Discover (and save!) your own Pins on Pinterest.
There’s a very easy way to get to know you shiny new tarot deck… interview it! We'll walk you through the process...
رزی: ام جی جیسو: 🥰🔪 رزی: اها ام رزی😅 جیسو: خوبه👍🏻
پاڻ نه پالي، ڪتا ڌاري. علي مردان راھوجو سياڻن اها ڳالھ سورنهن آنا سچ چئي آهي. جيڪي ڪتن پالڻ جو شوق رکن ٿا، اهي هن چوڻي تي هڪ ڀيرو و...
پھرين محبت مختصر ڪھاڻي حسيب ناياب منگي اڄ هنن سڀني جو يونيورسٽيءَ ۾ آخري ڏينهن هو. سڀئي هڪٻئي جون يادگيريون سنڀالڻ خاطر شرٽن تي ڪمينٽس لکي رهيا هئا، ته ڪي تصويرون ڪڍرائي رهيا هئا. هنن سڀني جي زبان تي اها ئي ڳالهه هئي ته؛ ’اهو به ته وقت هو جو يونيورسٽيءَ کان گهر وڃڻ جي ڳالهه ڪندا هئاسين ته چھرو ٻَھڪي پوندو هو ۽ اڄ جڏهن يونيورسٽيءَ کان هميشه لاءِ واپس گهر وڃڻ وارا آهيون ته سڀني جي منهن تي مايوسي عيان آهي. نيٺ ڪري به ڇا ٿا سگهون؟ هڪ نه هڪ ڏينهن ته هتان وڃڻو ئي آهي.‘ ماضيءَ ۾ جو جهاتي پيا پائن ته ياد پيو اچين ته؛ ڪيئن هتي آيا هئاسين، هتي رهياسين، سڀني سان ملي هڪ ٻئي جا ٿي وياسين. گهمياسين ڦرياسين، کلي خوب پڙهياسين. زندگيءَ جي رنگن کي سهيڙي، مزا ورتاسين. اڄ وڃڻ واري ٿا ڪريون ته اوچتو اداسيءَ جي چادر اسان مٿان ڪري پئي آهي. سڀني کي جتي هڪٻئي جي ظاهري وڇوڙي جو ڏک هو، اتي سورٺ جو به حال برو هو. هوءَ سڀني کان پري، وڻ جي ڇانءَ ۾، پنهنجي بانوري جو هٿُ هٿَ ۾ وٺي، ويٺي هئي. کل، مذاق ۽ محبت جون ڳالهيون ڪندي، سورٺ جو ته ڇرڪ ئي نڪري ويو. گهڻي دير تائين احد ڏانهن، ويچاريون اکيون ڪندي نهاريندي رهي. هن مٿان جيڪو لفظن جو پهاڙ اچي ڪريو هو، سو ڀانيائينءَ ته زمين ڦري رهي آهي. هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي پرينءَ کان سواليه نظرون کڻي پڇا ڪيائين ته؛ ”ڇا چيئه؟“ احد جي جوابَ، سورٺ جا ته ٺپ ئي ٺاري ڇڏيا. گوڙ واريءَ فضا ۾ هڪدم سانت اچي وئي. سورٺ جي دانهن تي، سڀ اچي ٻنهي جي مٿان بيهي رهيا. سڀني جي ڪنن تي سورٺ جو پڙلاءُ پيو: ”ڇا ٿو چوين، ته مان تنهنجي پهرين محبت نه آهيان؟“ ”ها!“ ”احد! ياد ته ڪر! ڪيڏو نه وقت گذري ويو آهي. جڏهن پاڻ يونيورسٽيءَ ۾ آيا هئاسين. تون پهرئين ڏينهن تي ئي، ڪلاس شروع ٿيڻ کان اول، سڀني آڏو بيهي شروع ٿي ويو هئين ته: ’ساٿيو! جيئي سنڌ! مان احد آهيان، توهان کي محبت بابت ڪجهه ٻڌائيندس.. محبت ڪائنات جي ان روشنيءَ جو نالو آهي، جنهن سان هيءُ جهان روشن آهي. محبت جا پيار ڀريا پَرَ هميشه کليل رهندا آهن، جيڪي توهان کي ٻانهن ۾ ڀري عجيب ڪشش ۾ مبتلا ڪندا آهن. محبت ته ڪنهن جي خيالن ۾ گم رهڻ جو نالو آهي. جيڪا توهان ۽ اسان کي مستيءَ جي جهان جو سير ڪرائي اسر ويل دل ۾ ڪنهن جي چاهت جا ڪڙا کڙڪائي، مٺي مٺي ننڊ مان جاڳائي هوشيار ڪندي آهي ته منهنجي لامحدود جهان ۾ توهان جڏهن پڪا ۽ پختا ٿيندا ته ايذاءَ کائيندا. اها تڪليف توهان جي من ۾ محبت پيدا ڪرڻ جي وڌيڪ جاءِ پيدا ڪندي.“ سورٺ ڳالهائڻ شروع ڪيو؛ ”تون ڳالهائي رهيو هئين ته پروفيسر شهريار اچي ڪلاس ۾ بيٺو هو ۽ تون کيس ڏسي ويهي رهيو هئين. تڏهن کان مان توسان محبت ڪئي آهي. واعدن، قسمن ۽ اقرارن کانپوءِ ايڏو وقت گذريو، اڄ تون يونيورسٽي مان وڃڻ مهل چوين ٿو ته؛ ’آئون تنهنجي پهرين محبت نه آهيان.‘“ ”چري ڇوڪري! خبر اٿئي، هوءَ تو کان وڌيڪ حسين آهي. هن وٽ مون کي سڪون ملندو آهي. هن جون معصوم نگاهون مون کي متحرڪ ڪري ڇڏينديون آهن، مان هن کان ٿورو به پري وڃان ته ساهه منجهي پوندو آهي.“ ”هوءَ ڪيتري حسين آهي؟“ ”خدا جي ڪاريگريءَ جو سڀ کان بهترين حسن، مون ان ۾ ئي محسوس ڪيو آهي.“ ”ڪڏهن کان ٿو سڃاڻينس؟“ ”جڏهن کان وجود مليو اٿم.“ ”مون کي فلسفو نه ٻڌاءِ! بلڪ صحيح صحيح ٻڌاءِ!“ ”سچ ئي ته چوانءِ ٿو. جڏهن کان جيءَ ۾ جهاتي پائڻ شروع ڪيم، تڏهن کان من جي ميدان تي، ان جو نالو لکيل ڏٺم. جڏهن کان شعور آيو، تڏهن کان ان سان محبت ڪيم.“ ”پوءِ مون کي ڪهڙي ڏوهه جي سزا ملي؟“ ”مان تو سان به ته محبت ڪئي آهي. تون منهنجي من جي اها روشني آهين، جيڪا مون کي توهان ٻنهي کان پري وڃڻ نٿي ڏئي. اها روشني منهنجي نفس تي پئي، واعدا ٿي وٺي ته جنهن جو تون پهريون پيار آهين، سا تو سان ڪيڏي نه وفادار آهي. تون به پنهنجي پهرين محبت سان اوترو ئي سچو ٿي، ڇو جو اها به تو ۾ وفا جي اميد ٿي رکي.“ ”مان تنهنجي ڳالهين کي نٿي سمجهان؟!؟!؟“ ”تون ڪڏهن به نه سمجهي سگهندينءَ! ڇو جو تنهنجي پهرين محبت، هڪ عام ماڻهو، مطلب ته آئون ۽ منهنجي پهرين محبت منهنجي سنڌ آهي.“
خبب اومدمم غرر بزنمم، واقعاا خستمم خیلیی خستم چند روز دیگه مدرسه ها شروع میشه و من دارم به این فکر میکنم ک ایا تم قبلیو پاک کنم یا نهه اخه رو مخمه یه غلطی کردم کادرو تغییر دادم دارمم عذاب میکشم نمیفهمم این چه زندگیه از کل این ادیتمم فقط متن اولش خوب شده اصن ینی چیی، این تمم که تموم نمیشهه میخوام لیریک دار شروع کنم البته میدونم گند میزنم اما سعیمو میکنم، ولی نه حمایتی دارم نه فالورام تکون میخورن موندم تو سیصد تاا.. چندروز دیگه ام ک باید برم مدرسه کلی ادم تاکسیک ببینم خلاصه زندگی هنوز قشنگه🎀🤝🏻 اها راستی ایدی پیجو عوض کردمم اولش yslxlo بود بعد من تو این ادیت برعکس نوشتم مجبور شدم برای ادیت عوضش کنم و اره دیگههه خیلی جالبه [#jungkook #bts #army #edit #bangtan #tutorial
سچائيءَ جو انعام The reward of Candidness/ truthfulness هڪ ناليوارو چور، هڪ ڏيھاڙي ڪنهن درويش وٽ ويو ۽ هٿ ٻَڌي چوڻ لڳس ته؛ ”سائين مان ڏاڍو گنهگار آهيان. اوهين مون کي دعا ڪريو ته خدا منهنجا ڏوھ بخشي.“ درويش چيس؛ ”اي مورک! جيسين تون پنهنجون برايون نه ڇڏيندين، تيسين ڇوٽڪاري جي اميد رکڻ اجائي اٿئي. اڄ کان ئي پنهنجي بڇڙن ڪمن کان توبھ ڪر ۽ سنئين وات تي اچ ته ڌڻي تو تي مهربان ٿيندو.“ چور جواب ڏنس؛ ”سائين، چوري ڇڏڻ، مون کان ڪين پڄندو. اها هيرَ، هاڻي پڪي ٿي چڪي آهي. باقي ٻيو ڪو ڪم چئو ته ڪريان.“ درويش چيس: ”ڀلا ايترو ڪر ته اڄ کان پوءِ ڪوڙ ڪڏهن به نه ڳالهائجان.“ چور اها ڳالهه قبول ڪئي ۽ ڪوڙ کان توبهه ڪيائين. ٻئي ڏينهن چور ارادو ڪيو ته اڄ اڌ رات جو شاهي محل مان چوري ڪجي. جڏهن ٻه پهر رات جا گذريا، تڏهن سهي سنڀري نڪتو. اتفاق سان بادشاھ چمڙاپوش ڪري شهر جو سماءَ لهڻ نڪتو هو. چور کي ڏسي چيائينس؛ ”ميان ڪيڏانهن ٿو وڃين؟“ چور، جنهن سدائين سچ ڳالهائڻ جو اقرار ڪيو هو، تنھن جهٽ پٽ جواب ڏنو؛ ”شاهي محل ۾ چوري ڪرڻ ٿو وڃان.“ بدليل ويس ۾ بادشاھ چيس: ”مان به چور آهيان. مون کي پاڻ سان وٺي هل.“ چور هاڪار ڪئي ۽ ٻيئي گڏجي هليا. جنهن وقت بادشاھ ۽ چور، شاهي محل جي دروازي وٽ پهتا، تنهن وقت بادشاھ چيس؛ ”ميان تون اندر وڃ، مان ٻاهر ٿو بيهي سارسنڀال لهان ته ڪو لشڪري ته ڪونه ٿو اچي.“ چور اها رٿ پسند ڪئي ۽ پاڻ هڪ دروازي جو ڪڙو ڀڃي اندر گهڙيو. هڪ ڪمري ۾ وڃي ڏسي ته ٽي هيرا رکيا آهن. دل ۾ خيال ڪيائين ته؛ ”هيرا آهن ٽي ۽ اسين ڀائيوار ٻه. ايمانداري انهيءَ ۾ آهي ته ٻنهي جا حصا هڪ جيترا هجن. ان ڪري اسين هڪ هڪ ورهائي ٻه هيرا ته کڻنداسون، باقي ٽيون ڪيئن ورهائينداسون. ان ڪري بهتر آهي ته ٽيون اتي ئي پيو رهي ۽ ٻه هيرا کڻان.“ دل ۾ اهو فيصلو ڪري، ٻه هيرا کيسي ۾ وجهي، ٻاهر آيو. هڪ هيرو پنهنجي ساٿيءَ کي ڏنائين ۽ ٻيو پاڻ رکيائين. بادشاھ کي ته محل جي سڄي ڄاڻ هئي. پڇيائينس؛ ”ميان، فقط ٻه هيرا هٿ آيئي؟“ چور جواب ڏنو: ”هيرا هئا ته ٽي، پر خيال ڪيم ته ٽيون ورهائبو وري ڪيئن؟ سو ميز تي ئي ڇڏي آيس.“ خير، بادشاھ چور کان موڪلائي موٽيو ۽ سڌو پنهنجي محل ڏانهن وريو. بادشاھ کي چور تي شڪ ٿي پيو هو. ان ڪري پھرين هن پنھنجي سر پاڻ اندر وڃي ڏٺو ته؛ برابر ٽيون هيرو ميز تي رکيل هو. بادشاھ چور جي ايمانداريءَ تي سَرھو ٿيو ۽ دل ئي دل ۾ سندس ساراھ جا ڍُڪَ ڀرڻ لڳو. پوءِ بادشاھ پنھجي وزير کي سڏائي، ڀڳل دروازو ڏيکاريندي، کيس چيو؛ ”منهنجا وفادار وزير! ڏس، اڄ ڪنهن چور دروازو ڀڳو آهي ۽ چور اندران ڪجھ نه ڪجھ چوري ڪري ويو آهي. تون اندر وڃي ڏس ته ڪو نقصان ته نه ٿيو آهي.“ وزير اندر ويو ۽ هڪ هيرو ميز تي پيل ڏسي، اندرئين کيسي ۾ وجهي، ٻاهر اچي منهن ڦلڙو ڪري بادشاهه کي چيائين؛ ”سائين! ميز وارا ٽي هيرا، چور کڻي ويو آ!“ اهو ٻڌي، بادشاھ کي ڏاڍو ڏک ٿيو. هيري وڃڻ جو ڏک ڪو نه ٿيس، پر ارمان اهو ٿيس ته منهنجي وزير کان چور به وڌيڪ ايماندار آهي. وڌيڪ ڪي ڪين ڪڇيائين. وزير کي موڪل ڏنائين. پر صبح ٿيندي ئي، وزير کي وزارت مان ڪڍي، راتوڪي چور کي وزير مقرر ڪيائين. چور، پوءِ چوري ڪرڻ کان ڇٽو ۽ چورن جي پاڙ به پٽي ڪڍيائين. (حوالو؛ ڪتاب ”اخلاقي سبق“ ڀاڱو پهريون، ڇپيل سال ۱۹۴۰ع، تان ورتل)
کاهي انجنيئر عبدالوھاب سھتو اڃا مسجد جا ٽي منارا مس تيار ٿيا آهن. ڪاريگر هينئر چوٿين مناري جي اوساريءَ ۾ لڳو پيو آهي. هر مناري جي اوساريءَ تي ٻه ڏينھن وٺندو آهي. اڄ هڪ ڏينھن ۾ منارو تيار ڪرڻ جو دل ۾ وچن ڪيو اٿائين. سمورا مزدور، پنھنجي پنھنجي ڪم ۾ لڳا پيا آهن. نٽھڻ اُس آهي. ڪانوَ جي اک به ڪائي وانگر ٿي بکي. ھر ڪو پگهر ۾ ڇَلِ لڳو پيو آهي. استاد غفورو به پگهر ۾ ڇَلِ لڳو پيو آهي. ڪم جي جنون ۾، پگھر جي پرواھ ئي نه اٿس. هونئن ته کيس ڪم جو ايترو جنون نه ٿيندو آهي. پر جڏهن سندس زندگيءَ ۾ خوشي آڻيندڙ واقعو پيش ايندو آهي، تڏهن سندس دل ڪم ڪرڻ لاءِ ايترو ڊوڙندي آهي، جو جنون ۾ کانئس ماني به وسري ويندي آهي. اڄ به ڏاڍو خوش آهي، ڇو جو هن رات عمر ۽ رانول کان جوا ۾ پنج هزار روپيه کن کٽيا هئا. سندس اھي دوست، موالڙي آهن. ٿوري گهڻي جوا جي به پِٽَ پيل اٿن. رانول وارا ته آڙيڪاپ رانديڪر آهن پر رات الائي ڇو استاد غفوري جو ستارو چڙهي ويو هئن ۽ کانئن پنج هزار رپيا کٽيا هئائين. تنھنڪري زبردست خوش آهي. دل ۾ اڄ وڏي کلبلي متل اٿس. دل ۾ تانگهه وڌي وئي اٿس. دل ۾ اٿس ته اڃا به ڏهاڪو هزار کن کانئن کٽي ۽ پنھنجي لاءِ عاليشان گهر ٺھرائي. پنھنجي لٽايل موڙي هٿ ڪري، جيڪا پنج سال اڳي جوا اندر وڃائي هئائين. پنج سال اڳي قادو ۽ ميھر، سندس گهر آيا هئا. وزم پاڻيءَ ڪرڻ خاطر، وٽس ايندا هئا. چرس جي سلفي ٺاهي، دم به هڻندا هئا ۽ ٿورڙي گهڻي جوا به ڪندا هئا. ان ڏينھن قادوءَ وارا، غفوري کان سمورا پئسا کٽي ويا هئا. قادوءَ وارن کان دش خش به پڻ ورتي هئائين، سا به هارائي هئائين. واچ به ٻن سؤ روپين ۾ رکي هئائين. اھا به هارائي هئائين. آخر ۾پنھنجي سوني منڊي رکي هئائين، سا به هارائي هئائين. جوءِ جا ڳھه ڳٺا به چئين هزارين ۾ رکي هارايا هئائين. ان ڏينھن شايد سندس قسمت جو ستارو گردش ۾ اچي ويو هئو. ڪاوڙ ۾ ڇتو ٿي پيو هئو. جڏهن جوءِ رحمت جا سونا زيور، جوا تي رکيائين پئي، تڏهن جوڻس پوتي لاهي پيرن تي رکندي، آزيون نيزاريون ڪيون هئس ته؛ ”ڳھه جوا ۾ نه رک!“ ان ڏينھن وزم ذرو شايد سوايو هنيو هئائين. نيم بيھوشيءَ ۾ اکيون ڳاڙهيون ڪري، ڀنگ وارو ڏنڊو کڻي زال تي اُلريو ھيو. هوءَ ويچاري خوف کان سُن ڦڪي ويھي رهي هئي. کيس ٻه ڌيئر هيون، جن کي پرڻائڻ لاءِ، سونا زيور ٺھرايا هئائين. زال جي زيورن هارائڻ کانپوءِ، انھن ڏانھن وڌيو هئو. ڌيئرن اچي پير پڪڙيا هئس؛ ”بابا، ڪيڏي نه محنت ڪري، اهي ڳھه ڳٺا اسان تيار ڪيا آهن. تون هڪ ئي گهڙيءَ ۾ اهي ڇڪي تي ٿو هڻين. بابا ائين نه ڪر. بابلا ڪجهه اسان نياڻن تي ڪھل ڪر! اسان جي ڪا پت ڪا ساک، ڪو ڀرم رک! ائين نه ڪر! خدا جي واسطي ائين نه ڪر! پنھنجي پياري رب جو واسطو اٿئي! ائين نه ڪر! تون ائين ڪندين ته اسان بي موت مري وينديوسين.“ غصي مان پنھنجي وڏيءَ ڌيءُ نوران کي لت وھائيندي چيو هئائين؛ ”بس ڪر ڪميڻي! منھنجي هيتري دولت ڳري وئي آ، مان اها نه موٽايان! باقي توهان جي زيورن کي هٿ نه لايان. ڄڻ توهان جي ڪمائي مان ورتل آهن.“ نياڻيون ويچاريون ليلائينديون رهجي ويون هيون، پر هن ڪنھن جي به نه ٻڌي هئي. لوهي سيخ کڻي، پيتيءَ جو قلف ڀڳو هئائين. جيڪي به ڌيئن جا ڳھه ڳٺا هئس، سڀئي کڻي اچي ڇڪي تي رکيا هئائين. سندس قسمت اتي به پلٽو نه کاڌو ۽ هڙ خالي ڪري اٿيو هئو. اِتي قادو ۽ ميھر اٿڻ لڳا هئا. هن ڊوڙي وڃي پيرن ۾ هٿ وڌا هئن؛ ”خدا جي نالي ائين نه ڪيو. ترسو.... ترسو. مان ائين نه وڃڻ ڏيندومانوَ. توهان منھنجي ڌيئن جا ڳھه ائين نه کڻي ويندؤ. مان گهر ۽ گهر جا ٽپڙ به قسمت آزمائڻ لاءِ داءَ تي هڻندس. يا اُدر يا پدر، پوءِ ديکا جائيگا.“ اهي اڃا به نه پئي ويٺس ته کين گاريون ڏئي زوريءَ ويھاريو هئائين. هوڏانھن رحمت ۽ سندس ٻه ڌيئر، قادوءَ ۽ ميھر سميت کيس پٽون پاراتا به ڏئي رهيون هيون ته زاروزار ريھون ڪري رنيون به پئي. انھن ڪيھن تي اوڙو پاڙو اچي مڙيو هئو. پاڙي جو چڱو مڙس شعبان به نڪري آيو هئو. غفورو، ماڻھن کي ڏسي، ويتر ڇتو ٿي پيو هئو ۽ گوڙ ڏئي، گار سان چيو هئائين؛ ”آهي ڪھڙو ماءُ جو لال! جو مون کي اڄ روڪي. اچي منھنجي سامھون ته اڄ ٻچا ته روليانس“. تنھن تي شعبان ليلائيندي منٿ ڪئي هئس؛ ”ادا، غفورا! ائين نه ڪر. اهو سٺو نه اٿئي. تون ٻچڙيوال آهين. تو کي هروڀرو ائين نه ڪرڻ گهرجي. هي نياڻيون به پٽيندءِ.“ ٻانھون ٻڌندي وري چيو ھئائينس؛ “بس هيڏي ڏس! چئين ته پٽڪو به لاهي پيرن تي رکانءِ!“ انھيءَ تي غفوري، ڳاڙهيون اکيون ڦوٽاريندي گوڙ کاڌي هئي؛ ”تون ڪير ٿيندو آهين، منھنجي گهر جي حفاظت ڪرڻ وارو. هيءُ گهر تو ٺاهيو هئو ڇا؟ مون ٺاهيو هئو. هنن رنن کي زيور تو وٺي ڏنا هئا ڇا؟ مون وٺي ڏنا هئا. اهي زيور انھن جي ڪمائيءَ جا ورتل هن ڇا؟ جو انھن کي ائين ڏئي ڇڏيان. جي زيورن جو کپ اٿن ته وڃي ڪي مڙس تاڙين. پاڻھي اهي زيور وٺين ڏيندن“. قادوءَ وارن ڏي مھاڙ ڪري ۽ الرندي چوڻ لڳو؛ ”توهان ڪير ٿيندا آهيو جو منھنجا ٽپڙ، منھنجي گهر مان ائين کڻي ويندؤ. مان توهان کي ائين نه وڃڻ ڏيندم! يا هي به وڃائيندم يا اهي سڀ ورائيندم“. سندس انھيءَ ارهه زورائيءَ ۽ ڇت-ڪتائيءَ تي شعبان ويچاري عزت بچائڻ خاطر، ٻين ماڻھن کي واپس موٽڻ لاءِ چيو هئو؛ ”ادا! جنھن کي پنھنجي نياڻين جو به خيال ناهي، ان سان ڪھڙو مٿو هڻجي. ڪميڻي ماڻھوءَ سان ڪير ڪميڻو ٿئي. گونھه سان گونھه ڌوپندو آهي ڇا؟“ شعبان جي انھن لفظن تي هر ڪو ڪک پن ٿي ويو هئو. قادو ۽ ميھر ويچارا، سندس گير تي بيھي رهيا هئا. اندر ويو. جيڪو به سامان، کٽن ۽ هنڌن سميت گهر ۾ هئس، سو کڻي اچي جوا ۾ رکيو هئائين. ڏڪيو به پئي ته سامان به ڪڍيائين پئي. قسمت ۾ سندس لاءِ ڪو ٻيو لکيل هئو. اها بازي به هارائي هئائين. خار مان جاءِ جو اڌ گيدو ملھه ڪٿي، اها به داءَ تي رکي هئائين. بدقسمتيءَ سان اها به هارائي هئائين. ان کانپوءِ ته صفا ڇتو ٿي پيو هئو، رڦندي پادر کڻي اچي ڌيئن تي وسڪارو ڪيو هئائين. ”توهان مون کي پٽيو ٿيون. هي نڀاڳ تنھنڪري آهي. اڄ مان توهان کي نه ڇڏيندم!“ پادر هڻندي، ڇڏائجي ويس ته ننڍي ڌيءُ خيروءَ جي ڳچيءَ ۾ ٻئي هٿ مضبوط وجهي، گهوگهو ڏنائين پئي ته وڏي ڌيءُ نوران اچي وچ ۾ پئي هئس. ان جي ڇڏائڻ تي ٿيڙ کائي وڃي ڍير لڳل سامان تي ٿاٻڙجي ڪريو هئو. ڀڳل کٽ جو سيرون هٿ اچي ويو هئس. سٽ ڏئي سيرون ڇڪي ورتو هئائين ۽ نوران تي الر ڪئي هئائين؛ ”هيڏي ويھه ڪميڻي، ڪتي! مان تو کي ڏسڻ نٿو گهران“. قادوءَ ڏي اکيون ڦوٽاريندي چيو هئائين؛ “اڙي ٻڌاءِ، هن رنڊيءَ جا گهڻا ڏيندين؟“ غصي مان ڏڪيو به پئي ته رڦيو به پئي. نيٺ نوران ۽ خيروءَ کي به ڇڪي ۾ هڻي ڇڏيو هئائين. ميھر ۽ قادوءَ جي قسمت اهڙي هئي جو اهي ٻئي ڌيئر به کانئس کٽي ويا هئا. انھيءَ کانپوءِ غفوري وٽ ڪجهه به نه رهيو هئو. ڇڙو سر ۽ زال. قادوءَ وارن به گهر مان لوڌي ڪڍيس. ھاڻي اھي سندس ڌيئن سميت، گهر جا مالڪ هئا. پاڙيوارن کي گاريون ڏنيون هئائين، تن کي به سندس حالت تي رحم نه آيو هئو. الٽو انھن به ٻنھي زال مڙس کي ڳوٺ مان لوڌي ڪڍيو هئو. گهر نه گهاٽ، پن تي گذر ڪري وڃي ڀٽين جي مقام ۾ڪکائون گهر اڏيو هئائين. جتي زال سوڌو اڃا تائين رهي پيو ٿو. رازڪو ڌنڌو کيس ابن ڏاڏن کان ورثي ۾ مليل هئو، تنھن ڪري ڀٽين جي ڳوٺ وارن ڪڏهن ڪڏهن رحم کائي کيس اڌ ملھو ڪم پئي ڏنو. نه ته پن سن جا ٽڪر وٺي، پيٽ جي بک ماريندا هئا. گذريل ٻن سالن کان سندس حالت ڪجهه ڏسڻ جھڙي ٿي آهي. پر رهي اڃا تائين مقام واري جهوپڙيءَ ۾ ٿو. اڄ به هن جي دل ۾ اها آنڌ مانڌ آهي ته؛ ’جيڪر هنن پنجن هزارن کان علاوه ٻيا به پئسا هجن ته مان وري جڳھه ٺھرايان ۽ زندگيءَ جا باقي ڏينھن سک سان مانائتا گذاريان. جتان هارايو اٿم، چڙهندم به اتان‘. منجهند ٽاڪ جو وقت آهي ۽ سڀ مزدور ڪم تان لھي، تغاريون رکي، اچي وڻ هيٺان ساهي پٽڻ لڳا آهن. ڪي ته نلڪي تان هٿ منھن ڌوئي، ماني کائڻ لاءِ هڙون کولي رهيا آهن. ڪي وڻ هيٺان آساس ڪرڻ لڳا آهن. ڪي پنھنجي گاري-هڻي جسم جي صفائي ڪري رهيا آهن ته جيئن نماز پڙهن. غفوري کي ونڌ ڪنڌ آهي. ڪيڏيءَ مھل هيڏي اچي ته ڪيڏيءَ مھل هوڏي هليو ٿو وڃي. هڪ هنڌ ٽڪاءُ ڪونھيس. جڏهن اڱڻ کي ستون ڦيرو ڏئي پوئتي مڙيو ته سندس نظر سامھون رانول ۽ سانول تي وڃي پئي آهي، جيڪي پڻ هيڏانھن اچي رهيا آهن. سندس دل، کين ڏسندي ئي باغ باغ ٿي وئي آهي. دل اڇلون ڏئي رهي اٿس. جنھن شڪار کي آسمان ۾ پئي ڳوليائين سو پاڻ کيس زمين تي ڳوليندو آيو آهي. کانئن ڪم از ڪم ڏهه هزار ٻيا به کٽڻ جي لالچ ۾ آهي. ڇو جو کيس عاليشان جڳھه ٺھرائڻي آهي. هندورا ۽ کٽون، هنڌن ۽ پيتين سميت، هر شيءِ نئين وٺڻي اٿس. ان ڪري خوشيءَ ۾ اڳتي وڌي، ساڻن وڏا وڏا ڀاڪر پائي ملي ٿو. رانول ڀاڪر ڇڏائيندي، ڏوڪڙن جي هڙ، دل هرکائڻ لاءِ، ڏيکاريندي چويس ٿو: ”واه! يار واه! شابس هجي تو کي، مُزرا هجن تو کي! هُتي اسان صبح کان ويٺا سڪون!“ “۽ تون اڃا هِتي پيو ٽيٽمائين. اسان سمجهو ته تون اڄ ڪم تي نه ويندين. جيڪڏھن وئين ته به سويل ايندين. نيٺ ويھي ويھي بيزار ٿياسين. چيوسين ته؛ هلي هٿ ڪيونس. باقي، مڙس اڄ کٽ ۾ آهي، سو پاڻ ڪاٿي ٿو اچي“. سانول، رانول جي ڳالهه کي پورو ڪندي چيو. غفوري به انڌي وانگر خدا کان هڪ اک پئي گهري پر کيس ٻئي ملي ويون. تڪڙو ساڻن هلڻ لڳو؛ ”ڇا ڪيان يار! ڪم تان ئي هينئر لٿو آهيان. مان پاڻ اهو سوچي رهيو هئس ته؛ ايڏانھن اچان! ته توهان اچي ويئو. بس هلو! اچو!“ دل ۾ سوچيندو پيو هلي؛ ’منھنجو انھيءَ مقام جي ڪري ئي، انھيءَ جهوپڙيءَ ۾ ڀاڳ ٿو وري. اها ٽڪري ماڻھن جي گوڙ کان به ڪنڊائتي آهي. اتي هلي ٿو کين ٻُڙي ڏيان‘. ان سان گڏ خيالي محلات اڏائيندو، خوش خوش، وڏيون وڏيون ٻرانگهون هڻندو ٿو هلي. کانئس خوشيءَ ۽ تڪڙ ۾، اهو به وسري ويو آهي ته؛ ’اڌ ڏهاڙي ڪم ڪيو اٿم ۽ باقي اڌ ڏهاڙي اڃا ڪرڻي آھي.‘ ٽئي ڄڻا، اها ئي گهڙي اچي غفوري جي جهوپڙيءَ وٽ پھتا. غفوري اندر گهڙندي ئي، زال کان پئسا گهريا. جوءِ نابري واري بيٺس؛ ”مئا تو کي ته ڪم تي موڪليو هئم نه، وري اهي ڳِجهون گھلي آيئي ڇا؟ انھن مئن کي اجهو هينئر گاريون ڏئي ڊوڙائي ڪڍيو اٿم. اڃا هيئن نه ٿي آهيان ته تو کي به گھلي وري ٻوٿ ڪڍيو اٿن. ڇڏ ته مان هينئر ٿي چڱيءَ طرح ڏسانِ. هنيئر چار ڏوڪڙ ڏٺا اٿن ته چور ٻلي وانگر اکيون وجهي ويٺا آهن. پئسا ڇا جا؟ کين باٺا کپن باٺا!“ سندس ايڏي بانڀولجڻ تي، غفوري کي اچي غصي ورتو. کڻندي تسري ٺڪاءُ ڪرايائينس نرڙ ۾؛ ”باٺا کپن تو کي! ڪميڻي وات سنڀالي ڳالھاءِ! اها نصيحت وڃي ڪر بابھن کي. مون کي پنھنجا پئسا هلاءِ! مون کٽيا آهن، ڪو تنھنجي ڪمائيءَ جا ته ڪونھن جو هينئر دٻي ويٺي آهين.“ جوڻھس ڪڇي، جھڙو ڀت. ”ٻڌين ڪو نه ٿي؟ پئسا ڏي جلدي ڪر! پئسا ڏي نه ته ناسون ڦيھي وجهندوسانءِ. تو ڪميڻي رن کي انھيءَ لاءِ گهر ۾ ويھاريو اٿم ته جيئن ناڻي تي نانگ ٿي ويھين؟“ رحمت، نرڙ تي پوتيءَ سميت هٿ رکي، پئسن واري ڳنڍ کڻي آئي؛ ”اچي وٺي ظولمي. ڇو تائي تپائي کنيو اٿئي، چئن ڏوڪڙن ڪاڻ؟ الله ڪندو ته لھندءِ لاڏ. جيڪو نه تون مون سان ظلم ڪيو آ، اهو به باري بيپرواه ٿو ڄاڻي“. اوڇنگار ڏئي روئي ويٺي. غفوري، رانول ۽ سانول کي اندر اچڻ لاءِ چيو. هو نابري واري ويھي رهيا ۽ عذر ڏنائونس ته؛ ”تنھنجي زال اسان سان وڙهندي، ٻيو ته اندر گرمي آهي. هتي کبڙ جي ڇانو به آهي، اتي ٿا روزگار ڪيون.“ دل ۾ چيائين؛ ”اها به مقام جي حد آهي، ۽ مقام جي حد ئي ته منھنجي فائدي ۾ آهي“. ساڻن کبڙ جي ڇانو ۾ کيڏڻ لڳو. پھريان ٻه ٽي داءَ کٽيائين. ٻه ٽي سو روپيا هڻي وين. واڌو کٽيل پئسا ڏسي کڳيون هڻڻ لڳو. جڏهن ڇڪو رانول جي هٿ ۾ ويو ته وري سندس هٿ ۾ نه آيو. رانول رڳو ڇڪا ئي ڇڪا هنيا. اکٻوٽ ۾ هارايل ٽي سؤ ته موٽايائين پر راتوڪا پنج هزار به موٽايائين. ايتري ۾ رحمت به اچي مٿان بيٺن؛ ”کٽيئي کيج، جيئن جهليو مانءِ تيئن نه مڙئين. لٿئي ٿوٿر، هاڻي ڳاءِ ليگا. اهو به سور هجئي ها جي اهي پئسا گهر ۾ هجن ها! چڱو ٿيو جو هارايئي! نه ته پيٽ مان سور نه لھئي ها. هاڻي بس ڪري اٿ ۽ اٿي هلي ماني کاءُ. ماني ٺري وئي آهي!“ ان مھل مسي اچي سندس اکيون کليون هيون ته؛ ’هٿ ته خالي آهن.‘ غصي مان اکيون ڳاڙهيون ڪري زال کي چيائين؛ ”چپ ٿي ڪرين يا کڻان پادر، ڪروڌڻ! تنھنجي انھيءَ ڪروڌ ۽ ٽيڪي جي ڪري مان هارايان ٿو. اھو ڪروڌ بند ڪرين ته ڀاڳ نه وري“. ڳالھائيندي جوجڪي اچي ويس؛ ”خوشيءَ سان تو مون کي ڏوڪڙ ڇو نه ڏنا؟“ انھن لفظن چوندي رحمت کي ٻه ٽي ٿـڦون وهائي ڪڍيائين. رحمت جا ڳٽا ڳاڙها ٿي ويا. ڏک ۾ اکين مان پاڻي وهي ويس. روئيندي چيائينس؛ ”مئا مون تنھنجو ڪھڙو ڏوهه ڪيو آ. کيڏي، هارائين پاڻ. نڀاڳ پنھنجو اٿئي! ڏوڪڙن جي باه اچي مون مان ٿو ڪڍين.” پويان لفظ چوندي طيش ۾ اچي وئي ۽ مٿي جي وارن مان وٺندي چيائينس؛ ”مئا نالو لھئي، مون تنھنجو ڪھڙو ڏوهه ڪيو آهي. ڳنڍير! مرين به نٿو. ڪو کٽولو کڄئي. ماڻھو تو کي پورن به نه ٿا. ٻيا مرن ٿا، تو تي موت به نٿو اچي. منھنجو رت ئي سڪائي ڇڏيو اٿئي. اڳ ۾ ڌيئر به جوا تي هلائي ڇڏيئي. ڳھه ڳٺا به ڳاريئي، گهر به لٽايئي. اڃا به جوا مان ڍؤ نٿو ٿيئي؟“ غفوري پنھنجا وار ڇڏائيندي، رحمت کي لوندڙيءَ واري چپاٽ وهائي ڪڍي. رحمت بيھوش ٿي ڪري پئي. پوءِ اچي لتن سان ڪٽيائينس. جڏهن کيس مقام جي مٽيءَ سان ڀڀوت ڪري ساڻو ٿيو، تڏهن جهوپڙيءَ ڏانھن وڌيو. جيڪي به اندر ٽپڙ هئس سي ٻاهر ڪڍڻ لڳو. رحمت وڦلڻ لڳي. ناسن ۽ واڇن مان رت پئي وهيس؛ ”مان مران ٿي. اوئي ... الا، اوه، الا.... الا! مران ٿي. پ.. پ.. پاڻي اه .... پاڻي“. رحمت جي اها حالت ڏسي رانول کي جهٻو اچي ويو. ڊوڙي وڃي مٽ مان پاڻيءَ جو ڪُپو ڀري اچي وات ۾ وڌائينس ۽ ڇنڊا به هنيائينس. جنھن تي ويچاري سامت ۾ ته آئي پر اتي ئي پئي رهي. غفوري سڄي گهر جو سامان به اچي داءَ ۾ رکيو. رانول وارا جيڪي راتوڪي باهه ڪڍڻ آيا هئا، سي انھيءَ داءَ کي به نه ڇڏڻ وارا هئا. سانول ڇڪو ڦيرايو ۽ غفور کان داءُ کٽي ويو. اها حالت ڏسي، رحمت اندر ۾ پڄرندي وئي ۽ غفوري کي چيائين؛ ”مئا تون نڀاڳو آهين، قدرت تو کي اهي به نصيب ۾ تڏهن نٿي ڏئي. ظولمي!“. غفوري گوڙ ڏني؛ ”بس ڪر ڪڃري، سڄو نڀاڳ تو ۾ آ. جڏهن کان تون مون وٽ آئي آن، تڏهن کان منھنجي ڦٽي آ. مون سدائين تو نڀاڳڻ جي ڪري هارايو آهي“. رانول دل ۾ چيو؛ ”نڀاڳي اها وري ڪٿي آهي. اهي سڀ ڪرتب ته منھنجي ساڄي پاسي کان پوريل چقمق جا آهن، جيڪو هر داءَ ۾ ڇڪو ڪيو بيٺو آهي.“ پويان لفظ چوندي، غفوري جو پارو چڙهي ويو ۽ رحمت کي ٻانھن کان جهليندي گھلي اچي ميدان ۾ ڪيائين؛ ”هل نڀاڳي! تو به منھنجي لاءِ گهڻو تاراج ڪيو آهي. نه هوندينءَ نه ئي نڀاڳ ٿيندو.“ رانول ڏڪي ويو. وري کيس رحمت جي حالت تي رحم اچي ويو ۽ ڇڪو چقمق واري پاسي اڇلايائين. اهو داءُ به هنيائين. سانول دل ۾ چيو؛ ”اسان ته هن کان کوٽ ڪري، سندس زال تڳائي آ. پر اسان کي ائين نه ڪرڻ کپي ها“. وري ذهن پلٽو کاڌس؛ ”جي رحمت جي ٻانھن، غفور کي موٽائي ڏنيسين ته کيس اجايو پيو ماريندو يا ٻئي ھنڌ وڃي ھارائيندو ۽ ويچاري ساڳيو سورن ۾ ھوندي. اسان وٽ هوندي ته ڌيئن سان گڏ رھندي ۽ ماني ٽڪي به پئي ڪندي. ٻيو نه ته ڪم ازم ڪم ههڙي آزار کان جند آجي ھوندس“. ”وٺي وڃوس نڀاڳيءَ کي! نه کپي مون کي اها ھاڻ. مون کي انھيءَ جو پاڇو به نٿو وڻي!“ غفوري غرائيندي چيو ۽ جهوپڙيءَ کان ٻاھر هليو ويو. هيڏانھن رحمت ويچاري، ٻڏتر ۾ اچي وئي. غفورو جهوپڙي ڇڏي، ٻاهر نڪتو ۽ جهنگ منھن ڪيائين. حواس باخته، ڪا به خبر نه پئي پيس ته ڪيڏانھن ٿو وڃان. جان مان به بيزار. اها به داءَ تي لڳائي پر لڳي نه ٿي سگهيس. ڳورن قدمن سان اڳتي وڌندو پئي رهيو. ڪا شيءِ کيس نٿي وڻي. هينئر بک به لڳي ھئس. وزم جي ٻاڙ به لڳي ھئس. هيڏي هاڃي کان پوءِ به اھي وسريون نه اٿس. مناري جي اوساريءَ جو ته خيال ئي الائي ڪاڏي هليو ويس. ٻڏتر ۾ لڙهندو ٿو اچي. زندگيءَ مان بيزار آهي. جان مان بيزار آهي. پنھنجي منھن ڀڻڪي ٿو؛ ”منھنجي قسمت اهڙي آ. مون قسمت جو ڇا بگاڙيو آهي. مون قسمت ٺاھيندڙ جو ڪھڙو گهر ڊاٺو آهي. مون ڇا ڪيو آهي، جو مون کي ايتري سزا ٿي ملي. مون کي نه کپي هيءَ زندگي! نه کپي هيءَ جان. منھنجي لاءِ موت ڀلو آ. قسمت مون کي زندگي ڏئي، احسان ڪيو آ پر بيعزتي ۽ مفلسي ڏئي مون کي ڪيڏو نه تڪليف ۾ به وڌو اٿائين“. اهڙن موقعن تي انسان، پنھنجي ڪرتوتن کي گهڙيءَ سوا لاءِ وساري، سڄو مامرو ٻئي ڪنھن جي ڳچيءَ ۾ مڙهيندو آهي. هڪ ته گهر، ھٿان وڃڻ جي دئونس. ٻيو زال جو وڃڻ. ٽيون ڌيئرن جو بي ملھه وڪامڻ. نه وزم نه کاڌو، سوچن ۾ غلطان ۽ ٻڏل. سج لھڻ وارو آهي. آسمان تي ڳاڙهاڻ آهي. اڳتي وڌي ٿو، ڪجهه سوچي، جهنگ ۾ ڦٽل کوه ۾ ٽپو ڏئي ٿو. گهڙي ساعت گهرڙاٽن جا آواز ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. ان کانپوءِ گھري سانت ٿي وڃي ٿي ۽ دنيا جو سج پوريءَ طرح غروب ٿي وڃي ٿو.
