاڻ سمنڊ تي ڌڪا کائڻ بدران هڪ هنڌ رهي پئجي جيئن صبح جو اک کلي ته ساڳي موسم هجي جيڪا سمهڻ مهل هئي ۽ ٻار ٿيلها ڳچيءَ ۾ وجھي اسڪول وڃن“. پر هن ٻڌايو ته اهو جاب هڪ ته فل ٽائيم ڪناري جو نه هو. ان ۾ پنج ڇهه مهينا ٽوڪيو ۾ رهڻو پيو ٿي جنهن دوران نئون جهاز ٺهي راس ٿيو ٿي ۽ پوءِ سال جا باقي ست مهينا گئرنٽي انجنيئر جي حيثيت سان جهاز تي رهڻو پيو ٿي. ٻي ڳالهه ته هن اهو چاهيو ٿي ته ڪنهن اهڙي ملڪ ۾ رهجي جتي اسلامي طريقي جو (حلال) کاڌو ملي ۽ ٻارن کي اسلامي ماحول ملي سگهي. بهرحال سندس ڪمپني جو جهاز ”مالا ڪنڊ“ جيئن ئي تيار ٿيو ته ان تي هن چيف انجنيئر جي حيثيت سان سال کن Sail ڪيو جنهن ۾ هن کي اهو جهاز ايشيا ۽ يورپ جي ملڪن ۾ وٺي وڃڻو پيو. هيءَ ۱۹۸۰ع جي ڳالهه آهي. هي جهاز جيتوڻيڪ ڏهه پندرهن سالن جي مدي لاءِ ٺاهيو ويو هو پر بهتر رکواليءَ ڪري پاڪستان جا انجنيئر هن کي ۲۵ سال کن هلائيندا رهيا. ان بعد هن جهاز کي اسڪريپ لاءِ ڪراچي آندو ويو. بلوچستان جو سامونڊي علائقو گڊاني جهازن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ان مان لوهه، پتل، ٽامي ۽ ڪاٺ جو سامان الڳ ڪرڻ کان مشهور آهي. اتفاق اهڙو جو جنهن ڏينهن هي جهاز جيڪو الطاف شيخ جي نظر اڳيان Keel (هيٺاهين ۽ پهرين لوهي تختي) کان وٺي سڄو مڪمل تيار ٿيو ۽ پوءِ ان کي هلايو.... ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ لاءِ ڪراچي بندرگاهه کان گڊاني ڏي وڃي رهيو هو. الطاف جي KPT پل وٽان ڪار هلائيندي ان تي نظر پيئي ۽ ان نظاري تي هن بيحد Touchyمضمون ”وري يادين ورايو اسان کي“ انگريزي ۽ سنڌي اخبار ۾ لکيو جيڪو بعد ۾ سندس ڪتاب ”ڏيهه پرڏيهه جو سفر“ ۾ پڻ ڏنو ويو جيڪو ڪتاب ناز سنائيءَ ”سنڌي ساهت گهر“ طرفان حيدرآباد مان ڇپرايو آهي. الطاف شيخ هونءَ ته جپان بابت احوال پنهنجن ڪيترن ئي سامونڊي سفرنامن ۾ لکندو رهيو پر هن ڀيري ٽوڪيو جي شپ يارڊ ۾ ڊگهو عرصو رهڻ ڪري هن هڪ سڄو ڪتاب ”جپان جن جي جيءَ سان“ نالي جپان بابت لکيو. ان کان علاوه جپاني گيشسا سان هڪ آمريڪن انجنيئر جي عشق جو ناول پڻ ترجمو ڪيو جيڪو بيحد پسند آيو ۽ ان ترجمي جا ڪيترائي ايڊيشن”ٽوڪيو جي گيشا گرل“ ۽ ”مس سدا بهار چنبيلي“ نالن سان ڇپجي چڪا آهن. ان کان علاوه جپاني ادب سان واسطو رکندڙ جپاني افسانن ۽ جپاني ڳالهين جا الطاف جا ٻه ڪتاب: ”جپان رس“ ۽ ”ڳالهيون تنهن جپان جون“ نيو فيلڊ پبليڪيشن ۽ ”نئين روشني“ پبليڪيشن وارن ڇپيا. ان بعد الطاف هڪ ڊگهي عرصي لاءِ جپان نه وڃي سگهيو. هو ملائيشيا ۽ سنگاپور پاسي پڙهائيندو رهيو يا پاڪستان جي مئرين اڪيڊمي يا سئيڊن ۽ ناروي پاسي رهيو. ان بعد الطاف جو هڪ دفعو وري جپان وڃڻ ٿيو جنهن سفر جو احوال هن پنهنجي ڪتاب ”جپان ۲۵ سالن بعد“ ۾ لکيو آهي. الطاف جي وڏي ڌيءَ مريم گذريل ۲۰ ويهن سالن کان اتي رهي ٿي ان ڪري هن جو اڄ تائين هن سان ۽ پنهنجن ڏوهٽن سان ملڻ لاءِ جپان وڃڻ هڪ طرف ٿيندو رهي ٿو ته ٻي طرف هو وزيٽنگ پروفيسر جي حيثيت ۾ مئرين انجنيئرنگ ۽ نيول آرڪيٽيڪچر تي ليڪچر ڏيڻ لاءِ پڻ ويندو رهي ٿو. انهن سفرن دوران هن ٽي کن ٻيا به جپان تي سفرناما لکيا آهن: ”ڪراچي کان ڪوڪورا“، ”گيشائون ڪي ديس مين“ ۽ ”جپان ڪي دن“. جيڪي ’روشني پبليڪيشن‘ حيدرآباد مان، ’ويلڪم بڪ مارٽ‘ ڪراچيءَ مان ۽ ’جهانگير بڪ ڊپو‘ وارن لاهور مان ڇپايا آهن. مالاڪنڊ جهاز تي سفر دوران هانگ ڪانگ مان نڪرندڙ آمريڪي رسالي ۾ الطاف کي ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾ مئرين اڪيڊمي کلڻ جي خبر پيئي جنهن لاءِ مرچنٽ نيوي جي جهازن جي چيف انجنيئرن ۽ ڪئپٽنن جي ضرورت هئي جيڪي ملائيشيا جي نوجوان ڪئڊٽن کي پڙهائين. انهن ئي ڏينهن ۾ ايران وارن به پنهنجي بندرگاهه ”ڇابهار“ ۾ اهڙي اڪيڊمي کولي. الطاف کي ڪناري جي نوڪريءَ جي ضرورت هئي ۽ هن ٽيچنگ جاب شروع کان پسند ڪيو ٿي. هن ٻنهي هنڌن تي apply ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن مان کيس نوڪري جو آفر ليٽر مليو. الطاف ملائيشيا وڃڻ کي ترجيح ڏني جو هو پاڻ ۽ سندس ٻار ملائيشيا جي بندرگاهن ۾ بار بار اچي ملئي زبان کان واقف ٿي ويا هئا. ان کان علاوه انڊونيشيا، برونائي ۽ فلپين ۽ ٿائلنڊ جي ڏکڻ وارن بندرگاهن ۾ به ملئي ٻولي هلي ٿي جتي پڻ هنن جي جهازن جو وڃڻ ٿيندو رهيو ٿي. ان ڪري هن کي ملائيشيا رهڻ وڌيڪ آسان لڳو. اتفاق اهڙو جو سڄي سامونڊي زندگي ۾ هن جي جهاز جو ڪڏهن به پاڙي واري ملڪ ايران جي ڪنهن به بندرگاهه ۾ وڃڻ نه ٿيو ۽ نه ڪڏهن اسڪول يا ڪاليج ۾ هن فارسي زبان پڙهي هئي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ملئي زبان ۾نه برابر لٽريچر آهي ۽ الطاف کي ملائيشيا ۾ رهڻ دوران ان جي کوٽ ضرور محسوس ٿي.... ۽ گهڻو گهڻو پوءِ، رٽائرڊ ٿيڻ بعد هو جڏهن هوائي جهاز رستي پهريون دفعو ايران گهمڻ ويو ته فارسي زبان ۾ بيحد گهڻو ادب ۽ شعر و شاعري ڏسي ۽ اهو پڻ معلوم ڪري ته فارسي زبان ته ڪا اهڙي ڏکي ناهي جو اسان جي سنڌي توڙي اڙدو جا اڌ کان وڌيڪَ لفظ فارسي جا آهن، هن کي افسوس ٿيو ته ملائيشيا بدران ايران ۾ نوڪري ڪريان ها ۽ ملئي بدران فارسي سکجي ها. ان ڳالهه جو اظهار هن پنهنجي سفرنامي ”ايران ڏي اڏام“ ۾ ڪيو آهي جيڪو اردوءَ ۾ پڻ ڇپيو آهي. هتي اهو به لکندو هلان ته ملائيشيا وارن طرفان الطاف جي چونڊ جيتوڻيڪ ۱۹۸۱ع ۾ ٿي وئي پر بقول الطاف جي هن کي ملائيشيا گهرائيندي گهرائيندي ڏيڍ سال کن لڳي ويو. ان سلسلي ۾ الطاف ٻڌائي ٿو ته: ”ملئي ماڻهو ان معاملي ۾ شروع کان بيحد سست ثابت ٿيا آهن ۽ اڄ جيتوڻيڪ ملائيشيا ٻي ترقيءَ ۾ يورپ ۽ آمريڪا جو مقابلو ٿو ڪري پر ڪنهن به ڳالهه ۾ فيصلو ڪرڻ ۽ ان کي پلاننگ موجب تڪڙو مڪمل ڪرڻ ۾ اڄ به هنن جي اها ئي سست چال آهي. يورپ يا جپان جهڙن ملڪن ۾ توهان نوڪري لاءِ درخواست موڪليندائو ته يڪدم ها يا نه (Regrets) ۾ جواب اچي ويندو پر ملائيشيا جي سرڪاري توڙي ڪنهن خانگي اداري کي خط لکندائو ته توهان کي موٽ ۾ هو اها به ورندي نه ڏيندا ته توهان جو خط مليل آهي اسان ان تي غور ڪري رهيا آهيون. جيڪڏهن هنن کي ڪنهن اداري ۾ ڊاڪٽر يا انجنيئر رکڻ جي ضرورت هوندي آهي ته به ڪو وقت خاموش ويٺا هوندا ۽ پوءِ جڏهن نوڪري جي پڪ (Confirmation) جو خط لکندا ته سگهوئي ٽڪيٽ موڪلي گهرائڻ بدران وري ڊگهي ڪوما ۾ هليا ويندا.... اها ٻي ڳالهه آهي ته ملائيشيا ۾ نوڪري شروع ڪرڻ بعد هنن کي ڪنهن کي نوڪريءَ مان ڪڍڻ ۾ به وقت ٿو لڳي. بهرحال وقت سان گڏ حالتون بدلجي رهيون آهن. ترقي ۽ پئسو اچڻ ڪري ملائيشيا جو ڪلچر ۽ ماڻهپو به بدلجي پهرين کان بهتر ئي رهيو آهي. ۽ ساڳي وقت هنن ۾ مغروري ۽ ملڪ ۾ بد اخلاقي ۽ بد امني وڌي رهي آهي“. ملائيشيا وڃڻ کان اڳ الطاف پنهنجي جهازران ڪمپني PNSC طرفان کوليل ”PNSC مئرين ڪاليج“ ۾ پڙهايو ۽ ان ڪاليج جو پرنسپال پڻ ٿي رهيو. جهازن جي نوڪريءَ لاءِ ٻن قسمن جي تعليم ۽ ٽريننگ ٿئي ٿي هڪ Pre-Sea جيڪا ”مئرين اڪيڊمين“ ۾ انٽر بعد ملڪ جا چونڊيل نوجوان ڪئڊٽ حاصل ڪن ٿا ۽ ٻي Post Sea ٿئي ٿي جنهن لاءِ جهاز جا آفيسر جهازن تي سامونڊي نوڪري جو مدو پورو ڪري (اهو مدو گهڻو ڪري ۲۱ مهينا سمنڊ جا ٿين) امتحان ڏيڻ کان اڳ مختلف ڪورس ڪن ٿا جن لاءِ اسان جي ملڪ جا جهازي آفيسر هن ڪاليج کلڻ کان اڳ انگلنڊ يا ٻين ملڪن ۾ ويا ٿي پر هاڻ اهي ڪورس ۽ سبجيڪٽ هن ڪاليج ۾ پڙهائڻ جو بندوبست ڪيو ويو هو. الطاف ٻڌائي ٿو ته: ”آئون هن ڪاليج ۾ پڙهائڻ دوران بيحد خوش هوس. ٻارن کي به ڪراچي جي DHA ماڊل اسڪول ۽ بعد ۾ ڪلفٽن واري سينٽ پيٽر اسڪول ۾ داخلا وٺرائي ڏني هيم ۽ ملائيشيا وڃڻ جي ڳالهه ڪڏهوڪو وسري وئي هئي ته اتي هڪ ڏينهن.... اٽڪل سال سوا بعد ملائيشيا مان خط آيو ته ٽڪيٽ موڪلي رهيا آهيون توهان ايندڙ هفتي ئي هليا اچو. مون سان گڏ منهنجي هڪ ٻئي ڪلاس ميٽ دوست مرحوم آصف غيور به اتي جي نوڪري لاءِ apply ڪيو هو جيڪو حاجين جي مشهور جهاز سفينه حجاج جو به چيف انجنيئر رهي چڪو هو. هن به ملائيشيا وڃڻ جي ڳالهه وساري سامونڊي زندگي ڇڏي ڪراچي جي مئرين اڪيڊمي (جتي Pre Sea ٽريننگ ٿي ٿي) ۾ پڙهائڻ شروع ڪري ڇڏيو هو ۽ هو به خوش هو ۽ ڪراچي جي زندگي سان Adjust ٿي چڪو هو. سو ظاهر آهي ملائيشيا پهچڻ جي خط هن کي به منجھائي رکيو. اسان ٻئي ڄڻا ان بابت سوچيندا رهياسين ته هاڻ وري ٻارن کي اسڪولن مان ڪڍرائي، لڏو پٽي ڌارئين ملڪ ۾ ڇا هلي ڪجي..... منهنجي دل سست ٿي رهي هئي پر آصف غيور چيو ته ”جي نه هلبو ته ملائيشيا وارا چوندا ته هي پاڪستاني ڪي وڏا ذليل آهن _ دوکو ڏئي ويا .... هنن کان پنهنجون ڪوتاهيون وسري وينديون، سڄو ڏوهه اسان تي ٿاڦيندا.“ آصف جي ڳالهه سمجهه ۾ ضرور آئي پر تنهن هوندي به مون پنهنجي ڪمپني PNSC جي انتظاميه سان صلاح مشورو ڪيو تن اهو سوچي اسان کي ملائيشيا وڃڻ لاءِ همٿايو ته اسان جي وڃڻ ڪري ٻين پاڪستانين لاءِ به راهون کلي وينديون.... ۽ واقعي اڳتي هلي ائين ئي ٿيو.... نه رڳو ملائيشيا جي تعليمي اداري’مئريٽائيم اڪيڊمي‘ ۾ پر سندن جهازران ڪمپني MISC ۾ به اسان جا ڪيترائي جهازي آفيسر اچڻ شروع ٿي ويا.“ بهرحال ملائيشيا ۾ نو سال کن رهڻ دوران الطاف نه رڳو ملائيشيا تي چار پنج ڪتاب (مڪلي کان ملاڪا، ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه، جت جر وهي ٿو جال، ڳالهيون آهن ڳچ..... وغيره) لکيا پر ڀر وارن ملڪن: سنگاپور ۽ ٿائلنڊ باءِ روڊ ڪيل سفرن تي پڻ ڪجهه ڪتاب (سنگاپور ويندي ويندي، سنگاپور ٿو سڏ ڪري، آل ابائوٽ سنگاپور ۽ اي جرني ٽو ٿائلنڊ) سفرناما لکيا. پاڪستان جي سنڌي اخبارن سان گڏ هو ملائيشيا جي انگريزي اخبار ”نيو اسٽرئٽ ٽائيمس“ ۾ به ڪالم لکڻ لڳو ۽ سندس انهن خدمتن ڪري ۱۹۸۹ع ۾ ملائيشيا جي حڪومت کيس PJK (پنگت جاسا ڪَ بَڪتيئان) ايوارڊ ڏنو. الطاف شيخ ملائيشيا تي مٿيان ڪتاب لکيا پر جيئن ته هن جو اڄ ڏينهن تائين وزٽنگ پروفيسر جي حيثيت ۾ ملائيشيا اچڻ وڃڻ لڳو رهي ٿو سو هن ملائيشيا تي بعد ۾ ڪجهه ٻيا به ڪتاب لکيا آهن جيئن: ”اوهريا جي عميق ڏي“، ”ملائيشيا منهنجي من ۾“، ”ملائيشيا ۱۲ سالن بعد“، ”جت جر وهي ٿو جال“، ”هليو آ هليو آ ملائيشيا“، ”مونکي موهيو ملائيشيا“ ۽ اڙدوءَ ۾ ”ملائيشيا ڪي دن“ وغيرهه. الطاف ملائيشيا جيڪو وقت رهيو اهو هو پنهنجي جهازران ڪمپني کان اجازت وٺي Lien تي ئي رهيو. ان ڪري ۱۹۹۱ع ۾ هن کي واپس ڪراچي آفيس ۾ رپورٽ ڪرڻي پئي جتي هن کي جهازن جي مشينري مسئلن کي منهن ڏين لاءِ پهرين ڊپٽي مئنيجر ان بعد مئنيجر جي پوسٽ تي رکيو ويو. ان دوران جهازن جي ٻين ڪئپٽنن ۽ چيف انجنيئرن وانگر الطاف شيخ کي بهM.Sc ڪرڻ لاءِ جهازين لاءِ يونائيٽيڊ نئشنز طرفان ٺهيل خاص يونيورسٽي ”ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي“ موڪليو ويو.هيءَ يونيورسٽي UN جي سمنڊ سان واسطو رکندڙ برانچ IMO (انٽرنيشنل ميريٽائيم آرگنائيزيشن) طرفان مالمو سئيڊن ۾ ٺاهي وئي آهي. الطاف جڏهن جهازن تي هو ته ان وقت به هن جا جهاز نه فقط سئيڊن جي هن ڏاکڻي بندرگاهه مالمو توڙي گادي واري شهر اسٽاڪهوم ۾ ايندا رهيا ٿي پر ڀر وارن ملڪن ناروي، ڊئنمارڪ ۽ فنلئنڊ جي بندرگاهن ۾ به ايندا رهيا ٿي. ۽ هاڻ سئيڊن جي يونيورسٽي طرفان هن کي فيلڊ ورڪ لاءِ انهن ساڳين بندرگاهن ۾ باءِ روڊ يا باءِ ايئر وڃڻو پيو ٿي. الطاف انهن ڏينهن جا قصا بيحد مزاحيه انداز ۾ لکيا آهن جيڪي سندس هنن سفرنامن ۾ ڇپيل آهن: 1. اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا. 2. ملير کان مالمو 3. يورپ جا ڏينهن، يورپ جون راتيون 4. جت برف پوي ٿي جام. 5. ڪراچيءَ کان ڪوپن هيگن ڊسمبر ۱۹۹۳ع ۾ مالمو (سئيڊن) مان موٽڻ بعد، الطاف کي سندس ڪمپني PNSC وري درس تدريس جي ڪم تي رکيو. پاڻ به اهوئي چاهيائين ٿي جو بقول هن جي ٽيچنگ جاب ۾ کيس لکڻ پڙهڻ جو شوق پورو ڪرڻ لاءِ ڪافي وقت ملي ويو ٿي. ساڳي وقت پاڪستان جي مئرين اڪيڊمي ۾ پڙهائڻ لاءِ جهازن جي ڪئپٽنن ۽ چيف انجنيئرن جي ضرورت هئي جيڪا کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ وقت بوقت قومي جهازران ڪمپني PNSC پنهنجا آفيسر موڪليا ٿي. الطاف کي ٽيچنگ جو پراڻو تجربو هجڻ ڪري کيس اتي جي مئرين انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جو هيڊ مقرر ڪيو ويو. الطاف شيخ مئرين اڪيڊمي ڪراچي جي هن نوڪري دوران ٽن مهينن جي موڪل تي ۱۹۹۵ع ۾ پنهنجي عرب دوست ۽ سئيڊن يونيورسٽي جي ڪلاس ميٽ حسن الحاربي وٽ سندس ڳوٺ ينبوع ۾ پڻ وڃي رهيو. ينبوع سعودي عرب جو آڳاٽو بندرگاهه آهي .... بلڪه گذريل صديءَ جي شروع وارن سالن تائين جڏهن اڃان جدو صحيح طرح ماڊرن بندرگاهه نه ٿيو هو ته انڊيا جي سورت ۽ ڪلڪتي بندرگاهن کان اسان جي ننڍي کنڊ جا توڙي آفريڪا ۽ ايشيا جي ٻين ملڪن جا حاجي پاڻي جي جهازن ذريعي ينبو بندرگاهه ۾ ايندا هئا جتان مدينو ايترو سڏ پنڌ تي آهي جيترو هاڻ مڪو شريف جدي بندرگاهه کان. الطاف جي هن عرب دوست کي سئيڊن ۾ گڏ تعليم حاصل ڪرڻ دوران پنهنجي شهر ينبوع ۾ پائيپن جي فئڪٽري لڳرائڻ جو شوق هو. جنهن سلسلي ۾ هن جي ان وقت کان الطاف معرفت جرمني وارن سان ڳالهه ٻولهه جاري هئي. اها هاڻ جرمني کان سعودي عرب پهچي وئي هئي ۽ جيئن ته پاڻ انجنيئر نه پر فائننس جو ماڻهو هو سو ان ڪم ۾ مدد حاصل ڪرڻ لاءِ هن پنهنجي دوست الطاف کي پاڻ وٽ گهرايو. فئڪٽري لڳڻ بعد هن الطاف کي ينبوع ۾ پاڻ وٽ نوڪري ڪرڻ لاءِ ڏاڍو چيو پر الطاف هڪ ته پنهنجي ڪمپني PNSC نٿي ڇڏي ۽ ٻيو ته بقول سندس اتان لکيل اخباري ڪالمن موجب هن کي عربن سان ڪم ڪرڻ تي دل نٿي چاهيو جيتوڻيڪ سندس عرب دوست حسن سندس ايڏو خيال ڪيو جو هن کي پنهنجي گهر ۾ فئملي سان گڏ رهايو هئائين ۽ پگهار به دل وٽان ڏيڻ چاهيس ٿي. ان بابت الطاف جو اهو ئي چوڻ آهي ته جنهن کلئي دماغ ۽ آزادي سان ماڻهو جپان، انگلند، سئيڊن ۽ ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ نوڪري يا ڌنڌو ڪري سگهي ٿو اهو عرب ملڪن ۾ هرگز نه. مجبوري جي ٻي ڳالهه آهي نه ته عرب ملڪن ۾ فقط عبادت لاءِ وڃجي. الطاف شيخ ينبوع جي هن ٽن مهينن جي رهائش دوران جيڪي سنڌ جي اخبارن ۽ رسالن ڏي ڪالم موڪليا اهي فيروز ميمڻ صاحب پنهنجي اداري ”نيو فيلڊس پبليڪيشن“ طرفان ”اي روڊ ٽو مدينا“ نالي ڪتاب ۾ ڏنا آهن. پاڪستان مئرين اڪيڊمي ۾ نوڪري دوران سن ۲۰۰۰ع ۾ الطاف کي حج ڪرڻ جي سعادت پڻ نصيب ٿي جنهن جو احوال هن ”ڀلي پار تان ڀيرو“ نالي سفرنامي ۾ ڏنو جيڪو ڪتاب ’روشني پبليڪيشن‘ جي علي نواز گهانگهري ۽ بعد ۾ امير ابڙو صاحب ’انڊس پبليڪيشن‘ طرفان ڇپرايو. سال ۲۰۰۴ع ۾ الطاف صاحب سٺ سالن جي ڄمار تي پهچڻ تي PNSC کان جنرل مئنيجر جي پوسٽ تان رٽائرمينٽ حاصل ڪئي. ياد رهي ته هو PNSC طرفان ڊپوٽيشن تي پاڪستان مئرين اڪيڊمي ۾ هيڊ آف مئرين انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جي حيثيت ۾ ڪم ڪري رهيو هو. رٽائرمينٽ کان اڄ تائين ڪڏهن ڪڏهن الطاف شيخ پنهنجي ملڪ ۾ يا ملائيشيا، انڊيا ۽ سنگاپور ۾ وزٽنگ پروفيسر جي حيثيت ۾ ويندو رهي ٿو. ليڪچر ڏيڻ کان علاوه هو هڪ دفعي انڊيا پنهنجي ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي اوڏ دوستن جي پٽن جي شادين تي دهلي، آگري، احمد آباد ۽ بڙودا وغيره ۾ اٽڪل ٻه مهينا کن رهيو. ان بعد هو ساڌو واسواڻي جي اداري SVM طرفان پوني ۽ ممبئي يونيورسٽي طرفان ممبئيءَ ۾ هفتو هفتو رهي آيو. انڊيا جي انهن مختلف سفرنامن تي هن جا چار ڪتاب: ”دهليءَ جو درشن“، ”هلي ڏسجي هندستان“، ”بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾“ ۽ ”بنارس کان برمودا“ ڇپجي چڪا آهن. رٽائرڊ ٿيڻ بعد ۲۰۰۵ع ۾ الطاف ڪجهه مهينن لاءِ آمريڪا ۾ پڻ رهيو. هو انهن ساڳين بندرگاهن ۾ ريل ۽ ڪار رستي هليو ويو جتي اڄ کان ۴۵ سال کن اڳ ۱۹۶۸ع کان ۱۹۷۳ع تائين هو پاڻيءَ جي جهازن کي وٺي ويندو هو. ان سفر جو احوال الطاف شيخ ”نيو هالا کان نيويارڪ“ ۽ ”بخشو لغاري کان بالٽيمور“ ڪتابن ۾ لکيو آهي. ان سفر جي باقي حصي جو احوال ”آمريڪا ڙي آمريڪا“ ڪتاب ۾ مڪمل ڪري رهيو آهي. الطاف جو سامونڊي ۽ ڪناري جي نوڪري دوران ڏور اوڀر جي ملڪن مان سڀ کان گهڻو رهڻ يا اچڻ وڃڻ جپان، ملائيشيا ۽ چين ۾ ٿيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته الطاف هانگ ڪانگ بابت گهڻو ئي لکيو آهي، بلڪ هڪ ڪتاب ”وايون وڻجارن جون“ ته سڄو هانگ ڪانگ ۽ سندس ٻئي پاسي ڪولون بابت آهي پر انهن ڏينهن ۾ هانگ ڪانگ ملڪ برطانيه جي حڪومت هيٺ هو. الطاف چين جي سفر تي ايترو گهڻو نه لکيو آهي جيترو جپان ۽ ملائيشيا تي پر هن انهن ٽنهي ملڪن جي ٻولين: جپاني، ملئي ۽ چيني جي پهاڪن جا ٻه ڪتاب: هڪ انگريزيءَ ۾ “Proverbs of Far East” نالي ۽ ٻيو سنڌي ۾ ”رٺي آهي گھوٽ سان“ لکيو آهي. الطاف ٻڌائي ٿو ته هن کي ننڍي هوندي کان پهاڪن پڙهڻ جو شوق هو. هن پهاڪن جو پهريون ڪتاب ”گل شڪر“ پنهنجي والد جي لئبرري مان کڻي تڏهن پڙهيو جڏهن هو پرائمري اسڪول جي چوٿين ڪلاس ۾ هو. الطاف ٻڌائي ٿو ته هن جو اڙدو ۾ لکڻ به هڪ حادثو هو. اڄ کان ۱۵ سال کن اڳ سن ۲۰۰۰ع ڌاري سندس هڪ سنڌي اخبار جو ڪالم ڪنهن ترجمو ڪري انهن ڏينهن ۾ نئين شايع ٿيندڙ روزنامه اڙدو اخبار ’امت‘ ۾ ڏنو جنهن کي بيحد ساراهيو ويو ۽ الطاف کي ان ئي ڏينهن سندس هيڊ آفيس PNSC مان ڪيترن ئي دوستن جا فون اچي ويا. هي اهي دوست هئا جن کي سنڌي پڙهڻ نٿي آئي ۽ هو هميشه الطاف کان پڇندا رهيا ٿي ته هو ڪهڙي موضوع ۽ مواد بابت سنڌيءَ ۾ ڪالم لکي ٿو. الطاف ان بابت چيو ته: ”اڙدو اخبار ۾ مضمون ڇپجڻ تي مونکي ڏاڍي خوشي ٿي. اخبار وارن منهنجي ڪالم کي ايڊيٽوريل صفحي تي بيحد نمايان نموني سان ڏنو هو.... پر مونکي ائين لڳو ڄڻ مون جيڪي ڳالهيون هن ڪالم ۾ لکيون آهن اهي سڀ اڙدو ۾ ان ڀرپور انداز ۾ ترجمو نه ٿيون هجن. ائين محسوس ٿيو ڄڻ ترجمي واري کي سمنڊ ۽ جهازراني جي معلومات نه هجڻ ڪري هو منهنجيون ڪجهه ڳالهيون صحيح طرح سمجھائي نه سگهيو آهي. بهرحال مون ان اخبار جي ايڊيٽر رفيق افغان صاحب کي فون ڪيو ته مونکي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي جو منهنجو ڪالم اڙدو اخبار ۾ ڇپيو آهي ۽ اڙدو اخبار جي گهڻي ريڊرشپ هجڻ ڪري مونکي اڄوڪي ڏينهن ۾ ئي ڪيترا فون آيا آهن پر..... ”پر ڇا؟ چئو پليز“ رفيق افغان چيو. ” ... اهوئي ته ترجمي واري ڪجهه ڳالهيون رهائي ڇڏيون آهن“ ”ته پوءِ ڏسو نه مسٽر الطاف! توهان پاڻ سنئون سڌو کڻي اڙدو ۾ لکو“ ”پر آئون ته سنڌي جو اديب آهيان“ مون چيو. ”ڏسو سائين اديب اديب آهي پوءِ هو ڀلي کڻي ڪهڙي ٻوليءَ ۾ به لکي“ ”پر آئون اڙدو ۾ ڪمزور آهيان جو ڪاليج ۽ اسڪول ۾ فقط سنڌي ۽ انگريزي پڙهيو آهيان.“ الطاف ٻڌائي ٿو ته ان تي رفيق افغان هن جي همٿ افزائي ڪندي چيو ته هو جيئن ڳالهائي رهيو آهي ائين ڪالم لکي موڪلي درستگيون هو ڪرائيندو. ۽ پوءِ اهڙي طرح الطاف شيخ اڙدو ۾ لکڻ شروع ڪيو ته اڄ ڏينهن تائين لکندو اچي ۽ هن جا ڪالم ۽ مضمون نه فقط امت اخبار ۾ پر اڙدو ڊائجسٽ، سرگزشت ڊائجسٽ، اخبار جهان، پاڪستان پوسٽ، دستڪ ۽ ٻين رسالن ۽ اخبارن ۾ به ايندا رهن ٿا. اڄ به الطاف کِلي چوندو آهي ته ”مونکي سنڌيءَ جو اديب آفريڪا کنڊ جي ڊگهن سامونڊي سفرن ڪيو ۽ اڙدو جو اديب ’اُمت‘ اخبار جي ايڊيٽر رفيق افغان ڪيو“. الطاف جا هيستائين ڪيترا ئي اڙدو ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن، جهڙوڪ: سمندر ڪي دن، يورپ ڪي دن، ملائيشيا ڪي دن، ايران ڪي دن، ڪراچي سي ڪوپن هيگن، گيشائون ڪي ديس مين ۽ هاڻ تازو ڪتاب ’مين چلا ممباسا‘، ’جهاز چلاني ڪي دن‘، ’جپان ڪي دن‘ ۽ ’چلو چلين هندوستان‘ وغيرهه ڪراچي جي ويلڪم بڪ پورٽ طرفان ڇپجي چڪا آهن ۽ ٽي ٻيا اڙدو ۾ ۽ چار سنڌيءَ ۾ ڇپجي رهيا آهن. اُنهن مان هڪ ’برونائيءَ کان برازيل‘ خيرپور جي پوپٽ پبليڪيشن طرفان جلد اچڻ وارو آهي. سنڌي ڪتابن جي تعداد ۾ مرزا قليچ بيگ جا کڻي گهڻا ڪتاب آهن پر بقول امر جليل جي صفحن جو تعداد ٿو ڏسجي ته الطاف شيخ سڀني کان گهڻو، بلڪ تمام گهڻو لکيو آهي. الطاف شيخ اڄڪلهه سال جو وڏو حصو ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ گذاري ٿو. هو هر وقت واندڪائيءَ جي ڳولا ۾ رهي ٿو جيئن گهڻي کان گهڻو لکي سگهي. لکڻ کان علاوهه هن جو خاص شغل تعليمي ادارن ۾ ليڪچر ڏيڻ آهي. الطاف شيخ جي هڪ ٻي خوبي آهي فوٽوگرافي هو جتي به ويندو، جنهن سان به ملندو ته سڀ کان اڳ تصوير ڪڍندو ۽ پاڻ به بيهي تصوير ڪڍرائيندو. فيسبوڪ، سوشل ميڊيا ۽ انٽرنيٽ تي سندس گڏ ڪيل هزارين تصويرون مختلف البمس جي صورت ۾ محفوظ آهن، جنهن تائين هر ڪنهن کي آسان رسائي به حاصل آهي. الطاف شيخ جا ڇپيل ڪتاب 1. اناميڪا 2. منهنجو ساگر، منهنجو ساحل 3. پيار جي گُهٽَ 4. وايون وڻجارن جون 5. سي ٻيڙيون رکين ٻاجهه سين 6. دنيا آهي ڪاڪ محل 7. سمونڊ جن ساڻيهه 8. بندر بازاريون 9. سمونڊ جي سيوين 10. سي جوڀن ڏينهن 11. بندر ديسان ديس 12. خبرون کيڙائن جون 13. ڪويت ڪنارا 14. ڇا جو ديس ڇا جو وديس 15. جاني ته جهاز ۾ 16. جپان جن جي جيءَ ۾ 17. ڳالهيون تنهن جپان جون 18. خدا ڏي خط 19. جپان رس 20. سانڀاهو سمونڊ جو 21. موج نه سهي مَڪڙي 22. الطاف شيخ جي نوٽ بڪ تان 23. بهترين سفرناما 24. لنڊن تائين لفٽ 25. ٻارن جون آکاڻيون 26. ٽوڪيو جي گيشا گرل 27. مڪليءَ کان ملاڪا تائين 28. سنگاپور ويندي ويندي 29. ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه 30. ماستر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ 31. دُنگيءَ منجهه درياهه 32. ڏاهي جهرڪي 33. جت جر وهي ٿو جال 34. يادن جي انڊلٺ 35. ڳالهيون آهن ڳچ 36. اي جرني ٽو ٿائلينڊ 37. Proverbs Of Far East 38. اوهريا جي عميق ڏي 39. اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا 40. ملير کان مالمو 41. جت برف پئي ٿي جام 42. ڪراچيءَ کان ڪوپن هيگن 43. ارائونڊ دي ورلڊ 44. رٺي آهي گهوٽ سان 45. يورپ جا ڏينهن راتيون 46. اي روڊ ٽو مدينا 47. هيلسنڪي جي حسينا 48. سنگاپور ٿو سڏ ڪري 49. آل ابائوٽ سنگاپور 50. ملائيشيا منهنجي من ۾ 51. ڀلي ڀار تان ڀيرو 52. هي ٻيٽ هي ڪنارا 53. بوتلن جو سفر 54. سوزيءَ سان پيار 55. جل پريون 56. ملائيشيا ۱۲ سالن بعد 57. تيستائين گڊ باءِ 58. جپان پنجويهه ورهين بعد 59. ڪراچيءَ کان ڪوڪورا 60. دهليءَ جو درشن 61. نيو هالا کان نيويارڪ 62. بخشو لغاريءَ کان بالٽيمور 63. ايران ڏي اُڏام 64. چنڊ چوانءِ سچ 65. هلي ڏسجي هندستان 66. پکي اُڏاڻا پنهنجي ديس 67. ممباسا، شيدي بادشاهه همباشا 68. ڏيهه پرڏيهه جو سفر 69. بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾ 70. هليو آ، هليو آ، ملائيشيا 71. مونکي موهيو ملائيشيا 72. آمريڪا ڙي آمريڪا 73. وسي وڏ ڦڙو 74. نه سي سڙه سُکان 75. بنارس کان برمودا اردو میں 76. سمندر کے دن 77. ملائیشیا کے دن 78. یورپ کے دن 79. کراچی سے کوپن ہیگن 80. ایران کے دن 81. گيشائون کے ديس مين 82. جہاز چلانے کے دن 83. جپان کے دن 84. کنارے کے دن 85. میں چلا ممباسا 86. چلو چلیں ہندوستان الطاف شيخ جا ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي مٿي ڏنل لنڪ تان ڊائونلوڊ ڪرڻ سان گڏ آنلائين به پڙهي سگهجن ٿا. نوٽ : هي مضمون الطاف شيخ جي ڪالمن، ڪتابن، انٽرويوز ۽ ذاتي طور ساڻس ڪيل ڪيترين ئي ڪچهرين ۾ ڪيل سوالن جوابن ذريعي جوڙيو ويو آهي. الطاف شيخ سنڌ جو سيلاني (جنم ڏينهن تي ڀيٽا) محمد سليمان وساڻ جڏهن به ڪنهن سفرنامي جو ذڪر نڪرندو آهي ته مونکي الطاف شيخ ياد اچي ويندو آهي. سفرنامي جي صنف جي حوالي سان مشهور ليکڪ، سنڌي اسڪالر، مئرين انجنيئر ۽ استاد (پروفيسر) الطاف شيخ ۱۴ نومبر ۱۹۴۴ ۾ هالا ۾ ڄائو. سندس پورو نالو الطاف احمد شيخ ولد گل محمد شيخ آهي. انٽر ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان ۱۹۶۳ ۾ ڪرڻ کانپوء مئرين انجينئرنگ جي ڊگري چٽگانگ (هاڻي بنگلاديش، ان وقت اوڀر پاڪستان) مان حاسل ڪيائين. ايم ايس سي ان ميرين سيفٽي ايڊمنسٽريشن وري ورلڊ ميريٽائم يونيورسٽي مان ڪيائين. مڪينيڪل انجينئير امتحان انسٽيٽيوٽ آف انجنئير لنڊن، بي اي ايل ايل بي يونيورسٽي آف سنڌ، ڊپلوما ڊجيٽل ڪمپيوٽر ٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ آف ميرن انجنيئرس لنڊن اينڊ انسٽيٽيوٽ آف نيول ارڪيٽيڪٽ انگلينڊ مان ڪيائين. ان کانسواءِ دنيا جي مختلف ملڪن مان انجنيئرنگ سان لاڳاپيل ڪيترا ئي ڪورس ڪيا اٿس. پاڻ لکڻ جي شروعات ته ۱۳ سالن جي عمر کان ئي گلستان رسالي ۾ لکڻ سان ڪيائين پر باقائدي لکڻ جي شروعات چٽگانگ ۾ مئرين انجنيئرنگ ڪورس دوران هلال پاڪستان لاء لکيل ڪالم “دريائن جي ديس مان” سان ڪيائين. انکانپوء شپنگ ۾ نوڪري دوران هو جنهن به ملڪ ويو، جنهن به شهر ويو ان تي سفرنامو لکي ورتائين. سندس لکڻين خاص ڪري سفرنامن ۾ تفريح سان گڏ انيڪ معلومات پڻ هوندي آهي. دنيا جي ملڪن جي حالتن کي سمجهائڻ لاء هميشه سنڌ جي ڳوٺن، شهرن ۽ بازارن جي ان ملڪ سان ڀيٽ ڪندو آهي ته ملائيشيا جو فلاڻي ڳوٺ جون گهٽيون اسان جي ٽنڊي آدم شهر وانگر پر ويڪريون آهن. سندس لکڻين جو اهو ڏانء کيس ٻين لکندڙن کان الڳ ڪري خاص سڃاڻ بڻجي ويو آهي. سندس ۷۵ کان مٿي ڪتاب ڇپيا آهن. جن ۾ گهڻوڪري سفرنامه ۽ ٻيون ڪهاڻيون ۽ ترجمه آهن. سندس ڪتابن ۾ هيٺيان ڪتاب گهڻو مشهور آهن: بندر بازاريون ۱۹۷۱، جاني ته جهاز ۾ ۱۹۷۲، پيار جي گهُٽ ۱۹۷۳، دنيا آهي ڪاڪ محل ۱۹۷۵، وايون وڻجارن جون ۱۹۷۶، سي ئي جوڀن ڏينهن ۱۹۷۷، ارائونڊ دي ورلڊ ۱۹۷۹، ڪويت ڪنارا ۱۹۸۰، سانباهو سمونڊ جو ۱۹۸۰، هي بيت هي ڪنارا، ملير کان مالمو تائين، ڇا جو ديس ڇا جو وديس، اڇن جي ديس ۾ اسين ڪارا، ماسٽر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ، دهليء جو درشن، سي ٻيڙيون رکين ٻاجھ سين، منهنجو ساحل منهنجو ساگر، سمنڊ جن ساڻيھ، سي ئي جوڀن ڏينهن، بندر ديسان ديس، خبرون خيرن جون، جاني ته جهاز ۾، جپان جن جي جيءَ سين، ڳالهيون تنهن جپان جون، خدا ڏي خط، جپان رس، موج نه سهي مڪڙي، الطاف شيخ جي نوٽ بوڪ تان، بهترين سفرنامه، لنڊن تائين لفٽ، ٻارن جون آکاڻيون، ٽوڪيو جي گيشا گرل، مڪليءَ کان ملاڪا تائين، سنگاپور ويندي ويندي، ڪوللمپور ڪجهه ڪوھ، دنگي منجھ درياھ، ڏاهي جهرڪي ۽ ٻيون آکاڻيون، جِت جر وهي ٿو جال، يادن جي انڊلٺ، ڳالهيون آهن ڳچ، اي جرني ٽو ٿائيلينڊ، اوهريا جي عميق ڏي، جت برف پئي ٿي جام، ڪراچيء کان ڪوپن هيگن، رُٺي آهي گهوٽ سان، يورپ جا ڏيهن ۽ يورپ جون راتيون، اي روڊ ٽو مدينه، هيلنسڪي جي حسينه، سنگاپور ٿو سڏ ڪري، آل ابائوٽ سنگاپور، ملائيشيا منهنجي مَن ۾، سوزيءَ سان پيار، جل پريون، تيستائين گُڊ باء، جپان پنجويهن ورهين بعد، نيو هالا کان نيو يارڪ، بخشو لغاريء کان بالٽيمور، ايران ڏانهن اڏام، چنڊ چوانءِ سچ، اناميڪا، خدا ڏي خط، مس سدابهار چنبيلي، پکي اڏاڻا پنهنجي ڏيهه، ممباسا شيدي باشا هم باشا، هلي ڏسجي هندستان، بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾، ڀلي پار تان ڀيرو وغيره شامل آهن. ان کان علاوه اردو ۾ به سندس ڪجهه سفرناما ڇپيا آهن جهڙوڪ سمندر ڪي دن سمندر کي راتين، مليشيا ڪي دن، يورپ ڪي دن، ڪراچي سي ڪوپن هيگن، ايران ڪي دن. ان کان سواءِ الطاف شيخ جا ڪيترن ئي رسالن، اخبارن م آئي ڏينهن سفر جا قصا ، ڪهاڻيون پيون ڇپجن. جيڪڏهن کيس سنڌي سفرنامي جو سنڌ باد سڏجي ته ان ۾ ڪو به وڌاءُ ڪونهي. الطاف شيخ جي هڪ ٻي خوبي آهي فوٽوگرافي هو جتي به ويندو، جنهن سان به ملندو ته سڀ کان اڳ تصوير ڪڍندو ۽ پاڻ به بيهي تصوير ڪڍرائيندو. فيسبوڪ، سوشل ميڊيا ۽ انٽرنيٽ تي سندس ڪٺي ڪيل هزارين تصويرون مختلف البمس جي صورت ۾ محفوظ آهن، جنهن تائين هر ڪنهن کي آسان رسائي به حاصل آهي. مان سوچيندو آهيان هي شخص جيڪو گهڻو عرصو يا ته سفر ۾ جهازن تي رهيو، يا ملڪ کان ٻاهر رهيو يا وري گهڻو عرصو لکڻ ۾ گذاريائين ان وٽ پنهنجي علائقن ، ڳوٺن ۽ ماڻهن جي ايتري ڄاڻ ڪٿان آئي؟ ڇو ته سندس سفرنامن ۾ بيان ڪيل پنهنجي ئي سنڌ جي گهڻن ڳالهين کان اسان به واقف ناهيون هوندا. الطاف شيخ سنڌ جو اهو ليکڪ آهي جنهن کي شايد سڀ کان گهڻو پڙهيو ويندو آهي، سندس سفرنامن جا ڪيترائي ايڊيشن ڇپيا آهن. هو سنڌ جو اهو ليکڪ آهي جيڪو مسلسل لکندو رهي ٿو. الطاف شيخ هڪ سٺي ليکڪ سان گڏ بهترين ۽ ملنسار انسان پڻ آهي. هو جڏهن به ۽ جتي به مليو آهي سدائين حوصلا افزائي ۽ لکڻ جي صلاح ڏيندو رهيو آهي. دعا آهي ته سنڌ جو هي ڏاهو ڏات ڌڻي سدائين خوش رهي، زندگيءَ جون ڪيئي بهارون ڏسي ۽ دنيا گهمندي اسان کي به گهر ويٺي دنيا جو سير ڪرائيندو رهي. روزانه هلال پاڪستان ۱۴ نومبر ۲۰۱۲ الطاف شيخ سنڌين جي پهرين انٽرنيٽ رکيل مورائي نيڪ خواهشون انهن هٿن لاءِ جيڪي هڪ وقت دعا لاءِ کڄندا آهن ۽ ٻئي وقت لکڻ لاءِ اڄ ان شخص/ ليکڪ جو جنم ڏينهن آهي، جيڪو پنهنجو مثال پاڻ آهي. شايد دنيا جي ادب ۾ اهڙو ٻيو مثال اڄ جي تاريخ تائين ملي نه سگهي، ڇاڪاڻ ته ادب ۾ اڄ جنهن تيزيءَ سان واڌارو آيو آهي، اوترو ئي تيزيءَ سان سائنس جي نين ايجادن پڻ انسان کي معلومات ميسر ڪرڻ شروع ڪئي آهي. اڄ هڪ منٽ جي سٺ سيڪنڊن ۾ اسين سٺ ملڪن بابت معلومات حاصل ڪري سگهون ٿا، پر هڪ اهڙو زمانو به هئو، جنهن کي جديد زمانو ته ڪوٺي سگهجي ٿو پر ان کي ڪمپيوٽر جو زمانو ڪوٺي نه سگهبو، ان زماني ۾ معلومات ايتري تيزيءَ سان نه پهچندي هئي، جيتري اڄ ملي رهي آهي. ها ان دور ۾ دنيا جي معلومات هن جي سفر نامن مان ملندي هئي، اهي سفرناما پڙهي، اسان انهن ملڪن جي ڄاڻ حاصل ڪندا هئاسين جن ملڪن ۾ هو موجود هوندو هئو. اڄ سندس سفرنامن جو انگ هڪ سئو کان ڪجهه گهٽ هوندو ۽ ايترو انگ دنيا جي ڪنهن به ليکڪ جي سفرنامن جو شايد ئي هجي، سنڌ جي آڳاٽي معلومات اسان کي، ابن بطوطا سميت دنيا جي ٻين ڪيترن ئي سياحن جي سفرنامن مان حاصل ٿيندي هئي، ايئن دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن بابت معلومات اسان کي هن جي سفر نامن مان حاصل ٿيندي هئي. اڄ محسوس ٿي رهيو آهي ته ان دور ۾ جيڪو چاليهه سال کن اڳ جو آهي، جڏهن به ڪو سنڌي نوجوانن ٻاهر وڃڻ چاهيندو هئو ته اهو سندس سفرنامن مان گهربل معلومات حاصل ڪندو هئو، بلڪل ايئن جيئن اڄڪلهه گوگل ۽ ٻين ويب سائيٽس تان معلومات حاصل ڪجي ٿي، خود هو به چاهيندو هئو ته سندس سفرنامن ۾ ڏنل معلومات مان سنڌي گهڻي گهڻي معلومات حاصل ڪن، ان ڪري، هو اهڙي ئي نموني تفصيل ڏيندو هئو، ان شخص ليکڪ جو نالو لکڻ لاءِ مان نهايت ادب سان ۽ قلم کي اکين سان لڳائي لکڻ چاهيان ٿو جيڪو آهي، الطاف شيخ! سنڌ شايد خوش نصيب آهي ۽ سنڌي ادب ڀاڳ وارو آهي، جنهن کي شاهه کان پوءِ ٻه شيخ مليا ۽ ٻئي اهڙا آهن جن جي نالي سان ڪنهن مثال، تشبيهه ۽ تمثيل جي گهرج نه آهي. هڪ شيخ اياز آهي ۽ هڪ الطاف شيخ آهي. شيخ اياز پنهنجي شاعريءَ جي معرفت جيڪو سنڌي ادب کي سُڪار بخشيو آهي اهو پنهنجو مٽ پاڻ آهي ۽ الطاف شيخ پنهنجي نثر، خاص طور سفري نثر معرفت سنڌي ادب کي جيڪا خوشحالي ڏني اها به پنهنجو مٽ پاڻ آهي. هن ادبي طور سنڌي نثري ادب کي ته مالامال ڪيو ئي آهي پر ان ادب ۾ هن سنڌي پڙهندڙ کي جيڪا ڄاڻ ڏني آهي اها ايتري گهڻي آهي جو اها اڄ لکت ۾ شال ماپي سگهي. ڪنهن به ادب ۾ ڪي صنفون جڏهن ايجاد ٿينديون آهن ته انهن کي وڌڻ ويجهڻ ۾ چڱو وقت لڳندو آهي، پر سنڌي ادب ۾ سفر نامي کي هڪ صنف طور الطاف شيخ ايترو تيزيءَ سان مٿي کڻي آيو، جنهن جو به شايد مثال ادب ۾ ٻيو نه ملي سگهي. سفر نامو ڇاکي چئجي ٿو. اهو الطاف شيخ جي سفرنامن کي پڙهي سمجهي سگهجي ٿو. جيتوڻيڪ سفرنامن سان گڏ، اڻ سڌي نموني يا سڌي نموني، هن پنهنجون يادگيريون به ڏنيون آهن ته پنهنجا تجربا به، ساڳئي وقت هن جن ملڪن ۾ ڪجهه وقت گذاريو آهي، انهن ملڪن جي ادب/لوڪ ادب/چوڻين ۽ پهاڪن وغيره کي به نه صرف پڙهيو ۽ پروڙيو آهي، پر انهن جي ڄاڻ به سنڌي ماڻهن کي ڏني آهي. ان کان سواءِ سندس ٻيو هڪ ڪم اهو به آهي ته دنيا ۾ رهندڙ ۽ کيس موهيندڙ اديبن جي لکڻين کي ترجمو ڪري اسان کي انهن جي ادب ۽ مزاج کان به واقف ڪيو ۽ اهو سڀ جنهن وقت هن ڪيو، ان وقت اسان وٽ ٻاهران جو ايترو ادب ترجمو نه ٿيندو هئو. معلومات جا وسيلا به بنهه گهٽ هئا. ان وقت الطاف شيخ پنهنجي سفر نامن ۾ اهو به ٻڌايو ته هو جنهن ملڪ ۾ آهي ان ۽ سنڌ ۾ مختلف حوالن سان ڪهڙيون هڪ جهڙايون آهن ۽ ڪهڙيون انفراديتون آهن. جنهن مان ايئن لڳندو هئو ته هن دنيا جي ڪنهن ڪنڊ ۾ هوندي به سنڌ، سنڌي ادب ۾ سنڌي ماڻهن کي نه وساريو آهي. دنيا جي ماڻهن جي خوشحالي ۽ ڏکن سکن سان سنڌ کي ڀيٽيو ۽ ڪي نتيجا سامهون آندا آهن، جن مان سنڌي ماڻهن گهڻو ئي پرايو. ها! مٿيون سڀ ماضي هئو، جنهن جو ذڪر مان ڪري رهيو هوس، ڪڏهن ڪڏهن ماضي فخر لائق هوندو آهي، حال هيڻو هوندو آهي، قومون يا ته ماضيءَ ۾ جيئنديون آهن يا مستقبل جي خوابن ۾! ايئن شخص سان به ٿيندو آهي، پر هيءُ شخص/ليکڪ الطاف شيخ انهن شخصن/ليکڪن مان آهي جنهن ماضيءَ، حال ۽ مستقبل کي ڳنڍي رکيو آهي، هو پاڻ جڏهن کان لکڻ لڳو آهي، جيڪو اسان جو ماضي آهي، اڄ تائين اسان جي حال تائين لڳاتار لکي رهيو آهي. هاڻ هو پنهنجي اڇي سونهاريءَ ۾ نماز جي پنجن وقتن وانگر، لکڻ کي عبادت سمجهي ٿو. هو لکڻ جي معاملي ۾ سچل وانگر جو دم غافل سو دم ڪافر ٿيڻ کان ڪوهين ڏور آهي، ۽ جنهن شخص/ليکڪ لاءِ لکڻ عبادت هجي، ان کان سندس آخري ساهه تائين قلم نٿو ڇڏائجي سگهي. هونئن به اسلام ۾ واهه کوٽائڻ، وڻ پوکائڻ ۽ ڪتاب لکڻ صدقه جاريه آهي ۽ الطاف شيخ پنهنجي حصي کان وڌيڪ ڪتاب لکي پنهنجي ان عبادت کي به دوامُ بخشيو آهي، اڄ سندس جنم ڏينهن آهي ۽ جڏهن ماڻهن جي اڪثريت دعائن مان ويساهه وڃائي ويٺي آهي، ان وقت آئون سندس صحت ۽ عمردرازيءَ لاءِ دعاگو آهيان، خاص طور انهن هٿن جي سلامتيءَ لاءِ جيڪي هڪ وقت دعائن لاءِ کڄندا آهن ۽ ٻئي وقت لکڻ لاءِ تيار ٿيندا آهن. اڻ ميون نيڪ خواهشون سندس جنم ڏينهن تي،کيس مبارڪن سان گڏ ڪجهه لفظن جي ڀيٽا، اميد اٿم ته سندس بارگارهه ۾ قبول پوندي. الطاف شيخ سنڌ جو ڪولمبس ابراهيم لاشاري الطاف شيخ صاحب سنڌ جي سياسي، ثقافتي، سهڻي شهر هالا (مرتضي آباد) جي معزز شخصيت گل محمد شيخ جي گهر منجهه ۱۴ نومبر اڱاري ڏينهن سال ۱۹۴۴ع ۾ پهريون ساهه کڻي جنم ورتو الطاف شيخ صاحب جڏهن پڙهڻ جي عمر جو مس ٿيو ته والدين سندس ڦرهي هٿ منجهه ڏئي کيس اسڪول موڪليو، هن گورنمينٽ پرائمري اسڪول هالا منجهان پرائمري حاصل ڪئي. بعد ۾ هالا اسڪول جي مخدوم غلام حيدر اسڪول منجهان نصابي تعليم ورتائين هالن جي اسڪول ۾ صرف (ٽي درجا) انگريزي تعليم پڙهي ڪيڊٽ ڪاليج ۾ پڙهڻ جو شوق جاڳيس جتان مئٽرڪ ۽ انٽر جا امتحان نهايت هوشياري سان پاس ڪيائين تنهن بعد سونهاري سنڌ جو واحد سنڌي شاگرد هو جيڪو مئرين انجيئيرنگ جي تعليم پرائڻ لاءِ اوڀر پاڪستان هاڻوڪي ملڪ بنگلاديش جي (مئرين اڪيڊمي چٽگانگ) منجهان سند حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. جلدي ئي ان زماني منجهه جهازراني (پاڻي وارن جهازن) جي انجنيئير واري عهدي تي وڃي پهتو. هن نوجوان الطاف شيخ صاحب جو ان زماني ۾ شوق ويو وڌندو مئرين جي وڌيڪ علم ، تعليم حاصل ڪرڻ لاءِميريٽائيم يونيورسٽي مالمو (سويڊن ) منجهان ميريٽائيم ايڊمنسٽريشن انجنيئرنگ ۾ پوسٽ گريجوئيٽ جي ڊگري حاصل ڪيائين بس پوءِ الطاف شيخ صاحب مئرين اڪيڊمي ۾ ملائيشيا جي نوجوانن کي جهاز هلائڻ جا سڀ فن مهارت سان پيو سيکاريندو هو بس پوءِ اتي سکيا کان علاوهه انجنيئرنگ جي مختلف شعبن ۾ مختلف سبجيڪٽن جا درس پيو ڏيندو هو سنڌ جو اديب ۽ سياح صفت سال ۱۹۶۸ع کان وٺي دنيا جي ڪيترن وڏن وڏن سمنڊن ۾ جهاز هلائيندي ملائيشيا، جپان وڃي ڌنگ ڪيائين ۽ سڄي دنيا جي سمنڊن جي ڪنارن جا ديدار پسايا اٿائين، هن سونهن ڀري ڪائنات جي هر خطي کي سياحت ڪندي ڪندي ڏسڻ جو زبردست شرف حاصل آهي. الطاف شيخ کي رب سائين اهڙي ته ڏات سان نوازيو آهي جو هو دنيا جي جنهن به ملڪ ۾ سياحت ڪندي گهميو ان جا نظارا اکين سان ڏٺا آهن هن پنهنجي ڏات ۾ اضافو ڪندي قلم کنيو آهي الطاف شيخ صاحب هر ملڪ جي اتان جي سياسي، سماجي، ثقافتي، زندگي جو گهرائي سان مشاهدو ڪري جيجل سنڌ ڌرتي جي سماجي، سياسي، ثقافتي ڳالهين سان ڀيٽ ڪري سفر ناما لکيا آهن کيس پنهنجي ڌرتي سهڻي نظر اچي ٿي کيس پنهنجي ڌرتي جي ٽقافتي ورثي تي فخر محسوس ٿئي ٿو الطاف شيخ صاحب جي لکڻين سفرنامن جي تحريرن منجهان اها ڳالهه نمايا نظر ٿي اچي ته هو سنڌ جي معاشري کي دنيا جي ٻين معاشرن سان ڀيٽيندو نظر اچي ٿو انهي ڪري هن ملڪ جا ڏات ڌڻي کيس سفرنامن لکڻ جي عيوض کيس سنڌ جو ڪولمبس، سنڌ جو ابن بطوطه ۽ سفرنامن جو بادشاهه جهڙن خطابن سان ياد ڪن ٿا. سنڌ جو هي ڏاهو سياح سنڌي ادب ۾ پهرين تحرير ڪهاڻي جي صورت ۾ ارڙهن ۱۸سالن جي وهي ۾ لکي داخل ٿيو جڏهن هو چٽگانگ اڪيڊمي ۾ تعليم پرائيندو هو، سندس ڪهاڻين جي مجموعي جو نالو (اناميڪا) هو، الطاف شيخ صاحب ٻاهرين ٻولين جي ادب منجهان چونڊ ڪهاڻين جا پنهنجي سنڌي ٻولي ۾ ترجما پڻ ڪيا جن منجهه ڪهاڻي لنڊن تائين لفٽ، سوزي سان پيار، شامل آهن الطاف شيخ صاحب ادبي شروعات ته ڪهاڻيون لکي ڪئي مگر اڳتي هلي هي سهڻو ڏاهو اديب سفرنامي واري صنف جو بادشاهه بڻجي ويو ۽ پنهنجو نالو ڏيهان ڏيهه مشهور ڪرايائين، سندس سفرنامن لکڻ لاءِ هن جي قلم کي ڪڏهن به ننڊ ناهي آئي سنڌي ادب لاءِ سفرناما لکندي لکندي سنڌي ادب جي سونهن ۽ آسودگي ۾ هميشه اضافو ڪندي الطاف شيخ صاحب لڳ ڀڳ ۵۰ کان مٿي ڪتاب سنڌي ادب جي جهول ۾ ڏنا آهن جن منجهان ۴۰ کن ڪتاب سفرنامن سان سرشار لڳا پيا آهن، الطاف شيخ صاحب کي سفرنامن لکڻ جو ڪوڏيو ليکڪ مڃيو وڃي ٿو سندس لکڻي ۾ سلاست ۽ واهه جي بلاغت ۽ روانگي تمام سهڻي ۽ سهنجي لڳي ٿي، الطاف شيخ صاحب پنهنجي لکڻين ۾ نهايت دلفريب ڳالهيون بيان ڪري ٿو ٻين ملڪن جي تاريخ، جاگرافي، ثقافتي، تهذيبي، رنگ، ڳالهين جي نهايت آسان نموني سان بهترين ۽ شاندار ڄاڻ ڏئي ٿو. هن دنيا گهمندي گهمندي دنيا جون مختلف زبانن (ٻولين) جي مهارت رکي ٿو هن ڪيتريون زبانيون سکي اتان جي ملڪن جا دوست ٺاهي انهن سان سندن ئي زبان سان ڳالهائي رلي ملي وڃي ڄاڻ حاصل ڪري سنڌي ادب جي سفرنامي جي صنف کي آسودو ڪري ٿو الطاف شيخ صاحب کي اهو اعزاز پڻ حاصل آهي ته هو چيني، جپاني، ملئي، بنگالي، اردو، انگريزي ۽ سنڌي زبان ماهران طور آساني ڳالها ئي ٿو سندس ۽ دلي لڳاءُ سان سير سفر ڪري سفرنامن ذريعي پنهنجي لکڻين ۾ ڏات ڀري اسان پڙهندڙن کي پاڻ سان گڏ سير ڪرائي ٿو. الطاف شيخ صاحب جي سفرنامن جو پهريون مجھموعو سال ۱۹۷۱ع ڌاري (منهنجو ساگر منهنجو ساحل) نالي سان ڇپجي مارڪيٽ جي سونهن بڻيو تنهن بعد هن جي سفرنامن ڇپجڻ جي برسات وسي پئي، جهڙي طرح سفرنامن ۾ (بندر بازاريون سال ۱۹۷۱) جاني ته جهاز ۾سال ۱۹۷۲ع، پيار جي گهٽ سال ۱۹۷۳ع، دنيا آهي ڪاڪ محل سال ۱۹۷۵ع، سي ٻيڙيون رکين ٻاجهه سين سال ۱۹۷۶ع، وايون وڻجارن جون سال ۱۹۷۶ع، سي ئي جوڀن ڏينهن سال ۱۹۷۷ع، ارائونڊ دي ورلڊ سال ۱۹۷۹ع، ڪويت ڪنارا سال ۱۹۹۸ع، سانبا هو سمونڊ جو سال ۱۹۸۰ع، ڳالهيون تنهن جپان جون سال ۱۹۸۲ع، موج نه سهي مڪڙي سال ۱۹۸۴ع، سينگارپور ويندي ويندي سال ۱۹۸۶ع، دنگيءَ منجهه درياهه سال ۱۹۸۷ع، مڪليءَ کان ملاڪا تائين سال ۱۹۸۷ع، جت جر وهي ٿو جال سال ۱۹۸۸ع، ڳالهيون آهن ڳچ سال ۱۹۸۹ع، سينگارپور ٿو سڏ ڪري، ملائيشيا منهنجي من ۾، اي جرني ٽو ٿائلينڊ، اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا، ڀلي پار تان ڀيرو، رٺي آهي گهوٽ سان (اوڀر جي ملڪن جا پھاڪا ۽ چوڻيون)، يورپ جون راتيون، اي روڊ ٽو مدينه، ڪوالالپور ڪجهه ڪوهه تي، ايران ڏي اڏام، ملائيشيا ڪي دن، سمندر ڪي دن سمندر ڪي راتين، شامل آهن. الطاف شيخ صاحب جي ادبي پورهيي کي سنڌي ادب ۾ تمام گهڻو ساراهيو ويو آهي سندس سفرنامن کي پڙهندڙن جو تعداد به تمام گهڻو آهي الطاف شيخ لاءِ سنڌ جي ڏاهي اديب سان مدد علي سنڌي صاحب پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي لکي ٿو ته سنڌي ٻولي ۾ سفرنامن جي صنف تي جڏهن به تاريخ لکي ويندي ته مورخ جو قلم يقينن الطاف شيخ جي نانءَ تي اچي بيهي رهندو، الطاف شيخ صاحب اهو اڪيلو ليکڪ آهي جنهن سفرنامن ذريعي سنڌي ٻولي کي تمام گهڻو خزانو ڏنو آهي، سنڌ جو هي بهترين سياح هن وقت رٽائرمينٽ واري زندگي پنهنجي گهر وارن سان ڪراچي منجهه گذاري ٿو سندس ادبي قلم سفرنامن لکڻ کان رڪيو ناهي سندس اهو سلسلو اڃان تائين جاري ساري آهي سفرنامن جو هي بادشاهه ۱۴ نومبر ۲۰۱۷ع اڱاري ڏينهن پنهنجي زندگي جو ۷۳هون جنم ڏينهن ملهائي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيندو سندس ادبي لڏي جا سڀئي ساٿي کيس جنم ڏڻ جون مبارڪون پڻ چوندا منهنجي هن ڏاهي سياح اديب لاءِ رب سائين جي بارگاهه منجهه دعائون آهن ته هو وڏي ڄمار سان گڏ سٺي صحت ماڻي ته جيئين پنهنجي ادبي ڪرت سان سنڌي اديب کي آسودو ڪندو رهي. الطاف شيخ سفرنامن جو بادشاهه نسرين الطاف الله تعاليٰ دنيا ۾ جڏهن به ڪنهن انسان کي موڪلي ٿو ته ان جي ذمي ڪو نه ڪو ڪم ضرور رکي موڪلي ٿو. وقت سان گڏ اهي خوبيون ان ماڻهوءَ ۾ ظاهر ٿينديون آهن ۽ الله تعاليٰ بهتر ڄاڻي ٿو ته سندس اهو بشر ضرور سندس اميدن تي پورو لهندو. سچ ته انسان کي خدا تعاليٰ عقل ۽ دانش ڏنو ئي ان لاءِ ته هو هن دنيا جي ڳجهن، ڪائنات جي رنگن کي پسي. انسانن جي ڏکن سکن کي محسوس ڪري. ماڻهو جي دل ۾ سچائي همدرديءَ ۽ محبت جو گهر اڏيل هجي، جنهن مان هو محبتون ميڙي ڪائنات جي هر بشر ۾ ورهائي. خدا تعاليٰ عروج ۽ زوال ٻئي بڻايا آهن. عروج ملڻ تي انسان ۾ تڪبر ٿو اچي يا انڪساري؟ ۽ جنهن انسان ۾ عاجز و نياز نوڙت ۽ انڪساري آهي سچ ته اهو ماڻهو عظيم بڻجي وڃي ٿو. ڪم ڪرڻ پنهنجو پاڻ مڃائڻ انسان جي جبلت ۾ موجود آهي. انهن ماڻهن مان ڪجهه ماڻهو پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ڪندي پنهنجي سماج ۽ معاشري ۾ بهتر نموني حصو وجهندا آهن ۽ هميشه لاءِ امر بڻجي ويندا آهن. انهن امر ڪردارن مان الطاف شيخ به هڪ آهي. پنهنجي سڄي زندگي سمنڊ جا سفر ڪندي گذاريندڙ الطاف شيخ هڪ مشهور اسڪالر، پروفيسر ۽ بهترين سفرناما لکندڙ آهي. الطاف شيخ ۱۴ نومبر ۱۹۴۴ ۾ هالا شهر ۾ ڄائو. هالا جي اوڀر ۾ شهدادپور شهر آهي. پاڙيسري هجڻ جي ناتي ۽ بهترين سفرناما لکڻ ڪري الطاف شيخ سان هميشه روحاني محبت ۽ ويجهڙائپ رهي آهي. پيٽارو مان تعليم حاصل ڪندڙ الطاف شيخ هميشه سمنڊ جي لهرن ۽ موجن ۾ رهيو آهي. سندس دل به سچ ته محبتن جو سمنڊ آهي، جنهن ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهوءَ لاءِ محبت سمايل آهي. سندس ۷۰ کان وڌيڪ سفرنامن کي پڙهڻ سان ڄڻ ته پڙهندڙ پاڻ کي ان سفر جو حصو ٿو سمجهي. بهترين طريقي سان سفر جون سڀئي دلچسپيون، ڏکيائيون سکيائون لفظن وسيلي سفرنامن ۾ سهيڙڻ جو فن الطاف شيخ کي تمام دلفريب ۽ دل لڀائيندڙ انداز ۾ بيان ڪرڻ اچي ٿو. سمنڊ جهاڳي جهاز هلائڻ ته سندس پيشو هو، سندس روزي هئي ۽ سخت نوڪري هئڻ باوجود سندس لکڻيون گهٽيون نه بلڪه وڌيون. سندس چوڻ آهي ته جيئن ڪو نشئي ماڻهو نشي بنا نٿو رهي سگهي، تيئن منهنجي دل هر وقت لکڻ پڙهڻ تي چوندي آهي. الطاف شيخ هڪ سائنسي سوچ رکندڙ ۽ جديد دنيا جي سڀني پئمانن کي پنهنجي سمنڊ جهڙي وسيع دل ۾ سمجهڻ ۽ قبول ڪري دنيا جي کوج ڪرڻ، ان جون جاگرافيائي حالتون پرکي پوءِ ان کي لفظن جو روپ ڏئي سفرنامن ۾ سهيڙي قاريءَ تائين پهچائڻ سندس مقصد رهيو آهي. ان سامونڊي وڻجاري ۾ سگهه آهي جيڪا تخليق جو سفر ڪري واقعن ۽ سفري حالتن جي زنجير ٺاهي خوبصورت لفظن ۽ خيالن جي ماڻڪ موتين جي مالها ۾ پروئي پڙهندڙن تائين پهچائي انهن کي فيضياب ڪري ٿو. ان ڄاڻ کان، انهن حالتن کان جن کي هو محسوس ڪري ٿو. شاهه جي سر سامونڊيءَ ۾ به ته شاهه سائين اهڙن ئي سامونڊين جو ذڪر ڪري ٿو، جيڪي سمنڊ جي خطرناڪ لهرن سان جان جوکي ۾ وجهي وڙهن ٿا. الطاف شيخ به سمنڊ جا سفر اجايا نه ڪيا، بلڪه انهن کي تخليقي روپ ڏئي سجايو ڪيو. کاري کيڙائُو، مَٿي مِٺي موٽيا؛ سَودو ڪَنِ نه سونَ جو، وَڏا وِهائُو؛ موتِي جي مَهراڻَ جا، تِن جا طاماعُو؛ سامُونڊِي سائُو، لَنڪا لوپي آئِيا. الطاف شيخ پنهنجن سفرنامن ۾ سنڌ جي ماڻهن کي سڄي دنيا جي تڏهن ڄاڻ ڏيندو هو، جڏهن انٽرنيٽ ۽ گوگل جو ڪو وجود ۽ تصور نه هو. سمنڊ جو هي وڻجارو پنهنجي طريقي سان سنڌين لاءِ عالمي ڄاڻ جي گهري سمنڊ ۾ ڄاڻ جو خزانو رکندڙ هڪ بهترين ليکڪ آهي. جنهن جي سفرنامن ۾ مثبت ۽ انداز ۾ سندس هر دليل جي شروعات ۾ ئي سنڌ ۽ دنيا جي ڀيٽ ڪيل آهي. جيئن ڪنهن به ملڪ جي لباس، کاڌي يا آبهوا جي ڳالهه ڪيل هوندي. ان جي ڀيٽ سنڌ جي انهن شين سان ڪيل هوندي، جيڪي سنڌ جي ثقافت، حالتن جي نشاندهي هوندي. الطاف شيخ جي سفرنامن جو پهريون پهلو عالمي ڄاڻ، ٻيو پهلو سنڌ سان ڀيٽ، ٽيون پهلو وري ذات نسل رنگ قوم مذهب ۽ هر قسم جي سماجي هيٺائين مٿاهين کي ڇڏي انسانيت تي اڏول رهڻ، سندس سامونڊي سفر جا تجربا سنڌ جي سامونڊي ڪنارن تي اثرانداز ٿين ٿا. سندس لکڻ جي مهارت وقت سان گڏ تمام پختي ۽ مستند آهي. الطاف شيخ جي سفرنامن کي پڙهندي سيلاني ماڻهوءَ جي تشنگي وڌي ٿي. هر ماڻهوءَ جي اندر ۾ گهمڻ ڦرڻ ۽ دنيا جا دلفريب نظارا پسڻ جي خواهش ضرور هوندي آهي پر سڄي دنيا ڏسڻ ۽ پسڻ ان جي وس ۾ نه هوندي آهي. پر الطاف شيخ جا سفرناما سڄي دنيا پسرائين ٿا. يا سفر سان چاهه ۽ نوان ماڳ مڪان ڏسڻ جو اتساهه ۽ شوق پيدا ڪن ٿا. بحري ۽ هوائي جهازن تي نوڪريون ته ڪيترا ئي ماڻهو ٿا ڪن ۽ دنيا به گهمن ٿا پر پنهنجن تجربن ۽ مشاهدن کي بيان ڪرڻ جي ڏات ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه هوندي آهي. لڳ ڀڳ پوري دنيا گهمندڙ، بن بند جهاڳيندڙ، ان جهانگيئڙي نه رڳو پنهنجن تجزين ۽ مشاهدن کي قلمبند ڪيو آهي پر سفرنامن ۾ سنڌ جي ماڻهوءَ لاءِ کوڙ نصيحتون به ڪيون آهن. الطاف شيخ جي سفرنامن جي هڪ خاص ڳالهه ته ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ وارن جو اونو، اڄ جو اونو مستقبل جو اونو، سندس سوچ ۾ اها ڳالهه ۽ جيڪو ان ملڪ ۾ آهي، سو منهنجي سنڌ ۾ ڇو نه آهي، سندس اکين ۾ اهو خواب هوندو آهي ته منهنجي سنڌ به ايئن شاد آباد هجي جيئن هيءَ سرزمين آهي. منهنجي سنڌ جي تعليم، صحت ۽ ادارن جو نظام ايئن هجي جيئن دنيا جي ٻين اسرندڙ ملڪن ۾ آهي. دنيا جو نوجوان نسل اڳتي وڌي پيو ته سنڌ جو نوجوان احساسِ محرومي ۽ بيروزگاريءَ جو شڪار ڇو؟ دنيا جا ماڳ مڪان سياحت جو سياحن لاءِ مرڪز ته پوءِ سنڌ جا ماڳ مڪان جيڪي تمام گهڻي اهميت وارا آهن سي لاوارث ڇو؟ انهن جي وارثي ڇونه آهي. سندس سفرنامن ۾ اهي سڀ بي چينيون محسوس ٿين ٿيون، جيڪي سوال پڻ ڪن ٿيون. سچ ته ان سامونڊيءَ جي دل ۾ هر وقت سنڌ وسيل آهي. سنڌ ان سامونڊيءَ جو مرڪزي نگاهه آهي. هو سنڌ سان بيحد محبت ڪري ٿو. سنڌ سندس مقصد جي حاصلات آهي. هو پنهنجي سفرنامن کي پنهنجي ڌرتي پنهنجي جنم ڀومي جي پيرائن ۽ ڀوڳنائن کي محسوس ڪندي ٻاهرين سماج ۾ فرق ۽ تضاد بابت ڄاڻ ۽ باخبر ڪيو، نه رڳو انهن اوڻائين جي نشاندهي ڪئي، جيڪي سنڌ جو ماڻهو ڀوڳي ٿو پر ان ڄاڻ جي آڌار تي انساني تبديلي ۽ نوان رستا ٺاهڻ جي واٽ به ڏسي ٿو. سنڌي ٻولي ۾ لکڻ ۽ سنڌي ادب کي هڪ نئين صنف ڏيڻ تي الطاف شيخ جس لهڻي. الطاف شيخ جا سڀئي سفرناما منهنجي لائبريريءَ ۾ موجود آهن. جيئن ته مان طبيعتن گهمڻ ڦرڻ جي شوقين آهيان پر مونکي خبر آهي مان دنيا نٿي گهمي سگهان پر الطاف شيخ جا سفرناما پڙهي ڄڻ ته دنيا گهمي ورتي آهي. سندس لفاظي ۽ منظرڪشي سچ ته مونکي انهن ماڳ مڪانن جي تصوراتي دنيا ڏانهن وٺي ٿي وڃي. دعا ته شال الله سائين الطاف شيخ کي همٿ، صحت ۽ تندرستي ڏئي ته هو سنڌ واسين لاءِ اهڙا ڪيترا ئي سفرناما لکي. الطاف شيخ سفرنامن جو برک ليکڪ ڊاڪٽر رابيعه چانڊيو جڏهن کان هي ڌرتي وجود ۾ آئي آهي، تڏهن کان هن ڌرتي جي ڇاتيءَ تي ڪي اهڙا انساني ضرور پيدا ٿيا آهن، جن هن ڌرتيءَ کي سنواريو آهي ۽ تاريخ جو اهم حصو بڻيا آهن. ڪي ماڻهو به گلن وانگر هجن ٿا، جيڪي پنهنجي خوبصورت ڪردار، صلاحيتن، ڏات ۽ ڏانءُ جي خوشبوء سان هن ڌرتيءَ کي مهڪايو آهي؛ جن کي تاريخ ۾سنهري لفظن سان لکيو وڃي ٿو. بيشڪ الطاف شيخ به انهن انمول هيرن مان هڪ آهي، جيڪو پنهنجي خوبصورت ڪردار ۽ جدوجهد سان ٻين لاءِ اتساهه بڻيل آهي. الطاف شيخ هڪ مشهور اسڪالر، وزٽنگ پروفيسر، ميرين انجنيئر، ۽ سفرنامن جو برک ليکڪ آهي. جيڪو ۱۹۴۴ع ۾ پيدا ٿيو ۽ بنيادي تعليم هالا مان ۽ پوءِ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو مان حاصل ڪئي. جنهن بعد ميرين انجنئرنگ جي سکيا ورتي، هي سدا سيلاني مختلف سامونڊي جهازن جو چيف انجنئر رهيو آهي. ان کان علاوه ادب جي دنيا ۾ ۸۰ کن ڪتاب لکيا آهن، جن ۾ سفرناما شامل آهن. الطاف شيخ هر ڪم سان سچو ۽ ڪميٽڊ رهي ٿو. سندس لکيل سفرنامن ۾ مختلف ملڪن جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، جڳھيون، رنگ روپ، ٻولي، ثقافت بيان ڪئي آهي ۽ انهن سفرنامن ۾ اهڙي ته خوبصورتي سان منظرنگاري ٿيل آهي جو ڪو به پڙهندڙ ان سفرنامي ۾ بلڪل سمائجي وڃي ٿو ۽ ايئن محسوس ڪري ٿو جيئن واقعي هو اُن ملڪ جو سير ڪندو هجي. ڪجهه به لکڻ لاءِ ڏات ۽ ڏانءُ جي ضرورت هوندي آهي، جنهن کي ڪنهن به پڙهندڙ جي دل ۾ اتساهه ۽ ڪجهه ڪرڻ جو جوش پيدا ٿئي. اهو ڏات ۽ ڏانءُ الطاف شيخ ۾ موجود آهي، سندس لکيل سفرناما وڏي چاهه منجهان پڙهيا وڃن ٿا. بزرگ توڙي نوجوان وڏي شوق سان سفرناما خريد ڪن ۽ پڙهن ٿا. ويندي اُنهن فردن تائين جيڪي پنهنجي گهرن تائين محدود آهن ۽ جيڪي ڪيترن ئي پريشانين ۽ مايوسين کي منهن ڏين ٿا، سي به الطاف شيخ جا سفرناما پڙهي راحت محسوس ڪن ٿا ۽ ڪجهه ٽائيم لاءِ رليڪس محسوس ڪن ٿا. الطاف شيخ اهڙين خوبصورت لکڻين سان نه صرف سنڌي ادب کي سونهن بخشي آهي، بلڪه تمام وڏو احسان به ڪيو آهي. هن نئين ٽهي کي به ايترو سٺو لکڻ لاءِ همٿ افزائي ڪئي آهي. الطاف شيخ جڏهن به پرڏيهه مان ڏيهه ايندو آهي، تڏهن سنڌ جي يونيورسٽين ۾ ليڪچر ڏيندو آهي، جنهن ۾ هو شاگردن کي مسئلن جو حل ٻڌائيندي وڌ کان وڌ تعليم حاصل ڪرڻ جي نصيحت ڪندو آهي. بقول الطاف شيخ جي، تعليم ئي هر مسئلي جو حل آهي. جيڪي به قومون ڪامياب ۽ اڳيان آهن، سي سڀئي تعليم ۾ اڳيان هجڻ جي ڪري ئي ڪامياب آهن. سندس نصيحتن ۾ اها نصيحت به شامل هوندي آهي ته نوجوانن کي ملڪ کان ٻاهر جي دنيا به ڏسڻ کپي. اتان جي خوبصورتين کان واقف ٿيڻ کپي. اهڙي طرح الطاف شيخ نوجوانن جي همت افزائي ڪري خوشحال زندگي گذارڻ جا درس ڏيندو آهي. هونئن ته سنڌي ادب ۾ ڪيترائي سٺي شخصيت رکندڙ اديب آهن پر الطاف شيخ سڀن کان الڳ ۽ منفرد شخصيت جو مالڪ آهي. الطاف شيخ انيڪ ملڪن ۾ سڃاتو وڃي ٿو، سندس هزارين مداح آهن، جيڪي هن سان ملڻ لاءِ منتظر هوندا آهن ۽ نوجوانن جي لاءِ رول ماڊل آهي پر هن انسان ۾ ڪنهن به قسم جي وڏائي يا غرور ناهي. هي بلڪل سادو ۽ فقيراڻي طبعيت جو مالڪ آهي، هو هر وزٽ تي پنهنجي مداحن سان گڏجي وڏي دلچسپي سان فوٽو ڪڍرائيندو آهي. مان سمجهان ٿي ته اها اسان نوجوانن جي لاءِ خوشقسمتيءَ جي ڳالهه آهي ته اسان الطاف شيخ جهڙي شخصيت جي دور ۾ پيدا ٿياسين ۽ ساڻس ملياسين به. تنهن ڪري اسان نوجوانن کي گهرجي ته سندس ڏسيل صلاحن تي عمل ڪريون، وڌ کان وڌ تعليم حاصل ڪري نه رڳو پنهنجي زندگي خوشحال بڻايون بلڪ پنهنجي سماج ۾ موجود هر فرد لاءِ ڪارائتا ثابت ٿيون. الطاف شيخ نيڪ خواهشون انهن هٿن لاءِ جيڪي هڪ وقت دعا لاءِ کڄندا آهن ۽ ٻئي وقت لکڻ لاءِ رکيل مورائي اڄ ان شخص/ ليکڪ جو جنم ڏينهن آهي، جيڪو پنهنجو مثال پاڻ آهي. شايد دنيا جي ادب ۾ اهڙو ٻيو مثال اڄ جي تاريخ تائين ملي نه سگهي، ڇاڪاڻ ته ادب ۾ اڄ جنهن تيزيءَ سان واڌارو آيو آهي، اوترو ئي تيزيءَ سان سائنس جي نين ايجادن پڻ انسان کي معلومات ميسر ڪرڻ شروع ڪئي آهي. اڄ هڪ منٽ جي سٺ سيڪنڊن ۾ اسين سٺ ملڪن بابت معلومات حاصل ڪري سگهون ٿا، پر هڪ اهڙو زمانو به هئو، جنهن کي جديد زمانو ته ڪوٺي سگهجي ٿو پر ان کي ڪمپيوٽر جو زمانو ڪوٺي نه سگهبو، ان زماني ۾ معلومات ايتري تيزيءَ سان نه پهچندي هئي، جيتري اڄ ملي رهي آهي. ها ان دور ۾ دنيا جي معلومات هن جي سفر نامن مان ملندي هئي، اهي سفرناما پڙهي، اسان انهن ملڪن جي ڄاڻ حاصل ڪندا هئاسين جن ملڪن ۾ هو موجود هوندو هئو. اڄ سندس سفرنامن جو انگ هڪ سئو کان ڪجهه گهٽ هوندو ۽ ايترو انگ دنيا جي ڪنهن به ليکڪ جي سفرنامن جو شايد ئي هجي، سنڌ جي آڳاٽي معلومات اسان کي، ابن بطوطا سميت دنيا جي ٻين ڪيترن ئي سياحن جي سفرنامن مان حاصل ٿيندي هئي، ايئن دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن بابت معلومات اسان کي هن جي سفر نامن مان حاصل ٿيندي هئي، اڄ محسوس ٿي رهيو آهي ته ان دور ۾ جيڪو چاليهه سال کن اڳ جو آهي، جڏهن به ڪو سنڌي نوجوانن ٻاهر وڃڻ چاهيندو هئو ته اهو سندس سفرنامن مان گهربل معلومات حاصل ڪندو هئو، بلڪل ايئن جيئن اڄڪلهه گوگل ۽ ٻين ويب سائيٽس تان معلومات حاصل ڪجي ٿي، خود هو به چاهيندو هئو ته سندس سفرنامن ۾ ڏنل معلومات مان سنڌي گهڻي گهڻي معلومات حاصل ڪن، ان ڪري، هو اهڙي ئي نموني تفصيل ڏيندو هئو، ان شخص ليکڪ جو نالو لکڻ لاءِ مان نهايت ادب سان ۽ قلم کي اکين سان لڳائي لکڻ چاهيان ٿو جيڪو آهي، الطاف شيخ! سنڌ شايد خوش نصيب آهي ۽ سنڌي ادب ڀاڳ وارو آهي، جنهن کي شاهه کان پوءِ ٻه شيخ مليا ۽ ٻئي اهڙا آهن جن جي نالي سان ڪنهن مثال، تشبيهه ۽ تميل جي گهرج نه آهي. هڪ شيخ اياز آهي ۽ هڪ الطاف شيخ آهي. شيخ اياز پنهنجي شاعريءَ جي معرفت جيڪو سنڌي ادب کي سُڪار بخشيو آهي اهو پنهنجو مٽ پاڻ آهي ۽ الطاف شيخ پنهنجي نثر، خاص طور سفري نثر معرفت سنڌي ادب کي جيڪا خوشحالي ڏني اها پنهنجو مٽ پاڻ آهي. هن ادبي طور سنڌي نثري ادب کي ته مالامال ڪيو ئي آهي پر ان ادب ۾ هن سنڌي پڙهندڙ کي جيڪا ڄاڻ ڏني آهي اها ايتري گهڻي آهي جو اها اڄ لکت ۾ شال ماپي سگهي. ڪنهن به ادب ۾ ڪي صنفون جڏهن ايجاد ٿينديون آهن ته انهن کي وڌڻ ويجهڻ ۾ چڱو وقت لڳندو آهي، پر سنڌي ادب ۾ سفر نامي کي هڪ صنف طور الطاف شيخ ايترو تيزيءَ سان مٿي کڻي آيو، جنهن جو به شايد مثال ادب ۾ ٻيو نه ملي سگهي. سفر نامو ڇاکي چئجي ٿو. اهو الطاف شيخ جي سفرنامن کي پڙهي سمجهي سگهجي ٿو. جيتوڻيڪ سفرنامن سان گڏ، اڻ سڌي نموني يا سڌي نموني، هن پنهنجون يادگيريون به ڏنيون آهن ته پنهنجا تجربا به، ساڳئي وقت هن جن ملڪن ۾ ڪجهه وقت گذاريو آهي، انهن ملڪن جي ادب/لوڪ ادب/چوڻين ۽ پهاڪن وغيره کي به نه صرف پڙهيو ۽ پروڙيو آهي، پر انهن جي ڄاڻ به سنڌي ماڻهن کي ڏني آهي، ان کان سواءِ سندس بيو هڪ ڪم اهو به آهي ته دنيا ۾ رهندڙ ۽ کيس موهيندڙ اديبن جي لکڻين کي ترجمو ڪري اسان کي انهن جي ادب ۽ مزاج کان به واقف ڪيو ۽ اهو سڀ جنهن وقت هن ڪيو، ان وقت اسان وٽ ٻاهران جو ايترو ادب ترجمو نه ٿيندو هئو. معلومات جا وسيلا به بنهه گهٽ هئا. ان وقت الطاف شيخ پنهنجي سفر نامن ۾ اهو به ٻڌايو ته هو جنهن ملڪ ۾ آهي ان ۽ سنڌ ۾ مختلف حوالن سان ڪهڙيون هڪ جهڙايون آهن ۽ ڪهڙيون انفرادتيون آهن. جنهن مان ايئن لڳندو هئو ته هن دنيا جي ڪنهن ڪنڊ ۾ هوندي به سنڌ، سنڌي ادب ۾ سنڌي ماڻهن کي نه وساريو. دنيا جي ماڻهن جي خوشحالي ۽ ڏکن سکن سان سنڌ کي ڀيٽيو ۽ ڪي نتيجا سامهون آندا، جن مان سنڌي ماڻهن گهڻو ئي پرايو. ها! مٿيون سڀ ماضي هئو، جنهن جو ذڪر مان ڪري رهيو هوس، ڪڏهن ڪڏهن ماضي فخر لائق هوندو آهي، حال هيڻو هوندو آهي، قومون يا ته ماضيءَ ۾ جيئنديون آهن يا مستقبل جي خوابن ۾! ايئن شخص سان به ٿيندو آهي، پر هيءُ شخص/ليکڪ الطاف شيخ انهن شخصن/ليکڪن مان آهي جنهن ماضيءَ، حال ۽ مستقبل کي ڳنڍي رکيو آهي، هو پاڻ جڏهن کان لکڻ لڳو آهي، جيڪو اسان جو ماضي آهي، اڄ تائين اسان جي حال تائين لڳاتار لکي رهيو آهي، هاڻ هو پنهنجي اڇي سونهاريءَ ۾ نماز جي پنجن وقتن وانگر، لکڻ کي عبادت سمجهي ٿو. هو لکڻ جي معاملي ۾ سچل وانگر جو دم غافل سو دم ڪافر ٿيڻ کان ڪوهين ڏور آهي، ۽ جنهن شخص/ليکڪ لاءِ لکڻ عبادت هجي، ان کان سندس آخري ساهه تائين قلم نٿو ڇڏائجي سگهي. هونئن به اسلام ۾ واهه کوٽائڻ، وڻ پوکائڻ ۽ ڪتاب لکڻ صدقه جاريه آهي ۽ الطاف شيخ پنهنجي حصي کان وڌيڪ ڪتاب لکي پنهنجي ان عبادت کي دوامُ بخشيو آهي، اڄ سندس جنم ڏينهن آهي ۽ جڏهن ماڻهن جي اڪثريت دعائن مان ويساهه وڃائي ويٺي آهي، ان وقت آئون سندس صحت ۽ عمردرازيءَ لاءِ دعاگو آهيان، خاص طور انهن هٿن جي سلامتيءَ لاءِ جيڪي هڪ وقت دعائن لاءِ کڄندا آهن ۽ ٻئي وقت لکڻ لاءِ تيار ٿيندا آهن. اڻ ميون نيڪ خواهشون سندس جنم ڏينهن تي،کيس مبارڪن سان گڏ ڪجهه لفظن جي ڀيٽا، اميد اٿم ته سندس بارگارهه ۾ قبول پوندي. الطاف شيخ دنيا جو وڻجارو اڄ سنڌ جي سپوت، سنڌين کي سڄي جڳ کان سنڌيءَ ۾ واقف ڪرائيندڙ، پاڪستان جي پهرين خودڪار جهاز کي هلائيندڙ مئرين انجنيئر، مليشيا، جپان ۽ ٻين ملڪن ۾ پڙهائيندڙ مانواري الطاف شيخ جو جنم ڏينهن آهي. پنهنجي ذاتي حوالي سان هن سان گڏ سندس وني ۽ ٻه نياڻيون آهن پر قوم کي هن ۷۰ ورهين ۾ ۷۸ ڪتاب ڏئي جيڪو ڪم ڪيو آهي، اهو بي مثل آهي. ان جي پوروڇوٽ ٻيو ڪير به ڪونهي. سنڌ ۾ جڏهن گليور، مارڪو پولو، ابنِ بطوطه، ابن انشا، جي الانا ۽ ٻين جي سفرنامن جي هاڪ هئي، سنڌ دنيا کي انهن سفرناما لکندڙن جي اکين سان پئي ڏٺو، تڏهن حيدرآباد جي پسگردائي جي سڀ کان مشهور شهر ”هالا نوان“ ۾ الطاف شيخ جهڙو املهه ماڻڪ پيدا ٿيو هيو جنهن ”بندر ديسان ديس“ کان پنهنجي جهازي سفر کي شروع ڪري، سنڌ کي پنهنجي دل جي محراب ۾ رکي، انسانيت ۽ فضيلت کي ساڻ کڻي محنت ۽ اورچائي سان دنيا جي گهاٽ گهاٽ جا پاڻي پي اتي جي انسانن، شهر، ماڳن ۽ مڪانن، علم ۽ صحت ۽ ڪهاڻين توڙي چوڻين ۽ سفر جي تڪليفن ۽ لذتن جي باري ۾ لکڻ شروع ڪيو هيو. سنڌ جي نوجوانن ۾ ۷۰ ۽ ۸۰ جي ڏهاڪن ۾ غيرسياسي ادب ۾ فڪشن ۾ جيڪو ڪم امر جليل ۽ نجم عباسي جو سامهون آيو، ٻهراڙي جي ٺيٺ روايتن ۽ سماج کي جنهن نموني نسيم کرل لکيو، استاد بخاري جي عوامي اظهار جا نوان نوان مظهر سامهون آيا هيا، تيئن الطاف شيخ پنهنجي مسلسل محنت سان هڪ وڻجاري، هڪ سائل، هڪ سيکڙاٽ، هڪ چاهيندڙ، هڪ ٻاڏائيندڙ مسافر جيئان در در وڃي، وطن وطن جي ولين جا واس وٺي، سٺي ۽ خراب کي جيئن ڏٺو تيئن قلمبند ڪري ڇڏيو. سفرناما لکندڙ جيڪڏهن ڪنهن ملڪ جو ايجنٽ يا عيوضي ناهي ته پوءِ هو جيڪي ڪجهه ڏسي ٿو، ان جي ”ايئن هجڻ“ جا سبب ڳولڻ بدران جيڪي ڪجهه نظر اچي ٿو، اهو لکي ٿو. مسٽر الطاف شيخ کي پڻ اها سهولت ميسر رهي آهي ته هو پاڪستان مئرين انجنيئر جي حيثيت سان سڄي دنيا ۾ ويو، دنيا کي ڏٺو، گهميو ڦريو، ماڻهن سان رلي ملي ويو. سڄي دنيا جي تهذيبن جي چڱاين جو عرق پنهنجي دماغ ۾ اوتي، ان جو تولو ساڻ کڻي، ان جي خوشبو جا وڻ سنڌين کي سونگهايا، ڏيکاريا ۽ ٻڌايا. هو سياح وانگر سياحت ڪندڙ به آهي ۽ سفر ڪندڙ جيئان مسافر به آهي. هن اها ڳالهه برمودا جي ٽڪنڊي تي به ڪانه ڏٺي هئي ته سندس ڇا ٿيندو ۽ هن آفريقا ۽ آمريڪا ۾ وڃي به نه ڏٺو هيو ته هو ڪٿي پهتو آهي. سڄي دنيا جا عالم ان ڳالهه تي سهمت آهن ته گڏ رهڻ، ساڻ گهمڻ، ڪتاب پڙهڻ سان انساني قدرن جي پروڙ به پئي ٿي ۽ انهن مان جيڪي بهتر آهن سي پاڻ تي لاڳو ڪرڻ جي عادت به پئي ٿي. الطاف شيخ سنڌين کي رڳو دنيا نه ڏيکاري آهي، رڳو دنيا جا قدر نه ڏيکاريا آهن، رڳو دنيا جي عوامن جي محنت باري ۾ نه ٻڌايو آهي، رڳو جپان، چين، مليشيا جي محنتي عوام بابت ئي نه ٻڌايو آهي پر انهن محنتي قومن جي ملڪن وٽ پاڻ کي پڻ مڃايو آهي. هو سنڌ جو اهو سفرناما لکندڙ ۽ مئرين انجنيئر آهي جيڪو ۷۰ ورهين ۾ ڪنهن وقت به جپان طلب ڪيو وڃي ٿو ته ”اسان کي اچي پڙهاءِ“ ۽ اهڙا سڏ پڙاڏا کيس مليشيا ۽ چين مان به اچي سندس ڪنن تي ٻُرن ٿا. انگريز چون ٿا ته ”جيڪو گهمي نه ٿو سگهي اهو سکي نه ٿو سگهي“. چين ۾ چوندا آهن ته ”سفر جون ڏنگايون ۽ چڱايون گهر واپس اچڻ تي پراڻي وهاڻي تي ٽيڪ ڏيڻ واري گهڙيءَ وڌيڪ فرحت بخشين ٿيون“ آمريڪي چون ٿا ته ”جنهن بهتر ملڪ گهميا ته اهو بهتر سکندو پر جنهن جي ڀاڳ ۾ خراب ملڪ گهمڻ ۾ اچي ويا ته مسافر انهن مان لطف وٺي سگهن ٿا.“ جرمني ۾ چوندا آهن ته ”دنيا ۾ پنهنجي وطن کان پري، اڻ واقف شهر ۾ صبح جو اڪيلو اٿڻ جهڙو مزو، ٻيو ڪٿي به ڪونهي.“ الطاف شيخ پنهنجي سڄي ڄمار جيئرو رهڻ جو انتظار ڪرڻ بدران زندگيءَ جي هر گهڙيءَ، هر لحظي ۽ هر لمحي مان مزو به ورتو آهي ۽ جيڪي سکي سگهيو آهي، اهو سنڌين کي لکي ڏنو آهي. هن کي اها خبر آهي ته ويهه ورهيه ڪجهه نه ڪرڻ ۽ ويهه ورهيه پوءِ ان تي پڇتائڻ بدران سڀ ڪجهه اڄ کان ئي شروع ڪرڻو آهي. سنڌ لاءِ الطاف شيخ ”دنيا جو سونهون آهي.“ سنڌي ادب ۾ هو ”سفرنامن جو قليچ بيگ“ آهي. هن ڏيهه ڏيهه جي وڻ وڻ منجهان واسُ وٺي سنڌ کي عطا ڪيو آهي. غربت ماري سنڌ جي زمين جا لکين پڙهيل سندس ٿورائتا آهن، جنهن جي لکڻين جي ڪري اهي نوجوان ۽ هر عمر جا انسان دنيا جي باري ۾ ڄاڻ رکن ٿا. سنڌ، الطاف شيخ جي ڪري اڻ ڄاتي دنيا کي ڄاڻڻ شروع ڪيو آهي. هن جي ڪيل لکين ميلن جي مسافري ۽ سندس هٿن سان لکيل لکين اکرن جا ڪتاب سندس محنت ۽ عظمت جي جيئري گواهي آهن. روزاني ”عوامي آواز“ پاران سنڌ جي سرجڻهار، سامونڊي انجنيئر، پروفيسر، ۷۸ سنڌي، اردو ۽ انگريزي سفرنامن لکندڙ مانواري الطاف شيخ جي ۷۰ سال شروع ٿيڻ تي، سندس جيئري ڀيٽا پيش ڪندي سندس جنم ڏينهن تي لک لک واڌايون ڏيندي پاڻ کي وڌيڪ باعزت سمجهئون ٿا. شال سدا خوش ۽ آباد هجي. ايڊيٽوريل؛ روزاني ”عوامي آواز“ خميس ۱۴ نومبر ۲۰۱۳ع / ۹ محرم ۱۴۳۵ھ الطاف شيخَ کان انٽرويو پروفيسر ڪوثر ميمڻ پاڻي جا جهاز هلائيندڙ ۽ سفرناما لکندڙ مـشهور شخصيت الطاف شيخ هڪ ٽيچر پڻ آهي. هن نوڪريءَ جا آخري ويهه سالَ باقاعدگي سان پڙهايو ۽ مختلف نيول اڪيڊمين ۾ ”مئرين انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ“ جو هيڊ ٿي رهيو. رٽائرمينٽ کانپوءِ به هو اڄ تائين وزٽنگ پروفيسر جي حيثيت سان دنيا جي مختلف يونيورسٽين ۽ تعليمي ادارن ۾ نه فقط جهاز سازي تي پر سنڌي سفرنامي تي به ليڪچر ڏيندو رهي ٿو. الطاف شيخ ۱۴ نومبر ۱۹۴۴ع تي هالا ۾ ڄائو. مئٽرڪ ۽ انٽر ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان ڪرڻ بعد هن مئرين انجنيئرنگ (جهازن جي انجنيري) چٽاگانگ، بنگلاديش (ان وقت مشرقي پاڪستان) مان ڪئي ۽ پوءِ پوسٽ گرئجوئيشن WMU يونيورسٽي، مالمو (سئيڊن) مان ڪئي. ۱۵ سال کن لڳاتار دنيا جي سمنڊن تي، مختلف قسمن جا جهاز هلائڻ بعد هن ملائيشيا ۾ ڪناري جي نوڪري اختيار ڪئي. پاڻ ۷۵ کان مٿي ڪتابن جو مصنف آهي سندس ڪالم پاڪستان ملائيشيا ۽ جپان جي اخبارن ۾ ايندا رهن ٿا. سندس زال مستوران گهلو دادو جي آهي ۽ کين ٻه ٻار مريم (جيجل) ۽ مارئي آهن. هتي گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج نواب شاهه جي ليڪچرر مئڊم ڪوثر ميمڻ جي ڪراچيءَ ۾ساڻن ٿيل ڳالهه ٻولهه جو احوال ڏجي ٿو. (ادارو) ڪوثر:- ڇوڪرين جي تعليم بابت توهان جا ڇا ويچار آهن؟ الطاف:- تعليم هر انسان لاءِ ضروري آهي. تعليم يافته ڇوڪري سٺي ماءُ ٿي ٻارن جي صحت، اخلاق ۽ تعليم جو خيال ڪري ٿي، سٺي زال بنجي مڙس جي ڪمائيءَ موجب سٺي نموني گهر هلائي ٿي ۽ گهر جي ماحول کي خوشگوار بنائي ٿي. ۽ منهنجي تعليم مان اها مراد هرگز نه آهي ته نه ڪاليج اٽينڊ ڪجي نه يونيورسٽي وڃجي، رڳو ڪاپي ڪري ڊگري حاصل ڪجي... جيڪا ڳالهه اسان وٽ عام ٿي پئي آهي. ڪوثر:- ڇا ڇوڪرين کي نوڪري ڪرڻ کپي؟ الطاف:- ضرور ڪرڻ کپي. ان سان هن ۾ اعتماد به اچي ٿو. هن مهانگائيءَ جي دؤر ۾ هوءَ پئسي ڏوڪڙ جي معاملي ۾ به مڙس جي مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي ۽ نوڪري ڪندڙ عورت جي، گهر ۾ توڙي ٻاهر عزت رهي ٿي. پر اسان وٽ اها افسوس جي ڳالهه آهي ته ڪيترون ڇوڪريون ڊاڪٽر ۽ انجنيئر ٿيڻ بعد به نوڪري نٿيون ڪن. هو پنهنجو به نقصان ڪن ٿيون ته غريبن سان به ظلم ڪن ٿيون. اهو هن ريت جو ان کان بهتر هو ته ڪنهن ٻي ڇوڪريءَ کي پڙهڻ ڏين ها جيڪا ڊاڪٽر يا انجنيئر ٿي ملڪ جي خدمت ڪري ها. ڪوثر:- ڪيتريون ڇوڪريون پاڻ ته نوڪري ڪرڻ چاهين ٿيون پر سندن مڱيندا يا مڙس کين نوڪري ڪرڻ کان جھلين ٿا. الطاف:- آئون اهو هرگز نه چوندس ته پنهنجي مڙس جي ڳالهه نه مڃجي يا ان سان ضد ڪجي. پر ايترو آهي ته هو پاڻ يا خاندان جي ڪنهن سلجھيل فرد معرفت هن کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهي ٿي. ڪيترا اهڙا قصا به عام آهن ته شاديءَ مهل مڙس وڏا قرب جتائي زال کي چوندو آهي ته تون گهر ۾ راڻي ٿي رهه ۽ توکي نوڪري ڪرڻ جا ڪا ضرورت ناهي. پوءِ اهو ئي مڙس ڪجهه سالن بعد زال کي ڀنگياڻي به نه سمجھندو آهي. ۽ پوءِ زال پنهنجي ۽ پنهنجي ٻارن جي جياپي لاءِ دربدر ٿيو وڃي. پنج ڇهه سالن جي Gap ڪري کيس نوڪري به نٿي ملي جيڪا هڪ فريش گرئجوئيٽ کي ته سولائيءَ سان مليو وڃي. ڪوثر:- بيروزگاري جو زمانو آهي اسان وٽ ته نوڪري به ڏکي ٿي ملي؟ الطاف:- بلڪل صحيح ٿا چئو. نه رڳو پنهنجي ملڪ ۾ پر ٻاهر ولايت ۾ به اهو حال آهي. جپان، ڪوريا، ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ به انهن جا پنهنجا نوجوان نوڪرين خاطر واجھائيندا وتن. ان هوندي به آئون ڏسان پيو ته اسان جي ملڪ جا پڙهيل ڳڙهيل ولائت ۾ به سٺين سٺين نوڪرين ۾ آهن. انڊيا ۽ بنگلاديش جون ته ڪيتريون ئي ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا ملائيشيا، جپان سنگاپور ويندي عرب ملڪن ۽ آمريڪا ۽ يورپ ۾ سٺن Jobs ۾ آهن. ڪوثر:- ڇو ڀلا اسان جي گرئجوئيٽ کي سٺي ۽ سولائيءَ سان نوڪري نٿي ملي؟ الطاف:- اهو ان ڪري جو اسان جي اسٽوڊنٽ وٽ ڊگري جو ڪاڳر ته آهي پر هن کي ان سبجيڪٽ ۾ نه دسترس آهي ۽ نه تجربو ۽ ڄاڻ. مونکي ياد آهي ته اسي واري ڏهي ۾ جڏهن آئون ملائيشيا ۾ هوس ۽ ملائيشيا تيزي سان وڌي رهيو هو ته هنن ڪيترن ئي اسان جي ڊاڪٽرن کي نوڪريون ڏنيون پر نوي فيصد کان به مٿي موٽي آيا جو هنن کان ڳوٺن ۾ رهي اڪيلي سر ڪم نٿي پڳو. ڊاڪٽري جي ڊگري ۽ هائوس جاب ڪرڻ جو سرٽيفڪيٽ هجڻ جي باوجود هنن کي ڊاڪٽري جي صحيح ڄاڻ نه هئي. نتيجي ۾ هو پاڻ ئي ڀڄي ويا. سندن ان ڪوتاهيءَ ڪري اڄ به ڪيترن ملڪن ۾ رهندڙ اسان جي ملڪ جا بزنيس مان ۽ ڪارخانن جا مالڪ پنهنجن هم وطنين کي نوڪري نٿا ڏين. هو انهن کان وڌيڪ بنگلاديش، انڊيا، سري لنڪا، فلپين ۽ ڪوريا وغيره جي نوجوانن کي ترجيح ڏين ٿا، جيڪي پنهنجي پنهنجي فيلڊ جا ڄاڻو آهن، گهٽ پگهار تي به راضي رهن ٿا، محنتي آهن ۽ ڳالهه ڳالهه تي ڦڏو يا موڪل نٿا ڪن. جنهن ڪري کين نوڪري ڏيڻ وارو مالڪ يا ادارو به خوش ۽ سُڪون ۾ رهي ٿو. ڪوثر:- پنهنجي فيلڊ ۾ سٺو ٿيڻ لاءِ هڪ شاگرد کي ڇا ڪرڻ کپي؟ الطاف:- هن کي پنهنجي پنهنجي سبجيڪٽ ڊاڪٽري، انجنيري، سائنس، I.T، مئٿس يا جيڪو به هجي ان جي تات هجڻ کپي. ان ۾ ماهر ٿيڻ کپي. رڳو ڊاڪٽري يا انجينري پاس ڪرڻ ۽ ڊگري حاصل ڪرڻ ضروري ناهي پر مٿانهين پوزيشن حاصل ڪرڻ اهم آهي. ان لاءِ هن کي سال جو هڪ هڪ ڏينهن محنت ڪرڻ کپي. هڪ مثال ٿو ياد اچيم: ملائيشيا ۾ نوڪرين جي چونـڊ لاءِ اتي جي مڪاني ملئي آفيسرن سان گڏ ڪجهه سال آئون به انٽرويو جي پئنل تي رهيس. ڊاڪٽري ۽ انجنيئري جي نوڪري لاءِ اسان جي ملڪ جا آيل ڪجهه اهڙا به اميدوار ڏٺم جن وٽ ڊاڪٽري يا انجنيئري جي ڊگري ته هئي پر ان سان گڏ M.A انگريزي، هسٽري يا ايڪانامڪس جي ڊگري به هئي.... سا به ساڳي سال ۾ حاصل ڪيل! مون سان گڏ منهنجا ملئي آفيسر دوست به ان ڳالهه تي تعجب کائيندا هئا. مزي جي ڳالهه ته هنن کان کڻي ڊاڪٽري يا انجنيري جو سوال ڪر ته ان جو به بهتر جواب نه ڏئي سگهن! پڇ کڻي هسٽري، انگريزي يا ايڪانامڪس بابت ته ان کان به هو اڻ ڄاڻ. هنن جو سڄو زور حاصل ڪيل ڊگرين جا ڪاڳر ڏيکارڻ تي رهيو ٿي. ياد رکو ته اڄ ڪلهه ڪو به ٺلهين ڊگرين تي نوڪري نٿو ڏئي، هو دلي جي خريدار وانگر ٺوڪي ٺوڪي پوءِ پنهنجي اداري يا ڪارخاني ۾ نوڪري ڏئي ٿو. مالڪ اهو ئي ڏسي ٿو ته فلاڻي يا فلاڻي ماڻهوءَ کي رکڻ سان هو مونکي ڪيترو ڪمائي ڏيندو؟ هن کي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت به آهي يا نه؟ ڪوثر:- تنهنجي معنيٰ ته ڪا ڇوڪري ڊاڪٽري پڙهي رهي آهي ته هوءَ فقط ان سان تعلق رکندڙ ڪتابن کي پڙهي؟ الطاف:- بلڪل صحيح ٿيون چئو. مونکي LUMS جي هڪ شاگرد، غلط سلط انگريزيءَ ۾ اي ميل ڪيو ته؛ ”سائين توهان کي خوشي ٿيندي ته آئون توهان جو فئن (پرستار) آهيان ۽ مون توهان جا سڀ ڪتاب پڙهيا آهن.“ جواب ۾ لکيومانس ته پُٽ مونکي خوشيءَ بدران افسوس ٿيو آهي. منهنجي ڪتابن پڙهڻ پٺيان وقت وڃائڻ بدران پنهنجا ميڊيڪل جا ڪتاب پڙهه ۽ انهن ۾ ڀڙ ٿي ته اها سٺي ڳالهه آهي. فائنل ييئر تائين پهچي ويو آهين پر انگريزيءَ جون ٽي سٽون به صحيح نٿو لکي سگهين. ڪوثر:- دراصل اهو به پرابلم آهي ته اسان وٽ هر ڳالهه انگريزيءَ ۾ هلي ٿي. الطاف:- نه رڳو اسان وٽ پر جتي ڪٿي انگريزي هلي ٿي. ترڪيءَ کان وٺي جپان تائين انگريزيءَ کي مانُ ڏنو وڃي ٿو. اسان اجايو سنڌي سنڌي يا اڙدو اڙدو جي تسبيح پڙهون ٿا. اهي زبانون ته هونءَ به هر ڪو سکيو وڃي. حقيقت اها آهي ته اڄ به ڪورٽ ۾ درخواست ڏيڻي هجي يا ايئر لائن جي هوسٽس يا اسٽيورڊ جو انٽرويو... هر ڪارروائي انگريزيءَ ۾ٿئي ٿي. ڪجهه سالَ اڳ ملائيشيا وارن اسڪولن ۾ پڙهائي جو ميڊيم ملئي زبان ڪيو. ٻن سالن بعد توبهه ڪري وري انگلش ڪيائون ته اها بين الاقوامي زبان آهي. ان جي ڄاڻ ڪري ته ملائيشيا جا ماڻهو دنيا ۾نوڪري ۽ تعليم وٺن ۽ ڏين ٿا نه ته انڊونيشيا به ساڳيو ملڪ آهي جتي انگريزي بدران ڊچ آهي ته هو فقط ۽ فقط هالنڊ وڃي سگهن ٿا جتي ڊچ ڳالهائي وڃي ٿي. ڪوثر:- توهانجو مطلب آهي ته اسان وٽ هر اسٽوڊنٽ کي چاهي هو ميڊيڪل جو هجي يا انجنيئرنگ جو ته پنهنجي بهتر مستقبل لاءِ انگريزي سڌارڻ کپي. الطاف:- جي ها! ڇو جو انٽرويو وٺڻ دوران مون ڪيترا پنهنجي وطن جا اميدوار ڏٺا جيڪي هوشيار هوندي به اها نوڪري حاصل ڪري نه سگهيا جو انٽرويو ۾ پڇيل سوالن جا ڦڙ ڦڙ (Fluent) انگريزي ۾ جواب نه ڏيڻ ڪري انٽرويو وٺندڙن کي متاثر نه ڪري سگهيا. ساڳي وقت سٺي انگريزيءَ ڪري ڪڏهن ڪڏهن بيوقوف ۽ ڇسا فلپيني ۽ سري لنڪن به چونڊجي ويا ٿي. هونءَ اڄ جي اسٽوڊنٽ کي آئون اها نصيحت ڪندس ته ڪمپيوٽر تي وقت نه وڃائين. ڪوثر:- پر ڪمپيوٽر ته اڄ جي دؤر جي اهم شيءِ آهي. الطاف:- بلڪل اهم ۽ ضروري شيءِ آهي جيڪا هر هڪ کي اسڪول جي ڏينهن کان ئي سکڻ کپي. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسان وٽ ڪمپيوٽر جي معنيٰ چئٽ ۽ معاشقو ڪرڻ ٿي پئي آهي، فيس بڪ کولي وهڻ يا خراب ويب سائيٽون ڏسي پنهنجو اخلاق برباد ڪرڻ عام ڳالهه ٿي پيو آهي. رحم جوڳي ڳالهه اها آهي ته اسان وٽ والدين کي نه وقت آهي نه ڪمپيوٽرن جي سٺاين خرابين جي ڄاڻ... ۽ نه پنهنجي اولاد کي Monitor ڪرڻ جي توفيقَ ته هو ڪمپيوٽر کولي ڇا ويٺو ڪري. ڳوٺن ۾ جنهن گهر ويندو آهيان ته گهر جي وڏڙي وڏي فخر سان ٻڌائيندي آهي ته هن جي ٻارن کي ڪمپيوٽر هلائڻ اچي ٿو ۽ پوءِ ويب سائيٽ هسٽري کي Check ڪري ڏسندو آهيان ته شرم ايندو آهي. ٻين ملڪن ۾، ويندي انڊيا ۾ اسان کان وڌيڪ Awareness آهي. اتي جي ٻارن حوالي به ڪمپيوٽر آهن پر ان تي هو تعليمي ۽ ڪم جون ويب سائيٽ ڏي ڌيان ڏين ٿا، فوٽو شآپ جهڙا مختلف پروگرام سکن ٿا، جيئن اهي سندن روزگار جا به ذريعا ثابت ٿي سگهن. محنت ڪري ڏهن ئي آڱرين سان ٽائيپنگ سکن ٿا. سري لنڪا ۽ بنگلاديش ۾ ته ڪيتريون ئي ڇوڪريون اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن لاءِ گهر ويٺي، روزانو ڪيترا ئي صفحا ڪمپوز ڪري گهر جو يا پنهنجي پڙهائيءَ جو خرچ ڪڍن ٿيون. ڪوثر:- توهان جو درس تدريس سان وڏو عرصو واسطو رهيو آهي. توهان جي خيال ۾ سٺي شاگرد لاءِ ڇا ضروري آهي؟ الطاف:- سڀ کان اهم شيءِ آهي ڪلاس ۾ ڌيان سان ليڪچر ٻڌڻ ۽ پوءِ گهر ۾ صحيح وقت تي ان کي پڙهڻ يا ياد رکڻ ۽ اهو ڪم روز جو روز هجڻ کپي. پر اسان وٽ ائين ناهي. ڪيترا ئي اسٽوڊنٽس سڄو سالُ وقت برباد ڪندا رهندا ۽ پوءِ امتحانن کان مهينو اڌ اڳ هڻ وٺ ڪندا. تازو هڪ گهر ۾ وڃڻ ٿيو. امتحان ۾ فيل ٿيندڙ ڇوڪريءَ لاءِ مائٽن کي چيم ته هن پڙهيو نه هوندو. ان تي ڇوڪريءَ جي ڏاڏيءَ امتحان وٺندڙن کي پِٽون ڏيندي ٻڌايو ته امتحانن جي ڏينهن ۾ هوءَ سڄي سڄي رات ويهي پڙهندي هُئي. ”آئون جنهن وقت فجر نماز لاءِ اٿندي هيس ته ان وقت هوءَ ڪتاب ٺپي سمهڻ ويندي هئي.“ هاڻ ان قسم جي اسٽوڊنٽس کي ڪير سمجھائي ته سڄي رات جاڳي پڙهڻ کان بهتر آهي ته سوير سمهي رهجي ۽ فجر مهل اٿي فريش دماغ سان پڙهجي ته بهتر آهي. آئون پنهنجن نيوي جي شاگردن کي هميشه طوطي جو مثال ڏيندو آهيان ته ان کي ڪجهه ياد ڪرائڻ لاءِ فجر مهل پڙهايو ويندو آهي ۽ ٻي ڳالهه ته هن جي دماغ ۾ ڳالهه تڏهن ويهندي آهي جڏهن سندس پيٽ خالي هوندو آهي. هڪ دفعي ڄام شوري ڦاٽڪ واري هوٽل تي رات جي وقت ڪجهه شاگردن کي اڦراٽا تيار ڪرائي کائيندو ڏٺم، هنن ٻڌايو ته ”امتحان جا ڏينهن ويجھا آهن سو هو رات جو دير تائين پڙهن ٿا ۽ بک لڳڻ تي ماني کائڻ اچن ٿا.“ هاڻ ههـڙي ڳري ماني کائڻ وارا ڇا پڙهندا! هو رڳو مائٽن کي دوکو ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿا ته هو وڏي محنت پيا ڪن. هوشيار ۽ نمبر کڻڻ وارا شاگرد امتحانن جي ڏينهن ۾ آرام ڪن ٿا باقي سڄو سال مقرر وقت روزانو پڙهن ٿا. ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ ته روزانو شام جو ساڍي ستين کان ٽي وي تي پَٽي هلائي ويندي آهي ته رات جا اٺ ٿيڻ وارا آهن ٻارن کي سمهاري ڇڏيو. ملائيشيا ۾ هر هنڌ صبح جو ستين بجي اسڪول کلن ٿا ۽ ٻار سج اڀرڻ کان اڳ ننڊ مان سجاڳ ٿين ٿا. جپان ۾ وڏن شهرن ۾ به رهائشي علائقن جي گهٽين جون بتيون نائين بجي بند ٿيو وڃن ۽ ٻار ان کان اڳ سمهيو رهن. هو نه فقط سڄو هفتو سج اڀرڻ کان اڳ اٿن پر آچر ڏينهن ۽ موڪلن ۾ به سوير اٿن ۽ گهٽيءَ ۾ بيهي ڏهن منٽن لاءِ PT ڪن ۽ پنهنجي ڊائري تي گهٽي جي انچارج کان صحيح وٺن ته هو سوير ئي اٿيا. پر اسان مسلمانن جي گهرن ۾ ڇا ٿي رهيو آهي؟ سج مٿي چڙهي ايندو، مکيون پيون پٽينديون پر ٻار موالين وانگر سُتا پيا هوندا. اسڪول وارن ڏينهن ۾ به مائرون رات جو دير تائين ٽي وي ڏسنديون. ٻارن کي به جاڳائي رکنديون، ۽ پوءِ ننڊ پوري نه ٿيڻ ڪري ٻار صبح جو اوٻاسيون ڏيندا اسڪول ويندا آهن ۽ جھوٽا کائيندا گهر موٽندا آهن. هاڻ ٻڌايو ته اهڙين حالتن ۾ هو موڳا نه ٿيندا ته ٻيو ڇا ٿيندا؟ ۽ اهڙين ڳالهين ڏي ڌيان ڌرڻ مائرن جو ڪم آهي. پر هر ماءُ ٻارن جي نڪمي پڻي جو ڏوهه اڪثر مسين (ماسترياڻين) تي ٿاڦيندي نظر اينديون آهن. الطاف شيخَ جي ڳالهين مان ورتل ڪجهه وڌيڪ ٽڪرا، جيڪي اسان جي ملڪ جي مائرن لاءِ سوچڻ جي خوراڪ مهيا ڪن ٿا. · اسان وٽ مائرون ٻارن جي تعليم ۽ سڌاري تي نه ڌيان ڏين ٿيون نه محنت ڪن ٿيون. هنن جي هر وقت اها ڪوشش رهي ٿي ته هوم ورڪ به آفيس مان موٽڻ تي پيءُ اچي ڪرائي. ڪيترن گهرن جا ٻار ٽيوشن لاءِ ماسترياڻيءَ وٽ وڃن ٿا جيڪا اڪثر سندن اسڪول جي مِس هوندي آهي. ٽيوشن تي ٻارن کي سمجھائڻ بدران هنن کي سوالن جا جواب (خاص ڪري مئٿس ۽ سائنس جا) ٻڌائي هوم ورڪ جي آنگ لاٿي ويندي آهي. · اسان وٽ مائرن جو زور رڳو ٻارن کي اوچا ڪپڙا پهرڻ تي آهي. ڪيترن جي گهرن ۾ ويندو آهيان ته حيرت ٿيندي آهي ته مائرون وڏي خرچ تي ورتل اوچا ”برانڊيڊ“ ڪپڙا ٻارن کي پارائي، گد گد پيون ٿينديون آهن ته هنن جا ٻار ڪيڏا ته سهڻا ۽ سمارٽ پيا لڳن! اڙي بابا هنن کي لکڻ پڙهڻ ته سيکاريو. ڪلاس ٽو يا ٿري تائين پهچي ويا آهن پر p کي q پيا لکن... ننڍيون دعائون يا قرآن جون سُورتون به ياد نه اٿن... اها فضيلت نه اٿن ته ويهي کائجي... آرام سان پاڻي پيئجي ۽ وڏن سان ڪيئن ڳالهائجي! ٻار جي سنگهه وهي وات ۾ پئي ويندي، وڏن سان تون تون ڪري پيو ڳالهائيندو پر ان تي مائرون نه ڌيان ڏينديون، نه محنت ڪنديون! باقي رڳو زور جاگر جوتا ۽ اوچا ولائتي ڪپڙا پهرائڻ تي.. ڇو جو انهن ڳالهين تي کين محنت نٿي ڪرڻي پوي، جو مڙس جي حرام جي ڪمائيءَ مان هر شيءِ اچيو وڃي. · اسان وٽ عورتن کي ڪچهري ۽ پرائي پچارن کان فرصت ئي نٿي ملي جو ٻارن کي پاڻ وٽ ويهاري اسڪول ۾ پڙهيل سبق کي ڀيرو ڏيارين ۽ لکرائين، جيئن هنن جي هئنڊ رائيٽنگ به سٺي ٿئي. بلڪ ٻارن کي دڙڪو ڏئي ٻاهر ڪڍي ڇڏينديون ته وڃي گهٽي ۾ ٻين ٻارن سان راند ڪريو. ۽ پوءِ ٻار ٻاهر وڃي ڪنهن ڪوچ جي نظر هيٺ ڪرڪيٽ، والي بال يا ڪا اسپورٽ ڪونه ٿا سکن پر هڪ ٻئي کان گنديون ڳالهيون ۽ گاريون ٿا سکن. سڌريل ملڪن ۾ توهان کي ائين گهٽين ۾ ٻار نظر نه ايندا. هو موڪل واري ڏينهن تي مائرن سان گڏ گڏ نظر ايندا جيڪي هنن کي قدم قدم تي معلومات جون ڳالهيون ٻڌائيندي نظر اينديون. · اسان وٽ جنهن به گهر ۾ وڃ ته مهمان جي آڌر ڀاءَ ڪوڪا ڪولا، پيپسي يا ڪنهن ٻئي ايئريٽيڊ مشروب سان ڪئي وڃي ٿي. خبر ناهي هيءَ وبا سنڌ ۾ ڪيئن آئي. گهر گهر ۾ ڊاڪٽر ٿي ويا آهن پر ڪنهن کي به اهو هوش ناهي ته هي مشروب ڪيڏو خطرناڪ آهي جنهن ۾ هيڪاندي شگر آهي ۽ جنهن جا ٻيا ڪيميڪل انسان جي جسم جو ڪئلشيم ڳاريو ڇڏين. وڏا ته وڏا ننڍا به سڄي سڄي بوتل چٽ ڪريو وڃن. ڪوڪا ڪولا جو يهودي مالڪ سئيڊن جو آهي پر سئيڊن ۾ ان جي قيمت سڀ کان گهڻي رکي وئي آهي جيئن ماڻهو گهٽ واپرائين. سئيڊن جي ماڻهن کان پڇندائو ته هو اهو ئي ٻڌائيندا ته هو سال ۾ هڪ يا ٻه دفعا ٿا پين. آئون جنهن اداري سان سئيڊن ۾ وابسته هوس اتي جي ميس ۾ فقط ڪرسمس ڊي تي ڊنر تي منو گلاس ڪوڪا ڪولا يا سيون اپ جو Serve ٿيندو هو! · پڙهڻ ۾ رڌل رهڻ سان منهنجو مطلب اهو هرگز ناهي ته شاگرد هر وقت ڪتاب کڻيو ويٺا هجن. هنن لاءِ صحتمند راند روند ۽ جسماني ورزش به ضروري آهي پوءِ کڻي اها ڊگهي واڪ هجي يا جاگنگ. ڇوڪريون اها کوٽ گهر ۾ ڪم ڪار ڪري پوري ڪري سگهن ٿيون. ملائيشيا ۾ اسان جي ڳوٺ جي هڪ ڊاڪٽرياڻيءَ کي تمام سٺي نوڪري ملي پر هوءَ جلدي ئي واپس موٽِي آئي! ڇو؟ ڇو جو هن کي ماني پچائڻ نٿي آئي ۽ ملائيشيا جي حڪومت هن کي بورچياڻي آڻڻ جي ويزا نٿي ڏئي سگهي! ڪيڏي حيرت جي ڳالهه آهي! ٻيا ملڪ ته ڇڏيو پر سئيڊن، ناروي، ڊئنمارڪ جهڙن ملڪن جون وڏن عهدن تي فائز عورتون به رڌ پچاءُ پاڻ پيون ڪن. دادو شهر جي هڪ گهر ۾ ويس. ماءُ ۽ پوڙهي ڏاڏي منهنجي اچڻ جي خوشيءَ ۾ ڪڏهن پڪوڙا پيون ٺاهين ته ڪڏهن چانهه وغيره. ۽ سندن فرسٽ ايئر جي ڇوڪري صوفي تي اڌ گابرو ليٽي، لڳاتار ڪنهن کي SMS ڪري رهي هئي ۽ آيل جواب پڙهي خوش ٿي رهي هئي. مون ڇوڪريءَ جو نالو وٺي هن جي ماءُ کي چيو توهان ڇو پيون تڪليف ڪريو پنهنجي ڌيءَ کي اٿاريو ته اٿي چانهه ٺاهي ۽ پاڻي پياري. ”نه سائين اسان نٿا چاهيون ته هن جو پڙهائيءَ کانسواءِ ڪنهن ٻي ڳالهه تي وقت ضايع ٿئي.“ هن وراڻيو. ”ٺهيو! اڄ ڪلهه دنيا جي ملڪن جا ڇوڪرا به پيا رڌ پچاءُ سکن، جو خبر ناهي ته ڪٿي نوڪري ڪرڻي پوي ۽ ڇا حالتون هجن!“ مون دل ئي دل ۾ سوچيو. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسانجي ڇوڪرين کي ڪو هنر سکڻ يا سخت جان ٿيڻ کان روڪيو پيو وڃي! ۽ اسانجي ڇوڪرن جي وري ڪهڙي ڳالهه ڪجي! اهي ته وري اتر ٿا لهن. هنن کان ڇوڪرين جيتري به پڙهائي نٿي پڄي. نه وري ٿا ڪا ذميواري محسوس ڪن. هنن جو هر وقت ڌيان اوچي موبائيل فون رکڻ ۽ ڪَلفُ لڳل ڪپڙا پائي خوابن جي دنيا ۾ رهڻ تي آهي. ڪاش اسانجا اسٽوڊنٽس ترقي يافته ملڪن جپان وغيره، يا ترقي ڪندڙ ملڪن ملائيشيا وغيره، يا ويندي ايران ۽ انڊيا جي ئي شاگردن کي ڏسي ڪجهه سکي سگهن ۽ هو اهو محسوس ڪن ته مقابلي جو دؤر آهي جنهن ۾ ڪاميابي فقط اهي ماڻي سگهندا جيڪي صحيح معنيٰ ۾ تعليم حاصل ڪري امتحان پاس ڪندا سو به مٿانهين پوزيشن ۾، ۽ زندگي ۾ درپيش ايندڙ Challenges کي منهن ڏئي سگهندا. الطاف شيخ جو انٽرويو ڪاوش اخبار طرفان انٽرويو وٺندڙ: رشيد ميمڻ بتاريخ ۲۱ جون ۲۰۱۲ع ادب، تاريخ، ثقافت ۽ تهذيب جي حوالي سان دنيا ۾ سڃاتي ويندڙ سنڌ ڪن اهڙن شخصيتن کي به جنم ڏنو آهي، جن پنهنجي فن، لکڻين، ادب ۽ ڏات ذريعي پوري دنيا ۾ پنهنجو نالو منورڪيو آهي. اهڙين ئي شخصيتن مان هڪ نالو الطاف شيخ جو به آهي، جيڪو سنڌي ٻولي جو سڀ کان وڌيڪ سفر ناما لکندڙ ۽ سنڌ جو درد رکندڙ آهي. ڪاوش اخبار کي انٽرويو ڏيندي هن چيو آهي ته سنڌ ۾ تعليم جو معيار ڏينهون ڏينهن ڪِري رهيو آهي، نوجوانن کي صحيح تعليم ئي نٿي ملي، ان ڪري سنڌ سميت سڄي ملڪ جي نوجوانن جي اهليت ۽ قابيلت تمام گهٽ آهي. ملائيشيا ۾ سنڌ کان به گهڻي وڏيراشاهي هوندي به اُهو ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي، ڇو جو اتي جو هر وڏيرو پنهنجي ڳوٺ ۾ تعليم ۽ صحت جو اعليٰ معيار قائم رکڻ کي پنهنجو شانُ ۽ مانُ سمجهي ٿو، هو پنهنجي ڳوٺ جي ماڻهن کي خوشحال ڏسڻ چاهي ٿو پر هتي اسان وٽ سنڌ ۾ ائين نه آهي. ڪاوش پاران پڇيل سوال ته توهان ڇا ٿا سمجهو ته سنڌ جي نوجوانن ۾ ادب يا لکڻ سان اهو چاهه آهي جيڪو هئڻ گهرجي؟ جي جواب ۾ هن چيو ته بلڪل ناهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته اڄ تمام گهڻا ئي سٺا اديب، شاعر، صحافي ۽ پڙهيل ڳڙهيل نظر اچن ٿا پر جيڪا اڄ سنڌ جي آدمشماري آهي ۽ جيترا تعليمي ادارا آهن، ان جي مقابلي ۾ اهو تعداد بنهه گهٽ آهي. اسان جي گهڻي ڀاڱي نوجوان کي لکڻ ته ڇا پر پڙهڻ جو به شوق ناهي، هن کي صحيح تعليم ئي ڪانه پئي ملي ۽ نه ڪو صحيح پڙهڻ جو ماحول اٿن. نه استادن کي احساس آهي ۽ نه مائٽن کي الڪو آهي. اهو ڀلا ڪيئن؟ جي جواب ۾ هن چيو ته ٻين ملڪن کي ته ڇڏيو توهان رڳو ممبئي يونيورسٽي ۾ هفتو کن رهي ڏسو ته احساس ٿيندو ته اتي جي شاگردن ۽ تعليمي ماحول ۽ اسان ۾ ڪيڏو فرق آهي. اسان وٽ به ڪنهن زماني ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ اهو ماحول هو، جيڪو مون ۶۰ع جي شروع وارن سالن ۾ به ڏٺو، جڏهن منهنجا ڪلاس ميٽ پيٽارو مان انٽر ڪري سنڌ يونيورسٽي ۾ آيا هئا. آئون دنيا جي مخلتف ملڪن ۾ پڙهائڻ لاءِ ويندو رهان ٿو. ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچر ڏيڻ دوران منهنجي دل ۾ هميشه اها خواهش پيدا ٿيندي آهي ته ٻين ملڪن ۾ وڃڻ ۽ رهڻ ته مهانگو آهي پر ڪاش هر مهيني سنڌ يونيورسٽي جي ڪجهه استادن ۽ شاگردن کي هفتي جي ٻن ٽن ڏينهن لاءِ ممبئي يونيورسٽي ۾ مهمان طور رهايو وڃي جيئن هو ڏسي سگهن ته اتي ڪيئن پڙهائي ٿي رهي آهي، صبح شام ڪلاس پيا هلن، ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون رات جو ڏهين تائين لائبريري ۾ ويٺا آهن، ڪو هنگامو ناهي، ڪو جهيڙو ناهي... ته جيئن اسان کي پنهنجين ڪوتاهين جو احساس ٿئي. کوکرا پار کان ممبئي پهچڻ ۽ ممبئي يونيورسٽي جي گيسٽ هائوس ۾ رهڻ جو ڪو خاص خرچ به نه آهي. سفر ناما لکڻ جو شوق توهان کي ڪيئن ۽ ڪڏهن ٿيو، توهان ڪهڙي شيءِ کي ڏسي ان جي شروعات ڪئي؟ واري سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سفرنامن لکڻ کان اڳ مون کي ڪهاڻيون، افسانا ۽ مضمون لکڻ جو شوق هو. ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ جيتوڻيڪ انگريزي ۾ تعليم ڏني ٿي وئي پر ٻين وانگر آئون به اٺين ڪلاس کان انگريزي ناولن ۽ رسالن سان گڏ اڙدو ۽ سنڌي به تمام گهڻا پڙهندو هئس ۽ ڪجهه ڪجهه لکندو به هئس. جهاز جي نوڪري شروع ڪرڻ بعد مون وڌيڪ لکڻ شروع ڪيو، جو انهن ڏينهن ۾ سوئيز ڪئنال بند هو. انگلينڊ، يورپ، آمريڪا يا ڪئناڊا پهچڻ لاءِ اسان کي جهاز کي آفريڪا کنڊ جي چوڌاري ڦيرائي وٺي وڃڻو پيو ٿي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٽيهه چاليهه ڏينهن به سمنڊ تي هلڻو پيو ٿي. وقت پاس ڪرڻ لاءِ مون پڙهڻ ۽ لکڻ تي زور ڏنو ۽ سمنڊ ۽ بندرگاهه تي جيڪي ڳالهيون ٻڌڻ ۽ ڏسڻ لڳس انهن جو احوال لکڻ لڳس. توهان سنڌ جي تاريخي ماڳن، تاريخ جي مسئلن تي ڪهڙي طرح پنهنجي سفرنامن ۾ لکيو آهي يا نه؟ سوال جي جواب ۾ الطاف شيخ چيو ته افسوس جو مون سنڌ جي تاريخي ماڳن، تاريخ يا مسئلن تي نه لکيو آهي، ان ڪري جو مون تعليم به سنڌ کان ٻاهر بنگال ۽ سئيڊن ۾ ورتي ۽ نوڪري به ٻاهر ڪئي، هاڻ جڏهن پوڙهو ٿيو آهيان ته سنڌ جا تاريخي ماڳ ڏسڻ جو شوق ٿيو آهي. جواني جي ڏينهن ۾ جيتوڻيڪ منهنجو خيرپور، سکر، لاڙڪاڻي وغيره تمام گهڻو وڃڻ ٿيو ٿي پر ان وقت ڪوٽڏيجي قلعو، معصوم شاهه جو منارو يا موهن جو دڙو ڏسڻ بدران اتي پنهنجن ڪلاس ميٽن؛ شوڪت جماڻي، نجم قاضي، عاشق شاهه، اختر عباسي وغيره جن سان ملڻ، ڪچهري ڪرڻ يا ڪرڪيٽ کيڏڻ هوندو هو. توهان کي سفرناما لکڻ ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون پريشانيون پيش آيون يا اچن ٿيون؟ جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته هڪ ليکڪ ۽ خاص ڪري هڪ فوٽو جرنلسٽ جي حيثيت ۾ آئون تڏهن ئي صحيح ۽ بهتر لکي ۽ ڄاڻ مهيا ڪري سگهان ٿو جڏهن آئون هر قسم جي ماڻهن ۽ ماڳن تي وڃي پاڻ مشاهدو ڪريان. مون کي سفرنامو لکڻ لاءِ نه فقط مولوين ۽ عالمن سان ملڻو پوي ٿو ۽ نه فقط مسجدون ۽ يونيورسٽيون ڏسڻيون پون ٿيون پر چورن، ڌاڙيلن، سياستدانن، ٻاون، پنڊتن، سدا سهاڳڻين، گيشائن ۽ ماماسانن سان به ملڻو پوي ٿو ۽ پوءِ ڪنهن سدا سهاڳڻ جي ڳالهه ٻڌي ماڻهو مون کي Play Boy سمجهن ٿا. سنڌي ادبي بورڊ وارا ته منهنجو اهڙو سڄو پئراگراف ئي ڪٽيو ڇڏين، جنهن ۾ لفظ سدا سهاڳڻ ٿو اچي ۽ پوءِ ڀلي کڻي ان جي ڪا نصيحت واري ڳالهه هجي. پير پاڳاري سان ملڻ تي ماڻهن کي اهو اعترض ٿيندو هو ته آئون هالا جي مخدومن بدران پير پاڳاري جو مريد ٿيو آهيان. ايران وڃي سفرنامو لکڻ تي ڳوٺ جي هڪ مولوي مون لاءِ اهو مشهور ڪيو ته آئون شيعو ٿيو آهيان ۽ متعي جي شادي کي Justify پيو ڪريان. مون جڏهن کانئس پڇيو ته ڇا هن منهنجي ڪتاب ”ايران ڏي اڏام“ ۾ اهو مضمون ”متعي جي شادي“ پڙهيو آهي ته هن وراڻيو ته ”نه! ڳوٺ جا ماڻهو ٿا چون“. سو بهرحال اسان جهڙو ملڪ جنهن ۾ رڳو نفرتون ئي نفرتون آهن، جتي تعليم ۽ سهپ گهٽ آهي، اتي هر لکڻي تي ڪونه ڪو ناراض ٿئي ٿو ۽ لکندڙ جي پريشاني جو سبب بڻجي ٿو. هڪ پڙهندڙ چيو ته تون جماعت اسلامي جو ماڻهو آهين. وراڻيومانس ته منهنجو ته ڪنهن به سياسي پارٽي سان تعلق ناهي ۽ نه ئي هڪ ليکڪ يا صحافي کي واسطو رکڻ کپي، توهان کي ڪيئن لڳو ته آئون جماعت اسلامي جو ماڻهو آهيان؟ جنهن تي هن چيو ته توهان انهن جي اخبار ۾ لکو ٿا. وراڻيومانس ته آئون پڙهندڙن لاءِ لکان ٿو، ان کان وڌيڪ هلندڙ ڪا اخبار مضمون ڇپي ته آئون ان ۾ به ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. ڪاوش طرفان پڇيل سوال ته سنڌي نوجوانن جي اهليت ۽ قابليت جي ٻين ملڪن جي نوجوانن سان ڀيٽ ڪيئن ٿا ڪريو؟ جي جواب ۾ الطاف شيخ چيو ته سچي ڳالهه اها آهي ته اسان جي سنڌي نوجوانن جي اهليت ۽ قابليت تمام گهٽ آهي. نه صرف سنڌ جي پر اسان جي سڄي ملڪ جي نوجوانن جو اهو حال آهي. ان جي خبر ٻاهرين ملڪن ۾ اچي پوي ٿي، جتي اسان جو نوجوان سريلنڪا ۽ بنگلاديش جي نوجوان کان تعليمي مقابلي ۾ ته هيٺانهون شمار ڪيو وڃي ٿو پر جسماني پورهئي ۾ به سست قرار ڏنو وڃي ٿو. اسان وٽ اڻپڙهيلن ۽ ڪاپي ڪري مٿانهون مارڪون کڻڻ وارن کي نوڪري ملڻ ۽ No Work ڪلچر هجڻ ڪري، اسان جو نوجوان ٻين ملڪن جي نوجوانن جو مقابلو ڪري نٿو سگهي. اهو ئي سبب آهي جو ٻين ملڪن ۾ جيڪي پاڪستانين جا ڪارخانا ۽ فيڪٽريون آهن يا جهاز ران ڪمپنيون آهن، انهن جا مالڪ ۾ به بنگالين ۽ ڀارتين کي ته شوق سان رکن ٿا پر پنهنجي ملڪ جي ماڻهن کي نوڪري ڏيڻ ۾ گريز ڪن ٿا. بهرحال پنج ئي آڱريون برابر به نه آهن. ڪيترائي اسان جا ماڻهو ولايت ۾ سٺين نوڪرين ۾ به آهن ۽ هنن نالو روشن ڪيو آهي پر اهڙن ماڻهن جو تعداد اٽي ۾ لوڻ برابر آهي. ان کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ اسان جي نوجوان کي کپي ته يونيورسٽي جون فقط ڊگريون حاصل ڪرڻ بدران صحيح طرح تعليم حاصل ڪن ۽ پاڻ ۾ محنت جي پڻ عادت وجهن. جاپان جهڙن ملڪن ۾ ته فقط صبح جو آفيس ۾ وڃڻ جو ٽائيم مقرر آهي ۽ موڪل تڏهن ٿي ٿئي جڏهن ڪم پورو ٿئي ٿو ۽ ڪيترا دفعا گهر ايندي رات ٿيو وڃي. سنڌ ۾ تعليم جو معيار ڏينهون ڏينهن ڪِري رهيو آهي، ان کي ڪيئن بهتر ٿو ڪري سگهجي؟ واري سوال جي جواب ۾ الطاف چيو ته اها ڳالهه توهان ائين ڪري رهيا آهيو جيئن جهازن جو مالڪ ڪنهن جهاز تي هڪ ڄٽ ۽ شرابي ڪئپٽن رکي، پوءِ اُهو يا جهاز جا مسافر چون ته جهاز منزل کان ڇو ڀٽڪي رهيو آهي؟ جهاز جي ٻُڏڻ جا ڇو آثار آهن؟ منهنجي خيال ۾ تعليم جو معيار بهتر ڪرڻ لاءِ هر تعليمي اداري جو ڪئپٽن يعني ”سربراهه“ (هيڊ ماستر، پرنسپال، وائيس چانسلر، سيڪريٽري يا وزير تعليم) اهو مقرر ڪيو وڃي، جيڪو تعليمي ماهر، محنتي، ڊسيپلين رکڻ وارو ۽ پنهنجي وطن جي نوجوانن جوهڏڏوکي هجي. سنڌ ۽ ٻي دنيا جي تعليم جي معيار ۾ ڪهڙو فرق آهي، جي جواب ۾ هن چيو ته ڇا توهان سمجهو ٿا ته سنڌ ۾ ڪو تعليم جو معيار آهي؟ هن ڪمپيوٽر ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي دور ۾ ڪنهن کي خبر ناهي ته اسان جي ملڪ جي تعليم جو معيار ڇا وڃي رهيو آهي، خاص ڪري اندروني سنڌ ۾ جتي ڳوٺن جي اسڪولن ۾ گڏهه ۽ ڪتا ٻڌا پيا آهن، جتي کلئي عام ڪاپي پئي ٿئي، جتي جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ شاگرد رڳو داخلا وٺن ٿا پر باقاعدگي سان ڪلاس نٿا هلن، جتي جي يونيورسٽين ۾ جهيڙن جهٽن ڪري خوف ۽ هراس هجي ٿو! ان سلسلي ۾ الطاف صاحب ٻڌايو: ممبئي يونيورسٽي جي سنڌي ڊپارٽمينٽ وارن ”سنڌي سوسائٽي“ تي مون کي جنهن ڏينهن ليڪچر ڏيڻ لاءِ گهرايو هو، ان ڏينهن اتي جي مرهٺي ۽ انگريزي اخبار ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪنهن ٽيچر جي قتل جي خبر ڏنل هئي. ليڪچر بعد سوال جواب واري ڪلاڪ ۾ آئون هر وقت اهو سوچيندو رهيس ته ڪو شاگرد مون کان سنڌ يونيورسٽي بابت سوال نه ڪري ته اها يونيورسٽي جنهن جو وائيس چانسلر سنڌي آهي، انتظاميا سنڌي آهي، پڙهائڻ وارن ۽ شاگردن جي اڪثريت به سنڌي آهي، اتي ڇو هر وقت مار ماران ۽ بدامني لڳي پئي آهي؟ انگريزي اخبار ۾ ڏنل خبر جو هڪ جملو جيڪو هن وقت به منهنجي دل ۾ چڀي رهيو آهي جيڪو هنگامن بابت ۽ يونيورسٽي کي في الحال بند رکڻ بابت هو ته It is nothing uncommon with this university? ڪاوش طرفان پڇيل سوال ته ”هڪ ليکڪ نوجوانن جي يا معاشري جي ڪيئن رهنمائي ڪري ٿو سگهي” جي جواب ۾ الطاف شيخ چيو ته هڪ ليکڪ معاشري ۾ موجود خرابين بابت نشاندهي ئي ڪري سگهي ٿو، باقي ان کي صحيح ڪرڻ لاءِ ته هن وٽ ڪو پوليس فورس ناهي. سنڌ ۾ سفرناما نگار نه هئڻ برابر آهي، ان جو سبب ڇا آهي؟ جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ جي ڪيترن ئي نوجوانن سفرناما لکيا آهن پر اسان وٽ ڇپائڻ جو بندوبست نه هجڻ ڪري ڪيترائي سفرناما اڻڇپيل حالت ۾ آهن. اهو ان ڪري چئي رهيو آهيان، جو مهاڳ ۽ پيش لفظ لکڻ لاءِ ڪيترائي سفرناما منهنجين نظرن مان نڪتا آهن. سفرنامن يا لکڻ ذريعي ڇا مسئلن کي اجاگر ڪري سگهجي ٿو؟ جي جواب ۾ هن چيو ته بلڪل ڪري سگهجي ٿو. ڪاوش طرفان پڇيل ان سوال ته توهان جي نظر ۾ سنڌ جا اهم مسئلا ڪهڙا ڪهڙا آهن؟ جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ جا مسئلا ڪيترائي آهن ۽ تمام ڳنڀير قسم جا آهن پر جي توهان فقط ٻه چار اهم مسئلا پڇڻ ٿا چاهيو ته منهنجي نظر ۾ تعليم، عدل انصاف، امن امان ۽ روزگار آهن. سنڌ ۾ هينئر بلوچستان جهڙي صورتحال پيدا ٿي رهي آهي، ان کي توهان ڪيئن ٿا ڏسو ۽ ان جا نتيجا ڪهڙا نڪرندا؟ جي جواب ۾ هن چيو ته افسوس جو مون کي گهڻي سياسي ڄاڻ نه آهي، ان بابت ڪو سلجهيل سياستدان ئي ٻڌائي سگهي، اسان جي ڄاڻ ٽي وي جي خبرن تائين محدود آهي. ڪراچي جون حالتون بار بار خراب ڇو ٿيون ٿين، جي جواب ۾ هن چيو ته حڪومت جي چاهي ته ان لاءِ امن امان قائم رکڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي. سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي، ان کي ڪيئن ٿا ڏسو؟ جي جواب ۾ هن چيو ته منهنجي خيال ۾ اهو اسان جي چونڊيل نمائندن تي Depend ٿو ڪري ته هنن کي سنڌ ۽ عوام لاءِ ڪيترو درد آهي ۽ سنڌي ماڻهن جي جذبن جو ڪيڏو خيال آهي. اسان جي پڇيل سوال ته سنڌ جا وڏا وڏا آرٽسٽ يا اديب بيماري ۾ بيوس ڇو ٿي وڃن ٿا؟ حڪومت توڙي معاشرو سندن ڪا مدد نٿو ڪري. ڇو؟ الطاف وراڻيو؛ آئون ان خيال جو آهيان ته نه رڳو وڏن آرٽسٽن ۽ فنڪارن جي پر حڪومت کي اهڙو بندو بست ڪرڻ کپي جو هر غريب غربي جي بيماري جو علاج ٿي سگهي جيئن ٻين فلاحي رياستن ۾ ٿئي ٿو. سنڌ جي تاريخ تي تحقيق نٿي ٿئي، ان ۾ تضاد ڇو آهي؟ جي جواب ۾ هن چيو ته اهڙن سوالن جا جواب ته پروفيسر مبارڪ ۽ ڊاڪٽر الانا ئي ٻڌائي سگهندو، آئون ته فقط جهازن ۽ سمنڊ بابت ٻڌائي سگهان ٿو. ڪاوش طرفان پڇيل سوال ته ڇا توهان پوري دنيا گهمي ڏٺي آهي يا ڪو ملڪ رهيل آهي، جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته اسان لاءِ دنيا گهمڻ ائين آهي جيئن هڪ ٽرڪ ڊرائيور لاءِ جيڪو سڄو ڏينهن پيو ٽرڪ هلائي، هن لاءِ ڇا حيدرآباد، سکر يا ڇا ملتان لاهور! اهڙي طرح اسان به ۱۵ سال کن دنيا جي مختلف سمنڊن تي مخلتف جهاز، ڏينهن رات هلائيندا رهياسين. ڪن بندرگاهن ۾ ته هفتن جا هفتا گهمندا رهياسين، ڪن ۾ ته سستي، ٿڪ ۽ بيزاري ڪري جهاز تان هيٺ لهي بندرگاهه جي جيٽي تي واڪ به نه ڪيوسين. ملائيشيا ملڪ سڀ ۾ گهڻو ان ڪري پسند آيو جو اتي سنڌ کان گهڻي وڏيراشاهي هوندي به ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي. ان جو سبب؟ جي جواب ۾ الطاف چيو ته ڇو جو اتي جي هر ڳوٺ جو وڏيرو پنهنجي ڳوٺ ۾ تعليم ۽ صحت جو اعليٰ معيار قائم رکڻ ۾ پنهنجو شان ۽ مان سمجهي ٿو. هو پنهنجي ڳوٺ ۾ ڪارخانا ۽ فيڪٽريون هڻي پنهنجي ڳوٺ جي ماڻهن لاءِ روزگار مهيا ڪري ٿو ۽ هو پنهنجي ڳوٺ جي ماڻهن کي امير ۽ خوشحال ڏسڻ چاهي ٿو. ملائيشيا جو هر سياستدان عام سرڪاري بسن ۾ سواري ڪري ٿو، ولايت وڃڻ بدران ڳوٺ جي اسپتال مان علاج ڪرائي ٿو، نتيجي ۾ ملائيشيا جون بسون ۽ اسپتالون بهتر کان بهتر ٿينديون وڃن. دنيا ۽ ملڪ ۾ سڀ کان سٺا سفرناما نگار توهان جي نظر ۾ ڪير آهن؟ جي جواب ۾ الطاف چيو ته مون کي ڪيترائي پسند آهن. پنهنجن مان آغا سليم، تنوير عباسي، بيگم اختر رياض الدين، ابن انشا، اختر ممونڪا وغيره ۽ ڌارين ۾ جيمس مچنر، طاهر شاهه، وڪرم سيٺ، پال ٿيروڪس، يوني نو گچي، مڪيرو ساساڪي وغيره آهن. توهان سنڌ جي ماڻهن سان ايڏو ڪٽيل ڇو آهيو، تقريبن ۾ نٿا اچو ۽ نه ئي پاڻ ڪو پروگرام ڪرايو ٿا؟ جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ جي ماڻهن کان آئون ڪٽيل هرگز نه آهيان، خط و ڪتابت، اي ميل ۽ فيس بڪ ذريعي منهنجو جيترن سان رابطو رهي ٿو، اوترو شايد ئي ڪنهن جو هجي، هر مهيني اٽڪل ڏهه هزار پڙهندڙن سان منهنجي لفظن جي ڏي وٺ رهي ٿي، جنهن ۾ منهنجا سنڌي ۽ اردو ڪالم پڙهڻ وارن سان گڏِ ملائيشيا ۽ سنگاپور جا دوست، شاگرد ۽ پڙهندڙ پڻ اچي وڃن ٿا، جيڪي منهنجا انگريزي مضمون اتي جي اخبار ۾ پڙهن ٿا. باقي فنڪشن يا شادين مرادين ۾ گهٽ پير ڀريان ٿو، جو هڪ ته ان کي وقت جو زيان سمجهان ٿو ۽ ٻيو ڪجهه سست به آهيان. هونءَ به مون کي تنهائي وڌيڪ پسند آهي. موڊي ماڻهو آهيان، ڪچهري ۱۵ منٽ به مشڪل سان ڪري سگهندس، باقي لکڻ پڙهڻ جو ڪم فقط چانهه جي ڪوپ تي لڳاتار ۱۵ ڪلاڪ به ڪري ويندس. بهرحال اهي منهنجون مجبوريون آهن، آئون اهو نٿو چوان ته اهي ڪي سٺيون ڳالهيون آهن. ڪيترن عالمن جو اِهو رايو آهي ته ڪتاب پڙهڻ کان بهتر ڪچهري آهي. بهرحال ڇا سٺي ڳالهه آهي ڇا خراب، هاڻ ستر ورهين جي ڄمار ۾ آئون پنهنجيون عادتون بدلائي نٿو سگهان. توهان کي متاثر ڪندڙ شخصيتون ڪهڙيون آهن، جي جواب ۾ هن چيو ته ڪيترين ئي شخصيتن سان ملاقات ٿي جن بيحد متاثر ڪيو ۽ منهنجا سفرناما ۽ انهن جا انتساب اهڙن ماڻهن سان ڀريا پيا آهن. توهان کي پنهنجي ڪيريئر ۾ ڪهڙا ڪهڙا وڏا چئلينج درپيش آيا آهن، جي جواب ۾ هن چيو ته منهنجو جيڪو ڪيريئر آهي يعني سمنڊ تي جهاز هلائڻ هميشهه چئلينجن سان ڀريل رهي ٿو. هر وقت مصيبتن ۽ مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، جن جو ڪجهه تفصيل سان احوال ”موج نه سهي مڪڙي“ ۽ اردو ڪتاب ”سمندر ڪي دن“ ۾ ڏئي چڪو آهيان. اسان جا اديب يا ليکڪ سنڌ جي حقن لاءِ ڪو خاص ڪردار ڇو ادا نٿا ڪن؟ جي جواب ۾ الطاف چيو ته ماڻهن جي حقن جو بار نمائندن يعني سياستدانن تي هوندو آهي، اسان وٽ خبر ناهي ڇو هر ڳالهه ۾ اديب ۽ شاعر کي سوگهو ڪيو وڃي ٿو. توهان ادبي سنگت جي ڪردار کي ڪيئن ٿا ڏسو؟ واري سوال جي جواب ۾ الطاف شيخ چيو ته ادا مون کي ڪا ادبي سنگت جي ڪردار جي ڄاڻ نه آهي، منهنجي ته زندگي جو وڏو حصو سمنڊ تي گذري ويو. اڄ کان ۴۵ سال کن اڳ امرجليل ۽ قمر شهباز سان گڏ سائين نوردين سرڪي وڪيل صاحب جي آفيس ۾ سنڌي ادبي سنگت جون ٻه ٽي ادبي ميٽنگون اٽينڊ ڪيون هئم، هاڻ ان جي آڌار تي موجوده سنڌي ادبي سنگت جو ڪاروبار هلائيندڙ ميمبرن تي ويهي ٽيڪا ٽپڻي ڪريان ته اها هڪ چريائپ ٿيندي. الطاف شيخ جو انٽرويو انٽرويو: ڊاڪٽر رام جواهراڻي رام جواهراڻي: توهانجو سنڌ جي ڪهڙي ڳوٺ سان واسطو آهي؟ الطاف شيخ: منهنجو مٽياري ضلعي جي ڳوٺ هالا نوان ۾ ۱۴ نومبر ۱۹۴۴ع تي جنم ٿيو جِتي منهنجو والد ۽ ڏاڏو پڻ ڄائو. هالا نوان جيڪو هاڻ هڪ شهر جي حيثيت رکي ٿو حيدرآباد کان ۶۵ کن ڪلوميٽر اتر ۾ نئشنل هاءِ وي تي آهي. سندس اولهه ۾ ۳ ڪلوميٽر پري سنڌو ندي جي ڪناري تي هالا پراڻا آهي. رام جواهراڻي: منهنجي خيال ۾ توهان جو ڳوٺ هالانوان ٽوئرزم ۽ تعليمي ادارن کان مشهور آهي. الطاف شيخ: جي ها. صحيح ٿا چئو. هالا تاريخي شهر آهي جِتي سنڌ جي مشهور بزرگ ۽ شاعر مخدوم نوح عليه جي درگاهه آهي. هالا دلڪش جنڊي، سوسي، ڀرت ۽ هٿ جي ٺهيل ڪپڙي کان به مشهور آهي. سنڌ جو هي واحد شهر آهي جِتي انگريزن جي ڏينهن کان خانگي هاءِ اسڪول شروع ٿيو. ان ڪري هن شهر ۾ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن جو تعداد تمام گهڻو آهي. رام جواهراڻي: پوءِ توهان جي ڪراچيءَ ۾ ڪيئن رهائش ٿي؟ الطاف شيخ: دراصل آئون ڪراچيءَ گهڻو گهڻو پوءِ اچي رهيس. تيرهن سالن جو هوس ته مون تعليم لاءِ هالا ڇڏيو ۽ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان انٽر ڪري چٽگانگ مشرقي پاڪستان (هاڻ بنگلاديش) پهتس جِتي مئرين انجنيئرنگ (پاڻي جا جهاز هلائڻ جي انجنيئري) پڙهي. ان بعد دنيا جي سمنڊن تي مختلف جهاز هلائيندو رهيس. ان دوران ڪڏهن ڪڏهن جهاز ڪراچي ايندو هو ته به منهنجي رهائش جهاز تي هوندي هئي. بعد ۾ سامونڊي نوڪري ڇڏڻ بعد جڏهن مونکي پاڪستان مئرين اڪيڊمي ۾ رکيو ويو ته منهنجي رهائش ڪراچيءَ ۾ ٿي. رام جواهراڻي: توهان بنيادي تعليم هالا بدران ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان ڇو ورتي؟ الطاف شيخ: انهن ڏينهن ۾ ۱۹۵۰ع واري ڏهاڪي جي آخري سالن ۾ هي پنهنجي نوعيت جو ڪاليج سنڌ ۾ کليو هو جِتي عام تعليم سان گڏ فوجي سکيا، گهوڙي سواري، ترڻ، باڪسنگ، رانديون ۽ تقريرن جو پڻ بندوبست هو. هنن هر سال سڄي پاڪستان مان ۳۰ ڪئڊٽ چونڊيا ٿي. مون به ٽيسٽ ۽ انٽرويو ڏنو ۽ چونڊجي ويس. ۱۹۵۸ع کان ۱۹۶۳ع تائين آئون پيٽارو ۾ پڙهيس. رام جواهراڻي: ان وقت جا ڪجهه ساٿي جيڪي نامور ٿيا؟ الطاف شيخ: لياقت جتوئي سنڌ جو وزير اعليٰ ۽ فيڊرل منسٽر، ايس پي شاهد فوجي جنرل، فاروق رشيد، اظهر حسين، انيس الرحمان سڀ ائڊمرل ٿيا، انبن جو شهنشاهه رفيع ڪاڇيلو، پيٽرول پمپن جو بادشاهه شوڪت جماڻي، ماڊرن ائگريڪلچر رسالي جو ايڊيٽر نور احمد نظاماڻي، مشهور ڊراما ائڪٽر اورنگزيب لغاري ۽ اڪبر بگٽي جيڪو انڪم ٽئڪس ڪمشنر به رهيو، ڪولوراڊو يونيورسٽي جو ڊين ڊاڪٽر رامچند اوڏ وغيره وغيره منهنجا ڪلاس ميٽ هئا يا سال ٻه جونئر. رام جواهراڻي: توهان ڇا ۾ گرئجوئيشن ڪئي؟ الطاف شيخ: منهنجو اهم ۽ پروفيشنل سبجيڪٽ مئرين انجنيئرنگ هو جنهن ۾ چٽگانگ مان گرئجوئيشن ڪرڻ بعد ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي، مالمو (سئيڊن) مان پوسٽ گرئجوئيشن ڪئي. ان کان علاوه سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي سنڌي ۾ ۽ LL.B پڻ ڪئي. رام جواهراڻي: توهان مئرين انجيئرنگ جي چونڊ ڇو ڪئي؟ الطاف شيخ: ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي ڏينهن ۾ اسان کي موڪلن ۾ ڪياماڙي ۽ منهوڙو گهمائڻ وٺي ويندا هئا. ڪياماڙي ڪراچي جي، بلڪه سڄي پاڪستان جي آخري ڪنڊ آهي. ان بعد عربي سمنڊ شروع ٿئي ٿو. منهوڙو ڪياماڙيءَ کي ٽي چار ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ ٻيٽ آهي. اتي بيٺل دنيا جا سهڻن رنگن وارا جهاز ۽ انهن تي موجود سفيد يونيفارم ۾ سمارٽ نيويگيٽر ۽ مئرين انجنيئر ڏسي آئون بيحد متاثر ٿيس ۽ دنيا ڏسڻ جي شوق ۾ مئرين انجنيئرنگ ۾ آيس. انهن ڏينهن ۾ (۱۹۶۳ع) ۾ چٽگانگ ۾ ممبئي جي ڊفرن مئريٽائيم اڪيڊمي جي طرز جي اڪيڊمي کلي هئي. برٽش راڄ ۾ بمبئي ۾ ڊفرن اڪيڊمي ۱۹۲۷ع ۾ کلي هئي جيڪا پوءِ ۱۹۷۲ع ۾ راجندر جهاز تي شفٽ ڪئي وئي ۽ هاڻ ۱۹۹۳ع کان انڊيا وارن هڪ ٻيو وڏو جهاز ”ٽي ايس ڇناڪيا“ کي ڪناري تي هميشه لاءِ رکي ان تي اها اڪيڊمي قائم ڪئي آهي. اهو ممبئي جي بيچ روڊ وٽ آهي. جڏهن آئون چٽگانگ ۾ پڙهندو هوس ته منهنجا ان وقت جا سڀ پاڪستاني نيول آفيسر ڊفرن اڪيڊمي جا پڙهيل هئا جِتان هنن پاڪستان ٿيڻ کان اڳ گرئجوئيشن ڪئي هئي. هِتي اهو به ٻڌائيندو هلان ته ڊفرن اڪيڊمي کان اڳ انڊيا جا نوجوان جهازراني ۽ جهاز سازي جي سکيا ۽ تعليم لاءِ انگلنڊ ويندا هئا. پوءِ هڪ عظيم انڊين دور انديش سر پي. ايس (Pazhamaneri Sundaram) سواسوامي جي ڪوشش سان ممبئي ۾ اها ڊفرن اڪيڊمي کولي وئي. سر سواسوامي ۱۸۶۴ع ۾ ڄائو. هو هڪ ناليرو وڪيل، ائڊمنسٽريٽر ۽ Statesman هو جيڪو ۱۹۰۷ع کان ۱۹۱۱ع تائين مدراس پريزيڊنسي جو ”ائڊوڪيٽ جنرل“ ٿي رهيو. رام جواهراڻي: پنهنجي پهرين نوڪري بابت ٻڌائجو. الطاف شيخ: ۱۹۶۸ع ۾ گرئجوئيشن مڪمل ڪرڻ بعد مونکي پنهنجي ملڪ جي جهازران ڪمپني ”پاڪستان نئشنل شپنگ ڪارپوريشن“ ۾ نوڪري ملي. ان وقت هن ڪمپنيءَ کي ويهارو کن جهاز هئا. مونکي ۴۰۰ رپيا ماهوار پگهار تي ايم. وي اباسين نالي جهاز تي ”ففٿ انجنيئر“ طور رکيو ويو. رهائش ۽ کاڌو پيتو هر جهاز تي مفت آهي ان ڪري منهنجي لاءِ اهو پگهار تمام گهڻو هو جڏهن ته ان وقت سون جو اگهه هڪ هزار رپيا تولو هو ۽ ڊالر جو اگهه چار رپيا هو. هر جهاز تي ”ڊيوٽي فري شاپ“ هو جنهن دڪان تي ڪيتريون ئي شيون: سگريٽ، چاڪليٽ، عطر، بسڪيٽ ۽ هر قسم جي ڊرنڪ فئڪٽري جي اگهه تي ملي ٿي. انهن ڏينهن ۾ ڪوڪ ۽ پيپسي جا دٻا نڪتا هئا جن جو هڪ درجن وارو پئڪ ساڍي ڇهين رپئي (ڏيڍ ڊالر) ۾ مليو ٿي ۽ ڏهين رپئي ۾ بيئر جو ڪريٽ يعني ۲۴ بوتلون هونديون هيون. ۸ رپئي (ٻن ڊالرن) جي بليڪ ليبل وسڪي جي بوتل هئي. رام جواهراڻي: پر مونکي خبر آهي ته توهان ڪنهن به قسم جي شراب کي هٿ نٿا لاهيو. هڪ Sailor لاءِ اها ڳالهه حيرت انگيز نه آهي؟ الطاف شيخ: سائين بلڪل صحيح ٿا چئو. انهن ڏينهن ۾ هن نوڪريءَ ۾ ماڻهو ورلڊ (دنيا گهمڻ) کان وڌيڪَ سستي وائين (شراب) لاءِ آيا ٿي. تعليم دوران جڏهن هر هفتي ڇنڇر ڏينهن چٽگانگ جي بندرگاهه ۾ بيٺل ڪنهن جهاز جي Visit تي ويندا هئاسين ته ان جهاز جي آفيسرن کي ڏسي اسان به دل ئي دل ۾ سَڌون ڪندا هئاسين ته اسان به هنن وانگر ٽرپل فائو سگريٽن جو گول دٻو هٿ ۾ کڻي جهاز جي اَنديءَ (Gunwale) تي بيهي سگريٽ جا ڪش هڻنداسين، يا جهاز جي ڊرائنگ روم ۾ ويهي ٿڌي بيئر جون چشڪيون ڀرينداسين. پر تعليم بعد پهرين ئي جهاز تي منهنجا جيڪي ٻه ڪئبن ميٽ مونکان هڪ سال سينيئر ففٿ انجنيئر هئا اهي صوفي قسم جا هئا. انهن اجائي سجائي چانهه پيئڻ کان به گريز ڪئي ٿي. منهنجي دلچسپي ڏيکارڻ تي هنن مونکي سمجھايو ته سگريٽ ڇڪڻ توڙي ڪنهن قسم جو شراب پيئڻ ۾ نقصان گهڻا آهن ۽ اهي شيون صحت ۽ اخلاق لاءِ هاڃيڪار آهن. دنيا جي ڪا به سڌريل سوسائٽي ان کي سٺو نٿي سمجھي .... وغيره. پهرين ته مونکي سندن ڳالهيون عجيب لڳيون ۽ اهو ئي دماغ ۾ آيو ته پوءِ ماڻهو سامونڊي نوڪري ۾ اچن ئي ڇو ٿا! پر پوءِ آهستي آهستي مونکي هنن جي ليڪچرن ۾ Sense نظر آيو. بهرحال هِتي ڪو آئون Preacher بنجڻ جي ڪوشش نٿو ڪريان ته نشي جي شين کان پري رهو ۽ شراب جهڙين شين کي هٿ نه لايو. اهو هر هڪ جو پنهنجو عمل آهي جنهن لاءِ هو آزاد آهي ته جنهن کي جيڪي بهتر لڳي اهو ڪري. هڪ خوبصورت شعر ياد اچي رهيو آهي: کون ہے جس نے مئہ نہیں چھوئی کون جھوٹی قسم اٹھاتا ہے مئخانے سے جو بچ نکلتا ہے تیری آنکھوں میں ڈوب جاتا ہے رام جواهراڻي: ڀلا لکڻ پڙهڻ جي ”ڪِينئين“ توهان کي ڪيئن ڏنگيو جنهن جي نتيجي ۾ توهان هيڏا ويهي سفرناما لکيا آهن؟ الطاف شيخ: مطالعي جو مونکي ننڍپڻ کان شوق هو. منهنجي ماءُ پي کي به ڪِتابن رسالن پڙهڻ جي عادت هئي ۽ هو مون تي پڙهڻ لاءِ زور ڀريندا رهندا هئا. منهنجو پيءُ جنهن پوني (انڊيا) جي ائگريڪلچر ڪاليج (هاڻ يونيورسٽي) مان B.Sc ڪئي ۽ اٿاڪا (نيويارڪ) جي ڪارنيل يونيورسٽي مان M.Sc ڪئي ۽ جنهن جو ائنٿراپالاجي ۽ Insects دلپسند سبجيڪٽ هئو، اهو پڻ ڪجهه ڪِتابن جو مصنف هو، جهڙوڪ: ماکيءَ جي مک، ماڪوڙي، ڪوريئڙو وغيره. ان کان علاوه هڪ مزاحيه ڪتاب ”گڏهه“ پاڻ ۽ سندس ٽن دوستن: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، سيد غلام مصطفيٰ شاهه ۽ جلباڻي صاحب گڏجي لکيو هو. منهنجو والد مونکي هر وقت سمجھائيندو هو ته: ”فرصت جون گهڙيون لکڻ پڙهڻ ۾ لڳائجن ۽ ان جهڙي ٻي بهتر هابي (وندر) آهي ئي ڪونه.“ سچ اهو آهي ته انهن ڏينهن ۱۹۴۰، ۵۰ ۽ ويندي ۶۰ واري ڏهاڪي ۾، نه هيون ٽي ويون ۽ نه ڪمپيوٽر. اسانجي سڄي شهر ۾ فقط هڪ مهاڻن جي گهٽيءَ ۾ خدا ڏني ميربحر جو ٻيڙيون ٻڌڻ جو دڪان هوندو هو جنهن تي پهريون دفعو چاٻيءَ تي هلندڙ ”فونو“ (گرامو فون) ڏٺوسين جنهن تي اڪثر چندر، جيوڻي ٻائي، الهڏني نوناري، ڀڳت ڪنور رام ۽ ڀڳت جاڙو مل جا رڪارڊ پيا هلندا هئا. پوءِ جڏهن آئون ٻارهن کن سالن جو ٿيس ته اسانجي گهر ۾ ريڊيو آيو جيڪو ڪار جي بيٽري تي هليو ٿي. منهنجو هي سڀ ٻڌائڻ جو مطلب اهو آهي ته اسان جي ننڍپڻ جي ڏينهن ۾ ٻارن جو وقت ڪِتاب ۽ رسالا پڙهڻ ۾ گذريو ٿي. رام جواهراڻي: پوءِ ڀلا توهان لکڻ ڪڏهن کان شروع ڪيو؟ الطاف شيخ: ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ جڏهن آئون مئٽرڪ ۾ پهتس ته پنهنجي ڪاليج جي مئگزين ۽ سنڌي اخبارن جي ٻارن جي صفحي ۽ حيدرآباد مان مقبول ڀٽيءَ جي رسالي ”گلستان“ ۾ ننڍا ننڍا مضمون لکڻ لڳس. انٽر ۾ پهچي آئون پنهنجي ڪاليج جي مئگزين جو ايڊيٽر به ٿيس. سچي ڳالهه اها آهي ته اسانجي ڪاليج جي پرنسپال جو به ان ۾ وڏو هٿ هو. هو (ڪرنل J.H.H ڪومبس) برٽش آرمي جو رٽائرڊ ڪرنل ۽ ٻي جنگ عظيم جو جپاني قيدي (P.O.W) رهيو هو. هو اسان کي هر وقت اها ئي نصيحت ڪندو هو، بلڪه سختيءَ سان ان تي عمل ڪرائيندو هو ته اسان گهڻي کان گهڻا ڪِتابَ پڙهون. هو چوندو هو ته: ”مطالعو ئي هڪ اهڙي هابي آهي جيڪا ماڻهو پيريءَ ۾ به قائم رکي ٿو.“ هو اهو به چوندو هو ته جنهن ماڻهوءَ کي پڙهڻ سان چاهه آهي اهو جنگل ۾ به اڪيلو محسوس نه ڪندو Books are best companions”. رام جواهراڻي: ڀلا اهو ته ٻڌايو ته توهانکي جهاز تي لکڻ لاءِ وقت ڪيئن مليو؟ الطاف شيخ: توهان بلڪل صحيح ٿا چئو. جهاز تي واندڪائي ملڻ ڏاڍو مشڪل آهي ۽ نه وري لڳاتار سڪون جي زندگي ملي ٿي. روز هڪ جهڙي زندگي ۽ روٽين هجڻ بدران ڪڏهن ماڻهو سمنڊ تي جهاز جي انجڻين جي جهنجھٽن ۾ ورتل رهي ٿو ته ڪڏهن ڪناري جي رونقن ۽ پُر سحر نظارن ۾ ڦاٿل رهي ٿو. بندرگاهه جي مشغول زندگي بعد سمنڊ تي اڃان ٻه چار ڏينهن ٿڪ ٿو ڀڃجي ته ٻيو بندرگاهه اچيو وڃي. مونکي سامونڊي نوڪري ۾ لکڻ جو ڪو ارادو نه هو پر مونسان مختلف ڳالهه درپيش آئي. مون جڏهن سامونڊي نوڪري جي شروعات ڪئي ته منهنجي ڪلاس ميٽ ساٿين کي ته ”گلف“ ۽ ”ڏور اوڀر“ جي روٽ جا جهاز مليا جن ۾ بندرگاهه سگها سگها اچن ٿا .... ٻن ٽن ڏينهن ۾. مثال طور ڪراچي کان ڪوريا وڃڻ دوران ڏيڍ ڏينهن بعد ممبئي ٿو اچي پر جي ممبئي ناهي وڃڻو ته وڌ ۾ وڌ ٽن ڏينهن بعد ڪولمبو (سري لنڪا جو بندرگاهه) اچيو ٿو وڃي. ۽ پوءِ اهڙن ٽن ڏينهن بعد ڪولڪتا يا چٽگانگ ، ۽ پوءِ ٽن چئن ڏينهن بعد پينانگ. ان بعد هڪ ڏيڍ ڏينهن بعد پورٽ ڪلانگ (ڪوالالمپور) ۽ اهڙن ٻن ڏينهن بعد سنگاپور .... پوءِ هڪ ٻئي پويان بئنڪاڪ، هانگ ڪانگ، شنگھائي، دائرين (چين)، ٽوڪيو، نگويا ۽ ڪوريا جا بندرگاهه: پوسان ۽ سيول وغيره. پر شروع وارا سال مونکي U.K ۽ يورپ روٽ تي رکيو ويو ٿي يا USA ڪئناڊا روٽ تي .... اهي ٻئي ڊگهن سامونڊي سفرن واريون routes آهن. ويتر انهن ڏينهن ۾ سئيز ڪئنال (جنهن اسان جي ايشيائي سمنڊ بحر احمر (Red Sea) کي يورپ جي ڀؤنچ سمنڊ (Mediterranean Sea) سان ڳنڍيو ٿي، اهو ڪئنال) اسرائيل ۽ مصرين جي لڙائيءَ ڪري پاڻي جي جهازن لاءِ بند ڪيو ويو هو. ۽ اسان کي ڪراچيءَ مان يورپ يا آمريڪا ڏي هلڻ لاءِ سڄي آفريڪا کنڊ جو ڦيرو ڪرڻو پيو ٿي. ان ۾ اسان کي ۱۵ ڏينهن کن وڌيڪَ سامونڊي سفر ڪرڻ ۾ لڳي ويا ٿي. يعني ڪراچي کان ڪوپن هيگن ۾ ۳۰ کن ته ڪراچي کان ڪئناڊا ۴۰ ڏينهن راتيون سمنڊ تي جهاز هلائڻو پيو ٿي. جهاز تي وقت پاس ڪرڻ لاءِ مون به ٻين ساٿين سان برج پتي راند کيڏڻ شروع ڪئي پر جيئن ته آئون ان ۾ هوشيار نه هوس ان ڪري ڪو به مونکي پنهنجو پارٽنر ٺاهڻ لاءِ راضي نٿي ٿيو. سو جهاز هلائڻ بعد مون پنهنجو پاڻ کي پنهنجي ڪئبن تائين محدود رکيو ۽ وقت پاس ڪرڻ لاءِ ناول پڙهڻ لڳس يا پنهنجن دوستن کي پنهنجي ۽ ٻين جي سفر جا مشاهدا ۽ تجربا لکڻ لڳس. منهنجو پهريون سفرنامو ”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“ اهڙن خطن جو مجموعو آهي جيڪو ان ئي سال ۱۹۶۹ع ۾ پاڪستان جي رائيٽرس گلڊ طرفان “Best Book of the year” قرار ڏنو ويو. ان ايوارڊ ۽ عبرت اخبار ۾ ڇپجندڙ ڪالمن جي موٽ ۾ ايندڙ خطن مونکي وڌيڪَ لکڻ لاءِ همٿايو ۽ سمنڊ جي ڊگهن سفرن دوران وقت پاس ڪرڻ لا ءِ اها منهنجي مجبوري به هئي. رام جواهراڻي: ۽ پوءِ ڪجهه سالن بعد توهانکي ڏور اوڀر ۽ گلف جي route تي رکيو ويو. ان بعد ڪناري جي نوڪري شروع ڪيانوَ ته به توهان لکندا رهيائو. الطاف شيخ: دراصل ڪيترائي سال ڏينهن رات لڳاتار لکڻ مونکي لکڻ جو عادي بڻائي ڇڏيو. آمريڪا روٽ تي وقت پاس ڪرڻ خاطر لکڻ منهنجي مجبوري هئي. جپان روٽ تي مشغول هجڻ ۽ وقت جي کوٽ باوجود لکڻ عادت کان مجبوري هئي جو بنا لکڻ جي مزو نٿي آيو. جپان، چين، ڪوريا، سنگاپور، ٿائلنڊ پاسي قصا ڪهاڻيون به کوڙ هيون جن مان ڪجهه جيستائين لکيم نٿي تيستائين مزو نٿي آيو. لکڻ لاءِ وقت نٿي مليو ته گهٽ سمهي به لکڻ جي هابي پوري ڪيم ٿي. ۽ هاڻ ته لکڻ جي عادت اهڙو اونهو گهر ڪري وئي آهي جو جيئن ڪو موالي بنا نشي جي رهي نه سگهي تيئن اسان بنا لکڻ جي رهي نٿا سگهون. اڄ جڏهن آئون ستر سالن جو ڏاڪو به ٽپي ويو آهيان ته به لکڻ خاطر وقت ڪڍڻ لاءِ ماڻهن سان ملڻ جلڻ، دعوتون اٽينڊ ڪرڻ ۽ ٽي وي ڏسڻ جهڙا ڪم به ڇڏي ڏنا اٿم. رام جواهراڻي: توهان جا دلپسند ليکڪ ڪير آهن؟ الطاف شيخ: مختلف دورن ۾ مختلف ليکڪ فئوريٽ رهيا آهن. ڪاليج وارن ڏينهن ۾ ۽ سامونڊي نوڪري دوران سمنڊ تي مونکي گهڻي کان گهڻا ڪِتاب پڙهڻ جو موقعو مليو ۽ ڪيترن اديبن جا ته مون سمورا سيٽ پڙهيا. جيئن ته: رچرڊ گارڊن (ڊاڪٽر سيريز)، ارنيسٽ هيمنگوي، سمرسيٽ ماهم، گرهام گريني، وي ايس. نائپال، جان اپڊائيڪ، البرٽ ڪاموز، وغيره وغيره. رام جواهراڻي: ڪو اهڙو ڪتاب جنهن جون يادگيريون توهانجي دماغ ۾ اڄ به تازيون هجن؟ الطاف شيخ: اوه! رام ڪيترائي ڪِتاب ..... جيڪي مون شاگردي جي ڏينهن ۾ پڙهيا انهن جي سڳنڌ مون کي اڄ به محسوس ٿئي ٿي. دل چوندي آهي ته انهن کي هڪ دفعو وري پڙهان. دل چوندي آهي ته اڄ جا شاگرد يا مطالعي جا شوقين اهي ڪتاب ضرور پڙهن ..... خبر ناهي انهن کي به ايترو مزو ايندو يا نه. انهن ڪتابن مان ڪجهه هن ريت آهن: پرلس ايس بڪ جو Good Earth، والاد مير نبوڪو جو Lolita، بورس پاسٽرناڪ جو ”ڊاڪٽر زهواگو“، ايملي برونٽي جو ”ودرنگ هائيٽس“، هرمن جو ”موبي ڊِڪ“، چارلس ڊڪنس جو ”گريٽ ايڪس پيڪٽيشن“، جين آسٽين جو ”پرائيڊ ائنڊ پريجوڊائس“، ايرڪا جونگ جو Fear of Flight، ۽ خاص ڪري ”باواني جنڪشن“ جيڪو ۱۹۵۴ع ۾ جان ماسٽرس لکيو جنهن جي بنياد تي ۱۹۵۶ع ۾ ڪامياب فلم ٺهي. اها فلم ان هنگاما خيز دور ۾ ٺهي جڏهن انگريز ننڍي کنڊ کي ڇڏي رهيا هئا. ان ۾ يوريشين (Anglo – Indians) جي پريشاني قابلِ ديد آهي. انهن جون وفاداريون هڪ طرف ڇڏي ويندڙ انگريز سان هيون ته ٻئي طرف انڊيا جي اڪثريت آدم شماري سان هيون. فلم ۾ ان وقت جي مشهور ائڪٽريس ”ائوا گارڊنر“ ائنگلو انڊين عورت ”وڪٽوريا“ ٿي آهي جيڪا انڊين آرمي ۾ نوڪري ڪري رهي هئي ۽ فلم ائڪٽر ”اسٽيو وارٽ گرانگر“ ڪرنل روڊني ٿيو آهي. هن فلم جي ڪجهه حصي جي شوٽنگ لاهور ۾ به ٿي هئي جِتي جي هڪ ٻارهن سالن جي ڇوڪريءَ پڻ ان فلم ۾ حصو ورتو هو. بعد ۾ اها ڇوڪري پاڪستان فلم انڊسٽري جي ”نِيلو“ نالي مشهور فلم ائڪٽريس ٿي. نيلو جو اصل نالو ”سنٿيا“ هو جنهن بعد ۾ هڪ پاڪستاني فلمون ٺاهيندڙ ۽ جرنلسٽ رياض شاهد سان شادي ڪئي ۽ پنهنجو اسلامي نالو ”عابده رياض“ رکرايو. ۱۹۶۵ع جي ڳالهه آهي ته شهنشاهه ايران جي پاڪستان ۾ وزٽ تي ان وقت جي مغربي پاڪستان جي گورنر امير محمد خان نيلو کي خاص مهمان اڳيان ڊانس ڪرڻ لاءِ گهرايو. نيلو جي انڪار تي هن کي threat ڏئي ڊيڄاريو ويو ۽ کيس گورنر هائوس ۾ پهچائڻ دوران هن رستي تي خوش ڪشي جي ڪوشش ڪئي ۽ کيس يڪدم اسپتال آندو ويو جِتي ڊاڪٽرن هن جي جان بچائي ورتي. کاٻي ڌر جي مشهور شاعر حبيب جالب ان ظلم تي پنهنجي غم ۽ غصي جو اظهار هن شعر ذريعي ڪيو: تو کہ نا واقفِ آدابِ غلامی ہے ابھی رقص زنجیر پہن کر بھی کیا جاتا ہے بعد ۾ هن جو هي شعر ڪجهه معمولي تبديلين سان فلم ”زرقا“ ۾ استعمال ڪيو ويو. رام جواهراڻي: ڀلا انهن انڊين ليکڪن بابت ٻڌايو جيڪي انگريزيءَ ۾ لکن ٿا؟ توهان کي ڪهڙو پسند آهي؟ الطاف شيخ: حقيقت اها آهي ته ڪاليج جي ڏينهن کان وٺي اڄ تائين مون لاءِ بهترين افسانوي يا غير افسانوي انگريزي ناول اهي آهن جيڪي ننڍي کنڊ جي ماڻهن لکيا آهن يا انهن انگريزن جيڪي انڊيا ۾ ڄاوا يا اتي وڏو عرصو گذاريائون. جيئن ته E.M Foster (ايڊورڊ مورگن فاسٽر) جنهن جو ناول A Passage to India آهي، يا رڊيارڊ ڪپلنگ آهي جنهن جا ڪتاب. منڊالي، ڪِم، گنگادين ۽ Plain Tales from the hill آهن.... جان ماسٽرس جو ڀاواني جنڪشن، وئلري جو ”زميندار“ يا J.G Farrell جو The Siege of Krishanapur آهي. انڊيا جي رهاڪن مان ڪجهه جن جا ناول مونکي تمام گهڻا وڻيا، هن ريت آهن: انيتا ڊيسائي ۽ سندس ڌيءَ ڪرن ڊيسائي، وڪرم سيٺ (A Suitable Boy)، روهنٽن مستري (ٽيلس فرام فيروز شاهه باغ) ۽ (Such a Long Journey) ان کان علاوه ارونڌاتي راءِ جنهن جا سنڌي ترجما سنڌ ۾ تمام مشهور آهن.... مون سندس فقط هڪ ڪتاب The God of Small Things پڙهيو آهي، آر. ڪي ناراين ـــ منهنجو تمام گهڻو دلپسند ليکڪ آهي جنهن جو ڏکڻ هندستان جي شهر ”مال گودي“ جي پس منظر ۾ ناول بيحد مشهور آهي.... نراد چوڌري جنهن جي لکيل هڪ اڻ ڄاتل انڊين جي آتم ڪهاڻي the Autobiography of an Unknown Indian جنهن ۾ دراصل سندس ذات جا ئي تجربا ۽ مشاهدا آهن. رام جواهراڻي: ڀلا انڊين انگريزي شاعرن بابت ڇا خيال آهي؟ الطاف شيخ: منهنجي شاعريءَ ۾ شروع کان ڪا گهڻي دلچسپي نه رهي آهي. بس ڪڏهن ڪڏهن، خاص ڪري سمنڊ تي جڏهن مون وٽ پڙهڻ لاءِ ٻيو ڪجهه نه هوندو هو ته پوءِ شاعري تي به نظر ڦيريندو رهيس ٿي ..... ڪجهه انڊين شاعر جن جي مون انگريزي شاعري پڙهي ۽ ٿوري سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي هن ريت آهن: آرون ڪولاتڪار، Nissim Ezekiel، ڪملا داس، دليپ چتري ۽ انهن ۾ توهان رابندر ناٿ ٽئگور کي به شامل ڪري سگهو ٿا. رام جواهراڻي: منهنجي خيال ۾ توهان ملئي ۽ جپاني ادب به ڪافي پڙهيو آهي. الطاف شيخ: آئون ملائيشيا ۾ تمام وڏو عرصو رهيو آهيان پر افسوس جو ملئي ادب انگريزي، اڙدو يا فارسي وانگر ڪو مالا مال ناهي. ملئي شاعريPantuns پڙهڻ جوڳيون آهن. ۽ جيڪڏهن توهان ملئي ٻولي کان واقف آهيو ته وڌيڪَ Enjoy ڪري سگهو ٿا. پنتون ملئي شاعريءَ جو قسم آهي جيئن رباعي يا چؤسٽو. هن ۾ چار سٽون ٿين ٿيون جن جو رديف قافيوabab فارم ۾ ٿئي ٿو. مثال طور Singapura negri baharu, Tuan Raffles menjadi raja, Bunga melur, Cempaka biru, Kembang sekuntum di mulult naga. سنگاپور هڪ نئون ملڪ آهي جنهن جو حاڪم جناب رئفلز بڻيو جاسمين جو گل ۽ فرنگي پاني ازدها جي منهن ۾ مکڙي مان گل ٿيو. رام جواهراڻي: ۽ جپاني ادب بابت ڇا خيال آهي؟ الطاف شيخ: جي ها. جپاني ٻولي ادب ۾ تمام امير آهي. جپان سان واسطو قائم ٿيڻ کان پهرين آئون اهو ئي سمجھندو هوس ته جپاني ماڻهو Robots وانگر آهن جيڪي فقط ڪَلَ جو سامان ٺاهي سگهن ٿا. هنن کي ڪي به لطيف جذبات يا احساسات نه آهن. پر هاڻ آئون ادب جي شاگردن کي اها ئي صلاح ڏيندو رهان ٿو ته هو جپاني نثر توڙي نظمَ جا ترجما پڙهن. مون پهرين جپاني ناول جو انگريزي ترجمو “A Sailor who fell from Grace with the Sea” پڙهيو هو. مشيما يوڪيو جي هن ناول منهنجي اندر ۾ سندس ۽ ٻين جپاني ليکڪن جي ڪِتاب پڙهڻ جي تانگهه پئدا ڪئي. رام جواهراڻي: توهان جا favorite جپاني ليکڪ ڪير آهن جن لاـءِ ٻين کي به پڙهڻ لاءِ Suggest ڪندائو؟ الطاف شيخ: ”مشيما يوڪيو“ سميت منهنجا ڪيترائي دلپسند جپاني ليکڪ آهن. مشيما جا ڪجهه ٻيا انگريزيءَ ۾ ٽاپ ڪلاس ناول آهن: فاربڊن ڪلرس، “The Temple of the Golden Pavilion”، دي سائونڊ ويوز وغيره. اهڙي طرح نتسومي سوسيڪي (۱۸۶۸-۱۹۱۲) به جپان جو بهترين ناول نِگار آهي جنهن جا ناول ”ڪوڪورو“ (Heart)، ڪُوساما ڪُورا (Three Cornered wall) ۽ خاص ڪري ۹۰۰ کن صفحن جو ناول واگاهائي وا نيڪو دي اَرُو (I am a Cat) جپاني سوسائٽي تي طنز وارو ناول پڙهڻ وٽان آهي. ڪجهه ٻين جپاني ليکڪن جا انگريزي ۾ ترجما ٿيل ناول جن کي پڙهڻ جي صلاح ڏيندس، هن ريت آهن جپان جي نوبل پرائيز جيتڻ واري ياسوناري ڪواباتا ليکڪ جا ناول: سين با زورو (Thousand Cranes)، ياما نو اوتو (The Sound of the Mountain)، ڪيوٽو (The Old Capital)، جوني چيرو تاني زاڪي ليکڪ جا ڪِتاب:The Key ۽ Diary of Old Man ، تيتسو مِي يورا جا ڪِتابَ: Kafka on Shore، نارويجن ووڊ، اي وائلڊ شيپ چيس، The Elephant Vanishes...... وغيره وغيره. رام جواهراڻي: ۽ جپاني شاعري بابت ڇا خيالُ آهي؟ الطاف شيخ: جپاني شاعري وري به مونکي پسند آهي خاص ڪري ”هائيڪو“. هائيڪو (haiku)جپاني شاعريءَ جو مختصر فارم آهي جيڪو اسانجي ٽيڙو يا ٽه سٽو جيئن ٽن سٽن جو ٿئي ٿو پر هائيڪو ۾ مقرر ۱۷ ماترائون ٿين ٿيون. پهرين سِٽَ ۾ ۵، ٻيءَ ۾ ۷ ۽ ٽينءَ ۾ ۵. مثال طور ماتسو باشو جو هڪ مشهور هائيڪو آهي ته: Furuike Ya (فُو ـــ رُو ـــ اِي ـــ ڪي ـــ يا) = ۵ Kawazu tobi Komu (ڪا ـــ وا ـــ زو ـــ تو ـــ بي ـــ ڪو ـــ مو) =۷ Mizu no oto (مي ـــ زو ـــ نو ـــ او ـــ تو) = ۵ ماترائون (هڪ جھونو حوض هڪ ڏيڏر ان ۾ ٽٻي ٿو هڻي پاڻيءَ جي ڇلڪڻ جو آوازُ) رام جواهراڻي: ڪجهه اهم جپاني شاعر جن جي شاعري انگريزيءَ ۾ به ترجمو ٿي هُجي؟ الطاف شيخ: توهان کي ڪيترن ئي شاعرن جا ترجما ملندا. متسو باشو، ڪوباياشي اِسما ۽ يوسا بُوسن .... اهي ٽي جيڪي ايڊو دور جا شاعر آهن بيحد مشهور آهن. انهن جي شاعري اسان وٽ سنڌي ۽ اڙدو ۾ به ترجمو ٿي آهي ۽ انڊيا ۾ ته ڪيترن ئي ٻولين ۾. انهن کان علاوه ڪجهه ٻيا جپاني شاعر جن جو مون انگريزي ترجمو پڙهيو آهي، هن ريت آهي: فُوڪُودا چِيو ني ـــ هائيڪو جي مشهور شاعره تاڪاموري اتسو ـــ هيءَ خاتون شاعره سان گڏ ترقي پسند ليکڪا، تاريخدان ۽ عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙ ڪندڙ به آهي. سائيگيو هوشي، مورا ڪامي ڪيجو ۽ هڪ عورت شاعره جنهن کي جپاني توڙي ڌاريان تمام گهڻو پسند ڪن ٿا اها آهي ”اونو نو ڪوماچي“. مون پنهنجن جپان جي سفرنامن ۾ ڪوماچي ۽ ان جي شاعريءَ بابت تمام گهڻو لکيو آهي. هوءَ ”وَڪا“ جي شاعره هئي. وَڪا (Waka)سيدوڪا، تانڪا، چوڪا، ڪاتا اوتا جپاني شاعري جا قسم آهن جيئن اسان وٽ بيت، ٽيڙو، غزل، ڪافي، رباعي وغيره. وَڪا شعر ۾ ۵ سٽون ٿين ٿيون. جن ۾ ۵،۷،۵،۷ ۽ ۷ ماترائون (Syllables) ٿين. مثال طور: Omoitsutse هن جو ئي سوچي رهي آهيان. Nureba Ya Hito no هن سان ملڻ ڪارڻ، مون ننڊ ڪئي. Meitsuramu هو منهنجي اڳيان ظاهر ٿيو. Yume to Shiriseba منهنجي ڌيان مان نڪري ويو ته اهو خوابُ آهي. Samezara mashi wo نه ته آئون ننڊ مان هرگز سجاڳ نه ٿيان ها.... جپاني معاشرو مائي ڪوماچي جي محبت جي قصن سان ڀريو پيو آهي. سڀ کان عام قصو سندس فوڪا ڪوسا نالي هڪ شهنشاهي درٻار جي ڪاموري سان عشق جو آهي. ڪوماچيءَ هن سان وعدو ڪيو ته جيڪڏهن هو ساڻس لڳاتار سؤ راتين تائين هم بستري جاري رکندو ته پوءِ هوءَ هن کي سچو عاشق مڃيندي. فوڪا ڪوسو هن وٽ باقاعدگيءَ سان هر رات ايندو رهيو پر اچي اچي آخري راتين ۾ همت هاري ويٺو. ان جي ڏک ۾ هو اهـڙو بيمار ٿيو جو وڃي کٽ تي داخل ٿيو ۽ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. هن جي جواني جي موت تي، چون ٿا ته ڪوماچيءَ به ٽي ڏينهن کن سوڳ ملهايو ۽ اهي ٽي ڏينهن هن ٻي ڪنهن مرد جي ويجھو وڃڻ کان گريز ڪئي. ڪوماچيءَ جو شاعريءَ جي دنيا ۾ وڏو مقام آهي ۽ کيس عزت بخشڻ لاءِ جپاني حڪومت جپاني چانورن جي هڪ خاص جنس جو نالو سندس نالي پٺيان ”اڪيٽا ڪوماچي“ رکيو آهي. ساڳي وقت جپان جي اڪيٽا شنڪانسين (بليٽ ٽرين) کي پڻ پيار مان ”ڪوماچي“ سڏيو وڃي ٿو. رام جواهراڻي: انڊو پاڪ کان علاوه توهان ٻيا ڪهڙا ملڪ ڏٺا آهن. الطاف شيخ: اڄ ڪلهه جهاز هلائيندڙن کي بندرگاهه ۾ رهڻ جا تمام گهٽ موقعا ملن ٿا. اهو ان ڪري جو جتي جهاز ماڊرن ٿي ويا آهن اتي بندرگاهن ۾ ڪارگو لاهڻ ۽ چاڙهڻ جو طور طريقا به ايڏو تيز رفتار ۽ ماڊرن ٿي ويا آهن جو سڄي ڀريل جهاز کي هڪ يا ٻن ڏينهن ۾ خالي ڪريو وٺن ۽ جهاز اهو بندرگاهه ڇڏي ٻي منزل ڏي روانو ٿيو وڃي. ان نتيجي ۾ جهاز هلائڻ وارن کي بندرگاهه گهمڻ جو موقعو ئي نٿو ملي. اسان جي ڏينهن ۾ يعني ۱۹۶۰ع ۽ ۱۹۷۰ع وارن ڏهاڪن تائين جهاز ته ماڊرن ٿي چڪا هئا پر بندرگاهن جا حالَ پورا سارا هئا. ڪنٽينر سروس شروع ٿي رهي هئي پر جِتي ڪٿي خاص ڪري آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ ڊاڪ لئبر (مزدور) ان جي مخالفت ڪري رهيا هئا جو ٽرڪن مان سامان لاهڻ چاڙهڻ ۾ هنن کي ڏينهن ٿي لڳا ۽ اوور ٽائيم ٺهيو ٿي. ان کان علاوه هنن کاڌي پيتي جي شين جي چوري الڳ ڪئي ٿي. ڪنٽينر بند بند هجڻ ڪري سامان جي چوري نٿي ٿئي ۽ جهاز تي جلد ئي چڙهيو وڃن. سو اسان جي ڏينهن ۾ جهاز کي بندرگاهن ۾ هفتا ڇا ڪڏهن ته جدي، ڊڪار، دبئي، لاگوس جهڙن بندرگاهن ۾ مهينو ڏيڍ به لڳي ويو ٿي ۽ اسان جهاز هلائڻ وارن کي اهو بندرگاهه وارو شهر ۽ ڀر وارا شهر گهمڻ لاءِ ملي ويا ٿي. جيئن جهاز يوڪوهاما ۾ بيٺو هوندو هو ته باءِ بس يا ٽرين ٽوڪيو هليا ويندا هئاسين. يا ڪوبي ۾ هوندو هو ته ٽرين ذريعي اوساڪا ۽ ڪيوٽو به پهچي ويندا هئاسين. سو اسان جهاز هلائڻ وارن کي انهن ڏينهن ۾ گهمڻ ڦرڻ جا خوب مزا هئا ۽ اها چوڻي صحيح ثابت ٿيندي هئي ته Join the Navy, See the World. آئون ان معاملي ۾ به خوش نصيب رهيس جو مون سڄي نوڪري هڪ روٽ تي نه گذاري. سال ٻه آمريڪا ڪئناڊا روٽ تي هوس ته سال ٻه يورپ ۽ يوڪي روٽ تي. ڪڏهن گلف مڊل ايسٽ ۽ آفريڪا روٽ تي ته ڪڏهن پئسفڪ ۽ فار ايسٽ (جپان، چين، ڪوريا، فلپين ملائيشيا وغيره) تي. اهڙي طرح مونکي هر سمنڊ جا گهڻي کان گهڻا بندرگاهه ڏسڻ جو موقعو مليو ۽ ان سان گڏ ننڍڙا ننڍڙا ٻيٽ پڻ، جيئن ته برمودا، بهاما، مالديپ، ٽرنيڊاڊ، توباگو، ڪيپ وردي، لاس پاماس (ڪَناري) وغيره. اهڙي ريت مونکي لکڻ لاءِ گهڻي کان گهڻو مواد ملندو رهيو. رام جواهراڻي: اڄ تائين توهان ڪيترا سفرناما لکيا هوندا؟ الطاف شيخ: هيستائين منهنجا ۸۲ ڪِتابَ ڇپجي چڪا آهن جن مان ۷۰ کن سفرناما آهن باقي مضمون ۽ ترجما آهن. ٻه ڪِتابَ پهاڪن جا آهن. هڪ انگريزي ۾ Proverbs of Far –East ۽ ٻيو سنڌيءَ ۾ ”رٺي آهي گھوٽَ سان“ انهن ۾ سنڌ ۾ استعمال ٿيندڙ پهاڪن سان گڏ ملئي، چيني ۽ جپاني ٻولين جا به پهاڪا آهن. انهن ٻولين وارا ملڪ: ملائيشيا، چين، هانگ ڪانگ ۽ جپان اهي آهن جِتي منهنجو تمام گهڻو وڃڻ ٿيو. رام جواهراڻي: توهان جي نظرن ۾ توهان جو سڀ کان بهترين ڪِتاب ڪهڙو آهي ۽ ڇو؟ الطاف شيخ: هر ليکڪ کي پنهنجا سڀ ڪِتابَ پنهنجي ٻارن وانگر سٺا لڳن ٿا. پر منهنجي خيالَ ۾ ايران جو سفرنامو، سعودي عرب جا ٻه سفرناما (”اي روڊ ٽه مدينه“ ۽ ”ڀلي پار تان ڀيرو“) ۽ انڊيا جا ٽي سفرناما (”دهلي جو درشن“، ”هلي ڏسجي هندستان“ ۽ ”بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾“) شايد بهترين هجن جو انهن جا ڪيترائي ڇاپا اچي چڪا آهن. مون ملائيشيا ۽ جپان تي به ڪيترائي سفرناما لکيا آهن... گهٽ ۾ گهٽ پنج پنج هر ملڪ تي .... اهي شايد ان ڪري پسند ڪيا وڃن ٿا جو اسانجي ماڻهن جو انهن ملڪن ڏي وڃڻ جو گهڻو رجحان آهي. منهنجي ڪجهه ڪِتابن جون گهڻيون ايڊيشنون شايد ان ڪري به نڪرن ٿيون جو اهي مختلف يونيورسٽين جي B.A ۽ M.A ڪورسن لاءِ رکيل آهن. جيئن ته ”دنگي منجهه درياهه“ ڪراچي يونيورسٽي ۾، ”هي ٻيٽ هي ڪنارا“ سنڌ يونيورسٽي ۾ ۽ ”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾. منهنجو ڪِتاب ”موج نه سهي مڪڙي“ انهن سامونڊي سفرن جو آهي جن ۾ طوفان آيا، خراب سمنڊ مليو، جهازن جا حادثا ٿيا، راهه ڀٽڪي وياسين ۽ ٻيون Tragedies آهن. ٻه سفرناما جن تي مونکي ڪافي محنت ڪرڻي پئي اهي آمريڪا جا آهن: ”نيو هالا کان نيويارڪ“ ۽ ”بخشو لغاري کان بالٽيمور“. هنن ۾ مون انهن بندرگاهن ۽ شهرن جو احوال لکيو آهي جن ۾ ۳۵ سال اڳ آئون جهاز ذريعي ايندو هوس. هنن سفرنامن ۾ ماضي جي حالتن ۽ ماڻهن سان حال جي ڀيٽ ڪئي اٿم. رام جواهراڻي: انهن مهماتي حادثن بابت ٻڌايو جيڪي توهان کي سامونڊي زندگي ۾ پيش آيا. الطاف شيخ: سامونڊي زندگي اڄ به گلن جي سيڄ ناهي. جهاز کڻي ڪهڙا به ماڊرن ٿي ويا آهن پر ته به سامونڊي طوفانن ۽ حادثن جي سَٽ نٿا جھليو سگهن. ۽ جڏهن توهان ڏينهن رات لڳاتار ٻارهن سال دنيا جي مختلف سمنڊن تي جهاز هلائيندا رهو ۽ اهو ئي سوچيو ته توهان کي هر وقت Smooth Sailing ملندي، نا ممڪن ڳالهه آهي. سمنڊ تي جِتي بَهاري وارا ڏينهن ملن ٿا ۽ دل باغ باغ ٿيو وڃي اتي سخت ڏکيا ڏينهن ۽ مايوسيءَ واريون حالتون به اچن ٿيون. ڏٺو وڃي ته اسانکي پگهار اهڙن مشڪلن کي دليري، عقلمندي ۽ تجربي جي آڌار تي منهن ڏيڻ جو ئي ملي ٿو. منهنجا سڀ سفرناما اهڙن کٽن مٺن تجربن جو مجموعو آهن. هاڻ جيتوڻيڪ آئون رٽائرڊ زندگي گذاري رهيو آهيان ۽ جهاز هلائڻ ڇڏي ڏنو اٿم پر پراڻن ڏينهن جون ڳالهيون هر وقت ياد اينديون رهن ٿيون جن کي مختلف رسالن ۽ اخبارن لاءِ لکندو رهان ٿو. رام جواهراڻي: انسانيت جي لحاظ کان توهان کي ڪهڙي ملڪ جا ماڻهو بهترين لڳا؟ الطاف شيخ: هون! ترسو ته ان بابت سوچيان! دراصل اسان ايشين، خاص ڪري ننڍي کنڊ جا رهاڪو هر ڳالهه ۾ بيحد حساس آهيون .... هر ڳالهه ۾ اسان پنهنجو پاڻ کي اعليٰ سمجھون ٿا. اسان کي بنا ڪنهن سبب جي هروڀرو مغرب وارن سان ساڙ ۽ چڙ آهي. هر وقت هنن تي ڏمريا وتون. پر منهنجي خيال ۾ سچائي اها آهي ته مغرب جا گهڻا ماڻهو بهترين آهن. ٻئي جو خيال ڪرڻ ۽ انسان ذات لاءِ عزت ڪرڻ هنن جي اولين ترجيح آهي. ايترقدر جو اسان جهڙا ايشيائي يا آفريڪن ملڪن جا سياح يا پناهه گزين مغرب جي ملڪن ۾ پاڻ کي با حفاظت ۽ آزاد سمجھن ٿا. انهن ملڪن جي امن امان جي حالت توڙي انصاف هر هڪ لاءِ آهي ... ويندي جانورن لاءِ به آهي. ڌارين ملڪن ۾ رهائش دوران سئيڊن، ناروي، ڊئنمارڪ، فنلنڊ .... ۽ ويندي انگلنڊ، هالنڊ ۽ بيلجم جهڙن ملڪن ۾، مون بيحد گهڻو سڪون ۽ شانتي محسوس ڪئي. ان خيال کان اسانجو ايشيائي ملڪ ”جپان“ به هڪ بهترين ملڪ آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اڄ ڪلهه نسل پرستي جو ڀوت جِتي ڪٿي پنهنجو ڳاٽ مٿي ڪري رهيو آهي. پر ان ۾ به آئون ڏسان پيو ته اسان ايشين ۽ آفريڪن جو ڏوهه آهي جنهن ڪري مڪاني ماڻهو اسان سان نفرت ڪن ٿا. اسان جي غير قانوني حرڪتن ۽ منفي سوچن ميزبان ملڪن کي ڊسٽرب ڪري رکيو آهي. اسان جڏهن مغرب جي ملڪن ۾ رهڻ لاءِ پهچون ٿا ته ان وقت اهو ئي بهانو ڪريون ٿا ته اسان پنهنجي ملڪ جي سسٽم ۽ ڪلچر مان خوش نه آهيون .... ٻئي جي ملڪ ۾ رهائش حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترا ته ويندي پنهنجي دين ڌرم جي به شڪايت ڪن ٿا پر پوءِ ڌارئين ملڪ جي شهريت/پاسپورٽ ۽ بنيادي حق حاصل ڪرڻ بعد اسان پنهنجو ڪلچر، رسم و رواج ۽ سوچون مقامي ماڻهن تي ٿاڦڻ شروع ڪريون ٿا. رام جواهراڻي: هڪ دفعي توهان اسپين جي هڪ سنڌي دڪاندار جو احوال لکيو هو ته هن ڪيئن توهان کي بيوقوف ٿي بڻايو. اها ڳالهه وري ٻڌائجو. الطاف شيخ: منهنجي خيال ۾ اهو ڪَناري (Canary) ٻيٽن جي هڪ مشهور ٻيٽ لاس پاماس (Las Palmas)جو واقعو هو. اسپين ۽ پورچوگال بعد اتر ائٽلانٽڪ سمنڊ شروع ٿئي ٿو جيڪو نيويارڪ ۽ ڪئناڊا تائين هليو وڃي ٿو. ڪَناري ٻيٽن جو جھڳٽو هن سمنڊ ۾ آهي جِتي جي سٺي موسم ۽ هر شيءِ ٽئڪس فري هجڻ ڪري ٻارهوئي سياح (ٽوئرسٽ) ايندا رهن ٿا .... خاص ڪري لاس پاماس ٻيٽ تي جيڪو سڀ ۾ وڏو ٻيٽ ۽ بندرگاهه پڻ آهي. اسان به يورپ کان واپس ڪراچي ايندي يا اڳتي آمريڪا ۽ ڪئناڊا ڏي ويندي سفر جو سيڌو سامان ۽ جهاز لاءِ تيل ۽ پاڻي وٺڻ لاءِ پنهنجي جهاز کي لاس پاماس ۾ ضرور لنگر انداز ڪندا آهيون. هن پاسي اچڻ کان اسان پنهنجن سينئر جهازين کان هن بندرگاهه بابت ٻڌو هو ته لاس پاماس خريدارن لاءِ جنت آهي جيئن ڪنهن زماني ۾ (جڏهن اسان اسٽوڊنٽ هئاسين) ته يمن جي بندرگاهه عدن لاءِ اهي جملا ٻڌبا هئا. لاس پاماس گهمڻ مهل مون ۽ منهنجي دوستن سڀ کان پهريون ڪپڙو خريد ڪرڻ ٿي چاهيو. Esclaeritas ايوينيو تي ”ڪُئين وڪٽوريا“ اسپتال جي ڀرسان جيڪو پهريون وڏو دڪان هو ان ۾ گهڙياسين. دڪاندار اسان کي دڪان ۾ ويلڪم ڪندي پڇيو ته آيا اسين ٽوئرسٽ آهيون ياSailor (جهازي)؟ هن اسان کي اسٽولن تي وهاري ڪول ڊرنڪ آفر ڪئي جيئن اسان آرام سان ويهي ڪپڙي جي چونڊ ڪريون. اسان جي گفتگو انگريزي ۾ هلي رهي هئي ۽ اسان ٿڌي ٿڌي ڪولڊ ڊرنڪ ۽ دڪندار جون مٺيون مٺيون ڳالهيون ٻڌي ٺري رهيا هئاسين. ائين ٿي لڳو ته دنيا جي تختي تي هن جهڙو ڪو ٻيو اسان جو همدرد ٿي نٿو سگهي. اسان ڪجهه ساڙهين ۽ ڪچي ڪپڙي جي چونڊ ڪئي ۽ هاڻ جڏهن اسان اگهه کي فائنل ٿي ڪيو ته دڪان جو مالڪ جيڪو اسان کي منهن ڏئي رهيو هو, ٽيليفون جي گهنٽي وڄڻ تي ڪائونٽر تي رکيل فون کي کڻڻ لاءِ اٿيو. ان دوران هن پنهنجي هڪ سيلز مئن کي اشارو ڪيو ته اسان کي ڏسي ۽ پاڻ اسپيني زبان ۾ فون تي پنهنجي ڪنهن پراڻي دوست سان ڪچهريءَ ۾ مَحو ٿي ويو. اسان کي دل ۾ اهو ئي آيو ته هن سيلز مئن کي اسان سان ڪهڙي همدردي .... اهو ته مالڪ هئو جيڪو اسان سان مِٺو مِٺو ڳالهائي رهيو هو ۽ اسان کي اميد هئي ته هو اسان کي ضرور ڊسڪائونٽ اگهه تي بل ڏيندو. اسان هن سيلز مئن مان بلڪل غير مطمئن هئاسين ۽ اسان مان هڪ دوست ته رڙ ڪري باس کي چيو ته “It will be nice if you let us know the final price” (بهتر اهو ٿيندو جي آخري اگهه جو تون ئي فيصلو ڪر.) اها اسان لاءِ بلڪه فقط مون لاءِ بيحد حيرت انگيز ڳالهه ٿي جڏهن دڪان جو مالڪ جيڪو اسان سان صاف انگريزي لهجي ۾ ڳالهائي رهيو هو ۽ پنهنجي دوست يا ساهيڙيءَ سان فون تي اسپيني ۾ گفتگو ڪري رهيو هو تنهن فون تي هٿ رکي اسان جي خذمت ۾ بيٺل سيلز مئن کي نج سنڌيءَ ۾ چيو: ”اڙي لڇو! هي چريا سيلر (Sailors) اٿئي. پئسو جام هوندن ٻه چار پسيتا (اسپيني رپيا) وڌيڪَ ئي هڻجان.“ پنهنجي سيلزمئن کي اهو چوڻ بعد اسان کي انگريزيءَ ۾ چيو: Sir you don’t worry. I have instructed my man to charge you the lowest possible. هن جي اهو چوڻ تي مونکان ٽهڪ نڪري ويو ۽ کيس سنڌيءَ ۾ چيم ته ”سرڪار مون توهان جا راز وارا ڳجھا انسٽرڪشن decipher ڪري ورتا.“ اهو ٻڌي هو تمام گهڻو پريشان ٿي ويو. آخر منٿون ميڙيون ۽ بهانا گهڙي معافيون وٺي اسان کي جنهن آخري اگهه تي وڪيائين اهو واقعي discount اگهه هو. ساڳي وقت هن پنهنجي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ته آئون سنڌ کان آيو آهيان. هو ڪا دير مونکان پنهنجي ڏاڏاڻي ڏيهه سکر ۽ شڪارپور جون خبرون پڇندو رهيو. هن ٻڌايو ته هي پهريون دفعو آهي جو هن جي ڪنهن سنڌي جهازي آفيسر سان ملاقات ٿي آهي. دراصل اها مون لاءِ به خوشگوار حيرت هئي ته سنڌ جا ماڻهو واپار خاطر ڏورانهن ڏيهن کان اچي نڪتا آهن. لاس پاماس جهڙي هڪ ڏورانهين ٻيٽ تي پنهنجو ڌنڌو ڄمائڻ ڪا سولي ڳالهه ته نه آهي. بعد ۾ ان ساڳي سفر (Sea Voyage) جي واپسي تي ائٽلانٽڪ سمنڊ جي هڪ ٻئي ڏورانهين ٻيٽ ”ڪيپ وردي“ تي پڻ منهنجي هڪ سنڌي دڪاندار سان ملاقات ٿي. هي هڪ پورچو گالي ٻيٽ آهي يعني پورچوگال جي قبضي ۾ آهي جيڪو ائٽلانٽڪ سمنڊ جي بالڪل خطرناڪ هنڌ تي آهي جنهن جي ائپروچ به ڏکي آهي يعني بندرگاهه ۾ گهڙڻ واري هنڌ تي سمنڊ اندر ٽڪريون آهن جن سان بيخياليءَ ۾ جهاز ٽڪرائي پرزا پرزا ٿي سگهي ٿو. اسان به امرجنسي جي حالت ۾ هن ٻيٽ ۾ اچي لنگر انداز ٿياسين. اتي جي هڪ سنڌي دڪاندار کان اهو ٻڌي حيرت ٿي ته هن جا وڏا ۱۹۳۰ع ڌاري هن ٻيٽ تي اچي رهيا. انهن ڏينهن ۾ ڪاٺ جي ٻيڙن ۾ هن هنڌ تي پهچڻ وڏي دل گردي جي ڳالهه آهي .... ڇو جو هتي پهچڻ اڄ به خطرناڪ ۽ جوکم جو ڪم سمجھيو وڃي ٿو. بهرحال مٿيان ٻئي ٻيٽ لاس پاماس ۽ ڪيپ وردي وري به يورپ جي ويجھو آهن. انگريزن جي انڊيا تي حڪومت هجڻ ڪري انگلينڊ ۽ يورپ ڏي جهازراني عام هئي. پر حيرت ٿي ٿئي ته ان دور ۾ ڪيترا سنڌي هندو دڪاندار بزنيس خاطر سڄو ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙي آمريڪا ۽ ڪئريبين سمنڊ جي ٻيٽن تي اچي نڪتا هئا. ان ساڳي سفر دوران نيو اورلينس (آمريڪا) کان برازيل ڏي ويندي اسانجو جهاز برمودا واري ٽڪنڊي ۾ خراب ٿي پيو ۽ اسان ان کي برمودا ٻيٽ جي بندرگاهه هئملٽن ۾ وٺي ويا هئاسين. اتي هڪ سنڌي فئملي سان ملاقات ٿيڻ تي مون اچرج جو اظهار ڪيو ته هو واپار خاطر ڪيترو ته پري کان اچي نڪتا آهن. بصرو ۽ بخارا ته وري به ويجھا آهن پر برمودا ۽ بهاما جهڙا ٻيٽ ته ڄڻ دنيا جي ٻي ڪنڊ تي ٿيا! ان تي هن فئملي جي ڪراڙي چيو ته: ”بابا! سنڌي هندو واپاري توهانکي جتي ڪٿي ملندا. هو سمنڊ جي ڇولين ۽ طوفانن کان نٿا ڊڄن.“. ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪجهه سالن اندر مختلف جهازن ۽ مختلف سمنڊن تي رهڻ بعد مون ڏٺو ته ڪولمبو، هانگ ڪانگ، پينانگ ۽ سنگاپور ۾ ڪراچيءَ کان به وڌيڪَ سنڌي دڪاندار نظر آيا. سامونڊي نوڪري دوران منهنجي ڪيترن ئي وڏن وڏن واپارين: هردراني، قيمتراءِ، پوهومل برادرس، چوٽڙمل، چيلارام، واتو مل ۽ ٻين سان جاوا، جپان، جبرالٽر، سوٽا، قبرص، فجي، بالي ۽ برما ۾ ملاقاتون ٿيون. رام جواهراڻي: توهان ان وقت جي اهم سنڌي واپارين جا انٽرويو نه ورتا؟ الطاف شيخ: نه ان وقت اهڙي ڳالهه ڌيان ۾ نه آئي. هينئر توهانجو سنڌي اهم شخصيتن جي انٽرويوئن جو ڪتاب Global Sindhisپڙهي سوچيان پيو ته ان وقت جي همت ڪري ويهه پنجويهه اهم واپارين جا انٽرويو وٺان ها ته اڄ اها Collection بيحد دلچسيپ ۽ تاريخي ثابت ٿئي ها. بهرحال ائين مختلف سفرنامن ۾ ڪجهه جو احوال ضرور اچي ويو آهي جيئن هانگ ڪانگ جي ”ڪي ـــ سيتل“ ۽ ”هري نارومل هريليلا“ جو، ملاڪا جي ”پارواڻي“ ۽ ڪوالالمپور جي ”تان سري ڪِشو“ جو، سنگاپور جي ”هرڪشن ڀوڄواڻي“ ۽ يوڪوهاما (جپان) جي ڪپڙي جي واپاري ”پمو مل“ جو. رام جواهراڻي: توهانجا ڪيترائي دوست مختلف ملڪن ۾ سفير ٿي رهيا آهن. ڇا توهان کي ڪڏهن اهو شوق نه ٿيو ته توهان به مختلف ملڪن ۾ سفير ٿي رهو ها. الطاف شيخ: نه آئون اڄ به Sailor جي حيثيت ۾ دنيا جا ملڪ گهمڻ کي ترجيح ڏيان ٿو. اهو ان ڪري جو سرڪاري نوڪريءَ ۾ گهمڻ ڦرڻ ۽ لکڻ جي آزادي نٿي رهي. اڳتي هلي مون ٽيچنگ اختيار ڪئي .... ان ۾ ته مونکي لکڻ پڙهڻ لاءِ اڃان به وڌيڪ وقت ۽ موقعا مليا. رام جواهراڻي: توهان جڏهن به سفر تي نڪرو ٿا ته سفرنامو لکڻ تي محنت ڪريو ٿو. ڪڏهن توهان سفر دوران آرام ۽ Enjoy ڪرڻ لاءِ به وقت ڪڍيو؟ الطاف شيخ: سچ پڇو ته سفر دوران مون لاءِ اها ئي مزيدار ڳالهه آهي ۽ ان کي enjoyment ٿو سمجھان ته مختلف ماڻهن کان خبر چار پڇندو رهان، تاريخي جاين ۽ مقامي ڪلچر بابت ڄاڻ وٺندو رهان جيئن وطن پهچي سفرنامو لکڻ لاءِ مون وٽ گهڻي کان گهڻو مواد هجي. هڪ دفعي آئون بيمار ٿي پيس ته ڊاڪٽر مونکي مڪمل آرام ڪرڻ لاءِ چيو .... ايتريقدر جو هن مونکي لکڻ پڙهڻ کان به منع ڪئي. پر پوءِ مون ڏٺو ته ائين ڪرڻ سان مونکي وڌيڪَ تڪليف ۽ بيچيني محسوس ٿيڻ لڳي. سو لکڻ پڙهڻ مون لاءِ سزا نه پر خوشي ۽ فرحت آهي. رام جواهراڻي: توهانجي خيالَ ۾ دنيا جا ڪهڙا ملڪ آهن جيڪي رهائش لاءِ بهترين آهن؟ الطاف شيخ: ۱۹۶۳ع ۾ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان انٽر ڪرڻ بعد مون پنهنجو سنڌ صوبو ڇڏيو ته اڄ تائين آئون مختلف ملڪن ۾ رهندو اچان يا گهمڻ لاءِ ويندو رهان ٿو. منهنجي تجربي ۽ سوچ مطابق اُهي ملڪ بهترين آهن جِتي قانون جي بالادستي آهي جِتي هڪ امير توڙي غريب کي انصاف يڪدم مليو وڃي. ڪئناڊا، آمريڪا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾، خاص ڪري Scandinavian ملڪن: جهڙوڪ ناروي، سئيڊن، ڊئنمارڪ ۾ رهندڙ، اسانجي ايشيائي ملڪن جا رهاڪو immigrants توڙي کڻي هنن جو ڪهڙي به مذهب، ٻولي يا ڪلچر سان واسطو هجي، هو پنهنجي ملڪ کان وڌيڪَ پُرسڪون زندگي گذارين ٿا. هو آزاد محسوس ڪن ٿا. ائين ته ڏٺو وڃي ته سخت قانونن ڪري ڪيترن ئي عرب ملڪن جهڙوڪ دبئي، سعودي عرب، ڪويت وغيره ۾ اسان جا ماڻهو خوف بنا زندگي بسر ڪن ٿا. رستي هلندي ڪو هنن جو پرس نٿو ڦري، رات جو ڪو ڀت ٽپي گهر کي صاف نٿو ڪري، اغوائن ۽ قتلن جون وارداتون ائين عام نه آهن جيئن اسان وٽ آهن .... ان ڪري اسانجي ملڪ جو پورهيت توڙي واپاري پنهنجي ملڪ کان وڌيڪَ عرب ملڪن ۾ سڪون محسوس ڪري ٿو. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اعليٰ قسمَ جو انصاف نه آهي. عرب ملڪن ۾ اسان جا ايشيائي ماڻهو ..... خاص ڪري ننڍي کنڊ جا مقامي عربن کان نيچ سمجھيا وڃن ٿا. عربن لاءِ اڇي کل وارا يورپي، انگريز، آمريڪن وري به اتم آهن .... بلڪه ڪجهه زياده ئي اتم آهن. ايشيا جا ٻيا ملڪ: جپان، ملائيشيا، سنگاپور ۽ وڌيڪَ ڏکڻ ۾ آسٽريليا ۽ نيوزيلئنڊ رهائش لاءِ بهتر ملڪ آهن. پر اڄ ڪلهه جِتي ڪٿي وڌندڙ دهشتگردي بيروزگاري، مهانگائي ۽ ثقافتي تعصب ڪري هنن ملڪن ۾ نسل پرستي ڪَرَ کڻي رهي آهي ۽ ننڍي کنڊ جي ماڻهن کي گهٽ سَٺو وڃي ٿو. اڄ کان اڌ صدي اڳ ڪيترن ئي يورپي ملڪن ويندي آمريڪا ۽ انگلنڊ ۾ هميشه لاءِ رهائش اختيار ڪرڻ پاڪستان ۽ هندوستان جي ماڻهن لاءِ آسان ڪم هو. پر هاڻ ته اسان جي ماڻهن کي بنگلاديش ۽ نيپال وارا به رهڻ نٿا ڏين. گهمڻ لاءِ به اڳواٽ ويزا وٺڻي پوي ٿي. ڪيترا ملڪ ته اها به تڏهن ڏين ٿا جڏهن هنن جو پنهنجو ماڻهو اسانکي اسپانسر ڪري .... يعني ذمو کڻي ته هو اسانجي هر ڳالهه لاءِ جوابدار رهندو. هونءَ اسان ماڻهن لاءِ گهمڻ توڙي بزنيس لاءِ وري به ايران ۽ ڪجهه حد تائين انڊيا بهترين ۽ سستا ملڪ آهن. انهن ملڪن ۾ تعليم ۽ ميڊيڪل جو معيار به تمام اتاهون آهي. کاڌي پيتي ۽ سواريءَ جا اگهه به تمام گهٽ آهن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته انڊيا ۾ ڪجهه علائقا آهن جِتي بدامني آهي ۽ هندو مسلم فسادن جون خبرون اچن ٿيون، سرڪاري ڪامورا خاص ڪري پوليس رشوت به وٺي ٿي پر گذريل ڪجهه سالن کان هندستان جي حڪومت انهن براين کي گهٽائڻ جي ڪوشش ۾ لڳل آهي ۽ ڪافي حد تائين ڪاميابي به حاصل ڪئي آهي. مون جهڙو هڪڙو سياح ان جي شاهدي ڏئي سگهي ٿو ته انڊيا گذريل ڏهاڪي اندر تمام گهڻي معاشي ۽ سماجي ترقي ڪئي آهي. دهلي، ممبئي، بنارس، آگره، لکنؤ، امرتسر، پوني ۽ بڙودا جهڙن شهرن ۾ ان ترقي ۽ جديدپڻي جي جھلڪ صاف نظر اچي ٿي. رام جواهراڻي: توهان ويجھڙائيءَ ۾ پوني ۽ ممبئي ۾ رهي چڪا آهيو. توهان جو ان بابت ڇا تجربو آهي؟ الطاف شيخ: آئون پوني واري ٽرپ ڪڏهن به وساري نه سگهندس. ننڍپڻ کان وٺي اسان هن شهر (پوني) جو نالو پنهنجي ڏاڏيءَ کان ٻڌوسين جنهن پنهنجو اڪيلو پٽ (منهنجو والد گل محمد شيخ) پوني جي ائگريڪلچر ڪاليج (هاڻ يونيورسٽي) مانB.Sc ڪرڻ لاءِ موڪليو هو. مونکي خوشي آهي ته مونکي پوني جهڙو تاريخي ۽ تعليمي شهر ڏسڻ جو موقعو مليو .... ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پوني کي Oxford of the East يا ”آڪسفورڊ آف انڊيا“ سڏجي ٿو ڇو جو هِتي تمام گهڻا تعليمي ادارا آهن جن جو تعليمي معيار تمام بلند آهي. آٽو موبائيل ڪارخانن ڪري هي شهر (پوني) Detroit of India پڻ سڏجي ٿو. ۽ هاڻ وڌندڙ انفارميشن ٽيڪنالاجي ڪري پوني شهر کيQueen of Deccan به سڏجي ٿو. منهنجي لاءِ اها به خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته پوني شهر ۾ دادا جشن جو مهمان ٿي رهيس جنهن جا ليڪچر آئون اڪثر سوني T.V تان ٻڌندو آهيان. انهن ڏينهن ۾ پوني ۾ ”صوفي ازم“ تي سيمينار هلي رهيو هو جنهن جي صدارت لاءِ مونکي عزت بخشي وئي. هي پهريون موقعو هو جِتي منهنجي گهڻي کان گهڻن سنڌي اديبن ۽ شاعرن سان ملاقات ٿي جيڪي انڊيا ۾ رهن ٿا ..... جيئن ته: مئڊم ريٽا شاهاڻي، ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي، نند ڇڳاڻي، تارا ميراچنداڻي، مڌن جماڻي، ڪملا بوٽاڻي، ڪيولرام گلراجاڻي، وينا شرنگي، اندرا شبنم، نند لال خوبچنداڻي، ڀڳوان بابلاڻي، هري پنکج، گوبند خوشحالاڻي، ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتي، دادي ساوتري آڏواڻي (مشهور وڪيل هوتچند آڏواڻي جي زال)، ٽيڪچند مست، پروفيسر ايشوري جوتاڻي، ڊاڪٽر لڇمڻ خوبچنداڻي .... ويندي رام ڄيٺملاڻي صاحب سان ملاقات ٿي. ممبئي ۾ هفتو کن رهڻ دوران آئون پروفيسر ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي ۽ جئه موتياڻي طرفان وڏي دل سان پيش ڪيل ميزباني وساري نٿو سگهان. ممبئي يونيورسٽي ۾ هڪ ڏينهن منهنجو ”گلوبل سوسائٽي ائنڊ سنڌي“ عنوان تي ليڪچر جو پڻ بندوبست ڪيو ويو هو. ممبئي ۾ رهڻ دوران مونکي ڪيتريون تاريخي جايون ڏسڻ جو موقعو مليو جيئن ته گيٽ وي آف انڊيا، چرچ گيٽ ريلوي اسٽيسن ڀرسان ڪرافرڊ مارڪيٽ، مٽن روڊ تي شافي مسجد جي سامهون هِتي جي مشهور ”چور بازار“، جُوهو ۽ مئرين ڊرائيو چوپاٽي جا سامونڊي ڪناراBeaches ، مهالڪشمي ڌوٻي گھاٽ، داٻا والا (جيڪي هزارين ماڻهن کي آفيسن ۾ سندن گهران آندل لنچ پهچائين ٿا)، وورلي ڪوسٽ تي حاجي علي جي درگاهه، ايليفنٽا ٻيٽ، فلورا ڦوهارو (دادا ڀائي نائوروجي روڊ تي)، راجا ٻائي ڪلاڪ ٽاور ۽ ڪجهه ٻيون انگريزن جي دور جون آڳاٽيون ۽ تاريخي عمارتون جيئن ته پرنس آف ويلس ميوزيم، ساسون لئبرري، مشهور وڪٽوريا ٽرمينس (V.T) جيڪو اڄ ڪلهه CST يعني چتراپتي شيواجي ٽرمينس سڏجي ٿو، بمبئي هاءِ ڪورٽ وغيره. هي اهي عمارتون، جايون ۽ روڊ رستا آهن جن جا نالا آئون هميشه انگريزي ناولن ۾ پڙهندو هوس يا اڄ به بالي وڊ جي فلمن ۾ ٻڌجن ٿا. منهنجا انڊيا جي سفر تي تازا لکيل ٻه ڪِتاب: ”هلي ڏسجي هندوستان“ ۽ ”بمبئي منهنجي ڀاڪُرَ ۾“ اهڙين جاين بابت تفصيلي احوال آهن. رام جواهراڻي: سنڌ اندر جيڪو وڏيرا راڄ هو، ان ۾ پاڪستان ٿيڻ بعد ڪا تبديلي آئي آهي؟ الطاف شيخ: آئون نٿو سمجھان ته ڪا بهتري آئي آهي. اڄ به عام ماڻهو سورن ۾ آهي ۽ وڏيرن جي رحم ڪرم تي آهي .... ويتر وڏيرا شاهي پهرين کان مضبوط ۽ هاڃيڪار ٿي پئي آهي. هونءَ ته وڏيرا شاهي ايڏو خراب شيءِ به نه آهي .... آخر جپان ۽ ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ به فيوڊلز آهي .... اسان کان به وڌيڪَ .... پر اتي جا وڏيرا پنهنجي ڳوٺ ۽ پنهنجي ماڻهن جو خيال ڪن ٿا. سندن ٻار اعليٰ تعليم يافته ٿين ٿا ۽ هو عوام جي به تعليم، صحت، امن امان جو خيال رکن ٿا. اسيمبلين جا ميمبر وڏيرا پنهنجي تر جي ماڻهن جي سک ۽ سهولت لاءِ هر وقت آواز اٿاريندا رهن ٿا. پر هيڏانهن اسان وٽ سنڌ ۾ اسان جي بدنصيبي آهي جو اسان جي لالچي وڏيرن کي فقط پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جو فڪر رهي ٿو. هو هر سک پنهنجي لاءِ چاهين ٿا. هو اهو ئي چاهين ٿا ته سندن ٻار بنا ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ جي يونيورسٽين جون ڊگريون حاصل ڪن، هو اهو چاهين ٿا ته هنن جا ٻار بنا قابليت جي اعليٰ نوڪريون حاصل ڪن .... ۽ ڪامورا شاهي ۾ به سندن ٻار هجن، اسيمبلين جا ميمبر به اهي هجن، ڪارخانن جا مالڪ به اهي هجن باقي عوام ڀلي بکيو، بيروزگار ۽ بيمار پيو هلي .... هو ڏينهون ڏينهن غربت جي گھاڻي ۾ پيو پيڙهجي .... اهو ئي سبب آهي جو اڄ سنڌ جهڙي جاهليت، غربت ۽ بدحالي آفريڪا جي گئمبيا، ڪانگو، ملاوي ۽ برقينا فاسو جهڙن ملڪن ۾ به نه هوندي. رام جواهراڻي: انگريز راڄ ۾ سنڌ جي سرڪاري ٻولي سنڌي هئي. ورهاڱي بعد اڙدو ٿاڦي وئي آهي. ڇا ان خلاف سنڌين ڪا مخافت ڪئي؟ الطاف شيخ: اڙدو پاڪستان جي سڀني صوبن جي ڪامن ٻولي آهي ويندي چترال، اسڪردو يا گلگت ۾ ڪو پٺاڻ ۽ هزاروي ملي ٿو ته هڪ ٻئي سان اڙدو ۾ گفتگو ڪن ٿا. بلڪه اڙدو جيڪا انڊيا ۾ هندي سڏي وڃي ٿي سڄي ننڍي کنڊ بنگال کان راجستان تائين ۽ تامل نادو کان ڪشمير تائين ته عام طرح ڳالهائي وڃي ٿي پر دبئي، ايران جي ڪنارن وارن شهرن، مالديپ ۽ نيپال ۾ به ڳالهائي وڃي ٿي. سنڌي سنڌ صوبي جي صوبائي ٻولي ليکي وڃي ٿي ۽ اسان وٽ نه رڳو توهان کان پر اسانجي باقي صوبن جي ٻين ٻولين پنجابي، پشتو ۽ بلوچي کان به وڌيڪَ سنڌيءَ ترقي ڪئي آهي جنهن جي Idea سنڌ مان شايع ٿيندڙ سنڌي رسالن، ڪِتابن ۽ ٽي وي چئنلن مان لڳائي سگهجي ٿي. ڪجهه سال اڳ تائين سنڌ ۾ اڙدو ۽ سنڌي جي وچ ۾ رساڪشي لڳي رهي ٿي ته اسڪولن ۾ فقط سنڌي پڙهائي وڃي يا اڙدو پڙهائي وڃي جيئن گذريل صديءَ جي سٺ واري ڏهاڪي ۾ سنگاپور ۾ رهندڙ ملئي، تامل ۽ چيني وڙهندا رهيا ٿي ته سنگاپور جي اسڪولن ۾ فقط ملئي پڙهائي وڃي.... تامل پڙهائي وڃي.... چيني پڙهائي وڃي.... وغيره. پوءِ سنگاپور جي وزير اعظم ’لي ڪُئان يُو‘ چيو ته توهان سڀني جون ڳالهيون اکين تي چيني، ملئي، تامل ۽ انگريزي ميڊيم جا اسڪول کوليا وڃن جنهن کي جيڪا ٻولي وڻي پنهنجي ٻارن کي ان اسڪول ۾ داخل ڪري ..... ۽ پوءِ ڏٺو ويو ته هر هڪ کي پياري ته پنهنجي مادري زبان هئي پر ان کان وڌيڪَ هنن کي پنهنجي ٻارن جو مستقبل هو. انگريزي ٻوليءَ جي اهميت سمجهي هنن سڀني پنهنجن ٻارن کي کڻي انگريزي اسڪولن ۾ داخل ڪرايو .... ويندي انهن تاملن ۽ چينين جيڪي ٻهراڙي ۽ جنگلن ۾ رهيا ٿي .... انهن ڏٺو ته پنهنجي ملڪ توڙي دنيا ۾ نوڪريون يا پورهيا انهن کي ٿا ملن جن کي انگريزي جي ڄاڻَ آهي. سو اڄ ڪلهه آئون ڏسان پيو ته سنڌ جي ننڍن ننڍن ڳوٺن ۾ به مينهن جي کنڀين وانگر جِتي ڪٿي ٽاين وارا (يعني انگريزي) اسڪول اڀري پيا آهن ۽ هرڪو غريب غربو اهو ٿو چاهي ته هن جا ٻار به اهـڙن اسڪولن مان پڙهي پروفيشنل ڪاليجن ۾ داخلا وٺي سگهن .... ولايت ۾ نوڪريون حاصل ڪري سگهن. رام جواهراڻي: جي ايم سيد جي تحريڪ آزادي بابت ڇا چوندائو؟ الطاف شيخ: افسوس جو مون ’جي ايم سيد‘ بابت گهڻو نه پڙهيو آهي ۽ نه هن جون تقريرون ۽ جلسا اٽينڊ ڪيا آهن. مون مئٽرڪ ۽ انٽر ۱۹۶۳ع ۾ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان ڪري سنڌ ڇڏي. وچ ۾ هڪ دفعو ۱۹۸۷ع ۾ ٽن مهينن جي موڪل تي سنڌ آيو هوس ته ٻين سياستدانن، اديبن شاعرن ۽ اهم ماڻهن کان انٽرويو وٺڻ لاءِ مليو هوس ته سائينءَ سان به ملاقات ڪيم. پر خبر ناهي ڇو آئون گهڻو متاثر نه ٿي سگهيس .... يا شايد منهنجي expectation گهڻي هئي. اسان سڪرنڊ موري پاسي کان درياهه ٽپي سائينءَ جي ڳوٺ سَن پهتاسين. سن پهچڻ کان اڳ منهنجي دماغَ ۾ اهو هو ته جيئن ته سائين هڪ طاقتور پير جو درجو رکي ٿو، باعزت ۽ اعليٰ ذات مان آهي، تر جو وڏو ۽ پئسي وارو زميندار آهي، سياست ۾ سندن درجو مٿڀرو آهي ۽ ملڪ جا اهم ماڻهو سياستدانن کان فوجين تائين، سرڪاري ڪامورن کان ڪارخانيدارن تائين سندن عزت ڪن ٿا سو سندن ڳوٺ ”سن“ هڪ مثالي ۽ خوشحال هوندو جِتي گهڙڻ سان انگلنڊ جي شهر مانچسٽر يا ملائيشيا جي شهر ملاڪا وانگر ڪارخانن جون چمنيون نظر اينديون جن مان ڪارو دونهون نڪري رهيو هوندو. ملائيشيا جي وڏيرن وانگر سيد صاحب جي هن ڳوٺ ۾ به اسڪولن، ڪاليجن ۽ اسپتالن جون عمارتون هونديون. ماڻهن جي چهرن تي مرڪ هوندي. پر مونکي اهو ڏسي ڏک ٿيو ته ويجھڙائيءَ ۾ گهمي آيل غريب آفريڪي ملڪن: سوماليا، جبوتي، لائبيريا جهڙي اداسي ۽ لاچاري هئي .... آئون اهو ئي سوچيندو رهيس ته جڏهن اسان جي صوبي جو ڳوٺ سَن ئي اهو اوج نه ماڻي سگهيو آهي ته ٻين ڳوٺن جو ڇا حال هوندو جن جا وڏيرا ۽ ڪرتا ڌرتا ظالم ۽ جاهل آهن. مون ان جو اظهار سائينءَ سان به ڪيو. هن دل ۾ ڪرڻ بدران وڏي دل سان منهنجيون ڳالهيون ٻڌيون. هو مونکي بيحد سخي انسان ۽ عوام لاءِ درد رکندڙ لڳو. ٻين وڏيرن ۽ سردارن وانگر سخت مزاج نه پر بيحد سافٽ اسپوڪن هو. رام جواهراڻي: سنڌ ۾ ايتري بدامني ڇو آهي؟ جو ڪو عزت وارو ماڻهو رات جو اڪيلو گهمڻ لاءِ نٿو نڪري سگهي. هر وقت ڦر ۽ اغوا ٿيڻ جو خوف رهي ٿو. الطاف شيخ: بدامني جو اهو ئي سبب آهي جو قانون جي بالادستي ناهي ۽ ڪجهه حڪومت جي خراب governance ڪري به آهي. سنڌ جي مقابلي ۾ پنجاب صوبي ۾ حالتون بهتر آهن. اتي آئون ڏسان پيو ته ٽوئرسٽ رات جو به لاهور، اسلام آباد، ڪوهه مري، راولپنڊي، فيصل آباد ۾ هلن چلن پيا جيئن انڊيا ۾ ممبئي، دهلي، لکنؤ، آگرو، پوني مدراس آهي. باقي اسان وٽ گھوٽڪي، قمبر، شهدادڪوٽ، ڪشمور، جيڪب آباد ائين آهن جيئن توهان وٽ منيپور، ميزورام، ميگھاليا ۽ ناگا لئنڊ _ جيڏانهن ورلي ڪو ٽوئرسٽ رخ ڪري ٿو. رام جواهراڻي: وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي ڏينهن کان شاگرد امتحان ڪاپي ڪري پاس ڪن ٿا. ڇا اها ڳالهه ملڪ ۽ قوم لاءِ نقصانڪار نه آهي؟ الطاف شيخ: بلڪل صحيح ٿا چئو. هڪ ٽيچر جي حيثيت ۾ ته آئون ان کي اڃان به وڌيڪَ خراب ٿو سمجان جو ان ڪري سٺا شاگرد به دلشڪستا ٿيو پون ۽ محنت ڪرڻ ڇڏيو ڏين. ان کان علاوه اسان جي شاگرد کي هر ڪو شڪ جي نِگاهه سان ڏسي ٿوته هن ڪاپي ڪري ڊگري حاصل ڪئي آهي. ان ئي سبب ڪري اسان جي گرئجوئيٽ کي ولايت ۾ نوڪري به ڏکي ملي ٿي. رام جواهراڻي: انڊيا ۽ پاڪستان جا تعلق سڌارڻ لاءِ توهان ڇا suggest ڪندائو؟ الطاف شيخ : اسان ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي حق ۾ بهتري ان ڳالهه ۾ آهي ته اسان جا پاڻ ۾ سٺا تعلق رهن. ناروي ۽ سئيڊن يا اسپين ۽ پورچوگال وانگر انڊيا ۽ پاڪستان جي ماڻهن ۾ ڪيتريون ئي ساڳيون ڳالهيون آهن، کاڌو پيتو، ڪپڙو لٽو، ٻولي ۽ ڪلچر وغيره. ان جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته ولايت ۾ پاڪستاني ماڻهو جيترو انڊيا جي ماڻهن سان ويجھڙائي محسوس ڪري ٿو اهڙي هو عربن ۽ ايرانين سان به نٿو ڪري. ٻنهي ملڪن جي حڪومتن کي کپي ته هو تعلقات سڌارڻ جي ڪوشش ڪن ۽ هڪ ٻئي جي ماڻهن کي اچڻ وڃڻ جون سهولتون مهيا ڪن جيئن ٻنهي ملڪن جي ماڻهن کي گهمڻ ۽ واپار جي سهوليت سان گڏ تعليم ۽ صحت جو به فائدو رسي سگهي. رام جواهراڻي: توهان انڊيا ڪيترائي دفعا آيا آهيو. سياسي ۽ سماجي طرح توهان کي انڊيا ڪيئن ٿو لڳي؟ الطاف شيخ: گذريل ڏهن سالن اندر انڊيا ۾ وڏي تبديلي آئي آهي. انڊيا سماجي ۽ معاشي طرح تيزيءَ سان ترقي ڪري رهيو آهي .... گهٽ ۾ گهٽ اسانجي ملڪ کان ته گهڻو اڳتي نڪري ويو آهي .... نه ته سالن تائين پاڪستاني ۽ انڊين رپيو برابر هو. اڄ انڊيا جو رپيو مضبوط نظر اچي ٿو. جِتي اسانکي هڪ ڊالر خريد ڪرڻ لاءِ ۱۰۳ رپيا ڏيڻا پون ٿا اتي انڊيا وارا اڄ به ۶۰ رپين ۾ ڊالر خريد ڪن ٿا. انڊيا جون يونيورسٽيون ۽ اسپتالون ڏينهون ڏينهن اعليٰ معيار جون ٿينديون وڃن. ايتريقدر جو يورپين ملڪن ۾ رهندڙ انڊين توڙي ايران ۽ ملائيشيا جهڙن بهتر ملڪن جا ماڻهو به پنهنجا ٻار اعليٰ تعليم لاءِ انڊيا موڪلين ٿا. ڪيترا عرب ۽ يورپي علاج لاءِ انڊيا اچن ٿا. امن امان جي حالت به ڏينهون ڏينهن بهتر نظر اچي رهي آهي ۽ ويندي جپاني ٽوئرسٽ، جيڪي تمام گهڻو خبرداريءَ کان ڪم وٺن ٿا اهي به انڊيا ۾ نظر اچن ٿا. منهنجي خيال ۾ ان معاملي ۾ اسانجي ملڪ پاڪستان کي انڊيا کي فالو ڪرڻ کپي ته هو ڪيئن تعليم ۽ علاج جو معيار وڌائي رهيا آهن .... جيئن ۲۰ سال کن اڳ ملائيشيا وارن سنگاپور کي فالو ڪري پنهنجو معيار وڌايو. رام جواهراڻي: اڄ ڪلهه ڀلا ڪهڙو ڪتاب پڙهي رهيا آهيو؟ الطاف شيخ: اڄڪلهه آئون جپاني ليکڪ ”هائوڪي مُوراڪامي“ جي ناولNoruwei no Mori جو انگريزي ترجموNorweigian Wood پڙهي رهيو آهيان. مون هن ليکڪ جا ڪيترا ئي ناول پڙهيا آهن جن مان هڪ يا ٻن کن سنڌي ۽ اڙدو ۾ ترجمو ڪرڻ جو سوچي رهيو آهيان جيئن اُهي ماڻهو جيڪي جپاني ۽ انگريزي ٻولين کان اڻواقف آهن اهي جپاني ادب جي سونهن ۽ اونهائي کان واقف ٿي سگهن. خاص ڪري هن ليکڪ مُوراڪامي جي لکڻين کان، جنهن جا ڪتاب لکن جي تعداد ۾ ڇپجن ٿا ۽ تامل ۽ عربي ٻولين سميت پنجاهه ٻولين ۾ ترجمو ٿين ٿا. ۱۹۸۰ع تائين به اسانکي هن جپاني اديب جي تخليق ۽ ڏات جو ڪو اهڙو قدر نه هو. ۱۹۷۰ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن آئون جهازن تي هوس ته هن همراهه سان ڪوبي ۽ اوساڪا ۾ ٿيندڙ ”يوٿ لٽرري گئدرنگ“ ۾ ڪيترا ئي دفعا ملاقات ٿي. ان بعد ٽوڪيو ۾ جڏهن هن ”ڪَوڪو بُنجي“ علائقي ۾ Peter Cat نالي ڪافي شاپ کوليو ته اتي پڻ عليڪ سليڪ ٿيندي رهي ٿي. انهن ڏينهن ۾(۱۹۷۹ع ۽ ۱۹۸۰ع واري عرصي ۾) آئون به ٽوڪيو ۾ رهيل هوس جِتي مونکي IHI شپ يارڊ ۾ اسانجي جهازران ڪمپني جي نئين ٺهندڙ جهاز جي نگهباني ۽ بعد ۾ ان کي چيف انجنيئر جي حيثيت سان هلائڻ جي ڪم تي رکيو ويو هو. هي شپ يارڊ ٽوڪيو جي بلڪل صدر واري علائقي گنزا ۾ آهي. هروڪي ماروڪامي عمر ۾ مون کان ٻه سال ننڍو آهي. هو جيتوڻيڪ ڪيوٽو ۾ ڄائو پر هن زندگيءَ جو وڏو عرصو اوساڪا ۾ گذريو جِتي هن جو نانو واپاري هو. هن جا والدين .... ماءُ ۽ پيءُ ٻئي پروفيسر هئا جن ”جپاني ادب“ پڙهايو ٿي. هن جو پاڻ به ٽوڪيو جي وسيدا يونيورسٽي ۾ ”ڊراما“ ميجر سبجيڪٽ هو. تعليم دوران هن جي ملاقات مس يوڪو سان ٿي ۽ گرئجوئيشن کان اڳ شادي ڪئي ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ هنن زال مڙسن مٿيون ڪافي شاپ کوليو .... پر پوءِ ۱۹۸۱ع ڌاري هو آمريڪا لڏي ويا. دراصل هن جپاني اديب مُوراڪامي کي جنهن ڪتاب رات اندر سُپر اسٽار بنائي ڇڏيو اهو هي ڪتاب ”نارويجن ووڊ“ هو. ويجھڙائيءَ ۾ مون هن ناول تي ٺهيل فلم ڪوالالمپور (ملائيشيا) ۾ ڏٺي. اها ۲۰۱۰ع ۾ رليز ٿي هئي جنهن جي ڊئريڪشن فرانس ۾ رهندڙ هڪ ويٽنامي ”ٽران آح هنگ“ ڏني. مُوراڪاميءَ جو پهريون جپاني ناول “Kaze no Uta O Kike” سال ۱۹۷۹ع ۾ ۽ انگريزي ترجمو “Hear the Wind Song” سال ۱۹۸۷ع ۾ ڇپيو. موراڪامي جا ناول جپان توڙي دنيا جي ٻين ملڪن ۾ Best Sellers هوندا آهن. ۱۹۷۰ع واري ڏهاڪي جي شروع وارن سالن ۾ منهنجي هن سان پهرين ملاقات ٿي ته هي به مون وانگر جپاني ليکڪ ”مشيما يوڪيو“ جو پرستار هو. مشيما يوڪيو جنهن ننڍي عمر ۾ هاراڪِري ڪئي (پيٽ چيري) پنهنجو انت آندو ان وقت تائين جپاني ادب ۾ مشيما يوڪيو جوئي وڏو نالو هو. ڪنهن ٿي ڄاتو ته ڏهه ٻارهن سالن بعد مشيما جو هي عاشق ڇوڪرو موراڪامي ايڏو ته مشهور ٿي ويندو جو مشيما به پٺتي رهجي ويندو. رام جواهراڻي: آخر ۾ هي انٽرويو ٻڌندڙن ۽ پڙهندڙن لاءِ ڪو نياپو؟ الطاف شيخ: منهنجي خيال ۾ ته اسان کي پنهنجن ٻارن ۾ ڪِتاب پڙهڻ جي عادت وجھڻ کپي. مطالعو هڪ اهڙي هابي آهي جيڪا اسان پيريءَ ۾ به enjoy ڪري سگهون ٿا. ڪِتاب اسان جا سٺا ساٿي آهن. الطاف شيخ هڪ ڌرتي سونهون وڻجارو ۽ وايون تنهن وڻجاري جون سائينءَ جي سالگرهه لاءِ بيشمار محبتن جي هڪ ننڍڙي موٽ خاص آصف رضا موريو الطاف شيخ موجودهه دور ۾ دنيا جو مشاق ميرين انجنيئر آهي پر سندس سڃاڻپ دنيا جي هڪ وڻجاري مسافر جي آهي جنهن دنيا جو هر ديس پرديس گهمي مختلف ملڪن جي بندرگاهن، سمنڊن، ٻيٽن جو پاڻي، واري ۽ مٽي جهاڳي اتان جي ماڻهن سان رلي ملي، گهٽي گهٽي، گهاٽ گهاٽ، سماجن، تهذيبن، تمدنن جي مٽي ڳوهي اسان ۽ اسان جي ايندڙ پيڙهين لاءِ ڪتابن جا بيشمار اهڙا مجسما جوڙيا جن سنڌ جي ادبي کيتر کي گهڻو مالامال ڪيو آهي. جيڪڏهن ڳالهه سندس بهادري، ترقي ۽ اورچائي جي ڪجي ته سنڌ جي هن سٻاجهي همراهه جا حوصلا دنيا جو ڪوبه دهشتناڪ درياهه هيڻا ڪري ڪونه سگهيو بلڪ ڌرتيءَ جي هر مهاساگر هن جو صبر، هنر ۽ همتون ڏسي جهيڙي جي سٽ نه سهندي کيس پنهنجي سيني مان پيچرا ڏنا. ميرين انجنيئر هئڻ سان گڏ الطاف شيخ هڪ لکاري، استاد، سفرنامه نگار، نقشه نويس، فوٽوگرافر، سماج سڌارڪ وغيره به آهي. سندس شخصيت جي جنهن رخ ۽ رنگ کي غور سان ڏسبو ته هو بنيادي طور تي سڀ ڪجهه نظر ايندو. کيس ڪنهن هڪ طرف بيهاري اسان سندس قد ڪاٺ کي گهٽائڻ جي ڪوشش ئي ڪنداسين نه ته هو گهڻ رخو، گهڻ پاسو،اڻ ميو ۽ هڪ انتهائي وڏو ماڻهو آهي. بيشمار دوست پنهنجي لکڻين ۾ کيس ابن بطوطه، مارڪوپولو. ابو بن اڌم، ميگيسٿينز، فاهيان ۽ سنڌباد سيلاني وغيره ڪوٺيندا رهن ٿا پر الطاف شيخ گهڻي لحاظ کان دنيا جي انهن سڀني آبي ۽ زميني آفتن کان نه رڳو مٿاهون آهي پر هن عملي طور تي به انهن سڀني کان گهڻي دنيا جهاڳي آهي، گهڻا جهاز هلايا آهن ۽ انهن مڙني کان گهڻا ڪتاب پڻ لکيا آهن. الطاف شيخ پنهنجي سفرنامن ۾ زندگي ڀر جي تجربن ۽ مشاهدن جو نچوڙ پيش ڪندو آهي سندس قلم مان نڪتل ڳالهيون انتهائي پر اثر هونديون آهن جن جو مقصد ماڻهن تائين نه رڳو معلومات پهچائڻ هوندو آهي پر پڙهندڙن کي هو پنهنجي سادي سليس لهجي ۾ مختلف ڪردارن ۽ واقعن ذريعي لڀائيندو ۽ پڙهائيندو به نظر ايندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سندس لکيل سفرناما تاريخي ڪتاب به هوندا آهن ته سياسي، جيولوجي، اوشنولوجي، جاگرافيائي، سماجي ۽ تهذيبي معلومات سان لبريز ادبي فن پارا به جن سان پڙهندڙن جي دل ۾ اهي ملڪ، ماڳ ۽ وستيون گهمڻ جو شوق ڪر کڻي اٿڻ سان گڏ انهن جي دلين ۾ الطاف شيخ جهڙو ٿيڻ جو اتساهه پڻ جنم وٺندو آهي. سندس لکيل سفرنامن جي وڏي ۾ وڏي خوبي انهن جو معلوماتي ۽ تفريحي هئڻ آهي. الطاف احمد شيخ جو جنم ۽ خاندان الطاف شيخ جو جنم ۱۴ نومبر ۱۹۴۴ع ڌاري ڳوٺ نئين هالا ۾ ٿيو جيڪو حيدرآباد شهر کان سٺ ڪلوميٽر پري ۽ سنڌو ندي کان ۳ ڪلوميٽر دور اولهه ۾ واقع آهي. سندس والد جو نالو گل محمد شيخ ۽ والده جو نالو مسمات شريفان هيو. سندس والد شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪري هاءِ اسڪول نورمحمد مان ميٽرڪ جو امتحان ڏئي انٽر سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي مان پاس ڪيو. تنهن کان پوءِ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مهاراشٽر جي پونا يونيورسٽي مان ايگريڪلچرل سائنس ۾ بي ايس سي ڪري امريڪا جي ڪارنيل يونيورسٽي اٿيڪا مان پوسٽ گريجويشن ڪئي. ان سان گڏ هن مسلم لا ڪاليج ڪراچي مان ايل ايل بي جي ڊگري پرائي ڪجهه عرصو ڪراچي ۾ وڪالت ڪئي ۽ پاڪستان سول سروس جو امتحان ڏئي مختيارڪار مقرر ٿيو. تعليم سان دلچسپي سبب ڪامورڪي نوڪري ۾ دل ڪونه لڳس تنهن ڪري ۱۹۵۵ع ڌاري ٽنڊوڄام ۾ وليج ايڊ ڪاليج جو پرنسيپل مقرر ٿيو جيڪو امريڪا جي سهائتا قائم ڪيو ويو هيو پر ڪجهه عرصي کان پوءِ اهو ڪاليج بند ڪيو ويو ته گل محمد شيخ پنهنجي پراڻي مختيارڪار واري نوڪري جي سنڀال ڪئي جتي ترقي ڪندي ڊپٽي ڪمشنر جي عهدي تي پڳو. الطاف شيخ جو والد انتهائي پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو هيو جنهن نه رڳو پاڻ سموري عمر علم سان دل لڳائي پر پنهنجي اولاد جي تعليمي تربيت جو گهڻو اونو هئڻ سبب کين بهتر کان بهتر تعليم ڏياري. هو مختلف اخبارن ۾ ڪالم به لکندو رهندو هيو ۽ ڪجهه ڪتاب جهڙوڪ ماکيءَ جي مک، ماڪوڙي، ڪوڙيئڙو ۽ گڏهه وغيرهه پڻ لکيائين. الطاف شيخ جي تعليم الطاف شيخ پرائمري تعليم جا چار درجا هالا جي سرڪاري اسڪول ۾ پڙهيا جتي صبح شام پڙهڻ وڃڻو پوندو هيو يعني صبح اٺين کان ٻارهن وڳي تائين. تنهن کانپوءِ ٻه ڪلاڪ موڪل هوندي هئي ۽ وري ٻه وڳي کان پنج وڳي تائين ڪلاس هلندا هيا. پرائمري چار درجا پاس ڪري الطاف شيخ هالا جي اسڪول مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول ۾ پهرئين انگريزي درجي ۾ داخلا ورتي. ان دور ۾ هاءِ اسڪول مان انگريزي جا ست درجا پڙهي ميٽرڪ ڪبي هئي. الطاف شيخ اڃان انگريزي جي ٻئي درجي ۾ پڙهي رهيو هيو ته نئين کلندڙ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو (پيٽيارو) ۾ چوٿين درجي ۾ داخلا لاءِ اخبارن ۾ اشتهار ڏناويا. الطاف شيخ هڪ سال بعد ٽيون درجو پاس ڪري چوٿين درجي لاءِ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ داخلا ورتي. ان دور ۾ ڪيڊٽ ڪاليج جي شروعاتي عمارت ميرپورخاص جي شاه لطيف ڪاليج جي ڪجهه حصي ۾ واقع هوندي هئي جيڪا بعد ازان پيٽارو ۾ ڪاليج جي موجودهه عمارت ٺهڻ کان پوءِ ايڏانهن تبديل ڪئي وئي. پيٽارو ڪيڊٽ ڪاليج ۾ الطاف شيخ کي داخلا وقت لياقت هائوس ۾ ڪٽ نمبر ۴۷ ملي هئي جتان هن ۱۹۶۰ع ۾ ميٽرڪ ۽ ۱۹۶۳ع ۾ انٽر جو امتحان پاس ڪيو. ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ درسي تعليم سان گڏ فوجي تعليم پڻ ڏيندا هيا جنهن ۾ مختلف رانديون، گهوڙي سواري ۽ ترڻ خاص طور تي شامل هوندو هيو. الطاف شيخ جي دلپسند راند باسڪيٽ بال رهي جنهن جو هو ڪاليج ٽيم جو ڪئپٽن به ٿي رهيو. پيٽارو مان انٽر ڪرڻ بعد الطاف شيخ مرچنٽ نيويءَ لاءِ ان وقت چٽگانگ ۾ پاڪستان مئرين اڪيڊميءَ ۾ داخلا ورتي جتان ۱۹۶۸ع ۾ هن گريجويشن ڪئي. جهازن جو چيف انجنيئر ٿيڻ بعد هن ۱۹۹۳ع ۾ سئيڊن جي ”ورلڊ ميريٽائيم يونيورسٽي مالمو“ مان پوسٽ گريجويشن ڪئي. مئرين انجنيئرنگ جو سڌو سنئون واسطو جهازسازي ۽ جهاز تي ڪم ايندڙ مشينن جي ٺاهڻ، سار سنڀال لهڻ ۽ مرمت سان هوندو آهي. مئرين انجنيئرنگ جي پڙهائيءَ دوران الطاف شيخ جي اڪيڊمڪ سبجيڪٽن ۾ فزڪس، ڪيمسٽري ۽ ميٿميٽڪس سان گڏ نيول آرڪيٽيڪچر، شپ ڪنسٽرڪشن، ايئرڪنڊيشنگ ۽ ريفريجريشن، انسٽرومينٽيشن، بوالرس، اليڪٽروٽيڪنالاجي، فيول ٽيڪنالاجي، آٽوميشن، هِيٽ، هِيٽ انجنس، سروائيول ايٽ سي، ٽربائين، ڊيزل انجن ۽ فائر فائيٽنگ وغيره خاص هيا. چٽگانگ ۾ پڙهائيءَ واري دور ۾ اتان جو موسم ۽ ماحول انتهائي خوبصورت هوندو هيو، چوڌاري چهچ ساوڪ ۽ وڻڪاري جا انيڪ سلسلا، جهڙ ۽ مينهوڳي ڄڻ ته روز جو معمول، درياهه ۽ نهرون چوڌاري نظر ڦير ته اکين اڳيان جن ۾ هلندڙ آگبوٽ ۽ ٻيڙيون ترندي طلسمي ماحول پيدا ڪنديون هيون. الطاف شيخ جهڙي ماڻهو لاءِ اهي منظر من ڀائڻا هيا تنهن ڪري هو شهرن، ڳوٺن، گهٽين ۽ روڊن تي نڪري ويندو هيو ڪجهه لکڻ جهڙو مواد ۽ موضوع ڳولڻ ۽ واپس وري اهي دلچسپ تجربا پراثر انداز ۾ “دريائن جي ديس مان” جي عنوان سان هر هفتي روزاني سنڌي اخبار “مهراڻ” ۽ “هلال پاڪستان” رسالي ڏي موڪليندو رهندو هيو جتي ڇپجڻ بعد سندس مضمون نهايت دلچسپي سان پڙهيا ويندا هيا. الطاف شيخ وٽ سامونڊي نوڪري لاءِ اتساهه الطاف شيخ کي نوجواني واري ڏينهن ۾ ئي سمنڊ جو نيرڙو پاڻي، لامحدود دنيا ۽ ويڪري سيني تي آبي پکين جيان ترندڙ مختلف ملڪن جا خوبصورت ۽ دلآويز جهاز تمام گهڻا وڻندا هيا. مٿان وري جهازن تي ڪم ڪندڙ آفيسرن جون سفيد جرڪندڙ ورديون سندس لاءِ تمام گهڻي ڪشش جو باعث هونديون هيون. ان لاءِ کيس جڏهن به سمنڊ ڏسڻ جو موقعو مليو ته هو ان ۾ ڪوتاهي ڪونه ڪندو هيو جتان واپسي تي کليل اکين سان جهازرانن جي اڇي وردي جا خواب ڏسندو رهندو هيو. ڪيڊيٽ ڪاليج پيٽارو ۾ انٽر ڪرڻ تائين ان شوق سندس من ۾ وڌيڪ پر پکيڙيا جتي معياري پڙهائي سان گڏ والدين جي سرپرستي، استادن، ساٿين ۽ ڪتابن جي سنگت الطاف شيخ کي عمر کان وڌيڪ ميچوئر بڻائي ڇڏيو جنهن سان کيس پنهنجي ايندڙ زندگي جا فيصلا ڪرڻ ۾ آساني ٿي. تنهن ڪري هن فيصلو ڪري پنهنجي خواب جي ساڀيان لاءِ ميرين انجنيرنگ جي شعبي ڏانهن وک وڌائي. الطاف شيخ بنگلاديش جي چٽگانگ ميرين اڪيڊمي مان ميرين انجنيرنگ جي تربيت وٺڻ کان پوءِ ۱۹۶۸ع ڌاري پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن ۾ جونيئر ميرين انجنيئر (ففٿ انجنيئر) طور ڀرتي ٿيو ۽ پوءِ ۱۹۷۶ع ۾ چيف انجنيئر ٿيڻ تائين پاڪستان جا مختلف جهاز هلائڻ جا فرض نڀائيندو رهيو. پي اين ايس سي وٽ ان دور ۾ صرف ويهه ٻيڙا هوندا هيا. الطاف شيخ کي شروعاتي ڏينهن ۾ ۴۰۰ روپيا پي اسڪيل واري پگهار ملندي هئي جڏهن ته جهازن تي اسٽاف جو رهڻ کائڻ مفت هوندو هيو. ان دور ۾ اها تمام وڏي پگهار هوندي هئي جو سون جو تولو ان وقت هڪ هزار روپئي کان به گهٽ ۾ ملندو هيو. سَٺ جي ڏهاڪي واري جنهن دور ۾ الطاف شيخ جهازراني اختيار ڪئي ان دور ۾ سامونڊي نوڪريءَ ۾ سنڌي آفيسر هوندا ئي ڪونه هيا بلڪه ايشيائي به گهٽ هوندا هيا ڇڙو يورپي ملڪن جي گوري آفيسرن جي جهازن جي دنيا تي حڪمراني هوندي هئي جيڪي جهاز هلائڻ کان علاوه ٻه ڪم ٻيا ڪندا هيا. هو تاس راند کيڏندا رهندا هيا يا شراب پي غش ٿي ويندا هيا. الطاف شيخ جي شادي نوڪري ملڻ کان ٽي چار سال پوءِ الطاف شيخ جي شادي ۲۲ مئي ۱۹۷۱ع ڌاري دادوءَ ۾ رهندڙ پنهنجي ماسات مستوران گهلوءَ سان ٿي جنهن مان کيس ٻه نياڻيون مريم جيجل ۽ ماروي عطيه ٿيون. شادي کان پوءِ قريبن اٺن سالن تائين جهازي ۽ سامونڊي زندگي ۾ الطاف شيخ سان سندس گهرڀاتي به جهازن تي گڏ رهندا آيا. ڪجهه وقت کان پوءِ جڏهن هن ڏٺو ته سندس نياڻيون وڏيون ٿي رهيون هيون جن جي تعليم، ذاتي زندگي ۽ مستقبل پنهنجي نوڪري جي ور چڙهندي ڏسي هن پنهنجي محبوب نوڪري کي الوداع چيو. الطاف شيخ پنهنجي نياڻين کي ٻه ٽي سال ڪراچي جي DHA ماڊل اسڪول ۽ بعد ۾ ڪلفٽن واري سينٽ پيٽر اسڪول ۾ پڙهايو، ان بعد ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾، جتي هن کي ڪناري جي نوڪري ملي هئي. الطاف شيخ جي سامونڊي نوڪري ميرين انجنيرنگ جي نوڪري دوران هن دنيا جو هر ملڪ هر بحر و بر گهميو. هو ٻارن جي تعليم خاطر ڪناري جي نوڪري جي ڳولا ڪئي. ۱۹۸۰ع ۾ سامونڊي نوڪري ڇڏي ۱۹۹۰ع تائين مئريٽائيم اڪيڊمي ملائيشيا ۾ مئرين انجنيرنگ پڙهائيندو رهيو. تنهن کان پوءِ وري واپس پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن ۾ مئنيجر ٿي رهيو، جتان کيس پاڪستان ميرين اڪيڊمي ماڙيپور ڪراچي ۾ ميرين انجنيرنگ کاتي جو سربراهه مقرر ڪيو ويو. الطاف شيخ پاڪستان جو پهريون چيف انجنيئر آهي جنهن مالا ڪنڊ نالي پاڪستان جو پهريون آٽوميٽڪ جهاز هلايو. واضع رهي ته جهاز جي ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر جي نه رڳو يونيفارم چئن پٽين واري هڪ جهڙي ٿيندي آهي پر سندن پگهار جو اسڪيل به ساڳو هوندو آهي. الطاف شيخ پاڪستان مئرين انجنيرنگ واري شعبي جو ٻن ڏهائين تائين هيڊ رهيو ۽ ان کان اڳ پندرهن سالن تائين سمنڊ جي وشال سينن تي انيڪ قديم و جديد جهاز هلائيندو رهيو آهي. الطاف شيخ ۱۹۷۵ع وارا ڪجهه مهينا ڪويت جي بندرگاهه جو چيف انجنيئر به رهيو پر کيس عربن جي نوڪري ڪونه وڻي ان لاءِ هو چار مهينن کان وڌيڪ اتي ڪم ڪري ڪونه سگهيو ۽ واپس موٽي وري پي اين ايس سي واري پنهنجي پوسٽ سنڀالي. ميرين انجنيرنگ ۾ الطاف شيخ جي خاصيت شپ چيف انجنيئر ۽ ميرين انجنيرنگ ڊيپارٽمنٽ ميرين اڪيڊمي ملائيشيا جو هيڊ رهي. هن پروفيسر ٿي پڻ پڙهايو ۽ ۳۶ سال دنيا ڀر جي تمام سمنڊن، دريائن، آبي رستن جو پاڻي ڪڇيندي ۽ درس تدريس جو ڪم ڪندي هن ۲۰۰۴ع ۾ سٺ سالن جي عمر تي رسي PNSC مان جنرل مئنيجر طور رٽائرمينٽ ورتي. ان بعد هو مختلف ملڪن جي مئرين اڪيڊمين ۽ انجنيرنگ يونيورسٽين ۾ وزيٽنگ پروفيسر جي حيثيت ۾ ليڪچر ڏيندو رهي ٿو. گهڻي کان گهڻا سفرناما لکڻ ڪري هن کي سنڌ يونيورسٽي، ڪراچي يونيويسٽي ۽ ممبئي يونيورسٽي جا سنڌي ڊپارٽمينٽ پڻ ليڪچر لاءِ گهرائيندا رهن ٿا. نوڪري دوران الطاف شيخ کي جهازن جي محدود دنيا ۽ بي انت سامونڊي سفر تمام گهڻا وڻندا هئا جو واندڪائي هئڻ ڪري لکي پڙهي به جام وٺندو هيو ته انهن ڊگهي سفرن دوران ننڊون به گهڻيون ڪيائين. ميرين انجنيرنگ جي نوڪري وارا شروعاتي سال الطاف شيخ اهڙن جهازن تي رهيو جن جا تمام ڊگها سامونڊي روٽ رهيا ان لاءِ مهينن جا مهينا هل هلان هوندي هئي. ڪيترائي ڀيرا ته پنج ڇهه مهينن جي ڊگهي ۽ اڙانگي سفر ۾ سندس جهاز ٽي چار سمنڊ لتاڙي ويندو هيو. ڪراچي کان چٽگانگ، پينانگ، ڪولمبو، پورٽ ڪلانگ، سنگاپور، ٽوڪيو، بئنڪاڪ، هانگ ڪانگ، يوڪوهاما، نگويا، اوساڪا، پوسان، سيول ۽ سيئول تائين ۽ ٻئي طرف ڪراچي کان عدن، دوحا، بندر عباس، دبئي، ڪويت، جدو، لنڊن، هئمبرگ بندرگاهه وغيره جا سفر سندس لاءِ روز جا قصا هوندا هيا. الطاف شيخ پنهنجا جهاز سئيڊن جي ڏاکڻي بندرگاهه مالمو توڙي گادي واري شهر اسٽاڪ هوم تائين هلائيندو رهيو ته ڀر وارن ملڪن ناروي، ڊنمارڪ ۽ فن لينڊ جي بندرگاهن تي به سندس جهازن جي اچ وڃ جام هوندي هئي. ان سان گڏ ڪراچي کان لنڊن يا ڪيوبا ۽ ٽوڪيو کان لاس اينجلس واري ڊگهي سفر ۾ سندس جهاز هندي وڏي سمنڊ، ائٽلانٽڪ ۽ پئسفڪ جهڙن وشال بحرن کي پوئتي ڌڪيندا نڪرندا هيا. سٺ ستر واري ڏهاڪي ۾ سندس جهاز جڏهن روسي رومانيا مان سامان کڻي جدي يا دبئي ايندو هيو ته انهن ڏينهن ۾ سئيز ڪئنال وارو روٽ بند هئڻ ڪري جهازن کي سموري آفريڪا کنڊ جو چڪر هڻي ڦرڻو پوندو هيو جنهن ۾ ٽيهه چاليهه ڏينهن لڳي ويندا هيا پر هاڻي سئيز ڪئنال کلڻ ڪري اهو سفر هفتي کن ۾ نپٽجي ويندو آهي. جهازي نوڪري دوران الطاف شيخ کي نه رڳو بيشمار ملڪن جون سوين بندرگاهون گهمڻ جو موقعو مليو پر هن کي ڪيترن ئي ڏورانهن ٻيٽن جهڙوڪ ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ڪيپ وردي ۽ لاس پاماس يا ميڊيٽريئين جا مالٽا، سسلي ۽ سائپرس، پئسفڪ سمنڊ جا فجي، مارشل ۽ هونولولو يا ڪئريبين سمنڊ جا ڪيوبا ۽ جميڪا ٻيٽن تائين پنهنجا جهاز هلايا ته دنيا جي تمام ننڍن ۽ گمنام جزيرن جهڙوڪ ٽرنيڊڊ، برمودا ۽ ٽوباگو وغيره تان به ڀيرا ڀري آيو. الطاف شيخ جهڙي هيڏي وڏي پروفائيل واري ماڻهو جي شخصي ڪردار متعلق هيءَ حقيقت نه مڃڻ جهڙي آهي ته هو اخلاقي اعتبار کان به انتهائي معتبر ۽ معصوم رهيو آهي. منهنجا کوڙ سارا دوست جهازن تي نوڪريون ڪندا آهن انهن مان گهڻا تڻا بيشمار علتن ۾ عليل آهن شراب سگريٽ، پتي بازي ته انهن لاءِ بنيادي حق جيان هوندي آهي جو سامونڊي جهاز جي نوڪري گهروارن، دوستن يارن، پنهنجي تر، ڳوٺ ۽ بيشمار شهري آسائشن کان پري هئڻ ڪري سماجي ۽ نفسياتي طور تي تمام ڏکي، الجهيل ۽ اذيتناڪ ٿئي ٿي تنهن ڪري جهازي آفيسر، نوڪر ۽ ڪارندا ڪنهن نه ڪنهن علت يا کوڙ ساري علتن ۾ پنهنجي اڪيلائين جو تحفظ تلاش ڪندا رهندا آهن پر حيرت انگيز ڳالهه آهي جو پنهنجي سموري عمر سامونڊي جهازن، جهازي بندرگاهن، ماڻهن ۽ ماڳن کي ارپيندڙ الطاف شيخ شباب، ڪباب، شراب، گٽڪي، پان ٻيڙي کان به پري رهيوآهي. ڀلي کيس گوهر رحمان ۽ متين ظفر جهڙا انجنيئر ڪيترو به سمجهائين ته اهي شيون خراب آهن. اسان کي هر روز ڪيترائي ماڻهو ڪيترين ئي ڳالهين کان روڪيندا آهن ۽ ڪيتريون ئي ڳالهيون ڪرڻ لاءِ ليڪچر ڏيندا رهندا آهن ته ڇا اسان اهي چڱيون ڳالهيون واپرائيندا آهيون. بنهه نه مان پنهنجي بيشمار دوستن کي شراب ۽ سگريٽ ڇڏڻ لاءِ ڪيترن ئي سالن کان سمجهائيندو رهندو آهيان پر مجال آهي جو هو ان کان مڙن ۽ منهنجي ڳالهه مڃن. حقيقت اها آهي ته الطاف شيخ ذاتي طور تي پاڻ انهن شين کي دلئون برو سمجهي پيو ۽ ٻيو ته ڊگهي سامونڊي مسافرين ۾ هن وٽ شراب سگريٽ کان وڌيڪ مڌوان شي ڪتاب، قلم ۽ ڪجهه اڃان بهتر ڪرڻ جو جذبو هوندو هيو تنهن پڻ کيس انهن علتن کان پري رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. الطاف شيخ جو ننڍپڻ کان پڙهائي سان لڳاءَ جو سبب الطاف شيخ جو سمورو خاندان پيڙهين کان پڙهائي جي معاملي ۾ پنهنجي علائقي ۾ اڳڀرو رهندو پئي آيو سندس والد پنهنجي اولاد کي تمام سٺي تعليم ڏياري. توڙي جو سندس شهر ۾ اردو زبان جي تعليم ڪونه هوندي هئي تنهن هوندي به سندس والد ننڍڙي الطاف جي اردو پڙهڻ جو خانگي طور بندو بست ڪيو. سندس والد مختلف ڪتاب خريد ڪري کين پڙهڻ لاءِ ڏيندو رهندو هيو ته جيئن منجهن ڪتابن سان دلچسپي پيدا ٿئي. ايتري تائين جو مختلف شهرن ۾ پوسٽنگ دوران به سندس والد گل محمد ٻارڙن جي دلچسپي ۽ ڪهاڻين جا ڪتاب وٺي کين وي پي پي ذريعي ڳوٺ جي ايڊريس تي موڪليندو رهندو هيو. الطاف شيخ کي پهاڪا پڙهڻ جو ننڍي هوندي کان شوق هوندو هيو. پرائمري چوٿين ڪلاس ۾ پڙهڻ دوران هن پهاڪن جو پهريون ڪتاب “گل شڪر” پنهنجي والد جي لئبرري مان کڻي پڙهيو هيو جيڪا سندس گهر ۾ هوندي هئي. ان دور ۾ هالا ننڍڙو ڳوٺ هوندو هيو جتي نه سئنيما هوندي هئي نه ان دور ۾ ٽي وي يا ڪمپيوٽر هوندو هيو. ننڍڻ مان اسرندڙ الطاف شيخ کي ڪڏهن ڪڏهن ڳوٺ ۾ هڪ پان ٻيڙيءَ جي مانڊڙي جي سامهون گذرندي گراموفون تي جيوڻي ٻائي ۽ ماسٽر چندڙ وغيره جا گانا ٻڌڻ ۾ ايندا هيا جيڪو مانڊڙي جو شوقين مالڪ هلائيندو رهندو هيو. الطاف شيخ جڏهن ڏهن سالن جو ٿيو ته سندس والد ريڊيو خريد ڪري آيو هيو. الطاف شيخ جو نانو سيٺ محمد حسن سومرو حيدرآباد ۾ سنڌ زميندار هوٽل هلائيندو هيو پر کيس علم و ادب سان به گهڻو لڳائو هوندو هيو تنهن ڪري هن پنهنجي پٽن، پوٽن ۽ ڏوهٽن لاءِ گهر ۾ هڪ ننڍڙي لائيبرري جوڙي هئي جتي هو پاڻ به پڙهندو هيو ته پنهنجي خاندان جي تمام ٻارڙن کي ڪتاب پڙهڻ لاءِ اتساهيندو رهندو هيو. حليم بروهيءَ جهڙو مزاحيه اديب ۽ عرض محمد شيخ جهڙو شاندار انجنيئر، آرٽسٽ، سندس ناني جي وڏي ڀينرن فاطمه ۽ زينت جا پٽ هيا جن سان ٿيندڙ ڪچهرين پڻ ننڍڙي الطاف شيخ جي دل کي ادبي دنيا سان متعارف ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. الطاف شيخ کي پڙهڻ سان ننڍي هوندي کان جيڪا دلچسپي هوندي هئي سا ڪيڊٽ ڪاليج پٽارو ۾ پهچي بالغ ٿي جتي ڪاليج جو انگريز پرنسيپل ڪرنل ڪومبس ۽ ائڊجيوٽنٽ ڪئپٽن عالم جان محسود ۽ ڪمانڊر اسرارالله وغيره پڻ سڀني شاگردن کي ڪِتاب پڙهڻ لاءِ اتساهيندا رهندا هئا. الطاف شيخ استادن جي ان سهولت ۽ محبت مان تمام گهڻو فائدو وٺي پڙهڻ سان گڏ لکڻ به شروع ڪيو. پيٽارو ۾ ئي ميٽرڪ پڙهڻ دوران هو ننڍڙا ننڍڙا مضمون ۽ ڪهاڻيون لکي سنڌي اخبارن ۽ رسالن جهڙوڪ هلال پاڪستان، گلستان، بادل، ڳوٺ سڌار وغيره جي ٻاراڻي صفحن ڏانهن موڪليندو رهندو هيو. ميٽرڪ ۾ پڙهڻ دوران سندس لکڻ جي لياقت ڏسي استادن کيس پيٽارو ڪاليج جي مئگزين جي سنڌي سيڪشن جو ايڊيٽر ڪيوويو. پيٽارو ڪاليج مان الطاف شيخ تمام گهڻو پرايو جتي نه رڳو سندس مطالعو وسيع ٿيو پر هڪ ميگزين جي ايڊيٽر هئڻ ناطي لفظن جي ادبي ۽ هنري ڪاريگري سان به متعارف ٿيو. انٽر پاس ڪري جڏهن هو بنگلاديش پڙهڻ ويو ته ”دريائن جي ديس مان“ جي عنوان تحت اتان جي ماڻهن، سماج، تهذيب، موسم ۽ شهرن تي سفرنامي جي انداز ۾ مضمون لکندو رهيو جيڪي بعد ازان حيدرآباد جي سنڌي عبرت ميگزين، اخبار، بادل، سهڻي ۽ روح رهاڻ وغيره ۾ ڇپجڻ لڳا ته پڙهندڙن کان کيس تمام گهڻي موٽ ملي جنهن ڪري هن ڪهاڻي افساني جي دنيا کان پاسيرو ٿيندي صرف سفرنامي کي لکڻ لاءِ اظهار جو ذريعو بڻايو. ارڙهن سالن جي عمر ۾ سندس پهريون ڪتاب اناميڪا نالي بنگالي ڪهاڻين جو ترجمو تڏهن ڇپيو جڏهن هو مئرين انجنيئرنگ جي ورڪ شاپ ٽريننگ ڪراچي شپ يارڊ ۾ وٺي رهيو هو. ان دور ۾ ئي الطاف شيخ دوستن احبابن کي به خطن ذريعي پنهنجي سامونڊي سفر جي تجربن، مشاهدن ۽ حادثن متعلق سفرنامي جي طرز تي خط لکندو رهندو هيو جن مان ڪجهه روزاني سنڌي اخبار عبرت ۾ ڇپجڻ لڳا. انهن ڪالمن کي ترتيب ڏئي الطاف شيخ پبلشر جي تعاون سان سهڻي پرنٽنگ پريس مان “منهنجو ساگر منهنجو ساحل” نالي سان ڪتاب ڇپرايو جنهن کي ۱۹۶۹ع ۾ پاڪستان رائيٽرس گلڊ لاهور طرفان سال جي بهترين ڪتاب جو ايوارڊ مليو. اٺاويهن سالن جي ڦوهه جوانيءَ ۾ مليل مقبوليت، شهرت ۽ ماڻهن جي سندس لکڻين ۾ دلچسپي آهستي آهستي الطاف شيخ جو حوصلو به وڌائيندي رهي . جهازن تي ڊگهن سفرن دوران به وقت گذارڻ لاءِ سندس بهترين وندر ڪِتاب پڙهڻ ۽ لکڻ هوندي هئي. هن جو جهاز جنهن ساحل تي ترسندو هيو ته اتان ڪجهه ڪِتاب، رسالا يا اخبارون وغيره هٿ ڪري من جي اساٽ جو بندوبست ڪري. ڪڏهن ڪڏهن سامونڊي سفر ايترا ته ڊگها ٿي ويندا هيا جو هن وٽ ڪتابن جو ذخيرو ختم ٿي ويندو هيو. هاڻي جڏهن پڙهڻ لاءِ ڪا شي نه هئي ته پوءِ هن سمنڊ، سامونڊي دنيا، ساحلي معاملن، منظرن، ماڻهن، تهذيبن، شهرن، ماڳن وغيره تي لکڻ شروع ڪيو جيڪا عادت وقت سان گڏ پڙهڻ واري شوق تي به غالب پوندي وئي. لکڻ جي شروعات الطاف شيخ سنڌي ۾ لکڻ جي شروعات سنڌي اخبار عبرت کان ڪئي. ان کان علاوه امرتا، هلالِ پاڪستان، سهڻي ميگزين ۾ به ڇپندو رهندو هيو. هن وقت هو دنيا جي مختلف اخبارن، رسالن ۽ ڊائجسٽن ۾ سنڌي کان علاوه اردو، انگريزي ۽ ملئي ٻولي ۾ به مضمون لکندو رهي ٿو. سندس اردو مضمون اردو روزنامي امت اخبار، اڙدو ڊائجسٽ، سرگزشت ڊائجسٽ، اخبارِ جهان، پاڪستان پوسٽ، دستڪ ۽ ٻين رسالن ۽ اخبارن ۾ به ڇپجندا رهن ٿا. الطاف شيخ ملائيشيا ۽ جاپان جي مختلف انگريزي اخبارن ۽ رسالن ۾ پڻ باقاعدگي سان لکندو رهندو آهي. الطاف شيخ سنڌي، اردو، انگريزي، ملائي، جاپاني ۽ بنگالي ٻوليون آساني سان ڳالهائي، لکي ۽ پڙهي سگهي ٿو. الطاف شيخ جو مڃڻ آهي ته “مونکي سنڌي زبان جو اديب آفريڪا کنڊ جي ڊگهن سامونڊي سفرن ڪيو ۽ اڙدو جو اديب روزاني اردو اخبار امت جي چيف ايڊيٽر رفيق افغان ڪيو”. الطاف شيخ بطور ترجمه نگار دنيا جي ادبي وايومنڊل ۾ ترجمه نگاري هڪ تمام انوکي تخليقڪاري ليکي ويندي آهي. ترجمي جي افاديت اها پڻ ٿئي ٿي ته ان لاءِ دنيا جي بهترين ادب مان اهڙي خوبين وارا ڪتاب چونڊيا ويندا آهن جن پنهنجي ماحول سان گڏ سماجي ۽ معاشي قدرن ۽ نظامن تي ڪي مثبت اثر ڇڏيا هجن. الطاف شيخ دنيا جي بيشمار ٻولين جو ڄاڻونگر آهي جنهن سموري زندگي مختلف ملڪن ۾ ايندي ويندي اتان جو ادب پڙهيو، لکيو ۽ واپرايو. ان سلسلي ۾ هن مختلف ملڪن جي بهترين ڪهاڻين، قصن، داستانن ۽ ناولن کي پڻ پنهنجي ٻوليءَ ۽ پنهنجي ماڻهن ۾ متعارف ڪرايو. اها ٻي ڳالهه آهي ته جاپاني ٻولي ۽ لوڪ ادب سندس رڳ رڳ ۾ سمايل ملي ٿي. الطاف شيخ کي مليل ايوارڊ الطاف شيخ گذريل چار پنج ڏهائين کان دنيا ڀر جي سنڌي، اردو، انگريزيءَ، جاپاني، ملئي وغيره ۾ ڇپجندڙ بيشمار اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪالم لکندو رهي ٿو. سندس ڪارائتي ڪم جي مڃتا طور کيس مختلف طريقن سان سراهيو ويندو آهي ته ايوارڊ به ڏنا ويندا آهن. پاڪستان حڪومت طرفان کيس ادبي خدمتن جي موٽ ۾ تمغه امتياز ڏنو ويو آهي. ثقافت کاتو سنڌ پاران کيس لائيف اچيوميٽ ايوارڊ مليو. حيدرآباد ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران به الطاف شيخ کي لائيف اچيومينٽ ايوارڊ ڏنو ويو. پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس اسلام آباد، رائيٽرس گلڊ، سوجهرو پبليڪيشن پاران به کيس ڪئي دفعا ايوارڊ ڏنا ويا آهن ته سگا وارن به کيس سگا گولڊ ميڊل ايوارڊ ڏنو آهي. سندس ادبي خدمتن جي موٽ طور متحده ميمن جماعت پڻ ايوارڊ ڏنو آهي. ان کان علاوه به الطاف شيخ بيشمار ايوارڊ ماڻيا آهن جهڙوڪ شاهه عبدالطيف ڀٽائي لٽرري ايوارڊ ۽ ڪينجهر ايوارڊ. کيس پٽاريئن ايسوسيئيشن طرفان لائيف ٽائيم اچيومنٽ ايوارڊ پڻ مليو آهي کيس بيشمار ٻين ملڪن طرفان به کيس وقتن فوقتن اعزاز ۽ ايوارڊ ملندا رهندا آهن جن مان خاص ملائيشيا حڪومت طرفان اتان جو وڏي ۾ وڏو سولين ايوارڊ PJK (پنگت جاسا ڪَ بَڪتيئان) جيڪو کيس ملائيشيا جي انگريزي اخبار ”نيو اسٽرئٽ ٽائيمس“ ۾ ڪالم لکڻ جي ادبي خدمتن ڪري ۱۹۸۹ع ڌاري ڏنو ويو. الطاف شيخ جاپان جي ميرين انجنيرنگ سوسائٽي، جاپان جي سوسائٽي آف نيول آرڪيٽيڪچرس، ڪينيڊيئن انسٽيٽيوٽ آف ميرين انجنيئرس، سنگاپور جي سوسائٽي آف نيول آرڪيٽيڪٽس اينڊ ميرين انجنيئرس، برطانيه جي انسٽيٽيوٽ آف ميرين انجنيئرس لنڊن، سنگاپور جي انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ ٽيڪنولوجسٽس، سنگاپور جي چارٽرڊ انسٽيٽيوٽ آف ٽرانسپورٽ ۽ ملائيشيا جي انسٽيٽيوٽ ڪيلائوٽن ميرينرس وغيره جو ميمبر آهي. الطاف شيخ بحري سائنس جي ادارن ۾استاد جهازن جي نوڪري ڇڏي الطاف شيخ پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن ميرين ڪاليج ۾ ليڪچرار ٿيو جتي بعد ۾ پنهنجي قابليت سان پرنسيپل مقرر ٿيو. ٻن سالن کانپوءِ ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾ قائم Akademi Laut ميرين اڪيڊمي هن جون خدمتون حاصل ڪيون جتي اٺن سالن تائين هيڊ آف ميرين انجنيرنگ ڊيپارٽمنٽ رهيو. تنهن کان پوءِ واپس ڪراچي آيو جتي هو پاڪستان ميريٽائيم اڪيڊمي ۾ پروفيسر ۽ بعد ازان هيڊ آف ميرين انجنيرنگ ڊيپارٽمنٽ مقرر ٿيو جتي ۲۰۰۴ع ۾ پنهنجي ريٽائرمنٽ تائين ڪم ڪندو رهيو. دنيا ڀر جي آبي دنيائن سان سلهاڙيل ادارا، يونيورسٽيون ۽ ڪاليج سندس قابليت مان لاڀ حاصل ڪرڻ لاءِ اڄ به الطاف شيخ کي ليڪچر ڏيڻ لاءِ گهرائيندا رهندا آهن خاص طور تي سري لنڪا، ملائيشيا، ممبئي، جاپان ۽ چين جي مئيرين ادارن جو ته الطاف شيخ پسنديده استاد ڀانئيو ويندو آهي جتي هوگذريل ٻن ڏهائين کان وزيٽنگ پروفيسر جي حيثيت ۾ مئرين انجنيئرنگ ۽ نيول آرڪيٽيڪچر جي سبجيڪٽس تي ليڪچر ڏيڻ لاءِ ويندو رهي ٿو. الطاف شيخ ايران جي يونيورسٽين ۾ به وزيٽنگ پروفيسر طور پڙهائيندو رهيو آهي. ان کان علاوه دنيا جو هي انتهائي مصروف رهندڙ ماڻهو وقت ڪڍي پاڪستان ۾ به مختلف سرڪاري نيم سرڪاري توڙي خانگي اسڪولن، ڪاليجن ۽ مختلف ادارن ۾ ملڪ جي معمارن کي پنهنجي تجربن اڌارت ليڪچر ڏيندو رهندو آهي. کيس ڪراچي يونيورسٽي ۽ سنڌ يونيورسٽي انتظاميه به ليڪچر ڏيڻ لاءِ اڪثر گھرائيندي رهندي آهي. ڪجهه عرصو اڳ ممبئي يونيورسٽي، سنڌي ڊپارٽمينٽ جي چيئرمئن ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻيءَ به هفتي کن لاءِ ممبئي گھُرايو هو جتي هن سنڌي، گجراتي، پالي ۽ ڪنهڙ زبانن جي شاگردن کي انگريزيءَ ۾ليڪچر ڏنا هئا. پسنديده ملڪ ۽ اديب جيڪڏهن ملڪن جي ڳالهه ڪجي ته الطاف شيخ کي جاپان، ملائيشيا، ۽ سئيڊن تمام گهڻو وڻندا آهن. ان کان علاوه ٿائيلينڊ، سنگاپور، ڪوريا، هانگ ڪانگ به سندس پسنديدهه علائقا آهن. انهن تمام ملڪن ۾ قائدو قانون، امن امان، انساني حقن جي صورتحال، صحت، وڻج واپار، انڊسٽري، تعليم تمام بهتر ۽ قدرتي نظارا واهه جا آهن. اتان جا ماڻهو به ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ ڪجهه گهڻا مهذب آهن. جيئن ته الطاف شيخ پاڻ اديب ۽ سفرناما لکندڙ آهي ان لاءِ کيس سفرنامي طرز جون ڪهاڻيون، ناول ۽ آتم ڪهاڻيون گهڻيون وڻنديون آهن. سنڌي لکارين ۾ کيس امر جليل، قمر شهباز، انيتا شاهه، اعجاز منگي، جنت منگهاڻي، حسن مجتبى، آغا شهاب الدين، امرسنڌو، جاويد قاضي، منير ڀرڳڙي ۽ فياض سومرو وغيره تمام گهڻو پسند آهن. الطاف شيخ کي مزاحيه اديبن جا ڪتاب به تمام گهڻا وڻندا آهن جڏهن ته کيس امر جليل، حليم بروهي، قمر شهباز ۽ ڊاڪٽر مستوئي جون مزاحيه لکڻيون تمام گهڻو مزو ڏينديون آهن. اڙدو اديبن ۾ کيس ابنِ انشا، بيگم اختر رياض دين ۽ اختر ممونڪا تمام گهڻو پسند آهن. مزاحيه لکڻين ۾ ڊاڪٽر يونس بٽ ۽ مشتاق يوسفي جو لکتون کيس موهينديون آهن. الطاف شيخ رچرڊ گورڊن، ارنيسٽ هيمنگوي، سمرسٽ ماهم ۽ گراهم جي ڪتابن جو تمام گهڻو شيدائي آهي. اهڙي ريت انگريز مزاحيه ليکڪ جارج ميڪش جو طرز بيان کيس گهڻو پسند آهي. افغان لکاري طاهر شاهه جا انگريزي ۾ لکيل سفرناما کيس وڻندا آهن. امريڪي ليکڪن ڪال ٿيروڪس ۽ جيمس البرٽ مچنز جا سفرناما پڻ الطاف شيخ لاءِ اتساهه جو باعث هوندا آهن. ڀارتي لکاري وڪرم سيٺ جو سفرنامو، ٽريولس ٿرو سنڪيانگ اينڊ تبت به کيس سٺو لڳو. الطاف شيخ پنهنجو پاڻ کي جاپاني ادب جو عاشق سڏائيندو آهي شايد اهو ئي سبب آهي جو هن جاپاني ادب مان بهتريون ئي بهترين ڪهاڻيون ۽ ناول سنڌي زبان ۾ ترجما ڪيا آهن. الطاف شيخ جو پسنديدهه جاپاني ليکڪ ماتسوئو باشو ۽ مشيما يوڪيو آهي جڏهن ته هو جاپاني لکاري عورت يوني نوگوچي جا لکيل سفرناما ۽ ڪتاب به شوق سان پڙهندو آهي. جپاني ليکڪ مڪيرو ساساڪي جا لکيل سفرناما ۽ ڪيل شاعري پڻ الطاف شيخ کي تمام گهڻي وڻندي آهي. ننڍپڻ کان وٺي جواني تائين، اسڪول کان ڪاليج تائين ڪتابن جو مطالعو الطاف شيخ جي زندگي ۽ معمولات جو جز رهيو سو جهازن جي نوڪري جي ٽريننگ دوران به همراهي رهيو ته سمنڊ جي سيني کي زندگي جا بيشمار دور ارپيندي به ساٿاري رهيو. وشال ساگر جي دنيائن کي وداع ڪندي جڏهن ڪناري جي زندگي ۾ داخل ٿيو ته به نه ڪتابن هن جو ساٿ ڇڏيو نه ئي قلم. الطاف شيخ سنڌ کي ڪوڙهه جيان ورائيندڙ بيشمار بيمارين جهڙوڪ وڏيرا شاهي، پير پرستي، جاگيرداري ۽ گندي سياست جو سخت مخالف آهي ۽ پنهنجي هر ملاقاتي کي ٿڌا ساهه ڀريندي ملائيشيا، سنگاپور ۽ ٿائيلينڊ وغيره جهڙن ملڪن جا حوالا ڏيندو آهي جيڪي ڪنهن وقت ترقي جي ڊڪ ۾ اسان کان گهڻو پوئتي پيل ۽ بيڪار ڀائنيا ويندا هيا پر اڄ اهي ملڪ سائنسي، سماجي ۽ سياسي ڊوڙ ۾ يورپي ملڪن جا ڏند کٽا ڪري رهيا آهن. الطاف شيخ هڪ شخص هوندي به هڪ انجمن، هڪ ادارو، هڪ تحريڪ ۽ هڪ ماحول آهي. هيڏي ساري نام مقام جي حاصلات ماڻيندي هاڻي هو هڪ فرد نه پر هيڪاندو ۽ اڏول وجود ماڻيندڙ اتهاس بڻجي پوري دنيا ۾ سنڌ ۽ سنڌين جي سڃاڻپ واري علامت بڻجي چڪو آهي جيڪو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وسندڙ سنڌين کي ڳولي ڦولي سارون لهندو نظر اچي ٿو. سندس لاءِ اهو مرتبو ڪيترو نه عظيم آهي دنيا جي هن ڪنڊ کان ٻئي ڪنڊ تائين رهندڙ ساڃاهوند سنڌي کيس نه رڳو سڃاڻن ٿا پر محبت واري ديوتا طور کيس پيار ڪن، پڏائن، پڙهن ۽ ڳالهين تي عمل ڪن ٿا. مان ڀانئيان ٿو ته دنيا ڀر ۾ جيترا دوست الطاف شيخ جا آهن اوترا ڪنهن ٻئي ماڻهو جا مشڪل سان هوندا. ان سان گڏ هيءَ پڻ حقيقت آهي ته سنڌي اديبن متعلق پڙهندڙن جو جيترو وسيع حلقو الطاف شيخ جي حصي ۾ آيو آهي اوترو ڪنهن ٻئي سنڌي اديب وٽ ورلي سان هوندو. هر چوٿين پنجين مهيني سنڌي ادب کي هڪ شاندار ڪتاب ارپيندڙ الطاف شيخ پنهنجي ڪمن جي آئيني ۾ دنيا جو مصروف ترين اديب لڳندو آهي. اعجازمنگي چواڻي ته “الطاف شيخ پنهنجي قلم سان هر ان شهر کي محفوظ ڪيو آهي جنهن ۾ هن ڪجهه ڏينهن يا ڪجهه پل گذاريا. جنهن شهر کيس پناهه ڏني ۽ پيار ڏنو الطاف شيخ ان جو احسان لاهڻ جي ڀرپور ۽ ڪامياب ڪوشش ڪئي ۽ رڳو هر شهر کي نه پر ان شهر ۾ ملڻ واري هر ماڻهو کي هن پنهنجي يادن جي تحريري البم ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي.” سنڌي ادب جو جهول سفرنامي جي صنف متعلق الطاف شيخ جي فنپارن کان اڳ فقير جي ڪستي جيان خالي نظر اچي ٿو شايد تنهن ڪري ئي ان کي هن وقت تائين صنف جو درجو ڪونه ڏنو ويو هيو. الطاف شيخ هڪ اهڙو وڻجارو آهي جنهن وٽ گهمڻ جو ڍنگ آهي ته لکڻ ۽ بيان ڪرڻ جو ڏانوءُ به. هو پنهنجي ڪلهي ۾ لڙڪيل ڪيميرا جهڙو ئي سچو ۽ کرو آهي جو کيس جيڪو ڪجهه جيئن آهي يا جيئن نظر اچي ٿو پاڻ ان کي اهڙي ريت لکي ۽ ڏيکاري ٿو. سندس لکڻ ۽ ڪتابن ڇپجڻ جي رفتار تمام گهڻي تيز آهي جنهن ۾ عمر سان گڏ سستي بجاءِ چستي محسوس ڪئي وئي آهي. مان سمجهان ٿو ته پاڪستان ته ڇا پر دنيا ڀر ۾ اهڙو ڪو وڻجارو، اهڙو ڪو اديب، اهڙو ڪو مئرين انجنير، اهڙو ڪو سياح مشڪل سان هجي جنهن ايترا سفرناما لکيا هجن. بقول مستنصر تاررڙ جي، جنهن جو الطاف شيخ دلپسند ليکڪ آهي ته “الطاف شيخ اسان سڀني کان گهڻا ڪتاب لکيا آهن پر گمنام زندگي گذارڻ ڪري ۽ پاڻ کيLow Profile رکڻ ڪري الطاف شيخ کان ايترا ماڻهو واقف نه آهن جيترا هئڻ کپن.” ۽ بقول امر جليل جي “ڪتابن جو نمبر کڻي مرزا قليچ بيگ جو وڏو هجي پر لفظن ۽ صفحن جو حساب ساربو ته الطاف شيخ جو ٽيڻو چئوڻو ٿيندو ۽ هن جيترو ڪنهن به سنڌيءَ ۾ نه لکيو آهي”. واندڪائي جي وندر مان لکڻ جي شروعات ڪندي پنهنجي مسلسل جدوجهد سان ڪتابن جي هڪ سينچري مڪمل ڪرڻ ڪناري پڄائڻ واري الطاف شيخ جهدِ مسلسل سان پنهنجي اتساهه جي ٻيڙي اهڙيءَ ڪنڌي لاٿي آهي جتي سندس سامهون پڙهندڙ چاهيندڙن جون بيڪران محبتون، شهرتون، عزتون ۽ بيشمار زندگين ڀري هڪ اهڙي منزل آهي جنهن کي ڏسندي مان هن دور کي سنڌي سفرنامي جي نسبت سان الطاف شيخ جو دور سڏيان ته بيجا ڪونه ٿيندو. سندس سفرناما سنڌي نوجوانن ۾ ايترا ته مقبول رهيا جو بقول امراقبال “الطاف شيخ جي سفرنامن کي پڙهي پڙهي سنڌ جي نوجوانن دنيا جي گولي کي پنهنجي آڱر تي ڦيرائڻ شروع ڪيو”. الطاف شيخ کي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ملڻ گهرجي دنيا ڀر جي يونيورسٽين مان پنهنجي نامور، مدبر، مفسر ۽ شاندار لکارين کي انهن جي وشال ادبي پورهئي جي مڃتا طور کين ڊاڪٽريٽ جون اعزازي ڊگريون ڏنيون وينديون آهن. ان پسمنظر ۾ الطاف شيخ جي ادبي، تعليمي ۽ سماجي خدمتن ۾ اڃان ڪهڙي کوٽ آهي جو کيس هن وقت تائين ان اعزاز کان محروم رکيو ويو آهي. يا ائين کڻي چئجي ته اسان جي ادارن ۾ اهڙا نڪما، نابين ۽ بي قدرا ماڻهو سيٽن تي ويٺا آهن جن جي نظر اڃان تائين الطاف شيخ جي شاندار ڪرداري شخصيت، ڪئي ڊزن ڪتابن، لکين ميلن جي مسافرين، دنيا ڀر جي تهذيبن، ملڪن، ماڻهن، ادارن، ماڳن، بحرن، ساحلن وغيره کي پنهنجي قلم سان سنڌين ۾ روشناس ڪرائيندڙ ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سنڌ ۽ سنڌين کي متعارف ڪرائيندڙ هن اتهاسي اديب جي کوجي قلم جي روشنائي کين نظر ئي ڪونه ٿي اچي. مان خاص طور تي سنڌ يونيورسٽي جي وي سي فتح محمد برفت ۽ ڊاڪٽر امير علي ابڙو کي گذارش ٿو ڪيان ته جناب الطاف شيخ کي سندس شاندار ادبي خدمتن جي مڃتا طور ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري ڏني وڃي جيڪو عمل سندس يونيورسٽي لاءِ به باعث عزت ۽ تقريم ٿيندو. الطاف شيخ جا لکيل ڪتاب ۱. اناميڪا ۲. منهنجو ساگر، منهنجو ساحل ۳. پيار جي گُهٽَ ۴. وايون وڻجارن جون ۵. سي ٻيڙيون رکين ٻاجهه سين ۶. دنيا آهي ڪاڪ محل ۷. سمونڊ جن ساڻيهه ۸. بندر بازاريون ۹. سمونڊ جي سيوين ۱۰. سي جوڀن ڏينهن ۱۱. بندر ديسان ديس ۱۲. خبرون کيڙائن جون ۱۳. ڪويت ڪنارا ۱۴. ڇا جو ديس ڇا جو وديس ۱۵. جاني ته جهاز ۾ ۱۶. جپان جن جي جيءَ ۾ ۱۷. ڳالهيون تنهن جپان جون ۱۸. خدا ڏي خط ۱۹. جپان رس ۲۰. سانڀاهو سمونڊ جو ۲۱. موج نه سهي مَڪڙي ۲۲. الطاف شيخ جي نوٽ بڪ تان ۲۳. بهترين سفرناما ۲۴. لنڊن تائين لفٽ ۲۵. ٻارن جون آکاڻيون ۲۶. ٽوڪيو جي گيشا گرل ۲۷. مڪليءَ کان ملاڪا تائين ۲۸. سنگاپور ويندي ويندي ۲۹. ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه ۳۰. ماستر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ ۳۱. دُنگي منجهه درياهه ۳۲. ڏاهي جهرڪي ۳۳. جت جر وهي ٿو جال ۳۴. يادن جي انڊلٺ ۳۵. ڳالهيون آهن ڳچ ۳۶. اي جرني ٽو ٿائلينڊ ۳۷. Proverbs Of Far East ۳۸. اوهريا جي عميق ڏي ۳۹. اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا ۴۰. ملير کان مالمو ۴۱. جت برف پئي ٿي جام ۴۲. ڪراچيءَ کان ڪوپن هيگن ۴۳. ارائونڊ دي ورلڊ ۴۴. رٺي آهي گهوٽ سان ۴۵. يورپ جا ڏينهن راتيون ۴۶. اي روڊ ٽو مدينا ۴۷. هيلسنڪي جي حسينا ۴۸. سنگاپور ٿو سڏ ڪري ۴۹. آل ابائوٽ سنگاپور ۵۰. ملائيشيا منهنجي من ۾ ۵۱. ڀلي ڀار تان ڀيرو ۵۲. هي ٻيٽ هي ڪنارا ۵۳. بوتلن جو سفر ۵۴. سوزيءَ سان پيار ۵۵. جل پريون ۵۶. ملائيشيا ۱۲ سالن بعد ۵۷. تيستائين گڊ باءِ ۵۸. جپان پنجويهه ورهين بعد ۵۹. ڪراچيءَ کان ڪوڪورا ۶۰. دهليءَ جو درشن ۶۱. نيو هالا کان نيويارڪ ۶۲. بخشو لغاريءَ کان بالٽيمور ۶۳. ايران ڏي اُڏام ۶۴. چنڊ چوانءِ سچ ۶۵. هلي ڏسجي هندستان ۶۶. پکي اُڏاڻا پنهنجي ديس ۶۷. ممباسا، شيدي بادشاهه همباشا ۶۸. ڏيهه پرڏيهه جو سفر ۶۹. بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾ ۷۰. هليو آ، هليو آ، ملائيشيا ۷۱. مونکي موهيو ملائيشيا ۷۲. آمريڪا ڙي آمريڪا ۷۳. وسي وڏ ڦڙو ۷۴. نه سي سڙه سُکان ۷۵. بنارس کان برمودا ۷۶. برونائيءَ کان برازيل ۷۷. گهاتو گهر نه آيا ۷۸. جل پريءَ جي اڳڪٿي ۷۹. ڪئمپس جا ڏينهڙا ۸۰. تاريخ جو سفر ۸۱. جيءَ اندر جهاتيون ۸۲. واٽ ويندي.. ۸۳. ڳوٺ جروار کان جپان ۸۴. جپان جپان آهي ۸۵. الطاف شیخ کی اردو کتابیں ۸۶. ملائیشیا کے دن ۸۷. یورپ کے دن ۸۸. کراچی سے کوپن هیگن ۸۹. ایران کے دن ۹۰. گيشائون کے ديس مين ۹۱. جهاز چلانے کے دن ۹۲. جپان کے دن ۹۳. کنارے کے دن ۹۴. میں چلا ممباسا ۹۵. چلو چلیں هندوستان ۹۶. سمندر کے دن الطاف شيخ هاڻي سنڌ جو سفرنامو غير سنڌين کي پڙهايو امام راشدي سنڌ، سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻولي خوش نصيب آهي جو الطاف شيخ جهڙو برجستو ليکڪ موجود آهي. الطاف شيخ گهـُمڻ، لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ ڪڏهن به ٿَڪو ناهي. هِن جو ڪم اهو هرگز ناهي رهيو ته، ”رِلي ڪـُلهي تي ۽ ماني راڄ تي“ هجي. پر هي سراپا عمل ۽ کوجنا وارو ماڻهو رهيو آهي. هن زندگيءَ ۾ جو ڪجهه ڏٺو، جو ڪجهه پڙهيو ۽ جيئن محسوس ڪيو آهي ان کي لفظن جي پوشاڪ پهرائي ڪاغذ تي قلمبند ڪندو رهندو آهي ۽ پوءِ اهي ڪاغذ تاريخ جا ورق بڻجي پَون ٿا ۽ اهڙي طرح دنيا جي تاريخ جـُڙندي رهي ٿي. الطاف شيخ سنڌ جو ورثو آهي. هي دنيا جهان گهُمي ڦِري آيو آهي. هڪ طرف هر خطي جي ماڻهن سان ملي ٿو ۽ هر خطي جي تاريخي، تهذيبي ۽ ثقافتي پاسن سان گڏ اتان جي ماڻهن جي مزاج، طور طريقن ۽ ريتن رسمن جو گهرو مشاهدو رکي ٿو ۽ ٻئي طرف وري سنڌ جي قديم تهذيبي، تاريخي ۽ ثقافتي پهلوئن کي دنيا ۾ روشناس ڪرائيندو رهي ٿو. سندس لکيل ڪتابن مان ملڪن قومن جي ڀرپور ۽ حيرت انگيز معلومات ميّسر ٿئي ٿي. الطاف شيخ دنيا جا مشهور ميوزم، علمي ادبي ادارا، لائبريريون، تاريخي ماڳ مڪان، يونيورسٽيون به ڏٺيون آهن ته عالمن، اديبن، شاعرن، مذهبي پيشوائن ۽ عام ماڻهن سان به مليو آهي. قديم آثار، ڪليسائون، گِرجا گهر، مسجدون، مندر ۽ مقبرن سان گڏ قومن جي عـُروج ۽ زوال جا داستان ٻڌائڻ سان گڏ انهن جي ترقيءَ ۽ تعمير جا راز پڻ ٻڌائي ٿو. الطاف شيخ جا ڪتاب محض سفر ناما يا رپورٽون ناهن بلڪه مختلف قومن جي نسلن جي آگاهي ڏني وئي آهي. الطاف صاحب قومن جي ترقي تعليم سان وابسته ڄاڻائي ٿو ۽ سنڌ جي ترقيءَ کي به جديد تعليم جي تناظر ۾ ڏسي ٿو. الطاف شيخ هڪ سنڌي اديب جي حيثيت ۾ سياح طور سـُڃاتو وڃي ٿو، پر حقيقت ۾ هِن جي حيثيت تاريخدان ۽ دانشور واري به آهي. پاڻ سنڌي نوجوانن جي سـُنهري ۽ بلند و بالا مقام حاصل ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هـُو سنڌي قوم کي اتساهه بخشي ٿو ته اها جديد دنيا جي ترقي يافته قوم بڻجي! سچ اهو آهي ته سنڌ لاءِ الطاف شيخ اتساهه جي علامت بڻجي چڪو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هِن سان سنڌ تمام گهڻو پيار ڪري ٿي. انهيءَ پيار جي بدولت الطاف شيخ مسلسل لکندو رهي ٿو ۽ هاڻي ته الطاف شيخ جي ذڪر کانسواءِ سفرنامن جي تاريخ اڻپوري آهي. الطاف شيخ هينئر سفر نامن جي تحريڪ بڻجي چـُڪو آهي. دنيا جي چَپو چَپو گهمندڙ هِن ماڻهوءَ جو قلم ڪڏهن به ٿـَڪو ناهي. هن پنهنجي قلم جو تقدس برقرار رکيو آهي ۽ انهيءَ قلم سان سنڌ جي نئين نسل جي ذهنن جي آبياري ڪندو رهي ٿو. نئين نسل سان هِن جي محبت ڏسي چئي سگهجي ٿو ته سنڌ جي مستقبل مان مايوس ناهي ٿيو. هِي نوَن ذهنن ۾ مستقبل جي چئلينجز کي مـُنهن ڏيڻ لاءِ تيار رهڻ جا اطلاع ڏيندو رهي ٿو. الطاف شيخ سڄي دنيا جو سير ڪيو آهي تنهن ڪري پاڻ هر ملڪ جي سيرت ۽ صورت کي خوبصورت انداز ۾ بيان ڪندو رهي ٿو. ان لاءِ هن پنهنجي سفر نامن ۾ سنڌ جي ثقافت، تهذيب ۽ تاريخ کي هرگز ناهي وساريو. ڇاڪاڻ ته هي سنڌ کان جدا ناهي ۽ سنڌ هن کان جدا ناهي. الطاف شيخ سنڌ جو عاشق به آهي ته سنڌي قوم جو معشوق به آهي. هـُو دنيا به گهُـميو آهي ته سنڌ جو چَپو چَپو پڻ ڏسي چڪو آهي تنهن ڪري سنڌ جو مٿس حق بڻجي ٿو ته هـُو سنڌ جو هڪ اهڙو سفر نامو لکي جنهن کي دنيا وارن سان گڏ سنڌ وارا به پڙهن ۽ مجبور ٿي سنڌ ڏسن ۽ سنڌ سان پيار ڪن. اهو الطاف شيخ تي سنڌ جو قرض به رهي ٿو ته فرض پڻ بڻجي ٿو. الطاف شيخ جو جنم ڏينهن رکيل مورائي نيڪ خواهشون انهن هٿن لاءِ جيڪي هڪ وقت دعا لاءِ کڄندا آهن ۽ ٻئي وقت لکڻ لاءِ. اڄ ان شخص/ ليکڪ جو جنم ڏينهن آهي، جيڪو پنهنجو مثال پاڻ آهي. شايد دنيا جي ادب ۾ اهڙو ٻيو مثال اڄ جي تاريخ تائين ملي نه سگهي، ڇاڪاڻ ته ادب ۾ اڄ جنهن تيزيءَ سان واڌارو آيو آهي، اوترو ئي تيزيءَ سان سائنس جي نين ايجادن پڻ انسان کي معلومات ميسر ڪرڻ شروع ڪئي آهي. اڄ هڪ منٽ جي سٺ سيڪنڊن ۾ اسين سٺ ملڪن بابت معلومات حاصل ڪري سگهون ٿا، پر هڪ اهڙو زمانو به هئو، جنهن کي جديد زمانو ته ڪوٺي سگهجي ٿو پر ان کي ڪمپيوٽر جو زمانو ڪوٺي نه سگهبو، ان زماني ۾ معلومات ايتري تيزيءَ سان نه پهچندي هئي، جيتري اڄ ملي رهي آهي. ها! ان دور ۾ دنيا جي معلومات هن جي سفر نامن مان ملندي هئي، اهي سفرناما پڙهي، اسان انهن ملڪن جي ڄاڻ حاصل ڪندا هئاسين جن ملڪن ۾ هو موجود هوندو هئو. اڄ سندس سفرنامن جو انگ هڪ سئو کان ڪجهه گهٽ هوندو ۽ ايترو انگ دنيا جي ڪنهن به ليکڪ جي سفرنامن جو شايد ئي هجي، سنڌ جي آڳاٽي معلومات اسان کي، ابن بطوطا سميت دنيا جي ٻين ڪيترن ئي سياحن جي سفرنامن مان حاصل ٿيندي هئي، ايئن دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن بابت معلومات اسان کي هن جي سفر نامن مان حاصل ٿيندي هئي، اڄ محسوس ٿي رهيو آهي ته ان دور ۾ جيڪو اڌ صدي کن اڳ جو آهي، جڏهن به ڪو سنڌي نوجوان ٻاهر وڃڻ چاهيندو هئو ته اهو سندس سفرنامن مان گهربل معلومات حاصل ڪندو هئو، بلڪل ايئن جيئن اڄڪلهه گوگل ۽ ٻين ويب سائيٽس تان معلومات حاصل ڪجي ٿي، خود هو به چاهيندو هئو ته سندس سفرنامن ۾ ڏنل معلومات مان سنڌي گهڻي گهڻي معلومات حاصل ڪن، ان ڪري، هو اهڙي ئي نموني تفصيل ڏيندو هئو، ان شخص/ ليکڪ جو نالو مان نهايت ادب سان ۽ قلم کي اکين سان لڳائي چُمي پوءِ لکڻ چاهيان ٿو جيڪو آهي، الطاف شيخ صاحب! سنڌ شايد خوش نصيب آهي ۽ سنڌي ادب ڀاڳ وارو آهي، جنهن کي شاهه کان پوءِ ٻه شيخ صاحب مليا ۽ ٻئي اهڙا آهن جن جي نالي سان ڪنهن به مثال، تشبيهه ۽ تمثيل جي گهرج نه آهي. هڪ شيخ صاحب اياز آهي ۽ هڪ الطاف شيخ صاحب آهي. شيخ اياز صاحب پنهنجي شاعريءَ جي معرفت جيڪو سنڌي ادب کي سُڪار بخشيو آهي اهو پنهنجو مٽ پاڻ آهي ۽ الطاف شيخ صاحب پنهنجي نثر، خاص طور سفري نثر معرفت سنڌي ادب کي جيڪا خوشحالي ڏني اها پنهنجو مٽ پاڻ آهي. هن ادبي طور سنڌي نثري ادب کي ته مالامال ڪيو ئي آهي پر ان ادب ۾ هن سنڌي پڙهندڙ کي جيڪا ڄاڻ ڏني آهي اها ايتري گهڻي آهي جو اها اڄ لکت ۾ شال ماپي سگهي. ڪنهن به ادب ۾ ڪي صنفون جڏهن ايجاد ٿينديون آهن ته انهن کي وڌڻ ويجهڻ ۾ چڱو وقت لڳندو آهي، پر سنڌي ادب ۾ سفر نامي کي هڪ صنف طور الطاف شيخ صاحب ايترو تيزيءَ سان مٿي کڻي آيو، جنهن جو به شايد مثال ادب ۾ ٻيو نه ملي سگهي. سفر نامو ڇاکي چئجي ٿو. اهو الطاف شيخ صاحب جي سفرنامن کي پڙهي سمجهي سگهجي ٿو. جيتوڻيڪ سفرنامن سان گڏ، اڻ سڌي نموني يا سڌي نموني، هن پنهنجون يادگيريون به ڏنيون آهن ته پنهنجا تجربا به، ساڳئي وقت هن جن ملڪن ۾ ڪجهه وقت گذاريو آهي، انهن ملڪن جي ادب/لوڪ ادب/چوڻين ۽ پهاڪن وغيره کي به نه صرف پڙهيو ۽ پروڙيو آهي، پر انهن جي ڄاڻ به سنڌي ماڻهن کي ڏني آهي، ان کان سواءِ سندس ٻيو هڪ ڪم اهو به آهي ته دنيا ۾ رهندڙ ۽ کيس موهيندڙ اديبن جي لکڻين کي ترجمو ڪري اسان کي انهن جي ادب ۽ مزاج کان به واقف ڪيو ۽ اهو سڀ جنهن وقت هن ڪيو، ان وقت اسان وٽ ٻاهران جو ايترو ادب ترجمو نه ٿيندو هئو. معلومات جا وسيلا به بنهه گهٽ هئا. ان وقت الطاف شيخ صاحب پنهنجي سفر نامن ۾ اهو به ٻڌايو ته هو جنهن ملڪ ۾ آهي ان ۽ سنڌ ۾ مختلف حوالن سان ڪهڙيون هڪ جهڙايون آهن ۽ ڪهڙيون انفرادتون آهن. جنهن مان ايئن لڳندو هئو ته هن دنيا جي ڪنهن ڪنڊ ۾ هوندي به سنڌ، سنڌي ادب ۾ سنڌي ماڻهن کي نه وساريو. دنيا جي ماڻهن جي خوشحالي ۽ ڏکن سکن سان سنڌ کي ڀيٽيو ۽ ڪي نتيجا سامهون آندا، جن مان سنڌي ماڻهن گهڻو ئي پرايو. ها! مٿيون سڀ ماضي هئو، جنهن جو ذڪر مان ڪري رهيو هوس، ڪڏهن ڪڏهن ماضي فخر لائق هوندو آهي، حال هيڻو هوندو آهي، قومون يا ته ماضيءَ ۾ جيئنديون آهن يا مستقبل جي خوابن ۾! ايئن شخص سان به ٿيندو آهي، پر هيءُ شخص/ليکڪ الطاف شيخ صاحب انهن شخصن/ليکڪن مان آهي جنهن ماضيءَ، حال ۽ مستقبل کي ڳنڍي رکيو آهي، هو پاڻ جڏهن کان لکڻ لڳو آهي، جيڪو اسان جو ماضي آهي، اڄ تائين اسان جي حال تائين لڳاتار لکي رهيو آهي، هاڻ هو پنهنجي اڇي سونهاريءَ ۾ نماز جي پنجن وقتن وانگر، لکڻ کي به عبادت سمجهي ٿو. هو لکڻ جي معاملي ۾ سچل وانگر جو دم غافل سو دم ڪافر ٿيڻ کان ڪوهين ڏور آهي، ۽ جنهن شخص/ليکڪ لاءِ لکڻ عبادت هجي، ان کان سندس آخري ساهه تائين قلم نٿو ڇڏائجي سگهي. هونئن به اسلام ۾ واهه کوٽائڻ، وڻ پوکائڻ ۽ ڪتاب لکڻ صدقه جاريه آهي ۽ الطاف شيخ صاحب پنهنجي حصي کان وڌيڪ ڪتاب لکي پنهنجي ان عبادت کي دوامُ بخشيو آهي، اڄ سندس جنم ڏينهن آهي ۽ جڏهن ماڻهن جي اڪثريت دعائن مان ويساهه وڃائي ويٺي آهي، ان وقت آئون سندس صحت ۽ عمردرازيءَ لاءِ دعاگو آهيان، خاص طور انهن هٿن جي سلامتيءَ لاءِ جيڪي هڪ وقت دعائن لاءِ کڄندا آهن ۽ ٻئي وقت لکڻ لاءِ تيار ٿيندا آهن. اڻ ميون نيڪ خواهشون سندس جنم ڏينهن تي،کيس مبارڪن سان گڏ ڪجهه لفظن جي ڀيٽا، اميد اٿم ته سندس بارگارهه ۾ قبول پوندي. الطاف شيخ کي ڪتابن لکڻ جي سينچري مبارڪ هجي سنڌي ادب جي تاريخ کي سئو ڪتاب لکي ڏيڻ جي سينچري تي اسان سينئر ليکڪ ۽ سنڌي سفرنامن جي بادشاهه الطاف شيخ کي گھڻيون واڌايون ڏيون ٿا. الطاف شيخ جي سفرنامن جي حيثيت اسان سنڌين لاءِ لکت ۾ پهرين انٽرنيٽ واري هئي. جڏهن انٽرنيٽ نه هوندي هئي تڏهن سنڌ واسي الطاف شيخ جي سفرنامن تي ٻڌل ڪتاب پڙهي سڄي دنيا جا ملڪ نه رڳو گھمي وٺندا هئا پر انهن متعلق تاريخي، سياسي، سماجي، علمي، ثقافتي، تمدني، مطلب ته روز مرهه جي قيمتي معلومات مان ئي فيضياب ٿيندا هيا. انهن سفرنامن جي اها معلومات هر دور جي شاگردن کي سي ايس ايس جي امتحانن ۾ به ڪم ايندي رهي آهي. سندن تحريرن جي به ڇا ڳالهه ڪجي. پڙهندي ايئن ڀائنبو آهي ڄڻ ماڻهو پاڻ ان دنيا، ان ملڪ ۽ ان جاءِ تي موجود آهي . ڪنهن به لکڻيءَ جي ان کان وڏي ڪاميابي ڀلا ڪهڙي ٻي ليکبي جو اُها تحرير فلم بڻجي اکين آڏو اچي وڃي. اسان الطاف شيخ جي ان قلمي خدمت جو هونئن ئي متعرف رهيا آهيون پر ڪتابن لکڻ جي سينچري ڪرڻ تي اسان جو مٿس فخر ٻيڻو، ٽيڻو ۽ چئوڻو ٿي وڃي ٿو. سؤ ڪتاب لکڻ کي اسان هڪ تاريخي ۽ يادگار واقعو سمجهون ٿا ۽ ان واقعي کي ملهائڻ چاهيون ٿا .ان ڏس ۾ اسان سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ڀٽائي آباد شاخ کي به مبارڪباد ڏيڻ چاهينداسين جن سڀ کان اڳ ۾ الطاف شيخ صاحب کي ڪتابن جي سينچري ڪرڻ تي آجيان ڏيندي، خاص مڃتا پروگرام ڪيو. اسان سنڌي جيڪي ڪڏهن ڪڏهن زنده ۽ مهذب قومن وارا ڪم ڪندا آهيون تن لاءِ اهو پروگرام به آهي جيڪو الطاف شيخ صاحب لاءِ ڪتابن جي سينچري ڪرڻ تي ڪيو ويو. اها تمام سٺي ۽ اتساهيندڙ روايت آهي. اهڙي نوعيت جو هڪ پروگرام سنڌ ثقافت کاتي امر جليل لاءِ به ڪيو هو جڏهن هن جا ادب کي ڏنل پنجاهه سال مڪمل ٿيا هيا ته ان موقعي تي انتهائي وڏي پئماني تي يادگار ۽ شاندار گولڊن جوبلي ملهائي وئي هئي. جنهن تي امر جليل صاحب پڻ خوشگوار حيرت جو اظهار ڪندي چيو هو ته ”اهڙا پروگرام ته اسان اديبن جي مرڻ پڄاڻان ڪندا آهيون سو هن پروگرام کي ڏسندي مونکي ايئن پيو محسوس ٿئي ڄڻ منهنجي ورسي جو ڪو پروگرام هجي“ . سو اسان هاڻي واقعي به مرده پرست هئڻ وارو ليبل پاڻ مٿان لاهي ڇڏيو آهي، هاڻي جيئري مڃتا ڏيڻ جي روايت پئجي چڪي آهي، جنهن تي اسان خوشي ۽ اطمينان جو اظهار ڪيون ٿا . سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ ڀٽائي آباد طرفان الطاف شيخ جي مانَ ۾ ڏنل تقريب کي خطاب ڪندي پ پ اڳواڻ پير مظهر الحق تجويز ڏني ته الطاف شيخ جي ڪتابن جي سينچري واري مڃتا ۾ سنڌ اسيمبليءَ کي ٺهراءُ پاس ڪرڻ گھرجي. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته اها سٺي ۽ اتساهيندڙ تجويز آهي جنهن سان سنڌ اسيمبلي جي پنهنجي عزت ۾ اضافو ٿيندو پر الطاف شيخ، سنڌ اسيمبلي جي ان ٺهراءُ کان به مٿانهون آهي. الطاف شيخ جون سنڌ اسيمبليءَ کان وڌيڪ سنڌ لاءِ خدمتون آهن . الطاف شيخ صاحب سنڌ جي انهن ليکڪن مان هڪ رهيو آهي جن سڄي ڄمار پئي لکيو آهي، جڏهن کان قلم هٿ ۾ کنيو آهي ته وري رکيو ناهي. لکڻ جي اها اسٽيمنا ۽ ثابت قدمي انهن ليکڪن ۾ ملندي آهي جن مقصد طور قلم هٿ ۾ کنيو آهي جن پنهنجي نالي يا پذيرائي، يا ان مان زماني جا فائدا وٺڻ لاءِ ناهي لکيو. انهن بنا پان پڏائڻ ۽ بنا جتائڻ جي پئي لکيو آهي، جيڪي لکڻ سان جيئندا آهن ۽ لکڻ لاءِ ئي جيئندا آهن. جيڪي لکڻ کي لازمي ڪم سمجهندا آهن ۽ لکڻ لاءِ غير ضروري سرگرمين کان پاسيرو رهندا آهن جيڪي وقت ضايع ڪرڻ جا قائل نه هوندا آهن ۽ جيڪي هر ڳالهه، هر شئي کي ان احساس وچان قلمبند ڪندا آهن ته اهي تاريخ کي قلمبند ڪري رهيا آهن. اهڙا ليکڪ ۽ اديب ئي ڪتابن جون سينچريون مڪمل ڪرڻ جو ڪارنامو سر انجام ڏئي سگهن ٿا. الطاف شيخ صاحب کي ذاتي طور تي اهڙن مڃتا پروگرامن جي ضرورت ناهي، اُهي ته اهڙن تعريفي پروگرامن کان لهرائيندا آهن، منع ڪندا رهندا آهن پر اهڙين روايتن جي سنڌي سماج کي ضرورت آهي. جيئن مٿي لکي آيا آهيون ته اهي مهذب ۽ زنده قومن جون روايتون هونديون آهن. سو اسان کي اهو ڏسي خوشي محسوس ڪرڻ گھرجي ته اسين به هاڻي مُهذب ۽ زنده قومن وارا زنده دليءَ جا ڪم ڪرڻ لڳا آهيون جيڪو انتهائي ساراهڻ جهڙو لاڙو آهي. ان لاڙي کي بلڪل همٿائڻ گھرجي، ان سان نئين نسل کي جيڪو صحتمند ادبي، علمي، تاريخي، سياسي ۽ سماجي ماحول ملندو تنهن سان نه رڳو نئين نسل پر خود سنڌ کي به وڏو فائدو رسندو. سنڌي ٻولي، سنڌي ادب، سنڌي ثقافت ۽ سنڌ جي قومي وجود کي نوان جنم ملندا. سنڌ جو ادبي، علمي، سياسي، تاريخي خزانو هر دور جي نئين نسل ڏانهن منتقل ٿيندو رهندو، نه رڳو منتقل ٿيندو رهندو پر نئون نسل اهو به ڏسندو ته ماضيءَ ۾ اسان جي وڏڙن جيڪي فخر جوڳيون روايتون قائم ڪيون آهن تن کي برقرار رکڻ جو اتساهه به وٺندو. اسان سنڌ جي مستقبل کي ڇا ڏئي رهيا آهيون، ڇا ڏيڻ گھرجي ان تي انتهائي سنجيدگي ۽ ذميواريءَ سان سوچڻ گھرجي. اهڙي سنجيدگي ۽ ذميواري جو هڪ وڙ الطاف شيخ صاحب کي سندس ڪتابن جي سينچري مڪمل ڪرڻ تي مڃتا ڏيڻ به آهي. اِهو وڙ اسان هڪ اهڙي دور ۾ ڏيکاري رهيا آهيون جنهن ۾ ڪو ڪرڪيٽ جو بيٽسمين رنسن جي سينچري ڪندو آهي ته ٽي وي چينل ان خبر کي ”بريڪنگ نيوز“ طور ڏيندا آهن پر جن ڪتاب لکڻ جي سينچري مڪمل ڪئي آهي ان خبر کي ڪنهن به ٽي وي چينل ”بريڪنگ نيوز“ طور ناهي ڏنو پر جيڪڏهن اهڙن مڃتا پروگرامن جي روايت برقرار رهي ته پڪ سان اهڙو ڏينهن به ايندو ۽ ضرور ايندو. (ڏيھاڙي عوامي آواز، ۱۱ جنوري ۲۰۲۰ع تان کنيل) الطاف شيخ جا سفرناما يا ڏيھ پرڏيھ جي تاريخ طارق عزيز شيخ سفرنامن جي تاريخ ۾ وڏو نالو ابن بطوطه جو آهي، جنهن ھڪڙو سفرنامو لکيو پر ان سفرنامي سان گڏ مختلف ملڪن جي تاريخ قلمبند ٿي وئي. ابن بطوطه مراڪش ۾ پيدا ٿيو. ادب، مذهب، تاريخ ۽ جاگرافي جي تعليم پرائڻ بعد سياحت تي نڪري ويو. هو عربستان، ترڪي، شام، ايران، فلسطين، افريقه، افغانستان، روس، چين ۽ هندستان مان ٿيندو سنڌ کان واپس وريو. هن ۷۵ هزار ميل سفر ڪري پنهنجو سفرنامو “عجائب السفارتي غرائب الديار” لکيو، جنهن کي لڳ ڀڳ سڄي دنيا جي ٻولين ۾ ترجمو ڪيو ويو، ٻي صورت ۾ پنهنجي پنهنجي ملڪ سان لاڳاپيل تاريخ کي ابن بطوطه جي سفرنامي کان کنيو ويو. سنڌ جو ابن بطوطه، الطاف شيخ جو لقب آهي، جنهن سڄي دنيا جو سفر ڪري سنڌي ٻوليءَ کي هر ملڪ جي تهذيب، تمدن، ماحول، موسم ۽ ماڻهن جي مزاج کان واقف ڪرايو. سنڌ جي نامياري شاعر ۽ اديب ڊاڪٽر نواز علي شوق موجب: “اسان کي جنهن شاگرد کي ادب ڏانهن دلچسپي وٺرائڻي هوندي آهي، ان کي الطاف شيخ جا سفرناما پڙهائي مطالعي جو شوق ڏياريندا آهيون.” الطاف شيخ سوء کان وڌيڪ سنڌي ۽ اردو ٻولين ۾ سفرناما لکيا آهن. هي سنڌ جو وڏي ۾ وڏو سفرنامن جو ليکڪ آهي. دنيا جي مختلف ٻولين ۾ شايد ئي ڪو ايڏو وڏو سفرنامن جو ليکڪ هجي. سنڌي ادب جو اهو اعزاز آهي ته الطاف شيخ هن ادبي صنف کي هٿي وٺرائي نه ته اڱرين تي ڳڻڻ جيترا سفرناما ملن ها. الطاف شيخ اصل هالا جو ويٺل آهي، هو ۱۹۴۴ع ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم هالا مان پرائڻ بعد انٽرميڊيٽ ڪيڊٽ ڪاليج مان پاس ڪيائين ۽ مئرين انجينئرنگ چٽاگانگ مان ڪيائين، جڏهن ته ورلڊ ميري ٽائيم يونيورسٽي سوئيڊن مان پوسٽ گريجوئيشن ڪيائين. الطاف شيخ سفرناما لکڻ جو سلسلو ۱۹۶۸ع کان شروع ڪيو. سندس پهريون سفرنامو”منهنجو ساگر منهنجو ساحل” نالي سان آيو، جيڪو خطن جي روپ ۾ لکيل سفرنامو آهي. الطاف شيخ جو هي سفر يوگوسلاويا ويندي لکيو هو. هي سفرنامو سهڻي پبليڪيشن حيدرآباد پاران ۱۹۶۹ع ۾ ڇپايو ويو. “بندر بازاريون” ۱۹۷۴ع ۾ سفرنامو ٿائيلينڊ، سنگاپور ۽ ملائيشيا بابت آهي. “جاني ته جهاز ۾” ۱۹۷۲ع جي شروعاتي سفرن تي لکيل آهي. “پيار جي گهُٽ” آفريقه ڏانهن ڪيل سفر جي ڪٿا ۽ ڪهاڻين جي شڪل ۾ ۱۹۷۱ع ۾ ڪتاب آيو. “وايون وڻجارن جون” ۱۹۷۰ع کان ۱۹۷۳ع تائين چين ۽ هانگ ڪانگ جو سفرنامو آهي. “نيو هالا کان نيويارڪ” سندس آمريڪا، ڪئنيڊا ۽ ويسٽ انڊيز جي سياحت تي ٻڌل سفرنامو آهي جيڪو هن ۱۹۶۸ع کان ۱۹۷۲ع تائين لکيو. “بندر ديسان ديس” لطاف شيخ جي ابتدائي سفرنامن مان هڪ آهي جيڪو جپان، ڪوريا، هانگ ڪانگ، چين، ٿائيلينڊ ۽ ملائيشيا جي ملڪن جو سفرنامو آهي. “مڪليءَ کان ملاڪا تائين” الطاف شيخ جو ملائيشا جو سفرنامو آهي. “سي ئي جوڀن ڏينهن” الطاف شيخ جو ۱۹۷۷ع ۾ سريلنڪا جو لکيل سفرنامو آهي. “جت جر وهي ٿو جال” ملائشيا جو سفرنامو آهي. “ملائشيا ۱۲ سال بعد” ملائشيا جو سفرنامو آهي. “ڪولالمپور ڪجهه ڪوهه” به ملائشيا جوسفر نامو آهي.”نه سي سڙهه سکاڻ” هندستان ۽ روس جو سفرنامو آهي. “ملير کان مالمو تائين” سئيڊن بابت سفرنامو آهي. “ڇاجو ديس ڇاجو وديس” مختلف ملڪن ۽ شهرن جو ذڪر آهي. “ڏيهه پرڏيهه جو سفر” ڊينمارڪ جو سفرنامو آهي. “وسي ٿو وڏڦڙو” مختلف مضمونن ۽ سفرنامن جو ڪتاب آهي. “هي دو ٻيٽ هيءَ ڪنارا” هيءُ ڪتاب دنيا جي ڏهن وڏن ٻيٽن بابت لکيل آهي جيڪي ڪئناڊا، انڊونيشيا ۽ جپان وغيره جا آهن. “اوهريا جي عميق ڏي” سنگاپور، ملائشيا، بئنڪاڪ ۽ هانگ ڪانگ جي سفر بابت ڪتاب آهي. “ههڙو ڪو ٻيو ڌنڌو” انڊيا، سريلنڪا، سنگاپور ۽ جپان جو سفرنامو آهي. “هلي ڏسجي هندستان”، “بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾” ۽ “دهلي جو درشن” انڊيا جا سفرناما آهن. “ايران ڏي اڏام” ايران جو سفر “هليو آ ملائشيا” ملائشيا جو، “ممباسا شيدي باڇا همباشا” آفريڪا جو، “ اڇن جو ملڪ ۾ اسين ڪارا” سئيڊن جو، “بخشو لغاري کان بالٽيمور تائين” آمريڪا جو، “اي جرني ٽو ٿائيلينڊ” ٿائيلينڊ جو، “اي روڊ ٽو مدينه” ۽ “ڀلي پار تان ڀيرو” سعودي عرب جا، “سنگاپور ويندي ويندي” سنگاپور جو، “ڪويت ڪنارا” ڪويت جو، “جپان جن جيءَ ۾”، “ڳالهيون تنهن جپان جون”، “جپان رس” “جپان ۲۵ ورهين بعد”، “ٽوڪيو جي گيشيا گرل” جپان جا، “ڪراچي کان ڪوپن هيگن” “آفريڪا جو، “ارائونڊ دي ورلڊ” مختلف ملڪن بابت سفرناما آهن. مٿين سفرنامن مان ڪيترائي اردو ٻوليءَ ۾ ترجمو پڻ ٿيا آهن جيڪي “ايران ڪي دن”، ڪراچي سي ڪوپن هيگن”، “ملائشيا ڪي دن” ۽ “سمندر ڪي دن” وغيره شامل آهن. الطاف شيخ سفرنامن کان علاوه اخبار ڪالم، ڪهاڻيون ۽ ترجما پڻ ڪيا آهن. هن لکڻ جي شروعات به ترجمن سان ڪئي هئي. سنڌي ادب ۾ تحريري چاشني جو مزو الطاف شيخ جي سفرنامن مان ملي ٿو. هن جا سفرناما فقط گهمڻ ڦرڻ جو تذڪرو ئي ناهن پر انهن هنڌن جي ڪهاڻي به آهي. الطاف شيخ سڄي دنيا ۾ جتي به ويو آهي اتي هن سنڌ کي ياد ڪيو آهي. هو سنڌ جو سچو سيلاني آهي. پرڏيهه ويندڙ سنڌي سندس سفرنامن مان ڄاڻ ۽ رهنمائي وٺندا آهن. الطاف شيخ جي سفرنامن کي فقط گھمڻ ڦرڻ وارا لمحا قلمبند ڪرڻ نٿا چئي سگهون، ڇاڪاڻ ته ھن وٽ سفرنامي لاءِ نئين ڄاڻ، انھيءَ ھنڌ جي تاريخ سان گڏ وجه شھرت، تھذيب ۽ ماڻھن جي معلومات پڻ ملي ٿي. ڪيترائي اھڙا ملڪ ۽ شھر آھن جيڪي عام ماڻهو گھمي ڦري اچن ٿا. ڪي اديب سفرناما به لکي اچن ٿا پر قومن جي رھڻي ڪھڻي کان وٺي انھن جون ريتون رسمون صرف الطاف شيخ جي سفرنامن ۾ ملي ٿو. سنڌي ادب جي اھا خوش قسمتي آهي، جنھن کي الطاف شيخ جھڙو اديب مليو. جيڪڏهن الطاف شيخ انگريزي يا اردو ٻولين ۾ سفرناما لکي ھا ته ھو عالمي سطح تي پذيرائي حاصل ڪري وٺي ھا، پر هن پنھنجون خدمتون سنڌي ٻوليءَ لاءِ پيش ڪري، اسان جي ادب کي سفرنامي جي صنف سان مالدار بڻايو. (روزاني مومل ڪراچيءَ ۾ آچر، ۱۰ سيپٽمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل) الطاف شيخ جديد سنڌ جو سِنڌباد ڪامران رند الطاف شيخ سنڌيءَ سفرنامي جي روح روان طور پوري سِنڌ ۽ پاڪستان اندر ڄاتو سُڃاتو وڃي ٿو. سندس ادبي خدمتن منجھ سنڌي ادب اندر سفرنامي جي صنف کي باقائده طور سُڃاڻپ ڏيارڻ آھي. الطاف شيخ کي سنڌ جو سيلاني، ابن بطوطه يا وري مارڪو پولو چئجي ته هوند اِن ۾ ڪو وستاءُ ڪو نه ٿيندو. سنڌي سفرنامي کي پڙهندڙن جي هٿن منجھ آڻڻ جو تقريبن زمو ھن ڏانهن وڃي ٿو. سنڌ جي هن پرخلوص سيلاني جو جنم گل محمد شيخ جي گهر ۾ ۱۴ نومبر ۱۹۴۴ع تي ٿيو. بنيادي تعليم ڳوٺ ۾ پرائڻ کان پوءِ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو مان پڻ تعليم حاصل ڪيائين. تنهن بعد مشرقي پاڪستان جي مئرين اڪيڊمي ۾ انجنيئرنگ پڻ پڙهايس. الطاف شيخ پيشي طور مئرين انجنيئر رهيو آهي ۽ تنهن سبب ڪري ئي پوري دنيا گھمڻ جو فطري موقعو مليو اٿس. سنڌ جي هن سُچيتي ليکڪ پنهنجي هر سفر جو برجستو احوال سنڌ سان پئي ونڊيو آهي. سندس لکيل ڪتابن جو ڪاٿو هن وقت ستر کان به مٿي آھي. الطاف شيخ سنڌ جي ادبي کيتر ۾ پهرين اڏام ۱۹۷۱ع ڌاري ڪئي. سندس پهرين ترجمو ٿيل ليک اناميڪا (گمنام) جي نالي سان شايع ٿيو. الطاف شيخ مختلف ناول ۽ ڪهاڻيون پڻ ترجمو ڪيون آھن. سندس پهريون سفرنامو ”جاني ته جهاز ۾“ جي نالي سان شايع ٿيو. امر جليل کان پوءِ گھڻي قدر اھو ڪريڊٽ الطاف شيخ ڏانهن ئي وڃي پيو، جو سنڌ جي نوجوان الطاف شيخ جا سفرنامه پڙهي ڪري سنڌ جي ادبي کيتر ۾ پير پاتو ۽ پاڻ ملهايو. الطاف شيخ سفرنامن لکڻ جي حوالي سان تمام سادي ۽ سولي سنڌي لکڻ پسند ڪئي آهي. اھو ئي سبب آهي جو ٻار توڙي ٻڍا، مرد توڙي عورت سندس ڇپيل ڪتاب تمام شوق سان پڙهن ٿا. امر جليل الطاف جي سفرنامن جي باري ۾ لکي ٿو ته، ”سندس سفرنامن ۾ ڪٿي به ڪا نصيحت يا تبليخ ناهي جا ڳالھ ئي کيس منفرد بڻائي ٿي“. جڏهن ته طارق اشرف چواڻي الطاف جا سفرناما تبليغ سان ڀرپور ۽ نصيحت جو ڪوڙڪي دان آهي تن ٻنهي وڏن ليکارن کان علاوه عبد الرحمان قريشيءَ الطاف شيخ جي سفرنامن کي ٻين سفرناما نويسن کان الڳ ڪري بيهاريو آهي. سندس چوڻ آهي ته، ”الطاف ڪڏهن به ڪو گائيڊ کڻي نه گهميو آهي. هوء جنھن به ملڪ ۾ گهميو آهي ته تنهن ملڪ جي ٻوليءِ، تاريخ ۽ ادب کان روشناس رهيو آهي. الطاف شيخ ملائيشيا، سوئيڊن، سنگاپور، ناروي جهڙي ملڪن ۾ سالها سال رهي ڪري ملئي، چيني، انگريزي، جاپاني ۽ بنگالي ٻوليون خوب سکي ورتيون ۽ روانيءَ سان ڳالهائي پڻ سگهي ٿو. جنهن ڪري ئي جنھن به ملڪ ويو آھي تنهن ملڪ جي تهذيب، تاريخ، ثقافت، جاگرافي ۽ قومي ڪردارن کان پڻ پڙهندڙ کي آگاھ ڪندو رهيو آهي. الطاف شيخ جي سفرنامن جي خاص خوبين ۾ تشبيھ ۽ استعارن جو خالص سنڌي ٻوليءَ ۾ استمعال آھي. ھن پنھنجي لکڻين ذريعي سنڌ شناسائي جو خوب پاٺ پڙھايو آهي. مثلن، پاڻ چوندو ماسڪو کان وولگا درياء ايترو پري آهي جيئن پنهنجي جيڪب آباد کان سنڌوءَ - چٽاڪانگ ۽ ڍاڪا جي وچ ۾ ايترو مفاصلو آهي جيئن ڪراچي ۽ ڪنڌڪوٽ وچ ۾. سندس اهم خوبي ٻوليءَ جو سليس ۽ خالص ھجڻ رهيو آهي. ھي ڪڏهن به پڙهندڙ کي منجھائي ڪون ٿو ۽ صاف، واضع ۽ چٽي لفظن ۾ ڳالھ ڪري ٿو. سندس محاورن، چوڻين، پهاڪن جو استعمال ڏاڍو وڻندڙ ۽ پڙهندڙ لاءِ دلچسپي جو باعث رهيو آهي. مثلاً آفريڪا جي غريب ملڪن تي يورپي ڏاڍي ملڪن جي ايئن هلان رهي آهي جيئن پاڻ وٽ چئجي سُڪي ڍور تي مڇر گھڻا. الطاف شيخ جو اندازِ بيان ۽ تمثيل نگاري تمام جاندار ۽ لڀائيندڙ رهي آهي. سندس منظر نگاري ايتري ته چٽي ۽ دلفريب رهي آهي جو پڙهندڙ اي جرني ٽوپي ٿائيلينڊ ۾ پاڻ کي الطاف شيخ سان گڏ گهمندي محسوس ڪري ٿو. الطاف شيخ سنڌ سان اٿاھ محبّت ڪندڙ ليکڪ آهي. ھي جڏهن سنگاپور، ملائيشيا، ڍاڪا ۽ پٺتي پيل ۽ ڏتڙيل ملڪن جي ترقي جا قصا ٻڌائي ٿو ته خوش ٿيندي وري اُداس ٿي وڃي ٿو ته جيڪر اها ترقي خوشحالي ۽ پنهنجي ڪم سان سچائي جو جذبو سنڌ ۾ سنڌين وٽ به اگهائجي. سنڌ جو سندباد ۽ سيلاني الطاف شيخ تقريبن دنيا جو هر ملڪ گهميو ڦريو آهي ۽ پنهنجي تجربي آڌار تِن ملڪن جون خاصيتون ۽ خاميون پنهنجي پڙهندڙن آڏو آڻيندو رهيو آهي. سندس لکيل ڪجھ سفرنامن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا. جاني ته جهاز ۾، سيئي جوڀن ڏينھن، اي جرني ٽو ٿائيلينڊ، اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا، منهنجو ساگر منهنجو ساحل، بخشو لغاري کان بالٽيمور، اوهريا جي عميق ۾، دهليءَ جو درشن، اي جرني ٽو مدينه، شيدي باشا هم باشا وغيره. سندس ڪجھ ترجمو ٿيل ڪهاڻين جا ڪتاب ۽ ناول پڻ آهن. جي ڪجھ هيٺ ڏجن ٿا. ٽوڪيو جي گيشا گرل، ماسٽر هريا رام جو بئنڪاڪ وڃڻ. سياڻي جھرڪي، خدا ڏئي خط وغيره. الطاف شيخ جو سنڌ ادب ۽ خاص طور سفرنامي جي صنف ۾ ڪيل ڪم تمام لاڀائتو ۽ مؤثر رهيو آهي. الطاف شيخ جھڙا ڪردار ئي حقيقتن ڪنهن به قوم جو سرمايو ھجن ٿا جو اڪيلي سر ڪنهن اداري جيترو ڪم ڪري، پنهنجي ھجڻ کي بامعنيٰ بڻايو ڇڏين. (ڏھاڙي سوڀ ۾ ۱۴ اپريل ۲۰۲۳ع تي ڇپيل) الطاف شيخ سنڌيءَ جو سرواڻ، سفرنامه نگار ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ سفرنامو نثر جي اهم صنف شمار ٿئي ٿو، سنڌي ادب جي سفرنامن جي تاريخ الطاف شيخ جي ذڪر کان سواءِ اڻ پوري آهي. هن واحد سفرناما نگار گهڻي کان گهڻا سفرناما لکي سفرنامي جي صنف ۾ سنڌي ادب کي خود ڪفيل بنائي ڇڏيو. الطاف شيخ ۱۴ نومبر ۱۹۴۴ع، تي هالا۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم هالا۾ وٺڻ بعد هو ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان پڙهيو. ڪرنل ڪومبس جي دورجو اهو پيٽارو ڪئڊٽ ڪاليج سچ پچ ڪئڊٽ ڪاليج هو جتي سندس تعليم سان گڏ تربيت به سٺي ٿي ڪئڊٽ ڪاليج جي زندگيءَ کيس خوداعتماد ۽ محنتي بنايو الطاف شيخ قابل شاگردن مان هو. انجنئيرنگ ۾وڃڻ بعد سنڌکان چٽنگانگ بنگلاديش ويو مئرين انجنيئر طور سڄي دنيا جا ملڪ گھميو آخر۾ چيف انجنيئرٿي رٽائرڊ ڪيائين. الطاف شيخ جا سفرناما دنيا جي وڏي حصي جي معلومات ڏين ٿا. هن تقريبن سڄي دنيا جي اهم ملڪن کي ذڪر ڪيو آهي پر سندس رهڻ گهڻو سينگاپور، ملائيشيا ۽ جپان ۾ ٿيو آهي انهن ملڪن جو ذڪر سندس سفرنامن ۾ گھڻو آهي. “مُنهنجو ساگر مُنهنجو ساحل” سندس پهريون سفر نامو آهي ۽ ٻين ڪتابن ۾ “جاني ته جھاز ۾”، “بندر بازاريون”، “سمونڊ جي سيوين”، “وايون وڻجارن جون”، “جت جروهي ٿو جال”، “دنگي منجهه دريا”، “موج نه سهي مڪڙي”، “سي ئي جوڀن ڏينهن”، “اوهرياجي عميق ڏي”، “سمونڊ جن ساڻيهه”، “سانباهو سمونڊ جو”، “سي ٻيڙيون رکين ٻاجهه سين” ۽ ٻيا سفرناما آهن جن جا عنوان شاهه جي بيتن مان ورتل آهن ۽ گھڻي قدر سرسارنگ ۽سامونڊيءَ مان آهن ۽ ان کان سواءِ “ڪراچيءَ کان ڪوپنهيگن تائين”، “مڪلي کان ملاڪا تائين”، “ڀلي پار تان ڀيرو”، “جپان رس”، “سينگاپور ويندي ويندي”، “بوتلن جو سفر”، “ڪويت ڪنارا”، “پيارجي گھٽ”، “جپان جن جي جيءَ سان” ۽ ٻيا ڪتاب آهن سندس ڇپيل ڪتابن جو ڳاڻيٽو هڪ سئو کان مٿي آهي، جنهن ۾ چار ڪتاب اردو ٻوليءَ ۾ آهن هن ٻارن جون آکاڻيون پڻ لکيون ته اناميڪا عنوان سان پهريون ڪتاب ترجمو ٿيل ڪهاڻين جو پڻ لکيائين. منهنجو ساگر منهنجو ساحل، سفر نامي طور الطاف شيخ جو پهريون ڪتاب خطن تي مشتمل آهي، “منهنجو ساگر منهنجو ساحل”، ڪتاب جو پهريون ڇاپو، وفائي پرنٽنگ پريس ڪراچيءَ مان علي نواز وفائي شايع ڪيو ۽ان کان پوءِ هن ڪتاب جا ٻيا ڇاپا پڻ ڇپيا آهن. هي ڪتاب موجوده وقت چٽاڀيٽيءَ جي امتحان جي سنڌيءَ جي نصاب ۾ شامل آهي، سنگاپور کي الطاف شيخ پنهنجن سفرنامن ۾ گهڻو ذڪر ڪيو آهي، سندس رهائش انهيءَ ملڪ ۾ وڌيڪ وقت رهي آهي، لکي ٿو ته، “سنگاپور” جي زيادهه ڪمائي ٻاهرين ملڪن مان آيل سياحن ۽ جهازن جي ڪري آهي. سنگاپور جهازن جي تيل جو وڏو مرڪز آهي، جاگرافي نقطئه نگاهه کان ڪجهه اهڙي هنڌ تي آهي، جو هر جهاز پئسفڪ وڏي سمنڊ کان، هندي وڏي سمنڊ ڏي ايندي يا ويندي، ڏکڻ چيني سمنڊ مان لنگهندي، سنگاپور وٽان ضرور لنگهي ٿو. تيل جي وڏي مرڪز ۽ فري پورٽ کان علاوه هڪ ٻرندڙ شمع، مثل آهي. جنهن جي چوڌاري پتنگن وانگر جهاز ميڙ ڪيو بيٺا هوندا آهن“. سمونڊ جي سيوين: ۱۹۷۲ع، ۾ ڇپيل آهي، هن سفر نامي جي شروعات شاهه سائينءَ جي هن بيت سان ٿيل آهي. الطاف جي لکيل سفرنامن ۾ شروعاتي دؤر جو ۽ ترتيب مطابق، چوٿون نمبر سفرنامو آهي، ۱۹۵ صفحن جو هيءَ ڪتاب نيويارڪ، لنڊن، آفريڪا، جرمني ۽ پولينڊ جي ملڪن جي ڄاڻ ڏئي ٿو. پولينڊ لاءِ لکي ٿو ته: ”پولينڊ جا رهاڪو مهمان نواز، سچار، صاف دل، خلوص وارا ۽ ايماندار آهن. پولينڊ ۾ قانون جو احترام تمام گهڻو آهي، پولينڊ، روس، رومانيه ۽ بلغاريه ۾ اڪيلي گهمڻ ڦرڻ ۾ ڪو ڊپ ڊاءُ ڪونهي هتي ڌاڙي يا ڦرلٽ جو مثال مشڪل سان نظر ايندو“ وايون وڻجارن جون: الطاف شيخ جي شروع، دور جي لکيل سفرنامن مان هڪ آهي. اپريل ۱۹۷۴ع، ۾، سهڻي پبليڪيشن الهندو ڪچو، جي طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو. انهيءَ کانپوءِ ڇپجندڙ رهيو آهي. ۲۲۰ صفحن جو هيءُ ڪتاب هانگ ڪانگ ۽ ان جي ويجهڙائيءَ جي تفصيلي معلومات تي مشتمل آهي، هن سفرنامي جو انتساب سنڌ جي شهر “هالا” جي نالي آهي. مهاڳ طارق اشرف جيل مان “سفرنامو، جيل نامو” جي عنوان سان لکيو. مڪائو جي لاءِ شيخ صاحب لکي ٿو ته: “هانگ ڪانگ اچي مڪائو نه ڏسڻ ائين آهي، جيئن حيدرآباد اچي ڄامشورو نه ڏسڻ، يا قلندر جي ميلي تي سيوهڻ اچي ڳانا نه خريد ڪرڻ”. ڪراچيءَ کان ڪوپنهيگن تائين: سفرنامو نيو فيلڊس پبليڪيشن ۱۹۹۵ع ۾ پهريون ۽ ۱۹۹۸ع ۾ ٻيو ڇاپو شايع ڪيو آهي. هن ڪتاب جو پيش لفظ محمد علي ڏيپلائيءَ لکيو آهي. ۱۸۹ صفحن جو هيءُ سفرنامو ۷۴ ننڍن بابن تي مشتمل آهي جن جا عنوان دلچسپ آهن. هن سفرنامي ۾ سئيڊن جو بيان آهي. هن سفرنامي ۾ ليکڪ سئيڊن جي موسم سان گڏ ان ملڪ جي ماڻهن، حالتن ۽ وقت جي پابندي، ڪم ڪرڻ جي شوق کي ڄاڻايو آهي، سندن موجب هتي جا ماڻهو محنتي آهن هيءُ سفرنامو هڪ ئي ملڪ ملائيشا جي تيرهن رياستن ۽ سهڻن ٻيٽن ۽ اهم شهرن جي محل وقوع، کان سواءِ سياسي ۽ سماجي ڄاڻ پڻ ڏئي ٿو. هيءُ هڪ معلوماتي سفرنامو آهي، جنهن ۾ نقشن ۽ تصويرن جي مدد سان مختلف هنڌن جي نشاندهي ٿئي ٿي. هن سفرنامي ۾ ليکڪ سوانحي انداز سان ڪجهه شخصيتن جي ذاتي حال احوال سان اتي جي ماحول جي خبر ڏني آهي. دنگي منجهه درياهه: سفرنامي جو پهريون ڇاپو ۱۹۸۷ع، ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن وارن شايع، ڪيو ۱۹۰ صفحن جو هيءُ سفرنامو، مختلف ملڪن جي گڏيل احوال تي مشتمل آهي، جنهن ۾ آمريڪا، سنگاپور، بئنڪاڪ ۽ جپان سان گڏ مختلف ٻيٽن، فجي مئڊا، گاسڪر ٻيٽ ۽ فرانس جي “ٽرسٽان ٻيٽ” جو ذڪر شامل آهي. هن سفرنامي جو مهاڳ نصير مرزا لکيو آهي. ڏيهه کي پرڏيهه سان ملائيندي الطاف شيخ رستن روڊن ۽ گلين سان گڏ شهرن جي ڀيٽ به وڻندڙ ڏئي ٿو. جيئن مثال طور “اسان جي مئرين ٽائيم اڪيڊمي ملاڪا جي وچ شهر کان مفاصلي ۾ ايترو پري آهي، جيترو پيٽاري جو ڪئڊٽ ڪاليج حيدرآباد شهر کان”. “پيٽارو کي الوداع، چئي چٽنگانگ پهچڻ تي پهرين شيءِ جا ياد آئي سا موسم هئي. حيدرآباد پاسي جي ٿڌين راتين جي چٽگانگ جي گهميل راتين سان ڪيئن ٿي ڀلا ڀيٽ ڪري سگهجي؟ ڄامشوري، حيدرآباد ۽ پيٽارو جي شامن ۾ جيڪو نشو ۽ خمار آهي، ان کي ته چاليهه سال اڳ ويل هندو واپاري ۽ انگريز حاڪم به وساري نه سگهيا آهن”. “دنگيءَ منجهه درياهه” الطاف شيخ جو ۱۹۸۷ع، جو سفرنامو مختلف ٻيٽن جي احوال بابت هوندي به دلچسپ آهي. ليکڪ موجب ته؛ هي سفرناما “مون هڪ هنڌ ڪرسيءَ ٽيبل تي چڙهي ويهي ٿورو ئي لکيا آهن، ڪو باب جهاز جي ڊيڪ تي، ڪو لنگر جي رسيءَ کي ٽيڪ ڏئي، ڪو جهاز جي ڪاريڊار ۾، ڪو جهاز جي اوپن ايئر لائونج ۾، ڪو پوسٽ جي دٻي وٽ بيهي”. مٿئين سفر نامي جو عنوان شاهه سائين جي بيت مان کنيل آهي. دهليءَ جو درشن: هندوستان جي احوال تي آڌاريل آهي جو روشني پبليڪيشن ۲۰۰۶ع، ۾ شايع، ڪيو آهي ۴۰ بابن تي مشتمل هن ڪتاب ۾ هندوستان وڃڻ لاءِ ڪي اهم ڳالهيون خاص طور ڪسٽم، نقلي نوٽن کان بچڻ، ڪرنسيءَ ۾ آمريڪي ڊالر ۽ ٿوري هندوستاني ڪرنسي کڻي وڃڻ ۽ دهليءَ جي باري ۾ ڄاڻ تي مشتمل آهي دهليءَ جي جهوني لائبريري دهليءَ جون حويليون، هالي ووڊ جا ڪجهه سنڌي، انڊيا جي رستن تي هلندڙ ڪارون، انڊيا بابت ۽ انڊيا جا رائٽر، دهليءَ جو قطب مينار، هرودا، هندن جو حج، انڊيا ۾ مسلمان وڌيڪ سلامتي سان رهن ٿا ۽ ٻين موضوعن تي ڪل ۴۰ باب آهن. نيويارڪ کان نيو هالا تائين: روشني پبليڪيشن ۲۰۰۷ع ۾شايع ڪيو آهي ۵۳۴ صفحن جي هن ڪتاب تي الطاف شيخ کي بهترين سفرنامي جو ايوارڊ مليو نيويارڪ کان نيو هالا تائين فقط هڪ ئي ملڪ جي مختلف حصن جو بيان آهن جنهن ۾ ليکڪ جيترا گهڻا هنڌ مشاهدي هيٺ آندا آهن ايترو ئي گهڻين شخصيتن سان سندس ملاقاتون پڻ ٿيون آهن جن جو ذڪر هن وڻندڙ ڪيو آهي. الطاف شيخ هڪ اعليٰ تعليم يافته ليکڪ نه فقط پنهنجي وقت ۾ سُٺو شاگرد هو پر بهترين استاد پڻ رهيو. هُن پنهنجي سفرنامن ۾ دنيا جي ڪيترن ئي مُلڪن جي يونيورسٽين ۽ علمي ماحول کي تفصيل سان پيش ڪيو آهي. هُو نوجوان طبقي کي خاص طور اعليٰ تعليم لاءِ اُتساهيندڙ آهي. الطاف جا سفرناما، معياري سفرناما آهن، جن ۾ غير معياري لفظن ۽ واقعن جي ذڪر کان پاسو ڪيل آهي، هن سفرنامن کي ڪمرشلائيز ڪرڻ جي سطحي ڪوشش نه ڪئي آهي. سندس تخليقي قوت، خوش مزاجي ۽ ديس واسين سان محبت تحريرن مان واضح آهي، پڙهندڙن جي اُتساهه سان سندس قلم جي ڏات کي پذيرائي پڻ ملي آهي. انهيءَ ئي ڪري سنڌي ادب سفرنامي جي صنف ۾ خود ڪفيل ٿي ويو. سندس سفرنامن ۾ ملڪن جي تاريخ، جاگرافي، ثقافت، تعليم، ريتن، رسمن ۽ ٻين معلوماتي احوالن سان گڏ ٻوليءَ جو سهڻو استعمال ۽ ادبي رنگ به ملي ٿو. جنهن سبب کان هيءَ سفرناما، نصابي ضرورت هئڻ سان گڏوگڏ، گهرن ۽ ڪتبخانن جي سونهن آهن ته صحت مند ادب جو حصو پڻ. (ڏھاڙي ھمسري حيدرآباد آن لائئن ۾ ۱۶ نومبر ۲۰۲۴ع تي ڇپيل) الطاف شيخ سنڌ جو سچو سيلاني طارق عزيز شيخ سفرنامن جي تاريخ ۾ وڏو نالو ابن بطوطه جو آهي، جنهن ھڪڙو سفرنامو لکيو پر ان سفرنامي سان گڏ مختلف ملڪن جي تاريخ قلمبند ٿي وئي. ابن بطوطه مراڪش ۾ پيدا ٿيو. ادب، مذهب، تاريخ ۽ جاگرافي جي تعليم پرائڻ بعد سياحت تي نڪري ويو. هو عربستان، ترڪي، شام، ايران، فلسطين، افريقه، افغانستان، روس، چين ۽ هندستان مان ٿيندو سنڌ کان واپس وريو. هن ۷۵ هزار ميل سفر ڪري پنهنجو سفرنامو “عجائب السفارتي غرائب الديار” لکيو، جنهن کي لڳ ڀڳ سڄي دنيا جي ٻولين ۾ ترجمو ڪيو ويو، ٻي صورت ۾ پنهنجي پنهنجي ملڪ سان لاڳاپيل تاريخ کي ابن بطوطه جي سفرنامي کان کنيو ويو. سنڌ جو ابن بطوطه، الطاف شيخ جو لقب آهي، جنهن سڄي دنيا جو سفر ڪري سنڌي ٻوليءَ کي هر ملڪ جي تهذيب، تمدن، ماحول، موسم ۽ ماڻهن جي مزاج کان واقف ڪرايو. سنڌ جي نامياري شاعر ۽ اديب ڊاڪٽر نواز علي شوق موجب: “اسان کي جنهن شاگرد کي ادب ڏانهن دلچسپي وٺرائڻي هوندي آهي، ان کي الطاف شيخ جا سفرناما پڙهائي مطالعي جو شوق ڏياريندا آهيون.” الطاف شيخ سوء کان وڌيڪ سنڌي ۽ اردو ٻولين ۾ سفرناما لکيا آهن. هي سنڌ جو وڏي ۾ وڏو سفرنامن جو ليکڪ آهي. دنيا جي مختلف ٻولين ۾ شايد ئي ڪو ايڏو وڏو سفرنامن جو ليکڪ هجي. سنڌي ادب جو اهو اعزاز آهي ته الطاف شيخ هن ادبي صنف کي هٿي وٺرائي نه ته اڱرين تي ڳڻڻ جيترا سفرناما ملن ها. الطاف شيخ اصل هالا جو ويٺل آهي، هو ۱۹۴۴ع ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم هالا مان پرائڻ بعد انٽرميڊيٽ ڪيڊٽ ڪاليج مان پاس ڪيائين ۽ مئرين انجينئرنگ چٽاگانگ مان ڪيائين، جڏهن ته ورلڊ ميري ٽائيم يونيورسٽي سوئيڊن مان پوسٽ گريجوئيشن ڪيائين. الطاف شيخ سفرناما لکڻ جو سلسلو ۱۹۶۸ع کان شروع ڪيو. سندس پهريون سفرنامو” منهنجو ساگر منهنجو ساحل” نالي سان آيو، جيڪو خطن جي روپ ۾ لکيل سفرنامو آهي. الطاف شيخ جو هي سفر يوگوسلاويا ويندي لکيو هو. هي سفرنامو سهڻي پبليڪيشن حيدرآباد پاران ۱۹۶۹ع ۾ ڇپايو ويو. “بندر بازاريون” ۱۹۷۴ع ۾ سفرنامو ٿائيلينڊ، سنگاپور ۽ ملائيشيا بابت آهي. “جاني ته جهاز ۾” ۱۹۷۲ع جي شروعاتي سفرن تي لکيل آهي. “پيار جي گهُٽ” آفريقه ڏانهن ڪيل سفر جي ڪٿا ۽ ڪهاڻين جي شڪل ۾ ۱۹۷۱ع ۾ ڪتاب آيو. “وايون وڻجارن جون” ۱۹۷۰ع کان ۱۹۷۳ع تائين چين ۽ هانگ ڪانگ جو سفرنامو آهي. “نيو هالا کان نيويارڪ” سندس آمريڪا، ڪئنيڊا ۽ ويسٽ انڊيز جي سياحت تي ٻڌل سفرنامو آهي جيڪو هن ۱۹۶۸ع کان ۱۹۷۲ع تائين لکيو. “بندر ديسان ديس” لطاف شيخ جي ابتدائي سفرنامن مان هڪ آهي جيڪو جپان، ڪوريا، هانگ ڪانگ، چين، ٿائيلينڊ ۽ ملائيشيا جي ملڪن جو سفرنامو آهي. “مڪليءَ کان ملاڪا تائين” الطاف شيخ جو ملائيشا جو سفرنامو آهي. “سي ئي جوڀن ڏينهن” الطاف شيخ جو ۱۹۷۷ع ۾ سريلنڪا جو لکيل سفرنامو آهي. “جت جر وهي ٿو جال” ملائشيا جو سفرنامو آهي. “ملائشيا ۱۲ سال بعد” ملائشيا جو سفرنامو آهي. “ڪولالمپور ڪجهه ڪوهه” به ملائشيا جوسفر نامو آهي.”نه سي سڙهه سکاڻ” هندستان ۽ روس جو سفرنامو آهي. “ملير کان مالمو تائين” سئيڊن بابت سفرنامو آهي. “ڇاجو ديس ڇاجو وديس” مختلف ملڪن ۽ شهرن جو ذڪر آهي. “ڏيهه پرڏيهه جو سفر” ڊينمارڪ جو سفرنامو آهي. “وسي ٿو وڏڦڙو” مختلف مضمونن ۽ سفرنامن جو ڪتاب آهي. “هي دو ٻيٽ هيءَ ڪنارا” هيءُ ڪتاب دنيا جي ڏهن وڏن ٻيٽن بابت لکيل آهي جيڪي ڪئناڊا، انڊونيشيا ۽ جپان وغيره جا آهن. “اوهريا جي عميق ڏي” سنگاپور، ملائشيا، بئنڪاڪ ۽ هانگ ڪانگ جي سفر بابت ڪتاب آهي. “ههڙو ڪو ٻيو ڌنڌو” انڊيا، سريلنڪا، سنگاپور ۽ جپان جو سفرنامو آهي. “هلي ڏسجي هندستان”، “بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾” ۽ “دهلي جو درشن” انڊيا جا سفرناما آهن. “ايران ڏي اڏام” ايران جو سفر “هليو آ ملائشيا” ملائشيا جو، “ممباسا شيدي باڇا همباشا” آفريڪا جو، “ اڇن جو ملڪ ۾ اسين ڪارا” سئيڊن جو، “بخشو لغاري کان بالٽيمور تائين” آمريڪا جو، “اي جرني ٽو ٿائيلينڊ” ٿائيلينڊ جو، “اي روڊ ٽو مدينه” ۽ “ڀلي پار تان ڀيرو” سعودي عرب جا، “سنگاپور ويندي ويندي” سنگاپور جو، “ڪويت ڪنارا” ڪويت جو، “جپان جن جيءَ ۾”، “ڳالهيون تنهن جپان جون”، “جپان رس” “جپان ۲۵ ورهين بعد”، “ٽوڪيو جي گيشيا گرل” جپان جا، “ڪراچي کان ڪوپن هيگن” “آفريڪا جو، “ارائونڊ دي ورلڊ” مختلف ملڪن بابت سفرناما آهن. مٿين سفرنامن مان ڪيترائي اردو ٻوليءَ ۾ ترجمو پڻ ٿيا آهن جيڪي “ايران ڪي دن”، ڪراچي سي ڪوپن هيگن”، “ملائشيا ڪي دن” ۽ “سمندر ڪي دن” وغيره شامل آهن. الطاف شيخ سفرنامن کان علاوه اخبار ڪالم، ڪهاڻيون ۽ ترجما پڻ ڪيا آهن. هن لکڻ جي شروعات به ترجمن سان ڪئي هئي. سنڌي ادب ۾ تحريري چاشني جو مزو الطاف شيخ جي سفرنامن مان ملي ٿو. هن جا سفرناما فقط گهمڻ ڦرڻ جو تذڪرو ئي ناهن پر انهن هنڌن جي ڪهاڻي به آهي. الطاف شيخ سڄي دنيا ۾ جتي به ويو آهي اتي هن سنڌ کي ياد ڪيو آهي. هو سنڌ جو سچو سيلاني آهي. پرڏيهه ويندڙ سنڌي سندس سفرنامن مان ڄاڻ ۽ رهنمائي وٺندا آهن. الطاف شيخ جي سفرنامن کي فقط گھمڻ ڦرڻ وارا لمحا قلمبند ڪرڻ نٿا چئي سگهون، ڇاڪاڻ ته ھن وٽ سفرنامي لاءِ نئين ڄاڻ، انھيءَ ھنڌ جي تاريخ سان گڏ وجه شھرت، تھذيب ۽ ماڻھن جي معلومات پڻ ملي ٿي. ڪيترائي اھڙا ملڪ ۽ شھر آھن جيڪي عام ماڻهو گھمي ڦري اچن ٿا. ڪي اديب سفرناما به لکي اچن ٿا پر قومن جي رھڻي ڪھڻي کان وٺي انھن جون ريتون رسمون صرف الطاف شيخ جي سفرنامن ۾ ملي ٿو. سنڌي ادب جي اھا خوش قسمتي آهي، جنھن کي الطاف شيخ جھڙو اديب مليو. جيڪڏهن الطاف شيخ انگريزي يا اردو ٻولين ۾ سفرناما لکي ھا ته ھو عالمي سطح تي پذيرائي حاصل ڪري وٺي ھا، پر هن پنھنجون خدمتون سنڌي ٻوليءَ لاءِ پيش ڪري، اسان جي ادب کي سفرنامي جي صنف سان مالدار بڻايو. (روزاني ايڪتا ڪراچي اڱارو، ۱۴ نومبر ۲۰۲۳)
استاد بخاري روشن پيشاني پروفيسر نذير احمد سومرو ۱۹۵۰ع واري ڏهاڪي جو زمانو آهي. دادوءَ ۽ ڦلجي اسٽيشن جي ٻن والي بال ٽيمن جي وچ ۾ دادوءَ ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي. ڦُلجي اسٽيشن، والي بال کيڏڻ لاءِ جيڪا ٽيم آيل آهي ان ۾ هڪ قداور نوجوان، دلڪش مهانڊن، خوبصورت اکين ۽ پاڪستاني فلمي بنگالڻ اداڪاره شبنم وانگر نڪ جي چوٽيءَ تي ڦڙو رکندڙ، والي بال راند ۾ سينٽر تي بيهي راند اهڙي مهارت سان کيڏي ٿو جو ڏسندڙ وَرُ وَرُ ڪري تاڙين جي ڦهڪن ۾ کيس داد ڏئي رهيا آهن. مخالف ٽيم جا رانديگر، دل ئي دل ۾ خار کائي رهيا آهن. ڪير پيو ڄاڻي ته والي بال ۾ سينٽر تي بيهي مهارت سان راند ڪندڙ، جمپ ڏئي والي هڻندڙ نوجوان ۽ ڦلجي اسٽيشن جي ڀرسان هڪ ننڍڙي ڳوٺ غلام چانڊيو جو هي پرائمري ماستر، اڳتي هلي سنڌي شاعرن جي راند يعني شاعريءَ ۾ به ساڳي سينٽر واري جاءِ والاريندو ۽ سندس فڪرانگيز، سادن لفظن واري شاعري، سندس لئي ۽ مخرج سان شاعري پڙهڻ جو انداز ڏسي پاڻ کي شاعرن جي قطار ۾ شامل سمجهندڙ متشاعر ته ڇا پر چڱا ڀلا شاعر دل ئي دل ۾ خار کائيندا/ريس ڪندا ته اهڙي پذيرائي کين ڇو نه ملي؟ اهو رانديگر استاد بخاري هو. اُستاد بخاري پنهنجي ڳوٺ ۾ چار درجا پرائمري پڙهيا ۽ باقي تعليم سنڌي ڪاميٽي (فائينل) جو امتحان ڦلجي مان پاس ڪري، پرائمري اُستاد مقرر ٿيو. قدرت طرفان جيڪي کيس سوغاتون عطا ٿيون، انهن منجهان موزون طبيعت به هڪ هئي. سنڌي پرائمري اسڪول ۾ پڙهندي ڪي سٽون، اُمالڪ پنهنجو پاڻ سندس ذهن ۾ ٺهي پونديون هيون ته هيءُ اُنهن کي چپن ۾ جهونگاريندو هو. ڪيئي دفعا کيس خيال آيو؛ ”اُهي سٽون ڪنهن ٻئي شاعر جون آهن، جن کي هو جهونگاري رهيو آهي.“ جڏهن انهيءَ تي ويهي ويچار ڪيائين ته اُهي سٽون هن (اُستاد) ڪنهن به ماڻهوءَ جي واتان ٻڌيون ناهن. پو باقي ڪنهن جون آهن؟ سوچي سوچي پاڻ کي ئي جواب ڏنائين؛ ”اهي سٽون ڪنهن ٻئي جون ناهن، پر سندس ئي آهن.“ ڪيئي ورهيه پرائمري اُستاد رهڻ کانپوءِ، ڪجهه وقت لاءِ خيرپور ناٿن شاهه ۽ سيتا اسٽيشن جي هاءِ اسڪولن ۾ انگريزي ماستر ٿي رهيو. سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪرڻ کانپوءِ ۱۹۷۶ع ۾ بي ايڊ جي بنياد تي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ پهريون ڀيرو ليڪچرار مقرر ٿيو. ون-يونٽ جو دور هيو. سنڌ کي انتظامي طور، لاهور سان ڳنڍيو ويو هئو. هر کاتي جي مکيه آفيس لاهور ۾ هئي. ليڪچرارن کي مستقل بنائڻ لاءِ اولهه پاڪستان پبلڪ سروس ڪميشن کين لاهور ۾ زباني امتحان ڏيڻ واسطي گهرايو. اُستاد بخاري به پاڻ سان، ماهوار نئين زندگي ۽ ٽه-ماهي مهراڻ جا اُهي شمارا، جن ۾ سندس ڪلام شايع ٿيل هيو، کڻي ڪميشن جي چيئرمين ۽ ميمبرن/ سيڪريٽري جي سامهون وڃي ويٺو. انهن ڏينهن ۾ شاهه محمد فيض محمد تونيه (المعروف ايس. ايف تونيو) اولهه پاڪستان جي پبلڪ سروس ڪميشن جو سيڪريٽري هيو ۽ چڱو ادب دوست ماڻهو هيو. ويتر جو پنهنجي عزيز ۽ شاعر الله بخش تنيو عرف ا - ب - ت ميروخانيءَ سان دوستي هيس، تنهن ڪري کيس شاعريءَ جو چسڪو پڻ آيل هيو. الف- ب – ت، اصل ۾ضلعي لاڙڪاڻي (هاڻي قمبر-شهدادڪوٽ) جي هڪ واهڻ نما ڳوٺ، ميروخان جو هيو. تونيه صاحب، اُستاد بخاريءَ کان نئين زندگي ۽ مهراڻ جا پرچا وٺي، ٿوري ورق گرداني ڪري ميز تي رکي، سڌي طرح اُستاد بخاريءَ کي مخاطب ٿيندي چيو؛ ”ورقن تي ڇپيل ڪلام پڙهي ضرور مزو ايندو پر اسان ڪلامِ شاعر، بزبانِ شاعر، جو حِظ ۽ لطف وٺڻ ٿا چاهيون. ان ڪري تون پنهنجي شاعري پنهنجي آواز ۾ ٻڌاءِ.“ اُستاد بخاري کين پنهنجو ڪلام ٻڌايو. جنهن تي هڪ سنڌي ميمبر کيس چيو؛ غزل جون هي سٽون جهونگاري ٻڌاءِ. پڇيــو يـارن ته عقبيٰ ٿي کپـــــي يا هيءَ دُنــــيا چيـم؛ آزادگي، نه هو گهــرجي نه هي گــهــــرجي. الائـي ڇـــا جــو ڇـا ويـٺـا ڏســئـــون ڇـــــا ســــوچـــيــون ويـــٺــا صـدي ويهيـن جي انســانن کـــــي ڪهــڙي شــيءِ نه ٿي گهرجي. اُستاد کان شاعري ٻڌڻ کانپوءِ ڪميشن جي چيئرمين، کانئس ڪجهه سوال پئي ڪيا ته ايتري ۾ سنڌيءَ جو معروف شاعر، بشير مورياڻي جيڪو تن ڏينهن ۾ لاهور سيڪريٽريٽ ۾ ملازم هيو، سو ڪنهن سرڪاري ڪم سانگي اندر داخل ٿيو ۽ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين کان ڪجهه ڪاغذات صحيح ڪرائي، جيئن مڙيو ته اُمالڪ اُستاد بخاريءَ تي نظر پيس. کيس کيڪاري ڪميشن جي چيئرمين ۽ ميمبرن کي مخاطب ٿيندي چيائين؛ ”مان توهان جي آڏو ڪيتري قد بت جو شاعر آهيان.“ ويٺلن چيس؛ ”خير ته آهي؟“ چيائينِ؛ ”اُستاد بخاريءَ کان ڪهڙو انٽرويو ٿا ڪيو/وٺو. هي ته مون کان به تمام وڏو/گهڻو ۽ سٺو شاعر آهي.“ جنهن تي چيئرمين چيس؛ ”هن جو ڪلام ٻڌي محسوس ٿئي ٿو ته واقعي وڏو شاعر آهي. اسان سندس ڪلام ٻڌڻ لاءِ کيس ويهاريو آهي.“ استاد بخاريءَ جي شاعريءَ ۾، اسان کي وقت ۽ عشق جا ايترا ته سحر انگيز شيڊس ملن ٿا، جن جي رنگينيءَ کان آزاد ٿيڻ سولو ناهي. سندس شاعريءَ ۾ هڪ اهڙي مثبت ايپروچ آهي، جنهن جو تعلق روح جي گهراين سان آهي. ان ڪري هڪ پڙهندڙ/ٻڌندڙ، پنهنجو پاڻ ئي بي خوديءَ ۾ اچي، پاڻ کي اُستاد بخاريءَ جي شاعري واري سحر/جادوءَ جي پنجوڙ ۾، جڪڙيل محسوس ڪري ٿو. اُستاد جا خيال، جڏهن شاعريءَ جو روپ وٺن ٿا، تڏهن ان جي وهڪري ۾ غضب جي رواني ملي ٿي. لڳندو آ ته ڄڻ ڪو آبشار وهندو هجي، جنهن جي پاڻيءَ ۾ بي اختيار رواني، نغمگي ۽ موسيقيت هوندي آهي. هن بي چين روح (استاد بخاري) پنهنجي شاعريءَ جي هر صنف ۾ هڪ الڳ ۽ مختلف ذائقو برقرار رکيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو، سندس هر شعر، دل ۽ دماغ کي ڇهي وڃي ٿو. اُستاد بخاريءَ جي لهجي ۾، ميٺاڄ ۽ نواڻ، سوز ۽ گداز آهي. محبوبن جا ماڻا ٽاڻا، حبيبن جي غفلت، رقيبن جي نفرت، سنڌ جي حقن تي لڳل ڌاڙا، سندس شاعريءَ جا اهم موضوع ۽ حصا آهن. ڌرتيءَ جي پڪار، هڪ سچي شاعر کي پاڻ ڏانهن سڏيندي رهي ٿي. ائين اُستاد جو پيار به ڌرتي سان واڳيل هيو. اُستاد بخاريءَ جي شاعري، پنهنجي ڌرتيءَ سان پيار جو عڪس ۽ اولڙو آهي. سنڌ، سنڌي ثقافت ۽ شين (ٿر جي واري، چلڪي واري) سان کيس جنون جي حد تائين پيار هيو. بلڪ اهي سڀ، سندس ڪمزوريون هيون. هاڻي ته هر ڪو، لئيءَ مان لٺ ڀڃي، قومي شاعري تڪبنديءَ جي صورت ۾ ڪري، پاڻ کي قومي شاعر سڏائڻ جا جتن پيو ڪري. پر ون-يونٽ جي دور ۾، جڏهن سنڌ جو نالو وٺڻ ڏوهه هيو ۽ نادري حڪم اچي پهتا؛ ”خبردار! آئنده، سابقه سنڌ لکيو ۽ پڙهيو وڃي!“ تڏهن جيڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا شاعر، سنڌ جي ڳالهه ڪندا هيا، تن مان استاد بخاري به هڪ هيو ۽ آهي. استاد جي قومي شاعري، مثلًا: جيجل ڏنم، جنهن ۾ لولي، سنـــڌي ٻـــولي، قومي ٻـــولي. کيس سنڌ جي شاعرن جي هجوم مان الڳ ڪري سندس منفرد سڃاڻپ قائم ڪري ٿي. اڄ جا کوڙ سنڌي شاعر، اهڙا به آهن، جيڪي استاد بخاريءَ جا مقلد ۽ پيروڪار آهن. نه رڳو شاعريءَ جي موضوع ۽ طرز، احساس جي حد تائين پر شعري هيئيت، ڊڪشن ۽ طرزِ بيان جي لحاظ کان پڻ. مثال طور؛ تاجل بيوس ته اُستاد بخاريءَ جي شاعريءَ منجهان، سٽن جون سٽون کنيون آهن. ڪنهن جي ميار ملڻ تي، نيٺ تاجل کي ائين چوڻو پيو؛ بيوس مان، بخاري نه ٿي پوي. استاد بخاريءَ جي عشقيه شاعري پنهنجي خداداد فڪر ۽ ڏات سان جيڪو حسن ۽ لطف پيدا ڪيو آهي، ان ۾ هڪ عجيب لذت، حِظ ۽ مزو آهي. ان ۾ به رنگيني پيدا ڪئي اٿس. جنهن ۾ ڪو پيغام آ، ڪو مقصد آهي. هن جي شاعري، اڄ جي ٺڙڪو سنڌي شاعرن وانگر، محض سطحي جذبن جي بي مقصد اظهار جو نالو ڪونهي. نه ئي لفظن جي گورک ڌنڌي جو نالو آهي، جنهن مان ڪا به معنيٰ نه نڪري سگهي. قدرت طرفان ملندڙ سوغاتن مان شاعري به قدرت جي مليل هڪ حسين ۽ خوبصورت سوغات آهي. هر شاعر جي حصي ۾ اها سوغات ڪا نه آئي. شاعري به پاڻيءَ جي تيز وهڪري ۽ روانيءَ جيان آهي. شرط اهو آهي ته، پاڻيءَ ۾ ڪنهن جو پير کپي!! استاد بخاريءَ ڀيري، شاعريءَ جي معاملي ۾ قدرت وڏي فياضيءَ کان ڪم ورتو. علمي ادبي حلقن کانسواءِ، عوام ۾ اُستاد بخاريءَ کي وڏي پذيرائي ۽ عزت، شهرت ۽ محبت ملي. ڇاڪاڻ ته سندس شعر، مشاهدن ۽ تجربن، انساني جذبن ۽ اڌمن جي ڳالهائيندڙ ٻولهائيندڙ تصوير بڻجي پيا هيا. کيس پنهنجي شاعريءَ ۾ روز مره استعمال ٿيندڙ ۽ ٻهراڙي جي لهجي ۾ بگڙيل لفظن، محاورن/ تشبيهن کي ماهرانه انداز ۾ استعمال ڪرڻ جي ڏات مليل هئي. هُونءَ ته کوڙ مثال آهن، جيڪي سندس شاعريءَ مان ڏئي سگهجن ٿا پر هتي آءٌ فقط هڪ اڌ مثال ڏيان ٿو. (هتي سندس اشارو ون-يونٽ ڏانهن آهي) هڪ پڃرو ٻيو، پَــرَ به ڪٽيائين هــــاڻــــي مـــري ويـــاســـين، ماتو ٿَـــــــرَ تـــــــي آ، مــــــارن تـــــي نـــاهي خـــــان عـــــمـــر تــــنـــهــــن جــو کــاتو اڻ گهڙيا ۽ ڪرخت لهجي وارا لفظ، جڏهن استاد بخاريءَ جي شاعريءَ ۾ فٽ ٿين ٿا، تڏهن اُهي محرڪ ۽ هڪ زندهه حقيقت بڻجي پون ٿا. اُستاد بخاريءَ جي سموري شاعري، سندس الڳ سڃاڻپ بڻجي وئي آهي. سندس شاعريءَ ۾ ڪتب آندل لفظ، پاڻ ئي ڳالهائيندا ۽ چوندا؛ ”اسان استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جا حصا آهيون.“ ۱۹۶۴ع ۾ اُستاد بخاري، گورنمينٽ هاءِ اسڪول خيرپور ناٿن شاهه ضلع دادوءَ ۾ اُستاد هيو. تڏهن اسڪول جي ڀرسان، خالي ميدان تي ڀيلن/باگڙين جي هڪ قافلي اچي پنهنجو ديرو ڄمايو. ان خانه بدوش ٽولي ۾ هڪ ٺهندڙ قد سان، ڀريل بدن ۽ ڳلن واري، چڻنگ جهڙو ٻرندڙ رنگ ۽ بوسڪيءَ جهڙو بدن رکندڙ، ڪارين ڪجلي نيڻن واري، ڪاري ٻاٽ اونداهي جهڙا ڪارا ۽ ڊگها وار رکندڙ، جوانيءَ جي ڏاڪڻ جي پهرين ڏاڪي تي قدم رکندڙ، هڪ نازن ڀري ڀاڳ ڀري به هئي. ان آهو چشم جي اک، پنهنجي ئي قوم جي ڪنهن نوجوان سان اٽڪي پئي. ڳوٺن ۾، افواهن وانگر ۽ شهرن ۾ اخبارن جيان، اها خبر ڀاڳڀريءَ جي ڀاءُ جي ڪنن تي به پئي. نتيجي ۾ ڀاڳ ڀري، ڪهاڙين جو بک ٿي وئي. اهو پهريون واقعو هيو جو ڀيل/باگڙي قوم جي ڪنهن فرد، ڪا عورت ڪاري ڪري ماري هئي. ان دردناڪ واقعي اُستاد بخاريءَ جي دل کي ڌوڏي ۽ لوڏي ڇڏيو. اُستاد بخاريءَ، هڪ شاهڪار نظم لاش جي عنوان سان سِرجيو. نظم جي لاءِ انگريزي شاعر ڪيٽس جون هي سٽون ڄڻ اُستاد بخاريءَ جي نظم جون عڪاسي ڪن ٿيون. ڪيٽس چوي ٿو؛ ”نظم کي فطري طور، ائين وجود ۾ اچڻ کپي، جيئن ڪنهن وڻ تي پَنَ.“ اُستاد بخاري جو نظم چوي ٿو: هڪ طرف هن جي خطا ڦٿڪي پئي ٻي طرف هـــــن جــي وفـــا ڦــٿڪي پئي ڪا گهڙي کن ڄڻ فضا ڦٿڪي پئي هـــــڪ ســـزا وار ۽ ســــزا ڦــــٿـــڪـــي پـــئي هـــــو جــــنــــازي جـــــي مــــٿـــــان مــيرو لٽو ريــــشــــمـــي چــــادر نه ڪـــو پَــــٽَ جو رئو ۽ بــــــــدن نــــازڪ مــــٿــــان کــــهـــرو کــــٿو لاش هـــــي ڪنهن ڪنوار جو آ ڇا پتو؟ ڇــــــو تـــــه هـــــوءَ........... ڪــــــاري هـــــئـــي. اُستاد بخاريءَ جو شعري سفر، امڪانن جي نئين دنيا جو هڪ خوشگوار اضافو آهي. هن سنڌي شاعريءَ جي اُفق جي روشنين ۾، اضافو ڪيو. هن جي شاعريءَ ۾ بيچيني ۽ بيقراري، تڙپ ۽ احساس جي ڪرب سان گڏ، صوتي ترنم به موجود آهي. هن زندگيءَ کي سوچيو ۽ سمجهيو. هيءُ جڏهن مشاعرن ۾ اسٽيج تي بيهي ترنم سان شعر پڙهندو هيو ته نعرن جي پنڊال جا شاميانه به اُڏڻ لڳندا هيا. سندس سموري شاعري، سندس دردمند دل جي ڪري درديلي آهي. سندس سامهون، سنڌ وڏا قهر ۽ ڪلور ڏٺا. زندگيءَ جي اعليٰ قدرن جو خون ٿيو. طبقاتي نظام جي ڪري، انسانذات ۽ ماڻهپي جي تذليل ٿي. اهو سڀ ڪجهه اُستاد بخاريءَ ڏسي، پنهنجي شعرن ۾ اهڙيءَ طرح سمائي پيش ڪيو جو غم جانان به غم دوران بڻجي پيو. محترمه بينظير ڀٽو (شهيد -۲۷ ڊسمبر ۲۰۰۷ع لياقت باغ، راولپنڊي) جڏهن ٻيو ڀيرو پاڪستان جي وزيراعظم بڻي ته سندس دور ۾ استاد بخاريءَ جي ياد ۾، دادوءَ جي ڊگري ڪاليج کي اُستاد بخاريءَ سان منسوب ڪري، اُستاد بخاري گورنمينٽ ڪاليج دادو ڪيو ويو. اُستاد بخاريءَ جي مقبوليت جو دائرو، ڏينهون ڏينهن وڌندو وڃي ٿو. ڪنهن زماني ۾ انگريزي شاعر شيلي هڪ ٻئي انگريز شاعر بائرن کي جن لفظن ۾ ياد ڪيو هيو، سندس ساڳيا الفاظ آءٌ اُستاد بخاريءَ لاءِ لکان ٿو: The Pilgrim of Eternity, whose fame Over his living head like sky is bent. ابديت جو پانڌيئڙو (زائر)، جنهن جي شهرت سندس روشن پيشانيءَ مٿان، آسمان وانگر نڇاور آهي. استاد بخاري ڪجهه يادون پروفيسر نذير احمد سومرو پاڪستان ٺهئي کي ٻه چار سال مس گذريا آهن. سنڌ ۾ جيڪب آباد وارو تاريخي ۽ روايتي ميلو زور شور سان شروع ٿي چڪو آهي. ميلي ۾ ڏينهن واري ماڻهن جي پيهه کان وڌيڪ رات جو ٿيندڙ، سنڌي مشاعري جي پنڊال ۾، ماڻهن جي رش ۽ رونق گهڻي آهي. جنوريءَ جا سُڪا سيءَ پئجي رهيا آهن. سيءَ کان بچڻ لاءِ، هر ڪو ماڻهو پاڻ کي گرم ڪپڙن ۾ ويڙهيو سيڙهيو ۽ لڪيو ويٺو آهي. مشاعري ۾ سنڌ جي سڀني ضلعن جي ننڍن وڏن شهرن کان نوان ۽ پراڻا، ڪهنه مشق شاعر آيل آهن. ضلعي دادوءَ جي شهر ڦلجي اسٽيشن کان ٻه ٽي ميل پري هڪ ڳوٺ غلام چانڊئي کان قدآور، سُهڻي مُنهن مهانڊي سان هڪ نوجوان شاعر، مشاعري جي پهريون ڀيرو ڪوٺَ ملڻ تي، اڳينءَ قطار جي ڇيڙي ۾، آخري ڪُرسيءَ تي ڪنڊائتو ٿيو ويٺو آهي. ڪجهه شاعرن کان پوءِ، پراڻي رنگ جو معروف شاعر سيد احسن الهاشمي شعر پڙهڻ لاءِ اسٽيج تي اچي ٿو. سيد احسن الهاشميءَ جي شعر پڙهڻ کان ئي پنڊال ۾ واڪا، نعرا ۽ وري چئه، ٻيهر ٻڌاءِ جا آواز ٻڌي، غلام چانڊئي کان آيل نوجوان شاعر دل ئي دل ۾ چوي ٿو؛ ”ههڙي طاقتور شاعري ٻڌي، اسان پارن نَونَ شاعرن جي شاعري ڪير ٻڌي، اهڙو داد ڏيندو؟ هنن سٺن شاعرن جي درياءَ واري تيز وهڪري (شاعريءَ) ۾ اسان پارن شاعرن جا پير ڪٿي ڄمندا؟“ پنهنجو پاڻ سان پهه ڪري ٿو؛ ”آئنده شاعري ڪرڻ کان بس ڪئيسون. رڳو اڄوڪي رات خير سان گذري.“ پنهنجن ئي خود ساخته سوالن جي مونجهارن ۾ ڦاٿل نوجوان شاعر کي، اسٽيج سيڪريٽريءَ شعر پڙهڻ لاءِ مٿي گهرايو. هو تحت اللفظ ۾ شاعري ٻڌائي ٿو ته پنڊال ۾ موجود ماڻهن جي زوردار تاڙين ۾ کيس داد ملي ٿو. جنهنڪري سندس مَنَ کي، وڌيڪ شعر پڙهڻ لاءِ آٿت ملي ٿو. هو غزل ٻڌائي ٿو؛ رات کــــــــــــڻــــــــــــي آئــــــــي اڌ رات، مون ڏي سوچڻ جي سوغات چــــــئــــن گهڙين ۾، ڪهڙي چُرپُر، چـــــــــوڳــــــو، چــــــاهت، اُڏرڻ، لات گھُگهه اونداهين ڏي، جو گھُوريان، جوت ڪــــــري پئي مُرڪي؛ هات تـــــنـــهــنـــجـــو هــــي انــــداز اســــتاد تـــــــوبـــــهه! مُـنهن جي ناهي بات ان مشاعري جي ويهن ورهين کانپوءِ، نئين پاڪستان جي جشن جي موقعي تي سڄي پاڪستان ۾، عوامي راڄ جي حوالي سان فنڪشن ٿيا. ائين لاڙڪاڻي ۾ به جشن جمهوريت جي حوالي سان جناح باغ ۾ هڪ ادبي فنڪشن، ٽيويهين سنڌي ادبي ڪانفرنس ۽ مشاعرو ٿيو. مشاعري ۾ مرحوم غلام محمد گرامي، شمشير الحيدري، دادن فقير کان وٺي استاد بخاريءَ ۽ سيد احسن الهاشميءَ شعر پڙهيا. هن مشاعري جي صدارت مخدوم طالب الموليٰ ڪئي. رات جو دير سان جڏهن ننڊاکڙي ماحول ۾ استاد بخاريءَ کي شعر پڙهڻ لاءِ سڏ ڇا ٿيو، سامعين جي اکين مان ننڊ پَرَ ڪر اُڏامي وئي. سندس شعر پڙهڻ جي موٽ ۾ تاڙين جي ڦهڪن، چوڙين جي ڇمڪن، هُوڪرن ۽ نعرن جي آواز، اسٽيج کي به لوڏي وڌو ۽ اُن رات مشاعرو استاد بخاري لُٽي ڦُري ويو. جڏهن استاد بخاري لهڻ واري پئي ڪئي ته؛ ونس مور، هڪ دفعو ٻيهر، ترنم سان. اهڙن آوازن اُستاد بخاريءَ کي ٻيهر شعر پڙهڻ لاءِ هَر هَر موٽايو پئي. اُستاد بخاري شعر پڙهي، جڏهن اسٽيج تان لٿو ته سيد احسن الهاشميءَ، خوشيءَ وچان اُستاد بخاريءَ کي ڀاڪر پائي چيو؛ "واه اُستاد، شاعري به تنهنجي ۽ شاعر به تون، اسين پارا کوڙ شاعر...!!" لاڙڪاڻي کان ڳوٺ پهچڻ تي، کيس مخدوم طالب الموليٰ صاحب خط ذريعي، هالا يا حيدرآباد اچڻ لاءِ، نينڍ ڏيندي لکيو؛ "جڏهن به حيدرآباد اچڻ ٿئيو ته قرب ڪري هن فقير (طالب الموليٰ) جي آستاني تي ليئو پائڻ نه وساريندا. جيڪڏهن اچڻ جي پڪ ڏيو ته صرف ريل گاڏيءَ جي ڪوٽڙيءَ اسٽيشن تي پهچڻ وارو وقت ۽ ڏينهن لکي موڪليندا. جيئن هن فقير لاءِ اهو اعزاز ٿئي ته پاڻ ريلوي پليٽ فارم تي توهان جي آجيان لاءِ موجود هجي." اُستاد بخاريءَ اهو خط پاڻ سان، مرڻ گهڙيءَ تائين، قيمتي چيزن وانگر ساهه وانگر سانڍي رکيو. دادوءَ ۾ نوڪريءَ دوران، استاد بخاريءَ سان شام جو ڪچهريون ڪرڻ، روزاني جو معمول هو. آءٌ ساڻس وڌيڪ هُجائتو به هوس. هڪ دفعي کانئس پڇي ويٺم؛ "بخاري صاحب، هڪڙو سوال ڪريان؟" چيائين؛ "سڄي عمر سوالن منجهائي رکيو آهي. الائي ڪهڙو سوال ذهن ۾ اٿئي؟" چيومانس؛ "هي جو سنڌ ۾ وڏو غوغاءُ متل آهي ته سنڌ جو وڏو شاعر ڪير آهي؟ اياز يا اُستاد؟ توهان جو پنهنجو ڇا خيال آهي ته ڪير وڏو شاعر آهي؟ توهان يا شيخ اياز؟" چيائين؛ "نذير، تو ڏاڍو سٺو سوال ڪيو آهي. حقيقت پڇين ٿو ته مان کليءَ دل سان چوان ٿو؛ اهو فيصلو تاريخ ڪندي ته ڪير وڏو شاعر آهي؟ پر شيخ اياز مون کان وڏو شاعر آهي. هُو عمر ۾ به وڏو آهي، مطالعي ۾ به وڏو آهي. پڙهيل ڪڙهيل به وڏو آهي ۽ شاعر به وڏو آهي." وڌيڪ ٻڌايائين؛ "شيخ اياز منهنجي شاعري بابت جيڪو روبرو مون کي چيو، جي اهو جيئن جو تيئن لکان ته پاڻ پڏائڻ واري زمري ۾ اچي ويندو ۽ منهنجي رقيبن کي هڪ نئون موضوع ملي ويندو." ۱۹۵۵ع دوران، ون-يونٽ اندر، سنڌ کي ضم ڪيو ويو. سنڌ جي وڏيرن پيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن ون-يونٽ جي حمايت ڪئي ته ٻئي طرف، سنڌ جو درد رکندڙ ماڻهن ۾، ٻين سميت، اُستاد بخاريءَ جي چپن تي، اندر جو اوٻر اجهو هيئن ظاهر ٿيو: ڳــــــاڙهــــا ڳوڙهــا هـــيڏهـــون، هوڏهـــــــن ڳاڙِهـــا ڳلَ هــــيڏهــــن ســـادا سُـــودڙا، هــــوڏانــــهـــن پِير پڙهـــيــل. هــــيڏهن ســــورج ساڙيا، هوڏانهــن پينگهه پلـــيل، هيڏانهن حامي ڪو نه ٿئي، هــــوڏانهن "دادا" دَلَ هـــيـــڏهـــن ڪــــارا قـــائـــدا، هـــوڏانـــهن جهل نه پل ڪهڙيءَ ڀر "اُستاد" آ، ڪنهن کي ڪهڙي ڪَلَ هــــيڏهــــن گـــــهـــوڙا گـــهل، مـــاريو مـــاريو هــــوڏنهن هڪ دفعي پڇيومانس؛ "جيڪڏهن شاعريءَ ۾ هڪ سٺي شاعر جو توهان کي نوبل پرائيز ملي ته ڪيئن ٿا ڀانيو؟" جواب ۾ چيائين؛ "مان ته هرگز هرگز 'نَوَبل پرائيز` جو انسان دشمن ڳٽ، پنهنجي ڳچيءَ ۾ ڪو نه وجهندس. مونکي ايتري بم بارود جي ڌپ ايندي جو منهنجو ساهه ٻوساٽجي ويندو! ڇاڪاڻ ته بم جو ايجاد ڪندڙ به ته نوبل ئي هيو. مون ته سڄي عُمر بم ۽ بارود جي خلاف لکيو ۽ شاعري ڪئي آهي." هڪ دفعي پنهنجي ٻاروتڻ جي يادن واري ڪتاب جو ورق ورائيندي ٻڌايائين؛ "ننڍڙو هوس ته رات جو سمهڻ وقت، مون کي سهرا يا گيت ٻڌڻ کانسواءِ ننڊ ڪو نه ايندي هئي. امڙ سانئڻ رات جو مون کي ننڊ ڪرائڻ خاطر سهرا ٻڌائيندي هئي. هڪ دفعي رات جو امان سانئڻ هڪ سهرو ٻڌايو. جنهن جا ٻول ڪجهه هن ريت هئا؛ آءٌ ٿــــي ڀــانـــيان، راڻل منهنجي راڄ سڏايو مان ٿي ڀانيان "پنهل" منهنجي راڄ سڏايو "امڙ سانئڻ مون کي گهر ۾ پنهل ڪري ڪوٺيندي هئي. الائي ڇو مون امان سانئڻ جي چپن تي پنهنجون آڱريون رکي پنهنجي مادري زبان سرائيڪي ۾ کيس چيو؛ "امان، اَي نه ڳاءِ، ميڪون ڊڄ پيا لڳدائي." راڄ رڳو خوشين ۽ شادمانن ۾ ته ڪو نه ايندو آهي. خدا نه ڪري ته ڪنهن گهر ۾ ڪو حادثي جهڙو واقعو برپا ٿيڻ تي ۽ گهر ۾ موتي فوتي ٿيڻ تي به ته راڄ ڪٺو ٿيندو آهي نه؟" مئي مهيني ۱۹۹۰ع جي ڳالهه آهي. آءٌ ڪراچيءَ جي انچولي بس اسٽاپ، نزد يوسف پلازه تي بس ۾ سوار ٿيڻ لاءِ بيٺو هوس. اوچتو صدر کان ايندڙ هڪ بس مان آواز آيو؛ "نذير! اتي بيهه!" ڏسان ته سنڌ جو معروف شاعر ۽ پبلشر، قاضي مقصود گل لٿو ۽ ٻڌايائين؛ "چڱو ٿيو جو هتي ملي وئين. اُستاد بخاريءَ جو تو لاءِ خاص نياپو آهي. ساڻس شاليمار هوٽل ڪينٽ اسٽيشن تي ملي وڃ، جو هُو لنڊن وڃڻ لاءِ تيار آهي." مون ڳوٺ وڃڻ جو ارادو بدلائي، سڌو ڪينٽ اسٽيشن ڏانهن رُخ رکيو. ڪائونٽر تان معلوم ڪري، سڌو ڪمري ۾ ويم. مون تي نظر پوڻ سان ئي چيائين؛ "هيڏي اچڻ کان اول، توکي فون ڪيم. خبر پئي ته تون سروهين ويجهو، رپڙيءَ ويل هُئين ۽ اُتان ڪراچيءَ وڃڻو آهين. ڏاڍو سٺو ٿيو، جو ملي وئين. سڀني پرين پيارن کان موڪلائي آيم پئي ته ذهن ۽ دل جي پردي تي تون نمودار ٿئين. توکان ريءَ موڪلائڻ، ڏاڍو موڳو ڪري ڇڏيو هو." لنڊن کان موٽيو ته ٻڌايائين؛ "اڃا هڪ دفعو ٻيهر وڃڻو پوندو" ٻيهر به ٿي آيو ته پڇيومانس؛ "ٻه دفعا لنڊن مان ٿي آيو آهين، ڪا خاص ڳالهه؟" چيائين؛ "اگهو ويو هيم، ڪاش سگهو وڃان ها. البته اُن ڏينهن دل وڏي ٿي وئي، جڏهن ڊاڪٽر انور هاليوپوٽي سان گڏجي، سنڌ جو نامور اديب جمال ابڙو پڇڻ آيو. الائي ڇو جمال ابڙو سان ملڻ وقت اکيون ڀرجي آيون. لڳو ته ڄڻ منهنجي گهر جو ڀاتي، هوائن جي رستي لنڊن هليو آيو آهي." پنهنجي والده جو هي سودائي ٻچڙو، هن دنيا ۾ بي چيني، بيقراريءَ ۽ تڙپ سان زندگي گهاريندڙ، ۹ آڪٽوبر ۱۹۹۲ع تي رات جو پاڻ سان سنڌ جا سُور، محبوبن جا ماڻا ٽاڻا، رقيبن جون نفرتون ۽ هزارين سوداءَ کڻي هيئن چئي هليو ويو؛ الائي ڇا ٿيندو هن خطي جو؟ مُئو اُستـــاد ٻـــڏتر ۾ وڃان ٿو. اڄوڪي سنڌ ۾ هر ڏهن ماڻهن کان پوءِ هڪ قافيه طراز، تڪبند ۽ متشاعر شخص آسانيءَ سان ملي ويندو. جڏھن ته هڪ موزون طبع، اصلي شاعر ۽ تڪبند مُتشاعر ۽ پراوا خيال ۽ شاعراڻا جملا چورائيندڙن جي وچ ۾ جيڪو فرق آهي سو اُستاد بخاريءَ جي شاعري پڙهڻ سان معلوم ٿي ويندو. اهلِ نظر، ان کان ناواقف به ناهن. اُستاد بخاريءَ کي پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌي چوڻين ۽ پهاڪن، تشبيهن ۽ استعارن کي استعمال ڪرڻ تي وڏي دسترس (مهارت) حاصل هئي. هن گهڻو تڻو سمورين صنفن تي لکيو آهي. هن جي ڪافين ۽ گيتن ۾ غزل جهڙو رنگ سمايل آهي. اُستاد بخاريءَ جي شعرن ۾ جيڪا وسعت ۽ شدت آهي، اُها ساراهڻ جوڳي آهي. عالمي شهرت يافته ناول نگار گابريل گارشيا مارڪيز، ٻئي ڪنهن لاءِ غم جو اظهار ڪندي جيڪي جملا چيا هيا، سي مان به هلڪي ۽ معمولي ڦير ڦار سان اُستاد بخاريءَ جي لاءِ هتي لکان ٿو؛ "اُن خوبصورتيءَ جو خاتمو ٿي ويو، جنهن ويهين صديءَ جي سنڌي شاعريءَ کي، پنهنجي منفرد، روانيءَ واري شاعراڻي انداز سان، هڪ طرف کان ٻئي طرف تائين، سيراب ڪيو!" استاد بخاري خبر ناهي ته ڇا ٿيندو خطي جو! پروفيسر نذير احمد سومرو ويهين صدي پڄاڻيءَ ڏانهن وڌڻ لاءِ، آخري ڏهاڪي جي ابتدائي سال ۾ قدم رکيو ته سنڌ سان تعلق رکندڙ بخاري ڀائر (اُستاد بخاري ۽ حاڪم علي شاهه بخاري) لنڊن جي اسپتال مان سنڌ ڏانهن اُسهڻ لاءِ آتا ويٺا هئا. ڪرام-ويل اسپتال جي ڊسچارج ٿيل مريضن جي ڪمري جي ڪنهن ڪُنڊ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو رنگين ڪلام شاعر، اُستاد بخاري زندگيءَ جي پينگهه ۾ آس ۽ نراس جي وچ ۾ لڏي رهيو هو. وســــوســــو اڄ بــــه (ڀــــــي!) ٽـــــٽـــــل امـــــيــــــد تـــــي، دل جــي مــرضـــي، مـــون کـــي آهــــي اعـــتـــبــــار! حاڪم علي شاهه ڪاڳر هٿ ۾ کنيو، اُستاد جي معالج سان آخري ملاقات ڪري پڇي ٿو؛ ”وري ڪڏهن اچئون! توهان ته ڊسچارج ليٽر ۾ ٻارنهن مهينا لکيا آهن. ٻارنهن مهينن کان پوءِ اچئون ته ڪو فرق ته ڪو نه پوندو؟“ ڊاڪٽر پنهنجون اکيون کڻي نماڻائيءَ سان وراڻي ٿو: ”ٻارنهن مهينا؟... ٻارنهن مهينن جي اندر يا پوءِ، توهان کي لنڊن اچڻ جي ضرورت ئي ڪا نه پوندي. ڇاڪاڻ ته هي مريض اسين توهان کي مهمان طور ڏئي رهيا آهيون. مهرباني ڪري مريض کي ڪنهن به حالت ۾ نه ٻڌائجو... گُڊ باءِ!“ ڊاڪٽر جي زبان مان نڪتل لفظ، حاڪم علي شاهه جو اندر چيري ويا. هو ٿڙندو ٿاٻڙندو، ڳؤرن قدمن سان، انتهائي صبر جو مظاهرو ڪري، اُستاد جي ڀرسان اچي، ڳوڙها پي، چپن تي نقلي مُرڪ سجائي، ٻڌائيس ٿو: ”فڪر ڪرڻ دي ڪائي ڳالهه ڪانهي. ڊاڪٽر آکدا پئي ته تُسان ڪون هڪڙا دفعا ٻيهر لنڊن ٽيسٽ واسطي آوڻا پوئسي. اُهو به ٻارنهن مهيني ڪنون پِڇي.“ اُستاد بخاري پنهنجو ئي شعر جهونگاري ٿو: بــــجــــنــــســــي بــــاهــــه بَــــٺــــي آهــــي، مــــان چــــوان نــــه چــــوان حــــيــــاتــــي پــــوءِ بــــه مــــٺــــي آهــــي، مــــان چــــوان نــــه چــــــوان ڪـري پـئـي آڳ تـي ”مـاتـم“، تـڪـي پـئي ”عـيد“ اڳيان، ”بــــخــــاري“ زنــــدگــــي هــــيءَ آهــــي، مــــان چــــوان نـه چــــــوان ٻارنهن مهينا به نه ٿا گذرن، نئين ديري جي بازار ۾ ڪو ماڻهو ملي ٿو: ”ڳالهه ٻڌ! اُستاد بخاري سخت بيمار آهي. ڪالهه ڪجهه اديب دوست دادوءَ ويا هئا. پر اُستاد ڪو نه ملين.“ سندس باقي لفظ ڪو نه ٻڌم. اُتان ئي پويان پير ڪندو، اچي دادوءَ جي غريب آباد محلي ۾ ٽانگي تان لٿس. سامهون اُهو ساڳيو در نظر آيو، جنهن جي مٿان اُستاد بخاريءَ جو گهر جي تختي لڳل آهي. هي اُهو ساڳيو در آهي، جيڪو گهنٽي وڄائڻ تي، چپن تي مُرڪ آڻي، اندران اُستاد بخاري نڪري چوندو هو: ”اڄ ڀلا! ايڏي دير ڪيئه اچڻ ۾؟ هاڻي ته تنهنجو اوسيئڙو ختم ڪري مان به ٻاهر نڪرڻ وارو هيم. چڱو ٻه ٽي منٽ بيهه ته اچان ٿو.“ ڪا دير خاموشي ڇانئجي وڃي ٿي. دل چوي ٿي؛ ڄاڻ اُستاد ٻاهر نڪتو. ٻيهر ڌڙڪندڙ دل سان گهنٽيءَ جي بٽڻ تي آڱر رکان ٿو. ايتري ۾ پاڙي جي ڪا نينگري اُستاد جي گهر ۾ وڃي ٿي. چوانس ٿو؛ ”اُستاد کي ٻڌا ته نئون ديرو مان نذير سومرو آيو آهي.“ ڇوڪري اندر وڃي، گهر لڳ ڪمرو/ اوطاق کولي ٿي ۽ چوي ٿي؛ ”ٿوري دير لاءِ ويهو“. جهٽ رکي، ساڳي ڇوڪري مون کي ورانڊي مان وٺي، هڪ ڪمري جو در کولي ٿي. اندر وارو منظر ڏاڍو اُداس هو. هزارين ماڻهن کي مشاعرن ۾ پنهنجي شاعريءَ جي منڊ ۾ منڊيندڙ اُستاد هڏن جي مُٺ وڃي بچيو هو. هميشه جيان پذيرائي ڪندڙ اُستاد جسماني طور آجيان ڪرڻ کان لاچار هو. ان ڪري آءُ پاڻ، ساڻس ڀاڪر پائي مليم. جڏهن منهنجا ڳوڙها، سندس هٿن تي ڪريا ته چيائين؛ ”ادا سائين کي ايڏي وسعت نه ڏئي. پنهنجي ٽيپي کي ٽانڊو ته نه ڪر!“ سندس جسماني صحت کي ڏسي، اعتبار ئي نه پئي آيو ته اُستاد منهنجي آڏو ڊبل بيڊ تي ليٽيل آهي. سندس آواز ۽ اکين جي جوت ڏسي دل ۾ چوان ٿو؛ ”اُستاد ئي آهي.“ ڳالهين ڳالهين ۾ هندي فلم جي هڪ گاني جي هيءَ سٽ پڙهيائين: ”دُنيا مين ڪتنا غم هي، ميرا غم ڪتنا ڪم هي“ پوءِ چيائين؛ ”نذير! تون جلدي اُٿڻ جي نه ڪر. ڇاڪاڻ ته لڳي ٿو ته پنهنجي هيءَ آخري ملاقات آهي. وري ملڻ ٿئي الائي نه؟ اکين ۾ جوت به وڃي ٿي جهيڻي ٿيندي. حيرت آهي ته بُتن (حسينن) سان ملاقاتن جو شوق ۽ اشتياق دم ٽوڙي نه سگهيو آهي“. آلين اکين سان بي دليو ٿي کانئس موڪلائي ٻاهر نڪتم. رستي ۾ هر هر اهو خيال پئي آيو؛ ”ڇا اُستاد بخاري هن دنيا ۾ فقط چئن گهڙين جو مهمان آهي!“ اها سوچ ايندي ئي دل کي جهٻو پئي آيو ۽ اکيون ڀرجي پئي آيون. نائين ۽ ڏهين آڪٽوبر جي رات جو، ڪراچيءَ جي هڪ خانگي اسپتال ۾، ٽريفڪ جي سگنل جيان اڳ ۾ ڳاڙهي بتي ٻري ۽ پوءِ سائي. جنهن جي چمڪي سان سندس زندگي روان ٿي، الائي ڪهڙي گس کان موڙ کائي، ڪنهن هجوم ۾ گم ٿي وئي. فارسيءَ جي شاعر چواڻي؛ ”عدم جي راهه به ڪيڏي نه هموار آهي. جنهن به اُن تي قدم رکيو، وري پـٺتي ڪو نه نهاريو.“ اُستاد بخاريءَ جو شمار، سنڌ جي انهن اهم ۽ سٺن شاعرن ۾ ٿئي ٿو، جن پنهنجي فڪر ۽ فن جي اظهار لاءِ، شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي. سندس سموري شاعريءَ ۾، هڪ پاسي رومانوي جذبن جي فراواني آهي ته ٻئي پاسي زندگيءَ جي وحشي ۽ قهر آلود لمحن جو داستان آهي. اُستاد جو گيت هجي يا غزل، نظم هجي يا ڪافي، اُنهن ۾ زندگيءَ جا الڳ الڳ تجربا آهن. هن سنڌيءَ ٻوليءَ جي مانوس ۽ معروف لهجن کي، نين معنائن ۽ نين رمزن سان خوبصورت ۽ معنيٰ خيز بڻائي ڇڏيو آهي. خاص طور تي سندس نظم ۽ بيت، دوها ۽ وايون الڳ ڪيفيتن، انفراديت ۽ خوبصورت شعريت جا شاهڪار نمونا آهن. پنهنجي تجرباتي شعور کي پر اثر انداز ۾ ظاهر ڪرڻ اُستاد بخاريءَ جي هٿ وس هو. سندس شاعري، جتي پنهنجي دلڪش ترنم جي ڪري دلين کي فرحت ڏيندي هئي، اُتي هڪ عام ٻڌندڙ محسوس ڪندو هو ته اُستاد ته سندس ئي دلي اُڌمن ۽ جذبن جي ترجماني ڪري رهيو آهي. سنڌ جو ڪو به اهڙو ذڪر جوڳو مشاعرو ڪو نه آهي، جنهن ۾ اُستاد شرڪت نه ڪئي هجي ۽ پنهنجي دلنشين شاعريءَ ۽ پُرڪشش ۽ منفرد ترنم سان مشاعري کي مچايو نه هجي. اسٽيج تي سندس شعر پڙهڻ جو انداز ٻڌندڙن تي جادوءَ جو ڪم ڪندو هو. جڏهن کيس وڏن مشاعرن ۾ شعر پڙهڻ وقت، بي پناهه داد ملندو هو، تڏهن سندس همعصر شاعرن جي منهن جو پنو لهندي ڏٺم ! اهڙن ريسارن شاعرن کي ريس ڪندو ڏسي، دل ۾ دُعا گهرندو هيم ته اُستاد بخاريءَ کي (شل) زماني جي نظر نه لڳي! سنڌ ۾ ابتر حالتون ڏسي، پاڻ تڙپي پوندو هو ۽ چوندو هو؛ ”اسان سنڌين کي ڇا ٿيو جو اخلاقي ڏيوالپڻو اسان جو نشان ٿي ويو آهي.“ نئين نسل کي گمراهيءَ طرف وڌندو ڏسي چوندو هو؛ ”اسان جي قوم ڪُڪڙ قوم آهي ۽ ڪُڪڙن جيان هڪٻئي سان وڙهڻ ۾ پوري آهي.“ مٿان وري غيرن جا ڪٽڪ ۽ منشيات جو وڪرو عام جام. سنڌي سماج کي ڊانواڊول ٿيندو ڏسي، بي اختيار ٿي چيائين: ڏسيو وڻ وڻ کي، اوٿر ۾ وڃان ٿو، ڇڏي منڇر، ننڍي ڇر ۾ وڃان ٿو؛ خبر ناهي ته ڇا ٿـيـندو خـطـي جـو، مُــئــو استـــاد ٻُــڏتــر ۾ وڃـــان ٿو. اُستاد بخاريءَ جو وڇوڙو، حقيقت ۾ هڪ سٺي سنڌي رومانوي شاعريءَ جو وڏو سانحو آهي. سندس جُدائيءَ کان پوءِ، هتي ڪيترائي دلين کي ڏڪائيندڙ سانحا ٿيا. پاڻ زندهه هجي ها ته اُهي واقعا سندس دل کي ڌوڏي سندس سيني ۾ زلزلا آڻين ها. هو اُنهن کي شعرن جو روپ ڏئي ها. سندس موت جي ڪري، اسين سندس اهڙي پُر اثر شاعري ٻڌڻ ۽ پڙهڻ کان محروم رهجي وياسين. هو مُئو ڪٿي آهي! هُو ته زندهه آهي. پنهنجي ڪتابن ۾ ۽ اسانجي دلين ۾. آءُ هر روز اهو سوچيندو آهيان ته ڪنهن به موڪل واري ڏينهن، دادوءَ ويندم، غريب آباد پاڙي جي هن شاهڪار شاعري ڪندڙ شاعر اُستاد جي گهر جو در کڙڪائيندم. هو چپن تي مُرڪ آڻي ٻاهر اچي چوندو؛ ”ڇو ڀلا ايڏي دير ڪيئه اچڻ ۾؟“ (ٽه ماهي مهراڻ، سرءُ ۲۰۰۵ تان ٿورن سان کنيل) استاد بخاري سنڌ جو لافاني شاعر ابراهيم لاشاري هر سال جيان ۱۶ جنوري جي تاريخ اهڙو ته خوشين جو موقعو کڻي ايندي آهي جو هن تاريخ تي رب سائين سنڌ ڌرتي تي هڪ حساس طبيعت جي نماڻي عوامي رنگ سان سرشار ٿيل شاعر کي سيد حاجن شاهه جي گهر ۾ پيدا ڪيو جنهن جو والدين (ڇٺي) جو نالو پنهل شاهه رکيو هو جنهن کي سڀئي گهر وارا پيار منجهان (عرسو) جي نالي سان سڏيندا هئا پر جڏهن استاد بخاري نصابي تعليم جي وهي کي رسيو ته سندس والد صاحب کيس اسڪول ۾ داخل ڪرايو جتي سندس والد صاحب خوشي منجهان پتاشا ورهائي سندس احمد شاهه نالو لکرايائينس. سيد احمد شاهه بخاري ولد سيد حاجن شاه بخاري جي گهر کان ۱۶جنوري ۱۹۳۰ع خميس ڏينهن هن جهان ۾ اک کولي سندس ننڍ پڻ ۾ سندس پيءُ حاجن شاهه ِسيد جي جهوپڙي منجهه قديم زماني جا قصا، ڪهاڻيون، تاريخي واقعا ٻڌائي ذهن کي روشناس پيو ڪندو هو. ٻئي طرف سندس جيجل امڙ وري پنهنجي مٺڙي زبان سان مذهبي پرچار پئي ڪندي هئي، عمده ۽ شاندار تربيت والد جي صلاحن، امڙ جي دعائن استاد بخاري جي زندگي تي بهترين اثر ڇڏيو. استاد بخاري ۱۹۴۴ع ڌاري سنڌي فائنل پاس ڪري سال ۱۹۴۶ع ڌاري پهريان روينيو کاتي ۾ تپيدار جي نوڪري ڪرڻ لڳو پر اها نوڪري سندس طبعيت کي ڀانءِ نه پئي، جلد ئي ان نوڪري منجهان هٿ ڪڍي .تڪڙو ئي۱۹۴۷ ع ڌاري پرائمري استاد جي حيثيت سان تعليم کاتي سان سلهاڙجي پڙهائڻ لڳو. انهن ئي ڏينهن ۱۹۶۱ع ۾ مئٽرڪ ۽ ۱۹۶۳ع ڌاري انٽر، بي اي، جا امتحان خانگي طور سٺن نمبرن ۾ پاس ڪيائين ۽ وري استاد بخاري تعليم ۾ هڪ وک اڳتي وڌائيندي ۱۹۶۴ع ڌاري سنڌ يونيورسٽي مان (سنڌي ادب ۾ ايم اي) ڪيائين. پاڻ لاڳيتو ٻارهن سال پرائمري استاد ۽ ڇهه سال انگريزي استاد طور خدمتون سرانجام ڏيندي نظر آيو سال ۱۹۶۷ع ڌاري استاد بخاري گورنمنٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ سنڌي شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. اهڙي ريت استاد بخاري لاڙڪاڻو، سانگهڙ، دادو ۽ سيوهڻ ڪاليجن ۾ ليڪچرر ٿي رهي آخر ۾ دادو ڊگري ڪاليج مان اسسٽنٽ پروفيسر جي عهدي تان رٽائرمينٽ ورتائين. استاد بخاري پاڻ سنڌي ٻولي جو محبوب بهترين شاعر ۽ سندس شمار جديد شاعرن جي صف ۾ سڀني کان مٿي ٿئي ٿو. سندس دل دردن سان ڀريل هئي، استاد بخاري جي شاعري جي هر صنف هر موضوع سان سرشار لڳي پئي آهي استاد بخاري سونهن ۽ درد جي ڳالهه ڪهڙي نه سهڻي نموني شاعري وسيلي ڪئي آهي پاڻ چوي ٿو ته:. تنهنجي تڪ تيز نگاهن کان بچو ڪو ڪونهي ڇو ته هر تير لڳو ٺيڪ گٿو ڪو ڪونهي، عشق جي آڳ ڪچهري کي بنايو آوي، جو هتي آ سو پڪو آهه ڪچو ڪو ڪونهي، سونهن ۽ نينهن جي سڀ ڪنهن کي سڃاڻپ آهي، ايترو يار صفا ٺوپ انڌو ڪو ڪونهي. ڪو ٻري پيو ڪو ڳري پيو ڪو ڀري پيو آهون ، تنهنجي پاڙي ۾ سڄي رات ستو ڪو ڪونهي . عشق جو آند نه ڪو پاند ٻڌون ٿا استاد، سونهن جي ذات نه ڪا پات پتو ڪو ڪونهي. سندس پهريون تخلص سندس نالو احمد شاهه هو پوءِ (آسي) ان بعد (دردي) ۽ (بخاري) به استعمال ڪيائين، پر پوءِ جلدي پاڻ کي (استاد) سڏرايائين. سندس اصل سڃاڻپ ئي يعني (استاد) تخلص سان ٿي ۽ سڄي سنڌ ۾ هن مشهوري ماڻي. سندس شاعري جو لفظ لفظ غزل گيتن، محبت ،درد، پيار، امن، خوشحالي، جدوجهد ترقي جي پيغام سان ڀريو پيو آهي، استاد بخاري شاعري جي ابتدا شاگردي واري زماني ۾ ڪئي جڏهن هو اڃا پنجين ڪلاس جي تعليم حاصل ڪري رهيو هو. استاد بخاري ننڍي هوندي تمام ذهين هوندو هو اسڪول جي شاگردن ۾ به نمبر اول تي هوندو هو. جڏهن اسڪول جي اسيمبلي جو گهنڊ وڄندو هو ته پنهنجي مٺڙي مڌر آواز سان گيت هروز پيو چوندو هو. سندس ڳائڻ سان به بيحد دلچسپي هوندي هئي ۽ هڪ موسيقار جي حيثيت سان سڃاتو ويندو هوپاڻ گها گهر، يڪتارو، مٽ نهايت بهترين نموني سان وڄائڻ ڄاڻيندو هو. ان وقت جي مشهور مقبول شاعرن جي شاعري جا آلاپ پيو ورجائيندو هو. اڪثر استاد سڳورا سندس اسڪول بند ٿيڻ مهل يا وري رسيس جي مهل ڪجهه ٻول ٻڌائڻ لاءِاستاد بخاري کي فرمائش ڪندا هئا. ائين ئي سندس دل ۾ شاعري ڪرڻ جا اڌما پيا ايندا هئا ۽ پوءِ ائين شاعري ڪرڻ جو شوق جاڳيس ۱۹۴۷ عيسوي ۾ پرائمري استاد ٿيڻ جي حيثت ۾ باقاعده شاعري ڪرڻ شروع ڪيائين انهي زماني۾ ئي پنهنجو تخلص (استاد) رکيائين ۽ ان زماني کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ادبي نالي (استاد بخاري ) سان ڏيهان ڏيهه مشهور ٿيو، استاد بخاري پنهنجي شاعري جي شروعات شاگردي واري زماني ۾ ڪري چڪو هو پر علمي ادبي سرگرمين ۾ ڀرپور نموني حصو وٺڻ جو موقعو کيس ۱۹۵۰/۵۱ ۾مليو. جڏهن پاڻ مٺياڻي ٽريننگ ڪاليج مان تربيت پئي ورتي هئائين. ۱۹۵۰ع واري زماني کان وٺي گهوٽڪي مشاعرن ۾ پئي حصو ورتائين. استاد بخاري سدائين متحرڪ رهيو .سنڌ جي ڪنهن به شهر وستي واهڻ ۾ ڪو به مشاعري جي دعوت استاد بخاري کي ڏيندو هو ته هو اتي وڃي پهچندو هيوس. استاد بخاري بزم طالب المولي انجمن ،آفتاب ادب ۽ سنڌي ادبي سنگت پاران ڪوٺايل مشاعرن وغيره ۾ حصو وٺڻ سان گڏوگڏ ريڊيو ۽ ٽي وي تي مشاعرن يا وري بزرگن جي ميلن تي ٿيندڙ مشاعرن ۾ پڻ حصو وٺندو هو ۽ پنهنجي خوبصورت شاعري پيش ڪري داد پيو حاصل ڪندو هو. استاد بخاري پنهنجي زبان سان چوي ٿو ته:. دوست ڪيا سين دلداري لاءِ ڪن ٿا دل آزا ري، چنڊ جهڪيو هو جن قدمن تي چوٽ لڳي ڪاپاري، ڪوئل ڏئي ويس بلبل ڏي ويس پرواني ڏي ويس، جنهن جنهن وٽ ويس تنهن تنهن وٽ آ زاري زاري زاري، تنهنجو منهنجو ناتو رشتو ، شايد موت ڇني، هي ياري هڪ ٻي ياري آ، ناهي ماڻهن واري، اوکي بازي الفت واري ، پياري ۽ نياري، هي جن جيتي تن به نه جيتي ، هارين ناهي هاري، پيار جي عيوض پيار گهرين ٿو ، حيف اٿئي استاد، عاشق ناهين ڄڻ ڪو آهين، يار وڏو واپاري، استاد بخاري صاحب ڪيترا ئي ڪتاب لکيا ۽ انهن جا مهاڳ پڻ لکيا. استاد بخاري هڪ سادو انسان هو سندس شاعري ۾ به سادي ٻولي نروار نموني سان جاءِ بجاءِ ملي ٿي، جنهن پنهنجي شاعري وسيلي سڄي سنڌ جي ماڻهن جي احساسن جي ترجماني پڻ ڪئي آهي پهريان پهريان استاد بخاري جي شاعري غزلن ۽ ڪافين تي مبني هوندي هئي جيڪا ٽماهي رسالي (مهراڻ) ۾ پئي ڇپبي هئي. ان وقت عالم اديب مولانا غلام محمد گرامي صاحب مهراڻ رسالي جي تسلسل سان سندس شاعري ڇپائڻ ۾ حوصلي افزائي پڻ ڪئي، پوءِ وقت گذڙڻ سان گڏوگڏ آهستي آهستي سندس شاعري ۾ پختگي ايندي وئي استاد بخاري شعر جي مختلف موضوعن جهڙوڪ وائي، بيت نظم، ڏوهيڙو، رباعي، قطع ،ٽيڙو ۽ آزاد نظم وغيره ۾ به ان وقت طبع آزمائي ڪرڻ لڳو. شعر جي ٻاهرين صنفن جهڙوڪ سانيٽ، ترائيل ۽ هائڪو ۾ به استاد پنهنجو مٽ پاڻ هو ۽ جهجهي انداز ۾ شعر چيائين. استاد بخاري سچ ۽ پيار جو شاعر هو. سندس شاعري نج سنڌي لفظن سا ٽمٽار آهي اڪثر شاعري تشبيهن ۽ استعارن ۾ ٿيل آهي، کيس (استعارن جو بادشاهه) چئجي ته ان ۾ ڪو وڌاءِ نه ٿيندو. سادي ٻولي ۾ پنهنجون تشبيهون پنهنجا استعارا جنهن ۾ سنڌ امڙ جي چيڪي مٽي جو هڳاءَ هو، استاد بخاري جي شاعري رومانوي به هئي ته قومي به سندس قومي شاعري نوجوان وڏي حب منجهان ڳائيندا آهن. استاد بخاري جي شاعري جو محور سنڌ ۽ سونهن هئي، استاد بخاري شاعرن منجهه سمورن خوبين جو مالڪ هو، استاد بخاري سونهن جو پوڄاري هو، استاد بخاري جي شاعري عشق ۽ قوميت سان ڀري پئي آهي استاد بخاري پنهنجي سونهن محبت ۽ پيار ڀري شاعري وسيلي نوان جذبا نئين آٿت ڏئي قوم ۾ اتساهه پيدا ڪيو، انهن کي پنهنجي حق وٺڻ لاءِ راهه ڏيکاري ۽ پنهجي شاعري وارن ٻولن ۾ صلاح تو ڏئي ته : سون بازار مان ڳنهي وٺبو آ ، فيض مرشد کان پني وٺبو آ، جو سمجهو ته اوهان جو حق آ، حق مڙسي سان ڇني وٺبو آ، استاد بخاري سونهن جو شيدائي ۽ پيار جو فدائي هو هن پنهجي شاعري ۾ سونهن پيار کي امرتا بخشي هئي. استاد بخاري کي سنڌ ڌرتي جي سٻاجهڙن ماروئڙن سان بي لو ث محبت هئي. جنهن کي هو عبادت سمجهندو هو . جنهن جو اظهار هن پنهنجي شاعري وسيلي پڻ ڪيو پاڻ چوي ٿو ته:. پڇن ٿا سنڌ ۽ سنڌين جي ڇو تسبيح پيو سورين. چيم هڻي پڇاڙي آ، عبادت جي ضرورت آ. سندس شاعري جا ۲۵ کان مٿي مجموعا ڇپيل آهن. جن ۾ ڪوڪڻ يا ڪلياڻ، گيت اسان جا جيت اسان جي، اوتون جوتون، لهر لهر درياهه سوچون ڀڻڪا واڪا، ڪاري ڪڪر هيٺ، ڌرتي سرتي، نه ڪم نبريو نه غم نبريو، زندگي او زندگي، ولولو ۽ ووڪ، ميلا ملهالا، لهر لهر لالاڻ ،وطن ۽ ويساهه، ڳائي پيو جاڳي پيو، ماندي ٿي نه مارئي، هڙئي هيج وطن جا، تڙ تڙ تيڏيان ڳالهيان، گهڙيا سي چڙهيا، گلدستي ۾ گيت وغيره سندس ٻيو ڪافي اهڙو ڪلام جيڪوشعري مجموعن ۾ نه ڇپجي سگهيو آهي اهو مختلف اخباري رسالن ۾ ٽريل پکڙيل آهي ان سان گڏ ڪري ڇپائڻ جي ضرورت آهي، زندگي جي آخري حصي منجهه هن عظيم شاعر استاد بخاري کي بلڊ ڪينسر جي بيماري وڪوڙي وئي، پاڻ علاج واسطي ٻاهرين ملڪ برطانيا جي شهر لنڊن ما بلڊ ٽرانفريشن ڪرائڻ به ويو هو، ليڪن بيماري بستري تي سمهاري موت سندس وڌيڪ هن عظيم شاعر کي جيئڻ نه ڇڏيو آخر ڪار استاد بخاري هزارين چاهيندڙن کي هميشه هميشه لاءِ الوداع چئي شام جو ۹ آڪٽوبر ۱۹۹۲ع جمعي ڏينهن هجري سن مطابق ۱۱ ربيع الاخر ۱۴۱۳هه تي ڪراچي ۾ ۶۲ سال ۸ مهينا ۲۳ ڏينهن زندگي جا گذاري سنڌي شاعرن ۽ اهل قلم وارن کان موڪلائي لاءِ راهه رباني وڃي، مالڪ حقيقي سان مليو، سندس مرئتي جي خبر پوندي، سڄي سنڌ سوڳوار بڻجي وئي استاد بخاري هن زماني جو وڏي مان وڏو عوامي شاعر هو سندس شاعري وارن لفظن کي اڄ تائين جهر جهنگ ۾ ترنم سان ڳايو وڃي ٿو اڄ سڄي سنڌ ۾ سندس جنم ڏينهن، ۸۸ سالگرهه، نهايت عقيدت سان ملهائي ويندي، سنڌ جا سڀئي اديب سندس شاعري، شخصيت ۽ فن، فڪر تي روشني وجهندا. استاد بخاري ”زندگي تي ناهي ڪوئي ڀروسو، حسن کي پوڄي وٺو پوڄي وٺو“ ابراهيم لاشاري سونهاري سنڌ جيڪا صدين کان قدرت جي سمورن رنگن سان مالا مال لڳي پئي آهي هي ڌرتي جيڪا ولين، بزرگن، شاعرن، درويشن جو ديس سڏيو وڃي ٿي هن ڌرتي ڪيترن ئي ڏاهن علم جي اڪابرن کي وقت به وقت پنهنجي گود ۾ جنم پئي ڏنو آهي جن پنهنجي حصي جي ڪيل ڪمن ذريعي پنهنجو پنهنجي ڌرتي جو نالو هن سڄي ڏيهه ۾ جرڪائڻ ۾ ڪا ڪم ناهي ڇڏي اهڙي ريت وادي مهراڻ جي ڌرتي کي اهيو اعزاز پڻ حاصل آهي ته هن دنيا جي وڏي عظيم شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح، شيخ اياز ۽ سنڌ جي اربيلي شاعر استاد بخاري کي پنهنجي سيني تي جنم ڏنو. جن شاعري وسيلي پنهنجي من جو آواز ڪڍي پنهنجي معاشري جي ترجماني پڻ ڪئي آهي استاد بخاري جنهن جي گيتن، غزلن، نظمن جي گونجارسنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪيترن ئي سالن کان پکڙيل رهي آهي. سيد احمد شاه بخاري ولد سيد حاجن شاهه بخاري جي گهر کان ۱۶جنوري ۱۹۳۰ع خميس ڏينهن پنهنجي زندگي جو سفر ڳوٺ غلام محمد چانڊيي کان شروع ڪيو. جنهن جو والدين آذان (ڇٺي) جو نالو پنهل شاهه رکيو هو، سندس مٺڙي امڙ وري پيار منجهان (عرسو) جي نالي سان سڏيندي هئي جڏهن استاد بخاري پڙهڻ جي عمر (وهي) تي پهتو ته سال ۱۹۳۶ع ڌاري سندس والد صاحب اسڪول جي محنتي ۽ شفيق استاد (خدابخش کٽي) وٽ اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ ويهاريو تنهن زماني ۾ اسڪول جو هيڊ ماستر محمد حسن ڪوري هو اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ وقت سندس والد صاحب پتاشا ورهائي (احمد شاهه) نالو لکرايائينس. استاد بخاري جا والدين ايترا گهڻا پڙهيل لکيل ته نه هئا. پر استاد بخاري جي سار سنڀال تمام بهتر نموني سان ڪيائون، ننڍ پڻ ۾ سندس پيءُ قديم زماني جا قصا، ڪهاڻيون، تاريخي واقعا ٻڌائي سندس ذهن کي روشناس پيو ڪندو هو. ٻئي طرف سندس جيجل امڙ وري پنهنجي مٺڙي زبان سان مذهبي پرچار پئي ڪندي هئي، عمده ۽ شاندار تربيت والد جي صلاحن، امڙ جي دعائن استاد بخاري جي زندگي تي بهترين اثر ڇڏيو. استاد بخاري ۱۹۴۴ع ڌاري سنڌي فائنل پاس ڪري سال ۱۹۴۶ع ڌاري پهريان روينيو کاتي ۾ تپيدار جي نوڪري ڪرڻ لڳو پر اها نوڪري سندس طبيعت کي ڀانءِ نه پئي جلد ئي ان نوڪري منجهان هٿ ڪڍي . ستت ئي۱۹۴۷ ع ڌاري پرائمري ٽيچر جي حيثيت سان تعليم کاتي سان سلهاڙجي استاد بڻجي ويو. استاد بخاري سنڌ جي عوامي ۽ قومي شاعر طور مڃتا ماڻي، هو ڪنهن هڪ خطي يا طبقي جو نه پر سڄي سونهن ڀري سنڌ جو عوامي نمائندو شاعر هو. ۽ ائين کڻي چئجي ته استاد بخاري سڀني جو شاعر هو، سندس دل دردن سا ڀريل هئي استاد بخاري جي شاعري جي هر صنف هر موضوع سان ٽم ٽار لڳي پئي آهي استاد بخاري سونهن ۽ درد جي ڳالهه ڪهڙي نه سهڻي نموني شاعري وسيلي ڪئي آهي پاڻ چوي ٿو ته :. تنهنجي تڪ تيز نگاهن کان بچو ڪو ڪونهي، ڇو ته هر تير لڳو ٺيڪ نشاني تي گٿو ڪو ڪونهي، سندس پهريون (تخلص) آسي ان بعد (دردي) استعمال ڪيائين، پر پوءِ جلدي پاڻ کي (استاد) سڏرايائين. سندس اصل سڃاڻپ ئي يعني (استاد) تخلص سان ٿي ۽ سڄي سنڌ ۾ مشهوري ماڻي. استاد بخاري واقعي پوري قوم جو سجاڳ استاد هو. سندس شاعري جو لفظ لفظ غزل گيتن، محبت، درد، پيار، امن، خوشحالي، جدوجهد ترقي جي پيغام سان ڀريو پيو آهي، استاد بخاري شاعري جي ابتدا شاگردي واري زماني ۾ ڪئي جڏهن هو اڃان پنجين ڪلاس جي تعليم حاصل ڪري رهيو هو. پوءِ ائين شاعري ڪرڻ جو شوق جاڳيس ۱۹۴۷ ع ۾ پرائمري استاد ٿيڻ جي حيثت ۾ باقاعدي شاعري ڪرڻ شروع ڪيائين انهي زماني۾ ئي پنهنجو تخلص (استاد) رکيائين ۽ ان زماني کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ادبي نالي (استاد بخاري) سان ڏيهان ڏيهه مشهور ٿيو، استاد بخاري پنهنجي شاعري جي شروعات شاگردي واري زماني ڪري چڪو هو ليڪن علمي ادبي سرگرمين ۾ ڀرپور نموني بهرو وٺڻ لاءِ ۱۹۵۰/۵۱ ۾مليو. جڏهن پاڻ مٺياڻي ٽريننگ ڪاليج مان تربيت پئي ورتي ۱۹۵۰ع واري زماني کان وٺي گهڻي ڀاڱي مشاعرن ۾ پئي حصو ورتائين. استاد بخاري سدائين متحرڪ رهيو. سنڌ جي ڪنهن به شهر وستي واهڻ ۾ ڪو به مشاعري جي دعوت استاد بخاري کي ڏيندو هو ته اتي وڃي پهچندو هيس. پاڻ بزم طالب المولي انجمن، آفتاب ادب ۽ سنڌي ادبي سنگت پاران ڪوٺايل مشاعرن وغيره ۾ حصو وٺڻ سان گڏوگڏ ريڊيو ۽ ٽي وي تي مشاعرن يا وري بزرگن جي ميلن تي ٿيندڙ مشاعرن ۾ پڻ حصو وٺندو هو ۽ پنهنجي خوبصورت شاعري پيش ڪري استادن کان داد پيو حاصل ڪندو هو. استاد بخاري پنهنجي زبان سان چوي ٿو ته دوست ڪيا سين دلداري لاءِ ڪن ٿا دل آزا ري، چنڊ جهڪيو هو جن قدمن تي چوٽ لڳي ڪاپاري، استاد بخاري صاحب ڪيترا ئي ڪتاب لکيا ۽ انهن جا مهاڳ پڻ لکيا. استاد بخاري به لطيف سائين جيان پنهنجي شاعري وانگر عوامي ۽ سادي ٻولي اختيار ڪئي آهي سندس شاعري سلاست ۽ بلاغت جي سونهن سان ٽمٽار لڳي پئي آهي پنهنجني شاعري وسيلي سڄي سنڌ جي ماڻهن جي احساسن جي ترجماني پڻ ڪئي آهي پهريان پهريان استاد بخاري جي شاعري غزلن ۽ ڪافين تي مبني هوندي هئي جيڪا اڪثر ٽماهي رسالي (مهراڻ) ۾ پئي ڇپبي هئي. ان وقت عالم اديب مولانا غلام محمد گرامي صاحب مهراڻ رسالي جي تسلسل سان شاعري ڇپائڻ ۾ حوصلي افزائي پڻ ڪئي، پوءِ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ آهستي آهستي سندس شاعري ۾ پختگي ايندي وئي استاد بخاري شعر جي مختلف موضوعن جهڙوڪ وائي، بيت نظم، ڏوهيڙو، رباعي، قطع، ٽيڙو ۽ آزاد نظم وغيره ۾ به ان وقت طبع آزمائي ڪرڻ لڳو.شعر جي ٻاهرين صنفن جهڙوڪ سانيٽ، ترائيل ۽ هائڪو ۾ به استاد پنهنجو مٽ پاڻ هو ۽ جهجهي انداز ۾ ٻٽو شعر چيائين. استاد بخاري سچ ۽ پيار جو شاعر هو. سندس شاعري نج سنڌي لفظن سا ٽمٽار آهي اڪثر شاعري ۾ تشبيهه ۽ استعارن ۾ ٿيل آهي سندس کي (استعارن جو بادشاهه) چئجي ته ان ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. سادي ٻولي ۾ پنهنجون تشبيهون پنهنجا استعارا جنهن ۾ سنڌ امڙ جي چيڪي مٽي جو هڳاءِ هو استاد بخاري جي شاعري رومانوي به هئي ته قومي به سندس قومي شاعري نوجوان وڏي حب منجهان ڳائيندا آهن. استاد بخاري جي شاعري جو محور سنڌ ۽ سونهن هئي. استاد بخاري، شاعرن منجهه سمورين خوبين جو مالڪ هو. استاد بخاري هڪ ته سونهن جو پوڄاري ٻيو سنڌ يار هو. هڪ سونهن جو پوڄاري ٻيو سنڌ يار آهي، تعريف تنهجي سون کان پڌري ٿي نه ٿي سگهي، توڙي جو پاڻ تو به چيو ٿي وڌاءِ آهي. استاد کي پهاڙ نه سمجهو جي سمجهو ٿا، چوٽي تي برف آهي اندر ۾ الاءُ آهي. استاد بخاري جي شاعري عشق ۽ قوميت سان ڀري پئي آهي استاد بخاري پنهنجي سونهن محبت ۽ پيار ڀري شاعري وسيلي نوان جذبا نئين آٿت ڏئي قوم ۾ اتساه پيدا ڪيو انهن کي پنهنجي حق وٺڻ لاءِ راه ڏيکاري ۽ پنهجي شاعري وارن ٻولن ۾ صلاح ٿو ڏي ته: سون بازار مان ڳنھي وٺبو آ. فيض مرشد کان پني وٺبو آ. جو سمجهي ته اوهان جو حق آ، حق مڙسيءَ سان ڇني وٺبو آهي. هو ڌرتيءَ سان ڪميٽيڊ شاعر هو استاد بخاري وطن دوست شاعر هو. اسين جڏهن به استاد بخاري جي شاعري ڏانهن غور فڪرسان مطالعو ڪنداسين ته هو عوامي قومي شاعر طور نظر ايندو هو، نون توڙي پراڻن شاعر ۾ هڪ جيترو مقبول هو. سندس شاعري جا ۲۵ کان مٿي مجموعا ڇپيل آهن. جن ۾ ڪوڪڻ يا ڪلياڻ، گيت اسان جا جيت اسان جي، او تون جو تون، لهر لهر دريا، سوچون ڀڻڪا واڪا، ڪاري ڪڪر هيٺ، ڌرتي سرتي، نه ڪم نبريو نه غم نبريو، زندگي او زندگي، ولولو ۽ ووڪ، ميلا ملهالا، لهري لهري ۾ لالڻ، وطن ۽ ويساهه، ڳائي پيو جاڳي پيو، ماندي ٿي نه مارئي، هڙئي ئي هيج وطن جا، تڙتڙ تيڏيان ڳالهيان، گهڙيا سي چڙهيا، گلدستي ۾ گيت وغيره. سندس ٻيو ڪافي اهڙو ڪلام جيڪو شعري مجموعن ۾ نه ڇپجي سگهيو آهي اهو مختلف اخباري رسالن ۾ ٽڙيل پکڙيل آهي ان سان گڏ ڪري ڇپائڻ جي ضرورت آهي، زندگي جي آخري حصي منجهه هن عظيم شاعر استاد بخاري کي بلڊ ڪينسر جي بيماري وڪوڙي وئي، پاڻ علاج واسطي ٻاهرين ملڪ برطانيه جي شهر لنڊن مان بلڊ ٽرانفريشن ڪرائڻ به ويو هو، ليڪن بيماري بستري تي سمهاري ڇڏيو موت جو راڪاس سندس حياتيءَ مٿان ٽڪ ٻڌي بيٺو رهيو. آخر ڪار سڀ ڪنهن کي اوڏانهن ئي هلڻو آهي، استاد زبردست نموني ڪري ٻڌائي ٿو ته: . هڪ موت مئي جو ڀئهُ سهڻا، ٻيو تو مان نه ٿو ٿئي ڍءُ سهڻا. استاد بخاري هزارين چاهيندڙن کي هميشه هميشه لاءِ الوداع چئي شام جو ۹ آڪٽوبر ڪراچي ۾ سنڌي شاعرن ۽ اهل قلم وارن کان موڪلائي هميشه هميشه لاءِ راهه رباني ٿي ويو، سندس مرتئي جي خبر پوندي، سڄي سنڌ سوڳوار بڻجي وئي هينئرتائين به سندس شاعري ساڳي شوق ۽ چاهه سان پڙهي وڃي ٿي. اڄ سندس سڄي سنڌ ۾ ورسي ملهائي ويندي. سنڌ جا سڀئي اديب سندس فن ۽ فڪر تي روشني وجهندا. استاد بخاري ٻاٽ ۾ لاٽ ٻاريندڙ شاعر ادريس عاجز عباسي هن ڌرتيءَ تي اهڙا نيڪ انسان پيدا ٿيندا رهيا آهن جن انسان ذات کي سنوارڻ ۽ سڌارڻ لاءِ پنهنجون زندگيون وقف ڪري ڇڏيون. انهن امن ۽ پيار جو پيغام ڏنو. ميٺ محبت جو درس ڏيندڙ همٿ ۽ حوصلو ڏياريو. اهڙا سچا انسان، معاشري ۾ اعليٰ مقام رکن ٿا ۽ پنهنجي قوم جي سڃاڻپ بڻجن ٿا. شاهه ڀٽائيءَ کي ڏسو، جنهن سنڌي قوم جو ڳاٽ اوچو رکيو ۽ سنڌي ٻولي بچايائين. ان مان ثابت ٿيو ته پنهنجي قومي سڃاڻپ برقرا رکڻ لاءِ، شاعرن اديبن جو هجڻ تمام ضروري آهي. شاهه، سچل کان پوءِ سنڌ ۾ کوڙ سارا شاعر پيدا ٿيا، جن هن سماج جي هر عنصر تي پنهنجي منفرد رنگ ۽ ڍنگ سان لکيو. استاد بخاري به هڪ اهڙو ئي نانءُ آهي، جنهن ٻاٽ ۾ لاٽ ٻاري نئون سج اُڀارڻ جو جتن ڪيو. کيس سنڌي قوم جي پيڙائن جو پورو پورو احساس هو. جيو ۽ جيئڻ ڏيو جا سبق پڙهائيندڙ استاد، سوچيندو هو ته خلائي دور جو لکيو پڙهيو انسان، وحشي ڇو هجي؟ پاڻ نهايت سولڙي ٻولي ۾ چوي ٿو ته: بهشت ڀونءِ بڻايو، جيو ۽ جيئڻ ڏيو، جهان کي نه جلايو، جيو ۽ جيئڻ ڏيو، جوان لاش تي روئن ونيون، اميون ۽ ڀيڻون، حسين مرڪ بچايو، جيو ۽ جيئڻ ڏيو. ترقي پسند سوچ ئي مزاحمتي اظهار جو وڏو سبب آهي. جنهنڪري شاعر ۽ اديب، قومي شعور سان، سگهاريون سٽون سرجي، ستل لوڪ کي جاڳائيندا آهن. هونئن به سياستدانن جي ڊگهي تقرير کان، شاعر جي هڪ سٽ ئي ڪارائتي هوندي آهي. جنهن ۾ غريبن جي حقن جي ڳالهه ڪيل هجي، استاد بخاريءَ جي شاعري به ڏتڙيل ۽ ڏکايل معاشري کي آٿت بخشي ٿي. ڇاڪاڻ جو استاد ٻين جي درد کي پنهنجو درد سمجهي ٿو. سامان تباهيءَ تي ڪروڙين رقمون، خرچن ٿيون خوشيءَ سان ڌڙاڌڙ قومون، گولين ۽ بمن لاءِ خزانا کليل، ڪو ڏوهه ڪيو آهي فقط تو ۽ مون! سائين جي ايم سيد، زندگي جي پوئين سالن ۾ ڪراچيءَ جي تاج محل هوٽل ۾ تقرير ڪندي چيو هو ته؛ ”سنڌ کي آزاد ڪرڻو اٿوَ ته اخلاق سڌاريو. پاڻ ۾ ٽڪرا ٽڪرا نه ٿيو. مِڙي مُٺ ٿيو. سڀني پيغمبرن به اخلاق تي زور ڏنو آهي. جيڪو چئو سو ڪري ڏيکاريو ۽ پاڻ توڙي ٻين ۾ قومي شعور پيدا ڪريو.“ جڏهن استاد جي شاعري پڙهون ٿا ته اسان کي استاد جي سموري شاعريءَ ۾ رهبر سنڌ سائين جي ايم سي وارو فڪر جهلڪندڙ نظر اچي ٿو. ڇاڪاڻ ته استاد به ساڳئي منزل جو پانڌيئڙو هو ۽ سنڌ جي حقيقي عاشقن ۾ نانءُ لکيو هئائين. هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ڪو به ڪڙمي ڪنجهي، ڪو به مانجهي منجهي، منهنجي لونءُ لونءُ لنجهي، ڏک سڄي ڏيهه جو، ڏيج مون کي ڏجو، منهنجو نالو لکي ها جڏهن ۽ جتي، ديس جي دنگ تي، جوٽڻي جوٽجي، مون کي منهنجي قبر مان به ڪوٺي نجو منهنجو نالو لکو ڀيڙ آهي، ڊگهي لسٽ آهي وڏي، وچ تي ناهي وٿي، ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ تي، سنڌ جا عاشقو منهنجو نالو لکو. استاد بخاري روايتي شاعريءَ کان وٺي، جديد سنڌي صنفن تي به گهڻو لکيو آهي. بنيادي طور استاد، بيت ۽ وائي جو شاعر آهي. سندس بيت، خون جگر ۾ ٻڏل نظر اچي ٿو. سسئيءَ جي باري ۾ چيل بيتن منجهان، هڪ بيت نموني طور ڏجي ٿو. مون لئه ماءُ مساڻ، ڀنڀور شهر ڀنڀور جو، جيجل جانب ريءَ، ڪريان ڪنهن سان روح رهاڻ، تنهنجو راڄ تساڻ، منهنجو ڪاڄ ڪوهيار ۾. ميهر جي سهڻي، جيڪا مهراڻ جي موج ۾ ترندي به، موت کان نه ڊڄندي هئي، سا آخر ساهڙ سان گڏ منجھس سمائجي ويئي. اها سهڻي جنهن لاءِ شاهه ڀٽائي به چوي ٿو ته؛ ”ساهڙ سندو تن، گهاگهائي گهڙن جي.“ ان سهڻيءَ کي استاد به گهڻو ڳايو آهي. سهڻيءَ جي سڪ ۽ اڪير کي پنهنجي بيتن ۾ سهڻين تشبيحن سان هيئن ٿو لکي ته: تڏون ڪن تر تر اڻٽڻ سهڻي سوچ ۾ تارن جي جهر مر چر پر چاهت هانو ۾ جهڙي ريت شاهه سائين تتي ٿڌي ۾ ڪاهڻ جي صلاح ڏني آهي، ساڳي طرح استاد بخاري به پنهنجي سٽ سٽ ۾ پٺ تي نه هٽڻ ۽ اڳتي وڌڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، استاد جي قومي شاعري پڙهڻ سان قومي غيرت جاڳي پوي ٿي استاد وري وري چوي ٿو ته: يارو اڳتي وڌو، ڪجهه ته اڳتي وڌو پير پيا ٿو ڦٽيا، هانو پيو ٿو رڌو، ڪجهه ته اڳتي وڌو. جو هٽيو سو ڪٽيو، مومن کي آهي پتو، ڪجهه ته اڳتي وڌو. هي جو اجرڪ آ ويڙهيو پيو، تنهنکي ڦاڙي اڌو اڌ ڪريو. هڪڙو سر سان ڪفن ۽ ٻيو سندرو ٻڌو، ڪجهه ته اڳتي وڌو. سنڌي شاعرن ۾ شاهه، سچل، سامي، سرڪش، منشي، باغي، شيخ اياز ۽ نارائڻ کي جيڪڏهن پڙهبو ته انهن پنهنجي پنهنجي شاعري ۾ سنڌ ڌرتي جي قومي ڪردار کي گهڻو ساراهيو آهي. استاد بخاريءَ جي شاعري ۾ به اهڙن قومي هيرن جو ذڪر گهڻو تڻو اچي ٿو جن ۾ منصور، دودو، دريا خان، هوشو شيدي، هيمو ڪالاڻي، مخدوم بلاول شهيد، روپلو ڪولهي، ذوالفقار علي ڀٽو، پير پاڳارو وڏو ۽ ٻيا اهم ڪردار شامل آهن. جن نه جهڪڻ، سچ ۽ سنڌ تي سر ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي. استاد به ٻين قومي ڪردارن کي اٿينس جي سقراط ۽ عيسيٰ سان ڀيٽا ڏئي ٿو. جنهن مان هڪ زهر جو پيالو ڏوڪيو ته ٻيو صليب تي چڙهيو ۽ امر ٿي ويا. استاد پنهنجي شعر ۾ چوي ٿو ته: جو اٿيو ڳاٽو، اهو ناهي جهڪيو، دار تي رهندڙ، اھو ناهي جهڪيو، پنج کنڊ ۽ ست مها ساگر گواهه، ڀونءِ جو ٻيٽو، ڀٽو ناهي جهڪيو، انگ گهاڻي ۾ پيڙجن ۽ پيسن پيا، سنڌ جو عاشق سچو ناهي جهڪيو. سنڌ جو سر سمجهه کوسو ڪاپڙي، جو تنبو ڦاڙي لنگهيو ناهي جهڪيو. مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون ساٿيو، جو به هوشو چئي چڪو ناهي جهڪيو روپلو ڪولهي سلي ساٿي نٿو، آڱريون شعلو الو ناهي جهڪيو. لئمبرڪ لوڌون بڇيون ڦاهيون ٽنگيون، وير پاڳارو وڏو ناهي جهڪيو. تاريخ سنڌ جو مطالعو ڪرڻ سان اسان جو هانءُ ڏڪي وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته تاريخ جو ورق ورق ان ڳالهه جي شاهدي ڏئي ٿو ته اسان جي سنڌ ۾ ڪيڏا نه ڪلور ٿيا آهن. عظيم انسانن جون عزتون لٽيون ويون. هٿ ٺوڪي تاريخ لکندي، قاتل چٽا فاتح لکيا ويا. مطلب ته سونهاري سنڌ ۾، منڍ کان اڄ تائين، ڌارين جون يلغارون رهيون آهن. سنڌ لٽجندي رهي آهي. سنڌي ڦاهين تي چڙهندا رهيا آهن. انسانيت کي لڄائيندڙ اهڙا واقعا هر هڪ دل تي اثرانداز ٿين ٿا، پر شاعر ته اڃا به حساس دلين جا مالڪ هوندا آهن ۽ انهن جي دلين تي قومي درد اڃا گهرو اثر ڇڏيندو آهي. استاد به اهڙو ئي قومي شاعر آهي. جيڪو سنڌ جي سورن سببان روڳي بڻيو. زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺي به، استاد وقت جي نبض تي هٿ رکي، هڪ مفڪر جي حيثيت ۾ سوچي ٿو؛ ”ديس اندر ڪالهه ڇا ٿيو؟ سڀاڻي ڇا ٿيڻو آ ....؟؟“ ڇو ته استاد کي آئيندي جو اونو هو. پاڻ کي تاريخ اڳيان پيش ڪري، هيئن ٿو چوي ته: مون کان تاريخ پڇي ته ڪٿي بيٺو هان زندگي موت ٻِه-واٽو اتي بيٺو هان، ڇا ٿيو ڇا اڃا ٿيندو سو پتو ٿم، ڇو جو وقت جي نبض تي هٿ پنهنجو رکي بيٺو هان. مٿئين ڪلاس جا ماڻهو پنهنجا ناتا زردار ماڻهن سان ئي جوڙيندا آهن. جن وٽ بي انداز دولت هجي، گاڏيون هجن، بنگلا هجن ۽ زماني جي هر عياشي هجي. وچين ڪلاس جا ماڻهو وري پنهنجو غم ٽارڻ لاءِ ڪو راهه رفيق ڳولهي وٺندا آهن. جيئن ساڻس زماني جو غم اوري، دل جو بار هلڪو ڪري سگهن. جيڪڏهن ڏکن جي ڏيهه ۾ ڦاٿل آهي ته بس غريب ۽ مزدور طبقو، ڳوٺ جون گهٽيون، شهر جون بازارون ۽ ملون. اھي ڳالهه جي شاهدي ڏيندا ته غريب ۽ مزدور طبقو، سڄي عمر روزگار لاءِ تڙپي ٿو. استاد بخاري پڻ هن طبقي سان همدردي ظاهر ڪري ٿو ۽ چئي ٿو ڏئي ته: امير پير کي زردار يار جي ڳولا، وچين ڪلاس کي غمٽار پيار جي ڳولا، ملون، بزار، ٻنيون ڳوٺ جون گليون شاهد؛ غريب لوڪ کي رڳو يار جي ڳولا. امير پير کي مان شان جو اونو، وچين ڪلاس کي ڪلچر زبان جو اونو، مريض ملڪ جي قرضي عوام کي، اٽي علاج لٽي ۽ مڪان جو اونو. استاد کي اڃا به ڪي سال، صديون جيئڻو هو. هن لکڻ پئي چاهيو. هن دور جي هر برائيءَ تي، کوٽي سياست تي، ويڪائو وڏيري تي. پر افسوس جو زندگيءَ سندس ساٿ نه ڏنو. استاد بخاري جسماني طور اسان سنڌين سان گڏ نه آهي پر سندس پاڪ روح، اڄ به پنهنجي مالڪ ۽ هير جي هڳاءَ جهڙين شخصيتن سان گڏ، ڪنهن اڙٻنگ، جوڌي ۽ جوان پهريدار وانگر سنڌ جي گهٽي گهٽي ۾ ضرور گهمندو هوندو. جيئن نه ڇنڻ واري ڳالهه هن شعر ۾ ڪئي هئائين. سڳو نه ناهي سنگهر به ناهي، ڇنا هي ناتا ڇني نه سگهندس، رسيم سرتي سڏيم سامي، ڌڪيم ڌرتي ته ڇا ڪريان مان، حبيب تو کان ڇڄي سگهان ٿو، زمين ري مان جي نه سگهندس، وري وري ڇو ڪرين ٿي پارت، غيور ٿڃ تي ويساهه ڪر تون، ترار ڪنهن جي سهي سگهان ٿو، ميار ڪنهن جي سهي نه سگهندس. استاد بخاري عوامي ۽ مزاحمتي شاعر رضوان گل شاعري من-اندر جو اڌمو به آهي ته روح جي رڙ پڻ. شاعر، تاريخ جا اهي فرد هجن ٿا، جي پنهنجي سوچ ۽ فڪر سان قومن جون تقديرون بدلائڻ جو ساهس رکن ٿا. اُهي شاعر جيڪي درٻاري ۽ سرڪاري، داٻن ۽ دهمانن کان گھٻرائجي، سچ چوڻ واري ڪرت کان پٺتي ناهن هٽندا، اهي ئي حقيقي معنى ۾ ڌرتيءَ جا سچا سپوت ثابت ٿيندا آهن. اهڙن گھڻ-ڳُڻن شاعرن ۽ پيارن انسانن مان استاد بخاري به هڪ آهي. جنهن پنهنجي شاعريءَ جي آڌار تي جھر جهنگ تائين پنهنجو آواز پهچايو ۽ ان آواز جا پڙاڏا هر طرف گونجڻ لڳا. استاد وٽ لفظ ٻڌا ٻانها ٿي بيٺل آهن. هن جي شاعريءَ ۾ انقلابي ۽ مزاحمتي انداز به آهي ته پيار جي پيچرن تي هلندڙ پريمين جا نازن وارا نخرا پڻ. هو پنهنجن شعرن ۾ ستايلن جي ڳلن تان ڪِرندڙ ڳوڙهن جي ڳالهه به ڪري ٿو ته غريب ۽ مظلوم ماڻهن جي دکن ۽ دردن جون ڪهاڻيون به بيان ڪري ٿو: وڌا وات ۾ ڇو اٿئي مُڱ زمانا، ستايو غريبن کي ڪنهن آ سچي ڪر! ڇڏي ڏي اجايا سجايا بهانا، حقيقت کڻي اڄ ته، کيرئون اڇي ڪر! استاد جو انداز ئي نرالو آهي. هو عوامي شاعر آهي ان ڪري سندس ٻوليءَ جو انداز سڌو سادو ۽ کرو آهي، جيڪو هر ماڻهوءَ لاءِ سمجھڻ سولو آهي. سنڌ جي ناليواري شاعر مقصود گل لکيو آهي ته؛ ”بخاري، ڀٽائيءَ جي ڀونءِ جو شاعر آهي. هو ڌرتيءَ ڌڻين جا جُھڳا سڙندي، گھر کان بي گھر ٿيندي ڏسي ٿو ته تڙپي ٿو پوي. حيدرآباد ۽ ڪراچي ته ڇا، پر جڏهن سڄي سنڌ کي بد-امني جي باهه ۾ وڪوڙيل پسي ٿو، تڏهن غير انساني سوچ رکندڙ، جنوني جذبي واري، احساسن کان خالي، هر ڪٺور ماڻهوءَ سان مخاطب ٿيندي چوي ٿو: تنهنجي اک ۾ پُتـلي ناهي، پٿـري آهي، سنڌ سڙي پئي، تنهنجي دل روئي به نه ٿي. تنهنجي بت ۾ رت جي بدلي، ريتي آهي، خلق لڇي پئي، تنهنجي دل ڇرڪي به نه ٿي. استاد بخاريءَ پاڻ ئي هڪ هنڌ لکيو هو ته؛ ”آئون طبعي طور، مالهي مزاج ماڻهو آهيان، حسين رنگن، لذيذ هڳاءَ، شيرين نغمن جو پياسي، پر باغ کي جو باهه لڳائي ويو آهي، ته مان به ڀڙڪي پيو آهيان. حسن پرست پيار پوڄاري، امن جو علمبردار هوندي، جيون جياپي، امن آجپي لاءِ جھونجار بڻجي پيو آهيان. سُر ڪلياڻ، سورٺ، ڪوهياري ڳائڻ وارو ڪلاڪار ڪيڏاري ۾ ڪاهجي پيو آهيان. خوشيءَ کان نه، پر دل جليءَ کان، مَن مستيءَ کان نه، پر قومي غيرت ۽ تاريخي ضرورت کان، گھوگھي اچڻ تي اکيون ڦوٽارڻ، ڌاڙي لڳڻ تي ڌاڙ ڌاڙ ڪرڻ واري مجبوريءَ کان.“ استاد قوم پرست شاعر هو، جنهن وٽ ڌرتيءَ جي ماڻهن لاءِ درد هو، سنڌي ماڻهن جي لاءِ هن وڏا جتن ڪيا ته ڪنهن هڪ پلئـٽفارم تي گڏ ٿين ۽ ڪا انقلابي تبديلي اچي. هن جي سوچن جو ڪاٿو سندس ان وقت جي روزاني اخبارن ۾ ڇپجندڙ چؤسٽن مان بخوبي ڪري سگهجي ٿو، جن ۾ بار بار سنڌين جي ٻڌي ۽ ايڪي جي ڳالهه ڪئي اٿائين. سنڌي سماج ۾ ٿيندڙ ناانصافين جي ذڪر کان ويندي استادَ عالمي امن ۽ عالمي دهشتگردن تي به قلم کنيو. هن پنهنجي لکڻين ۾ مصلحت پسنديءَ کان ڪم ناهي ورتو ۽ هر لفظ سچ جو دامن جھلي لکيو آهي. استاد ڌرتيءَ سان پنهنجي محبت جو اظهار هن ريت ڪيو: ڪنول گل مان ڪوڪو نه ٿيندو نه ٿينــدو، بخاريءَ کان ڌوڪو نه ٿيندو نه ٿيندو. ملهائي نه جو ٿــڃ جيجــل جي لوڪو، اهڙو ڪو به ٿوڪو نه ٿيندو نه ٿيندو. استاد بخاري جو اصل نالو احمد شاهه هو. سندس جنم ۱۶ جنوري ۱۹۳۰ع تي ٿيو. پاڻ سموري حياتي سنڌ ڌرتيءَ جا گيت لکندو ۽ مختلف ڪاليجن ۾ نوجوانن کي علم جو درس ڏيندو رهيو، جو پاڻ سنڌيءَ جو پروفيسر به هو. استاد ۱۹۵۰ کان وٺي ادبي محفلن ۾ اچي شعر پڙهڻ لڳو ۽ سندس شاعري پڻ مختلف ادبي رسالن ۾ ڇپجڻ لڳي ۽ ائين استاد جي شاعريءَ جھر جھنگ پهچي ماڻهن جي دلين ۾ جايون جوڙي ورتيون ۽ کيس پوري سنڌ ۾ عوامي شاعر طور سڃاڻپ ملي. سندس شاعريءَ جي ڇپيل ڪتابن ۾: ”ڪوڪڻ ۽ ڪلياڻ“، ”ڪاري ڪڪر هيٺ“،”ڌرتي سرتي“، ”نه ڪم نبريو نه غم نبريو“، ”زندگي زندگي“، ”پير نه هٽن پوئتي“، ”اوتون جوتون“، ”ماندي ٿي نه مارئي“، ”وِلوِلو ۽ ووڪ“، ”وطن ۽ ويساهه“، ”هڙئي هيج وطن جا“، ”تڙ تڙ تيڏيان ڳالهيان“، ”گھڙيا سي چڙهيا“، ”گيت اسان جا، جيت اسان جي“، ”لهر لهر دريا“، ”سوچون ڀڻڪا واڪا“، ”گيت گلابي ٻارن جا“، ”ميلا ملهالا“، ”لهري لهري ۾ لالاڻ“، ”ڳائي پيو، جاڳائي پيو“، ”گلدستي ۾ گيت“ ۽ ٻيا مجموعا شامل آهن. استادُ، شاعر سان گڏ بهترين موسيقار به هو، جو اڪثر پنهنجي شعرن جون ڌنون پاڻ ڪمپوز به ڪندو هو، ته ڳائيندو به هو. استاد تي لکيل مضمون ”استاد سان منهنجي واقفيت“ ۾ ننڍي کنڊ جي ڏاهي ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي راءِ ڏيندي لکيو هو؛ ”استاد جي شاعري جاندار ۽ بامقصد آهي. سندس ڪتاب ”ڪوڪڻ يا ڪلياڻ“، ”لهر لهر دريا“، ”سوچون ڀڻڪا واڪا“ پڙهڻ جو موقعو مليو هو. اها هام نه هڻندس ته مون جيڪي ڪجهه پڙهيو آهي، تنهن کي پوريءَ ريت سمجھيو به آهي، ڇو ته استاد اڄوڪي وقت ظلم ۽ ڏاڍ خلاف اتساهيندڙ انقلابي قسم جو شاعر ۽ نقاد آهي. سندس شاعريءَ ۾ جيڪا اسان جي سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ واري شڪل آهي، تنهن مان هو روزمره جي مسئلن کي تاريخ جي واقعن سان ڳنڍي هڪ ابدي حيثيت ڏيو ڇڏي.“ استاد هر وقت ماڻهن کي همتون، حوصلا ۽ روشنين ڏانهن ويندڙ دڳ ڏسيا، هو اُداسين ۽ مايوسين جو قائل نه آهي، پنهنجي پڙهندڙ کي هر شعر ۾ اهو ئي پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي اٿائين ته جيڪڏهن گڏجي جستجو ۽ جاکوڙ ڪبي ته منزلون اسان جي قدمن کي اچي چمنديون، پر شرط آهي ته اسان ۾ اهي منزلون حاصل ڪرڻ جون جرئتون هجن. کڻي ڪنڍيون، گلابي موسمون پهتيون، ڪري سينگار سهڻيون منزلون پهتيون. مڃينديون مات، جھڪنديون مشڪليون پهتيون، جتي تنهنجون ۽ منهنجون جرئتون پهتيون. استاد جي شاعري قومي ۽ سياسي جلسن کان وٺي ادبي محفلن تائين هر پروگرام ۾ پڙهي وڃي ٿي. سچ ته ڪو به ميڙ استاد جي شاعريءَ کانسواءِ اڌورو ۽ اڻ پورو محسوس ٿيندو آهي. جيئن جيئن وقت جا ڪانٽا تيزيءَ سان استاد جي وڇوڙي کي پراڻو ڪري رهيا آهن، تيئن تيئن سندس شاعريءَ مان نيون نيون معنائون دريافت ٿي رهيون آهن. تخليق جي زندگي، اها ئي هجي ٿي جو پاڻ سان گڏ پنهنجي تخليقڪار کي به زنده رکندي اچي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو استاد بخاري پنهنجي امر تخليقن سبب اسان جي دلين ۾ زنده آهي. نامياري دانشور، محقق ۽ شاعر تاج جويي استاد جي وفات تي تعزيتي نوٽ بڪ ۾ لکيو هو؛ ”ڪشنچند بيوس ۽ نارائڻ شيام کان پوءِ، استاد بخاري اهو عظيم نالو هو جنهن جي وفات سان سنڌ جي شاعريءَ جو هڪ اهم باب پورو ٿيو. استاد خود-دار ۽ حوصلي وارو انسان هو. اهڙا انسان ئي موت کي شڪست ڏيندا آهن.“ استاد پاڻ ئي موت سان مخاطب ٿيندي چيو: مٿي ۾ اٿئون زندگيءَ جي هوا، اسين تيز رفتار آهيون سو آهيون. اڙي! موت ساهت جي رستي مٿان، اسين توتي هسوار آهيون سو آهيون. استاد بخاري نه رڳو هڪ عوامي شاعر پر وطن دوست دانشور ۽ بهادر اڳواڻ به هو. اهڙو اڳواڻ جنهن ذهن تيار ڪيا، جنهن ماڻهن کي هر مشڪلات جي وقت ۾ ثابت قدم رهڻ جو سنيهو ڏنو. هن پنهنجن شعرن ۾ سنڌي قوم کي جو گس ڏسيو، ان گس جو ڏس اڄ تائين پنهنجي اهميت رکي ٿو. هو قومي جذبي سان سرشار هيو، ان ڪري اول ۽ آخر، گھڻو تڻو سنڌ ئي هن جي شاعريءَ جو موضوع رهي. هن قوم جي جيالن ۽ جھونجھارن کي سدائين سلام پيش ڪيو ۽ ڌرتيءَ جو مانُ مٿانهون ڪندڙن کي مانُ ڏنو. جو قوم جياري، جيئندو رهندو، جو عام اجاري، اهو جيئندو رهندو. مون کي تاريخ ۽ تقدير ڏنـي پـڪ آهي، جو سنڌ سنواري، اهو جيئندو رهنـدو. استاد، قوم کي جيئارڻ جي ڳالهه ڪئي، عام کي اجارڻ جي ڳالهه ڪئي. اهو ئي سبب آهي جو استاد پاڻ به اسان ۾ موجود آهي ۽ ايامن تائين رهندو. جيستائين سنڌي قوم ۽ سنڌ جو نعرو هڻڻ وارو هڪ به جوڌو ۽ جوان هوندو، تيستائين استاد به زنده رهندو، جو هُن هر وقت سجاڳيءَ جا سڏ ڪيا، پنهنجي قوم کي هر لمحي عملي طرح جدوجهد لاءِ بيدار ڪيو ۽ قومي ايڪتا جي ڳالهه ڪئي. استاد بخاري ٻه ڀيرا، پهريون مارچ ۱۹۹۰ ۾ ۽ ٻيو ڀيرو فيبروري ۱۹۹۲ ۾ لنڊن ويو، جو کيس ڪينسر جو عارضو هو. انهيءَ ناسور آخرڪار ۹ آڪٽوبر ۱۹۹۲ تي اسان کان استاد کسي ورتو. استاد بخاري هالار جي هستي آزاد انور ڪانڌڙو سنڌ جي برک عوامي ۽ قومي شاعر، استاد بخاريءَ جو جنم شهيد مخدوم بلاول جي سرزمين دادوءَ جي ننڍڙي ڳوٺ غلام چانڊيو ۾ ۱۶ جنوري ۱۹۳۰ع تي سيد حاجن شاهه جي گهر ۾ ٿيو. سندس اصل نالو پنهل شاهه ۽ اسڪولي رڪارڊ ۾ احمد شاهه هو. ايم.اي، ايم.ايڊ پاس استاد بخاري، دادو ڪاليج ۾ پروفيسر جي نوڪريءَ تان رٽائرمينٽ ورتي. استاد لکڻ جي شروعات ۱۹۴۲-۴۳ع کان ڪئي، هن ادب جي دنيا ۾ پهريان اي.ايس. بخاري بعد ۾ بخاري دادوي ۽ آخر ۾ استاد بخاري جي نالي سان لکيو. استاد بخاريءَ جو پهريون شعر ”اسان جي منزل“ رسالي ۾ ۱۹۵۲ع ۾ ڇپيو. استاد بخاري جو پهريون شعري مجموعو ”گيت اسانجا، جيت اسانجي“ ۱۹۷۱ع ۾ شايع ٿيو. استاد بخاري هڪ گهڻي رخي شخصيت جو مالڪ هو. هو قومي ۽ عوامي شاعر، استاد، ڊرامه رائيٽر ۽ بهترين نثر نويس به هو. استاد ڪيترا ئي ڊرامه لکيا جن ۾ انجام ۽ ٻيا شامل آهن. پاڻ اسٽيج جي ”سسئي پنهون“ ۽ ٻين ڊرامن ۾ اداڪاري به ڪئي. هو سٺي آواز جو مالڪ به هو ۽ پنهنجي اڪثر ڪلامن جون ڌنون پاڻ ترتيب ڏنائين. سندس پهريون ڪلام ”وقت ڏٺوسين پاڻ پليوسين، پيار نه ٿو پلجي“ ۱۹۶۸-۶۹ع ۾ استاد محمد جمن ريڊيو تان ڳايو. بعد ۾ اهو ڪلام، غلام قادر ميرپور خاص واري به ڳايو. استاد جي شاعري منظور سخيراڻي، استاد محمد جمن، غلام قادر ميرپور خاص واري ۽ محمد يوسف، عابده پروين، وحيد علي، زرينه بلوچ انور وسطڙو استاد گلزار علي، مني بيگم، مصري فقير، قمر سومرو، سرمد سنڌي، ممتاز لاشاري، الهداد زرداري، شازيه خشڪ، ديبا سحر سميت سنڌ جي هر ننڍي وڏي فنڪار ڳائي. استاد بخاري جي ڇپيل ڪتابن ۾؛ · اوتون جوتون (۱۹۸۳ع)، · بخاري جا قطعا (۲۰۰۰ع)، · پير نه هٽن پوئتي (۲۰۰۲ع)، · تڙ تڙ تيڏيان ڳالهيان (۲۰۰۰ع)، · جستجو لاتقنطو (۱۹۹۳ع)، · ڌرتي سرتي (۱۹۹۱ع)، · ڌوڙ دل تي درد جي (۲۰۰۸ع) · زندگي زندگي (۱۹۹۲ع)، · سوچون ڀڻڪا واڪا (۱۹۹۰ع)، · ڪاري ڪڪر هيٺ (۱۹۹۱ع)، · ڪُوڪڻ يا ڪلياڻ (۱۹۸۶ع)، · گلدستي ۾ گيت (۱۹۹۶ع)، · گهڙيا سي چڙهيا (۲۰۰۲ع)، · گيت اسان جا جيت اسانجي (۱۹۷۱ع)، · ڳائي پيو جاڳائي پيو (۱۹۹۹ع)، · لهر لهر دريا (۱۹۹۰ع)، · لهري لهري ۾ لالاڻ (۱۹۹۵ع)، · ماندي ٿي نه مارئي (۱۹۹۴ع)، · ميلا ملهالا (۱۹۸۸ع)، · نه ڪم نبريو نه غم نبريو (۱۹۹۳ع)، · هڙ ئي هيج وطن جا (۱۹۹۸ع)، · هي گجرا هي گولا (۲۰۰۴)، · هي گيت گلابي ٻارن جا (۱۹۸۰ع)، · وطن ۽ ويساهه (۱۹۹۷ع)، · ولولو ۽ ووڪ (۱۹۹۴ع)، ۽ ٻيا شامل آهن. استاد بخاري پنهنجي دور جو هڪ عظيم ۽ امر شاعر آهي. سندس شاعراڻي عظمت کان ڪو به انڪار ڪري نه سگهندو. استاد بخاريءَ جنهن لڳاتار دليري ۽ سورهيائيءَ سان موت سان مقابلو ڪندي پتي جي پٿريءَ کان ڪينسر جي بيماريءَ باوجود ۱۹۸۳ع کان ۱۹۹۲ع تائين لاڳيتو ڏينهن رات گهڻي کان گهڻو ۽ سٺي کان سٺو لکيو. شايد کيس اهو پتو پئجي ويو هو ته؛ هو گهڻو وقت جيئرو نه رهندو، ان ڪري هن لکيو ۽ ڀرپور نموني لکيو. جيئن زندگي تيز تڪڙي ٿي گذري، ائين تون به تڪڙو لکي وٺ، لکي وٺ! پٺيان پاڻهي نقاد، ”فيئر“ ڪندا پيا، تون ”رف“ جهڙو تهڙو لکي وٺ، لکي وٺ!. هالار جي هستي، استاد بخاريءَ جي وڇوڙي کي ۲۰ سال گذري ويا آهن. ان چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه آهي ته استاد بخاريءَ جي لاڏاڻي سان پنهنجي دور جي هڪ وڏي شاعر جي پڄاڻي ٿي آهي. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته هن چراغ مان ڪيئي ڏيئا روشن ٿيا آهن ۽ ايندڙ دور ۾ به ڪيئي ڏئيا روشن ٿيندا. اهو ئي سبب آهي جو اڄ استاد بخاريءَ جي نالي کانسواءِ جديد سنڌي شاعريءَ جي تاريخ ۽ سنڌي ادب جو تصور بلڪل اڻپورو آهي. عزتون، محبتون، احترام گهرڻ سان ناهي ملندو. ائين شهرت ۽ عظمت به گهرڻ سان نه پر عمل ۽ ڪردار سان حاصل ٿيندي آهي. استاد بخاريءَ کي به عزت، شهرت ۽ عظمت پنهنجي اڌ صديءَ تائين سنڌي شاعري، سنڌي ٻوليءَ جي خدمت سبب ملي. کيس حياتيءَ ۾ به ادبي ميڙاڪن، ڪانفرنسن، مشاعرن، قومي ڪاڄن ۽ عوامي جلسن ۾ جيڪا محبت، عزت ۽ مان مليو، اهو سندس وڇوڙي کانپوءِ به ساڳئي جذبي سان ملندو رهي ٿو ۽ کيس سڄي سنڌ ۾ خراجِ تحسين پيش ڪيو وڃي ٿو. ۹ آڪٽوبر ۱۹۹۲ع تي وڇڙي ويل استاد بخاريءَ کي اکرن سان عشق هو. هو لفظن ۾ ساهه وجهڻ جو ڄاڻو، شاعر، قلڪمار هو. هن لکڻ کي ئي سڀ ڪجهه سمجهيو ۽ لکڻ کي ئي زندگيءَ جو مقصد بڻايو. ڇو ته هو قلم جي طاقت کان واقف هو ۽ هن پنهنجي قلم جو مان به رکيو. استاد اڌ صديءَ کان وڌيڪ پنهنجي تخليقن، شاعري ۽ نثر ذريعي سنڌ واسين جي فڪري رهبري ۽ رهنمائي ڪئي. هو رهبر شاعر ۽ قلمڪار هو.. لکڻ زندگي، زندگي ڪيئن ڇڏجي، لکڻ بندگي، بندگي ڪيئن ڇڏجي، ڏکئي کان ڏکيو عشق، اکرن جو آ، رکي دوستي، دوستي ڪيئن ڇڏجي؟ استاد بخاري هالار جي هستي آزاد انور ڪانڌڙو استاد بخاري پنهنجي دور جو هڪ عظيم ۽ امر شاعر آهي جنهن لڳاتار دليري ۽ سورهيائي سان موت سان مقابلو ڪندي ۱۹۸۳ع کان ۱۹۹۲ع تائين لاڳيتو ڏينهن رات گهڻي کان گهڻو لکيو. شايد کيس اهو پتو پئجي ويو هو ته هو گهڻو وقت جيئرو نه رهندو، ان ڪري هن لکيو ۽ ڀرپور نموني لکيو: جيئن زندگي تيز تڪڙي ٿي گذري، ائين تون به تڪڙو لکي وٺ، لکي وٺ! پٺيان پاڻهي نقاد ”فيئر“ ڪندا پيا. تون ”رف“ جهڙو تهڙو لکي وٺ، لکي وٺ!. اهو ئي سبب آهي جو سندس حياتيءَ ۾ ۱۰ شعري مجموعا گيت اسانجا جيت اسانجي، اوتون جوتون، ڪوڪڻ يا ڪلياڻ، گيت گلابي ٻارن جا، ٻاراڙا گيت، لهر لهر دريا، سوچون ڀڻڪا واڪا، ڪاري ڪڪر هيٺ، ڌرتي سرتي، زندگي زندگي ڇپيا، جڏهن ته سندس وڇوڙي بعد ۱۵ کان به وڌيڪ شعري مجموعه نه ڪم نبريو نه غم نبريو، ماندي ٿي نه مارئي، لهري لهري ۾ لالاڻ، هي گجرا هي گولا، ميلا ملهالا، ولولو ۽ ووڪ، جستجو لاتقنطو، گهڙيا سي چڙهيا، هڙئي هيج وطن جا، ڳائي پيو جاڳائي پيو، گلدستو، بخاريءَ جا قطعا، تڙ تڙ تيڏيان ڳالهايان، پير نه هٽن پوئتي، ڌوڙ دل تي درد جي ۽ ٻيا شايع ٿيا آهن. استاد جي وڇوڙي کان پوءِ سندس نثر ۾ تحريرن، مضمونن، مقالن، ڪتابن جي لکيل مهاڳن، تقريرن،انٽرويوز ۽ ٻين تحريرن تي مشتمل راقم پاران مرتب ڪيل ڪتاب سمي صحرا، سمي دريا سال ۲۰۰۷ع ۾ شايع ٿيو. سنڌ جي برک عوامي ۽ قومي شاعر استاد بخاري جو جنم شهيد مخدوم بلاول جي سرزمين دادو جي ننڍڙي ڳوٺ غلام چانڊيو ۾ ۱۶ جنوري ۱۹۳۰ع تي سيد حاجن شاهه جي گهر ۾ ٿيو. سندس اصل نالو پنهل شاهه، اسڪولي رڪارڊ ۾ نالو احمد شاهه هو. ايم.اي، ايم.ايڊ پاس استاد بخاري، دادو ڪاليج ۾ اسسٽنٽ پروفيسر جي عهدي تان رٽائر ٿيو. استاد لکڻ جي شروعات ۱۹۴۲-۴۳ع کان ڪئي. هن جي ادب جي دنيا ۾ پهريان اي.ايس. بخاري بعد ۾ بخاري دادوي ۽ آخر ۾ استاد بخاري جي نالي سان لکيو. استاد بخاري جو پهريون شعر ”اسان جي منزل“ رسالي ۾ ۱۹۵۲ع ۾ ڇپيو. استاد بخاري جو پهريون شعري مجموعو ”گيت اسانجا جيت اسانجي“ ۱۹۷۱ع ۾ شايع ٿيو. استاد بخاري هڪ گهڻ-رخي شخصيت جو مالڪ هو. هو قومي ۽ عوامي شاعر، استاد، ڊرامه رائيٽر ۽ بهترين نثر نويس به هو. استاد ڪيترائي ڊرامه لکيا جن ۾ انجام ۽ ٻيا شامل آهن. پاڻ اسٽيج جي ”سسئي پنهون“ ۽ ٻين ڊرامن ۾ اداڪاري به ڪئي. هو سٺي آواز جو مالڪ به هيو ۽ پنهنجي اڪثر ڪلامن جون ڌنون پاڻ ترتيب ڏنائين. سندس پهريون ڪلام ”وقت ڏٺوسين پاڻ پليوسين، پيار نه ٿو پلجي“ ۶۹-۱۹۶۸ع ۾ استاد محمد جمن ريڊيو تان ڳايو. بعد ۾ اهو ڪلام غلام قادر ميرپورخاص واري به ڳايو. استاد جي شاعري منظور سخيراڻي، استاد محمد جمن، غلام قادر ميرپورخاص واري ۽ محمد يوسف، عابده پروين، وحيد علي، زرينه بلوچ انور وسطڙو استاد گلزار علي، مني بيگم، مصري فقير ۽ سنڌ جي هر ننڍي وڏي فنڪار ڳائي. هالار جي هستي استاد بخاري جي وڇوڙي کي ۲۰ سال گذري ويا آهن. ان چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه آهي ته استاد بخاري جي لاڏاڻي سان پنهنجي دور جي هڪ وڏي شاعر جي پڄاڻي ٿي آهي. استاد بخاري جو وڇوڙو ڏکئي کان ڏکيو، عشق اکرن جو آ... آزاد انور ڪانڌڙو سنڌ جي برک عوامي ۽ قومي شاعر استاد بخاريءَ جي وڇوڙي کي ۲۱ سال گذري ويا آهن. اڄ استاد بخاريءَ جو ۸۳ هون جنم ڏينهن آهي. استاد بخاري اهڙو قومي ۽ عوامي شاعر هو، جيڪو پنهنجي اعليٰ قومي فڪر ۽ شاعريءَ سبب هميشه ياد رهندو، سندس شاعري، فڪر ۽ پيغام اڄ به سنڌي قوم لاءِ مشعل راهه آهي. هونئن ته مٽيءَ چپٽي آهيان، جيئي سنڌ ته سڀڪي آهيان، سانگين سان گڏ سالگرهه مان، وڇڙي ويمس ته ورسي آهيان. استاد بخاريءَ جو جنم شهيد مخدوم بلاول جي سرزمين دادوءَ جي ننڍڙي ڳوٺ غلام چانڊيو ۾ ۱۶ جنوري ۱۹۳۰ع تي سيد حاجن شاهه جي گهر ۾ ٿيو، سندس اصل نالو پنهل شاهه ۽ اسڪولي رڪارڊ ۾ نالو احمد شاهه هو، ايم اي ۽ ايم ايڊ پاس استاد بخاري دادو ڪاليج ۾ پروفيسر جي نوڪريءَ تان رٽائرمينٽ حاصل ڪئي، استاد بخاري لکڻ جي شروعات ۱۹۴۲-۴۳ع کان ڪئي، هن ادب جي دنيا ۾ پهريان اي ايس بخاري، بعد ۾ بخاري دادوي ۽ آخر ۾ استاد بخاريءَ جي نالي سان لکيو، استاد بخاريءَ جو پهريون شعر ”اسان جي منزل“ رسالي ۾ ۱۹۵۲ع ۾ ڇپيو. استاد بخاريءَ جو پهريون شعري مجموعو ”گيت اسان جا جيت اسان جي“ ۱۹۷۱ع ۾ شايع ٿيو، هو هڪ گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو، پاڻ قومي ۽ عوامي شاعر، استاد، ڊراما رائيٽر ۽ بهترين نثر نويس به هو، هن اسٽيج جي ”سسئي پنهون“ ۽ ٻين ڊرامن ۾ اداڪاري به ڪئي، هو سٺي آواز جو مالڪ به هئو ۽ پنهنجي اڪثر ڪلامن جون ڌنون پاڻ ترتيب ڏنائين، سندس پهرين ڪلام ”وقت ڏٺوسين پاڻ پليوسين، پيار نه ٿو پلجي“ ۱۹۶۸-۶۹ع ۾ استاد محمد جمن ريڊيو تان ڳايو، استاد بخاريءَ جي شاعري منظور سخيراڻي، استاد محمد جمن، غلام قادر لنجواڻي ميرپوخاص واري، محمد يوسف، عابده پروين، وحيد علي، جيجي زرينه بلوچ، انور وسطڙو، استاد گلزار علي، مُني بيگم، مصري فقير، قمر سومرو، سرمد سنڌي، ممتاز لاشاري، الهداد زرداري، شازيه خشڪ ۽ ديبا سحر سميت سنڌ جي هر ننڍي وڏي فنڪار ڳائي آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾، گيت اسان جا جيت اسان جي، هي گيت گلابي ٻارن جا، اوتون جوتون، ڪوڪڻ يا ڪلياڻ، سوچون ڀڻڪا واڪا، لهر لهر دريا، ڪاري ڪڪر هيٺ، ڌرتي سرتي، زندگي زندگي، نه ڪم نبريو نه غم نبريو، ماندي ٿي نه مارئي، وطن ۽ ويساهه ۽ ٻيا شامل آهن. استاد جنهن دور ۾ لکڻ جي شروعات ڪئي، ان دور ۾ سنڌي شاعريءَ تي فارسيءَ جو گهرو اثر هو ۽ سنڌي شاعري فارسيءَ جي اثر ڪري بي رنگ ڪافين ۽ رديفن جو سڪار هئي. ان دور ۾ ڪشنچند بيوس ۽ ان کانپوءِ شيخ اياز اهڙا شاعر هئا، جن جديد سنڌي شاعريءَ جو بنياد وڌو ۽ شاعريءَ کي نئين ٻولي، نئين ڊڪشن ۽ نئين لهجي ۾ تبديل ڪري ورتو. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته هن چراغ مان ڪيئي ڏيئا روشن ٿيا آهن ۽ ايندڙ دور ۾ به ڪيئي ڏيئا روشن ٿيندا، اهو ئي سبب آهي جو اڄ استاد بخاريءَ جي نالي کانسواءِ جديد سنڌي شاعريءَ جي تاريخ ۽ سنڌي ادب جو تصور بلڪل اڻپورو آهي، استاد اهو مان مرتبو ڪو هڪ ڏينهن، هڪ رات، هڪ مهيني يا هڪ سال ۾ نه پر اڌ صديءَ کان به وڌيڪ عرصو سنڌي شاعري، ادب ۽ ٻوليءَ جي خدمت ڪندي حاصل ڪيو هو. لکڻ زندگي، زندگي ڪيئن ڇڏجي، لکڻ بندگي، بندگي ڪيئن ڇڏجي، ڏکئي کان ڏکيو، عشق اکرن جو آ، رکي دوستي، دوستي ڪيئن ڇڏجي؟ استاد بخاري بخاري بي وفا نڪري پيو ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ڪيترن غمين ۽ ورسين تي ماڻهن مون کي گهٽ ڏٺو هوندو. سمجهندا هوندا ته مان ڪو دل جو ڪٺور آهيان، يا مون کي مرڻو ئي ناهي. آئون جڏهن ڪنهن ٻئي جي مرڻي تي نه ٿو وڃان ته منهنجي تڏي تي ڪير پير ڀريندو؟ هر ڪنهن کي راءِ رکڻ ۽ ڏيڻ جو حق رسي ٿو. پر حقيقت ۾ ڳالهه اور آهي. آئون سواءِ شيخ اياز جي، باقي پنهنجي دور جي وڏن وڏن عالمن، دانشورن، شاعرن ۽ صحافين جي تمام ويجهو رهيو آهيان. هنن جي عظمت ڀرين ڪمن ۽ ڪارنامن کي سرجندي ڏٺو اٿم. موت برحق آهي، پر منهنجو من سندن مئل وجود کي ڏسڻ جي سگهه ئي ساري نه سگهندو آهي. هو طبعي ۽ جسماني طور تي مري ويا، مگر پنهنجي فڪر ۽ ڪم سبب زنده آهن ۽ آئون اهڙن زنده ماڻهن کي مئو سمجهي تڏي تي وڃي نه سگهندو آهيان، تن من ته اڳي ئي جهيريو پيو آهي. پر تڏي تي وڃي ان ۾ لوڻ وجهڻ جي همت ساري نه سگهندو آهيان، ان ڪري پاڻ کي آٿت ڏيندو آهيان ته اهي مئا هوندا ماڻهن لاءِ، پر هنن جون سوچون ۽ لوچون ته مون سان گڏ آهن. استاد بخاري ۽ مان ڀريا پنج سال گڏ رهياسين. سوچن ۾، لوچن ۾ ۽ سنڌيت جي تحريڪ ۾ ٻنهي جهڙوڪ ناچوءَ جيان نچي قومي ڪاڄ ۾ هڪ ٻئي جو هٿ ونڊايو. فنڪشنن ۾ گڏ ويندا هئاسين. گڏ روئندا هئاسين ۽ گڏ کلندا هئاسين. هي اهو زمانو هو، جڏهن آئون سنڌالاجي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ٿي آيس. اڙٻنگ اديب ۽ ليکڪ طور اڳ ۾ ئي نالو ڪمايل هو، ويتر سنڌالاجي ۾ جو بنهه نئون ڪم هٿ ۾ کنيم ته ساڃهه-وند قلم-ڌڻين جو دادلو بڻجي ويس. انهن ڏهاڙن ۾ استاد بخاريءَ جي نياڻي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندي هئي. هڪ ڏينهن هو پنهنجي نياڻيءَ کي وٺي منهنجي سنڌالاجيءَ واري آفيس ۾ آيو. چيائين: ”ڊاڪٽر صاحب! هيءَ اوهان جي ڀائٽي آهي“. مون بي بي کي ڏٺو ۽ بخاريءَ کي وراڻي ڏني ته، ”سيدن سان ڪهڙو سڱ سياپو. اوهان پاڪن جو اولاد اسان اوهان جي پيرن جي خاڪ“. ان کانپوءِ بي بي به آفيس يا بنگلي تي ايندي رهي ۽ استاد بخاري به پنهنجي نياڻيءَ سان جڏهن يونيورسٽيءَ ۾ ملڻ ايندو هو ته مون ڏي به ڀيرو ضرور ڪندو هو. مون سنڌالاجي ۾ جيڪا ”ڏات-ڌڻين واري رٿا“ شروع ڪئي ته استاد بخاري پهريون ڏات-ڌڻي هو. جنهن منهنجي ڪم جي تاريخي ۽ تحقيقي اهميت جو ڀرپور اندازو لڳايو. مون کي پنهنجي علمي ۽ ادبي سرگرمين جو اهڙو ته مثالي ۽ تاريخ وار رڪارڊ/ وچور ٺاهي ڏنائين، جيڪو آئون ٻين شاعرن ۽ اديبن کي ڏيکاري پنهنجي ڳالهه سمجهائيندو هئس. منهنجو اڳ به اهو ايمان هو ۽ هاڻي به سوچ ساڳي آهي ته سنڌ ۾ جيڪي به علمي، ادبي، ثقافتي ۽ سماجي وغيره واقعا جنم وٺن ٿا. انهن جو رڪارڊ محفوظ ڪيو وڃي. جيڪڏهن ڪو هڪ واقعو به رڪارڊ ٿي نه سگهيو ته ڄڻ اسان کان هڪ خون ٿي ويو ۽ ارتقا جي عمل واري اسان هڪ ڪڙي وڃائي ڇڏي. استاد بخاريءَ ڪڏهن به مون سان انهيءَ پراجيڪٽ تي بحث نه ڪيو، بلڪ ويهي مون کي ٻڌندو هو. مون کي ياد آهي ته هڪ ڏينهن مون ڳالهيون ڪندي کيس چيو: ”سائين! جيڪڏهن لطيف جي زماني ۾ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ هجي ها ته کانئس ڪوائف نامو ڀرائي وٺي ها. هاڻي جو اسان سندس ولادت جي تاريخ، تعليم ۽ ٻين ڳالهين تي ڪج بحثي ڪندي، اٺ ڪتابن جا لکي وڃون ٿا، سي لکڻا نه پون ها. ڇو ته انهيءَ ڪوائف نامي ۾، شاهه لطيف پنهنجي هٿن سان پاڻ ڪيترن سوالن جا جواب ڏئي چڪو هجي ها.