حسین جانم | امام حسین (ع) | کربلا | عزیزم حسین | imamhussain | imam hussain | hosein | emam hosein | حسین بن علی (ع) | ابا عبد الله | سید الشهدا (ع) | بین الحرمین | اربعین | arbaeen | karbala | عاشورا | تاسوعا | محرم | حرم | ضریح | شش گوشه | ثارالله | یا حسین (ع) | مظلوم حسین | شهید حرم | hussain ibn ali | hussain | iraq | aragh | beynol harameyn | زیارت | كربلاء | الحسين | الحسین_یجمعنا | كربلاء_الحسين كربلاء المقدسة | شیعه | shia | الشيعة | الحسين بن علي | كربلا معلى | العتبة الحسيني
#shorts
a review of a new set i made.
حاجی شوکت علی ، صوبائی وزیر تیمور جھگڑا ، ممبران اسمبلی ارباب شیر علی ، آصف خان ، ملک واجد , ارباب جہانداد ، رابعہ بصری ، رورل و سٹی صدور عاصم خان ، عرفان سلیم اور ضلعی تنظیموں کے نمائندوں نے پشاور میں جلسہ گاہ کے تیاریوں کے حوالے سے انتظامات کا جائزہ لیا اور انتظامات کو حتمی شکل دی ۔ چیئرمین تحریک انصاف عمران خان اتوار کو 3 بجے رنگ روڈ پشاور میں تاریخی جلسے سے خطاب کریں گے ۔ #PeshawarKaptaanKa
پشاور- پاکستان تحریک انصاف پشاور صدر شیر علی ارباب، جنرل سیکرٹری محمد عاصم کی سربراہی میں پشاور پریس کلب کے باہر فلسطین کے حق اور اسرائیلی جارحیت کے خلاف بھرپور احتجاجی مظاہرہ، احتجاجی مظاہرے میں پاکستان تحریک انصاف کے سابق پارلیمنٹرین، پارٹی عہدیداران اور کارکنان کی بھرپور تعداد میں شرکت۔
سندھ کی عوام وزیراعظم عمران خان کے ساتھ ہے۔ وزیرآباد، لکھی غلام شاہ، ضلع شکارپور میں #سندھ_حقوق_مارچ پہنچنے پر شاندار استقبال۔ مخدوم شاہ محمود قریشی نے استقبالیہ جلسہ سے خطاب کیا۔ تقریب میں رکن قومی اسمبلی غوث بخش خان مہر، وزیراعظم کے معاون خصوصی ارباب غلام رحیم، صدر پی ٹی آئی سندھ علی زیدی، عارف خان مہر، شہریار خان مہر اور پی ٹی آئی کے اراکین صوبائی اسمبلی و تنظیمی عہدیداران موجود تھے۔ #SMQinSindh #PTI #GDA #SindhHuqooqMarch
حافظ ● بر سر آنم که گر ز دست برآید ● دست به کاری زنم که غصه سر آید ● خلوت دل نیست جای صحبت اضداد ● دیو چو بیرون رود فرشته درآید ● صحبت حکام ظلمت شب یلداست ● نور ز خورشید جوی بو که برآید ● بر در ارباب بیمروت دنیا ● چند نشینی که خواجه کی به درآید ● ترک گدایی مکن که گنج بیابی ● از نظر ره روی که در گذر آید ● صالح و طالح متاع خویش نمودند ● تا که قبول افتد و که در نظر آید ● بلبل عاشق تو عمر خواه که آخر ● باغ شود سبز و شاخ گل به بر آید ● غفلت حافظ در این سراچه عجب نیست ● هر که به میخانه رفت بیخبر آید
مولوي حاجي احمد ملاح ورسيءَ جي مناسبت سان محمد سليمان وساڻ اڄوڪو ڏينهن سنڌ جي ان عظيم شخصيت جي ورسيءَ جو ڏينهن آهي جنهن دنيا جي تاريخ ۾ هڪ اهڙو عظيم ڪارنامو سر انجام ڏنو جيڪو ان کان اڳ ڪنهن به ڪو نه ڏنو هو۔ اڄوڪي ڏينهن ۱۹ جولاء ۱۹۶۹ع تي مشهور سنڌي عالم ۽ شاعر مولوي حاجي احمد ملاح جي ورسي جو ڏينهن آهي جنهن قرآن شريف جو پهريون منظوم ترجمو سنڌي ٻولي ۾ ڪيو۔ اسان سنڌ سلامت جي پليٽ فارم تان سنڌ جي هن عظيم هستيء کي سلام پيش ڪيون ٿا۔ سنڌ امن، سلامتي ۽ شانتي جي ڌرتي آهي. جنهن ڪيترن ئي صوفين، بزرگن، عالمن مفڪرن ۽ شاعرن کي جنم ڏئي ماتا جو ڪردار امن طريقي سان نڀاهيو آهي. انهن عظيم هستين مان حاجي احمد ملاح به هڪ هو. جنهن ڪوڙ ڪپت، ٺڳي ۽ ڪٽپرڻي جهڙن موذي مرضن جون پاڙون پٽي، حق، سچ، علم ۽ ساڃاهه جي پوک پوکي. مولوي صاحب پنهنجي خطبي ۽ شاعري ذريعي ماڻهن جي دلين ۾ سجاگي جي لهر پيدا ڪئي۔ حاجي احمد ملاح ولد نانگو ملاح ۱۱ فيبروري ۱۸۷۷ع تي ڳوٺ ڪنڊي ديهه لوهڻ بدين ۾ پيدا ٿيو۔ هو پنهنجي وقت جو تمام وڏو عالم، شارح ۽ شاعر ٿي گذريو آهي۔ هو سنڌ ۾ رائج جهالت وارين رسمن جي خلاف کُلي عام شاعري ڪندو هو۔ هن ڪيترائي ڪتاب لکيا ۽ بيت ۽ شاعري ڪئي پر سندس نرالو ڪم قرآن شريف جون نظم ۽ شاعريء ۾ ترجمو ڪرڻ هو۔ جيڪو نورالقرآن جي نالي سان مشهور آهي۔ نه پالي ٿو پرور ته پالي ٿو ڪير، سنڀالي نه سو، پوءِ سنڀالي ٿو ڪير، کڻي پاٽ مان وجھي پيٽ ۾، نون نالين مان نڪالي ٿو ڪير. ڪهڙيءَ صورت پوڄين صورت؟ صاحب جوڙيئي سهڻي صورت، ماڻهو بنيو موتي مورت ــ پٽڙي پاڻيءَ پاتي پورت، لک لحظي جنهن ۾ لاه ــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه. پرور ڏئي ٿو پٽ ۽ کير ــ تون ٿو پوڄين پير، فقير، ورهن کان جي گذريا وير ــــ ساهه نه آهي منجھ سرير، سي ڪئين وجھندا ٻئي ۾ ساه؟ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه. آئون ته ڏوهاري ڏٻرو ـــــ قادر! ڪريين منهن جو ڪم، داور! لاهين دل جو غم ــــ ”احمد“ کي، جي آخر دم، نعمت ڪلمون ڪج نيباه ـــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه. احمد ملاح لاڙ جي فطرت جهڙو شاعر، مولوي ۽ حاجي ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ سنڌ جي هن ناليواري عالم، شاعر حاجي احمد ملاح، ۱۱ فيبروري ۱۸۹۶ع تي روپا ماڙيءَ جي آمهون سامهون تعلقي بدين جي ڳوٺ ڪنڊو ۾ جنم ورتو، سندس والد نانگيو ملاح هڪ هاري هيو، ماءُ جو نالو سڀائي هئس، حاجي احمد ملاح جو والد سندس ڄمڻ کان پوءِ چند سالن ۾ وفات ڪري ويو، مال چارڻ جي ڪم کي ناپسند ڪندي هو يارهن سالن جي عمر ۾ ئي علم جي تحصيل لاءِ سرگردان ٿيو، پهريائين قرآن پاڪ حاجي عبدالله مينڌري واري وٽ پڙهيائين ۽ پوءِ مولوي محمد هاشم ڪڇي وٽ فارسيءَ جي تعليم ورتائين ۽ ان کان پوءِ نانگو شاهه جي مدرسن ۾ عربي، فارسيءَ ۽ سنڌيءَ کي پڙهيائين. احمد ملاح ننڍپڻ کان ئي شاعري شروع ڪئي جنهن ۾ اڳتي هلي مختلف مدرسن ۽ مڪتبن ۾ پڙهڻ ۽ عالمن ۽ شاعرن جي صحبت سان پختگي پيدا ٿيندي رهي، سندس شاعريءَ ۾ حياتيءَ جي جدوجهد، طبيعت جي بهادري، سچائي، ايمانداري، اخلاق ۽ مذهبي عقيدي جي مظبوطي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. هو هڪ بي ڊپو ۽ بهادر انسان هو سندس ننڍ پڻ مسڪينيءَ ۾ گذريو ته آخر تائين حياتي مشڪلن کي منهن ڏيندي گذري ته به طبع ۾ حليم ۽ خدا پاڪ تي توڪل رکندڙ هيو وڏي ڄمار حاصل ٿيس ۱۹ جولاءِ ۱۹۶۹ع تي وفات مهل ۹2 سالن جو هو، آخري ٻه سال ڪافي بيمار پڻ هو باقي هن سڄي حياتي صحتمند ڪٽي هئي، مدرسي مظهر العلوم ۾ پڙهائيندو هو ۽ پوءِ مدرسي انوار العلوم جو بنياد پڻ ۱۹32ع ۾ رکيائين هن سياست ۾ پڻ حصو ورتو تحريڪ خلاف ۾ پڻ حصو ورتائين سندس جو شيلي شاعريءَ انگريزن خلاف نفرت پڙڪائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. مولوي صاحب جي حياتيءَ جا ٻه دور اهم آهن هڪ ۱۹۷۷ع کان ۱۹۴۷ع تائين ۽ ٻيو ۱۹۴۷ع کان ۱۹۶۹ع تائين انگريز سرڪار جي دور جون حالتون پاڪستان هندوستان جو ٺهڻ ۽ ملڪي سياسي حالتون ۽ باغيانه خيال سندس شاعريءَ ۾ بلڪل چٽا پسجن پيا، کيس انگريز دور ۾ جيل نيو ويو ۽ قيد ۾ پڻ کيس ڪافي تڪليفون ڏنيون ويون. انگريزن جي خلاف سڄي هندوستان ۾ تحريڪون عمل ۾ آئيون، پير صاحب پاڳاري جو ڦاسي چڙهڻ، ڀڳت ڪنور رام ۽ الله بخش سومرو جو شهيد ٿيڻ ۽ حُرن جي جنگ ۽ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جون مارشلائون، ون يونٽ، بنگلاديش جدا ٿيڻ لاءِ تحريڪ ۽ ٻيون ڪيتريون قومي ۽ بين الاقوامي حالتون جن کان سندس شاعري متاثر ٿي، سي شاعريءَ ۾ واضح طور ڏسجن پيون. مولوي احمد ملاح جو شمار سنڌي ادب جي اهم شاعرن ۾ ٿيئي ٿو، هن بيشمار بيت، غزل، ڏوهيڙا، ڪافيون، وايون، مولود، مداحون ۽ مناجاتون چيا آهن، کيس فارسي، عربي، سرائيڪي ۽ سنڌي ٻوليءَ تي مهارت حاصل هئي، خاص طور فارسي شاعريءَ کان متاثر هيو ۽ عربي ادب جو وڏو مطالعو ڪيو هئائين. “نور القرآن”، قرآن پاڪ جو منظوم ترجمو سندس اهڙي ڪاوش آهي جنهن کي نه فقط هن صديءَ ۾ پر هميشه مڃتا ملندي رهندي اهو ترجمو سندس محنت ۽ علميت جو دليل ۽ وڏي ديني خدمت آهي، هن ترجمي معرفت مولوي صاحب نه فقط عربي زبان جي اکرن جو ترجمو ڪيو آهي پر قرآن پاڪ جي حڪمن ۽ هدايتن کي پر اثر انداز سان نظمي ويس ڍڪائي سنڌي ٻوليءَ ۾ اهم ترين ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي، هي ترجمو ڏهن سالن ۾ مڪمل ٿيو پنهنجي سوانح عمريءَ ۾ اهو هن ريت لکيو اٿن، پنجونجاهه کان پوءِ پيم پهه ترجمي سنڌيءَ سندو، عمر پوري پنجهٺ ۾ ترجمو ٿيڙو تمام. هيءُ قرآن پاڪ جو پهريون منظوم ترجمو آهي جو سنڌي ٻوليءَ ۾ بيت جي صورت ۾ آهي مولوي صاحب بيت جي صنف کي هن ترجمي لاءِ موزون سمجهيو ۽ سڄو مڪمل ترجمو بيت جي صورت ۾ ٿيوآهي، مولوي صاحب جا نثر ۽ نظم ۾ ڪيترائي ڪتاب آهن “معرفت الله”، “گلزار احمد”، “گلشن احمد”، “هيڪڙائي حق”، “فتح لنواري”، “شرڪ چٽ”، “بياض احمد”، “پيغام احمد”، “ديوان احمد”، “نور القرآن” ۽ ٻيا ڪتاب آهن سندن فن تي پڻ ڪيترن ئي عالمن ۽ اديبن ڪم ڪيو آهي جن ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، علامه قاسمي، شمشير الحيدري ۽ ٻيا آهن پروفيسر ڊاڪٽر عبدالله ملاح مولوي صاحب جي باري ۾ پي ايڇ ڊيءَ جو مقالو، “مولوي حاجي احمد ملاح جي شخصيت ۽ شاعري جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو” لکي سنڌيونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي، تاج جويو سندن جي باري ۾ “موحد شاعر: مولوي حاجي احمد ملاح” ڪتاب ترتيب ڏنو جيڪو ماڻڪ موتي تنظيم شايع ڪيو. هو توحيد جو مبلغ هيو، لنواري شريف ۾ خواجه محمد زمان جي درگاهه تي نقلي حج ٿيندڙ کي ختم ڪرڻ لاءِ هن بدعت خلاف جهاد ڪيو. احمد ملاح سنڌ جو هڪ بي نظير شاعر ۽ عالم هيو، سندس شاعري سنڌي سماج جي ثقافتي، تاريخي، سياسي، سماجي ۽ مذهبي قدرن جي ڄاڻ ڏئي ٿي، هن جو دور هڪ صديءَ تي محيط آهي ۽ سندس شاعريءَ ذريعي سنڌ جي پوريءَ هڪ صديءَ جي تاريخ جڙي ٿي ڪيترائي واقعاتي ۽ تاريخي شعر ملاح جي شاعريءَ ۾ ملن ٿا. احمد ملاح جي شاعري سندس اندر جي اُڌمن جو برجستو اظهار آهي هو فطررتاً حساس ۽ مٺيءَ دل وارو ماڻهو هو جنهن کي نه فقط مذهب ۾ ٻيا ئي ناپسند هئي پر حياتيءَ جي هر رويي ۾ سچائي، سادگي ۽ سٻاجهائي پسند هئي سندس شاعري لغت جو وڏو خزانو آهي وٽس لفظن جا اڻ ملهه انبار ۽ تجنيس حرفيءَ جا سهڻا ڪمال آهن، جيئن مثال طور، دم ڪو آهيون، خواب آهي يا خيال، هي بزرگيون بادشاهيون، خواب آهي يا خيال، خاڪ ٿيندا خاڪ ۾، خاقان توڻي خان سڀ، هي خوشيون هي نگاهيون، خواب آهي يا خيال، هي حڪم هي حڪمتون، هي حرف توڻي حرفتون، شغل شاديون شوق شاهيون، خواب آهي يا خيال. مولوي احمد ملاح قادر الڪلام شاعر هو، سندس شاعراڻين خوبين کيس اعليٰ مقام عطا ڪيو نظم جي تقريباً هر صنف تي طبع آزمائي ڪيائين ته نثر ۾ پڻ وڏو اهل قلم هو، سندس ڪلام فصاحت بلاغت ۽ روانيءَ سان ڀرپور آهي ۽ سنڌ ۾ ڪيترن ئي فنڪارن هن جي ڪلام کي ڳايو آهي. حُسن وارا ڪيئن هزارين منجهه هينين تون هيڪڙو، جاءِ بجاءِ گڏ جانءِ جاني جينين تون هيڪڙو. (احمد ملاح) مولانا حاجي احمد ملاح اشرف عبدالله ميمڻ سنڌ امن، سلامتي ۽ شانتي جي ڌرتي آهي. جنهن ڪيترن ئي صوفين، بزرگن، عالمن مفڪرن ۽ شاعرن کي جنم ڏئي ماتا جو ڪردار امن طريقي سان نڀاهيو آهي. سنڌڙي پنهنجن سپوتن ۽ محب وطن کي سچائي ۽ ساڃاهه جي ستي پيارڻ سان گڏوگڏ محبت، اخوت، ڀائپي ۽ همدردي جهڙن قيمتي اوصافن جو دامن مضبوطي سان پڪڙڻ جي هدايت ڏيڻ ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏي ۽ کين سنڌڙيءَ جا هڙئي لاڏلا سندس ماتا جي حڪم ۽ فرمان جي تابعداري ڪندي مشڪل پنڌ کي سوکو ۽ آسان بڻائي ويا آهن. انهن منجھان حاجي احمد ملاح به هڪ هو. جنهن ڪوڙ ڪپت، ٺڳي ۽ ڪٽپرڻي جهڙن موذي مرضن جون پاڙون پٽي، حق، سچ، علم ۽ ساڃاهه جي پوک پوکي. حاجي احمد ملاح لاڙ جي شهر بدين ۾ تڏهن اک کولي جڏهن جهالت جو جهان اڏيل هو سوين بلڪه هزارين ان نڀاڳ جي ٻيڙي تي سوار هئا. هن سماج جي ماڻهن اسلامي احڪامن جي وڏي هيراڦيري ڪئي ۽ بدعت پکيڙي حاجي احمد ملاح ته انهن سڀني ڳالهين جو ڪٽر ويري هو. بدعت جهالت جي ڪوڙن رواجن ۽ رسمن کي ٽوڙڻ ۽ وهمن توڙي وسوسن کان ماڻهن کي آجو ڪرڻ جي لاءِ مولانا صاحب پاڻ پتوڙيو. مولوي صاحب وڏو شاعر، متقي، پرهيزگار ۽ عالم هو. مولوي صاحب پنهنجي خطبي ۽ شاعري ذريعي ماڻهن جي دلين ۾ سجاگي جي لهر پيدا ڪئي. مولوي صاحب جو وڏو ڪارنامون سنڌي ٻولي ۾ منظوم قرآن شريف جو ترجمون آهي. مولوي صاحب پنهنجي سموري زندگي حق تعاليٰ جي وحدانيت جي پرچار ڪندي گذاري ۽ پنهنجي شاعري جي ذريعي ماڻهن ۾ خدا جي وحدانيت جو شعور ڏنو. مولوي صاحب جي هڪ مشهور شعر جو مصرع آهي ته: نه پالي ٿو پرور ته پالي ٿو ڪير، سنڀالي نه سو، پوءِ سنڀالي ٿو ڪير، کڻي پاٽ مان وجھي پيٽ ۾، نون نالين مان نڪالي ٿو ڪير. مولوي احمد ملاح سنڌ جو باڪمال عالم ۽ شاعر رکيل مورائي سنڌ ڌرتيءَ تي ڪائنات جو خالق مهربان آهي، ان ڪري ئي نه هن ذرتيءَ کي هڪ کان وڌيڪ اعزاز بخشا اٿائين. خاص طور هن ڌرتي کي هُن جيڪي اعزاز بخشا آهن، انهن مان سنڌ جا پهاڙ، سمنڊ، ٿر ۽ زرعي حصا اهڙا اعزاز آهن، جن سنڌ کي سدائين خوشحال رکيو آهي، ٻئي طرف سنڌ لاءِ ڀٽائي خود هڪ اعزاز آهي ۽ ان کانپوءِ سنڌ جون ڪيتريون علمي، ادبي ۽ ڏاهپ رکندڙ شخصيتون پڻ سنڌ لاءِ ڪنهن اعزاز کان گهٽ نه آهن. علمي ادبي حوالي ۾ قدرت ٿر سان جيڪي ڀال ڀلايا آهن، اهي ڪيترن نالن جي روپ ۾ ظاهر آهن، لاڙ سان جيڪا قدرت جي لنئون لڳل آهي، انهيءَ جو اندازو ان شخص مان لڳائي سگهجي ٿو جيڪو لاڙ جي لالڻن جي هڪ ڊگهي فهرست ۾ بنهه نرالو آهي، سندس آبرو نرالي آهي، سندس احترام نرالو آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه نرالو ان ڪري آهي ته هُن جو علمي ادبي ڪم نرالو آهي، انسانيت جي لاءِ قبول ڪيل ضابطه حيات ۽ مسلمانن جي مقدس ڪتاب قرآن پاڪ جو پهريون منظوم ترجمو ڪندڙ جهڙو اعليٰ اعزاز سنڌ جي لاڙ ڏانهن وڃي ٿو، جنهن اعزاز لاءِ شايد اسلامي دنيا جا ڪيترائي ملڪ سڪندا هجن، پر قدرت اهو اعزاز سنڌ کي بخشو ۽ ان اعزاز کي عربستان جي ڌڻين جنهن شان مان سان شايع ڪيو آهي، اهو پڻ هڪ اعزاز کان گهٽ نه آهي، جنهن اعزاز جو نالو آهي، ”نور القرآن“ جنهن جو منظوم ترجمو ڪيو آهي، اسان جي ڀلاري نالي واري شاعر عالم ۽ اديب مولوي احمد ملاح: احترام سان لکيو ويندڙ نالو مولوي احمد ملاح پنهنجي ذات ۾ هڪ باڪمال شاعر، مقرر علماءُ ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه، اڄ جي علمي ادبي ۽ شعوري دنيا واري سڌ ۾ ٽي شخص اهڙا رهيا آهن، جن جي سنڌ وٽ خاص جڳهه آهي، هڪ مولوي غلام رسول جتوئي، ”خطبهءِ رسولي“ جو خالق، هڪ محمد عثمان ڏيپلائي، ”نورِ توحيد“ جو خالق“ ۽ هڪ مولوي احمد ملاح، ”ديوان احمد“ جو خالق، اتر سنڌ مولوي غلام رسول جتوئيءَ تي فخر ڪندي، ٿر محمد ڏيپلائي تي فخر ڪندو ۽ ائين لاڙ پٽ مولوي احمد ملاح تي فخر ڪندو. مولوي احمد ملاح پنهنجي علمي ۽ شاعراڻي عظمت ته رکي ئي ٿو پر عملي طور هُن جيڪا سنڌ جي مذهبي، مسلڪي ۽ عقيدي وارين بدعتن خلاف جنگ ڪئي آهي، اها هڪ الڳ تاريخ جو حصو آهي، جن شخصن مولوي صاحب جو دور اکين سان ڏٺو اُهي اهڙي شاهدي ڏئي سگهن ٿا ۽ جن سندس دور نه ڏٺو، اُهي هُن جي شاعري پڙهي اندازو لڳائي سگهندا ته مولوي احمد ڪهڙي علمي ۽ ادبي حيثيت جو مالڪ آهي. لاڙ پٽ جي علمي ادبي ماحول تي جيڪو مولوي احمد ملاح جو اثر آهي، اهو اڄ جا جديد دور جا لکندڙ به لنوائي نه سگهندا، اڄ جي لاڙ پٽ جي ليکڪن وٽ جيڪو لاڙ جو حُسن آهي ۽ جيڪو لاڙ جي ٻوليءَ ۽ ثقافت جو حسن آهي، ان ۾ گهڻو حصو مولوي احمد ملاح جو آهي، مولوي صاحب جي غزلن جا جيتوڻيڪ ننڍا ننڍا مجموعا ته شايع ٿيل آهن، پر ڏهاڪو کن سال اڳ محترم عبدالغفور ”عابد“ صاحب جي ڪوششن سان ”ديوان احمد“ پڻ شايع ٿيو هو، جيڪو چڱو ئي ضخيم ڪتاب هو، جنهن ۾ مولوي صاحب جا غزل شامل هُئا ۽ انهن غزلن ۾ جيڪا لاڙ جي ثقافتي سونهن هُئي اها پنهنجو مثال پاڻ آهي، ائين به آهي ته مولوي صاحب جو چڱو چوکو شعر نا صحانه پڻ آهي، پر هو اول آخر هڪ مڪمل شاعر آهي، ان ۾ ٻه ڳالهيون نه آهن ۽ ساڳئي وقت اهو به آهي ته مولوي احمد ملاح جي غزل ۾ جيڪو به ڪجهه آهي، اُهو سڀ سندس تخليقي اُپت آهي، هُن وٽ ٻوليءَ جو رچاءُ پنهنجو آهي، تشبيهون پنهنجون آهن، تمثيلون پنهنجون آهن، اشارا قنايا پنهنجا آهن، رديف قافعا پنهنجا آهن، لسانياتي ۽ ثقافتي سونهن پنهنجي آهي، ۽ اهم ڳالهه ته چوڻ جو ڍنگ پنهنجو آهي، هڪ مڪمل شاعر لاءِ ايترو ڪجهه هجڻ ڪافي آهي. مولوي احمد ملاح هڪ شاعر سان گڏ هڪ مبلغ آهي، هڪ مذهبي عالم به آهي، ڇاڪاڻ ته اهو سندس شعوري پاسو آهي، جنهن ڪري هُن پنهنجي شاعريءَ کان تبليغ جو ڪم به ڀرپور نموني ورتو آهي، جنهن ۾ هو مڪمل ڪامياب ويو آهي، پر اهو به سچ آهي، هُن جڏهن شاعري کان تبليغ جو ڪم ورتو آهي، تڏهن به وٽيس شاعري موجود رهي آهي، جديد تنقيد ۾ تمام گهڻو وقت هڪ جملو استعمال ٿيندو رهندو هُئو ته ”بهترين فن ذريعي بهترين پروپيگنڊا، بهترين ادب آهي“ مولوي صاحب مٿئين جملي تي بنهه پورو لهي ٿو. جيڪا هر لکندڙ جي وس جي ڳالهه نه آهي ۽ جڏهن اهو شاعر هجي ته ڳالهه اڃا به ڏکي ٿيو پوي بھرحال مولوي احمد ملاح ويهين صديءَ جي شروع ۾ يعني ۱۹۰۰ع ۾ پيدا ٿيو هن زندگي جا اٺهتر سال ڄمار ماڻي ۱۹۶۹ع ۾ وفات ڪئي. تازو ئي مولوي احمد ملاح جهڙي عالي شاعر ۽ عالم جي سڀ شاعري گڏي هڪ ڪليات ۾ آندي وئي آهي ۽ اها ايتري گهڻي آهي جو ڪليات جا ٻه جلد جوڙيا ويا آهن، ٻنهي جلدن ۾ دبل ڪلائون سائيز جا هڪ هزار ٻه سئو ٻاهتر صفحا آهن، هي محنت ۽ محبت وارو ڪم احترام لائق پروفيسر ضرار رستماڻي صاحب ڪيو آهي، جنهن لاءِ هو گهڻو جس لهڻي جو هُن صاحب هڪ ڪامل شاعر جو سمورو ڪلام گڏ ڪيو آهي ۽ ان کي ٻن جلدن جي ڪليات ۾ هڪ وڏي خرچ سان شايع ڪيو آهي، ائين ڪري هُن صاحب سنڌي پڙهندڙن کي هڪ اعليٰ شاعر ۽ عالم هڪ هنڌ گڏ ڪري ڏنو آهي، جيڪو مڪمل طرح پڙهڻ لاءِ شايد ڪنهن به پڙهندڙ لاءِ ڏکيو ٿئي ها! مولوي صاحب ڀلي لاڙ پٽ جو شاعر هُئو ۽ اتي ئي هوسڄي ڄمار لکندو ۽ پڙهندو رهيو پر هڪ شاعر طور سنڌ جو شاعر آهي ۽ سموري سنڌ ۾ احترام ۽ پيار سان پڙهيو وڃي ٿو، ڀلي مذهبي شدت پسندي ڪري سنڌ جو نوجوان ان بيزاريءَ جو شڪار رهيو هُجي پر مولوي احمد ملاح جي شاعراڻي عظمت کان هو ڪڏهن به انڪاري نه رهيو آهي ۽ هاڻ جڏهن سندس سموري شاعري اڄ جو نوجوان ڌيان سان پڙهندو ته يقينن هو، ڏانهُس وڌيڪ ڌيان ڏيندو. اهڙي پڪ آهي، ٻن جلدن جو هي اعليٰ شاعريءَ جو ڪليات منهنجي دوست ۽ نامياري صحافي فيض کوسي مون ڏانهن تحفي طور موڪليو آهي. مان سندس احسان مڃيندي دل ۾ بيحد خوش آهيان ته هُن مون ڏانهن هڪ املهه ڪتاب موڪليو آهي جيڪو اڄ جي لکندڙن کي ضرور پڙهڻ گهرجي ٻيءَ صورت ۾ هُو هڪ شاعراڻي ڪليات کان محروم رهجي ويندا. جيڪي سندس علم ۾ هڪ سدائين رهجي ويندڙ ڪمي هوندي ۽ بس! احمد ملاح مولوي سنڌ جي بيمثال ۽ عوامي شاعر، مولوي حاجي احمد ملاح، تعلقي بدين جي هڪ ڳوٺ ”ڪنڊيءَ“ ۾ پهرين فيبروري ۱۸۷۷ع تي جنم ورتو. سندس والد جو نالو ”نانگيو“ هو. هن شروعاتي تعليم، ڀڳڙا ميمڻ، ٻهڊميءَ، نانگي شاهه ۽ سجاول جي مڪتبن ۽ مدرسن مان حاصل ڪئي. بعد ۾ ”رپ“ مان تعليم مُڪمل ڪري دستاربندي ڪيائين. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ هن مختلف مڪتبن ۽ مدرسن ۾ درس ۽ تدريس جا فرض سرانجام ڏنا. نورمحمد منڌري، لاکي پير، ٻهڊميءَ ۽ ڪنڊيءَ جي مدرسن ۾ پڙهائيندو رهيو. ان کان پوءِ بدين جي مدرسي ”مظهر العلوم“ ۾ معلم جي حيثيت سان پڙهائيندو رهيو. سال ۱۹۳۲ع ڌاري مذهبي فرقيواريت ۽ فسادن جي ڪري مدرسي کي خيرآباد چئي بدين جي هڪ علائقي ۾ گهر اڏي، غريب آباد محلو جوڙيائين. اتي ئي هڪ مدرسو ”انوار العلوم“ قائم ڪري، سنڌ جي ناليوارن عالمن، مولانا عبدالوهاب، مولانا عبدالغفور سيتائي، مولوي محمود ۽ مولوي گل محمد کي معلم طور مقرر ڪيائين. مولانا صاحب هڪ انقلابي شخصيت هو، جنهن خلافت تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. ۱۹۲۲ع ۾ گرفتار ٿيو ۽ ۴ مهينا جيل ڪاٽيائين. ”جميعت علماءِ سنڌ“ ۾ پڻ سرگرم رهيو. مولوي حاجي احمد ملاح جو سنڌ جي وڏن ۽ اعليٰ پايي جي شاعرن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. سندس شاعريءَ جو انداز عوامي آهي، جنهن کي جهر جهنگ ۾ ڳايو وڃي ٿو. سندس شاعريءَ جو وڏو حصو، مذهبي شاعريءَ تي ٻڌل آهي. تنهن هوندي به سندس شاعريءَ ۾ مزاحيه، جمالياتي ۽ انقلابي پهلو نمايان آهن. هيءُ تجنيسِ حرفيءَ جو شهنشاهه ۽ غزل جو سٺو شاعر تسليم ڪيو وڃي ٿو. سندس علمي ڪارنامو، قرآن مجيد جو ”نورالقرآن“ جي نالي سان سنڌي بيتن ۾ منظوم ترجمو ڪرڻ آهي. بلاشڪ سندس انهيءَ عظيم ڪم سان سنڌي ٻوليءَ کي وڏو مقام حاصل ٿيو آهي. قرآن مجيد جو سڄي دنيا ۾ اهو پهريون منظوم ترجمو آهي. اُن جو پهريون ڇاپو ارباب الله جُڙئي مولانا صاحب جي زندگيءَ ۾ (۱۹۶۹ع ڌاري) ڇپائي پڌرو ڪيو. اُن ترجمي جو ٻيو ڇاپو مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد ۱۹۷۸ع ۾ ڇپائي منظر عام تي آندو. ان ۾ علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جو مقدمو اعليٰ معيار جو شاهڪار آهي. هن قرآن پاڪ جي ترجمي جي اهميت کي محسوس ڪندي، ڪجهه سال اڳ، اهو سعودي عرب جي سرڪار پاران ڇپائي مفت تقسيم ڪيو ويو. ان جي ڇپائي ۽ گيٽ اپ، تمام سهڻو ۽ اعليٰ درجي جو آهي. سندس شاعريءَ جي مجموعن مان ”ديوانِ احمد“، ”گلشنِ احمد“، ”گلزارِ احمد“، ”بياضِ احمد“، ”هيڪڙائي حق“، ”پيغام احمد“ ۽ ”غزليات احمد“ ڇپيل آهن. نثر ۾ هڪ ڪتاب ”معرفة الا اللہ“ پڻ ڇپيل اٿس. سندس شخصيت، زندگي ۽ علمي خدمتن تي تاج جويي ”موحد شاعر مولانا حاجي احمد ملاح“ (۲۰۰۳ع) ترتيب ڏئي ڇپايو آهي. سنڌ جي هن بيمثال شاعر ۱۹ جولاءِ ۱۹۶۹ع تي وفات ڪئي. سندس مزار بدين شهر ۾، معصومن جي مقام ۾ آهي. سندس هڪ ئي تصوير موجود هئي، نوجوان مصور حفيظ قريشيءَ ان تان خوبصورت تصوير پينٽ ڪئي آهي، جيڪا هن وقت مولانا صاحب جي واحد تصوير آهي. حاجي احمد ملاح سنڌ دوست انسان عبدالمجيد ملاح الله تعاليٰ انسان ذات جي رهنمائي جي لاءِ هڪ لک ۲۴ هزار جي لڳ ڀڳ پيغمبر موڪليا جنن انسانن تائين الله جي وحدانيت جو پيغام پهچايو ۽ آخر ۾ پنهنجي پياري رسول حضرت محمد ﷺتي پاڪ ڪتاب قرآن مجيد نازل ڪري ان کي قيامت تائين جي ماڻهن لاءِ هدايت ۽ رهنمائي جو سرچشمو بنايو. نبوت ۽ رسالت جي سلسلي ختم ٿيڻ کان پوءِ اسلام جي تعليم کي عام ڪرڻ ۽ پکيڙڻ جو فريضو هن امت جي علماءِ ڪرامن ۽ نيڪ انسانن تي عائد ٿئي ٿو. اصحاب سڳورن، محدثين ۽ وقت به وقت علماءِ ڪرامن الله جي دين جي تعليم ۽ توحيد جي دعوت پکيڙڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا پئي ڪيو آهي. اهڙن ئي نيڪ انسانن جي صف مان هڪ نالو مولانا حاجي احمد ملاح رحه جو به آهي جنهن الله تعاليٰ جي آخري ڪتاب قرآن مجيد جو سنڌي ٻولي ۾ منظوم ترجمو ڪيو جيڪو اعزاز سنڌي ٻولي کان سواءِ ٻي ڪنهن به ٻولي کي حاصل نه ٿيو آهي. سنڌي ٻولي ۾ منظوم قرآن مجيد جو اهو ترجمو جيڪو ”نورالقرآن“ جي نالي سان سعودي حڪومت پاران ڇپائي وڏي تعداد ۾ منظرعام تي آندو ويو. اهو اڄ به پوري دنيا جي مسلم لائبريرين ۾ موجود آهي جڏهن ته انهي کان اڳ اهو ترجمو شايع ڪرڻ جو اعزاز مولوي صاحب جي ساٿي ۽ رفيق ارباب الهجڙيو کي حاصل ٿيو جنهن کان پوءِ دائود فائونڊيشن ڪراچي، مهراڻ آرٽ ڪائونسل حيدرآباد پاران پڻ شايع ڪيو ويو. مولوي احمد ملاح جيڪو بدين تعلقي جي قديم ۽ تاريخي ماڳ روپا ماڙي، شهيد دودو سومرو جي اوڀر طرف ٻه ڪلوميٽر مفاصلي تي موجود ديهه لوهڻ جي ڳوٺ ڪنڊو ۾ جنم ورتو. اهو ڳوٺ ڪنڊو جي نالي سان انهي ڪري مشهور ٿيو جو اتي جي زمين وارياسي هئي اتي ڪنڊيون ۽ ڪرڙ تمام گھڻا ٿيندا هئا ۽ اتي ڪنڊي جيڪا وڌي وڏو وڻ ٿي جنهن جي مناسبت سان اهو ڳوٺ ”ڪنڊو“ جي نالي سان سڏجڻ لڳو. مولانا حاجي احمد ملاح کي پڙهڻ جو شوق جاڳيو هڪ ڏينهن صبح جو مال چارڻ لاءِ جهنگ ۾ ويو اتي ڍور جهنگ ۾ ڇڏي پاڻ ٻهڍمي جي هڪ مڪتب ۾ پڙهڻ هليو ويو. جنهن کان پوءِ ڀڳڙا ميمڻ ۽ سجاول جي مدرسن ۾ عربي، فارسي جو علم حاصل ڪري مڪمل عالم ٿي دستاربندي جي پڳ ٻڌي جيڪا ان وقت تعلقي بدين جي ڳوٺ رپ لڳ گھڙو ۾ مشهور عالم دين مولانا خير محمد مگسي ”خضري“ هٿان دستاربندي ٿي. ديني علم حاصل ڪرڻ کان پوءِ واپس پنهنجي ڳوٺ اچي ڪجهه عرصو اتي ئي رهيو جنهن کان پوءِ ديني فريضي يعني دين جي تبليغ جي ڪم ۾ لڳي ويا. شاعري جو کيس ننڍي هوندي ئي شوق هو. هن سماج اندر پکڙيل مختلف سماجي براين شرڪ بدعت جهڙن رسمن خلاف پنهنجي شاعري ذريعي جهاد ڪيو ۽ انهن جو رد ڪري الله جي توحيد وحدانيت ۽ سنت جو پيغام ماڻهن تائين پهچايو. سندس شاعري ماڻهن ۾ سٺي مقبوليت حاصل ڪئي. پاڻ هڪ مدرسو مظهرالعلوم نالي سان بدين شهر ۾ ميرواهه جي ڪپ تي قائم ڪيو. انهي مدرسي جي مقبوليت ۽ ڪاميابي سبب حاسد ۽ پيٽوڙي ملن کي ڏکي لڳي ۽ انهن مولوين جي مقبوليت گھٽجڻ لڳي ۽ انهن پاران اهو چيو ويو ته مولوي احمد ملاح وهابي ٿي ويو آهي. مولوين جي اهڙي روش جي ڪري مولوي احمد ملاح دين جي تبليغ ۽ الله سائين جي خالص توحيد جي پرچارڪ ڪرڻ کان باز نه آيو جنهن جي ڪري سڀني مولوين گڏجي کيس سندس ۱۳ ساٿين سميت وهابي هئڻ جو چئي مدرسي مظهر العلوم کي ڇڏڻ تي مجبور ڪيو. مولوي صاحب کي رب تعاليٰ جي نصرت حاصل ٿي جنهن کي بدين شهر جي قاضيه واهه ڪپ تي ان وقت سنڌ جي وزير اعليٰ مير غلام علي ٽالپر دوستي جو هٿ وڌائيندي مدرسي مسجد ۽ رهائش لاءِ زمين منظور ڪري ڏني انهي تي دوستن جي تعاون ۽ الله تعاليٰ جي مدد ۽ تائيد سان هڪ مدرسو انوارالعلوم نالي سان ٺهرايو ۽ مسجد ٺهرائي ۽ مولوي جي رهائش سان گڏ اتي ٻيا به گهر آباد ٿيڻ لڳا ۽ انهي علائقي جو نالو غريب آباد رکيو ويو. انهي سان گڏ مولوي صاحب معاشري ۾ موجود بدعت ۽ شرڪ جي خلاف پڻ باقاعده جهاد شروع ڪري ڏنو. جنهن جي ڪري هڪ طرف ڪيتريون ئي پيراڻيون گاديون ويران ٿيڻ لڳيون ماڻهو شرڪ جي دلدل مان نڪري توحيد جي نور سان منور ٿيڻ لڳا ۽ مولوي صاحب جو ساٿ ڏيڻ لڳا جنهن ۾ ابڙا، بوهڙ، گھراڻا، پنائي سيد، مير خاندان، وهڻائي خاندان ۽ ٻيون برادريون شامل آهن. مولوي صاحب جي شاعري ۽ توحيد پرست عالم هئڻ جي ڪري علائقي ۾ وڏي سياسي پذيرائي پڻ حاصل ٿي سندس علم ۽ شاعري سبب ڪافي ماڻهو فيض حاصل ڪيو جنن ۾ مير غلام علي ٽالپر، شهيد الله بخش سومرو، مير علي احمد ٽالپر، مير رسول بخش ٽالپر، ارباب خانصاحب توڳاچي، ارباب الهجڙيو، مير بنده علي خان ٽالپر، مير غلام محمد خان ٽالپر، بلالاڻي فقير، مير الله بچايو خان ٽالپر، مير ملڪ محمد خان ٽالپر، ڪليڪٽر مسيح الزمان، بئريسٽر خالد اسحاق کان علاوه مقامي طور تي ارباب جمعون ابڙو، رئيس نورمحمد بوهڙ، سيد عبدالله شاهه، سيد شاهن شاهه، محمد اشرف ٿيٻو، جانڻ لوهار، پير حاجي حسن بخش، ڊاڪٽر نذير حسين حيدري، حاجي حسين ملاح، بچل ٽڪورو، وڏيرو ڪمال الدين مينڌرو، رئيس پوڙهو خان ڀرڳڙي، رئيس نبي بخش ڀرڳڙي، سيد مقبول شاهه آف وهڻائي، وڏيرو قابل جوکيو، مير نورحسن ٽالپر، رئيس عبدالرحمان جروار، مير صاحب خان ٽالپر، مير ولي محمد خان ٽالپر، ارباب نورمحمد راهمون سندس دوستي ۾ آيا. جڏهن ته علماءِ ڪرامن ۾ مولوي عبدالرحيم پڇمي، مولانا محمد صادق کڏي وارو، مولانا دين محمد وفائي، مولوي محمد عمر جوڻيجو، مولانا عبدالغفور سيتائي، مولوي عبدالرحيم جنائي، مولوي خير محمد نظاماڻي، مولوي گل محمد خاصخيلي، مولوي عبدالله جوڻيجو، مولوي عبدالوهاب لنڊ، حاجي حسين گوپانگ، مولوي محمد هارون چنه، مولوي عبدالڪريم سمون، مولوي احمد پنهور، مولوي عبدالحق رباني، مولوي علي محمد مهيري، حاجي شير محمد ٽالپر، مولوي علي محمد سنهڙي وارو، مولوي محمد اسماعيل لغاري مسڻ وڏي، پير احسان الله شاهه راشدي جھنڊي وارو، مولانا حمادالله، مولانا سلطان احمد رتيديرو ۽ مولانا غلام الله راولپنڊي وارو ۽ ٻيا علماءِ ڪرام سندس دوستي ۾ رهيا. مولانا حاجي احمد ملاح وڏو شاعر هئڻ ڪري سندس شاعري جا ڪيترائي ڪتاب آهن جيڪي سندس دوست ساٿي مولوي عبدالله جوڻيجو جن ڇپائي منظر عام تي آندا جنهن ۾ ديوان احمد، گلزار احمد، هيڪڙائي حق، بياض احمد، گلشن احمد، غزليات احمد، فتح لواري ۽ نثر ۾ معرفت الله شامل آهن ۽ ڪليات احمد جيڪو هن وقت تازو پروفيسر ضرار رستماڻي ٽن واليم ۾ ڇپرايو آهي. انهن سڀني شاعري جي ڪتابن جا ڪيترائي ايڊيشن ڇپجي منظر عام تي اچي چڪا آهن. مولوي صاحب جو وڏي ۾ وڏو ڪارنامون قرآن مجيد جو منظوم ترجمو نورالقرآن آهي ۽ ٻيو ڪارنامون لواري ۾ ٿيندڙ مصنوعي حج کي بند ڪرائڻ آهي. هن عظيم انسان پنهنجي سموري زندگي الله جي دين جي پرچار ۽ توحيد جي سر بلندي لاءِ وقف ڪري ڇڏي. مولوي احمد ملاح کي شاعري ۾ حرف تجنيس جو بادشاهه شاعر ڪري سڏيو وڃي ٿو. سندس ڪلام ۽ شاعري کي سنڌ جي وڏن فنڪارن پڻ ڳايو آهي جن ۾ استاد عثمان ڪڇي، استاد مٺو ڪڇي. عابده پروين، مصري ڏيپلائي، حسن ڪڇي، حافظ لقمان عالماڻي، حيدر کوسو، اسحاق ڪارو، ٻڍو فقير، سميت ٻين فنڪارن ڳايو آهي ۽ هن وقت به استاد الهڏنو جوڻيجو، ڪريم ڪڇي ۽ ٻيا فنڪار مولوي حاجي احمد ملاح جي شاعري کي بهترين انداز ۾ ڳاين ٿا. جڏهن ته ديني مجلسن ۾ حاجي غازي ڪنڀار، حافظ الهڏنو ملاح ۽ جان محمد راڄو مولوي ملاح جي شاعري پڻ چوندا رهيا آهن. مولوي احمد ملاح رح جي شاعري کان جيڪي متاثر ٿيا ۽ کيس پنهنجو استاد مڃيو انهن ۾ ابراهيم منشي، سرويچ سجاولي، عبدالمبين پنائي، حاجي محمد حاڪم ٽالپر ۽ ٻيا شامل آهن جنن جي شاعري ۾ مولانا احمد ملاح جي شاعري جو اثر پسي سگھجي ٿو. موجوده وقت ۾ جيڪي شاعر آهن انهن ۾ حافظ محمد نظاماڻي، حافظ خليل کوسو مولوي حاجي احمد ملاح رح جي شاعري کي دلي طور تي پڙهن ٿا ۽ بهتر سمجهي ان جي شاعري سان محبت ڪن ٿا ۽ شاعري جي ڪنهن به محفل ۾ مولوي صاحب جي شاعري جو ذڪر ڪرڻ فرض سمجھن ٿا. انهي کان علاوه بدين جي علمي شخصيت سائين محمد صديق مرهم ملاح کي مولوي صاحب جي شاعري جو حافظ ڪوٺيو وڃي ٿو. مولوي صاحب جي شاعري کي سهڻن اکرن ۾ لکندڙ ڪاتبن ۾ حافظ نعت الله هاليپوٽو، عبدالمجيد ابڙو، ماستر الهجڙيو ملاح، مولوي عبدالله جوڻيجو، ماستر الله ورايو عمراڻي شامل آهن. مولوي صاحب جي ڪيل علمي ادبي خدمتن ۽ شاعري کي عام ڪرڻ جي لاءِ هڪ ادارو ”مولوي حاجي احمد ملاح اڪيڊمي“ طور قائم ڪيل آهي جنهن تحت ڪتابي اشاعت جو سلسلو جاري آهي. مولوي صاحب پنهنجي سڄي زندگي الله جي دين جي لاءِ وقف ڪندي هن علائقي ۾ توحيد رباني جو علم بلند ڪندي ۹۰ سالن جي ڄمار ۾ ۱۹ جولاءِ ۱۹۶۹ بروز ڇنڇر جي ڏينهن منجھند ۳:۳۰ منٽن تي هن جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو سندس جنازي ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. سندس آخري آرام گاهه ڪينٽ روڊ بدين ۾ موجود معصومن جي قبرستان ۾ آهي. احمد ملاح مولوي آصف جمال سومرو سنڌ جي بيمثال ۽ عوامي شاعر، مولوي حاجي احمد ملاح، تعلقي بدين جي هڪ ڳوٺ “ڪنڊيءَ” ۾ پهرين فيبروري ۱۸۷۷ع تي جنم ورتو. سندس والد جو نالو “نانگيو” هو. هن شروعاتي تعليم، ڀڳڙا ميمڻ، ٻهڊميءَ، نانگي شاھ ۽ سجاول جي مڪتبن ۽ مدرسن مان حاصل ڪئي. بعد ۾ “رپ” مان تعليم مُڪمل ڪري دستاربندي ڪيائين. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ هن مختلف مڪتبن ۽ مدرسن ۾ درس ۽ تدريس جا فرض سرانجام ڏنا. نورمحمد منڌري، لاکي پير، ٻهڊميءَ ۽ ڪنڊيءَ جي مدرسن ۾ پڙهائيندو رهيو. ان کان پوءِ بدين جي مدرسي “مظهرالعلوم” ۾ معلم جي حيثيت سان پڙهائيندو رهيو. ۱۹۳۲ع ڌاري مذهبي فرقيواريت ۽ فسادن جي ڪري مدرسي کي خيرآباد چئي بدين جي هڪ علائقي ۾ گهر اڏي، غريب آباد محلو جوڙيائين، اتي ئي هڪ مدرسو “انوارالعلوم” قائم ڪري، سنڌ جي ناليوارن عالمن، مولانا عبدالوهاب، مولانا عبدالغفور سيتائي، مولوي محمود ۽ مولوي گل محمد کي معلم طور مقرر ڪيائين. مولانا صاحب هڪ انقلابي شخصيت هو، جنهن خلافت تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. ۱۹۲۲ع ۾ گرفتار ٿيو ۽ ۴ مهينا جيل ڪاٽيائين. “جميعت علماءِ سنڌ” ۾ پڻ سرگرم رهيو. مولوي حاجي احمد ملاح سنڌ جي وڏن ۽ اعليٰ پايي جي شاعرن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. سندس شاعريءَ جو انداز عوامي آهي، جنهن کي جهر جهنگ ۾ ڳايو وڃي ٿو. سندس شاعريءَ جو وڏو حصو، مذهبي شاعريءَ تي ٻڌل آهي، تنهن هوندي به سندس شاعريءَ ۾ مزاحيه، جمالياتي ۽ انقلابي پهلو نمايان آهن. هيءُ تجنيسِ حرفيءَ جو شهنشاھ ۽ غزل جو سٺو شاعر تسليم ڪيو وڃي ٿو. سندس عالمي ڪارنامو، قرآن مجيد جو “نورالقرآن” جي نالي سان سنڌي بيتن ۾ منظوم ترجمو ڪرڻ آهي، بلاشڪ سندس انهيءَ عظيم ڪم سان سنڌي ٻوليءَ کي وڏو مقام حاصل ٿيو آهي. قرآن مجيد جو سڄي دنيا ۾ اهو پهريون منظوم ترجمو آهي. اُن جو پهريون ڇاپو ارباب الله جُڙئي مولانا صاحب جي زندگيءَ ۾ (۱۹۶۹ع ڌاري) ڇپائي پڌرو ڪيو. اُن ترجمي جو ٻيو ڇاپو مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد ۱۹۷۸ع ۾ ڇپائي منظر عام تي آندو، ان ۾ علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جو مقدمو اعليٰ معيار جو شاهڪار آهي. هن قرآن پاڪ جي ترجمي جي اهميت کي محسوس ڪندي ڪجھ سال اڳ اهو سعودي عرب جي سرڪار پاران ڇپائي مفت تقسيم ڪيو ويو، ان جي ڇپائي ۽ گيٽ اپ تمام سهڻو ۽ اعليٰ درجي جو آهي. سندس شاعريءَ جي مجموعن مان “ديوانِ احمد”، “گلشنِ احمد”، “گلزارِ احمد”، “بياضِ احمد”، “هيڪڙائي حق”، “پيغام احمد” ۽ “غزليات احمد” ڇپيل آهن. نثر ۾ هڪ ڪتاب “معرفة الاالله” پڻ ڇپيل اٿس. سندس شخصيت، زندگي ۽ علمي خدمتن تي تاج جويي “موحد شاعر مولانا حاجي احمد ملاح” (۲۰۰۳ع) ترتيب ڏئي ڇپايو آهي. سنڌ جي هن بيمثال شاعر ۱۹ جولاءِ ۱۹۶۹ع تي وفات ڪئي. سندس مزار بدين شهر ۾، معصومن جي مقام ۾ آهي. سندس هڪ ئي تصوير موجود هئي، نوجوان مصور حفيظ قريشيءَ ان تان خوبصورت تصوير پينٽ ڪئي آهي، جيڪا هن وقت مولانا صاحب جي واحد تصوير آهي. سندس زندگي جي مشن کي موجود وقت ۾ پروفيسر ضرار رستماڻي پورو ڪري رهيو آهي. پروفيسر صاحب سندس ڪلام کي ن رڳو سانڍي ڇپرائي پيو بلڪي جيڪي واڌايون انجي ڪلام ۾ ڪيو ويون آهن انهن کي ب درست ڪري پيو. ملوي احمد ملاح صاحب جي زندگي جي بهترين نموني موجود وقت ۾ انسائيڪلوپيڊيا پروفيسر ضرار رستماڻي صاحب آهي. قوم جي بي حسي چئبي يا پنهنجن کي نوازڻ پر جيڪو ڪم ملوي احمد ملاح ڪري ويو آهي سنڌي ٻولي جي واڌءُ لاءِ اهيو ن ڪنهن شاعر اڄ ڏينهن تائين ڪيو آهي ن ڪنهن ٻئي شخص پر سندس ڪلام کي سرڪاري سطح تي ڪا ب موٽ ڪون ملي آهي. حاجي احمد ملاح ھيڪڙائي حق جو وڏي۾ وڏو مبلغ محمد موسيٰ جوکيو حاجي احمد ملاح گھڻ رُخي شخصيت جو مالڪ هو. سندن شخصيت تي لکڻ لاءِ اسان کي تاريخ جي ورق گرداني ڪرڻي پوندي، جيئن اسان کي پروڙ پوي ته انهن ماڻهن ڪهڙن مشڪل ترين دورن ۾ حق ۽ سچ جي پرچار ڪئي. قدرت جي سڀني نعمتن سان مالا مال آهي. انهي ڪري هن ڌرتي جا رهواسي سدائين خوشحال ماڻهو ۽ سدا سٻاجهڙا رهيا آهن. انهن تي هميشه دنيا جي حريص، مڪار، فريبي ماڻهن جون غاصبانا نظرون هونديون آهن. موهن جي دڙي جي وقت کان اڄ ڏينهن تائين سنڌ جا ماڻهو اهي پيڙاهون ڀوڳيندا رهيا آهن. دنيا جو مشهور سياح، البيروني، جنهن سڄي دنيا جو سير وسفر ڪيو آهي. انهي پنهنجي مشهور سفرنامي ۾ لکيو آهي ته؛ “سڄي دنيا ۾ واحد سنڌ ملڪ آهي. جتي مسافرن کي ماني اجهو مفت مهيا ٿئي ٿو. ” البيروني اڳتي لکي ٿو ته؛ “اهڙا ملڪ جنهن جا ماڻهو اهڙا فراخ دل هجن، اهي پنهنجو وجود برقرار رکي نه سگهندا آهن. هميشه سازشن مڪارين، ٺڳين ۽ منافقين جو شڪار ٿيندا رهندا آهن”. مولوي حاجي احمد ملاح جو هڪ اهڙي مڪتبه فڪر سان واسطو هو. جنهن جو برصغير جي تاريخ ۾ اهم ڪردار رهيو آهي. اهو مڪتبه فڪر آهي” مظهردالعلوم ديوبند” جنگ آزادي جي تحريڪ ۾ مظهردالعلوم جي عالمن جو تمام وڏو حصو رهيو آهي. دارالعلوم جو ناظم حضرت مولانا حسين احمد مدني هندستان جي مسلمانن جي وڏي ۾ وڏي جماعت جمعيت العلماءِ هند جو صدر به رهيو آهي. هندستان ۾ آزادي جي حساب سان جيڪي مشهور تحريڪون هليون جن ۾ خلافت تحريڪ، ريشمي رومال واري تحريڪ ۽ ٻين تحريڪن ۾ جمعيت العلماءِ هند جي عالمن جو ڪليدي رول رهيو آهي. اسان جي سنڌ ۾ به مولانا عبيدالله سنڌي، مولانا محمد صادق کڏي وارا، مولانا عبدالحق رباني، مولانا شاھ محمد امروٽي ۽ حضرت مولانا حاجي احمد ملاح جو ڪردار تاريخ جو سونهري باب آهي. مولوي حاجي احمد ملاح صاحب انگريزن جي دور ۾ انهن تحريڪن جي عتاب ۾ جيل به ڪاٽيو. مولوي حاجي احمد ملاح جو جيڪو وڏي ۾ وڏو ڪارنامو آهي. اهو آهي شرڪ جي خلاف اعلان جنگ، وهم پرستي، قبر پرستي، نام نهاد پيري مريدي خلاف اعلان جهاد، مولوي صاحب سڄي زندگي انهي محاذ تي دليري سان وڙهيو. اهو اهڙو دور هو جڏهن پيري مريدي خلاف هڪ لفظ ڳالهائڻ به جرعت جو ڪم هو. پر مولوي صاحب پنهنجن مختصر ساٿين سان گڏجي پيري مريدي جي شيش محل کي پٿر هڻي ڀورڀور ڪري ڇڏيو. مولوي صاحب جي سّٿ جو هڪ ٻيو ساٿي محمد عثمان ڏيپلائي پيري مريدي کي هڪ مهلڪ مرض سمجهي انهي جي خلاف ڪتابي سلسلو شروع ڪيو. ڏيپلائي صاحب مرشد جي ڪن، نڪ کان وٺي هر عضوي تي ڪتاب لکيو، انهي کان علاوه پيري مريدي سان واسطو رکندڙ هر موضوع تي سون جي تعداد ۾ ڪتاب شايع ٿيل آهن. ڏيپلائي صاحب جي ڪتابن سنڌ ۾ تمام گهڻي سجاڳي آندي. مولوي صاحب جو ٻيو ساٿي جيڪا سنڌ ۾ نهايت قابلِ احترام شخصيت آهي. اهو هو مولانا عبدالحق رباني هو به پيري مريدي جي خلاف تمام گهڻو سرگرم رهيو. هن تي به مرشدن جي طرفان دڙڪا دهمان به ٿيا. پر هو ڪنهن جي به عتاب ۾ نه آيو ۽ سدائين سرخرو رهيو. مولوي احمد ملاح جيڪو جسماني طور ضعيف ۽ ڪمزور هوندو هو ۽ هن جي دوستن جو به محدود حلقو هوندو هو. پر تنهن هوندي به سڄي زندگي پنهنجي عظيم مقصد خاطر سدائين حالت جنگ ۾ رهيا. هن جو مخالف طبقو پيسي پرور، ماڻهن جي گهڻائي ۽ سرڪار جي سرپرستي هيٺ هو. پر مولوي صاحب حق ۽ سچ تي هو. ۽ هن جي اڳيان ڪابه وڏي رڪاوٽ جٽا ڪري نه سگهي. اڄ جي دور ۾ مولوي صاحب جو نظريو عام آهي. ۽ باطل نظريه رد ٿي چُڪا آهن. ڪو دور اهو به هو جو وهابي لفظ دشمن لاءِ للڪار هئي. ڪن لاءِ گار به هئي. ته وري ڪن لاءِ هڪ اعزاز هو. انهي وقت مولوي صاحب جي ماڙي وهابين جي درسگاھ ۽ اڪيلي مسجد هئي. اڄ جي دور ۾ مولوي صاحب جا معتقد ڪنهن وڏي گادي نشين جي مريدن کان گهڻائي ۾ آهن. اڳتي هلي گادي نشينن جا نشان رهن يا نه رهن. پر مولوي حاجي احمد ملاح جو نالو قيامت تائين زنده جاويد رهندو. مولوي احمد ملاح داڪٽر محمد علي محمدي اڄ سنڌي ٻوليءَ جي شاعر، عالم تجنيس حرفي جي بادشاہ مولوي احمد ملاح جي ۵۳ ھين ورسي آهي. ھن سنڌي زبان ۾ قرآن شريف جو منظوم ترجمو لکي ھڪ طرف عربي ٻوليءَ جي اونھي ادراڪ ۽ ٻي طرف سنڌي ٻوليءَ جي خزاني کي ڀريو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ مرحوم جڏهن سنڌي لغت جي پروجيڪٽ تي ڪم ڪري رهيو هو ته سندس چوڻ هو ته جيستائين مولوي صاحب جو قرآن شريف جو منظوم ترجمو منظر عام تي نٿو اچي تيستائين لغت اڌوري ھوندي. سندس ڪليات احمد به سنڌي ٻوليءَ جي شاعري ۾ ھڪ خاص مقام رکي ٿو. لاڙ پٽ جي ھن عظيم عالم جي شاعري تي ڪيترن ئي ڪم ڪيو آهي. انھن ۾ ضرار رستماڻي ۽ سائين ڊاڪٽر محمد اسماعيل ميمڻ جو نالو سر فهرست آهي. سوانح : سنڌ جي بيمثال ۽ عوامي شاعر، مولوي حاجي احمد ملاح، تعلقي بدين جي هڪ ڳوٺ ”ڪنڊيءَ“ ۾ پهرين فيبروري ۱۸۷۷ع تي جنم ورتو. سندس والد جو نالو ”نانگيو“ هو. هن شروعاتي تعليم، ڀڳڙا ميمڻ، ٻهڊميءَ، نانگي شاهه ۽ سجاول جي مڪتبن ۽ مدرسن مان حاصل ڪئي. بعد ۾ ”رپ“ مان تعليم مُڪمل ڪري دستاربندي ڪيائين. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ هن مختلف مڪتبن ۽ مدرسن ۾ درس ۽ تدريس جا فرض سرانجام ڏنا. نورمحمد منڌري، لاکي پير، ٻهڊميءَ ۽ ڪنڊيءَ جي مدرسن ۾ پڙهائيندو رهيو. ان کان پوءِ بدين جي مدرسي ”مظهرالعلوم“ ۾ معلم جي حيثيت سان پڙهائيندو رهيو. ۱۹۳۲ع ڌاري مذهبي فرقيواريت ۽ فسادن جي ڪري مدرسي کي خيرآباد چئي -بدين- جي هڪ علائقي ۾ گهر اڏي، غريب -آباد- محلو جوڙيائين، اتي ئي هڪ مدرسو ”انوارالعلوم“ قائم ڪري، سنڌ جي ناليوارن عالمن، مولانا عبدالوهاب، مولانا عبدالغفور سيتائي، مولوي محمود ۽ مولوي گل محمد کي معلم طور مقرر ڪيائين. مولانا صاحب هڪ انقلابي شخصيت هو، جنهن خلافت تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. ۱۹۲۲ع ۾ گرفتار ٿيو ۽ ۴ مهينا جيل ڪاٽيائين. ڪڇ جي عالم مولانا عبدالرحيم پچمي جو به شاگرد آهي. سندس وفات ۱۹ جولاءِ ۱۹۶۹ع تي بدين ۾ ٿي. سندس قرآن شريف جو منظوم ترجمو مختلف ادارن پاران ڇپجي چڪو آهي. انھن ۾ ھڪ نسخو سعودي عرب مان به ڇپيل آهي. سندس شاعري ۾ ايترو ته رس ۽ چس آهي جو لاڙپٽ ۾ ڪيترائي ڳائڻا ڳائين ٿا. افسوس جو سنڌ جو ثقافت کاتو ھن ڏس ۾ ھميشه ماٺ جا مڱ وات ۾ وجھيو پيو گھمي. (داڪٽر محمد علي محمدي پنوعاقلجي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۹ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي رکيل/کنيل)
مَصلوب ٿيل ڪھاڻيءَ جي مَسيحائي ممتاز لوهار جي ڪهاڻين جي ڪتاب ”کُليل دريءَ جو درد“ جو جائزو بخشل باغي روسيءَ ٻوليءَ جي جڳ مشهور ڪهاڻيڪار چيخوف ڪهاڻيءَ بابت چيو آهي ته؛ ”ڪهاڻي پوري طرح غيرجانبدار ٿي لکجي، هڪ ليکڪ کي ڪنهن جو پاسو کڻڻ بدران غير جانبدار ٿي شين کي بيان ڪرڻ گُهرجي. ڪردارنگاري ۽ منظرنگاري سچ تي آڌاريل هُجي، جيڪو جيئن آهي اُن کي ائين ئي ڏيکارجي. شين کي بيان ڪرڻ مهل ڊيگهه نه ڪرڻ گُهرجي ۽ گهٽ لفظن ۾ ڳالهه کي بيان ڪجي. ڪهاڻي ۾ ليکڪ سخت قدم کڻڻ لاءِ تيار هُجي ۽ سندس انداز نِج پِج هُجي. جنهن ۾ ڪنهن جي ڀوڳنا جو احساس هُجڻ گهرجي.“ چيخوف جي اِنهن ويچارن جي روشنيءَ ۾ ممتاز لوهار جي ڪُجهه ڪهاڻين کي ڏسجي ٿو ته اُهي اهڙي اعليٰ معيار جي ڪسوٽي تي پوريون لهندي نظر اچن ٿيون. ڪهاڻيءَ مان ڪهاڻيءَ جو جنم ۽ وري اُنهن مان ٽين ڪهاڻيءَ جو جنم، اڄ جي سنڌي ڪهاڻيءَ جي فني سُندرتا جو هڪ حسين حوالو چئي سگهجي ٿو. ڪهاڻيءَ کي خيال جي نڪور زاويي مان ڪڪوري جديد سنڌي ڪهاڻي جو نئون روپ بخشڻ ممتاز لوهار جهڙي بهترين ڪهاڻيڪار جي ڳوڙهي مُشاهدي جو گهرو عڪس آهي. ممتاز لوهار جي ڪهاڻين جو نئون ڪتاب ”کُليل دَريءَ جو درد“ پڙهندي اِهو احساس ڪَر موڙي جاڳي پوي ٿو ته ڪهاڻي ڪڏهن به خارج مان نمودار ٿي داخليت جو دروازو کڙڪائي وجود کي ڌوڏي ”کُليل دَريءَ جو درد“ بڻجي سگهي ٿي. ممتاز لوهار جي ڪهاڻين جي هِن ڪتاب جي پهرين ٽائيٽل ڪهاڻي پڙهيم ته منهنجي ذهن جا هَلڪا ٻيڪڙيل تاڪ ٺَڙاڪ سان کُلي پيا. ۽ ليکڪ مون کي خود اُن ڪهاڻيءَ جو ٽيون ڪردار محسوس ٿيو. ٻِن ڪردارن جي حادثن جي ٻِن پُڙن ۾ پِيسجندڙ ٽيون ڪردار. دراصل دري جي اندر ۽ دري کان ٻاهر ٻَه دنيائون، ٽين دنيا کي پڻ ڌوڏي ڇڏين ٿيون. ڇاڪاڻ ته ٽئي دنيائون ۽ اُنهن جا ٽئي ڪردار سماج جا اهڙا ته چِٽا ۽ پنهنجين ڀوڳنائن کي ڀوڳيندڙ حادثا آهن جن جي ٿيڻ جا جواز، ڌار ڌار هوندي به، هڪڙي ئي سماجي حقيقت نگاريءَ مان نروار ٿين ٿا. ڪهاڻيءَ جي هي حقيقي ڪيفيتي دنيا ڏاڍي گھري، تُز ۽ ترار جيان اندر ۾ لهي وڃي ٿي ته، پهرين ڪهاڻيءَ جو وڍيندڙ سواليه آواز ڪنن وسيلي روح تائين پَڙاڏي جيان گونجي وڃي ٿو. ”پنهنجي زال کي پنهنجي ڀاءُ سان سُتل ڏسي سگهندين؟