جديد سنڌي ڪھاڻيءَ ۾ فني تجربا ۽ سليم چنا جون ڪھاڻيون ھوش محمد ڀٽي سنڌي ڪهاڻي جي افق کي جڙندي، ڏيڍ سؤ (۱۵۰) سال ٿي چڪا آهن ۽ ان آسمان تي ڪيترا ئي ستارا ظاهر ٿيندا، چمڪندا ۽ الوپ ٿيندا رهن ٿا. سنڌي ڪهاڻيءَ جي ستارن جو سجيل اُڀ، شاندار ڪهاڻين سان، ڏينهون ڏينهن روشن ۽ چمڪيلو ٿي رهيو آهي. سٺ جي ڏهاڪي ۾ ان آسمان تي هڪ ستارو ظاهر ٿيو، جنهن جو نانءُ سليم چنا آهي. جيڪو انهن ڏينهن سوڌو، اڄ تائين پنهنجي ڪهاڻي جي فن سان سنڌي ڪهاڻي جا ڏيئا روشن ڪندو رهي ٿو. سليم چنا صاحب، سنڌي ادبي کيتر جي تمام سينئر ڪهاڻيڪارن، ناول نگارن، شاعرن ۽ سوانح نگارن منجهان بهترين اديب ۽ سٻاجهڙو انسان آهي. سماجي ۽ ادبي طور هر وقت توانائي سان ڀرپور، چست ۽ عملي ڪم ڪندڙ انسان. جيڪي سنڌي ادبي سماج ۾ تمام ٿورڙا آهن. سليم چنا اشاعت گهر حيدرآباد پاران ڪافي تاريخي ۽ ادبي ڪتاب به ڇپائيندو رهي ٿو جيڪو به هڪ وڏو ڪم آهي. سليم چنا جا تقريبن ٻه درجن ڪهاڻين جا ڪتاب اچي چڪا آهن ۽ ٻيا به ايندا رهندا. سندس شمار ڪهاڻي کيتر جي انتهائي سينئر پيڙهي ۾ ٿئي ٿو. سندس مارڪيٽ آيل ڪهاڻين ڪتابن جا نالا هن ريت آهن: سج منهنجي هٿن ۾، زندگي، روشني، صحرا جو چنڊ، اڌورا خواب، هم ٿيل ماڻهو، آسماني ستارو، شينهن بنا ٻيلو، خواب نگر، ڌرتي دريا سمنڊ، ڏينهن ڏٺي ڏيئو، سٽ سٽ، قصو، ڪهاڻي، پراڻي آکاڻي، هڪ هڪ سٽيون هڪ سؤ ڪهاڻيون، سٽ سٽ ڪهاڻي، سليم چنا ٻڌائي ٿو آکاڻي... ۽ ٻيا به هوندا جيڪي خبر نه هجڻ ڪري هتي نالا نه ڏئي رهيو آهيان. هتي اسين سنڌي ڪهاڻي ۾ فني تجربن جي روشني ۾ آيل سندس هڪ سٽي ڪهاڻي جي هيٺين ڪتابن جو جائزو وٺنداسين: سٽ سٽ ڪهاڻي، سليم چنا ٻڌائي ٿو آکاڻي... (سيپٽمبر ۲۰۱۳ع) هڪ هڪ سٽيون هڪ سؤ ڪهاڻيون - سليم چنا (مئي ۲۰۱۴ع) سٽ سٽ، قصو، ڪهاڻي، پراڻي آکاڻي (۲۰۱۴ع) ياسر منگي سنڌي ۾ مختصر مختصر ڪهاڻي کي رد ۽ غلط ثابت ڪرڻ لاءِ ته اها نه لکي وڃي. ان سان ڪهاڻي جي روح کي نقصان پهچي ٿو. ۽ اها فضول مشق آهي وغيره ان لاءِ هو انڊيا جي سياستدان لالو پرساد ياديو جو هڪ مزاحيه لطيفو اڪثر سنگت شاخ باڊهه جي گڏجاڻين ۾ Micro Fiction هيٺ ڪهاڻيون پيش ڪندڙ تي تنقيد ڪندي ٻڌائيندو آهي. لطيفو ڪجهه هيئن آهي: ”هڪ فوٽ بال مئچ ۾ لالو پرساد ياديو کي، مهمان خاص ڪري گهرايو ويو. ڪيتري دير تائين مئچ جاري رهي ۽ سڀ رانديگر بال جي پٺيان ڊڪندا رهيا. ان تي ياديو صاحب ڪنهن کان پڇي ورتو ته؛ ’ابا! هي سڀ ڇا جي لاءِ بال جي پٺيان ڊڪي رهيا آهن؟‘ ته ان وراڻيس؛ ’سائين هي سڀ گول ڪرڻ لاءِ بال جي پٺيان ڊوڙي رهيا آهن.‘ ان تي سائين جن فرمايو ته؛ ’اڙي بابا! بال گول ته آهي، اڃا ان کي ڪيترو گول ڪندؤ.‘“ ڏٺو وڃي ته بال جي گول.. وانگر ڪهاڻي به مختصر آهي. اڃا ان کي ڪيترو قدر مختصر ڪيو ويندو. تبديلي ۽ لاڙا انهن شين جي محتاج نه هوندا آهن ۽ اهو لاڙو اچي چڪو آهي، جنهن کي اسين ڇا به ڪيون روڪي نه سگهندا. ڇو ته دنيا جي مختلف لاڙن ۽ تحريڪن جا سنڌي ادب تي اثر ايندا رهيا آهن ۽ ڪيتريون صنفون سانيٽ، هائيڪي، ترائيل کان ويندي نثري نظم ۽ نثر جي ناول، ناوليٽ، شارٽ اسٽوري، مضمون نويسي پڻ ڌاريون صنفون آهن جيڪي شروعات ۾ ڌڪاريون ويون پر بعد ۾ سنڌي اديب ٻاهرين اثر کان بچي نه سگهيا ۽ انهن کي اهي اپنائڻيون ئي پيون ائين هڪ سٽي ڪهاڻي به ايندڙ وقت ۾ سنڌي ادب ۾ مقبول بڻجي ويندي. نثر جي اصناف ۾ ڪهاڻي صنف ڏاڍي مقبول ٿيندي پئي اچي. ڪهاڻي جي وڏي ۾ وڏي خصوصيت آهي اها ان جو مختصر هجڻ آهي. ۽ اها ڏينهن مختصر ٿيندي ٿيندي اچي هڪ سٽ هڪ اکر تائين پهتي آهي. مائڪرو فڪشن جو اصطلاح عالمي سطح تي متعارف ٿي چڪو آهي جنهن تحت هيٺيون ڪهاڻيون صنفون اچي ويون آهن. Sudden story, Post card story, Minute story, Furious story, Fast story, Short story, Quick story, Short-Short story, Bytes story, skinning story, palm size story, little short story, Pocket size story, sketch story, smoking long story, 100words story, 55words story, 69words story, 16words story, 8words story, 4words story, 2words story, 1word story, zero byte story, one line story etc. ارنيسٽ هيمنگوي، فرانز ڪافڪا، رابندر ناٿ ٽئگور، خليل جبران ۽ سعادت حسين منٽو مختصر مختصر(هڪ سٽيون) ڪهاڻيون لکيون، جيڪي تمام اوچي پد جون آهن ۽ شاندار پڻ. عربي، چيني ادب ۽ صوفي ازم ۾ اهڙيون ڪهاڻيون صديون اڳ لکيون ويون آهن. جديد دؤر ۾ اسٽينلي بيوبن ۽ پائلو ڪوئلو مختصر مختصر ڪهاڻيون لکي رهيا آهن. جن کي پوري دنيا ۾ مشهوري ملي رهي آهي ۽ انٽرنيٽ تي ان ڪهاڻي جي حوالي سان ڪيترائي بهترين ليکڪ به پيدا ٿي رهيا آهن. دنيا ۾ جتي ليکڪ پنهنجي تخليقن ۾ نکار پيدا ڪرڻ ۽ معياري بنائڻ لاءِ محنت ڪندا آهن اها اسان جي سنڌي ادبي سماج ۾ نه آهي ان ڪري معياري ڪهاڻي يا ادب نه پيو اچي. انگلينڊ جو مشهورڪهاڻيڪار رڊيارڊ ڪپلگ پنهنجي ڪهاڻي ۶ يا ۸ دفعا وري لکندو هو. اسان وٽ ته هڪ جهٽڪي ۾ لکيل تخليقن کي شاهڪار ۽ ڪلاسيڪل جو درجو ڏنو وڃي ٿو. عربي ۾ چوڻي آهي: ”ماڻهو هر ان شيءِ جو دشمن هوندو آهي، جنهن کان هو اڻ واقف هوندو آهي.“ سنڌي ادب ۾ به هڪ سٽي ڪهاڻي نئين آهي ان ڪري ڪهاڻيڪار يا اديب ان تي وايلا ۽ هاءِ گهوڙا پيا ڪن ته هڪ سٽي ڪهاڻي لکي ڪهاڻي کي ختم ڪيو پيو وڃي وغيره پر ائين چوڻ اٻهرائي آهي هڪ سٽي ڪهاڻي تي ڪم ڪرڻ کپي ۽ سنڌ ۾ منظور ڪوهيار، عزيز قاسماڻي، عباس ڪوريجو ۽ گهڻا اديب ان تي طبعي آزمائي ڪري رهيا آهن. خاص ڪري منظور ڪوهيار ان جي تاريخ ۽ فن تي پنهنجي ڪتابن جي مهاڳن ۾ گهڻي محنت ڪئي آهي. منظور ڪوهيار جي ڪتابن “ڀؤنرن جي انتظار ۾” سچا ڪوڙا رشتا” ۽ فراق جي منزل” جا مهاڳ مختصر ڪهاڻي جي فن کي سمجهڻ لاءِ لاڀائتا آهن ۽ ان پوري لاڙي کي صحيح معنيٰ ۾ ذهن نشين ڪرائين ٿا. هاڻي سليم چني جي هڪ سٽين ڪهاڻين تي اچون ٿا، سليم چنا جو هڪ سٽيون ڪهاڻيون تمام بهتر انداز ۾ سرجيل آهن پر انهن ۾ ڪجهه ڪهاڻيون ئي بهتر ڪهاڻي جو تاثر ڇڏين ٿيون. باقي شاعري ۽ حوال آهن. سليم چنا جي ڪتابن جي جيڪي هڪ سٽيون ڪهاڻيون معنيٰ خيز ڪهاڻيون آهن يا لڳن ٿيون اهي هي آهن: • سنڌ لاءِ شيدي هوش محمد شهيد، ڪوپو، ڪونڌر، ارڏو شينهن ٿي وڙهيو. هن هڪ سٽي ڪهاڻي ۾ هوشو شيدي جي انگريزن سان وڙهڻ واري ڪهاڻي تمام مختصر انداز ۾ چٽيو ويو آهي. • اسمگلر ۽ منشيات فروشن کان ڪمائي_ عمرا حج ڪرين ٿو! هي هڪ سٽي ڪهاڻي انهن مذهبي ماڻهن تي چٿر آهي. جيڪي حرام کي حال سمجهن ٿا. حرام جو پيسو ڀلي ڪم لاءِ آڻن ٿا ۽ پاڻ کي سهي مسلمان سمجهن ٿا. • ڀاءُ نه کاڌو ڀاءُ جو ڀت_ ته ڄڻ ڪٽجي ويو ٻانهن هٿ. اڄ جي مصنوعي سماج ۾ جتي رشتا هڪ عام رسمي ڳالهه ٿي ويا آهن. پيءُ پٽ جو، ماءُ ڌيءُ جي ۽ ڀاءُ وري ڀاءُ جو نه رهيو آهي اها انا هن هڪ سٽي ڪهاڻي ۾ شاعرانه انداز ۾ ڏني وئي آهي. • نه ٽالپر تياري سان وڙهيا، نه ڌرتيءَ ڌڻين کي پاڻ سان شامل ڪيائون. هن ڪهاڻي ۾ ٽالپرن جي انگريزن سان لڙائي جي باري ۾ ليکڪ پنهنجو تجزيو پيش ڪيو آهي ته ٽالپرن ڪنهن به رٿابندي تحت جنگ نه وڙهي نه ئي مقامي ماڻهن کي کينو تنهنڪري لڙائي هارائي ويا. • لاش لڙهي.. ماڻهو مڙي، پر حد نه منهنجي_ پوليس ڪري اڙي. هي هڪ سٽي ڪهاڻي نسيم کرل جي مختصر ڪهاڻي “چوٽيهون در” جي هڪ سٽ ۾ عڪاسي آهي. ۽ اهڙيون ليکڪ جي ڪتاب ۾ مسلسل چار پنج هڪ سٽيون ڪهاڻيون آهن. منهنجي خيال ۾ هن ۾ ڪا نه احساس داري نه آهي. • ڏينهن جو سج_ رات جو تارا ۽ چنڊ پيا ڏسن ڀاڱا ڀاڱا__ ڀريل جهريل ننڍوکنڊ. هي هڪ سٽي ڪهاڻي سليم چنا جي تمام بهترين شاندار ڪهاڻي آهي جنهن ۾ هن ورهاڱي جي جيءُ جهوريندڙ سانحي کي هڪ سٽ ۾ واهه جو سمويو آهي. هي ڪهاڻي پڙهڻ سان هڪ پل ۾ ورهاڱي وارو اهو منظر اکين جي ماڻڪين ۾ ڀرجي اچي ٿو. • هاءِ قهر! ڪنواري ڀيڻ ڏوهه بنا ڪري ڪاري! قاتل ڪئي قيامت ڪاري! ڪارو ڪاري جو موضوع به ڪو نئون موضوع نه آهي. سندس ڪتابن ۾ ڪارو ڪاري تي لڳاتار ۵ کان اٺ ڪهاڻيون آهن. هڪ سٽي ڪهاڻي ۾ قافيي ملائڻ وارو ورجاءُ هتي به محسوس ٿئي ٿو. • ڪاڏي ٿا وڃو؟ سڏڪا، ڳوڙها، ڏڪندڙ هٿ، پوڙهي پيءُ جو سوال؟ هي هڪ دردناڪ جديد دؤر جي ماحول جي عڪاسي ڪندڙ ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ هڪ جهور کي سندس اولاد ڪٿي ڦٽو ڪري وڃي ٿي. پٺيان سندن پيءُ روئي پٽي سوال ڪري ٿو پر کيس ڪوئي جواب نه اچي ٿو. • تون به وندرجي وئين ملڪ الموت، مون جو پڪاريو پنهنجو هوت! هي هڪ سٽي ڪهاڻي شاهه ڀٽائي جي ان شعر وانگر لڳي ٿي جنهن ۾ عزارئيل سندس ساهه ڪڍڻ اچيس ٿو ۽ هو سمجهي ٿي ته پنهون ماڻهو موڪو. شاهه ڀٽائي سنڌ جو پهريون منظوم شارٽ اسٽوري رائيٽر آهي. اها هڪ حقيقت آهي ڪوئي مڃي يا نه مڃي. پر هن ڪهاڻي مان ڪو واضع خيال نٿو اڀري اچي. • واڌو واهه ڪندو هو دو آبو آباد، هاڻ گند ڪچرو، ڍونڍ، بدبوءِ قاسم آباد. هي هڪ سٽي ڪهاڻي سليم چنا جي انتهائي تمام گهڻي معياري ڪهاڻين ۾ شمار ٿئي ٿي. جنهن ۾ ليکڪ حيدرآباد جي واڌو واهه جي تباهي ۽ بربادي جو نوحو لکيو آهي. اوقعي واڌو واهه حيدرآباد جو سونهن جو مضوط حصو هوندو هو، جنهن ۾ گرمين ۾ نوجوان تڙڳندا هئا پر هاڻي بلڊرن جي حرامپائن ڪري گندي پاڻي جي نيڪال جو نالو ٿي ويو آهي. • اَچو ته DNA ٽيسث ڪرايون، موهن جي دڙي جا آهيون به نه نه؟ هي هڪ سٽي ڪهاڻي به سليم صاحب جي واهه جي ڪهاڻي آهي. جنهن جي جيتري تعريف ڪيان اها گهٽ هوندي. ڇا ته پيغام ڏئي ٿو هو هن ڪهاڻي ۾. واقعي موهن جي دڙي جا ماڻهو ته دنيا ۾ مهذب پڻي جو اعليٰ مثال هئا. پر جديد موهن جي دڙي رهواسي ته بي ايماني ۽ بدديانتداري جو مثال بڻيل آهي، جنهن ڪهاڻيڪار چوي ٿو ته ٽيسٽ ڪرايون ته اسان واقعي انهن عظيم دراوڙن جو تسلسل آهيون به يا نه. • ٽئگور کان لطيف، شانتي نڪيتن کان موهن جو دڙو ڀلو اٿئي. منهنجي خيال ۾ ڀيٽ ڪرڻ خاص ڪري هن معنيٰ ۾ ته ڦلاڻو وڏو ڦلاڻو ننڍو. اهو سراسر غلط آهي. ٽئگور هجي يا لطيف سائين هر ڪنهن جو پنهنجو مقام آهي. ائين ڪهاڻي ۾ پيغام ڏيڻ ته شانتي نڪتين کان موهن جو دڙو وڌيڪ بهتر آهي، اهو ڪهاڻيڪار جو پنهنجو ذاتي رايو ٿي سگهي ٿو پڙهندڙ تي ڪو خاص تاثر نٿو پوي. • بارود جو ڍير ننڍو کنڊ پيو ساڙي_ ماڻهو ڳاڙهو رت پيو ڳاڙي! ننڍي کنڊ جي ورهاست تي ليکڪ جي هي ٻئي ڪهاڻي آهي جيڪا به ان خوني ورهاڱي جي بهترين منظرڪشي ڪندڙ هڪ سٽي ڪهاڻي آهي. جنهن تي ليکڪ جس لهڻي. هي ڪهاڻي ته ڪنهن ڏاهي جو قول لڳي ٿي: “مان دنيا کي بدلائڻ چاهيان ٿو، پر پاڻ کي ڪڏهن به نه.. هي هڪ سٽيون ڪهاڻيون ته شعر لڳن ٿا، جنهن جي هر پوئين سٽ جو اڳين سٽ سان قافيو ملايو ويو آهي: • ساهه جون ڏوريون تو وٽ سوگهيون__ هو ڀلي پيو ڏئي مون کي گهوگهيون. • ويا پکي پرديسي موٽي، تون موٽ ملنديءَ هتي روٽي. • آواز ڪوئل پڪار__نينهن سندي نهار، ديد دل جي آرپار. • ناڻو، لاڙڪاڻو، سياست ۾ سياڻو_ ڇو بڻيو آ نفرت جو گهاڻو. • منهنجا هيڻا حال، سڀ ڄاڻين ٿو تون رب جمال. • قهري ماڻهو ڪاريهر زهر__ ڏنگ هڻن پيا جسم تي، هر هر. • بندوق نه پر سياسي مخالفت، رت ٻڏل ڪئي ورهاست! • نيڻن سان ڪر، نينهن نروار، اچي قلب قرار_ لهي دل جو بار. • گوڏن تائين وار وڌائي سجني، بدني چنڊ ڍڪيو ٿئي ڪڪر وانگي. ڪتاب ۾ ڪي هڪ سٽيون ڪهاڻيون گهٽ هدايتون ۽ صلاحون وڌيڪ آهن جهڙوڪ: • لانڍي ڪر صاف_ سنگتي ايندا سفر ڪري. • اوطاق ٺاهيو_ کٽون رکو مٽ ڀريو_ قرب ڪري ڪچهريون ڪيو. • راندين جا ميدان ڊاهي، باغن جا وڻ وڍائي، پلازائون ته نه ٺاهيو. اهڙيون کوڙ صلاحون ۽ حوال ٽنهي ڪتابن ۾ گهڻيون آهن. جيڪي قطعن هڪ سٽيون ڪهاڻيون نٿيون مڃي سگهجن. ڪٿي ڪٿي ته اخباري خبر وانگر حڪمرانن ۽ ڪامورن جي ثناخواني به ڪري ويو آهي جيڪا به هڪ سٽي ڪهاڻي نٿي ٿي سگهي: • پ پ پ چئيرمين زيڊ. اي. ڀٽو آيو، ڏني دعوت جو اي ڊي ناريجو. • رهبر پ پ پ، سماج ۽ سنتپت، ڏسو اي ڊي ناريجو جي محنت. عالمي طور تي ڪهاڻي جي گهاڙيٽي تي پوري دنيا ۾ تجربا ٿي رهيا آهن. انڊيا ۾ هوند راج بلواڻي انڊيا جي وڏن ڪهاڻيڪارن کان “لگهو ڪٿا” لکرائي. جنهن کي هندي، گجراتي ۽ سنڌي ۾ ”مني ڪهاڻي“ چئي سگهجي ٿو. سنڌي ۾ شايد ئي اهو نالو سهي رهي. “لگهو ڪٿا” سرجڻ جيتوڻيڪ ننڍي رچنا آهي. اهڙي طرح اهڙا تجربا سنڌي ڪهاڻي ۾ به ٿي رهيا آهن. سليم چنا جا ۴ ڪتاب اچي چڪا آهن. پر رڳو تجربا ڪرڻ سان ته ڪجهه نه ٿيندو ان لاءِ ان گهاڙيٽي ۾ خيال، فڪر ۽ تخيل جي گهرائي به نظر ۾ رکڻ گهرجي. ڪهاڻي تي هر دؤر ۾ الڳ الڳ رايا ايندا رهيا آهن: اها اڌ ڪلاڪ جي هجي، هڪ ويهڪ ۾ پڙهي وڃي. ٻئي دلچسپ راءِ اها آهي ته ڪهاڻي ايتري ڊگهي هجي جو اها پڙهڻ ۾ ڊگهي نه لڳي. پراڻي وقت ۾ ڪهاڻي ابتدا، عروج ۽ انتها جي چؤڦير ڦرائي ويندي هئي پر جديد دؤر ۾ دنيا جي مختلف ادبي تحريڪن ۽ لاڙن ڪهاڻي جي شڪل کي نئون روپ ڏئي ڇڏيو آهي ۽ اهي انهن لاڙن ۽ تحريڪن جي نظريي هيٺ لکيون وڃن پيون. سنڌي ادب انهن کان بچي نه سگهيو آهي ۽ جدت، پرڏيهي اثر سنڌي ادب ۾ اٿل آڻين پيا. تبديلي ته اڻٽر آهي ڪير ڪيترو روڪي نه روڪجندي. سليم چنا جون هڪ سٽيون ڪهاڻيون سٺو تاثر ڇڏيندڙ ڪهاڻيون آهن. انهن کي محنت بنا ڇپايو ويو آهي. وڏي ڳالهه جيڪا سليم چنا جي سڃاڻپ بڻيل آهي ته سندس ڪتاب جي ڪا به قيمت نه هوندي آهي. ڪهاڻين ۾ گهڻائي اجاين جملن جي ۽ لفظن جو ورجاءُ گهڻو آهي. باقي ته سندس محنت ۽ ڊيڊڪيشن، تمام گهڻي داد لهڻي. ۽ هو اڃا به وڌ کان وڌ ڪلاسيڪل جديد ڪهاڻيون لکندو رهي.
سيد الهندو شاهه سج اُلٿي سيئن شعبان وسطڙو سنڌ صدين کان وٺي سکي ستابي رهي آهي پر جڏهن به ڪو ڪوسو واءُ سنڌ تي گهليو به آهي تڏهن به ڪو نه ڪو سرواڻ ۽ مانجهي مڙس سامهون نروار ٿي انهي مشڪل کي آسان نڀايو ۽ سنڌ جو ڳاٽ اوچو ڪرايو آهي، اهڙو هڪ مڙس مٿير جڏهن تعليمي حوالي سان سنڌ اونداهي ڄار ۾ ڌڪليجي وڃي رهي هئي، تڏهن هڪ اهڙو غازي جنهن سموري سنڌ مان جهالت ختم ڪرڻ جو وچن ڪيو ۽ ساهتي پرڳڻي کان شروعات ڪئي ۽ اهڙو ته ڪارنامو سرانجام ڪري ڏيکاريو جنهن ساهتي پرڳڻي کي تعليمي روشني سان منور ڪري جاکوڙي ڪردار ادا ڪيو، اهو ڪردار نڀائيندڙ هو خان بهادر الهندو شاهه هو، جيڪو اهڙو ته تاريخي ڪم ڪري ويو، جنهن هزارين خاندانن جون زندگيون جياري پاڻ امر ڪردار بنجي تاريخ ۾ پنهنجو نانءُ جياري ويو. انگريزن جي حڪومت ۾ جڏهن پڙهائي جي جديد طرز عمل تي نظرثاني ڪئي وئي ۽ روايتي ڍانچي کي تبديل ڪيو ويو تڏهن مسلمانن جدت پسندن ۾ انهي طريقي کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ جتن ڪيا ويا، حالانڪه ان وقت جي مذهبي ماڻهن انهن عمل جي سخت مخالفت ڪئي پر ڏاها ماڻهو جن جي سوچ ۽ فڪر جي انتها اها هئي ته جيڪڏهن ايندڙ وقت جي حالتن کي مدنظر رکندي انهي تي عمل نه ڪبو ته قوم کي ڪهڙين ڀوڳنائن کي منهن ڏيڻو پوندو. جنهن جو ازالو ڪرڻ کان ماڻهو قاصر رهجي وڃي ۽ ان دک جو درد قوم کي ڀوڳڻو پوي، ان لاءِ ڇونه قوم کي اهڙي طرف وٺي وڃجي، جيڏانهن واءُ گهلندو هجي ۽ اها به وڏي ڏاهپ چئبي جو انهي طرف جي انهن کي ڄاڻ هئي ته واءُ ڪهڙو گهلندو، اهڙن ڏاهن، مدبر انسانن مفڪرن ۽ آئيندي جي سوچ رکندڙن مان ساهتي پرڳڻي جو هڪ ڀوتار، وڏيرو ۽ زميندار جنهن جي ذهنيت، قوم جي ماڻهن کي اذيت ڏيڻ نه پر انهن جون زندگيون تبديل ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات انهي فڪر ۾ هيون ته قوم کي ڪنهن اهڙي منزل تي پهچائجي جو جنهن ۾ هن کي پنهنجي سڃاڻپ ۽ شناخت ملي. اهڙو مانجهي مڙس مٿير شخص شعور ۽ ساڃاهه رکندڙ سادات گهراڻي جو سيد الهندو شاهه ئي هيو جنهن انهن حالتن کي ڏسندي ايندڙ وقت لاءِ قوم لاءِ ڪجهه سوچيو. لاکا لک هئا، فلاڻي ڀير ٻيو، اَجا اوڏ ٿيا، پکئي لڳي جنهن جي. ڪنهن ڏاهي جا لفظ آهن ته، ”وڏا خوش قسمت ۽ ڀاڳن وارا اهي شخص آهن جن کي اونداهن لمحن ۾ اميدن جا ڪرڻا نظر ايندا آهن.“ ۽ مون کي انهي ڳالهه جي خوشي آهي ته اسان جي معاشري جو هڪ اهڙو فرد جيڪو سيد به هجي ۽ وڏيرو به هجي، ان جي اها سوچ ته قوم جي لاءِ ڪجهه ڪرڻو آهي، سچ ته ان دور ۾ انهي وقت جو وڏو ڏاهو ۽ مفڪر شخص سيد الهندو شاهه ئي ملي ٿو ۽ شيخ سعدي جي انهي لفظن ۾ ته ”اهو ئي مڪمل انسان آهي، جنهن وٽ نصيحت لاءِ لفظن بدران سٺو عمل ۽ ڪردار هوندو آهي.“ هن اڪيلي سر جيڪو ڪم ڪري ڏيکاريو، سو ڪنهن به تعريف جو محتاج ناهي، بلڪ سندس ڪيل تاريخي ڪم، تاريخ جي ورقن ۾ سنهري اکرن سان لکي سگهجي ٿو، هونءَ به چوندا آهن ته جنهن شخص جا خيال نيڪ، نظريا بلند ۽ دل وسيع هوندي آهي، اهو اڪيلي هوندي به اڪيلو نه هوندو آهي. سيد الهندو شاهه ۱۸۶۳ع ۾ سيد يوسف شاهه جي گهر ۾ ڊڀرئي جي هڪ ننڍڙي پر تاريخي شهر ۾ جنم ورتو. بنيادي تعليم ڊڀري (جيڪو پوءِ درٻيلي جي نالي سان مشهور ٿيو) جي ديني مدرسي مان پرايائين. سيد الهندي شاهه سياسي ڪيرئير جي شروعات ضلعي لوڪل بورڊ کان ڪئي، جتي ۱۸۹۷ع کان ۱۹۱۹ع تائين ضلعي لوڪل بوڊ حيدرآباد جو ميمبر رهيو ۽ سندس سياسي جاڳرتا کي مڃتا ڏيندي ۱۹۰۹ع ۾ ممبئي ڪائونسل جو چونڊيل ميمبر مقرر ٿيو ۽ ۱۹۱۶ع کان وائسراءِ اسيمبلي جو چونڊيل ميمبر رهيو. پنهنجي ان سموري سياسي دور ۾ هن پنهنجي ٻاجهائپ صبر ۽ تحمل واري طبيعت سان سياسي دور ۾ هڪ بهترين ڪردار ادا ڪيو، جنهن جي مڃتا سبب انگريز سرڪار کيس ۱۸۹۸ع ۾ اعزازي جج مئجسٽريٽ مقرر ڪيو. بنيادي طور شاهه صاحب هڪ نرم دل، حليم ۽ ٻاجهاري طبعيت وارو شخص هو پر ان سان گڏ هو هڪ اصول پرست به رهيو جنهن لاءِ نه هن ڪڏهن اصول کي ٽوڙيو ۽ نه ٽوڙڻ ڏنو، جنهن به عهدي تي رهيو، نهايت ايماندارانه صلاحيتن ۽ پنهنجي قابليت سان پنهنجا فرض خوش اسلوبي سان نڀايا. سيد الهندو شاهه ننڍي هوندي کان ئي ڏاڍو ذهين ۽ هوشيار ۽ مثبت سوچ رکندڙ ماڻهو هو، کيس عربي ۽ فارسي زبانن تي عبور حاصل هو پر جنهن دور جي هو پيداوار هو ته هن کي به اها سرت ۽ ساڃاهه ذهن ۾ ويٺي ته ڪو اهڙو ڪمال ڪجي جنهن سان قوم کي دڳ لائي سگهجي. پاڻ سيد گهراڻي ۾ پلجندي به ديني تعليم سان گڏ سندس ذهني صلاحيتن ۾ سياسي ۽ سماجي شعور به پلجندو رهيو، پاڻ سر سيد احمد خان جي علي ڳڙهه واري تحريڪ کان متاثر ٿيندي، آل هند محمدن ايجوڪيشن جي ڪيترن ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪئي ۽ ان وقت پنهنجي من ۾ اها ڳالهه سمائي ڇڏي ته سر سيد احمد خان ۽ حسن علي آفندي جي ڪيل محنتن ۽ ڪاوشن جيان پاڻ به هڪ اهڙو ادارو قائم ڪري جيڪي ديني تعليم سان گڏ انگريزي ۾ به اتان جي ماڻهن کي شعور ۽ سمجهه جي ڄاڻ فراهم ڪري ۽ اڳتي هلي سندس من جون مرادون پوريون ٿيون، نوشهروفيروز ۾ مدرسا ۽ هاءِ اسڪول قائم ڪرڻ ۾ ڪاميابي ماڻي. شاهه صاحب هڪ زندهه دل شخص هو هن کي پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتي وارن سان بيحد چاهه ۽ محبت هئي، هن پنهنجي سموري ڄمار جهڙي قوم کي ارپي ڇڏي هئي. سندس زندگي جو هڪ اهم ڪارنامو جيڪو تاريخي حيثيت ۾ اڄ به پيو ڳائجي، هن جيڪا پنهنجي ماڻهن يعني آبادگارن، هارين لاءِ هڪ وڏي جدوجهد ڪري ڍل معاف ڪرائي جيڪا انگريز سرڪار غيرآباد زمين تي به لاڳو ڪئي هئي. سندس اهڙي ڪارنامي تي ماڻهن ۾ اهڙي ته سرهائي اچي وئي جو سندس خدمتن، همتن جا گيت ڳائڻ لڳا، هونءَ به اها ڪوشش، ڪاوش ۽ همت ڪا معمولي ڪانه هئي پر انهن سڀني ڳالهين کي مدنظر رکندي جنهن ڳالهه جو کيس وڌيڪ اونو ۽ فڪر هيو سا هئي سنڌ جي ماڻهن جي تعليم. سنڌ جو وڏيرو ۽ ڀوتار هونءُ ئي سنڌ جي ماڻهن کي هيل تائين غلام رکندو پئي آيو، جيڪا ڳالهه شاهه صاحب کي ڏاڍي ڏکي لڳندي هئي. هن کي ننڍڙي هوندي کان ماءُ اها سُتي ڏني هئي ته علم حاصل ڪريو يا ٻين ماڻهن کي علم جهڙي زيور سان روشناس ڪرايو ۽ سنڌ جي غريب ماڻهن کي تعليم ڏياري خدمت ڪجي، اها ڳالهه شاهه صاحب جهڙي پلاند ۾ ڳنڍ ٻڌي ڇڏي، ارسطو جي انهي جملي ۾ ته ”جيڪو شخص علم جي ڳولا جي تڪليف برداشت نه ڪندو، انهي کي جهالت جون تڪليفون برداشت ڪرڻيون پونديون.“ ۽ انهي معاملي ۾ هن هڪ مجاهد جيان اهڙو ته تير ڪمان مان ڪڍي نشاني تي هنيو جنهن اونداهي جي ڪارن ڪڪرن کي اُڀ کان هٽائي روشن ڪري ڇڏيو ۽ نوشهروفيروز ۾ بي پهچ ۽ غريب ماڻهن لاءِ ۱۹۰۳ع ۾ مدرسو قائم ڪيو جنهن جو نانءُ رکيائين ”نوشهرو مدرسو.“ اها سنڌ جي ماڻهن لاءِ وڏي سرهائي هئي پر خاص ساهتي پرڳڻي جي ماڻهن لاءِ ته اها خوشي هئي جنهن ۾ هو ماپي نه پئي سگهيا. مدرسو قائم ٿيڻ سان هتان جي غريب مسڪين ۽ بي پهچ ماڻهن مدرسي جي تعليم مان لاڀ حاصل ڪيو ۽ فيض پرايو ۽ ڏسندي ڏسندي هي سمورو خطو تعليمي خزاني سان مالا مال ٿيندو ويو. هونءَ به هتان جا ماڻهو انگريزي تعليم پرائڻ لاءِ ڪراچي جو رخ ڪندا هئا پر انهن ۾ جيڪي سرندي وارا، باقي بي پهچ ۽ غريب ويچارا من ۾ حسرتون سانڍي پنهنجو جيون خاموشي سان گذاريندا رهيا، تڏهن ڊڀرئي جي هڪ وڏيري سيد الهندي شاهه قومي درد محسوس ڪندي اهو سوچيو ته جيستائين مسلمانن جا ٻار انگريزي تعليم حاصل نٿا ڪن تيستائين اسان جي سنڌ ڪا خاص ترقي نه ڪري سگهندي، تڏهن پاڻ مسلمانن جي ٻارن لاءِ انگريزي تعليم پڙهائڻ لاءِ مدرسي جو بنياد وڌو. سندس خدمتن کي مدنظر رکندي نه رڳي خطي جي ماڻهن سندس ساراهه ۾ ڳيچ ڳايا پر انگريز سرڪار به سندس سياسي سماجي ۽ تعليمي خدمتن کي پرکيندي ان وقت جي وڏي سول ايوارڊ ”خانبهادر“ جهڙي لقب سان نوازيو. سنڌ اڄ جنهن دور مان گذري رهي آهي سا ڳالهه هر ماڻهو اکين سان ڏسي رهيو آهي ته سنڌ ڪيڏانهن وڃي رهي آهي اهڙين حالتن ۾ اڄ اسان کي ڪو الهندو شاهه ڳولي نه پيو لڀي، اهڙي هڏڏوکي سچي ۽ همدرد ماڻهو لاءِ اسان جا هٿ دعائن لاءِ کڄن ٿا، پر ان سان گڏ سندس ڪمي محسوس ڪندي شاهه صاحب جو هي بيت هانو تي هُري اچي ٿو ته: ويو ٻاروچو نڪري هاڻي ڪريان ڪيئن؟ سج اُلٿي سيئن، سٽون ڏينديس سڃ ۾. سيد الهندو شاهه شاهد چنه جڏهن برصغير ۾ تعليم جي کوٽ هئي ته ان وقت سنڌ جي آفندي خاندان جيان ساهتيءَ جي سپوت سيد الهندو شاهه ۳۳ سالن جي ننڍڙي عمر ۾ ۱۸۸۳ع ڌاري مدرسه هاءِ اسڪول نوشهروفيروز جوڙايو، انهي مڪتب مان ڪيترا ئي عالم اديب پڙهي نڪتا. علامه آءِ آءِ قاضي کان وٺي ڊاڪٽر دائودپوٽي تائين، کوڙ سارا سنڌ جا ماڻهو جيڪي علمي روشنيءَ کان وانجهيل هئا انهن اها علمي لاٽ اتان ئي حاصل ڪئي. سيد الهندي شاهه جون ڪوششون علمي حوالي سان ساراهڻ جوڳيون هيون. ڇو ته برطانوي راڄ دوران، سنڌ ۾ تعيلم جو فقدان ۽ اڻهوند انتهائي حد کان وڌيڪ هئي. انهن حالتن کي نظر ۾ رکندي، سيد الهندي شاهه سنڌ جي ماڻهن لاءِ علمي مڪتب کولي وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو. اهو ئي سبب آھي جو، هن وقت به هند توڙي سنڌ ۾، جن به هن مڪتب مان علم جي روشني حاصل ڪئي، سي اڄ به سيد الهندي شاهه کي ياد ڪري سندس فضيلتن جو بيان ڪندي کيس ساراهين ٿا. حقيقت به اها آهي ته سنڌ جي هن سپوت پاران، جيڪڏهن هي مدرسه هاءِ اسڪول ۱۹هين صديءَ ۾ نه جڙي ها ته ڪيترا ئي عالم اديب، جنم نه وٺن ها. افسوس جو سنڌ حڪومت کان وٺي ڪنھن ساڃاهه وند تائين، ڪو به هن کاهوڙي ڪردار جي ياد تازي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. نه وري ڪڏهن سندس جوڙايل مڪتب ڏي، ڪنھن منهن ورائي ڏٺو آهي ته ان جي حالت، پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ڪهڙي بڻجي وئي آهي. اهي هاسٽلون، اهي ڪلاس روم ۽ سندس جوڙايل انهيءَ پارڪ ۽ لائبريريءَ جو هن وقت نشان به نظر نٿو اچي. ان تباهيءَ تي ٻيو ڪو ڳوڙها ڳاڙي نه ڳاڙي پر درٻيلي ۾ ۱۹ آڪٽوبر ۱۹۱۹ع تي، ھيءُ جھان ڇڏيندڙ، سيد الهندي شاهه ضرور لڙڪ لاڙيا هوندا. ڪيڏي نه افسوس جوڳي ڳالهه آهي، جو سندس جوڙايل تاريخي مدرسه هاءِ اسڪول کي سوا صدي گذري چڪي آهي پر هن وقت تائين ان جي تاريخي حيثيت کي وڌائڻ لاءِ ڪهڙي به سرڪار ڪردار ادا ناهي ڪيو. جنهن جي ڪري هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سيد الهندي شاهه جي خدمت ۽ وقار کي جيڪڏهن اڳتي وڌائڻو آهي ته سنڌ جي ساڃاهه وندن کي ان جي ٻاريل شمع کي روشن ڪرڻو پوندو. اڄ به سيد الهندي شاهه کي سنڌ ساري ٿي. ان جي مڪتب ڏانهن نهاري ٿي. چوي ٿي ته؛ سيد الهندي شاهه جي ٻاريل شمع کي اچو ته روشن ڪريون. افسوس جو سنڌ جي ٻين عظيم هستين جيان سيد الهندو شاهه به سنڌ کان وڇڙي ويو. سڄي سنڌ توڙي هند، کيس اڄ به خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. سيد الهندو شاهه [ ۱۸۶۷ع – ۱۹۱۹ع ] ميمڻ عبدالغفور سنڌي سنڌ جي سر زمين تي ڀانت ڀانت جي انسانن جنم ورتو آهي، جيڪي مختلف قسمن ۽ حيثتن جا مالڪ ٿي گذريا آهن؛ انهن مان ڪن جي زندگي نيڪيءَ ۾ گذري آهي، ته ڪن وري پنهنجي خداداد لياقتن سببان قوم جي ڏک ۾ ڀاڱي ڀائيواري ڳنڍي آهي. اهڙن نيڪو ڪارن جو نالو سنڌ جي تاريخ ۾ سدائين عزت ۽ احترام سان ورتو وڃي ٿو. تعلقي ڪنڊياري، ضلعي نوابشاه جي ڳوٺ ”ڊڀري“ جو مشهور زميندار، سيد الهندو شاه ولد سيد يوسف شاه به هڪ زنده دل ۽ غريبن جو هڏ ڏوکي ٿي گذريو آهي، سندس ولادت ۲۴ شعبان ۱۲۸۴ هه مطابق ۱۷ آڪٽوبر ۱۸۶۷ع تي ٿي آهي. ٻهراڙيءَ جي رواج موجب، ڊڀري جي مدرسي مان عربي ۽ فارسيءَ ۾ ڀڙ ٿيو. سندس طبيعت ۾ سنجيدگي، سادگي ۽ نرمائي زياده کان زياده هئي، خداوند سندس ذهن تيز ڪيو هو؛ جنهن ڪري ٿوري وقت ۾ سنڌيءَ سان گڏ انگريزيءَ جي به خاص ڄاڻ حاصل ڪري ورتائين. سيد صاحب کي، قوم لاءِ هر وقت اونو هوندو هو. ننڍي خواه وڏي ۽ امير توڙي غريب لاءِ وٽس ساڳئي ئي ڪرسي هئي. ڪنهن کي به ڪڏهن گهٽ نه گهريائين. اهوئي سبب هو، جو ۲۴ ورهين جي عمر ۾ دهليءَ جي وائسراءِ جي ليجسليٽو اسيمبليءَ جو رڪن منتخب ٿيو. موقعي ملڻ سان، ويتر قومي خدمت کي پنهنجو فرض ڪري ڄاتائين، ان زماني ۾، سنڌ جي ماڻهن تي، غيرآباد پيل زمين تي زوريءَ ڍل وصول ڪئي ويندي هئي؛ جنهن کي ”نوبت“ چوندا هئا. نوبت نه ڏيڻ جي صورت ۾، زمين ضبط ٿيندي هئي. سيد صاحب هن ڏس ۾ ذاتي دلچسپي وٺي، نوبت کي هميشہ هميشہ لاءِ معاف ڪرائي ڇڏيو. سيد صاحب، قومي خدمتن سان گڏوگڏ سخاوت ۾ به مشهور هو. وس ورندي ضرورت مند خواه محتاج در تان واپس نه موٽائيندو هو. قومي خدمتن عيوض، سرڪار طرفان کيس ”فرسٽ ڪلاس آنرري مئجسٽريٽ“ به مقرر ڪيو ويو؛ جنهن عهدي تي پاڻ ڪافي وقت رهيو. سندس پوشاڪ سادي ۽ گهڻو ڪري سفيد هوندي هئي. اڪثر پهرياڻ تي پٽڪو ٻڌندو هو. انگريزي رواج موجب ٽاءِ (Tie) به ڳچيءَ ۾ وجهندو هو. پيرن ۾ سنڌي جتي ۽ موسم مطابق ڪوٽ پائيندو هو. پاڻ عوام جي سک ۽ سهنج لاءِ ڪيترا ئي ڪم ڪيائين. خاص ڪري مسلمانن جي تعليم لاءِ ۱۹۰۳ع ۾ نوشهري فيروز ۾ مدرسو قائم ڪري، مسلمان ٻارن کي خوب همٿايائين. مدرسي لڳ ٻاهران آيل شاگردن لاءِ رهائشگاه (هاسٽل) پڻ تعمير ڪرايائين. اڄ هي مدرسو هاءِ اسڪول جي صورت ۾ سندس ياد تازي ڪري رهيو آحي. اهڙيءَ طرح لوڪل بورڊ جي سهڪار سان نياڻين جي تعليم لاءِ پڻ ڪافي مڪتب کولرايائين. افسوس! سنڌ جي هن مثال انسان کي حياتيءَ ساٿ نه ڏنو؛ جنهن ڪري ۵۳ ورهين جي ڄمار ۾، ۱۳۳۸ هه مطابق ۱۹۱۹ع تي راه رباني ورتائين. پاڻ صوم صلوات جو پابند ۽ هر روز صبح جو قرآن پاڪ جي تلاوت ڪندو هو. مسجدون جوڙائڻ، مسافر خانا ٺهرائڻ، کوه کوٽائڻ ۽ آئي وئي لاءِ کاڌي جو بندوبست ڪرڻ؛ سندس خاص مشغلو هو. ازانسواءِ سرڪاري ڪمن سان وڏو سهڪار ڪيائين سندس خدمتن عيوض سرڪار کيس آفرين نامن سان گڏ ”آنربل“ ۽ ”خانبهادر“ جا خطاب به ڏنا. پٺيان ٻه فرزند: قرارو شاه ۽ محمد علي شاه ڇڏيائين. (۱)– پاڻ متعلوي سيدن جي شاخن مان هڪ وڏي خاندان جو فرد ۽ وڏيءَ پڄنديءَ وارو شخص هو. [”الوحيد“ (سنڌ آزاد نمبر)، ۱۵ جون ۱۹۳۶ع، ص -۱۶۳]. (۱) – سيد صاحب، درٻيلي ۾ عيد گاه جي تعمير لاءِ هندن سان سخت جدوجهد ڪئي. نوبت آخر فساد جي صورت اختيار ڪئي؛ جنهن کي پاڻ ڏاهپ سان، مقدمي جي وسيلي نهايت ئي مدبرانه انداز ۾ ڪاميابيءَ سان نبيريو. الهندو شاھ ساهتي پرڳڻي جو سرسيد فتح محمد برفت نوشھروفيروز (رپورٽر) سنڌ يونورسٽي ڪيمپس خانبهادر سيد الھندو شاھ نوشھروفيروز ۾ بزنس ارينا (روزگار جا ذريعا) جي عنوان سان ھڪ پروگرام ٿيو، جنهن کي خطاب ڪندي سنڌ يونورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد برفت چيو ته جنهن وٽ لطيف، سچل ۽ علامه اقبال جهڙا آفاقي شاعر ھجن اها قوم ترقي ئي ڪندي. ھن چيو ته سيد الهندو شاھ ساهتي پرڳڻي جو سرسيد احمد خان ھو علي ڳڙھ به هڪ اسڪول هو جيڪا يونورسٽي بڻي مدرسه هاءِ اسڪول نوشھروفيروز ھڪ يونورسٽي آھي. ظفر علي شاھ چيو ته ۱۹ صدي جي آخر ۱۸۹۳ع ۾ ھي ادارو قائم ٿيو، ان وقت نوشھروفيروز هڪ واهڻ هيو ان دور ۾ اسان جي وڏن خانبهادر سيد الهندو شاھ انگريزي تعليم جي شمع ٻاري، سيد الهندو شاھ شاگردن کي ھاسٽل ۾ رھائڻ جو بندوبست به ڪندو هو ۽ تعليم به ڏياريندو هو. ھن يونورسٽي ڪيمپس جي لائبريري جي ڪتابن جي لاءِ ۲ لک رپين جو اعلان ڪيو. تعليمي ماھر ۽ يونورسٽي لاءِ جدوجهد ڪندڙ فقير محمد ميمڻ مطالبو ڪيو ته ڪيمپس کي الڳ يونورسٽي جو درجو ڏنو وڃي جنهن لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ ۲۱ فيبروري ۲۰۱۲ تي ايم پي اي احمد علي شاھ هڪ ريزوليشن پڻ پاس ڪرايو هو. ڪيمپس جي پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر اسلم پرويز ميمڻ چيو ته بزنس ارينه پروگرام منعقد ڪرڻ جو مقصد نوجوانن کي تعليم کان پوءِ پنهنجي پيرن تي بيهارڻو آھي، جنهن لاءِ اسان مختلف اسٽال پڻ لڳايا آھن. تقريب کي ايم پي اي شھناز انصاري ضلع وائيس چيئرمين پير قربان علي ۽ ٻين خطاب ڪيو. (پنھنجي اخبار ۾ ۱۴ اپريل ۲۰۱۹ع تي شايع ٿيو) خانبهادر سيد الهندو شاھ تاريخ ساز شخصيت مبين چنا ساهتيءَ جي اھم تهذيب يافتہ شهرن مان درٻيلو پڻ هڪڙو خصوصي ۽ نمايان حيثيت رکندڙ شهر هو. هن شهر جو پراڻو نالو ڊڀرو هو. ”راڻو سهتو ڀوئر راٺوڙ (سهتو) درٻيلي تي راڄ ڪندو هو. جنهن جي گاديءَ جو هنڌ ديرو هو.“ شايد ڊڀرو ”ديرو“ جي بگڙيل صورت آهي. ڪن تاريخدانن جو خيال آهي تہ درٻيلو هڪ پرڳڻي جو نالو هو. هيءُ شهر آمدرفت جي لحاظ کان تمام اهم هو. سيوهڻ شهر کي سامهون هئڻ جي ڪري هن جي اهميت اڃان بہ وڌي وئي هئي. سيوهڻ ۽ درٻيلي جي وچ ۾ سنڌو درياھ هن وقت بہ پنهنجي پوري آب تاب سان وهي رهيو آهي. جيڪو آمدرفت جو بهترين ذريعو هو ۽ آهي، ارغونن ۽ ترخانن جي دور ۾ هي شهر وڏي افاديت ۽ اهميت رکندڙ هو. هن شهر جو اوج ڪلهوڙن جي اوائلي دور ۾ بہ قائم هو پر ڪلهوڙن جي پوئين دور ۾ جڏهن هالاڻي کي محالڪاريءَ جو درجو مليو تہ هن شهر جي اهميت گهٽجي وئي ۽ پوءِ مدد خان پٺاڻ جي حملي هن شهر جو آڪي باقي اوج بہ ختم ڪري ڇڏيو. اڄ ڪالھ درٻيلو پراڻو يونين ڪائونسل جي سطح وارو شهر آهي جڏهن تہ درٻيلو نئون ڀريا تعلقي جي حددن ۾ آهي. درٻيلي شهر هر دور ۾ انمول هيرا پيدا ڪيا آهن جن پنهنجي سموري زندگيءَ انسانيت جي خدمت ڪندي گذاري آهي اهڙن ئي انمول هيرن مان هڪڙو سيد الهندو شاھ بہ آهي، جيڪو متعلوي ساداتن جي هڪ معزز گهراڻي ۾ ۱۸۶۴ع ۾ درٻيلو شهر ۾ تولد ٿيا. سندس وڏا اصل ۾ مٽياريءَ جا هئا جتان هجرت ڪري درٻيلي ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. سندس والد سيد يوسف علي شاھ پنهنجي وقت جو وڏو بزرگ ۽ پهتل ٻانهو هو، فقير فولاد شر پنهنجي ڪتاب ”روح اعظم “ ۾ لکيو آهي تہ مون کي فيض درٻيلي جي بزرگ سيد يوسف علي شاھ کان مليو آهي. سيد الهندي شاھ کي بنيادي تعليم لاءِ درٻيلي جي ديني مدرسي ۾ داخل ڪيو ويو جتي هن عربي، فارسي ۽ سنڌي ۾ تعليم حاصل ڪئي. شاھ صاحب ۱۸۹۷ع کان ۱۹۰۹ع تائين حيدرآباد لوڪل بورڊ جو چونڊيل ميمبر، ۱۹۰۹ع تائين بمبئي ڪائونسل جو چونڊيل ميمبر ۽ ۱۹۱۶ع کان هندوستان جي وائسراءِ اسيمبلي جو چونڊيل ميمبر رهيو. خانداني پيشي زمينداري سان گڏ ۱۸۹۸ع ۾ جڏهن هو حيدرآباد لوڪل بورڊ جو چونڊيل ميمبر هو تہ سندس لياقتون ۽ صلاحيتون ڏسي، انگريزن کيس قاضي يا اعزازي اسپيشل مئجسٽريٽ پڻ مقرر ڪيو. جنهن منصب کي هن نهايت ئي قابليت ۽ ايمانداري سان ادا ڪيو، جنهن ڪري انگريزن کيس ”خانبهادر“ جو لقب عطا ڪيو. شاھ صاحب اعلي دماغ ۽ رعبدار شخصيت جو مالڪ هو. پاڻ پنهنجي دور جو ڏهيسر هو. قومي درد رکندڙ ۽ مسلمانن جو هڏ ڏوکي هو. شاھ صاحب جڏهن دهلي جي وائسراءِ جي ليجسليٽو اسيمبلي جو ميمبر هو تہ انهن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ غير آباد زمين تي بہ ڍل هوندي هئي. جنهن کي نوبت سڏيو ويندو هو. ان جي نہ ڏيڻ تي سرڪار زمين ضبط ڪري ڇڏيندي هئي. آنربل سيد الهندي شاھ جي ڪوششن سان اها ڍل يعني غير آباد زمين تي معاف ٿي. ان کان سواءِ زمينداري جي ڌنڌي ٽيڪس جي مقرري جو بل پيش ٿيو تہ شاھ صاحب اهو بل ٻئين ميمبرن جي مدد ۽ تعاون سان رد ڪرايو. خانهادر سيد الهندو شاھ پوک ۽ باغباني جو وڏو عالم هو، پاڻ پنج وقت پابندي سان نماز پڙهندڙ، خوش اخلاق خوش طبع، مهمان نواز، انسان دوست ۽ نهايت ئي سادو انسان هو. سندس پوشاڪ نهايت صاف ۽ سادي هوندي هئي. پاڻ نهايت ئي سخي مرد هوندو هو، سندس در تان ڪو بہ ضروت مند خالي واپس نہ ويندو هو. کيس ”ساهتيءَ جو سرواڻ“ واري لقب سان پڻ ياد ڪيو ويندو آهي. خانبهادر سيد الهندي شاھ کي خدا پاڪ ٻہ لائق فرزند عطا فرمايا (۱) سيد قرارو شاھ جيڪو ۱۹۰۸ع ۽ ڄائو ۽ (۲) سيد محمد علي شاھ جو ۱۹۱۲ع ۾ ڄائو. جئين تہ شاھ صاحب پاڻ علم جو وڏو شائق هو ان ڪري پنهنجي اولاد جي تعليم ۽ تربيت لاءِ ان وقت سنڌ جي وڏي عالم مولوي ميان فتح محمد سيوهاڻي جن جون خدمتون حاصل ڪيو ۽ ٻنهي کي مدرسہ هاءِ اسڪول نوشهرو فيروز ۾ داخل ڪرايو. جڏهن انگريزن ۱۸۴۳ع ۾ ٽالپرن کان سنڌ فتح ڪئي ۽ هتي انگريزن جو راڄ شروع ٿيو تہ انگريزن سنڌ جي لاءِ نئين تعليمي پاليسي اختيار ڪئي. ان کان پهريون سنڌ جي مدرسن ۽ مڪتبن ۾ عربي، فارسي ۽ سنڌي ۾ تعليم ڏيڻ وارو سسٽم رائج هو جنهن کي ڪافي ڌڪ لڳو. وري جڏهن ۱۸۵۳ع ۽ انگريزن سنڌي ٻوليءَ لاءِ نئي الف بي تيار ڪرائي سنڌ جي تعليمي درسگاهن ۾ مروج ڪرائي تہ سنڌ جي هندن انگريزيءَ تعليم ۾ وڏي ترقي ڪئي هر هنڌ اسڪول ۽ ڪاليج قائم ڪيا ۽ سنڌ جي مسلمانن ۾ انگريزن خلاف سخت نفرت موجود هئي جنهن ڪري سنڌ جي عالمن ۽ عام ماڻهن انگريزي تعليم جي بہ سختي سان مخالفت ڪئي، اهو ئي ڪارڻ هو جو سنڌي مسلمان انگريزي تعليم پرائڻ کان اُن وقت پيٺي رهيا. ان ئي صورتحال کي ڏسي برصغير جي مسلمانن انگريزي تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ وڏي جدوجهد شروع ڪئي. انهي ڏس ۾ جسٽس امير علي ۱۸۷۶ع ۾ ڪلڪتي ۾ ” سينٽرل نيشنل محمدن ائسوسيئيشن“ نالي هڪڙي جماعت قائم ڪئي، ۱۸۸۴ع ۾ جڏهن ڪنهن ڪم جي سلسي ۾ جسٽس امير علي ڪراچي آيو تہ هتان جي سنڌي ملسمان اڳواڻن سان ڪافي گڏجاڻيون ڪيون ۽ کئين مسلمانن لاءِ انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ تي زور ڀريو ۽ ان ئي سلسلي ۾ ڪراچي ۾ ”محمدن ايسوسئيشن“ جي شاخ قائم ڪئي. ان ئي سلسلي ۾ ۱۸۸۵ع ۾ حسن علي آفندي ڪراچي ۾ ”سنڌ مدرسہ السلام" جو بنياد رکي سنڌ جي مسلمانن کي انگريزي تعليم پرائڻ جو آغاز ڪيو. ساھتي پرڳڻو سنڌ جو وچولو وارو خطو آهي ان ۾ ڪيترائي ورھ انگريزي تعليم لاءِ ڪو بہ خاطر خواہ بندوبست ٿيل نہ هو. انهن مڙني ڳالھن کي آڏو رکندي سيد الهندي شاھ پنهنجي اباڻي شهر درٻيلو کي ڇڏي نوشهرو فيروز ۾ ۱۹۰۳ع ۾ مسلمانن جي لاءِ انگريزي تعليم پرائڻ لاءِ ”مدرسہ هاءِ اسڪول نوشهرو فيروز" جو بنياد رکيو. نوشهرو فيروز ۾ ان مدرسہ جو بنياد رکڻ جو هڪڙو سبب اهو بہ هو تہ ان وقت نوشهرو فيروز ڊويزن جو هيڊڪوارٽر هجڻ سان گڏ ساھتي پرڳڻي ۾ هن شهر کي قديم زماني کان وٺي مرڪزي حيثيت حاصل هئي. هن مدرسہ جو پهريون نالو ”نوشهرو فيروز مدرسہ" رکيو ويو هو جتي صرف ڇهين ڪلاس تائين انگريزي تعليم ڏني ويندي هئي. ۱۹۰۴ع ۾ ضلعي لوڪل بورڊ شاگردن جي رهائش لاءِ هڪ عاليشان هاسٽل تعمير ڪرائي هئي. سيد الهندي شاھ جي ذاتي ڪوششن سان مدرسو اڳٿي هلي ”ھاءِ اسڪول“ جي سطح تي آندو ويو ۽ ۱۹۱۸ع ۾ ميٽرڪ تائين تعليم ڏيڻ جو بندوبست ڪيو ويو. سيد الهندي شاھ هر وقت وڏي فراخدلي سان هن مدرسي جي وڏي مالي مدد ڪئي ۽ ڪيترن ئي غريب ۽ نادار شاگردن کي اسڪالرشپ ڏئي کئين تعليم جي راھ ۾ همٿايو. سنڌ جا وڏن نالن هن اسڪول مان تعليم حاصل ڪئي آهي جن ۾ شمش العلماءِ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، غلام رباني آگرو، جسٽس محمد بچل ميمڻ، اسٽيٽ بينڪ جي اڳوڻو گورنر جي اين قاضي، پاڪستان جو اڳوڻو وزير اعظم غلام مصطفي جتوئي سميت بيشمار نالا آهن جيڪي هن اسڪول مان تعليم حاصل ڪري وڏن عهدن تي پهتا. ۳۱ آڪٽوبر ۱۹۹۵ع ۾ ”سئو سالا جشن گورنمينٽ مدرسہ ھاءِ اسڪول نوشهرو فيروز“ ملهايو ويو جنهن ۾ وڏي ڪوشش سيد ظفر علي شاھ صاحب جي هئي، هن جشن ۾ صدر پاڪستان محترم فاروق احمد لغاري صاحب شرڪت ڪئي ۽ صدارتي فنڊ مان مدرسہ هاءِ اسڪول لاءِ ۳۰ لک روپين جي فنڊ جو اعلان ڪيو. سيد ظفر علي شاھ صاحب ۽ ڊاڪٽر احمد علي شاھ صاحب جي ذاتي ڪوشش سان نوشهرو فيروز ۾ خانبهادر سيد الهندو شاھ جي نالي سان سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشوري جي ڪمپس قائم ٿي آهي جتان هن علائقي جي غريب شاگردن کي اعلي تعليم حاصل ڪرڻ جي سهولت حاصل ٿئي آهي. ساھتي جو سرواڻ، درٻيلو شهر جو شان سيد الهندو شاھ جهڙو تاريخ ساز اڳواڻ ۱۹ آڪٽوبر ۱۹۱۹ع ۾ ۵۶ سالن جي عمر ۾ اسان کان وڇڙي ويو ۽ کيس درٻيلو شهر ۾ سندس اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. درٻيلو جي ڪنهن دوست کي سيد الهندي شاھ جي سياسي، ادبي ۽ علمي خدمتن تي پي ايڇ ڊي ڪرڻ گهرجي ۽ ان گڏ سان شاھ صاحب جو جيڪڏهن لکيل ڪو مواد هجي تہ ان کي جلد کان جلد شايع ڪرڻ گهرجي تہ جئين سنڌ جي نئي نسل کي اسان جي اصل هيرن جي باري ۾ معلومات ملي سگهي. (ڏھاڙي سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد ۾ ۱۹ ڊسمبر ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