“ جيئن جيئن ڏينهن گذرندا ويا، تيئن تيئن آئون استاد بخاري جي عظمتن جو قائل ٿيندو ويس ۽ اسان هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا بڻبا وياسين. سندس ڪتاب ”ڪوڪڻ يا ڪلياڻ“ جي مهورتي موقعي تي سندس مرضيءَ ۽ چوڻ تي آئون به وڃي شريڪ ٿيو هئس. استاد بخاريءَ جي هن ڪتاب مان آسانيءَ سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته بخاري شاعري شوق لاءِ نه پر شعور ڏيڻ لاءِ ڪرڻ چاهي ٿو. هو قوم جو نظرياتي پورهيت آهي. هو سنڌ کي دنيا جهان کان ڪٽيل گرهه نه ٿو ڄاڻي، پر کيس عظيم قومن جي قطار ۾ آڻي بيهارڻ لاءِ پاڻ سان ۽ پنهنجي ڏات سان وچن ڪري چڪو آهي. انهيءَ ڪتاب جي اچڻ کان پوءِ منهنجي ساڻس محبت ۽ عقيدت واري کير ۾ جهڙوڪ کنڊ پئجي وئي. استاد بخاري ۽ مون ڪيترين ادبي گڏجاڻين ۾ گڏجي شرڪت ڪئي. مون کي ياد ٿو پئي ته هڪ رات اسان خيرپور واري پاسي ممتاز رڏ جا مهمان هئاسين. هن پنهنجي والد جي ياد ۾ ادبي ميڙاڪو سڏايو هو. تقريرون ٿيون، مشاعرو ٿيو، شايد راڳ رنگ به ٿيو. سياري جي رات هئي، پر استاد بخاري ۽ آئون بي آرامي هئاسين. گرم گرم بسترو ڇڏيوسين ۽ ڳوٺ کان ٻاهر نڪري هڪ موريءَ تي وڃي ويٺاسين. آسمان ۾ تارا ٽمڪي رهيا هئا، پکي پکڻ به آرامي هئا ۽ هر طرف سانت ئي سانت هئي. ٿوري گهڙيءَ کان پوءِ ڀر واري ڳوٺ ۾ اغوا جي واردات شروع ٿي. ڪلاشنڪوفن جون ٻرندڙ گوليون ڪرندڙ ستارن جيان اڏري وسامي ٿي ويون. پر اسان انتهائي خاموشيءَ سان هڪ ٻئي طرف ڏسي رهيا هئاسين. ٻنهي کان ٻڙڪ نه پئي نڪري، پر چپ چپات ۾ هزارين داستان هڪ ٻئي کي ٻڌائي رهيا هئاسين. نيٺ مون ماٺار کي ٽوڙيو: ”سائين! ڪٿي ويٺا آهيون، ڪهڙي مهل جو ويٺا آهيون ۽ ڇو ويٺا آهيون؟“ اونداهي رات ۾ سندس اکيون ڄڻ چمڪي رهيون هيون. هن جي اکين ۾ دکن جا شعلا هئا ۽ مستقبل جي روشني هئي. چيائين: ”انهن سوالن جا جواب بڻجي ته هت اڪيلا ويٺا آهيون. رات جي هن پهر کي پيرن فقيرن جو پهر ڪري چئبو آهي. لطيف سائين پنهنجي منگتي کي هن وقت اٿي سئن هڻڻ ۽ سوال ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي. منهنجي سنڌ جي پيرن فقيرن واري انهيءَ پهر کي رهزنن ۽ ڌاڙيلن ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ جو پهر بڻائي ڇڏيو آهي. سنڌين جو ساهه مٺ ۾ آهي. شهرن ۾ وڃن ٿا ته لاش بڻجي ڳوڻين ۾ بند ٿي موٽن ٿا. ٻهراڙين ۾ هي حشر پاڻ ٿو ڏسين. گولين جو وسڪارو ته ڏس، ڄڻ ڳوٺ فتح ڪرڻ لاءِ ڌارئي ملڪ جي فوج ڪاهي آئي آهي.“ ”گولين جي آواز آسمان مٿي تي کڻي ڏنو آهي. ڇا اهو آواز ڀرپاسي وارن ڳوٺن يا پوليس تائين نه پهچندو هوندو؟ اسان بي حس ڇو ٿي ويا آهيون؟ اسان مان ناحق ۽ ظلم خلاف جنگ جوٽڻ جي سگهه ڇو ختم ٿي وئي آهي؟“ سندس ڳالهين ۾ شامل ٿي ويس. ”ڊاڪٽر! تون ڄاڻين ٿو ته تون ۽ مان ڪي ڀٽڪيل روح ناهيون، خاموش تماشائي به ناهيون، تو ۽ مون وٽ قلم جي ڪلاشنڪوف آهي. اسان ايماندار قومي پورهيتن جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون.“ بخاري منهنجي پهرين سوال جي هڪ حصي جو جواب ڏيندي چيو. ”سائين! تون ۽ اسان پيرن ۾ مقصدن جا گهنگهرو ٻڌي، ناچوءَ جيان نچندا رهيا آهيون. شهر شهر نگر نگر وستي وستيءَ سنڌ جا گيت گونجائيندا رهون ٿا. ڪنهن موٽ کان سواءِ، ڪنهن نتيجي کان سواءِ. روئڻ جهڙيون ڳالهيون ڪريون ٿا ته ماڻهو تاڙيون ٿا وڄائن، کلڻ جي ڳالهه ڪريون ٿا ته نچڻ شروع ڪن ٿا.“ مون پنهنجي راءِ ڏني. اونداهي رات ۾ بخاريءَ جي اکين مان ٽانڊن جيان ٻرندڙ ڳوڙها اچي، منهنجي هٿن تي ڪريا. چيائين: ”ڊاڪٽر! اها مجبوري آهي، اهو چئلينج آهي ۽ اها ايجنڊا آهي، تنهنجي ۽ منهنجي. هتي ڀر ۾ گولين جي گجگوڙ لڳي پئي آهي ۽ ان تي پکي پکڻ ته پنهنجا واهيرا ڇڏي دانهون ڪرڻ شروع ڪيون آهن، پر ڪنهن کي ڀاڄ نه ٿي اچي ته ڏاڍ جي ڏونگرن کي ڊاهڻ لاءِ ڪانڀو ڪڍي ٻاهر نڪري اچي. تون سچ ٿو چئين ته جنهن ڳالهه تي ماڻهن کي روئڻ اچڻ گهرجي، ان وقت اهي خوش ٿي پون ٿا. هن کان حالتن دک ۽ سک جي تميز کسي ورتي آهي. اسان وڏي نفسياتي ۽ نظرياتي بحران مان گذري رهيا آهيون. پر توکي ۽ مون کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي.“ بخاريءَ مون کي آٿت ڏيندي چيو.: سسئيءَ کي ڪهڙي خبر ته هوءَ ڪهڙي هنڌ تي پهتي آهي ۽ مٿان ڪهڙي مهل آئي اٿس. هن جي دل ۽ دماغ تي پنهل جي ڇاپ لڳل هئي. بنهه ائين ۽ اهڙي طرح مون کي ۽ بخاري کي مهل ۽ ماڳ جي ڪا پرواهه ڪانه هئي. اسان ٻنهي تارن ڀري رات کي ڏينهن ۾ تبديل ٿيندي ڏٺو ۽ پنهنجي آس کي اميد ملي ته اونداهي رات جو نيٺ ته انت ايندو. پر اهو اڏول، برجستو ۽ ڪامل شاعر ائين هليو ويو. هن کي ائين رڻ ۾ رولي وڃڻ نه گهربو هو. بخاري وقت کان اڳ مري ويو. وڏي بي وفائي ڪيائين. سڄي ڄمار روئندي روئندي منهنجا ته ڳوڙها ئي سڪي ويا آهن. ان ڪري روئڻ ايندو ئي نه آهي. پر ٻن ماڻهن جي موت تي اکيون ڀرجي آيون ۽ آئون پاڻ پلي نه سگهيس. پهريون دفعو استاد بخاريءَ جي موت تي ۽ ٻيو دفعو بينظير ڀٽو جي موت تي. آئون ڪو بينظير ڀٽي جو نظرياتي پوئلڳ نه اڳ هئس ۽ نه هاڻي آهيان، پر جڏهن هن جي سياست، تدبر ۽ عمر جا گل ٽڙيا ته هٿراڌو بي دردي سان مرجهايا ويا. مون کي وڏي ڪهل آئي ۽ مان روئي پيس. بنهه ائين جڏهن استاد بخاريءَ جي شاعري اڳ کان اڳري، پختي ۽ عوامي ۽ نظرياتي شاعريءَ جو روپ ورتو ته هو اسان کان جدا ٿي ويو. هو قادر الڪلام شاعر هو. هن کي ڪوزي ۾ درياهه کي بند ڪرڻ ايندو هو. هن جي شاعري هڪ ئي وقت تي ذهن ۽ زبان، ضمير ۽ نظرئي کي ڇهي وٺندي هئي. هن جي اسان کي ههڙين حالتن ۾ سخت ضرورت هئي. هاڻي اسان ايترو بي حس ۽ بي وس ٿي چڪا آهيون جو معذور مورڙو ته مانگر مڇ کان پنهنجي ڀائرن جو بدلو وٺي سگهيو، پر اسان ڏنڊا مسٽنڊا ماروئڙن ۽ سڄي شهر کي بچائي نه ٿا سگهون. جڏهن جمشيد مهتا ڪراچيءَ جو ميئر هوندو ته روزانو ڪراچيءَ جا رستا ۽ روڊ پاڻي سان ڌوتا ويندا هئا. پر هاڻي اسان جي ڏينهن ۾ روز نه پر هر هر ڪراچي جا رستا انساني رت سان ڌوتا وڃن ٿا. هجي ها استاد بخاري ته ڪراچيءَ جو ڪيڏارو لکي ها. اڄ جڏهن هڪ کان وڌيڪ نظامن جا لٽا ڪپڙا سبي، مون کي چڍي هٿ ۾ ڏئي چون ٿا ته؛ اها قميص ڪري پاءِ، ته اهڙين اڍنگين حرڪتن تي استاد بخاري ئي مون کان وڌيڪ سٺو لکي ٿي سگهيو. هو به ڪو نه وسرندو ۽ سندس ياد به ڪو نه وسرندي. هو پنهنجو ڪردار ادا ڪري ويو ۽ هاڻي اسان کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي. استاد بخاري ڌرتي جو شاعر ڊاڪٽر محمود بخاري لکڻ وڏي ڏات آهي پر اها ڏات جي ديوي جنهن تي مهربان ٿئي. دنيا جا عظيم شاهپارا تخليقڪارن جا ئي تخليق ڪيل آهن. صدين جو اهو سفر نه رڳو تاريخ جي ورقن ۾ ساهه کڻي پيو پر وقت سان گڏ اتهاسڪار شخصيتن پڻ جنم ورتو آهي. اسان جي ٻولي ڏاڍي ڀاڳوند چئبي جو اُن جي آبياري لاءِ کوڙ سارن شخصن پنهنجن ڪلهن تي وڏا بار کنيا آهن. سنڌي ٻولي جي عوامي لب لهجي وارو هڪ خوبصورت شاعر استاد بخاري به ٻولي جي اهڙن ساهتڪارن ۾ پنهنجي هڪ الڳ حيثيت رکي ٿو. استاد بخاري سنڌي عوامي شاعري جو بنهه منفرد نانءُ آهي. هن جي شعر ۾ ترنم، رواني ۽ ٻولي جي وسعت آهي. هو سونهن، سچ، انسان دوستي ۽ ڌرتي جو شاعر آهي. هن وٽ انهن موضوعن متعلق منفرد خيال آهن. هن مختصر مضمون ۾ اسان استاد جي ڌرتي سان محبت جا چند خيال پيش ڪنداسين. ڌرتي آدجڳاد کان انسان جي نه رڳو محبت جو محور رهي آهي پر انسان جي ترقي ۽ سڌاري جي به اهم ڪارڻ پڻ آهي. دنيا جا سڀ موضوع/ مسئلا ڌرتي سان لاڳاپيل آهن. انسان دوستي، تهذيب، ثقافت، ادب، شعاري، آرٽ، مصوري، حسن سڀ ڌرتي مان ڦٽي نڪرن ٿا ۽ ڌرتي سان انهن جو گهرو ناتو رهي ٿو. دنيا جو بهترين ادب توڙي شاعري جا موضوع ۽ پسمنظر ڌرتي سان ئي سلهاڙيل رهن ٿا. اسان جي هن شاعر استاد بخاري جو فڪري ۽ روحاني رشتو ڌرتي سان آهي. هن بيماري جي بستري تي موت سان منهن مقابل ٿيندي هي لفظ لکيا: خوشبوئن کان سواءِ جڳ ۾ ڪا شيءِ ڪانه رهندي مان سمورا خواب ۽ ڪتاب اوهان کي ٿو ارپيان، منهنجا اوهان سان قوم سان ڌرتي سان رشتا ناتا لڳ لاڳاپا ۽ تعلقات اڻ ٽٽ آهن ڇو ته اهي رشتا موت جي سرحدن کان گهڻو دور آهن جي سدائين قائم رهندا جي سدائين قائم رهندا. استاد بخاري جي شاعري ۾ ڌرتي توڙي ڌرتي واسين لاءِ وڏي تڙپ آهي. هو سانگيئڙن جي پيڙاءُ کي محسوس ڪري ٿو. استاد جي نظم ’قوم چوي ٿي ٻول‘ ۾ هيڻن سان، ڏاڍن جي ڪيل ناانصافين، فريب ڪارين جو عڪس پسجي ٿو. اتي هڪ تخليقڪار کان سماج ڇا ٿو گهري، ان ڏانهن به اشارو ڪيو ويو آهي، سندس لفظ آهن: قوم چوي ٿي ٻول او شاعر ٻول اسان جي ٻچڙن جي لئي ٻول ٻاهر اُجرا اُوچا ماڻهو اندر نيرا، نيچا ماڻهو للڪاريون لاحول رسي ماحول او شاعر قوم چوي ٿي ٻول. گيرا نعرا، کيرا هوڪا خالي کوکا تن ۾ دوکا جي ٿا کوليون پول ته ڍانڍا ڍول او شاعر قوم چوي ٿي ٻول! ڪهڙا رهزن، ڪهڙا رهبر، دهرا روپ، دغارا دلبر مُڻهن تان گهونگهٽ کول لهي ڀل ڀول او شاعر قوم چوي ٿي ٻول! هيڏي ڌرتي، هيڏا دريا هوندي، دڙدون کائي دنيا هي ڳجهارت ڳول وڏو ڪنهن ڏول او شاعر قوم چوي ٿي ٻول! او انڌاري، او اونداهي! ايندي سچ کي ڪهڙي ڦاهي، سچ جو بالا بول، ڪبو سر گهول او شاعر، قوم چوي ٿي ٻول! ڌرتي جتي ڪونڌر ڄڻي ٿي اتي ڪي ڪانئر به جنم وٺن ٿا. استاد اهڙي ئي ٻاگهي ۽ مارئي جو ذڪر ڪري ٿو: معافي نامي تي تنهنجي هٿ صحيح ڪئي هٿ نه لاءِ مون کي گيد- پڻي جي گپ ٿڦيل تنهنجي منهن تي توکي چمن ڪيئن چپ ڪانئرتا تنهنجي منهن تي آهه ٿڦي پئي ڪيئن چمان توکي. ڌرتي/ سنڌ لاءِ پنهنجو پاڻ ملهائڻ وارا جوڌا اڃا جڳ ۾ جيئرا آهن. اهڙن جوڌن جون مائرون به پنهنجي اندر ۾ نه رڳو ماءُ جي محبت رکن ٿيون، پر اهي پنهنجي مٽي لاءِ به پنهنجن جوڌن پٽن جي جان جو نذرانو به ڏيڻ کان نٿيون ڪيٻائن. استاد به اهڙي ماءُ جي ٿڃ پيتي آهي، هو اُن اڏول ماءُ جو ذڪر ههڙي ريت ڪري ٿو: رڻ ۾ رُڪ هوندو، گهر ۾ ريشم پَٽ، منهنجو پٽ سمجهو. سرگم ڌڙ چچريل، ريٽو جهنڊو ڪڇ ۾ ٿڃ منهنجي پيتل. سنڌ سڏي ٿي وڃ اٿ پٽ جهٽ ڪر نه ته آءُ نه بخشان ٿَڃُ. استاد بخاري جي شاعري جو محور گهڻو تڻو سنڌ ۽ سنڌ واسي آهن پر اُن سان گڏوگڏ هو پوري انسان ذات جي ڏک کي پنهنجو سمجهي ٿو. ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو استاد لاءِ لکي ٿو: ”استاد جي شاعري قوم لاءِ نهايت ڪمائتي ۽ انتهائي جديد پڻ آهي. جنهن جا موضوع انسانيت جي عظمت، انسان جي همت، قوت ۽ تعمير صلاحيت کان سواءِ انساني دک، درد، ڏولاوا، سور سڪرات، پيڙا ڏيکاريندڙ ڀرپور تخليقي صلاحيت جا پرتو آهن“. (اوتون جوتون مهاڳ) استاد سنڌ جو آهي ۽ سنڌ استادن جي. هن جي شاعري نج عوامي لهجي ۾ آهي. هن جي تشبيهن توڙي استعارن ۾ سچا پچا عڪس پسجن ٿا. هن ماڻهن جي وچ ۾ ويهي انهن جا خيال، ڏک، درد، احساس توڙي خواب پنهنجن لفظن ۾ اُڻيا آهن. هن جو آواز هن جو پنهنجو نه آهي بلڪه اهو آواز انهن ماروئڙن، جهانگيئڙن، سانگيئڙن جو آهي، جن جي وچ ۾ ويهي استاد شاعري جو هي سارو ڪارونڀار جوڙيو. هن جا ڌرتي سان اڻ ٽٽ رشتا آهن انهي لاءِ ڌرتي واسين سان هن جي حب فطري لڳي ٿي ۽ هو انهن جي ذڪر کي ڪنهن عبادت کان گهٽ نٿو ڀائين. هن ڪڏهن به انهن کان پاڻ کي ڌار نه سمجهيو آهي. پڇن ٿا سنڌ ۽ سنڌين جي ڇو تسبيح پيو سورين، چيم، هاڻي پڇاڙي آ، عبادت جي ضرورت آ. ’بخاري‘ سنڌ، سنڌي ۽ سدا سنڌو ندي دائم! نه ڪوثر جي، نه حورن جي، نه جنت جي ضرورت آ. استاد بخاري (۱۹۳۰ع کان ۱۹۹۲ع تائين) مختيار ملاح استاد بخاري جو پورو نالو احمد شاه بخاري هو. سندس جنم دادو ضلعي جي هڪ ڳوٺ غلام چانڊيو ۾ سيد حاجن شاه جي گهر ۾ ٿيو . شروعات ۾ پرائمري استاد جي حيثيت سان ڪم ڪيائين، بعد ۾ ڪاليج ۾ سنڌي ادب جو ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ آخر ۾ پروفيسر ٿي دادو جي ڊگري ڪاليج مان رٽائرڊ ٿيو۔. استاد بخاري ۱۹۵۰ع کان باقاعده مشاعرن ۾ شرڪت ڪرڻ لڳو ۽ سندس شعر مختلف رسالن ۾ شايع ٿيڻ لڳا. استاد بخاري جي سڃاڻپ هڪ عوامي شاعر جي حيثيت ۾ پوري سنڌ ۾ ٿي، سندس ڇپيل شعري مجموعن ۾ ”ڪوڪڻ ۽ ڪلياڻ“، ”ڪاري ڪڪر هيٺ“، ۱۹۹۱ع ، ”ڌرتي سرتي“ ۱۹۹۱ع، ”نه ڪم نبريونه غم نبريو“ ۱۹۹۲ع، ”زندگي زندگي“ ۱۹۹۲ع ، ”پير هٽن پوئتي” ۱۹۹۲ع، ” اوتون جوتون“ ۱۹۹۴ع، ”ماندي ٿي نه مارئي“ ۱۹۹۴ع، ”ولولو ۽ روڪ“ ۱۹۹۴ع، ”وطن ۽ ويساهه“ ۱۹۹۷ع ، ”هر ئي هيڄ وطن جا“ ۱۹۹۸ع، ”ٿڙ ٿڙ تيڏيان ڳالهايان“ (۲۰۰۰)، ”گهڙيا سي چڙهيا“ (۲۰۰۱)، ”گيت اسان جا جيت اسان جي“، ”لهر لهر دريا“، ”سوچون ڀڻڪا واڪا“، ”گيت گلابي ٻارن جا“، ”ميلا ملهالا“، ”لهر لهر ۾ لالاڻ“، ڳائي پيو جاڳي پيو“، ”گلدستي ۾ گيت“ ۽ ٻيا مجموعا آهن۔. استاد بخاري سنڌي شاعري ۾ هڪ وڏو نالو آهي، هو شاعري جي افق تي عوامي ترجما نگار جي حيثيت سان اڀريو. سندس شاعري عشق، حسن ۽ قوميت جو سنگم آهي. راشد مورائي سندس شاعري لاءِ لکي ٿو ته ” استاد بخاريءِ سونهن، سچ ۽ پيار جو شاعر آهي ۽ انهن موضوعن کي نهايت سادي، سولي ۽ عام فهم ٻوليءَ ۾ اهڙو ته خوبصورتي سان پيش ڪيو اٿس، جو سندس شاعري ۾ چمڪ پيدا ٿي پئي آهي، ” استاد بخاري حسن ۽ عشق مان وڏو اتساهه ٿو وٺي، هو حسن ۽ عشق کانسواءِ زندگي جو تصور اڌورو ٿو سمجهي۔. او عشق نه ڇڃ مون کان، او سونهن نه ڇڏ پاسو نه ته مان ڊڄان ٿو پيو هن هانءُ جي دهڪن کان استاد بخاري لفظن ۾ ساهه ڀرڻ سان گڏ لفظن ۾ جادو به ڀري ٿو. لفظ استاد اڳيان ڇيرو پائي نچندا نظر اچن ٿا. سندس شاعري جي سٽ سٽ ۾ حسن ۽ عشق جو پيغام آهي. هو چوي ٿو ته ؛ زندگي تي ناهين ڪوئي ڀروسو، حسن کي پوجي وٺو پوجي وٺو ڪائنات حسن ۾ هلندو وتان، ڄڻ ته بحر حسن ۾ ترندو وتان، حسن کي ڏسندو وتان ٺرندو وتان، حسن ٿو ڏئي استاد ڏاڍو مزو استاد حسن جي ڪائنات ۾ گذاريندي، وڇوڙو، رسڻ، پرچڻ، چوٽ، درد، سور، سوز، انتظاري، بيقراري جهڙين ڪيفيتن مان گذري ٿو. دل تي درد سهندي، برهه مان باهه ٻارڻ جو ڪيڏو نو سهڻو اظهار ڪيو اٿائين. جيءُ جنهن کي چيم، جهڻڪ تنهن کان مليم چوٽ ڏاڍي رسيم، پر ڪيم درگذر ڪيس ڪيڏا ڪئي حسن جي انڌ تي باهه ٻاري وڌءِ هانءَ جي هنڌ تي غير جي پنڌ تي پير تنهنجا ڏٺم چوٽ ڏاڍي رسيم، پر ڪيم در گذر ڪو به اديب، شاعر، سگهڙ يا سياستدان پنهنجي قوميت کان دستبردار نه ٿيندو آهي. ڪيڏا به ساڻس ها ڃا ٿين، ليڪن انساني سڃاڻپ قوميت سان ئي منسوب آهي. استاد بخاري جا گيت، غزل، وايون ۽ باقي سڀ صنفون سنڌ ڌرتيءَ جي قوميت جي رنگ ۾ رنگيل آهن، ڇو جو خودئي وڏي واڪي چيو اٿائين ته؛ اغيار سان اقرار اهو ڪيئن ٿيندو ۽ يار سان انڪار اهو ڪيئن ٿيندو استاد بخاري کي کڻي دفن ڪيو ڌرتي کان مگر ڌار، اهو ڪيئن ٿيندو سنڌ، جيڪا ڪراچيءَ کان ڪشمور ۽ ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين پکڙيل آهي، ان لاءِ ”استاد“ چوي ٿو ته؛ سنڌو جي اٿل سمجهه عقيدا منهنجا، منڇر جا ڪنول سمجهه عقيدا منهنجا مهراڻ ۽ منڇر جي لٿل ٿا ڏسجن اولاد لٿل سمجهه عقيدا منهنجا استاد کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ سان محبت آهي، هتان جي ماروئڙن، جهانگيئڙن جا حالات زار ڏسي هو بي چين ٿي پوي ٿو؛ مان ڪيئن سيج سمهان، منهنجا ماروئڙا منهنجا سانگيئڙا، پڌر پٽ سمهن تنهنجي ميزن تي، سهسين کاڄ اچن کائن ڪانگ ڪتا، جوٺا جام بچن مان ڪيئن لوڻ چکان، منهنجا ماروئڙا منهنجا سانگيئڙا، روزا روز رکن استاد بخاري خاموش ٿي ويهي رهڻ کي غلط ٿو سمجهي، سنڌ جي مسئلن لاءِ وڙهڻ جي ترغيب ڏئي ٿو، هو مرشد جي فيض ۽ ڌرتيءَ لاءِ حق وٺڻ لاءِ چوي ٿو سون مرشد کان ڳنهي وٺبو آ فيض مرشد کان وٺبو آ جو به سمجهو اوهان جو حق آ حق مڙسي سان ڇني وٺبو آ استاد بخاري هن ڌرتي جو نظرياتي سوچ وارو دانشور ۽ انقلاب جي علامت آه، ڪنهن وڏي منزل تي رسڻ تائين اهو ئي چوڻ به حق ٿو سمجهي ته؛ جو قوم جياري جئندو رهندو، جو عام اجاري اهو جئندو رهندو مون کي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آهي جو سنڌ سنواري اهو جئندو رهندو استاد بخاري جتي حسن، عشق ۽ قوميت جي ڳالهه ڪري ٿو، اتي بين الاقوامي امن، انسانيت کي به نٿو وساري، ڇو جو سندس شاعري صرف سنڌ جي سرحدن تائين محدود نه آهي. نفرت کي لعنت ٿو سمجهي، ذاتين، مذهبي فرقي بازن کي انسانيت لاءِ هاڃو ٿو سمجهي؛ ٿو ٿو ٿو ٿو، نفرت نفرت هيڙو هيڙو لعنت لعنت ظلم جي هي ڇيڙ، جوڳي، جهٽ ڪر، ڇيڙون ڇيڙا ڪلفت فتنا ۽ ناسازيون ذاتيون مذهب فني بازيون سڀ تي پيار پکيڙ، جوڳي جهٽ ڪر ڇيڙون ڇيڙا جڏهن دنيا ۾ ايٽم بم جي ايجاد سان وڏي پيماني تي تباهي ٿيڻ لڳي، تڏهن استاد چوي ٿو ته ؛ ايٽم هٿ ۾، انسان بڻيو، انسان جو ويري يا ڪندا هي دنيا تنهنجو ڍينگوئي ڍيري مطلب ته استاد پنهنجي سچ، سونهن، حسن، عشق، قوميت ۽ بين الاقواميت جي موضوعن سان سنڌي شاعري کي عظمت ۽ انفراديت بخشي. سندس شاعري جي سڀ کان وڏي خوبي اها آهي ته اها وڏي پيماني تي ڳائي وڃي ٿي ۽ ٻڌي وڃي ٿي سندسن شاعري جي عظمت ان وقت اڃان به وڌي وڃي جڏهن ان ۾ عوامي ترجماني جا سڀئي پهلو ملن ٿا. استاد بخاري چون ٿا زندگي سپني سمان آهي، ائين ناهي محمد صديق منگيو انسان جي مٽي ڀورو آهي ۽ ان مٽيءَ مان جڙيل هر جيءَ کي اوسر جهڙي مٽيءَ سان ئي دائمي سڱ نڀائڻو آهي. انساني جيون جي سفر جي اها ئي پڄاڻي آهي. هن ڪائنات جي ڪنڊن ۽ پاسن ۾ وسندڙ اربين انسانن جي انبوهه مان هر روز سوين بلڪه هزارين انسان پنهنجي جيون جو پنڌ پڄائي ڪنهن رمتي فقير وانگر رمندا رهن ٿا، پر انهن سون هزارن انسانن جي وڇوڙي تي اکيون آليون نه ٿيون ٿين، پنبڻيون پسن نه ٿيون، ڇاڪاڻ ته موت هن ڪائنات جي وڏي ۾ وڏي حقيقت آهي، پر انهن جوڻ مٽائيندڙ انسانن جي انبوهه ۾ ڪي انسان اهڙا به ٿيندا آهن، جن جي وڇوڙي تي لکين اکين مان لڙڪن جون لارون لڙي پونديون آهن، جيءَ جهري پوندا آهن. ڪو رت جو سڱ سياپو نه هوندي به اندر جو انسان ائين روئي پوندو آهي، ڄڻ ڪا ملهائتي شيءِ هٿ مان ڪري پئي هجي. ڇاڪاڻ ته اهڙا انسان سڀني جي گڏيل ملڪيت ۽ ميراث هوندا آهن. انهن جي جيون جو هر ساهه پساهه ٻين لاءِ هوندو آهي. اهڙن ئي مانجهي مردن ۽ تاريخ جوڙيندڙ مهان انسانن لاءِ لطيف به چيو هو ته: جکرو جس کرو، ٻيا سڀ انيراءَ، جئائين گهڙيو جکرو، تئائين نه ٻيا، مٽي تهه ماڳاءِ، اصل هئي ايتري. انهن مهان انسانن جي سٿ جو هڪ جرڪندڙ ستارو استاد بخاري به هو، جنهن جي مرتئي جي خبر هند سنڌ جي سڄاڻ طبقي سان گڏ عام ماڻهوءَ تي پڻ وڄ وانگر ڪڙڪي آهي. استاد بخاري جنهن جي شاعري جي اکر اکر سان سنڌوءَ جي لڙاٽيل پاڻي ۽ چيڪي مٽيءَ جو واس اچي ٿو ۽ سندس شاعري جي هر سٽ ۽ هر پد نه رڳو جذبن، اڌمن، ڏڍ ۽ آٿت سان ڀرپور آهي، پر دعائن ۽ خواهشن جو ڀنڊار پڻ آهي. ان سنڌ جي عظيم ۽ ڏاهي انسان لاءِ اسان ڪجهه به نه ڪري سگهيا آهيون. چاچي گدائي کان وٺي بردي سنڌي، استاد گلزار علي خان ۽ استاد بخاري تائين سنڌي ادب جا واهڙ جي هٿن مان واري جي مٺ وانگر کسڪندا پيا وڃن ۽ اسان رڳو انهن جي وئي پڄاڻان پريس رليزن وسيلي مصنوعي ڏک جا گٺل پيٺل جملا لکي آڱر وڍائي شهيدن ۾ شامل ٿيڻ وارن جي لسٽ ۾ پاڻ ڳڻائيندا رهيا آهيون. اصل ڳالهه اها آهي ته اسان جو هر عمل مصنوعيت سان ڀرپور آهي. اسان جا رويا پنهنجن محُسن، ادب ۽ ڏات ڌڻين ڏانهن درست نه رهيا آهن. اهو ئي سبب آهي جو اسان پنهنجن ڏات ڌڻين جي حياتين کي ڪا ٽيڪ يا ٿوڻي نه ڏئي سگهيا آهيون. اها حقيقت آهي ته موت اٽل آهي. ڪوبه ڪنهن جي حياتيءَ کي بچائي نٿو سگهي، پر گهٽ ۾ گهٽ ايترو ئي ڪري سگهجي ٿو ته اسان پنهنجي عمل وسيلي پنهنجن محسنن کي سرڪاري واهر جو ڳيجهو بڻجڻ کان بچائي سندن موت کي آسان ڪري سگهون. کين موت جي بستري تي سڏڪي سڏڪي پساهه ڏيڻ بدران علاج جون بهتر سهولتون ڏئي سندن حياتي جي بچيل ڏهاڙن کي آسان بنائڻ ۾ مدد ڏيون. پر ان ڏس ۾ اسان وٽ سچائيءَ جي وڏي کوٽ رهي آهي. نه ان ڏس ۾ انفرادي ڪوششون ٿيون آهن ۽ نه وري ادبي، سماجي ۽ عملي تنظيمن پاران ڪو ساراهه جوڳو ڪردار ادا ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ هڪ ساڃهه وند ماڻهوءَ کان وٺي تنظيمن تائين سڀ ذميوار آهن. استاد جي وفات کانپوءِ اخبارن ۾ جيڪي تعزيتي بيان ڇپيا آهن، رڳو هڪ بيان ڏيندڙ تي ڏهه رپيا ٻڌون، تڏهن به هوند لکين رپيا گڏ ٿي پون ۽ اها رقم سنڌ جي ڪنهن ڪلاڪار، اديب، شاعر جي حياتي جي گهڙين کي وڌائڻ لاءِ ايترو ڪافي ٿي پوي جو هوند وڌيڪ امداد لاءِ سرڪار کي اپيلن ڪرڻ جي ضرورت ئي نه پوي. استاد بخاري نه رڳو سنڌ جي سڄاڻ ذهن رکندڙ لکين دلين تي راڄ ڪندڙ عوامي شاعر هو، پر هڪ باعمل انسان پڻ هو. هو اهڙو ڏات ڌڻي هو، جنهن جيڪو ڪجهه شاعري ۾ لکيو، ان جي سٽ سٽ تي پاڻ عمل ڪري ٻين لاءِ دڳ گهڙيو. هونئن ته سندس سموري زندگي هڪ نمونو هئي، پر سندس عملي زندگيءَ جي ٻن ڳالهين مون تي وڏو اثر ڇڏيو آهي ۽ مان سمجهان ٿو ته سندس شخصيت جي انهن ٻن پهلوئن ئي کيس سنڌ جي هر ننڍي وڏي وٽ هڪ جهڙي مقبوليت ۽ مڃتا ڏياري ۽ منفرد مقام ڏنو. سندس پهرين خوبي اها هئي ته هو وڏو شاعر هئڻ جي باوجود ”وڏو ماڻهو“ نه هو ۽ نه ڪڏهن ٿيڻ جي ڪوشش ئي ڪيائين. هن ٻين همعصر ليکڪن ۽ شاعرن جي ان کيپ سان بغاوت ڪئي، جيڪي سنڌ جي نئين ٽهيءَ جي لکارين ۽ شاعرن کان ڇرڪندا ۽ ٽهندا هئا، پر هن نئين ٽهيءَ جي اديبن ۽ شاعرن جي تخليقي خدمتن کان متاثر ٿي کين ڇڪي پنهنجي ڇاتيءَ لاتو، سندن جديد ادبي لاڙن کي مقبول ڪري کين اتساهيو ۽ همٿايو. مون پير حسام الدين راشدي کانپوءِ اگر ڪنهن سنڌ جي وڏي اديب، ليکڪ ۽ شاعر کي سنڌ جي نوجوان نسل جي ادبي خدمتن جو معترف ڏٺو ته اهو استاد بخاري هو. هڪ ڀيري ۱۹۹۰ع ۾ سانگهڙ ۾ نئين ٽهي جي نمائنده شاعرن جي ادبي ميڙاڪي ”سرهي سانجهه“ ۾ تاج جوئي ٻڌايو ته ”استاد بخاري سنڌ جي نوجوانن لاءِ سنيهو ڏنو آهي ته ”منهنجي زندگي جا ڏينهن ڳڻڻ جيترا رهجي ويا آهن. منهنجي خواهش آهي ته مون کي ڪو جهاز هجي ته سنڌ جي شهر شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ وڃي نوجوانن کي ڀاڪر پائي مٺيون ڏيان.“ ڪيڏي نه سڪ، اڪير ۽ مڃتا سمايل آهي سندس انهن جملن ۾ سندس ان نوجوانن لاءِ سنيهي مان ئي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته استاد بخاريءَ وٽ سنڌ جي نئين ٽهيءَ جي سرجڻهارن لاءِ ڪيتري قدر مڃتا هئي. سندس شخصيت جي ٻي خوبي هئي اڏولتا ۽ ارادي جي مضبوطي، جيڪا سندس زندگيءَ جو حصو هئي. سندس زندگيءَ ۾ ڪئين لاهيون چاڙهيون ۽ لوڏا آيا، جن ۾ سندس وڪامي وڃڻ يا ڊڄي هٽي وڃڻ جو وڏو ڀئه هو، پر انهن موقعن تي هو ڪارونجهر وانگر اٽل رهيو ۽ ڏولاون جون ليڪون اڪري ويو. اهڙن موقعن تي هوند گهڻا ئي ليکڪ، اديب ۽ شاعر ڊڄي يا هرکجي هرک هاري ويهندا آهن، پر هن اڏول انسان کي نه ڪا دنيا جي ڪرنسي خريد ڪري سگهي ۽ نه ڪا ڌمڪي، دڙڪو ۽ ڌؤنس ڊيڄاري سگهي. هن سچي، سادي، سٻاجهي ۽ محبتي انسان لاءِ موت ڪو مسئلو ڪونه هو. زندگيءَ جي پڇاڙڪي پهر تائين جڏهن سندس زندگي جي گهڙيال جو ڪانٽو سالن مهينن جا پنڌ ڪري اچو گهڙين جي پنڌ تي بيٺو هو. ان وقت به سندس چهري تي موت جي وحشتناڪيءَ بدران حوصلو ۽ مرڪ موجود هئي. موت پڇاڙيءَ تائين سندس اوچن خيالن کي بدلائي نه سگهيو. سندس سرجيل بيماري وارن شعرن ۾ به اوترو ئي حوصلو ۽ جذبن جي جوالا ڏسڻ ۾ ايندي جيترو سندس آڳاٽن شعرن ۾. اها خوبي تمام گهٽ شاعرن ۾ ڏسڻ ۾ ايندي. جڏهن ته موت جا ڇانورا ڏسي گهڻا اديب ۽ دانشور ٻوڙ هاري ويهندا آهن ۽ همت، جرئت ۽ حوصلي بدران مايوسي سندن شعرن مان بکڻ لڳندي آهي. هو موت کان ڪڏهن به نه ڊنو. هن زندگيءَ سان گڏ موت جي موضوع کي پڻ پنهنجي شاعري ۾ ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيو آهي. سندس شاعري جو ڪتاب ”ڪوڪڻ يا ڪلياڻ“ ان قسم جي شاعريءَ سان ڀريل آهي، جنهن ۾ هن مرڻ جون ڳالهيون اهڙي پيرائي ۾ ڪيون آهن ڄڻ پرينءَ جي پار اسهڻ جون ڳالهيون ڪندو هجي. اهو ئي سبب آهي جو هن عظيم انسان کي موت به نه ماري سگهيو آهي. هن موت جي اکين ۾ اکيون وجهي کيس چٽ ڪري پنهنجو ڳاٽ اوچو ڪيو آهي. شايد اهڙن ئي امر ۽ مٺڙن ماڻهن لاءِ لطيف به چئي ٿو ته: سهسين سائر ٻوڙيون، منڌ ٻوڙئو مهراڻ، وه وڃائيو پاڻ، هڻي ڪنڌ ڪپن سين. (شاهه) سندس شخصيت جي ٻي خوبي هئي اڏولتا ۽ ارادي جي مضبوطي، جيڪا سندس زندگيءَ جو حصو هئي. سندس زندگيءَ ۾ ڪئين لاهيون چاڙهيون ۽ لوڏا آيا، جن ۾ سندس وڪامي وڃڻ يا ڊڄي هٽي وڃڻ جو وڏو ڀئه هو، پر انهن موقعن تي هو ڪارونجهر وانگر اٽل رهيو ۽ ڏولاون جون ليڪون اڪري ويو. اهڙن موقعن تي هوند گهڻا ئي ليکڪ، اديب ۽ شاعر ڊڄي يا هرکجي هرک هاري ويهندا آهن، پر هن اڏول انسان کي نه ڪا دنيا جي ڪرنسي خريد ڪري سگهي ۽ نه ڪا ڌمڪي، دڙڪو ۽ ڌؤنس ڊيڄاري سگهي. هن سچي، سادي، سٻاجهي ۽ محبتي انسان لاءِ موت ڪو مسئلو ڪونه هو. زندگيءَ جي پڇاڙڪي پهر تائين جڏهن سندس زندگي جي گهڙيال جو ڪانٽو سالن مهينن جا پنڌ ڪري اچو گهڙين جي پنڌ تي بيٺو هو. استاد بخاري سنڌ جو سونهون ۽ ويڄ شاعر! جامي چانڊيو انسان پنهنجي تفڪر، تخيل ۽ محسوسات جو حَسين اظهار جن تخليقي شعبن ۾ ڪيو آهي، انهن ۾ شاعريءَ جو وڏو درجو آهي. انهيءَ ڪري ئي شاعريءَ کي رڳو انسان جو انفرادي ۽ داخلي فڪر، تخيل ۽ احساس ئي نه پر ان کي قومن، طبقن ۽ معاشرن جي روحاني ۽ احساساتي تاريخ به سڏيو ويندو آهي. شاعريءَ مان به خبر پوندي آهي ته هر دور جي سماجن ۽ ان جي مختلف حصن جا خيال، احساس، ارمان، خواب ۽ تخليق جا بنياد يا محرڪ ڇا هئا! سنڌي شاعريءَ جو ڪلاسيڪل دور ته رڳو هڪ لاکيڻي لطيف جي ڪري ئي سڀني دورن تي حاوي آهي ۽ رهندو، پر سنڌي شاعريءَ جو جديد دور به گهٽ اهم ناهي. ڪشنچند بيوس، شيخ اياز، عبدالڪريم گدائي، استاد بخاريءَ سميت هڪ وڏو ڀرپور دور آهي، جنهن ۾ نئين نسل جا به آڪاش انصاريءَ، حليم باغيءَ، حسن درس، مظهر لغاريءَ ۽ سردار شاهه جهڙا انيڪ ۽ باڪمال شاعر اچي وڃن ٿا. مان سمجهان ٿو ته ويهين صديءَ ۾ سنڌ ٻه عظيم شاعر پيدا ڪيا؛ هڪ شيخ اياز ۽ ٻيو استاد بخاري. ٻنهي جون خوشبختيون به پنهنجون آهن ته ڪمزوريون به. شيخ اياز تي تمام گهڻو لکيو ويو، جنهن جي ڪري هو سنڌ جي پڙهيي لکيي طبقي ۾ تمام گهڻو مقبول ٿيو. پر جيئن ته شيخ اياز کي عوامي سطح تي گهٽ ڳايو ويو آهي، ان ڪري هو عوام ۾ ايترو مقبول ناهي. جڏهن ته سندس ڀيٽ ۾ استاد بخاري عوامي سطح تي تمام گهڻو ڳايو ويو آهي، ان ڪري هو عوام ۾ ته تمام گهڻو مقبول آهي. پر افسوس جو جيئن ته بخاريءَ جي شاعريءَ تي سندس شاعريءَ جي پرک جي حوالي سان لکيو گهٽ ويو آهي، ان ڪري سنڌ جو پڙهيو لکيو طبقو، هن کي رڳو سندس ڳايل شاعريءَ جي نسبت سان ئي سڃاڻي ٿو. جڏهن ته حقيقت اِها آهي ته استاد بخاريءَ جي ڳايل شاعريءَ جو رومانوي پاسو سندس گهڻ-رنگي شاعريءَ جو رڳو هڪ پاسو آهي. ان ڪري استاد بخاريءَ کي گهڻي ڀاڱي ماڻهو رڳو عوامي يا رومانوي شاعر طور ئي سڃاڻن ٿا. حقيقت اِها آهي ته بنيادي طور استاد بخاري هڪ مفڪر شاعر آهي ۽ جيڪڏهن هو عوامي شاعر آهي ته ان معنيٰ ۾ هرگز نه ته هن جا خيال هڪ جهالتن ۽ عقيدن جي وَرِ چڙهيل عوام جي سطح جا آهن يا انهن جي سوچ جا ترجمان آهن. استاد بخاري هن معنيٰ ۾ عوامي شاعر آهي جو هو عوام لاءِ شاعري ڪري ٿو. عوام کي عشق، جدوجهد، جستجو، قربانيءَ، سورهيائيءَ جا نوان تصور ڏئي ٿو ۽ سندن سوچ، احساس ۽ عمل جي مِٽي نئين سِر ڳوهي، کين جهالتن، عقيدن ۽ خود-فريبين جي ڌٻڻ مان ڪڍي، پنهنجي ۽ سماج جي قسمت بدلائيندڙ عوام ۾ تبديل ڪري ٿو. ان ڪري استاد بخاري جيڪڏهن عوامي شاعر آهي ته رواجي معنيٰ ۾ نه، پر انقلابي معنيٰ ۾. (۱) مان سمجهان ٿو ته سنڌ ۾ شيخ اياز کي عوامي سطح تي ڳائڻ ۽ استاد بخاريءَ تي پارکو نظر سان لکڻ جي ضرورت آهي ته جديد سنڌ جي هن ٻن عظيم شاعرن مان هڪ جو عوام سان ۽ ٻئي جو سنڌ جي پڙهيي لکيي طبقي سان حقيقي تعارف ٿي سگهي. مون استاد بخاريءَ کي هميشه هڪ سادي، نِج نِبار ۽ بيحد معصوم صفت ماڻهوءَ طور ڏٺو. هو پنهنجي سوچ، روح ۽ مزاج ۾ هڪ مڪمل شاعر هو. هو هر وقت تخيلاتي ڪيفيت ۾ رهندو هو ۽ اهو ئي سبب هو، جو هلندي، ڦرندي، سفر ۾، جاڳندي، سُتي هن تي شاعريءَ جو مينهن پيو وَسندو هو. مان سمجهان ٿو ته شايد ان مزاج ۽ ڌيان کان سواءِ ڪو ماڻهو وڏو شاعر يا آرٽسٽ ٿي به نه ٿو سگهي. تفڪر ته ماڻهوءَ ۾ ٿي سگهي ٿو، پر جيستائين تفڪر ۽ تخيل کي اظهار جي حُسناڪيءَ سان نٿو سلهاڙجي، تيسين عظيم فن يا شاعري تخليق ٿي ئي نه ٿي سگهي. استاد بخاريءَ ۾ اِهي ٽئي عنصر ڪمال، سگهه ۽ نفيس توازن سان موجود آهن. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن شاعريءَ ۾ رڳو تفڪر هجي ۽ تخيل ۽ اظهار جي حُسن جو پاسو ڪمزور هجي ته اردوءَ جي وڏي ترقي پسند شاعر مخدوم محي الدين جيان شاعريءَ ۾ نفاست بجاءِ ڪرختگي حاوي ٿيو وڃي ۽ جي تخيل وري تفڪر کان وانجهيل آهي ته پوءِ شاعريءَ جي حيثيت ٺلهي خيال آرائيءَ يا ذهني اختراع کان وڌيڪ ناهي ۽ شاعريءَ ۾ فن يا ٻولي دراصل خيال ۽ فڪر جو لباس آهي، ان ڪري ظاهر آهي ته حَسين خيال، تصور ۽ فڪر کي لباس به ڪوجهو نه گهرجي. ان ڪري ئي شاعريءَ ۾ تفڪر، تخيل ۽ جماليات جو نفيس توازن هئڻ بيحد ضروري آهي. سنڌ جي هنن ٻنهي جديد عظيم شاعرن يعني شيخ اياز ۽ استاد بخاريءَ ۾ اهو توازن ڪمال درجي تي پهتل نظر اچي ٿو. منهنجي نظر ۾ استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جي هيٺين پاسن تي تخليقي تحقيق ۽ تنقيد يعني پرک ٿيڻ گهرجي ۽ مون به پنهنجي ڪتاب ۾ استاد بخاريءَ جي انهن ئي پاسن کي کنيو آهي. جيتوڻيڪ استاد بخاري هڪ نهايت گهڻ-رنگو شاعر آهي، جنهن کي عام طور تي هڪ عوامي رومانوي شاعر سمجهيو وڃي ٿو، پر مان سمجهان ٿو ته استاد بخاري پنهنجي ڳَرُ ۽ جوهر ۾ بنيادي طور هڪ انقلابي شاعر آهي. واضح هجي ته انقلابيءَ جو مطلب نعري بازي ناهي پر اهو فڪر آهي، جيڪو دنيا کي نه رڳو گهرائيءَ سان سمجهڻ جو شعور ڏئي، پر ان کي تبديل ڪرڻ جو شعور به ڏئي. استاد چيو: وقت هجي روهيلو رِڻ پَٽُ، ڏينهنَ ضرور ته ٿُوهَر هوندا، ذِهَن جتي اُونداهيون غارون، فڪر اُتي ڪارِيهَر هوندا. استاد جي تفڪر ۽ فني اظهار جو ڪمال ته ڏسو ته هو جهالت ۽ عقيده پرست سوچن تي ٻڌل فڪر کي ”ڪاريهر فڪر“ سان تشبيهه ٿو ڏئي. الميو اهو آهي ته استاد جي حقيقي انقلابي شاعري، گهٽ ڳائي وئي آهي. (۲) ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته بخاري هڪ غير معمولي رومانوي شاعر آهي. رومانويت، هن جي شاعريءَ سان گڏ، هن جي مزاج ته ڇا پر رَڳِ رَڳِ ۾ سمايل هئي. پر هن جي رومانويت جو ڪمال اِهو آهي ته هڪ طرف هن جا رومانوي رويا نِج ڳوٺاڻي سماج بلڪ روايتي سنڌي رواجي سماج جا آهن، پر ٻئي طرف هو هميشه رومانويت کي مقصديت ڏانهن کڻي ٿو وڃي ۽ اهو بخاريءَ جو ڪمال آهي. اهو ساڳيو ڪمال اسان کي فيض احمد فيض وٽ به ملي ٿو. استاد بخاريءَ جي شاعريءَ کي گهرائيءَ سان پڙهبو ته واضح نظر ايندو ته هن جي رومانويت هڪ فرد کان ٿيندي، عوامي ۽ قومي رومانويت ته ڇا پر ڪائنات-گير ٿي وڃي ٿي. اِها ئي اُها ڪمال جي خوبي آهي، جيڪا استاد بخاريءَ کي هڪ داخليت پسند روايتي رومانوي شاعر بدران، هڪ سماجي مفڪر، انقلابي رومانوي شاعر جو درجو ڏئي ٿي. هو پنهنجي رومانوي سڀاءَ ۾ ڪنهن به هڪ انتها جو شڪار نه ٿو ٿئي، پر هن وٽ رومانويت جي روايت جو به امتزاج ئي نه پر حَسين توازن به آهي. (۳) استاد بخاري سنڌ جو عاشق شاعر آهي ۽ سنڌ هن جي محبت جو محور آهي. ان ڪري بخاريءَ جي شاعريءَ ۾ قومي شعور وڏيءَ شدت ۽ گهرائيءَ سان موجود آهي. پر ساڳئي وقت استاد جيئن ته بنيادي طور هڪ انقلابي شاعر آهي، ان ڪري هن جي شاعريءَ ۾ طبقاتي فڪر به ساڳيءَ سگهه سان موجود آهي. هو جتي پنهنجي قوم ۽ وطن جا گيت ڳائي ٿو، انهن لاءِ لُڇي ۽ پُڇي ٿو، اُتي هن جو روح پنهنجي ۽ سڄيءَ دنيا جي پورهيتن ۽ مظلومن لاءِ ڪَڙهي ۽ ڪُڇي به ٿو. بخاري چوي ٿو: اُٿيو هاڻ گهوٻو ۽ پانو اُٿي پيو، ٻنيءَ ساڻ گڏ ڪارخانو اُٿي پيو، ڏني اُڀَ لولي، جهلي ڀونءِ جهولي، مگر چيلهه موڙي زمانو اُٿي پيو. استاد بخاريءَ جي شاعريءَ ۽ فڪر ۾ وطن ۽ قوم جي نجات تيسين ممڪن ئي ناهي، جيسين اُها اندروني ۽ سماجي طور تبديل نه ٿي ٿئي ۽ سنڌ جي سَڀَ-طرفي آزاديءَ جو مُهندار ۽ ڦل ماڻيندڙ هن ديس جو پورهيت ناهي. استاد بخاري ڪو شهري مڊل ڪلاسي شاعر ناهي، جيڪو وڌ ۾ وڌ عوام تي رحم کائي يا ساڻن پري کان بيهي همدردي ڪري. استاد هن ديس ۽ انسانذات جي سمورين مظلوم قومن ۽ طبقن جو سُونهون ۽ ويڄ شاعر آهي ۽ اها ئي هن جي شاعريءَ جي حقيقي رومانويت آهي. (۴) استاد بخاري جديد سنڌي شاعريءَ جو اهو واحد وڏو شاعر آهي، جنهن جي شاعريءَ ۾ لطيف وانگر ڪٿي به پاڻ تي رحم کائڻ، سماج کي پِٽون پاراتا ۽ مِهڻا ڏيڻ يا مجموعي طور خود قياسيءَ جو رويو ناهي. استاد بخاريءَ جي فڪر جي روح جي ويجهڙائي لطيف جي تفڪر جي روايت سان آهي، جنهن جي فڪر جي ”دين“ ۾ خود-قياسي ”ڪُفر“ آهي. ان نقطي تي استاد بخاري، شيخ اياز کان گهڻو اڳتي نظر ٿو اچي. ڇاڪاڻ ته اياز صاحب جي شاعريءَ ۾ خود-قياسيءَ جو عنصر گهڻين جاين تي نمايان نظر اچي ٿو. پر استاد بخاريءَ لاءِ خود-قياسي ڄڻ ته عيب آهي. اياز وري ٻين تخليقي خوبين ۾ بي مثال ۽ بخاريءَ سميت پنهنجي ٻين هم عصرن کان گهڻو اڳتي آهي. هر شاعر جو پنهنجو ڪمال ۽ پنهنجيون مخصوص ڪمزوريون به هجن ٿيون. بخاري، قوم يا عوام کي ميارون ڏيڻ بجاءِ، هڪ حقيقي سونهين ۽ رهبر وانگر سڄو بارُ پاڻ تي ٿو کڻي. چوي ٿو: مان ٻين وانگر اکيون ٻُوٽي سُمهان، رات جي تارن کي تڙپائيندو ڪير! مان به جي مدهوش ٿي ليٽي پوان، پِرهه جا پيغام پهچائيندو ڪير! (۵) استاد بخاري پنهنجي شاعريءَ ۾ اُهو ڪم ڪيو آهي، جيڪو عام طور شاعر ناهن ڪندا. يعني درد جو اظهار ته شاعر ڪندا آهن، محسوسات کي اُڀارڻ ۽ ويندي تخليق ڪرڻ جو ڪم به شاعر ڪندا آهن، سمجهه ۽ شعور جون ڏياٽِيون ٻارڻ جو ڪم به شاعر ڪندا آهن، پر ايئن وِرلي ملندو ته ڪو شاعر نجات جا گَسَ ٻُڌائي، واٽون سِڌيون ڪري ڏئي ۽ ويندي حڪمت عمليون به ٻُڌائي. اهو سندس شاعريءَ جو ڪمال آهي ۽ اِها روايت شاعريءَ جي دنيا ۾ ايتري عام ناهي. استاد بخاريءَ جي شاعريءَ ۾ اسان کي اهڙا سوين شعر ملندا، جن ۾ تدبر به آهي ته تدبير به آهي، حڪمت به آهي ته حڪمت عملي به آهي، منزل جو ڏس به آهي ته ان جي واٽ به آهي. هو ”هيڻن“ کي سوڀاري سَگهه ڏيندڙ نه رڳو سُونهون پر ويڄ شاعر آهي ۽ اِها حقيقت ۾ لطيفي روايت آهي. اها روايت اسان کي سچل، خواجه غلام فريد يا ڪلاسيڪل دور جي وڏن شاعرن ۾ عام طور تي نه ٿي ملي. اوڀر جي سڄي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ اسان کي اها روايت رڳو لطيف وٽ غير معمولي سگهه سان ملي ٿي. اُها ٻي ڳالهه آهي ته ڪي ٻيون املهه روايتون لطيف کان وڌيڪ ٻين شاعرن وٽ به آهن، پر اها خاص روايت لطيفي آهي، جنهن جو استاد بخاريءَ تي غير معمولي اثر نظر اچي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو بخاريءَ جي شاعريءَ ۾ ٺلها پُور پچائڻ، پاڻ تي ويڳاڻپ ۽ اَويساهيءَ کي طاري ڪرڻ ۽ بيرحم حقيقتن کي بهادريءَ سان منهن ڏيڻ بدران، ڀڄي وڃڻ جا گَس ڏسڻ بجاءِ حوصلو آهي، جرئت آهي، ارڏائي ۽ جدوجهد آهي. ۽ لطيف جي ٻوليءَ ۾ ورچي نه ويهڻ جو تصور آهي. چوي ٿو: مرڻ کان ڊڄي، زندگي ٿا گهُرو، ٻرڻ کان ڀڄي، روشني ٿا گهُرو، بنا ڪاوشن جي، ڪرشمو ٿئي ڇو؟ ڏُکن کان لِڪي، پوءِ خوشي ٿا گهُرو. (۶) استاد بخاري اهو شاعر هرگز ناهي، جنهن لاءِ شاعري بذات خود دل جي وِندر يا مقصد هجي. هو شاعريءَ کي انسان جي انفرادي توڻي اجتماعي سوچ ۽ زندگيءَ کي تبديل ڪرڻ جو هڪ اهم تخليقي ذريعو سمجهي ٿو. هو جتي شاعريءَ ۾ جماليات ۽ رومانويت جو قائل آهي، اُتي هو شاعري ۽ ادب جي مقصديت جو به وڏو پرچارڪ آهي. حقيقت ۾ تخليقي ادب، زندگيءَ ۾ پنهنجو ڪارج به تڏهن ٿو ڳولي لهي، جڏهن اُهو زندگيءَ کي ڪا نئين معنيٰ ٿو بخشي. نه ته ٺلهي دل جي وندر جي ڪهڙي عمر ۽ ان کي ڪهڙو دوام؟ استاد بخاري جيتوڻيڪ پنهنجي سڀاءَ، سوچ ۽ گفتگوءَ ۾ تمام سادو لڳندو هو. حقيقت اِها آهي ته مون کي سندس حياتيءَ ۾ ڪڏهن به اهو ادراڪ نه ٿيو تهه ڪو هن جو سماجي شعور ايترو گهرو، عقليت پسند، عقيدي پرستيءَ کان آجو ۽ سائنسي آهي. اهو ادراڪ، مون کي سندس وفات کان گهڻو پوءِ، سندس شاعريءَ جو گهرو اڀياس ڪرڻ کانپوءِ ٿيو. هونئن عام طور شاعرن ۾ اهڙو شعور ناهي هوندو، جو گهڻي ڀاڱي سندن شاعريءَ جو محرڪ؛ جذبا، خيال، تخيل ۽ حُسن بيني هوندا آهن. پر استاد جو اهو وڏو ڪمال آهي. استاد واقعي ”فڪري استاد“ به آهي. ان ڪري ئي مون هن کي سنڌ جو ”سُونهون“ ۽ ”ويڄ شاعر“ ڪوٺيو آهي. (۷) استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جي ٻوليءَ، فن، تخليقي تجربن، عجيب و غريب تشبيهن، علامتن، استعارن جي حَسين استعمال ۽ خيال جي اُڻت جا پاسا به ايترا ئي باڪمال آهن، جيترا هن جا فڪري يا تخيلاتي پاسا آهن. جيئن هن جو فڪر غير روايتي آهي، تيئن هن جي ٻولي، اسلوب، فن، بندشون ۽ ترڪيبون پڻ بيحد انوکيون، نيون، منفرد ۽ تخليقي آهن. اهو استاد جو ئي ڪمال آهي جو هن جي شاعريءَ ۾ بنهه غيرشاعراڻا لفظ به نئون معنوي جنم وٺي وڏيءَ حُسناڪيءَ سان جهُومڻ لڳن ٿا. حُسن ۽ جماليات استاد جي شاعريءَ جي هر انگ ۽ رنگ ۾ آهي. جنهن جي حوالي سان به استاد جا تجربا ڪمال جا آهن. مان سمجهان ٿو ته نظم ۽ گيتَ سميت شاعريءَ جي ٻين صنفن ۾ جيترا گهڻ طرفا تخليقي تجربا استاد ڪيا آهن، سنڌي ٻوليءَ ۾ شيخ اياز کانسواءِ وِرلي ڪنهن شاعر ڪيا هوندا. مان سمجهان ٿو ته سنڌ جي ڪا يونيورسٽي استاد بخاريءَ تي هڪ چيئر قائم ڪري ته جيئن سنڌ جي هن ”استاد“ شاعر بابت معياري تحقيق ذريعي سنڌ کي سندس فڪر، ٻوليءَ ۽ فن جي پرک ملي سگهي ۽ سنڌ جا هم عصر ۽ ايندڙ نسل اِهو ڄاڻي سگهن ته سنڌ جي دل دادوءَ جي ارڏي ۽ رومانوي مِٽيءَ مان نِسريل جديد سنڌ جو هيءُ وڏو شاعر ڪيڏو نه باڪمال مفڪر ۽ آرٽسٽ هو! استاد بخاري بخاري باغ الفت جو، وفا ۽ واس جو نالو مقصود گل هن ماڻهن جي جيئري جهان ۾، ماڻهن ۾ ماڻهو ٿي جالڻ ۽ گذارڻ به هڪ وڏو مسئلو آهي. ڇاڪاڻ ته ماڻهو ڪوٺبو ئي ان کي آهي، جيڪو ماڻهپي جو مان بڻجي، هن دنيا ۾ ماڻهن ۾ مانائتو ماڻهو ٿي، جالي ۽ گذاري. هونءَ ته تاريخ جي ورقن ۾ چڱن سان گڏ مَٺا ۽ اڻ سيباڻا ڪردار به موجود آهن. پر چوندا آهن؛ ”ڪاٺيءَ ڪاٺيءَ پنهنجو لڇڻ آهي“. ان ڪري جيڪي سهڻا، سچا ۽ سنوترا ڪردار تاريخ جي ورقن ۾ آيا آهن، انهن نوَ لکن ڪردارن کي پنهنجي سيني ۾ سونهري حرفن ۾ سانڍيو آهي. استاد بخاري اسان جي دؤر جو اهو سهڻو ۽ ڇٽيهه لڇڻو ڪردار آهي، جنهن کي تاريخ پنهنجي سيني ۾ سونن اکرن ۾ لکي، پنهنجي ساهه ۾ سمايو، جيءَ ۾ جايون ڏنيون ۽ پنهنجو مان وڌايو آهي. استاد بخاري بهتر، اهم ۽ عظيم شاعر ته هيو ئي، پر هو هڪ اعلى قدرن وارو آدرشي انسان به هو. پاڻ استاد بخاري پنهنجي گفتگو ۽ تحريرن ۾ اڪثر هي جملا ورجائيندو هو: ”سٺو شاعر، اديب يا استاد ٿيڻ ته آسان عمل آهي، پر هن ماڻهن جي جيئري جهان ۾ سٺو انسان ٿيڻ تمام اوکو عمل آهي.“ ۽ ... .. ها... .!!! واقعي سندس ئي چواڻيءَ جيڪو ڏاڍو ڏکيو عمل هو، سو پاڻ ڪري ڏيکاريائين ۽ ها بخوبي ڪري ڏيکاريائين... .!!! سچ پچ استاد اعلى قدرن وارو عظيم آدرشي انسان به هو ۽ جن دوستن کي استاد سان ويجھي رهڻ جو مان حاصل آهي، انهن کي سموري خبر هوندي ته استاد پاڻ ۾ ڪيتريون ۽ ڪهڙيون خوبيون رکندو هو. مان به انهن خوش بخت انسانن مان آهيان، جن کي استاد جو قرب حاصل هو. جيئن ته مون استاد کي ويجھڙائيءَ کان ڏٺو، ان ڪري مون کي به سندس ڪجھه خوبيون، عجيب عادتون ۽ احساس ڏسڻ جو موقعو مليو. جن جي وچور بيان ڪرڻ لاءِ ته ڪتاب لکجي ويندا، پر بس هتي مان سندس ڪجھه محبتي ڳالهيون ونڊيندس. استا بخاريءَ جي محفل ۾ سڀ ماڻهو هڪ جيترو ئي مان حاصل ڪندا هئا. ڪيترا ئي ڀيرا سندس ڪچهرين ۾ ويهڻ جو موقعو مليو. سندس ڪچهريءَ ۾ سينئر شاعر ۽ اديب به هوندا هئا ته ان وقت مون جهڙا نوان ۽ سيکڙاٽ شاعر به. پر ڪو به ماڻهو سندس ڪچهريءَ ۾ سندس گفتگوءَ کان وانجھو يا محروم نه رهندو هو. هو ڪنهن کي به نظر انداز ٿيڻ جو احساس نه ڏياريندو هو. سماجي يا ادبي حوالي سان ڪير ڪيترو به ننڍڙو ماڻهو ڇو نه هجي، سندس قرب ۽ ڪچهريءَ مان هڪ جيترو فيض حاصل ڪندو هو. وري وري، واري سان، سڀني حاضرين جو نالو وٺي پيو مخاطب ٿيندو هو. استاد بخاريءَ جي ملڻ ۽ مخاطب ٿيڻ جو انداز به ڏاڍو پنهنجائپ وارو، سيبائتو ۽ دلپذير هوندو هو. ساڻس ملڻ وارو هر فرد، توڙي جو هو اوپرو ۽ ساڻس پهريون ڀيرو ئي ملڻ وارو ڇو نه هجي، پر هو ائين محسوس ڪندو هو، ڄڻ استاد سان سندس سالن کان واقفيت ۽ ويجھڙائي هجي. هڪ ڀيري منهنجي ڀاءُ قاضي اختر حيات جي شاديءَ جي موقعي تي اسان جي هڪ هندو دوست ڪرتال لعل جي نئين ديري ۾ استاد بخاريءَ سان پهرين ڪچهري ۽ ملاقات ٿي. اسان جي ان دوست کي استاد سائينءَ اهڙو ته قرب ڏنو، جو اهو سمجھڻ ۽ سوچڻ لڳو هو ته استاد سان سندس ورهين جي واقفيت آهي، جيڪا هو شايد زماني جي گردشن ۽ ڪمزور حافظي ڪارڻ وساري چڪو آهي ۽ پوءِ اها پهرين ملاقات اهڙي ۽ ايتري پائدار ثابت ٿي، جو ڪيترا ئي ڀيرا اهو دوست پنهنجي گونان گون مصروفيتن مان ڪجھه پل آزاد ڪري استاد جي درشن لاءِ دادوءَ ڪهي ويندو رهيو. سائين سرڪش سنڌي، مختار گھمرو ۽ مان، گھڻو ڪري گڏ ئي استاد سائينءَ سان ملندا هئاسين. پوءِ اها ڪچهري دادوءَ ۾ هجي، رتيديري ۾ يا وري ڪنهن ٻئي هنڌ ادبي ميڙاڪي ۾. اسان جي ويجھڙائيءَ ۽ مشترڪه ادبي سفر يا هم خياليءَ جي ڪري، استاد سائين پيار مان اسان ٽنهي کي ٽمورتي ڪري ڪوٺيندو هو. جيڪڏهن ڪنهن سبب جي ڪري اسان مان ڪو به هڪ ڪنهن پروگرام ۾ اسان جو همسفر نه ٿي سگھندو هو ته، استاد سائين سراپا انتظار بڻجي حقيقت معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. خاص طرح سان سرڪش جي بيماريءَ سبب سندس طبيعت جو استاد کي گھڻو انتظار رهندو هو. استاد بخاري، گھڻو ڪري ڪنهن کان ناراض نه ٿيندو هو ۽ نه وري ڪو ڪنهن کان ڪو شڪوو شڪايت ئي ڪندو هو. مولى علي عليه السلام جي قول مطابق، سندس دل ۾ هڪ وڏو قبرستان هوندو هو، جنهن ۾ دوستن توڙي دشمنن جون اوڻايون ويندو هو دفن ڪندو. ڪڏهن ڪڏهن اهڙن احساسن کي الفاظن جو روپ ڏيندي چوندو هو: ”ابا ميڏي دل وچ مڪلي هي.“ استاد بخاري جي پنهنجي ئي ضلعي جي ڪجھه اديبن ۽ شاعرن کي ساڻس بي سبب ڪي رنجشون ۽ ناراضگيون به هونديون هيون. استاد جي شفيق ۽ مهربان طبيعت جي ڪري، کين شڪايت ڪرڻ جو موقعو ته ڪو نه ملندو هو، پر ڪڏهن ڪڏهن انهن جا اجايا اعتراض مشاعرن يا ادبي ميڙاڪن جي صدارت يا ٻين امتيازي نشستن واري معاملي جي روپ ۾ ظاهر ٿي پوندا هئا ۽ چوندا هئا: ”بس! هر مشاعري جي صدارت استاد ڪري... !!!“ پوءِ ٻه ٽي ماڻهو ان مشاعري جي بانيءَ کي ڪنڊ سنڊ ۾ گھرائي زور وجھندا هئا ته استاد صدارت نه ڪري، نه ته اسان مشاعرو نه پڙهنداسين. ”ڀريو مَٽُ استاد“ جيڪڏهن خبر پوندي هيس ته مشاعري جي ميزبان کي ڳراٽڙي پائي مرڪي چوندو هو: ”ابا ڪائي ڳالهه ناهي، صدارت انهن کي ڏي، مان هيٺ ويهي مشاعرو ٻڌندس ۽ پڙهندس“. پوءِ عجيب مزيدار عالم ٺهي ويندو هو، استاد جاتي به ويٺو هوندو هو، اتي ئي صدر هوندو هو ۽ شاعر کيس ئي مخاطب ٿي شعر پڙهندو هو ۽ هو هٿرادو صدر مٿي ويٺل هوندي به ويٺو شڪي ۽ شرمندو ٿيندو هو. استاد بخاري دوستن جو دوست، يارن جو يار ۽ غيرن جو به همدرد هوندو هو. ان ڪري ته هن همدردي ۽ پيار جي حيثيت ۽ حقيقت کي پنهنجي لفظن ۾ ئي نمايان ڪري ٻنهي لفظن جي تفريق کي واضع ڪيو آهي ته هـمـدريءَ کــي پـيـار نـه چـئو او چريا. جنهنکي تنهنکي يار نه چئو او چريا. يارن دوستن سان ڏک سک ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ بنا ڪنهن دير جي وٽن پهچڻ استاد جو محبوب مشغلو هوندو هو. دوستن سان گڏ خوشين ۾ جھومڻ ۽ مرڪڻ سندس پهرين ترجيح ۽ دوستن جي ڏک ۾ تڏي تي پهچڻ سندس اولين فرض هوندو هو. اسان سندس قرب ۽ ويجھڙائيءَ کي سندس احساسن ۽ امنگن جي حوالي سان محسوس ڪيو هو. استاد بخاري، بابا سائين ’قاضي عبدالحي قائل‘ جي مڪي شريف ۾ مرتئي جي خبر ٻڌي، سخت ۽ تيز چوماسي برساتن باوجود، پهرين فرصت ۾ رتيديري پهتو. ڏک سور ونڊيائين، آٿت ڏنائين ۽ ڌيرج جون نصيحتون پڻ ڪيائين. پنهنجي احساسن جو اپٽار ڪندي، بابا جي وفات واري تاثراتي ڪتاب ۾ لکيائين: ”سائين قائل صاحب سنڌ جو سٺو خدمتگار، جيڪو هاڻي اسان ۾ نه آهي ۽ نه وري اسان ۾ ڪڏهن موٽي ايندو، اهو پرديس ۾ اسان کان وڇڙي ويو آهي. اهو روحاني طرح ته سنڌ ۾ آهي ئي، پر مذهبي حوالي کي ڇڏي، ان کي جسماني طرح به سنڌ ۾ هئڻ گھربو هو. بهرحال مان سندس تڏي تي سندس پٽن سان غم شريڪ آهيان.“ استاد بخاري خط لکڻ جو به ڪوڏيو هو. هر هفتي سندس خط ضرور ايندو هو ۽ اسان وٽان به سندس خطن جي موٽ سلسليوار ايندي ويندي رهندي هئي. سندس خط، ادبي صحيفو بڻجي اسان وٽ ايندو هو، جنهن ۾ ادبي خبرون، سماجي، ذاتي ۽ قومي ڳالهيون، مشاعرن جون دعوتون ۽ دنيا جا وچور ونڊيل هوندا هئا. ڪنهن سبب جي ڪري، هڪ ڀيري الائي ڇو مهينو ٻن جو وقفو ٿي ويو ۽ مان سندس مسلسل ٻن خطن جو جواب نه ڏئي سگھيس. هڪ ڏينهن سندس ٽيون خط آڊوکن اکرن سان اچي نڪتو، جنهن منهنجي اکين جون پڇڙيون به آڊوکيون ڪري رکيون هيون. استاد لکيو هو: ”اڃا ته استاد جيئرو آهي، ان کي جيئري ته نه وساريو... .!!! تنهنجي خط جي اوسيئڙي ۾ منهنجون اکيون رستو ٿي پيون.“ منهنجي ٽئين نمبر پٽ نادر ۽ ٻن ڀائٽين آڪاش اختر ۽ نقاش اختر جن جا طهر هجن. استاد بخاريءَ کي منهنجي پاران دعوت عرض رکي وئي. انهن ڏينهن ۾ استاد جي طبيعت ناساز هئي ۽ ڪافي ڪمزور به ٿي ويو هو. ان ڪري استاد پروگرام ۾ اچڻ کان معذرت ڪئي هئي. پر جيئن مقرر ڏينهن ۽ وقت تي پروگرام شروع ٿيڻ جون تياريون ٿي رهيون هيون، ته اچانڪ استاد کي پروگرام جي پنڊال جي ٻاهران ڪار مان لهندو ڏسي، سڀني کي انتهائي حيرت-گاڏڙ خوشي محسوس ٿي هئي. استاد وقت تي پهچي حيران ته ڪيو هو، پر اکين کي خوشيءَ جا ڳوڙها به ڏنا هئا. ڀاڪر ۾ ڀريندي چيو هئائين: ”استاد جيئرو به هجي ۽ سائين قائل جي ڪهول جي خوشيءَ ۾ نه اچي، اهو کوڙو ئي نه ٿو لڳي.“ استاد ان وقت صرف اڌ ڪلاڪ ترسيو، پنهنجي ڪمزور هٿن سان گھوٽن کي ڳانا ٻڌائين ۽ بنا ڪجھه کائڻ پيئڻ جي وري اکين کي ڏکارا ڳوڙها ڏئي رمندو رهيو. استاد سائينءَ جي ٻارن سان پيار واري خاص خصلت ۽ محبت کي به وساري نه ٿو سگھجي. مون ته سندس روين مان اهو محسوس ڪيو هو ته ٻارڙن سان سندس قرب ۽ پيار ظاهري نه پر اتساهڪ هو. جيترو مانُ، هو وڏن لاءِ رکندو هو، اوترو بلڪ ان کان به وڌيڪ ئي هو ٻارن سان پيار وارو جذبو رکندو هو. استاد جي ٻارڙن سان پيار واري جذبي جو هڪ مثال هي به آهي ته جڏهن به استاد اسان جي غريب خاني تي ايندو هو ته خاص ڪري منهنجي ٻئي نمبر پٽ ناصر کي ضرور ۽ خاص وقت ڏئي ان سان ڪچهري ڪندو هو. ناصر جي ان وقت عمر ست يا اٺ سال مس هوندي هئي. ناصر جو ننڍي لاءِ کان وٺي ئي ڳائڻ سان شوق هوندو هو ۽ هو ڪئسٽ تان استاد بخاريءَ جا منظور سخيراڻيءَ جي آواز ۾ ڳايل گيت ياد ڪري پنهنجي طوطلي ۽ ٻاتڙي ٻوليءَ ۾ اڪثر گنگنائيندو رهندو هو. ان ڪري استاد بخاريءَ جي ناصر سان خاص ڳائڻ وڄائڻ جي ننڍڙي محفل ضرور مچندي هئي. استاد پنهنجي هٿ سان پنهنجي ڊائري ئي وڄائي ڍولڪ جو رڌم ٺاهيندو هو ۽ ننڍي لاءِ ئي سر گر جو پختڙو ناصر پنهنجي ٻاتڙيءَ ٻوليءَ ۾ استاد جا گيت ڳائيندو هو: ”روز بهانا نوان نوان، ماريو تنهنجي نمان نمان“ ۽ حاضرين سڀ هڪ مهان ڪويءَ ۽ هڪ ننڍڙي ٻارڙي گائيڪ جي محفل کان محظوظ ٿيندا هئا ۽ ان وقت استاد بخاريءَ جا مزيدار ٽهڪ ۽ ڳريليون تاڙيون به ٻڌڻ وٽان هونديون هيون. حقيقت اها آهي ته استاد بخاري هڪ اهڙو گھڻ-گُڻو ۽ گھڻ-پاسائون ماڻهو ۽ عجيب آدرشي انسان هو، جنهن ۾ انڊلٺ وارا رنگ سمايل هئا. جن کي هڪ ئي وقت چند پنن جي سينن ۾ سمائي هرگز نه ٿو سگھجي. بخاري عجيب رمزن، مختلف سرهاڻين، ۽ گھڻن ئي ورنن جي گلن جو گلدستو هو، جنهن جي رنگ، خوشبو ۽ خوشنمائيءَ کي اندر جي اتساهه واري اندريءَ ۽ احساسن سان ئي محسوس ڪري سگھجي ٿو. پرينءَ جي پياس جو نالو، عجب احساس جو نالو، بــخــاري بــاغ الــفــت جــو، وفــا ۽ واس جـو نالو. استاد بخاري هڪڙو هو رکيل مورائي اڄ استاد بخاريءَ جي ورسيءَ جو ڏينهن آهي. سندس ورسي ملهائي، هڪ رسم پوري ڪئي ويندي. جيئن انساني جذبي هيٺ ڪيو ويندو آهي ۽ عالمن، اديبن ۽ شاعرن جون ورسيون ملهائڻ جو هڪ سبب کين ياد ڪرڻ به آهي. جيتوڻيڪ سندن هر ڇپيل ڪتاب سندن يادن طور قومن وٽ محفوظ هوندو آهي، شايد هڪ سبب اهو به آهي ته سندن ورسيون ۽ سالگراهون ملهائي، اسان پنهنجي حال کي ماضيءَ سان ڳنڍيندا آهيون ۽ ايئن مستقبل ڏانهن پنهنجي اندر نسل کي رستو ڏيکاريندا آهيون. ڪنهن به اهڙي رسم کان اڳ يا پوءِ، اسان پنهنجي عالمن، اديبن ۽ شاعرن کي حقيقي معنيٰ ۾ اعزاز ڪهڙو ڏيندا آهيون، جيڪو اصل معنيٰ ۾ انهن کي ڏيڻ گهرجي. اڄ جڏهن استاد بخاريءَ جي قبر تي گل چاڙهيا ويندا، کيس ڀيٽا ڏني ويندي، سندس اعزاز/ياد ۾ چڱو ئي خرچ ٿيندو، ان موقعي تي کيس اصل ڀيٽا ڪير ڏيندو؟ اڄ جي نوجوانن ۾ ڪيترا اهڙا نوجوان هوندا جن ڏهين آڪٽوبر ٻه هزار تيرهن کان نائين آڪٽوبر ٻه هزار چوڏهن تائين پنهنجي هڪ ڏهاڙي مان صرف هڪ ڪلاڪ ڪڍي سندس ٻن درجن ڪتابن نئين سر اڀياس ڪيو هجي ۽ هڪ لاجواب پيپر لکيو هجي، جنهن منجهان اسانکي استاد بخاري جي شاعريءَ جا ڪي نوان نقطا، نوان احساس، نوان رومانس، نوان فلسفا ۽ نئين احساسداري پلئه پوي. جيڪڏهن ايئن نه ٿو ٿئي ته انهن شخصن کي ڪلاڪ ڪلاڪ ڳالهائڻ ڇو ٿو ڏنو وڃي، هڪ ئي وقت سَون ماڻهن جو اهو وقت ڇو ٿو ضايع ڪيو وڃي، ٻن ڏهاڪن جي وٿيءَ بعد به اسانکي اهڙو پيپر نه ملي سگهيو آهي، جنهن استاد جي شاعريءَ جا ڪي نوان پهلو ظاهر ڪيا هجن. اڄڪلهه اسانجي شاعرن، عالمن ۽ اديبن جي ورسين تي لکندڙن جون ڪجهه به لکڻ وقت سمورين توانايون ان ڳالهه تي ختم ٿين ٿيون ته لکندڙ جو لکيو ويندڙ سان ڪيترو ويجهو تعلق هئو، ايئن جنهن تي لکيو وڃي ٿو اهو رهجي وڃي ٿو ۽ جيڪو لکي ٿو اهو مٿي اڀري اچي ٿو. مجموعي طور اسانجي ادب ۾ جيترو اديبن ۽ شاعرن تي شخصي طور ڳالهايو ۽ لکيو ويو آهي. اوترو سندن ادب تي نه لکيو ويو آهي ۽ نه ڳالهايو ويو آهي، ايئن استاد بخاريءَ جهڙي، سنڌي شاعريءَ ۾ پنهنجي نرالي جڳهه حاصل ڪندڙ شاعر تي به نه لکيو ويو آهي. جيڪا سنڌي ادب لاءِ خاص ۽ استاد بخاريءَ جي حوالي ۾ عام ڳالهه ڪري سگهجي ٿي. استاد بخاري سنڌي ٻوليءَ جو اهڙو شاعر آهي، جنهن وٽ گهڻي قدر سڀ ڪجهه پنهنجو آهي، هن جا موضوع پنهنجا آهن، هن جي ٻولي پنهنجي آهي، هن جو لهجو پنهنجو آهي، ڪنهن به اعليٰ شاعر وٽ ٻيو ڇا هجڻ گهرجي. اياز، تنور، شمشير ۽ امداد جي موجودگيءَ ۾ استاد جي شاعري ايتري نرالي آهي، جنهن تي معجزي جو گمان ٿئي ٿو. استاد بخاري جي شاعريءَ جا بنياد پنهنجي راويت تي بيٺل آهي. اها روايت جيڪا سچ پچ، عوامي آهي، هت سندس روايت جو ذڪر سندس واتان ٻڌل شاعري نه آهي. پر ڪتابن ۾ ڇپيل اها شاعري آهي،جيڪا اڄ استاد جي جسمانيءَ طور نه هجڻ کانپوءِ به اسانجي آڏو آهي، ٻي روايت شآعري ۾ شعر پڙهڻ واري آهي، جيڪا عارضي آهي، تنهن هوندي به استاد پنهنجي موجودگي محسوس ڪرائيندو رهيو، ڪيترا ئي شاعر مشاعرن ۾ ته پنهنجي موجودگي شدت سان محسوس ڪرائي سگهيا، پر ان قوت سان پني تي اڀري نه بيٺا، استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جو چڱوئي حصو پني تي پڻ اڀري بيٺو آهي، جنهن کان وڌيڪ سندس موجودگيءَ محسوس ٿيندي هئي. سنڌي ٻولي وري استاد بخاري جهڙو شاعر پيدا ڪندي، جنهن کي سچ پچ عوامي شاعرن ڪوٺي سگهجي. شايد اسانکي گهڻو وقت انتظار ڪرڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته استاد بخاري شاعر جي ان لسٽ ۾ نه آهي، جنهن کي ڳوليو وڃي. سندس قدر ايترو وڏو آهي جيڪو پري کان ئي ڏسڻ ۾ ايندو آهي. اڄ نه ان کي ڪو گهٽائي سگهندو نه ئي ان کي وڌائي سگهندو. استاد بخاري سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ وڏي حلقي جي اتساھ جو سبب پڻ رهيو آهي. اڄ به سندس ڪتاب تيزيءَ سان وڪرو ٿيندڙ ڪتابن ۾ شامل آهن ۽ بار بار ڇپجندا رهن ٿا. گهڻن ئي شهرن وانگر دادو پڻ شهر نه پر هڪ احساس آهي. جنهن ۾ استاد بخاري جي شاعري شاھ کڻي ٿي ۽ محسوس ٿئي ان ڪري هو سدائين جيئرو رهڻو آهي. رسمي طور هن کي ياد ڪري ڄڻ اسان پاڻ کي ياد ڪريون ٿا ڇاڪاڻ ته هو اسان جو اهڙو شاعراڻو ورثو آهي، جنهن تي اسانکي فخر محسوس ٿئي ٿو. ان سان گڏ تڪليف به محسوس ٿئي ٿي جڏهن استاد تي هڪ درجي کان هيٺ لهي ڳالهايو ٿو وڃي ۽ پڙهيو ٿو وڃي. استاد جو اڀياس جنهن سطح تي ٿيڻ گهرجي انتظاميا کي ان پاسي به ڌيان ڏيڻ جڳائي ۽ استاد کي انهن جو وارثيءَ کان به بچائڻ گهرجي. جن استاد کي ادب ۾ لاوراثي ڏانهن ڌڪڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. پر استاد جي شاعريءَ سنڌ جي مضبوط وارثي حاصل ڪري ورتي، ڇاڪاڻ ته اها سنڌ جي شاعري هئي، سنڌين جي شاعري هئي ۽ وڌيڪ ته اها سندن جذبن جي ترجمان شاعري هئي. استاد جي شاعري سنڌ جي اهڙي سونهن آهي جنهن تي ڪو به شخص موهت ٿي سگهي ٿو ۽ اهو موھ هو سدائين لاءِ پنهنجي دل ۾ سانڍي سگهي ٿو. استاد سدائين اسان جي وچ ۾ هئو. اسين سڀ سندس آس پاس هئاسين، اڄ هو پاڻ نه آهي، اسان کان وڇڙي ويو آهي. تڏهن ئي ته سندس ورسي ملهائي رهيا آهيون. هو جيڪو سانگين جي وچ سدائين سالگرهون محسوس ٿيندو هئو. سانگين مان گڏ سالگرھ مان، وڇڙي ويس ته ورسي آهيان. اُستاد بخاري سونهن ۽ سچ جو شاعر ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ استاد بخاري ولد حاجن شاهه جديد شاعريءَ ۾ هڪ ناميارو نانءُ آهي. ادبي تاريخن موجب هو ۱۶ جنوري ۱۹۳۰ع تي ڳوٺ غلام چانڊيو ضلعي دادو ۾ ڄائو هو، پر تازو عزيز ڪنگراڻيءَ جي تحقيق موجب ته، استاد بخاري مٿين تاريخ کي قبول نه ڪيو ۽ پنهنجي مختلف انٽرويوز ۽ بيانن ۾ ٻڌايو آهي ته، ”اسڪول رڪارڊ موجب ۱۶ جنوري ۱۹۳۰ع آهي، پر بابا سائين جي قول مطابق منهنجو جنم اڃان سال کن اڳ ٿيو, جنم جي تاريخ اٽڪل ۶ مهينا اڳ ۷ آگسٽ ۱۹۲۹ع بمطابق پهرين ربيع الاول ۱۳۴۸هجري آهي“ سندس ڇٽيءَ جو نالو پنهل شاهه هو ۽ اسڪول ۾ والد کيس احمد شاهه جي نالي سان داخل ڪرايو. استاد بخاريءَ پرائمري کان سنڌي فائينل ۱۹۴۴ع تائين ڳوٺ غلام چانڊيو ضلعي دادوءَ ۾ پڙهيو. ۱۹۴۷ع ۾ پرائمري استاد ٿيو ان دوران پڙهندو آيو، ۱۹۶۴ع ۾ ايم اي سنڌي ڪيائين ۽ ۱۹۶۷ع ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو، آخر ۾ دادو ڪاليج (جيڪو هاڻي استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو سڏيو وڃي ٿو( مان اسسٽنٽ پروفيسر طور ۱۹۹۰ع ۾ رٽائر ڪيائين. ۹ آڪٽوبر، ۱۹۹۲ع تي ۶۳ سالن جي عمر ۾ سندس وفات ٿي. آخري وقت هو ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا هيو ۽ شديد بيماري ۽ تڪليف کان پوءِ ڪراچيءَ جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪيائين. استاد بخاري ننڍي لاڪون راڳ سان رغبت رکندڙ ٻار هو. پنهنجي ماءُ کان هن ڪافيون ۽ مولود ڳائڻ سکيا. سندس يادگيري غضب جي هئي، کيس ٿورو پڙهيو ياد رهندو هو. هن جو آواز ايترو ته مٺو هوندو هو جو هم جماعت ڇوڪرا توڻي اسڪول جا استاد کانئس موڪل مهل يا رسيس ۾ ڪو ڪلام ضرور ٻڌندا هئا. هن جي تربيت محبت ۽ نهٺائيءَ واري هئي کيس سندس والد قصا، تاريخي ڳالهيون ٻڌائيندو هو ته واري سندس والده مذهبي تربيت ڪئي، جنهن جي ڪري هو نيڪ نمازي هيو. کيس ننڍپڻ کان ئي ڳائڻ جي ڪري شعر جوڙڻ جو شوق ٿيو، سندس پهرين شاعري ۱۹۴۲ع جي آهي، جنهن وقت هو پنجين درجي ۾ پڙهندو هو. جڏهن ۱۹۴۷ع ۾ پرائمري استاد ٿيو، تڏهن پنهنجو تخلص پڻ ”استاد“ رکيائين. هن جي شاعريءَ جو سفر پنجاهه سالن جي عرصي تي محيط آهي، جنهن ۾ هن هزارين نظم، آزاد نظم، چوسٽا، گيت، غزل، بيت، رباعيون، ٽيڙو، قطعا، وايون ۽ ڏوهيڙا چيا آهن. ان کان سواءِ ترائيل، سانيٽ ۽ هائيڪو جو پڻ شعر چيو آهي. سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن. پهريون ڪتاب ۱۹۷۱ع ۾ ”گيت اسان جا جيت اسان جي“، ڇپيو جنهن ۾ سندس شاعريءَ جون مختلف صنفون شامل آهن. انهيءَ کان سواءِ هن جي ڪتابن ۾ ”گلدستي ۾ گيت“، ”گيت گلابي ٻارن جا“، ”ٻاراڻا ٻول“، ”اوتون جوتون“، ”ڪوڪڻ يا ڪلياڻ“، ”ولولو ۽ ووڪ“، ”زندگي زندگي“، ”ڌرتي سرتي“، ”ميلا ملهالا“، ”ماندي ٿي نه مارئي“، ”وطن ۽ ويساهه“، ”پير نه هٽن پوئتي“، ”گهڙيا سي چڙهيا“، ”هي گجراهي گولا“، ”هڙئي هيج وطن جا“، ”ڳائي پيو جاڳائي پيو“، ”تڙ تڙ تيڏيان ڳالهيان“، ”ڌوڙ دل جي درد جي“، ”لهر لهر دريا“، ”بخاري جا قطعا“، ”سوچون ڀڻڪا، واڪا“، ”نه ڪم نبريو، نه غم نبريو“، ”لهري لهري ۾ لالاڻ“، ”ڪاري ڪڪر هيٺ“، ”ڌري سرتي“ ۽ ٻيا ڪتاب آهن، ٻن چئن ڪتابن کان سواءِ استاد جا گهڻا ڪتاب وفات کان پوءِ ڇپيا ۽ عوام ۾ بي حد مقبول ٿيا آهن، سندس شاعريءَ جو ڳچ حصو سنڌ جي اهم فنڪارن سريلي آواز ۾ ڳائي هن ڌرتيءَ جي ڳوٺ ڳوٺ ۽ واهڻ واهڻ تائين پهچايو آهي، ڪابه اهڙي موسيقيءَ جي محفل نٿي هجي جتي شاهه صاحب ۽ شيخ اياز جي ڪلام سان گڏ استاد بخاريءَ جو شعر ڳاتو نه ويو هجي، هو شاهه ۽ اياز کان پوءِ سنڌ جو وڏو شاعر شمار ٿئي ٿو، جيڪڏهن استاد بخاريءَ جو مڪمل ڪلام اخبارن ۽ رسالن ۾ ٽڙيل پکڙيل مواد سميت ڇپايو وڃي ته هن جي ڪتابن جو ڳاڻيٽو پنجاهه کان مٿي ٽپي ويندو، روزانه هلال پاڪستان ۾ سندس ڇپيل چؤسٽا، جيڪي پابنديءَ سان ڇپبا هئا، سنڌ ڌرتيءَ جي هڪ سياسي، سماجي ۽ معاشي تاريخ آهن. اهي ايترا ته وافر مقدار ۾ هئا جو انهن ۾ سنڌ جي ڪيترن اهم واقعن ۽ حالتن جي وڏي پئماني تي نشاندهي ٿي آهي، استاد انهن چؤسٽن معرفت سنڌ واسين کي جاڳايو، اُتساهيو ۽ قوميت جي جذبي سان مالا مال ڪيو، ڌرتيءَ جي بقا ۽ بچاءُ لاءِ همٿايو جيئن چوي ٿو ته، تنهنجي اک ۾ پتلي ناهي، پٿري آهي، سنڌ سڙي پيئي، تنهنجي اک روئي به نٿي، تنهنجي بت ۾ رت جي بدلي ريتي آهي، خلق لڇي پئي، تنهنجي دل ڇرڪي به نٿي. ”بخاري صاحب جي سولي ٻولي ۽ الڳ انداز جي ڪري سندس چؤسٽي گهڻي مقبوليت ماڻي. هر چؤسٽي ۾ استاد جيڪا ڳالهه چوڻ چاهي آهي، سا بلڪل واضح آهي، تنهن ڪري هر چؤسٽو هڪ مڪمل نظم جي صورت وٺيو بيٺو آهي، روزانو اخبار ۾ لکڻ جي ڪري ان ۾ موضوع به ايترا پکڙيا پيا آهن، جيتري زندگي ۽ ڪائنات. هو ڳائڻ ۽ جاڳائڻ وارو شاعر آهي“. استاد بخاريءَ جي شاعريءَ ۾ موضوع کي اهميت آهي، هن شاعريءَ جي ڪيترين صنفن ۾ مقصدي طور جيڪي چوڻ چاهيو، اهو واضح چيو آهي هو عوامي شاعر ته آهي پر سنڌي قوم جو قومي شاعر پڻ آهي، جنهن ڌرتيءَ جي سونهن کي ۽ پوري سنسار کي چٽيو آهي ۽ ڌرتيءَ واسين کي علم جا، عمل جا، اڳتي وڌڻ جا، دشمن اڳيان فولاد ٿي بيهڻ جا، حوصلي ۽ همت جا سبق مختصر نظمن، چوسٽن ۽ رباعين ۾ چيا آهن، چوي ٿو ته، وقت جي ويٺي لکي مون واردات، لک اصول استاد، ڀڻڪيو مشڪلات، ”عزم“ جي سامهون جهڪيو آفت پوي، ڏينهن کي روڪيندي ناهي ڪابه رات. استاد بخاري طنزيه ۽ مزاحيه شاعري پڻ ڪئي ۽ ٻارن لاءِ پڻ لکيو آهي، سندس شاعري سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران نصاب ۾ شامل آهي، استاد جا شعري مجموعا ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي نصاب ۾ مقرر آهن. هن جي شاعريءَ جو فڪري پهلو وڌيڪ اهميت جوڳو آهي، مٿان هن لفظن جي جوت پڻ پيش ڪئي آهي ۽ قومي شاعريءَ ته هيڪاري سندس شعر کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن. تڏهن ته خود ئي چوي ٿو ته، منهنجي قومي شاعري بنجي ويو آ معرڪو، ڪلڪ جي صر صر به ظالم- ذهن ۾ خنجر ته آ، نظم تي پيو نظم جوڙيان، مورچي تي مورچو، هر اکر هڪ سولجر، مون وٽ وڏو لشڪر ته آ. ”استاد بخاري سونهن ۽ سچ جو شاعر آهي، هن جي شاعريءَ جو رنگ عوامي، ٻولي سادي ۽ ڳوٺاڻي، تشبيهن ۽ استعارن سان ڀرپور آهي، استاد جي ڪيل قومي شاعريءَ جو رنگ ئي پنهنجو آهي، حقيقت ۾ استاد هڪ ئي وقت پيار جي پچار ۽ وقت جي پڪار آهي، سندس پنهنجي لفظن ۾ ته وقت جي پڪار ۽ پرين جي پچار منهنجي شاعراڻي دل جا ٻه پاسا آهن.“ سنڌي ادب جي هن باشعور شاعر نه فقط پنهنجي ڌرتيءَ واسين کي سندن مسئلا کولي ٻڌايا، پر انهن مسئلن جا حل پڻ کين سمجهايا آهن. هن سنڌ جي خدمت کي عبادت سمجهيو، هتي ٿيندڙ هر ظلم کي پنهنجو پاڻ تي ٿيندڙ ظلم سمجهيو، انهيءَ ڪري ئي چيائين ته، پڇن ٿا سنڌ ۽ سنڌين جي ڇو تسبيح پيو سورين، چيم هاڻ پڇاڙي آ، عبادت جي ضرورت آ. استاد بخاري سچ ۽ سونهن جو شاعر وفا رضا اڄ سنڌ جي سڪيلڌي شاعر استاد بخاري جي وڇوڙي جي تاريخ آهي، جنهن پنهنجي زندگي ۾ جيڪو ڪجهه ڏٺو، پڙهيو ۽ پرکيو سو هو اسان کي ائين کڻي چئون ته شاعري جي صورت ۾ لکي ڏئي ويو آهي. استاد بخاري جنهن جو اصل نالو احمد شاهه هيو، تنهن جو جنم ۱۶ جنوري ۱۹۳۰ع تي ضلعي دادوءَ جي هڪ ڳوٺ غلام چانڊيو ۾ سيد حاجن شاهه جي گهر ۾ ٿيو. تنهن سنڌ جي محبتي انسان جي شاعري جڏهن به پڙهڻ توڙي ٻڌڻ لاءِ ملندي آهي ته دل چوندي آهي بس، استاد ئي هجي سو ان گهرج تحت ئي هڪ ڀيري وڃي استاد جي آشياني تي پهتس. مون سان منهنجو دوست خالد خاصخيلي گڏ هجي . دادو پهچڻ بعد ٽانگي واري کي چيوسين غريب آباد هلڻو آهي، جنهن مسڪرائي چيو استاد بخاري جن جا مهمان ٿا ڏسجو؟ مون هائوڪار ڪندي چيو، بلڪل استاد سان ملڻ ٽنڊي آدم مان پنڌ پيا آهيون. سو جڏهن استاد بخاري اسان سان ملندي ڀاڪر ۾ ڀريو ته ”ايتري خوشي ٿي“ جنهن جو ڪوئي ڇيهه نه هيو. استاد ئي ته چيو آهي، ’هلي آ هلي آ، پير ڀري هلي آ.