“ جنهن کان اڳ ٻِي ڪهاڻيءَ جي ڪردار جو کُليل دريءَ جي تاڪن مان ايندڙ ٻُڏل لھجي ۾ هڪ تلخ جُملو؛ ”ماسات سان کِلندي ڏٺئي ته غيرت ٿي اچئي. . . . . پاڻ اوطاق ۾ ڇورن هيٺان اُونڌو ٿيو پيو هوندو آهين، اُتي ته غيرت ڪو نه ٿي اچئي. . . “ گوليءَ جيان اچي دماغ ۾ ٺڪاءُ ڪري خيالن کي مُنتشر ڪندي حواسن ۽ ڪيفيتن جي وايومنڊل کي ڪنهن زلزلي ۾ تبديل ڪري ڇڏي ٿو. ”ڏُک بنگلي جي کُليل دريءَ مان ٽِپو ڏئي ٽين ڪهاڻيءَ جي ليکڪ ڪردار جي اڳيان اچي هيٺ ڪري ٿو. ته اُها ٻِي ڪهاڻي، ليکڪ کي پھرين ڪهاڻيءَ کان ڪي پَل ڇِني ڌار ڪري ڇڏي ٿي. ۽ ليکڪ ٻِن ڪهاڻين جي وِچ ۾ حواس وڃائي، اندر مَنجهه ايئن پيسجندو رهي ٿو جيئن جنڊ جي ٻِن پُڙن ۾ داڻو پُيسجندو آهي. “ڪهاڻي ۾ ڪهاڻيڪار پنهنجي آرٽ ۽ ڪِرافٽ جي نفاست سان جنهن حقيقي سماجي پيڙا جي تصوير چِٽي آهي اُها ليکڪ جي به اکين ۾ هڪ پورٽريٽ جوڙي ٿي. جنهن ۾ ٻِن ڪهاڻين جي ٽِياس تي ليکڪ ٽِين ڪهاڻي بڻجي مَصلوب ٿي وڃي ٿو ته تخليق جي مَسيحائي اَمر بڻجي وڃي ٿي. ڪهاڻي اصل ۾ چئبو ئي اُن کي آهي جو اُها پنهنجي موضوع توڙي مواد يا ڪهاڻيءَ جي فنائتي خاڪي ۾ ايئن ته جَڙي وڃي جو ڪهاڻيءَ جي دنيا، حقيقيت مان فڪشن جو روپ وٺي، وري حقيقت ۾ تحليل ٿي، پڙهندڙ جي دل ۽ دماغ ۾ ڪنهن ملاح جي ڪنڍيءَ جيئن اَٽڪي، سندس وجود کي لرزائي ڇڏي. اهڙي ڪهاڻي ۾ ”طوطي جا ٻَچا“ ڪهاڻي پنهنجي جوهر ۾ هڪ ڀرپور ۽ هڪ سيبتي ڪهاڻي آهي. ”منجهند جي وقت تيز اُس، ڇانوَ جي ڳولا، ڊگري ڪاليج، سَروينٽ ڪواٽرن ڀرسان هڪ ننڍڙو باغيچو، ساوا وڻ پکين کي ڏيندڙ پناھ، گرمين جي موڪلن ۾، ڪاليج هُجڻ ڪري ۽ لائٽ جي لوڊشيڊنگ جي ڪري ڪاليج جو پَٽي وارو چاچو رستم گهاٽِي نِم جي ڇانوَ هيٺ کَٽ تي ويٺل ۽ پوءِ ڪُجهه ئي گهڙين ۾ ڪاليج جي ڪلارڪ انور جي اچي ويهڻ جو مَنظر. سندن ڪچهري جا موضوع روز جي روايتي حالتن، مھنگائي، بدامني، آفيسرن جي روين کان هٽي ماضيءَ جون يادگيريون ڪپڙن جي ٿانن جيان کُلنديون وڃن ٿيون. بجلي اچڻ تائين ٻارڙن جي هڪ ٻئي سان راند روند، پاڻ ۾ وڙھڻ ۽ ٺھڻ جو يا نمورين کي ميڙڻ، لفظن مان اُڀري ذهن تي عيان ٿيندڙ ڏيک جو انداز ڏاڍو آرٽسٽڪ محسوس ٿئي ٿو. رستم پنهنجي نوڪري جي دور ۾ آيل آفيسرن جي چڱائي ۽ لڱائي جو ذڪر ڪندي ڪيترن آفيسرن کي وڻن جي واڍيءَ جو پيٽ ۾ سور هئڻ جون ڳالهيون ٻُڌائي ٿو. ۽ اُنهن خلاف ڪيئن نه هڪ مالهي هُئڻ جي ناتي وڻن جي رکوالي ڪري ٿو، ۽ پوءِ وڻن ۾ رهندڙ پکين جو ذڪر ڪندي بنگالي طوطن جو ذڪر ڪن ٿا. ۽ سندن ٻچن کي وڻن جي پورن مان چوري کڻي ويندڙن مُتعلق به ڳالهيون اورين ٿا. ”ڳالهين دوران طوطن جو جوڙو به اچي نِم تي ويهي ٿو. ڪنڌ پاسيرو ڪري طوطا ڄڻ چاچي رستم جي ڳالهه ٻُڌي رهيا هُجن. طوطن جي ٽيئون ٽيئون تي ٻارڙن پنهنجي راند ڦٽائي طوطن ڏي آڱر کنئي ته طوطا ڀَڙڪو کائي ٽيئون ٽيئون ڪندا اُڏري وڃن ٿا. “بجلي اچڻ تي سڀ پنهنجن گهرن ڏانهن هليا وڃن ٿا. منجهند ٽاڪ هُجڻ ڪري ڪير به نظر نٿو اچي. اهڙي وقت ٻاهران ٻه ڇوڪرا اچن ٿا. اُنهن مان هڪڙو هيٺ بيهي چوطرف نظرداري ڪري ٿو ته ٻيو وري سَرينهن جي وڻ تي چڙهي طوطن جا ٻَه ٻَچا وڻ جي پُورن مان ڪڍي پنهنجي قميص جي پاسي وارن کيسن ۾ وجهي ٿو. ۽ جڏهن اُهي ٻئي ڇوڪرا وڃڻ لڳن ٿا ته، اوچتو هڪ ڪواٽر مان ڪلارڪ انور تڪڙو نڪري ٿو، سندس پُٽ دانهون ڪندي کيس طوطن جي ٻچن لاهڻ جو ٻُڌائي ٿو. انور ڇوڪرن کي داٻو ڏئي طوطن جا ٻَچا وٺي ٿو. ۽ طوطن جي ٻَچن کي وري واپس ساڳي وڻ جي پُور ۾ رکڻ لاءِ چئي ڇوڪرن کي ڀَڄائي ڇڏي ٿو. پر هيڏي هوڏي ڏسي پُٽ کي چئي ٿو ته، هي وٺ، خيال سان. . . . . . فلحال کوکي ۾ رکين، شام جو پڃرو وٺي ايندس ته پوءِ اُن ۾ رکنداسين!“ هي ڪهاڻي دلچسپ انداز سان پنهنجي مَنطقي نتيجي تي پهچي هڪ دل ڏاريندڙ دانهن ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي ته ماڻهوءَ جي ٻيائي تي دل آزاري ۾ نفرت ۽ پکين جي معصوميت تي بيحد پيار اندر ۾ ڇُلي پوي ٿو. ڪهاڻي”جيون: ڦاٽل بُوٽ“ سماج جي ڪَڙي حقيقت جو هڪ دل کي ڏهڪائي ڇڏيندڙ اهڙو درد آهي، جنهن ڏانهن ممتاز لوهار جهڙي ڪهاڻيڪار جي اک، اُن سموري وارتا جو گهرائيءَ سان ايڪسري ڪري اچي ٿي ۽ احساس جي انگاس تي ٽنگي ڇڏي ٿي. هي ڪهاڻي خودڪلاميءَ واري انداز ۾ شروع ٿئي ٿي. جنهن ۾ هُو پنهنجن ڇِڳل جوتن کي ڏِسي کِلِي پَوي ٿو، هُن پاران چيل اُن جُملي تي، جيڪو هُن سندس ڇِڳل جوتا ڏسي چيو هو ته ”نئون جوتو ڇو نه ٿو وٺين؟“ جنهن تي هِن وراڻيو هو ته؛ ”چري! جيڪو ماڻهو روز ڪٿي نه ڪٿي انٽرويو ڏيڻ لاءِ ڪِرايو به پنهنجي پورهيت ڀينرن کان وٺي ويندو هُجي، اُهو ماڻهو نئون جوتو ڪٿان ٿو وٺي سگهي!“ اهڙي طرح سان خودڪلاميءَ واري ڏُکائتي انداز ۾ هُو، هُن جي اُن جُملي تي سوچي ٿو ته ڪاش هوءَ اُهو جُملو کيس نه چوي ها ته ڇا ٿي پوي ها ”نه اَبا! تو سُڃي جي پويان ڪا پنهنجي زندگي تباھ ڪنديس ڇا؟“ اُن جُملي ٻُڌڻ سان هُو وسامي وڃي ٿو. هُن جي هڪ ئي ڦُوڪ، هِن جي ڀروسي جي ڏيئي کي وسائي ڇڏي ٿي. ۽ هوءَ اهڙي ڪَڙي جُملي تي کيس ڀوڳ چئي چيڙائڻ جو چئي ٿي پر هِن کي اُهو ڀوڳ کيس اندر ۾ دٻيل سچ لڳي ٿو جيڪو کيس ”الائي ته ڪڏهن کان خونخوار شينهن جهڙي جُملي کي سندس ذهن جي پِڃري ۾ واڙي رکڻ جيئن لڳي ٿو. “ اهڙيءَ ريت پيار محبت جي وچ ۾ غُربت جي ديوار حائل ٿيڻ جي نتيجي ۾ هي ڪهاڻي ڇِرڪ جهڙو موڙ کائيندي جيءُ کي جهوري وجهي ٿي. ۽ هُو، هُن کي چئي ٿو ته؛ ”مون کي نوڪري نه ملي سگهي، منهنجي پورهيت ڀينرن پنهنجو پورهيو تبديل ڪري ورتو، هٿن جي پورهئي مان گهر نه هلي سگهيو ته هُنن جسماني پورهيو شروع ڪري ڇڏيو. “هڪ پُر درد آھُ اندر جي گهراين مان اُڀري اکين کي ڀِڄائي وڃي ٿي ۽ دل ۾ هڪ ڪَنڊي جهڙو احساس چُڀي وڃي ٿو. هي ڪهاڻي سماجي حقيقت نگاريءَ جو هڪ اهڙو ته ڪَڙو سچ آهي جنهن جي اندر ۾ زندگيءَ جون تلخيون ڪنهن گهري سمنڊ جيان ڇُلندي، حساس دلين کي پاڻ ۾ ٻوڙي ڇڏين ٿيون. ”ڌوتل وَڳو، ميرو بَدن“ هڪ مزور نورل جي ڏُک جي ڪهاڻي آهي. هُو مزوري ڪندي پنهنجي جَوان بيمار ڌيءَ جي پريشانيءَ ۾ مُبتلا رهي ٿو. جنهن تي رمضان اوستو کيس ٽوڪيندي چَويس ٿو؛ ”اڃا ته ٽي ٿيا آهن ميان! هفتو پنجين وڳي ڇڏائبو، لڳي ٿو تنهنجو ڌيان هينئر ئي گهر جي گهٽيءَ ڏانهن آهي. نيٺ پنج ٿين ٿا، هر مزور سان پيٽي ٺيڪيدار هفتي جو حساب ڇڏائي ٿو. نورل هڪ نظر پنهنجن ڪپڙن جهڙن ميرن نوٽن ڏانهن ڏسي ٿو ۽ پوءِ تڪڙيون وکون کڻندو ڳوٺ واري چنگچيءَ ۾ اچي ويهي ٿو. “ايئن ڌيءَ جي بيماريءَ جي پريشانيءَ ۾ نورل پنهنجي رب کي ٻاڏائي ٿو ۽ مالڪ کان نياڻي لاءِ ڪنهن به وڏي بيماري کان پناھ ۾ رکڻ جي دعا گُهري ٿو. ۽ ڊڄندي ڊڄندي شهر جي وڏي ڊاڪٽر وٽ ڌيءَ کي وٺي وڃي ٿو. ڊاڪٽر تپاس کان پوءِ نورل کي ٽيسٽ ۽ الٽرا سائونڊ لاءِ چئي ٿو. نورل کي اڳ ئي اِها خبر هُجي ٿي ته پرائيويٽ اسپتالن ۾ ڳَرا خرچ ٿيندا آهن. رپوٽن کان پوءِ ڊاڪٽر، نورل کي چئي ٿو؛ ”بابا منهنجي ڳالهه کي خيال سان اڳ ۾ سمجهو. ادڙيءَ کي عورتاڻي تڪليف ٿي آهي. . . . . . . . . . . . ٻار ماءُ کي رهنڊون آيل آهن. . . . . . . . . . . ضروري ناهي ته ساڻس ڪنهن به ڪا اهڙي حرڪت ڪئي هُجي. ڪڏهن ڪڏهن اِهو پاڻ مُرادو کَنهڻ جي ڪري به انفيڪشن ٿيندو آهي. نورل جو وجود واريءَ جي ڍير وانگر ڀُرندو کيس محسوس ٿئي ٿو. . . . اڄ ڳوٺ جون گهٽيون کيس رات جو به نِٽهڻ اُس جيان تَتل ٿيون لڳن. کيس سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڇا ڪري؟ پر وري خيال اچيس ٿو ته ”متان ايئن نه به هُجي. ڊاڪٽر چيو پَئي، ايئن نه به ٿي سگهي ٿو. راڻي ته منهنجي نِماڻي آهي. مون کي اُن تي سورنهن آنا پَڪ آهي. نورل پنهنجي ذهني مانڌاڻ کي ماٺو ڪرڻ لاءِ شَڪ وارا خيال مَٽائيندو ۽ ڪيئي پهر روئيندو رهي ٿو. رب ئي بهتر ٿو ڄاڻي، پر مان پنهنجي نياڻيءَ کي ميرو ڪو نه ڪندس. “هِن ڪهاڻيءَ جي مُثبت پُڄاڻي خاص طور سنڌي سماج ۾ صدين جي روايتي ۽ انفرادي غيرت جي نفي ڪندي ٻهراڙيءَ جي هڪ پورهيت جي خيالن ۾ مُثبت تبديليءَ جو ڏَسُ ڏئي ٿي. جيڪا ڳالهه اڄوڪي سنڌي سماج لاءِ هڪ نيئن راھ کولي ٿي ۽ شعور جي تقاظا ڪندي هڪ پورهيت کان اُن جي شروعات ڪري ٿي. ايئن ممتاز لوهار جي هِن ڪهاڻين جي ڪتاب ”کُليل دريءَ جو درد“ ۾ ڏنل اوڻويھ ڪهاڻيون آهن جن ۾”گوندر مٿان جندڙي“؛ ”رات وچ ۾“؛ ”تون به نه سمجهي سگهينءَ“؛ ”لُوسڻ جو نَڪ“، ”راڄوڻي فيصلو“؛ ”واريءَ جو گهر“؛ ”اڳي ايئن هُياس“ هڪ ٻئي کان مُختلف موضوعن تي لکيل ڪهاڻيون آهن. پر اُهي ڪُجهه اهڙيون ڪهاڻيون آهن، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن طرح دل کي ڇُهڻ جو ساهس نه ٿيون رکن. اُنهن ۾ ڪا نه ڪا آرٽسٽڪ کوٽ محسوس ٿئي ٿي. يا ائين به آهي ته اُهي ڪهاڻيون ڪهاڻيڪار جي من جي بٺيءَ ۾ اڃا وڌيڪ پَچڻ لاءِ رهڻيون هُيون پر اُهي پَچي راس ٿيڻ کان اڳ ئي، مَشق جي روايتي ٽياس تي ٽنگجي ويل لڳن ٿيون. ڇو ته ڪٿ فلمڪ انداز، ڪٿ روايتي سطحي نمونو، ڪٿ بنا ڪنهن ڪشش جي ڳالهين يا موضوعن کي ڪهاڻيءَ جي فريم ۾ آندو ويو آهي. جنهن ڪري اُهي مٿي ڏنل ڪُجهه نالن واريون ڪهاڻيون پنهنجي الڳ ۽ اهم خصوصيت ماڻڻ ۾ ڪا خاص سگهه نه رکندي محسوس ٿين ٿيون. سنڌي ڪهاڻيءَ جي نامياري ڪهاڻيڪار مشتاق شوري جي انڊيا ۾ ڇپيل ڪهاڻين جي ڪتاب ”هستيءَ جو گُم ٿيل ٽُڪرو“ ۾ ديوي ناگراڻي هڪ هنڌ لکي ٿي ته ”دراصل ڪهاڻي اسان جي وقت جي دائري ۾ سماج جو عڪس آهي. جنهن ۾ اُهو سڀ ڪجهه ٿيندو آهي جو اسان جي سماج ۾ ٿيندو رهندو آهي. لِکڻ فقط لفظن جي عمارت اَڏڻ ناهي. انسان جي مَن اندر مَتل اُٿل-پُٿل، احساسن جو اهم ڏُهڻ (منٿن) سوچ ۽ شَبدن جي سنگم کي تراشي هڪ مُڪمل سَروپ ڏيڻ آهي. هتي مون کي همانشو جوشيءَ جي چوڻي ياد ٿي اچي ته؛ ”لکڻ پنهنجو پاڻ ۾ هڪ تپسيا آهي.“ اڌوري من سان لکيل ساهت اڌورو ئي ٿو رهجي وڃي، پڌرو ٿيڻ کان سواءِ. . . . . . . ! لکڻ جو پهريون شرط آهي ته ليکڪ، پاٺڪ کي پنهنجي وهڪري ۾ وهائي وڃي. “ ”کُليل دَريءَ جو درد“ ۾ ”واچوڙو“ ڪهاڻي به هڪ سٺي ڪهاڻي آهي، جيڪا گهريلو زندگيءَ تي زال ۽ مڙس جي وچ ۾ اختلافن خاص طور تي زال جي فطرت ۽ نفسيات کي اُجاڳر ڪري ٿي. ”چَٽِي“ ڪهاڻي پڻ، سماج توڙي گهريلو حالتن جي عڪاسي ڪندڙ ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ هڪ گهر ۾ گڏ رهندڙ شادي شده ڀائرن ۾ هڪ جواري ڀاءُ جي غلط ڪرتوتن جي سزا يا کنيل قرض جي اوڳاڙي، محنت مزدوري ڪندڙ ڀائرن کان ٿئي ٿي. پر اُها سموري برداشت هڪ ماءُ جو پُٽ سان فطري لڳاءُ جي عيوض سڀ ڀائر ماءُ کي مانُ ڏيندي ڪن ٿا ۽ هر ڀيري ڀاءُ جو جوا ۾ کنيل قرض ٻيا ڀائر گڏجي ڀرين ٿا. ”چريو“ ڪهاڻي ۾ زال، مُڙس کي نفسياتي مريض چئي ناراض ٿي وڃي ٿي. ۽ کيس نفسياتي ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ لاءِ چئي ٿي. مُڙس، ان ڳالهه تي سوچيندي ڊاڪٽر وٽ وڃي ٿو. ويندي مهل رستي تي هلندي کيس عجيب وهم ۽ وسوسا ٿين ٿا. اُتي ڪهاڻيڪار مُتاثر ڪردار کي اوچتو ڪيلي جي کَل تان تِرڪندي کيس وڌيڪ مُنتشر ٿيندي ڏيکاري ٿو. پر اُتي ڪيلي جي کَل تان تِرڪي ڪيرائڻ وارو منظر الائي ڇو اُن سموري ڪهاڻيءَ جي هلندڙ روانيءَ واري وهڪري ۾ اَجائي ٺهراءُ جي احساس کي جَنمي ٿو. جيڪو ڪهاڻيءَ ۾ هڪ جهول کي پيدا ڪري وجهي ٿو. تنهن هوندي به ڪهاڻي سماجي نفسيات جي گڏيل بهترين عڪاسي ڪري ٿي. مُتاثر ڪردار جڏهن اسپتال ۾ نفسيات جي ڊاڪٽر وٽ پُهچي ٿو ته هُو ڊاڪٽر کان پاڻ مُتعلق پُڇي ٿو ته مان کيس ڪيئن ٿو لڳان. ڊاڪٽر کيس بلڪل ٺيڪ ٺاڪ ۽ نارمل ٻُڌائي ٿو. جنهن تي هُو ڊاڪٽر کان پنهنجي نارمل هُجڻ جو ميڊيڪل سَرٽيفڪيٽ گُهري ٿو. جنهن تي ڊاڪٽر هُن کان پُڇي ٿو ته اِهو سرٽيفڪيٽ ڪاڏي ڪندو ته هُو ڊاڪٽر کي چوي ٿو ته هُو اِهو سرٽيفڪيٽ پنهنجي زال کي ڏيکاريندو جيڪا کيس چريو سمجهندي آهي. جنهن تي ڊاڪٽر ساڻس مُخاطب ٿيندي چوي ٿو ته؛ ”سچ ٻڌايانءِ ڀائو. . . . . . . . . منهنجي زال به مون کي چريو چوندي آهي. خوشگوار زندگيءَ لاءِ زال، مڙس ٻنهي مان ڪنهن هڪ کي چريو ٿيڻو پوندو آهي.“ اُن ڳالهه تي هُو ڊاڪٽر ڏانهن ڏسي ٿو ۽ کيس لڳي ٿو ڄڻ سندس زال ڊاڪٽر جي روپ ۾ ساڻس ڳالهائي رهي هُجي. اُن وقت هُن کي پاڻ کان وڌيڪ ڊاڪٽر چريو لڳي ٿو. ”تون هاڻ اُهو ناهين رهيو!“ ڪهاڻيءَ ۾ ھُو آئيني ۾ پنهنجو عڪس ڌُنڌلو ڏسندي ويتر سندس لڱن مان ساھ ڇڏائجي وڃيس ٿو. ڪي پَل بدلجندڙ ڪيفيت جو ڊپ، سندس جسم هلڪو ڪري ڇڏي ٿو. خود ڪلاميءَ واري انداز ۾ هُو پاڻ سان ڳالهائي ٿو. پنهنجي زال آسيه کي سڏي ٿو. ۽ ٻين ايندڙ خيالن جو اظهار ڪندي، مُختلف ڪيفيتن مان گُذرندي هُو آسيه جو نالو وٺي سڄي گهر ۾ ڳولي ٿو. پر گهر ۾ نه آسيه آهي نه ئي سندس جاڙا پٽ. واپس ڪمري ۾ اچي آسيه جي ڪاڏي نڪري وڃڻ واري سواليه ڳالهه تي سوچي ٿو. ڪرسيءَ تي ويهندي، ٻئي هٿ چهري تي ڏئي ياد ڪرڻ لڳي ٿو. . . . . اُن مهل کان وٺي پوئتي سڀ واقعا پوئين پير سوچيندي، هڪ منظر تي بيهي رهي ٿو. هاڻ هُن کي ياد اچي ٿو ته، گُذريل رات هُن گهڻو پيتو هو. پورا ٻه آڌيا شراب جا پي ويو هو. پيئڻ کان پوءِ هن آسيه کي رڙ ڪري سڏيو هو. اُن حالت ۾ هُن آسيه کي مار ڪٽ ڪئي هئي. آسيه روئيندي ٻارڙا ساڻ ڪري گهر مان هلي وئي هئي. ايئن هي ڪهاڻي گهر جي ئي ڪمري ۾ مُختلف خيالن جو سفر ڪندي اُن مَقام تي پُهچي ٿي جتي لڳ ڀڳ هر مرد مُختلف لذتن جي ذائقن کي ماڻڻ جي اَنڌي جنون ۾ پنهنجا ٺهيل ٺڪيل گهر تباھ ڪري ويهندا آهن. هُو موبائل تي آيل ڪال تي موبائل اسڪرين تي”دلبر“ نالو ڏسي مُرڪي ٿو. ڇو ته”دلبر“ جي نالي سان سندس سنگتياڻي جو نمبر سِيو ٿيل آهي. فون تي پنهنجي سنگتياڻيءَ سان ڳالهيون ڪندي هُوءَ سندس زال جو پُڇي ٿي ته هي کيس ناراض ٿي گهر ڇڏي وڃڻ جو ٻُڌائي ٿو. ۽ کيس اچڻ لاءِ چويس ٿو. فون بند ڪري هُو آرسيءَ ۾ خود کي ڏسي ٿو. ۽ سندس عڪس ڄڻ کيس چوندو هُجي ته؛ ”تون هاڻ اُهو ناهين رهيو.“ ”هڪڙو انب“ ڪهاڻي پوڙهي غلام حسين جي هڪ درد ڀري ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ هُو گهر جي لاءِ انب خريد ڪندي هڪ انب پنهنجي لاءِ الڳ خريد ڪري ٿو. ڇو ته گهر ۾ اُهي انب کيس کائڻ ئي نصيب نٿا ٿين. انب وٺي ٻين ورتل انبن کان ڌار پنهنجي قميص جي پاسي واري کيسي ۾ لڪائي ٿو ته متان سندس نُنهن اهو لڪايل انب نه ڏسي ۽ سندن انبن مان انب چوري ڪرڻ جو نه سوچي ۽ پوءِ سندس پُٽ کي اُن مُتعلق ٻُڌائي مَٿس ڏمرائي نه وجهي. رستي ۾ ايندي پاسي واري کيسي کي ڇُهي انب جي موجودگي جي پَڪ ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح گهر پهچي نُنهن کي ٻَه ڪلو انب ڏئي، پنهنجي ڪمري ۾ وڃي سوچي ٿو ته انب کي فرج ۾ رکي ٿڌو ڪجي پر متان نُنهن کي خبر پوڻ جي ڊپ کان جڳ ۾ پاڻي وجهي ٿڌو ڪرڻ جو سوچي ٿو ته نُنهن وري کيس سَڏي ڏهن روپين جو نوٽ ڏيندي ماچيس ۽ تُلسيءَ جون سوپاريون وٺي اچڻ لاءِ چوي ٿي. هُو مَئي جي پَڇاڙڪي لڱ ساڙيندڙ گرميءَ ۾ نِٽهڻ اُس ۾ نڪري وڃي ٿو. رستي ۾ کيس ياد اچيس ٿو ته هُو پنهنجو هڪڙو انب ڪمري ۾ لڳل ڪٻٽ اندر جڳ ۾ ٿڌي ڪرڻ لاءِ رکي آيو آهي. ڪٿي اُهو سندس نُنهن نه ڏسي وٺي. اُن اُڻ تُڻ ۾ هُو دُڪان تان ماچيس ۽ سوپاريون وٺي اچي پنهنجي نُنهن کي ڏئي ٿو. هُو لڪائي رکيل انب جي سوچ ۾ گُم آهي جو سندس نُنهن کيس سڏي چوي ٿي. ”چاچا هي اوهان ڇا ڪيوَ؟“ هُو پنهنجي وجود ۾ ڏَڪي وڃي ٿو ۽ پَل ۾ صدين جيڏي ڀوڳنا جي احساس ۾ وڪوڙجي وڃي ٿو ته نُنهن حيرت ۽ ڪاوڙ منجهان چويس ٿي ته؛ ”چاچا هي ڪهڙو ظلم ڪيئي!. . . . . . تو کي مون هي سوپاريون چيون هيون؟“ اِهو ٻُڌي هُن جي پٿريلي بُت ۾ ساھ پئجي وڃي ٿو. ”ڪٽيل تار“ ملهار نالي هڪ بجلي جي مستريءَ جي ڪهاڻي آهي. جيڪو سرڪاري نوڪري ۾ ته ناهي پر ڪنهن لائين مين سان گڏ سندس حصي جو ڪم ڪري مليل خرچي تي گُذارو ڪري ٿو. هڪ ٻن ڏينهن کان ڪم نه ملڻ جي ڪري کيس کيسو خالي آهي. سندس اهڙي غير قانوني ڪم ڪرڻ تي سندس ڀاءُ به منع ڪريس ٿو پر هي پوءِ به اُهو ڪم ڪندو رهي ٿو. اهڙي طرح ڪم نه ملڻ ڪري هو سوچي ٿو ته ڇو نه اڄ لوڊشيڊنگ دوران سيٺ رشيد جي گهر جي تار ڪٽي ڇڏي. جيڪو وري کيس ئي فون ڪري تار جوڙڻ لاءِ چوندو ته خرچي به ٺهي پوندي. ايئن ملهار بجلي وڃڻ کان پوءِ اُها تار يڪدم ڪٽي گهر هليو وڃي ٿو. ۽ ڪَري ٿو انتظار بجليءَ جي اچڻ جو. بجلي اچڻ کان پوءِ هُو موبائل تي سيٺ رشيد جي ڪال اچڻ جو انتظار ڪري ٿو. پر بجلي اچڻ جي ڳچ وقت کان پوءِ اِهو ڏسڻ لاءِ ته ڇا مون ڪٿي ڪنهن ٻئي جي ته تار نه ڪٽي ڇڏي آهي. اِهو سوچيندي هُو گهران نڪري، ڪٽيل تار واري پاسي ڏسي ٿو ته اُوندھ ۾ ڪي ٻه ڄڻا کيس اُن جاءِ تي نظر اچن ٿا. هي اُنهن ڏانهن وڃي ٿو. ۽ سيٺ رشيد هُن کي ڏسندي چوي ٿو ته ”يار تو ڏانهن ئي ڪال پئي ڪيم جو هِن گهر مان هڪ نوجوان نڪتو.“ سيٺ رشيد لڏي آيل پاڙيسريءَ جي گهر ڏانهن اشارو ڪندي چئيس ٿو؛ ”همراھ ڪو بجليءَ جو ڪم ڄاڻيندو آهي. ويچاري کي شابس آهي، پاڻ ئي چيائين ته مان ٿو تار ڳنڍي ڏايانءِ. ويچاري پيسا به نه ورتا. . . . . . . شابس اٿس. . . . . . . چڱو هلون ٿا.“ ايئن هي ڪهاڻي سماج جي هڪ اهڙي حالت جي عڪاسي ڪري ٿي جنهن ۾ بيروزگاري ۾ ماڻهو پنهنجي هُنر وسيلي به مزدوري نه ماڻي سگهي ته پوءِ هُو ڪيئن نه مَنفي رستي تي هلي ٻَه ڏوڪڙ ڪمائڻ واسطي ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو. اهڙي سماجي حالت ڪو تقدير جو حصو نه بلڪ اُن جي ناڪارا سياسي صورتحال جي دکدائڪ تصوير ئي ٿي سگهي ٿي. ”زيادتي“ ڪهاڻي، بدر جي مانڊڻي وٽ گڏ ٿيندڙ سنگت اُت موجود چوواٽي کي ”پاڳل چونڪ“ جي نالي سان سڏي ٿي. اُتي سياري ۾ سنگت مچ ٻاري چانهه پيئندي پئي ڪچهريون ڪندي آهي. ڊسمبر جي ٿڌڙين راتين ۾ باھ تي هٿ سيڪيندي هر ڪو، ڪو نه ڪو قصو ڪهاڻي پيو ٻڌايئندو آهي. ايئن هڪ ڏينهن باھ جي مَچ تي ڪچهري ڪندي هڪ پَڪي عمر جو چَريو، وڌيل وار ۽ ڏاڙهي، ميرن ڪپڙن سان سندن ڀَر ۾ اچي ويهي ٿو. ۽ ماٺ ميٺ ۾ هٿ سيڪي اُٿي هليو وڃي ٿو. بدر مانڊڻيءَ مان سگريٽ کڻي دکائي ٿو ۽ ڪش هڻندي سنگت کي هڪ قصو ٻُڌائي ٿو. جنهن ۾ ماستر رستم، پنهنجي شاگرد سان زيادتي ڪندي پَڪڙجي پوي ٿو. رستم کي پوليس پَڪڙي لاڪ اَپ ڪري ڇڏي ٿي. ٿاڻي تي کوڙ سارا ماڻهو اچي گڏجن ٿا. جن جا مُختلف خيال رکندڙ رويا سامهون اچن ٿا. ايئن متاثر ڇوڪري جو پيءُ ۽ ٻيا ماڻهو صوبيدار جي اچڻ جو انتظار ڪن ٿا. صوبيدار اچي ٿو. ۽ ڇوڪري جي پيءُ ارباب ۽ ٻن معزز ماڻهن کي اندر سڏرائي ٿو. صوبيدار ڇوڪري جي پيءُ کي يقين ٿو ڏياري ته هُو هن سان انصاف ضرور ڪندو. ۽ رستم تي غصو کائيندي سپاهيءَ کي سڏرائي لاڪ مان ڪڍرائي رستم کي سچ پترا هڻائي ٿو. جنهن تي رستم جون دانهون سڀ ٻُڌن ٿا. ائين ڪهاڻي مُختلف منظر جوڙيندي پنهنجي پُڄاڻيءَ ڏانهن وڌي ٿي. ته هوريان هوريان وقت گذرڻ سان اُها افسوسناڪ ڳالهه به ٿڌي ٿيندي ماڻهن کان به وسرندي وڃي ٿي. ارباب ٿاڻي تي چڪر هَڻندي، مُختلف وقتن تي سپاهين سان ملندي نيٺ ارباب ڏنڊ ڏوھ ۽ فيصلي لاءِ راضي ٿئي ٿو. جيڪا سموري اندروني سازش صوبيدار جي اشاري سان ٿئي ٿي. بدر، حال ۾ موٽندي سنگتين کي ٻُڌائي ٿو ته، سَوير جيڪو چريو باھ تي هٿ سيڪڻ آيو هو. اُهو ئي ته ماستر رستم هو. اهڙيءَ ريت ”چريي جي حال تي سوچڻ سان اُن مهل پاڳل چونڪ جي ڪوڏين جي اندر ٻرندڙ ڪاوڙ جو مَچ وسامي وڃي ٿو.“ ”ڪورونا“ ڪهاڻي تازو عالمي سطع تي ڦھلجندڙ وَبا جي اثر ڪري سموري دنيا سميت سنڌ به ان کان مڪمل طور تي متاثر ٿي آهي. جنهن ۾ خوف ۽ حراس توڙي بيماريءَ لڳل ماڻهو سنڌ ۾ به ظاهر ٿيا آهن. اهڙي سبب سموري سنڌ پهريون ڀيرو لاڪ ڊائون جهڙي خطرناڪ صورتحال ۾ گهيرجي ڀوڳيندي رهي آهي. اهڙي وقت ۾ جتي هر مزاج توڙي سوچ جو ماڻهو مُنتشر ٿيو آهي اُتي هڪ حساس ليکڪ پڻ اُنهن حالتن توڙي ڪيفيتن ۽ خوف، حراس جو شديد طور تي شڪار ٿيو آهي. ”ڪورونا“ ڪهاڻي اُنهن سڀني احساسن، خيالن، حالتن جي بهترين عڪاسي ڪندڙ هڪ ڪردار جي محسوسيات جي چٽي تصوير جوڙي ٿي. جنهن ۾ ڪهاڻيءَ جو اهم ڪردار هُو ٻاهر دروازي تي صبح جو گهنٽي وڃڻ تي جاڳي ٿو. ۽ ياد اچيس ٿو ته رات ٻين وڳي تائين خاص خبرون ڏسندي سُتو هو. ”هُو پنهنجي ئي شهر جي ڪاليج ۾ پروفيسر آهي. سرڪاري اعلان موجب تعليمي ادارا بند هُئڻ سبب سندس روز جي روٽين ئي بدلجي وئي اٿس.“ هُو در تي کير واري جو وقت هُجڻ ڪري کير جو ٿانءُ کڻي در کولي ٿو ته در تي هڪ عورت کي ڏسي ٿو. جيڪا لاڪ ڊائون جي ڪري پنهنجي مَڙهي کي ريڙهي نه ڪڍي سگهڻ ڪارڻ گهر ۾ کائڻ لاءِ ڪجهه نه هُئڻ ۽ ٻَچڙن لاءِ سير اَٽي جو وٺڻ لاءِ پئسن جي گُهر ڪري ٿي. هُو کيس گُهربل پئسا ڏئي واپس ڪمري ۾ اچي ٿو. ۽ خبرن جو چينل ڏسي ٿو. جنهن ۾ خبرون پڙهندڙ عورت کي اڳ ته خبرون پڙهڻ وقت مرڪندي ڏسندو هو پر اڄ اُها به مايوس چھري سان خبرون پڙهي رهي آهي. ۽ عالمي توڙي مقامي تازي مايوس-ڪُن صورتحال کان آگاھ ٿي گهٻرائجي وڃي ٿو. ڀَر واري کٽ تي سُتل سندس زال مريم جاڳي رهي آهي. ۽ پريان بيڊ تي سندس پٽ نديم پڻ جاڳيل آهي. هُو مريم ڏانهن نهاري ٿو. هڪ عجيب خوف هِنن کي گُذريل ڏينهن کان هڪ ٻئي کان پري ڪري ڇڏيو آهي. نه ته هُو هڪ ٻئي جي ڀاڪرن ۾ سُتل هوندا هئا. حساس طبيعت هُئڻ ۽ خوف جي اثر ڪري، نِڙيءَ ۾ ڪؤڙاڻ محسوس ڪري ٿو. ۽ پنهنجو ساڄو هٿ، کاٻي ڪارائي تي رکي اُتان ھٽائي ڪنڌ تي رکي ٿو. جسم هلڪو گرم محسوس ٿئيس ٿو. نَڪ سُڻڪي ڏسي ٿو، لڳيس ٿو ته کيس زُڪام آهي. سندس لڱن مان ڏڪڻي نڪري وڃيس ٿي. هُن کي ڪورونا جي وَبا جون ٽئي نشانيون پاڻ ۾ محسوس ٿيڻ لڳن ٿيون. ايئن مُختلف ڪيفيتن مان گُذرندي پنهنجي زال سان لاڪ ڊائون ۽ ڪورونا مُتعلق ڳالهائيندي. ڀاڄي وٺڻ لاءِ گهر کان ٻاهر نڪري ٿو ۽ مين روڊ تي چڙهي شهر جي سڄو ڏينهن وهندڙ روڊ کي سُنسان ڏسندي پنهنجي اندر ۾ ڏڪي وڃي ٿو. شهر ۾ هڪ اَڌ ڪو ڀاڃي جو دُڪان کُليو هُجڻ ڪري ڀاڄي وٺي تڪڙو ڊڄندي گهر موٽي ٿو. ايئن سندس موبائل تي سکر مان وڏي ڀاءُ جي فون اچيس ٿي. جيڪو سکر ۾ ايران مان آيل زائرين کي ڪورونا جي شڪ ۾ آئيسوليشن سينٽر ۾ رکڻ ڪري سموري شهر جيان خوف ۽ وهم ۾ وٺجڻ ڪري وَٽس لاڙڪاڻي وڃي رهڻ جي ڳالهه ڪري ٿو ته هُن کي اُن پَل ايئن لڳي ٿو ڄڻ سکر مان سندس ڀاءُ جي نه پر ڪورونا جي وَبا فون ڪري اچڻ جي اجازت گُهري رهي آهي. موبائل ٽيبل تي رکي هُو مريم کي ڏسي ٿو. ”ادا هُيو. چيائين پئي ته سکر ۾ ڪورونا جي ڀئه سبب ٻارڙا پريشان ٿي ويا آهن. سو هيڏانهن اچڻ چاهين ٿا.“ هُو ڪرسيءَ تي پاڻ کي ڇڏي ڏئي ٿو. هُو ڄاڻي ٿو ته مريم رڙيون ڪري کيس اِهو چوندي؛ ”پوءِ تو ڇا چيس!. . . . . . . . هتي اچي ڪندو ڇا؟ اسان کي به بيمار. . . . . . مون کان ته پُڇين هان. . . . . . . . ايئن ئي ها ڪري ويٺين؟“ هُو مريم کان اکيون لِڪائڻ لڳي ٿو. اوچتو ڪَنن تي مريم جو آواز پَويس ٿو؛ ”اهڙن ڏينهن ۾ ته ماڻهوءَ کي دشمن تي به ڪَھل ڪرڻ گُهرجي، هي ته وري به اسان جا پنهنجا آهن. . . . . . . . الله سڄي جهان ڏي خير ڪري. ڀلي اچن. “ هُن جون اکيون ڀرجي اچن ٿيون. هُو مريم کي ڀاڪر ۾ ڀَري ڳل تي چُمي ڏيئس ٿو. اُن پل کيس لڳي ٿو ته ڄڻ انسانيت ڪورونا کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي.“ هي ڪهاڻي انتهائي ڀيانڪ ۽ مايوس ڪندڙ ۽ ذهني طور تي مَفلوج ڪري ڇڏيندڙ صورتحال ۾ اهڙي اُتساھ بَخشيندڙ پُڄاڻي زندگيءَ سان پيار جو هڪ نئون حوالو تحرير ڪري ٿي. ممتاز لوهار جو هي نئون ڪهاڻين جو ڪتاب ”کُليل دريءَ جو درد“ ۾ موجود ڪهاڻيون، ڪنهن نه ڪنهن طرح، سماج جي مختلف حالتن جي عڪاسي ڪندڙ ڪهاڻيون آهن. انهن ۾ فني پختگي ۽ موضوعن کي ڪهاڻيءَ جي روپ ۾ ڍالڻ جو انداز، ممتاز وٽ گهڻو پختو ۽ نفيس پڻ آهي. توڙي جو ڪجهه ڪهاڻين ۾ سندس معياري ڪهاڻين وارو رنگ، جهيڻو به آهي پر مجموعي طور تي ممتاز لوهار جون ڪهاڻيون، جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي سفر جون سگهاريون کنيل اهڙيون وکون آهن، جن جا پيرا پنهنجي پنڌ جي ساک ڏين ٿا.