پيءُ ننڍو، پٽ وڏو!؟ ننڍڙي ڪھاڻي مٺل جسڪاڻي ”يار سليم، اِها چوڻي ته ٻڌي هوندئي. چوندا آهن نه ته، ننڍڙا ڪوئا هليا آهن، وڏن جا ڪن ڪترڻ“! سليم، سلام ورائڻ کان پوءِ اسان ويٺلن سان هٿ ملائي ويٺو ته، ڪنهن به ساڻس خير عافيت ته ڪا نه ڪئي اٽلو حفيظ کانئس سوال ڪري ويٺو. ”ها. اهڙي ڪا چوڻي آهي ته سهي.“ سليم وراڻيو. وسائي مٿان چيو؛ ”ان ۾ پيءُ جي ننڍي هجڻ ۽ پٽ جي وڏي ٿيڻ واري ڳالھ کي، ڪيئن مڃجي؟“ ”منهنجا مٺڙا. جيڪڏهن ننڍڙا ڪوئا، وڏن جا ڪن ڪتري سگهن ٿا، ته پوءِ پيءُ ننڍو ۽ پٽ به وڏو ٿي سگهي ٿو.“ احسان شرارتي انداز ۾ چيو. سڀني ويٺلن کان کِل نڪري وئي. پر اها کِل، خير محمد کي ڪا نه وڻي. ان تي حفيظ کان ڪاوڙ گاڏڙ سوال ڪيائين؛ ”اها ڳجهارت سَر به ڪندين يا...؟!“ ”ها، ها. ڇو نه؟“ حفيظ هائوڪار ڪندي، سليم ڏانهن نهاري چوڻ لڳو؛ ”سليم سان به حالي حوالي ٿيڻو آهي. تنهنڪري پهرين اوهان کي ٻڌائي وٺان....“ ٿوري ساهي کان پوءِ حفيظ، وري ڳالهايو؛ ”منهنجي عمر، اٽڪل چوٽيهه سال ۽ منهنجو پٽ وڌ ۾ وڌ چئن يا ساڍن چئن سالن جو ٿيندو. اسين ٻئي پيءُ پٽ، ويٺل ته گڏ هئاسين، پر ڄڻ ته هڪٻئي کي پٺيرا هئاسين. آئون پنهنجي سوچن ۾ ۽ هو پنهنجي ڪرت ۾ هو.“ ”اسان سڀ ائين چُپ هئاسين، جيئن ڀتيون ماٺ هونديون آهن.“ حفيظ پنهنجي ڳالهه روان رکي؛ ”مون اوچتو منهنجي پٽ کي ڏٺو. سندس ساڄي هٿ جي ڏسڻي آڱر وات ۾ هئس. چتائي ڏٺم ته خبر پئي، هو ڏندن سان نُهن لاهي رهيو هو. چيومانس؛ ’بابا! ائين نه ڪر، سور ٿيندئي.‘ مون کي منهنجي پٽ جواب ڏنو؛ ’بابا! منهنجا ننهن وڏا ٿي ويا آهن.‘“ سليم کي هلندڙ بحث جي ڪا خاص خبر ڪا نه پئجي سگهي. شايد ان ڪري ئي بوريت محسوس ڪرائڻ لڳو هو. پر اسان سڀ حفيظ کي، دلچسپيءَ سان ٻڌي رهيا هئاسين. پٽ سان ٿيل گفتگو ٻڌائيندي ھن چيو؛ ”مون پٽ کي چيو؛ ’بابا! نُهن ائين ته ڪو نه لاهبا آهن. تنھن تي پٽ وراڻيو؛ ’ته پوءِ تون لاهه نه.‘ چيومانس؛ ’تنهنجو چاچو اچي، ان کي چئجان ته هو پاڻهين تنهنجا نُهن لاهيندو.‘“ حفيظ ڳالھ کي اڳتي وڌائيندي وڌيڪ ٻڌايو؛ ”مون کيس چاچس لاءِ چيو ته هو پڇڻ لڳو؛ ’ڇو تون نه ٿو لاهين؟‘ مون کلي، نٽائيندي چيس؛ ’اڙي بابا! آئون پنهنجا نُهن به الائي ڪيئن لاهيندو آهيان. تون چاچهين کي چئجانءِ ۽ اهو لاهي ڇڏيندو.‘ منهنجي پٽ بيزار ٿيندي سوال ڪيو؛ ’پر تون ڇو نه ٿو لاهين؟‘ ۽ مون وري به نٽايو؛ ’مون کان ڪو نه لهندا.‘“ اسان سمورن ٻڌو پئي، حفيظ اسان کان سوال پڇندي چوڻ لڳو؛ ”خبر اٿو؟ مون کي منهنجي پٽ ڪهڙو جواب ڏنو؟ هن چيو؛ ’تون ته رات ڄائو آهين نه!؟‘.....“ ٿوري دير ماٺ کان پوءِ حفيظ وري ڳالهائڻ لڳو؛ ”ٻيو واقعو آھي. هڪ ننڍڙي ٽيبل جي هڪ پاسي آئون ۽ ٻئي پاسي منهنجو اهو ساڳيو پٽ ويٺو هو. ٽيبل تي هڪ جڳ ۽ ان جي ڀر ۾ گلاس رکيل هو. مون کي اڃ لڳي ته جڳ کنيم. جڳ ۾ پاڻي بنهه ٿورو هو. تنهنڪري پاڻ پيئڻ بدران، گلاس ۾ پاڻي وجهندي پٽ کي چيم؛ ’پاڻي آهي ته سهي، پر ٿورو آ.‘ ايتري ۾ سمورو پاڻي، گلاس ۾ اوتجي چڪو هو. سو مون ڀريل گلاس پٽ ڏانهن وڌائيندي چيو؛ ’اچي وٺ’ تون ئي نڙي سائي ڪر.‘ هن مون کان گلاس وٺي، عام رواجي صاف شفاف بي رنگ پاڻي ڏسي چيو؛ ’پاڻي ته اڇو آهي. نڙي سائي ڪيئن ٿيندي؟‘....“ حفيظ ٻيءَ ڳالهه، ٻيو واقعو ٻڌائڻ کان پوءِ ٿوري دير لاءِ ماٺ ٿي، شايد وري ڪو ٽيون قصو ٻڌائڻ وارو هئو ته، احسان چوڻ لڳو ”هائو ڀائو هائو. مڃيوسين، تنهنجو پٽ، پيءُ کان وڏو آهي.“ (ماهوار اڳواڻ جي آگسٽ ۱۹۹۵ع واري شماري ۾ ڇپيل)
ڊاڪٽر ادل سومرو سنڌ جو ٻهڳڻو شاعر ۽ ليکڪ محمد سليمان وساڻ پيار کان جي ڌار آهي شاعري سا به ڪهڙي يار آهي شاعري سنڌ جي موجوده دور جي شاعرن جو جڏهن ذڪر ڪبو ته سکر جي ڊاڪٽر ادل سومرو جو نالو سڀني کان مٿانهون هوندو. ڊاڪٽر ادل سومرو پنهنجي شاعريءَ ۾ احساسن، امنگن، جذبن، سونهن ۽ سُريت کي سهڻي انداز سان پيش ڪيو آهي. ڊاڪٽر ادل سومري جو اصلي نالو عبدالڪريم سومرو آهي ۽ سندس جنم سکر ۾ محمد صالح سومرو جي گهر ۱۵ آگسٽ ۱۹۵۵ع تي ٿيو. شروعاتي تعليم سکر مان ۽ پوءِ ميٽرڪ ۽ بي اي به اتان ئي ڪئي. ايم اي اقتصاديات ۾ سنڌ يونيورسٽيء مان ۱۹۷۷ع ۾ فرسٽ ڪلاس سان پاس ڪرڻ سان گڏ سنڌ يونيورسٽيء مان ئي ۱۹۷۹ع ۾ سنڌي ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن سان ايم اي به پاس ڪيائون. ۱۹۹۹ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان سنڌي ادب ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائون. ڊاڪٽر ادل سومرو پنهنجي لکڻ جي شروعات ماءُ بنا ٻار نالي نظم لکي ڪئي، جيڪو ۱۹۶۹ع ۾ روزانه هلال پاڪستان ۾ ڇپيو. وقت سان گڏ سندس شاعريء ۾ نکار اچڻ لڳو جنهن جو هڪ سبب سندس هم عمر ساٿي اياز گُل سان گڏ سکر ۾ ٿيندڙ سنڌي ادبي سنگت جي ادبي گڏجاڻين ۽ ڪچهرين ۾ اچڻ وڃڻ سبب پيدا ٿيو. جتي شيخ اياز، رشيد ڀٽي، فتاح ملڪ ۽ تنوير عباسي جهڙن عظيم شاعرن ۽ لئڪن کان سکڻ جو موقعو حاصل ٿين. ڊاڪٽر ادل سومرو ٻارن لاءِ شاعري ۽ ڪهاڻين جا ڪتاب لکي سنڌي ادب ۾ ٻاراڻي ادب جي کوٽ جي پورائي ڪرڻ جهڙو اهم ڪم پڻ ڪيو آهي. ادل سومرو سنڌي شاعريءَ ۾ غزل، هائيڪي، نظم، بيت، گيت ۽ وائي جو پختو شاعر ٿي اڀريو آهي ۽ سندس هاڪ سنڌ ۽ هند ۾ هر هنڌ آهي. ادل سومرو شاعريء سان گڏ ڪهاڻيون، مقالا، مضمون ۽ ريڊيو لاء اسڪرپٽ پڻ لکيا آهن. انکانسواٰءِ هن ڪيترائي ڪتاب مرتب ڪرڻ سان گڏ شاعريءَ کي ٻين ٻولين ۾ ترجمو پڻ ڪيو آهي. ڊاڪٽر ادل سومرو سنڌيءَ سان گڏ اردوءَ ۾ پڻ شاعري ڪئي آهي. سندس شاعري سنڌ جي اهم فنڪارن ريڊيو ۽ ٽي وي سان گڏ اسٽيج تي ڳائي خوب داد حاصل ڪيو آهي. ريڊيو ۽ ٽي وي تي سندس 200 کان مٿي گيت، وايون ۽ غزل رڪارڊ ٿي چڪا آهن. ڊاڪٽر ادل سومرو ۱۹۸۱ع ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي سنڌي شعبي ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر طور پنهنجون ذميواريون سنڀالي سنڌي ادب جي شاگردن لاءِ هڪ رهنما طور ڪم ڪري رٽائرمينٽ ورتي آهي. سندس ادبي ڪمن ۾ ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن: وليون وڻ ڦلارئا (شاعري)، سمنڊ جاڳي ٿو (شاعري)، وساري نه ڇڏجو (شاعري)، اسين مسافر پيار جا (نثر)، روز ٽڙن رابيل (ٻارن لاءِ شاعري)، چنڊ پشم گولو (ٻارن لاءِ شاعري)، آچر جا احوال (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون)، پتلين جو تماشو (ٻارن لاءِ شاعري)، جيتن جي ڪانفرنس (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون)، نئين دؤر جا نوان سبق (ٻارن لاءِ ڪالم)، مٽيءَ جا رانديڪا (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون) ڇپيل آهن. انهن کانسواء سندس ترتيب ڏنل ڪتابن ۾ سنڌالاجي ۽ ساميءَ جا مٽ (سگا مرڪز) مرتب، سنگت ڪهاڻي نمبر (مرتب)، سنگت شاعري نمبر (مرتب)، سنگت ڪارڪردگي نمبر (مرتب)، رنگ برنگي ڦوڪڻا (ٻارن لاءِ شاعري) سنڌالاجي ڄامشورو (مرتب)، ٻارن لاءِ چونڊ ڪهاڻيون - اڪيڊمي آف ليٽرز اسلام آباد (مرتب)، ٻارن لاءِ گيت (سگا روشن تارا اسڪول لاءِ) (مرتب)، سرمست (خيرپور) مرتب، نيروليءَ جو خواب (مضمون ۽ خاڪا)، ڏات جي ڏيهه مان (فنڪارن جا تعارفي خاڪا)، انقلاب، اسٽين گن ۽ ڪتو (ڪهاڻيون)، سنڌي ادبي سنگت، تاريخ ۽ ڪردار (ڊاڪٽريٽ جو مقالو) شامل آهن. ڊاڪٽر ادل سومرو هڪ شاعر ۽ اديب هجڻ سان گڏ نفيس انسان پڻ آهي. سندس بي بها خوبين مان هڪ خاصيت سندس مرڪي ملڻ ۽ هر ننڍي يا وڏي کي عزت ۽ مان ڏيڻ ، ملنساري سان گڏ حوصلا افزائي ڪرڻ واري به آهي. ادل سومرو کي سندس مڃتا عيوض اڻ ڳڻيا ادبي ۽ مڃتا اوارڊ مليا آهن. کيس 2011 ۾ سندس ادبي مڃتا عيوض حڪومت پاڪستان پاران صدارتي اوارڊ براءِ حسن ڪارڪردگي سان پڻ نوازيو ويو. ادل سومرو جو گهڻو وقت سنڌي ادبي سنگت ۽ ادبي ميڙاڪن ۾ گذريو آهي. ان کانسواءِ هو سماجي ڪم ۾ به اڳڀرو رهيو آهي. سنڌي ادبي سنگت سکر جو جنرل سيڪريٽري، سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري، سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي سڪريٽري جنرل، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سکر جو نائب صدررهڻ سان گڏ مختلف ادبي، علمي ۽ سماجي ادارن ۽ تنطيمن جو اعزازي ۽ صلاحڪاري بورڊ جو ميمبر رهندو اچي. اڄ ڪلهه روزاني عوامي آواز ۾ بيت لکي رهيو آهي. سنڌ جي هن ڏاهي ڏات ڌڻيءَ لاءِ دعا آهي ته زندگيء جو نئون سال شال سندس زندگيءَ ۾ خوشين جا خزانا ۽ نئين بهارن جا پيغام آڻي. ادل سومرو سنڌ جو آدرش وادي ڪردار رحمت الله پيرزادو ادل سومرو، محمد صالح سومري جي گهر ۾ ۱۵ آگسٽ ۱۹۵۵ع تي سکر ۾ ڄائو. سندس نالو عبدالڪريم رکيو ويو. ادل سومري ۱۹۷۳ع ڌاري، سنڌ يونيورسٽيءَ مان اقتصادياتEconomics ۾ ايم اي ڪئي ۽ ۱۹۷۹ع ڌاري سنڌي لٽريچر ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ فرسٽ ڪلاس پوزيشن گولڊ ميڊل ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي. ادل سومري، ۱۹۹۹ع ڌاري شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان، سنڌي ادب ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. ادل سومري جي ادبي اوسر ترقي پسند تحريڪن مان ٿي. هو سنڌي ادب سنگت ۽ سنڌ گريجوايٽس ايسوسيئيشن کان ويندي ڪيترين ئي قومي ۽ بين الاقوامي تنظيمن سان سلهاڙيل رهيو آهي. سنڌي ادب ۾، ادل سومرو هڪ خوبصورت شاعر طور سڃاتو وڃي ٿو. ادل سومرو ذاتي طرح شيخ اياز، ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ تاج جويي جي ويجهو رهڻ ڪري ۽ انهن جي صحبت ۾ ادب جي سنجيدگيءَ کي سمجهي چڪو آهي. سندس ادبي پرورش ۾ انهن سينئر شاعرن جو وڏو حصو آهي. سندس ڏات، هر وقت سندس ذات تي حاوي رهي آهي. ذاتي طرح، ادل سومري ۾ مون اهو محسوس ڪيو آهي ته هو هڪ ئي وقت ليڊر ۽ ورڪر واريون ٻئي خصوصيتون رکي ٿو. جيڪا شيءِ ٻڌائي ٿي ته هو ادب کي نظرياتي طرح به Own ڪري ٿو. ادل سومري جي شاعري وائيءَ کان شروع ٿئي ٿي. هن شروعات ۾ تمام خوبصورت وايون، بيت ۽ دوها (يعني ڪلاسيڪل صنفون) لکيا. ان بعد خوبصورت غزل، گيت ۽ نثري نظم لکيائين. سندس منفرد اسلوب، کيس پنهنجي همعصر شاعرن کان الڳ ڪري بيهاري ٿو. موجودهه سنڌي شاعريءَ ۾ جيئن ته غزل سڀ کان وڌيڪ مقبول صنف ٿي اڀريو آهي، جنهن ۾ سنڌي شاعرن قابل داد تجربا پڻ ڪيا آهن، ادل سومري جو غزل سندس خوبصورت سڃاڻپ آهي. هو غزل جو ڪامياب شاعر آهي. هن وٽ پنهنجو ڍنگ (Diction) آهي. ادل واحد شاعر آهي جنهن وٽ شهرن توڙي ڳوٺن جي زندگيءَ جو درد ساڳيءَ شدت سان نظر اچي ٿو. هو سادي ٻوليءَ ۾ شديد کان شديد احساس بيان ڪرڻ جو ڏانءُ رکي ٿو. هو هر صنف جي نزاڪتن سان گڏ پنهنجي مقصد جي ڳالهه چئي وڃي ٿو. هو وائيءَ ۾ ڪرفيو ۽ بم ڌماڪن جو ذڪر ڪري ڄاڻي ٿو. ”طبقاتي سماج ۾ دلبر ٿيو پٿر“ سندس اهي خيال، شديد ڪرب مان گذريل محسوس ٿين ٿا. طبقن واري ٽڪساٽ ۾، محبوب ڪيئن پٿر ٿئي ٿو؛ ان سماجي رويي کي شعر ۾ اظهارڻ ادل جي فن جو معراج آهي. ادل جو شاعراڻو پيچرو اهو آهي. هو رومانوي ڪيفيتن جو مصور شاعر آهي. مگر حالتن جي ڀڃ ڊاهه ۽ غير يقينيءَ جي صورتحال ۽ سنڌ جي احساس ڪمتريءَ وارو سڄو پس-منظر ادل جي اصل تخيل کي گرد آلود ڪندو رهيو آهي. (جيڪو تقريبًا سندس دور جي هر تخليق ڪار جو الميو آهي). ادل سومرو، سنڌي ٻوليءَ جو خوبصورت رومانوي شاعر آهي. پر هو جلندڙ روم کي ڏسي، نيرو جي بنسري وڄائڻ بجاءِ، پنهنجي رومانوي انداز ۾ احتجاج ڪري، پنهنجي دور جي سچن لکارين ۾ ڳاٽ اوچو ڪري، هلندي نظر اچي ٿو. هاڻ ادل ڀلي وڏين ۽ شاندار نوڪرين تي ويٺل هجي. (جن جو هو حقدار به آهي) هن پنهنجو پاند آزاد ۽ بي داغ رکيو آهي. هو ڊرائنگ روم سوسائٽيءَ جو حصو ناهي بڻيو. ادل اڄ به اورچ، جاکوڙي ۽ محنتي آهي. هو سنڌ جو آدرش وادي ڪردار آهي. ادل سومرو سِنڌُ جي اَدلَ جا ۶۸ سال فرهاد جيلاني هيءَ پوري دنيا توڙي سموري سنڌُ عظيم ڏاهن، اعليٰ خيالن جي علمبردارن سان ڀري پئي آهي هر ڪنهن پنهنجي نشست پنهنجي سوچ ۽ خيالن جي اڏام سان محفوظ ڪئي آهي ايئن ئي سنڌ جا شاعِر پنهنجي اعليٰ خيالن سان سنڌي ادب جي واڳ کي مضبوطيءَ سان جهلي سنڌي ادب جي نگهباني ڪري رهيا آهن، جن جو مقصد مقبوليت نه پر اڀرندڙ ذهنن جي آبياري ڪرڻ آهي. انهن منجهه ادل سومري جو نالو به اچي وڃي ٿو جنهن پنهنجي زندگيءَ جو گهڻو حصو ادب کي ڏنو آهي. ۱۵ آگسٽ ۱۹۵۵جي ڏهاڙي تي ادب جي دنيا ۾ هڪ مکڙي کلي پئي جيڪا اڄ هڪ وڏو گلشن بڻجي ڪري انيڪ مکڙين کي ڇانورا بخشي رهي آهي. ادل سومرو سنڌ جو اهو شاعر آهي جنهن هميشه کان ئي شاعريءَ تي ڀرپور نموني ڪم ڪيو آهي، پنهنجي ادبي زندگيءَ ۾ ۱۰ کان مٿي ڪتاب الڳ مضمونن تي سنڌي ادب جي جهوليءَ کي عطا ڪيا آهن جيڪي تقريبن سڀ ئي مقبول بڻيا آهن جن منجهه “اسين مسافر پيار جا”، “سمنڊ جاڳي ٿو”، “وساري نه ڇڏجو” ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن .انهيءَ کان علاوه هُو ٻارڙن جي شاعر جو اعزاز به ماڻي چڪو آهي،ادل ٻارن لاءِ ۱۵ کان مٿي ڪتاب لکيا آهن جن ۾ “مٽيءَ جا رانديڪا”، “آچر جا احوال”، “پوپٽ جهڙا گيت” ۽ ٻيا ڪتاب گهڻا مقبول آهن. سنڌ جي هن سرموڙ شاعر ڪٿي انقلابي بڻجي ته ڪٿي محبت جو سفير بڻجي پنهنجا خيال پنهنجين لکڻين ۾ آندا آهن، سڀڪو سمجهي ڪين ٿو، قصو هيءُ قديم، رهيو عشق عظيم، آهي هر ڪنهن دور ۾. ادل جي شخصيت نهٺائي، سان ٽمٽار آهي، هو هڪ ئي ملاقات ۾ ماڻهوءَ کي پنهجو شائق بڻايو ڇڏي. سچ ته معاشري ۾ اهو ئي اديب جو ڪردار هجڻ گهرجي جو هڪ ئي ملاقات منجهه هو ملندڙ کي پنهنجو زر خريد بڻائي ڇڏي. سنڌ جي ادل سالن کان هر هڪ ڏينهن تي هر هڪ موضوع کي چوسٽي ۾ بند ڪري پنهنجا خيال لوڪ تائين پهچايا آهن. ادل سومري پنهنجا ۶۸ سال سنڌ کي ارپيا جڏهن ته هن پنهنجي زندگيءَ۾ انيڪ ڏکاين کي منهن ڏئي ڪري پاڻ کي ادبي ميدان ۾ برقرار رکيو ۽ انيڪ اعزاز پنهنجي نانءُ ڪيا جن ۾ ثقافت کاتي پاران مليل بيسٽ بڪ ايوارڊ، تمغه امتياز، سچل سرمست بيسٽ پوئٽ ايوارڊ، ڪاروانِ ادب ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي ايوارڊ حاصل ڪيا. ادل سومرو جنهن جو قلمي نالو عبدالڪريم سومرو آهي خيرپور جي سرزمين سان سلهاڙيل رهي انيڪ ادبي خدمتون سرانجام ڏنيون، هن وقت پاڻ شاهه لطيف يونيورسٽي جي پروفيسر طور ڪم ڪري چڪو آهي جتان هن سنڌي ادب ۾ پي ايڇ ڊيءَ جي ڊگري حاصل ڪئي. پنهنجي بيچلرس ۽ ماسٽرس جي ڊگري سنڌ ورسٽيءَ مان حاصل ڪري ادبي دنيا ۾ اڃا وڏو نالو ڪمايائين جڏهن ته هن کي مقبوليت حاصل ڪرڻ جو ڪو به فڪر نه هوندو هيو.ادل سائينءَ ڪڏهن ڪڏهن ويڳاڻو هوندي به پاڻ کي ڪڏهن اڪيلو محسوس نه ڪيو آهي جيئن هن پاڻ ئي چيو آهي ته؛ دوست سڀ مصروف آهن سومرا، اڄ پنهنجو پاڻ سان ڪچهري ٿي وڃي. ادل سومري پنهنجي زندگيءَ ۾ غزل، هائيڪو، ٽيڙو، چوسٽا، بيت، گيت ۽ ٻين صنفن تي گهڻو ڪم ڪيو جڏهن ته اڄ ادل جي شاعري پڙهي ۽ مختلف سرن ۾ ڳائي وڃي ٿي جيڪا دنيا جي تقريبن ۳۶ ئي موضوعن تي(امر جليل چواڻي) لکيل آهي ادل سومري جو هڪ ٽيڙو آهي ته؛ شاهه سچل سامي، پياري ڀري پرڀات جا، آهن پيامي. سندس شاعريءَ ۾ ترنم، تجنيس حرفي، تجنيس زائد ۽ ٻيا موجود عنصو ملن ٿا جيئن مٿين ٽيڙوءَ ۾ “پيار ڀري پرڀات” تجنيس جو پورائو ڪري ٿي. هر انسان جي ادبي دنيا ۾ پنهنجي جڳهه هوندي آهي جيئن پنهنجي سوچن ۽ خيالن جي اڏار سان انسان پنهنجي جڳهه جوڙي وٺندو آهي جيڪا هن کي آسمان جي وسعتن تائين رسائيندي آهي. ادل جهڙا املهه موتي دنيا ۾ گهٽ ئي ملن ٿا جن جو قدر جوهريءَ جيان هڪ اديب ئي ڪري سگهي ٿو. ڀٽائيءَ جي هيٺ بيان ڪيل شعر جهڙو ادل سومرو پنهنجي ادبي سڀاءَ ذريعي قوم جي نوجوانن ۽ معاشري جي ٻين سڀني فردن جي آبياري ڪندو رهندو مائرون سي مرڪن، جنين جنگ نپايا، ٻين ويچارين، ڄڻيندي ڄمار ويئي. نامياري شاعر ادل سومري سان ڳالهه ٻولهه انٽرويو: سارنگ منير سومرو س... سڀ کان پهريان اوهان پنهنجي تعليمي ۽ پيشيوراڻي سفر بابت ڪجهه ٻڌائيندا؟ ادل سومرو .. ادا منھنجو نالو عبدالڪريم سومرو ولد محمد صالح سومرو، ادب ۾ منھنجي سڃاڻپ ادل سومري جي نالي سان آھي، منھنجو جنم سکر ۾ اجرڪ ڇريندڙ ھنرمند خاندان ۾ ۱۵ اگسٽ ۱۹۵۳ تي ٿيو، منھنجو والد محمد صالح سومرو ۽ ڏاڏو ٺارو سومرو اجرڪ جي فن جا مشھور ڪاريگر ھئا، منھنجي پرائمري کان ماسٽر تائين تعليم سکر ۾ ئي ٿي، پڙھائي دوران پرائمري استاد به رھيس، بعد ۾ پلاننگ اينڊ ڊيولپمنٽ ڊپارٽمنٽ ۾ ايڪانامڪ انويسٽيگيٽر، مختلف ڪاليجن ۾ ليڪچرار ۽ آخر ۾ سنڌي شعبي شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان پروفيسر چيئرمين جي حيثيت سان ۲۰۱۳ع ۾ رٽائر ٿيس. س ... اوھان جو ادب سان لڳاء ڪيئن ۽ ڪڏھن ٿيو ادل سومرو ..اسڪول ۾ اٺين درجي ۾ پڙھائئ دوران عظيم استاد سائين ممتاز علي مغل جن جي ھدايت تي مير معصوم شاھ لائبرري ويندو ھيس، جتي مطالعي جو شوق پيدا ٿيو ۽ اتساھ جا نوان دروازا کليا، ڪتابن جي دنيا سان تعارف ٿيو، لوڪ ڪھاڻين جا ست جلد اتي پڙھيا، ادب ۾ پھريون ليکڪ امر جليل ھو جنھن جون ڪھاڻيون اتي پڙھيون ۽ ان بيحد متاثر ڪيو، ائين کڻي چئجي ته مون لاءِ، ادب جو دروازو سائين امر جليل کوليو، پڙھڻ سان گڏ مون ۾ لکڻ جو جذبو به انھيءَ دوران پيدا ٿيو ۽ مون زندگي جو پھريون نظم به ان دور ۾ تخليق ڪيو، جنھن جو عنوان ھو ماء بنا ٻار جو نظم جيڪو ھلال پاڪستان اخبار ۾ ڇپيو ھو. اھو نظم مون ماءُ بابت لکيو ھو، جيڪا ويھن سالن جي عمر ۾ گذاري وئي ،جڏھن ته منھنجي عمر ان وقت صرف ڇھه مھينا ھئي، منھنجي پرورش منھنجي ڏاڏي مريم ڪئي ھئي، اڳتي ھلي گلن جھڙا ٻارڙا ۽ سنڌي ادبي سنگت جو پليٽ فارم مليو جتي ادبي آبياري ٿي، اتي شيخ اياز، رشيد ڀٽي، تنوير عباسي، فتاح ملڪ، ڪامريڊ آزاد ۽ ٻين جي رھنمائي حاصل ٿي ۽ ائين ادبي سلسلو وڌندو ويو. س .. ننڍپڻ جو ڪو يادگار واقعو ادل سومرو: پرائمري ٽئين درجي ۾ اسان جو استاد ھوندو ھو سائين عبدالرزاق مڱريو، جيڪو اسڪول ۾ سڀ کان پھريان نماز واري ڪاپي چيڪ ڪندو ھو ، جنھن ۾ ھر نماز جي سامھون، پيش امام جي صحي ٿيل ھوندي ھئي، مان فجر جي نماز نه پڙھي سگھندو ھوس، جنھن ڪري روز صبح جو مار کائيندو ھوس، مار کان بچڻ لاءِ مون ھڪ اٽڪل سوچي جو فجر واري خاني ۾ مان پاڻ پيش امام جي ڪوڙي صحيح ڪري ڇڏيندو ھوس، اھا ڳولي سوچي مان اڄ به مرڪي پوندو آھيان، ان تي اسان جي وڏڙن کي سوچڻ کپي. س: ھن وقت تائين ڪيتري شاعري ڪري چڪا آھيو ادل سومرو..ادا ھي ته پيار جو پنڌ آھي جنھن ۾ وکون ناھن ڳڻبيون، بس اھو اطمينان آھي ته مان پنھنجي تخليقي سفر ۾ ڪٿي ساھي پٽي رڪيو ناھيان، مسلسل لکندو ۽ ڇپجندو رھيو آھيان جنھنڪري پڙھندڙ سان منھنجو تعلق قائم رھندو آيو آھي س: اوهان شاعر نه هجو ها ته ...؟ ادل سومرو ... ته وري به شاعر ھجان ھا ڇو ته ڏات جي اھا فيڪلٽي ڪنھن نه ڪنھن روپ ۾ ظاھر ٿئي ھا س: شاعري ۾ ڪنھن کان متاثر آھيو ادل سومرو .. شاھ عبداللطيف ڀٽائي ۽ شيخ اياز س .. پسند جو غزل يا شاعري جنھن کي اوھان، ھميشه ياد ڪندا آھيو؟ ادل سومرو .. ھونئن ته ھر تخليقڪار کي پنھنجي سڀني تخليقن سان پيار ھوندو آھي، انھن مان چونڊ ڪرڻ مشڪل ھوندو آھي منھنجي پسند،جون منھنجون ڪيئي تخليقون آھن. نظمن ۾ نيروليءَ جو خواب، ٻارن جي وارڊ ۾ لائيٽ آف، ڪئمپ، ڪرفيو ۽ چنڊ غزلن ۾ تنھبجي گھر جي ڀرسان آھيان ڄڻ مندر جي ڀرسان آھيان سونھن جا اجرن پکين ۾ ٽي رھي شاعرن جي سا دلين ۾ ٿي رھي دوستيءَ کي روشنيءَ سمجھي، اسان ڪلھه وياسين راھ ۾ رلجي اسان س .. ڪيسٽي عام پسند، واري شاعري معاشري ۾ ڪھڙي ڪلچر کي ھٿي ڏئي ٿي؟ ادل سومرو: ائين ته سٺي ۽ معياري شاعري به ڪيسٽن ۾ آئي آھي پر گھڻو رجحان غير ادبي ۽ سطحي شاعري وارن ڪلامن جو رھيو آھي، اھڙي شاعري جي عمر گھٽ ٿئي ٿي، ان شاعري جو ڪو وڏو ڪارج نٿو ھجي، سماجي اعتبار کان ان وسيلي تماشبيني ڪلچر کي ھٿي ملي ٿي ۽ اخلاقي لحاظ کان ھڪ بگاڙ پيدا ٿئي ٿو سوال: اوهان جي پسند جو شاعر شيخ اياز آهي انهيءَ جي شاعريءَ کي ڪئين ٿا ڏسو؟ ادل سومرو: شيخ اياز جي شاعري ھر دور جي شاعري آھي، جيئن جيئن وقت گذرندو ويندو ھن جي تخليق جا نوان رخ ظاھر ٿيندا ويندا، اياز جي ذڪر کانسواءِ سنڌي شاعري نامڪمل آھي، اسان جن نام نھاد نقادن اياز جي تخليقن سان انصاف نه ڪيو، شخصي حوالا ڏيئي ھن جي دل آزاري ڪئي وئي، ھن جي ڪردار ڪشي ڪئي وئي. سوال: سنڌي ٻولي جو آئيندو اوهان ڪئين ٿا ڏسو..؟ ادل سومرو: سنڌي ٻولي جو آئيندو محفوظ آھي پر ان لاء خطرا موجود آھن، ٻاھر کان وڌيڪ اندر جا خطرا آھن، اسان جن ڪيترن گھرن جا ٻار سنڌي لکي ۽ پڙھي نٿا سگھن جيڪو مستقبل جو وڏو خطرو آھي ان لاءِ اسان ذميوار آھيون، اسان کي وري وچن ورجائڻو پوندو، سنڌي لکو پڙھو ۽ ڳالھائيو. ادل سومرو صاحب نامياري شاعر سان ڪيل منھنجي ڳالھ ٻولھ ڳالھ ٻولھ: امر اقبال اوهان جي ننڍپڻ ۽ ان وقت جي ماحولَ جي باري ۾ ڄاڻڻ چاهينداسي، جنهن اوهان جي شخصيت جي تعمير ڪئي... مُختصر اهو، ته منھنجو جنم سکر ۾ ٿيو. ننڍپڻ، پرائمري، سيڪنڊري ۽ ڪاليج سطح تائين تعليم سکر ۾ ئي ٿي. سنڌيءَ ۾ ماسٽرس ڪئي، فرسٽ پوزيشن سان، ايڪانامڪس ۾ ٿرڊ پوزيشن سان، پوءِ وري سنڌي ادب ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي... سکر علمي، ادبي ۽ تاريخي پس منظر رکندڙ شھر آهي، اديبن ۽ عالمن جو شھر آهي. تعليم جي حوالي سان تعلق هن ئي شھر سان رهيو. خانداني پسمنظر اهو آهي، ته منھنجي خاندان ۾ ڪجهه پڙهيل لکيل ماڻھو هيا، ڪجهه استاد هيا. منھنجو والد صاحب محمد صالح سومرو، منھنجو ڏاڏو ٺارو خان سومرو اجرڪ جي صفت سان لاڳاپيل هئا. منھنجي والد صاحب انھيءَ ئي هنر کي پنھنجي زندگيءَ جا پنجاهه سال ارپيا. مان وري تعليم جي پاسي ڏي، تدريس جي نوڪريءَ ۾ آيس. اجرڪ سازيءَ جي هنر سان ايڏي وابستگي نه رهي. ڄاڻَ رَهي... ننڍپڻ ۾ لئبريرين ۾ وڃڻ ٿيندو هيو. سکر جي معصوم شاهه لئبريري، اتساهَه جو هڪ وڏو مرڪز هئي. اٺين درجي کان وٺي اُتي وڃڻ شروع ڪيو. لوڪ ڪھاڻين جا جُلد پڙهيا... ان کانپوءِ وري امرجليل جي افسانن ڏي لاڙو ٿيو... لئبريريءَ ۾ عملي ادبي ماحول مليو. ان کان علاوه ”گلن جھڙا ٻارڙا“ تنظيم هئي، ان سان وابستگي رهي. اسڪولَ ۾ سرگرميون ٿينديون هيون... تقريري مُقابلا، مضمون نگاريءَ جا مقابلا، شاعري... ”گلن جھڙا ٻارڙا“ جيڪو رسالو آيو، ان ۾ به لکڻ شروع ڪيوسي. اهو جيڪو شروعاتي دؤر هُيو، ان ۾ هڪ بھتر ماحول مليو. سنڌي ادبي سنگت وري ان کانپوءِ ٿي اچي، جڏهن ڪاليج جي دؤر ۾ پھتاسي.... اتي وري شيخ اياز، تنوير عباسي، رشيد ڀٽي، فتاح ملڪ... اِهي ماڻھو هُيا، جن وري سنڌي ادبي سنگت ۾ هڪڙو بھتر ماحول ڏنو... اجرڪ سازي اوهان جي وڏڙن جو هنر آهي. اجرڪ اوهان جي شاعريءَ ۾ به هڪ ڀرپور استعاري طور نظر ٿو اچي... جڏهن کان شعوري عُمر ۾ پير رکيو، اجرڪ جا ئي رنگ نظر آيا. هنرمند، پورهيت، پنھنجي پورهئي سان سچا، هر وقت ڪم ۾ مصروف نظر ايندا هيا... ڪڏهن ٺاري سُومري، ڇُري ڪجهه اجرڪَ اها ڏياري پَڪَ، ته سنڌ ثقافت جيئندي اجرڪ پائي اوچتو، سامھون جو آئي لطيف جي وائي، مون کي لڳي هُوبَھو اوهان جي ڪتاب ”نيروليءَ جو خُواب“ جو نالو ئي اجرڪ جي رنگن سان لاڳاپيل آهي... نيرولي منھنجو والد صاحب هيو. منھنجي اڳ واري ڪتابَ ”سمنڊ جاڳي ٿو“ ۾ اُهو نظم ”نيروليءَ جو خوابُ“ شامل آهي.... منھنجو پيءُ نيرولي آهي ان جو ٺاهيل ڪوئي اجرڪ شايد اوهان جي گهر به هجي... انھيءَ جون علامتي معنائون به ٿي سگهن ٿيون. ائين به ٿي سگهي ٿو نيروليءَ جو خُوابُ، يعني انھيءَ نيروليءَ جو پُٽ، هڪ تخليقڪار بڻجي ويو آهي... ستر واري ڏهاڪي ۾ شاعريءَ جي جهانَ ۾ داخلا کانپوءِ، اوهان پنهنجي انفراديت ڪيئن حاصل ڪئي؟ شعوري ڪوشش هُئي يا فطِري طرح... اصل ۾ ڇا هي ته هِڪُ تخليقڪارُ پاڻ اِهو سڀ ڪجهه نه ٿو ٻُڌائي سگهي. مان ته چوندو آهيان ته شاعر کي آزاد ڇڏي ڏيو ته هُو ڪھڙي به گهاڙيٽي ۾ لکي... باقي وٽس فڪري اڏام ڪيتري آهي، سادگي ڪيتري آهي، گھرائي ڪيتري آهي... اهي شيون مُشاهدي سان پيدا ٿينديون، تجربي سان پيدا ٿينديون. هاڻي اهي شيون وري ٻاهريون ماڻھو، جيڪو پڙهندڙ آ، يا نقاد آ، اهو ٻُڌائي سگهندو. جيئن توهان راءِ ڏني... مان پنھنجي باري ۾ نه ٿو چئي سگهان، ته منھنجي شاعري ڪٿي پھتي آهي... بھرحال هِڪڙي ڪوشش ٿئي ٿي ته اهڙي شيءِ تخليق ڪجي، جيڪا پڙهندڙ پڙهي محسوس ڪري ته هُو پھريون دفعو پڙهي رهيو آهي. اڪثر ائين محسوس ٿيندو آهي ته تخليق ٿيل شاعري اڳ به پڙهيل آهي. شَيون مِلائي، Re-Cycling ڪري، ٻي جو خيال کَڻي شعر ٺاهڻ جو ڪم به ٿئي ٿو. ڪوشش اها هجڻ گهرجي ته جيڪو خيالُ آهي، ڪھڙو به آهي، سادو آهي، پَر پنھنجو هجي... ڪٿان ورتل نه هجي. باقي هِڪَ تسلسل ۾ همعصر شاعريءَ جا هڪٻئي تي اثر به ٿين ٿا. پر پوءِ به ڪوشش ڪجي ته پنھنجي لھجي جي الڳ سڃاڻپ ٿئي. مان گهٽ ۾ گهٽ ان حوالي سان مطمئن آهيان ته مون مسلسل لکيو آهي، ڪڏهن به وٿي ناهي آئي، پڙهندڙن ۽ منھنجي وچ ۾ به .... هر دؤر ۾ توهان جي شاعريءَ جو آواز نئون بنو ۽ تازو توانو رهيو آهي... هر ڏهن سالن کانپوءِ پڙهندڙ بدلجي ٿو وڃي. ڏهه سالَ جيڪڏهن توهان گم ٿي ويئو، ڪتابن مان، رسالن مان، ته پڙهندڙ توهان کي ڪو نه سڃاڻيندو. پوءِ وري انھن سان نئون تعارف ٿيڻو پوندو. منھنجو پڙهندڙ سان تعارف هِڪَ ٻارَ کان وٺي رهيو آهي. هاڻي اهڙا دوست به ملندا آهن، جيڪي چوندا آهن ته، سائين! اسان توهان جي ٻارن لاءِ لکيل شاعري پڙهندا هياسي... اهي وڏا ٿي ويا آهن، وڏن لاءِ لکيل شاعري پڙهڻ ٿا، پر چوندا آهن ته اسان توهان جي ڪتابَ جي ڪري، پڙهڻ طرف آياسي... پڙهڻ جي عادت هيٺين عُمر کان پئي ٿي... اوهان هر صنف تي لکيو آهي. وايون اوهان جون تمام گهڻو مقبول ٿيون. غزل اوهان جو ”اسان کي او سهڻا! وساري نه ڇڏجو“... اها ڪجهه Popular Poetry آهي، جيڪا عوامي سطح تي مقبول ٿئي ٿي. اهو منھنجو غزل ٻارهين درجي ۾ لکيل آهي، معنيٰ شروعاتي دؤر جي شاعري آهي. اها جڏهن آواز جي روپ ۾ آئي ته گهڻو مقبول ٿي. شاعر جڏهن ڪو شعر لکي ٿو ته اُهي هِڪڙا سادا لفظ آهن.... پَر جڏهن توهان ڳائڻ جي ڳالھه ٿا ڪيو ته انھيءَ ۾ ٽي Faculties اچي ٿيون وڃن. هِڪڙو موسيقار، ڪمپوزر، هِڪڙو شاعرُ ۽ هِڪڙو راڳي... اهي ٽئي شيون جڏهن گڏجن ٿيون، ته اها شيءِ وڌيڪ اثر انداز ٿئي ٿي. ماڻھن تائين پھچي ٿي. انھن ماڻھن تائين پھچي ٿي، جيڪي ڪتابَ تائين نه ٿا پھچن... ته اهو هڪ مظبوط وسيلو آهي Communication جو..... سڀني صنفن تي اوهان لکيو آهي. ڪهڙي هِڪَ صنف آهي، جنهن تي لکندي اوهان کي وڌيڪ مزو ٿو اچي؟! اصل ۾ تخليقڪار پنھنجي ڳالھه ڪرڻ چاهيندو آهي. صنفون هڪڙا Frame آهن. ڪڏهن ڪڏهن ڇا ٿيندو آهي، ته هڪڙو وڏو خيال آهي، هِڪڙو ئي Thought آهي، اهو ڀرپور انداز ۾ غزل ۾ نه ٿو ڏئي سگهجي. غزل ۾ Verity هوندي آهي. جيڪڏهن اَٺَ شعر آهن ته اٺ ئي الڳ انداز جا آهن. الڳ الڳ ننڍا ننڍا خيال اچن ته اهي هِڪَ غزل ۾ ڏئي سگهجن ٿا، پر جي هڪڙو ئي خيال آهي، مرڪزي خيال هڪڙو آهي، ته ان لاءِ نظم ئي مددگار ٿي سگهي ٿو. جيڪا ڳالھه ڪرڻ چاهيو ٿا، ان ۾ ڀرپور نموني ڪري سگهو ٿا. منھنجي شاعريءَ ۾ غزل، آزاد نظم، نثري نظم، بيتَ ۽ وايون گهڻيون آهن. اهي چار پنج صنفون... روزاني بنياد تي به ته اوهان بيتَ ۽ چؤسٽا لکڻ جو تجربو ڪيو... اهو هِڪُ تجربو هيو. ان ۾ به مون ڪوشش ڪئي ته تخليقي انداز هجي.بيت ۽ وائي اسان جون مظبوط ڪلاسيڪل صنفون آهن. انھن کي شيخ اياز به recognize ڪيو آهي. امداد حسيني صاحب به تازو ڪنھن انٽرويوءَ ۾ چيو ته اِهي اسان جون ڪلاسيڪل صنفون آهن، اسان کي انھن کي جيارڻ کپي. بيتَ لکڻ جا جڏهن تجربا ٿيا، ته ان ۾ ڪافي شاعر دوستن ٻولي ساڳي رکي، لطيفَ واري سچَلَ واري... يا وري موضوعَ ساڳيا رکيئون... ها بلڪل.... پَر منھنجو اهو خيال هو ته ڀلي صنف ساڳي هجي، پَر اها جديد دؤر سان اهم آهنگ هجي. ٻولي اڄ جي هجي. جيڪڏهن بيتَ ۾ زوريءَ تجنيسِ حرفي هڻبي ته مزو نه ٿيندو. اها مصنوعي لڳندي. اَڄُ جي دؤر جي هئڻ گهرجي. مان اِهي تجربا ڪيا ۽ اخبار لاءِ اِهو نئون تجربو هيو. اخبار ۾ روزانو بيت اڳ ڪڏهن به ڪو نه آيو هو. مان چار پنج سالَ ”عوامي آواز“ ۾ روزانو بيت لکيا. ان کانپوءِ ”ڪاوش“ ۾ چؤسٽا لکيم ۽ انھن ۾ به اها ڪوشش ڪيم ته همعصر موضوعن ۽ حالتن جي عڪاسي ته هجڻ کپي، پَر تخليق اهڙي هجي جو اڄ کان ڏهه سالَ پوءِ به ماڻھو پڙهن ته انھن کي ان دؤر جي لڳي... وکر سو وهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي... جي.... مطلب اهو آهي ته جيڪڏهن سياسي حالتن تي ڪو چؤسٽو لکجي، ته انھيءَ ۾ سياستدانن جا نالا نه لکجن.... مان چوندو آهيان ته، جي ائين آهي، ته پوءِ خبر ۽ شاعريءَ ۾ ڪھڙو فرق ٿيو؟ هِڪڙي خبر کڻي ان کي چئن سِٽن ۾ تبديل ڪندئو ته اها ته خبر ئي رهندي. تخليق ته نه ٿيندي نه.... ڳالھه ضرور ڪيو، پَر انھيءَ ۾ Creativity هجڻ گهرجي. ڪو استعارو، ڪا تشيبهه، جيڪا ان شيءِ کي ابديت ڏئي. اهي شاعريءَ جا Tools آهن. لطيف سائينءَ جي شاعري ڏسو. ان ۾ ايڏيون جديد تشبيھون ملن ٿيون.... جديد مان مُراد اڳ ۾ استعمال ٿيل ناهن، پنھنجي دؤر جون نيون ۽ جديد تشبيھون آهن. اهي شيون اڄ به پڙهئون ٿا ته تازيون ٿيون لڳن. مون اها ئي ڪوشش ڪئي ته، ائين نه ٿئي ته اُنھن چؤسٽن جي عمر به هِڪَ يا ٻن ڏينھن جي هجي... وايُن ۾ اَوهان سنڌ جي صنعتي سماجَ جا عڪسَ جام کڻي آيئو... هوٽل، هُلَ، هشام دونھان دونھان زندگي لارين پويان ڊوڙندي شھر ۾ ٿي وئي شام دونھان دونھان زندگي اوهان جي وائيءَ ۾ وراڻيءَ جو بند سان جَڙاءُ به منفرد هوندو آهي... بس، هِڪَ ڪوشش هوندي آهي... شيخ ايازَ سان اوهان جو وڏو ساٿُ رهيو. انهيءَ ساٿَ کي ڪيئن ياد ڪندؤ؟! اصل ۾ ڇاهي ته شيخ اياز صاحب گهڻو مصروف رهندو هيو. هن جو Profession ئي اهڙو هُيو... وڪالت. ان کي گهڻو وقت ڏيڻو پوندو هيس ۽ خاص ڪري هُو ڪرمنل ڪيس گهڻا کڻندو هيو، جنھن لاءِ کيس گهڻو مطالعو ڪرڻو پوندو هيو. هُنَ جي زندگي هِڪڙي ٽائيم ٽيبل مطابق گذرندي هئي. ٽائيم ٽيبل ۾ جيڪڏهن دوستو وسڪيءَ کي وقت ڏنل آهي يا خليل جبران کي وقت ڏنل آهي، يا ڪنھن به شاعِرَ کي... ته اهو وقت هُنَ ڪنھن دوستَ کي نه ڏنو. اهو وقت هن ڪتابَ کي ڏنو. اها هن جي هِڪڙي وڏي Commitment هوندي هئي. ملندو ڪو نه هيو ماڻھن سان. جي ڪو ويجهو دوست به آيو ته ان سان دروازي تي ملي موڪلائبو.... اسان کي وري لالچ هوندي هئي دل ۾، ته هيڏي وڏي شخصيت آ، انھيءَ سان ملجي. ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ به شيخ صاحب ايندو هيو ته مختصر ايندو هيو. مون کي ياد آ ته ادبي سنگت جي گڏجاڻيءَ ۾ شيخ صاحب منھنجي وائيءَ جي Correction ڪئي هئي. اها ڪاپي اڃان مون وٽ محفوظ آهي. سو، دل ۾ اها خواهش هوندي هئي ته سائينءَ سان ڪچھري ڪجي. هڪ دفعو هُن ڳالھه ڪئي ته هُنَ جو تخليقي ڪم ايڏو وڌي ويو آ، جو هُو اُنَ کي فيئر نه ٿو ڪري سگهي. ائين به چوندو هُيو ته، مان ڪو ماڻھو پگهارَ تي رکي سگهان ٿو، پَر ڪو اهڙو ماڻھو هجي، جيڪو منھنجي ڳالھه کي سمجهي به.... ته پوءِ مون پاڻ ئي کيس آڇَ ڪئي ته، سائين! مون وٽ وقت آهي، صُبح جو پڙهائيندو آهيان، ان کانپوءِ وقت هوندو آهي.... خواهش اِها ئي هئي ته ساڻس ويجهو ٿجي. هُو علم جو ڀنڊار هيو، هُنَ وٽ ايتريون ڳالھيون هونديون هُيون... رات جو گهمندا هئاسي، روز پُراڻي سکر جي گهٽين ۾.... اتي ڪچھريون ڪندو هُيو، دلِ سان..... جڏهن ماڻھو گڏ رهي ٿو، ته پوءِ تڪلف ختم ٿي ٿا وڃن، پوءِ دل جو ڳالھيون، ٻيون ڳالھيون، سَڀُ سامھون اچي ٿيون وڃن... گهڻو پِرايوسي اياز صاحب مان... اياز صاحب مهاڳ به لکيو اوهان جي ڪتابَ جو... جي ها ”سمنڊ جاڳي ٿو“ جو.... هِڪ دفعي جنوريءَ جو مھينو هيو. سيءَ ۾ سگري ٻارينداهياسي. بجلي بند ٿي وئي، ڳاڙهي رنگ جي سگري پئي ٻَري..... ان وقت اياز صاحب مون کي چيو ته، مان جڏهن هليو وڃان ته هي يادگيريون لکجانءِ.... مرڻ کانپوءِ، انھن متعلق ماڻھو ڪُوڙَ بَدُوڙَ به لکن ٿا. مثال هينئر مان لکان ته شيخ اياز سان ويٺو هُيس، مون کي هيئن چيئين يا هونئن چيئين.... شاهد ته ڪوئي ڪونھي، هُو پاڻ به ڪونھي.... مون چيو، سائين! مان، توهان جي جيئري ئي لکندس.... ۽ پوءِ يادگيرين جي حوالي سان چار، پنجَ مضمون مون سائينءَ جي جيئري ئي لکيا. هُنَ پاڻَ پڙهيا. ”پرنس ڪامپليڪس ۾ رهندڙ بادشاهه“ يا ٻيا... شيخ اياز صاحب ته پنهنجي هِڪَ ڏيڍ سٽي ۾ اوهان سان مخاطب به ٿيو آهي... اهو ڇا ٿيندو هُيو ته، جيئن ڪراچيءَ اچجي ٿو ته ڪڏهن ايترا ڪم ڪاريون ٿين ٿا، جو ڪنھن دوستَ سان ملي نه ٿو سگهي ماڻهو. ڪنھن سان مليو، نه مليو.... پوءِ وري ڪو دوست چوندو هيو اياز صاحب کي، ته، سائين! ادل سومرو آيو هو ڪراچيءَ، توهان سان نه مليو ڇا؟!.... ته چوندو هو، نه يار! مون سان نه مليو.... پوءِ دوست ٻڌايو ته چيائين، آهي ته سُڃن اديبن جي جماعت سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل، پاڻ کي اقوامِ متحده جو سيڪريٽري جنرل ٿو سمجهي ڇا؟ (کلندي)... ته پوءِ لکيائين.... ڇـا ڳــالـــھه ادل آهـــــــي؟ سکر ته ٿڌيرو آ، يا مند بدل آهي؟ مطلب، اهڙي ڪا ڳالھه ٿي وئي آ ڇا، جو تنھنجو روَيو تبديل ٿي ويو آهي؟!... شابس آ اياز صاحب کي، جو شعر ۾ ياد ڪيائين.... وقت جي عظيم شاعِرَ جي سٽن ۾ اوهان جو ذڪر يقينن اوهان لاءِ به خوشيءَ جو سبب بڻيو هوندو... ها، بلڪل.... تخليقي ۽ تحقيقي ڪَمَ سان گڏ هِڪَ ايڊيٽر يا مرتب جي حيثيت سان به اوهان جو گھڻو ڪم آهي... ائين ته مون ويھه پنجويھه ڪتابَ Compile ڪيا آهن، پَر جيڪي ٻَه اينٿالاجيون مُون ترتيب ڏنيون، انھن ۾ مون گهڻي محنت ڪئي. انھن ۾ ضرورت هئي اڃان به ڪم جي... ڇاڪاڻ ته ۱۹۴۷ع کان وٺي ۲۰۰۸ع تائين، سنڌي ڪھاڻيءَ جو چونڊ هُئي.... هزارين صفحن تي ڦھليل ڪھاڻين هُيون، پوءِ به مون ساڍا پنج، ڇھه سؤ صفحن ۾ انھن جي چونڊ ڪئي. شاعريءَ ۾ به ايترو لڳ ڀڳ... انھيءَ ڪم مان گهڻو مطمئن رهيس ته هڪڙو چڱو ڪم آهي ۽ انھيءَ ڪَمَ مان Research Scholars کي تمام گهڻي مدد ملي سگهي ٿي. هِڪَ دؤر جي حوالي سان شاعريءَ جا Trends ڪھڙا رهيا؟! شاعرن ڇا پئي لکيو؟.... ته اهي اينٿالاجيون مددگار ثابت ٿي سگهن ٿيون... سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻ جي حيثيت ۾ به اوهان اهڙو ڪم ڪيو... ها، ”شاعري نمبر“ آندو، ”ڪھاڻي نمبر“، ”ڪارڪردگي نمبر“... اوهان پاڻ به ته شروعاتي دؤر ۾ ڪهاڻيون لکيون؟ جيڪا شروعاتي زندگي هوندي آ نه، ته ان ۾ ماڻھو سڃاڻپ جا حوالا ڳوليندو آ. مان انھن ڪھاڻين مان مطمئن ناهيان. هڪڙي ڪوشش هئي، Inspiration هئي.... ٺيڪ هيون ڪھاڻيون، پَر پوءِ مون محسوس ڪيو ته منھنجي اندر ۾ جيڪو شاعر آ، اهو پنھنجي ڳالھه وڌيڪ بھتر انداز سان ڪري سگهي ٿو. انھيءَ ڪري سوچيم ته هروڀرو All Rounder ٿيڻ جي ضرورت ناهي. گهڻا دوست چوندا هيا ته ڊراما لکي ڏي.... هاڻي ڊرامو منھنجو شعبو ئي ناهي.... لکي ته ويندس، مسئلو ناهي، پَر اهو منھنجو شعبو ناهي. منھنجي جيڪا شاعر واري سڃاڻپ آهي، اها ئي رهي ته بھتر آ.... ريڊيو خيرپور لاءِ توهان جو گهڻو ڪم رهيو آهي... ادبي پروگرامَ جي ميزباني، اداريا... ها اهي اداريا به لکيا ۽ ”ڏات جي ڏيھه ۾“ هڪڙو سلسلو هيو، جنھن لاءِ اديبن ۽ راڳين جا پروفائيل لکيا. اهي اسڪرپٽ به محنت سان لکيا. شيخ اياز، تنوير عباسي، شمشير الحيدري، قمر شھباز، امداد حسيني، مخدوم طالب الموليٰ... وڏيون وڏيون شخصيتون... انھن تي لکيم... اهي اسڪرپٽ به محفوظ ٿيڻ گھرجن... ها، اُهي چڱا هِن، ڪتابُ ڇپجي سگهجي ٿو. ان سان گڏ هڪ سلسلو هوندو هُيو، ”هڪ شاعِرُ، هڪ فنڪار“... ان ۾ عابده پروين، زرينه بلوچ، محمد جمن، استاد منظور علي خان، مائي ڀاڳيءَ ۽ ٻين تي به اسڪرپٽ لکيل آهن منھنجا.... تنوير عباسي صاحب جي ڪَمَ ۽ شخصيت جي حوالي سان اوهان اردوءَ ۾ به ڪتاب لکيو... ”پاڪستاني ادب ڪي معمار“.... هڪڙو سلسلو آهي، پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس جو، جنھن ۾ مختلف ٻولين جي اديبن، شاعرن، عالمن جو سوانحي تعارف اردوءَ ۾ ڪتابن جي صورت ۾ ڪرايو ويندو آهي، ته جيئن ٻين ٻولين وارن کي، خبر پوي ته انھن ماڻھن جو ڪم ۽ حيثيت ڇا آهي..... نالا ته ٻڌن ٿا سڀ، پر انھن جي پوري زندگيءَ جي باري ۾، ڪَمَ جي باري ۾ خبر پوي ٿي. اهو سٺو ڪم آهي. مون به ڪوشش ڪئي... سٺو ڪم ٿي ويو. اهو به اطمينان ٿيو ته پنھنجي محسن لاءِ، استاد لاءِ، مون پنھنجي حصي جو ننڍڙو ڪم ڪيو. تنوير صاحب جي وفات کان پوءِ ئي اهو ڪتاب ڇپيو هو..... نئين شاعري جيڪا ٿي رهي آهي، شاعرن جا هجوم ڏسون ٿا، ان شاعريءَ جي معيارَ متعلق ڇا چوندؤ؟! گهڻا سُٺا شاعِرَ به آهن. نوجوانَ Creative آهن، تخليقڪار آهن، پر انھيءَ ۾ وري هِڪڙي شئي ٿئي ٿي ته.... هڪ ته تنقيد پاڻ وٽ آهي ڪونه، سٺا نقاد ڪونھن، يا ته تمام گهڻي تعريف ٿئي ٿي، يا ته وري ڪوئي ڪنھن تي ناراض آهي ته ان تي Personal ٿي لکي ٿو. Personal شيون تنقيد جي زمري ۾ ناهن اينديون.... يا وري ڪا سطحي راءِ ڏئي ڇڏڻ. مثال، ڪڏهن ڪڏهن ائين پڙهندو آهيان ته، ادا! هي ڪتابُ آهي، انھيءَ ۾ ٻَه غزل سٺا آهن، باقي سڀ ڀرتي آ.... اها راءِ سطحي آ. جڏهن ڪنھن به فنپاري تي اوهان راءِ ٿا ڏيو ته، ان ۾ Justification هُجي. دليلن جي بنياد تي هجي. شاعري ٿئي پئي. تمام سٺا شاعر به آهن. نئين ٽھيءَ جي جيڪا شاعري آهي، اها اڳتي وڌندڙ آهي، پَر ان ۾ وري ڪافي اهڙيون شيون به آهن... (کلندي)مطلب ”شوقيه فنڪار“ به آهن..... توهان ڪنھن کي روڪي نه ٿا سگهو. هي هڪڙو آزاد ماحول آ. جنھن کي به وڻي ڪتابُ لکي. ائين به ٿئي ٿو ته هِڪڙو شاعر آهي، جنھن کي لکندي اڃان سال به مس ٿيو آ، پنھنجو ڪتاب ڇپرائي ٿو ڇڏي. اها ان جي هڪڙي خواهش آ. باقي اسان ڪنھن کي روڪي نه ٿا سگهئون. باقي جيڪو Real Poet آهي، ان جي شاعري Surrive ڪندي. اهو هلندو. باقي ڪجهه شيون اهڙيون آهن، جيڪي عارضي طور تي هونديون آهن. ماڻھو ايندا، وري هليا ويندا. هڪڙا مسافر ايندا، ٻيا ويندا.... ڊگهو سفر اهي مسافر ڪندا، جن وٽ Base هوندو، جن جو تخليقي بنياد مضبوط هوندو. شعور جي وسعت، احساس کي سمجهڻ ۽ مشاهدو.... اهي سڀ شيون جيڪڏهن ڪنھن مسافر وٽ آهن، ته اهو هلندو گهڻو.... باقي ٻيا رستي ۾ ئي ٿڪجي پوندا. ها، انھن کي Encourage ڪرڻ گهرجي. عام طور تي اها شڪايت ٿيندي آ ته Generation Gaps آهن، پَر منھنجي خيالَ ۾ اهڙي ڳالهه به ڪانھي... سنڌي ادبي سنگت جي موضوع تي پي ايڇ ڊي ڪرڻ جو تجربو ڪيئن رهيو؟ اصل ۾ تحقيقي ڪم به تمام گهڻو محنت طلب ڪم هوندو آهي. هِڪڙو Creative ماڻھو وڌيڪ بھتر تحقيق ڪري سگهي ٿو. منھنجو اهو Opinion هوندو آ. مان پنھنجي سڃاڻپ وري صرف هڪڙي چاهيندو آهيان، منھنجي شاعري.... ڊاڪٽر تنوير عباسي صاحب سان منھنجي محبت هُئي هِڪَ شاعِرَ جي حيثيت ۾.... ۽ مون جڏهن شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ ۾ نوڪري اختيار ڪئي ته مون کي احساس ٿيو ته مون کي تحقيقي ڪم ڪرڻ گهرجي. ان زماني ۾ پروموشن جي لاءِ پي ايڇ ڊيءَ جي پابندي نه هئي، جيئن اڄڪلھه آهي. ان زماني ۾ مون پي ايڇ ڊيءَ لاءِ موضوع چونڊيو ”سنڌ جي مزاحمتي شاعريءَ جو تنقيدي جائزو“ ۽ ان جو خاڪو ٺاهي تنوير صاحب وٽ ويس. هاڻي پي ايڇ ڊيءَ کانسواءِ ڪو به رهنما نه ٿو ٿي سگهي، پَر ان وقت ڪو به عالِمُ رهنما ٿي پئي سگهيو. غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب، پير حسام الدين راشدي صاحب، تنوير عباسي صاحب.... اِهي سَڀُ پي ايڇ ڊي نه هيا. مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي ته تنوير عباسيءَ جھڙو وڏو قابل ماڻھو مون کي رهنما مليو. سائينءَ مون کي صلاح ڏني ته، هي جيڪو موضوع آهي، مزاحمتي شاعري.... يا وري علامتي شاعري.... انھيءَ تي ڪوئي به پي ايڇ ڊي ڪري سگهي ٿو، پر ”ادبي سنگت“ اهڙو موضوع آهي، جنھن تي ٻيو ڪوئي، انھيءَ انداز سان نه ڪري سگهندو.... منھنجي ادبي سنگت سان Involvement به هُئي ۽ ۱۹۹۲ع ۾ مون جڏهن انھيءَ موضوع لاءِ رجسٽريشن ڪرائي ته ان وقت تقريبن سَڀُ، سنگت جا اڳوڻا سيڪريٽري جنرل به زندهه هيا. سنڌي ادبي سنگت جا اڳواڻ، مھندار، جيئن شيخ اياز صاحب، اياز قادري صاحب، تنوير عباسي صاحب، رشيد ڀٽي صاحب، تاج بلوچ صاحب.... اهي سڀ وڏيون شخصيتون زندهه هُيون.... انهن جي سينن ۾ جيڪا تاريخَ سمايل هُئي، اُها به اوهان جي پهچ ۾ هئي... جي بلڪل.... اهو ئي... تنوير عباسي صاحب چيو ته اَڄُ جيڪو ڪجهه تون لکندين، اهو سَچُ هوندو. سُڀاڻي لکڻ وارا ڌُڪا به هڻندا. سنڌي ادبي سنگت تي جيڪو تحقيقي ڪم هُيو، اهو هِڪ لحاظ کان مختلف به هيو. مثال، جيڪڏهن اڄ مان شيخ اياز جي شاعريءَ تي پي ايڇ ڊي ڪرڻ ٿو چاهيان، ته سڄو مواد دستياب آهي. هڪڙي الماڙي ڀري پئي آهي، جنھن ۾ شيخ اياز جا سَڀُ ڪتابَ موجود آهن. سنڌي ادبي سنگت اهڙو موضوع هُيو، جنھن متعلق ڪتابن ۾ ڪو مواد ئي ڪو نه هيو. اسان وٽ ادبي سنگت ۾ روايت اها رهي آهي ته رڪارڊ رکڻ جو رواج ڪونھي. مثال، ڪنھن شاخ جو نئون سيڪريٽري اچي ٿو ته انھيءَ کي رڪارڊ منتقل نه ٿيندو. پنَن تي ڪاروائي لکي وئي، اخبار ۾ ڇپجي وئي، بس.... مون گهڻو مواد اخبارن مان حاصل ڪيو. ۵۶-۱۹۵۵ع جون اخبارون سنڌالاجيءَ مان ڳوليم.... اوهان ادبي سنگت جي ڪردار کي ننڍي کنڊ ۾ ترقي پسند تحريڪَ جي ڪردار سان جوڙيو آهي... هيءَ سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي تحريڪ آهي. ننڍي کنڊ ۾ جيڪا ترقي پسند تحريڪ شروع ٿي، اُن جا سنڌي ادب تي ڪھڙا اثر پيا، اِها سموري تاريخ موجود آهي، هِنَ مقالي ۾. سنڌي ٻوليءَ جي لاءِ سنڌي اديبن سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان جيڪا جدوجھد ڪئي، اهو هڪ الڳ باب آهي. اها هِڪ الڳ تاريخ آهي. چوڏنھن بابَ آهن ڪُل... انھيءَ ۾ سڀ شيون آهن. ادبي سنگت جا اختلاف، مزاحمت.... تقريبن سڀ موضوع آهن ۽ اها پنجاهه سالن جي تاريخ آهي. ۱۹۴۷ع کان ۱۹۹۷ع تائين.... ادبي سنگت کانسواءِ مختلف ادارن جي سربراهَه جي حيثيت سان اوهان جو گھڻو ڪَمُ آهي ۽ اوهان کي ايوارڊ به گھڻا مليا آهن... توهان ذڪر ڪيو مختلف ادارن جو.... اصل ۾ عُھدن ۽ رُتبن جي ايتري اهميت ناهي هوندي. اصل اهميت Commitment جي هوندي آهي. ماڻهو جتي به آهي، سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ سان ڪَمُ ڪري. باقي.... هي سَندُون، ميڊل، تعريفون دِل! تنھنجي لئه هڪ دوکو آ جو راهِه وفا ۾ آهِه مليو سو گهاءُ به ڄڻ ڪو تمغو آ ڏَهَه ماڻهو، ڪَمَ جي حوالي سان محبت ڪن ٿا، ته انھيءَ کان وڌيڪ ڪو ايوارڊ ڪونھي ڪو. توهان سان دلي طرح ڪو محبت ڪري، صرف هِڪَ شاعِرَ جي حيثيت ۾، هڪ ليکڪ جي حيثيت ۾، ته ان کان وڌيڪ ڪو ايوارڊ آهي ئي ڪو نه.... سنڌ جي ٻارن جي لاءِ به اوهان جو نظم توڙي نثر ۾ گھڻو ڪم آهي... ننڍپڻ جو، جيئن مون ذڪر ڪيو ته ”گلن جھڙا ٻارڙا“ تنظيم هئي. غفران عاقلاڻي، خدا بخش ابڙو، اياز گل، نصير مرزا، اخلاق انصاري، نياز پنھور.... ۽ ٻيا دوست، انھيءَ تنظيم ۾ هوندا هيا. اتان هِڪُ اتساهه مليو. رسالو نڪرندو هيو ”گلن جھڙا ٻارڙا“، جنھن ۾ ٻارن جي لاءِ شاعري لکي سي. لکندا رهندا هياسي. سال ۱۹۷۷ع ۾ منھنجو پھريون ڪتابُ آيو ٻارن لاءِ ”روز ٽڙن رابيل“.... اهو توهان ڏسندؤ ته انھيءَ ۾ جيڪا ڪئليگرافي آهي، اها به مان پاڻ ڪئي. اسڪيچ به مان پاڻ ٺاهيا. ٽائيٽل به پاڻ ٺاهيو. وليم بليڪ جي ڪتابَ “Songs of Innocent” مان مون کي اها Inspiration ملي. معصوم شاهه لئبريريءَ ۾ مون اهو ڪتابُ پڙهيو. جنھن ۾ هُنَ ڪئليگرافي، اسڪيچ، ٽائيٽل سڀ شيون پاڻ ڪيون آهن... سو منھنجي انھيءَ تجربي کي گهڻو پسند ڪيو ويو. ان کانپوءِ ڪهڙا ڪتابَ آيا اوهان جا، ٻارن لاءِ؟! ”چنڊ پشم گولو“، ”پتلين جو تماشو“، ”پوپٽ جھڙا گيت“، ”مٽيءَ جا رانديڪا“.... هِڪ تسلسل رَهيو شاعريءَ ۾. نثر ۾ به ڪتاب آيا ٻارن لاءِ ”آچر جا احوال“، ”جيتن جي ڪانفرنس“، ”نئين دؤر جا نوان سبق“.... اها سَڀُ هِڪڙي ڪوشش هئي پنھنجي طرف کان، ڇاڪاڻ ته ٻارن جو ادب وڏي اهميت رکي ٿو، انھيءَ حساب سان ته ٻارن ۾ Reading Habit انھيءَ عمر ۾ پيدا ٿئي ٿي. ٻاراڻي وهيءَ ۾ جيڪي دوست ڪتابن طرف آيا ته سڄي زندگي ڪتابن سان ئي رهيا. اِها منھنجي انفرادي ڪوشش هئي. ٿيڻ ائين گهرجي ته انھيءَ سلسلي ۾ اجتماعي ڪوششون ٿيڻ گهرجن. اسان وٽ انفرادي سطح تي ٿورو ٿورو سڀني Contribute ڪيو آهي. خوشيءَ جي ڳالھه آهي ته اسان وٽ ٻارن جو ادب متعارف ٿيو ۽ گهڻو هليو. هتي پي ٽي ويءَ تي منھنجا ٻارن لاءِ لکيل تقريبن سڀ گيت رڪارڊ ٿيل آهن. وڏن فنڪارن جي آواز ۾.... استاد محمد يوسف، منظور سخيراڻي، سرمد سنڌي..... بادل! ٿورو بيھُه برن ۾ واريءَ تي وسڪار ڪري وڃ! خوش ٿرين جا ٻارَ ڪري وڃ! اهو سرمد سنڌيءَ جي آواز ۾ رڪارڊ ٿيل آهي.... اوهان اڄ به ٻارن لاءِ لکو پيا، اها اوهان جي شخصيت جي سُٺائي ئي آهي... منھنجو هِڪُ اڻ ڇپيل شعري مَجموعو ”اکرن جا رنگ“ اچي رهيو آهي، جنھن ۾ سنڌي الفابيت جي ٻاونجاهه اکرن سان، موضوع جي حساب سان ٻاونجاهه نظم آهن... ڏسو نه، ٻولين جي لاءِ خطرا به موجود هوندا آهن، ٻوليون ترقي به ڪنديون آهن، ته زوال پذير به ٿينديون آهن. پنھنجي ٻوليءَ کي بچائڻ لاءِ تعليم ئي سڀ کان وڏو ذريعو آهي. هڪ تعليم ۽ ٻيو تخليقي ادب... هاڻي اسان وٽ اهڙي صورتحال ٿي وئي آهي، جو اسان جو ٻار ڳالھائي ته سنڌي ٿو، پر سنڌي لکي پڙهي نه ٿو سگهي. اهو هڪ وڏو الميو آ. ان لاءِ ضروري آهي ته اسان پنھنجي ٻار کي پنھنجي سنڌي ٻوليءَ ڏانھن راغب ڪيون. والدين جي حيثيت ۾ اسان انھيءَ سلسلي ۾ وقت نه ٿا ڏيون. استاد به اهو ڪردار ادا نه ٿا ڪن. دل چوي ٿي ته اوهان کان اوهان جي شاعري ٻُڌجي... مسافر! ننڊ جو ڀاڪر نھوڙي نينھن کي ويندو اڄوڪي ڏينھن کي ويندو ڪڏهن هن جاڳ ڏي هلجي ڀلي جي ماڳ جو رستو ڏٺل ناهي، ته پوءِ ڇا هي؟! اڄاتل ڀاڳ ڏي ڀُلجي چون ڇا ٿا هي پرماري؟ انھن کي ڇو ڀلا ٻُڌجي؟! وطن جي عاشقيءَ ۾ پرَ پَڪو ويساهُه ئي رکجي لڦون پيرن جون ڇو ڳڻجن؟ مٽيءَ جي درد کي ڳڻجي وساري سڀني چھرن کي ڪڏهن هن سنڌ کي ڏسجي ڪٿي ڪو ٻارُ جي روئي سندس معصوم ڳوڙهن کي وڃي پاٻوهه مان اگهجي رسالو شاهَه جو کولي ڪڏهن ڪو بيتُ ئي پڙهجي وطن لئه ڇا ڪيو آهي؟ ڪڏهن هي پاڻ کان پُڇجي مسافر! ننڊ جو ڀاڪر نھوڙي نينھن کي ويندو اڄوڪي ڏينھن کي ويندو واهه سائين واهه... اوهان جي اردو نظمن جو ڪتابُ ”مين اپنا وقت بيچتا هون“ به آيو آهي... انهيءَ ۾ ڪهڙا موضوع آهن؟ موضوعَ اهي ئي ساڳيا آهن زندگيءَ سان لاڳاپيل. داخلي ڪيفيتون به آهن.... انھن کان ماڻھو پري نه ٿو ٿي سگهي. آس پاس جون معروضي حالتون، ڌرتي، ماڻھو، ماڻھن جا مسئلا، ڏک، سک، خوشيون، انتظار، وڇوڙا، اهي سَڀُ شاعريءَ جون ڪيفيتون آهن. موضوع ساڳيا ئي هوندا آهن، پر هر شاعر جو وري پنھنجو ڏانءُ آ. ساڳي موضوع کي توهان ڪيئن ٿا بيان ڪري سگهو؟ توهان وٽ ڪيترو آرٽ آهي، ان ڳالهه کي بيان ڪرڻ جو؟ اهو آرٽ ضروري آهي، انھيءَ تخليق ۾. مان ڪوشش ڪئي آهي ته انھن اردو نظمن ۾ به ائين ئي هجي... ادل سائين! ڳالهيون گهڻيون آهن، پَر وقت اسان کي وڌيڪ اجازت نه ٿو ڏئي. اوهان جي تمام گھڻي مهرباني جو اسان کي قيمتي وقت ڏِنُوَ... توهان جي مھرباني جو منھنجي لاءِ تمام سُھڻا لَفظَ چيَوَ.... توهان جي محبت آهي اها.... توهان عزت ڏني... (ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد جي ’ڪاوش دنيا‘ ۾ ٻن قسطن منجھ ۳۰ مئي ۲۰۲۱ع تائين ڇپيل) ادل سومرو ابراھيم کرل درياءَ پار سھڻيءَ جو ميھر ھو جنھن لاءِ ھوءَ جھنگ جو پنڌ ڪري دلو ڪڇ تي رکي سرن ٻوڙن، ڪنڊاون پيچرن کي لتاڙي جڏھن ڪناري پھچندي ھئي تہ سندس من ۾ رڳو محبوب ھوندو ھو وچ واريون تڪليفون ھوءَ لکائيندي ئي ڪونہ ھئي، درياءَ جي دھشت کيس ڌڪي پوئتي نہ ڪري سگھندي ھئي، ڪُنن جا ڪڙڪاٽ، سيسرن جا سرٻاٽ ۽ سرڙاٽ کيس سسيءَ جو سانگ ڪرڻ ڏانھن ڪڏھن بہ متوجھ نہ ڪري سگھندا ھئا، ھن جو عشق پاڻيءَ تي ترندو وڃي ميھر سان ملندو ھو. ائين عشق ڪنھن بہ رڪاوٽ، تڪليف، اڻانگي رستي، خوفناڪ ۽دھشت زد علامت، ڏيک، کي حواسن تي حاوي ٿيڻ نہ ڏيندو ھو ائين ڪنھن طرفان مليل پيار، عزت، ھمت افزائي، اتساھ بہ حوصلو ڏيندو رھي ٿو تہ اسان کي او سھڻا وساري نہ ڇڏجو ڏئي پيار دل مان ڌڪاري نہ ڇڏجو درياءَ جي ھن پار رھندڙ ھڪ شخص جڏھن پنھنجي پيار جا پر پکيڙي اسان مٿان ڇانورو ڪري بيھي ٿو تہ اسين اس ۾ سڙي ڪٿي ٿا سگھون، سندس وڌندڙ ھٿ جڏھن اسان جي ڪلھي تي پوي ٿو تہ دنيا جا بار ھلڪا ٿي وڃن ٿا. ھو جڏھن آڱر سڌي ڪري رستو ٻڌائي ٿو تہ منزل نظرن کان ڏور نہ ٿي رھي، چيچ پڪڙي وٺي ھلي ٿو تہ اسان جا قدم لڙکڙائن ڪونہ ٿا. سمنڊ کي جاڳائيندڙ اھو شخص، جڏھن لفظن کي ڪوڏ، سپيون بڻائي شعرن جو روپ ڏئي ٿو تہ اھڙيون مالھائون جڙن ٿيون جن کي پائڻ جون سڌون ھرڪو ڪري ٿو، سندس ساٿ جي مالھا رنگا رنگ آھي، ھن ڪڏھن بہ ڪنھن کي گھٽ ڪرڻ نہ چاھيو آھي نہ ئي پاڻ ممبر تي چڙھي واعظ ڪيا آھن ۽ نہ ئي پنھنجو قد وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، ورنہ ھن دنيا۾ ڍينڍڙن جي فوج ۾ ڪمي ڪانھي جيڪي شھرتن جو ڍول ڳڄيءَ ۾ وجھي بادشاھي ھوڪا ڏيڻ ۾ مشھور ٿي پيا آھن، ۽ غلاميءَ جي سنگھر کي بہ مالھا سمجھي رھيا آھن. ھن بيت لکيا آھن، وايون چيون آھن جيڪي ديس جا نقشا چٽا پيش ڪن ٿيون، ھن خوشامدي قصيدا ڪونہ لکيا آھن ۽ نہ ئي مير، پير جي ساراھ جا ڍڪ ڀريا آھن جو ڪنھن مھل موقعي تي ڪاڪڙي کي آڱر ھڻي الٽي ڪرڻي پوي. ھو چوڏھين جي چنڊ جيان ھميشه چٽو ٿي بيھندو آھي، دل ۾ ڳالھ رکندو ڪونھي چئي ڏيندو آھي پوءِ ڀلي درياءُ وھي وڃي. غلطي تسليم ڪيو، اعتراف ڪيو، ساڳئي جو ساڳيو، ور وڪڙ ٿيڻ ڪونہ ڄاڻي، لڪي وار نہ ڪري نہ ئي سانڊي واريون ڦوڪون ڏئي، کيس باھ ٻارڻ ڪونہ اچي دکندڙ ٻنڍيءَ تي پاڻي ھاري ڇڏي، ڀل دونھون سندس اکين مان پاڻي وھائي وجھي پر اف نہ ڪبي. ھٿ جو سخي، دوستن اڳيان کيسو ٻاھر ڪڍي ابتو ڪري ڇڏبو پر ٻن آڱرن سان ڇڪي، ڳڻي ڪاغذ جا ٽڪرا ٻاھر ڪونہ ڪڍندو نہ ئي کين ڌڪو ڏئي تري تائين پھچائيندو، سندس ھت جون تريون سڌيون رھنديون. ھن ڪڏھن بہ ٻٽونءَ جي زپ کي پڪڙ سان بند نہ ڪيو آھي جو وقت اچڻ تي نہ کلي. ۱۵ آگسٽ سندس جنم ڏينھن آھي، سکر جھڙي سخت شھر ۾ دل جو ڪونئرو ھي ماڻھو ادل سومرو آھي، جنھن جي شخصيت جا کوڙ پاسا آھن، خدا ڪري ھو وڌئون وڌ ھجي، ڪوسو واءُ نہ لڳيس، اسان جي مٿان سندس شفقت وارو ھٿ رھي، کيس جنم ڏينھن جون مبارڪون ھجن. (ابراھيم کرل جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۵ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي کنيل) ادل سومرو الفت حسين سکر جي سُڃاڻپ منهنجي ادبي دوست سائين ادل سومري کي ڪير نه سُڃاڻي، جنهن پنهنجي زندگي شاعريءَ ادب ۽آرٽ سان گڏ گذاري آھي. يونيورسٽيءَ ۾ پڙھڻ دوران سائين ادل سومري مون کي همت ۽ حوصلي جا سبق پڙھايا۔ ڏکين وقتن ۽ حالتن مان نڪرڻ جو رستو ڏسي منهنجي رهنمائي ڪئي. زماني جا حقيقي رنگ سُڃاڻڻ جو هنر ڏنو سندس ڪچهريءَ جا منفرد انداز وڻندڙ آهن. هڪ دفعي منهنجي بابا سائين (تاج جويي) جي طبيعت ٺيڪ نه هجڻ ڪري، سائين ادل سومرو بابا سائين سان ملڻ ۽ سندس طبيعت پُڇڻ بابا سائين جي گهر حيدرآباد آيا هئا۔ بابا سائين مون کي به فون ڪري گهرايو. سائين ادل سومري اتي بابا سان ايترا ڀوڳ چرچا ڪيا جو بابا کان پنهنجو بخار ئي وسري وي ۽ هو پنهنجا ٽهڪ روڪي نه سگهيو. سائين سان ڪافي ڪچھريون ۽ پروگرامن ۾ ملاقاتون ٿيون آهن ۽ انهن ڪچهرين ۾ اسان کان پنهنجا ڏک وسري ويندا آھن. بابا سائين تاج جويو اڪثر اُها ڳالھ چوندو رهندو آهي ته ادل سومري سان منهنجي جيتري هجت آهي ايتري ڪنهن سان اهي۔ يا ادل به مون سان هجت ڪندو آهي ڀوڳ ڪندو آهي خوش رهندو آهي گھمندو وتندو آهي۔ زندگي خوش ٿي گذاري ٿو. چوندو آھي؛ ”ادل سان منهنجي دوستي ستر پنجھتر کان وٺي رهي آهي پر هن دوستيء ۾ ڪڏهن به دوکو ناهي ڪيو. “ مان هتي آغا سليم جا اُهي لفظ لکڻ چاهينديس جيڪي سائين ادل سومري جي ڪتاب سمنڊ جاڳي ٿو جي بيڪ ٽائيٽل تي لکيل آھن. ”ادل سومري جي شاعريءَ جھڙي، شاعري ڪرڻ جي حسرت اٿم. “ (آغا سليم) هڪ ڏينهن بابا ڪچهري ڪرڻ وقت مون کي چيو هي ڪتاب پڙهي ڏس۔ سائين ادل سومري جو اهو ڪتاب وساري نه ڇڏجو. مون ٻه دفعا پڙهيو آهي. ان ڪتاب جي باري ۾ آئون سائين لڇمڻ ڪومل جا هي لفظ ضرور لکڻ چاهيندس جيڪي منهنجي دل جي ترجماني ڪن ٿا. ”تنهنجي شاعريءَ جو مجموعو "وساري نه ڇڏجو" ٻه ڀيرا پڙهيو اٿم. “ هڪ ڀيري ٻوليءَ جي لئي جو لطف وٺڻ لاءِ، ٻيو ڀيرو سوچ جو سلسلو جوڙڻ لاء اڄ سائين ادل سومري جو جنم ڏينهن آھي سائين کي جنم ڏينهن جون ڪروڙين دلي واڌايون هجن. . . !! بي وفائيءَ هو مون کي ٻوڙي ڇڏيو تار مان تنهنجي بچايو پيار هو. (ادل سومرو) (الفت حسين جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۵ آگسٽ ۲۰۲۲ع تان رکيل/ کنيل) ادل سومرو دادا سنڌي ادل سومرو جيڪو هر سنڌي ٻار ۽ ٻڍي، جوان ۽ جهوني جو ادل آهي. هن صاحب، جنهن خلوص ۽ جذبي سان، سنڌي ٻاراڻي ادب جي خدمت ڪئي آهي، سا ڪڏهن به وساري نه ٿي سگهجي. نظم ۽ سندس ٽي ڪتاب ۽ نثر ۾ ” نئون نصاب “ پنهنجي انفراديت ۽ افاديت جي لحاظ کان، سنڌي ادب ۾ جداگانه حيثيت رکي ٿو. (۸۷ – ۱ – ۲۸) ادل جو لاڙو ٻاراڻي ادب ڏانهن گهڻو آهي. گل ڦل ۾ سندس نئون نصاب هلندڙ آهي. ڏاڍو رقت انگيز ۽ اثرائتو آهي. طنز ۽ مزاح سان گڏ ننڍن لاءِ نصيحت آميز به آهي. ٽوپي، جتي، تاج، جهوپڙي وغيره پڙهي مونکي ابن انشاءَ جو ڪالم ۽ ڪرسي ياد اچي ويا. جيڪڏهن کيس مان سنڌي ٻاراڻي ادب جو ابن انشاءَ سڏان ته غلط نه ٿيندو. ابن انشاءَ جو انداز تحرير به اهڙو آهي. ٻار جو ذهن ۽ دل ڪنئرو ۽ نرم هوندو آهي. هي ٻار اڳتي هلي سٺا شهري بنجن، پنهنجن حقن حاصل ڪرڻ سان منجهن فرض ادائي جو شعور جاڳي. پنهنجي لاءِ جيئڻ سان گڏ ٻين لاءِ جيئڻ سکن ته ان لاءِ ادل جو هي نصاب ڪارگر اڃا شروعات آهي، پر سلو اهو جو انگورو ڀلو، وانگر هي سلسلو مون کي ڏاڍو وڻي ٿو. تازو هن مهيني مون جهوپڙي پڙهيو. هي بيوس وري جهوپڙي آيه، جنهن چيو هو ته ” الا جهريءَ م شال غريبن جي جهوپڙي“. پر هن جهوپڙي تي ادل پنهنجن پوءِ پراون بلڊوز گهمايا. غريب ۽ مسڪين مارن جي مٿي لڪائڻ جي جاءِ به کسي وڃي ويئي. اسان جو معاشرو جاگيردارانه آهي ۽ اڄ جي ٻار کي اهڙي سکيا ڏيڻي آهي. جيئن هو سرمائيدارانه نظام کان نفرت ڪري. جيستائين اسان هن استحصالي ۽ پرماريت واري نظام کي کوکلو نه ڪنداسين تيستائين اسان هن استحصالي مان نڪري پنهنجي نئين نسل لاءِ صحتمند معاشرو قائم نه ڪري سگهندا سين. ادل جي نصاب جو تاڃي پيٽو اهو آهي. ڀ ڀت، ج جتي ۾ هن طرف اشارو ڏنل آهي. بهر حال مان هن تي ضرور لکندس. ( ۱۹۷۷ع )
بادل جمالي کُتيري ٻيلي جو ماڻهو پير عبيد راشدي لال پشپ لکيو هو ته ”مون آڏو هڪ سوال اڀرندو آهي ته ليکڪ جي اندرين تهن مان لڳاتار هڪ ندي وهي ٿي، انهيءَ مان اڻ ڳڻيون لهرون وکرن ٿيون جنهن جي شور جو انت نه وري ڳاڻيٽو هوندو آهي. محترم بادل جماليءَ جي داخلي دنيا مان جيڪي بي انت اڻ ڳڻيون لهرون وکرن ٿيون، سي سندس اباڻي پٽ وٽان وهندڙ روهڙي ڪئنال وانگر آهن يا سنڌ جي شهر ڪراچيءَ جي سمنڊ جهڙيون، بادل جماليءَ جي اندر مان پلٽو هڻندڙ مضمون ۽ برجستي ڪهاڻي ٻروچڪي گج ڀرت ۽ سنڌي ٽوپيءَ وانگر لکن ۾ پڌري آهي. بادل جمالي ۱۹۷۵ع کان زندگي جي سمنڊ مان نه ڄاڻ ڪيترا موتي، پٿر ڪوڏ سپون ميڙي ڪهاڻين جي مال جوڙيندڙو ٿو هلي. هن جي ڪهاڻي ڪونج ڪتاران آهي يا روهڙي ڪئنال جي ٽاپ تان مٽندڙ اوٺي وڳ جيان،پر آهي موهيندڙ. هن جا احساس سمند وانگر بيڪنار آهن. هن جي اندر ۾ هڪ وقت منهوڙي ٻيٽ تي پئي پراڻي مندر جون گهنٽيون آهن ته مڪي مديني شريف ۽ نجف شهر مان پڙاڏجندڙ ٻانگ جا پاڪ ڪلما به وسندا آهن هو وچٿرو آهي. هو سچل جي وائي جو ورلاپ آهي. بادل جمالي، ڪميٽيڊ ليک آهي، ڪهاڻيءَ جي خصوصيت اها به بيان ڪري سگهجي ٿي ته انهيءَ ۾ زندگيءَ جي ڪنهن هڪ هاڃي، ڪيفيت پيرائتي نموني بيان ڪجي، سماج ۾ ٿيندڙ اٿل پٿل ۽ ڏاڍ کي اثرائتي ۽ نرالي ڍنگ ۾ پيش ڪجي ڪهاڻي نه رڳو ڪنهن امير جي ڊرائنگ، ڊائننگ هال جو گلدان آهي پر ڪهاڻي روهڙي ڪئنال جي بند تي پاڻ مرادو ڦٽل سر جو ٻوڙو به آهي. بادل لاءِ روهڙي ڪئنال ائين آهي جيئن ميخائل شولوخوف ۽ ميڪسم گورڪيءَ ولاءِ وولگا ندي هپ ڏکن جو ڊگهو رڻ پٽ جهاڳي پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن جي ڪرسيءَ تي ويٺو.ڪرسيءَ تي ويهڻ کانپوءِ ماڻهن جي روش مٽجي ويندي آهي. پر هن ۾ ڪا به تبديلي نه آئي. فنڪارن، اداڪارن ۽ ليکڪن کي مانُ ۽ عزت ڏيندو هو. پي ٽي وي تي ڪن کان هو سکيو ته ڪن جي هن رهنمائي ڪئي. بادل جو ن ڪهاڻيون فرد جي داخلي ڪيفيت کان وٺي، قوم، قبيلي سان ٿيل ڏاڍ جو الميو بيان ڪن ٿيون. محترم بادل جي پسند جو ليکڪ ننڍي کنڊ جو وڏو ليکڪ سعادت حسن منٽو آهي. منٽو وانگر چٽي ۽ سهڻي نموني سان ڪهاڻي لکي ٿو، هن جي ڪهاڻين ۾ خوبصورت تشبيهون، استعارا ۽ اثرائتا مڪالما آهن هن جي ڪهاڻين ۾ سعادت حسن منٽو، امر جليل، علي بابا ۽ جمال ابڙي جي فڪر وانگر هڪ بي ڊپو باغي بي چين روح ۽ منفرد موضوع آهن، جي ڊگهي وقت تائين پڙهندڙن تي اثر ڇڏين ٿا. انهيءَ ڪري ڪيترا پڙهندڙ کيس جيءَ ۾ جايون ڏيندا آهن بادل سنڌ جو آهي پر آسمان جي بادل وانگر سندس روح جي ڪا حد نه آهي. بادل جمالي حساس ۽ خوددار آهي. کيس پاڻ وڻائڻ جي بيماري نه آهي. هو هروڀرو ڪنهن ادبي ڪاڄ ۾ نه ويندو آهي.جيستائين ڪو کيس ور ور ڪري سڪ مان نه سڏي منهنجي خيال ۾ اها سندس سٺي وصف آهي. ادبي دنيا ۾ جتي وڏي ادارڪ. دل ونڊڻ وارا ۽ مرڪندڙ ماڻهو آهن ته اُتي ڪي پٿر دل انا جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ماڻهو پڻ آهن. ان جو مثال اهو ڏيندس ته جڏهن ڪهن ليکڪ جي ڪهاڻي، آرٽيڪل ۽ شاعري متاثر ڪندي اٿم ته انهيءَ ڏانهن سڪ جو هٿ ڊگهو ڪندو آهيان ۽ پوءِ هو ٻه ٽي ڏينهن چاهه جا ڏئي اوپرا ٿيو وڃن ۽ نه ملڻ جا بهانا ڪندا آهن. هو هوندا پنهنجن شهرن ۾ پر مسيج ياڪال تي جواب ڏيندا ” پير واقعي ابن پير آهين. هاڻ هاڻ قومي شاهراههَ تان تنهنجي ڳوٺ جا وڻ ڏسندي مٽيوآهيان. بادل جماليءَ جا ٻه ڪتاب ”سنگرام“ ۽ ”پاڙي ناهي پروڙ“ ڇپيل آهن اڃا به وٽس ٻن ڪتابن جيتريون ڪهاڻيون آهن. ڪتاب ”سنگرام“ جي ارپنا خود هڪ ماسٽر پيس ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ پورهيت پنهوار جي همت حوصلي ۽ جدوجهد جي مڃتا آهي. جي تتيءَ ٿڌيءَ روڊ رستن، واٽر ڪورسن تي ٻن ٽڪرن لاءِ ڪمائين ٿا. روڊ رستا، پلازه ۽ فصل آباد ٿي وڃن ٿا. پر پورهيتن جا اهي ساڳيا ڪکاوان گهر! بادل لکي ٿو ڪو به انقلاب اچي يا ڪو نئون نظام، پر مزدور جي اها ڇلي اها ئي تغاري ٺيڪيدارن،جمعدارن جادڙڪا ڇڙٻون، ڪنهن ڪچهريءَ ۾ بادل کان لکڻ جو ڪارڻ پڇيم، هو کي پل لاءِ چهچ سائي ڇٻر ۽ ڪنارن سان لڳل گلاب ڏسي خاموش ٿي ويو ۽ پوءِ رکي مٺو ڳالهائيندي چيائين ” سائين پير شاھ صدر جي شاھ آباد واري بنگلي جي باغيچي جي خوشبوءِ تنهنجي هن فارم هائوس ۾ وسي ٿي“ بادل جي اکين ۾ ماما سائين شاھ صدر جي شاھ آباد واري اٺاس کن جي ولار تي ڦهليل عاليشان بنگلي جا پارڪ ۽ گلاب لهڻ لڳا. شاھ صاحب جو اهو بنگلو 1950 واري ڏهاڪي جي شروعاتي ۾ جڙي راس ٿيو هو. جنهن جي مهاڙي تي برڪت منزل 1952ع لکيل هوندو هو. هي اهو زمانو هو. جو جڏهن حيدراباد، سانگهڙ، مٽياري ضلعن ۾ ڪنهن امير جو اهڙو بنگلو نه هوندو هو. بيڊ رومن سان گڏ هڪ ذاتي ناياب ڪتابن واري لائبريري هوندي هئي. جنهن ۾ ڪتابن سان گڏ پراڻين اخبارن جا سيٽ ٿيل فائل هوندا هئا. ”مون لکڻ جو ڪارڻ پڇيو هو؟“ مرڪندي پڇيم. وراڻيائين: ”عام ماڻهوءَ جي ياد تي وقت جو هوائون ليپو ڏئي ڇڏينديون آهن پر ليکڪ جي اندر ۾ ورهه پراڻين باغن باغيچن ۾ ٻرندڦ فانوسن ۽ پراڻين گهرن ۾ گاسليٽ وارن هٿ بتين جي بوءِ ۽ روشني واسيل هوندي آهي گلاب ڇڻي ويندا آهن، لالٽين جي وٽ اجهامي ويندي آهي پر انهن جي هٻڪار حواسن سان اک ٻوٽ ڪري احساسن جي ڪوري ڪاغذ تي لفظن جي چمي ڏئي ويندي آهي.“ ”بادل يار اڄ وس وسڪار ڪر لفظن جي ڇم برسات ڪر؟“ مون کيس کولڻ ٿي چاهيو، ”ليکڪ آڏو زندگيءَ جون تلخ انفرادي ۽ اجتماعي حقيقتون هونديون آهن، قلم کان ڪنهن مشعل جو ڪم وٺڻو پوي ٿو، لکڻ ڏکندڙ دل جي وارتا آهي“ بادل وضاحت ڪري چپ ٿي ويو، پر هو چپ ڪٿي هو، ٻاهر پام سنگل ۽ بادام جي لامن تي پکين لات ٽي لنئي، ملازم ٽيبل تي پليٽ ۾ پيل صوفي ٻير، زيتون ۽ ڇري رکي پر تي موٽي ويو”بسم الله“ کيس صلاحيم. بادل چپن ۾ بسم الله چئي ۽ ڳاڙهي صوفي ٻير کي لاٽون سمجهي ڦيرائڻ لڳو ۽ وکريل لهجي ۾ چيو ”رت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي“ ”مرحوم سائين شاھ صدر جون دعوتون ياد هوندئي؟” بادل پڇيو. وراڻيم: ”نوابشاھ سانگهڙ جا روينيو ۽ آبپاشي کاتي جا آفيسر ۽ وزير ته هميشه ايندا هئا. پر هڪ ڀيرو پير سائين پاڳارو، محمد خان جوڻيجو، ڄام صادق علي، سيد ذوافلقار علي شاھ ڄاموٽ ۽ ڄام سبب علي، پير صاحب سان گڏ ها. پير صاحب جو ڊگهو جلوس هالا بئراج موريءَ کان روهڙي ڪئنال، علي بحر ٽاپ تائين هو، واهن جي ٽاپ تي حر جماعت جا جمالي، لغاري ۽ سنجراڻي فقير خوشيءَ مان نعرا هڻي رهيا هئا. مرحوم پير صاحب جيئن سائين شاھ صدر مرحوم جي بنگلي تي لٿو، پير صاحب سامهون نئين اڏجندڙ مسجد ڏسي وڃي بيلچو کنيو، تغاري ڀري ڄام صادق علي ۽ مرحوم محمد خان جوڻيجي کان کڻايون. بادل جمالي ڏسڻ ۾ خاموش توري تڪي ڳالهائڻ وارو پنهنجو پاڻ ۾ گم رهڻ وارو، پر اندر مشاهديءَ جا ست سمنڊ ڇليل اٿس، هن وٽ پي ٽي وي شوبز جون اڻ ڳڻيون نه وسرڻ جهڙيون ساروڻيون آهن. هو عابده پروين، استاد منظور علي خان، لتا، روشن آرا بيگم، اقبال بانو، محمد رفيع، وحيدمراد، زيبا محمد علي ۽ پٺاڻي خان جو نالو وڏي سڪ ۽ پاٻوھ مان کڻندو آهي. هو مهل موقعي جي نزاڪت سان انهن جا ٻول جهونگاريندو به آهي. بادل جمالي سنڌ جي نالي واري ڪهاڻيڪار، شاعر، ناٽڪ نويس ۽ پروڊيوسر سان ڪچهري عبدالسبحان جمالي وطن جي مٽي ۽ ماڻهن سان اڻمئي محبت ڪندڙ بکر جمالي واسي شخصيت ليکڪ، شاعر، محقق، اداڪار، پروڊيوسر، ڊائريڪٽر ۽ سماجي ڪارڪن جي سڃاڻپ رکندڙ نثري ادب ۽ اداڪاري فيلڊ ۾ پنهنجي باوقار ڪردار جي مالڪ بادل جمالي جو اصل نالو محمد سليمان جمالي آهي هن ۲۹ مئي ۱۹۴۷ع تي ڳوٺ شهداد جمالي ۾ جنم ورتو هن پنهنجو ننڍپڻ بکر جمالي جي ڀر سان ڳوٺ شهداد جمالي ۾ گذاريو شروعاتي تعليم ڳوٺ علي مراد جمالي مان حاصل ڪئي ان کانپوءِ ميٽرڪ هن گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول بکر جمالي مان ۱۹۶۹ع ۾ ڪئي. ميٽرڪ کانپوءِ ڪراچي فلم انڊسٽريز ۱۹۷۳ع ۾ پهتو اُتي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪيو. ۱۹۷۴ع ۾ پاڪستان ٽيليوزن نيٽ ورڪ ۾ نوڪري ملي هن اُتي پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪيو ۽ ۲۰۰۷ع ۾ اُتان ريٽائر ٿيو. سنڌي ادب سان لڳاءُ هجڻ سبب هينئر سيڪريٽري طور سنڌي ادبي بورڊ نيو سعيد آباد ۾ ڪم ڪري رهيو آهي هن پنهنجي پهرين ڪتاب “پاڙي ناهي پروڙ” جو (نسيم کرل) گولڊ ميڊلسٽ آهي اهو ڪتاب ۱۹۸۰ع ۾ لکيو هو. س: توهان کي ادب ۾ ڪڏهن ۽ ڪيئن شوق ٿيو؟ ج: ادب پڙهڻ ۽ لکڻ جو شوق ننڍپڻ کان هو مون شاعري سان لکڻ جي شروعات ڪئي ۽ اڳتي هلي جڏهن آئون ڪراچي پهتس ته منهنجوواسطوسنڌي ادب سان ٿيو، مون ڪهاڻين کي ترجيع ڏني ۽ پوءِ مون ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ اڳتي آئون شاعري نه ڪري سگهيس ءِ ڪهاڻيڪار ٿي ڪري سامهون آيس. دوستن ڪهاڻيون پسند ڪيون. س: اوهان سنڌي ادب ۾ ڪهاڻين جا ڪهڙا ڪتاب لکيا آهن؟ ج: پهريون ڪتاب “پاڙي ناهي پروڙ” مون ۱۹۸۰ ۾لکيو جنهن کي ۱۹۸۰ جو بهترين ڪهاڻين جو مجموعو سمجهي نسيم کرل گولڊ مڊ ميڊل مليو ۽ ساڳئي سال شاعري تي شيخ اياز کي به مليو. ان کانپوءِ منهنجو ٻيو ڪتاب (سنگرام) ۱۹۸۷ ۾آيو ۽ ان کان علاوه (چونڊ سنڌي ڪهاڻيون) ۱۹۷۵ کان ۱۹۸۰ جي وچ واريون جيڪي ڪهاڻيون هيون انهن جي چونڊ مون ڪئي هئي. ريٽائير ٿيڻ کانپوءِ مون ۲۰۱۳کان ڪهاڻيون لکيون آهن ۽ هاڻي سٺو مجموعو ٿيو آهي انشاءالله تمام جلد نئين ڪتاب جي صورت ۾ ڏيندس. س: محمد دائود بلوچ سان ڪهڙن ڪتابن تي ڪم ڪيو ۽ ڪڏهن ڪيو؟ ج: مون محمد دائود بلوچ سان گڏ (چار ڪهاڻيڪار چار نقادس) جي نالي سان هڪ ڪتاب ترتيب ڏنو هو جيڪومنصور پبليڪيشن جو مالڪ به هو ۽ اسان جو مانوارو دوست هو ان کان سواءِ ان ساڳئي اداري لاء ٻه ڪتاب ڪهاڻي نمبر جي نالي سان مون ۽ محمد دائود گڏجي ۱۹۸۲ ۽ ۱۹۸۳ ۾ ترتيبت ڏنا هئا. س: توهان ڪهڙي قسم جي شاعري ڪئي پنهنجي ڪا شاعري ٻڌايو؟ ج: جيڪا منهنجي شروعاتي شاعري هئي اها رومانوي قسم جي هئي پر تڏهن اهڙي خاص يا شاندارشاعري نه هئي جنهن تي آئون فخر ڪيان ۽ انهي ڪري ڇپائي نه ٿي سگهي ڇاڪاڻ ته اها ڪچي ڦڪي شاعري هئي ان زماني جي منهنجي لکيل شاعري هن ريت هئي. نحص پنهنجي تي نادم ناهيان جي وقت جي بازي مون نه کٽي جيت اسان جي ٿئي يا نه ٿئي هار ته هميشه پنهنجي آ س: سنڌي ادب جي بهتري جي لاءِ ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو آهي؟ ج: هڪ ليکڪ طور سنڌي ادبي بورڊ جي ميمبر ۽ ورڪر جي حيثيت سان ۱۹۷۵ ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڪراچي ۾ جوائننگ ڪئي هئي، ورڪر جي حيثيت سان ۽ ميمبر جي حيثيت سان مون اتي تقريبن اٺ کان ڏهه سال سنگت ۾ گذاريا جتي منهنجي ڪردارکي ڏاڍو ساراهيو ويو، ادب ،لکڻ ، تنقيد ۽ رهنمائي جي حوالي سان دوستن تمام گهڻي تعريف ڪئي منهنجوڏاڍو سٺو ۽ پازيٽيو ڪردار رهيو. س: سنڌي ادب جي حوالي سان سنڌي ڪهاڻي جي پڙهڻ ، تخليق ڪرڻ ۽ غلطين جي باري ۾ ڇا چوندا؟ ج: ڪہاڻين جو پڙهڻ هر وقت هر دور ۾ هوندو آهي پر ادب ۾هاڻي ڪهاڻين جو رجهان بدلجندو پيو وڃي عام پڙهندڙ کي هينئر معياري ڪتاب نٿو ملي ڇاڪاڻ ته ڪهاڻين ۾ ٻولي غلط لکي ويندي آهي. شاعري ۾ پڻ ٻولي جو غلط استعمال ڪيو ويندو آهي، مذڪر ۽ مونث جو تقريبن فرق ئي ختم ٿي ويو آهي جئين ٿو ڪير محسوس ڪري تئين ٿو لکي هو پنهنجو معيار ڪونه ٿو ڏسي ته آئون مارڪيٽ ۾ ڪهڙي شئي موڪليان پيو ان جو ڪهڙو معيار هجي ڇاڪاڻ ته تخليقڪار کي جڏهن پنهنجي معيارجي خبر نه آهي ته اهو ٻولي کي ڇا ڏسندو مٿان وري اصلاح به نه ٿي ٿئي ڇاڪاڻ ته اڳ ايڊيٽر هوندا هئا اهي ان شئي کي پڙهي درست ڪري پوءِ ڇاپيندا هئا. هاڻي ته ايڊيٽر به اسان جا دوست اهڙا وڃي ٿيا آهن جن کي اها توفيق به ڪانهي جو هو غلط کي صحيح ڪن جنهن جي ڪري اها شئي غلط لکي وئي آهي ته هاڻي اها ڇپجي به غلط پئي ۽ اها جاري آهي هاڻ ڪو ماڻهو ڪٿي جملو پڙهيو (منهنجي آواز خراب آهي) ته هو به چوڻ شروع ڪندو ته (منهنجي آواز خراب آهي) جنهن ڪري اسان کي سنڌي ٻولي جو معيار بهتر ڪرڻ گهرجي ۽ ايڊيٽرن کي به گهرجي ته اهڙيون غلطيون جتي ٿين ٿيون انهن کي درست ڪري اصلاح ڪن اهو انهن جو فرض آهي. س: ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ادب ۽ اخلاق تي ڪهڙو اثر پئي ٿو؟ ج: اڳئي اسان ڪهاڻين ۾ ٽيلي فون کي وڏي اهميت ڏيندا هئاسين وڏو ڪاري رنگ جو پي ٽي سي ايل وارن جو سيٽ هوندو هو ان ذريعي گفتگو ٿيندي هئي ماڻهو ڪمرن تائين محدود هوندا هئا. هن وقت موبائل جو زمانو اچي ويو آهي هر ڪنهن جي کيسي ۾ موبائل آهي اوهان جبل تي هجو، جهنگ ۾ هجو،يا کڻي باغ ۾ هجو جنهن سان وڻي ڳالهائي سگهو ٿا اها سهولت تازي آئي آهي اسان جي دور ۾ پابنديون هيون ايتري قدر جو ڪهاڻيڪارن لاءِ پيار ڪرڻ جي جڳهن ته پيار جو اظهار ڪرڻ محبوبه کي ڏکيو لڳندو هو هاڻي ته ڪو به مسئلو ڪونهي هاڻي وڏي آزادي ٿي وئي آهي جو هر هنڌ مرد توڙي عورت وٽ موبائل آهن هر ڪو ڳالهائي سگهي ٿو هن وقت موبائل جي ڪري معاشري تي تمام غلط اثر پئجي رهيو آهي اهڙي طرح اهي سڀ ڳالهيون ادب ۽ اخلاق تي به اثر انداز ٿين ٿيون ڇاڪاڻ ته ماڻهو هاڻي دلير ٿي ويو آهي اڳيون ڳالهيون ناهن رهيو. اڳي ڪنهن سان پنهنجي دل جي ڳالهه ڪرڻ ڏاڍي ڏکي هئي پر اڄڪلهه هلندي ڦرندي ماڻهو دل جي ڳالهه چئي ٿا وٺن. ان ڪري اهي تبديليون معاشري سان گڏوگڏ ادب ۽ اخلاق تي به اثر انداز ٿين ٿيون هاڻي اهڙو معتبر قسم جو ادب تخليق ڪجي جيڪو هر ڪنهن جي لاءِ قابل قبول هجي اهو اڄ به مشڪل آهي ڇو جو ماڻهو اڄ به لکڻ تي ويهي ٿو ته هو شعور جي وهڪري ۾ اهڙيون شيون لکي ويندو آهي جيڪي عام ماڻهن جي اڳيان ڳالهائڻ جهڙيون نه هونديون آهن پوءِ انهن تي تنقيد ٿيندي آهي پر معتبر ادب ته اهو آهي جيڪو سڀني جي لاءِ هڪجهڙو هجي مرد توڙي عورت سڀ پڙهي سگهن ۽ ان ۾ بي ادبي نه هجي. س: اليڪٽرانڪ ميڊيا جي اچڻ سان ادب تي ڪهڙو اثر پيو آهي؟ ج: اليڪٽرانڪ ميڊيا جي اچڻ سان ڪتابن جي وڪري تي ضرور اثر ٿيو آهي ڇاڪاڻ ته اڳي هزار ڪتاب مهيني ٻن ۾ وڪامبا هئا هاڻي نٿا وڪامن ڇو جو تڏهن لکڻ پڙهڻ کي گھڻي ترجيع ڏني ويندي هئي ڇاڪاڻ ته اڳي ماڻهن وٽ وقت گذارڻ جي لاءِ ڪا ٻي مصروفيت نه هوندي هئي هاڻي الڪيٽرانڪ ميڊيا اچي وئي آهي ان کانپوءِ سڄو ڪريڊٽ ٽي وي ڏانهن وڃي ٿو، توهان ڊراما ڏسو، ميوزڪ ٻڌو ۽ ٻيا پروگرام ڏسو اهي سڀ شيون ڏسڻ کانپوءِ ماڻهو وٽ ڪتاب پڙهڻ لاءِ ٿورو وقت ٿو بچي تنهن هوندي به جنهن جي ادب سان دلچسپي آهي اهو اڄ به پڙهي ٿو، ڪتابن جو وڪرو اڄ به جاري آهي. س: سنڌي ادب شاعري ۽ آرٽ جي حوالي سان ڪهڙي حيثيت رکي ٿو؟ ج: ادب، شاعري ۽ آرٽ اهي ٽئي ساڳيا چئبا ڇاڪاڻ جو ٽئي ادب سان ملندڙ آهن، اوهان انهن کي الڳ نه ٿا ڪري سگهو، ادب تمام وسيع آهي اوهان جي موسيقي ان ۾ اچي ٿي وڃي، اوهان جي شاعري ان ۾ اچي ٿي وڃي، ڊرامه به ان ۾ اچي ٿا وڃن، تقرير به ان ۾ اچي، ايستائين ٻولي سڄي ان دائيري ۾ آهي. س: پاڪستان ٽيليوزن نيٽ ورڪ ۾ اوهان عوام لاءِ ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو؟ ج: مون وڌ کان وڌ ادبي پروگرام ڪيا آهن، ادب ۽ ٻولي جي حوالي سان تمام خوبصورت پروگرام ڪيا آهن. ان ۾ اسان بحث مباحثو، ڪريڪيولم ۾ غلطيون جهڙوڪ اسان واري دور جا ڪتاب ٻارن کي پڙهايا ويندا هئا ۱۹۵۰ واري ڇاپي سبب ٻار پريشان ٿيا ڇو جو مارڪيٽ ۾ اهي ڪتاب نه پيا ملن. ان تي اسان تعليمي آفيسرن کي گھرايو ۽ تمام سخت بحث ڪيا ان ۾ مون سان ڪافي تعليم کاتي جا آفيسر ناراض به ٿيا پر بعد ۾ ٽيليوزن تي جڏهن اهي پروگرام ڏٺائون ته کين خبر پئي ته اسين پنهنجي جاءِ تي صحيح هئاسين ۽ اصل ۾ غلطيون هنن جو هيون جن کي بعد ۾ هنن تسليم به ڪيو هو ان کان پوءِ هنن ان ڌيان طلب مسئلي تي غور ڪرڻ جو واعدو ڪيو. جنهن کان هنن جيڪي ڪتاب مارڪيٽ ۾ ناهن انهن جي جاءِ تي نوان ڪتاب ڏنا. پاڪستان ٽيليوزن نيٽ ورڪ جي پليٽ فارم تان مون پروڊيوسر جي حيثيت سان ادب جي لاءِ سٺا ادبي پروگرام ڪيا ۽ بيشمار مشاعره ڪيا ادبي مباحثه ڪيم ڪيترائي ليکڪ، فنڪار، ادب جا ماڻهو مون متعارف ڪرايا آهن ۽ وڌ ۾ وڌ پاڪستان ٽيلي وزن نيٽ ورڪ مون ادب جي حوالي سان وڌ ۾ وڌ ڪم ڪيو. س: پاڪستاني ڊرامن کي دنيا ۾ گھڻي چاهه سان ڏٺو وڃي ٿو، هن جو ڪريڊٽ ڪنهن ڏانهن وڃي ٿو؟ ج: ڪنهن هڪڙي ماڻهو کي نه پر سڄو ڪريڊٽ پاڪستان ٽيليوزن نيٽ ورڪ جو آهي ڇاڪاڻ ته پاڪستان ٽيليوزن نيٽ ورڪ نه صرف پاڪستان جو پهريون پر دنيا جو وڏو ادارو به رهي چڪو آهي هن جا جيڪي ڊائريڪٽر هئا انهن کي ٻين ملڪن ۾ تربيتون ڏياريون ويو، ان کان پوءِ انهن تمام خوبصورت ڊرامه ڪيا آهن، انهن نه صرف پاڪستان ۾ پر پاڪستان کان ٻاهر پڻ وڏو نالو ڪمايو خاص ڪري هندستان جي فلمي اڪيڊمي جيڪا پونا ۾ هئي ان ۾اداڪارن کي سکيا طور پاڪستان جا ڊرامه ڏيکاريا ويندا هئا ته اداڪاري ڪيئن ڪجي ڊائريڪشن ڪيئن ڪجي اهي پونا جي ڊائريڪٽرن جو ڳالهيون آهن. ان کان پوءِ اسان جا تمام وڏا بهترين ڊائريڪٽ محمد نثار حسين جيڪو لانگ پلي ڪندو هو طويل دورانيا جو وڏو ڊائريڪٽر هو. ان کانپوءِ ياورحيات، شهزاد خليل، شعيب منصور، سيد محسن علي ۽ قاسم جلالي اهي سڀ اسان جا وڏا ڊائريڪٽر هئا ۽ اسان انهن کان تربيت حاصل ڪئي انڪري اسان به پنهنجي حال سارو سٺا ڊرامه ڪيا خاص ڪري سنڌي ۾ جيڪي اڄ تائين يادگار آهن. س: ڇا پرائيويٽ چينل اچڻ کانپوءِ پي ٽي وي جي ڏسندڙن ۾ گھٽتائي آئي آهي؟ ج: جي بلڪل گھٽتائي آئي آهي ڇاڪاڻ ته پي ٽي وي هڪ قومي ادارو آهي ان جي پنهنجي سرڪاري پاليسي آهي ڇا ڪرڻ گھرجي ڇا نه ڪرڻ گھرجي، جڏهن ته پرائيوٽ ادارا جيڪي آهن اهي ان پاليسي ته عمل نه ٿا ڪن اهي هر قسم جون شيون ڏيکاريندا آهن، اهي پنهنجي مالڪ جي مرضي تي ٿا هلن. چينل جا مالڪ جيڪڏهن پاڻ بهادر آهن ته اهي هر قسم جون شيون جيڪي هو هلائڻ چاهين عشق محبت جون هجن يا جيڪو به ڪجهه پرائويٽ چينل ذريعي ڏيکاري سگھن ٿا انهن کي آزادي آهي. پي ٽي وي ۾ اڄ به اها ناهي، پي ٽي جو پروڊيوسر يا ڊائريڪٽر جڏهن سوچين ٿا ته انهن کي هزارين پابندين کي منهن ڏيڻو پوندو آهي ان پابندين جي باوجود به هو پنهنجن ڊرامن کي مٿي ڪري رهيا آهن جو اڄ به دنيا ۾ انهن جو نالو آهي ڪڏهن اهو دور هو ته ٽي وي تي ڪا سيرل هلندي هئي ته ماڻهو مارڪيٽون بند ڪري ان کي ڏسندا هئا اهو سڄو دور پي ٽي وي سان هو هاڻي اوهان وٽ وڏا چينل آهن. جنهن ۾ ڊرامن جي ڪروڙين روپين جي بجيٽ آهي پر توهان جو مارڪيٽون هيئنر بند نه ٿيو ٿين ڇو جو اداڪاري يا ڊائريڪشن جو معيار اهو ناهي جيڪو پي ٽي وي جو هو. س: نوجوان نسل ۾ ڀارت جي ڊرامن ۽ فلمن جو شوق تمام گھڻي حد تائين پيدا ٿي ويو آهي، ڇا سماج تي هنن جي ثقافت جا منفي اثر پئجي سگھن ٿا؟ ج: اهو اسان تي هندوستاني ثقافت جو حملو آهي ۽ اهو ٿيندو رهيو آهي ۽ اسان جا نوجوان واقعي متاثر ٿين پيا اهو جيڪو ٽين ايج يا ارلي ٽوئنٽي ۾ جيڪي نوجوان آهن انهن نوجوانن ۾ ڇوڪرا هجن توڙي ڇوڪريون هجن انهن کي اهي انڊيا جون شيون متاثر ڪن ٿيون. هاڻي "بي بي تيري چٽيان ڪلائيان" آهي اهو پاڪستاني چينل طرفان ته ڪون ٿو ٿي سگهي ۽ نه ڪو ٻيو چينل اهڙو ڪرڻ جو سوچيندو به. انڊيا مان ڊائريڪٽ اهي شيون اچن ٿيو ۽ ماڻهو ڏسن ٿا حيرت ان تي آهي ته اڄ اسان جي شادين جي موقعن تي اهي انڊين گانا هلن ٿا جن ۾ "عشق ڪمينا" يا "چولي ڪي پيڇي ڪيا هي" پڻ شامل آهن. اسان پي ٽي وي ذريعي اهي شيون عوام کي نٿا ڏيکاريون توهان پنهجن پرائيويٽ طريقن سان اهي سڀ شيون گھرن ۾ فيملين کي به ڏيکاريو ٿا ان ڪري اها ٻي پاليسي آهي. ڪجهه ماڻهن فلمن جي آزادي ۽ ڊرامن تي پابندي هڻڻ جي ڳالهه گورنمينٽ جي سامهون رکي ته گورنمينٽ جو اهو موقف آيو ته ٽي وي تي فيملي چينل به آهن ۽ فلمن کي ماڻهو پاڻ شوق سان ڏسڻ چاهين ٿا. ان ۾ اها شئي جيڪي توهان ڏسڻ لاءِ ويا اها توهان ڏسي سگهو پيا پر ٽي وي گھر گھر موجود آهي هن ۾ اهڙو ڪجهه نه ڏيکاريو ويندو آهي ڇاڪاڻ ته گھر ۾ ويٺي ڏسندڙن کي اهو ناهي خبر اڳيان ڇا ايندو تڏهن ڊرامن ۾ آزادي نه ٿا ڏئي سگهون. س: سنڌي ادب ۾ اوهان جي نظر ۾ سٺا ليکڪ ڪهڙا آهن؟ ج: سڀني سٺو ڪم ڪيو آهي ۽ ڪن پيا پر ڪجهه خاص لکيڪ آهن جن تمام بهترين ڪم ڪيو آهي جيئن جمال ابڙو صاحب جيڪو منهنجو روحاني استاد پڻ آهي، آغا سليم جيڪو ڪمال جو افسانا نگار ۽ نثر نگار هو ان کانپوءِ سائين امر جليل آهي، نسيم کرل هو، ميڊم مهتاب جا افسانه، ميڊم خيرالنساءِ جعفري جنهنجا افسانا توهان پڙهندئو ته توهان کي خبر پوندي ته اهي ڪمال جا ليکڪ هئا. س: نوجوانن کي ڪهڙو پيغام ڏيندا؟ ج: عام پيغام آهي پڙهو گھڻو پڙهندئو ته ذهن کلندئو انگريزي ادب پڙهو اردو ادب پڙهو سنڌي ادب پڙهو پر پڙهو ۽ ان کي پروڙيو ۽ پنهنجي وڪيبلري جيڪا آهي اُها وسيح ڪيو لفظ پنهنجي ذهن ۾ تمام گهڻا شامل ڪيو انهن جي معنيٰ اوهان کي اچڻ گھرجي ٻي ڳالهه ته پنهنجو ذهن کليل رکو ڪٿي به وڃو مشاهدو ڪيو ڪاريگر وٽ ويندئو ته ڏسو ڪم ڪيئن ٿو ڪري محنت ڪش وٽ ويندا ته ڏسو محنت ڪيئن ٿو ڪري پنهنجي دل ۾ جنون پيدا ڪيو ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو. بادل جمالي سنڌي ڪهاڻيءَ کي بادل جي جنم ڏينهن جون مبارڪون رکيل مورائي هو شخص/ ليکڪ جيڪو اسان جي نسل لاءِ سدائين احترام وارو رهيو آهي، هن جڏهن ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون هيون تڏهن سنڌي ادب جي آسمان تي لکندڙن جي هڪ ڪهڪشان جرڪي رهي هئي، جن مان ڪيترا ئي هن جهان سان ۽ سنڌي ادب سان ناتو ٽوڙي ٻئي جهان ۾ وڃي سکي/دکي ٿيا آهن پر جيڪي اڄ اسان پنهنجي اکين آڏو نه رڳو ڏسي رهيا آهيون پر اهي سدا بهار به آهن ۽ باوجود گهڻي وٿيءَ جي اڄ تائين پنهنجي پنهنجي فيلڊ ۾ لکي به رهيا آهن ۽ ڪڏهن به “ورچي نه ويٺا” آهن، انهن اسان جي احترام لائق لکندڙن مان بادل جمالي صاحب به آهي، ساڳئي وقت سندس همعصر لکندڙ ڀاءُ نور گهلو به آهي، جيڪو چڱي وٿيءَ کان پوءِ ئي سهي پر مسلسل لکي رهيو آهي. بادل جمالي صاحب تڏهن به اسان ۽ سنڌي ادب لاءِ اهم هئو، جڏهن هن پنهنجو پهريون ڪهاڻي ڪتاب “پاڙي ناهه پروڙ” اسان کي ڏنو هئو ۽ اڄ به اسان ۽ سنڌي ادب لاءِ اوترو ئي آبرودار آهي، جڏهن هن پنهنجو اڄ تائين آخري ڪهاڻي ڪتاب “اويلو مسافر” ڏنو آهي، وچ جو عرصو اهو آهي جيڪو هو پي ٽي وي جو پروڊيوسر هوندي ڪهاڻي کان وڌيڪ ناٽڪ جي ويجهو رهيو. هن جي کاتي ۾ سنڌي ناٽڪ ته آهي ئي آهي، پر ٻيا ڪيترا ئي ادبي پروگرام به آهن جن جي معرفت هن اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ ادب جي خدمت ڪئي ۽ ڪيترن نوجوانن اديبن کي هن اليڪٽرانڪ ميڊيا تي متعارف ڪرايو، جيڪي اڄ پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ ڏئي رهيا آهن. سنڌي ناٽڪ کي پي ٽي وي تان اعليٰ مرتبو ڏيارڻ ۾ ٻين سنڌي پروڊيوسرن سان گڏ بادل جمالي صاحب جو به هڪ وڏو حصو آهي، پر سچ اهو آهي هن جي ٻين سڀني شعبن کان وڌيڪ اسان کي عزيز سندس هڪ ڪهاڻيڪار وارو ڪم آهي، جيڪو سندس پهرين ۽ آخري سڃاڻپ آهي. هو “پاڙي ناهه پروڙ” کان “سنگرام” تائين ۽ اتان کان وٺي “ اويلو مسافر” تائين سنڌي ٻوليءَ جو هڪ اهڙو ڪهاڻيڪار آهي جنهن ڪهاڻين معرفت سنڌي ٻوليءَ کي شاهوڪار ڪيو آهي. بادل جمالي صاحب جي ڪهاڻين جا موضوع ڳوٺاڻي زندگيءَ جا به آهن ته شهري زندگيءَ جا به آهن، سندس ڪهاڻين ۾ زرعي زندگي جي اوريجنلٽي به آهي ته شهري زندگيءَ جون چمڪندڙ مصنوعي روشنيون به آهن ۽ انهن روشنين پٺيان غضبناڪ اونداهي به آهي جيڪا شهري ماحول مان جنم وٺندي آهي. ايئن سندس ٻولي صاف، سٺي، وڻندڙ ۽ احساس کڻي ايندڙ آهي، جنهن ۾ ڪي به ور وڪڙ نه هوندا آهن، سندس ڪهاڻي جي اڻت ڪهاڻيءَ جون مروج سڀ گهرجون پوريون ڪندڙ رهي آهي، جنهن ڪري سندس ڪهاڻيون سندس همعصرن توڻي کائنس پوءِ ايندڙ ۽ لکندڙ ڪهاڻيڪارن توڻي پرهندڙن جي ذهنن ۽ دلين ۾ ياد رهجي ويون آهن، نه رڳو موضوعاتي حوالي ۾ پر پنهنجي سموري احساس سان گڏ! ۽ ڪهاڻي جي حاصلات لاءِ ٻيو ڇا گهرجي؟!! ڪڏهن ڪڏهن بادل جمالي صاحب جون ڪهاڻيون پڙهي محسوس ٿيندو آهي ته جيڪڏهن هو ان ئي موضوع تي ڪو ناول سنڌي ادب کي ڏئي، ڇاڪاڻ ته وٽس ٻوليءَ جي سونهن، موضوع جي چونڊ ۽ ان جي اڻت نهايت وڻندڙ هوندي آهي، اميد ڪجي ٿي ته هو اسان کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ناول ضرور ڏيندو ۽ ايستائين پڪ سان اسان سندس صحت لاءِ ۽ وڏي آورجا لاءِ گهڻيون گهڻيون نيڪ خواهشون سانڍيون ٿا!. بادل جمالي صاحب اڳوڻي ضلعي حيدرآباد ۽ هاڻوڪي مٽياري جي تعلقي هالا جي هڪ ننڍي ڳوٺ شهداد جماليءَ ۾ جنم ورتو، سندس جنم ننڍي کنڊ ۾ سدائين ياد رکيو ويندڙ سال ۱۹۴۷ع ۾ مئي مهيني جي ۲۹ تاريخ تي ٿيو. هونئن سال جا سڀ ڏينهن مقدس ٿين ٿا پر اسان پنهنجي عالمن ۽ اديبن جي جنم ڏينهن کي وڌيڪ ڀاڳ وارو ڏينهن سمجهندا آهيون ۽ پڪ سان اڄ جو ڏينهن به سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ خاص طور تخليقي ادب ۾ ڪهاڻيءَ لاءِ ڀاڳ وارو ڏينهن آهي، ڇو ته اهو بادل جماليءَ صاحب جي جنم جو ڏينهن آهي. سندس تعليمي لياقتون سندس سرٽيفڪيٽن ۾ درج آهن جن کي اڪيڊمڪ ادارن ۽ حوالن ۾ استعمال ڪري سگهبو، هت سندس حوالو نج ادبي آهي ۽ ادب ۾ نصاب جي اهميت ثانوي آهي، تخليق جي اهميت اوليت واري آهي ۽ اها ئي اهميت بادل صاحب جي سنڌي ادب ۾ آهي جيڪا سدائين رهڻي آهي. اڄ بادل جمالي صاحب جو جنم ڏينهن آهي، پڪ سان اهو سنڌي ادب لاءِ اهم ڏينهن آهي، سنڌ جي ادبي دنيا پاران کيس گهڻيون مبارڪون ۽ خواهش آهي ته هو پنهنجي گذرندڙ حياتيءَ جو ڪجهه وقت لڳاتار سنڌي ادب خاص طور سنڌي ڪهاڻي کي ارپيندو واڌو هڪ ناول کي به.! بادل جمالي اسان جو هيرو آهي علي بخش پٺاڻ بادل جمالي، سنڌي ٻوليءَ جي تخليقي ۽ منفرد ڪهاڻيڪار طور ڄاتو ۽ سڃاتو وڃي ٿو. توڙي جو سندس ڪهاڻين جي شايع ٿيل ٽنهي مجموعن “پاڙي ناهه پروڙ، “سنگرام” ۽ “اويلو مسافر” ۾ ڇپيل توڙي اڻ ڇپيل ڪهاڻين جو مجموعي انگ صرف ۴۲ ڪهاڻيون آهي پر اهي ڪهاڻيون پنهجن موضوعن، ڪهاڻي پڻي، ٻولي، پيش ڪش جي انداز ۽ تخليقي خوبين سان ڀرپور سنڌي ادب جي نمايان ڪهاڻين واري حيثيت رکن ٿيون ۽ انهن بادل جماليءَ جي نالي کي سنڌي ڪهاڻيءَ جو خوبصورت حوالو بڻائي ڇڏيو آهي. ايتريقدر جو سنڌي ڪهاڻيءَ جو ذڪر بادل جي ڪهاڻين جي ذڪر کان سواءِ اڻپورو هوندو آهي. بادل جماليءَ لکڻ جي شروعات ۱۹۷۰ع واري ڏهاڪي ۾ شاعريءَ سان ڪئي پر جلد ئي شاعريءَ کي ڇڏي هن ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون. ۽ جلد ئي هڪ سگهاري ڪهاڻيڪار طور پاڻ مڃرائي ورتو. ڇاڪاڻ ته سندس ڪهاڻين جي ٻوليءَ ۾ پڪل ميوي جهڙو رس ۽ چس هو پر سندس ڪردار نگاري ۽ منظرنگاريءَ به ڪمال فن واري هئي. سندس مشاهدو ته منڊيءَ تي ٽِڪَ وانگر هيو جنهن مان چُڪ ڪڍڻ سُئيءَ جي پاکڙي مان اٺ کي پار ڪرائڻ برابر هيو. ۱۹۷۰ع واري انهيءَ ڏهاڪي ۾ آرٽس ڪائونسل ۾ سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جون گڏجاڻيون ٿينديون هيون جن ۾ تاج بلوچ، انور پيرزادو، عبدالرحمان نقاش ۽ هدايت منگيءَ جهڙا سينيئر ليکڪ ۽ نقاد موجود هوندا هئا انهن جي موجودگيءَ ۾ بادل جماليءَ پنهنجي پهرين ڪهاڻي “خيرات” پڙهي هئي. جنهن جي بي پناهه ساراهه ٿيڻ تي هن لڳاتار هر هفتي ڪهاڻي پڙهڻ شروع ڪئي هئي ۽ مسلسل پنج گڏجاڻين ۾ هن پنج ڪهاڻيون پڙهيون هيون. بادل جي ڪهاڻين کي ته ساراهيو ويو پر سينيئر ليکڪن پاران همت افزائيءَ جي نتيجي ۾ کيس تمام گهڻو اتساهه مليو هو ۽ سندس ڪهاڻي “خفتي” امداد حسينيءَ جي ادارت ۾ شايع ٿيندڙ سنڌي ادبي بورڊ جي معياري مخزن “مهراڻ” ۾ شايع ٿي هئي. ۽ ۱۹۸۰ع ۾ اهي ڪهاڻيون “پاڙي ناهه پروڙ” جي عنوان سان شايع ٿيون ته بادل جماليءَ کي سگا پاران “نسيم کرل گولڊ ميڊل” مليو. سندس لکڻ جو سلسلو تيزيءَ سان جاري رهيو ۽ ٽن سالن جي وقفي کان پوءِ ۱۹۸۳ع ۾ سندس ڪهاڻين جو ٻيو مجموعو “سنگرام” جي عنوان سان شايع ٿيو. هن جي ٻنهي مجوموعن ۾ شامل ڪهاڻين کي قارين ٿوڙي نقادن وٽان تمام سٺي موٽ ملي. خاص طور تي “خفتي”، “پاڙي ناهه پروڙ”، “ماڳ سندو مامرو”، “نوابي” ۽ “ڀورو گلاڻي” کي سنڌي ادب جون شاهڪار ڪهاڻيون سڏيو ويو. اهڙيءَ طرح بادل جماليءَ ڪجهه ماڊرن ڪهاڻيون پڻ لکيون جن ۾ “جيون جي زنجير ۾ جڪڙيل هڪ شخص”، “گگهه اونداهيءَ ۾ کسجي ويل ٽارچ”، “ويچارو انسان”، خواب نٿا نيڻن ۾ ماپن” ۽ ٻيون ڪهاڻيون شامل آهن. بادل جماليءَ جي ڪهاڻين جي فني پختگيءَ جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو ته جڏهن هن ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ماسٽرس پئي ڪئي، تڏهن ئي جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جو وڏو نالو سائين اياز قادري بادل جماليءَ جون اهي ڪهاڻيون پنهنجي ڪلاس ۾ شاگردن کي پڙهائيندو هيو. بادل جماليءَ پنهنجي ڪهاڻين ۾ زندگيءَ جي حقيقي رنگ ڀريندي عام ماڻهن جي احساسن جي ترجماني ڪئي ۽ سندن مسئلن ۽ محرومين جي نمائندگي اهڙي ته زبردست انداز سان ڪئي آهي جو سندس ڪهاڻيون پڙهندي انهن ڪردارن جي تڪليفن تي اسان به ڏکارا ٿي پئون ٿا ۽ ڪٿي ڪٿي ته لڙڪن کي اکين جي بند ۾ قابو ڪرڻ به اوکو بڻجي ٿو وڃي. پنهنجي ڪهاڻين جي انهن ڪردارن بابت بادل جو پنهنجو چوڻ پڻ اهو آهي ته، “پنهنجي ڪهاڻين جي ڪردارن جون مجبوريون ۽ انهن جون حالتون منهنجي اکين اڳيان ڦرنديون رهنديون آهن ۽ اڪثر منهنجو ويهاڻو ڳوڙهن سان آلو ٿي ويندو آهي.” بادل جمالي واقعي تمام حساس ڪهاڻيڪار آهي هو رڳو ڪردارن کي ڪهاڻين جا موضوع نه ٿو بڻائي پر انهن جي اهنجن، تڪليفن ۽ دردن کي محسوس ڪري ڍنڍڪرون ڏئي روئي به پئي ٿو. سائين محمد علي پٺاڻ، ڊاڪٽر احسان دانش ۽ پروفيسر رضوان گل سان يوٽيوب چئنل “ساهت ٽي وي” تي ڪچهري ڪندي بادل جو چوڻ هو ته، “ڪو وڏو ماڻهو پيار مان ڪلهي تي ٿڦڪي هڻي ڳلي لڳائيندو آهي ته به منهنجون اکيون ڀرجي اينديون آهن. ۽ ڪو پيارو ماڻهو اکيون ڪَرڙيون ڪري ڏسندو آهي ته به ٻارن وانگر روئي پوندو آهيان.” بادل جمالي چوندو آهي ته ٽي ويءَ جا ڊراما هجن يا ڪهاڻيون هو بنا ڪنهن خوف يا دٻاءَ جي لکندو رهيو آهي ۽ ڪڏهن به کيس نتيجن جي پرواهه نه رهي آهي. پنهنجي لکڻين جي حوالي سان به هو واضح موقف رکي ٿو ۽ چوي ٿو ته، لکڻ لاءِ ته مان ويٺي ويٺي ناول به لکي سگهان ٿو پر مون کي مقدار کان وڌيڪ معيار جو فڪر ماريندو آهي ۽ مان پنهنجي ڪهاڻي ايسيتائين مڪمل نه سمجهندو آهيان جيسيتائين ان مان مطمئن نه ٿيندو آهيان. ۽ ڪو ليکڪ جيڪڏهن پنهنجي ڪهاڻيءَ ۾ ترميم نه ڪرڻ جي دعويٰ ٿو ڪري ته مان ان کي مبالغو ئي سمجهندو آهيان.” بادل جمالي ۲۹ مئي ۱۹۴۷ع تي مٽياري ضلعي ۾ نيو سعيد آباد ويجهو ڳوٺ بکر جماليءَ ۾ پئدا ٿيو. اتان ئي شروعاتي تعليم به حاصل ڪيائين. هو پاڻ ڪهاڻيڪار ته آهي پر سندس زندگي پڻ هڪ دلچسپ ڪهاڻيءَ کان گهٽ نه آهي. هو پنهنجي جيون ڪهاڻي بيان ڪندي شروعات اتان ڪندو آهي ته، ڇهين ڪلاس ۾ پڙهندي هو جڏهن اڃان ۱۱ ورهين جو هيو ته سندس سِرَ تان ابي جي ڇپر ڇانوَ نه رهي هئي، انهيءَ يتيمي ۽ غربت کيس مئٽرڪ ۾ نمايان نمبرن سان پاس ٿيڻ باوجود سندس ڊاڪٽر بڻجڻ وارو خواب چڪنا چور ڪري ڇڏيو هو. شاگرديءَ جي ان زماني ۾ کيس فلمن جو پڻ ڏاڍو شوق هوندو هيو ۽ فلم انڊسٽريءَ جا وڏا نالا غلام حيدر صديقي، بابو ڀائي، اي ڪيو پيرزادو ۽ ٻيا فلمن جي شوٽنگ جي سلسلي ۾ سندس ڳوٺ ايندا هئا ته هو ڊوڙي وڃي اها شوٽنگ ڏسندو هو. ڪراچيءَ ۾ بادل جمالي هڪ فلم ۾ هدايتڪار آغا نظر ڪاوش جو اسسٽنٽ مقرر ٿيو پر جلد ئي انهيءَ فلم جو پروڊيوسر آغا صغير مرزا گذاري ويو، فلم بند ٿي وئي ۽ بادل بي روزگار ٿي ويو جنهن ڪري ڪجهه مهينا هڪ ڊاڪٽر وٽ ڪمپائونڊر جي نوڪري پڻ ڪيائين. ۽ ڪجهه عرصو سراج جي نگرانيءَ ۾ انور پيرزادي، فقير محمد لاشاري، دستگير ڀٽي، هدايت منگي ۽ ٻين سان گڏ “روزاني هلال پاڪستان” ۾ پڻ ڪم ڪيائين. انهن ڏينهن ۾ ئي مشهور اداڪار نور محمد لاشاريءَ نه رڳو بادل کي ريڊيو پاڪستان ۽ پي ٽي ويءَ تي نوڪريءَ لاءِ درخواستون ڏياريون هيون پر کيس وٺي وڃي ٻنهي ادارن جي جنرل مئنيجرس سان به ملايو هو. اهڙي طرح کيس ۱۹۷۴ع ۾ پي ٽي وي جي اسڪرپٽ سيڪشن ۾ نوڪري ملي وئي ۽ هن ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ خانگي طور پنهنجي پڙهائي به جاري رکي. کيس ۱۹۸۵ع ۾ پي ٽي ويءَ تي اسسٽنٽ پروڊيوسر، ۱۹۸۹ع ۾ پروڊيوسر ۽ بعد ۾ سينيئر پروڊيوسر مقرر ڪيو ويو. پي ٽي ويءَ تي سندس پهرين ڊرامه سيريل رزاق مهر جي يونيورسٽيءَ جي موضوع تي لکيل “وڇوٽيون هئي. جنهن بعد هن رحمت الله ماڃوٺيءَ جي “قربتون”، حفيظ ڪنڀر جي “منزلون ۽ مسافر”، ماڪن شاهه رضويءَ جي “ڪجل ڀنا نيڻ” سميت انور ابڙي، ڪيهر شوڪت ۽ ٻين ليکن جون ڪيتريون ئي سيريل ۽ سولو پليز ڪيا. ان سان گڏو گڏ هن ٻارڙن جو پروگرام “روشن تارا”، ادبي پروگرام “سنڌ رنگ” ۽ ٻيا ڪيترائي پروگرام ڪيائين. پي ٽي ويءَ تي ايامڪاريءَ دوران بادل جماليءَ ڪيترن ئي نون اداڪارن ۽ فنڪارن کي پڻ متعارف ڪرايو جيڪي اڄ ڪلهه شوبز جي دنيا جا وڏا نالا آهن. پي ٽي ويءَ تي مصروفيتن سبب هو ڪهاڻيون لکڻ کان مڪمل طور ڪٽجي ويو هو پر ۲۰۰۷ع ۾ پي ٽي ويءَ تان رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ بادل جماليءَ ڪهاڻيءَ ڏانهن ٻيهر موٽ کاڌي ۽ ۳۰ سالن جي وٿيءَ کان پوءِ “ٽامي” جهڙي شاهڪار ڪهاڻيءَ سان شروعات ڪيائين. ۽ پوءِ لڳاتار “مَنَ جون اکيون”،”خان ڊولپرز”، “امان” ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ساهه ۾ سانڍڻ جهڙيون ڪهاڻيون لکيائين. سندس نين ڪهاڻين جو مجموعو “اويلو مسافر” ۲۰۱۷ع ۾ شايع ٿيو ته ان کي به اهڙي ئي ڀرپور موٽ ملي، جيڪا سندس پهرين مجموعي، “پاڙي ناهه پروڙ” ۽ “سنگرام” کي ملي هئي. کيس انهيءَ ڪتاب تي اڪيڊمي آف ليٽرس پاڪستان پاران بهترين ڪهاڻين جو ايوارڊ پڻ مليو. ادبي دنيا سان نئين سر سلهاڙجڻ جو سمورو ڪريڊٽ هو پنهنجي پياري دوست سائين محمد علي پٺاڻ کي ڏيندو آهي ۽ چوندو آهي ته، “جيڪڏهن ۲۰۱۳ع ۾ محمد علي پٺاڻ لڳاتار زور نه ڀريندو رهي ها ته مان شايد ٻيهر ڪهاڻيون نه لکان ها. ڇو ته ٻيو مجموعو “سنگرام” شايع ٿيڻ بعد مون ٻيهر ڪڏهن به نه لکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو هو.” هاڻي بادل جماليءَ جو نَون ڪهاڻين تي ٻڌل چوٿون مجموعو ڇپائيءَ لاءِ تيار آهي، جيڪو پڙهندڙن جي هٿن تائين ايندو ته يقينن پسند ڪيو ويندو. اڄ ۷۳ هين جنم ڏينهن جي موقعي تي اسان جون نيڪ تمنائون پنهنجي محبوب ليکڪ سان گڏ آهن ته شال سندس صحت ۽ قلم سلامت رهي ۽ هو سنڌي ادب جي جهولي ايئن ئي شاندار ڪهاڻين سان ڀريندو رهي.
حفيظ قريشي سنڌ جو ابو الڪلام سهيل ميمڻ هالا سنڌ ۾ اهو علائقو آهي، جنهن ۾ لطيف سرڪار ۽ مخدوم نوح جهڙين هستين جو جنم ٿيو. سنڌ جي سرزمين تي عظيم انسانن جنم ورتو آهي، جن مان حفيظ قريشي به هڪ هو. حفيظ قريشي هالا پراڻا ۾ جنم ورتو، سڄي عمر سنڌ سان عشق ڪيو، جيل ڪاٽيا، سنڌ جي ڀلي جي تبليغ ڪئي، نه جُهڪيو، نه ٽُٽو ۽ نه ئي وِڪاميو، واپس اچي انهيءَ هالا پراڻا جي زمين ۾ آرامي ٿيو. اها عقل جي گهٽتائي چئبي، جو اسان جي نوجوانن جي اڪثريت حفيظ قريشيءَ جهڙي شخصيت جي تقريرن کي کل ڀوڳ ۽ چرچي ۾ وڌيڪ وٺندي رهي آهي، انهن تقريرن جي گهرائين ۾ جاچجي، ته کين خبر پئجي ويندي، ته حفيظ قريشي ڪيڏو وڏو عالم، مدبر، سنڌ شناس، مذهبن جو ڄاڻو، تاريخ نويس ۽ لطيف شناس هو. چاچو حفيظ قريشي، ۱۹۴۰ع جي ڏهاڪي ۾ سائين جي ايم سيد سان سنڌ جي عشق جي قافلي ۾ جُڙيو، ته کيس مرندي گهڙيءَ تائين ڪو به، سيد ۽ سنڌ کان جُدا ڪري نه سگهيو، ايستائين جو ذوالفقار علي ڀٽو سان ويجهي سنگت ۽ اقتداري عهدن جي پيشڪش به کيس پنهنجي سنڌ دوستيءَ واري نظريي تان هٽائي نه سگهي. خانداني طور سُکيو ستابو، وڏي زمين ۽ جائيداد جو مالڪ حفيظ قريشي، پاڪستان ٺهڻ کان اڳ هندستان ۾ تعليم حاصل ڪندو هو، هڪ واقعو بيان ڪندي هن ٻڌايو ته، مان ۽ نبي بخش (ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ) وئڪيشن تي ڳوٺ پئي موٽياسين، ڦوهه جواني هئي، ريل گاڏيءَ جو انتظار هو، لاهور جي اسٽيشن تي بلوچ صاحب چيو ته، قريشي! لطيف ٻُڌاءِ. مون چيو ته، لطيف ڇا ٻڌايان، لطيف ۾ آهي ڇا؟ رڳو اديون ڙي ڀينر.. اوهان ڇا ڏٺو، جيڪي ڏٺو سو مون! غالب چئو، اقبال چئو ته ٻڌايان، باقي لطيف تون ٻڌاءِ، بلوچ صاحب چيو: مان نه ٻڌائيندس، لطيف تنهنجي ڳوٺ هالا جو آهي، ان لاءِ تون ٻڌاءِ. ڳوٺ پهتس، گهر واريءَ کان موڪل وٺي ڀِٽ شاهه پهتس جو شرمسار پئي محسوس ڪيم. ڊاڪٽر بلوچ ٽوڪ هنئي هئي ته، لطيف جي ڳوٺ جو آهيان ۽ لطيف نه ٿو اچي، ان ڪري ٿورو ڏسان ته ماجرا آهي ڇا؟! درگاهه تي راڳ پئي هليو، سمجهه ۾ نه آيو، ته چون ڇا پيا، هڪ همراهه ڏٺم، راڳ تي رُنو پئي، سوچيم اُنَ کان پڇان، ٻيا همراهه ته مون وانگر وائڙا ويٺا هئا. سو ان همراهه کي چيم: ڪر خبر! روئين ڇو پيو؟ انهن راڳين آخر چيو ڇا پئي، جو تون آخر روئين پيو. ان همراهه جواب ڏنو ته، ”ٻيلي ڳالهه سمجهه ۾ مونکي به نه ٿو اچي، بس، پنهنجي رمز ۾ روئان پيو ويٺو. بس پوءِ اهڙين اڻ ڄاڻائين بعد حفيظ قريشيءَ لطيف پڙهڻ شروع ڪيو ۽ جڏهن لطيف سمجهه ۾ اچي ويس، ته چاچو حفيظ چوندو هو ته، ”پوءِ ڇا جو غالب، ڇا جو اقبال، منهنجي زندگي ئي تبديل ٿي ويئي.“ حفيظ قريشيءَ جهڙا ماڻهو، ورلي پيدا ٿيندا آهن. عالم، مدبر، غضب جو مقرر، قانون جو وڏو ڄاڻو، هڪ حقيقي دانشور، پئسي ۾ تمام وڏو زميندار، پر لَٽي ڪپڙي، اُٿڻي ويهڻيءَ ۾ تمام سادو. عزت، وقار ۽ شان جو ايترو خيال رکندو هو، جو چوندو هو، ڊي ڪلاس ٿي سگهجي ٿو ڊي گريڊ نه! ان جي سمجهاڻي ڏيندي چوندو هو ته، ”گلاس نه هجي، ته ٻُڪَ ۾ پاڻي پيئو، بسترو نه هجي، ته زمين تي سُمهي پئو، پر ڪو انسلٽ (بيعزتي) ڪري ته اها برداشت نه ڪريو.“ حفيظ قريشيءَ کي جيڏو عشق لطيف، سنڌ ۽ سيد سان هو، اوترو ئي عشق کيس ”انبن“ سان هو. انب ائين کائيندو هو، جو ٻانهن تان رس ڳڙندي هيس، چوندو هو، انب ائين ئي کائبو آهي. چاچو حفيظ ڪڏهن ڪڏهن رَڙ ڪندي چوندو هو ته، ”مينگو از دي ڪنگ آف فروٽ“ (انب ميون جو بادشاهه آهي). سندس زندگيءَ جي آخري سالن ۾ هالا جا ٻه نوجوان اصغر خانوٺي ۽ ذوالفقار شاهه کيس ڪافي ويجهو هئا. خاص ڪري اصغر خانوٺي ساڻس ڪافي سفرن ۾ گڏ رهيو، مون کي به چاچي حفيظ قريشيءَ سان قربت جو شرف حاصل ٿيو. صدر ريگل ۾ ڪَلاڪن جا ڪَلاڪ فُٽ پاٿَ تي پراڻا ڪتاب گڏجي کنگاليندا هئاسين. ٽائيم مئگزين جا پراڻا شمارا ڍيرن جا ڍير وٺندو هو. ان مان خبر پئي ته تمام گهڻو ۽ تيز پڙهندو هو. روايتن ۽ رواداريءَ جو امين ايترو جو هڪ ڀيري مون ڏانهن هالا کان ڪراچي نياپو ڪيائين ته، فلاڻو ڊاڪٽر انگلينڊ کان ڪراچي اچي رهيو آهي، ان کان مون لاءِ چيڪ اپ جي تاريخ وٺو. مون ڊاڪٽر کان ٽائيم وٺي کيس ٻڌايو، چاچو چيڪ اپ ڪرائي واپس ويو ۽ ڪجهه ڏينهن بعد مون کي پوسٽ ذريعي سندس خط مليو، جنهن ۾ پورو هڪ صفحو صرف ان شڪريه ادائيءَ لاءِ لکيل هو، ته مون سندس لاءِ ڊاڪٽر کان تاريخ ورتي. چاچا حفيظ قريشي ٻڌائيندو هو ته، ”ڀُٽو صاحب سندس دوست هو پر سائين جي ايم سيد ان کان مون لاءِ تمام گهڻو مٿي آهي.“ هڪ ڀيري ٻڌايائين ته، ڀٽو صاحب ”ڦاروا“ ڏاڍو پسند ڪندو هو، ذوالفقار علي ڀٽي جي اها تقرير به سپريم ڪورٽ جي رڪارڊ تي آهي، جڏهن هن اي ڪي بروهي کي مخاطب ٿيندي چيو هو ته، ”بروهي! تون هڪ ڊڪٽيٽر پويان آهين، پر ملڪ جو عوام مون سان گڏ آهي. هن عدالت جي ڪمري ۾ ويٺل حفيظ قريشيءَ ڏانهن اشارو ڪندي چيو هو ته، ”حفيظ قريشي سنڌ مان مون لاءِ آيو آهي.“ ڀٽو صاحب، چاچي حفيظ قريشيءَ کي ’ماءِ ايور فرينڊ‘ چوندو هو. ۲۹ جولاءِ ۱۹۹۷ع تي چاچا حفيظ قريشي هالا جي ڌرتيءَ ۾ وڃي ابدي آرامي ٿيو. سندس سنڌ، سيد ۽ لطيف سان رشتو اڻ ٽُٽ رهيو ۽ سدائين چوندو هو ته، ”سنڌ لطيف کي تَپايو، لطيف جي ايم سيد کي تَپايو ۽ جي ايم سيد اسان کي تَپايو ۽ اسان پيا سنڌ جي عشق ۾ لوڙيون.“ چاچو حفيظ سنڌ، سيد ۽ لطيف جو عاشق سھيل ميمڻ هو سنڌ جو مدبر سياستدان، غضب جو مقرر، سنڌ ۽ سيد جو عاشق، قانون جو وڏو ڄاڻو، هن صديءَ جي سنڌ جي اهم ۽ صحيع معنٰي ۾ دانشورن مان هڪ هو. حفيظ قريشي جي سنڌي قومپرستي جذبات تي نه پر حقيقي بنيادن تي ٻڌل هئي، ان جو سبب سندس تمام وڏو مطالعو ۽ مشاهدو هو. سڄي دنيا جي مختلف سياسي نظرين توڙي تاريخ ۽ مذهبن جي گهري پڙهائي ڪيل هيس. هالا جو هجڻ باوجود لطيف شناس نه هجڻ ڪري هڪ ڀيرو کيس پشيماني کي منهن ڏيڻو. ان تي لطيف جو مطالعو ڪيائين ۽ پوءِ لطيف سندس پرائمري عشق هو، جيڪو کيس سنڌ سان عشق ڏانهن ڇڪي ويو. قصو ائين آهي ته قريشي صاحب پاڪستان ٺهڻ کان اڳ هندستان ۾ پڙهندو هو. هڪ ڀيري اتان جو هڪ واقعو ٻڌايائين ته، ”مان ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ وئڪيشن تي سنڌ پئي موٽياسين، ڦوهه جواني هئي، لاهور جي اسٽيشن تي بلوچ چيو ”قريشي لطيف ٻڌاءِ.“ مون چيو، ”لطيف ڇا ٻڌايان؟ لطيف ۾ آهي ڇا رڳو اهو ته ”اديون ڙي ڀينر اوهان ڇا ڏٺو، جيڪي ڏٺو سو مون!“ غالب چئو، اقبال چئو ته اهي ٻڌايانءِ. باقي لطيف تون ٻڌاءِ!“ بلوچ چيو، مان نه ٻڌائيندس، لطيف تنهنجي ڳوٺ هالا جو آهي، تون ٻڌاءِ! هالا پهتس. گهرواريءَ کان موڪل وٺي ڀٽ شاهه جي درگاهه تي پهتس ته ٻيلي لطيف جي ڳوٺ جو آهيان، پر لطيف نٿو اچي، ان ڪري ٿورو ته ڏسان ته آهي ڇا ماجرا؟ درگاهه تي راڳ پئي هليو، سمجهه ۾ نه آيو ته چون ڇا پيا؟ ڏٺم ته هڪ همراهه راڳ تي رنو پئي. سوچيم ان کان پڇان، ٻيا همراهه ته مون وانگر وائڙا ويٺا هئا. سو ان همراهه کي چيم، ”ڪر خبر، ڇو پيو روئين؟ انهن راڳين آخر چيو ڇا ٿئي، جو تون روئين پيو.“ همراهه جواب ڏنو ته ”ٻيلي ڳالهه سمجهه ۾ مون کي به نٿي اچي، بس پنهنجي رمز ۾ روئان پيو ويٺو.“ بس پوءِ ان واقعي بعد حفيظ قريشي لطيف پڙهڻ شروع ڪيو، جڏهن کيس لطيف سمجهه ۾ اچي ويو ته پوءِ رڙ ڪري ٻڌائيندو هو ته لطيف سمجهڻ بعد ڇا جو غالب؟ ڇا جو اقبال؟ منهنجي ته زندگي ئي تبديل ٿي ويئي. شاهه جي رسالي ۽ قرآن پاڪ تي کيس دسترس حاصل هئي. تقرير جي عروج واري لمحي ۾ گجگوڙ ڪندي چوندو هو ته، ”سنڌ لطيف کي تپايو، لطيف جي ايم سيد کي تپايو ۽ جي ايم سيد اسان کي تپايو، نه ته ڪير ڪشالا ڪڍي ها؟“ حفيظ قريشي تمام وڏو زميندار هو، پر لٽي ڪپڙي، اٿڻي ويهڻيءَ ۾ تمام سادو هو. وقار، عزت، شان جو ايترو خيال رکندو هو، جو سندس چوڻ هو ڊي ڪلاس ٿي سگهجي ٿو، پر ڊي گريڊ نه. ان جي سمجهاڻي هو ائين ڏيندو هو ته گلاس نه هجي ته ٻڪ ۾ پاڻي پيئو، بستر نه هجي ته زمين تي سمهبو، پر ڪو انسلسٽ ڪري ته اها برداشت نه ڪريو. جولاءِ جي مهيني ۾ ۲۹ تاريخ فوت ٿيندڙ حفيظ قريشي جولاءِ جي مهيني ۾ ئي ۲۶ جولاءِ ۱۹۲۰ع تي پراڻا هالا ۾ جنم ورتو ۽ اتان ئي پرائمري تعليم پرائي. وڌيڪ تعليم ٽنڊو باگو ۽ حيدرآباد مان حاصل ڪيائين. اعلٰي تعليم جونا ڳڙهه، علي ڳڙهه ۽ بمبئيءَ مان ورتائين. ۱۹۴۷ع ۾ استاد طور به پڙهايائين، بعد ۾ ڪراچي ۽ پو حيدرآباد ۾ وڪالت شروع ڪيائين، جيڪا لوئر ڪورٽ کان هاءِ ڪورٽ ۽ پو سپريم ڪورٽ تائين پهتس. چاچا حفيظ قريشي جي سياست خاڪسار تحريڪ کان شروع ٿي، جيئي سنڌ تحريڪ ۽ سائين جي ايم سيد تي ختم ٿي. سائين جي ايم سيد سان عشق جي حد تائين تعلق جي پويان اصل ۾ قريشي صاحب جو سنڌ سان ازلي ناتو هو. قريشي صاحب نيشنل عوامي پارٽي (نعپ) جو سنڌ جو صدر به رهيو. نعپ تي ذوالفقار علي ڀٽو پابندي هڻي ڇڏي هئي. چاچا حفيظ قريشي عوامي تحريڪ جو بنياد وجهندڙ ميمبر به رهيو پر قومي سوال تي رسول بخش پليجو کان ڌار ٿيو. قريشي صاحب جي ذوالفقار علي ڀٽو سان گهري سنگت هئي. پيپلز پارٽي ٺاهڻ دوران سنڌ جي پهرين دوري ۾ هو ڀٽي صاحب سان گڏ هو، پر سندس زور بار ۽ هجت باوجود سنڌ جي قومي سوال سبب ساڻس نه گڏيو. اقتدار سامهون هو ۽ اقتدار جي تخت تي ويهندڙ به سندس ويجهو دوست هو، پر پو به چاچا حفيظ قريشي سنڌ جي قومي سوال تي ڀُٽي سان اختلاف رکيو ۽ ساڻس نه گڏيو. چاچا حفيظ قريشي چوندو هو ته ذوالفقار علي ڀٽو سندس دوست آهي، پر جي ايم سيد سندس سڀ ڪجهه آهي. قريشي صاحب هڪ ڀيري ٻڌايو ته؛ ڀٽو صاحب ”فاروا“ ڏاڍا پسند ڪندو هو. سپريم ڪورٽ جي رڪارڊ تي ڀٽو صاحب جي اها تقرير اڄ به موجود آهي، جڏهن هن اي ڪي بروهيءَ کي مخاطب ٿيندي چيو هو ته؛ ”بروهي! تون هڪ ڊڪٽيٽر پويان آهين، پر ملڪ جو عوام مون سان گڏ آهي.“ هن ڪورٽ ۾ ويٺل حفيظ قريشيءَ ڏانهن اشارو ڪندي چيو هو ته؛ ”حفيظ قريشي سنڌ مان مون لاءِ آيو آهي.“ ڀٽو قريشيءَ کي ”ماءِ ايور فرينڊ“ چوندو هو ۽ قريشي صاحب ٻڌايو ته هن هڪ پ پ پ ليڊر کي صلاح ڏني ته ڪجهه ”قانون جا ڌڻي“ خريد ٿا ڪريون. ان پ پ پ ليڊر کيس چيو؛ ”قريشي تون هاڻي وڏيرن وانگر ٿو سوچين.“ حفيظ قريشيءَ کيس ڪاوڙ منجهان چيو؛ ”ڀٽو بچايو، پوءِ ڪيئن به بچي. مان وڪيل آهيان، مون کي خبر آهي ته ڪيس ڪيئن وڙهبو آهي.“ حفيظ قريشي ايوب خان، يحيٰي، ڀُٽو، جنرل ضياءَ ۽ بينظير جي حڪومتن ۾ جيل به گهاريا. حفيظ قريشي ايترو باذوق، نفيس ۽ مزاح واري حس رکندڙ انسان هو، جيڪو پنهنجي دل جي باءِ پاس واري آپريشن دوران به مذاق ڪندو رهيو. لنڊن ۾ سندس دل جو باءِ پاس ٿيو. آءِ سي يو وارڊ ۾ سندس بيهوشيءَ مان اک کلي مس ته ڏسي ته سندس تيمارداريءَ تي هڪ ڪاري رنگ واري نرس لڳل آهي. ڳالهائي نه پئي سگهيو، اشاري سان نرس کان پين پنو وٺي اسپتال جي انچارج ڏي خط لکيائين ته ”مان اڳ ۾ ئي دل جو مريض، مٿان وري تو اهڙي نرس مون مٿان مقرر ڪئي آهي، جو ڏسي پيو هانءُ سڙي!“ اسپتال جو سربراهه سندس خط پڙهي وٽس پاڻ آيو ۽ سندس ذوق جي تعريف ڪندي اسپتال جي سڀ کان خوبصورت نرس سندس تيمارداريءَ تي مقرر ڪيائين. چاچا حفيظ قريشيءَ جا ڪجهه خط اڄ به مون وٽ محفوظ آهن، جن ۾ هو مون سان پنهنجيءَ تمام گهڻي محبت ۽ شفقت جو اظهار ڪندو هو. جيتوڻيڪ حفيظ قريشيءَ جي اها وصيت ته کيس سن ۾ سائين جي ايم سيد جي پيرن ۾ دفن ڪيو وڃي، سائين امداد محمد شاهه جي لک ڪوششن جي باوجود ڪجهه سببن ڪري پوري نه ٿي سگهي، پر تنهن هوندي به حفيظ قريشيءَ جو رشتو سنڌ، سيد ۽ لطيف کان ٽٽل ناهي!