‘ خير عافيت بعد استاد سان ملڻ جو ڪارڻ ٻڌائيندي عرض ڪيم ته اوهان سان ٽنڊي آدم ۾ رهاڻ رچائڻ چاهيون ٿا، باقي مڙوئي خير! استاد وراڻيو قرب ڪري آيا آهيو، صحت ساٿ ڏنو ته ضرور اوهان وٽ اچبو- ۽ پوءِ اهو ڏينهن به آيو جنهن ڏينهن استاد اسان جي اڱڻ ڪهي آيو. دادو مان ايس آر ٽي سي جي بس ۾ سوار ٿي ڀٽ شاهه پهچي، لاکيڻي لطيف جي حاضري ڏئي استاد بخاري جڏهن ٽنڊي آدم جي شاهه عبداللطيف لائبريريءَ وٽ پهتو ته سندس آجيان ڪندي مٿس گلن جي ورکا ڪئي وئي ۽ پوءِ تقريب جي هال ۾ موجود سڀئي ماڻهو جيڪي استاد جي احترام ۾ اٿي بيهي کيس کيڪاري رهيا هئا تن کي استاد ٻاجهاري ٻولي ۾ چيو پئي سڄڻو اوهان جا لک قرب. هيترا ورهيه گذرڻ باوجود به مونکي استاد بخاري جون دادو توڙي ٽنڊي آدم ۾ ڏنل محبتون ياد آهن. استاد بخاري جي شاعري سچ ۽ سونهن جي شاعري آهي. سندس اکر اکر ۽ سٽ سٽ مان پنهنجائپ جو احساس ٿئي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو ان پنهنجائپ جي ئي آڌار تي، بخاري جي شاعري اڄ به دل سان پڙهي ۽ ٻڌي وڃي ٿي. استاد بخاري جو پهريون ڪلام ”وقت ڏٺوسين پاڻ پليو سين پيار نٿو پلجي“ ۱۹۶۸-۶۹ ۾ استاد محمد جمن ريڊيو تي ڳايو، بعد ۾ ان ڪلام کي ٻين فنڪارن خاص طور تي غلام قادر ميرپورخاص واري به پنهنجي انداز ۾ واهه جو ڳايو آهي. ”گيت اسانجا جيت اسانجي، هي گيت گلابي ٻارن جا، اوتون جوتون، ڪوڪڻ يا ڪلياڻ، سوچون ڀڻڪا واڪا، ڪاري ڪڪر هيٺ، زندگي زندگي، ماندي ٿي نه مارئي، گلدستي ۾ گيت وطن ۽ ويساهه، ڳائي پيو جاڳائي پيو“ سميت ٻين ڪيترن ئي ڪتابن جي ليکڪ استاد بخاري کي سنڌ جي هر ننڍي توڙي وڏي فنڪار ڏاڍي چاهه سان ڳايو آهي. مون کي جڏهن به موقعو ملندو آهي ته مائي الله وسائي جي آواز ۾ ڳايل، بخاري جو ڪلام، ”پيار درياهه آ، درياهه به لٽجي ٿو وڃي.“ ور ور ڪري ٻڌندو آهيان. ائين ئي وري نوجوان راڳي ضامن علي به استاد جو ڪلام تون ڀلي دلربا ناز ڪر دير ڪر ايتري سوچ ڪر زندگي مختصر ڏاڍي خوبصورت انداز سان ڳايو آ. - آئون ڪيئن سيج سمهان - نالو لکو منهنجو نالو لکو - ڏس ڪير ٿو پرچائي - تون مڃين مڃين نه مهربان جهڙا خوبصورت گيت ۽ ڪلام لکندڙ استاد بخاري جيڪو ۹ آڪٽوبر ۱۹۹۲ع تي راهه رباني ٿي ويو، تنهن جي اڄ ۲۹ ورسي جي موقعي محبتن جي ڀيٽا ڏيندي، هنن ڪجهه اکرن سان گڏ استاد بخاري جو سندن هٿ اکرن سان مون ڏي لکيل خط ڏسندي اهو لمحو به ياد اچي ٿو، جڏهن ٽپالي پاران آندل اهو خط کولي پڙهيم، نيڻن ۾ خوشيءَ جا لڙڪ اچي ويا هئا. آّخر ۾ استاد بخاري جي هن چوسٽي سان موڪلاڻي ڪيون ٿا، جو قوم جياري اهو جيئندو رهندو، جو عام اجاري اهو جيئندو رهندو، مونکي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آهي، جو سنڌ سنواري اهو جيئندو رهندو. استاد بخاري پر جي منهنجو يار سڏائين ڇا ٿو ڀانئين وفا رضا اڄ سنڌ جي مٺڙي شاعر استاد بخاري جي جنم جو ڏهاڙو آهي، سنڌ، سونهن ۽ سچ جي هن سٻاجهڙي شخصيت جو جنم سورهين جنوري اڻويهه سو ٽيهه تي دادو ضلعي جي ننڍي ڳوٺ غلام چانڊيو ۾ سيد حاجن شاهه جي گهر ۾ ٿيو. استاد بخاري ننڍپڻ کان ئي وڏو ذهين هيو، اهوئي سبب هيو جو پاڻ پهرئين درجي کان سنڌي فائنل تائين پهرئين پوزيشن کڻندو رهيو، پڙهائي بعد هن پهرئين نوڪري روينيو کاتي ۾ ڪئي، اڳتي هلي ڪري پاڻ تعليم کاتي ۾ استاد جي حيثيت سان پنهنجا فرض نڀائڻ لڳو. استاد بخاري اوڻيهه سو ڇائيتاليهه کان شاعري شروع ڪئي، استاد جي شاعري جو پنهنجو رنگ آهي. سندس شاعري اڄ به وڏي چاهه سان پڙهي ۽ ڳائي وڃي ٿي: پيار درياهه آ، درياهه به لٽجي ٿو وڃي، نيٺ انسان آ، انسان به مٽجي ٿو وڃي. چنڊ هٽندي ئي وڏي وير هٽي ويندي آ، گهور گهٽجي ٿي ته انسان به گهٽي ٿو وڃي. جهڙيون سٽون لکندڙ استاد بخاري جا ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهي، جن ۾ ”گيت اسان جا جيت اسان جي“، هي گيت گلابي ٻارن جا، نه ڪم نبريو نه غم نبريو، اوتون جوتون، ڪوڪڻ يا ڪلياڻ، سوچون ڀڻڪا واڪا، لهر لهر دريا، ڪاري ڪڪر هيٺ، ڌرتي سرتي، زندگي زندگي، ميلا ملهالا، وطن ۽ ويساهه، گلدستي ۾ گيت، ماندي ٿيءُ نه مارئي، بخاري جا قطعا، پير نه هٽن پوئتي، گهڙيا سي چڙهيا، هي گجرا هي گولا، هڙئي هيج وطن جا، ڳائي پيو جاڳائي پيو، تڙ تڙ تيڏيان ڳالهيان ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن. ڪير ڪوڙو آ ڪير آ سچو، بحث آهي بخاري ڊگهو پاڻ کي ٿو کپي ڀروسو، پر ڪٿي ڀروسو ٿو اچي يا وري سونهن تنهنجي سنگيت جهڙي آ، گفتگو لوڪ گيت جهڙي آ. ------ گهڻو اداس نه ٿي جو اجهائجي نه وڃين، وڏو جهان آ غم جو وڃائجي نه وڃين، بچيو ته ڪجهه به بخاري نه آ، مگر اي دل، اڃا به عشق ته آهي، اگهائجي نه وڃين، ------ دل جي ڪاروبار جو هڪ قاعدو آهي، ڪيترو به نقصان ٿي پر فائدو آهي، سونهن تي سچ تي ۽ سنڌ تي او امر شاعر، شعر تو جيڪو لکيو شانائتو آهي. جهڙيون سدا امر سٽون لکندڙ استاد بخاري وڏو محبتي انسان هيو. ساڻس ٿيل ملاقاتون، ڪچهريون سدائين ور ور ڪري ياد پونديون آهن. ساڻن منهنجي پهرئين ملاقات دادوءَ ۾ تڏهن ٿي هئي، جڏهن اسان سندس مانَ ۾ ٽنڊي آدم ۾ رهاڻ رچائڻ جي دعوت کڻي ساڻس ملڻ ويا هئاسين. هو اهڙي ته اڪير سان مليو هو جو اڄ به اهي گهڙيون مون کي ياد ٿيون اچن، پوءِ هو ڪيئن نه دادو کان پنڌ پئي لاکيڻي لطيف جي حاضري ڀري اسان جي اڱڻ تي ڪهي آيو هو. سندن اهي محبتون ۽ چاهتون جهٽ منجهه وسري وڃن، اهو ناممڪن آهي. سنڌ جو هي ڀلوڙ شاعر نائين آڪٽوبر اوڻيهه سو ٻيانوي تي اسان کان وڇڙي ويو، پر سندس شاعري سدا امر رهڻي آهي. بخاري کي اوهان سڀني کان يارو مان گهڻو ڄاڻان، ڀلو جي ڀائرن سمجهيو ته، رهجي ويو ڀرم هوندو. ----- واقف آ استاد بخاري تو فرمائي دلڙي ٺاري، پر جي منهنجو يار سڏائين ڇا ٿو ڀائين. استاد بخاري موجوده سنڌ جو يگانو قومي عوامي طبقاتي ۽ انقلابي شاعر زاهده شيخ استاد بخاريءَ جي شاعري پنهنجي قوم جي اڪثريتي عوام جي زندگيءَ جي عڪاسي به آهي ۽ انهن جي خواهشن، جذبن ۽ خوابن جي ترجمان به آهي ته وري انهن کي بيمارين، جهالتن، اونداهين ۽ وهمن ڀري زندگي کان ڇوٽڪاري جو گس ڏيکاريندڙ به آهي. استاد پنهنجي قوم سان گڏ تڙپندڙ ۽ گڏ کلندڙ ۽ گڏ جدوجهدون ڪندڙ شاعر آهي. استاد جڏهن چوي ٿو: سنڌ جي سورن جو ڪونهي آند پاند، گهر ڊٺل وهڪيل ڍڳي، ڪمزور ڏاند، پوءِ به شهپر کي وٽيندي پيو چوي، سؤٽ سان ڪرڻُ اٿم جلدي پلاند! يا جڏهن چوي ٿو: ڏيون امتحان پر پڙهڻ کان کانسواءِ، ڏسون ڪاميابيون ڪڙهڻ کانسواءِ، وٺون حق پنهنجا گهرڻ کانسواءِ، وڏا وير سڏجون وڙهڻ کانسواءِ! ته ان وقت هو پنهنجي ماڻهن جي غلط ۽ نقصانڪار روين کي ظاهر ڪري ٿو جو هو ڄاڻي ٿو ته خرابين کي ظاهر ڪرڻ بنا ختم نه ڪري سگهبو. استاد پنهنجي وطن سنڌ سان محبت جو اظهار اهڙو خوبصورت نموني ڪيو آهي جو خود ان محبت تي محبت ٿي اچي. جو توسان رکي سيلُ، ڀلي ڀيل هجي ڪو، سو ڀيل ڀري پيرَ، سندس پير چمون ٿا. جو توسان رکي کوٽ، ڀلي گهوٽ هجي ڪو، ان گهوٽ مٿان چوٽ مٿان چوٽ ڪريون ٿا. ائين نه ته ڪو هي فلاڻو خان آهي يا مون کي عزت ڏيندو آهي ته تنهنڪري ان جا سڀ ڏوهه معاف. يا وري: ٽهڪين ته ٽڙن موتيا سڏڪين ته ڦٽن ڦٽڪا، من، تون ته نه منجهندي ڪر! مان منهنجون ستئي پيڙهيون، رانڀاٽ ڪري روئينديون، او سنڌ! نه روئيندي ڪر! ڪنهن شهر ۾ محلي ۾، ڪنهن ديهه ۾ ديري ۾، توکي ته ڇپايان مان! ڊاڪو ٿا هڻن ڊاڪا، چؤڦير لکين جهاٽا، ڪٿ سنڌ لڪايان مان! لطيف وانگر استاد به اهڙو شاعر آهي، جنهن زندگيءَ جي تقريباً سڀني پاسن تي لکيو آهي، جنهن عام ۽ روزمرهه جي زندگيءَ تي به لکيو آهي ته وري خاص حالتن ۽ موقعن تي به لکيو آهي. جيئن سنڌ ۽ سنڌين جي حالت ڏسي چوي ٿو: وڏا شهر دهشت جي شعلن ۾ آهن، ننڍا ڳوٺ ڌاڙن جي کورن ۾ آهن، هجي لانگ بوٽن يا ووٽن جي موسم، هي گگدام سنڌي ته سورن ۾ آهن. يعني مارشل لا هجي توڙي جمهوريت پر سنڌي ماڻهن لاءِ ساڳيا ڏوجهرا. استاد سنڌين کي سورن ۾ وجهندڙن کي به سڃاڻي ٿو. چئي ٿو: ڪي لوڻ کڻي، چهڪ ڏئي، چير ڏين ٿا، ڪي زهر ڀري زوم ڪري تير هڻن ٿا. انصاف پڇيو: نانوَ ڏسيو ڪير هي آهن؟ فرياد چيو: مير ته ڪي پير چون ٿا. وري پڇي ٿو: واهرو ويري ٿئي، پوءِ ڇا ڪجي؟ روشني ميري ٿئي، پوءِ ڇا ڪجي؟ جو ڪري چوري، ڊڪي زوري وري، سو اچي پيري ٿئي، پوءِ ڇا ڪجي؟ استاد اتي بس نٿو ڪري- وري بچاءَ جو گس به ڏسي ٿو. غدار دوست ٿين، ڌڪاري ٿُڪي ڇڏيون، جهونجهار پنهنجا ياد بنايون بچي پئون! ماري وجهن ٿيون تر کي مسلسل منافقيون، جي فيصلا سچار بنايون بچي پئون! اڀرو ته اڄ قيام ڏهاڙو ڪري وجهون! پگهري پون پهاڙ ڪو ڪاڙهو ڪري وجهون! پردي ۾ انڌ، ڌنڌ بنا پردي ٿي پون، پر مار کي ته الف اگهاڙو ڪري ڇڏيون! هٻڪندڙ، سوچيندڙ، ڪنڊون پاسا ڪري فيصلا ڪن جدوجهدن کان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندڙن کي تنبيهه به ڪري ٿو. هاڻي به جي نه وٺندو پنهنجي حقن جو قبضو، کاڻين، ٻنين، ملن ۾ کاتن پڪن جو قبضو، شهرن ۾ پنهنجي پاڙن، چونڪن هٽن جو قبضو، پوءِ سمجهو سرتي هوندوَ، ڌارين ڌڪن جو قبضو. ۽ کين سمجهائي ٿو: جو پير هٽيو، سو پير ڪٽيو، هي خوف به طاري رکڻو آ. جا وِک وڌي، ڄڻ لال لڌي، هي جوش به جاري رکڻو آ. ڳالهه ڪجي ته مضبوطيءَ سان پير ڄمائي ڪجي. باقي مڙي ئي فارملڪٽي پوري ڪرڻ واري ڳالهه استاد جي نظر ۾ بلڪل بي معنيٰ آهي: ڌوڏيئين نه درختن کي، ڏئي اوٽ ٿو ڏيئن کي، طوفان اهو ڪهڙو! آزار ڪٿي ڦٿڪيا، پر مار ٻڌي ٽهڪيا، اعلان اهو ڪهڙو! استاد بخاريءَ جڏهن وڏيرن، جاگيردارن ۽ ڪامورن کي ذاتي ۽ طبقاتي مفادن خاطر سنڌين جون کلون لاهرائيندي، کين تباهه ۽ برباد ڪندي ۽ سندن وسيلا کسائيندي ڏٺو- جيئن اڄڪلهه دهشتگرد پرست راڄ سنڌين مٿان مڙهيو ويو آهي ۽ اهڙن وقتن تي سنڌي عوام کي خاموش ڏٺو ته حيران ٿي سوال ڪيائين: حڪومت ته عهدن ۾ مجبور آهي، پر آزاد رعيت کي ڇا ٿي ويو آ؟ ڪندي مصلحت فيصلا آهي گم سم، حقيقت جي غيرت کي ڇا ٿي ويو آ؟ ڳڻتي به ڪري ٿو! اڄ نه جي دهشت ڪُٺي، ڪسندي ڪڏهن؟ هي قيامت قهر جي کٽندي ڪڏهن؟ وري جڏهن ڏکي کان ڏکين حالتن ۾ به وطن ۽ وطن واسين لاءِ ويڙهاند ڪندڙ ڪن ثابت قدم ماڻهن کي ڏسي ٿو ته حوصلو پيدا ٿئيس ٿو. او طوفانو، ڪارونجهر گهر منهنجو آ، سَرَ- تيليءَ تي چيهي جو آکيرو ناهي. دهه- دهه، دڳ- دڳ قبضو آ، تر منهنجو آ، ڳيري وارو ٽاري تي واهيرو ناهي. اهڙي وقت تي جڏهن وطن جا مجاهد سچا انقلابي سچائيءَ خاطر وڙهندا هجن، تڏهن انهن جي نيڪنامي تي پريشان ٿيندڙن جي حالت کي ۽ انهن جي نيڪناميءَ تي خوش ٿيندڙن جي دلي ڪيفيت کي استاد ڏاڍو سهڻي نموني چٽيو آهي: حاسد جي دل وک وک ڇلڪي، ننڍڙي سوڙهي گهاگهر وانگر. ساٿين جي دل ڇوليون ماري، هيڏي ساري ساگر وانگر. استاد جو شاعريءَ ڏانهن رويو به عوام دوست آهي. هو ايڏو وڏو شاعر هوندي به اڪيلي شاعر کي سڀڪجهه نٿو سمجهي. هو سطحي قسم جو ماڻهو ناهي. هو عالم آ، ڏاهو آ. تنهنڪري گهڻ طرفين ڳالهين کي اهميت ڏئي ٿو. ذهني پورهيي ۽ جسماني پورهيي جي گڏيل طاقت تي يقين رکي ٿو: منهنجي هٿ ۾ ڪلڪ ۽ ڪانگ، تنهنجي هٿ ۾ ڏاٽو ڏانگ، مان ٿو ڪاٽيان قهري سوچون تون ٿو مارين زهري نانگ. شور ڪهڙو لهر جو ساگر سوا، زور ڇا جو واءُ جو اوٿر سوا، شعر منهنجو گر جي، گڏجي قوم سان، اَسِلحو بيڪار آ لشڪر سوا. او هاري او ناري! او ڪڙمي مزدور! اسان واريون ڪلڪُون امانت اوهانجي. توهان جون تکيون ڪوڏون ۽ ڪهاڙيون، توهان جو قسم آهي طاقت اسان جي. استاد هڪڙو آدرشي انسان هو- هن جا آدرش عظيم هئا. قوم جي روشن مستقبل جو آردش. صحيح ۽ غلط ۾ فرق ڪري صحيح کي مان ڏيڻ جو آدرش- منافقت کي ظاهر ڪرڻ جو آدرش. پورهيت طبقي کي ظالم طبقن ۽ پرمارن جي پنجوڙن کان آزاد ڪرائڻ جو آدرش ۽ وري اهي آدرش به مضبوط علمي بنيادن تي ٻڌل- بخاري هڪڙو سچو پچو ۽ پڪو پختو عالم قسم جو انقلاب دوست انسان هو. سندس هي نظم ان حقيقت جي عڪاسي ڪري ٿو: زندگي هڪ موقعو، ڪئي واقعا، لمحي لمحي ۾ جڳن جا فيصلا. فيصلو سورهيه بلاول جو پڪو، سنڌ لئه سوچي جيئو جڳ جڳ يڪو. فيصلو کهڙي وزارت جو ڪيو، قوم جرمانو حقارت جو ڪيو. فيصلو، خوشبو وڌي رڪجي هوا، سنڌ جيئي پر ڪمي ڪڙمي سوا. فيصلو آزادگيءَ ۾ آ مزو، پر سجاڳي عام جي بنبي ڏچو. فيصلو آزادگي برپا ڪجي، عام ٿي اوٿر اٿي پو ڇا ڪجي. واهه ڙي وا، بورجوازي فيصلا! دلفريبي، دوکيبازي فيصلا! مان سڃاڻان سوچ تنهنجي بورجوا، انقلابي ٿي نه سگهندين بورجوا. انقلابي، بورجوا تقليد ڇڏ! انتها ڏي آ، رڳو تمهيد ڇڏ! انقلابي، بورجوا تدبير ڇڏ! پورهيتن ڏي ڊوڙ، پير ۽ مير ڇڏ انقلابي، بورجوا دستور ٽوڙ! جهور زرداري ستم، مزدور جوڙ. انقلابي، انقلابي هوندو آ، اجتماعي، انفرادي هوندو آ. انقلابي، انقلابي هوندو آ، عيش جي ڪڇ ۾ عذابي هوندو آ. انقلابي، انقلابي هوندو آ، ڌوڌ کان هر دور باغي هوندو آ. انقلابي، انقلابي هوندو آ، دور کي ڌوڏڻ جو عادي هوندو آ. انقلابي، انقلابي هوندو آ، غار ٿي ويندي به غازي هوندو آ. انقلابيءَ جي عبارت اڻ ڪٿي، انقلابيءَ جي ثقافت سرڪشي. انقلابيءَ جي بغاوت بندگي. او زندگي! او زندگي! استاد بخاري عشق جو آند نه ڪو پاند ٻڌون ٿا استاد ادل سولنگي عشق جيڪو مقتلن ۾ به ناچ نچايئندو آهي، عشق جيڪو ڪڏهن، منصور ته ڪڏهن سچل، بڻجي ان الحق ۽ حق موجود جي سدا بڻجي ويندو آهي، عشق جيڪو ڪربلا جي ميدان تي سسي نيزي پاندِ هوندي به حق جو آواز بڻجي صدين جي تاريخ مٿان ڀاري بڻجي ويندو آهي، عشق جيڪو جهونا ڳڙهه کي جهوري وجهندو آهي ۽ عشق جهوڪ کي جيئاري ڇڏيندو آهي، عشق بلاول بڻجي گهاڻي کي گهائي ڇڏيندو آهي. عشق سرمد ۽ دارا شڪوهه بڻجي اورنگزيب جي ميرين اکين ۾ گهوُر وجهي گهوريندو آهي ۽ سدائين مرڪندو رهندو آهي. شاعري انساني روح مان ڦٽي نڪرندڙ اونهي احساس جو نالو آهي يا شاعري ڌرتيءَ جي ڪک مان ڦٽي نڪرندڙ کيتن جي خوشبو آهي. ڌرتي جي هزارين سالن جي عرصي تي ڦهليل حب الوطنيءَ جي اعليٰ روايتن جي پاسداريءَ جو لفظن جي روپ ۾ اظهارڻ جو نالو آهي شاعري، شاعري جيڪا فلسفي کان گهڻي گهري ۽ تاريخ کان وڌيڪ سبق آموز ٿيندي آهي. قومن جي تهذيب، ڪلچر، روايتن ۽ مزاحمتن جو پس منظر پيش ڪندڙ، اهڙي منظوم ڪٿا ڪاري، جنهن کي شاعري چيو وڃي ٿو. سنڌي شاعريءَ جون پاڙون پنهنجي ڌرتيءَ جي پاتال ۾کتل آهن. صدين کان وٺي سنڌي شاعري پنهنجي ڌرتيءَ جي لوڪن جي اندر جي احساسن، اڌمن ۽ امنگن جي ترجمان رهي آهي. سنڌي شاعري ڪڏهن سهرا، لاڏا، ڳيچ ۽ جمالا به رهي آهي ته وري ڪڏهن شاعري قومن جي اندر ۾ پلجندڙ آزاديءَ جي تڙپ به رهي آهي. آرڻ ۾ ڪڏي ڪاهي پوندڙ جهونجهارن جي نعرن جو روپ سروپ به آهي، شاعري لطيف جا بيت ۽ وايون ۽ڪيڏارو به آهي ته اياز جا نظم، اوپيرا ۽ همرچا به آهي. استاد بخاريءَ جا نظم، گيت، وايون، بيت ۽ لوليون ڌرتيءَ جي ڪک مان ڦٽي نڪرندڙ قومن جو فطري آواز آهن. استاد بخاري عوامي روايتن جو پاسدار شاعر آهي، جنهن جي شاعراڻي عظمت اها به آهي ته هن سنڌي ادب خاص ڪري شاعريءَ جي زمين ۾ جيڪي کيت کيڙيا آهن، انهن جي خوشبو سڄي ديس کي واسي ڇڏيو آهي. استاد بخاري ڌرتيءَ جو رکوال شاعر آهي، جنهن چيو ته: اغيار سان اقرار اهو ڪيئن ٿيندو، ۽ يار سان انڪار اهو ڪيئن ٿيندو. استاد بخاري کي کڻي دفن ڪيو، ڌرتي کان مگر ڌار اهو ڪيئن ٿيندو. آڙاهه ۾ آلاڻ، اها اڻ ٿيڻي، ۽ سون ۾ ڪاراڻ، اها اڻ ٿيڻي، جنهن وقت سڏي سنڌ بخاري ڀڻڪي، ڇا لاءِ ۽ ڇاڪاڻ اها اڻ اٿيڻي، يا استاد بخاريءَ کي کڻي دفن ڪيو، ڌرتي کان مگر ڌار هو ڪيئن ٿيندو، احمد شاهه بخاري جنهن جو جنم ۱۹۳۰ع ۾ دادو شهر ويجهو ڳوٺ غلام محمد چانڊيي ۾ سائين حاجن شاهه بخاريءَ جي گهر ۾ ٿيو، جنهن جو ڇٽي جو نالو” پنهل رکيو ويو، جنهن کي پنهنجي امڙ ”عرسو“ جي نالي سان سڏيندي هئي، استاد بخاري جنهن امڙ جا لوڪ گيت ۽ لوليون ٻڌي شاعريءَ جي ڪاڪ محل ۾ پير پاتو ۽ هن راڻي جيان شاعريءَ جون طلسماتي رمزون ڄاڻي، شاعراڻي ڪاڪ محل کي فتح ڪيو. ۱۹۴۷ع واري زماني ۾ استاد بخاري سنڌي شاعريءَ جي مهريءَ جون واڳون سنڀالي ڀوءِ جي فڪر جي ڦرهي کڻي ڌرتيءَ جي ڀٽن ۽ بيابانن ۾ رند ۽ پنڌ ڪيا ۽ پنهنجي مقصد جي مومل کي ماڻيائين. استاد بخاري ۱۹۵۰ع کان ادبي دنيا ۾ ڀرپور حصو وٺندو رهيو. تازو هڪ ليکڪ پنهنجي مضمون ۾ لکيو آهي ته” ٻن ڏهاڪن جي وٿيءَ بعد به اسان کي اهڙو پيپر نه ملي سگهيو آهي، جنهن ۾ استاد جي شاعريءَ جا ڪي نوان پهلو ظاهر ڪيا ويا هجن. شايد ايئن ئي هجي ته استاد بخاري جي شاعريءَ تي جن به لکيو آهي، اهو روايتي انداز ۾ ساڳين ڳالهين جو ورجاءُ ڪيوويو آهي، ڇاڪاڻ جو ٻه ڏهاڪا تمام وڏو عرصو آهي ۽ انهن ٻن ڏهاڪن ۾ به جيڪڏهن استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جي مختلف ۽ نون رخن تي اڀياس/تحقيق نه ٿي آهي ته پوءِ آخر ڪار جن استاد بخاريءَ جي شاعري، فن، فڪر ۽ شخصيت جي مختلف رخن تي لکيو آهي، اهو ته ڄڻ اجائي لکيو ويو آهي، اسان جا عالم ۽ اديب جيڪي به اڄوڪي ادب بابت رايو ڏين ٿا، ”اهو رايو پنهنجي پسند ۽ ناپسند جي دائري ۾ رهي ڪري ڏين ٿا. باقي علم، ادب، فن، تخليق، تنقيد جي پس منظر ۾ اهو چوڻ ته ٻن ڏهاڪن ۾ استاد بخاريءَ جي شاعريءَ تي ڪو به اهڙو پيپر نه پڙهيو ويو آهي، جنهن مان استاد بخاري جي شاعريءَ جا نوان رخ، نوان خيال، احساس، فلسفا چٽا ٿي سامهون اچن“ . خبر ناهي ته اها ڪهڙي قسم جي ادبي يمانداري آهي! جو هڪ ٻن سٽن ۾ ڪنهن جي علمي ادبي پورهيي کي رد ڏئي ڇڏجي. استاد بخاري ڪيترو گهڻ پاسائون شاعر آهي، ان بابت ڪا به غلط فهمي ناهي، هو پڪ سان گهڻ پاسائون شاعر آهي، جنهن ۾ ٻولي، محاورا، اصطلاح، تشبيهون ۽ ترڪيبون، شاعراڻي سٽاءَ يا اڻت جنهن کي شاعراڻي صنعت گري به چئجي، استاد بخاري سنڌي ٻولي جو اهڙو شاعر آهي، جنهن کي ٻولي جي بيهڪ ۽ ٻوليءَ جي ترنم، لفظن جي مزاح ۽ معنيٰ سميت موسيقيءَ جي ڄاڻ به آهي ته شاعراڻين صنفن جي به مڪمل فني ڄاڻ آهي، جنهن جي هر هڪ نظم، گيت، غزل، وائي، چوسٽي ۾ شاعراڻو ترنم، ڌرتيءَ جي احساسن ۽ اڌمن جي اُپٽار ملي ٿي، هڪ ئي وقت استاد ڪيترن ئي محاذن تي پنهنجي فني ۽ فڪري ويڙهاند ڪندي ۽ نظر اچي ٿو. مثال پنهنجي ڌرتيءَ جي دردن ۽ پيڙائن کان ويندي پرينءَ جي پرچار، پرينءَ جي رسامن ۽ پرچاڻن کان ويندي، عشق جي اتامرائيءَ جي پڻ ڳالهه ڪندي نظر اچي ٿو. عشق هو، چرچو نه هو، رونشو نه هو، باهه جو شعلو هو، گلدستو نه هو. عشق جو آند نه ڪو پاند ٻڌون ٿا استاد، سونهن جي ذات نه ڪا پات پتوڪو ڪونهي، پيار ڏئي پيار گهرين ٿو، حيف هجئي استاد، عاشق ناهين شايد آهين، يار وڏو واپاري. استاد بخاري، هائيڪو، سانيٽ، ترائيل، ڏوهيڙو، ٽيڙو، چئو سٽا، رباعي، گيت، غزل، نظم، آزاد نظم، بيت، وائي جي تاڃي پيٽي ۾ پنهنجي شاعراڻي فن کي سموهيندي سنڌي شاعريءَ جي چنريءَ ۾ احساساتي حسناڪين جا ڪيترائي چٽ چٽيا آهن.سنڌي شاعريءَ جو هي” پنهل“ استاد بخاري پنهنجي ڌرتي ۽ سرتي، جُنگن ۽ جهونجارن جو شاعر، جنهن سنڌ کي سسئيءَ جيان پهاڙن ۾ پڪارون ڪندي، مرن سان مهاڏو اٽڪائيندي جهد جا جبل جهاڳيا آهن. ان سنڌ ڌرتيءَ جي ڏکن درن جو درمان ڪندڙ ۽ چڪندڙ ڦٽن مٿان پنهنجي شعوري لفظن جي مرهم هڻندڙ اهڙو ويڄ، اهڙو حڪيم، اهڙو طبيب شاعر آهي، جنهن پنهنجي هر هڪ شعر ۾ سنڌ جي مارو ماڻهن جي مسيحائي ڪندي سنڌ جي سورمن جي ساراهه ۽ سورهيائيءَ جي مڃتا ڪئي آهي، ، آجپي جي گهر ۽ عام لوڪن سان گڏجي ڌرتي جي ڌوڙ کي طورسينا جي سرمي کان وڌيڪ اُتم ڄاتوآهي. ڌرتيءَ پنهنجي ڌوڙ سڃاتي، آئون ته اهڙون ناهيان، استاد بخاريءَ کي پنهنجي ڌرتي واسي لوڪن جيڪو مان ۽ مريادا ڏني آهي، ان جو ڪير به انڪاري ٿي نٿو سگهي، ڇاڪاڻ ته جو هو عام لوڪ سان گڏ هيو، عام سان سلهاڙيل هئو، عام جي اهنجن ۽ ايذائن کي دور ڪرڻ وارو مسيحا هئو، جنهن لفظن جي ڪٿائن ذريعي لوڪ کي همت ۽ آٿت ڏني، جنهن چيو: ”او اٽل آدمي دل شڪستو نه ٿي“ جڏهن ته هن کان اڳ بخاري صاحب ” آسي“به رهيو ته ” دردي“ به رهيو پر استاد بخاري ٿيڻ کان پوءِ استاد بخاري ئي سڏجڻ لڳو، جنهن جو پاڻ ئي اقرار ڪيو اٿائين. منهنجو نالو احمد شاهه آهي، استاد بخاري سڏجان ٿو. استاد بخاري چيو ته پڇن ٿا سنڌ ۽ سنڌين جي تسبيح پيو سورين؟، چيم هاڻي پڇاڙي آ، عبادت جي ضرورت آ. سنڌ ڌرتيءَ جي حقن جي رکوالي ڪرڻ کي عبادت سمجهندڙ استاد بخاري ته حُب الوطن من الايمان کي اوليت ڏيندڙ اهڙو ڪوِتاڪار آهي، جنهنجي گيتن جي گونجار جهنگن جهرن ۾ ٻڌجي رهي آهي، وقت جو ڪو به وڌاءُ ڌرتي جي ان الستي آواز کي ڌرتي کان ڌار نٿو ڪري سگهجي. استاد بخاريءَ کي کڻي دفن ڪيو، ڌرتي کان مگر ڌار اهو ڪيئن ٿيندو؟، شيخ اياز، تنوير عباسي، شمشيرالحيدري، نياز همايوني، امداد حسيني، جهڙن وڏن شاعرن جي وچ ۾ پنهنجي الڳ رستو ڊڪشن اسلوب اختيار ڪرڻ ۽ پاڻ مڃائڻ استاد بخاريءَ جي فني ڪمال يا ٻوليءَ جو معجزو آهي، جو هڪ ئي دور، هڪ ئي زماني ۾ شاعريءَ جي آسمان تي ڪئي، ڪهڪشائون اڀريل هيون، جن ڌرتي جي انڌيرن سان مهاڏا اٽڪائي سنڌ جي لوڪن جي مُکن تي مرڪن جا مينهن وسائي ڇڏيا هئا، جن قومي سجاڳيءَ جون مشعلون ٻاري اونداهين کي للڪاريو ۽ روشنين جي پانڌيئڙن جي اڳواڻي ڪئي. استاد بخاري ان سٿ، زماني ۽ قد ڪاٺ جو شاعر هو. استاد بخاري سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعراڻي ورثي کي ساڻ کڻي نئين زماني ۽ نئين دور جي انسان لاءِ قديم شاعراڻي ورثي کي هڪ نئين نڪور شاعراڻي دور سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ هن ڪاميابي ماڻيندي ڌرتيءَ جو قرض لاهڻ ۽ پنهنجو قومي فرض نڀائڻ جي ڀرپور جدوجهد ڪئي، جنهن کي هر دور جو انسان مڃتا ۽ قبوليت ڏيندو. استاد بخاريءَ چيو ته: . هونئن ته مٽيءَ جي چپٽي آهيان، جيئن سنڌ ته سڀ ڪي آهيان، ساٿين سان گڏ سالگرهه مان، وڇڙي ويس ته ورسي آهيان. استاد بخاري زندگيءَ جو شاعر - (۱۶ جنوري جنم ڏينهن جي حوالي سان) ھمير گاد سنڌ جي تاريخ ۾ اهڙا ته شاعر ۽ آدرشي انسان پيدا ٿيا آھن جن جي فن ۽ ادب سنڌي ادب ۽ فن کي بين الاقوامي تاريخ ۾ اوچو مقام ڏياريو آھي. سنڌ ڌرتيءَ اهڙن شاعرن کي جنم ڏنو آھي جن جي شاعريءَ تي سنڌي زبان کي فخر آھي ۽ فخر تا قيامت تائين رهندو اهڙن شاعرن مان سيد احمد شاھ ”استاد بخاري“ پڻ آھي. استاد بخاري پنهنجي شاعري ۾ سنڌ جي تاريخ, تمدن, تهذيب ۽ معاشري کي پنهنجي شاعريءَ جو عنوان بڻايو. هو غريبن جو, سچائيءَ جو ۽ عوامي شاعر آھي. استاد پنهنجي شاعريءَ ۾ جيڪا ٻولي استعمال ڪئي آھي اها تمام سادي ۽ سٻاجهي ٻولي استعمال ڪئي آھي جنهن کي هر ماڻھو آسانيءَ سان سمجهي سگهي ٿو. هن جي شاعريءَ ۾ زندگيءَ جو صحيح عڪس نظر ايندو تڏهن ته ٻڌندڙ تي هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿي ويندي آھي. استاد پنهنجي شاعريءَ جي شروعات تقريبن ٻارنهن سالن جي عمر ۾ ڪئي هئي پاڻ هڪ ڀيري ڪٿي چيو هيائين؛ ”ان زماني ۾ اهو ڪو اهڙو ڌماڪيدار حادثو نه هو بلڪ اندر ۾ ڪو لڪيل درد هو جو دکيو ۽ ٻاهر نڪرڻ شروع ٿيو. “ تمام ٿورن ماڻھن کي اها خبر هوندي ته استاد بخاري هڪ سٺي شاعر سان گڏ هڪ بهترين موسيقار به هو. هو پنهنجي ڪلام جون ڌنون اڪثر پاڻ ئي تيار ڪندو هو. بقول منظور سخيراڻي ته ”استاد بخاري ڪيترين ڪلامن جي ڌن تيار ڪري ۽ پوء ان ڌن کي ڳائي ٻڌائيندا هئا ته هي ڌن هئين ڳائجهي. وغيره“ منظور سخيراڻيءَ جو ڳايل ڪلام " سچي پچي چين نه آيو" جنهن جي ڌن استاد بخاريءَ تيار ڪئي هئي. استاد جي سٽن ۾ رڳو سونهن ئي سونهن آھي. هن جي شاعريءَ ۾ ائين ئي خوشبو آھي جيئن گلاب جي گل ۾. منهنجي ان ڳالھ کان ڪوبه انڪار نه ڪندو ته استاد بخاري شاعر عشق آھي ۽ هو ته هيو ئي محبت جو متوالو. ۽ هي سٽون جڏهن پهريون ڀيرو محمد يوسف جي آواز ۾ ٻڌيون هيون ته انهن سٽن منهنجي اندر جي پيڙا کي به تڙپائي ڇڏيو هو.. ”صبح جي هير يار جي خوشبو منهنجي چاهت جو ناشتو آھي.“ استاد جي شاعري سنڌي زبان ۽ ٻوليءَ جو هڪ اعليٰ ڪرشمو آهي.سندس جي شاعري کي وڏي سڪ ۽ چاھ سان ڳايو وڃي ٿو. استاد جي شاعري ستل جذبن کي جاڳائي وجھي ٿي. مون ڪٿي پڙھيو هو ته محترم رسول بخش پليجو صاحب سندس ورسي جي صدارت ڪندي اهو اعتراف ڪيو هو ته ڀٽائي کان پوءِ استاد بخاري هن دؤر جو وڏو شاعر آهي.مون کي يقين آ ته اها ڳالھ ڪافي ماڻھن کان هضم ڪانه ٿي هوندي.ڇاڪاڻ ته جتي هڪ ٻي شاعر جا هفتا ۽ ميلا ته لڳايا وڃن ٿا پر اتي استاد بخاريءَ جهڙي عظيم ۽ عوامي شاعر کي ياد به ڪونه ٿو ڪيو وڃي ائين لڳندو آ ڄڻ استاد بخاري سنڌ جو نه پر بنگلاديش جو شاعر هو. استاد بخاري وقت روان جو وڏو شاعر عزيز ڪنگراڻي استاد بخاري جديد سنڌي شاعريءَ جو سرموڙ ۽ وڏو قومي عوامي شاعر آهي، جنهن پنهنجي سگهاري ڏات ۽ ڏانءُ جي آڌار تي عوام ۾ لازوال مقبوليت ۽ محبت ماڻي. استاد جو اهڙن وڏن شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو، جن ٻوليءَ جو تخليقي سطح تي استعمال ڪيو ۽ جديد سنڌي شاعريءَ ۾ نوان لاڙا، موڙ ۽ رخ متعارف ڪرايا. جدت ۽ ندرت جون ريکائون سنڌي شاعريءَ کي آڇيائون. انهن پنهنجي شاعراڻي آرٽ جي سگهه ۽ ٻل تي سنڌي شاعريءَ تي ڇاپ ۽ اثر ڇڏيو. شاهه لطيف کان پوءِ استاد بخاري، شيخ اياز ۽ ڪجهه ٻيا شاعر سنڌي ٻوليءَ جا اهڙا وڏا شاعر آهن جيڪي نه صرف پنهنجي دور تي اثر انداز رهيا پر هر دور تي اثر انداز ٿيندا رهندا. انهن نه رڳو پنهنجي گوناگون مطالعي ۽ مشاهدي ذريعي نوان لفظ، اصطلاح، استعارا، تشبيهون ۽ ڪنايا تخليق ڪري سنڌي ٻوليءَ جي شاهوڪاري ۾ اضافو ڪيو پر تخيلاتي اڏام جي بلندين کي به ڇهيو. استاد بخاري ۽ شيخ اياز اهڙا وڏا شاعر آهن جن شاعري جي ڪجهه صنفن جي هيئتن ۾ ڪامياب تجربا پڻ ڪيا. جهڙي ريت ڪلاسيڪي شاعريءَ جي صنفن دوهي ۽ سورٺي ۾ ڪامياب تجربا ڪري شاهه عنايت رضوي نصرپوري بيت ۽ وائي جي صنف کي رائج ڪيو ۽ شاهه لطيف ڀٽائي انهن صنفن جي هيئتن ۾ وسعت آندي ۽ تخيل کي عروج تي رسايو. اهڙي ريت شيخ اياز ۽ استاد بخاري پڻ شاعري جي صنفن خاص طور نظم ۽ گيت جي صنفن جي هيئتن ۾ ڪامياب تجربا ڪيا. استاد بخاري ته پنهنجي اڻ مئي ڏات جي آڌار تي نوان لوڪ گيت به متعارف ڪيا آهن. استاد بخاري گائڪ به هو، ته موسيقار به هو. هن ڳايو به، ته وڄايو به. استاد بخاري موسيقي جي فن جي ڄاڻ ۽ شاعراڻي آرٽ کي آرٽسٽڪ ائپروچ سان ڪم آڻي گيت ۽ نظم جي هيئتن ۾ جيڪي تجربا ڪيا آهن، سو سندس ئي تخليقي مهارت جو ڪمال آهي استاد بخاري جي ڪتابن “گيت اسان جا جيت اسان جي”، “اوتون جوتون” ۽ “زندگي زندگي” ۾ شامل گيتن ۽ نظمن جو بغور مطالعو ڪجي ٿو ته پتو پوي ٿو ته استاد بخاري جا اڪثر گيت ۽ نظم روايتي يا مقرر ڪيل گهاڙيٽي يا هيئت موجب نظر نه ايندا. انهن جي هيئتن يا گهاڙيٽن ۾ غير معمولي نوعيت جا تجربا جھلڪندي نظر ايندا. هن پوري مهارت سان گيت يا نظم جي موسيقي به بحال رکي آهي ته گيٽ يا نظم جي صنف کي هيئت جي اعتبار کان متاثر ٿيڻ يا بگڙڻ به نه ڏنو آهي. سندس اهي تجربا ان ڪري ئي قابل قبول به آهن، ته ڪامياب پڻ آهن. گيت جي هيئت ۾ ڪامياب تجربن جي سلسلي ۾ تفصيلي، تحقيقي ۽ مثالن جي سهاري تجزياتي بحث منهنجي مقالي “ گيتڪار استاد بخاري” ۾ شامل ڪيل آهي. استاد بخاري انهن صنفن ۾ تجربا ڪري انهن جي هيئتن ۾ نواڻ پيدا ڪئي ته انهن ۾ اعليٰ خيال جي گهرائي به اوتي، ته ندرت جي پڻ اوت اوت ڪئي. استاد بخاري هونئن ته ويهين صديءَ جي وڏن شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو پر سندس تخيلاتي سگهه سان سرشار اعليٰ شاعري هر دور جي شاعري آهي. سندس شاعري ۾ جدت جي عنصر واري خوبي تمام گهڻي موجود آهي، تنهنڪري استاد جهڙو سدا حيات شاعر نه صرف ويهين صدي پر ايندڙ هر صدي ۽ هر دور ۾ وقت روان جو شاعر آهي. استاد بخاري جڏهن به ۽ جنهن دور ۾ به پڙهيو ۽ ٻڌو ويندو، ان دور ۽ ان دور ۾ ساهه کڻندڙ ماڻهن جي احساسن جي ترجماني ڪندڙ شاعر هوندو ۽ رهندو. ان لاءِ استاد بخاري پاڻ اظهاريو آهي: صد فخر جو آهيان اوهان جو شاعر ماضي جو نه وقت روان جو شاعر استاد بخاري پورهيت يار شاعر جاويد شيخ احمد شاهه المعرُوف اُستاد بُخاريءَ جي شاعريءَ جا ڪيترا ئي خُوبصُورت، ڪارائتا ۽ فڪري موضُوع آهن جھڙوڪ رومانس، سنڌي سماج، ٻولي، ثقافت، انسانيت، فطرت، مزاحمت، ايڪتا، اتحاد ۽ محنت ڪش يا پورهيت طبقو. اُستاد بُخاريءَ مٿين مڙني موضُوعن سان خُوب ملهائي پاڻ مڃرايو آهي پر هُن وٽ محنت ڪش يا پورهيو ڪندڙ طبقي لاءِ نرالي، خاص ۽ خالص سوچ آهي. پنھنجيءَ شاعريءَ ۾ هُو ڪِٿي هُنن لاءِ نرم ۽ پيار ڀريو گوشو اختيار ڪري ٿو ته ڪِٿي ساڻن هُجت هلائي ٿو. ڪِٿي سندن عظمت بيان ڪري ٿو ته ڪِٿي کين چوڏهن چوسٽن جي سلامي پيش ڪري ٿو ته ڪِٿي سندن مضبُوط ۽ گهاٽيءَ دوستيءَ جو دم ڀريندي نظر اچي ٿو جنھن جو مُکيه سبب اهو ئي آهي ته شاعر قلم ڪار پڻ پورهيت طبقي ۾ شُمار ٿئي ٿو. گُذريل ڪيترين ئي صدين کان هُو ٻئي مظلوم ۽ محڪُوم بڻجي رهيا آهن. هنن ٻنهي جا سُور ۽ پُور ساڳيا ئي رهيا آهن. اڄ تائين هڪ مزدُور کي سندس محنت جو ڦل ۽ کيس جائز مقام ناهي مليو جڏهن ته هڪ قلم ڪار پورهيت وري پاڻ مسڪين، محڪُوم، مجبُور غريب هُوندي به پاڻ مٿان ۽ پورهيت سان ٿيندڙ ڏاڍاين تي احتجاجي (قلمي) پورهيو ڪري سندن سُورن ۾ شراڪت داري ڪري ٿو. ڀلا هڪ پورهيت ٻئي پورهيت لاءِ پنھنجيءَ دل ۾ ڪيئن نه ڪھڪاءُ رکندو؛ ساڻس اخلاقي تعاون ڪندو! آخرڪار ته ٻئي پورهيت ڀائر آهن. اُستاد بُخاري به صاف دل ۽ سچو پورهيت يار شاعر آهي. سندس شاعريءَ ۾ محنت ڪش طبقو خاص ۽ نروار نظر اچي ٿو. جيئن مينھوڳيءَ کان پوءِ صاف سُٿري ۽ وشال آسمان تي ست رنگي انڊلٺ بي حد معصُوم ٻار جي مِٺڙيءَ مُرڪ وانگر مُک تي پکڙجي ۽ پڌري ٿي پوَندي آهي. هيٺ اُستاد بُخاري (هڪ قلم ڪار پورهيت) پنھنجي ساٿي پورهيت (ڏاٽي، مُترڪي، ڇيڻيءَ، بُرش، پاني، ڪُھاڙيءَ واري) جي نه رُڳو ڪم ڪار کي ساراهي ٿو پر پنھنجي قلمي پورهئي جو به مان ۽ حيثيت مڃرائي ٿو. هيٺئين قطعي ۾ ٻنهي جي خوشگوار موڊ، فڪري ۽ محنت ڀريل مڪالمي سان گڏ سندن سچيءَ ۽ کريءَ دوستيءَ جي لازوال ثابتي پيش ڪئي اٿائين جنھن جو مقصد آسان ۽ واضح آهي ته ڪو به ڪم ايترو سوَلو ناهي پر محنت ۽ محبت سان ڏُکيو ڪم به سوَلو ٿي سگهي ٿو. چيائون او شاعر! اوهان ڌر تتيءَ جو مٿي تي تغاريون رکي ڪونه سگهندئو مڃيوسُون او ساٿي! مگر رات آڌيءَ اوهان تڙپي تڙپي لکي ڪونه سگهندئو بُخاري چوسٽن جو ڀٽائي چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. ڀٽائيءَ پنھنجي بيتن کي آيتُن سان ڀيٽيو آهي. سندس بيت سنڌي قوم جي صدين تائين رهبري ۽ راهنمائي ڪندا رهندا. ڀٽائيءَ جي برعڪس اُستاد وري پنھنجي بعضي ڏاٽن، پانن، ڪاتن ڪُھاڙن ۽ مُترڪن سان مشابھت ڏئي ٿو ته ڪنھن جاءِ تي لفظ کي تير ۽ شعر کي بم گولي جيان ڀيٽ ڏئي ٿو. هڪ جاءِ تي ته اُستاد حد ڪري ڇڏي آهي. ڀٽائيءَ جي فڪري پوئلڳي ڪندي مُختصرن چئي ڏنائين: ڪيو ٿم بيت ڀالو زمانا! مُون پنھنجي هِن مضمون ۾ اُستاد بُخاريءَ کي پورهيت دوست / يار ڪري سڏيو آهي جنھن جي گواهي سندس ئي شعر مان ملي ٿي. هُو پاڻ دعوا سان چوي ٿو آءٌ شاعر آهيان ۽ تُون آهين هاري! تُنھنجي مُنھنجي ياري گھري گهاٽي آهي. اُستاد وڌيڪ پنھنجي ۽ پورهيت جي حيثيت واضح ڪندي چوي ٿو مُنھنجي هٿ ۾ ڪِلڪ ۽ ڪانو يعني قلم آهي جنھن جي ذريعي آءٌ اهڙا انقلابي گيت لکان ٿو جيڪي وقت جي جابر ۽ رهزن جي ناپاڪ ارادن، اٽڪلُن ۽ قھر برپا ڪندڙ سوچن جو خاتمو آڻي سگهن ٿا جڏهن ته تُنھنجي وَس ۽ هٿ ۾ دُنيا جھان کي باغ و بھار (بھشت) بڻائيندڙ، انقلاب ۽ زندگيءَ جا اُهڃاڻ ڏاٽو ۽ لٺ آهن جن سان تون انسانن جي ويري ۽ خطرناڪ قسم جي زهريلن نانگن کي مارين ٿو. هاڻي ڏِسجي ته هڪ پورهيت ۽ قلم ڪار جو ڪم ۽ ڪردار سماج ۾ مثبت ۽ مثالي تبديلي آڻڻ آهي. مان هان شاعر، تون آن هاري، تُنھنجي مُنھنجي گهاٽي ياري مُنھنجي هٿ ۾ گيت گُلابي تُنھنجي هٿ ۾ باغ بھاري مُنھنجي هٿ ۾ ڪِلڪ ڪانگ تُنھنجي هٿ ۾ ڏاٽو ڏانگ مان ٿو ڪاٽيان قھري سوچون تُون ٿو مارين زهري نانگ ڪنھن به قوم جو شاعر ان قوم جو اهم سُونھون ٿيندو آهي. هُو فقط دڳن ۽ دشائن جو تعين ڪندو آهي. باقي منزل تي پھچي مُسافر کي پنھنجي پاڻ کي ملهائڻو ۽ مڃرائڻو پوَندو آهي. منزل تي پھچي پير پساري ويھي سوچڻ سان ڪُجهه ٿئي ها ته پوءِ دُنيا جو هر شاعر، فلسفي، قلم ڪار بادشاهيءَ جا مزا ماڻي ها ۽ هر ڪم ڪار ڪندڙ (محنت ڪش) ڪنھن نه ڪنھن ديش جو راجا مھا راجا بڻجي پوي ها پر اياز جو فڪر اهو ٿو ٻُڌائي ته ”ڪانهي ڪا تاريخ ۾ ويڙهه سِوا ٻي واهه! اُستاد بُخاريءَ چواڻي هِن سنسار کي سُھڻو بڻائي ۽ اُوندهه انڌڪار کان آزادي فقط هڪ قلم ڪار ۽ هُنرمند ئي ڏياري سگهي ٿو. ان لاءِ هڪ سچي قلم ڪار کي پنھنجو قلم ٻاري حق سچ جو هوڪو ڏيڻو پوَندو؛ شمع جلائڻي پوَندس ۽ هڪ دلير ۽ برجُستي محنت ڪش کي پنھنجي پگهر کي ٻرنديءَ تي تيل ڪري هارڻو پوَندو. پوءِ پڪ ڄاڻجو ته گهر گهر اُوندهه واري سماج ۾ دائمي سوجهرو يقيني آهي. اديبن، شاعرن جو شمع جان پنھنجا قلم ٻاريا ته ڪوجهي ڪاري انڌاري ۾ سُھڻو سوجهرو ٿي پيو هُنرمندن، مزدُورن، راهڪن پنھنجا پگهر هاريا محبت سان جو محنت پيچ پاتو، مُعجزو ٿي پيو هاڪاري سوچ رکندڙ شاعرجو هر شعر انقلاب، تبديليءَ ۽ تغير جي تارازيءَ ۾ تُرندو آهي جنھن کي هڪ پارکُو خريدار جي ضرورت پوَندي آهي. پوءِ اهڙو گوهر ئي ميري ۽ گدلي پاڻيءَ کي صاف ڪري شفاف بڻائڻ جي سگهه حاصل ڪري وٺندو آهي. هُو لوهه کي موڙي مَروڙي سگهڻ جي شڪتي رکندو آهي. هُو اُوندهه ۽ انڌ کي ٽاري ڀڄائي سگهي ٿو. مطلب هُو هر اُهو ڪم باآساني ڪري سگهي ٿو جنھن جو ڪنھن کي وهم، گُمان، خواب ۽ خيال به ٿي نه ٿو سگهي پر ان لاءِ اُستاد بُخاريءَ جو هڪڙو شرط آهي ۽ شرط به اهڙو اڻانگو نه پر فقط جذبي ۽ مثبت ارادي جو آهي. اسان سڀ ڄاڻئون ٿا ته ڇڙو ويھي روئڻ، پنھنجو مُنھن مٿو پِٽڻ، پنھنجا سٿر سينا ڪُٽڻ يا ائي لي گهوڙا ڪرڻ سان سينواريل سماج نه ٿو بدلجي؛ حق حاصل نه ٿا ٿين بلڪِه حقن لاءِ اسان کي اُٿي پوَڻ جي ضرورت آهي ۽ انهيءَ اُٿي پوَڻ ۾ ئي اسان مسڪينن، محڪُومن ۽ مظلُومن جو صحيح علاج آهي. پائدار ڪاميابيءَ لاءِ ٻن لفظن اُٿي پوَڻ تي عمل ڪرڻ سستو سودو آهي. دُنيا جي مزدُورن، مسڪينن کي هڪ ٿيڻ گهُرجي ته پوءِ سنڌ جا مزدور؛ دُنيا جا مزدور اُٿي پئو؛ اُٿي پئو؛ شڪاگو جي انقلاب کي ياد ڪري اُٿي پئو! نه روئڻ، پِٽڻ ۾ اسان جو علاج نه سٿرون ڪُٽڻ ۾ اسان جو علاج ڌيون، پُٽ سڀئي سنڌ ڌرتيءَ ڄڻيا اُٿي پَئو! اُٿڻ ۾ اسان جو علاج دُنيا نه رُڳو چنڊ تي وڃي پھتي آهي پر ويڙهجي سيڙهجي جديد قسم جي هڪ عالَمي ڳوٺ ۾ پڻ تبديل ٿي چُڪي آهي. ڪائنات جي ڪنھن به ڪُنڊ پاسي ۾ ڇا وهي ۽ واپري ٿو؛ ڇا ڊهي ۽ ٺھي ٿو سا ڄاڻ سيڪنڊن ۾ بار بار ماڻهوءَ جي سماعتُن ۽ اکين اڳيان ايندي رهي ٿي. دُنيا ايتري ترقي ڪئي آهي جو ماڻهوءَ جي وهم ۽ گُمان ۾ به نه آهي ته هيءُ ڇا ٿي رهيو آهي؟ دُنيا جي ترقي آخر ڪٿي دَنگ ڪندي؟ پر ايتريءَ انوکيءَ ۽ اچرج جوڳيءَ ترقيءَ ۽ تبديليءَ باوجُود سامراجي ۽ پرماري قوَتون اڄ به بنا ڪنھن لڄ لحاظ، ڊَپ ڊاءَ ۽ خوف خطري جي ناجائزين جا روز نوان باب رقم ڪنديون رهن ٿيون. اڄ به ڪيترا ئي محڪُوم مظلوم، مسڪين، مجبُور، پورهيت پنھنجي حقن جي حاصلات لاءِ وِڙهن پيا ۽ لڙندي وِڙهندي ڪربلا کان شڪاگو ۽ شڪاگو کان بلديا فيڪٽريءَ، گڏاڻيءَ تائين گهاءَ کائيندا انقلاب ۽ انصاف جي اُميد تي اڳتي وڌندا، هلندا رهن ٿا. خُدا ڄاڻي اهڙن ماڻهن جي مسيحائي ۽ داد فرياد ڪڏهن ٿيندو؟ هر محنت ڪش سوچي ٿو...... ته پُورن جي پُڄاڻي ڪڏهن ٿيندي ۽ سُورن جو سلسلو ڪڏهن رُڪبو ۽ ڪربلا کان شروع ٿيل حق جي ويڙهاند شڪاگوکان پوءِ ماٺي ڇو ٿي وئي آهي؟ مظلوم ڪربلا کان لڙندي لڙيا شڪاگو عالَم ۾ انقلابن جو سلسلو ته آهي ڏات شعُور، شعور وري سوچ فڪر ۽ سوچ فڪر وري تحرُڪ، لوچ ۽ ولولو پيدا ڪندو آهي جيڪو تحرڪ تبديلي پيدا ڪري سوڀ تائين رَسائي حاصل ڪري وٺندو آهي پر اهو سڀ ڪُجهه تڏهن ئي ممڪن ٿي پوَندو آهي جڏهن پورهيت پنھوار، ڪُڙمي ڪاسبي ذي شعُور هُوندو؛ پنھنجي هيڻي، غريب ۽ خستي حاليءَ تي سوچ وِيچار ڪرڻ ئي ڇڏي ڏيندو؛ ظالم کي وڌيڪ ظلم ڪرڻ لاءِ ڍَر ڏئي ڇڏيندو ته پوءِ اسان توهان (مظلوم ۽ محڪُوم طبقو) پنھنجي حقن، ننگن، دَنگن، ٻنيءَ ٻارن، کاڻين، کُوهن، مِلن ۽ ڪارخانن جي حساب ڪتاب کان سواءِ شھرن، پاڙن، چونڪن ۽ دُڪانن جو قبضو ڪيئن ۽ ڪير وٺي ڏيندو؟ حق خيرات وانگر ناهي گهُربو. ڇِني ڇِڪي ۽ وِڙهي وٺبو آهي. وِڙهڻ لاءِ وري سَندرو ٻَڌي سُرڻو ۽ رِڙهڻو پوَندو آهي. تڏهن ئي ڪاميابي ۽ ڪامراني قدم چُمي پُٺي ٺپيندي آهي. هاڻي به جي نه وٺندءُ پنھنجي حقن جو قبضو کاڻين، ٻنين، مِلن ۾ کاتن پڪن جو قبضو شھرن ۾ پنھنجي پاڙن، چونڪن، هٽن جو قبضو پوءِ سمجهو سِر تي هُوندُوَ ڌارين ڌڪن جو قبضو پر جي پنھنجي حقن لاءِ هٿ پير نه هنياسين، رِڙهيا وِڙهياسين نه ته پوءِ پَڪ ڄاڻي ڇڏجو ته اسان ۽ اسان جي ايندڙ نسلن جي نِرڙن تي غيرن، غاصبن جا گهاءَ ۽ ڌارين جا ڌڪ ئي ڌڪ نظر ايندا جيڪي نشان اسان جي بُزدليءَ ۽ ڀاڙيائپ جا کُليل ثبُوت هُوندا جنھن کان پوءِ اسان ڪنھن کي مُنھن ڏيکارڻ لائق نه رهنداسُون. تنھن ڪري اچو ته اُستاد جي مٿئين مُختصر طاقتور فڪر جو فائدو وٺي سندس سڏ وَرنايون جيڪو سڏ پڙاڏو بڻجي اسان جي دردن جو درمان بڻبو. سنڌ ۽ دُنيا جھان جا مزدورو! هوش ڌاريو؛ هاڻي ته اَکيون پَٽيو! هاڻي گهڻو ٿي چُڪو آهي جنھن کي صاف ڪرڻو آهي...... وِک وڌايو..... جند بچايو! پورهيت زندهه آباد انقلاب زندهه آباد استاد بخاري شعر کي پنهنجي سُڃاڻ ڏيندڙ تحرير: رکيل مورائي اڄ استاد بخاريءَ جي ورسيءَ جو ڏينهن آهي. سندس ورسي ملهائي، هڪ رسم پوري ڪئي ويندي. جيئن انساني جذبي هيٺ ڪيو ويندو آهي ۽ عالمن، اديبن ۽ شاعرن جون ورسيون ملهائڻ جو هڪ سبب کين ياد ڪرڻ به آهي. جيتوڻيڪ سندن هر ڇپيل ڪتاب سندن يادن طور قومن وٽ محفوظ هوندو آهي، شايد هڪ سبب اهو به آهي ته سندن ورسيون ۽ سالگراهون ملهائي، اسان پنهنجي حال کي ماضيءَ سان ڳنڍيندا آهيون ۽ ايئن مستقبل ڏانهن پنهنجي ايندڙ نسل کي رستو ڏيکاريندا آهيون. ڪنهن به اهڙي رسم کان اڳ يا پوءِ، اسان پنهنجي عالمن، اديبن ۽ شاعرن کي حقيقي معنيٰ ۾ اعزاز ڪهڙو ڏيندا آهيون، جيڪو اصل معنيٰ ۾ انهن کي ڏيڻ گهرجي. اڄ جڏهن استاد بخاريءَ جي قبر تي گل چاڙهيا ويندا، کيس ڀيٽا ڏني ويندي، سندس اعزاز/ياد ۾ چڱو ئي خرچ ٿيندو، ان موقعي تي کيس اصل ڀيٽا ڪير ڏيندو؟ اڄ جي نوجوانن ۾ ڪيترا اهڙا نوجوان هوندا جن ڏهين آڪٽوبر ٻه هزار ارڙهن کان نائين آڪٽوبر ٻه هزار اڻويهن تائين پنهنجي هڪ ڏهاڙي مان صرف هڪ ڪلاڪ ڪڍي سندس ٻن درجن ڪتابن جو نئين سر اڀياس ڪيو هجي ۽ هڪ لاجواب پيپر لکيو هجي، جنهن منجهان اسانکي استاد بخاري جي شاعريءَ جا ڪي نوان نقطا، نوان احساس، نوان رومانس، نوان فلسفا ۽ نئين احساسداري پلئه پوي. جيڪڏهن ايئن نه ٿو ٿئي ته انهن شخصن کي ڪلاڪ ڪلاڪ ڳالهائڻ ڇو ٿو ڏنو وڃي، هڪ ئي وقت سَون ماڻهن جو اهو وقت ڇو ٿو ضايع ڪيو وڃي، ٻن ڏهاڪن جي وٿيءَ بعد به اسانکي اهڙو پيپر نه ملي سگهيو آهي، جنهن استاد جي شاعريءَ جا ڪي نوان پهلو ظاهر ڪيا هجن. اڄڪلهه اسانجي شاعرن، عالمن ۽ اديبن جي ورسين تي لکندڙن جون ڪجهه به لکڻ وقت سمورين توانايون ان ڳالهه تي ختم ٿين ٿيون ته لکندڙ جو لکيو ويندڙ سان ڪيترو ويجهو تعلق هئو، ايئن جنهن تي لکيو وڃي ٿو اهو رهجي وڃي ٿو ۽ جيڪو لکي ٿو اهو مٿي اڀري اچي ٿو. مجموعي طور اسانجي ادب ۾ جيترو اديبن ۽ شاعرن تي شخصي طور ڳالهايو ۽ لکيو ويو آهي. اوترو سندن ادب تي نه لکيو ويو آهي ۽ نه ڳالهايو ويو آهي، ايئن استاد بخاريءَ جهڙي، سنڌي شاعريءَ ۾ پنهنجي نرالي جڳهه حاصل ڪندڙ شاعر تي به نه لکيو ويو آهي. جيڪا سنڌي ادب لاءِ خاص ۽ استاد بخاريءَ جي حوالي ۾ عام ڳالهه ڪري سگهجي ٿي. استاد بخاري سنڌي ٻوليءَ جو اهڙو شاعر آهي، جنهن وٽ گهڻي قدر سڀ ڪجهه پنهنجو آهي، هن جا موضوع پنهنجا آهن، هن جي ٻولي پنهنجي آهي، هن جو لهجو پنهنجو آهي، ڪنهن به اعليٰ شاعر وٽ ٻيو ڇا هجڻ گهرجي. اياز، تنوير، شمشير ۽ امداد جي موجودگيءَ ۾ استاد جي شاعري ايتري نرالي آهي، جنهن تي معجزي جو گمان ٿئي ٿو. استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جا بنياد پنهنجي راويت تي بيٺل آهي. اها روايت جيڪا سچ پچ، عوامي آهي، هت سندس روايت جو ذڪر سندس واتان ٻڌل شاعري نه آهي. پر ڪتابن ۾ ڇپيل اها شاعري آهي،جيڪا اڄ استاد جي جسمانيءَ طور نه هجڻ کانپوءِ به اسانجي آڏو آهي، ٻي روايت شاعري ۾ شعر پڙهڻ واري آهي، جيڪا عارضي آهي، تنهن هوندي به استاد پنهنجي موجودگي محسوس ڪرائيندو رهيو، ڪيترا ئي شاعر مشاعرن ۾ ته پنهنجي موجودگي شدت سان محسوس ڪرائي سگهيا، پر ان قوت سان پني تي اڀري نه بيٺا، استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جو چڱوئي حصو پني تي پڻ اڀري بيٺو آهي، جنهن کان وڌيڪ سندس موجودگيءَ محسوس ٿيندي هئي. سنڌي ٻولي وري استاد بخاري جهڙو شاعر پيدا ڪندي، جنهن کي سچ پچ عوامي شاعر ڪوٺي سگهجي. شايد اسانکي گهڻو وقت انتظار ڪرڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته استاد بخاري شاعرن جي ان لسٽ ۾ نه آهي، جنهن کي ڳوليو وڃي. سندس قد ايترو وڏو آهي جيڪو پري کان ئي ڏسڻ ۾ ايندو آهي. اڄ نه ان کي ڪو گهٽائي سگهندو نه ئي ان کي وڌائي سگهندو. استاد بخاري سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ وڏي حلقي جي اتساھ جو سبب پڻ رهيو آهي. اڄ به سندس ڪتاب تيزيءَ سان وڪرو ٿيندڙ ڪتابن ۾ شامل آهن ۽ بار بار ڇپجندا رهن ٿا. گهڻن ئي شهرن وانگر دادو پڻ شهر نه پر هڪ احساس آهي. جنهن ۾ استاد بخاري جي شاعري ساھ کڻي ٿي ۽ محسوس ٿئي ان ڪري هو سدائين جيئرو رهڻو آهي. رسمي طور هن کي ياد ڪري ڄڻ اسان پاڻ کي ياد ڪريون ٿا ڇاڪاڻ ته هو اسان جو اهڙو شاعراڻو ورثو آهي، جنهن تي اسانکي فخر محسوس ٿئي ٿو. ان سان گڏ تڪليف به محسوس ٿئي ٿي جڏهن استاد تي هڪ درجي کان هيٺ لهي ڳالهايو ٿو وڃي ۽ پڙهيو ٿو وڃي. استاد جو اڀياس جنهن سطح تي ٿيڻ گهرجي انتظاميا کي ان پاسي به ڌيان ڏيڻ جڳائي ۽ استاد کي انهن جي وارثيءَ کان به بچائڻ گهرجي. جن استاد کي ادب ۾ لاوراثي ڏانهن ڌڪڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. پر استاد جي شاعريءَ سنڌ جي مضبوط وارثي حاصل ڪري ورتي، ڇاڪاڻ ته اها سنڌ جي شاعري هئي، سنڌين جي شاعري هئي ۽ وڌيڪ ته اها سندن جذبن جي ترجمان شاعري هئي. استاد جي شاعري سنڌ جي اهڙي سونهن آهي جنهن تي ڪو به شخص موهت ٿي سگهي ٿو ۽ اهو موھ هو سدائين لاءِ پنهنجي دل ۾ سانڍي سگهي ٿو. استاد سدائين اسان جي وچ ۾ هئو. اسين سڀ سندس آس پاس هئاسين، اڄ هو پاڻ نه آهي، اسان کان وڇڙي ويو آهي. تڏهن ئي ته سندس ورسي ملهائي رهيا آهيون. هو جيڪو سانگين جي وچ سدائين سالگرهون محسوس ٿيندو هئو. سانگين مان گڏ سالگرھ مان، وڇڙي ويس ته ورسي آهيان. اڄ اسين ان جي ورسي ملهائي رهيا آهيون! استاد بخاري پنهنجي لهجي جو شاعر رکيل مورائي اسين سڀ استاد بخاريءَ جي ورسيءَ جي سلسلي ۾ گڏ ٿيندا آهيون. سندس ورسي ملهائي، هڪ رسم پوري ڪئي ويندي. جيئن انساني جذبي هيٺ ڪيو ويندو آهي ۽ عالمن، اديبن ۽ شاعرن جون ورسيون ملهائڻ جو هڪ سبب کين ياد ڪرڻ به آهي. جيتوڻيڪ سندن هر ڇپيل ڪتاب سندن يادن طور قومن وٽ محفوظ هوندو آهي، شايد هڪ سبب اهو به آهي ته سندن ورسيون ۽ سالگراهون ملهائي، اسان پنهنجي حال کي ماضيءَ سان ڳنڍيندا آهيون ۽ ايئن مستقبل ڏانهن پنهنجي انيدڙ نسل کي رستو ڏيکاريندا آهيون. ڪنهن به اهڙي رسم کان اڳ يا پوءِ، اسان پنهنجي عالمن، اديبن ۽ شاعرن کي حقيقي معنيٰ ۾ اعزاز ڪهڙو ڏيندا آهيون، جيڪو اصل معنيٰ ۾ انهن کي ڏيڻ گهرجي. اڄ جڏهن استاد بخاريءَ جي قبر تي گل چاڙهيا ويندا، کيس ڀيٽا ڏني ويندي، سندس اعزاز/ياد ۾ چڱو ئي خرچ ٿيندو، ان موقعي تي کيس اصل ڀيٽا ڪير ڏيندو؟ اڄ جي نوجوانن ۾ ڪيترا اهڙا نوجوان هوندا جن ڏهين آڪٽوبر اوڻيهه سئو ٻيانوي کان اڄ تائين پنهنجي هڪ ڏهاڙي مان صرف هڪ ڪلاڪ ڪڍي سندس ٻن درجن ڪتابن جو نئين سر اڀياس ڪيو هجي ۽ هڪ لاجواب پيپر لکيو هجي، جنهن منجهان اسانکي استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جا ڪي نوان نقطا، نوان احساس، نوان رومانس، نوان فلسفا ۽ نئين احساسداري پلئه پوي. جيڪڏهن ايئن نه ٿو ٿئي ته انهن شخصن کي ڪلاڪ ڪلاڪ ڳالهائڻ ڇو ٿو ڏنو وڃي، هڪ ئي وقت سَون ماڻهن جو اهو وقت ڇو ٿو ضايع ڪيو وڃي، ٻن ڏهاڪن جي وٿيءَ بعد به اسانکي اهڙو پيپر نه ملي سگهيو آهي، جنهن استاد جي شاعريءَ جا ڪي نوان پهلو ظاهر ڪيا هجن. اڄڪلهه اسانجي شاعرن، عالمن ۽ اديبن جي ورسين تي لکندڙن جون ڪجهه به لکڻ وقت سمورين توانايون ان ڳالهه تي ختم ٿين ٿيون ته لکندڙ جو، لکيو ويندڙ سان ڪيترو ويجهو تعلق هئو، ايئن جنهن تي لکيو وڃي ٿو اهو رهجي وڃي ٿو ۽ جيڪو لکي ٿو اهو مٿي اڀري اچي ٿو. مجموعي طور اسانجي ادب ۾ جيترو اديبن ۽ شاعرن تي شخصي طور ڳالهايو ۽ لکيو ويو آهي. اوترو سندن ادب تي نه لکيو ويو آهي ۽ نه ڳالهايو ويو آهي، ايئن استاد بخاريءَ جهڙي، سنڌي شاعريءَ ۾ پنهنجي نرالي جڳهه حاصل ڪندڙ شاعر تي به نه لکيو ويو آهي. جيڪا سنڌي ادب لاءِ خاص ۽ استاد بخاريءَ جي حوالي ۾ عام ڳالهه ڪري سگهجي ٿي. استاد بخاري سنڌي ٻوليءَ جو اهڙو شاعر آهي، جنهن وٽ گهڻي قدر سڀ ڪجهه پنهنجو آهي، هن جا موضوع پنهنجا آهن، هن جي ٻولي پنهنجي آهي، هن جو لهجو پنهنجو آهي، ڪنهن به اعليٰ شاعر وٽ ٻيو ڇا هجڻ گهرجي. اياز، نياز تنور، شمشير ۽ امداد جي موجودگيءَ ۾ استاد جي شاعري ايتري نرالي آهي، جنهن تي معجزي جو گمان ٿئي ٿو. استاد بخاري جي شاعريءَ جا بنياد پنهنجي روايت تي بيٺل آهي. اها روايت جيڪا سچ پچ، عوامي آهي، هت سندس روايت جو ذڪر سندس واتان ٻڌل شاعري نه آهي. پر ڪتابن ۾ ڇپيل اها شاعري آهي،جيڪا اڄ استاد جي جسماني طور نه هجڻ کانپوءِ به اسانجي آڏو آهي، ٻي روايت مشاعري ۾ شعر پڙهڻ واري آهي، جيڪا عارضي آهي، تنهن هوندي به استاد پنهنجي موجودگي محسوس ڪرائيندو رهيو، ڪيترا ئي شاعر مشاعرن ۾ ته پنهنجي موجودگي شدت سان محسوس ڪرائي سگهيا، پر ان قوت سان پني تي اڀري نه بيٺا، استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جو چڱوئي حصو پني تي پڻ اڀري بيٺو آهي، جنهن کان وڌيڪ سندس موجودگيءَ محسوس ٿيندي هئي. سنڌي ٻولي وري استاد بخاري جهڙو شاعر پيدا ڪندي، جنهن کي سچ پچ عوامي شاعر ڪوٺي سگهجي. شايد اسانکي گهڻو وقت انتظار ڪرڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته استاد بخاري شاعرن جي ان لسٽ ۾ نه آهي، جنهن کي ڳوليو وڃي. سندس قد ايترو وڏو آهي پري کان ئي ڏسڻ ۾ ايندو آهي. اڄ نه ان کي ڪو گهٽائي سگهندو نه ئي ان کي وڌائي سگهندو. استاد بخاري، سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ وڏي حلقي جي اتساھ جو سبب پڻ رهيو آهي. اڄ به سندس ڪتاب تيزيءَ سان وڪرو ٿيندڙ ڪتابن ۾ شامل آهن ۽ بار بار ڇپجندا رهن ٿا. سنڌ جي گهڻن ئي شهرن وانگر دادو پڻ شهر نه پر هڪ احساس آهي. جنهن ۾ استاد بخاري جي شاعري ساھ کڻي ٿي ۽ محسوس ٿئي ٿي ان ڪري هو سدائين جيئرو رهڻو آهي. رسمي طور هن کي ياد ڪري ڄڻ اسان پاڻ کي ياد ڪريون ٿا، ڇاڪاڻ ته هو اسان جو اهڙو شاعراڻو ورثو آهي، جنهن تي اسانکي فخر محسوس ٿئي ٿو. ان سان گڏ تڪليف به محسوس ٿئي ٿي جڏهن استاد تي هڪ درجي کان هيٺ لهي ڳالهايو ٿو وڃي لکيو وڃي ۽ پڙهيو ٿو وڃي. استاد جو اڀياس جنهن سطح تي ٿيڻ گهرجي انتظاميا کي ان پاسي به ڌيان ڏيڻ جڳائي ۽ استاد کي انهن جي وارثيءَ کان به بچائڻ گهرجي. جن استاد کي ادب ۾ لاوراثيءَ ڏانهن ڌڪڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. پر استاد جي شاعريءَ سنڌ جي مضبوط وارثي حاصل ڪري ورتي، ڇاڪاڻ ته اها سنڌ جي شاعري هئي، سنڌين جي شاعري هئي ۽ وڌيڪ ته اها سندن جذبن جي ترجمان شاعري هئي. استاد جي شاعري سنڌ جي اهڙي سونهن آهي جنهن تي ڪو به شخص موهت ٿي سگهي ٿو ۽ اهو موھ هو سدائين لاءِ پنهنجي دل ۾ سانڍي سگهي ٿو. استاد سدائين اسان جي وچ ۾ هئو. اسين سڀ سندس آس پاس هئاسين، اڄ هو پاڻ نه آهي، اسان کان وڇڙي ويو آهي. تڏهن ئي ته سندس ورسي ملهائي رهيا آهيون. هو جيڪو سانگين جي وچ سدائين سالگرهون محسوس ٿيندو هئو. (ڏيھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۹ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل) استاد بخاري سندس شاعريءَ جو فني ۽ فڪري جائزو - نائين آڪٽوبر ورسيءَ جي مناسبت سان يوسف ڀٽو استاد بخاري سنڌ جي اُنھن سدا ملوڪ شاعرن مان آھي، جنھن کي وستي وستي، واھڻ واھڻ مقبوليت ۽ مڃتا ملي. ھر سُٺي ۽ سُڄاڻ پڙھندڙ استاد کي پڙھيو، پڙھي اِئين محسوس ڪيو ھوندو ته ڄڻ استاد جي ھن شعر ۾ سندس ئي احساسن جي ڳالهڙي ھجي. استاد اھو ساڃاھ وند شاعر ھو جنھن وطن ۽ وطن جي ماروئڙن تي لکيو. ساڻيھ جي سُرھاڻ ته سندس شاعريءَ ۾ ائين رچي وئي، جيئن سانوڻ جي پھرين وسڪاري ۾ مٽيءَ ۾ اٿندڙ دلفريب مھڪ. استاد جي شاعراڻي سگھ، فن ۽ فڪر دراصل سندس شاعري، عام فھم لفظن، اصطلاحن، سلاست ۽ سادگيءَ ۾ آھي جو پڙھندڙ توڙي ٻڌندڙ کي موھي وجهي ٿي ۽ نتيجي ۾ ھُو بي اختيار “واھ واھ” ڪندو ٿو رھي. استاد بخاريءَ جو اصل نالو سيد احمد شاھ بخاري آھي. سندس والد صاحب جو نالو سيد حاجن شاھ آھي. ھُو ۱۹۳۰ع ۾ ڳوٺ غلام قادر چانڊيو، ضلعي دادو ۾ ڄائو. ھُن نوڪريءَ جي شروعات پرائمري استاد طور ڪئي. ايم اي تائين تعليم حاصل ڪيائين ۽ استاد ايم اي جي ڊگري ۱۹۶۴ع ۾ حاصل ڪئي. استاد بخاري جي شاعريءَ جا ۲۵ مجموعا ڇپيا. سندس پھريون شعري مجموعو “گيت اسان جا جيت اسان جي” ۱۹۷۱ع ۾ ڇپيو. ان کان علاوه سندس مشھور شعري مجموعن ۾ “نه ڪم نبريو، نه غم نبريو”، “اوتون جوتون”، “لھري لھري ۾ لالاڻ”، “ڪوڪڻ يا ڪلياڻ”، “زندگي زندگي”، “ميلا ملھار”، “ڳائي پيو جاڳائي پيو” ۽ ٻيا شامل آھن. استاد جي شاعريءَ جي خوبي آھي جو ان اسان کي پنھنجو گرويده بڻائي ڇڏيو ۽ ان تي ھي چند سٽون لکڻ کي پنھنجو اعزاز سمجهوسين. ھو ھڪ بلند فڪر شاعر ھو، سندس ٻول اندر جي احساسن کي بي اختيار ڇھن ٿا ۽ جنھن جي خوبصورت شاعريءَ جو سحر برقرار رھندو اچي. ادب جي ڪنھن به صنف ۾ لکڻ ڪو سولو ڪم نه آھي. پر جڏھن ڳالھ شاعريءَ جي ھُجي ته اھا رڳو ڪو حسين احساسن تي ته مشتمل نه ھوندي آھي پر شاعر زندگيءَ جي تلخ تجربن کي به بيان ڪري ٿو. اھا ئي ڳالھ استاد پنھنجي ھن چؤسٽي ۾ ڪھڙي نه خوبصورتيءَ سان بيان ڪري ٿو: چيائون او شاعر اوھان ڌرتتيءَ جو، مٿي تي تغاريون رکي ڪونه سگهندو. مڃيوسين او ساٿي، مگر رات آڌيءَ، اوھان تڙپي تڙپي لکي ڪونه سگهندو. ڀلوڙ شاعر فيض احمد فيض ھڪ ھنڌ لکيو آھي ته: “ٻڌندا پيا اچون ته ڪنھن شاعر يا اديب جو صحيح مقام ايندڙ نسل متعين ڪندا آھن، اھا ڳالھ پنھنجي جڳھ تي مڃيل آھي پر اھو ڏسڻ به لازم آھي ته سخنور پنھنجي زمان ۽ مڪان جي دائري ۾ ڪيترين دلين ۾ گهر ڪيو آھي ۽ ان جي چيي سان ڪيترن پڙھڻ وارن کي محسوس ٿيو ته ڄڻ ھي به منھنجي دل ۾ آھي” استاد جي شاعري به ان معيار جي ثابت ٿي جو کيس ايتري ڀرپور عوامي موٽ ملي. استاد يقينن خوش قسمت آھي جو کيس نه صرف ادبي حلقن پر عوامي سطح تي به پذيرائي ملي. ادبي تجزئي نگارن موجب ته توڙي جو ھُن حُسن پرست ھُئڻ ڪري عشقيه شاعري به ڪئي ۽ سندس شاعريءَ ۾ جمالياتي عنصر به نمايان آھي پر بنيادي طور تي استاد ھڪ انقلابي شاعر آھي. سنڌي شاعريءَ جي مطالعي دوران جنھن شيءِ مونکي وڌيڪ متاثر ڪيو آھي، اھا آھي اُميد پرستي. حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ رح جي شاعريءَ ۾ ته اميد پرستي ڪمال جي آھي. بلڪ اميد جا اھڙا عڪس ٻي ڪنھن شاعريءَ ۾ ملڻ مشڪل آھن. سنڌي ٻوليءَ جي ٻين شاعرن به اميد پرستيءَ تي سُٺو لکيو. ڇو ته اھا اميد ئي آھي جيڪا انسان کي ڪنھن به طرح مايوس ٿيڻ نٿي ڏي، ھر بار جيئاري ٿي. اميد پرستي اھا آھي ته انسان تي لازم آھي ته اُس جي سفر ۾ وڻن جي گهاٽي ڇانوَ جي آس جو حوصلو ڌاري ۽ ان کي من ۾ سمائي رکي، خود ھلندو رھي، اُھا ڇانوَ ان کي ضرور ملندي. سو استاد جي شاعري به اميد جي ان تخيل سان مالامال نظر اچي ٿي. سندن ھڪ شعري مجموعي جو ته نالو ئي “پير نه ھٽي پوئتي” آھي. سو استاد جي شاعريءَ ۾ اميد جا اھي سوجهرا ضرور آھن. اميد، ناڪاميءَ جي انڌيرن کي مات ڏيندڙ صبح جي چِٽن سوجهرن جيان آھي. جيڪي واپس ورڻ ڄاڻن ئي نٿا. استاد بخاري ڪيڏو نه خوب چيو: اسان ارتقا جا پڪا عاشق آھيون، ورڻ کان وڌڻ ۾ مزو ٿو اچي ڙي. استاد بخاري جيڪي شعر چيا، انھن ۾ اميد سان گڏ ھمت ۽ حوصلو آھي. سندس ھڪ نظم “ارمان نه ڪر، ارمان نه ڪر” ۾ ھُو جيئڻ تي اُتساھيندي چوي ٿو ته: ڪنھن غفلت ۾ غيباڻو ٿي، گگدامن جان گذران نه ڪر. انھيءَ نظم ۾ ھُو اڳتي ھڪ مصرعه ۾ چوي ٿو ته: ڪا جوت جاڳائي جيئڻو اٿئي، ھي ماڳ ملھائي جيئڻو اٿئي. سندس اِنھن ئي شعرن ۾ ڏسي چئي سگهجي ٿو ته استاد اميد سان گڏ زندگيءَ جو به شاعر آھي. منجهس عاجزي به اھڙي جو استاد “چوٽ کائي درگذر” جو به قائل آھي. جيءُ جنھن کي چيم، جهڻڪ تنھن کان مليم؛ چوٽ ڏاڍي لڳم، پر ڪيم درگذر. استاد جو شاعراڻو شعور، فڪر ۽ ڏات بلند پايي جي آھي. درحقيقت استاد بخاريءَ جي شاعريءَ ۾ سُرت سڄاڻ جا اھي ڏيئا روشن آھن، جيڪي پڙھندڙ يا ٻڌندڙ جي احساسن کي بھار جي ترو تازگي عطا ڪن ٿا. استاد شاعريءَ جي تقريبن ھر صنف تي طبع آزمائي ڪئي آھي. ھُن جنھن به صنف تي لکيو عمدگيءَ سان لکيو. ان کان علاوه استاد جي شاعريءَ ۾ ھجر جو عنصر به محسوس ٿئي ٿو ته ان کي بيان ڪرڻ جو ڍنگ به نرالو آھي: مون ٿي پڇيو، ھن کان سائين، مون کان وڇڙي ڪيئن ٿو ڀانئين، ھُو به کلي پيو، مان به کلي پيس، کلندي کلندي روئي ڏنائين. ڏسجي ته شاعري انسان جي احساسن جي اظھار جو ذريعو آھي. جنھن شاعر وٽ اظھار جي جُرئت ۽ بيان جو سليقو ۽ عمدگي ھجي ته پوءِ اھو شاعر عوام وٽان قدرداني ۽ مڃتا ته ضرور ماڻيندو ۽ استاد بخاري به سنڌي شاعريءَ جو اھڙو ئي ھڪ معتبر نانءُ آھي، جنھن وٽ اھي خوبيون آھن. استاد پنھنجي خوبصورت جذبن ۽ احساسن جو اظھار ۽ عام ماڻھن جي ڏکن ۽ سُورن جي ڳالھ کي شاعريءَ ۾ وڏي خوبيءَ سان بيان ڪيو آھي. استاد تقريبن شاعري جي ھر صنف ۾ طب آزمائي ڪئي ۽ سندن شاعري سنڌي ادب جو لازمي سرمايو بڻجي وئي آھي. ھُو انسان جي مختلف ڪيفيتن عشق و محبت کان وٺي حقن جي حاصلات، اميد کان وٺي اتساھ تائين کي شعر جي سانچي ۾ وجهي وٺڻ جي صلاحيت رکندڙ آھي. لفظن تي سندس گرفت به آھي، لفظن جي استعمال ۾ شاعراڻي ھنر کان به واقف آھي. اھو به ائين جو شاعريءَ جي جنھن به صنف ۾ ڳالھ جو اظھار ڪرڻ چاھي ته ان لاءِ ھُو آسانيءَ سان لکي سگهي. استاد محبتن جو به شاعر آھي. خود به محبت بابت اظھار ڀلوڙ شاعراڻي رنگ ۾ ھن ريت ٿو ڪري: ھڪ پيار يار ڄاڻان، ٻي ڪار ڪانه ڄاڻان. استاد بخاريءَ جي شاعري پڙھي ڪڏھن ڪڏھن ته ائين به لڳندو آھي ته ھو لفظن جي ذخيري ۽ تشبيھن جي مالها سان مالامال آھي، ڄڻ ته لفظ سندس آڏو احترامن بيٺا ھُجن. ان کان علاوه ھيءَ ڳالھ به محسوس ٿئي ٿي ته استاد عام ماڻھوءَ جي درد جو شعور رکندڙ شاعر آھي ۽ عام ماڻھوءَ جي مزاج موجب ئي عام فھم شعر سرجيا، جيڪي سولائيءَ سان سمجھ ۾ ايندڙ آھن. ڪنھن سُٺي شاعر جي اھم خوبي اھا ئي ته آھي! ڪنھن رسالي ۾ ھڪ ھنڌ تي اھو به پڙھي معلوم ٿيو ته استاد ھڪ وڏو ۽ سُٺو موسيقار به ھو، جو ھن ۲۰۰ جي لڳ ڀڳ پنھنجي گانن/ شاعريءَ جون ڌنون پاڻ ئي ترتيب ڏنيون ھُيون. اُستاد جا ڪي ته شعر اھڙا آھن، جو بار بار پڙھڻ ۽ ٻڌڻ تي دل پئي چاھيندي آھي. استاد ھن ڌرتيءَ جو باڪردار ۽ صحيح معنيٰ ۾ عاشق شاعر به آھي. سنڌ ته ڄڻ سندس شاعريءَ جو محور ھجي! جو قوم جيئاري اھو جيئندو رھندو، جو عام اجاري اھو جيئندو رھندو، مون کي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آ، جو سنڌ سنواري اھو جيئندو رھندو. استاد کي جيتري قدر پيار، محبت جهڙن جذبن کي شاعريءَ ۾ اُڻڻ جو احساس ھو، اوترو ئي استاد کي صحيح معنيٰ ۾ ماڻھپي، ٻولي، امن ۽ جستجو جهڙن موضوعن کي پنھنجي شاعريءَ جو حصو بڻائڻ جو ھُنر پڻ آھي. ھُو زندھ دل شخص طور زندگيءَ جي صحيح معنيٰ ۾ واقفيت رکندڙ شاعر آھي. ھُو انسان لاءِ ھر حال ۾ پيار، امن، ڀائپي ۽ جُستجو ضروري سمجهندڙ شاعر طور ڏسجي ٿو. وڌيڪ اھو ته استاد کي اميد جي آگهي رھي، ائين جيئن گُل ٽڙي ته ان جي رنگ و بو ان جو تعارف ڪرائي. استاد جي شاعريءَ ۾ عجيب خوشبو آھي. ھڪ الڳ رنگ آھي. ھُن ته سنڌي شاعريءَ کي اھڙا نوان لاڙا ۽ رنگ ڏنا، جيڪي اڳتي ھلي ٻوليءَ سان گڏ خود سندس به سڃاڻپ بڻجي ويا. قوم جي شعور جا سوجهرا سندس ئي شاعريءَ ۾ وڌيڪ واضع انداز ۾ پسي سگهجن ٿا. ھُو سنڌي شاعريءَ جي اُڀ جو اھو ستارو آھي، جنھن جي روشني ھتان جو عام ماڻھو به آسانيءَ سان پسي سگهي ٿو. استاد بخاري جي شاعريءَ جي عظمت ان مان به چٽي آھي جو فنڪار سندس شاعري ڳائڻ پاڻ لاءِ اعزاز سمجهن ٿا. اردو شاعريءَ جي حوالي سان فيض احمد فيض جي لاءِ چيو وڃي ٿو ته “لفظ ان جا غلام ۽ تشبيھون ان جون ڪنيزون آھن. ” اگر اھا ڳالھ آھي ته پوءِ سنڌي شاعري جي حوالي سان اھا ڳالھ استاد بخاريءَ لاءِ چوڻ اجائي نه ھوندي. استاد سنڌي شاعريءَ جي اھا خوشبو آھي جيڪا ھر سُٺي پڙھندڙ توڙي ٻڌندڙ کي فرحت بخشي ٿي. يقينن ھر دؤر ۾ استاد جي شاعري مڃتا ماڻيندي رھندي. استاد ۾ بظاھر ٻي ڪا به خوبي ناھي، ھڪ سونھن جو پوڄاري ٻيو سنڌ يار آھي. (ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۹ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل) استاد بخاري پِرهَه جا پيغام پُهچائيندڙ شاعر تحرير: سرمد کوسو ڪنهن ٿي ڄاتو ته دادوءَ ۾ سائين حاجن شاھ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ننڍڙو ’پُنهل شاھ‘، ’احمد شاھ‘، ’آسي’۽ ’دردِي ‘ٿيندي، “اُستاد بخاري” بڻجي ويندو ۽ سنڌ جي هر ننڍي وڏي وٽ وڏي مقبوليت ماڻيندو! استاد بخاريءَ جو نانءٌ ذهن ۾ ايندي ئي خوبصورت سنڌ جو تصوّر ذهن ۾ ترِي اچي ٿو، جيڪا هر قِسم جي بيمارين، بُراين، بُڇڙاين، ڏاڍين ۽ ناجائزين کان پاڪ سنڌ آهي. . . سرسبز ۽ شاداب آهي. . . جنهن ۾ هر طرف خوشحالي آهي. هر طرف حُسن آهي. . . سونهن آهي. . . پيار ئي پيار آهي. . . . تڏهن ته پاڻ چوي ٿو: ڇا قوم تي لکان مان! ڇا حُسن تي لکان مان! افسوس. . . ! زندگي هڪَ. . . پُورو نٿو پوان مان. . . استاد بخاريءَ کي اسان کان جسماني طور وڇڙئي ۲۹ سال ته ٿي ويا آهن، پر استاد پنهنجي ڪمال جي شاعريءَ ذريعي اسان جي دلين ۾ موجود آهي. منهنجي خيال ۾ استاد بخاري ڪنهن روايتي تعارف جو محتاج ناهي، جو ويهي سندس پيدائش جي تاريخ يا ملازمت جي ريڪارڊ بابت لکجي، استاد ان تعارف کان گهڻو مٿانهون آهي. استاد کي اڃا فڪري طرح دريافت ڪرڻ جي ضرورت آهي. استاد کي رڳو عوامي ۽ رومانوي شاعريءَ تائين به محدود نٿو ڪري سگهجي. عوامي ۽ رومانوي رنگ سندس وسيع ۽ گهڻ رخي شاعريءَ جو فقط هڪ پاسو آهي، جڏهن ته استاد هڪ مفڪّر ڪوي آهي. استاد بخاري سنڌي سماج جو صحيح معنيٰ ۾ سچو رهبر آهي. جيڪو اتساهي به ٿو، دشمن کي للڪاري به ٿو. . . پنهنجن دردن تي ڪُوڪارَي به ٿو. . . کِلائي به ٿو، روئاري به ٿو، ته سمجهائي به ٿو. استاد بخاريءَ جي شاعري، گهڻ پڙهيو توڙي گهٽ پڙهيو ٻئي شوق سان پڙهن به ٿا، ته آسانيءَ سان سمجهن به ٿا. اِهو استاد جي ڪلام جو ڪمال آهي، جو پاڻ وڏي ۾ وڏي ۽ گَهِري ڳالھ ۽ فڪر کي به آسان ٻوليءَ ۾ پڙهندڙن تائين پُهچائي ٿو ڇڏي. انهيءَ ڪري ئي سندس ڪلام کي تمام گهڻن فنڪارن ڳائي تمام گهڻي مقبوليت ماڻي آهي. استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جي سادگي ئي انهيءَ جي سُونهن آهي. هر ٻچو ٻُڍو پيو کيس جُهونگاريندو آهي. مان نه ئي شاعر آهيان ۽ نه ئي شاعريءَ جي اصولن ۽ قاعدن جي ڄاڻ اٿم، پر پوءِ به هڪ پڙهندڙ جي حيثيت ۾ مون اِهو محسوس ڪيو آهي ته، استاد بخاريءَ جي ترجيح، شاعريءَ جي اصولن ۽ قافيي. . رديف ۾ پاڻ کي الجهائڻ بجاءِ پنهنجي پيغام کي اثرائتي انداز ۾ پڙهندڙن تائين پُهچائڻ آهي. اسان وٽ هِن وقت وڏو مسئلو اهو آهي، ته هر شخص بهتريءَ لاءِ پنهنجي وڙان ڪا ڪوشش ڪرڻ بجاءِ رڳو روئڻ پِٽڻ يا ٻين کي ڏوراپا ۽ مهڻا ڏيڻ ۽ شڪايتون ڪرڻ ۾ پورو آهي. استاد بخاري اهڙي منظر کي شاعراڻي پيرائي ۾ ڪجھ هِن طرح چِٽيو آهي: نه روئڻ پِٽڻ ۾ اسان جو علاج نه سَٿرون ڪُٽڻ ۾ اسان جو علاج ڌيئون پُٽ سڀيئي ته – ڌرتيءَ ڄڻيا، اُٿي پئو! اُٿڻ ۾ اسان جو علاج! عام طرح به، هر استاد جو ڪم رهنمائي توڙي نصيحت ڪرڻ ۽ سنئون گس ڏَسڻ هوندو آهي. هيءَ شاعري نصيحت ۽ رهنمائي ناهي ته ٻيو ڇاهي! اسانجي هر ٻئي ماڻهوءَ وٽ هر مسئلي جو جواب به اهو ئي بيوسي وارو هوندو آهي ته “ڇا ڪجي!”، پر استاد اهڙن مايُوس ماڻهن کي چوي ٿو: “ڇا ڪجي!” کي ڇڏ بخاري! اُٿ، اُٿون! ڪر تِکي تڪڙي تياري. . اُٿ، اُٿون! سمنڊ ٿيون، سيلاب ٿيون، برسات ٿيون! ظلم آهي ڀُونءِ ٻاري، اُٿ اُٿون! پنهنجيءَ قوم ۽ ديس سان ايڏو پيار ۽ اُنسيت تمام گهٽ ماڻهن کي هوندي آهي. استاد کي هر خوبصورتيءَ سان عشق آهي. هُو شعور ۽ اندر اُجارڻ واريءَ تعليم جو حامي آهي. کيس خبر آهي ته سماج جي اونداهين جو سبب جهالت ئي آهي ۽ جيستائين انهيءَ اوندھ مان جان نه ڇٽندي، تيسين اسان جو معاشرو ايئن ئي سُورن ۾ هوندو. تعليم جي اهميت بابت پاڻ ڪجھ هيئن ٿو چوي: جِهِلَ جي اُونداھ کي تيلي هڻو! علم جُون ڏياٽيُون کڻو. . . ڏياٽيوُن کڻو! خود اوهين استاد آهيو سوجهرو سنڌ کي ٺاهي وٺو. . . ٺاهي وٺو. . . استاد بخاريءَ پنهنجن خيالن ۽ احساسن کي قوم جي امانت سمجهندي، اها ڪوشش ڪئي، ته سندس شاعري گهڻن ماڻهن تائين ڪتابن جي صورت ۾ توڙي گيتن جي صورت ۾ پُهچي. انهيءَ ڪري ئي استاد جي شاعريءَ جا جهجها ڪتاب شايع ٿيا بلڪ اڄ تائين ٿيندا رهن ٿا. سندس ڪافي ڪتابن جا هڪ کان وڌيڪ ايڊيشن به شايع ٿيا آهن. اها مقبوليت تمام گهٽ شاعرن جي حصي ۾ ايندي آهي. ڪهڙي انساني ڪيفيت آهي، جنهن تي استاد ناهي لکيو. . . . . ڏُک هُجي، سُک هجي، پيار جو اظهار هجي! يا وري ديس جو درد. . . استاد هر ميدان ۾ پاڻ ملهايو آهي. استاد هر فرد جو آواز آهي، سندس مزاج ۽ ڪيفيت جهڙِي به هُجي، هُو ان ڪيفيت جي اظهار لاءِ استاد جي لفظن جو ئي سهارو وٺي ٿو. استاد بخاري ان حوالي سان به عظيم آهي، جو پاڻ پنهنجي طبيعت جي ناچاقيءَ باوجود سرڪار کي امداد ۽ وظيفن جي اپيل ڪرڻ بجاءِ واضح لفظن ۾ اهو چيو ته: “مونکي سرڪاري امداد ۽ وظيفن جي ضرورت ناهي!” نه ته اڪثر سرنديءَ وارا فنڪار ۽ اديب به هلڪي ڦلڪي بيماريءَ جي صورت ۾ به پيا سرڪار کي اپيلون ڪندا آهن. شاعرن توڙي فنونِ لطيفه سان واڳيل ڪنهن به فنڪار جي ٻين فنڪارن سان ڀيٽ ڪرڻ هڪ ناڪاري عمل آهي، ته فلاڻو، فلاڻي کان وڏو شاعر آهي، يا فلاڻو، فلاڻي کان پُختو شاعر آهي. شاعر، شاعر ئي هوندو آهي، جيڪو پنهنجن خيالن جو اظهار پنهنجي انداز ۾ ڪري ٿو. اُهو انداز ڪيترو مقبول ۽ ديرپا آهي، ان جو فيصلو وقت ئي ڪندو. جيئن جيئن وقت گذرندو، تيئن تيئن استاد بخاريءَ جي شاعري نون رنگن سان اسان جي سامهون ايندي ويندي. استاد رڳو ٻين کي نصيحت ۽ ميارون نٿو ڏئي، پر پنهنجو پاڻ کي به چوي ٿو ته: مان ٻين وانگر اکيون ٻوٽي سُمهان، رات جي تارن کي تڙپائيندو ڪير! آنءُ جي مدهوش ٿي ليٽي پوان، پرھ جا پيغامَ پُهچائيندو ڪير! (ڏھاڙي عوامي آوز ڪراچيءَ ۾ ۹ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل) استاد بخاري سندس شاعريءَ ۾ قومي جاڳرتا - ورسي جي مناسبت سان. ستار سروهي سنڌ جو ڪلاسيڪل ادب هجي يا جديد ادب، سماج ان جو مُک موضوع رهيو آهي. ادب ۾ موجود سموريون تحريڪون خاص ڪري ترقي پسند تحريڪ جو ڄڻ ته بنياد ئي نج سماجي حقيقت نگاري تي بيٺل آهي. شاعريءَ جو سماج سان ڪيترو ڳانڍاپو آهي؟ ان جو پيرو کڻنداسين ته اسان کي معلوم ٿيندو ته اهو ئي ادب صدين تائين جيئرو رهندو آيو آهي، جنهن ۾ سماج جي عڪاسي ڪئي وئي آهي يا ماڻهن جي ڳالهه ڪئي وئي آهي. شاعري جو سماجي ڪارج ڇا آهي؟ ان لاءِ ڪئين ڪتابن جو جائزو وٺڻ بعد اهو چئي سگهجي ٿو ته ادب زندگي آهي ۽ جيتري زندگي گوناگون آهي، اوترو ئي ادب به گوناگون آهي. ادب جي گوناگوني سبب شاعري جا ڪارج به گهڻا ٿي پون ٿا. خود استاد بخاري هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته ”شاعري اندر جون دونهون آهي، ان دونهي کي ٻاهر نڪرڻو آهي. اهو به هڪ ڪارج آهي. ٻولي آهي، محاورا آهن، اصطلاح آهن، ٻولي جو واڌارو آهي، شاعري ٻوليءَ کي شاهوڪار ڪري ٿي“ (۱) سنڌ جي جديد ادب ۾ قومي ۽ سماجي جاڳرتا ڪيتري آهي؟، ان جو اندازو استاد بخاري کي پڙهڻ کانپوءِ لڳائي سگهجي ٿو، شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه کانپوءِ نج عوامي سطح تي اچي عوام جي مسئلن تي جهڙي ريت استاد بخاري دل کولي لکيو آهي، ٻئي ڪنهن به نه لکيو آهي، ايتري قدر جو هڪ ڀيري بخاري صاحب کي پاڻ اهو اعتراف ڪرڻو پيو ته هن پنهنجي شاعريءَ جا ۳ حصا قومپرستيءَ واري فڪر تحت لکيا آهن. آئون پنهنجي هن ريسرچ مقالي ۾ استاد بخاري جي شاعري ۾ موجود قومي جاڳرتا ۽ سماجي شعور کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندس. استاد بخاريءَ جي شاعريءَ مان ئي مثال کڻي اهو تجزيو ڪنداسين ته استاد پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيترو جاندار۽ اثرائتي نموني قومي جاڳرتا جي ڳالهه ڪري سگهيو آهي. استاد بخاري جي شاعريءَ ۾ هڪ لحاظ کان جماليات ۽ رومانونيت کان وڌيڪ هڪ منظم ڪوششن سان سماجي پهلو ملي ٿو. ائين محسوس ٿئي ٿو ته استاد سنڌي قوم جي ڏکندڙ رڳ تي وڃي هٿ رکيو آهي. هن سنڌي قوم جو نبض شناس بڻجي هن قوم کي لاحق بيمارين ۽ مسئلن کي چڱي ريت ڄاتو ٿي. استاد هڪ باهمت، بهادر ۽ بيباڪ قلم ڌڻي هو، جنهن وڏي جرئت ڪري قوم کي وقت ۽ حالتن سان مهاڏو اٽڪائڻ جو سبق ڏنو. استاد جي شاعري ۾ آمريت خلاف جڏهن نفرت ڀڙڪو کائي شعر جو روپ ڌاري ٿي ته ڄڻ استاد هڪ پاسي ڏکويل ۽ پيڙيل ديس واسين جي ڦٽن تي پها رکندو هجي ته ٻئي پاسي وري کين چوندو هجي ته اهي پنهنجي حقن لاءِ اٿي کڙا ٿين. استاد جيئن ته عوام منجهان ئي هو، ان ڪري هو پيڙيل، بکايل، ڏکايل، غربت ۽ بدحالي جي ور چاڙهيل ماروئڙن سان هر محاذ تي گڏ بيٺو نظر اچي ٿو، سندس قول ۽ فعل ۾ ڪو به تضاد ناهي، تڏهن ئي ته هن لکيو: ڪنول گل مان ڪوڪو نه ٿيندو نه ٿيندو، بخاري کان دوکو نه ٿيندو نه ٿيندو، ملهائي نه جو ٿڃ جيجل جي لوڪو! اهڙو ڪو به ٿوڪو نه ٿيندو نه ٿيندو. (۲) استاد هڪ وطن دوست، جمهوريت پسند ۽ حب الوطني جي جذبي سان سرشار قلمڪار هو، جنهن سمجهيو پئي ته قوم سان غداري ۽ ڌرتي ماءُ سان بيوفائي جهڙو ٻيو ڪو به ڏوهه ناهي، اهو ئي سبب هو جو مٿئين شعر ۾ هن ڌرتيءَ سان دوکو ڪندڙن جي نندا ڪئي آهي. استاد جنهن دور ۾ پيدا ٿيو، سياسي ۽ سماجي طور تي سنڌ لاءِ اهي ڏينهن ڏاڍا ڏکيا هئا، ان ڪري هو پنهنجي شاعري ذريعي جاڳرتا جي هڪ تحريڪ بڻجي پيو، بي پهچ ۽ بي سهارا ماڻهن جو سهارو بڻيو. گونگن ۽ گگدامن جي زبان بڻجي پيو، استاد مڪمل طور تي ڌرتي ۽ ڌرتيءَ وارن لاءِ فڪرمند تخليقڪار هو، تڏهن ئي ته هن لکيو هو: هيءَ قوم پئي ڦٿڪي، هي دل به پئي ٿي تڙپي، هن قوم تي روئان يا، هن حال تي روئان مان!(۳) استاد قوم کي جاڳائڻ پنهنجي لاءِ بنيادي فرض پئي سمجهيو، هن ڄاتو پئي ته کيس ئي پنهنجي ماڻهن لاءِ لکڻو آهي، ڪُڇڻو آهي يا تڙپڻو آهي، ٻيو ڪير ڀلي لِکي نه لِکي، ڪُڇي نه ڪُڇي ۽ تڙپي نه تڙپي، پر کيس ئي اهو قومي فرض نڀائڻو آهي. مان ٻين وانگر اکيون ٻوٽي سمهان، رات جي تارن کي تڙپائيندو ڪير؟ مان به جي مدهوش ٿي ليٽي پوان! پرهه جا پيغام پهچائيندو ڪير؟(۴) فطرتي حسناڪين جي شاعر وليم ورڊس ورٿ لکيو آهي ته شاعر انسان جي جذبات ۽ فطرت ۾ هڪجهڙائي پيدا ڪري ٿو، هو ماڻهن جي شعور کي منظم ڪري نون نون احساسن کان واقف ڪري ٿو، شاعر جي سوچ ۽ احساس ۾ انساني امنگن جو روح رچيل هوندو آهي، شاعر فقط شاعرن لاءِ نه پر عام ماڻهن لاءِ لکن ٿا. وليم ورڊس ورٿ جي هڪ شاعر لاءِ پيش ڪيل مٿئين وصف استادي بخاري تي سئو سيڪڙو ٺهڪي اچي ٿي. بخاري صاحب به اجتماعي ۽ عوامي امنگن جي عڪاسي ڪئي آهي. ٽي ايس ايلٽ پنهنجي مضمون ”شاعري جو سماجي ڪارج“ ۾ لکي ٿو ته شاعري پنهنجي زورَ ۽ تاثير جي مناسبت سان سڄي قوم جي ٻول، چال، شعور ۽ ادراڪ تي اثر وجهي ٿي. شاعريءَ جو سماجي ڪارج جي حوالي سان هيل تائين جيڪي ادبي تحريرون سامهون آيون آهن، يا گفتگو ٿي آهي، ان جو سمورو تت اهو آهي ته شاعر بنيادي طور تي ماحول جي نمائندگي ڪندڙ، قوم جي مسئلن جو ادراڪ ڪندڙ ۽ انهن تي لکندڙ ئي هوندو آهي. شيخ اياز ڪنهن هنڌ پنهنجي شاعريءَ لاءِ لکيو هو ته ”مان ماضيءَ جي ماضي ۽ مستقبل جي مستقبل جو شاعر آهيان، ساڳئي طرح بنا ڪنهن وڌاءَ جي استاد لاءِ چئي سگهجي ٿو ته استاد به اسان جي ماضي جي ماضي ۽ مستقبل جي مستقبل جو شاعر آهي“(۵) استاد فطري طرح نه رڳو سنڌ جي اجتماعي شعور جو نمائنده شاعر آهي پر هو رهبر به آهي، جنهن هڪ راهه ڏني، ويساهه ڏنو ۽ اتساهه ڏنو آهي. ناز سنائي پنهنجي مقالي ”استاد سنڌ جو پورهيت شاعر“ ۾ استاد لاءِ زبردست ڳالهه ڪئي آهي، سا اها ته” استاد سنڌ جي سموري جدوجهد ۾ پوءِ اها سياسي جدوجهد هجي، سماجي جدوجهد هجي، علمي ۽ ادبي جدوجهد هجي، ان سموري جدوجهد ۾ هو سنڌ جي ويڙهاڪ ماڻهن، سياسي ڪارڪنن سان گڏ رهيو آهي، سنڌ تي جنهن وقت به سامراج طرفان وار ٿيو ۽ سنڌ جي جن به ماڻهن سرڪار سان سينو ساهيو، استاد بخاري انهن سان گڏ بيهي رهيو“. (۶) استاد ڄاتو پئي ته سماج ۾ طبقا ئي رڳو ۲ آهن، هڪ ظالم ۽ ٻيو مظلوم، هڪ ڦرجندڙ، ٻيو ڦريندڙ، هڪ شاهوڪار، جاگيردار، امير ۽ ٻيو غريب، ڏتڙيل ۽ هيسيل. استاد اهو به ڄاتو پئي ته سنڌي ماڻهو ڪيڏو نه پوئتي پيل آهي، ان ڪري ئي هڪ هنڌ هن لکيو هو ته: “قيادت تي ميار ضرور آهي پر اسان جي قوم ٻيو ڪردار ادا نه ڪري سگهي آهي، اسان جي قوم اديبن جون لکڻيون پڙهي ٿي پر ٻڪرين جي ڌڻ وانگر مدي خارج قيادت کي چنبڙي پئي آهي. انهن کان اڳتي نه ٿا وڌن، انهن جو احتساب نه ٿا ڪن، جيڪڏهن اسان جي قوم انهيءَ قيادت کي ڳلي کان جهلي چوي ته اسان کي نٿا کپو ته قيادت خود بخود پويان لڳي ويندي. (۷) استاد پنهنجي ٻولي، قوم ۽ انسان ذات جي ڀلائي لاءِ لکيو، پرمارن سان ويڙهاند ۽ پورهيت عوام سان ساٿ ڏيڻ واري شاعري ڪئي، سندس وکر ڪڏهن به پئي پراڻو نه ٿيندو. استاد جا هيٺيان شعر سندس قوم لاءِ اُلڪي کي چٽيءَ ريت بيان ڪن ٿا ۽ ساڳي ريت اهو به ٻڌائين ٿا ته قومي ٻڌي، ايڪي ۽ جدوجهد کانسواءِ ڪجهه به ناهي. جيڪو ڌارين جو محتاج، ڪڍڻو آ سو، رسم رواج، پنهنجا وَڍَ ۽ پنهنجو ويڄ، پنهنجو سوچيو، پاڻ علاج (۸) يا وري هي ڪمال جون سٽون، جيڪي پنهنجي جدوجهد جو ڏس ڏين ٿيون. پنهنجون راهون پاڻ ٺاهيو ساٿيو! قافلي کي تيز ڪاهيو ساٿيو! ڄاڻ پهتئو، دور ناهيون ساٿيو! دل نه لاهيو، دل نه لاهيو ساٿيو! (۹) استاد ڪيڏي نه ڪمال سان هڪ طرف پنهنجي مسئلن جو پاڻ علاج ڪرڻ جو درس ڏئي ٿو ته ٻئي پاسي وري اهو به چوي ٿو ته ڌارين تي نه ڀاڙيو، قافلي کي تيز ڪاهيو ته جيئن منزل ماڻي سگهو. استاد حقيقي معنيٰ ۾ سنڌي قوم جو وڏو نبض شناس هو، جنهن وڏي سليقي سان سنڌي ماڻهن جي ڪوتاهين ۽ ڪاهلي تي تنقيد ڪئي آهي ۽ ان تي ٽوڪ ڪئي اٿس ته هڪ پاسي سڄي سنڌ سورن ۾ آهي ته ٻئي پاسي وري اسان شهپر وٽيندا هڪ ٻئي سان وڙهڻ ۾ پورا آهيون. سنڌ جي سورن جو، ڪونهي آند پاند، گهر ڊٺل، وِهڪيل ڍڳي، ڪمزور ڏاند، پوءِ به شهپر کي وٽيندي پيو چوي، سئوٽ سان ڪرڻو اٿم جلدي پلاند (۱۰) قوم لاءِ هن کان وڌيڪ ڀلا ٻيو ڪهڙو فڪر ٿي سگهي ٿو جو ان کي مڙسيءَ سان ڪمائڻ، علم حاصل ڪرڻ ۽ ڌرتيءَ سان محبت ڪرڻ جو درس ڏجي. جيئن هيٺين شعر ۾ استاد اهو فرض نڀايو آهي. پوک، مزدوري، هُنر، ڌنڌو، پڙهو! رات توڙي ڏينهن، مڙسيءَ سان ڪمايو دوستو، جهنگ ۾ پکڙي وڃو، شهر کي چُهٽي وڃو، پنهنجي ڌرتيءَ تي قدم، پنهنجا ڄمايو دوستو. (۱۱) قومي شعور جو هي ٻيو مثال به ڪيڏو نه ڪمال جو آهي، جو ماڻهن کي استاد چوي ٿو ته سڄي سنڌ کي سنواريو ۽ نينهن نڀايو. مٺيءَ کان ڇِني، شاهبندر کان ر يتي، سڄي سنڌ پنهنجي سنواريو، سجايو، ٻنين ۾، مِلُن ۾، ڪمايو، ڄمايو، ”سدا سنڌ جيئي“ جو نعرو لڳايو. (۱۲) استاد هڪ معاشيات جي ماهر جيان اهو ڄاتو پئي ته قوم جي گهڻن مسئلن جو حل ان جي معاشي طور تي مضبوط هجڻ سان آهي. بيروزگاري جي خاتمي ۽ پاڻڀرو ٿيڻ لاءِ ضروري آهي ته هر ماڻهو علم به حاصل ڪري ته هُنر به، ٻنين کان ويندي مِلُن تائين ۽ ٻهراڙين کان ويندي شهرن تائين وڃي ڪمائي ۽ ڌرتي سان نينهن نڀائي. استاد قوم ۾ هر وقت عزم، حوصلو، ولولو ۽ جوش پيدا ڪيو آهي ته جيئن قوم مايوسي کي ڇڏي نجات لاءِ اڳتي وڌندي رهي. هي ضروري ناهي، هر هر زلزلو پيدا ڪجي، قوم ۾ ليڪن، مسلسل ولولو پيدا ڪجي، مشڪلاتون اينديون رهنديون، پر ٻڌو مشڪلڪشا! هر قدم تي هوش سان گڏ حوصلو پيدا ڪجي. (۱۳) يا وري هن شعر ۾ ڪيڏو نه قومي شعور ڏنو اٿس. ڇو ڪٿي رڪجون رفيقو، ارتقا رڪجي نه ٿي، زندگي جي آرزو ۾، جستجو ٿڪجي نه ٿي، ساٿيو، سندرا ٻڌي، هلندا هلو، وڌندا هلو، پاڻ ڇو بيهي رهون، دنيا جڏهن بيهي نه ٿي). (۱۴) استاد هڪ نفسيات دان جيان سنڌي قوم کي مايوسي ڇڏي ڪنهن بيساکي بدران پنهنجي پيرن تي پاڻ هلڻ به سيکاري ٿو ۽ اهو طريقو ٻڌائي ٿو ته ڪيئين مسلسل ميدان ۾ هلڻو آهي ۽ رڳو حوال ڪرڻ بدران عمل جي ميدان ۾ ڪجهه ڪرڻو آهي. ويٺي ويٺي وات جي رَد ڪَدُ مان ڪهڙو فائدو، جو ڪِري، اٿندو، اُٿي هلندو، اهو وڌندو پيو. (۱۵) ۱۹۴۷ع ۾ پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ ٿورڙي ئي عرصي ۾ جڏهن ون يونٽ مڙهيو ويو. سنڌ ۽ سنڌي ٻولي تي ڪات ڪهاڙا کنياويا ته اهي سياسي حالتون سنڌ تي گهرو اثرانداز ٿيون. هڪ خوف طاري ٿي ويو ته ٻولي به شل زندهه رهي. ان وقت استاد بخاري به ٻين قلمڪارن سان گڏ ٻولي بچائڻ واري تحريڪ ۾ اڳين محاذ تي بيهي رهيو. اهڙي ريت استاد هڪ رهبر شاعر جي حيثيت سان عمل جي ميدان ۾ اچي للڪاري ٿو ۽ هڪ قومي تحريڪ بڻجي پوي ٿو. قوم زندهه ٿي رهي، جي زبان زندهه رهي، مامتا مَرڪي مَلهي، پر جي امان زندهه رهي، توسان، ها توسان، او سنڌي قوم، آ منهنجو وجود، تنهنجو شان زندهه رهي، پوءِ منهنجي ”مان“ زندهه رهي. (۱۶) استاد سنڌيت جي جذبي سان سرشار هڪ مڪمل قومي شاعر آهي، جيڪو چڱيءَ ريت سمجهي ٿو ته هڪ شاعر کي پنهنجي ٻولي جي دفاع لاءِ ڪيئن ۽ ڪيترو اڳتي اچڻو آهي ۽ اهو ئي ستل قوم کي جاڳائي سگهي ٿو. ان ڪري ئي سنڌي ٻولي تي جڏهن وار ٿئي ٿو ته استاد هينئن به صدا هڻي ٿو. مري غالب نه ٿو، مان ڇو مران، فراز ۽ فيض وانگر، پيو جِيان، ڀٽائي کي چيم، بابا ٻڌو، بچي سنڌي ته مان ڀي ٿو بچان. (۱۷) استاد سڏڪڻ، روئڻ يا رڳو خواب ڏسڻ جي مرحلي مان نڪري عملي جدوجهد ڪرڻ جو به سڏ ڏئي ٿو، جنهن جو زبردست مثال هيٺيون شعر آهي. ڪلهوڪن عذابن تي سڏڪڻ ڇڏي ڏيو، سڀاڻي جي خوابن تي ٽهڪڻ ڇڏي ڏيو، اڄوڪو ڏهاڙو، اُٿڻ جو اَٿوَ، سوالن جوابن تي اُلجهڻ ڇڏي ڏيو. (۱۸) استاد بخاري پنهنجي شاعري وسيلي اهو شعور به ڏنو ته ڪيئن مشڪل حالتن مان به دليري سان لنگهي منزل طرف وڌي سگهجي ٿو. جنهن جو مثال هيٺيون شعر آهي. لنگهي لَڪ سوڙها، وڌي دَڳَ ڀرا ٿيو، تِکي ڊوڙ پائي، وڌي جَڳَ ڀرا ٿيو، جا منزل ملي ٿي، اها ئي چوي ٿي، اڃا اڳڀرا ٿيو، اڃا اڳڀرا ٿيو. (۱۹) نه روئڻ پٽڻ ۾ اسان جو علاج، نه سَٿرون ڪُٽڻ ۾ اسان جو علاج ڌِيون پٽ، سڀئي، سنڌ ڌرتي ڄڻيا، اٿي پئو، اٿڻ ۾ اسان جو علاج. (۲۰) آمر ضياءَ جي مارشلا وقت جڏهن سنڌين کي پيڙيو ۽ هيسايو پئي ويو، تڏهن جمهوريت جي بحالي لاءِ جيڪا ايم آر ڊي تحريڪ هلائي وئي، ان ۾ عوامي سطح تي جوش به استاد بخاري پنهنجي جوشيلن شعرن وسيلي پيدا ڪيو، سندس شعري مجموعو ”ڪاري ڪڪر هيٺ“ ان جي گواهي ڏئي ٿو. ڊڄي ڪينَ ڊُڪيا، سٺئون گوليون سامهون، جُهريا ڪينَ جهُڪيا، سنڌو تنهنجا سورما. (۲۱) استاد بخاري ”هڙئي هيڄ وطن جا“ ۾ چٽيءَ ريت پنهنجو فلسفو بيان ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي ته جيڪو محنت ڪندو، سو ئي منزل ماڻيندو، سو ئي سُک ماڻيندو ۽ سو ئي بخت تي حڪمراني ڪندو. صبح سانجهيءَ هلو، زندگي ۽ ٿَڪو، ؟ ڊوڙ پايو، وڌو! ڇو ته مشهور آ، جو اڳي سو تَڳي وقت ڪنهن جو نه آ، بخت ڪنهن جو نه آ، تخت ڪنهن جو نه آ، ڇو ته مشهور آ، جو وهي سو لهي. (۲۲) هن کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو شعور ٿي سگهي ٿو ته استاد قوم کي چوندو هجي ته دشمن ۽ سڄڻ جي شناس ڪيئن ڪرڻي آهي؟” ڪو ڪِيلي چيڀاٽي ته پاپي چئون ٿا، ڪو قومون ئي ماري ته پوءِ ڇا چئون؟ ڪو هڪ ٽار ساڙي ته ناحق سڏيون ٿا، ڪو ٻيلا ئي ٻاري ته پوءِ ڇا چئون؟. (۲۳) بخاري مٿئين شعر ۾ انهن حالتن جي عڪاسي ڪئي آهي، جڏهن آمريت جي دور ۾ سنڌ تي ظلم ۽ ستم جو دور هلي رهيو هو. فقط هڪڙو گهر ڪو لُٽي ڪو ته ڊاڪو، سڄي سنڌ جيڪي لُٽن ٿا، اهي ڇا؟. (۲۴) استاد هڪ مزاحمتي ڪردار آهي، جنهن جي سِٽ سِٽ غاصب، لُٽيري، غدار ۽ ماڻهن جا حق کائيندڙ وڏيري لاءِ للڪار بڻجندي رهي آهي. منهنجا مارو مرده باد ته تون به وڏيرا مرده باد، حق جا نعره مرده باد ته تنهنجا عهدا مرده باد. (۲۵) ٻڌي ۽ ايڪتا جو سڏ هن کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو جو استاد عام ماڻهوءَ جي سطح تي اچي سادي، سولي لهجي ۽ انداز سان پئي سمجهايو آهي ته ڪيئن مِڙي مُٺ ٿجي. وڏا سڀ وڌي، هڪ وڏو ميڙ ٺاهيو، جهُڪي ڏاڍ، ايڏا، وڏا ٿي وڃو، ڪراچي کان ريتي، يڪو ميڙ ٺاهيو، ڪروڙين ملو، ايڪتا ٿي وڃو. (۲۶) ”حب الوطني انسان جي هڪ قديمي جمهوري ۽ عالمگير خصلت آهي، جنهن جي ڪري دنيا جون مختلف قومون ۽ انهن جون مخصوص تهذيبون، ملڪ ۽ انهن جون سرحدون زمانن کان پنهنجي جاءِ تي موجود آهن. حب الوطني انسان جي عظيم ميراث آهي. (۲۷) استاد بخاري ويهين صديءَ جي شعور کي پاڻ سان گڏ کنيو آهي، سماج کي اهو پيغام ڏنو اٿس ته وقت جي رفتار سان نه هلندئو ته پوئتي رهجي ويندئو. ڊُڪو نه ته يار، پويان اڳ ڪڍي ويندا، اسان کي ڌوڙ، اکين ۾ وجهي ويندا، سنڀالي ڊوڙجو، رستو ڏکيو آهي، جي ٿاٻڙيا، ڪِري، چِپِجي، مري ويندا، ٻريو ٻاريو، ڏيئي مان آ ڏيئو ٻرندو، ائين اونداهه جا لاشا، سڙي ويندا، خلائي دور آ، ويهين صدي آهي، جي ماضيءَ ۾ لِڪا، ٻوساٽجي ويندا. (۲۸) سراج استاد بخاري جي شعري مجموعي ”ڪوڪڻ يا ڪلياڻ“ جو مهاڳ ”جهرمر تارا جهول ۾“ جي نالي سان لکيو آهي، جنهن ۾ سراج لکي ٿو ته ”شاعري پيغمبري تڏهن بڻجندي آهي، جڏهن اها انسان جي اجتماعي جذبن، احساسن، ڪرب ۽ ادراڪ سان هم آهنگ ۽ هم قدم هجي، اها ئي ڪسوٽي آهي، جنهن تي ڪنهن به شاعر جي عظمت ۽ اهميت کي پرکبو آهي. استاد بخاري جي شاعري به ائين لڳي ٿو ته سنڌ جي تاريخ ۽ اتهاس جو شعور هن جي لفظن ۾ اوتجي ويو آهي“. استاد قوم جو وڏو نبض شناس ٿو ڏسجي، تڏهن ته هن ان تي ڳوڙهو اڀياس ڪريو هو ته ڪيئن نه سنڌي ماڻهو خسيس جهيڙن، تڪرارن، ڦڏن ۽ فسادن ۾ ڦاٿل آهن. ڪيئن نه اهي انفرادي مفادن کي قومي مفادن تي ترجيح ڏين ٿا. سنڌين کي اجتماعي قومي شعور ڏيڻ لاءِ بخاري کي پنهنجي ڪل شاعريءَ جا ۳ حصا قومي فڪر جي جاڳرتا لاءِ ڏئي ڇڏيا. آئون ٺاهيان گيت ٿو، استاد ڳاءِ، ڪنهن نموني قوم کي جاڳائجي. (۲۹) استاد قوم کي مسلسل محنت ڪرڻ ۽ شعور حاصل ڪرڻ جو سبق هن ريت ڏنو. پڙهيل ماڻهو، ڀُليل ماڻهوءَ کي سمجهائي، پڙهائيءَ جي ائين تحريڪ ٿي ويندي. (۳۰) محنت ۽ سخت محنت، هن وقت جي تقاضا، جو وقت کان لنوائي، سو پاڻ کي گنوائي. (۳۱) علي دوست عاجز پنهنجي ڪتاب ” آديسي استاد“ ۾ لکي ٿو ته “بخاري صاحب جي ڌرتي ۽ مٽيءَ سان محبت ۽ تعلق تي غور ڪبو ته حيرت جي ڪا حد ئي نظر نه ايندي، کيس ان ڳالهه جو پورو پورو يقين هو ته سندس وجود سُڃاڻ، جيئڻ ۽ مرڻ، هن ئي مٽيءَ سان آهي، ان جا هن وٽ واضح دليل به هئا، جيڪي دلي به هئا ته فطري ۽ سائنسي به. (۳۲) نتيجو مٿئين سموري بحث، مثالن ۽ سمجهاڻين مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته استاد بخاري سنڌ جي ضمير جو آواز آهي. استاد سنڌ جي دردن جو درمان ڪندڙ شاعر آهي ۽ سندس شاعري ۾ جيڪا قومي جاڳرتا ملي ٿي، ان جو مثال ورلي ملي ٿو. هن تحقيق جي نتيجي ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته استاد سنڌ جو اهو قومي شاعر آهي، جنهن قوم کي جاڳائڻ، جنجهوڙڻ کان علاوه کيس جدوجهد جي ميدان ۾ اچي پنهنجا حق وٺڻ جي به تاڪيد ڪئي آهي ۽ پاڻ به اڻانگهن پيچرن تي انهن سان گڏجي پئي هليو آهي. استاد سنڌ ۽ سنڌي قوم جو اهڙو شاعر آهي، جنهن فڪر ۽ فلسفي سان سنڌ جي آجپي جي راهه ڏني، جنهن راهه تي هلندي سنڌ لاءِ سک ۽ آجپو آڻي سگهجي ٿو. ببليو گرافي ۱. ڪانڌڙو انور/ سمي صحرا سمي دريا/ ص ۴۵/. . ۲۰۰۷/ڪويتا پبلڪيشن ۲. بخاري استاد -لهر لهر دريا/ ۲۰۰۴/روشني پبلڪيشن ۳. جويو تاج/استاد بخاري سنڌ جي جوڀن جو شاعر/ص ۱۴/۲۰۱۲/ثقافت کاتو سنڌ ۴. جويو تاج/استاد بخاري سنڌ جي جوڀن جو شاعر/ ص ۱۵/۲۰۱۲/ثقافت کاتو سنڌ ۵. جويو تاج/استاد بخاري سنڌ جي جوڀن جو شاعر/ص ۴۰/۲۰۱۲/ثقافت کاتو سنڌ ۶. ڪانڌڙو آزاد انور/استاد بخاري، فن ۽ شخصيت/ ص ۲۲/۲۰۱۰/ثقافت کاتو سنڌ ۷. ڪانڌڙو آزاد انور/ سمي صحرا سمي دريا/ ص ۶۸/۲۰۰۷/ڪويتا پبلڪيشن ۸. بخاري استاد/پير نه هٽن پوئتي/ص ۲۱۳/۲۰۰۴ ۹. بخاري استاد/پير نه هٽن پوئتي/ص ۲۳۲/۲۰۰۴ ۱۰. بخاري استاد/پير نه هٽن پوئتي/ ص ۲۰۷/۲۰۰۴ ۱۱. بخاري استاد/پير نه هٽن پوئتي/ص/۲۰۷/۲۰۰۴ ۱۲. بخاري استاد/پير نه هٽن پوئتي/ص ۲۲۰/۲۰۰۴ ۱۳. بخاري استاد/لهر لهر دريا/ص ۳۹/۲۰۰۴/روشني پبلڪيشن ۱۴. بخاري استاد/لهر لهر دريا/ص ۴۹/۲۰۰۴/روشني پبلڪيشن ۱۵. بخاري استاد/لهر لهر دريا/ ص ۴۳/۲۰۰۴/روشني پبلڪيشن ۱۶. بخاري استاد/لهر لهر دريا/ص ۵۴/۲۰۰۴/روشني پبلڪيشن ۱۷. بخاري استاد/لهر لهر دريا/ص ۶۵/۲۰۰۴/روشني پبلڪيشن ۱۸. بخاري استاد/ سوچون، ڀُڻڪا، واڪا/ص ۴۱/۱۹۹۵/سنڌي ساهت گهر ۱۹. بخاري استاد/ سوچون، ڀُڻڪا، واڪا/ص ۳۵/۱۹۹۵/سنڌي ساهت گهر ۲۰. بخاري استاد/ سوچون، ڀُڻڪا، واڪا/ص/۴۲ / ۱۹۹۵/سنڌي ساهت گهر ۲۱. بخاري استاد/ڪاري ڪڪر هيٺ/ص۹۷/۱۹۹۱ ۲۲. بخاري استاد/هڙئي هيڄ وطن جا/ ص ۱۵۸/۱۹۹۸/سنڌي ساهت گهر ۲۳. بخاري استاد/ ڌرتي سرتي/ ص ۴۲/ ۱۹۹۱/سنڌي ساهت گهر ۲۴. بخاري استاد/ ڌرتي سرتي/ ص ۴۲/۱۹۹۱/سنڌي ساهت گهر ۲۵. بخاري استاد/ سوچون، ڀڻڪا، واڪا/ص ۲۸/۱۹۹۵/سنڌي ساهت گهر ۲۶. بخاري استاد/ سوچون، ڀڻڪا، واڪا/ص ۴۴/۱۹۹۵/سنڌي ساهت گهر ۲۷. شمشيرالحيدري/سنڌي شاعري جو اڀياس/ص ۱۲۲/ ۲۸. بخاري استاد/گيت اسان جا جيت اسان جي/ص ۸۴/۱۹۷۱ ۲۹. بخاري استاد/اوتون جوتون/ ص ۲۳۵/۱۹۸۵ ۳۰. بخاري استاد/ميلا ملهالا/ص ۵۷/۱۹۹۴/روشني پبليڪشن حيدرآباد ۳۱. بخاري استاد/ميلا ملهالا/ص ۶۴/۱۹۹۴/روشني پبليڪشن حيدرآباد ۳۲. عاجز علي دوست/ آديسي استاد/۲۰۰۵/روشني پبليڪيشن استاد بخاري مچن ۾ شوق نچيو هو علي دوست عاجز ”آئون شاعري، موسيقي ۽ مهريءَ سان ليکا نه ڪري سگهندو آهيان ۽ ان مان عيب، وڏون به وس ڪندي نه ڪڍندو آهيان ۽ انهن جي انتخاب ۾ انصاف به نه ڪري سگهندو آهيان. “ انهن نثري جُملن کي ڇڏي، بخاري صاحب جي شاعريءَ کي جاچبو ته اها عشق ۽ موسيقي جي رنگن جو اهڙو شاهڪار نظر ايندي، جهڙو وٽس ڏات ۽ فن جو سنگم هو- استاد جي زندگي توڙي شاعري عشق جو هڪ اهڙو اعلي نمونو هئي، جنهن کان سواءِ ڪو شهپارو جنم وٺي ئي نه ٿو سگهي! عُمر جي آخري ڏينهن ۾ مون کانئن پڇيو ته: سائين، هن عُمر ۾ به عشقيه شاعري تخليق ٿئي پئي؟ پاڻ مرڪيو ۽ تازي غزل جون ڪجهه سٽون ٻڌايائين: عشق کي شرمسار ايڏو نه ڪر! هاڻ پيري ۾ ته خوار ايڏو نه ڪر! استاد هميشه عشق ئي ڪيو، پوءِ اهو دلبر جو هو يا ڌرتيءَ جو! سنڌ ۾ ڪو عشق ڪندو، ته چوندا، ’ڪاري (بلا) تي پير پيو ٿس!’ پر هُو ان کان گهڻو اڳتي نڪري ويو هو! بلا تي پير نه پيو هو، جو ڇال ڏئي بچجي، کنوڻ کي ٻانهن ٻکيو هو، اهو به ٿو وسري! هُو عشق کي پنهنجو پڳ مٽ يار چوندو هو، پر جڏهن کانئُس ڪنهن پُڇيو ته، عشق ڪنهن سان ٿو يا محبوب ڪير ٿو، ته جواب ۾ نٽاءُ! ڪجهه به نه چوڻ جي باوجود سڀ ڪجهه چوڻ سندس طبيعت هئي. ڪنهن شيءِ کي بلڪل واضح ڪرڻ جي باوجود ڪنهن پرٽيڪيولر شيءِ ڏانهن اشارو نه ڪرڻ سندس انداز هو: جيڪو ڏاڍو محجُوب آ، سو منهنجو محبوب آ، ڏسون ڪير ٿو شرمائي، هن هيڏي محفل ۾!! سو هُن ڪڏهن به نالو نه کنيو، ته متان ڪنهن جي ذات تي حرف اچي! شريعت ظاهر تي آهي، تنهن ڪري هُو به هميشه جسماني جوڙ، سُونهن ۽ لاڳاپي جو قائل رهيو. ”شادي هجي يا غمي، اسپتال هجي يا ڪنهن سياسي جلسي جو پنڊال، بهرحال مرد، عورت جو لاڳاپو هڪ ٻئي ڏانهن، ڪشش جو جذبو اٽل آهي!“ ۽ محبت جي سهڻي، سڀاويڪ، سرهي ۽ پياري لاڳاپي ۾ عورت کي بنيادي، سگهارو ۽ اڳڀرو سمجهندو هو. سسئي جي لائڻ، توڙ نڀائڻ کي هزار داد ڏيندو هو ۽ کيس عورت جي غيرت جو تاريخي مثال ڪوٺيندو هو. سهڻيءَ کي سو سلام ڪندو هو. “سهڻي سنڌي عورت جي اندرين ديد ۽ عشق جي نمائندي نار آهي. ” زليخا کيس بار بار ياد ايندي هئي. استاد جي محبوب جو پيرو کڻڻ بجاءِ استاد جي نظرن جو پيڇو ڪبو، ته خبر پئجي ويندي ته اهي ڪٿي هُيون! سندس عُقابي نظرون سندس دل جي شوق جو پتو ٻڌائن ٿيون. ”نه جي دل عقابي نظر ڇا ڪري!“ جُهڙ، واءُ ٿڌو، مينهن جي ڦوهار آئي، هڪ سيءُ سنهو، ٻيو توکي چولو سنهڙو، ٽيون سرنهن جي ڦُولار جو اولو ڇڊڙو، مون تون کي اچي گاهه ڀري ٻڌرائي، هٿُ هٿ سان مليو شاڪ لڳي، لهر آئي! سونهن پرست ۽ حسن پُڄاري ته مشهور هو، پاڻ چوندو هو، ’جيڪڏهن قبر به سهڻي هجي ته، مان مرڻ ۾ هوند دير ئي نه ڪريان. ’ کيس خبر هئي ته، اهڙو گل ئي ڪونهي، جنهن تي ڀنئور ڀيرو نه ڏٺو هجي، اهڙو وڻ ئي ڪونهي، جنهن کي واءُ نه لوڏيو هجي، اهڙو گهر ئي ڪونهي، جنهن سڪ جو سودو نه ورتو هجي، اهڙي دل ئي ڪانهي، جنهن ڪو صدمو نه سٺو هجي!’ ”اهڙي نڀاڳي نرڄي جواني مون کي نه ٿي سُجهي، جنهن جي لڱن کي لهس نه آئي هجي!“ دل ڦُري ناهي جنهن کان ڪنهن ڦوروءَ، ڪا بلا آهي، آدمي ناهي! سهڻي صورت جي جادوءَ ۾ ته آدم، حوا جا سڀ پوٽا پوٽيون سوگها آهن. اهڙو ڪو نڀاڳو چنڊو مون کي نه سُجهي، جو خوبصورتيءَ جي جادوءَ ۾ جڪڙيل نه هجي. “ بخاري جنهن مڪتبه فڪر جو رهيو، ان بابت تحرير فرمايائين ته: ”آئون پروفيسر فرهاد ايرانيءَ جي محبت، محنت ۽ فن گاڏڙ فلسفي جو پوئلڳ پئي رهيو آهيان. صفا سنڌي نڪتئه نظر کان بيدل، بيڪس، سچل، لطيف (جي سونهن پرستي) جو پرتوو مون تي به پيو آهي. شروعات ۾ بيدل، بيڪس ۽ پوءِ پڇاڙيءَ تائين سچل ۽ لطيف سڀني وصفين حاوي رهيا. “ سهڻي صورت سان گڏ جن نقشن ۽ انگن سندس نگاهه کي ونگيو ٿي، تن جو ذڪر به سندس تحرير ۾ موجود آهي: ”هن ذري ذري سندس سنهڙن چپن جو ذڪر پئي ڪيو. ان مان ظاهر پئي ٿيو، ته هن شاعر يا ليکڪ جي پسند سنهڙا چپ آهن. ڪاش، اهو کولي پُڇانس ها ته ٻيو توکي سهڻن يا سهڻين جا ڪهڙا اطوار، اُهڃاڻ وڻندا آهن! ڇو ته، مان سنهڙي چيلهه، وڏين کليل روشن اکين، موزون ٿُلهن (ڀريل) چپڙن ۽ ڏندن جو ماريل يا موهيل آهيان. ايئن ٻيا وري ڪن ٻين وصفن جا! افسوس ته، هنن همراهن ڀُلجي به ناريءَ نازڪ اندامن جو ذڪر ڪونه ٿي ڪيو. شايد ان ڪري جو اسان وٽ اهي ڪارن ڪوٽن، ڪارن پردن، ڪارن برقعن ۽ ڪارن قانونن ۾ قيد آهن. اهي اسان سان کُلي گڏجي کلن، اٿن ويهن، گهمن ڦرن ئي ڪٿي ٿيون، جو اسان ان ميوي جي مٺاڻ، رس، خوشبوء کان ڀرپور سرور وٺون. . !“ استاد جي اندر جي عشق ۽ حسن جي ڪشش کيس زندگيءَ جو عاشق بنائي ڇڏيو، جنهن لاءِ هو هر تڪليف کي تفريح سمجهڻ لڳو. اهو ئي سبب هو جو هيءَ زندگي کيس ڏاڍي مختصر لڳي. ’هجن لک حياتيون ڪو لُطفڙو ٿئي!’ موهه ۽ محبت جي لطف ۽ لئه جي ڪري هي دنيا سُهڻي ۽ پرڪشش ٿي پئي هئي: جيئن سندس طبيعت ۾ جذبات ۽ شوق سان گڏ فڪري گهرائي وڌندي وئي، تيئن سندس محبت ۾ به وُسعت ايندي وئي ۽ سندس دل جي دائري ۾ ڪانهه توڙي ڪتيون، ستارا ۽ ٻارا، چيٽ ۽ چانڊوڪيون هڪ ٿي ويا! ”سرتيءَ، سونهن سان گڏ، ڌرتيءَ، سونهن، پنهنجي لُونءِ لُونءِ جي لوڇ سان لوءِ، لوءِ جي لوڇ شامل ٿي وئي ۽ مجاز حقيقت جي صورت ورتي!“ (ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۹ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل) استاد بخاري زندگي سج ٿي اڀري وڃي نياز مسرور بدوي سنڌ جي مهان ڌرتيءَ تي ڪيترن ئي دولهه دريا خانن جنم ورتو آهي، جن پنهنجي ڌرتي ـ سرتي جي سينڌ سنوارڻ لاءِ ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ سان ڪارن ڪڪرن هيٺ جھيڙيندي، گولن کي گجرن تي ترجيح ڏيندي، گجرا قربان ڪري گولن سان ياري رکي، پير نه پوئتي هٽايا هوندا ۽ وطن ۾ ويساهه رکندي، زندگيءَ جي آخري پهر تائين مارئي کي ماندي نه ٿيڻ جي پڪ ڏياري هوندي ۽ هر لمحي کيس آٿت ڏيندي بار بار اهو چيو هوندو ته جي گھڙيا سي چڙهيا. دل ۾ ولولو ۽ ووڪ رکندي پنهنجي جيون بابت چيو هوندو ته “هڙئي هيج وطن جا”. اهڙن محبتي ۽ گڻوان انسانن منجھان استاد بخاري به هڪ هو، جنهن جي جيون سرشٽي ۾ پيار، محبت، خلوص، انسانيت، سچائي، سورهيائي، سنڌ پرستي، عزم، خودداري، درشٽي بڻجي، سنڌ ڌرتي جو آواز بڻجي جھنگ جھر ۾ گونجڻ لڳو. استاد بخاريءَ جي شاعري پنهنجي اندر ۾ هزارين درد سانڊي رکيا آهن ۽ انهن جو درمان بڻجي، سندن مسيحا بڻجي، کين خوابن جي دنيا مان جاڳائڻ لاءِ احمد شاهه مان استاد بخاري بڻجي ويو. استاد بخاريءَ جي شاعريءَ ۾ گوناگون رنگينيون آهن. سندس شاعريءَ ۾ زندگيءَ جا تجربا، مشاهدا، جذبا، حقيقتون، محبتون، نفرتون، سچايون، ايمانداريون واضح طور تي نظر اچن ٿيون. استاد جي ادب سان، ڌرتيءَ سان جيڪا وابستگي ۽ عشق آهي، اهو تمام گھٽ شاعرن کي پلئه پوندو آهي ۽ ان عشق محبت ۽ ڌرتيءَ سان محبت ڪرڻ جي موٽ ۾ سنڌي سٻاجھڙن ماروئڙن جيڪو پيار استاد بخاريءَ کي ڏنو آهي، اهو پيار تمام گھٽ ماڻهن کي نصيب ٿيندو آهي. استاد بخاريءَ جو زندگيءَ بابت تصور واضح هو ۽ پنهنجي زندگيءَ بابت چٽو موقف رکندو هو. استاد بخاري قول سان گڏ فعل جو به حامي هو. استاد زندگيءَ بابت سدا بهار نظريو رکندو هو. سندس اهو ايمان هو ته زندگيءَ ۾ اهڙا ڪم ڪري وڃجن جو زندگي سدا جوان رهي ۽ ماروئڙن جي مٿان ڇپر ڇانورو ڪري سندن زندگيءَ ۾ سوين سج اڀاري وڃي. استاد بخاريءَ جي نظر ۾ زندگي ٿڌڙي هير نه آهي. جيڪا گھلي هلي وڃي. بقول سندس زندگي جدوجھد ڪشمڪش جو نالو آهي. زندگي خوابن جي دنيا ۾ رهڻ جو نالو نه آهي، بلڪ زندگي حقيقتن جي جھان کي فتح ڪرڻ جو نالو آهي. غمن ۽ ڏکن کي تسخير ڪرڻ جو نالو آهي. زندگي ڪا هير نه آهي جو گھلي گذري وڃي. زندگي پاڻي پکي نه آهي، جو اچي اڏري وڃي. زندگي ڪو فصل نه آهي، جو پچي لٽجي وڃي. زندگي جڳ جڳ جوان، جي سج ٿي اڀري وڃي. استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جو محور ۽ مرڪز فقط ۽ فقط عشق ۽ پيار آهي. اهو پيار جو حسن کي پوڄي ٿو، ڌرتيءَ تي سر نوائي، پنهنجي پيشانيءَ کي ڌرتيءَ جي مٽيءَ تي رکي، ان کي سجدا ڪري ٿو ۽ بوسا ڏئي ٿو. ماروئڙن جي سڏڪن تي سندس فن به رانڀان ڪرڻ لڳي ٿو ۽ سندس قلم سڏڪن جو ساٿاري بڻجي انقلابي گيتن جو ساڪشي بڻجي اهڙا ته نظم ۽ گيت لکرائي وڃي ٿو، جيڪي استاد بخاريءَ جي اندر جو آواز هجڻ سان گڏوگڏ غريب لوڪ جو آواز بڻجي، آمرن جي ظالم ايوانن کي ڍير ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مگن رهن ٿا. ديس جي دز سڏ ڪندو، سنگھندو وتين، دودي، هوشو جي مٽي ميڙيان ٿو پيو، سنڌ جي تاريخ ۾ ترندي سڄي، رهزني ۽رهبري ميڙيان ٿو پيو. سامراجي دٻدٻو دفنائبو، انقلابي آدمي ميڙيان ٿو پيو. لفظ لاٽون لاٽون شعلا شعلا شعر، شاعريءَ ۾ روشني ميڙيان پيو. استاد بخاريءَ جي شاعري غريبن جي خلاف يزدان خلاف فرياد آهي. استاد بخاريءَ پنهنجي سونهن ورني شاعريءَ ۾ هر ان دانهن کي ورنايو ۽ ورجايو آهي، جنهن غريبن لاءِ آزار پيدا ڪيو آهي ۽ انهن جي زندگيءَ کي اجيرن بڻايو آهي. استاد بخاري انهن مظلومن جو آواز بڻجي ظالم خلاف ڪوڪاريو آهي ۽ انهن جي خلاف اعلان جنگ ڪيو آهي ۽ پنهنجي عمل سان اهو باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته مقدر جي تقدس کي تدبير سان بدلائي سگھجي ٿو. يزدان ٻڌيون ڪو نه ته بس مان ئي ٻڌان ٿو، مظلومن جي ڪوڪن کي ننڌڻڪو نه ڇڏيان ٿو، جي ڪوڙ سڙي ٿو ته سڙڻ ڏينس سڳورا، سچ، مچ لڳي ٿو تهلڳڻ ڏينس چوان ٿو، ڇا عرش ڪڏهن فرش جي لاشي تي لڇيو آ، هن هن جو چوان ڪو نه ٿو “اصغر” جو چوان ٿو، زنجير ستمگر حق، مقدر جو تقدس، ڪا وڏي ڳالهه ناهي، ڇڪي نوڙ ڇنان ٿو، “استاد” کي هن دور جو فرياد ئي سمجھه، ايوان ۽ انڌير مگر ڪيس وڙهان ٿو. استاد جي شاعري حسن جي تعريف ڪندي ڪڏهن به نه ڍاپي آهي ۽ نه ئي حسن جي ساراهه ڪندي استاد بخاريءَ جو قلم لرزيو آهي ۽ نه وري لفظن کي ٿيڙ آيا آهن. پر استاد بخاريءَ وٽ لفظ قرب ڪڏندي ۽ نچندي نظر اچن ٿا. لفظن ۾ خوشبوئن جا هڳاءَ شامل آهن، جيڪي روح طراوت بخشي ڇڏين ٿا. هڪ حسن جلوو، پنهنجا جلوا پسائيندي، اکين آڏو رقصان نظر اچي ٿو. ان حسين محبوب جي حسن جي واکاڻ ۾ به پنهنجي پڊن، ماڳ مڪانن کي استاد بخاريءَ نه وساريو آهي. محبوب جي حسن جي ساراهه ۾ اهڙيون ته خوبصورت ۽ من موهيندڙ عام تشبيهون ڪم آنديون اٿائين، جيڪي استاد بخاريءَ کان اڳ، اهڙيون ڪنهن به استعمال نه ڪيون آهن ۽ اهي تشبيهون سندس تخيل جي طاقت سان عام بدران خاص بڻجي ويون نآهن. بدن تنهنجون ڀوريون ڀٽون ٻيٽ جون، مٿان ويس چوڏهينءَ جون چانڊوڪيون، وڏا وار ساگر جون لهرون ڊگھيون، سنهي چيلهه ٻيڙيءَ جي سڙهه جون رسيون، ڇهيو نرم ڪرڻن چريون آڱريون، سڄي جان ڇوليون مٿي کان تريون، وڳا انگ تي چنگ لهرا ته هئا، ڇهاون جا نغما سنهرا ته هئا. استاد بخاري سنڌ جو هڪ عظيم شاعر آهي. سندس شاعريءَ ۾ انيڪ خوبيون آهن. سندس شاعريءَ ۾ فڪر ۽ خيال جي اڏام تمام اونچي آهي ۽ گھرائي بي انت آهي. استاد بخاريءَ جي شاعريءَ کي جيترو غور ۽ فڪر سان پڙهيو، سمجھيو ۽ پرکبو، اوترا ئي معني جا موتي پلئه پوندا. سندس شاعريءَ ۾ تشبيهون، تمثيلون، تلميحون سمايل آهن، جيڪي استاد جي شاعريءَ جي روشنيءَ کي جھڪو ٿيڻ نه ڏينديون. ان کان علاوه استاد جي شاعريءَ جي وڏي خوبي اها آهي جو سندس شاعريءَ ۾ ڪم آندل لفظ تمام سادا ۽ عام فهم آهن ۽ پنهنجي اندر گھرو مفهوم سنڀاليون ويٺا آهن. استاد جي شاعريءَ ۾ قهر جي رواني آهي، جيڪا انسانيت جي معراج آهي. شيطان ڇا يزدان کي شڪايت آهي، ڪنهن جي به اڳيان ڪو نه جھڪي پيو آهي. (هي مضمون اڱارو ۰۹ آڪٽوبر ۲۰۰۷ع روزاني سوڀ ڪراچي ۽ ۱۰ آڪٽوبر ۲۰۰۷ع تي روزانه هلال پاڪستان ڪراچي ۾ شايع ٿيو) استاد بخاري جي شاعري ۾ انسانيت جو فڪر! فاروق احمد سرگاڻي استاد بخاري جي نالي چوندا آھن ته ھو عوامي شاعر آھي، جنهن عام ڳوٺاڻي ٻولي ۾ شاعري ڪئي آھي. مان استاد کي عوامي نه بلڪه طبقاتي، رومانوي، انقلابي، مزاحمتي، وطن دوست، سچ جي پرچار ڪندڙ شاعر چوندو آھيان، ڇو ته استاد اسان جي وچ ۾ صدين تائين زنده رھندو. اھا ڳالهه شيخ اياز به لکي آھي، ھو پنهنجي ڪتاب“ ڇوليون ٻوليون سمنڊ جون” جي مھاڳ ۾ لکي ٿو. “عوامي شاعر وقتي ھوندا آھن، شاھه لطيف عوامي شاعر نه ھو، جي عوامي شاھر ھجي ھا ته ھن جون ايتريون تشريحون لکيون نه وڃن ھا”. جيڪڏهن استاد جي شاعري ۾ سونهن ڏسجي وري فني حساب سان جيڪي لفظن جو ويس پارايون اٿس ان جو مثال ھن جي شاعري آھي. وري ٻولي ته ايڏي سولي سھنجھي اٿس. جنهن جي ڪري سنڌ جي ھر عام ھاري ۽ ناري کي ان جا شعر ياد ھوندا آھن. استاد پنهنجي شاعري جي ذريعي ڏاڍ ۽ ڏھڪاءَ جي نظام جي نندا ڪري ٿو ۽ پنهنجن ماڻهن کي اھو ٻڌائي ٿو ته اسان جي بقا انهيَ ۾ آھي، اسان اھڙي ڪني سماج مان جان آجي ڪرايون. ڪيترن ڪمزور ھٿڙن جي شڪست ڏاڍ کي چٿڙيون ڪري ڦاڙي ڇڏيان! ڪيترن شھزور چنبن جي گرفت ظلم کي ذرڙيون ڪري ساڙي ڇڏيان! سنڌ جي شاعرن وٽ عالمي ليول جو فڪر ھوندو آھي، اھو کڻي لطيف، اياز ڇو نه استاد بخاري ھجي، انهن وٽ سموري انسان ذات لاءِ محبت آھي. اھي پنهنجي شاعري ۾ سموري انسان ذات کي اھو پيغام ڏيڻ چاھيندا آھن ته امن پيار محبت ۾ ئي انسانيت ۽ انسان جي ڀلائي شان مان آھي. پر دنيا جي تاريخ شايد آھي ته اھو انسان ئي آھي جنهن ھماليه جبل جي چوٽي سر ڪئي آھي اھو بھادر، ھمت ڀريو آھي. اھو به انسان ئي آهي جيڪو ماضي جي ڀيانڪ دور کي ختم ڪري اڄ جي دور ۾ پھتو آھي، انسان بھادر به آھي، دلير به آھي، ڊڄڻو به آھي، فسادي به آھي، ويڙھو به آھي. دنيا جي تاريخ ۾ يونان کان ويندي فرانس تائين جنگيون لڳيون آھن. اھو به انسان آھي جنهن ٻئي انسان جو رت وھائي خوشي ماڻي آھي، اھو کڻي قديم روم جو زينو بادشاھه ڇو نه ھجي جنهن ٻين جي گهر کي ساڙي خوشي ڪئي ھجي ٽھڪ ڏنا ھجن. انسا جو دشمن به انسان ٿيو آھي. ڪنهن آھه ھماليه جي ڪئي سر چوٽي ڪير آھه خلا مان ٿو اچي پيو موٽي: ھي حضرت انسان آ، ھن ئي آھي دنيا جي تباھي لئي وڏي کڏ کوٽي: بخاري جي سوچ ترقي پسندي واري ھئي، ھو ڪوڙن مذھبي ريتن رسمن کي مڃي ڪو نه پيو. ھو چاھي پيو ته ھر شيءَ ۾ ريفارم اچڻ گهرجي ۽ عقل جي بنياد تي شين کي جاچڻ کپي.نج تحقيق ڪري پوءِ ئي نتيجي تي پھچجي. استاد لکي ٿو ; انسان جي عظمت کي مڃون ٿا سو مڃون ٿا. ڌرتي کان ھلي چنڊ وڃون ٿا سو وڃون ٿا. تحقيق جي مضبوط ھٿوڙي سان ٽڪوري وھمن جا ٺلھا ٺاٺ ڀڃون ٿا سو ڀڃون ٿا. دنيا جي وجود کان وٺي جھيڙا، ڦڏا انسان جي فطرت ۾ رھيا آھن ۽ رھندا اچن پيا ۽ ھزارن سالن کان وٺي انسان رت جي راند ڪندا آيا آھن. ڪجهه ماڻهو ھن ڌرتي جي گولي تي اھڙا به پيدا ٿيا آھن جن امن کي برقرار رکڻ لاءِ سر جي قرباني ڏني آھي پر بخاري پنهنجي شاعري جي ذريعي اھو سيکاري ٿو ته ڦڏن، فسادن کي ختم ڪرڻو آھي، امن جو پرچم بلند ڪرڻو آھي. استاد لکي ٿو: استاد ڇڏي ڏينس، پراڻو ساڳيو منصور ۽ ملا جو ھي قصو آھي انسان جو انسان سان آھي جهيڙو مان ڪيئن ڇڏيان منهنجو به حصو آھي. جتي استاد انسان کي پيار، محبت جو درس ڏئي ٿو اتي ئي اھو جوش جذبو ولولو ڏئي ٿو ته جيڪڏهن ماڻهو ڪجهه ڪرڻ چاھي ته اھو سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو، جيڪڏهن انسان پنهنجي عظمت کي مڃي وٺي ته ھن لاءِ جھان ۾ ڪجهه ڏکيو ناھي. بخاري لکي ٿو; آ عرش، نشين عرض اگھائي ڪوئي! آ اھل، زمين ظلم مٽائي ڪوئي! ٻي رب جي مخلوق کي طاقت ناھي انسان کي انسان مڃائي ڪوئي. بخاري وڙھڻ به سيکاري ٿو جيڪو توھان جو حق ھجي اھو وڙھي وٺو ڀلي دشمن ڪيڏو به طاقتور ڇونه ھجي، اسان کي ھر حالت ۾ ان سان مھاڏو اٽڪائڻو آھي، نه ظلم پاڻ تي برداشت ڪرڻو آھي ھر حالت ۾ ان جي نندا ڪرڻي آھي، ھن وقت معاشري ۽ سماج جي ضرورت آھي. بخاري لکي ٿو: جو ظلم ڪندڙ آھه اھو آ شيطان جو ظلم سھي ڪين ڪڇي سو حيوان جو امن ڏئي امن گهري امن وٺي ھن دور جو انسان اھو آ انسان استاد بخاري جھڙا شاعر صدين کان پوءِ ھن ڌرتي تي جنم وٺندا آھن. (ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۰ جنوري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل) استاد بخاري دادا سنڌي ”استاد بخاري سخت بيمار آهي. دادو جي ڊي سي آفتاب ميمڻ کيس ڏهه هزار روپيا علاج لاءِ ڏيڻا ڪيا ته پاڻ کيس چيائون ته هنن پئسن مان منهنجو ڪتاب ڇپرايو. استاد بخاري سنڌ جو عوامي، انقلابي ۽ ترقي پسند شاعر آهي. وڏي ڳالهه ته منجهس سياسي شعور ۽ قومي درد آهي. استاد سان منهنجي پهرين ملاقات ۱۹۸۷ع ڌاري ٿي هئي. تقريب دوران مون کي جڏهن آل سنڌ ٻالڪ ايوارڊ مليوته تڏهن پهرين مبارڪ استاد ئي مون کي ڏني هئي. ان کان پوءِ سچل جي ورسي جي موقعي تي ٻه دفعا گڏ هئاسين ۽ گهڻي وقت تائين ڪچهري ڪئي هئيسين. ڏاڍو پيارو ماڻهو آهي. ۱۸ گريڊ ۾ پروفيسر آهي. پر هڪ دفعي ڊي سي ڪوٽڏجي اڳين پيل ڪرسين جي قطار مان کيس اٿاريندي چيو ته؛ ”بابا هت آفيسر وهندا“، ته استاد معصوميت مان چُپ ٿي ويو ۽ آئون پٺيان ئي ويٺو هئس ۽ مون پٺيان چيو ته سائين هي محترم به آفيسر آهي ۱۸ گريڊ جو ”استاد بخاري“. ڊي سي وائڙو ٿي ويو ۽ ڪاوڙ مان چيائين؛ ”ڪهڙو استاد بخاري“. هي آهي سنڌ جي بيروڪريٽ جو حال. هي سچل جو ڪتابچو پگهر سُڪائڻ لاءِ هوا طور استعمال ڪندا رهيا. (۱۹۸۹ع ) (سڄڻن ۽ ساڻيھ جون ساروڻيون تان کنيل) استاد بخاري سندس جنم ڏهاڙو مظهر خاصخيلي اڄ ۱۶ جنوري جو ڏينهن آهي اڄوڪي ڏينهن تي۱۹۳۰ ۾ دادو ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ غلام چانڊيو ۾ سيد حاجن شاهه جي گهر ۾ جنم وٺندڙ سيد پنهل شاهه ۽ اسڪولي رڪارڊ موجب احمد شاهه جنهن کي سڄي سنڌ استاد بخاريءَ جي نالي سان سڃاڻي ٿي. سڄي سنڌ ۾ سندس چاهيندڙ ۽ سندس خاندان هر سيال جيان هن دفعي به استاد بخاري جي ورسي ملهائي رهيا آهن. استاد بخاري سنڌ جو اهو شاعر هو جنهن پنهنجي قلم جي پورهئي وسيلي سنڌ ڌرتي جي رهواسين کي ۳۰ کان مٿي ڪتاب ڏنا جن ۾ هي گيت گلابي ٻارن جا، اوتون جوتون، ڪوڪڻ يا ڪلياڻ، سوچون ڀڻڪا واڪا، لهر لهر دريا، نه ڪم نبريو نه ڪم نبريو، ڌرتي سرتي، زندگي زندگي، ڪاري ڪڪر هيٺ، گلدستي ۾ گيت، ڳائي پيو جاڳائي پيو، لهري لهري ۾ لالاڻ، وطن ۽ ويساهه، پيرن هٽن نه پوئتي، هڙئي هيج وطن جا، گهڙيا سي چڙهيا، ڌوڙ دل تي درد جي، ماندئي ٿي نه مارئي سميت ٻيا ڪيترائي ڪتاب ڏئي ويو آهي. ۹ آڪٽوبر جو ڏينهن اهڙو ڏينهن آهي جنهن ڏينهن اڄ کان ۲۴ سال اڳ ۱۹۹۲ تي ڪينسر جي موذي مرض سبب هي مٺڙو ماڻهو اسان کان جسماني طور جدا ٿي ويو پر سندس روح اڄ به سنڌ ڌرتي سان سلهاڙيل آهي ۽ هن جي شاعري سنڌ جي جهرجهنگ ۾ نه رڳي ڳائي وڃي ٿي پر احترام سان ٻڌي به وڃي ٿي ۽ هر ماڻهو استاد بخاريءَ جي شاعري کي آساني سان سمجهي وڃي ٿو۽ پنهنجي منهن جهونگارڻ به لڳي ٿو اهو ئي سبب آهي ته استاد بخاري جي شاعري هر ماڻهوءَ جي اندر جو آواز هوندي آهي.هن جو هر بيت، چئوسٽو، غزل، گيت، وائي ائين محسوس ٿيندي آهي ته هن کان وڌيڪ ٻي ڪا بخاريءَ جي شاعري ٿيل ناهي. ان جو ڪارڻ اهو ئي آهي ته استاد بخاري پنهنجي زندگي مشاهدن ۾ گذاري ڇڏي. هن کي پيار، محبت، عشق، درد پيڙا پنهنجي پرائي واري پرک ڪرڻ واري دل هوندي هئي. هو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان پنهنجي جان ۽ جيءَ کان وڌيڪ پيار ڪندو هو. جڏهن دادوءَ جي اڳوڻي ڊي سي مير محمد پرهياڙ دادو ضلعي جي سمورن ملازمن کي هڪ ليٽر ڪڍيو هو ته هر محڪمي جا ملازم پنهنجي هڪ ڏينهن جي پگهار ڪٽرائن ۽ اهي پئسا استاد بخاريءَ کي علاج طور ڏجن، پر اها ڳالهه ڪنهن کان وسرندي جڏهن استاد بخاريءَ اهي لفظ ورجايا هئا ته مان جيڪي به ڏينهن باقي جيئرو هوندس اهي ائين ئي جيئندس، اوهان جي مهرباني پر منهنجي پاران اوهان جي هڪ ڏينهن واري پگهار کڻڻ نامناسب آهي اوهان وڃي هن مان پنهنجي ٻارڙن کي ڪپڙا وٺي پارايو مان تڏهن خوش ٿيندس، اهو سچ هو ته استاد بخاريءَ کي ان ڳالهه جي خبر هئي ته غربت ڇا ٿيندي آ ۽ غريب جون خوشيون ڪهڙيون هونديون آهن، هن کي پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتي ڌڻين سان جيڪو پيار هو ان جو مثال نه ٿو ملي ڇو ته بخاريءَ جون پنهنجون سٽون آهن ته.. ڏينهن جو ڪم آ، رات جو غم آ سنڌو تنهنجو، منهنجو هڪڙو هڪڙو دم آ، سنڌو تنهنجو. گيت لکان پيو، جنگ لڙان پيو، ڏيهه ڏسي پيو، ڪن تي قلم آ، هٿ ۾ علم آ، سنڌو تنهنجو. هن پنهنجي سڄي زندگيءَ ۾ ٻين جيان اکيون نه ٻوٽيون ۽ هاڻي به جڏهن هو لوڪ ليکي هميشهه لاءِ اکيون ٻوٽي هي جهان ڇڏي هليو ويو آهي تڏهن به هن جون کليل اکيون اسان ماڻهن جو پيڇو ڪري رهيون آهن ۽ اسان کي احساس پيون ڏيارين ته اسان پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي مدهوش ٿي پنهنجون اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن پر بخاري جهان ڇڏڻ کان پوءِ به اکيون نه ٻوٽيون آهن، ڇو ته بخاريءَ کي اهو احساس آهي ته هو به ٻين سمورن وانگر مدهوش ٿي اکيون ٻوٽي سمهي پيو ته پوءِ رات جي تارن کي ڪير تڙپائيندو. بخاري رات جي تارن کي به تڙپائي سگهڻ جي سگهه رکي ٿو ته هو ماڻهن جي نرم ۽ نازڪ دلين کي ڇو نه تڙپائي سگهندو هوندو ۽ هن جي شاعري ۾ جيڪي پرهه جا پيغام آهن اهي اسان سمورن ماڻهن لاءِ آهن جن مان اميد هوندي آهي ۽ اميد جي ئي آسري ماڻهو جيئندو آهي بخاري به اهڙو سونهن پرست شاعر هيو جنهن کي جتي به سهڻي شيءِ نظر ايندي هئي ان جي تعريف ڪرڻ بنا رهي نه سگهندو هو. استاد بخاري ڪيترو عظيم ۽ محبوب شاعر هو ان جي پرک ان جي مارڪيٽ ۾ موڪليل ڪتابن مان ئي ڪري سگهجي ٿي ڇو ته موجوده هلندڙ وقت ۾ جيڪو شاعريءَ جو ڪتاب ڇپجي اچي ٿو جيڪڏهن هو معياري ناهي ته گهڻي ڀاڱي اهي شاعر دوست اعزازي طور ڪاپيون ورهائي ڇڏيندا آهن پر اهو به سچ آهي ته جن شاعرن جي شاعري معياري ۽ ديس ڌڻين تي هوندي آهي انهن جي شاعري جا ڪتاب مارڪيٽ مان وڪرو ٿيو وڃن باقي سنڌ ۽ ان جا رهواسي اڄ به پنهنجي ڀلوڙ شاعر استاد بخاريءَ کي جيءَ ۾ جايون ڏيو اچن ٿا ۽ اڄ به ان جي انهن سٽن کي ورجائڻو پوي ٿو ته: سانگين سان گڏ سالگرهه مان وڇڙي ويس ته ورسي آهيان. استاد بخاري عظيم شاعر عظيم ماڻهو سحر وشال هو استاد هيو، هو صرف ٻن ٽن هزار شاگردن جو نه پر، سموري سنڌ جو استاد هيو. هُو ڊبل استاد هيو، هڪ ته هو پروفيشنل استاد هيو، ٻيو ته ڄڻ هن جو نالو ئي استا د هو. هُن جي ڏات ڏونگرن کي ڏڪائي ڇڏيندي هئي ۽ اٻوجھن لاءِ ڏڍ هئي. هاڻي توهان بلڪل سمجهي ويا هوندو ته سن ۱۹۳۰ع جي جنوري مهيني ۾ ۱۶ تاريخ دادو ضلعي جي ڳوٽ غلام چانڊيو ۾ سيد حاجن شاه جي گهر ۾ جنم وٺندڙ سيد احمد شاه استاد بخاريءَ جي ڳالھ پئي هلي. جيئن ته استاد پنهنجو ٻالڪپڻ درياءَ ويجهو، ڪانهن جي اڇن گلن ۽ سرنهن، ٻاجھر، جوئر، ڪڻڪ توڙي مٽرن جي کيتن ۾ ڊڪندي ڊوڙندي گذاريا، ان ڪري سندس طبيعت ۾ رنگيني ۽ ميٺاج جو سمائجي وڃڻ فطري عمل هو. هو ننڍپڻ کان ڏاڍو ذهين هيو، تعليمي لحاظ کان پهرين درجي کان سنڌي فائينل تائين پهرين پوزيشن کڻندو رهيو. استاد، عالم، فاضل ۽ اديب واريون ڊگريون حاصل ڪرڻ کان پوءِ ۱۹۴۶ع ۾ پهرين نوڪري روينيو کاتي ۾ تپيدار طور ڪئي. پر هر ڪو ڄاڻي ٿو ته هن نوڪري ۾ رهي، ڪير ڪيترو به چاهي، ڪنهن درد مند جي دوا نٿو ڪري سگهي. ان ڪري استاد جي طبيعت کي به هي نوڪري بلڪل ڪونه وڻي ۽ جلد ئي هو اداري کان ناتا ٽوڙي تعيلم کاتي سان رشتو جوڙي ويٺو. استاد پرائمري استاد بڻجي مستقبل جي معمارن کي سکيا ڏيڻ شروع ڪئي. هونئن ته استاد شاعري ۱۹۴۶ع ۾ شاگردي واري زماني کان شروع ڪئي هئي، پر ۱۹۵۱ع ۾ جڏهن کيس ايليسمينٽري ڪاليج ميٺاڻي ۾ ٽريننگ وٺڻ لاءِ موڪليو ويو، جتي کيس نامور شاعر عبدالله اثر جي صحبت نصيب ٿي ته استاد جي اندر جي ڏات تڙپي اٿي. سندس من ۾ متل مانڌاڻ نيٺ اٻري ٻاهر نڪري پئي، مشاعرن جون محفلون مچي ويون. پهريون استاد پنهنجو تخلص ” آسي“ ۽ ”دردي“ استعمال ڪيو، پر پوءِ جلد ئي پاڻ کي استاد سڏائڻ تي رضامند ٿيو. استاد جي شاعريءَ جي ڪچي ڪلي کڙي گل ٿي پئي، جنهنجي خوشبو سموري سنڌ ۾ واسجي وئي. استاد ڌرتي، دل وارن ۽ سونهن جو شاعر بڻجي ويو. سندس گيت نگر نگر گونجڻ لڳا. سچ ته استاد جي شاعري ۾ سلاست، بلاغت، جماليت ۽ هر اُها خوبي موجود آهي، جيڪا علم ادب جي دنيا ۾ هڪ شاعر کي اعلى درجي ۽ مقام تي آني بيهارڻ لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي. استاد جي شاريءَ مان جماليت ائين اڀري نڪري ٿي جو محسوس ٿئي ٿو ڄڻ هاڻي هاڻي سونهن مشڪ عنبر سان وهنجي سهنجي ريشم جو ڀرت ڀريل رنگين پڙو اوڙهي آئي آهي. استاد نه صرف سونهن پرست هو، پر ڌرتيءَ کي پنهنجي سرتي بڻائي ويٺو هو. ياد ٿو اچي ته استاد پنهنجي ڪتاب ”ڌرتي سرتي“ جي ارپنا ڪجھ هن طرح ڪئي آهي: ” پنهنــجي دل جي نالي، منهنـجي دل دادو آهي دادو ســنڌ جي دل آهي ۽ سنڌ وري ڪائنات جي دل آهي.“ هن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته استاد رڳو سنڌ لاءِ نه پر سموريءَ ڌرتيءَ جي گولي تي آباد ٽئين درجي جي ماڻهن لاءِ تڙپيو آهي هو سموري ڪائنات جو شاعر آهي، پر هن ڪڏهن به اها دعوى نه ڪئي هئي (هاڻي به ڪجھ حال حيات شاعرن جيان) ته هُو شيخ اياز کان وڏو شاعر ۽ لطيف ثاني آهي. استاد ته ڪڏهن به پاڻ کي وڏو شاعر به محسوس نه ڪيو، هو هر نئين لکندڙ سان بنا ڪنهن هت ڀيد ۽ فرق ڏيکارڻ جي ائين ئي سڪ ۽ اڪير مان ملندو هو، ڄڻ پاڻ به انهي ٽهيءَ جو آهي. جڏهن ته اسان جا گهڻا سينئر جونيئرن کي منهن پري ڪري آڳرن جو هٿ ڏيندا آهن. ان ڀيٽ ۾ استاد ته هر هڪ کي ڀاڪر ۾ ڀري وٺندو هو. هو هڪ عظيم شاعر هو. ادبي ڪسوٽيءَ موجب عوامي شاعر ئي سڀني کان وڏو شاعر هوندو آهي، ڇو ته عوام جنهن کي گهڻو مان مرتبو ڏئي اهو ئي وڏو آهي. وقت ثابت ڪيو آهي ته استاد جي شاعري هر هنڌ، پڙهيل ۽ اڻ پڙهيل ۾ ايتري ئي مقبول آهي، جيتري شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري عوام ۾ مقبول آهي.استاد پروفيشنل حساب سان سورنهن سال گلن جھڙن ٻارڙن جي تربيت ڪرڻ کان پوءِ پهريون سيڪنڊري ۽ ۱۹۶۳ع ۾ ليڪچرار ٿيو. هن دوران هن ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو ۽ ڊگري ڪاليج دادو ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. ليڪچرار کان پوءِ اسسٽنٽ پروفيسر به بڻيو، جنهن تان ۶۰ سالن جي ڄمار ۾ رٽائر ڪيائون. سندن علمي خدمتن عيوض سنڌ سرڪار ڊگري ڪاليج دادو جو نالو استاد بخاري ڊگري ڪاليج رکيو آهي. استاد بخاري نه صرف لائق استاد ۽ سٺو شاعر هيو، پر هُو هڪ سٺو موسيقار پڻ هو. هن پنهنجن ڪيترن ئي گيتن جون ڌنون ترتيب ڏنيون. استاد سموري حياتي شاعري جي جھول ۾ تازا توانا گيت ڀيٽا ڏنا. شاعري سندن رت ۾ رڌم بڻجي ڊوڙندي رهي. استاد بخاري بلڊ ڪينسر جھڙي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي چڪو هيو، سالن کان چنبڙيل ڪينسر جا جراثيم سندس حياتي پيئندا رهيا. پر پاڻ ڪڏهن به هنيانءَ نه هاريائون. مرڪ سندن چپن تان ڪڏهن مٽجي نه سگهي. موت سان وڙهندي استاد لنڊن مان بلڊ ٽرانسفيوشن به ڪرائي، پر موت جو راڪاس سندن حياتي مٿان ٽڪ ٻڌي بيٺو رهيو ۽ نيٺ ۹ آڪٽوبر ۱۹۹۶ع ۾ اوچتو ڀڙڪو کائي استاد جي حياتيءَ کي جھپي اڏامي ويو. اها شام سمنڊ ماٺيڻو ٿي ويو، وڻ ٽڻ اداس نظر اچڻ لڳا، پکين جي نڙين ۾ سندن لاتيون اٽڪي بيهي رهيون، سنڌ سموري سوڳوار بڻجي وئي ۽ هينئر جڏهن ۱۳ سال گذري چڪا آهن تڏهن به استاد جي شاعريءَ ساڳي پاٻوهه ۽ شوق سان پڙهي ويندي آهي. سچ ته ڏات امر آهي. بات بُخاري سُونهن جي... تاج جويو گُذريل وقت جي باري ۾، انگلينڊ جي عظيم شاعر ۽ ڊراما نگار، شيڪسپيئر، ڪنهن ڊرامي ۾ لکيو آهي: “O, call back yesterday, bit time to return!” ”ڪالهه“ جڏهن اُستاد بخاري اسان جي وچ ۾ هو، ۽ ’اڄ‘ جڏهن اُستاد بخاري اَسان جي وچ ۾ نه آهي؛ اُن، وقت جي وقفي ۽ وٿيءَ کي 19 سال گذري چڪا آهن، يقين نه ٿو اچي! ڪالهه کي موٽائڻ جي خواهش ته ڪري سگهجي ٿي، پر ’ڪالهه‘، ’اڄ‘ نه ٿِي ٿِي سگهي ۽ نه ئي موٽي سگهي ٿي؛ ڇو ته اَياز جي لفظن ۾: ”موت نه ڪئلينڊر ڏسي ايندو آهي ۽ نه وِزٽنگ ڪارڊ موڪلي ايندو آهي.“ اُستاد جي انساني قَد ۽ اُستاد جي شاعراڻي قَد جو رُڳو تصور ئي ڪجي ٿو ته محسوس ٿئي ٿو، بلڪ اها حقيقت به آهي ته اُستاد پنهنجي زندگيءَ ۾ ته وڏو انسانُ ۽ وڏو شاعر هو، پر پنهنجي موت کان پوءِ ڏهه ڀيرا وڏو اِنسانُ ۽ وڏو شاعرُ ٿي اُڀريو آهي: همالي جي چوٽي ڏٺي ٿئي؟ مٿاهين ڪويتا جي عظمت- ۽ ڪيلاش وادي ٻُڌي ٿئي؟ مزيدار آ فن جي فطرت- ڪَلا خُود به هوندي آ قدرت! اُستاد فطرت، محبت، سُونهن ۽ سنڌ جو شاعر هو. سو سڄو وقت، سڄي ڄمارَ، سُونهن- نينهن، پرينءَ ۽ پيار سان نِڀائيندو رهيو: مُنهنجو نالو نينهُن، منهنجو پاڙو پيارَ سان، پِيو ٿو يارَ وَسائيان، ماڪَ چئو يا مينهن، راتِ هُجي يا ڏينهن، باتِ بُخاري سُونهن جي! هُن جو فن، هن جي شاعري، هُن جا غزل، هُن جا گيتَ، هن جا دوها، هن جا چؤسٽا/ قطعا، هن جا نظمَ، هن جون رُباعيون، هن جا آزاد نظمَ، هُن جون وايون، هُن جا بيتَ، ۽ هُن جا ڪتاب- هُن جي سڃاڻپ جا صحيفا آهن. هڪ اديب ۽ شاعر جي سڃاڻپ، سندس تخليقن ۽ ڪتابن کان وڌيڪ ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟ اها به حقيقت آهي ته هر ڪتاب سهڻو نه هوندو آهي ۽ هر تخليق ڪارائتي ۽ سُڪارتي نه هوندي آهي؛ پر اُستاد بخاري اُهو شاعر، اُهو تخليقڪار ۽ اُهو ماڻهو هو، جو جنهن جي ڪتاب جو هر عنوانُ ۽ هر بابُ، سورج جو سوجهرو ۽ ڏات- سانوڻ جو وسڪارو هو. هن رڳو ڏيڻ ۽ ورهائڻ سِکيو هو. هُو اُهو ڏاتيار هو، جيڪو ڏيئي نه پچاريندو هو. هُو چوندو هو: جنهن وٽ جهڙي ڏاتِ، عالَم کي آڇي اُها، تارن آندي راتِ، سورجُ سعيو سُونهن جو! ـــــ ڪا ڪا ڏاتِ ڪڪرُ، رِڻن ۾ رِم جهم ڪري، چارئي پار چڪرُ، پياسن جو پُڇندي وتي! ـــــ هن جي ڏاتِ ڪَڪرُ بنجي، هن ديس جون چارئي ڪنڊون، چارئي ڏِسائون ڏسندي، چڪر هڻندي، پياسن جو پُڇندي رهندي هئي، پر، هن جي ڏات کي اهڙي ديدَ هئي، ۽ اُن ۾ سوچ جو اُهو سدا اُجرو سچُ سمايل هو، جيڪو وقت جي دَز ۽ لُڙاٽ هٿان ميرو نه ٿيڻو هو، ۽ نه ئي وري ڪڏهن ميرو ٿيندو. تڏهن ئي ته اُستاد بخاري پاڻ وڏي اعتماد ۽ ويساههَ سان چئي ڏنو هو: آڇيم اهڙي ديدَ، اَدب سان اِتهاس کي، مُنهنجي سوچ سعيدَ، صديون ميري نه ٿئي! اُستاد بخاري، وقت جو شاعر هو، وقتُ هِن جي مُٺِ ۾ بند هو، وطن لاءِ وقتائتي شاعري، جهڙي اُستاد ڪئي، اهڙي ڪنهن شاعر مشڪل سان ڪئي هوندي. هو هر موقعي ۽ مهل تي، هڪ رهبر ۽ مفڪر شاعرُ بنجي، غافلن ۽ سُتلن کي سجاڳ ڪندو رهيو. هُن جا ’حاذق هٿ‘، هر ڏکويل جي ڏيلَ کي ڇُهي، ڏڍُ ڏيڻ سان گڏ، اڳتي وڌڻ جو ڏسُ ڏيندا هئا. سندس ئي هيٺيون بيت، سندس ’صورتگري‘ ڪري ٿو: حاذق تنهنجا هٿَ، ڇُهڻ ريءَ ڇُهيو وٺن، رَنڙَ اکِ جي آرزُو، نؤ- ورنيءَ جي نَٿ، ڪهڙِي تن جي ڪٿَ، موقعا جن جي مُٺِ ۾! اُستاد بخاري، جهڙو حسينُ شاعر هو، اهڙو ئي سندس ديسُ حسين هو. هن پنهنجي ديس سنڌ جي سونهن کي، جنهن حسين شاعراڻي اک سان ڏٺو هو، اهڙيون اکيون اڄ اڻلڀ آهن. اهڙي ديدَ اڄ ناپيد آهي. اُهي اکيون، جن جي.ايم.سيد، حسام الدين راشدي، اياز، شيام، نياز، تنوير ۽ استاد بنجي، سنڌ کي ڏٺو، الائي ڇو اڄ ڳوليون به نه ٿيون لڀن. اُهي اکيون جنهن نظاري کي ڏسنديون هيون، اُهو ڪنهن مصور جي تصوير بنجي پوندو هو. اُهي اکيون، ديس جي جاگرافيءَ ۽ سرحدن طرف ڏسنديون هيون ته اُهي ديس جي حفاظت لاءِ محفوظ رنيڪوٽ ۽ کيرٿر بنجي وينديون هيون؛ ڇو ته اُنهن اکين ۾ حُسن ۽ آرٽ هو. آرٽ جي تخليق ۽ تخليق جو حُسن، ڪازان زاڪس جي هن شعر جي زنده تصوير سڏي سگهجي ٿو: مون بادام جي وڻ کان پڇيو: ”خدا ڇا آهي؟“ بادام جو وڻ گلن منجهه جِهنجهجي ويو!“ اِئين اُستاد، جڏهن هٿ ۾ پنو کڻي، وطن جو قصيدو لکندو هو ته سندس هيٺيون شعر بنجي پوندو هو: هي هٿ ۾ پَنو، سنڌ جي سمجهو وادي، مضبوط قلعو ڄڻ ته رَنيڪوٽ آهي. هر لفظ بُخاريءَ جو وطن دوست مجاهد، بـيـبــــــاڪ آ، جانبـــــار آ، اڻموٽ آهي! اُستاد، جڏهن شاعري ڪندو هو ته هيءَ مٽي، هي نظارا، هي ڪچا، هي ڪوڇا ۽ ڪاڇا، هي وڻراهه ۽ درياهه، هي گل ڦل ۽ ٻوٽا، هي وَسيون ۽ واهڻ، سڀ ساڻس ڳالهيون ڪندا هئا، ۽ متحرڪ بنجي پوندا هئا، هو سنڌ جي هر نظاري ۽ هر واقعي کي شاعريءَ ۾ اهڙيءَ ريت زنده جاويد ڪري ڇڏيندو هو، جيئن ڪو صنم تراش، ڪنهن وينگس کي پٿر ۾ زنده جاويد بنائي ڇڏيندو آهي يا ڪو مصور، ڪنهن شيءِ، ڪنهن واقعي يا ڪنهن عڪس کي ڪينواس تي رنگن جي زبان ۾ جيئرو ڪري وجهندو آهي. اُستاد کي ساري سنڌ، هڪ تصوير وانگر نظر ايندي هئي، اُها خوبصورت تصوير نه رڳو هن جي شاعريءَ تي اڻمٽ اثر ڇڏيندي هئي، پر هُو خود حسين سنڌ جو ذڪر ڪندي، اُن جي حُسن ۾ پنهنجي تخليقي حسن جا رنگ ڀري، اُن کي وڌيڪ سُندر ڪري ڇڏيندو هو. ڪنهن وقت ايازَ اهڙي ئي ڪيفيت ۾ محو ٿي چيو هو: ڪُجهه شاههَ ڏني، ڪجهه شيخَ ڏِني، هــن سـنــــڌڙيءَ کـــــي صورت لوڪو! اَهڙيءَ طرح اُستاد بخاريءَ لاءِ به آءٌ، اوهان يا اسان مان ڪي به اها دعويٰ ڪرڻ ۾ حق بجانب آهيون ته اُستاد به سنڌ کي هڪ ’صورت‘ ڏيڻ جو آسروند ۽ خواهشمند هو. هن به چاهيو ٿي ته سندس وطن ’جنت‘ جو روپ وٺي. وطن سنڌ جو قصيدو هجي ۽ لفظَ مصور ۽ صورتگر شاعرَ اُستاد جا هجن ته يقيني طور اُهو وطن جو نغمو، آرٽ ۽ ادب جو شاهڪار بنجي پوي ٿو. سندس نظم ’وطن‘ جا هيٺيان ٻه بند ته پڙهي ڏسو: تُنهنجي ساراهه جو سِلسلو، سو به مون لئه وڏو مسئلو، تنهنجي تعريف، تڪميل ٿئي، ڪوبه مون کان نه ٿو ٿئي بِلو: لفظ ڳوليان، ٿا مشڪل لڀن، منهنجا محبوب، منهنجا وطن! ويسَ، ڪِرڻا اُڻائي وجهان، توکي جوتين سان جاني جهنجهيان، توکي اَرپيان رُڳو روشنيون، ايترا آڻيان سُورج ڪٿان؟ چنڊّ تارا ٿا ميرا لڳن، منهنجا محبوب، منهنجا وطن! اُستاد وڏو مصور، وڏو آرٽسٽ شاعر هو. هن جي شاعريءَ ۾ آرٽُ ڪمال درجي جو آهي، جيڪو هڪ طرف فن ۽ جماليات جون آخري حدون ڇُهي ٿو ته ٻئي طرف اُن جي سگهه، اُن جي اُڏار ۽ اُن جو اثر، وقت جي هٽلرن گوئرنگن کي ڏڪائي ۽ ڪنبائي ڇڏي ٿو. اُستاد جهڙن آرٽسٽن ۽ اُرڏن شاعرن جي ادب ۽ آرٽ لاءِ، هٽلر ۽ گوئرنگ، فتوائون ڏنيون هيون، هٽلر چيو هو ته: “Let us beat the refractory skulls with resounding blows” يعني: ”اچو ته اسان سرڪش دماغن کي اهڙو ڪُٽيون، جو اُن جا پڙاڏا ٻُڌڻ ۾ اچن.“ جڏهن ته گوئرنگ ڇِتو ٿي هيئن اظهاريو هو ته: “When I hear the name of Art, my hand goes to pistol.” يعني: ”جڏهن مان آرٽ جو نالو ٻُڌان ٿو ته منهنجو هٿ پستول ڏانهن وڃي ٿو.“ اُستاد جي زندگي، اُستاد جي شاعري، لوڪ لاءِ پيارُ ۽ ڏاڍَ خلاف ڌڪارَ ۽ مزاحمت جو کليو اظهار آهي، پر اُن ۾ آرٽ/ ڪلا ڪمال جي آهي! گُلاب لفظ ڪڍان، ٿيو پون رُڳا ٽانڊا، گلي کي آڳِ لڳِي آهه، مان چوان نه چوان! ـــــ ڪا گهڙي مُحب ساڻ محفل ۾، ڪا گهڙي لوڪ لاءِ مقتل ۾، پيارَ ۾ ٿي پَتي پَتي هوندي، ها، اُها منهنجي زندگي هوندي! اُستاد سڄي ڄمارَ، ماڻهن سان گڏ بيٺو رهيو. مچ هُجي، مقتل هجي، هن جو پيرُ پاهون نه ٿيو! محبوبَ چيو: پهچ، اَچي پهتو هان، تَنور هُئي واٽ، پچي پهتو هان! چڪچور ڏسي حال، نه ڪر غم دلبر، تو وٽ ته بهرحال، بچي پهتو هان! مقتل کان ٿورو اڳتي، محفل جو ڏس مليو آ، مان موت کي لتاڙي، ٿو زندگيءَ کي ڳوليان! اُستاد بخاري همه وقت، همه تن شاعر هو. هن جي شاعريءَ جا ڪيترائي رُخ ۽ روپ هئا، ۽ اُن جو هر روپُ ۽ هر رُخ ايترو ته حسين هو، جو اُن جو اظهار نثر جي زبان ۾ ڪرڻ ڏکيو آهي، اُن ڪري آءٌ فارسيءَ جي هڪ نامعلوم شاعر جا لفظ اُڌارا وٺان ٿو، جيڪي اُن جي بيان جو حقُ، ڪجهه قدر ادا ڪري سگهن ٿا: دامانِ نظر تنگ و گُلِ حُسنِ تُو بسيار، گلچين نظر از تنگئي دامان گله دارد يعني: ”(منهنجي) نظر جو پاند سوڙهو آهي، ۽ تنهنجي حُسن جا گُلَ سوين آهن. (منهنجي) نظر تنهنجي سُونهن جا گُل پٽي ٿي ته اُن کي پاند جي سوڙهي هجڻ تي چِڙ اچي ٿي!“ لکجو سدائين سچ يادون بخاريءَ جون وفا رضا هن سنڌ جي سهڻن ڀينڊن تان، مان گهور وڃان مان گهور وڃان گلشن ته ٺهيو پر ڪک پن تان، مان گهور وڃان مان گهور وڃان جيڪي سانوڻ ۾ درياهه لڳن، ۽ سياري ۾ آڙاهه مچن استاد انهن جي تن من تان، مان گهور وڃان مان گهور وڃان هي سٽون سنڌ جي سدا ملوڪ شاعر استاد بخاري جون آهن، جنهن جي شاعري جنهن وقت به پڙهجي يا ٻڌجي ٿي وهه واهه چوڻ کان رهيو نٿو ٿئي. استاد جي شاعري سان تڏهن کان چاهه ٿي ويو هو، جڏهن کان مون سندس ڪلام ”تون مڃين مڃين نه مهربان، مان ته عرض ٿو ڪري ڇڏيان“ ٻڌو هو. ان ڏينهن کان وٺي اڄ تائين جتي به ڪنهن راڳي کي ڳائيندي ٻڌندو آهيان ته دل ۾ اها ئي تمنا هوندي آهي ڪاش ڪو بخاري جو ڪلام به محفل منجهه هجي. يادگيري ٿي اچي ته هڪ دفعي آئون لاڙڪاڻي جي پاسي ٻيڙو چانڊيو هڪ فنڪشن ۾ ويو هوس. تقريب جي شروع ٿيڻ ۾ اڃا ڪجهه دير هئي سو اسان وجهه ڏسي چانهه پيئڻ نڪري پياسين. مون سان منهنجو ڳوٺائي دوست شفيع ٻجورو پڻ گڏ هيو. چانهه پي پنڊال طرف موٽياسين ته منهنجي نظر غلام مصطفيٰ جانوري تي پئي، جنهن سان منظور سخيراڻي به گڏ هيو. پوءِ اسان گڏجي ٻيڙو چانڊيو جي ريلوي اسٽيشن تي ويهي رهياسين جتي ڪچهري هلندي مون چيو ”اڄ ته دادو جي دلبرن سان واهه جي ملاقات ٿي آهي.“ جنهن تي مصطفيٰ جانوري کلندي چيو ”هائو هائو حاضر اڄ عرض اگهامندو.“ پوءِ فنڪشن ۾ منظور سخيراڻي سرن جي ورکا دوران استاد بخاري کي ڳائيندي جڏهن ”تون مڃين مڃين نه مهربان“ ڳايو ته وهه واهه ٿي وئي. وهه واهه ته ان ڏينهن به واهه جي ٿي جڏهن اسان استاد بخاري سان ملڻ دادو ويا هئاسين، تنهن زماني ۾ اسان ٽنڊي آدم ۾ استاد بخاري سان شام ملهائڻ جو پروگرام ٺاهيو هو. مون ۽ دوست خالد حسين خاصخيلي تي اها ذميواري رکي وئي ته دادو وڃي استاد کان پروگرام وٺون. سو اسان لاري ۾ چڙهي کيبر وياسين، جتان وري حيدرآباد مان ايندڙ ٻي لاريءَ منجهه سوار ٿي موري پڳاسين. اتان ڊاٽسن ذريعي دادو موري واري پل تان سنڌوءَ جون ڇوليون ڏسندي دادو شهر ۾ پهچي هڪ ٽانگي واري کي چيوسين، غريب آباد هلبو. جنهن وراڻي ۾ چيو استاد بخاري ڏي ته ڪونه ٿا وڃو؟ کيس چيم بلڪل پر اوهان ڪيئن سمجهيو؟ جنهن تي ٽانگي واري چيو ”ابا اوهان غريب آباد چيو آئون سمجهي ويس پڪ اوهين استاد جا مهمان آهيو.“ ڪجهه گهڙين ۾ هڪ گهٽي ۾ پڳاسين ته ٽانگي واري چيو، او اهو سامهون اٿو، استاد جو گهر. اسان اوطاق ۾ ويٺاسين ته ڪجهه گهڙين ۾ استاد اچي سلام ورائي چيو؛ ’نوجوانو ڀلي ڪري آيا.‘ ان لمحي ايتري ته خوشي ٿي جنهن جو ڪو ڇيهه ڪونهي. جهٽ ۾ چانهه بسڪوٽ به اچي ويا. جنهن تي استاد چيو؛ وٺو بابا. پوءِ استاد کي اسان پنهنجي اچڻ جو مقصد ٻڌائيندي چيو؛ سائين اوهان سان ٽنڊي آدم ۾ رهاڻ رچائڻ جي تمنا آهي، سو ان ڪري پنڌ پيا آهيون. استاد مسڪرائيندي چيو؛ مهربانيون، حاضر هلبو. ڀلا سائين محسن علي شاهه ۽ عبدالله ورياهه جن ته خوش آهن نه. استاد اسان کان پڇيو؛ اوهان جي ڪرت ڪهڙي آهي؟ وراڻيم؛ سائين اخبار ۾ لکندا آهيون ۽ خالد سونارڪو ڪم به ڪندو آهي. جنهن تي استاد چيو؛ ها بابا، جيتري محنت ڪندئو اوترو ڪامياب ويندئو پر قلم سان لکجو، سدائين سچ. ائين ٻن ڪلاڪن جي ڪچهري ۾ اسان استاد کان گهڻو ڪجهه سکيو. استاد سان رهاڻ جي تاريخ طئي ڪري چيوسين؛ رکيل تاريخ تي اوهان کي وٺڻ اينداسين. جنهن تي استاد چيو؛ ٽنڊي آدم کان دادو جو پنڌ سرس آهي. هاڻ اوهين تڪليف نه ڪجو. آئون پاڻ اچي پهچندس. اسان چيو؛ سائين گاڏي جو بندوبست ٿي ويندو. جنهن تي وري استاد چيو؛ اوهان به مون وٽ لاريءَ ۾ آيا آهيو، سو آئون به ان رستي ايندس. بس اوهان اهو ٻڌايو، حيدرآباد واري لاريءَ ۾ سوار ٿي اوهان تائين پهچڻ لاءِ ڪٿي لهجي؟ جنهن تي اسان وراڻيو؛ ان لاريءَ مان اوهان ڀٽ شاهه يا کيبر جي اسٽاپ تي لهندؤ، جتان ٽنڊي ڏي رستو وڃي ٿو. جنهن تي استاد چيو؛ بس پوءِ ڀٽ شاهه لهي، لاکيڻي لطيف جي حاضري ڀري، پوءِ اڳتي اچبو. جنهن تي مون چيو؛ سائين هاڻ هڪ عرض آهي ته اوهين جيئن ڀٽ شاهه پهچندا ته اتي اسان اوهان سان ملنداسين. استاد چيو؛ ها اهو صحيح. پوءِ اسان استاد کان دعائون وٺي، موڪلائي، واپس ٽنڊي اچي دوستن سان حال احوال اوريو. رهاڻ جا ڪارڊ ڇپائي تيارين ۾ لڳي وياسين. نيٺ اهو ڏينهن به اچي ويو، جنهن جو اوسيئڙو هيو. استاد کي ڏنل وقت تي گل حسن لاکو دادوءَ ويو جتان هو ۽ استاد گڏجي ڀٽ شاهه پڳا، جتي نبي بخش ڏهراج ۽ ولي محمد لاکو ڀٽ شاهه بائي پاس تي اوسيئڙي ۾ هيا. سج اڃا لٿو ئي ڪو نه هيو ته رهاڻ واري هنڌ، استاد جا مداح پهچڻ شروع ٿي ويا. هوڏانهن، گل حسن لاکي ۽ نبي بخش ڏهراج فون ڪري ٻڌايو ته؛ استاد سان گڏ مرشد لطيف جي حاضري ڀري اٿئون ۽ هاڻ اچون پيا. اهڙو اطلاع اسان مائيڪ رستي رهاڻ ۾ موجود ماڻهن تائين پهچايو. انهن ئي گهڙين ۾ غلام حسين رنگريز ۽ رسول بخش درس جن به اچي پڳا. ان دوران شاهه عبداللطيف لائبريري جو سڄو هال ماڻهن سان ڀرجي چڪو هيو. ڪجهه وقت ۾ محفل جو مور به اچي ويو. جنهن جي گلن جي ورکا سان، شانائتي آجيان ڪئي وئي. رهاڻ ڪلاڪ سوا مس هلي ته اوچتو بجليءَ جي شارٽ سرڪٽ مان باهه لڳي، جنهن جي ڪري مجبورن تقريب اڌ ۾ ختم ڪئيسين. جنهن کان پوءِ غلام رسول چانڊئي جي اوطاق تي وياسين، جتي استاد جي رهائش جو بندوبست هيو. رات جو دير تائين استاد سان ڪچهري ٿي. استاد پنهنجي شاعري ۽ هڪ راڳي، جيڪو شايد غلام شبير شاهاڻي هيو، وري استاد جا ڪلام ٻڌايا. ان ڪچهريءَ ۾ علي شير بهڻ، امداد راهي، ذاڪر بلوچ، شاهه عبيد، غلام رسول شاهه فاضلاڻي ۽ ٻيا دوست پڻ موجود هيا. جتان صبح جو استاد علاج جي سلسلي ۾ ڪراچيءَ لاءِ روانو ٿي ويو. پوءِ هن واپس دادوءَ پهچي، مون کي هڪ خط لکيو ته خير سان هو گهر پهچي ويا آهن. جنهن کان پوءِ استاد سان خطن ذريعي رابطي جو سلسلو جاري رهيو. هڪ ڀيري استاد منهنجي ننڍڙي ڀيڻ جي لاڏاڻي تي تعزيتي خط پڻ لکيو هيو. وري 91ع ۾ ٽنڊي آدم ۾ سچل ايوارڊ جي هڪ تقريب دوستن رٿي، جنهن ۾ مختلف شخصيتن کي مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا. شاعري جي ايوارڊ لاءِ چونڊ استاد بخاري جي ٿي، جنهن بابت استاد کي آگاهي ڏنيسين پر فنڪشن کان ٻه ڏينهن اڳ استاد فون تي ٻڌايو ته علاج جي سلسلي ۾ شايد ڪراچي وڃڻو پئي. ايڏانهن اوهان جي ڪوٺ به آهي جنهن تي کين چيوسين؛ سائين پهريان علاج، باقي اوهان جون دعائون کپن، اوهان جو ايوارڊ اوهان تائين پهچي ويندو. پوءِ ان بهاني وري استاد سان ملڻ ٿيو. مون ۽ سائين عبيدالله شاهه دادو وڃي استاد تائين ايوارڊ پهچايو ۽ ڪلاڪ سوا تائين ساڻن ڪچهري ڪئيسين. موڪلاڻي مهل استاد دعائون ڪندي چيو؛ شال ڏکيو ڏينهن نه ڏسو. سو اڄ سنڌ، سچائي ۽ سونهن جي ٻهڳڻي شاعر کي محبتن جي ڀيٽا ڏيندي. پڇاڙي ۾ استاد جون هي سٽون به ياد اچن ٿيون ته؛ منهنجا شعر منهنجون تصويرون، جتي پڙهندين من جتي ٻڌندين من، اتي ايندئي تري يادگيريون، منهنجا شعر منهنجون تصويرون.