ماما وشن ٿري ٿر ۾ انسانيت جو شيوڪ ڀارومل امراڻي سوٽهڙ مامي وشن ٿري تي هي لفظ لکڻ وقت آئون ڀڳتي تحريڪ جي سگھاري شاعر نرسي مهتي جو هيءُ گيت ”سانورئي را نام هزار ڪيسي لکان ڪنڪو پتري“ لوڪ ڳائڪ مهيشارام ميهگوال جي آواز ۾ گھڙي گھڙي ٻڌان ٿو. سچ اهو آهي ته، مون ڪڏهن لکڻ وقت اهڙي ٻڏتر محسوس نه ڪئي آهي جھڙي مامي تي لکڻ وقت محسوس ڪري رهيو آهيان. مامي وشن جي خدمتن جا رنگ هزار آهن، آئون هن تي خاڪو ڪيئن لکان!؟ ڪٿان شروع ڪريان!؟ مامي سان ملندي آتما کي سچي سڪون جي سڳنڌ ايندي آهي. بي چين روح آد جڳاد جي جاڳ ۾ جرڪي پوندو آهي. ماما وشن ٿري مايا موه وس ٿيڻ کان بچيل، اوديا جي ڀيدن کان آجو، انسانيت جو سانوريو آهي، جنهن جي رس ليلا دکي انسانيت جي خدمت آهي. ننگرپارڪر کان نئون ڪوٽ جي پٽي يا ناري جي طرف ويندڙ ڏڪاريل ڏوٿين کي کاڌو کارائڻ، مٺي جي اسپتالن ۾ تڙپندڙ بي پهچ مريضن کي دوا درمل وٺي ڏيڻ ۾ مدد ڪرڻ، مٺي جي سوين ساٿين جي رت گروپ کي ياد رکي وقت تي گھران وٺي اچي رت جي ڪمي وارن مريضن کي رت ڏيڻ ۽ ڏيارڻ، ڏينهن رات ڪوشش ڪري مٺي ۾ ٿرپارڪر سوشل آرگنائيزيشن جوڙي پاڻ جھڙن هم خيال ساٿين جي سهڪار سان رت بئنڪ قائم ڪرڻ، ٿر جي مارو ماڻهن کي رت چڪاس ڪرائڻ لاءِ همٿائڻ ۽ نوجوانن کي ضرورت مند جي لاءِ رت ڏيڻ تي اتساهڻ، ڳوٺن ۾ رت چڪاس جون ڪئمپون لڳائڻ مٺي ۾ ايمبولنس جي سروس جو بندوبست ڪرڻ، ڏڪاري ڏينهن ۾ مال جي چاري، پاڻي جو جوڳو انتظام ڪرائڻ تائين ڪيترا ڪم ڳڻجن؟ هن جو انسانيت سان عشق اتاهون آهي. ڪنهن ماڻ ماپي ۾ تڪي توري نٿو سگھجي. انهي ڪري هن جي انهن ڪمن عيوض “ٿر جو ايڌي” سڏيو ويندو آهي. حاجي محمد دل، اسماعيل ڪنڀر، ذوالفقار عمراڻي، نطام دين راجڙ، هوتچند سوٽهڙ، راجيش سوني ڀيشم ڪمار پرڌناڻي سميت سوين ساٿي سماجي ڪارج ۾ مامي جا ٻانهن ٻيلي ٿي رهيا آهن. چيلهار جي سپوت احمد علي چيلهاريي جي فرزند ابوبڪر ميمڻ به سدائين مامي وشن جي ڪارج ۾ سهڪار ڪيو آهي. حيدر آباد جي نامور صحافي علي حسن به مامي جي ڪم ۾ هٿ ونڊايو آهي. ۲۱ آگسٽ ۱۹۶۶ع تي مٺي جي لوهاڻه برادري جي معزز هنسراج مل جي گھر ۾ جنم وٺندڙ ماما وشن ٿري جي اندر ۾ ٻين جي مدد ڪرڻ جو جذبو ننڍپڻ ۾ هيو. مامو ڇهين جي ڪلاس ۾ پڙهندو هو ته سندس والد صاحب کي فالج ٿي ويو. گھر جي آمدني رڪجي ويئي. مالي پريشانيون وڌيون. مامي جو ڀاءُ نارائڻ داس پڙهائي اڌ ۾ ڇڏي سيٺين وٽ ملازم ٿي بيٺو. هن گھر جي لولي لوڻ جو بندوبست ڪيو. مامي پنهنجي والد کي سدائين کٽ تي ستل ڏٺو. پر هن جي جيجل پنهنجي پٽ وشن جي پڙهائي جاري رکائڻ جا جتن ڪيا. امڙ وشن کي پڙهايو ته وشن جي ٻي ڀاءُ ڊاڪٽر نند لال کي به پڙهايو. وشن پاڻ غربت جي زندگي ڏٺي ۱۹۸۷ع ۾ هن جو والد گذاري ويو. ان ڪري غريبن ۽ يتيمن جو هن کي وڏو قياس رهندو آهي. پرائمري جي پڙهائي دوران مامي ڏٺو ته هڪ غريب ڇوڪري وٽ ڪاپيون نه آهن هن ڇا ڪيو ته پنهنجي دوستن کي چيائين ته پاڻ ۾ چندو ڪيو، گڏ ٿيل چندي جي روپين سان گڏ ڪجهه اڌار تي پئسا رکائي ڪاپيون وٺي آيو، پوءِ اسڪول ۾ اعلان ڪيائين ته مارڪيٽ مان ڪاپيون وٺڻ جي بدران مون کان ورتيون وڃن. پندرنهن ڏينهن ۾ ايتريون ڪاپيون وڪاڻيون جو غريب شاگرد جون ڪاپيون ۽ ڪتاب انهن پئسن مان ٿي ويا. مامي جي سماجي شيوا اتان شروع ٿي. پوءِ بئراج ڏانهن ويندڙ ڏڪاريل قافلن جي ماني ڳڀي جي لاءِ پنهنجي هڪ جيڏن سان گڏجي مٺي جي گھر گھر مان لولا ميڙي قافلن کي ڏيڻ جو ڪم شروع ڪيو. اهو ڪم ڪندي هن کي سچي راحت ملڻ لڳي. مامي کي ڪنهن گھر مان لولي جو انڪار نه مليو. پر سماج جي ڪجهه ٺٺول باز ماڻهن وشن جي ننڍي قد سبب چيڙائڻ جي لاءِ ‘مامو’ چوڻ شروع ڪيو. پر وشن نه چڙيو، هن پنهنجي ڪردار ذريعي سڀن جو مامو ٿي ڏيکاريو. هر جيجل جو ڀاءِ آهي. هاڻي موبائيل فون جو زمانو آهي پر جڏهن اها سهوليت نه هئي ته رت جي ضرورت وارو ماڻهو ڪڏهن آڌي ته ڪڏهن اسر جو مامي جي گھر پهچندو هو در تي ٺڪا ٺڪ رهندو هو. مامو خوشي سان انهن جي لاءِ نڪري ايندو هو پر ٻيا گھر جا ڀاتي تنگ ٿي پوندا هئا. ايتري حد تائين گھر جا ڪجهه ڀاتي ناراض ٿيا. هن درويش جي لاءِ مائٽاڻو گھر سوڙهو ٿي پيو. پر هن ڪڏهن اهڙين حالتن جي پرواهه نه ڪئي هڪ پل جي لاءِ ورچي نه ويٺو، پنهنجو ڪم جاري رکيو. هن جو پراڻو گھر کتري محلي ۾ امام بارگاهه جي ڀر سان هوندو هو، هاڻي لوهاڻه پاڙي جي ريل ۾ آهي. ٻنهي هنڌن تان اسپتال پري آهي. ڪڏهن سواري ملي ته ڪڏهن پنڌ اچڻو پوي ته به ايندو آهي. جڏهن ته پاڻ به هاڻي ٻه چار بيمارين جو مريض ٿي چڪو آهي. ڪڏهن ڪڏهن رت گھرندڙ مريض وارو همراه مامي تي ڏاڪا ٻڌي چڙهي ويندو آهي ته، ماما تون اچڻ ۾ دير پيو ڪرين مريض جي حالت خراب آهي. پر مامي ڪڏهن انهن حالتن ۾ به منهن ڦٽائي ورندي نه ڏني آهي. کل ڀوڳ ۾ سنگت مامي کي رت وٺندڙ سڏيندي آهي، ڪاش مامي جھڙا رت گھرندڙ سماج ۾ گھڻا هجن. مون کي هڪڙي دوست چيو ته، مامي جي ڪم جو دائرو هاڻي ٿر جي شهرن، ڳوٺن مان نڪري عمرڪوٽ، سانگھڙ ۽ حيدرآباد تائين پهتو آهي. مون انهي دوست کي ٻڌايو ته مٺا، مامي جو ڪم اڳ به وسيع هو. هاڻي به آهي. هي جيڪي مريض مان لاعلاج ڪري ٻين اسپتالن ڏانهن موڪلجن ٿا. انهن ويچارن جو اتي به مامو سهارو رهندو آيو آهي. امرجڳديش ملاڻي جڏهن لانگ مارچ تي هو ته انهي وقت مٺي جي هڪ مريض کي حيدرآباد ۾ ۱۲ رت جون بوتلون مامي ڏياريون هيون. آئون مقامي تنظيم جو ميمبر رهيو آهيان پر فقير ماڻهو ٿر جي ٻهراڙي پنهنجو راڄ ڀاڳ ڪو واسطي وارو مريض اچي ته رت گھرجي يا دوا درمل جي مدد، اول آخر سهارو مامو وشن سُجھندو آهي. ماما وارو ڪر. هڪ دفعا ڇا ٿيو ته ننگرپارڪر جي ڳوٺ آڌيڳام جا غريب ڪولهي ڊليوري ڪيس ۾ مٺي آيل هئا. رات جو مريض جي لاءِ رت ۽ ماني ٽڪي جي مدد ڪئي سين. ٻن ڏينهن کان پوءِ پارڪر جي ڪولهي ساٿين جو فون آيو ته سائين ڊليوري ڪيس ۾ مٺي آيا هئاسين پر عورت گذاري ويئي آهي. اسان وٽ ڀاڙي جا پئسا نه آهن. لاش واپس وٺي وڃڻو آهي. مون ٽاٽ سڃائي جي ڏينهن ۾، سوچيو ته هاڻي ڇا ڪريان؟ مامي سواءِ ٻي واهه ڪهڙي...سڌو مامي وٽ پهتس پوري ڳالهه ڪري دنگ ڪئي ته مامو بندوبست ۾ لڳي ويو. سول سرجن ايمبولنس نه پيو ڏي، مامي سول سرجن کي ٻڌايو ته آئون ۽ ڀارو ٻئي گڏ وڃي رهيا آهيون. تون رڳو ايمبولنس ڏي. اسان تيل جو بلو ڪري ڪولهين سان گڏ ننگر جي لاءِ نڪتاسين. ننگر پهچي پريس ڪلب وٽ مامو جهول وڇائي ويهي رهيو. ايندڙ ويندڙ کان چندو ميڙي اٺ ڏهه هزار غريبن کي ڪفن دفن ۽ کاڌي پيتي جي لاءِ ڏنائين. اهڙيون مٺي جي هر دوست وٽ مامي جون ڪهاڻيون آهن. ماما وشن ٿري جي تربيت سياسي ڪارڪن واري به آهي. سنڌ جي قوم پرست سياست جي مارڳ ۾ پنڌ ڪندي ترم ياترا به ڪيائين. سختيون سٺيون. مامو وشن، ڪامريڊ نند لال مالهي، ڊاڪٽر اشوڪ بختاڻي ۽ لڇمڻ ٿري سان گڏ قوم پرست سياست جو حصو ٿيڻ سان گڏ امر جڳديش ملاڻي، فقير مقيم ڪنڀار، حسن پسايي جي سٿ ۾ عوامي سياست جو سبق عام ڪرڻ جي جستجو ۾ شامل رهيو آهي. ونگي جي ارباب خاندان ۽ جاگير جي راڻن جي راڄ ڀاڳ واري سياست جو ساکي به آهي. ڄام ساقي، سوڀي گيانچنداڻي جي چونڊن ۾ هن هڪ متحرڪ ڪردار وارو حصو ورتو هو. هن ٿر ۾ صحافت ۽ ادب جي قافلن سان هر گهڙي سڏ ۾ گڏ ٿي سرگرم رڪن طور نڀايو آهي. مٺي جو ڪهڙو ادبي پروگرام هوندو جنهن ۾ مامو وشن نه هجي. ۶۰ کان وڌيڪ سماجي تنظيمن جي گڏيل نيٽ ورڪ ماروئڙا ڪوآرڊيشن ڪائونسل جو ٻه ڀيرا جنرل سيڪريٽري به چونڊاڻو آهي. ماما وشن ماروئڙا جي چونڊن ۾ آيو ته ٻي پينل تي هو پر کٽڻ کان پوءِ اوڀايي جوڻيجي سان گڏجي ماروئڙا جي لاءِ هن پاڻ ملهايو. اين جي اوز جي مخصوص ماحول مان ماروئڙا کي ڪڍي عوامي اداري طور ڪڏهن قدرتي وسيلن جي مالڪي جي لاءِ اوڀايو جوڻيجو ۽ ماما وشن روڊن تي بيٺا ته ڪڏهن رڻ ڪنڌي جي ڳوٺ ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بندوبست ڪيو. ڪڏهن اعليٰ اختيارين کي ٿر جي مسئلن تي خط و ڪتابت ڪئي ته ڪڏهن ننگر جي وانڍئي ۾ مفت طبي ڪئمپ ۾ ڪارڪن ٿي ڪم ڪيو. صادق فقير هن جو ننڍپڻ جو دوست هو، مامو هاءِ اسڪول مٺي ۾ پڙهيو، جڏهن ته صادق فقير ميرواهه گورچاڻي ۾ پڙهندو هو پر جڏهن صادق مٺي ايندو هو ته صادق جو مامو امداد فقير، حاجي محمد دل جو پٽ نياز دل ۽ مامو وشن کتري محلي جي پڙ وٽ ويهي ڳالهين جي ڳهر ۾ الوٽ ٿي ويندا هيا. صادق مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ ڪاليج پڙهڻ جي لاءِ مٺي آيو. مامو ۽ صادق فقير انٽر ۾ گڏ پڙهيا. انٽر کان پوءِ ڪاليج واري پاسي کان بي اي ڪري صادق فقير ايم اي سنڌي ڪئي، جڏهن ته مامي وشني ايم اي اڪنامڪس جو فارم ڀرايو. مون مامي وشن ٿري حاجي محمد دل ۽ صادق فقير کي هڪ ٻي سان ڏاڍا چرچا ڪندي ڏٺو ۽ ٻڌو آهي. ڪيڏي سهپ ۽ رواداري انهن وٽ رهي آهي. حاجي محمد ۽ تاراچند راٺي جا لکيل اسٽيج ڊراما، استاد حسين فقير، ڪريم فقير ۽ صادق فقير جي ڳائڪي، تاج جويي، سائنيداد ۽ امولک امر جي شاعري، ساٿي ٻارڙا سنگت ۽ لطيف جا ميڙاڪا، شيام داس جوشي، پرشوتم واسواڻي، ساجن داس چنداڻي جي سکيا، ڪامريڊ نند مالهي جو سنڌي ادبي سنگت ۾ سرگرم رهڻ تائين مٺي جي هڪ اهڙي ادبي تاريخ آهي. جنهن مٺي کي صبح جي سحر ۾ تبديل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. ماما وشن ٿري ۽ صادق فقير جون ساروڻيون انهي دور جو اثاثو آهن. صادق فقير مامي وشني جو وڏو خيال رکندو هو. سنڌ جي سمي ۽ جيساڻي جي ڀاٽي جي ڀاءِ ساهمي ۽ سير کڻندڙ لوهاڻي جو گهر مڱڻهار فقير اڀو بيهي پنهنجي نگراني ۾ ٺهرائي ڏئي ويو. صادق فقير تي سوچيندي هن جي ڪيفيت اڄ به بنگالي ٻولي جي شاعر جي انهن سٽن جهڙي آهي. بي اختياري ۾ ورلاپ ڪري ٿو ته؛ “مان ديس وديس رليو آهيان پر ڪنهن کي به پنهنجي پسند موجب پائي نه سگهيو آهيان هن سنسار ۾ ڪوئي به دوست ته جهڙو نه آهي، هاءِ منهنجا دوست آئون ڇا ڪريان؟ تو کي ڪٿي پايان..” ٻين جي ڦٽن تي مرهم رکڻ واري مامي وشني جي من جي پيڙائن کي صادق فقير کان پوءِ ڪير محسوس ڪري سگهي ٿو؟ ڪيئن تون منهنجي من ۾ پيڙا ڄاڻي سگهندين ڏس ته اکين ۾ آهن اوجاڳا ٿڪجي پيا. صادق فقير کان پوءِ لطيفن به هن کي کلائڻ ڇڏي ڏنو آهي. گهڙي گهڙي چتائن جو گهنڊ هن جي روح ۾ وڄي ٿو. مٺي جي دوستن مامي وشن کي صادق فقير جي جدائي جي غم مان ڪڍڻ ۽ مامي جي سماجي خدمتن جي مڃتا ڏيڻ جي لاءِ وڏو ميڙ مچايو پر اتي به مامو صادق فقير جي لاءِ روئي پيو ته؛ دوست بهي ملتي هين، محفل بهي جمي رهتي هي، تو نهين هوتا تو هر چيز مين ڪمي رهتي هي. داغستان جي البيلي شاعر رسول حمزا توف هڪ هنڌ لکيو آهي ته “ماڻهو ڇهه ورهين جي عمر ۾ ڳالهائڻ سکي وڃي ٿو پر اسي سالن تائين ماٺ نٿو ٿئي.” سو ماٺ نه ٿيندڙ ماڻهو ڳالهائيندو رهي ٿو مثبت يا منفي اهو هڪ الڳ پهلو آهي. منفي سڀاءِ ۾ ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ وارن ماڻهن وٽ مامي وشني جي ڪارج تي به ڪيترائي ڳالهين ۾ ليڪا پاتل آهن هڪ ڳالهه جو کلي دل سان اقرار ڪندي پاڻ به مڃون ٿا ته مامو به هڪ انسان آهي ته انساني حد تائين ڪميون ڪوتاهيون مامي جي وجود ۾ به آهن. پر اهو ٻڌايو ته بي حسي جي بارش ۾ ٻڏل سماج ۾ ائين انسانيت جي شيوا ڪرڻ جي لاءِ ساڌو ٿيڻ جي لاءِ ڪير تيار آهي.!؟ فراريت جي سرد راتين ۾ پنهنجائپ جا ڏيئا ڪير ٻاري ٿو!؟ هن جو قد کڻي ننڍو آهي پر انسانيت جي لاءِ هن جو پورهيو تمام وڏو آهي. پاڻ پڏائڻ چڱي عمل جو موت آهي. مامي وشني ڪڏهن پاڻ پڏايو نه آهي. هن سدائين عاجزي اختيار ڪري نياز نوڙت سان مسڪين جهان خان کوسي ۽ نندلال نندن جي ڇڏيل ڪم کي اڳتي وڌايو آهي. اسان جو هي دور جنهن دور ۾ ارون ڌتي راءِ جي لفظن ۾؛ “ڪجهه به غربت کان وڌيڪ وڪرو نٿو ٿئي.” پر هن ڪڏهن به ڪٿي غربت کي وڪرو نه ڪيو آهي. غربت جي غم کي گڏيل طاقت ۾ تبديل ڪري اڻ برابري واري سماج کي لوڏڻ جا وس ضرور ڪيا آهن. مامو وشنو ڪڏهن ڪتي جو ڪڪر نه ٿيو آهي، جنهن جي لاءِ لوڪ شاعر چيو آهي ته؛ ڪتي ڪڪر جر نهين، تون ڀوري ڏيکي مت ڀول، گُڻ ٿوڙو، روپ گهڻو، جيسا روهيڙي راتا ڦول. (ڀوري تون ڪتيءَ جا ڪڪر ڏسي ڀلج نه، ڇاڪاڻ ته انهن ۾ پاڻي نه آهي. انهن ۾ ڳڻ گهٽ روپ گهڻو آهي، جيئن روهيڙي جا ڳاڙها گل آهن. جن ۾ روپ ته گهڻو هوندو آهي پر خوشبوءِ نه هوندي آهي.) مامو وشنو پنهنجي ڪردار ۾ سانوڻ جو ڀريل بادل آهي. سدائين گهنگهور گهٽا ٿي ڏڪاريل ٿر تي وسيو آهي. مامي وشن سان ملهايل شام ۾ انجنيئر گيان چند سچ چيو ته؛ مامو وشن موجوده دور ۾ ٿرپارڪر جو وڏو ماڻهو آهي. لوڪ ساگر جو ڪوي چوي ٿو ته؛ مينهان اور موٽان گهران، هينئان ڇوڙي م آس، او برسي تو سرور ڀري، او ڇوڙي نا نراس. (اي منهنجا من! مينهن ۽ وڏن گهرن مان ڪڏهن آس نه پلجانءِ، مينهن وسي ته تلاءِ ڀري ڇڏي، وڏي گهر جو خانداني ماڻهو ڪڏهن مايوس ڪري نراس نه موٽائيندو). (ڀارومل امراڻي سوٽھڙ جي فيس بڪ ٽائيم وال تان کنيل)
رئيس علي نواز انڙ غريبن لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ مولائي ملاح ماڻهوءَ کي جڏهن دولت جو نشو چڙهندو آهي، ته اهو پنهنجي اوڙي پاڙي کان وٺي سڄو تر تپائي ڇڏيندو آهي ۽ ڪنهن به مسڪين ماڻهوءَ جو احساس نه ڪندو آهي. اهو به جيڪڏهن ڪو وڏيرڪو ٻار هجي پوءِ ته ڇٽيون ڳالهون ..! سنڌ ۾ اسان کي سونن چمچن سان کاڌو کائڻ وارا اهڙا ڪيترا ئي وڏيرا ۽ امير ڪبير ملندا جن جا شوق اهڙا رهيا آهن، جن جي شوق جو ٻارڻ غريب عوام جون زندگيون رهيون آهن. اهڙن وڏيرن جا شوق ۽ شڪار به پنهنجي مزاج مطابق رهيا آهن، سندن جيئڻ جو مقصد به ڪنهن کي آزارڻ ئي رهيو آهي. وڏيرڪي سماج ۾ اوڙي پاڙي جي غريب تي دل کولي سخاوت ڪرڻ جهڙا تمام گھٽ ماڻهو ملندا، پر اهڙا انسان دوست وڏيرا آهن ضرور، جن جي ڪري هن جڳ جو چرخو هلي پيو. شاهه چواڻي ته: ”اڃا ڪي آهين ڪل جڳ ۾ ڪاپڙي“ اهڙن انسان دوست شخصيتن مان قاضي احمد جي هردل عزيز شخصيت الحاج رئيس علي نواز خان انڙ به هڪ هيو، جنهن اجتماعي طور تي غريب عوام جو مستقبل سنوارڻ لاءِ پنهنجي ذاتي ملڪيت وقف ڪري ادارا قائم ڪيا. رئيس علي نواز خان انڙ، قاضي احمد جي امير گھراڻي جي اهڙي شخصيت هيو، جنهن اميراڻين روايتن کي ٽوڙي سماجي ڀلائيءَ وارن ڪمن کي هٿي ڏني. هن ڪتن، ڪڪڙن، تترن ۽ سوئرن جا ميل ڪرائڻ ۽ علائقي جي غريب عوام جي حقن ۽ جانين جو شڪار ڪرڻ بجاءِ وس آهر عوام جي بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن عظيم انسان شهر قاضي احمد ۾ علم جي روشني ڦهلائڻ ۾ وسيع ڪردار ادا ڪري شهرين کي علم جي زيور سان آراسته ڪيو. شهر کي خوبصورت بڻائڻ ۽ شهرين کي سهولتون بخشڻ لاءِ هن شهر ۾ گل ٻوٽا، پارڪ ۽ هڪ عاليشان نازباغ لڳرايو. هي سچ ۽ سونهن جو عاشق، سڄي زندگي سونهن جو شڪار رهيو. هن جو عشق رڇ ڪتي ۽ سوئر جي بڇ بجاءِ انسانن جا اهنج دور ڪرڻ، سماجي تبديلي ڏانهن رهيو. سندس اهڙي عشق جا مثال اڄ به حقيقت جي روپ ۾ موجود آهن، جنهن کي ڪو ئي مٽائي نه ٿو سگھي. رئيس علي نواز خان انڙ، گھڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هيو، هو هڪ ئي وقت زرعي ماهر، سنڌ جو ناميارو آبادگار، سياستدان ۽ سماج سڌارڪ پڻ رهيو، عوامي سياست ۾ سندس کوڙ سارو حصو شامل رهيو. هن پنهنجي زندگيءَ ۾ عوام جي بهتر مستقبل جي حفاظت لاءِ اهڙي فوج تيار ڪئي، جيڪا ڪنهن به محاذ تي ڪڏهن به شڪست نه ٿي کائي سگھي، جنهن جي جھلڪ سياست نامي جي مصنف نظام الملڪ طوسيءَ جي هن مشهور واقعي ۾ پسي سگھجي ٿي. ”هو سلطان وٽ وزيراعظم هيو ۽ مشهور شاعر عمر خيام جو دوست هيو. سلطان هن کي ڪجھ پئسا ڏنا ته فوج ڀرتي ڪر، پر هن اها سڄي رقم مڪتبن تي خرچ ڪري ڇڏي، جڏهن سلطان کي اها خبر ملي ته هن ٻيهر نظام الملڪ طوسيءَ کي گھرايو بنا ڪنهن پڇا ڳڇا ڪرڻ جي ٻيهر کيس پئسا ڏئي چيو ته فوج ڀرتي ڪر، نظام الملڪ طوسيءَ ٻيهر ساڳئي ڪار ڪئي ۽ اهو سمورو پئسو مڪتبن کولڻ تي خرچ ڪري ڇڏيائين، هاڻ سلطان کي ڪاوڙ لڳي، هن وزيراعظم کي گھرائي ان جو سبب پڇيائين نظام الملڪ طوسيءَ جيڪو جواب سلطان کي ڏنو اهو تاريخ ۾ سنهري اکرن ۾ لکيل آهي. هن چيو ته: ”سلطان! هيءَ جيڪا اڻ پڙهيل جاهل فوج آهي مان ان کان بهتر فوج پڙهيل ۽ عالم فوج ٺاهي رهيو آهيان. اها فوج، هن جاهل فوج کان بهتر طريقي سان تنهنجي سلطنت جو دفاع ڪندي.“ هن شخص جي زندگيءَ جو هڪ حصو اهڙي فوج تيار ڪرڻ ۾ گذريو آهي پر، افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته جڏهن سندس اميدن جو ميوو پچي راس ٿيو ته پاڻ هن دنيا ۾ نه رهيا. سنڌ جي ڪنهن علائقي ۾ ورلي ڪو وڏيرو، رئيس ائين هوندو جيئن هي شخص هيو. سماج جي تبديليءَ ۾ سندس زندگي هڪ نمونو هئي.رئيس علي نواز خان انڙ، پنهنجي تاريخ جو تمام وڏو ماڻهو هيو. هن علم، ادب، ڏاهپ ۽ صحت، پکين ۽ جانورن جي واڌ ويجھ لاءِ، بنا ڪنهن معاوضي جي لکن روپين جي زمين ادارن کي وقف ڪئي. جنهن جا سندس خاندان کان مليل تفصيل ڪجھ هن ريت آهن. گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول (هاسٽل) لاءِ مين روڊ جي ساڄي پاسي تي ڏنل ۸ ايڪڙ زرعي زمين، گرلزهاءِ اسڪول ۽ گرلز پرائمري اسڪول لاءِ (وچ شهر ۾) مليل ۴ ايڪڙن تي مشتمل پلاٽ، ايڌي سينٽر، پولٽري فارم ۽ ايگريڪلچر آفيسن لاءِ نيشنل هاءِ ويز تي زرعي زمين ۲ ايڪڙ، ان جي سامهون ئي رورل هيلٿ سينٽر لاءِ زرعي زمين ۴ ايڪڙ، ڪميونٽي سينٽر لاءِ ۲ ايڪڙ، علي نواز گرلز اسڪول لاءِ ۲ ايڪڙ، عورتن جي دستڪاري اسڪول ۽ شهر جي ۴ عدد پرائمري اسڪولن، ٽيلي فون ايڪس چئنج ۽ ٽائون ڪاميٽيءَ جي آفيسن لاءِ به سندس ئي زمين وقف ٿيل آهي. ان کان علاوه عوام جي تفريح ۽ تراوت خاطر جوڙايل ناز باغ جيڪو ۶ ايڪڙن ۽ سفاري پارڪ جتي پکي ۽ جانور رکيل آهن، اهو ۶۰ ايڪڙن تي مشتمل، بنا ٽڪيٽ ڏسڻ وٽان آهي. نور ماڊل وليج ۽ وچ شهر مان گذرندڙ ’ون وي‘ روڊ منظور ڪرائڻ ۾ به سندس ئي ڪاوشون شامل آهن. عوام جي ڀلي خاطر وقف ڪيل زمينن تي قائم ٿيل سرڪاري ادارن مان عوام ڀرپور فائدو حاصل ڪري رهيو آهي. سنڌ جي اڪثر علاقن ۾ وڏيرن پاران وقف ڪيل اسڪولن ۽ اسپتالن لاءِ زمينن تي تعمير ٿيل عمارتن ۾ سندن اَن، بُههَ ۽ ڀاڻ جا ڀانڊا، ته ڪٿي ڪمدارن جون اوطاقون بڻيل آهن. هي وڏيرو اهڙي سوچ جي ابتڙ رهيو. شايد ته استاد بخاريءَ به علي نواز انڙ جهڙن ڪردارن لاءِ ئي چيو هيو ته: مونکي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آهي، جو قوم جيئاري، اهو جيئندو رهندو. علي نواز خان انڙ، جي گھاريل مثالي زندگي سماجي تبديليءَ جي تاريخ جو هڪ باب آهي، جيڪو سنڌ جي ٻين رئيس ۽ وڏيرن لاءِ هڪ مثال بڻيل آهي، جيڪڏهن سنڌ جا سڀ رئيس، علي نواز خان انڙ جيان بڻجي پون ته، سنڌ جا ڳوٺ واهڻ ۽ وسنديون ساڃهه ۽ شعور جي سگھ سان خوشحال ٿي ٻهڪي پون. استاد بخاري چواڻي ته: جھنگ جھر ۾ روشنيون اڀري پون، بر پٽ ۾ زندگيون اسري پون، ماڻجن جيئري ئي جڳ ۾ جنتون، سنڌ تنهنجا ڳوٺ جي سڌري پون. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته سندس حياتيءَ ۾ هن شهر، چوڪن ۽ چوراهن تي ڪڏهن به گندگيءَ جا ڍير لڳل ۽ ان مٿان مکين ۽ مڇرن جا ميڙ، ميلا متل نه ڏٺا. مين روڊ تان گذرندڙ تيز رفتار گاڏين جي حادثن ۾ مرد، عورتن ۽ معصوم ٻارڙن کي گاڏين سان ٽڪرجڻ ڪري روڊ تي تڙپندي نه ڏٺو ...! هڪ ڀيري صدر ايوب خان کي شهر جي شاهي بازار گھمائڻ لاءِ وٺي آيو ته، اهو به هن شهر جي صفائيءَ جو نظام ڏسي حيران ٿي ويو. رئيس علي نواز خان انڙ، پنهنجي حياتيءَ ۾ جيڪي به سماجي ڀلائيءَ جا ڪم ڪرايا، اهي بنا ڪنهن لالچ ۽ تختين جي ڪرايا، پاڻ جن ادارن کي قائم ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ورتائين، اهي ادارا اڄ به عوام جي ڀلي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، جتان هن علائقي جو غريب عوام بنا ڪنهن سفارش جي فائدو حاصل ڪري رهيو آهي. رئيس علي نواز خان انڙ پنهنجي ڪردار جي ڪري هميشه تاريخ ۾ زندهه رهندو. رئيس علي نواز انڙ ذڪر سنڌ جي شاھجھان باغبان جو نصير مرزا مون ڪن سرلا ڪيا ته ڀرسان ايندڙ اهي بيقرار بلبلين جا آواز هئا، جيڪي پاڻ ڏانهن سڏي رهيا هئا مونکي. اگرچه صرف ٿوري وقت لاءِ ئي انهيءَ بس اسٽاپ لڳ آئون ترسيو هوس، سو اتاولائي مان بلبلين جي آوازن ڏانهن ڏيان ڏيندي، نگاهه جو مون مٿي کنئي ته ڇا ڏسان، سامهون دروازي جي ڪمان مثل اڌ گول مٿان وڏن وڏن اکرن ۾ لکيل هو، ”ناز باغ قاضي احمد“. تڏهن اوچتو ياد آيم، ڪيئي ورهيه اڳ، ڪمشنر سکر شفيق احمد مهيسر جي ڏاڏا سائين، غلام محمد مهيسر جي عرس لاءِ ڪمال ديري ڏانهن ويندي، نفيس احمد شيخ تي زور ڀرڻ تي اڻ ڪوٺيو ئي سهي، ان باغ ۾ آئون هليو ويو هوس ۽ اندر باغ ۾ ڇا ته گل گلزاريون هيون. هر پاسي سرينهن، نمن ۽ انبن جا هڳاءُ ڀريا وڻ، جن جي ٽارين تي رنگ رنگ جا پکيئڙا، بلبليون، ڪٻريون ۽ ڳيرا پنهنجي پنهنجي لات لنوڻ ۾ مست مگن. الائي ڪنهن اطلاع ڏنو ان هستيءَ کي، جيڪو سنڌ جي ان واحد پرائيويٽ پبلڪ پارڪ جو دياوان ديالو باغبان هو ۽ جنهن جو نالو هو رئيس علي نواز انڙ. ڇا ڏسان سامهون راهداريءَ تان اسان جي آڌرڀاءُ لاِ ويجها ايندا پيا وڃن. ڀانئيان ٿو اهو ناشاد جو ڪرشمو هو، جنهن ڳجهه ڳوهه ۾ پنهنجي متوقع آمد جو اطلاع ڪو اڳي ئي کين ڏيئي ڇڏيو هو. بدن بيهڪ سندن مناسب هئي. تڏهن ناز باغ ۾ جيڪا سنڌي طرز تعمير واري اوطاق، جنهن کي پاڻ لانڍي پئي سڏيائون، اتي ڪيڏو نه پرتڪلف ضيافت جو انتظام رکيو هئائون اسان لاءِ پر اها ته ڪيئي ورهيه پراڻي ڳالهه مون هتي لکي، جيڪا منهنجي حافظي مان گم ئي ته ٿي وئي هئي ۽ اجهو هاڻي هڪ دفعو ٻيهر ناز باغ جي در وٽ وڃي بيٺس ته هڪ پاسي ڪنُڊ سان ڪنهن گلفروش جو هٽ هو، جنهن جو مالڪ گلاب جي گلن تي پاڻي ڇڻڪاري رهيو هو ۽ جنهن جا ڪجهه ڪامي ڪنهن گهوٽ جي ڪار کي گلن سان سينگاري رهيا هئا ته ڪي ٻيا مزدور وري ڪنهن مرحوم جي مڙهه لاءِ گلن جي چادر تيار ڪري رهيا هئا، پر ناز باغ جي در سامهون پٽ تي دونهين دُکائي ويٺل هي ’قلعي گر‘ به ته اوچتو منهنجي دلچسپي جو سبب بڻجي ويو هو. هڪ هٿ ۾ ٽامي جو گرو ميرو ٿانءُ، ان تي چاندي رنگ، ڪيميڪل رڳڙي مٿان نوشادر ٻُرڪي، موئي سان مهٽڙو ٿي ڏنائينس ته اهو ’مَر- هاڻو‘ ٿانءُ، اک ڇنڀ ۾ ’چم چم‘! تڏهن دل ۾ ”هئه ڙي رنگي تنهنجا رنگ“ چوندو ۽ در وٽان ورتل کٽڙيون مٺڙيون نارنگيون ڇلندو کائيندو ناز باغ ۾ داخل ٿي ويس. ورهين پڄاڻان، باغ ۾ قدم جو رکيم ته ڇا ڏسان، اها ئي سنگ مرمر واري شاندار قديم مسجد پاڪ، جنهن جي صحن مبارڪ ۾ ڪيئي ڳوٺاڻا شلوار يا گوڏ قميص ۾ مٿي تي سنڌي ٽوپي پائي، ڪلهي تي پوتڙو رکي ظهر واري نماز پڙهڻ ۾ مصروف. ناز باغ جيئن ته بس اسٽاپ سان لڳو لڳ هو، ان ڪري ڪيترا ٻار ۽ خواتين شايد سواريءَ جي انتظار ۾ باغ جي ڇٻر تي پوتڙا وڇائي آرامي هئا. ڪنهن ڪنهن وڻ جي هيٺان ڪي شاگرد به ته مونکي مطالعي ۾ مصروف نظر آيا. هاڻي اتان اڳتي وڌيس ته ڇا ڏسان هڪڙو ٻيو دروازو. نگاهه مٿي کنيم ته ڏٺم، ان تي لکيل هو، ”باب مخدوم سائين محمد زمان طالب الموليٰ“. انهيءَ دروازي مان اندر داخل ٿيس ته ناز باغ جو اندريو منظر صفا اهڙو، جهڙو لاهور وارو شالامار باغ. وچ وچ راهداري ۽ پاسن کان چمن چمن، ڪلي ڪلي، گل ئي گل. تڏهن راهداريءَ تي پسار ڪندي، اڳيان وڌندي منهنجي ته چپن تي بيدل سائينءَ جي ڪافيءَ جا هي ٻول ”هر جا گُل گلزاريون، وهه وا.... چلو ري سيان چرچا ويکين...