بادام ناتوان مضمونن کي فڪشن جو روپ ڏيندڙ پهرين عورت ليکڪه حسيب ناياب منگي انساني معاشري ۾ عورتن جي سجاڳي، علم ۽ ادب ڏانهن کين راغب ڪرڻ، انهن جي حقن لاءِ لکڻ ۽ لکي پاڻ مڃرائڻ ۾ جيڪو ڪردار سنڌي ادب اندر بادام ناتوان جو ادا ٿيل آهي، سو ڪنهن کان ڳجهو ڪونهي. اهو به هڪ دور هو جو ماهوار نئين زندگي ۽ ٻين رسالن ۾ سنڌي ادب لاءِ محترمه زينت عبدالله چنا گهڻو لکندي هئي ته سڀني جون ڏندين آڱريون اچي وينديون هيون. تن ڏينهن ۾ عورتن کي صلاحون ڏيندي، انهن جي حقن لاءِ شڪارپور مان بادام ناتوان جهڙي قلمڪاره لکڻ شروع ڪيو ته سڀني جي اکين آڏو سندس قابليت جا جوهر آيا. هڪ ٻئي پٺيان سندس ڪتاب ڇپيا ته بادام ناتوان جي مطالعي ۽ مشاهدي جي جڳ کي پرک ٿي. هڪ طرف سندس تحريرون سنڌي ادب ۾ اهم جاءِ والارينديون ويون ته ٻئي طرف سنڌ جي نارين جن جي پهچ ڪتابن تائين ضرور هئي تائين حق ۽ سچ، سمجهه ۽ ساڃاهه، شعور ۽ علم توڙي نصيحت جي ڳالهه پهتي، جنهن عمل سان عورتن ۾ معاشري اندر ذميوارين کي نڀائڻ ۽ حقن لاءِ پاڻ پتوڙڻ جو جذبو جاڳيو. بادام ناتوان جو قلم جنهن تيزيءَ سان هليو، تيڏي تيزيءَ سان اسان کيس وساري ڇڏيو. ٿيڻ ته ائين کپندو هو ته سندس علمي پورهيو نصابن ۾ شامل ٿئي ها، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين اندر پڙهايو وڃي ها، پر اهو ڪجهه به نه ٿيو ته سندس قلمي ڪتاب منظر عام تي آڻايا وڃن ها. اها به افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته جن ادب ۽ سماج جي سيوا ڪندي پنهنجون حياتيون گذاري ڇڏيون تن جا نه ته تذڪره محفوظ ٿي سگهيا نه وري سندن اڻڇپيل ڪتاب ئي منظر عام تي آيا. بادام ناتوان جي جي ڇپيل ڪهاڻين يا مضمونن جي ڇپيل مجموعن تي نظر ڪبي ته انهن ۾ عورت جي اخلاق، ڪردار، پرهيزگاري، اعتماد، ذميوارين توڙي علم جي ڳالهه عام نظر ايندي. بادام ناتوان جي پهرين تصنيف “شڪسته زندگي” جي نالي سان ۱۹۵۰ع ۾ ڇپيل آهي. هي ڪتاب بشير احمد ائنڊ سنس ڪراچي طرفان ٻن ڀاڱن ۾ شايع ٿيو. ڪتاب جو هر هڪ ڀاڱو اڍائي سؤُ صفحن تي ڦهليل آهي. بادام ناتوان جي ٻي اهم تصنيف “خوش خصلت خاتون” آهي، جنهن لاءِ مصنفه پاڻ لکي ٿي ته “هن ڪتاب جي لکڻ وقت مَسُ جي عيوض جگر جو خون ڪم آندو آهي.” هن ڪتاب کي سنڌي ادبي بورڊ ۱۹۵۶ع ۾ نه صرف ڇپائي منظر عام تي آندو پر ليکڪه کي انعام سان پڻ نوازيو. هن ڪتاب کي ليکڪه ڏهن مضمونن سان سينگاري پيش ڪيو. هن ئي ڪتاب تي تبصرو ڪندي سيد ميران محمد شاهه لکيو هو ته “هيءَ تصنيف اڳين کان بدرجها بهتر آهي. . . . اهڙي ڪوشش ۽ جفاڪشي ڪرڻ لاءِ هيءَ خاتون، تحسين ۽ تبريڪ جي لائق آهي.” بادام ناتوان جو ٽيون ڪتاب “قلبي اُڃ” جي نالي سان شڪارپور جي پراڻي پبلشر مولوي محمد عظيم اينڊ سنس طرفان ۱۹۶۶ع ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب تي سنڌ جي عالم اديب ۽ محسن علامه آءِ آءِ قاضي جو رايو پڻ شامل ڪيل ٿو ڏسجي. هي ڪتاب به ليکڪه جي قلم جو بهترين مظهر آهي. مضمونن جي هن مجموعي تي نظر ڪبي ته سندس مضمونن ۾ جوش ۽ جذبو نظر ايندو. حقيقي پهلو کي ظاهر ٿي ڪري، شاعر جي اکين جيان معاشري ۾ جيڪا برائي ٿيندي ڏٺائين، قلم کڻي خوب لکي وئي. سندس تحريرن ۾ نارين کي اهو سمجهايل نظر ٿو اچي ته هو روحاني راهه ٿي گامزن ٿي حقوق الله ۽ حقوق العباد سرانجام ڏين ۽ جهالت کي پري ڀڄائي علم جي شمع کي روشن ڪرڻ جا جتن ڪن. مطالعي جو مٿس گهرو اثر نظر ٿو اچي، جو ڪتابن ۾ ڪٿي فارسي، ڪٿي انگريزي، عربي ۽ سنڌي ادب مان قول، شعر ۽ حڪايتون پيش ڪندي مضمونن کي سينگاري ۽ سنواري پيش پئي ڪري. بادام ناتوان جي ذاتي زندگيءَ متعلق اها پروڙ پوي ٿي ته هُوءَ ۷ مارچ ۱۹۲۴ع تي شڪارپور ۾ پنهنجي والد محمد حسن جي گهر ۾ ڄائي. والده جو مٿس گهرو اثر رهيو جيڪا هيڊ مسٽريس هئي. شڪارپور مان ئي تعليم مڪمل ڪيائين پوءِ لکڻ شروع ڪيائين. سندس ڀيڻ روشن آرا مغل به سنڌي ادب ۾ مختصر مگر اڻ مٽ نقش ڇڏيا. نسيم ٿيٻو جا سندس ڌيءَ آهي تنهن پڻ سنڌي ادب جي جهولي کي ڪهاڻين سان ڀريو. بادام ناتوان جي اڻڇپيل ڪتابن: “رنم رت ڦڙا”، “خلوت ۾” ۽ “نماڻي نار” کي به ڇپائڻ گهرجي. بادام ناتوان شڪارپور ۾ ئي ۸ فيبروري ۱۹۸۸ تي هي فاني جهان ڇڏي وئي. دعا آهي ته الله کيس جنت ۾ جايون جوڙي ڏي. آمين. امان بادام ناتوان سنڌ جي پهرين ناول نگار حميده گهانگهرو سنڌ صدين کان علم، ادب، فن، هنر، سياست، ادب، آرٽ، سچائي جو انمول مثال رهي آهي. مردن سان گڏوگڏ عورتن جو به وڏو حصو جن پنهنجو پاڻ کي تاريخ جي ورقن ۾ مڃرايو آهي. بهادر عورتن ۾ ٻاگهل ٻائي، مائي بختاور، ادب، سياست، تعليم ۾ مهتاب محبوب، مهتاب اڪبر راشدي، ڊاڪٽر فهميده حسين، ڊاڪٽر درشهوار سيد، رضيه بلوچ، شمس عباسي، عطيه دائود وغيره ڳڻپ ۾ پنا ڀرجي وڃن ڳاڻيٽو ختم نه ٿئي. پر ان علم ادب جي اونهي سمنڊ ۾ هڪ نالو امان بادام ناتوان جو آهي. شڪارپور ۾ جنم وٺندڙ بادام ناتوان پيءُ جي جدائيءَ کان پوءِ پنهنجي امڙ استاد جي حيثيت ۾ ٻار پڙهائڻ گهرو ذميوارين ۽ ڌيئرن کي باعزت طريقي سان پڙهائڻ ۽ پرورش ڪري ٿي، شهر جا ماڻهو کيس عزت مان جيجي ساران جي نالي سڃاڻن ٿا. هن جي هڪ ڌيءُ روشن آرا، ٻي ڌيءُ بادام ناتوان سندس گهر جي اڱڻ ۾ پلجي جوانيءَ جي رنگت ۾ نظر اچي ٿي، اڇي گل جي رنگت واري بادام ناتوان جي چهري تي جڏهن مسڪراهٽ ايندي هئي ته ڄڻ گلاب جو گل ڳل تي رکجي ويندو هو. سٻاجهي، سياڻي، سلجهيل بادام ناتوان جي گهر وسائڻ جو اونو امڙ کي ٿيڻ لڳو، اهو خواب جوان ٿيڻ واريءَ ڌيءُ جي هر ماءُ جي چهري تي نظر ايندو آهي، هر ماءُ جي خواهش هوندي آهي ته سندس ڌيءُ ڪنهن سکي ستابي گهر ۾ وڃي ۽ اهڙيءَ طرح امان بادام ناتوان جو به زندگيءَ جو سفر شڪارپور کان دادو ضلعي جي شهر ميهڙ ڀرسان ڳوٺ گهاڙي جيڪو ٿيٻن جي ڳوٺ سان مشهور آهي. پنهنجي شڪارپور شهر جي حسين تاريخي عمارتن ۽ روڊن رستن کي ڇڏي اچي گهاڙي ۾ زندگي گذارڻ جو وچن ڪري ٿي. سندس ور عبدالباقي ٿيٻو زميندار ۽ ڳوٺ جو وڏيرو آهي. هن ڳوٺ ۾ هڪ حويلي نما گهر ۾ پنجن پٽن ۽ ٻن ڌيئرن کي جنم ڏنو، گهر ۾ نوڪر چاڪر ڪم ڪرڻ لاءِ آهن. سندس تخليقي صلاحيتن جي ڪري ڳوٺ جي عورتن جي مسئلن ۽ حقن کي سمجهي ٿي. عورتن سان ٿيندڙ زيادتين تي قلم جي نوڪ تيزيءَ سان ڊوڙي ٿي ۽ عورتن جي اکين مان نڪتل ڳوڙهن کي اڇن ورقن تي سجائي هڪ ادبي اڳواڻ طور اڀري ٿي. هيءَ باشعور آهي، بهادر آهي، وڏيرڪي سماج ۾ اڪيلي هئڻ باوجود به انهن فرسوده رسمن ۽ عورت سان ٿيندڙ ڏاڍاين تي غمزده آهي. ۽ غم ۾ ننڌال سندس قلم جڏهن اوڇنگارون ڏئي ٿو ته پنن تي لکجي وڃي ٿو. خوش خصلت خاتون، قلبي اڃ، زخم رت ڦڙا، شڪست زندگي جهڙا شاهڪار ناول ادب جي دنيا ۾ نروار ٿين ٿا ۽ سنڌ جي پهرين ناول نگار بادام ناتوان ان دور جي بهترين شخصيت بڻجي وڃي ٿي، جڏهن اڃا ايترو عورتون نه لکنديون هيون، ان دور ۾ هڪ وڏيرڪي سماج ۾ ٿيل ڏاڍاين کي بادام ناتوان جا چارئي ناول ڊاڪيومينٽ ڪن ٿا. عورتون ڪيئن ڪجھ سال ته سٺا گذارين ٿيون ۽ پوءِ ٻي عورت جي استحصال يعني سريت سان مڙس جي لاڳاپن کي ڪيئن برداشت ڪري ٿي ۽ ڪپرومائز ڪري هوءَ زال بجاءِ ماءُ جي حيثيت ۾ گهر جي چانئٺ تان ٻاهر پير ڪڍڻ به پنهنجي شان جي خلاف ٿي سمجهي. هوءَ سڀني عورتن جا داد فرياد ٻڌي ٿي سڀ سانئڻ سانئڻ چئي کيس پنهنجو درد ٻڌائن ٿيون. بادام ناتوان ان تاريخ ۾ ان ڪيس کي رکي ٿي. عورتون ڏاڍو برداشت ڪن ٿيون، عورت ڪا قرباني جو ٻڪرو ناهي پر بادام ناتوان جو چوڻ آهي ته عورتن کي مرد ۽ مردن کي عورتون ته ملي وينديون آهن پر ٻچن کي پيءُ ماءُ جي جدائيءَ جا ڏاڍا ڏکيا اثر پوندا آهن. حالانڪه انهيءَ جهڳڙن ۾ به اولاد تي اثر پون ٿا پر بادام ناتوان اهو سنڌي عورت جو نسل آهي جيڪا ٻڌائي ٿي ته ڪيترن به ڏکيائين ۾ عورت مجبور به آهي، هوءَ پنهنجين خوشين کي قربان به ڪري سگهي ٿي ۽ سماج جي واڳن ۾ اڪيلائي جي سفر ۾ به تڪليف سمجهي ٿي. اڄ به سندس ناولن ۾ اها حقيقت ۽ سچائي نظر اچي ٿي جنهن جي ڀوڳنا ۾ اڄ به عورتون نشانو بڻجن ٿيون، اڄ به ڪاروڪاري تحت عورت ڪسجي ٿي، پر هن سماج جا گونگا، ٻوڙا رشتا لاشن کي کڻي مڻ مٽيءَ ۾ دفنائي ٿا اچن پر بادام ناتوان جو تمام گهڻو طاقتور ٿو نظر اچي. عورت ايتري بهادر اها بادام ناتوان دليريءَ سان بڻايو. ان کان وڌيڪ ته ڏاج ۾ شايد ڪي ضرورت جي شين کانسواءِ ٻيو ڪجھ نه هجي پر سنڌي باشعور عورت سندس زندگيءَ جو ڏاج آهي ۽ هوءَ گهر ۾ ڪتابن سان الماڙيون سجائي ٿي ۽ پنهنجي ٻارن کي انهيءَ ذخيري جي خوراڪ ڏيندي رهي ٿي. سندس اولاد ۾ اهي جهلڪيون نظر اچن ٿيون سندس وڏي ڌيءُ نذيرا ٿيٻو، نسيم ٿيٻو به بهترين ڪهاڻيڪار ثابت ٿيون، سندس وڏو فرزند گلزار ٿيٻو، مختيار ٿيٻو، مير ٿيٻو ۾ سياسي سوچ ۽ ماءُ جي ادبي صلاحيتن جا اثر نظر اچن ٿا. شهزادو ٿيٻو ۾ به اهي صلاحيتون آهن، هو ڊپلوما ڊاڪٽر آهي ۽ ڳوٺ جي غريب ماڻهن جو علاج مفت ۾ به ڪندو آهي، سندس ٻيو پٽ آفتاب ٿيٻو استاد هو پر ان جو پٽ آصف ٿيٻو ڪافي سوشل آهي ته سندس ننهن سورٺ ٿيٻو ڳوٺ جي وڏيرڪي زندگيءَ جي آرام آسائش ٿڏي هڪ سياسي اڳواڻ طور ڪيترن سالن کان عوام جي حقن لاءِ وڙهي ٿي، بادام ناتوان جي شعور ۽ بهادريءَ جي جهلڪ سندس اولاد ۾ ته آهي پر پوٽاڻ ۾ به آهي، جو هڪ دفعي وڏي پٽ گلزار ٿيٻو جي گهر تي ڌاڙيلن ڪاھ ڪئي ته سڀ ٻار پيءُ ماءُ سان گڏجي ڇت جي مورچي تان مقابلو ڪيو. ڌاڙيلن جي اها شڪست ان ڳوٺ جو ئي مثال آهي. گلزار ٿيٻو جي گهر اڳيان مڇيءُ جا تلاءَ آهن، بادام ناتوان ۽ سندس امڙ جو آخري آرامگاھ مڇيءُ جي تلاءَ جي ڪناري تي آهي. آخري آرامگاھ ۾ به ماءُ جي هنج ۽ پٽ جي اڱڻ اڳيان گهري ننڊ ۾ ستل آهي. اقبال ملاح جي شاديءَ ۾ حنيف لاشاري جي ان فرمائشي گيت ته “سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو” شروع ٿيو هو ته ڌاڙيلن حملو ڪري ڳوٺ جي پنجن معصوم غريب نوجوانن ۽ مير ٿيٻو، حفيظ دايو، سجاد ظهير کي اغوا ڪري رنگين گولين جي چمڪاٽن سان ٻيلي روانا ٿيا هئا. ۱۹۹۱ع ۾ ڌاڙيلن جو تمام گهڻو شور هو ۽ سنڌ جا ماڻهو خاص طور ڳوٺ ويران ٿيندا پيا وڃن. امان بادام ناتوان جي ابدي ننڊ ۾ به هوءَ تڙپي هوندي، مون تڏهن لکيو هو ته امان بادام ناتوان جي نگريءَ تي ڌاڙو، پر اڄ مان چوان ٿي ته امان بادام ناتوان سنڌ جي سجاڳ ذهن جو سهارو به هئي. هوُءَ پنهنجي قلم جي نوڪ تي اڄ به نظر اچي رهي آهي.
ملڪ انوکو پاڻ روئي ٻين کي کلائيندڙ اداڪار سيد يار محمد شاهه سنڌي فلمن جي تاريخ ۾ مرحوم ملڪ انوکي جو نالو اڄ به هر ڪنهن کي چٽيءَ طرح ياد آهي. فلم ”مٺڙا شال ملن“ ۾ مٿس پڪچرائز ٿيل گانو ”مونکي قسمت مار کارائي الا ڙي گهوڙا ڙي بابا ڙي“ ان وقت به مشهور هو ته اڄ به بيحد مقبول آهي، ۽ خاص ڪري ان گاني تي جيڪا مزاحيه اداڪاري ملڪ انوکي ڪئي، اهي منظر اڄ به ڏسجن ٿا ته کل ڇڏائجي وڃي ٿي. حالانڪه سنڌي فلمن جي ابتدا، عروج ۽ زوال ۾ جيتريون به سنڌي فلمون ٺهيون، انهن جو مسخرو يعني مزاحيه اداڪار هوندو ئي ملڪ انوکو هو. جڏهن ته فلم ”عمر مارئي“ ۽ ”پرديسيءَ“ ۾ لطيف چارلي، جيڪو هندوستان جي فلم انڊسٽري ڇڏي پاڪستان آيو هو، تنهن مزاحيه ڪردارن جي ابتدا ڪئي. هو گجراتي هو پر پوءِ به سنڌي ٻولي ڳالهائي ويندو هو. جڏهن ته سنڌي فلمن جو نمبر ون مزاحيه اداڪار ملڪ انوکو ته هئو ئي راجستاني ۽ سندس مادري زبان سنڌي نه هئي. سندس والد صاحب ذاڪر هو ۽ مجلسون سرائيڪي يا پنجابي ۾ ئي پڙهندو هو. پر ملڪ انوکي جي مرڻ تائين ڪنهن کي به اها خبر نه هئي ته هو ڪو غير سنڌي فنڪار هو. جيئن ته سندس ڄمڻ ۽ سندس ٻالڪپڻ جو واسطو ميرپورخاص سان رهيو، پاڻ اسٽيج تي مزاحيه خاڪا ۽ گانا ٻڌائڻ جو ماهر هو. سندس فني سفر جي ابتدا اسٽيج تي ”ون مين شو“ ڪرڻ واري فنڪار جي حيثيت ۾ ٿي هئي. مرحوم شيخ حسن جي فلم ”شهرو فيروز“ کيس بحيثيت سنڌي مزاحيه فلمي اداڪار جي جيڪا شهرت ڏني، اها اڄ به سڀني فلمي شوقينن کي ياد آهي. ان کان پوءِ هر سنڌي فلم ۾ ملڪ انوکي ۽ مشتاق جسڪاڻيءَ جي مزاحيه جوڙي بيحد مقبول ٿي هئي. اها جوڙي هر فلم جي ضرورت بنجي ويئي هئي. جڏهن سنڌي فلمن جو زوال آيو ته، ملڪ انوکي وري وڃي اسٽيج شو شروع ڪيا. هڪڙي اينٽري جا پئسا ملي ويندا هئس. مرحوم معين اختر جتي ٻيا به ڪيترا فنڪار پاليا ۽ سنڀاليا اتي جڏهن ملڪ انوکو اسٽيج شو جو ڪامياب ۽ مهانگو فنڪار بنيل هو، ان زماني ۾ مرحوم معين اختر جيڪو اڃا مشهور ۽ مقبول فنڪار نه هو، ملڪ انوکو کيس پاڻ سان گڏ کڻي هلندو هو ۽ ڪوشش ڪري اهي ئي خاڪا معين به نقل ڪندو هو، جيڪي ملڪ انوکو اسٽيج تي ڪندو هو. ملڪ انوکو هندوستان مان آيل مزاحيه اداڪار ۽ موسيقار آغا سرور، ”مشهور اردو فلم ارمان ۽ احساس جو ڪاميڊين“ جيڪو پڻ اسٽيج تي خاڪا به پيش ڪندو هو، جا ئي خاڪا نقل ڪندو هو. حيدرآباد ۾ هڪ ڊراماٽڪ سوسائٽي ”المشرق ڊراماٽڪ سوسائٽي“ جي نالي سان حميد ڪنڊيڪٽر قائم ڪئي هئي، جنهن مان وڏا نالي وارا فنڪار ۽ موسيقار نڪتا، جنهن ۾ مون به ميمبرشپ حاصل ڪئي هئي ۽ آئون به ون مين شو ڪندو هوس ۽ مون به آغا سرور جا مشهور خاڪا ياد ڪيا هئا. هڪ ڏينهن جو واقعو آهي ته حيدرآباد جي بسنت هال ۾ ”المشرق“ سوسائٽيءَ طرفان اسٽيج پروگرام پيش ٿي رهيو هو. ان وقت مون ان پروگرام ۾ هڪ مزاحيه خاڪو خانداني منصوبه بنديءَ بابت عورت، مرد ۽ ٻارن سميت ستن آوازن ۾ پيش ڪري بي پناهه داد حاصل ڪيو. ان وقت پبلڪ ونس مور، ونس مور جا نعرا هنيا ۽ مونکي مجبور ڪيو ته آئون اڃا به وڌيڪ ٻڌايان. مجبورن مون اهي مزاحيه آئٽم پيش ڪيا، جيڪي آغا سرور کان مون سکيا ۽ ياد ڪيا هئا. پبلڪ تمام گهڻي پذيرائي ڪئي. جڏهن آئون اسٽيج تان لهڻ لڳس ته ان وقت ملڪ انوکو مون سان وڙهي پيو. چيائين ته مون وارا سڀ خاڪا تو پيش ڪيا آئون ڪهڙي ڌوڙ پائيندس...؟ مون وراڻيو ته اهي ته آغا سرور وارا خاڪا هئا، تون وڃي پنهنجا پيش ڪر. ان وقت ۾ معين اختر ساڻس بطور ٻانهه ٻيلي بيٺو هو. ملڪ انوکي جا سگريٽ ۽ پرس وغيره معين کڻي هلندو هو. پر جڏهن معين اختر پنهنجي شهرت جي بلندين تي پهتو ته، هو هر شو ۾ ملڪ انوکي کي پروگرام ڏياريندو هو ۽ هر طرح سان سندس عزت به ڪندو هو. اهڙي طرح ملڪ انوکو شوز ۽ فلمن کان فارغ ٿيو ته ٽيليويزن جو رخ ڪيائين. ابتدا ۾ هو لاهور وڃي سيٽل ٿيو هو، جت هن ڪجهه اردو فلمن ۾ ننڍا ننڍا رول ڪرڻ کانپوءِ لاهور ٽي وي جو رخ ڪيو ۽ اتي وڏن وڏن پروڊيوسرن جي وڏن وڏن ڊراما سيريلن ۾ ننڍا ننڍا ڪردار ڪيائين. ان کانپوءِ هو وري ڪراچيءَ واپس آيو ۽ هتي جي شوبز مارڪيٽ يعني اسٽيج ۽ ٽي وي تي ڪم شروع ڪيائين. انهن ڏينهن ۾ تقريبن سڀ اردو سنڌي اداڪار ۽ پروڊيوسر شام جو منهنجي فليٽ تي ايندا هئا، جيڪو اشرف اسڪوائر ۾ نيشنل اسٽيڊيم جي سامهون ٽئين فلور تي هو. اسان سڀ دوست جن ۾ محمود صديقي، زاهد معصومي، مشتاق جسڪاڻي، اقبال سعيد انصاري، منظور مراد ۽ گلاب چانڊيو وغيره شام جو پهچي ويندا هئاسين ۽ اتي ملڪ انوکو به رات جو پهچي ويندو هو. هو اسانکي ايڏو کلائيندو هو جو دل چاهيندي هئي ته اها رات وڏي ٿي پئي. ان کانپوءِ اقبال انصاري جي اردو ڊرامي ”ڪارروان“ ۽ ”برزخ“ ۾ گڏ ڪم ڪيوسين ۽ سنڌيءَ ۾ منهنجي لکيل مزاحيه خاڪن جي پروگرام ”کل ڀوڳ“ جي 13 قسطن ۾ به ڏينهن رات مونسان گڏ رهيو، جيڪو اقبال سعيد انصاريءَ پروڊيوس ڪيو. جيئن ته اقبال سعيد انصاري به هر وقت طنز ۽ مزاحيه جملن سان محفلون مچايو ويٺو هوندو هو، هو اڪثر رات جو منهنجي شانتي نگر واري بنگلي تي به مون وٽ ايندو رهندو هو. سندس طنز ۽ مزاح مان مونکي تمام گهڻو سڪون ملندو هو، خوشي به ٿيندي هئي. مرحوم ملڪ انوکي منهنجي لکيل ۽ منهنجي هدايت ۾ ڪي ٽي اين لاءِ تيار ٿيل هڪ عيد پروگرام ۾ ڪم ڪيو، جيڪو هن جو مون سان آخري ڊرامو ثابت ٿيو. مرحوم سگريٽ تمام گهڻا پيئندو هو. اسان سڀني دوستن جي محفل جو مور ۽ پيارو ساٿي دل جو دورو پوڻ سبب اسانکان هميشه لاءِ موڪلائي ويو ۽ سوين يادگيريون ۽ خوبصورت ڳالهيون اسان ۾ ڇڏي ويو. ڪي ٽي اين جي ابتدائي ڊراما سيريلن ۾ تمام سٺا مرڪزي مزاحيه ڪردار ڪيائين. بھرحال اسان کي هن جي کوٽ هميشه محسوس ٿيندي، بحيثيت سنڌي مزاحيه فلمي اداڪار جي هو هميشه سنڌي فلمن ۾ نمبر ون ليکيو ويندو. فن جي تاريخ ۾ هو پنهنجو نالو سونهري اکرن ۾ لکرائي ويو. اڄ هُو ڀلي ٽي وي، فلم انڊسٽري ۽ ثقافت وارن کي ياد نه هجي پر اسانکي ۽ سنڌي فن جي ڏسندڙن ۽ قدردانن کي هميشه ياد آهي ۽ ياد رهندو. ملڪ انوکو عبدالجبار آزاد منگي ملڪ انوکو اصل ۾ گجرات (پنجاب) سان تعلق رکندڙ هو. پر سندس مائٽ، ميرپورخاص ۾ اچي آباد ٿيا. ميرپورخاص ۾ 1947ع ڌاري اک کوليندڙ ملڪ انوکو جو اصل نالو ملڪ اڪبر عباسي هو. ملڪ انوکو شروعاتي تعليم پرائمري، مئٽرڪ ۽ انٽر ميرپورخاص مان ئي حاصل ڪئي. ڪاليج واري زماني دوران اتي هڪ اسٽيج ڊرامو ٿي رهيو هو، جتي استاد قيصر زبيري کي هڪ انوکي ماڻهوءَ جي تلاش هئي. جڏهن ملڪ انوکو هن جي سامهون آيو ته چيائين ته بس انوکو ملي ويو. اهڙيءَ طرح استاد قيصر زبيريءَ، مٿس ملڪ اڪبر عباسي نالي مان ملڪ انوکو نالو رکي ڇڏيو. جيڪو مشهور ٿي ويو. ملڪ انوکو کي ٽي ڀائر ۽ ٽي ڀينرون آهن. هن فن جي شروعات، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کان ڪئي. جتي هن جو آڊيشن استاد نياز حسين ورتو. ملڪ انوکو، تقريبًا 50 سنڌي فلمن ۾ ڪم ڪيو. انهن ۾ مشهور فلمون آھن؛ مٺڙا شال ملن، جيجل ماءُ، رت جا رشته، ڌرتي لال ڪنوار، البيلي، سوڍا پٽ سنڌ جا، پيار تان صدقي، بادل ۽ برسات، ڌرتي دل وارن جي، اچ ته ڀاڪر پايون، شهرو فيروز، گهونگٽ لاهه ڪنوار، ڌرتي ۽ آڪاش، حاضر سائين، اميد، حاڪم خان، طوفان، دشمن، مهراڻ جا موتي، بيوس، ميران جمالي، همت وغيرھ. ان کان علاوھ، ٻيون به کوڙ ساريون فلمون شامل آهن. مرحوم ملڪ انوکي ڊرامن ۾ پڻ ڪم ڪيو. انهن ۾سنڌي ڊراما جيڪي مشھور ٿيا سي آھن؛ راڻيءَ جي ڪهاڻي، ديوارين، جنگل. ٻيا وري اردو ڊراما به ھيا جن ۾ ڪم ڪيائين، تن ۾؛ جگ بيتي، وارث، ايڪ حقيقت سؤ فسانه ۽ چانن دا دريا وغيرھ شامل آهن. پي ٽي وي هن کي 1996ع ۾ مهان اداڪار جو ايوارڊ ڏنو هو. سال 1988ع ۾هن غوثيه بيگم سان شادي ڪئي. جنهن مان هن کي هڪ پٽ ۽ ٽي ڌيئر جو اولاد ٿيو. ملڪ انوکو سون جي تعداد ۾ اردو، سنڌي ۽ پنجابي ۾ ڊراما ڪيا. هن هڪ سرائيڪي فلم ”سانجهه تيڏي پيار دي“ ۾ به ڪم ڪيو. هن کي هڪ ڀيري اداڪار لهري، هن جو ڪم ڏسي، سؤ رپيه ۽ معين اختر هن کي هڪ هزار انعام طور ڏنو. اداڪار ملڪ انوکو 26 جولاءِ 2008ع تي هميشه لاءِ موڪلائي ويو. هن جو مڙهه ڪراچيءَ ۾ دفن ٿيل آهي. (عبدالجبار آزاد منگيءَ جي فيس بوڪ جي وال تان کنيل)
نارائڻ شيام هجي جا کاڻ خوبين جي وينا شرنگي پهتاسين ڪهڙي ماڳ وڃي ڇا ڪندين پڇي ها، ڏس ته هن سفر ۾ لنگهياسين ڪٿان ڪٿان. (شيام) سدا حيات شاعر شيام ڪهڙو ماڳ وڃي وسايو آهي، ان جو انت لهڻ ته مشڪل آهي، پر زندگيءَ جي سفر ۾ هو ڪٿان ڪٿان رهگذر ٿيو، ان سفر جو پيرو کڻن ته مشڪل آهي، جنهن تخليقي شعور جي منزل ۽ ماڳن جي بلندين کي شيام ڇهيو تنهن نقش پا، جي مٽيءَ جي خوشبو ۽ هڳاءَ جو واس جڏهن به، جنهن به ماڻيو آهي، اهو مدهوشيءَ جي عالم ۾ پاڻ وڃائي ويٺو آهي، هو سچ ۽ سنهن جو شاعر هو، سندس ٻوليءَ ۾ مٺاس، ۽ ان جو استعمال اهڙي ته ٺهڪندڙ نموني ڪيو آهي جو عبارت ۽ سندس اسٽائيل ٻين شاعرن کان الڳ ٿي بيهي ٿي، سندس شاعري بلندين کي ڇهي ٿي، پوءِ چاهي شاعريءَ ۾ ڪتب آندل تشبيهون هجن يا وري مُحاورا يا مثال – شيام پنهنجي رچنائن ۾ جا ٻولي ۽ لفظ ڪتب آندا آهن، تن جي باري ۾ شاعر سڳن آهوجا جو چوڻ آهي ته : هو اهڙا لفظ نه گهڙيندو آهي جن مان ٻوليءَ جي بگڙجڻ جو انديشو هجي، شيام پنهنجا لفظ گهڙيندو ضرور آهي پر اهڙا جن سان شاعريءَ ۽ ٻوليءَ جي خدمت ٿي سگهي، دهليءَ جي سدا حيات شاعر جي فڪر ۽ شخصيت جي ڪن پهلوئن کي اوهان آڏو پيش ڪندي خوشي ٿي رهي آهي، شيام سان ڪهڙي سال ملاقات ٿي، اهو ته ياد نه آهي پر ماضيءَ جي جهروڪن مان سندس ماٺيڻي شخصيت جا ڪي عڪس ۽ اولڙا اُڀري اچن ٿا، سندس گفتگو ٿڌي هير جيان، اڄ به اچي دڳ جهلي ٿي بيهي، تقريبن اڌ صديءَ شيام شاعريءَ جي نانءِ ڪري ڇڏي، دهليءَ جي هن سدا حيات شاعر جو جنم ۱۹۲۲ع ۾ ٿيو، ۱۹۳۹ع ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪئي، سندس پتا ڪامورو هو، سندس ادبي پونجي. پنکڙيون (رباعيون ۽ روپ مايا کنڊ ڪاويه (۲) رنگ رتي لهر (۳) روشن ڇانورو) (۴) ماڪ ڀنا رابيل (۵) واريءَ ڀريو پلاند (۶) آڇيندي لڄ مران (۷) مهڪي ويل صبح (۸) ڏات ۽ حيات (ڀاڱو پهريون ۽ ٻيو) شيام کي مرڪزي ساهتيه اڪادميءَ طرفان ”آڇيندي لڄ مران“ تي انعام سان نوازيو ويو، ساهتيه اڪادميءَ طرفان شيام تي مونو گراف شايع ڪرايو، آهي. شيام – غزل، دوها، سورٺا، قطعه، رباعيون، هائڪو (تصويرون، گيت، سانيٽ، آزاد نظم کنڊ ڪاويه کي سونو چوڌريءَ ڪجهه ڦير ڦار سان منچ تي آندو آهي، جنهن ناٽيه روپانتر کي جبلپر ۾ سڀا جي پروگرام ۾ ڏسڻ وٽان موقعو مليو. لطيف فن ۾ موسيقيءَ کي اهم درجو آهي، شاعري ۽ موسيقي ٻنهي جو پاڻ ۾ گهرو رشتو آهي، جا شاعري دلين ۾ ديرو ٿي ڄمائي، وليم ورڊس ورٿ موجب. Poetry is the first and last of all the knowledge, it is as immortal as the heart William words worth شاعري اها شئي آهي جيڪا جٽادار آهي، شيام پنهنجي شاعريءَ ذريعي زنده آهي، سندس شاعري Immortal آهي. فن ۽ شخصيت جي ڪن پهلوئن تي نظرثاني ڪرڻ سان دهليءَ جي هن صدا حيات شاعر جا انيڪ پهلو اکين آڏو اُڀري اچن ٿا، شيام قد ڪاٺ جو پورو پنو يا ائين کڻي چئجي ته ڏٻرو، پر تخليقي شعور سان ڀرپور، ڏات هن تي مهربان رهي، سندس آواز جو مڌم لهجو، نرم (سافٽ) جڏهن به هن سان ملاقات ٿي مون کيس ڪڏهن به هاءِ پچ تي ڳالهائيندي نه ڏٺو، پهنجائپ وارو رويو، مٿي جا وار بلڪل ڇڍا اکين ۾ روشني، انهيءَ جي باوجود اڃان روشني ڏٺي اڃان روشني ڏٺي-جي ڌڻيءَ در پراٿنا جا روشني، جو نور سندس تخليقي سرمائي مان ڇلڪي ٿو، آل انڊيا ريڊيو جي پرڏيهي نشريات جي سنڌي سروس ۾ مون کيس ستر واري ڏهاڪي کان ڏٺ. سندس ڀاءُ هيم ناگواڻيءَ سان ته باقاعدي هفتي ۾ ٻه ٽي ڀيرا ملاقات ٿيندي هئي، پر نارائڻ شيام سان مهيني ٻن کانپوءِ ملاقات ٿيندي هئي، ادبي گلشن پروگرام لاءِ شعرو شاعري رڪارڊ ڪرائڻ ايندا هئا، سندن رڪارڊنگ ڪڏهن مان، ڪڏهن پروگرام آفيسر ڪندا هئا، ڪڏهن ممبئي، جئپور، ڀڄ يا احمد آباد جي آڪاشواڻي مرڪزن طرفان، سندن شاعري رڪارڊ ڪرائڻ جو خط ايندو هو، براڊڪاسنگ هائوس جي سيڪنڊ فلور تي اسان جو ڪمرو هوندو هو، ڪڏهن لفٽ هلندي هئي ڪڏهن نه، اسان هيٺ لهي ته ويندا هئاسين پر گهڙي گهڙي چڙهڻ کان ڪنارو ڪندا هئاسين. جو چڱي خاصي پريڊ ٿيندي هئي، اسان رڪارڊنگ جو ٽائيم گهڻو ڪري منجهند جو رکندا هئاسين، جو لنچ ۾ اسٽڊيو خالي ملندا هئا، موبائيل فون جي سهوليت به ڪانه هوندي هئي، گهڻو ڪري فون ٺپ ئي رهندا هئا، اهڙيءَ حالت ۾ نارائڻ شيام ڏاڪڻيون چڙهي مٿي يونٽ ۾ ايندا هئا، سندن چهري تي مٺي مرڪ ۽ چپن ۾ ٻه اکر ڳالهائي حال احوال وٺندا، سندس شخصيت جو هڪ رنگ اهو به شڪوه شڪايت نه ڪرڻ هن جا ڪيترائي غزل ريڊيو تان نشر ٿيندا هئا، حسين وادين ۾ کوئجي ويندا هئاسين، چپ نه چريا اک ڳالهايو پئي مون انهيءَ مرڪ لاءِ واجهايو پئي، چپ نه چريا... يا نئين آهي نت ناز وارن جي ٻولي نگهائن ادائن اشارن جي ٻولي، نارائڻ شيام آل انڊيو جي سنڌي سروس باقاعدي ٻڌندا هئا، تن ڏينهن پروگرام جي رسپشن به سٺي هوندي هئي ۽ آواز ڪليئر ٻڌڻ ۾ ايندو هو، جنهن ڳالهه جي ڄاڻ سندن شاعريءَ مان معلوم ٿي. ريڊيو سان وابسته قطعه ۾ فرمائي ٿو. دوست تنهنجو ڪلام رات ٻڌم اوچتو آيو دهلي ريڊيو تان سچ ته هر شعر ٿئي ڇهيو دل کي پر چوان واهه واهه ڪنهن لاءِ (شيام ) ريڊيو سان ئي وابسته پنهنجي ٻئي قطعه ۾ فرمائي ٿو : ڪنهنجو ريڊيو کليل هو پاڙي ۾ آيو آواز بنسريءَ جو پئي تنهنجي هٿ ۾ کليل هئي گيتا شيام ريڊيو مگر تو ٻڌو پئي! (شيام) هٿ ۾ گيتا هوندي بينسريءَ جي مڌر تان ۾ پاڻ کي مگن پائي ٿو، هن جو سنگيت سان روح جو رشتو رهيو، ماڻڻ لاءِ به سچائي، پرکڻ واري اک، شوق ۽ ذوق گهرجي! شيام ايترو قداور ۽ عظيم شاعر هو، سچ پچ ان وقت اهو احساس نه ٿيو جو شيام ڪڏهن به ان طرح جو احساس نه ڏياريو، عام رواجي شخصيت جيان سندن ننڊي چاهي وڏي سان وهنوار هڪجهڙو هوندو هو، جڏهن نارائڻ شيام جي شاعري هاڻي پڙهون ٿا يا فنڪارن جي آواز ۾ سندس گيت ٻڌو ٿا، تڏهن احساس ٿئي ٿو ته ڪجهه ڏات ۽ انهن جو ڏانو مان سندن حيات دوران رهنمائي حاصل ڪريون ها، شيام پاڻ فرمائي ٿو، شيام کي شعرن منجهان سمجهي سگهيس. گر چه مون سمجهي نه هن جي شاعري! (شيام) سندس شاعري سمجهڻ جي دعوا ڪري اسان ته ڇڏيو، ان کي سمجهڻ چڱن ڀلن جي وس کان ٻاهر آهي، پر ان جي ٻوليءَ جي سُنهن، ردم ۽ حسن کي ماڻي اندر ملهر ڊوڙي وڇي ٿي، ڪنهن به شاعر جي اها وڏي ڪاميابي آهي جو هن جي لکيل شعرن مان، هر ماڻهو کي لڳي ته هيءُ منهنجي زندگيءَ جو عڪس آهي، اهو ئي سبب آهي جو هر فنڪار ۽ هر اديب شيام جي شاعريءَ کي پئي ڪوٽ ڪيو آهي. شيام فرمايو آهي، شاعري محسوسات جو سريلو اظهار آهي، شاعري جذبات جي طوفان کي لفظن ۾ قابو ڪرڻ جو نالو آهي، جذبات کي لفظن ۾ قابو ڪرڻ سولو ناهي، مگر شاعر جيڪو تخليقي لفظن جو استعمال ڄاڻي ٿو، اڻ ٿيڻيءَ کي ٿيڻي ڪري ڏيکاري ٿو. شيام جي شاعري، جهرڻي جي ڪل ڪل جيان ڪڏهن اڇلون کائيندي، ڪڏهن البيلي نار جيان نچندي ٽپندي حسين وادين مان لگهندي، فضائن کي خوشبوءَ سان معطر ڪندي، هند سنڌ پهتي، ۱۹۶۸ع ۾ چيٽي چنڊ جي موقعي تي شيام ڪانسٽيٽيوشن ڪلب ۾ منهنجي سنڌ جي سفرنامي پکا ۽ پنهوار ڏٺي مون ڏينهن ٿيا رليز ڪندي پنهنجي ڌرتيءَ متعلق گهڻو ڪجهه چيو پر مون کي سندس هڪ سٽ اڄ به هانو ۾ هري ٿي، ورهاڱي اسان سان ڇا ڇا نه ڪيو، پنهنجي جنم ڀوميءَ کي ساريندي چنڊ کان سوال ڪري ٿو: روئي روئي هاءِ، مون جا چانڊوڪي ڇڏي تون ئي چنڊ ٻڌاءِ، اڄ به آهي سنڌ ۾؟ سنڌ جو نقشو عنوان تحت نظم ۾ جذبن جو اظهار ڪندي فرمائي ٿو: سنڌ جو نقشو ڏسندي ئي بس، هريا هانو ۾ گذريل ڏينهن، ڌوئي ساوا چهچ ڪيا وڻ، جيئن وسي سانوڻ جو مينهن! (شيام) ترائيل ۾ هو چوي ٿو: سنڌ کي ڪونه ڇڏائي ڪو سگهي سنڌين کان سنڌ سنڌين ۾ وسي سنڌ هتي سنڌ هُتي ملڪ بڻجي ٿو مٽيءَ سان نه مگر ماڻهن سان سنڌ کي ڪو نه ڇڏائي سگهي سنڌين کان! اڳتي ترائيل ۾ فرمائي ٿو: ڄاڻ ماڻهن جي پوي صاف سندن ٻوٽيءَ مان شيام ڳالهائجي سنڌي ٿي جتي، سنڌ اتي سنڌ کي پوني ۾ نارائڻ شيام، لڇمڻ ڪومل ۽ مان هئاسين، جتي موهن ڪلپنا گني سامتاڻي سان ڪنهن ڳالهه تي تڪرار ٿيو، شيام مونکي ٻانهه کان جهلي باهر وٺي آيو ۽ گهر جي بزرگ جيان ڇٽ بڻجي حفاظت ڪئي، سندس شخصيت جو اخلاقي قدرن وارو اهو پهلو ان وقت نظر آيو، ڪا به ساهتيه تي يا ادبي ميڙاڪي جي گفتگو شخصي دائري کان باهر نڪري ادبي تاريخ بڻجي ٿي، اڄ هتي ادبي بيٺڪ ۾ جيڪا به ڳالهه ٻولهه آهي اها اڳتي هلي ادبي تاريخ جو حصو بڻبي، خود سدا حيات شاعر شخصي آزمودن تي راءِ ظاهر ڪندي چوي ٿو: پنهنجي قسمت، تقدير سان مقابلو، پيار ماڻن جهڙن شخصي آزمودن جي تهن ۾ جيترو اونهو پيهي ڏسون ٿا اوترو جدا جدا ديسن، الڳ الڳ دورن جي ماڻهن جي ساڳين آزمودن ۾ ڪيڏي نه ويجهڙائي ۽ موافقت نظر ٿي اچي، جيترو گهڻو شخصي اوترو گهڻو ڪائناتي (شيام) شيام ته خوبين جي کاڻ هو، پر تعريف کان ڪوهين ڏور ها، پنهنجي زندگي ۽ شاعريءَ لاءِ فرمائين ٿا، هجي جا کاڻ خوبين جي ۽ خامين کان بنهه آجي نه پنهنجي زندگيءَ اهڙي، نه پنهنجي شاعري اهڙي دادا دلگير ڏات ۽ حيات جي مهاڳ ۾ لکيو آهي، شيام جي شاعريءَ جي واقفيت سڳن آهوجا جي روشن ڇانورو جي مهاڳ مان ملي ٿي، اڳتي فرمائين ٿا، ماڪ ڦڙا ۾ شيام جي پهرين تجرباتي شاعري آهي جنهن م خيال توڙي گهاڙيٽي جي نواڻ آهي، آزاد نظم، گيت، سانيٽ جا ڪامياب تجربا آهن، ٻولي صاف سٿري ۽ سرل آهي، شبدن ۾ رواني ۽ ردم آهي، دادا دلگير، شيام ۽ اياز جي دوستي جو ذڪر ڪندي لکيو آهي، سر نارائڻ شيام – نالي اياز جو مجموعو ڪونج پبليڪشن طرفان ڇپيو ۽ روپ مايا – کنڊ ڪاويه ۽ شاعريءَ متعلق لکن ٿا، اُن ۾ جماليات جا جهرڻا پاتا وڃن ٿا. شيام هڪ هند فرمايو آهي :پڙهندڙ، جڏهن شاعر سان تخيل جي راهه ۾ هم قدم ٿيندو تڏهن ئي شعر جو جمالياتي لطف ماڻي سگهندو، هونءَ به اهڙو ڪهڙو نئون سچ آهي، جو شاعر اظهاري ٿو؟ سڀڪجهه اڳي ئي چيل، ڏٺل ٻڌل آهي، صرف سندس اظهار جو انداز ئي نيارو آهي، جنهن راهه تان ان سچ تي پهتو آهي، ان سفر جو ئي لطف ته پڙهندڙ کي وٺڻو آهي شاعر جو پيرو کڻي. ۲۲ جولاءِ ۲۰۰۸ع تي دهلي سنڌي اڪادميءَ هڪ شام – نارائڻ شيام جي ناءَ ڪئي هئي، ڪماني آڊيٽريم ۾ ٻن مخملي آوازن پدم شري شانتي هيرانند ۽ گهنشام واسواڻيءَ سنگيت سان ان شام کي سنواري دهلي جي حاضرين جي دل جيتي شيام جي نالي ملهايل شام هڪ نئون رنگ، نئين خوشبو ۽ مسرت جون گهڙيون کڻي آئي، پدم شري شانتي هيرانند غزل پيش ڪري حاضرين جو خوب داد حاصل ڪيو، اک نه تارن ۾ ٻڏي...... زندگي جي راهه تي ڊوڙي... حسن کي ضد نه هو .... نه ئي آهي نت ناز وارن جي ٻولي ..... پنهنجي مخصوص انداز واري گايڪيءَ سان محفل کي رنگت بخشي، تاڙين جي گڙ گڙاهٽ ۽ لبن تي واهه! واهه!! رهي، هن سنهري شام جي رنگين سلسلي کي نوجوان ڳائيندڙ فنڪار گهنشام واسواڻيءَ سينگاريو، جنهن سنگيت جي سلسلي ۾ حسين نظارم، ڪائنات ، زندگي جو سچايون ۽ شاعر جي باڪمال شاعري کي پنهنجي آواز جي هيٺ مٿاهين لئه ۽ تال جي سنگم سان پر نور ڪري ڇڏيو، هن چيو : سٺا شاعر نيگيٽو نه ٿيندا آهن شيام جي شاعري جو عروج ۽ ڪماليت جو راز اهو ئي آهي جيئن ڪهڙي دنيا مٺي جي ڳالهه ڪريون، مرڪندڙ زندگيءَ جي ڳالهه ڪريون.... ان موقعي تي نارائڻ شيام جو فرزند ناگواڻي ۽ سندس ڀاءُ ڀڳوانداس ناگواڻيءَ به موجود هئا. مون لاءِ هيءَ شام ان لحاظ کان به يادگار هئي، جو نارائڻ شيام جڏهن حيات هئا، تڏهن شاعر نارائڻ شيام جي اجازت سان، شام سان هڪ شام، سنوارڻ جو شرف حاصل ٿيو ان تاريخي موقعي تي ڊاڪٽر هرومل سدرنگاڻي، لڇمڻ ڪومل ۽ ٻيون شخصيتون موجود هيون، جا نه صرف مون لاءِ پر سنڌي جاتيءَ لاءِ به بي بها سرمايو آهي، جنهن جي يادگار ويڊيو رڪارڊنگ موجود، ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي خادم ڏات ۽ حيات جي مُهاڳ ۾ فرمائي ٿو، شيام جي شاعري احساسن جي شاعري آهي شبد چتر ان جي جان آهن، شعر پڙهڻ سان اکين آڏو هڪ تصوير اڀري اچي ٿي ۽ پنهنجو مفهوم محسوس ڪرائي ٿي. چاندني رات ۽ اڪيلائي، ننڊ نيڻن ۾ هاءِ شرمائي گهنشام واسواڻي ۽ سُلکشڻا پنڊت هيءُ ڊيوٽ طور فلم هل ته ڀڄي هلون لاءِ ڳاتو آهي، دهلي سنڌي اڪادميءَ طرفان منعقد ڪيل هن ادبي بيٺڪ ۾ سدا حيات شاعر شيام جي شاعريءَ جي سفر ۾ اوهانکي همسفر بڻائيندي الوداع ڪنديس... شعر تو سان رهاڻيون ڪندا قرب مان مان نه هوندس ته ڇا ٿي پيو اي پرين آدمي ٿو جئي بس ڳڻيل ڏينهن ڪي شعر جي زندگي سج سنئين نت نئين! سندس شعر ذريعي اظهار وقت جي وڇوٽيءَ جي باوجود نت نئون آهي، مستقبل ۾ به ساڳ پيو جلوو پائيندو. نارائڻ شيام رکيل مورائي ڏھ جنوري ان شاعر جو شاعريءَ جي آڪاس تان الهي وڃڻ جو ڏينهن آهي، جنهن پنهنجي ٻاهرين غريبيءَ سان سنڌي شعر کي اهڙي اميري بخشي جيڪا سنڌ سان ۽ سنڌي شاعريءَ سان سدائين ساڻ رهِڻي آهي ۽ جيڪا ڪڏهن به گهٽجڻي نه آهي. هُن پنهنجي ڪيفيت جو اظهار هن طرح ڪيو هُئو ته: چتيون لڳل رنگين، ڪيڏيون ان تي آس جون، هيءَ دل آهي ڪين، ڪا گودڙي فقير جي. سنڌي شاعراڻي ادب جو اهو وڏو سچُ آهي ته هُن جي دل، فقير جي گودڙي نه هئي. هُن جي دل اها باک ڄڻيندڙ دل هُئي، جنهن پنهنجي تخليق سان هند ۽ سنڌ کي روشن ڪيو. هن ورهاڱي کان اڳ، سنڌ جي شعري ۽ ادب کي روشن ڪيو ۽ جڏهن ورهاڱي جو وَڍُ کائي هو هند پهتو ته اتي هُن اهائي روشني ڪئي، جنهن کي سنڌي ٻوليءَ جي غير معمولي نقاد ۽ شاعر سُڳن آهوجا، هڪ دور جي روشني ڪوٺيو آهي. ۽ هن جي ڏنل اها روشني اڄ به جرڪي رهي آهي ۽ شاعريءَ جي سفر تي هر اُسهڻ واري نوجوان جي راهه روشن ڪري رهي آهي. هُن جو نالو نارايڻ شيام هُئو. نارايڻ شام پنجويهين جولاءِ اوڻيهه سؤ ٻاويهن تي، سا هتي پرڳڻي جي هڪ ننڍي ڳوٺ کاهي قاسم تعلقي ۽ ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو ۽ ورهاڱي کانپوءِ، هُن عالم جي لاجواب شهر، دهليءَ ۾ وڃي اجهو اڏيو. جتي آخري ڏينهن تائين هو شاعراڻي روشنيءَ جي لاٽ روشن رکيون آيو. اها لاٽ ڏهين جنوريءَ اوڻيهه سؤ اڻانوي تائين ٻرندي رهي ۽ نيٺ قدرت جي هڪ ڊگهي ڦوڪ سان اجهامي وئي. نارائڻ شيام جي ڏنل روشني اها روشني آهي، جنهن جون پاڙون سنڌ جي ساهتي پرڳڻي جي شهر نوشهري فيروز ۾ کتل آهن، جنهن لاءِ نارائڻ شيام سدائين چنڊ کي ڏسي اظهاريندو هئو ته: روئيندي روئيندي هاءِ، مون جا چانڊوڪي ڇڏي، تون ئي چنڊ ٻڌاءِ، اڄ ڀي آهي سنڌ ۾. اها به عجيب ڳالهه آهي، ته نارائڻ شيام جو اظهار اهڙو نرم ۽ سيتل آهي، جهڙي چنڊ جي چانڊوڪي. هُن جي شاعري پرهه جي باک جهڙي وڻندڙ ۽ روح کي راحت ڏيندڙ آهي. سندس شاعراڻو ۽ اندر جو آواز هن شعر مان ڄاڻي سگهجي ٿو: رات ايئن ها سيج تي، وکريل تنهنجا وار. ڄڻ شاعر جي ذهن تي، رابط بنا اشعار. شاعر جي ذهن جي بيربطگي ۽ کليل وارن جي جي بيربطگي سونهن جا بيمثال اهڃاڻ آهي. جيڪي، نارائڻ شيام جي شعر ۾ نه رڳو پڙهي سگهڻ جهڙا آهن، پر اهي احساس اکين سان ڏسڻ جهڙا ۽ روح سان ماڻڻ جهڙا آهن. ايئن نارائڻ شيام سنڌي شاعريءَ جي ڪن کِڻن کي ماڻڻ جو احساس جاڳايو آهي، پنهنجي پڙهندڙن جي دل ۽ دماغ ۾. نارائڻ شيام سنڌي شعر ۾ جيڪو کِڻن کي تصويري سونهن ڏئي اظهاريو آهي، ان جو مثال جيڪڏهن ڪو ملندو ته اهو پڪ ئي پڪ وري به نارائڻ شيام ئي هوندو. نارائڻ شيام، سنڌي شاعريءَ کي درجن کن ڪتاب ڏنا. جن جا سِرا/ نالا به سندس طبيعت وانگر نهايت نفيس ۽ معصوم آهن. هو بنيادي طور بيحد معصوم شخص هُئو، سدائين مرڪندڙ ۽ بنهه ٿورو ڳالهائيندڙ، دوستن سان بيحد پيار ڪندڙ ۽ خود پيار ڪرڻ جهڙو شاعر جيڪو ڏهين جنوريءَ تي دهليءَ ۾ ديهانت ڪري ويو. پر اهو نه وسارڻ گهرجي ته سنڌ ۽ هند جي وچ ۾ جيڪا ادبي پل جڙيل آهي، انهيءَ جو هڪ مضبوط ٿنڀو اياز آهي ۽ ٻيو مضبوط ٿنڀو نارائڻ شيام آهي. باقي ٻيو سڀ ڪجهه پوءِ ٿو اچي. ها! نارائڻ شيام هند ۽ سنڌ جي وچ ۾ جڙيل پل تان پاڻ ڪڏهن به سفر ڪري سنڌ اچي نه سگهيو ۽ اهو ڏک هو دل ۾ سانڍي اسان کان جدا ٿي ويو. پر آخري گهڙيءَ تائين هڪ وشال ديس ۾ کيس اهو احساس ڏکوئيندو رهيو ته: الا ايئن نه ٿئي جو، ڪتابن ۾ پڙهجي، ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي. نارائڻ شيام سنڌ ۽ هند جو شاعر ۽ سندس شاعري گل مورو سنڌي ٻوليءَ جي هن سدا بهار شاعر نارائڻ شيام جولاءِ جي جهولن واري مهيني ۾ ساهتي پرڳڻي جي قديمي ڳوٺڙي کاهي قاسم نوشهروفيروز ۾ ديوان گوڪلداس ناگواڻيءَ جي آڳنڌ تي ۲۵ جولاءِ ۱۹۲۲ع ۾ اک کولي، اڄ به سنڌ توڙي هند ۾ ڏات ڏڻي ان راءِ تي مطفق آهن ته شيخ اياز کان پوءِ جيڪڏهن ٻيو سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو شاعر هو، اهو نارائڻ شيام هو اها به حقيقت مڃڻي پوندي ته شاهه لطيف کان پوءِ ڌرتيءَ جي فڪر جا شاعر سنڌ ۾ اياز، هند ۾ شيام، ۽ بنگال ۾ رابندر ناٿ ٽئگور هيا. جن جي شاعريءَ ۾ زندگيءَ جا ماڪ ڦڙا، پريت جون پنکڙيون، ڏات ۽ حيات جا روشن ڏيئا نظر اچن ٿا. هنن ڏات ڌڻين جو خواب آزادي، سوراج جو پنو، ۽ ڌرتيءَ جي خوشي ئي هو. تڏهن ته نارائڻ، ڀٽائي جي ڀونءِ تي لطيف جو ٻيجل بڻجي چوندو هيو. آءٌ گهٽين جو ڳائيندڙ آءٌ ڳايان ٿو جنتا جو راڳ نارائڻ شيام نارائڻ لاءِ جنتا، لطيف ۽ سچل جي ڌرتيءَ جا وارث هيا. جن جي خوشحالي ۽ شادابيءَ لاءِ ٻيجل ٻڻجي ٻاڪاريندو رهيو. سنڌ جي سڄڻن کي سجاڳيءَ جو درس ڏيندي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ممتا جي ٻولي تي ٿيندڙ وارتائن جي نشاندهي ڪندي شاعراڻي انداز ۾ آگاهه ڪيو. الا ائين م ٿئي، جو ڪتابن ۾ پڙهجي. ته هي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي. نارائڻ آڌي رات جا گدڙ ٻاگهل جي ٻوليءَ تي ضرور وار ڪندا ائين ئي ٿيو. ورهاڱي جي بي رحم لڪيرن کان پوءِ جڏهن ون يونٽ جي واڳن ڀٽائي جي ٻوليءَ ۽ ڌرتيءَ کي پنهنجي وات ۾ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ته اياز ڪارونجهر جي ڪوهيارن کي هيئن ڪوڪاريندو رهيو. سدا اُڀريا سنڌ ۾، ڪوپا ڪنچل لوڏ. هوڙيايون ۽ هوڏ، ڏسي پنهنجي ڏيهه سان. اياز جڏهن اُلهاس ننگر جي آڳنڌ تي اياز جي اها ڪوڪ نارائڻ جي ڪن تي پئي ته کيس آٿت ڏيندي چوندو رهيو: سنڌ سنڌين ۾ وسي، سنڌ هتي سنڌ هُتي، ملڪ بڻجي ٿو مٽيءَ سان نه مگر ماڻهن سان، ڄاڻ ماڻهن جي پوي صاف ٻوليءَ مان، شيام ڳالهائجي سنڌي ٿي، جتي، سنڌ اُتي، نارائڻ شيام جڏهن نارائڻ جي جندڙي مُڏي ڀريندي ڀُرڻ لڳي، سنڌڙي تي وار ٿيڻ لڳا، جهريل جيءَ ۾ باهه جا اُلا ٻرڻ لڳا، جڏهن به سنڌوءَ جي سڄڻ جو ڪو سنيهو کيس مليو. پنهنجا پور پريت جي پنن تي لکي هيئن اوريندو رهيو. اهي سُورن جون سوين صورتون پنهجي ساهه ۾ سانڍي پنهنجي قدرتي ماتاکي ياد ڪندو رهيو. ڇو ته ورهاڱي هن اندر ۾ وڍي وجهي ڇڏيا هئا. اسان جي هن ٻهڳڻي شاعر دوهي، بيت، وائي، نظم، آزاد نظم کان وٺي گيت، غزل تقريبن شاعري جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي. هو دوهي ۾ چوي ٿو: جاڳ جاڳ مومل مٺي، جاڳ سهاڳڻ جاڳ. موٽي وڃي مينڌرو، پٺي نه ڏئي ڀاڳ. نارائڻ شيام نارائڻ شيام ورهاڱي کان پوءِ هيءُ وڃي رهيو ۽ آخري گهڙيءَ تائين سنڌ ڏسڻ لاءِ تڙپندو رهيو. جنهن جو اظهار هن پنهنجي شاعريءَ ۾ هينئن ڪيو آهي. الائي ڪهڙيءَ گهڙيءَ ان مان شيام نڪتاسين. وطن ورڻ ته ڇا، سرحد ڏسڻ نصيب نه ٿي. شيام نارائڻ شيام ڀٽائيءَ جي فڪر جو به ڄاڻو هو، ڀٽائي کي خراج تحسين پيش ڪندي سنڌ سونهاري سان پنهنجي عقيدت ۽ محبت جو اظهار هن ريت ڪيو: اڄ شاهه جي رسالي تي نظرون کپي ويون، موٽي صدين کان پوءِ ٿي ڄڻ سنڌ مون ڏٺي، (۲) ٿر جون ڀٽون پري ۽ پري سنڌ جون ڀٽون، اڄ پاڻ وٽ نڪو شاهه نه ڪا مارئي ڏسان. سنڌ جي هن ساهتي پرڳڻي کي اهو فخر به ڪرڻ گهرجي. ته نوشهروفيروز جي ادبي تاريخ لاءِ اهو اعزاز به آهي جو هن ڀاڳ ڀريي خطي جي ڳوٺڙي کاهي قاسم سنڌ ۽ هند جي سدا حيات شاعر نارائڻ شيام کي جنم ڏنو. جيڪو سنڌ ۽ سنڌوءَ جي جياپي ۽ آجپي لاءِ آخري گهڙيءَ تائين. جهيڙويندو رهيو. هي وطن جو ويساهه سنڌ ۽ سنڌوءَ جو ساهه ۱۰ جنوري ۱۹۸۹ع تي سنڌ ۽ هند کان ساهتيءَ جو سپوت وڇڙي ويو. نارائڻ شيام وطن ورڻ ته ڇا جنھن کي سرحد ڏسڻ نصيب نه ٿي رکيل مورائي اڄ جڏهن سچ پچ سنڌي شاعريءَ جو وڏو حصو مقام ڏانهن وڃي رهيو آهي، تڏهن اسان جو اهو فخر اڌ رهجي وڃي ٿو ته سنڌ شاعريءَ جي معاملي ۾ خوشحال آهي. اهڙين حالتن ۾ اسان کي وري پنهنجي ماضيءَ ڏي ڏسڻو ٿو پوي ۽ ايئن وري هڪ نئون فخر ٿئي ٿو ته سنڌ وٽ شاعريءَ جي صورت ۾ ڪجهه آهي ضرور. وقتي طور جيڪڏهن ڪا تخليقي طور گهٽتائي آئي آهي ته ان جو ازالو وقت ڪري وٺندو. اهو اطمينان سرهائي بخشي ٿو. سنڌي شاعريءَ جي گهڻن ئي فخر جوڳن حوالن مان هڪ حوالو سنڌ جي ساهتي پرڳڻي مان جنم وٺندڙ نارائڻ شيام آهي. جيتوڻيڪ ايئن چوندي به اسان سنڌ وارن کي فخر ٿئي ٿو ۽ خود ساهتي پرڳڻي کي به فخر ٿئي ٿو ته هند ۾ سنڌي تخليقي شاعريءَ جا گهڻي ڀاڱي اهم نالا ساهتي پرڳڻي سان تعلق رکن ٿا. مثال طور؛ نارائڻ شيام، ايم ڪمل، ارجن حاسد، ارجن سڪايل ۽ لڇمڻ ڪومل. ادب جي ٻين شاخن ۾ اڻ ڳڻيا نالا ساهتي پرڳڻي سان واسطو رکن ٿا. پر انهن ۾ اهم حوالو سنڌ لاءِ فخر جوڳو اهو آهي ته نارائڻ شيام سنڌي ٻوليءَ جو شاعر آهي، لڇمڻ ڪومل ڪٿي لکيو آهي ته ”سٺ واري ڏهاڪي ۾ ايشين رائٽرس ڪانفرنس دهليءَ ۾ ٿي رهي هئي، جنهن جي مشاعري جي صدارت پابلو نرودا ڪري رهيو هو، جڏهن نارائڻ شيام پنهنجو ’روپ مايا‘ جي نالي سان نظم پڙهيو ۽ ان جو ترجمو پابلو نرودا ٻڌو ته ڪرسيءَ تان اٿي مائيڪ تي چيائين ته ڪنهن اڻ سڃاتل ٻوليءَ ۾ ههڙي شاعري ٿي رهي آهي؟“ ايئن نارائڻ شيام تي اسان سنڌي شاعري جي حوالي سان جيترو فخر ڪريون اهو گهٽ آهي. هو سنڌي شاعريءَ کي اهڙي نفاست ۽ نزاڪت ڏيندڙ شاعر آهي، جنهن جو مٽ وري ڪوبه شاعر نه ٿي سگهيو آهي. هن جي شاعري جي نزاڪت ۽ نفاست ڏسي ۽ پڙهي محسوس ٿيندو آهي ته سنڌي شاعري سورنهن ئي سينگار ڪري، پنهنجي ڀرپور جوانيءَ جو درشن ڪرائي رهي آهي. سندس شعر سندس نالي سان ئي سڃاپي ٿو. مثال طور هن سنڌ کان پري رهي، جڏهن محسوس ڪيو ته سنڌ هاڻ اسان جي نه رهي آهي ته هن پاڻ کي آٿت ڏيڻ لاءِ هيءَ ترائيل لکيو، جيڪو سرحدن جي ٻنهي پاسي ڏاڍو پڙهيو ويو ۽ شايد سنڌي ڪڏهن به هن شعر کي نه وساري سگهن: سنڌ کي ڪونه ڇڏائي ڪو سگهي سنڌين کان، سنڌ سنڌين ۾ وسي، سنڌ هِتي، سنڌ هُتي، ملڪ بڻجي ٿو مٽيءَ سان نه مگر ماڻهن سان، سنڌ کي ڪونه ڇڏائي ڪو سگهي سنڌين کان ڄاڻ ماڻهن جي پوءِ صاف سندن ٻوليءَ مان، شيامَ ڳالهائجي سنڌي ٿي جتي، سنڌ اُتي، سنڌ کي ڪونه ڇڏائي ڪو سگهي سنڌين کان، سنڌ سنڌين ۾ وسي، سنڌ هِتي، سنڌ هُتي. سنڌي ٻوليءَ جو سدابهار شاعر نارايڻ شيام جنهن سنڌ کان پري رهي تبديل ٿيل حالتن کان مايوس ٿي هيءُ شعر به لکيو ۽ رنو هو ته: الا ايئن مَ ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي، ته هُئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي. نارائڻ شيام ۲۲ جولاءِ ۱۹۲۲ع ۾ ساهتي پرڳڻي جي ڳوٺ کاهي قاسم ضلعي نوشهري فيروز ۾ گوڪلداس ناگواڻيءَ جي گهر جنم ورتو. نارايڻ شيام اياز کان پوءِ سنڌيءَ جو وڏو شاعر مڃيو ويو آهي. سنڌ ۾ اياز ۽ هند ۾ نارايڻ شيام، ٻه اهڙا سنڌي شاعر هئا، جن هند ۽ سنڌ جي ادبي وايومنڊل کي ڳنڍي رکيو. نارايڻ شيام ورهاڱي کان پوءِ دهليءَ ۾ وڃي رهيو ۽ آخري گهڙيءَ تائين سنڌ ڏسڻ لاءِ تڙپندو رهيو. جنهن جو اظهار هن پنهنجي هڪ شعر ۾ هيئن ڪيو آهي: الائي ڪنهن گهڙيءَ ان مان شيام نڪتاسين، وطن ورڻ ته ڇا، سرحد ڏسڻ نصيب نه ٿي. ننڍو وات، وڏي ڳالهه؛ ليکي وڃي پر پوءِ چوڻ چاهيان ٿو ته نارايڻ شيام جي مٿين ٻن سٽن جو درد تارازيءَ جي هڪ پڙ ۾ وجهبو ۽ ٻئي پڙ ۾ ورهاڱي جي درد سان ڀريل ڪيئي ڪتاب رکبا ته هنن سٽن جو بار وڌي ويندو. ان درد ۽ پيڙا سان ڀريل شاعريءَ سان گڏ هُن سنڌي شاعريءَ کي نئين نفاست ۽ نزاڪت به ڏني، سندس شاعريءَ جا ڪيترائي ڪتاب، هند توڙي سنڌ ۾ ڇپيا آهن. مان ان چوڻ ۾ هن جي ڪا به وڏائي بيان نه ٿو ڪريان، پر اهو سچ آهي، ته نارايڻ شيام تي سموري سنڌ سان گڏ نوشهري فيروز جي ادبي تاريخ فخر ڪندي ته ان هڪ غير معمولي شاعر کي جنم ڏنو. نارائڻ شيام کي سندس ڪيترن ئي ڪتابن تي اڻ ڳڻيا انعام ڏنا ويا. آئون ته هوند ايئن چوان ته هن انعام وٺي انهن انعامن کي عزت بخشي آهي، سندس ڪتاب ”واريءَ ڀريو پلاند“ تي کيس مرڪزي ساهتيه اڪيڊميءَ ۱۹۷۰ع ۾ هند جو نهايت وڏو ادبي انعام ڏنو ويو. نارايڻ شيام ۱۰ جنوري ۱۹۸۹ع تي سنڌ نه ڏسي سگهڻ جي آس دل ۾ سانڍي عالم جي لاجواب شهر دهليءَ ۾ وفات ڪئي. سندس ڇپيل ڪتابن هيٺيان آهن: 1. ماڪ ڦڙا، (شاعري) ۱۹۵۳ع، (هري دلگير سان گڏ)، 2. پنکڙيون، (شاعري) ۱۹۵۵ع، 3. رنگ رتي لهر، (شاعري) ۱۹۵۶ع، 4. روشن ڇانورو، (شاعري) ۱۹۶۲ع، 5. ماڪ ڀنا رابيل (شاعري) ۱۹۶۴ع، 6. واريءَ ڀريو پلاند، (شاعري) ۱۹۶۸ع، 7. آڇيندي لڄ مران، (شاعري) ۱۹۸۲ع، 8. مهڪي ويل صبح جي، (شاعري) ۱۹۸۳ع، 9. نه سورنگ، نه سا سرهاڻ (شاعري) ۱۹۸۷ع، 10. بوند، لهرون ۽ سمنڊ (شاعري) ۱۹۸۸ع، 11. ڏات ۽ حيات-۱ (شاعري) ۱۹۸۸ع، 12. ڏات ۽ حيات-۲ (شاعري) ۱۹۹۸ع. اڄ سندس جنم ڏينهن تي سنڌ کيس ياد ڪري رهي آهي، هو سُرڳ ۾ به سنڌ جي ان گرم جوشيءَ کي محسوس ڪندو هوندو ۽ اسان جون نيڪ خواهشون قبول ڪندو اهڙي پڪ آهي. نارايڻ شيام تنهنجو قدر اڳتي ئي هلي ٿيندو رکيل مورائي شاعريءَ ۾ نارايڻ شيام جو پنهنجو مقام آهي، جيڪو ڪنهن به تعريف توڻي تنقيد جو محتاج هاڻ نه رهيو آهي. هند ۾ نارايڻ شيام ۽ سنڌ ۾ شيخ اياز، سنڌي شاعريءَ جون ٻه اهڙيو ڌارائون آهن، جيڪي لڳاتار گڏوگڏ هلنديون ته رهن ٿيون پرن ملن نٿيون. اياز گرجندڙ آواز آهي ۽ نارايڻ شيام بلڪل ڌيمو آواز! هو نوشهري ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ڄائو، ڪي سال نوابشاهه ۾ پڙهيو ۽ پو ڪراچيءَ ۾ پڙهيو، ورهاڱي وقت ڪيترن سنڌين سان گڏ سندس خاندان به جلاوطن ٿي هند پهتو. هن دهليءَ ۾ آکيرو جوڙيو ۽ آخر تائين دهليءَ ۾ ئي رهيو، دهلي جيڪو غالب شهر به آهي، اهو چوڻ ٺيڪ رهندو ته اردوءَ ۾ جيڪا غالب جي حيثيت آهي، اهڙي ڀلي نارايڻ شيام سنڌيءَ ۾ نه ماڻي سگھيو هجي پر غالب ۽ شيام شاعريءَ ۾ جيڪا سانتيڪي لهر اُڀري ٿي اها ڪيترن ئي گرجندڙ آوازن کي دٻائي ڇڏي ٿي يا ٻوڙي وڃي ٿي. اڄ تائين سنڌ ۾ نارايڻ شيام جي شاعري ته لڳ ڀڳ سموري ڇپجي وئي آهي پر مٿس جيترو لکڻ گھربو هئو ايترو نه لکيو ويو آهي. ائين ڪري اسان پنهنجي هڪ وڏي شاعر جو مرتبو نه سڃاڻن جو گناهه ڪيو آهي. پر هند جي سنڌي شاعراڻي ادب ۾ شيام جو مرتبو گهڻو اوچو رکيو ويو آهي. جنهن جو هو حقدار آهي. منهنجي ڄمڻ کان هڪ سال پوءِ ۱۹۶۶ع ۾ ممبئي مان نڪرندڙ هند ۽ سنڌجي ادب کي ڳنڍيندڙ رسالي ”ڪونج“ پاران نارايڻ شيام تي هڪ خاص نمبر شايع ڪيو هئو، ۽ کيس اهڙي مڃتا ڏني وئي، جنهن جو مثال سنڌي ادب ۾ اڳ نٿو ملي. ان کانپوءِ سهڻي رسالي شخصيت نمبر ڪڍيا ۽ هند توڻي سنڌ جي ادب کي ڳنڍڻ ۾ اهڙو ئي ڪردار ادا ڪيو، جهڙو ڪونج. اڄ نه ڪا ڪو هري موٽواڻي رهيو آهي، نه طارق اشرف رهيو آهي ۽ نه ئي نارايڻ شيام. ها! البت نارايڻ شيام جو هڪ چاهيندڙ ۽ ساڳئي وقت دلي دوست به هري همٿائي جيئرو آهي، هو اجمير ۾ رهندڙ آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جو اعليٰ ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار آهي، سندس هڪ ناول ”اُساٽ“ تازو ئي سنڌ ۾ شايع ٿيو آهي، جيڪو ڪويتا پبليڪشن حيدرآباد پاران ڇپيو ويو آهي. اجنتا پبليڪيشن، هري همٿاڻي صاحب جي آهي. هن اداري کي اهو اعزاز حاصل آهي ته نارايڻ شام جا اڪثر ڪتاب هن اداري پاران ئي ڇپيا ويا آهن. آخر ۾ سندس سموري شاعري گڏي ٻن جلدن ۾ به هن ئي اداري ڇپي آهي. جنهن جو نالو آهي ”ڏات ۽ حيات“. هري همٿاڻي جو نارايڻ شيام سان عجيب موههُ رهيو آهي. تازو ئي هري همٿاڻي صاحب! هند ۾ نارايڻ شيام بابت هڪ ضخيم ڪتاب ڇپايو آهي، جنهن جو نالو آهي ”شخصيت ۽ شاعري نارايڻ شيام“ هند ۾ ساڍن چئن سئو صفحن جو سنڌي ڪتاب ڇپائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي پر نارايڻ شيام تي هيءُ ڪتاب هري همٿاڻي صاحب جي عشق جو ڪرشمو ئي چئي سگھجي ٿو. جڏهن هند ۾ پڙهندڙ عدم موجود آهي، سنڌي لکندڙن منجھن ٿورا وڃي رهيا آهن. انهن حالتن ۾ ساڍن چئن سئو صفحن جو ڪتاب، نارايڻ شيام بابت ڇپائڻ عشق ئي آهي. جتي هڪ سئو صفحن جو ڪتاب به نه پڙهيو وڃي، پڙهندڙ اهي آهن، جيڪي لکندڙ به آهن، اتي نارايڻ شيام کي ائين ياد ڪرڻ سچ پچ سنڌي ٻوليءَ لاءِ. هند ۾ نارايڻ شيام جي هن شعر وانگر ئي معاملو آهي. چون ٿا شيام! تنهنجو قدر اڳتي ئي هلي ٿيندو ته سچ سنڌيءَ جي لئه زنده رهڻ جي هيءَ دعا آهي. ۽ هيءُ ڪتاب هڪ دعا مثل ئي آهي. هن ڪتاب ۾ ”ڪونج“ جو شايع ٿيل سڄو پرچو جيئن جو تيئن ڏنل آهي. شيام جي جن به ڪتابن تي ٻين عالمن، اديبن ۽ شاعرن جا مهاڳ لکيل آهن، اهي سڀ مهاڳ ڏنا ويا آهن. الڳ الڳ وقتن تي هند جي اديبن جيڪو شيام بابت لکيو آهي، اهو به شامل ڪيو ويو آهي ۽ اهم ڳالهه ته نارايڻ شيام جي ڪن چونڊ لکڻين کي به شامل ڪيو ويو آهي، جن ۾ ڪجھه سندس يادگيرين تي ٻڌل آهن ۽ ڪتاب ۾ اهم حصو اُهو آهي. جنهن ۾ شيام جا پنهنجا لکيل خط ڏنل آهن. خط ٻن حصن ۾ آهن، هڪڙا اُهي، جيڪي ڪونج ۾ ۱۹۶۶ع ۾ ڇپيل آهن ۽ ٻيا اهي جيڪي شيام اسيءَ واري ڏهاڪي ۾ دوستن ۽ اديبن کي لکيا آهن. جتي شيام ۽ سندس شاعريءَ کي سمجھڻ لاءِ سُڳن آهو جا جو جڳ مشهور ”روشن ڇانورو“ ڪتاب جو مهاڳ مدد ڪري ٿو ۽ ڊاڪٽر تنوير عباسيءُ جو سندس ڪتاب ”بوند، لهرون، سمنڊ“جو مهاڳ سندس شاعريءَ جي وياکيا ٿو ڪري، اتي سندس شخصيت جي باريڪين، طبيعت جي نفاستن، نظرين، شاعريءَ ڏانهن سندس روين کي اهي خط ظاهر ڪن ٿا، جيڪي هُن ڪن دوستن ڏي لکيا آهن. پڪ سان هيءُ اهڙا خط آهن، جيڪي ڇپجڻ جي منشا موجب نه لکيا ويا هئا، جيئن ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي “ ۾ آيل اياز صاحب جا خط، جيڪي ڇپجڻ جي منشا موجب ئي لکيا ويا هئا. يا ٻين ڪيترن اديبن جا ادب بابت خط. جيڪي ڇاپڻ لاءِ لکيا ويا آهن. شيام جا هيءَ خط جيئن ته ذاتي حوالي ۾ ادبي احوال آهن، ان ڪري هاڻ اهي خط ڇپجڻ وقت، ڪتاب جي مرتب جي اها مجبوري ٿي پئي آهي ته هُو انهن جا ڪي حصا ايڊٽ ڪري، ڇاپي کان الڳ ڪري ۽ ائين خطن ۾ آيل ڪن اديبن، شاعرن، ۽ عالمن جا نالا پڻ خطن مان ڪاٽي. برابر اها اُنهن شخصيتن جي مريادا جي گُھرج هوندي، پر ان مان جيڪو نقصان ٿئي ٿو، اهو هيءَ ته انهن خطن جي اصليت متاثر ٿي آهي. جڏهن شيام اهي خط لکيا هوندا ته پنهنجي ذميواريءَ سان لکيا هوندا ۽ هاڻ جڏهن شيام نه رهيو آهي ته اهي خط ايڊٽ ڪرڻ نه کپندا هئا. بهرحال هنن خطن مان شيام جي ڏات ۽ حيات آسانيءَ سان سمجھي سگھجي ٿي. هونءَ ته ڪنهن شخصيت کي سمورو سمجھڻ لاءِ سوين ڪتاب به گھٽ آهن ”شخصيت ۽ شاعري نارائڻ شيام“ هند ۾ ڪنهن به شخصيت تي نڪتل ڪنهن به ڪتاب کان اهم ڪتاب آهي. سبب اهو آهي ته نارايڻ شيام، هند ۾ رهندڙ ڪنهن به شاعر کان وڌيڪ اهم آهي. ان ڪري هُو سڀني کان وڌيڪ سرحد جي ٻنهي پاسي مڃتا لهڻي ٿو. ڪتاب ۾ شامل مواد جو سمورو اڀياس ۽ ان جي ڇنڊ ڇاڻ لاءِ الڳ وقت گھرجي ۽ پڪ سان هن هڪ اڀياسي ڪتاب تي، هڪ کان وڌيڪ اڀياس لکڻ گھرجن. جيڪي لکيا ويندا، اهڙي اميد آهي. پر هن ڪتاب ۾ شيام بابت جن لکيو آهي، اها خود اهڙي فهرست آهي، جيڪا ڪنهن به شخصيت جي باري ۾ ڄاڻائڻ اعزاز کان گھٽ نه آهي. اها فهرست هرومل سدارنگاڻي ”خادم“، فتح چند وسواڻي، شيخ اياز، سڳن آهوجا، ڊاڪٽر تنوير عباسي، هري دلگير، هريش واسواڻي، گوورڌن محبوباڻي، واسديو نرمل، ارجن حاسد، لڇمڻ ڪومل، واسديو موهي، هري همٿاڻي، ڍولڻ راهي، ٻين نالن تي ٻڌل آهي. هن سموري محنت پويان اسان جي ناليواري ڪهاڻيڪار هري همٿاڻي صاحب جي محنت کان وڌيڪ محبت شامل آهي. گڏوگڏ هن ڪتاب سهيڙڻ وقت ساڻس ٻانهن ٻيلي، اسانجو پيارو شاعر ڍولڻ راهي پڻ رهيو آهي. ان جو ذڪر نه ڪرڻ مناسب نه ٿيندو. پڪ سان ڍولڻ راهيءَ وٽ به شيام لاءِ هڪ خاص احترام آهي. جيڪو هن ڪتاب ۾ شامل آهي. ڪتاب اجمير مان اجنتا پبليڪيشن ڇپايو آهي، سنڌ ۾ هيءُ ڪتاب ضرور ڇپجڻ گھرجي. ائين اسان نارايڻ شيام کي هڪ ڀيٽا ڏينداسين. سنڌ جي عالمن، اديبن ۽ شاعرن لاءِ هيءُ ڪتاب هڪ اهم اڀياس آهي. جنهن جو مٽ سنڌ ۾ گهٽ ملندو. هن سانڍڻ جهڙي ڪتاب جو مهاڳ سنڌي ٻولي جي ڏاهي اديب سائين محمد ابراهيم جوئي صاحب لکيو آهي. نارايڻ شيام نئين سنڌي شاعريءَ جو جنم رکيل مورائي سنڌي شاعراڻي ادب ۾ جڏهن به نارايڻ شيام جو ذڪر ايندو ته سنڌ جي مٽيءَ جي ان حصي کي فخر ٿيندو، جنهن کي ساهتي پرڳڻو ڪوٺجي ٿو. ڇاڪاڻ ته هو ساهتڪ رُچيءَ سان ڀرپور ان پرڳڻي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ کاهي قاسم ۾ پنجويهين جولاءِ اوڻيهه سؤ ٻاويهن تي گوڪلداس ناگواڻي جي گهر ۾ ڄائو. هيءُ ڳوٺ ضلعي نوشهرو فيروز ۾ آهي. ٻي طرح نارايڻ شيام سنڌي شاعريءَ جو اهڙو نالو آهي جنهن تي سنڌي شاعري سدائين فخر ڪندي، نارايڻ شيام سنڌ کان جدا ٿي هند جهڙي وڏي ديس ۾ آخر ۾ دهليءَ جهڙي عاليشان شهر ۾ ٿانيڪو ٿيو ۽ آخري گهڙيءَ تائين دهليءَ ۾ رهيو. هو شيخ اياز، تنوير عباسي ۽ هري دلگير جو ھمعصر شاعر هو، پر هو شاعريءَ ۾ بنهه نرالو اسلوب رکندڙ شاعر هئو. نارايڻ شيام وٽ چنڊ جي نرم ۽ ٿڌي چانڊوڪيءَ جهڙا احساس آهن. سندس شاعراڻي ٻولي، سندس مزاج جيان نهايت نفيس ۽ شرميلي آهي. سندس شاعريءَ جا موضوع پڻ ائين نفيس ۽ معصوم آهن. هو پنهنجي مزاج ۾ هن تصوير جهڙو هئو. ساز رکيل ڀت ساڻ، بند اکيون چپ ڳائڻو، راڳن ساڻ رهاڻ. نارايڻ شام کي اهو اعزاز حاصل هئو، جو هن جپاني صنف هائيڪو کي پهريون ڀيرو سنڌيءَ ۾ آندو، جنهن کي هن تصوير جو نالو ڏنو ۽ پنهنجن تصويرن ۾ شيام جيڪو سنڌي شاعريءَ کي ڏنو اهو سندس نالي سان سڃاتو ويندو. سندس هڪ تصوير آهي. ماءُ ڏنس پئي مار، پوءِ به چنبڙي ماءُ کي، ٻار ڪڍيا پئي پار. نارايڻ شيام زندگيءَ جي ڪيترن ئي اهڙن ننڍڙن کڻن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ آندو آهي جيڪي هونئن شايد نظر نه اچڻ جهڙا آهن. هن جي شاعراڻي نظر ڏاڍي تيز هئي. هن جنهن به صنف تي لکيو، ان ۾ هڪ نئين تازگي آندي، ممڪن آهي ته انگريزيءَ جو سانيٽ پڻ پهريون ڀيرو سنڌي ويس ۾ نارايڻ شيام ئي آندو هجي، جنهن جي هڪ سلسلي کي هن ”روپ مايا“ جي نالي سان آندو، هيءُ ڊگهو سانيٽ جو فارم ۾ آندل نظم خود نارايڻ شيام جي شاعريءَ جو هڪ واڌو ساراهڻ جوڳو ڪم آهي. پر ان ۾ جيڪا تازگي نارايڻ شيام آندي آهي، اها کانئس اڳ سنڌي شاعريءَ ۾ نه ملندي، هندي ۽ سنڌي شاعريءَ جي صنف سورٺي کي نارايڻ شيام جيڪا تازگي ڏني اها سندس هن سورٺي مان ڏسي سگهجي ٿي. چتيون لڳل رنگين، ڪيڏيون اُن تي آس جون، هيءَ دل آهي ڪين، ڪا گودڙي فقير جي. نارايڻ شيام جي شاعري پڙهڻ ساڻ ئي دل ۽ دماغ ۾ هڪ نفيس تازگيءَ جو احساس اچي وڃي ٿو، جيڪو فقط کيس وٽ ئي آهي، ساڳئي وقت هڪ ٻي قديم صنف دوهو آهي، جنهن تان ڀٽائي سائينءَ پڻ اثر ورتو آهي، سنڌ جي لڳ ڀڳ سڀني شاعرن دوهو لکيو آهي، پر نارايڻ شيام جي دوهي ۾ هڪ ئي وقت پوپٽ جي پرن جهڙي رنگين تازگي آهي، ٻئي طرف گلاب جي پنکڙين جهڙو نفيس احساس ۽ تازگيءَ ڀريو هڳاءُ. رات ائين ها سيج تي رکريل تنهنجا وار، ڄڻ شاعر جي ذهن تي ربط بنا اشعار. شيام وٽ نه رڳو احساس جي نفيس اڻت آهي، پر هن وٽ ٻولي به نفيس آهي، جنهن ڪري هن جي شاعريءَ جو لهجو، منڇر جي ماٺي پاڻيءَ جيان نرم آهي، سندس اظهار نهايت چٽو، سادو بنا ڪنهن ابهام جي، پر اهو نهايت گهرو، سوچ ڏانهن وٺي ويندڙ ۽ پوءِ خاموش ڪرائي ڇڏيندڙ، سندس شاعريءَ ۾ واڪو نه آهي، نرم آهه آهي. ۽ ڪمال اهو آهي ته هن جي آهه ۾ جيڪا احساس جي شدت آهي، اها رڳو سندس ئي نصيب ۾ آيل آهي، هو سنڌ ڇڏي هند ويو، زندگيءَ جي انيڪ پيڙائن مان گذريو، هڪ موڙ تي کيس احساس ٿيو ته سندس سوچڻ ويچارڻ ۽ لکڻ سڀ ڪجهه اجايو آهي ۽ هن ذري گهٽ لکڻ ڇڏي ڏنو هئو. ان موڙ تي سندس بيمثال ڪتاب ”روشن ڇانورو“ تي نامياري نقاد ۽ شاعر سڳن آهوجا جو سندس ڪتاب تي اڄ تائين ڪنهن به سنڌي شاعراڻي ڪتاب تي نه لکيل، مهاڳ لکي کيس اهو احساس ڏياريو ته تون اهڙو شاعر آهين، جنهن سنڌي شاعريءَ کي هڪ نئين روشني ڏني آهي. هڪ نئون اسلوب ڏنو آهي، هڪ نئون احساس عطا ڪيو آهي، هڪ نئين ٻولي ڏني آهي. ان مهاڳ مٿس اهڙو اثر ڪيو جو هو نئين قوت سان اڏامڻ لڳو ۽ پوءِ هن جيڪو سنڌي شاعريءَ کي ڏنو اهو سڀ سنڌي شاعراڻي ادب جو فخر جوڳو سرمايو آهي. هند ۾ رهندڙ سڀني کيس کان پوءِ ايندڙ شاعرن سندس اثر قبوليو آهي، بلڪل ائين جيئن سنڌ ۾ شيخ اياز جي شاعريءَ جو اثر قبوليو ويو آهي. ائين سنڌي شاعريءَ جي هڪ دور کي ٻن نالن سان تاريخ ۾ ياد ڪري سگهبو، سنڌ ۾ شيخ اياز ۽ هند ۾ نارايڻ شيام، ساڳئي وقت هڪ روشني پنهنجي سامهون ٻيءَ روشنيءَ کي ٽربيوٽ ڏيندي لکيو هئو، هيءُ سنگرام سامهون آ نارايڻ شيام. ............................... ۽ ورهاڱي جي درد کي اڌ صدي ڀوڳندي نارايڻ شيام جيڪو لکيو اهو سڀ هاڻ هند توڻي سنڌ ۾ ڪتابن جي صورت ۾ موجود آهي، ورهاڱي بابت سرحد جي ٻنهي پاسي نثر توڻي نظم ۾ گهڻو لکيو ويو آهي. پر وطن جي سار کي جيئن نارايڻ شيام لکيو آهي ان جو مثال نٿو ملي. روئندي روئندي هاءِ، مون جا چانڊوڪي ڇڏي، تون ئي چنڊ ٻڌاءِ، اڄ ڀي آهي سنڌ ۾؟. ڌرتي جو وڇوڙو، دوستن جي جدائي، ٻوليءَ جي دوري، اندر جي اڪيلائي، اهي سڀ اهڙا احساس آهن، جيڪي شخص کي اندران اندران ڀوري ڇڏين ٿا، اندر جا اهي ڏک انسان کي ۽ خاص ڪري، حساس تخليقڪار کي، ڏاڍي تڪليف ڏين ٿا، شيام هند وڃي اها تڪليف ڏٺي ۽ ڀوڳي. هن هڪ ڀيرو ئي سنڌ کي ڏسڻ لاءِ ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر هو سنڌ کي ڏسي نه سگهيو ۽ هڪ وڏي آهه سندس دل مان نڪتي جنهن شاعراڻو اهڙو روپ ورتو، جهڙو روپ نثر جي هزارين صنفن ۾ شخصي طور مون کي نظر نه آيو آهي، اهو آهي: الائي ڪنهن گهڙيءَ ان مان شيام نڪتاسين، وطن ورڻ ته ڇا، سرحد ڏسڻ نصيب نه ٿي. ۽ ائين هو وطن سنڌ کي ڏسڻ لاءِ وجهائيندي ڏهين جنوري ۱۹۸۹ع تي دهليءَ ۾ گذاري ويو. ورهيه پوءِ سندس وڏي نياڻيءَ کي، اجمير ۾ ڏسي، منهنجي اها آس پوري ٿي، جيڪا سالن کان کيس ڏسڻ جي هئي. سندس نياڻيءَ جي اکين ۽ چهري ۾ نارايڻ شيام جيئرو جاڳندو مون کي ڏسڻ ۾ آيو ۽ ائين مان چوڻ ۾ حق بجانب آهيان ته مون نارايڻ شيام کي ڏٺو هو. جنهن ڪري جو منهنجي اکين ۾ اڄ به زندهه آهي. نارائڻ شيام سندس شاعريءَ تي هڪ نظر حسيب ناياب منگي شاعر سماج ۽ ذاتي زندگي جي ڏکن ۽ سکن جو مشاهدو ڪرڻ کانپوءِ تخليق ذريعي جيڪو پيغام ڏيئي ٿو سو ظاهري طور تي محسوس ڪري سگهجي ٿو ته اهو سندس اندر جي پيڙاهه جو نفسياتي توڙي جذباتي اظهار آهي پر حقيقت ۾ شاعر جڏهن محسوس ٿو ڪري ته هو پنهنجي لفظن سان جيڪو ڄار وڇائي ٿو سو پڙهندڙ آڏو نهايت ئي اهم آهي تڏهن اهڙي ٿو مالا پوئي جو سندس پيغام ذاتي نه پر اجتماعي سورن ۽ دردن جو حوالو بڻجي اڀري اچي ٿو. اهڙو خيال وري درد ۽ ڏک تي مشتمل نه آهي، کل، خوشي، پيار، پريت، تعريف ۽ محبت جي اظهار وغيره لاءِ به چئي سگهجي ٿو. شاعر جي شخصيت جو اڀياس ان جي خيالن، جذبن ۽ شعرن مان پسي سگهجي ٿو، عڪس، اشاري ۽ بيان مان جيڪي ڪجهه نتيجو پڙهندڙ ڪڍي ٿو، سو شاعر جي تڪليفن کي به ظاهر ڪري ٿو ته وري کيس مليل محبت جا عڪس به اڀاري پيش ڪري ٿو. حقيقت اِها آهي ته گهڻي قدر شاعري سماج ۾ ٿيندڙ ناانصافين کان شاعر مٿان گذرندڙ قيامت تائين جو کليل اظهار آهي جيڪو پڙهندڙ يا ٻڌندڙ تي ايترو ته جلدي اثر ڪري ٿو جو شاعر جي شاعري ماڻهن جي ذهنن تي نقش ٿي وڃي ٿي. اها ڪرامت ڪا اڄڪلهه جي نه آهي صديون اڳ جڏهن کان شاعريءَ لکڻ جي شروعات ٿي آهي ۽ چپن تي شاعري ورد ٿيڻ لڳي آهي تڏهن کان اڄ تائين اهو عام ٿي ويو آهي ته شاعري معاشري جي حقيقتن جي اظهار جو نالو آهي. ان ڪوشش ۾ جن به شاعرن پنهنجون محنتون پڙهندڙن آڏو پيش ڪيون آهن تن مان نارائڻ شيام جي ڪوشش سچ پچ ۾ نياپو ٿي اڀري آهي. هي سنڌي زبان جو اهو شاعر آهي جنهن جي نياپي ۾ پنهنجائپ جي خوشبو اچي ٿي. هو سنڌ کان تمام گهڻو پري دهليءَ ۾ ويٺو شعر لکي پر اسان جتي به سندس شعر کي پڙهون پيا اسان کي ائين محسوس ٿئي ٿو ته هو سنڌ ۾ آهي ۽ سنڌ لاءِ ٿو ٻڌائي. اهو ڪمال جن به ٿورڙن شاعرن کي نصيب ٿيو آهي انهن ۾ نارائڻ شيام پري کان پڌرو نظر ٿو اچي. “شيام” پنن جي ٻيڙي ٺاهي، گيتن ساڻ ڀري، سونپيم سنڌوءَ جي لهرن کي، من ڪا وير تري! جيئن مينهن جي پوڻ سان ڌرتي کي خوشبو کي گلن کي تازگي ملي وڃي تهڙي ريت نارائڻ شيام جي شاعري ۽ پڙهندڙ جي جذبن جو پاڻ ۾ گهرو تعلق آهي. نارائڻ شيام غزل جو باڪمال شاعر آهي. هن جي خيال ۾ جهڙي ريت پيار ۽ محبت ڇانيل آهي اهڙي طرح سندس غزلن ۾ ڌرتيءَ جي ڳالهه به اچي وڃي ٿي. هن جي ڪلام ۾ خاموشيءَ سان وهندڙ نديءَ جهڙي رواني به آهي ته انداز بيان دلفريب ۽ گهرو اثر ڇڏيندڙ آهي. تو ڏينهن ڏٺي ديپ ته ٻاريو، احساس انڌاري جو ڏياريو. ڪا عمر ٿي پرڏيهه ۾ رهندي، ڏيهي به ملڻ سان لڳو ڌاريو. تو جسم کي يا پيار کي ڪنهن جي، هئن روئي وڇوڙي ۾ ٿي ساريو. نارائڻ شيام جا غزل سندس جذبات جو آئينو ٿا لڳن، غزل جي صنف ۾ هن جيڪا مٽي ڳوهي آهي سا شاعريءَ ۾ ميدان ۾ پنهنجي سڳنڌ ڦهلائي چڪي آهي. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جن لکن ٿا ته “نارائڻ شيام بلند پايه سنڌي شاعر هو ۽ جديد شاعرن ۾ سندس حيثيت تمام مٿانهين هئي. شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪيائين. هر صنف ۾ نوان لاڙا، نئون رنگ ۽ نئون اسلوب پيدا ڪيائين. جدت ۽ انفراديت رنگيني ۽ رواني سندس شاعري جون خاص خوبيون آهن”. (سنڌي ادب جو تاريخي جائزو ص ۲۴۳). نارائڻ جي شاعري ۾ واقعي رواني ۽ نئون رنگ سمايل آهي. هن جي شاعريءَ ۾ عشق جي ڳالهه به گهڻي اچي ٿي. هئي بس منهنجي دل ۾روح پرور ياد تنهنجي ئي، ستارن پوءِ به پوئين رات پت ۾ چڻگ چڻڪائي. ـــــــ سامهون نه جي هجيم ته ساڻس ڪٿان رُسان، سامهون هجي ته ڪيئن رُسان، ڇا رُسي سڪان؟ ـــــــ انهن ئي اکين آگ دل ۾ لڳائي، انهن ئي اکين اگ دل جي وسائي. سندس گفتگو ڄڻ پراهون پڙاڏو، نگاهون ائين ڄاڻ ڀاڪر ۾ آئي. غزل جي سرزمين تي نارائڻ شيام جا تجربا خود غزل کي سنڌي ماحول جي ويس ۾ آڻڻ لاءِ شاعر جون ڪوششون ڪاميابي جي راهه ڏانهن وڌائيندي نظر اچن ٿيون. جهڙي ريت غزل شاعريءَ جي رنگين ۽ لطيف صنف آهي تهڙي ريت ئي شيام غزل سان نڀائي ڏيکاريو آهي. سندس چيل غزل ۾ پيار ۽ محبت سان گڏ سماجي حالتن جو به ذڪر ڪيل ڏسجي ٿو. ڊاڪٽر تنوير عباسي لکي ٿو ته “شيام جي شاعري اسان جي دور جي شاعري آهي. ويهين صديءَ جي شاعري آهي، ۽ شيام اسان جي دور جو، اسان جي جڳ جو، ويهينءَ صديءَ جو شاعر آهي. شيام لکي ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته غزل جي صنف محدود نه آهي. اُها وشال آهي. ان ۾ هر دور جي عڪسن، احساسن، جذبن، توڙي پيچيدگين کي سهڻي ريت سمائي سگهجي ٿو. رڳو ان لاءِ شيام جهڙي فنڪار جي ضرورت آهي”. (بوند لهرون ۽ سمنڊ : ص ۲۱) نارائڻ شيام بيتن ۽ رباعي جو به سٺو شاعر هو ، بيت هجن يا رباعي هن جي ڪلام ۾ فطري منظر نگاري ۽ سادگي ڪمال جي آهي. سندس ڪلام جي خوشبو ئي نرالي آهي. شيام پکين جي لات، هو پيهو ۽ نار ڀي، نيڻن مان جذبات، نيسر مان پاڻي وهي. ـــ روئي روئي هاءِ، مون جا چانڊوڪي ڇڏي، تون ئي چنڊ ٻڌاءِ، اڄ ڀي آهي سنڌ ۾؟ ـــــ شيام جا دوها هجن يا هائيڪا وائي هجي يا ترائيل پنهنجي تعريف پاڻ ٿيون ڪرائن. مطلب ته نارائڻ شيام سنڌي شاعريءَ جي ڪيترين ئي صنفن ۾ لکي ڪري هند هجي يا سنڌ ۾ مقبول ٿي ويو. اياز قادري “سنڌي غزل جي اوسر ۾” ۾ کيس “سنڌي جو شهزادو شاعر” ڪري لکيو آهي. اهڙي ريت پڻ گوبند مالهي جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته “شيام سنڌي ساهتيڪ گلشن جي اها ڪوئل آهي جنهن پنهنجي ڪنٺ سان نه، هردي سان سرشٽيءَ سماج ۽ انسانيت جي سندرتا ۽ مڌرتا نروار ڪئي آهي”. (ص ۵۴۲ ۽ ۵۴۳). شيام جيڪر ٿي پوان ها تار تنهنجي ساز جي، تنهنجون نازڪ آڱريون ڇيڙن ها منهنجي دل جو گيت. ليءِ هجان ها جيڪڏهن تنهنجي مڌر آواز جي، منهنجي دل جو گيت ٿئي ها هوند تنهنجي دل جو گيت. نارائڻ داس گوڪلداس ناگواڻي جو جنم نوشهروفيروز جي ڳوٺ کاهي قاسم ۾ ۱۵ جولاءِ ۱۹۲۲ع تي ٿيو هو. پرائمري تعليم نوشهروفيروز ۽ انگريزي تعليم نوابشاهه ۾ حاصل ڪري ڊي جي سنڌ ڪراچيءَ مان بي اي پاس ڪيائين. گورنمينٽ مدرسه هاءِ اسڪول نوابشاهه ۾ ملازمت به ڪيائين. هندستان لڏي ويو ته اتي پوسٽ ۽ ٽيليگراف آڊٽ آفيس دهليءَ ۾ نوڪري ڪرڻ لڳو. اسڪول ۾ پڙهڻ دوران شاعريءَ سان شوق پيدا ٿيس، هن پنهنجي والد کان شاعريءَ جا ڪجهه سبق ورتا، اهڙي ريت ڪشنچند عزيز به سندس رهبر بڻيو. حاجي محمون خادم، مولوي محمد عاقل، پرسرام ضياءُ ۽ هرومل سدارنگاڻي جي صحبت مان شاعريءَ جي فن ۽ عروض بابت گهڻو ڪجهه پرائيندو رهيو. سنڌ ۾ “سنڌي ادبي سرڪل” هجي يا هندستان ۾ “ساهتيه اڪيڊمي” جو حصو رهيو. ڏات جي حوالي سان گهڻا ئي ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ سندس حصي ۾ آيا. اهڙي طرح سندس ڪلام جا جيڪي ڪتاب ڇپجي ظاهر ٿيا تن ۾ “ماڪ ڦڙا پنکڙيون”، “رنگ رتي لهر”، “روشن ڇانورو”، “ماڪ ڀنا رابيل”، واريءَ ڀريو پلاند”، آڇيندي لڄ مران”، “مهڪي ويل صبح جي نه سورنگ نه سا سرهاڻ”، “بوند لهرون ۽ سمنڊ”، توڙي “ڏات ۽ حيات ٻه جلد” ڇپيل آهن. سنڌي ٻوليءَ جو ناليواري ڪوي نارائڻ شيام جنهن سدائين پنهنجي شاعريءَ ۾ پيار ۽ محبت توڙي امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏنو تنهن لاءِ هري دلگير “ڏات ۽ حيات” ۾ سچ لکيو ته “شيام غمن جي ڪنڊن سان ويڙهيل هوندي به سدائين گلاب وانگر ٽڙندو رهيو ۽ خوشبو ڏيندو رهيو” (ص۲۹) اها خوشبو ڏيندي ڏيندي هن ۱۰ جنوري ۱۹۸۹ع تي هي جهان ڇڏيو. سنڌي ٻوليءَ ۾ سندس امر رچنائون ايندڙ وقت تائين حيات رهنديون ۽ سندس شاعريءَ جي خوشبو ادبي چمن ۾ تازگيءَ جو سبب بڻجندي رهندي. نارائڻ شيام شيام جيڪو سنڌ مان نڪتو ۽ پوءِ ڪڏهن سنڌ جي سرحد به نه ڏٺائين. - سنڌي غزل جو وڏو شاعر - ۲۵ جولاءِ ۲۰۲۲ تي شيام جي ڄمڻ کي هڪ سؤ سال پورا ٿيندا. مصور حسين سنڌ توڙي هند جو مشهور شاعر ۽ سنڌي ٻوليءَ جو پرچارڪ نارائڻ شيام ۲۵ جولاءِ ۱۹۲۲ع تي نوشهروفيروز ضلعي جي ڳوٺ کاهي قاسم ۾ گوڪلداس ناگواڻيءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. نوشهروفيروز کي ساهتي پرڳڻي ۾ شمار ڪيو ويندو آهي ۽ ديوان ڪوڙو مل کلناڻي، حشو ڪيولراماڻي، عبدالخالق خليق، نارائڻ داس ڀمڀاڻي، لڇمڻ ڪومل، سوڌو سنڌي ٻوليءَ جا ڪيترائي مشهور اديب هن پرڳڻي سان تعلق رکن ٿا. نارائڻ شيام پنهنجي ابتدائي تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪئي ۽ ان کان پوءِ بي. اي جي ڊگري ڊي جي سنڌ ڪاليج مان حاصل ڪري هو تعليم کاتي ۾ فارسيءَ جو استاد مقرر ٿيو. ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران سندس ڄاڻ سڃاڻ سنڌ جي مشهور شاعر شيخ اياز سان ٿي جيڪو به ان وقت ان ئي اداري مان تعليم پرائيندو هو. ۱۹۴۷ع ۾ هندستان ۽ پاڪستان جو ورهاڱو ٿيو ته هو اڃان ۲۵ سالن جو هو. مذهب جي بنياد تي ٿيل هن ورهاست ماڻهن جي اندر ۾ اهڙي ته نفرت جي باهه ڀڙڪائي وڌي جو ماڻهو پنهنجي ماڻهپي کان نڪري وحشي بڻجي پيا ۽ هندو توڙي مسلمان هڪٻئي جي خون جا پياسا بڻجي پيا. پنجاب ۾ ڪافي وڳوڙ ٿيا، اهڙيءَ طرح هندوستان جي مختلف علائقن ۾ پڻ هندو مسلم ڇڪتاڻ ٿي، سنڌ ۾ اڃان گهڻي ڀاڱي امن امان هو پر هتان جي سنڌي هندن ۾ خوف جي لهر ڇانيل هئي. اهڙيءَ طرح نارائڻ شيام کي پنهنجي ڪٽنب سوڌو ٻين لکين سنڌي هندن وانگر پنهنجي ڀونءِ مجبوري تحت ڇڏڻي پئجي وئي. جنهن کان پوءِ هو هندوستان جي مختلف شهرن ۾ شرنارٿري طور رهيو. ڪجهه وقت کان پوءِ کيس ٽيليگراف کاتي ۾ ڪلارڪي جي نوڪري ملي وئي جتان هن ۱۹۸۰ع ۾ هيڊ ڪلارڪ جي عهدي تان رٽائر ڪيو. شيام جي شاعريءَ جي شروعات ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچي کان ٿي، جتي هن پڙهائي دوران شيخ اياز، هري دلگير ۽ شيخ راز سان گڏجي ”سنڌ ادبي مرڪز“ جي پليٽفارم تان جديد سنڌي شاعريءَ جو بنياد وڌو. سندس شاعريءَ جو پهريون ڪتاب ۱۹۵۳ع ۾”ماڪ ڦڙا“ جي عنوان سان شايع ٿيو جنهن ۾ هري دلگير جي شاعري پڻ هئي. اهڙي طرح سندس ٻين ڇپيل ڪتاب جو تفصيل هن طرح آهي. پنکڙيون (رباعيون ۽ هڪ نظم ) ۱۹۵۵ع، رنگ رتي لهر (غزل) ۱۹۵۶ع، روشن ڇانورو (شاعري) ۱۹۶۱ع، واريءَ ڀريو پلاند(غزل) ۱۹۶۸ع، ماڪ ڀنا رابيل (شاعري) ۱۹۷۱ع، آڇيندي لڄ مران (غزل) ۱۹۷۱ع، مهڪي ويل صبح جي ( غزل) ۱۹۸۳ع، نه سو رنگ نه سا سرهاڻ، (شاعري) ۱۹۸۷ع، بوند لهرون ۽ سمنڊ(غزل) ۱۹۸۷ع، ڏات ۽ حيات( شاعري) ۱۹۸۸ع. نارائڻ شيام ان کان علاوه سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪبير ۽ غالب جي شاعريءَ بابت لکيل مونوگراف پڻ ترجمو ڪيا. ان کان سواءِ ۱۹۹۸ ۽ ۹۹ ۾ مصطفيٰ نانگراج سندس ٻه ڪتاب ”راهون پنڌ پيون“ (غزلن جي ڪليات) ۽ ”نکريو آهي نينهن “ (چونڊ شاعري )ڇپرايا. شيام جڏهن سنڌ ڇڏي تڏهن هو ۲۵، ۲۶ سالن جو هو، جنهن کان پوءِ سندس سڄي عمر هندوستان ۾ گذري پر هن سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي نه وساريو. عمر جي آخري گهڙين تائين کيس سنڌي ٻوليءَ جي چنتا هئي. سندس هڪ شعر آهي. الا ايئن مَ ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي، ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي. هن سنڌ کي جوانيءَ ۾ ڇڏيو پر ان باوجود سنڌ سان ۽ سنڌي ٻوليءَ سان سندس اٽوٽ رشتو قائم رهيو. دهلي جهڙي شهر ۾ رهندي جتي مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهو رهن ٿا هن پنهنجي مٺڙي ٻولي کي نه وساريو ۽ سنڌ جي ٻولي، سنڌ جي ڪردارن ۽ منظرن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ زنده رکندو آيو. ان حوالي سان ڊاڪٽر تنوير عباسي لکي ٿو. ” شيام غزل جهڙي ڌاريءَ صنف ۾ سنڌي لوڪ ڪهاڻين جا ڪردار، سنڌ متعلق پراڻين يادگيرين جا عڪس اهڙيءَ ته فنڪاريءَ سان آندا آهن جو غزل جو غزل جو تغزل به نه ٿو زخمي ٿئي ۽ شيام پنهنجو اظهار به ڪري وڃي ٿو. “ شيام جي شاعري جنم ڀومي ڇڏڻ جي درد سان ڀرپور آهي. سندس شاعري جلاوطنيءَ جي آتم ڪٿا آهي. هن جي شاعريءَ ۾ سنڌ جي چٽين چانڊوڪين ۽ گذري ويل وقت جون ڳالهيون آهن، سندس شاعري پڙهندي ڪيترا ڀيرا اهو احساس ٿئي ٿو ته هي ڪنهن ماڻهو جا نه پر اهڙي ڪونجڙي جي اندر جا احساس آهن جيڪا پوياڙيءَ جي پهر ۾ پنهنجي ولر کان وڇڙي وئي هجي ۽ ڪرلائي ڪرلائي پنهنجي ساٿين کي سڏيندي هجي. الائي ڪهڙي گهڙي شيام ان مان نڪتاسين، وطن ورڻ ته ڇا سرحد ڏسڻ نصيب نه ٿي. ****** روئي روئي هاءِ، مون جا چانڊوڪي ڇڏي. تون ئي چنڊ ٻڌاءِ. اڄ ڀي آهي سنڌ ۾. ******* گنگا جمنا امرت امرت، ٿڃ ته پنهنجي سنڌو آهي. . شيام جي دل ۾ مرڻ کان اڳ پنهنجي ڌرتي ڏسڻ جي وڏي حسرت هئي پر اها پوري نه ٿي سگهي. مشهور مفڪر محمد ابراهيم جويو سندس ان حسرت بابت لکي ٿو”هن ڪيترائي ڀيرا سنڌ اچڻ چاهيو پر سرحد جي لڪيرن ۽ ٻنهي طرفن جي سرڪارن جي ڪٺورتائيءَ کيس پنهنجي جنم ڀومي ڏسڻ کان دور رکيو. “ شيام جي شاعريءَ جا ڪيترائي رنگ آهن، هن جي شاعريءَ جا موضوع گوناگون آهن. جيئن ڪو پوپٽ باغ ۾ گهمندي مختلف گلن جو واس پيو وٺندو آهي شيام پڻ ايئن ئي مختلف موضوعن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. سندس شاعري رومانيت ۽ جماليات سان ڀرپور آهي. هن جا غزل جيڪي گهڻي ڀاڱي رديف کان خالي ۽ عام قافين تي ٻڌل آهن، خيال جي نفاست، سادگي ۽ لفظن جي چونڊ سان دل ۾ جاءِ ٺاهي وٺندڙ آهن. سندس شاعريءَ تي راءِ ڏيندي سنڌ جو ناليوارو شاعر ارجن حاسد لکي ٿو ”نارائڻ شيام جي غزل جون بي مثل ۽ نراليون وصفون کيس عالمي شاعرن ۾ بيهارين ٿيون. سنڌي غزل جي شاعريءَ ۾ اهڙو مثال ئي نه ٿو ملي جنهن جو مقابلو نارائڻ شيام جي غزل سان ٿي سگهي. “ سندس غزلن ۾سادگي ۽ نفاست ۽ خيالن جي گهرائي ته ڏسو گهميس شهر ۾ پئي اڪيلو اڪيلو، ته ڪو پاڻ جهڙو ملي پئي گهٽيءَ ۾. **** ڪيئي ڀيرا پنهنجو ئي در پاڻ مون کڙڪايو، مون پئي سمجهيو اندران ايندو منهنجو ئي آواز. ***** لکندي تنهنجا وار ڇُڙيل هئا، خط جي خوشبو هي به ڏسيو پئي. ***** هجي جا کاڻ خوبين جي ۽ عيبن کان بنهه آجي، نه پنهنجي زندگي اهڙي، نه پنهنجي شاعري اهڙي. سنڌ جو ناليوارو شاعر شيخ اياز، نارائڻ شيام جو گهاٽو دوست هو. ۱۹۶۵ع ۾ پاڪ ڀارت جنگ دوران اياز هڪ نظم ” هي سنگرام هو سنگرام، سامهون آ نارائڻ شيام “ لکيو هو ته اياز کي اهو نظم لکڻ جي ڏوهه ۾ قيد ڪيو ويو هو ۽ سندس ڪتابن تي پڻ پابندي وڌي وئي هئي. سنڌي ٻوليءَ جي هن سدا حيات شاعر ۱۰ جنوري ۱۹۸۹ع دهليءَ ۾ ديهانت ڪئي. سندس وفات کان پوءِ سندس سيهوڳي شاعر شيخ اياز کيس ڀيٽا ڏيندي ”سر نارائڻ شيام “ لکيو جنهن مان هڪ بيت هتي ڏجي ٿو. تنهنجي رک کڻي ويون، گنگا جون لهرون سنڌوءَ اُٻهريون، ٻانهون ڦهلايون گهڻو. (ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد جي سنڊي مئگزين ۲۴ جولاءِ ۲۰۲۲ع ۾ ڇپيل)
ڪامريڊ ڦوٽو رستماڻي جاکوڙي هاري اڳواڻ قادر بخش طالباڻي لڳاتار بيمار ۽ ضعيف عمر هئڻ ڪري طبيعت سفر ڪرڻ کان لنوائيندي آهي، شادي غمي ۾ اُٿڻ ويهڻ به ان ڪري گهٽائي ڇڏيو اٿم پر ڪنهن دل واري جي موت جي خبر ڪَن تي پوندي آهي ته پاڻ کڻائي به ان ۾ شرڪت ڪندو آهيان پر واپسي تي ڪي ڏينهن تڪليف ڀوڳڻ تي دل ۾ فيصلو ڪندو آهيان ته هاڻ ٻيهر سفر نه ڪندس. زندگي ۾ فيصلا ڪري ان تي پير کوڙي بيهڻ ۾ ڪڏهن به ڪوتاهي نه ڪئي اٿم پر هن فيصلي تي پابندي ڪرڻ ۾ بيوس ۽ لاچار آهيان. اوڻويھ نومبر تي دستور موجب اخبار پڙهڻ وقت هڪ سرخي تي نظر پئي “کاٻي ڌر جو اڳواڻ ڪامريڊ ڦوٽو رستماڻي لاڏاڻو ڪري ويو.” خبر پڙهڻ سان لڱ ڪانڊارجي ويا، وڃڻ جي سگهه نه سمجهي فرزند مبارڪ جو فون ملائي تعزيت ڪيم. هن منهنجي ضعيفي ۽ طبيعت جي حال کان واقف رهي منهن جي تعزيت قبول ڪئي ۽ ڳوٺ اچڻ کان سخت منع ڪئي. ان هوندي به اندر ۾ اڌما ڦڙڪڻ لڳا، ضمير جهيڙو ڪرڻ لڳو ته تنهنجو دل گهريو دوست اڄ دنيا مان ڪوچ ڪري وڃي پيو، راڄ ڀاڳ، اوڙو پاڙو، دوست سڄڻ مٺو رستماڻي ۾ ان آخري رسم ۾ شريڪ ٿيندا پر آءٌ دل گهرئي دوست جي حيثيت ۾ صحت جا بهانا بڻائي سندس آخري رسم ۾ نه وڃان، هو ته مون کي ڪا ميار نه ڏيندو پر.. فون ڊائل ڪري زاهد ٽيڪسي ڊرائيور کي فون ڪيم، نوَ صبح جا ٿيا هئا، هن اڌ ڪلاڪ ۾ پهچڻ جو ٽائيم ڏنو. ٺيڪ ٽائيم تي پهتو، کيس چيم ته ۱۱ وڳي مٺو رستماڻي ڳوٺ (جلال موري کان پنج ڪلوميٽر) پهچي سگهبو؟ هن هائوڪار ڪئي، پوڻين يارهين وڳي ڳوٺ مٺي رستماڻي پهتس، گهڙي کن کان پوءِ ڳوٺ سڪندر لغاري مان ڀاءُ محمد خان ۽ ناصر لغاري پهتا. مقرر وقت تي اسڪول جي عمارت جي اڳيان عالم دين جنازي نماز پڙهائي. بعد ۾ تنظيمي ساٿين جٿي جي صورت ۾ گڏجي تنظيمي سليوٽ ڪري ساٿي کي خراج عقيدت پيش ڪيو. لحد ۾ ميت لاهي مذهبي عالم مذهبي ورد پڙهيو، ساٿين انقلابي گيت ٽولي ۾ گڏجي پڙهيو. صبح نه آيو هو سڄڻ ٿي شام، اچي يا نه اچي، ڪهڙي خبر آ رات به آرام، اچي يا نه اچي. ويل وڃڻ جي ڪجهه ته اشارن ۾ به چيائين ٿي، پر مون نه پروڙي، سا ئي مام، اچي يا نه اچي. تنهن جو آ قسم تنهن جو آهيان، ٿي ايئن چيائين، اڄ ياد سڄڻ کي هي انجام، اچي يا نه اچي. بزم جهان ۾ ته حَسين ٻيا به گهڻا آهن، پر محبوب جيان ڪوئي سربام، اچي يا نه اچي. قاصد جيڪو مُڪم تنهن افسوس ڪندي آ هيئن چيو، ڀُلجي به وٺي ٿو نه، “ضيا” نام اچي يا نه اچي. قبر تيار ٿيڻ بعد مذهبي عالم قرآني آيتون پڙهي دعاءِ خير گهري. تنظيمي دوستن قبر مٿان پورهيت ۽ هاري طبقي جو ڳاڙهو جهنڊو کوڙي وڏي عقيدت سان سلامي ڏئي وڏي آواز سان وَچن دهرايو: “اوهان جو باقي رهيل مشن اسان سڀ پوري ڪرڻ جو وچن ڪيون ٿا.” مقام کان ٻاهر نڪري دعاءِ خير گهري، ساٿي جي پونيئرن سان تعزيت ڪئي ويئي. اهڙي ريت ساٿي ڦوٽي خان جي آخري سفر جي رسم پڄاڻي تي پهتي ۽ سڀ ڪو پنهنجي گهر روانو ٿيو. رات جو تنظيمي ساٿين طرفان تعزيتي گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ لاهور کان ڪراچي تائين سڀني ساٿين پنهنجي خيالن جو اظهار ساٿي ڦوٽو خان رستماڻي جي زندگي تي ڪيو ۽ کيس شاندار عقيدت پيش ڪئي وئي. ڦوٽو خان رستماڻي ڳوٺ سوري لڳ واهي پانڌي ضلعي دادوءَ ۾ ۱۹۳۲ع ۾ ڄائو، ساڻس منهنجي ڏيٺ ويٺ ڳوٺ واهي پانڌي ۾ ٿي، جڏهن آءٌ کاٻي ڌر جي عزيز سلام بخاري جي ڌڙي سان لاڳاپيل هئس ۽ آل سنڌ پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن دادو ضلعي جو جنرل سيڪريٽري پڻ هئس ۽ ڪامريڊ ڦوٽو رستماڻي ساڳئي ڌڙي جي تنظيم ضلعي دادو جي هاري فرنٽ جو سيڪريٽري هو. آءٌ استادن ۽ هارين ۾ ڪم ڪندو هئس ۽ رستماڻي صاحب هارين ۽ مزدورن ۾ ڪم ڪندو هو. کيس تنظيم طرفان تمام ٿورڙو معاوضو ۽ ڪرايو خرچ ملندو هو. اسان هر مهيني ضلعي سيل ۾ لکت ۾ رپورٽ ڪندا هئاسين ۽ تنظيمي ڪم بابت لکيل مضمونن يا ترقي پسند ڪتابن جي تعليم گڏجي ڪندا هئاسون. رستماڻي صاحب پرائمري تعليم جو هڪ ٻه ڪتاب پڙهيل هو. ان ڪري لکڻ پڙهڻ جو ڪم به گڏجي ڪندا هئاسون، هو جيتوڻيڪ پڙهيل مون کان گهٽ هو پر پوءِ به لکڻ پڙهڻ ۾ مون کان وڌيڪ هوشيار هو. سندس صحبت ۽ محبت ۾ مون جوهي، واهي پانڌي، حاجي خان ۽ ٻين ڳوٺن جو اڻانگو پنڌ سائيڪل تي يا پيادل ڪيو. واهي پانڌي جي ڀر ۾ اوچن جبلن تي به چڙهي سڄو نظارو ڪيوسون. هي اهو وقت هو جو کٽارا بسن ۽ پراڻين جيپن تي سفر ڪرڻ به ڪو سوکو ڪم نه هوندو هو. رستا وڏي ڊسڙ ۽ ڊاڳ ۾ ورتل هوندا هئا، کڏا کوٻا تن جو ته ليکو ئي ڪو نه هو. پراڻي جيپن ۾ ماڻهو مال وانگر ميڙي گاڏي ۾ هڻندا هئا جيڪي منزل مقصود تي پهچڻ وقت گهرڀاتي يا واقفڪار به سڃاڻي نه سگهندا هئا. رستماڻي صاحب اهڙن ڏکين هنڌن تي تنظيمي ڪم ڪار خوش اسلوبي سان ڪيو. رستماڻي صاحب ڪجهه وقت گذرڻ کان پوءِ اسان جي تنظيم کان جدا ٿي ويو پر وڃڻ وقت باقاعده ميٽنگ ۾ ڪجهه اعتراض، ڪجهه تنقيد لکت ۾ ڏئي ان تي بحث مباحثو ڪري پوءِ هليو ويو، پر وڃڻ کان پوءِ به اسان جي سمورن دوستن سان هلي ملهي اچي پاڻ ملاقاتون ڪندو هو. اسان جي تنظيم تي جيڪا به تنقيد، اعتراض لکت ۾ ڪيائين تن کان تنظيم کان ٻاهر ڪنهن به ماڻهوءَ وٽ هڪ اکر به ظاهر نه ڪيائين. اهو ئي سبب هو جو ڪامريڊ عزيز سلام حياتيءَ تائين ڦوٽي خان سان ملندو رهندو هو ۽ سندس وقت ضرورت مالي مدد پڻ ڪندو هو جيڪا ڳالهه ڦوٽو خان پاڻ اسان سان ڪندو هو. اسان کان وڃڻ کان پوءِ مون کي ڦوٽي خان جي تنظيمي ڪم ڪار جي ڪا به ڄاڻ نه هوندي هئي. روبرو ايندو هو ته ڪچهري سياسي، سماجي مسئلن تي ڪندا هئاسون. جيتوڻيڪ رستماڻي صاحب اسان جي تنظيم ڇڏي چڪو هو پر هن جو آخر تائين ميل جول مون کي محسوس ٿيڻ ئي نه ڏنو ته هو اسان کان الڳ يا ٻي تنظيم سان آهي. ڪجهه دوست تنظيم ڇڏي وڃڻ وارن دوستن کي سٺي نظر سان نه ڏسندا هئا پر مان ان وقت توڙي هاڻ ان موقف تي آهيان ته ڇڏي ويندڙ دوستن جي اها وڏي بهادري هوندي هئي جو هڪٻئي ۾ رت جي رشتن کان وڌيڪ محبت هوندي به هڪٻئي کان تنظيمي طور جدائي جو اعلان ڪندا هئا. هر شيءِ جا ٻه پاسا آهن، هڪ هنڌ ٽڪي پير ڄمائي ڪم نه ڪرڻ جو ان ۾ پاسو ڏسڻ ۾ ته ايندو هو پر ٻيو پاسو سچائي جو به هوندو هو ته ايڏي تعلقاتن محبتن هوندي به هڪٻئي ۾ سچائي ئي هوندي هئي جو تنظيم ڇڏي وڃڻ کان پوءِ به تعلقاتن ۾ وٿي نه وڌي ويندي هئي. رستماڻي صاحب سياسي طور ڪهڙي به ڌر يا تنظيم ۾ رهيو پر هن آخري دم تائين پراڻن دوستن سان تعلقات قائم ۽ دائم رکيا. سندس اهڙن سلڇڻائين ۽ سچائين کيس وڌيڪ ڪُندن بڻائي دوستن کان حد کان وڌيڪ پيار ملڻ ۾ ڀائيوار بڻايو. سندس جدوجهد جا پيرا ڪاڇي جي برپٽ کان چمبڙ جي سرسبز علائقن، ڳوٺن، واهڻن ۽ وستين ۾ به ملن ٿا. ڦوٽو خان وٽ ذاتي طور ڪا به دولت نه هئي، هن جي سڄي حياتي جو دور مفلسي ۽ مسڪيني ۾ گذريو، اها غريبي هئي جنهن هن منجهه تنظيمي عشق جاڳايو. هو پنهنجو مشن پهچائڻ لاءِ دور دراز پيادل پنڌ ڪرڻ کي وڏو اعزاز سمجهندو هو. سندس سفر ۾ ڪاڇي جو رڻ ۽ ان جي ڀر ۾ وڏن شهرن جو پنڌ سمايل هوندو هو. پر هِن ان ڪَٺن سفر کي ٻه ٻرانگهون سمجهي دل جي خوشي سان طئي ڪيو. ڪچهري جي ڏنل ٽائيم تي هُن سختي سان پابندي ڪئي. ڀلي نئين گاج تيز رفتاري سان اوچن جبلن تان ڪڙڪاٽ ڪري لهي يا سنڌو درياءُ سانوڻي بند جي ٻنهي طرفن کان ڇولين جا ڇڇڪا ڏيندو هجي پر هي صاحب ٽائيم تي ضرور حاضر هوندو هو. سندس خودداري ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي هوندي جو آءٌ کيس ڪڏهن ڪنهن اوڇڻ ڏيڻ جي ڳالهه ڪندو هئس ته پاڻ ٻئي ڪنهن ساٿي کي ضرورتمند سمجهي سفارش ڪندو هو ته هيءُ ان ساٿي کي ڏيو ڇو ته هو سخت تڪليف ۾ آهي. سندس تنظيمي سچائي ۽ عشق سان جيئڻ، للڪاري جيئڻ ۽ گذارڻ لاءِ هڪ شاعر جون هي سٽون ذهن تي اچن ٿيون: غيور ٿي ڄميو رهه، غدار ٿي نه مرجان، للڪار ٿئي، اُٿي پئو، ڪاڳر ٿي نه سڙجان. مرڻو آ موت ايندو، هي ڳالهه ياد رکجان، ڌرتي مٿان او ارڏا، بار ٿي نه مرجان. ڦوٽو رستماڻي پنهنجي آخري دؤر ۾ جسماني طور بڪين، جيري ۽ اندر جي ڪيترين ئي بيمارين ۾ گهيريل هو پر هو ڪڏهن به ڪنهن لاءِ بار گران نه بڻيو. پنجاسي سال عمر جا هن ارڏو ٿي گذاريو. ڪارن مان اڇا وار ٿي ويا، جواني کان پيري آئي پر هن حق جي ويڙهه لاءِ راهه مان هٿ نه ڪڍيا ۽ شيخ اياز جي چوڻي کي سچو ثابت ڪيو: ماريندي هِن مَچ کي ڪيڏا وس ڪيام، چَتيون ڇَهيون ٿي ويون، ڇڄي رڇ پيام، وڙهندي ورهيه ٿيام- اچي وار اڇا ٿيا. هي ساٿي آخر تائين مظلوم پورهيتن، هارين، نارين جي ڏکڙن ڏوجهرن لاءِ سر ٽوڙ ڪوشش ڪندو رهيو. ان ڪري سندس ڏات ڏهوڻي ٿي ويئي. ڪامريڊ ڦوٽي رستماڻي ۱۸ نومبر ۲۰۱۸ع تي رات جو وفات ڪئي، ٻئي ڏينهن لاهور، اسلام آباد، ڪراچي تائين هر فڪر جي ماڻهن سندس ڳوٺ مٺو رستماڻي ۾ تعزيتي جلسا ڪري کيس خراج عقيدت پيش ڪئي جنهن ڪري اڃا به سندس ناماچاري ۾ وڌيڪ واڌ ٿي آهي. شيخ اياز جي هنن سٽي سان مضمون جي پڄاڻي ڪريان ٿو: ڳڀو پاڻي ڍُڪ ۾ ٻوڙي جي کائين، پنهنجي اوچي ڳاٽ کي مور نه جهڪائين، ته تنهنجي سائين، ڏات ڏهوڻي ٿي وڃي. ڪامريڊ ڦوٽو رستماڻي سنڌ جي هاريءَ جو ڪردار نثار لغاري سرد جنگ جو دور ختم ٿي چڪو هو، ۱۹۹۱ع ۾ سوويت يونين ڊهي چڪو هو ۽ اهو سال ۱۹۹۶ع جو آخر ۽ سياري جا ڏينهن هئا. پورهيت طبقي ۽ اُن جي بنيادي مسئلن بابت پڙهڻ، ٻڌڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ۽ شوق مون کي ميٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ ٿي چڪو هو. بي بي سي ٻڌڻ، سنڌي ادب جا ڪتاب پڙهڻ، علم سان چاهه رکڻ جو شوق مون کي تمام گهڻو هو. انهيءَ ڪري جيڪو به ۽ جنهن به قسم جو ڪتاب ملندو هو اُهو پڙهي ڇڏيندو هوس. اهڙي ريت آهستي آهستي پورهيت طبقي سان انهيءَ نظريي سان جهڙوڪر انسيت ٿي وئي. عاصم آخوند اهو دوست هو جيڪو پهريون مارڪسٽ هو جنهن سان ملاقات ٿي ۽ پوءِ جتي جتي ڪنهن انقلابي جو ٻڌندا هئاسين اُن سان ملاقات ٿيندي هئي، سنڌ يونيورسٽي ۾ سائين جاويد ڀٽو سان ۽ پوءِ سنڌ هاري ڪاميٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان ملاقاتون جاري رهيون. هي ۱۹۹۱ع کانپوءِ جو سخت دور هو اڪثر اڳوڻا انقلابي سياست، انقلاب ۽ سوشلزم جي خلاف هئا ۽ هو اهو چوندا هئا ته ڪميونسٽ تحريڪ ختم ٿي وئي، انهيءَ جو مستقبل تاريڪ آهي وغيره. اهي جملا ٻڌي ٻڌي بيزار ٿي پوندا هئاسين. ۱۹۹۶ع جي ڊسمبر جو مهينو هو ڪميونسٽ پارٽيءَ جي اڳواڻ ڪامريڊ امداد قاضيءَ جي گهر هڪ گڏجاڻي رکيل هئي جنهن ۾ هڪ ئي وقت ڪامريڊ احمد خان لغاري، ڦوٽو رستماڻي، مانڌل شر، صديق خاصخيلي، ستار، ڪامريڊ مولا بخش خاصخيلي ۽ ٻيا ڪي دوست آيل هئا. سنڌ هاري ڪاميٽي جي گڏجاڻي هئي، جنهن ۾ وري هاري ڪاميٽي کي سرگرم ڪرڻ جون ڳالهيون هلي رهيون هيون. انهيءَ گڏجاڻي ۾ مون ڪامريڊ ڦوٽي رستماڻي کي ٻڌو ۽ هن چڱي طرح اُن دور جي عڪاسي ڪئي. هو ڪٿي به مايوس نظر نه آيو. ڪامريڊ ڦوٽي رستماڻي کي اُن وقت به اهو يقين هو ته سوشلزم ڪو معمولي معاملو نه آهي. پورهيت طبقي جا مسئلا حل نه ٿيا آهن جنهن جي ڪري سوشلزم جي خاتمي جي ڳالهه پروپگينڊا آهي. آئون پنهنجي ڳالهه ڪريان ته آئون تمام گهڻو جذباتي هوس ان ڪري مون کي ڪامريڊ ڦوٽي جون سڀئي ڳالهيون پسند آيون پر جيڪي ٻيا دوست هئا انهن جي چهري تي مون اهو ڏٺو ته انيڪ سوال هئا ۽ اُهي مطمئن نه ٿيا. انهن جو خيال هو ته هي ڪامريڊ هاڻ پوڙها ٿي چڪا آهن. هنن سموري زندگي اهو ئي ڪم ڪيو آهي، تنهن ڪري هنن کي اهي ئي ڳالهيون ڪرڻيون آهن ٻيو هو ڇا ڪن؟ اهي ۽ ٻيا اهڙي قسم جا خيال هئا، اُتي موجود استاد مرتضيٰ اها ڳالهه ڪئي ته موجوده دور ۾ مايوس ٿيڻ به جائز آهي، توهان هڪ ٻن ڪچهرين ۾ يا موجوده منظرنامي ۾ مايوس نه ٿيندا ته ٻيو ڇا ڪندا. سوچڻ، لکڻ ۽ پڙهڻ جي ضرورت آهي. ڪامريڊ مانڌل شر ۽ ڦوٽي رستماڻي پنهنجي مستقبل جي سرگرميءَ جو احوال ڏنو ۽ سڀڪو پنهنجي پنهنجي منزل ڏانهن روانو ٿي ويو. جيئن جئين وقت گذرندو ويو ته مون کي پوءِ انهيءَ ڳالهه جو احساس ٿيندو ويو ته هي ئي اهي انسان آهن جيڪي حوصلو ڏيندڙ آهن. اهو ڪيترو نه شاندار ۽ هڪ مثالي مانائتو مرتبو هو جو ڪامريڊ ڦوٽي رستماڻيءَ کي، حاجي زنئور کي واڻڪي وسيءَ جي ڪامريڊ غلام حسين لغاري کي، عاصم آخوند کي اسان ڳاڙهي جهنڊي جي ڇانو ۾ دفن ڪيو. هن جو مطلب هو مستقبل ۾ ايندڙ انقلابين لاءِ هڪ وڏو ۽ عظيم اتساهه! اهو اتساهه ئي آهي جيڪو هر لمحي ۽ گهڙي اسان جا حوصلا وڌائي ٿو. گذريل ۲۰ سالن ۾ اها نهايت خوفناڪ، ڀيانڪ ۽ گمراهه ڪندڙ پروپگينڊا ڪئي وئي ته مارڪسزم، ليننزم ختم ٿي ويو هاڻ انهن جي اهميت نه رهي آهي. هاڻ دنيا هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي وئي آهي پر ان جو نتيجو ڪهڙو نڪتو. اهو ثابت ٿيو ته هي فقط پروپگينڊا هئي ته جيئن سوشلزم کي بدنام ڪري سگهجي. سرمائيداري نظام خلاف اڀرندڙ ڪاوڙ ۽ ڪروڌ کي روڪي سگهجي. هن وقت اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته سرمائيداري نظام پورهيت عوام خاص طرح ۽ سموري انسانذات جا مسئلا حل ڪرڻ جي قابل نه آهي. سچ پچ پروپيگينڊا جي انهيءَ شديد حملي واري دور ۾ به سوشلزم جي حامي فردن ۽ خاص طرح ڦوٽي رستماڻي ۽ احمد لغاري جهڙن انقلابين اهو ثابت ڪيو ته اسان جو ايمان ڪنهن به قسم جي ڪا لالچ ۽ مراعت توڙي رعايت کي ٺڪرائي اهو چيو ته سوشلزم ئي عوام جو مستقبل آهي، ان کان سواءِ ڪنهن به قسم جي ڪا نجات ممڪن نه آهي، توهان ڀلي جمهوريت ۽ عوام دوستي جي ٻين قوتن کي آزمائي وٺو. پورهيت طبقي جي سياست مخالف جيڪا به پروپگينڊا هئي انهيءَ اهو ڪيو آهي جو پورهيت طبقي جي سياست ڪندڙ سياسي قوتن کي تمام گهڻو ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي. اڄ هاري ۽ مزدور تي تمام گهڻو ظلم ٿي رهيو آهي پر پورهيت طبقي ۽ هاري جو ڪو سگهارو آواز نه آهي. سنڌ هاري ڪميٽي مختلف ٽڪرن ۽ گروهن ۾ ڪم ڪري رهي آهي پر اها سماج ۾ موثر نه آهي. کاٻي ڌر جون ٻيون جماعتون گروهي نفسيات ۽ پنهنجي ۾ خوش آهن. انهن هارين سان غريب ۽ پورهيت طبقي سان پنهنجو عملي تعلق ختم ڪري ڇڏيو آهي ۽ جيڪڏهن تعلق به آهي ته فقط جلسي يا ڪنهن ميڙاڪي جي حد تائين. اُن کان وڌيڪ ڪو به تعلق نه آهي. اهو جيڪڏهن جاري رهيو ته پوءِ پورهيت طبقو شايد کاٻي ڌر مڪمل طرح وساري ڇڏي ۽ اها تلخ حقيقت پڻ آهي ته عام ماڻهن کي هاڻ اها خبر ئي نه آهي ته هنن جي نمائندگي ڪندڙ ڪا حقيقي عوام دوست پورهيت دوست يا اهڙي دعويٰ ڪندڙ ڌر سماج ۾ موجود آهي ڇو ته عملي طرح انهن وٽ وڃڻ وارا ڪردار ۽ ڪارڪن کاٻي ڌر وٽ نه آهن ۽ هن وقت اسٽيڊي سرڪل يا ڪنهن به پروگرام ۾ ايندڙ يا اچڻ وارن جو تعداد به نهايت گهٽ آهي. اُن جو اهو سبب آهي جو هن وقت جيڪي به ڌريون انقلابي هجڻ جي دعويٰ ڪن ٿيون. انهن کي انهيءَ ڳالهه جو ادارڪ ئي نه آهي ته پورهيت طبقي وٽ ڪهڙي انداز ۾ وڃجي. ڪهڙي ريت پورهيت طبقي ۾ ڪم ڪجي. افسوس ته جيتوڻيڪ مارڪسزم فڪري طرح اڄ فتح حاصل ڪري ورتي آهي پر تنظيمي طرح جيڪو نقصان انهيءَ سموري عرصي ۾ پهتو اهو شديد هو. انهيءَ جا اثر اڄ ڏينهن تائين موجود آهن. اڳي کاٻي ڌر جي انقلابي ورڪر کي گهڻي ڀاڱي ليڊرشپ، شهرت، وڏائي جي گهڻي ضرورت نه هئي. هو عملي طرح ڪم کي ۽ بغير ڪنهن لالچ ۽ مفاد جي ڪم ڪندو هو کيس انهيءَ ڳالهه جو فڪر نه هوندو هو ته هو ڪٿي نوٽ ڪيو وڃي. ڪو اچي سندس ساراهه ڪري، فيس بڪ تي فوٽو رکي. اڳي اهو نه هوندو هو ته اخبارن ۾ بنا ڪنهن سبب جي ڪوريج حاصل ڪجي، ڪٿي ڪو فوٽو ڪڍي. فيس بڪ تي پروگرام جون تصويرون رکڻ لاءِ فقط پروگرام ڪجي! فيس بڪ ۽ سوشل ميڊيا تي ويهي پارٽي هلائجي يا وري آفيسن ۽ بند ڪمرن ۾ ويهي تعليمي ڪلاس هلائجن ۽ ڊگها ليڪچر ڏئي دل کي خوش ڪجي. انهن ليڪچرن ۾ پنهنجو عملي ۽ فڪري وزن ڏاڍي عمدا نموني سان بيان ڪجي، واهه واهه ڪرائجي. پنهنجي چوڌاري هڪ گروپ يا گروهه ٺهرائي جتي ڪٿي پنهنجي تعريف ڪرائجي! هر محفل ۾ پاڻ کي مٿي ثابت ڪجي. پاڻ سان گڏ ڪم ڪندڙ مسڪين ۽ پورهيت ڪلاس جي ڪامريڊن کي وس ڪري گهٽ اهميت وارو ۽ معمولي ڪارڪن ثابت ڪجي. اهو ڪم ڪجي جتان ٻن رپين جو فائدو هجي، اها روش هن وقت عام آهي ايتري قدم جو علمي فڪري ماڻهو ته اڳي ئي انهيءَ منفي روش جو شڪار هئا. هن وقت به ڪي ماضيءَ جا ڪي هاڻوڪا انقلابي سڏرائيندڙ فرد خلوص ۽ محبت سان ڪم ڪرڻ جي بدران جتي فائدو ڏسن ٿا يا جتي کين ٻه رپيا خرچ نه ڪرڻو پوي اوڏانهن وڃن ٿا. بنيادي انقلابي خلوص کي هو بيوقوفي سمجهن ٿا. اهڙن اندورني عنصرن کاٻي ڌر خاص طرح مارڪسٽ ڪلچر کي گهڻو نقصان پهچايو آهي. اين جي اوز جي فنڊنگ واري ڪلچر جو اثر تمام گھڻو گهرو آهي. انهيءَ به وڏو نقصان پهچايو آهي. انهن سڀني برائين کان جيڪي ڪنهن حد تائين بچيل آهن. انهن ۾ وري انا حاوي آهي. ڪن مذهبي خطيبن جيان هو سمجهن ٿا ته انقلابي مفڪر ۽ عالم توڙي سچا فقط هو آهن باقي ٻيا اچي هنن جي هٿ تي بعيت ڪن يا هنن جي ڊسپلين ۾ اچي وڃن پوءِ هو ڪنهن به ٻئي گروپ يا کاٻي ڌر جي ڌڙي وٽ نه وڃن ۽ نه ئي انهن جي ڪنهن درست ڳالهه کي تسليم ڪن. گروپ بندي ۽ ٽولي پسندي ۾ رهڻ انهن کي آسان رهندو آهي. انهيءَ ڪري سندن انا کي تسڪين ملندي آهي. هو پنهنجي گروپ ۾ پنهنجي ذات کي حاوي ڪري سماج جي اجتماعي ڀلائي ۽ اجتماعي سماجي تبديليءَ کي انهيءَ سان ڪيترو نقصان ڏئي رهيا هوندا آهن ان بابت کين ڪا پرواهه ناهي. عوامي طبقاتي تحريڪ ڪمزور ٿئي ٿي ته ڀلي ٿئي، پورهيت طبقي جي نجات جون قوتون ڪمزور ٿين ٿيون ته ڀلي وڃي ٿين. بس هنن جي هڪ ڌار ديڳڙي موجود رهي. ڪامريڊ ڦوٽي رستماڻي جي تڏي تي هڪ ڪامريڊ چيو ته وڏا مرندا وڃن ۽ ننڍا وڏا نٿا ٿين. هن جو اشارو کاٻي ڌر جي نئين گروهه ڏانهن هو. مون سوچيو ته انهيءَ کان به وڏو الميو اهو آهي ته سڀ ننڍا گڏجي جنهن کي وڏو يا منتظم ڪندا آهن اهو وري جدليات، تاريخ، ادب، جماليات جو ماهر هوندي ننڍو ٿي ويندو آهي اهو پڻ الميو آهي. هن وقت کاٻي ڌر جي ورڪر سان اهو ڪيترو نه وڏو الميو آهي جو هڪ طرف غريبن، مفلسن ۽ مجبورن جا ڏک وڌندا پيا وڃن، انهن جي ننڌڻڪائي عروج تي آهي. پورهيت طبقي جي ڪو به مالڪي ڪرڻ وارو نه آهي ۽ کاٻي ڌر جا ننڍا ننڍا گروپ پنهنجي گروهي خوش فهمي ۾ سرشار ٿي سماج کان لاتعلق رهي خود فريبي جو شڪار رهي خوش آهن، مطمئن آهن، اها پڻ ويڳاڻپ آهي. اهو ڪيئن ممڪن آهي ته انقلابي هجڻ جي دعويٰ ڪندڙ به پورهيت طبقي جيان ويڳاڻپ ۾ گم آهن. هڪڙا گروپ واقعي ويڳاڻپ ۾ گم هوندا آهن پر ٻين گروهن کي عالمي سرمائي جي ايجنٽن انهن جي مايا جال ۾ باقاعده ڦاسايو ويو آهي. ڪوڙيون سماجي تنظيمون ٺاهي انهن کي ننڍا ننڍا ڪم ۽ پراجيڪٽ ڏئي پئسو ۽ ڪوڙو سامراجي فلسفو ڏئي گمراهيءَ جا سڀ قسم جا هٿيار ٺاهيا ويا آهن. هڪ طرف مارڪسزم تي خارجي حملا آهن ٻئي طرف اندروني حملا آهن جيڪي هر وقت جاري آهن. ڪوڙا انقلابي ۽ ترميم پسند عارضي طرح مارڪسزم ليننزم جو روپ ڌاري ايندا آهن. اهي ڪوڙا گروهه پورهيت طبقي جي فڪر تي نظرياتي ۽ تنظيمي طرح وڏا حملا ڪندا آهن ۽ انقلابي مارڪسي گروهن کي انتشار جو شڪار بنائيندا آهن. انهيءَ کي ئي هن وقت خود سامراجي ڌريون ففٿ جنريشن وار جو نالو ڏنو آهي. اها گمراهه ڪندڙ جنگ موجوده دور ۾ وڏي شدت سان وڙهي پئي وڃي. ففٿ جنريشن وار جو مطلب آهي مخالف جون هر طريقي خاص طرح نظرياتي طريقي سان متيون منجهائي ڇڏڻ. اها ساڳي جنگ عالمي سامراج سموري دنيا خاص طرح ٽين دنيا ۾ وڙهي رهيو آهي ۽ وڏي طاقت سان وڙهي رهيو آهي. سموري دنيا جي انقلابين خاص طرح ننڍي کنڊ ۽ هن خطي جي انقلابين لاءِ اهو لازمي آهي ته انهيءَ سموري صورتحال کي سمجهن ۽ کاٻي ڌر کي پڻ انهن مونجهارن مان ڪڍي بهتر طريقي مظلومن ۽ غريبن جي مالڪي ڪن. جيستائين غريبن، ڳوٺن ۾ رهندڙ پورهيت عوام جي انهن ڏکن سکن جي مالڪي نه ٿيندي ان وقت تائين سماج کي بهتر نه ڪري سگهبو. هن خاص دور ۽ وقت ۾ ڪامريڊ ڦوٽي رستماڻيءَ کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جو به اهو ئي طريقو آهي. ڪامريڊ ڦوٽي رستماڻي، علي محمد خاصخيلي ۽ احمد لغاري جون محبتون ۽ حوصلا هتي جي پورهيت تحريڪ جا سدائين ساٿاري رهندا. ڪامريڊ ڦوٽو رستماڻي سندس وڇوڙي تي صالح بلو چمبڙ تحريڪ جي بانين مان هڪ ڪامريڊ ڦوٽو رستماڻي، حق سائين لغاري، محمد خان لغاري، محمد خان احمداڻي، غلام علي لغاري ۽ ٻين سان گڏجي هاري ڪورٽون لڳائي انهن جا زميندارن سان فيصلا ڪندا هئا. جيڪو سلسلو ڪافي وقت هليو. ڪامريڊ ڦوٽو رستماڻي، جنهن جي وات ۾ سدائين؛ ”ڪامريڊ ڇا حال آهن؟“، ”ڇا پيا ڪريو؟“، هر ڪنهن لاءِ هوندو هو. جيڪو هر دور ۾ جدوجهد ڪندو رهندو هو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سان گڏ سنڌ هاري ڪاميٽي ۾ هو. جنهن سان گڏ هر وقت ڪو نه ڪو ڪتاب ضرور موجود هوندو هو ۽ ڊائري جنهن ۾ ڪنهن سان ڪٿي ملڻو آهي ڇا ڪرڻو آهي. ڪامريڊ ڦوٽو رستماڻي، جيڪو اصل ته جوهي جو هو، ليڪن سندس جدوجهد جو مهور چمبڙ رهيو. جتي اڪثر ٻين ساٿين سان گڏ، بحث مباحثا ٿيندا رهندا ھيا. هاري ڪاميٽي جا به جدا جدا گروهه هوندا هئا. پوءِ آخر ڪامريڊ ڄام ساقي، شهيد نظير عباسي جي ڪوششن سان گڏ، سنڌ هاري ڪاميٽي ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جو وچن ڪيو ويو. جڏهن ڪامريڊ ڄام ساقي، شاهي قلعي لاهور مان آزادي ماڻي ته ڪميونسٽ پارٽي جي فيصلي تحت، سنڌ هاري ڪاميٽي پاران پوري سنڌ اندر ڪامريڊ ڄام ساقي جا شاندار استقبال ڪرايا ويا. ان وقت، سنڌ هاري ڪاميٽي جو صدر ڪامريڊ غلام رسول سهتو هو. ناچيز صالح بلو جنرل سيڪريٽري، ڦوٽو رستماڻي نائب صدر هو. ڪامريڊ ڦوٽو جيڪو اڪثر نوابشاهه ۽ ٻين شهرن ۾ ايندو هو ۽ ٿيندڙ گڏجاڻي ۾ بحث مباحثا ڪندو رهندو هو ته پنهنجو موقف ضرور رکندو هو. جيڪو گهڻو هاري فيلڊ ۾ ڪم ڪندو، آهستي ڳالهائيندڙ ڪامريڊ سان هر ڪنهن تي کيڪاريندڙ جنهن جو گهر ۾ رهڻ گهٽ هوندو هو ۽ هول ٽائيمر بنجي، پنهنجي حياتي تحريڪ لاءِ وقف ڪري ڇڏي. جنهن سياست ۾ مختلف مرحلا طئي ڪيا ۽ هڙ لاها چاڙها ڏسي چڪو هو. جنهن انقلاب جي مشن کڻي، جهر جهنگ، دوستن، ساٿين ۽ هارين وٽ پهچندو رهندو. جن کي هارين جي مسئلن جي خبر ڦوٽو رستماڻي ۽ سندس ساٿي چمبڙ جي آس پاس وارن علائقن جي پڻ سروي ڪندا هئا ته اتي ڪيترا هاري آهن. ڪيترن کي هر جا جوڙا آهن. ڪيترا ننڍا وڏا زميندار آهن. ڪيترن هارين کي ڪکاوان گهر آهن. ڪير ڪيترو حاصل ڪري ٿو. سندن خاندان ۾ ڪيترا ئي ڀاتي آهن. ڪيترا ڪمائن ٿا يا نه ٿا ڪمائين وغيره. جيڪي اهڙي سروي سان ڄاڻ حاصل ڪندا هئا ته هتي ڪيتري غربت آهي، ڪيترا بيروزگار، ڪيترا مزدوري ڪري رهيا آهن. ڪامريڊ ڦوٽو رستماڻي جنهن زندگي ۾ ڪڏهن به هار نه مڃي ۽ جدوجهد ۾ سندس ايمان هوندو هو. بک ڏک ۾ هن ڪنهن سان ڪا شڪايت نه ڪئي. بلڪ هر ڏک، صبر سان سهندو رهيو. ڪامريڊ جنهن جون اکيون خراب ٿي چڪيون هيون. جنهن آپريشن پڻ ڪرايو، ليڪن نظر ائين اچي پيو ته آپريشن صحيح ٿيل ڪو نه هئا. ڪامريڊ جڏهن به نوابشاهه ايندو هو، ملندو ضرور هو. اهو به هو ته منهنجي جاءِ سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي آفيس هئي، جتي هو ايندو رهندو هو. ڪجهه ڏينهن گذري ويندا هئا ته سندس مائٽن کان حال احوال وٺندو هوس. سندس هڪ مائٽ ڪامريڊ بصر رستماڻي جيڪو به اڪثر ايندو رهندو هو، جنهن جي وات ۾ اهو ضرور هو ته؛ ”ڪامريڊ ڇا حال آ؟“، ”ڇا پيو ڪرين؟“ اهو به ويچارو جهونو ٿي چڪو. ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جي پوري سنڌ اندر ٿيل استقبالن ۾ ڦوٽو رستماڻي پڻ گڏ هو. جيڪي دورا ختم ٿيڻ بعد، جڏهن منهنجي جاءِ، جيڪا سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي آفيس هئي، جنهن ۾ مرڪزي ورڪنگ ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو ۽ سنڌ هاري ڪاميٽي کي ٽوڙڻ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جڏهن ته ڪميونسٽ پارٽي اڳي ئي ٽٽي چڪي هئي. حالانڪ مون گهڻي ئي اختلاف رکيو، رڙيون ڪيون ته سنڌ هاري ڪاميٽي نه ٽوڙيو، ان کي آزاد ۽ خود مختيار ڇڏيو وڃي، جڏهن ته هاري ڪاميٽي جي اها پاليسي رهي ته ڪنهن مڪتب فڪر جو ان ۾ شامل ٿي سگهي ٿو، اهو ڀلي ڪهڙي پارٽي سان تعلق رکندڙ هجي، هارين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪري، ليڪن ڪامريڊ اڳيئي ڄڻ فيصلو ڪري چڪا هئا ته هر فرنٽ کي ٽوڙيو ويندو ۽ ائين ٿيو جو ساٿي ٻارڙا، ڊي ايس ايف مزدور تنظيم ۽ ٻيا جيڪي ترقي پسند ونگس هئا اهي ٽوڙيا ويا. ورڪنگ ڪاميٽي جي انهيءَ گڏجاڻي ۾ ڪامريڊ ڄام ساقي پڻ موجود هو. آخر سنڌ هاري ڪاميٽي کي ٽوڙي ڄڻ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کي مايوس ڪيو ويو. جنهن جي نالي جي سڃاڻپ سان سنڌ هاري ڪاميٽي هلندي هئي. سنڌ هاري ڪاميٽي جي ٽٽڻ بعد، ڪامريڊ غلام رسول سهتو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي حيدرآباد واري رهائشگاهه سنڌ هاري ڪاميٽي ان حوالي ڪري ڇڏي ته ٻئي طرف سنڌ هاري ڪاميٽي جو صدر، ڪامريڊ ڦوٽو رستماڻي سڏائڻ لڳو. ڪميونسٽ پارٽي جي زير نگراني هلندڙ سنڌ هاري ڪاميٽي جو صدر، گلاب پيرزادو ته ساڳئي وقت ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو فرزند اظهر جتوئي پاڻ کي سنڌ هاري ڪاميٽي جو صدر چوندو رهندو آهي. اهڙي نموني سنڌ هاري ڪاميٽي جي طاقت ٽٽندي وئي. جيڪي هاڻي پيرڪو سنڌ هاري ڪاميٽي جو سڏائي ڪم ڪندو رهندو آهي. ڪامريڊ ڦوٽو رستماڻي بيمار ۽ تڪليفون هوندي، ڪمزوريءَ جي حالت ۾ گڏجاڻين ۾ اچڻ، ساٿين سان رابطو قائم رکڻ جي ڪندو رهندو هو. جنهن جي اوچتي وفات تي ڄڻ اکين اڳيان اونداهه اچي وئي ته آئي ڇا آهي جو ڪيترا ساٿي وڇوڙو ڪندا وڃن پيا. ڪامريڊ ڦوٽي رستماڻي جي وفات ان وقت ٿي، جڏهن ڪامريڊ رشيد راڄڙ جي پهرين ساليانه ورسي ملهائي وڃي پئي. ڪجهه ڏينهن اڳ، ڪامريڊ ڄام ساقي جي سالگرهه ملهائي وئي، جيڪو پڻ تازو وڇوڙو ڪري ويو. کيس اباڻي قبرستان سيد جڙيل شاهه درگاهه جي قبرستان ۾ دفنايو ويو آهي. ڪامريڊ ڦوٽو رستماڻي جسماني موجود ڪونهي. سندس ڪيل جدوجهد، کيس تاريخ جو ورق بنائي ڇڏيو آهي. ھو بيباڪ سياسي ڪارڪن هو.