“ راهداري تان اڳتي ويندي دل ۾ چوان ٿو، جيڪو به جوان ان تان لنگهندو پڪ سان سمجهندو، آئون شهزادو سليم آهيان. حُسن اتفاق سمجهو ته مون به پاڻ کي شهزادو سليم ئي سمجهيو هو پر پوڙهو شهزاد سليم پر هي ناز باغ جي رنگا رنگي گلن ۽ خاص ڪري گلاب جي گلن ۾ ايتري ته ايڏي تيز خوشبو ڇو هئي؟ تڏهن باغ جي مالهيءَ ٻڌايو، بيشڪ اسلام آباد کان لاهور، ڪراچيءَ جي سرڪاري پبلڪ پارڪن ۾ طرحين طرحين جا رنگين گل، پر اهي سڀ ته ولايتي آهن ۽ جن جا رنگ ته چوکا چوکا پر منجهن خوشبو بنهه ندارد. پوءِ ٻُڌائڻ ٿو لڳي، گلاب جا گُل، سنڌ ۾ ڪي تبت چپن مان ۽ ڪي ڪوهه ڪاف مان به هتي پهتا هئا. انهن کي جڏهن سنڌوءَ جو پاڻي ۽ هتان جي خوشبودار مٽي نصيب ٿي ته انهن جي مهڪ ئي دوبالا ٿي وئي. پوءِ ٻڌائڻ لڳو، سنڌ ۾ گلابن جا هونئن ته سوين رنگ ۽ قسم آهن پر سنڌ جي ”سدا گلاب“ جي سُڳنڌ تي ڳالهه ختم. اڳتي وڌيس ته نمن جي گهاٽن چهچ ساون ڏارن تي ڳاڙهين چُهنبن ۽ ساون کنڀن سان طوطن جا ڪٽڪ... يقين ڪريو، ڪنهن هڪ هنڌ ۽ ايترا طوطا مون ته زندگي ۾ ڪڏهن به نه ڏٺا هئا. لڳو اهي طوطا ساري ناز باغ کي ڄڻ کنڀن تي کنيو بيٺا هئا. راهداريءَ جي انت تي هڪڙو نئون چوڪور باغ هو، جنهن جي وچ ۾ هڪ اسٽينڊ اڀو هو، جنهن جي چوطرف گولائي ۾ ڇڄهرو هو ۽ ان جي چوگرد وري ڪاٺ جون ننڍڙيون ننڍڙيون ڪبوترن جون کُڏيون هيون. هاڻي ڇڄهري جي ڪٽهڙي تي ڇا ڏسان.. اڇا اڇا ۽ ڪاسني ڪبوتر جوڙا جوڙا ٿي ائين، جيئن ڌرتي سج جي چوطرف ڦري ٿي. ”ڳٽرڪون ڳٽرڪون“ ڪري هڪ ٻئي جي چوطرف کان ڦرندا نظر آيا. اهڙا ڪبوتر، جن جون ماديون اندر آنن تي هيون، اهي وري نوخيز ڪبوترين جي چوطرف ٺڙڪ هڻڻ ۾ مصروف هئا. باغ جي ان حصي ۾ ڊيل ۽ مور به ته پسار ڪندي نظر آيا. تڏهن مون هر وقت ڪجهه نه ڪجهه جهونگاريندڙ قلمڪار جي چپن تي اوچتو آيو، ”راڻا راڻا مور ڀلي ٿو ٽلي....“ مالهي ٻُڌائي ٿو، سنڌي فلم ”ممتا“ جا ڪي گيت، هيرو مشتاق چنگيزي ۽ هيروئن ريٽا تي جڏهن پڪچرائيز پئي ٿيا ته ناز باغ جي اندر جيترا به ڏينهن شوٽنگ ٿي پئي، چوطرف کان ماڻهو ڏسندا ۽ خوش ٿيندا رهيا. ناز باغ جي هن باغ بهار چوڪ جي ڀرسان، بلڪه ائين چوان ته محل نما هي ڇا ته خوبصورت عمارت! اصل ۾ اها ئي ته اوطاق هئي، جنهن کي رئيس علي نواز انڙ صاحب ”لانڍيءَ“ جو نالو ڏنو هو ۽ جنهن جي ديوارن تي بوگن ويلا جون گلن سان ڀريل ٽاريون ائين پئي لڳيون، ڄڻ شهزاديون آرام فرمائي رهيون آهن. لانڍيءَ جي وچ اڱڻ ۾ جيڪو سرينهن نما وڻ هو، اهو ته ڄڻ لانڍيءَ اندر محفل جو مور وڻ پئي لڳو. تڏهن ان وڻ وٽ پهچي ان لانڍيءَ ۽ ناز باغ جي باغبان رئيس علي نواز انڙ کي مون آواز ڏنو، تڏهن در و ديوار مان هي اداس آواز آيو، ”اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين“. خبر پئي سنڌي طرز تعمير جي اعليٰ نموني ۽ هن اوطاق لانڍيءَ جي دور حاضر جا وارث هاڻي رئيس علي نواز جا فرزند آهن. رئيس شوڪت علي انڙ، رئيس ذوالفقار علي انڙ ۽ رئيس آفتاب علي انڙ. ڪنهن وقت رئيس علي نواز بابت جيڪو يادگار ڪتاب شايع ٿيو هو ”اچي بوءِ بهار جي“، اهو ناشاد صاحب وٽان تحفي طور به ته مليو هئم ۽ ان ۾ هن شاندار باغ بابت هي ڇا ته دل وڻندڙ سٽ مون پڙهي هئي: ”ناز پرور ساڻ گهمجي ناز باغ“. هيءَ ڳالهه به ته ان ئي ڪتاب ۾ پڙهي هئم ته ناز باغ، لانڍي اوطاق ۽ قاضي احمد ۾ هاءِ اسڪول جي شاندار عمارت تعمير ڪرائڻ تي رئيس علي نواز کي سنڌ جو شاهجهان به ته ڪري سڏيو ويندو هو. تڏهن سنڌ ۾ چوطرف نظر ڦيري سنڌ جي جاگيردار دبنگ وڏيرن، دياوان ديالو مڙسن ۽ هڪ کان هڪ سياستڪار کي ذهن ۾ مون آندو ۽ پاڻ کان سوال ڪيو هو، رئيس علي نواز انڙ جهڙي اهل دل انسان کانسواءِ ڪو ٻيو باذوق وڏيرو به هئو ڇا، جنهن ناز باغ وانگر سنڌ ۾ ڪو ٻيو اهڙو پبلڪ پارڪ ٺهرايو هجي؟ جواب آيو، ٻيو ته بابا ڪو به نه! تڏهن باغ جو مالهي ٻُڌائي ٿو، ڪيترا ورهيه اڳي رئيس علي نواز انڙ جڏهن وصال ڪيو ته سندن مڙهه کي لانڍيءَ ۾ عام ديدار لاءِ آڻي رکيو ويو هو ۽ پوءِ مسجد پاڪ جي اڳيان هزارين ڪانڌين جنازي نماز ادا ڪئي هئي، تنهن بعد وصيت مطابق، کين ناز باغ ۾ پنهنجي مٺي امڙ جي ويجهو ئي سپرد خاڪ ڪيو ويو هو. هاڻي ان طرف به ويس ته ڇا ڏسان، لان ۾ ڪنڊ سان ٻه ڪچيون قبرون هيون، جن جي مٿان ريشمي سائي ڇٻر ائين وڇايل هئي، جيئن ڪنهن درگاهه ۾ اولياءَ جي مزار مٿان عقيدت وارو معطر پڙ پيل نظر ايندو آهي. سندن لحد جي ڀرسان ڪي گهڙيون وڃي ويٺس ته ڪتاب ”اچي بوءِ بهار جي“ ۾ پنهنجي باري ۾ چيل سندن ڪيئي نقشا ۽ گفتا منهنجي ذهن ۾ گونجڻ لڳا. ”مون هميشه پاڻ کي ڪمتر سمجهيو، جواني کان پيريءَ تائين ڪم ڪرڻ جو عادي رهيس، پنهنجي تر ۾ باغ، اسڪول ۽ اسپتال قائم ڪرڻ کي پنهنجو فرض ڄاتم، مون هميشه سوچيو، جيڪڏهن ڪنهن جي خدمت ڪجي ته سچي نيت سان ڪجي، بي لوث ۽ بي غرض ٿي ڪجي، انشاءَ الله اهو وقت جلد ايندو، جو هن علائقي جو ننڍو وڏو علم جي زيور سان سينگاريل هوندو.“ تڏهن هي وچئين جو وقت هو جو، سنڌ جي هن سنڌ سينگار ۽ قاضي احمد جي هن شاندار شخصيت رئيس علي نواز جي تربت وٽان اُٿي ناز باغ مان روانو پئي ٿيس ته، لانڍيءَ واري باغ جي وڻ، جهولن ۾ جُهولندڙ جهرڪين جي چرٻر، چبوتري مٿان چهڪندڙ ڪبوترن، ڪٻرين جي لاتين، ڳيرن جي گهوگهو ۽ گلاب گلن جي ٽارين تي بود ۾ ڀرجي ٻوليندڙ بُلبلين جا رنگ رنگيلا ۽ سُريلا آواز پري پري تائين منهنجو پيڇو ڪندا آيا. الحاج رئيس علي نواز خان انڙ ”ناز باغ“ جو مالڪ مومن جوڻو رئيس الحاج علي نواز خان انڙ، سن ۱۹۲۲ع ڌاري، قاضي احمد جي انڙ گهراڻي ۾، رئيس ولي محمد خان انڙ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. پنهنجي والد بزرگوار جي نظرداريءَ هيٺ، ديني ۽ مدرسي جي تعليم حاصل ڪيائين. رئيس علي نواز خان انڙ جي شخصيت، پنهنجي وجود ۾ گهڻ پاسائي شخصيت آهي. کيس زمينداري ته ورثي ۾ ملي هئي، تنهنڪري زراعت سان سندس محبت ۽ محنت شامل هئي. ان ڪري کيس پوري سنڌ ۾ زرعي ماهر طور سڃاتو ويندو هيو. اهو ئي سبب آهي جو پنهنجي زمين جو ڪافي حصو، جنهن تي زرعي فارم، سفاري پارڪ ۽ قاضي احمد شهر جي سونهن ناز باغ قائم آهن. آرٽ جو فن به کيس قدرت طرفان ڏات ۾ عطا ٿيو. سندن نظر ايڏي تيز ھئي جو هڪ دم اهو محسوس ڪري وٺندا هئا، ته هڪ شيءِ ڦڏي/ٽيڙي آهي يا سڌي. زراعت ۾ نوان نوان تجربا متعارف ڪرايائين. سال ۱۹۶۵ع ۾، آمريڪا گورنمينٽ جي هڪ پروگرام تحت، پاڪستاني وفد سان گڏ ويا ۽ واپس اچي آمريڪا جا زرعي سسٽم متعارف ڪرايائين. رئيس علي نواز خان انڙ، قدرت ۽ فطرت جي سونهن جو عاشق هيو. سندس پاران جوڙايل ناز باغ، جنهن ۾ قسمين قسمين گل فطرت جو حسين منظر پيش ڪندا رهندا آهن. ناز باغ جي اندر جوڙايل مسجد به هن دور جي شاھڪارن مان هڪ آهي. اڄ به پري پري کان ماڻهو ناز باغ ۽ مسجد گهمڻ لاءِ ايندا آهن. کيس عمارتن جي اڏاوتن جي فن سان پڻ دلچسپي هئي. سندس باغ ۾ ٺهيل مخدوم طالب الموليٰ لانڍي به ڏسڻ وٽان آهي ۽ ان اندر لڳل تصويرون به هڪ يادگار ماضي آهن، جيڪي هر ڏسندڙ ماڻهو کي پاڻ ڏانهن متوجھه ڪن ٿيون. رئيس علي نواز خان انڙ سياست جي شروعات پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ئي شروع ڪري ڇڏي هئي، پر پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سياست جي ميدان ۾ ڪيتريون ئي ڪاميابيون ماڻيائين. سڀ کان پهريائين هن ننڍڙي شهر شهر قاضي احمد کي يونين ڪائونسل جو درجو ڏياريو ۽ پاڻ انجو پهريون چيئرمين مقرر ٿيو ۽ پوءِ ٽائون ڪميٽي جو درجو ڏياري چيئرمين ٿيو، ۽ شهر کي خوبصورت بڻائڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪندو رهيو. حاجي علي نواز خان انڙ ۱۹۷۱ع ۾ ملڪي اليڪشن ۾ آزاد اميدوار جي حيثيت ۾ حصو ورتو ۽ اڪثريت سان ڪامياب ٿيو MPA چونڊجڻ بعد پ پ پ جي چيئرمين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ٽڪيٽ تي هڪ دفعو وري MPA جي سيٽ تي سوڀارو ٿيو. رئيس علي نواز خان انڙ جنهن جي سروري جماعت (هالا شريف) سان آهي وٽ ڪيترا ئي سياسي، سماجي، مذهبي رهنما ۽ ذاتي دوست زميندار اڪثر مهمان ٿي ايندا هيا جيڪي سندس پاران جوڙايل عمارتون ۽ ناز باغ ۽ ان ۾ اندر بيهاريل جانور ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندا هيا، جن جون يادگار تصويريون اڄ به مخدوم طالب الموليٰ لانڍي جون سونهن بڻيل آهن انهن ۾ حضرت قبله مخدوم محمد زمان (طالب الموليٰ)، حضرت پير حاجي فيض محمد نقشبندي) (پير آف لواري شريف) قبله مخدوم امين فهيم صاحب، پير صاحب پاڳارو، سردار غلام محمد مهر، سردار واحد بخش سرڪي، احمد ميان سومرو، سائين محمد علي شاھ درٻيلو، سيد حسن بخش شاھ، فيلڊ مارشل محمد ايوب خان، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو، ميان محمد نواز شريف، غلام مصطفيٰ جتوئي، سيد بشير احمد شاھ، سيد ظفر علي شاھ، ارباب غلام رحيم، رئيس غلام مجتبيٰ خان جتوئي. ڊاڪٽر سهراب سرڪي، ڄام صادق علي، شاھنواز خان جوڻيجو، سردار خان محمد ڏاهري، ۽ ٻيا ملڪ جا ڪيترائي نالي وارا سياستدان ۽ صحافي شامل آهن. حاجي علي نواز خان انڙ جتي سياست ۾ پنهنجو پاڻ مڃرايو اتي علمي ادبي خدمتن ۾ پڻ خوب نڀايو، تعليم جي ميدان ۾ گرلس هاءِ اسڪول، پرائمري اسڪول، بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول، تعلقه اسپتال، جانورن جي اسپتال، وغيره جا پلاٽ ڏئي، ڪوششون وٺي قاضي احمد شهر جي لاءِ سهولتون مُهيا ڪيون، جڏهن ته روڊ رستن جي حوالي سان پڻ هن شهر کي سهولتن سان آراسته ڪيو، سندس پاران تعمير ٿيل (ناز باغ) جنهن کي سنڌ جو شالامار باغ سڏيو وڃي ٿو اڄ به تفريح ڪندڙن جي لاءِ باعث سڪون بڻيل آهي. رئيس علي نواز خان انڙ پنهنجي ذات ۾ دين دار ماڻهو هو، مختلف وقتن تي ديني پروگرامن جو انعقاد ڪرائيندو هيو ۽ باغ اندر مسجد ۽ ان سان گڏوگڏ مدرسه قائم ڪرڻ ۾ به سندس ڪردار آهي. ان مدرسي سان گڏ لائبريري جو قيام پڻ عمل ۾ آندائين، ۱۹۸۶ع ۾ ڪعبت الله جو پيش امام پڻ قاضي احمد ۾ رئيس علي نواز خان انڙ جو مهمان بڻيو. اهڙي طرح هن الله لوڪ ۽ شريف النفس انسان ۸۴ سالن جي عمر ۾ ۳۱ آگسٽ ۲۰۰۶ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو- سندس ڪيل خدمتون، سنڌ وارن لاءِ ساراھ جوڳيون آهن.
فقير مقيم ڪنڀار مور جي دل رکندڙ فقير منش ماڻهو دولت رام کتري دنيا ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو آهن، جيڪي جنوني حد تائين پنهنجي ڌرتيءَ، پنهنجي ثقافت ۽ پنهنجي ٻوليءَ سان پيار ڪن ٿا. دنيا جا ماڻهو انهيءَ کي حب الوطنيءَ جو عظيم ڪردار يا ”ديش ڀڳت“ سڏين ٿا. هونءَ ته دنيا ۾ ديش ڀڳت ۽ حب الوطني جا ڪيترا ئي ڪردار اسان وٽ موجود آهن، پر حب الوطني جي حوالي سان ٿر-ڄائي مارئيءَ جو مثال، دنيا ۾ ڪٿي به نٿو ملي. اسان دنيا جا خوش نصيب ماڻهو آهيون جو اسان وٽ فطرت جو هڪ شاهڪار علائقو ”ٿر“ پڻ آهي ۽ انهيءَ ٿر ۾ حب الوطنيءَ جو عظيم ڪردار مارئي پڻ هئي، جنهن جو ڪردار سڄي دنيا ۾ اڄ به ڳائجي ٿو. مارئيءَ کان پوءِ ٿر سان جيڪي ماڻهو بي انتها محبت ڪندا هئا/ آهن، انهن ۾ هڪڙو نالو مسڪين جهان خان کوسو هوندو هو، ٻيو نالو چاچي علي نواز کوسي جو پڻ آهي ۽ ٽيون نالو نهٽي جي اُنهي فقير منش ماڻهو جو هو، جيڪو ۱7 مئي ۲۰۱۲ع تي اسان کان هميشه جي لاءِ موڪلائي ويو. ها هُن شخص جو تعلق سنڌ جي انهيءَ تاريخي ڳوٺ ”نُهٽي“ سان آهي، جنهن جي پيٽ ۾ هاڪڙو درياهه وهندو هو. ٿر سان بي انتها محبت ڪندڙ هُن شخص جي ڇٺيءَ جو نالو ته فقير محمد هو، پر ڳوٺ وارا کيس ”مقيم“ فقير سڏيندا هئا ۽ اُهو مقيم فقير جڏهن ۱۹۸۰ع ۽ ۱۹۹۰ع جي وچ ڌاري، پنهنجي ٻارن جي بهتر تعليم لاءِ مٺيءَ آيو ته مٺيءَ جي ماڻهن اُنهيءَ مُقيم فقير کي ”مُقيم ڪنڀار“ بڻايو. سال ۱۹۸۸ع ڌاري انهيءَ شخص جي مُلاقات جڏهن ٿر جي صحافي ۽ سماجي ڪارڪن ڪرشن شرما سان ٿي ته هن شخص جو ڪرشن شرما سان روحاني رشتو جُڙي پيو ۽ هُو ڪرشن شرما کي پنهنجي پٽن کان وڌيڪ ڀانئڻ لڳو. هرک جو اڇو پٽڪو، سفيد ڪپڙن جو جوڙو، ڪلهن ۾ ٿر جي لوئي يا کٿي پائي جڏهن هو مٺيءَ جي گهٽين ۾ نڪرندو هو، تڏهن هُن شخص جي لوڏ ۾ ٿر جي ثقافت نکري ايندي هئي ۽ مٺي واسين سان محبت پئي بکندي هئي. هن فقيرمنش ماڻهوءَ جي ڪردار کي انهن دوستن ئي وڌيڪ سمجهيو هوندو، جيڪي هُن جي تمام گهڻو ويجها رهيا هوندا. سبحان سنگراسي، چاچو ملوڪ نهڙيو، ڀورو مل ڪولهي، الهرکيو کوسو، کاٽائو جاني، پريم شيواڻي، ڪرشن شرما، عباس کوسو ۽ ٻيا ڪيترا ئي اهڙا نالا آهن، جن فقير مقيم کي ويجهي کان ڏٺو ۽ پرکيو. مٺيءَ جي بازار ۾ دلا وڪڻي ۽ بعد ۾ اسٽامپ وينڊريءَ جو دڪان کولي پنهنجي ٻارن کي بهترين تعليم ڏياريندڙ هن شخص پنهنجي زندگي ڀرپور نموني گذاري. هو سنڌ جي هڪ قومپرست پارٽي سان ته وابسته هو، پر هن اُصولن تي سوديبازي نه ڪئي ۽ هو هميشه پنهنجي انهيءَ مؤقف تي قائم رهندو هو، جيڪو مؤقف ٿر جي ڀلي لاءِ هجي، جيڪو مؤقف سنڌ جي ڀلي لاءِ هجي، مون هن کي هميشه فقيري رنگ ۾ ڏٺو، ڪچهري جو ڪوڏيو، سگهڙ ماڻهو جڏهن ٿر جي ڪنهن موضوع تي ڳالهائڻ ويهندو هو ته اکيون پاڻيءَ ۾ ڀرجي اينديون هيون ۽ وري وڏا ٽهڪ ڏئي هو اسان کي چوندو هو ته؛ ”يار ٿر سان عشق اهڙو آهي جو الائي ڇو ٿر جي ڏکن، ڏولاون تي اکيون ڀرجي ٿيون اچن.“ هو جڏهن اسان سان نجي ڪچهرين ۾ سوڍن جي سورهيائيءَ جو ذڪر ڪندو هو يا روپلي ڪولهي ۽ مسڪين جهان خان جو ذڪر ڪندو هو ته اسان کي چوندو هو ته؛ ”يار اوهان به اهڙا ’جهونجهار شخص‘ ٿيڻ جي ڪوشش ڪجو.“ مقيم ڪنڀار، ٿر جي ثقافت جو اُهڃاڻ هو ۽ ٿر جي شاندار روايتن جو امين هو. مون کي هڪڙو قصو ياد ٿو اچي ته ۱۹۹۸ع ۾ اسان ٿر جي سڄاڻ دوستن، پنهنجي مدد پاڻ تحت، مارئيءَ جو ميلو ڀالوا ۾ ملهايو هو. مارئي ادبي ڪانفرنس ۾ مقيم کي ڳالهائڻ جو سڏ ڏنو ويو. جڏهن هو شخص اسٽيج تي آيو ته هن پنهنجي جُتي اسٽيج کان هيٺ لاهي، پوءِ تقرير جي شروعات ڪئي. پنهنجي تقرير ۾ هُن چيو ته؛ ”مارئي ٿر جي ستي ساوتري هئي. اُنهيءَ ڪري ٿر جي هن عظيم ڪردار تي جُتي پائي ڳالهائڻ، مناسب نٿو سمجهان.“ هو پنهنجي طبيعت ۽ مزاج ۾، انتهائي حساس طبيعت ماڻهو هوندو هو. هن جي دل ۾ نه صرف سنڌ جي مظلوم ماڻهن جو درد هو پر جهنگلي جيوت سان به هن جي بي انتها محبت هوندي هئي. ۱۹۹۸ع ۾ جڏهن نامعلوم شڪارين، ڀوڏيسر جي مسجد جي ڀرسان، مور کي ڪُهي ماري ڇڏيو ته هو هڪ مقامي اخبار ۾ خبر ڏسي، انهيءَ تي زاروزار روئڻ لڳو. مون پُڇيو؛ ”چاچا روئو پيا!؟ ڇا ڳالهه آهي؟“ چيائين؛ ”ظالمن وڏو ظلم ڪري ڇڏيو آهي! منهنجي ٿر جي سڃاڻپ، مُور کي ماري ڇڏيو اٿئون، ڇا مون کي روئڻ نه ايندو؟“ مقيم ڪنڀار جي دل، سچ پچ مور جي دل وانگي تمام گهڻي حساس هوندي هئي. هو ڪارونجهر جي قتل عام تي روئي پوندو هو. ڪارونجهر جبل ۾ ٿيندڙ هٿرادو ڌماڪن تي هن جو روح رڙي پوندو هو. هو چوندو هو ته؛ ”ڪارونجهر هر روز سوا سير سون ڏئي ٿو، پر ڪارونجهر جا دشمن هن جبل ۾ هٿرادو ڌماڪا ڪرائي هن جي فطري حسن کي تباهه ڪري رهيا آهن.“ ٿر ۾ جڏهن ڪوئلو نڪتو ته ٿر جي ڪوئلي تي لڳندڙ مختلف پروجيڪٽن ۽ بجلي پاور پلانٽ تي هن جو مؤقف هميشه چٽو ۽ وزنائتو هوندو هو. هو چوندو هو ته؛ ”ٿر ۾ ڪوئلي تي جيڪي پروجيڪٽ شروع ٿيندا ته پوءِ انهن مسڪين ٿرين جو ڇا ٿيندو، جيڪي سالن کان پنهنجي ڌرتي تي رهندا پيا اچن. انهن ٿرين جا گئوچر، مال متاع، سيمون ۽ ترايون سڀ تباهه ٿي وينديون.“ هن ٿر جي ڪوئلي جي اشو ۽ ٿر جي فطري حسن تي اخبارن ۾ ڪيترا ئي مضمون پڻ لکيا. ٿر ۾ ڪو مسئلو ٿي ويندو هو ته سڀ کان اڳ ۾ هن جو قلم جُنبش ۾ اچي ويندو هو. اسان پارن نوجوانن لاءِ هو اُتساهه جو سبب هوندو هو. هو ٿر جي نئين ٽهيءَ جي نوجوان ليکڪن کي لکڻ لاءِ اُتساهيندو هو ۽ لکڻ وارن دوستن کي شابسون ڏيندو هو. هُن ٿر جي نوجوانن ۾ شعور جو هڪ ڏيئو ٻاريو، جيڪو ڪڏهن به وسامي نٿو سگهي. هو ٿر جي ڪيترن نوجوانن کي پنهنجن پٽن وانگر ڀانئيندو هو. پنهنجي پٽن ۽ ڌيئرن جي تعليم جو، هن کي وڏو اونو هوندو هو. فقيريءَ واري حالت ۾ هن پنهنجي اولاد کي پڙهايو ۽ انهن کي وڏن عهدن تي پهچايو. مٺيءَ ۾ سُبحان سنگراسي، چاچو ملوڪ نهڙيو، ماما وشن ٿري ۽ ڪرشن شرما هن جا ويجها دوست هوندا هئا، جن سان هو اڪثر ڪچهريون ڪندي نظر ايندو هو. هڪ سياسي ليڊر هئڻ جي باوجود هن پنهنجو پاڻ کي ڪڏهن به ليڊر تسليم نه ڪرايو. آخري گهڙيءَ تائين هو پنهنجي سياسي پارٽيءَ سان وفادار ۽ سچو رهيو. سياسي جلسن ۾ اڪثر هو ٿر جي ڪوئلي جي مالڪي ڪرڻ ۽ ٿر ۾ ڪارونجهر ڊيم ٺاهڻ جا مطالبا ڪندو هو. هو سنڌ جي قومي اشوز تي ٿيندڙ جلسن ۾ هميشه پيش پيش هوندو هو. ٿر جي راڄ ڀاڳ ۾ شايد ٿر جو ڪو اهڙو ڳوٺ هجي، جيڪو مُقيم کي نه سڃاڻيندو هجي. هو پنهنجي طبيعت ۾ ملنسار ۽ محبتون وکيريندڙ ماڻهو هوندو هو. سنڌ جا ڪيترا ئي سڄاڻ ماڻهو مقيم ڪنڀار سان ٿر جي تاريخ، ثقافت، لوڪ ادب ۽ سگهڙائپ تي وڏا وڏا بحث ڪندا هئا. مٺيءَ کان وٺي نُهٽي تائين، ڪارونجهر کان وٺي ڪاسبي تائين، عمرڪوٽ کان وٺي ساڙ دڙي تائين، چيلهار کان وٺي ڇاڇري تائين، مقيم ٿر جي تاريخ ۽ لوڪ ادب تي دسترس رکندو هو. هو ٿر جي لوڪ داستانن، تاريخ، ادب جو وڏو ڄاڻو هو. هو صوفي منش ماڻهو هو ۽ حُسينيت جي قافلي جو پانڌيئڙو هو. محرم جي ڏينهن ۾ جتي هو ڪارا ڪپڙا پائي امام بارگاهن تي ويندو هو ته ساڳئي وقت هو هر سال ساڙ دڙي جي ميلي تي وڃي ڀڳتي ۽ صوفين جا ڀڄن ٻڌندو هو. هو صوفي ازم جو قائل هو ۽ انسان دوستي جو حامي هو. هڪ فقير منش ۽ سنڌ سان حقيقي عشق ڪندڙ هن شخص جي وڇوڙي تي سڄو ٿر سوڳوار آهي. هن فقير منش ماڻهو جي محبتن کي ٿر جا ماڻهو ڪڏهن به وساري نٿا سگهن. هو پنهنجي ذات ۾ هڪ وڏو ادارو هو ۽ ٿر واسين لاءِ رول ماڊل هو. مقيم ڪنڀار ٿر جي تاريخ جو نرالو ڪردار دولت رام کتري/مٺي ٿر جي راڄ ڀاڳ ۾ هن جو نالو ايترو مشهور هوندو هو، جو پريان کان ايندي ماڻهو کيس سُڃاڻي ويندا هئا، ته مقيم ڪنڀار پيو اچي. ٿر جي راڄ ڀاڳ ۾ شايد ٿر جو ڪو اهڙو ڳوٺ هجي، جيڪو مقيم کي نه سڃاڻندو هجي. هرک جو اَڇو پٽڪو، سفيد ڪپڙن جو جوڙو، ڪُلهن ۾ ٿر جي لوئي يا کٿي پائي، جڏهن هو مٺيءَ جي گھٽين ۾ نڪرندو هو، تڏهن هن شخص جي لوڏ ۾ ٿر جي ثقافت نکري ايندي هئي ۽ مٺي واسين سان محبت پئي بکندي هئي. ٿر جي لوڪ ادب ۽ تاريخ جي ساکِي هن فقير منش ماڻهوءَ پنهنجي سموري زندگي ٿر جي ماڻهن جي خدمت ۾ گذاري. هو ڪو فرشتو ڪو نه هو پر هن جي الستي ڪردار هُن کي عظيم ڪردار بڻايو. هن شخص جو تعلق سنڌ جي انهيءَ تاريخي ڳوٺ نُهٽي سان آهي، جنهن جي پيٽ ۾ هاڪڙو درياهه وهندو هو. ٿر سان بي انتها محبت ڪندڙ هُن شخص جي ڇٺيءَ جو نالو ته فقير محمد هو، پر ڳوٺ وارا کيس فقير مقيم سڏيندا هئا. اُهو فقير مقيم جڏهن ۱۹۸۰ع ۾ ۱۹۹۰ع جي وچ ڌاري، پنهنجي ٻارن جي بهتر تعليم لاءِ مٺي آيو، ته مٺيءَ جي ماڻهن اُنهيءَ فقير مُقيم کي مقيم ڪنڀار بڻايو. مِٺيءَ جي بازار ۾ دِلا وڪڻي ۽ بعد ۾ اسٽامپ وينڊريءَ جو دڪان کولي، پنهنجي ٻارن کي بهترين تعليم ڏياريندڙ هن شخص پنهنجي محبتن جو محور ٿر کي بڻايو. ٿر جي هر مسئلي تي بردباريءَ سان لکڻ، ٿر جي هر مسئلي تي دليلن سان ڳالهائڻ، توڙي سنڌ جي هر قومي مسئلي تي عملي جدوجهد ۾ هو هميشه اڳڀرو هوندو هو. ٿر ۾ پاڻيءَ جو مسئلو هجي يا روڊن رستن جو مسئلو هجي، يا ڪوئلي جو مسئلو هجي يا جهنگلي جيوت جي نسل ڪشي هجي،. مطلب ته ٿر ۾ ڪو به مسئلو ٿي ويندو هو، ته هن جو قلم جنبش ۾ اچي ويندو هو. مقيم ڪنڀار ڪارونجهر جي قتل عام تي خاموش ڪو نه ويٺو. ٿر جي جهنگلي جيوت سان هن جي بي انتها محبت هوندي هئي. جڏهن به ٿر ۾ جهنگلي جيوت جي نسل ڪشي ٿيندي هئي، ته هي ميڊيا جو ڌيان انهيءَ معاملي تي ڇڪائيندو هو. ۱۹۹۸ع ۾ جڏهن نامعلوم شڪارين، ڀوڏيسر جي مسجد جي ڀرسان مور کي ڪُهي ماري ڇڏيو ته هو هڪ مقامي اخبار ۾ خبر ڏسي، انهيءَ تي زارو قطار روئڻ لڳو. مون پُڇيو، ”چاچا روئو پيا، ڇا ڳالهه آهي؟“ چيائين؛ ”ظالمن وڏو ظلم ڪري ڇڏيو آهي! منهنجي ٿر جي سڃاڻپ، مُور کي ماري ڇڏيو آهي. ڇا مون کي روئڻ نه ايندو؟“ مقيم ڪنڀار جي دل، سچ پچ مور جي دل وانگر تمام گھڻي حساس هوندي هئي. مقيم ڪنڀار پنهنجي لکڻين ۾ ٿر جي مسئلن جي اُپٽار ڪئي آهي، ته گڏوگڏ ٿري ماڻهن جي دردن جي عڪاسي به ڪئي آهي. مقيم جي لکڻين ۾ هڪڙي سگهه هوندي هئي ۽ هو پنهنجي ڳالهه کي اهڙي نموني پيش ڪندو هو، جو عام ماڻهو به هُن جي ڳالهين کي آسانيءَ سان سمجهي ويندو هو. مقيم ٿر جي تاريخ جو نرالو ماڻهو هو، جيڪو ٿر جي لوڪ ادب تي به دسترس رکندڙ هو. هو ٿر جي تاريخ جو ڄاڻو به هو. سنڌ جا ڪيترا ئي سُڄاڻ ماڻهو مقيم ڪُنڀار سان ٿر جي تاريخ، ثقافت، لوڪ ادب ۽ سگهڙائپ تي وڏا وڏا بحث ڪندا هُئا. مقيم مٺي کان وٺي نهٽي تائين، ڪارونجهر کان وٺي ڪاسبي تائين، عمرڪوٽ کان وٺي ساڙدڙي تائين، ڇاڇري کان وٺي چيلهار تائين، ڀوڏيسر کان وٺي مهراڻي تائين ٿر جي تاريخ ۽ لوڪ ادب تي دسترس رکندڙ هو. ٿر جي نوجوانن کي هو هميشه مسڪين جهان خان کوسي، روپلي ڪولهي ۽ سوڍن جي سورهيائيءَ جا قصا ٻڌائيندو هو. هن پنهنجي ڏاهپ ذريعي ٿر جي نوجوانن ۾ جيڪو شعور جو ڏيئو ٻاريو، جيڪو ڪڏهن به وسامي نٿو سگهي. هن جي صوفياڻي مزاج ۾ انسان دوستيءَ وارو ڪردار نظر ايندو هو. هن جي فقيري رنگ ۾ مذهبي رواداري ۽ ڀائپي نظر ايندي هُئي. اچو ته اسان فقير مقيم جي انسان دوستي ۽ مذهبي رواداري واري ڪردار کي اپنائي پنهنجي اصلوڪن ڌرتي ڌڻين جي وارثي ڪريون. فقير مقيم ڪنڀار دولت رام کتري ٿر جي راڄ ڀاڳ ۾ هن جو نالو ايترو مشهور هوندو هو جو پريان کان ايندي ماڻهو کيس سڃاڻي ويندا هئا ته ”فقير مقيم ڪنڀار“ پيو اچي. ٿر جي الستي ڪردار مقيم ڪنڀار کي، ٿر جو اڪثر ماڻهو، انهيءَ ڪري به سڃاڻندو هو ڇاڪاڻ جو هُن جي مزاج ۾ پنهنجائپ هئي. هو محبتون وکيريندڙ، ملنسار ماڻهو هو، جنهن هڪ ”ٿريي“ وانگر پنهنجي زندگي ڀرپور نموني گذاري. ٿر جي لوڪ ادب ۽ تاريخ جي ساکي، هن فقير منش ماڻهوءَ، پنهنجي زندگي ٿر جي ماڻهن جي خدمتگاري ۾ گذاري. هو ڪو فرشتو نه هو پر هُن جي الستي (کاهوڙي) ڪردار هُن کي سماجي اڳواڻ بڻايو. هُن فقير منش ماڻهو، مقيم ڪنڀار جي وڇوڙي کي هڪ سال گذري ويو آهي، پر هُن جون يادون ذهن جي ڪينواس تي اڄ به تري رهيون آهن. خميسو ڪنڀار جي گهر ۾ جنم وٺندڙ مقيم ڪنڀار جو تعلق ٿر جي تاريخي ڳوٺ ”نهٽي“ سان هو. پنهنجي ٻارن جي بهترين تعليم ۽ پرورش لاءِ جڏهن هو مٺي لڏي آيو، تڏهن انهيءَ وقت ٿر جي صحافي ۽ ليکڪ ڪرشن شرما کيس جيءَ ۾ جايون ڏئي، فقير سان روحاني رشتو جوڙيو. مٺي جي بازار ۾ دلا وڪڻي، بعد ۾ اسٽامپ وينڊري جو دڪان کولي، پنهنجي ٻارن جي تعليم جو اونو رکندڙ هُن شخص، پنهنجي محبتن جو محور ”ٿر“ کي بڻايو. ٿر جي هر اشو تي بردباري سان لکڻ ۽ ٿر جي هر اشو تي دليلن سان ڳالهائڻ، توڙي عملي جدوجهد ۾ هو هميشه اڳڀرو هوندو هو. ۱۹۸۰ع واري ڏهاڪي دوران، جڏهن هُن مٺي شهر کي مستقل رهائشگاه بڻايو، ته فقير ان وقت کان مختلف سياسي سماجي پليٽ فارمن تان ٿر جي اشوز تي عملي جدوجهد ڪرڻ شروع ڪئي. ٿر ۾ پاڻي جو مسئلو هجي يا ڪوئلي جو اشو هجي، هُن پنهنجي آواز کي بلند ڪيو ۽ ٿر جو ڪيس وڙهندو رهيو. هو مختلف وقتن تي ٿر ۾ ڪارونجھر ڊئم ٺاهڻ جا مطالبا ڪندو رهندو هو. مقيم جي وڇوڙي کان پوءِ سندس پُٽن پاران ڇپرايل مقيم جي پهرين ڪتاب ”فقير“ ۾ مقيم ڪنڀار پنهنجي هڪ ڪالم (مضمون) ۾ لکيو آهي ته؛ ”انگريزي جي زماني ۾ جڏهن سنڌ بمبئي سان گڏ هئي، اُن زماني ۾ ڪنٺي جا سما ڍڳن جي واپار سانگي گجرات ويندا هئا ته گجراتي لوڪ چوندا هئا؛ جي ڪارونجهر جو پاڻي ڪٺو ڪجي ته سمورو پارڪر آباد ٿي سگهي ٿو.“ مقيم ڪنڀار، انگن اکرن ۽ پنهنجي دليلن سان وقت جي حاڪمن کي اها ڳالهه سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪارونجھر جو پاڻي گڏ ڪري، ڊئم ٺاهي سگهجي ٿو پر افسوس جو مقيم جي هُن منصوبي کي ڪنهن به حڪومت، عملي جامو پهرائڻ جي ڪوشش نه ڪئي. مقيم ٿر جي تاريخ جو نرالو ماڻهو هو، جيڪو ٿر جي لوڪ ادب تي به دسترس رکندڙ هو، ته هو ٿر جي تاريخ جو ڄاڻو به هو. سماج سان عشق ڪرڻ سان گڏ هو پنهنجي سياسي پارٽي سان وفادار ۽ سچو پچو ماڻهو هوندو هو ۽ آخري وقت تائين هو پنهنجي سياسي پارٽي سان ثابت قدم رهيو. مقيم ٿر ۾ رهي ٿر جي راڄ ڀاڳ واري سياست جو ڳوڙهو مطالعو ڪيو. ٿر جي نوجوانن کي هو اڪثر ڪيسوٻاءِ، روپلو ڪولهي ۽ سوڍن جي سورهيائيءَ جا قصا ٻڌائيندو هو ته ساڳي وقت هو پنهنجي هم عمر دوستن سان بحث مباحثا ڪندي نظر ايندو هو. چاچو سبحان سنگراسي، ملوڪ نهڙي، ڀورو مل ڪولهي، الهرکيو کوسو وقت جا اُهي دوست هوندا هئا جن سان مقيم اڪثر ڪچهريون ڪندي نظر ايندو هو. هي اهي دوست آهن جن فقير مقيم کي ويجهي کان ڏٺو ۽ پرکيو. فقير مقيم وٽ اڪثر دوستن جا ديرا ڄميل هوندا هئا. ڪچهري جو ڪوڏيو هي ماڻهو، هميشه محفلن جو مور هوندو هو. ٿر جي ثقافت، لوڪ ادب ۽ ٿر جي سياسي صورتحال تي بحث مباحثا ڪندڙ فقير مقيم ڪڏهن ڪڏهن وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي کلندي نظر ايندو هو ته ڪڏهن ڪڏهن ٿر جي ڏکن ڏولارن جو ذڪر ڪندي هُن جون اکيون پاڻي سان ڀرجي اينديون هيون. هو سياسي ميڙاڪن توڙي سماجي پروگرامن ۾ سنڌ جي ڪنهن به اشو تي ڳالهائڻ دوران پنهنجو موقف چٽو ۽ واضع رکندو هو. هن وٽ تقرير ڪرڻ جو نرالو فن هوندو هئو. لفظن جي خوبصورت سٽاءَ ۽ نج سنڌي ٻولي جي لهجي ۾ جڏهن هو ڳالهائيندو هو ته پنڊال ۾ ويٺل ماڻهو، خاموشي سان هُن کي ٻڌي داد ڏيندا هئا. مقيم ڪنڀار ڪارونجھر جي قتلام تي خاموش ڪو نه ويٺو. ٿر جي جهنگلي جيوت جي نسل ڪشي تي هن جو قلم جنبش ۾ آيو. ٿر ۾ ڪوئلي واري اشو کي ميڊيا تي آڻڻ ۽ انهي کي پذيرائي ڏيارڻ ۾ مقيم جو هٿ هو. جڏهن سنڌ ۾ کوکرا پار-موناٻائو جو بارڊر کلڻ جون خبرون ميڊيا تي آيون ته هن شخص جي دل باغ بهار ٿي وئي ۽ انهيءَ وقت هن اخبارن ۾ ”کوکرا پار سرحد ۽ دلين کي ڌار ڪندڙ خاردار تارون“ جي عنوان سان مضمون لکي، سنڌ واسين کي اهو پيغام ڏنو ته؛ کوکرا-پار مونوٻائو بارڊر کلڻ سان، وڇوڙي جا وڍ، ختم ٿي سگهن ٿا. هند ۽ سنڌ جي ماڻهن کي، پنهنجي اصلوڪن ڌرتي-ڌڻين ۽ مٽن مائٽن سان ملڻ جو هڪ موقعو فراهم ٿي سگهي ٿو. مقيم جي لکڻين ۾ هڪڙي سگهه هوندي هئي ۽ هو پنهنجي ڳالهه کي اهڙي نموني پيش ڪندو هو جو عام ماڻهو به هُن جي ڳالهين کي آسانيءَ سان سمجھي ويندو هو. مقيم جي وفات کان پوءِ سندس سپوت پٽن خليل ڪنڀار ۽ خالد ڪنڀار، فقير جي مضمونن تي مشتمل هڪ ڪتاب ڇپرائي مارڪيٽ ۾ آندو آهي. هن ڪتاب جو عنوان به ”فقير“ آهي، جنهن ۾ ٻه حصا آهن. هڪڙي حصي ۾ مقيم جا مضمون، انٽرويو ۽ خط شامل آهن ته ٻئي حصي ۾ مقيم جي وفات جي مناسبت سان تعزيت نامو شامل آهي، جنهن ۾ مختلف دوستن جا مقيم تي لکيل مضمون شامل آهن. مقيم ڪنڀار جي هن ڪتاب ۾ گھڻا مضمون اهڙا به آهن جيڪي ٿر جي اشوز تي لکيل آهن. هن ڪتاب ۾؛ ڪارونجھر ڊئم ڇو نه، ٿر جا خواب ٿر جون حسرتون، ٿر نه ٿانيڪو اڃا، ٿر جي لينڊگرانٽ پاليسي، ٿر ماضي ۽ هاڻوڪا ميمبر، ٿر ٿڌا ساهه کڻي ٿو، هي اهڙا مضمون آهن جن کي پڙهي تمام گھڻي معلومات حاصل ڪري سگھجي ٿي. هن ڪتاب ۾ فقير مقيم ڪنڀار پنهنجي لکڻين ۾ ٿر جي مسئلن جي اُپٽار ڪئي آهي ته گڏوگڏ ٿري ماڻهن جي درد جي عڪاسي به ڪئي آهي. اڄ جڏهن مقيم ڪنڀار جي پهرين ورسي مٺي جي گڍي واري ڀٽ تي ملهائجي رهي آهي ته اسان کي تصور ۾ ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته مٺي جي گڍي واري ڀٽ جي اوٽ ۾ مدفون سنڌ جي امر راڳي موهن ڀڳت کي سندس دوست مقيم ڪنڀار ائين چئي رهيو هجي ته ”ڏس موهن! اڄ تنهنجي شهر جا ماڙهو، مون کي محبت جا گل نڇاور ڪرڻ آيا آهن، پاڻ ته ٻئي پرلوڪ ۾ آهيون پر هي ماڙهو جيڪي پاڻ کي ياد ڪن ٿا ڄڻ انهن پاڻ کي امرتا بخشي آهي.“ مقيم ڪنڀار کي حقيقي خراج تحسين پيش ڪرڻ جو هڪڙو طريقو هي به آهي ته اسان هن جي اصولن ۽ آدرشن تي هلي هن جي آدرشي زندگي (اصولي زندگي) جي واٽ وٺون. هن ٿر جي ثقافت ۽ شاندار روايتن کي جيڪا مهانتا ڏني، انهن روايتن کي قائم رکون. هن ٿر ۾ شعور جي جيڪا لاٽ ٻاري هن کي هرگز اُجهامن نه ڏيون. هن ٿر جي اشوز تي جيڪا جدوجهد ڪئي، انهي آواز کي ماٺو ٿيڻ نه ڏيون. مقيم ڪنڀار وڏو آدرش انسان دوست هو. هن جو صوفياڻي مزاج ۾ انسان دوستي وارو ڪردار نظر ايندو هو. هن جي فقيري رنگ ۾ مذهبي رواداري ڀائپي نظر ايندي هئي. اچو ته اسان فقير جي انسان دوستي، مذهبي رواداري ۽ ڀائپي واري ڪردار کي اپنائي پنهنجي اصلوڪن ڌرتي ڌڻين جي وارثي ڪيون. مقيم جو ڪردار اسان نوجوانن لاءِ اتساهه جو سبب آهي، انهي ڪري هن ڪردار کي ياد ڪندي هن جي لکڻين مان اتساهه وٺي پنهنجي سنڌ ڌرتي سان حقيقي عشق جو اظهار ڪريون. مقيم ٿر جي مٽيءَ جو مڻيادار ماڻهو هو، جنهن پنهنجي سموري زندگي ٿر جي نالي ارپي پنهنجو پاڻ ملهايو. ٿر جي هن موجود صورتحال ۾ ٿر کي فقير جهڙن آدرشي ۽ کاهوڙي ڪردارن جي ضرورت آهي، جيڪي امن ۽ انسانيت جا علم بردار آهن. فقير مُقيم ڪنڀار سندس موڪلاڻي ارباب نيڪ محمد هاري ٻن قسمن جا هوندا هئا؛ جن وٽ پنهنجو جوڙو هوندو هو، تن کي ”جوڙي وارا“ هاري سڏبو هو. ٻيا اهي هر هاري، جيڪي پرائي جوڙي تي پوکي، راهي ۽ رک جا اهتمام سنڀاليندا هئا، تن کي”سرڙيو هاري“ سڏبو هو. اهي سيم راکا به هئا، ته ڪانگ تڙا پڻ .... مسڪين جهان خان کوسي مرهيات کان پوءِ ٿر جا قدآور سرڙيا هاري ٻه هئا؛ هڪڙو فقير ”مقيم“ ڪنڀار، جنهن خيرن سان اٺ ڏها هن ڏيهه جو واس ورتو ۽ ڪالهه ”جامِ اجل“ پي وڃي مسڪين جي ”ماڊل ٽائون“ ۾ سڪونت پذير ٿيو. ٻيو آهي چاچو نواز کوسو. هرک جو اڇي ٻوهه جهڙو پٽڪو، هرکي مينگهواڙ جي گهڙيل موجي جُتي، عقابي اکيون، جاڙا ڀرون، چاپئين ڏاڙهيءَ وارو لاکيڻي لوڏ سان ٽلندڙ ماڻهو، مٺيءَ جي گهٽين ۽ نهٽي جي ڀٽن تي چَلتو ڦرتو ڏسو، ته پڪ ڄاڻو، اهو پڪي مٽيءَ جو جُڙيل ڪنڀار هوندو ۽ جي نالو پڇندئو ته ”مقيم“ جو جواب ملندو ... هُن ڪنڀارن لاءِ ”ڪچي مٽيءَ“ جي لاحقي کي لاهي ڦٽو ڪرڻ ۾ پهل ڪئي... پر لکين رحمتون هجن رب سائينءَ جون خان صاحب محمد اسماعيل خان ”نون“ تي، جيڪو ڊپٽي ڪمشنر هوندي به فقير مقيم جهڙن سگهڙن لاءِ سدائين چشم براهه رهيو. ”نهٽو“ هاڪڙي درياهه جي عروج واري دور ۾ ”ڊراءِ پورٽ“ هو، جتي ۹۰۰ هٽن تي مشتمل تڏهوڪي دُبئيءَ جي هاڪ ڏيهان ڏيهه مشهور هئي. مقيم جڏهن مُڇن وارو ٿيو ۽ مٿس بلوغت اوهيرا ڪري اُٺي، تڏهن ”نهٽو“ اسماعيل ”نون“ جي راڄڌاني شمار ٿيندو هو. نون سنڌ جو اهو ناميارو ڪامورو هو، جنهن ”لوڪ ادب“ جي سهيڙ ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ ٻيڙي فقير ڪنڀار جهڙن ”جوهرين“ کي موتين جي تلاش ۾ زادِ راهه جا اهتمام ڪري ڏيڻ دوران ڪليدي ڪردار ادا ڪيو هو. مقيم اهي سمورا لقاءَ، گهڻي ڀاڱي مشاهدي ۾ آندا ۽ رهيل احوال جمعي چنڊاڻي جڏهن خان صاحب وطن ڏانهن واڳ ورائيندو هو، تڏهن ”پڪي مٽيءَ“ کي پاڻ سان گڏ کٽ تي ويهاري کيس ”هم پي جو گذري“ وارا سماچار ٻڌائيندو هو. ”نهٽي“ جي قدامت تي علم جي درياهه عبدالله ورياهه کي ”را مٽيريل“ فراهم ڪندڙ مقيم کيس قائل ڪيو ته هو قديم سڪن جي علم جي ڊاڪٽريٽ ڪري. ٿيو ڇا جو ”مقيم“ ايترا گهڻا سارا سڪا آڻي ڏنس، جنهن کان متاثر ٿي ورياهه هن موضوع تي پي ايڇ ڊيءَ جو مقالو لکيو، جيڪو مڪمل ٿي چڪو هو. تاهم کيس ”ڊاڪٽر“ واري سند ملي ئي ملي، تنهن کان اڳ ”اجل الارم“ وڳو ۽ ورياهه به سرور نوح جي سنڌ جا واهوندا ۽ وتايا ڇڏي تههِ خاڪ جي تمنداريءَ سان سرفراز ٿيو. ”گودڙي“ مقيم جي لختِ جگر جو لکيل ڪتاب آهي. پٽس ”جوڳي“ سڏائي ٿو، جڏهن ته موڀي پٽ پوليس جهڙي ”پوتر“ کاتي ۾ رهندي به قادر الڪلام شاعر آهي. حليم باغي ۽ حسن درس جي ”تتبع“ تي خالد جيڪي تجربا ڪيا آهن، سي سون ۾ تورڻ جهڙا آهن. سرڙيو هاري، جڙن ۽ لاهيارن جا حسابن ۽ رهتن وارا کاتا گهٽ کولائيندو آهي. ٿر جي ڪنهن به موضوع تي ”مقيم“ هر وقت ”هائر“ ٿيندو هو. ڀاڙو ۽ پن جي ٻيڙيءَ واري عياشيءَ لاءِ، اسٽامپ وينڊريءَ مان ڪمايل کيسي جا پئسا ڪتب آڻيندو هو. اضافي خمار لاءِ کيس عيسن شاهه مست جا عقيدتمند ۽ ويريسال واري تڻيراج سنگهه جهڙا سوڍا بندوبست ڪري ڏيندا هئا. گذريل ”رُبع صديءَ“ کان ٿر کي عالمي نشرياتي ادارن تي ٻن ماڻهن متعارف ڪرايو، جنهن مان نُهٽي جو نواب ته پريم نگر جو پانڌي ٿي چڪو، باقي ننگر پارڪر جو نواب چاچو نواز کوسو به کٽ تي آهي. مسڪين جهان خان کوسي جا ٻه ئي رتن هئا، جن سامي ويريءَ جي چراغ کي گُل ٿيڻ نه ڏنو. ”مقيم“ وٽ الاهي ساريون سنسني خيز خبرون هونديون هيون. جڏهن ڳالهائيندو هو ته ”بريڪنگ نيوز“ هوندي هئي سندس هر ڪا گفتگو. ميونسپل مسافرخاني جو ميرپورخاص اسٽيشن لڳ موجود اهو ڪمرو به ڏيکاريائين، جتي ۱۹۳۰ع ڌاري هاري تحريڪ جو ابتدائي اجلاس ٿيو هو. سندس چواڻي ته جمشيد نسروانجي مهتا، حاتم علوي، سائين جي ايم سيد ۽ حيدر بخش جتوئي پارن کي هاري هلچل ڏانهن وٺي ايندڙ مصري ۽ خميسو هئا، جيڪي ڏهين ميل ۽ واگهڙيجي جي پاسي انبن جي جڳ مشهور زميندار عبدالصمد ڪاڇيلي جي علائقي ۾ هاري انجمنون قائم ڪري چڪا هئا، کين مولوي عبدالحق رباني، مولوي محمد اسماعيل لغاري ۽ حاجي محمود هالائيءَ پارن جي سرپرستيءَ حاصل هئي. ڪامريڊ غلام محمد لغاري ۽ ميوو خان ”موج“، مصري-خميسي موومينٽ جا قمرالزمان ڪائرا هئا. هارين جون سرگرميون رپورٽ ٿيون ته ڪراچيءَ وارا همراهه به متحرڪ ٿيا ۽ ميونسپل مسافرخاني ۾ ٿيندڙ پهرين ”هاري ڪانگريس“ جا آرگنائيزر خميسو- مصري هئا، نڪي ڪي ٻيا. مقيم گهر تڙ کي به ڪو نه وساريو. سندس اولاد جديد تعليم سان آراسته آهي ۽ آهي به مڇي مانيءَ وارو... سندس چوڻ هو ته، اها ڪامريڊي ڀانءِ ڪا نه پيم، جنهن ڏانهن شاعر هن طرح اشارو ڪري ويو آهي؛ هوئي اس قدر معزز، ڪه ڪڀي گهر ڪا منهن نهين ديکا، عمر گذري هوٽلون پر، مري جا ڪر هسپتالون مين.... ڏيڍ ٻه سال اڳ هن ”نهٽي“ لڳ ڀٽائيءَ جي ڪردار سان منسوب ”جکري جي ڀٽ“ تي ڀلوڙ قسم جو سيمينار ڪرايو هو، جنهن ۾ سنڌ اٿلي پئي هئي. ڪانڊيرن، ريٻارڻين ۽ اوڏن، ڪنڀارن تي حسن درس کان ويندي اشرف پليءَ تائين قديم، جديد ۽ وچولن شاعرن دل کولي بيت جوڙيا هئا. ”مقيم“ جڏهن هفتو اڳ بسترِ مرگ تي دراز ٿيو هو، تڏهن ”فرنٽ“ وڃي رائيونڊ پهتو هو. موصوف سنڌ نيشنل فرنٽ جو تاحيات ضلعي صدر رهيو ۽ سنڌ جي پڳ، لوئيءَ ۽ لڄ جي وقار کي قائم رکڻ لاءِ ”مورچي“ تان ڪو نه هَٽيو. سندس نعرو به نرالو هوندو هو. ”سنڌ سلامت- ايمان سلامت.“ فقير مقيم تنهنجون ڳالهيون سڄڻ ٿيون ياد پون! خالد ڪنڀار جڏهن مسڪين اکيون پوريون هيون ۽ مٽي جو پور ٿيو هو، تڏهن پارڪريا ڪولهي ۽ ڪولهڻيون پار ڪڍي رنيون هيون. پارڪرئي ڪولهي پنهنجي دل ۾ نه رڳو مسڪين لئه تڏو وڇايو هو پر هنن مان هر ڪنهن پنهنجي دل ۾مسڪين جي قبر کوٽي هئي ۽ هاڻ انهن ڪولهين مان لڳي ٿو ته ڪو ورلي ئي بچيو هوندو، جنهن جي دل ۾ مسڪين مدفون هجي. پر مسڪين واري پيڙهي کانپوءِ پارڪرين ڪولهين لئه وري هڪڙو ٻيو کوسو ٻائوري جو گيڏيو نه پر پنهنجي دل ۾ هنن جو درد جو دم ڀريو اهو هو پارڪر جي پهاڙن جو پهريو الستي عاشق دلبر خان کوسو جنهن جي دوستي ۽ دلبري هن فقير جي دل ۾ پارڪر جو عشق اوتيو هو. هن کي اها ونڊ دلبر خان جي دل واري دڪان تان ئي ملي هئي. پارڪر سان عشق جو پهريون سبق دلبر خان ئي پڙهايو هو ۽ هي فقير اهو عشق جو پهريون سبق ئي پڙهيو هو ۽ ها عشق جو سبق هوندو ئي هڪڙو آهي. پوءِ جڏهن دلبر خان جي دل بيهي رهي ۽ هن ڌڙڪڻ ڇڏي ڏنو هو تڏهن پارڪر جا پهاڙ ڇورا ٿي ويا هئا. مورن ٽهوڪڻ ڇڏي ڏنو هو. اوڻ جي وانڊئي کان وٺي سکپور جي رٻارين تائين، سڀني ريهون ڪيون هيون ۽ جي ڪنهن کي ڪن آهن ته اهي ريهون اڄ به پارڪر جي پهاڙن ۾ پڙاڏو ٿي رهيون آهن. هوائن اڄ به انهن ريهن کي پنهنجي پانڌ ۾ سنڀالي رکيو آهي. تڏهن رڳو دلبر خان جي دل ڪو نه بيهي رهي هئي پر پارڪر ۾ وقت جي ڪانٽن تي برف ڄمي وئي هئي ۽ تڏهن هي فقير هو جيڪو مٺي ۾ ديوي هيٺان ويهي گهڙا وڪڻندڙ هو. اهو ڪنڀار هو ۽ هن کي ڪچي پڪي ۽ موري جي خبر هئي. هن سمجهيو هو ته پارڪر جي ڪڇ تي پيل ڪورو گهڙو ڀڳو آهي. هاڻ پارڪرڪي ڪيترا ڏينهن ٿڌو پاڻي ڪو نه پي سگهندو. هن جون اکيون دلبر جي عشق ۾ اوهيرا ڪو نه ٿيون هيون. هنن رنو ڪو نه هو، پر هو ائين وهيون هيون جئين گوڙدرو ۽ ڀٽياڻي وهنديون آهن. هو دلبر جي وصال کي ڪڏهن به وساري ڪو نه سگهيو هو. هو دلبر جو يار نه دوست نه پر، هو دلبر جو عاشق هو ۽ دلبر وري پارڪر ۽ پارڪرين ڪولهين جو عاشق هو. هو ڪي ڪيترا ڏينهن انهيءَ ديوي هيٺان روئيندو رهيو. هن انهن ڏينهن ۾ گهر اچڻ وساري ڇڏيو هو. هو گهر ڪو نه ايندو هو. نه وري هو ڪي ڪيترا ڏينهن دلبر خان جي تڏي تي ويو. ڪير هن کي هلڻ لئه سلهائيندو/ صلاحيندو هو ته هو ڪنڌ هيٺ ڪري روئيندو اڳتي وڌي ويندو هو ۽ چوندو هو؛ ڪنهن وٽ هلان يار ته اڪيلو ڇڏي هليو ويو. هو درد ۾ چور هو. پوءِ هن جو ئي اونرو يار، جيڪو هن جو پٽ آهي، هن جو يار آهي يا هن جو ڀاءِ آهي اهو فيصلو توڙي جو هو پاڻ ئي ناهي ڪري سگهيو. ڪرشن شرما هن فقير کي گهر وارن جي زور ڀرڻ تي وٺي ويو هو. ننگر اونرو ۽ اجرو ٿي، ڪرشن کانسوءِ ٻيو ڪير ٿي وٺي وڃي سگهيو. اهو پهريون ماڻهو ڪرشن شرما ئي هو جنهن فقير مقيم کي محبوب پارڪر سان پهريون ڀيرو ملايو هو. هو جڏهن پهريون ڀيرو پارڪر ويو هو ته ڪي ڪيترا ڏينهن دلبر خان جي تڏي تي ويٺو رهيو ۽ اتي ئي هن جي پهرين ملاقات پارڪر سان ٿي. محبوب جو حسن بي انتها هو ۽ انهي ئي حسن هن کي سوگهو ڪيو. پوءِ فَقير مقيم ۽ پارڪر هڪ ٻي جي سڃاڻپ بڻجي ڪري رهجي ويا. پوءِ هن پارڪرين کوسن ۽ پارڪر سان توڙ نڀايو ۽ پارڪريا کوسا به محبت ۾ مجاز ۽ حقيقت وارو فرق وساري ويٺا. دلبر جي وصال کانپوءِ هن جو آخري آشرم پارڪر ئي هو. هو دلبر خان کان پوءِ پارڪر جو ٻيو الستي عاشق هو. جيڪڏهن پارڪر ويندو هو ته ڏينهن مهينا مٽي ويندا هئا پر ورڻ واري ڪو نه ڪندو هو. ساڙدري تي راتين جون راتيون، رهاڻيون. ڪهڙيون به حالتون هجن پر هو ساڙدري جو ميلو ڪو نه ڇڏيندو. هر حيلي بهاني ساڙدري تي ته ضرور وڃبو. انچلاسر تان گهوئي ڪرڻي، ڄام خان جي وانڊئي تي چانهه پئڻي، چاچي الهرکئي سان پارڪر تي پلان ٺاهڻا، عباس کوسي سان بحث ڪرڻا هجن، ڦري گهري رات اچي چاچي دلبر جي اوتاري تي سڪندر کوسي وٽ رهڻي. پوءِ هن شايد دلبر خان کي چاچي الهرکي کوسي ۾ پئي ڳوليو. ڇو جو دلبر خان کانپوءِ هن جي پارڪر ۾ گهاٽي ياري الهرکئي سان ئي هئي. ڪير کڻي ڪهڙي راءِ جو هجي پر جيڪڏهن ڪير پارڪر ويو آهي ۽ چاچي الهرکئي سان ناهي مليو ڄڻ اهو پارڪر ويو ئي ڪونهي. بس ائين سمجهو پارڪر جو ڌماڪو، هن جا ڪن مٺي ۾ ٻڌندا هئا ۽ ائين محسوس ٿيندو هو؛ هن ۾ ماڻهو نه پر مور جي دل هجي، جيڪا ڌماڪي سان ڦاٽي پوندي هجي يا وري ائين محسوس ٿيندو هجي ڄڻ هي ئي اهو ڪارونجهر جبل هجي ۽ اهي ڌماڪا هن جي ئي وجود تي ٿيندا هجن. ڪڏهن ڪڏهن ته اها حالت هوندي هئي جو انهي گرينائيٽ واري اشو تي راتين جو راتيون سمهندو ڪو نه هو. ڪارونجهر تي ڌماڪن جي ڳالهه ڪندي ڪندي، هن جي دل جو درد لفظن بدران چهري تي اچي ويندو هو ۽ هن جي چهري جو رنگ ئي تبديل ٿي ويندو هو. هن جو پارڪر ۽ ڪارونجهر سان عشق هو. هي ڪاروجهر جو عاشق هو. ڪارونجهر تي ائين ڳالهائيندو هو، جئين عاشق پنهنجي محبوب جي ساراهه ۾ ڳالهائيندو آهي. پنهنجي محبوب جي محبوب جو ائين عاشق هو. هي فقير مقيم اهو ماڻهو هو جنهن قلم ۽ دل کڻي پارڪر تي پهرو ڏنو. هي پارڪر جي پهاڙن جو عاشق پهريدار هو. سائين ڳالهه ٿي ته ڪارونجهر جبل مان نڪرندڙ ندين تي ڊيم ٺهڻ کپن يا نه. انهي تي گهڻا ڏاها انهي ڳالهه جا به هجن ته نه ٺهڻ کپن. هنن انهي جا غلط يا سهي سائنسي سبب ٻڌايا پر هي انهي راءِ جو ٿي بيهي رهيو ته ڊيم ٺهڻ گهرجن انهن سان پارڪر خوشحال ٿيندو پارڪريا ڪولهي لڏي سنڌ لابارا ڪرڻ ڪو نه ويندا. ڪنهن وڏيري وٽ جهڳي ٺاهي ڪو نه وهندا. پارڪر آباد ٿيو ته پارڪر مان ٿيندڙ لڏ پلاڻ رڪجي ويندي. مال ۽ ماڻهو سولا ٿيندا. ٻيو هن کي وڻندو هو ڀوڏيسر واري سوڌي ڪيسوٻاءِ جو ڪردار. ڪٿان ڪيسوٻا جو ڦوٽو هٿ اچي ويس. انهيءَ کي وڏو ڪرائي دڪان ۾ هڻي ويٺو هو. هاڻ ڪنهن ڪيسو ٻاءِ ڏٺو هجي ته انهيءَ کي سڃاڻي. ٻيو سو جيڪو ايندو، اهو ڦوٽو ڏسي پڇندو ته؛ فقير ڏي خبر، هي ڪنهن جو ڦوٽو لڳايو ويٺو آهين؟ انهي پڇڻ واري کي سڄي وارتا ڪري سڻائي. پوءِ جيڪو فقير کان اهو وارتا سڻندو هو انهيءَ جو ڌرتي سان عشق جوان ٿي پوندو. بابا هي اهو ڪيسوٻا آهي جنهن ورهاڱي ۾ به پنهنجي ڌرتي ڪو نه ڇڏي. هن کي ٻلونت سنگهه ڌاڙيل سرحد پار وٺڻ لئه آيو پر ڪيسوٻاءِ ڪو نه ويو. جڏهن ٻلونت سنگهه هن کي چيو؛ آئون تو کي ٻڌي به وٺي ويندس، تڏهن هن گيڏيو کڻي ٻلونت سنگهه کي چيو؛ ”ٻليا تون موني ٻيهاڙي“. ڀوڏيسر جو راڻو هو. هن کي ڌرتي جو مجنون ڪيسوٻاءِ وڻندو هو. ڪيسوٻاءِ ته ويو اگني سنسڪار ٿي. هو انهيءَ جي پٽ کي به بي انتها پيار ڪندو هو. بابا ارجڻ سنگهه جو سڄو جو سڄو ڳوٺ، سرحد پار ويندو رهيو. پر جڏهن هن ڀٽ تي چڙهي، گهوڙي جي رڪاب ۾ پير وجهي، ڌرتي ڏانهن نهاريو، هڪ نظر هن چنڊ تي وڌي ۽ هڪ نظر پنهنجي ڳوٺ تي ته هن گهوڙي جي رڪاب مان پير واپس ڪڍي چيو؛ “هون مانهجي ٻاپ ري گواڙي سڄي ڪو ڇڏان.” پوءِ ارجڻ سنگهه ساڪرئي واري سان دوستي جو دم جئين جو تئين ڀريائين. بس جيڪي نه ڌرتي جا عاشق هئا، انهن جو هي به عاشق هو. پوءِ اهو ڪيسوٻاءِ هجي، ارجن سنگهه هجي يا دلبر خان کوسو هجي. هي ڌرتي سان عشق ته ڪندو هو پر هي ڌرتي جي عاشقن جو به عاشق هو. وڏي نوڙت ۽ عاجزي هئي، هن ۾. انهيءَ ڪري ئي پارڪر جي ڪولهين کان وٺي ممتاز ڀٽي تائين، ٿر جي اربابن ۽ جاگير جي اڳئين راڻي کان وٺي گهرٽياري جي رٻارين تائين، هن جي واسطي جي وڏي ۽ وسيع سر زمين هئي. پنهنجي آخري ڏينهن ۾ سائين مطلب شاهه واري دڪان جي ٿلهي تي ڀت کي ٽيڪ ڏيو ويٺو هوندو هو، نهٽي ۾. پوءِ جيڪو اتان گذري، اهو گاڏيءَ کي بريڪ هڻي. هر ڪو غريب امير بس ميلو لڳو پيو هوندو هو. بچائي وساڻ جي هوٽل تان زوريءَ مهمان کي چانهن پيارڻي، هٿ جوڙ ڪرڻي. پر انهيءَ واسطي جو اڪيلو سبب ٿر ۽ پارڪر هو. انهيءَ ڪري اڪثر اليڪشنن ۾ ٿريو اميدوار ڪهڙو به هجي، انهي جي ڌر ٿي بيهي رهندو هو. باقي امپورٽ ڪيل اميدوارن جي سرِعام مخالفت، بيهي وچ چوڪ تي به ڪري ڇڏيندو هو. انهي جي هن سزا به ڀوڳي. ڄام ساقي بيٺو اليڪشن ۾. نشان هجيس گهڙو. سڄو ڳوٺ، وڏيرن سوڌو، مخالف اميدوار جي پاسي. هيءُ سائين اڪيلو ڄام ساقي جي پاسي. جئين تئين ڪري، ڄام ساقي کي ست ووٽ ڏياري ويو پوءِ ته سائين وڏو ممڻ ڳوٺ ۾ متو. پر هن فقير انهيءَ کي هٿ جوڙ سان هلايو. هن کي ڳوٺن جي ڀيٽ ۾ شهرن کان وڏي چڙ هئي. هن کي شهر ته ٺهيو پر شهري ماڻهو به مڙئي نالي جا ماڻهو لڳندا هئا. اک پورڻ تائين چوندو ويو؛ ٻيلي نهٽو متان ڇڏيو. ننڍڙو هو ته پيءُ وصال ڪري ويو. هن کي انهيءَ جي پوري صورت به ياد ڪو نه هئي ۽ ماءُ پيءُ جو اڪيلو پٽ هو. ٻه ڀيڻون هيون، سڳو چاچو به ڪو نه هئس. نهٽي جي پوري راڄ ۾، تڏهن ڪنڀارن جو گهر ئي هڪڙو هو. پوءِ ڏاڏي سان گڏ ٿانءَ وڪڻندو هو. جنهن ڏينهن وصال ڪري. انهيءَ ڏينهن کان ڪجهه ڏينهن اڳ ۾، ادي پٺاڻي کي فون ڪري چيائين؛ اچ ڏسي وڃ. آئي ته هن جي پيرن تي پاڻي هاريائين. چيائين؛ گل ته آهن ڪو نه جو ڇٽيانءِ. هو اسان جي سڄي گهر مان سڀ کان وڌيڪ ادي پٺاڻي سان پيار ڪندو هو. ادي کي فاطمه جناح ايوارڊ مليو ته ڏاڍو خوش ٿيو. وصال کان ٻه ڏينهن اڳ ۾، ايس ايم ايس ڪيائين؛ جوڳيئڙا خدا حافظ. منهنجي پيرن هيٺان زمين ويندي رهي. جوڳي، مون تي بابا رکيو هو. وصال وارن لمحن ۾ آئون ۽ حيدر گڏ هئاسين. انهيءَ کان هڪ ڏينهن اڳ ۾، ڏاڙهي ۽ وار ٺهرايائين. انهيءَ ڏينهن وڏي تڪڙ ڪيائين ته جلدي، ڪرو پاڻي رکو، وهنجان. صفا چڱو ڀلو. بس فقيرن کي خبر پوندي آهي ته هنن جي وصال جو لمحو اچي ويو آهي. ائين هن کي به گهڻو اڳ ۾ خبر پئجي وئي هئي. بس درد هن کي اڏيو، درد هن جو اڏيندڙ هو. ڪاڪي سانگي ڏان وانگر هن کي جنهن ڏک ڏنو، انهيءَ کي هن پاليو ۽ انهيءَ ڏک مان هن جي اندر، گل ٽڙيا. انهن جي خوشبو هئي، جنهن وڻ ٽڻ واسي ڇڏيو. هلو هڪڙي ڳالهه ويندي ويندي ڪريون هو مولا علي جو حبدار هو. حسيني هو. پر تصوف جي وهندڙ دريا مان ڍڪ ڀريا هئائين. سائين اياز شاهه جي تڪئي تي عمرڪوٽ ۾ هن تڪئي جا سڀ فقير ولي محمد سائين جي اها ڪافي ڳائي رهيا آهن: تنهنجون ڳالهيون سڄڻ، ٿيون ياد پون. مقيم ڪنڀار ٿر جي املهه ڪردار عباس کوسو اڄ الائي ڇو نه چاهيندي به اُن اُملهه ماڻهو کي مرحوم ٿو لکان، جيڪو نه رڳو منهنجي پارڪر جو عاشق هو پر پوري انسانيت سان ائين پيار ڪندو هو جيئن، ماءُ پنهنجي ٻارن سان ڪندي آهي. منهنجي هن سان پهرين ملاقات ۹۲ع جي شروعاتي ڏينهن ۾ ٿي. جڏهن هو ڪجهه راتيون رهڻ ننگر پارڪر آيو هو ۽ مون سان صرف ان ڪري مليو هو ته ڪو آئون ڪجهه لکندو پڙهندو آهيان. اڇي مٿي سان، هي جهور پوڙهو، گولڊ فليڪ سگريٽ جا ڪش هڻندي، مون کي چئي رهيو هو ته؛ ”هن پارڪر جي پٽن ۽ ماڻهن لاءِ ڪجهه ڪريو. اوهان شهرن ۾ رهو ٿا، جتي جديد دنيا جون سهولتون آهن، ميڊيا جا وسيلا به آهن، ٿي سگهي ته ٿر وارن جو آواز ٿي رهو.“ سچ پڇو ته هن ڏونگر جيڏي ماڻهوءَ جي انهن ڳالهين ائين اندر ۾ ولوڙ وڌي ۽ هن پوڙهي سان اسان جو اهڙو رشتو جُڙيو جو آخر تائين به ڇڄي نه سگهيو. هُن سان ڪچهرين جو ايترو ته سگهارو سلسلو جاري ٿيو جو جڏهن به مٺيءَ ۾ اچڻ ٿيندو هو ته هن وشال دل جي مالڪ، منهنجي پارڪر جي پوڙهي عاشق وٽ، هلي وڃي اُن ديوي جي وڻ هيٺان، جتي هڪ پاسي ڪنڀارڪا ٿانو هڪ بئنچ رکيل هوندا هئا، ويهي رهاڻيون ڪبيون هيون. ٿر جي ماڻهن لاءِ پروگرام کڻي ڪٿي به هُجي، هي اڇي وڏي پٽڪي سان اچي پڄندو هو ۽ ٿر جو ڪيس، اهڙي انداز ۾ رکندو هو جو ٻُڌڻ وارا دنگ رهجي ويندا هئا. هتي آئون اُن پوڙهي محبوب، فقير مقيم ڪنڀر جون ڪجهه ساروڻيون لکندس. هڪ ڀيري آئون ڪنهن اخبار لاءِ اسٽوري ڪرڻ مٺي پهتس. اُن وقت مارئي جي ميلي تي وڏو بحث هوندو هو ته اُهو ڪٿي لڳي؟ ڀالوا، جيڪو مارئي جو ڳوٺ آهي، اُتي لڳڻ گهرجي يا مٺي ۾؟ مون اُها اسٽوري فائيل ڪئي. جڏهن اُها اخبار ۾ لڳي ته اُن وقت جي ڊي سي ميلو ته ڪينسل ڪري ڇڏيو. پر مقيم سائين ميلي کي ملتوي ڪرائيندڙن جا پيرا کڻي اچي حيدرآباد پهتو. حيدرآباد ۾ اسان دوستن گڏجي، مسڪين جهان خان کوسي جي ورسي ملهائي هئي. ان ۾ تقرير ڪندي چيائين ته؛ اڄ آئون هتي ان ڪري آيو آهيان جو اوهان ۾ ڪجهه ماڻهو آهن، انهن مارئي جو ميلو ملتوي ڪرايو آهي. مون کي چور ڏيو يا پيرا ڪڍي ڏيو! جڏهن تقرير ڪري هيٺ لٿو ته آئون سندس ڀر ۾ وڃي ويٺس ۽ کيس پيار ۾ چيم؛ ”سائين اوهان جا چور هٿيڪا آهن، پروگرام ختم ٿئي ته بلڪل پيش ٿا ڪيون.“ اُن بعد سڀئي منهنجي فليٽ تي آياسين. مون پاڻ کي سندس آڏو پيش ڪيو ته هي وٺو اوهان جو چور. مون کي ڳراٽڙي پائي چيائين ته؛ ”ننگراٽين سان ته منهنجو عشق آهي. گهُمناڻي وري منهنجا محبوب آهن.“ گهُمناڻي کوسن جو پاڙو آهي. گهمناڻي کوسن ۾ وري صمنداڻين يعني منهنجي ڏاڏي صمند خان جي گهر سان ڪهڙا حساب. سو پوري رات سڄي ڪچهري ھلندي رهي ۽ هن ڪارونجهر جيڏي دل جي مالڪ چيو ته؛ ”اوهان نوجوان آهيو، پُٽ! وارو ڪريو نه ته ٿر واڳن وات اچي ويندو.“ اسان جتي چئون ڪامريڊ هتي پهچڻو آهي، اتي ڪامريڊ هڪيو تڪيو حاضر هوندو هو. هفتي ۾ هڪڙو ڀيرو ته فون ضرور ڪري. هڪ ڀيري فون ڪيائين ته؛ ”يار اڄ ڏاڍو ياد آيو آهين، خبر ناهي ته منهنجي حياتي پوري پيئي ٿي ڇا سو ڀانئيم تو سان ڳالهايان ۽ پنهنجي اندر جو بار هلڪو ڪيان.“ سو سائين هي فقير ماڻهو اسان کي ائين ڀائيندو هو. تازو حيدرآباد علاج جي سلسلي ۾ آيل هيو. چيائين؛ ”اچ ته ڪچهري ڪريون! حياتي الائي ڪيتري آهي.“ پر ڏک صرف اهو اٿم ته هن درياهه دل ماڻهو جي هڪڙي خواهش پوري نه ڪري سگهيم. هميشه چوندو هو ته؛ ”مون کي ننگرپارڪر ۾ هڪڙي ننڍڙي جهوپڙي ٺهرائي ڏي ته حياتيءَ جا باقي ڏينهن، اُتي ويهي ڪٽيان. ڪارونجهر پهاڙ جي ويهي تپسيا ڪريان.“ آئون وري هر واري کيس چوندو هئس؛ ”ڪامريڊ! ايندڙ وزٽ ۾ پاڻ ننگر پارڪر هلنداسين.“ پر افسوس! کيس حياتيءَ ايتري مهلت نه ڏني. ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ سندس نياڻي ۽ اسان جي ڀيڻ پٺاڻيءَ سان فيس بُڪ تي ڳالهه ٻولهه دوران چيو هئم ته؛ ”فقير سائينءَ کي اسان پارڪر وٺي وينداسين.“ پر اي موت! تو اسان جي ڇپر ۽ ڇانو، اسان کان کسي، اهڙي ديس هليو ويو آهين جتي ڪا به حاجت ناهي هلي سگهندي. خليل ڪنڀر، جيڪو مقيم جو پٽ آهي، اسان جو پيارو دوست آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ ۾، مون پاران سندس پروگرام ۾ شريڪ نه ٿيڻ تي، ناراض ٿيو هو ۽ نه پيو ڳالهائي. فون ڪري چيومانس ته؛ ”مقيماڻين جي صمنداڻين سان ڪاوڙ ٺهي نٿي. اسان ڪاوڙجي ويهي نه ٿا سگهون.“ ڪالهه جڏهن مون کي خليل فون ڪري، وڏي اوڇنگار ڏيندي چيو ته؛ ”عباس! پاڻ کي جيڪو پرچائيندو هو. اُهو اڄ اسان کان موڪلائي هليو ويو آهي.“ سچ پچ ته ان خبر جيءُ جهوري وڌو. جيڪا الله جي رضا. پر ڪي ڪي موت، وڏا نقش ڇڏي ويندا آهن. آئون ٿو سمجهان، مقيم جي هن وڇوڙي، ڪارونجهر، وٽ، ڍٽ، مهراڻي ۽ سامروٽيءَ کي به جهوري وڌو آهي. خليل، خالد ۽ پٺاڻي، الله جي اها رضا آهي اُن تي ڪو به زور ناهي. صبر سان ڪامريڊ جي ڏسيل واٽ جا ڌڻي ٿجو. فقير مقيم ڪنڀار امر رهڻو آهي! انجنيئر ايوب شر/حيدرآباد انسان جي سڃاڻپ دنيا ۾ ڪنهن نه ڪنهن ڪرت جي ڪري ٿئي ٿي، انسان، جيڪو مٽي جي پيدا وار آهي ۽ ڄمڻ کان مرڻ تائين سندس لاڳاپو مٽيءَ سان رهي ٿو! مٽي کي پنهنجو محبوب ڪندڙ ڪنڀار، جنهن مٽي سان عشق ڪري انسان لاءِ کاڌ خوراڪ جا ٿانوَ تيار ڪيا، جنهن کي چٽن وانگر چٽسالي ڪري خوب داد ماڻيائين. اهڙو ئي هڪ امر انسان هو فقير مقيم جيڪو ذات جو ڪنڀار هو ۽ پنهنجي سڃاڻپ پڻ ڪنڀارڪي ڪرت سان پيدا ڪري سماج اندر نالو پيدا ڪيو ۽ پنهنجي زندگي جا سماجي ۽ سياسي پيچرا ٺاهيا، جنهن ڪارونجهر تي گرينائيٽ مٿان ٿيندڙ ڌماڪن سبب مور پکي جي دل بيهڻ جو منظر ڏٺو ته، هن جا حواس ئي دنگ رهجي ويا! هن مور وانگر اکين مان لڙڪ وهائي وقت جي حاڪمن کي مور جي نسل کي ختم ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيا. گگرال کي ڪيميڪل لڳائي ان قيمتي ٻوٽي کي ختم ڪرڻ خلاف ٿر جي راهن تي اڪيلي سر آواز بلند ڪيا. ننگرپارڪر کان ڇاڇري تائين مندرن جي حفاظت ڪندي چيائين ته ڪنهن به مذهب جي ماڻهوءَ کي تڪليف نه پهچي. فقير مقيم پنهنجي زندگي اصولن تحت گذاري ۽ خود کي ٿر جو ارڏو انسان ثابت ڪيو، جتي نواب، مير، پير ۽ ارباب موجود هئا، اتي هي فقير شخص ٿر جي عشق ۾ پيادل گهمندي نظر آيو، تڏهن وقت جي حاڪمن به سلام ڪيو ۽ مشورا ورتا ته ٿر کي ڪيئن خوبصورت بڻائي سگهجي ٿو. سماج سان عشق سان گڏ هڪ نظرياتي سياسي عشق پڻ هو، جنهن سان پنهنجي زندگي آخري دم تائين سلهاڙيل رکندو آيو. فقير مقيم ڪنڀار شابس اٿئي موڪلائي به نه وئين!! فيض کوسو ان ڏينهن جڏهن آئون ڪي ٽي اين نيوز جي ”تاريخ“ پروگرام لاءِ نهٽي جي ماڳ جي رڪارڊنگ ڪرڻ ويو هوس، تڏهن فقير مقيم ڪنڀار ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيو. فقير مقيم ڪنڀار جي شايد اها آخري خواهش هئي ته ڪنهن به طرح سان نهٽي جو ماڳ رڪارڊ ٿئي ۽ اها رڪارڊنگ هلي به ڪي ٽي اين نيوز جي پروگرام ”تاريخ“ ۾!! ان ماڳ جي رڪارڊنگ لاءِ فقير مقيم مون کي مٺيءَ ۾ ئي صلاحيو هو. ساڻس منهنجي پهرين ملاقات به مٺيءَ جي شهر ۾ ٿي هئي. انهن ڏينهن ۾ آئون ننگر پارڪر ۽ پاري نگر جي علائقن جي رڪارڊنگ ڪرڻ ويو هوس. فقير مقيم ڪنڀار انهن ٻنهي پروگرامن ۾ دل کولي ڳالهايو هو ۽ پنهنجي سريلي آواز ۽ ڄاڻ سان مون کي ايترو ته متاثر ڪيو هو، جو منهنجي دل پئي چاهيو هو ته هن ڪراڙي همراهه سان ويهي رڳو ڪچهريون ئي ڪجن ۽ کانئس سنڌ جي ٿر واري حصي بابت معلومات ڪٺي ڪجي. هڪ لحاظ سان هو ٿر جي معلومات جو ڀنڊار هو. آئون جڏهن نهٽي پهتس ته مون کيس گهر جي ٻاهران رستي تي انتظار ڪندي ڏٺو. هُو، هئو ته مڙهو مڙس پر سندس ڦڙتي، چاهه ۽ جذبي مان اهو هرگز محسوس نه ٿي ٿيو ته ڪو هن عمر جا 6۰ ڏهاڪا پورا ڪري ورتا آهن. ان ڏينهن به هو ٿورو بيمار هو، پر هن اسان کي هڪ لمحي لاءِ به بيماري جي لکا ڪا نه ڏني هئي. هو اسان سان نه رڳو نهٽي جي ماڳ تائين گڏجي هليو هو، پر آس پاس جا جيڪي به ماڳ مڪان هئا، سي به هن اسان کي ڏيکاريا هئا. هن جي اها به خواهش هئي ته ڪنهن نه ڪنهن طرح سان نهٽي جي نسبت ۾ مهر راڻي جي قبر به رڪارڊ ٿئي. ان پاسي روڊ ڪونه هو، ان ڪري اسان جي گاڏي اوڏانهن نه پئي وڃي سگهي، تنهن ڪري هن جيپ جو بندوبست ڪري ڏنو هو ته جيئن اسان اهو ماڳ به رڪارڊ ڪري سگهون. رات جو هن اسان سان ڏاڍي ڪچهري ڪئي ۽ ٿر جي روايتي کاڌن سان تواضع به. اهي جنوري ۲۰۱۱ع جا ابتدائي ڏهاڙا هئا. جنوريءَ جي ٿڌ جيتوڻيڪ ماڻهوءَ کي ڏڪايو پئي، پر فقير مقيم ڪنڀار ان ٿڌ جي به ڪا پرواهه نه پئي ڪئي. فقير مقيم ڪنڀار مون کي ان ڏينهن پنهنجي ڳوٺ وٽان لنگهندڙ رستي جي اڏاوت جو هڪ عجيب قصو به ٻڌايو هو، جيڪو مون کي اڄ تائين ياد آهي ۽ شايد سندس اهي گفتا مون کي سڄي زندگي وسري نه سگهن. فقير مقيم ڪنڀار سنجيده ڪچهريءَ دوران اوچتو مون کي مخاطب ٿيندي چيو. ”فيض! توهان اسان جي ڳوٺ وٽان لنگهندڙ رستي ۾ وَر (موڙ) ڏٺو آهي؟“ مون هائوڪار ڪئي ۽ سندس ان ڳالهه تي ڏاڍو حيران ٿيس ته هي ڪهڙي ڳالهه آهي، جيڪا فقير مقيم ڪنڀار سنجيده ڪچهري جي وچ پيو بيان ڪري..!! هن ٻڌائڻ شروع ڪيو ته اهو وَر ان ڪري رستي ۾ آيو آهي، جو جڏهن رستي جي ماپ ڪرڻ وارا آفيسر هتي آيا هئا، تڏهن هنن هتان سڌو رستو پئي ڪڍڻ چاهيو ۽ ان رستي جي وچ ۾ اهو ڪنڊي جو وڻ به پئي آيو، جنهن سان هتان جي ماڻهن کي ڏاڍو پيار آهي. هن ٻڌايو ته سندس دوست چاچي الهورائي خاصخيليءَ کي ان ڳالهه جي گهڻي پريشاني هئي ۽ هو روز پيو ماڻهن کي مهڻا ڏيندو هو ته توهان ڳوٺ وارا سڀ خاموش آهيو ۽ نيٺ اهو ڪنڊي جو وڻ به وڍجي ويندو. اها ڳالهه ڪندي فقير مقيم ڪنڀار ڏاڍو اداس ٿي پيو هو. هن ٻڌايو ته هڪ ڏينهن آئون کيکڙي ۾ چڙهي مٺيءَ لاءِ روانو پئي ٿيس ته الهورايو خاصخيلي کيکڙي ۾ چڙهي آيو ۽ چيائين ته اوهان پٽڪا ٻڌي ڀلي مٺي گهمو، وڻ آهي سو ڀلي وڍجي وڃي. فقير مقيم ڪنڀار ٻڌايو ته ان مهڻي مٿس ايترو ته اثر ڪيو، جو جيستائين ڪنڊي جي وڻ کي بچائڻ لاءِ رستي کي موڙ نه آيو، تيستائين هو به سک سان نه ويٺو هو. فقير مقيم ڪنڀار جي ان قصي جو ذڪر مون ”تاريخ“ پروگرام ۾ به ڪيو هو ته ڪڏهن سنڌ ۾ اهڙا ماڻهو به هئا، جيڪي هڪ وڻ کي بچائڻ لاءِ به پيا جدوجهد ڪندا هئا ۽ هاڻي سنڌ ۾ اهڙو وقت آيو آهي، جو وڻ ته ٺهيو پر ماڳهين ماڻهو ڌرتيءَ جا ٽڪرا وڍيو کڻيو پيا وڃن، پر ڪا پهر ڪانهي جو ان هاڃي خلاف اٿي کڙي ٿئي!! فقير مقيم ڪنڀار بنهه گهڻو محبتي ماڻهو ۽ سنڌ جو سچو عاشق هو. سندس گفتگو مان ئي سنڌ سان سچائي ۽ محبت پئي بکندي هئي. ان ڏينهن نهٽي ۾ جڏهن اسان کي رات پئجي ويئي هئي ته هو اسان کي سيءَ کان بچڻ لاءِ ويڙهي سيڙهي سمهڻ جي تاڪيد ڪري پاڻ گهر هليو ويو هو، تڏهن اسان کانئس موڪلائڻ بنا ئي نهٽي مان واپس حيدرآباد هليا آيا هئاسين. صبح جو اڃا منهنجي اک ئي ڪا نه کلي هئي، جو سندس فون آيو هو. ڏاڍي افسردگي، ڏک ۽ ملال سان چيائين، ”ادا شابس اٿئي، موڪلائي به نه وئين!!“ مون سوچيو هو ان بي ادبيءَ تي کانئس نهٽي وڃي معافي وٺندس پر....آئون پوءِ وٽس وڃي نه سگهيس ۽ نه ئي وري کانئس معافي ورتم. اڄ جڏهن اوچتو اوچتو اخبار ۾ سندس مرتئي جي خبر پڙهيم ته هانءُ ۾ وڍ پئجي ويا آهن، هي سٽون لکندي آئون به اداس ملول، افسرده ۽ ڏکارو آهيان ۽ اها ئي ميار کيس به ڏيڻ چاهيان ٿو ته: ادا شابس اٿئي، موڪلائي به نه وئين!! فقيريءَ ۾ اميري فقير مقيم ڪنڀار جي چاليهي جي حوالي سان نصير ڪنڀر جيتوڻيڪ وقت جو ڊوڙندڙ بي لغام گهوڙو ڏاڍي تيزي سان هڻڪارون ڪندو پنهنجي منزل طرف روان آهي ۽ انهيءَ ڊوڙ ۾ ڪير ڪٿي پيو موڪلائيندو وڃي خبر ئي ڪانه ٿي پوي، پر انهي سفر ۾ ڪي مسافر موڪلاڻي جي هٿ جوڙ ڪن ٿا ته هوند انهيءَ موڪلاڻي تي اعتبار ئي نه ٿو اچي. جي ها اهڙي موڪلاڻي جنهن کي اڄ چاليهه ڏينهن ٿي چڪا آهن، پر حواس انهيءَ ڳالهه کي قبولڻ لاءِ تيار ئي نه آهن. حقيقتن سچائي کان منهن موڙي نه ٿو سگهجي. ذهن مڃي ئي نه ٿو ته موڪلاڻي ٿي چڪي آهي ۽ ڪيئن چئجي ”اکيون پاڻي پاڻي، مٺا موڪلاڻي“. مون انهيءَ عرصي دوران جڏهن به فقير مقيم بابت سوچيو ته منهنجي ذهن تي نوبل انعام يافتا ناول نگار ارنيسٽ هيمنگوي جي ناول ”پوڙهو ۽ سمنڊ“ جي پڄاڻي تري ٿي آئي. ”ماڻهو ته مري سگهي ٿو پر جدوجهد ختم نٿي ٿي سگهي“. فقير مقيم جي وڇوڙي پڄاڻان منهنجو انهن سٽن تي ويتر ويساهه وڌي ويو آهي. ”دلبر هن دنيا ۾ وڃي رهندو واس“. هن دنيا ۾ ماڻهوءَ جو صرف ڪردار رهي ٿو. جيڪر اوهان جي ڪردار جي سفيد چادر تي ڪوبه داغ نه آهي ته دنيا اوهان کي جيءَ ۾ جايون ڏئي سگهي ٿي. فقير مقيم هميشه پنهنجي ڪردار جي اڇڙي چادر کي داغدار ٿيڻ نه ڏنو. اڇي ويس ۽ اڇي ڏاڙهي سان هر اسٽيج تي حق سچ جي ڳالهه ڪندڙ هي ماڻهو سچ جو سچو پوڄاري هو، هر ڪنهن کي نياز نوڙت سان ملندڙ هي فقيري رنگ ۾ رڱيل هو. خميسو ڪنڀار جي گهر جنم وٺندڙ ”فقيرو“ ماءُ پيءَ جو اڪيلو پٽ هو. سندس وڏا چار پيڙهيون اڳ اسلام ڪوٽ ويجهو ڳوٺ جوڳي مڙهي مان لڏي اچي آباد ٿيا هئا. جڏهن نهٽو به شهر هو، خميسو ڪنڀار سٺو درزي هئڻ ڪري آسپاس جا رهاڪو توڙي ڳوٺاڻا ڏاڍي عزت ڪندا هئا، ٿر مان جيڪي قافلا پنڌ جهاڳي نهٽي رستي سنڌ جي ٻين علائقن ڏانهن ايندا هئا، انهن ۾ ڪنڀار برادري جو وڏو ٺڪاڻو خميسو هوندو هو، پر فقير محمد عرف مقيم کي حبيباڻي حال تحت خدمت چاڪري ڪندڙ خميسو ڪنڀر جي ڇانوَ گهڻو وقت نصيب ڪونه ٿي ۽ ننڍي عمر ۾ ئي يتيم ٿي ويو. ڪنهن ٿي ڄاتو ته پهرين گڏهه تي دلا وجهي وڪڻندڙ ۽ پوءِ اڳتي هلي گاڏيون ڀري مٽي ۾ ”ٺيڪري“ جو دڪان هلائيندڙ فقير محمد مقيم هن نڌڻڪي ديس جي مالڪي لاءِ هر فورم تي بي ڌڙڪ ڳالهائيندو. ڪنهن ٿي ڄاتو ته ڪوريئڙي جو ڄار بڻيل ٿر جي روينيو قانون کي سلجهائي ٿر جي اٻوجهه ماڻهن لاءِ ڀرجهلو ٿيندڙ هي فقير منش ماڻهو سنڌ جي ساڃاهه وند هر اک آلي ڪري ويندو. روينيو جا اِهي گر سکڻ لاءِ هن ٿر جا پنڌ جهاڳيا هئا. روينيو جا گر پيچ هن ماهر تپيدارن سانگيڌان سنگهه ۽ ابوبڪر راهمون کان سکيا هئا. فقير مقيم جي گهاريل زندگي جو پيرو اسين اتان کڻون ٿا، جڏهن هن مٺي شهر ۾ ٿانوَ وڪڻڻ جو دڪان کوليو، پر فقير مقيم جي زندگي جون تلخ حقيقتون ته ان کان اڳ جون آهن. جنهن ۾ هن ڪيترو پنهنجو پاڻ ولوڙيو آهي. نه ڄاڻ ڪيترا ڌنڌا ڪيائين، پر ڪنهن وڏيري جاگيردار جو هارپو ڪونه ڪيائين. بقول خالد جوڳي ”مٺي اچڻ کان اڳ واري بابا جي زندگي مسلسل گهاٽي واري هئي، جنهن تي الڳ ڪتاب لکي سگهجي ٿو.“ هن ارڏي ماڻهو ڪيترا ڌنڌا ڪيا، مزدوريون ڪيائين، پر هارپو نه ڪيائين. انهيءَ ڪري ڪيتريون تڪليفون سهڻيون پيون. ۱۹۸۸ع جي اليڪشن ۾ جڏهن ڄام ساقي اميدوار هو ته پاڻ ڪيئن به ڪري ڄام کي ست ووٽ ڏياريائين. خبر هئس ته ڄام ڪونه کٽندو، پر پاڻ پنهنجي ضمير کي مطمئن ڪرڻ لاءِ ڪيائين. بدلي ۾ ڪيتري رسوائي ۽ تهمتون سهڻيون پيون، بوهه جون ٽرڪون ڀري وڪيائين، ماڻهو پئسا کائي ويا، کنڊ جا ڊيپو کنيائين وڏيرن جي ناجائزين/ ارهه زوراين تي احتجاجن ڇڏي ڏنائين. دڪان کوليائين وڏيرا ۽ ڇاڙتا پئسا کائي ويا، اهڙا ڪيئي گهاٽي جا سودا ڪندو رهيو، پر ڪاڻ ڪونه ڪڍيائين. فقير جي انهيءَ تڪليف دهه زندگي تي ٽالهي جو الف ڪنڀار ڳالهائي سگهي ٿو، جنهن هٿين خالي فقير مقيم کي ٿانون جي گاڏي ڀري ڏني ۽ فقير مٺي جو رخ ڪيو. جتان هن جي زندگي ۾ ”بريڪ ٿرو“ آيو. فقير مقيم جي شخصيت هڪ چمڪندڙ هيري وانگر هئي، جنهن جو رنگ هرطرف کان نرالو هو. هو سياست جي داءُ پيچ کان پري چٽي ڳالهه ڪندڙ ڪميٽيڊ ڪارڪن هو، جنهن سان نينهن لاتائين انهيءَ سان نڀايائين. ڳالهه سچي ۽ سڌي ڪرڻ ڪير فقير کان سکي. کوکڙا پار ريلوي اشو تي سڀني قومپرست ڌرين کوکڙا پار بارڊر کلڻ جي مخالفت ڪئي. پر فقير مقيم انهيءَ جي حق ۾ هو. پاڻ وڏي واڪ چوندو هو، ڪيسوٻاءِ جي قرب ۾ ڪٺل ٺڪراڻي جو درد ۽ ڪڇ ڀڄ ۾ پرڻايل نياڻي جي ماءُ جي سڪ کي اهي ڪامريڊ ڪٿي ٿا سمجهي سگهن. پاڻ انهيءَ وقت جي سنڌ نيشنل فرنٽ جي سينٽرل ڪاميٽي ۾ اها ڳالهه رکيائين. چوڻ هو ته اسين پنهنجين پارٽين جا ڪارڪن آهيون، غلام ڪونه آهيون، راءِ رکڻ منهنجو جمهوري حق آهي ۽ فيصلو اڪثريت راءِ جو مڃبو، اها جمهوري روايت آهي.“ جڏهن ته اسان جي ڪيتري سنگت پنهنجين انقلابي پارٽين ۾ اختلاف راءِ رکڻ جي بنياد تي ائين نڪري وئي، جيئن مکڻ مان وار ڪڍبو آهي. ۲۰۰۱ع جي بلدياتي اليڪشن ۾ هڪ بلدياتي ووٽ سندس ڀيڻ جو هو. پنهنجو اخلاقي قرض سمجهي ڳوٺ جي وڏيري کان پڇيائين ته ووٽ ڪنهن کي ڏجي. تنهن تي هن سندس مرضي تي ڇڏيو ته پاڻ ارباب خاندان سان واعدو ڪري ويٺو، پر آخري ڏينهن تي انهيءَ وڏيري چيو ته ووٽ لاٽ کي ڏيڻو آهي. انهي تي فقير پڙ ڪڍي بيهي رهيو، جنهن تي ڳوٺ مان لڏڻ جو الٽيميٽم مليو ۽ اهو سمورو معاملو پريس ۾ هليو، پر پاڻ آڻ ڪونه مڃيائين. هيليڪاپٽر جي ٺهڻ کان وٺي پولٽري فارم جي فائدن تائين ڪالم لکندڙ هڪ ٿر جي مهان ڪالم نگار لکيو ته فقير مقيم فرنٽ جو (ن) ليگ ۾ ضم ٿيڻ جو صدمو نه سهي سگهيو، پر فقير مقيم هميشه چوندو هو ته هن جو ممتاز ڀٽو سان پارٽي/ سياسي رشتي کان وڌيڪ محبت جو رشتو آهي، تنهن ڪري جيڏانهن هو ويندو اوڏانهن آئون ويندس، اهو ئي سبب هو جو ۲6 سالن جي ڊگهي سفر ۾ هو انهيءَ ليڊر سان گڏ رهيو. سماجي حوالي سان فقير مقيم اهو پهريون ماڻهو آهي جنهن ٿر جي سماجي سينوريل تلاءُ ۾ پهريون پٿر اڇلايو. ٿر هسٽاريڪل ايندڙ ريسرچ ڪائونسل ٺاهي ٿر ۾ سماجي ڪمن جي شروعات ڪيائين. ڪيترن دوستن کي پروموٽ ڪري اسٽيجن تي آندائين. جيڪر اڄ انهن جي ڪردار ۽ قول کي ڏسجي ته فقير جي شاگردي جا دعويدار اهي ”معتبر ماڻهو“ لکن ۽ ڪروڙن جا فنڊ ٿر جي نالي ۾ هڙپ ڪندڙن ۾ نظر ايندا، پر فقير مقيم پنهنجو پانڌ بچائيندي پنهنجو پاڻ کي اڇي ”هرک“ جهڙو اڇو اجرو رکيو ۽ انهن کي محسوس به ڪونه ڪرايائين، جيڪي نالي ۾ نهال ٿيو پيا هلن. فقير مقيم جي قلم ۾ قدرت طاقت رکي هئي. هو لکڻ جو ڏانءُ ڄاڻيندو هو. هن فقير محمد لاشاري جي دؤر واري جاڳو ۾ ڪيترائي ڪالم لکيا، جيڪي ٿر جي جهنگلي جيوت، ڪارونجهر جو جبل، گرينائيٽ لاءِ ٿيندڙ ڌماڪا، ڏڪار ۽ روينيو جون ڏاڍايون وغيره تي آهن. انهن ڪالمن ۾ ٿر جي ڏک ۽ پيڙاءَ کي بهتر نموني بيان ڪيو آهي. اهي سڀ پيڙائون هن پاڻ به سٺيون هيون. انهيءَ ڪري جڏهن اسٽيج تي ايندو هو ته انهيءَ درد کي ويتر بهتر نموني بيان ڪندو هو. منهنجو هڪڙو دوست هميشه ايستائين پروگرام ۾ ويٺو هوندو هو جيستائين فقير تقرير نه ڪندو هو. چوندو هو ته ”فقير مقيم، عليءَ جو حبدار آهي، انهيءَ ڪري انهيءَ جي تقرير ۾ اهڙو درد آهي.“ حقيقت ۾ فقير مقيم جي دل ۾ غمِ حسين کانپوءِ وڏو غم ٿر ۽ انهيءَ جي مسڪين ماڻهن جو هو ۽ مٿان وري قدرت تقرير جو فن ۽ لفظن جو ذخيرو اهڙو عطا ڪيو هوس جو سندس لفظن جي جڙاوت ۽ مؤقف بيان ڪرڻ وارو انداز هر ڪنهن کي موهي وجهندو هو. سنڌ جي تاريخ تي دسترس حاصل هئس. خاص ڪري ٿر جو خطو، انهيءَ جي فلورا فانا، ماڳ مڪان، تاريخي هنڌ، تڙ تيرٿ، پکي پکڻ سڀني جي عادتن، مزاجن ۽ موسمن تي هو دسترس رکندڙ هو. هو انهن جي سماجياتي اثرن ۽ پهلوئن تي ڳالهائيندو هو. خاص ڪري تاريخ جهڙي خشڪ موضوع کي ائين بيان ڪندو هو، ڄڻ ٻار ٻڪيءَ جو کوڙو پڙهي هجي، انهيءَ ڪري هر ٻڌندڙ انهيءَ کان متاثر ٿي پوندو هو. گهريلو زندگي ۾ هو اڪثر گهر کان ٻاهر رهندو هو. ڪڏهن ڪنهن دوست جي سڏ تي ڪڏهن ڪنهن ڪامريڊ سان گڏ پيو پنڌ جهاڳيندو هو، پر ڳوٺ هر هفتي ضرور ايندو هو. هٿ ۾ ايترو ڪو گهڻو ڏوڪڙ ڪونه هو، پوءِ به سڀني پٽن ۽ نياڻين کي تعليم ڏياريائين. اڄ سمورو اولاد معاشري جا فرد نه بلڪه ذميوار فرد آهن. هن جي شخصيت جا سمورا رنگ پٽن ۾ آهن. سندس وڏو پٽ سليم برادري ۽ ڳوٺاڻي رنگ ۾ رڱيل آهي. شاعراڻي خوبي خليل ۾ آهي ۽ فقيري جو سمورو رنگ خالد ۾ آهي، جيڪو بهترين ڪالمسٽ به آهي. سياسي جانشين ارشاد آهي. ذهانت ۽ شرافت جا سمورا رنگ نياز ۾ آهن ۽ حيدر هٺ ۽ ارڏائي جو مجسمو آهي. جڏهن ته مٿيون سڀ خوبيون اسان جي ڀيڻ پارسا عرف پٺاڻي ۾ آهن. جنهن سماجي سيڪٽر ۾ ڪم ڪندي پوري پاڪستان ۾ ”فاطمه جناح ايوارڊ“ حاصل ڪيو آهي. مون جڏهن فقير صاحب کي فون تي ادي پٺاڻي جي ايوارڊ جون مبارڪون ڏنيون ته پاڻ چيو هئائين ”مونکي هن نياڻي تي اڳي به ناز هو، پر اڄ منهنجو ڪنڌ ويتر مٿي ٿي ويو آهي، انهن طعنن کان آجو ٿي ويو آهيان، جيڪي مون کي ”پٺو“ جي نوڪري ڪرڻ تي مليا هئا!! هو پنهنجن پٽن سان عشق ڪندو هو ۽ پٽن جو به ساڻس اهڙو ئي رشتو هو. انهيءَ ڪري پٽ هن تي انگل ڪندا هئا ۽ هو انهن تي انگل ڪندو هو، پر ادي انهن سڀني کان وڌيڪ فقير کي ڀائيندي هئي. فقير مقيم دوستي جي رشتي کي تمام گهڻي اهميت ڏيندو هو. ڪهڙي به مڪتبِ فڪر جو ماڻهو هجي، جيڪر انهيءَ سان دوستيءَ جو رشتو رکيائين ته خوب نڀايائين. پوءِ اهو ڀل ڪيترو پري رهندڙ هجي. مٺي ۾ فقير جي سنگت کينراج جاڙيجي ۽ ملوڪ نهڙي واري ٻاري سان هئي، جيڪي هن جي هر سڏ تي لبيڪ ته چوندا هئا، پر طنزيه جملا هڪٻئي تي اهڙا هڻندا هئا، جيڪي ٻڌڻ وٽان هوندا هئا. هڪٻئي سان گوڏو گڏي ويهندا هئا ته هڪٻئي جي اوڻائين تي تنقيد ڪندي ائين چٿر لائيندا هئا، جيئن ڪاسائي ڪٺل جانور جي کل لاهيندو آهي. هن جي سنگت ۾ وقت جا وڏا پارکو، امير به هوندا هئا ته اخبارون وڪڻندڙ نواز حيدري به ويٺل هوندو هو، فقير جو اڱڻ هر ڪنهن لاءِ ڪشادو هوندو هو. مون فقير مقيم ۾ جيڪا سڀ کان وڏي ڳالهه ڏٺي اُها هن ۾ ذاتيات پرستي نه هئي. سال اڳ ذاتيات جي بنياد تي جڏهن اليڪشني ”تروٽين“ اچي رڻ ٻاريو ۽ ماڻهن کي قوميت مان ڪڍي ذات پرستي ڏانهن گهليو ته فقير انهيءَ جي سخت مخالفت ڪئي. هو ذات پرستي کان نفرت ڪندڙ انسانيت جو علمبردار هو. انهيءَ ڪري منهنجو اڪثر ٺڪاڻو سندس آفيس/ دڪان هوندو هو. فقير سان واسطي جي ئي ڪري منهنجي دوستي خليل، خالد ۽ ارشاد سان ٿي. فقير مقيم جي اڇي پٽڪي جي ور ۾ ٿر جي سچائي ۽ سورهيائي نظر ايندي هئي ۽ نرڙ جي گهنج ۾ سموري ٿر جو درد سمايل هو. پنهنجي سموري زندگي جي جدوجهد ٿر ۽ ٿر جي نالي کي ارپيندڙ هن ماڻهوءَ جي سچائيءَ جو احساس انهيءَ ڏينهن ٿيو، جڏهن سموري سنڌ نهٽي جي دڙي تي اٿلي پئي هئي. مون کي انهيءَ ڳالهه تي يقين ٿيڻ لڳو ته هو جسماني طور ته جدا ٿي سگهي ٿو، پر هن جون ڳالهيون، خيال ۽ جدوجهد اسان لاءِ مشعلِ راهه آهن. مٺي جو مقيم ڀارومل امراڻي مٺي جو مقيم ڪيڏانهن هليو ويو!؟ ڇا موت جا قهري هٿ هن کي اسان کان ڌار ڪري ويا!؟ ڌرتي جي ڪهڙي گهاڙو تي هن کي ڳولهجي!؟ هي مندر مڙها، هي چوئنرا چونڪيون، هي چنڊ ستارا، هي بادل برساتون، هي ڏوئنرا پسي، هي روهيڙن رتا گل، هي ڏهرن ڏياٽيون، هي مورن ٽهوڪا، هي ڪارونجهر، هي ڪجلاسر، هي ڀٽون ڀڙا، هي ڪهڙا ڪهڙا من موهيندڙ رنگ روپ ڇڏي هليو ويو!! ۱۷ مئي ۲۰۱۲ جي شام هن جي وڇڙڻ جا سوين موبائيل ميسيج کڻي آئي. هر ڪو نهٽي ڏانهن ڳرا ڳرا قدم کڻڻ لڳو. هر ڪنهن جي من ۾ هُن سا گهاريل گهڙيون هُرڻ لڳيون، ڪو ڪيئن ساري رهيو هو. ڪو ڪيئن ڳڻ ڳوت ڪري رهيو هو پر نهٽي جي دڙي تان سج لهي رهيو هو ۽ مٽيءَ جو ماڻهو مٽيءَ سان ملي رهيو هو. لٿو سج لڪن ۾ راسيون رتائين، مون کي ماريائين. اديون اونداهي ڪري. (شاه) مٽي اول مٽي آخر مٽي زنده باد (شيخ اياز) فقير مقيم ٿر کي ڪيئن ڏٺو هو،!؟ ٿر تي ڳالهائيندي هن جا اکين جا ڇپر آلا ٿي پوندا هئا، لڙڪن مان مقيم قوت حاصل ڪندو هو. ٿر مان هن جون اکيون ڪڏهن ڍاپيون نه. هن وٽ ٿر جو ماضي به هو ته مستقبل به. ٿر هن جي سوچن سپنن ۾ ڪر موڙي اٿندو هو، هو ٿر جي حسن جي تلاش ۾ رهيو. ادب، آرٽ، سياست، سماج، ثقافت، سڀ ۾ هن ٿر جي حسن جي تلاش ڪئي. سدائين سفر ۾ رهيو. ٿر جي ازلي حسن جون جهلڪيون جهٽڻ جي لاءِ هن پنهنجي پوري جستجو ڪئي ساهڙ مون جئن سرتيون ڏسو سڀيئي، ته سمهو ڪين سک ٿي پاسو ور ڏئي. منهان اڳيئي، گهڙو سڀ گهڙا کڻي هن پنهنجي زندگي کي ڪوڙي ڪهاڻي نه بڻائي. فريبن پويان نه ڦٿڪيو. سيراب جو سوداءُ نه ٿيو. هن جي اندر ۾ اڃ ته هئي پر رڃ جو راهي نه ٿيو. هن جي روح ۾ ڪڏهن رڻ نه ڦهليو، هن جو جيءُ جڳ مڳ جرڪندو رهيو. هوهم اوست جو پوئلڳ هو يا همه اوست جو. هن کي نرڳڻ ڀڳتي وڻندي هئي يا سرڳڻ ڀڳتي پر هن ويراني کي وسايو. جهڳين ۾ جوت آندي. هو اوتارن آستانن. ميلن ملاکڙن. ساڌوئن سنتن. فقير فقرائن جي منڊلين جو مهمان بڻيو، ڪميون ڪوتاهيون هر ماڻهو ۾ هونديون آهن. ڪي اڀريون سڀريون هن فقير ۾ هونديون. پر مجموعي طور تي هن فقير جي ذات مان ڪنهن به مٽي هاڻي ماڻهو کي نقصان نه مليو. هن مٽي جي مهانتا کي نه لڄايو. جيون جي چار پهري ڇايا ۾ نرواڻ ڳوليندي اڻ ڄاتي کي ڄاتو. اڻ ڳاتي کي ڳاتو. نه ابتدا ۾ دک. نه انتها ۾ دک. هن جي مرڪ ۽ محبت زمان و مڪان جي سرحدن کي هڪ ڪري ڇڏيندي هئي. هن جو جنم مٽي کي ڳوهڻ ۽ گهڙڻ واري قبيلي ۾ ٿيو هو پر هن جو پيءَ خميسو درزيڪو ڪم ڪندو هو. عام ٿري ٻارن جيان هن جي جنم جي تاريخ ۽ سن اندازي وارو هو. فقير اڃان ننڍڙو ئي هيو ته سندس پيءَ هن فاني دنيا کي الوداع ڪري ويو. پنهنجن وڏن کي واڪا ڪري چوندو هوته مون کي پڙهايو. هن جي دل پڙهڻ جي لاءِ گهڻي ٿيندي هئي پر يتيمي واري زندگي جي ڪري پورا پنج درجا پاس ڪري نه سگهيو، ”پڙهڻ ته پروِڙڻ نه ته پڙهڻ ته آ مذاق “ وانگر هن تمام گهڻو پروڙيو. پڙهڻ جي تڙپ ۽ تمنا هن جي اندر مان ڪڏهن نه وئي. انهي آس نراس جي ڪيفيت ۾ هن پنهنجي اولاد کي ڀرپور پڙهائڻ جا جتن ڪيا. اولاد کي پڙهائڻڻ جي لاءِ پنهنجا گهر گهاٽ ڇڏي مٺي ۾ رهائش اختيار ڪئي، . هڪ مهربان ۽ مثالي پي ءُ وارو ڪردار ادا ڪيو. پٽ ۽ نياڻي سان شفقت ۾ ڪو فرق نه رکيو. پنهنجي نياڻي کي پڙهڻ سان گڏ سياست سماجيات. ادب ۽ تاريخ ۾ پنهنجون مڪمل صلاحتون استعمال ڪرڻ جو مڪمل موقعو فراهم ڪيو. مٺي ۾ هو مٽي جا ٿانو کڻي آيو، مٺي پريس ڪلب واري جاءِ جي سامهون واري ميدان ۾ (جتي هاڻي دڪان ٺهي چڪا آهن) ڪنڊن واري لوڙهي ۾ ٿان ءُ اچي رکيا. ڀرسان فقير مقيم ڪنڀر اسٽامپ وينڊر جو بورڊ لڳايو. ٻه چار کٽون رکيون. فقير ميڙو مچائي ڳالهين جا سڄو ڏينهن ڳوٺ ٻڌندي آخر اتي اچي بيهندو هو ته دليون ٺڪر ٿانءُ جيئن ٿڌيون ڪري جي، انهي کان مٿي. ٻي ڪا ناهي ڳالهڙي. (شيخ اياز) فقير جو نالو سندس ڏاڏي جي نالي پويان فقير محمد رکيل هو پر امڙ مقيو سڏيندي هئي. ۽ پوءِ جڏهن هو ۹۲_۹۳ ڌاري مٺي پهتو ته مٺي هن مقيئي کي فقير محمد مقيم بڻائي ڇڏيو. ماڻهو هن کي ٿر جو سياستدان. سماجي اڳواڻ. ليکڪ ۽ انساني حقن جو اڳواڻ سميت ڪيترين ئي صورتن ۽ سڃاڻپن ۾ ڳڻڻ لڳاپر هن جي من ۾ اها ئي قلندري. اهائي فقيري جيڪا ڳوٺان کڻي آيو هو. ، هن پورو ڍوءُ نه هوندي به ڍول رکيا. هن جو هر ٻول اُڪنڍ ۽ اُڪير سان ٻريو. آدرش اخلاق ۽ انسانيت کي ڪڏهن پيٽ جي تنور ۾ جلائي رک نه ڪيا ئين. جڳن جا دراوڙ هن جي دل ۾ هئا ته چندر ونسي سوڍن ۾ هن جو ساه پساه هو. سورج جي پوجا ڪندڙن جا هن وٽ پار پتا هئا ته بڙ يا پپر جي ٿڙ وٽ ڏيئا جلائيندڙن جي جيون ڪٿا هئي. هن وٽ ڪڏهن نا اُميدي نه هئي اُمنگن جا جهولا هئا. آسن جا موتي هئا چانڊوڪي سان هن جي چاهت هئي. چنڊ پويان هن چارا ڳوليا، پر اوڻٽيهين اونداهي ۾ به ستارن کان سهارو ورتو. لکڻو هجي يا اسٽيج تي بيهي ڳالهائڻو. لفظ ته هن وٽ پکيڙن جيان پرڙا ڦڙڪائيندا ايندا هئا روح جي مٺڙي موسيقي سان ٻڌندڙن ۽ پڙهندڙن جي ساه جي ستار کي تڙپائي ڇڏيندو هو. مٺي جو فقير منفرد مقرر هيو. مٺي ۾ هن جي دل جڏهن اداس ٿي پوندي هئي. ته بيڪس جي ڪافي من جو بار اتارڻ جي لاءِ ڳائيندو هو ته؛ ڪاڪ ڪماڻي، ويل وهاڻي، ڀينگ ٿيا سڀ ڀاڻا، وري موٽي آءٌ راڻا. پر اڃان دل ۾ راحت نه آئي ته هو نهٽي هليو ويندو هو يا ننگرپارڪر، ننگرپارڪر ۾ هن جي لاءِ ڪارونجهر. دلبر کوسو. الهرکيو کوسو، پانڌي کوسو. رستم کوسو. ڊاڪٽر نوبت خان ۽ نهٽي ۾ وري مهر راڻي ۽ لاکي ڦلاڻي جو ماڳ. جکري جي واري ساري وارا ڀڙا، نون ڀائر، اباڻو پڊ ۽ جيون جي پهرين پهرن جون سارون سنڀارون. ننگرپارڪر ۾ دلبر جي وڇوڙي هن جو وجود ڄڻ وڍجي ويو هو. نهٽي ۾ نون ڀائرن جي ناراضگي تي من ملول ٿي پيو هو، دلبر جي تڏي تي هن پاڻ کي گهڻو ميڙڻ جي ڪئي پر روح اڌ رات جو روئي پوندو هو ته “دلبر بنان دانهن. ڪنهن کي ڏيان ڪارونجهر “ڪارونجهر کي هن پهريون دفعو ۱۹۹۴ ۾ ڏٺو. هن کان ڇرڪ نڪري ويو هو. ايڏو سهڻو. . . . . .!؟ ڪارونجهر هن جي لاءِ ديوتا هو. ديومالائي پهاڙجي پوڄا ڪري پوءِ دلبر سان رهاڻ اچي ڪندو هو. دلبر جي وڇوڙي تي هن زندگي جو پهريون بيت چيو. پوءِ ڪوتا سرجي سگهيو يا نه پر. نثر ۾ نوان رنگ کڻي آيو. مضمون. اخباري ڪالم واه جا لکيا. جنهن ۾ نه صرف پنهنجو چٽو موقف لکيو، پر ٻولي به ڄڻ ٻاٻيهي کان چورائي ڪم آندي. مٺي جي ڪرشن شرما سان پهرين ايڇ آر سي پي ۾ سرگرم ٿي رهيو. پر هن جي تنظيم ڪاري ۾ به ٻانهن ٻيلي بڻيل رهيو. ڪرشن سان گڏجي هفتيوار ٿرپارڪر اخبار پڻ ڪڍي. زندگي ۾رس ڪس ڪيترا به کاڌا پر دوستن جي گلا ڪڏهن به نه ڪئي. شهرت هن جي پيرن کي چميو. تڏهن به هن گمنامي واري زندگي جي ساٿين سان ڪڏهن لاتعلقي نه ڪئي. هر ڪنهن جا ڀلايون ڀيرا وڏي واڪي ڳاتا. پر پنهنجو هڪڙو قدم به ٿوري طور نه ڳڻايو. سياسي طور سنڌ نيشنل فرنٽ ۾ فرنٽ جي جڙڻ واري پهرين ڏينهن شامل ٿيو، سالن سال گذري ويا. ٻي هنڌ لوڻو ڦيري به نه ڏٺائين. سياسي سرواڻ صوبي جي وڏي انتظامي ڪرسي جو نگران دور ۾ مالڪ بڻيو. تڏهن ضلعي جي ٻڌي ڇوڙي هن جي حوالي. پر هن فقير ڪا آڪڙائپ اختيار جي بدران اڳيئين کان به وڌ نوڙت ڌاري. انهي دور ۾ به هن ماڻهو ميڙيا. مال ميڙي اميري جو گس وٺڻ جو ڄڻ ته هن قسم کڻي ڇڏيو هو. سڄي زندگي پنهنجي قداور هاٺي، چانپونئي ڏاڙهي اڇي وڳي ۽ اهڙي اڇي پٽڪي سان لاکيڻي لوڏ ڪري جتي ڪٿي امن ۽ انسانيت جا گيت ڳائي چوندو رهيو ته جيڪو ماڻهو سان محبت نٿو ڪري اهو زندگي جي عظيم گنهگارن مان آهي. (ڀارومل امراڻي جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۹ مئي ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)
پروفيسر لياقت عزيز جدوجهد جو عڪس گل مورو هماليا جهڙو حوصلو رکندڙ باصلاحيت جدوجهد جو عڪس بڻيل پروفيسر لياقت عزيز ئي هيو. مون کي ياد پوي ٿو جڏهن ارباب رحيم جي دور ۾ ڪراچي پريس ڪلب کان لانگ مارچ سنڌ ايمپلائيز الائنس جي پليٽ فارم تان سندس سرواڻي ۾ مورڙي جي ماڳ ڪراچي ۾ استادن جي حقن لاءِ لانگ مارچ ڪيو پئي ويو ته ان وقت سمورن پروفيسرن، استادن، عالمن، اديبن، دانشورن تي پوليس لٺيون وسائي وڏي تعداد ۾ لياقت عزيز، تاج جويو، رفيق جروار، قادر بخش طالباڻي، پروفيسر يعقوب مري سميت ٻين کي گرفتار ڪري جيل حوالي ڪيو ويو هو ۽ ان ڏينهن سڄي سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ٿي چڪي هئي ته جيستائين استادن جي حقن جي بحالي ۽ سنڌ جي حقن جي بحالي وارا مطالبا تسليم نه ڪيا ويندا، اوستائين احتجاج ختم نه ڪيو ويندو. انهن ڏينهن ۾ آئون سنڌي ادبي سنگت ضلعي نوشهروفيروز جو رابطا سيڪريٽري هوندي انهيءَ ئي ڏينهن شام جو ساهتي جي شهر نوشهروفيروز ۾ انهيءَ احتجاج تي اي پي سي گهرائي، جنهن ۾ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر سيد ظفر علي شاهه کان وٺي مولانا عزيزالله ٻوهيو، سائين راشد مورائي ۽ ٻيا استاد، شاعر، اديب گڏجي ڪري اُتي سخت احتجاج ڪيو ۽ انهيءَ ڏينهن ٿاڻي جي لاڪپ مان لياقت عزيز ۽ سندس ساٿين اعلان ڪيو ته سڀاڻي سڄي سنڌ ۾ ڊي سي آفيسن جي تالابندي ڪئي ويندي ۽ ٻئي ڏينهن تي جڏهن سمورن ساٿين سان گڏجي ڊي سي آفيس نوشهروفيروز پهتاسين ته پوليس جا وڏا اٽالا ڏسي ڪري پاڪيٽ سائيز يونين ليڊر پويان پير ڪرڻ لڳا پر علمي، ادبي ۽ سياسي ورڪر، استاد توڙي شاگرد انهن رنڊڪن کي ٽوڙيندي ڊي سي آفيس جي تالن ۾ ايلفي وجهي تالابندي ڪري ڇڏي. اهڙو سخت احتجاج ڏسندي سڄي سنڌ ۾ ساهتي جي سڄڻن جي واهه واهه ٿي وئي. انهيءَ ڏينهن شام جو خبر پئي ته لياقت عزيز سميت سمورن سڄڻن کي ڪراچي جي لاڪپن مان آزاد ڪيو ويو آهي. آئون به ان ڏينهن حيدرآباد وڃي سائين تاج جوئي وٽ پهتس؛ رات اتي ئي هياسين ته سائين لياقت سميت سمورا استاد اتي اچي گڏ ٿيا ۽ فيصلو ڪيو ويو ته سڀاڻي صبح جو حيدرآباد هاءِ ڪورٽ ۾ پڪي ضمانت ڪرائڻ لاءِ اسان جو ڪيس مامو يوسف لغاري وڙهندو. ائين ئي ٿيو صبح جو هاءِ ڪورٽ وڃي پهتاسين، سڀني کي انتظار هو ته ضمانت ٿئي ٿي الائي نه! مذاق مذاق ۾ ڪامريڊ يوسف لغاري اچي لياقت عزيز کي چيو ته جج صاحب توهان جي ضمانت رد ڪري ڇڏي آهي، توهان کي جيل جي هوا کائڻي پوندي. تنهن تي ٽهڪ ڏيندي لياقت چيو ته جيل جون هوائون اسان کي ڪجهه به نه ٿيون ڪري سگهن، جيل ۽ ٿاڻا اسان جي عزم کي ٽوڙي نه ٿا سگهن، نه وري جيل ۽ ٿاڻن کان ڊڄي ڪري پنهنجي جدوجهد تان هٿ کڻنداسين. جيڪڏهن سالن تائين به جيلن ۾ واڙيو ويو ته اهو به اسان کي قبول هوندو. ايتري ۾ يوسف لغاري چيو ته ڪا ڳالهه ناهي توهان جي ضمانت ۱۵ ڏينهن لاءِ ٿي چڪي آهي، ائين ئي ٿيو جو اتان گلن جا هار پائي جڏهن ٻاهر نڪتو ته سندس ڪنڌ هماليه جي چوٽين جيان اوچو نظر آيو. هي جدوجهد جو عڪس بڻيل ڪڏهن به نه جهڪيو. جڏهن ڏٺائين ته سنڌ جي استادن مٿان ڏکيا ڏينهن آيا آهن ته پاڻ نڪري نروار ٿي بيٺو هر دور ۾ پنهنجو پاڻ ملهائڻ، سختيون ۽ سور سهڻ، دولت ۽ حوس کي ڦٽو ڪري ڇڏڻ اهو ئي وڏ ماڻهپو هوندو آهي. ڇو ته ڪيترا ئي يونين ليڊر هن جي دور ۾ پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪري چڪا هئا. آمريت اڳيان ڪنڌ جهڪائي چڪا هئا پر هن ڪڏهن به ڪنڌ نه جهڪايو. پنهنجي استادن جي لاءِ سپلا تنظيم جيڪا جوڙيائين ان سان به ساٿ نڀايائين. سنڌ جي هر پورهيت تحريڪ سان ايترو ته اڳڀرو رهيو جو انهن جي ڏک سور ۾ هميشه لکندو به رهيو ته جدوجهد به ڪندو رهيو. نه رڳي اهو پر علمي، ادبي حوالي سان سنڌي ادبي سنگت جي سٿ سان به پنهنجو ناتو ڪڏهن نه ٽوڙيائين، پوءِ ڀلي نياز هجي يا تاج هجي هر وقت ۾ هر آمريتي دور ۾ پنهنجو ڪردار نڀايو. کوڙ ڀيرا سندس تنظيم مٿان بندشون به پيون، رنڊڪون به پيون، وقت جي آمرن ۽ حاڪمن مٿس سختيون به ڪيون، کيس جيل به ڀوڳڻا پيا، ڏک به برداشت ڪرڻا پيا پر پوءِ به هي شخص آڻ مڃڻ وارو نه هو. آريسر چواڻي هي ڇا ته شخص هو جو سدائين علم، ادب ۽ تحريڪ جي گفتگو هن جي لفظن ۾ هوندي هئي؛ هر وقت جدوجهد جو عڪس بڻيل رهيو ۽ ڪڏهن به لالچ جو شڪار نه ٿيو. کوڙ سارا غريب مسڪين ٻارڙا ڊاڪٽر، انجنيئر بڻايائين، انهن سمورن جي جيڪڏهن ڪهاڻي لکجي ته شايد ڪتاب ئي ڀرجي وڃن. هن هميشه قانوني طور تي جنگ وڙهي ۽ جنگ جي هر ميدان ۾ پنهنجي مخالفن کي مات ڏني. جڏهن ڪراچي هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪري استاد تنظيمن تي پابندي ۽ زوري ۽ جبري موڪل تي کيس روانو ڪرڻ جي سازش سٽي وئي ته انهن ڏينهن ۾ وزير تعليم سان به جهيڙو جوٽيائين، جيڪو آخري گهڙي تائين جاري رهيو. ان تان به هٿ نه کنيائين. جڏهن سڄي سنڌ اندر ضيائي آمريت سنڌ جي ڳوٺ ڳلي ۾ ڪاهي پئي هئي ته ان وقت به ۱۱ ڏينهن لاءِ هن ساهتي جي شهر موري کان ڪراچيءَ تائين لانگ مارچ ڪيائين ۽ بک هڙتال به ڪيائين. لياقت عزيز هميشه جدوجهد جي ميدان ۾ رهيو، ڪڏهن به هار نه مڃيائين. اهڙا ماڻهو هميشه ياد رکيا ويندا آهن. اڄ به ڏٺو وڃي ته سنڌ جي تعليم جيڪا تباهي جي ور چڙهيل آهي، ان جي آبياري لاءِ هن تمام گهڻيون ڪوششون ڪيون سندس خواب هو ته سڄي سنڌ اندر سنڌ جا تعليمي ادارا آباد هجن. سنڌ جي وستي واهڻ جتي غريبن ۽ مسڪينن جا معصوم ٻارڙا پيرين اگهاڙي تعليم پرائي رهيا آهن، اهي وڏا ٿي ڪري هن قوم جو مستقبل سنوارڻ ۾ ڪردار ادا ڪن، سندس اها ئي خواهش هئي ۽ انهيءَ خواهش جي ڪري کوڙ سارا تعليمي سيمينار، کوڙ ساريون تعليمي ڪانفرنسون، ڳوٺن توڙي ٻهراڙين ۾ وڃي ڪري استادن سان گڏجي ڪچهريون شروع ڪري ڏنيون هيون ته سنڌ جي تعليم کي ڪيئن معياري بڻائي سگهجي ٿو ۽ انهيءَ سڄي سٿ ۾ نياز کان وٺي تاج تائين راشد کان وٺي طالباڻي تائين سندس ڪوششون ڏاڍيون شانائتيون رهيون. تعليم جي واڌاري لاءِ هن اڻٿڪ جدوجهد ڪئي. نه رڳي تعليم جي واڌاري لاءِ پر سنڌ جي پورهيت طبقي لاءِ به جدوجهد ڪيائين ته جيئن اهو پاڻڀرو ٿي ڪري پنهنجا فيصلا پاڻ ڪري سگهي. هن هر آمريتي دور ۾ مهاڏو اٽڪايو، ڪڏهن به ماٺ ڪري نه ويٺو. لياقت جي ذهن ۾ اهو ئي خواب هو ته جيڪي سنڌ اندر هزارين اسڪول بند پيل آهن، اهي کليل هجن، جيڪي سنڌ اندر لکين ٻارڙا اسڪولن ۾ داخل ناهن، اهي اتي وڃي پنهنجو علمي اڀياس پورو ڪري سگهن. ان لاءِ هن توڙي سندس ساٿين شروع کان وٺي اها جستجو ۽ جدوجهد ڪئي. پ ٽ الف جو تنظيمي ڍانچو هجي يا سپلا جو سندس هٿن سان وجود هجي، ان جو مفهوم ۽ مقصد به اهو ئي هو ته سنڌ اندر جيڪي استاد ڀرتي ڪيا وڃن ٿا، اهي ميرٽ تي هئڻ گهرجن. جيڪي استاد تعليم جي ستياناس ڪرڻ ۾ ملوث آهن، انهن ڪارين رڍن کي نيڪالي ڏني وڃي ۽ جيڪي استاد روزانو پنهنجي اسڪولن ۾ وڃي ڪري پورهيتن جي ٻارڙن کي علم جي روشني ڏين ٿا، انهن کي اهي سموريون سهولتون ملڻ گهرجن، جهڙيءَ ريت ترقي يافته ملڪن ۾ استادن کي ۽ تعليمي ادارن کي هڪ مقصد سمجهيو ويندو آهي ته اهي ئي ادارا ۽ استاد پنهنجي قوم ۽ وطن جي خوشحاليءَ لاءِ ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. پر اڄ ڏٺو وڃي ته تعليمي ادارن جي اها صورتحال آهي جو سڄي سنڌ اندر اڄ به ۳۰ لک کان وڌيڪ ٻارڙا دربدري جي زندگي گهاري رهيا آهن ۽ علم جي روشني کان وانجهيل آهن. نه رڳي اهو پر هن جي دل ۾ اهو به درد هو ته هن ديس جي دردوند ماڻهن جو هر مسئلو بنيادي حق آهي ۽ اهي بنيادي حق رياست کي مهيا ڪري ڏيڻ گهرجن. لياقت عزيز جي جدوجهد هميشه ياد رکي ويندي. پروفيسر لياقت عزيز سندس وڇوڙو ۽ ساروڻيون حميده گهانگهرو پروفيسر لياقت عزيز جي وڇوڙي جي سوشل ميڊيا تي خبر ڄڻ ٻڌي ڪجهه گهڙين لاءِ خاموش ٿي وري سوچن جو سفر ذهن ۾ گونجڻ لڳو. اديب، دانشور، استاد، شاعر، سرگرم ليڪچرر سڄي زندگي استادن سان ٿيندڙ زيادتين ۽ انهن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ سڀني کي ساڻ وٺي هلڻ محبت ۽ ڀائيچاري جي فضا ۾ هلڻ وارو اڄ اکيون بند ڪري اڪيلو هليو ويو، بس زندگيءَ جي ابتدا ۽ انتها، ڄمڻ کان مرڻ فطرت جو دستور آهي، انهيءَ ڪري ڪجهه به چوڻ کان اڳ صرف ذهن تي اهي سڀ يادون تري آيون، زندگيءَ جو توڻي جو کڻي ۸۰ سالن جون يادون ڄڻ صدين جو سفر ۽ تاريخ جو هميشه لاءِ بابت هجي. لياقت عزيز ڏاهو ۽ تمام محنتي استاد هئو پر سندس شخصيت جو لڪل پهلو نظرياتي سوچ هئي جنهن کي هن قول ۽ فعل ۾ ظاهر ڪيو هن ڪڏهن به اهڙو تاثر نه ڏنو ته سندس تعلق ڪميونسٽ پارٽي سان آهي پر سندس ادبي ذخيرو سڀني کي اتساهيندڙ رويو هر نوجوان شاگرد توڻي هارين مزدورن سڃاڻ ڌرين، ادبي سنگت هر جاءِ تي پروفيسر لياقت عزيز ڄڻ سڀني لاءِ حوصلي جو سبب هجي، ڪافي غريب شاگرد هئا جن جي تعليم جو بندوبست ڪري انهن سڀني شاگردن کي هن ڪامياب منزل تي پهچايو، اڄ هو تمام وڏين سٺين پوسٽن تي آهن. تعليم جو ڄار وڇائڻ پروفيسر لياقت عزيز جو خواب هئو. سنڌ ۾ تعليمي ادارن جي نااهلي يا غير ذميوار استادن جي رويي تي ڪا به رعايت نه ڪندو هو ۽ استادن کي هميشه اهو چوڻ هوس ته پنهنجي پيشي ۽ ڪم کي سڃاڻو. استادن جي حقن لاءِ تمام گهڻو جاکوڙي رهيو، ڪنهن به استاد جي زيادتي تي خاموش نه ويهندو هو، حالانڪه سندس تعلق پروفيسرس ۽ ليڪچرارس ايسوسيئيشن جي سيڪريٽري طور سڃاتو ويندو هو پر سندس سوچ جون پاڙون پرائمري استادن جي جدوجهد سان واڳيل رهيون، هن هميشه مزاحمتي ڪردار طور هميشه ڪالم، مضمون لکيا، سندس لکيل ڪالمن جو مجموعو قومي غدار ۽ حساب ڪتاب ۱۹۹۷ع ۾ ڇپيو، قومي غدار ۽ سندس ڪالم غداري جي انهي لفظ کي فخر سان ظاهر ڪندي لکي ٿو ته جيڪڏهن ڪير پنهنجي قوم جي حقن لاءِ وڙهندي ناانصافيءَ جي اونداهه کي ختم ڪرڻ لاءِ غدار قرار ڏنو ٿو وڃي ته اهو قومي غدار ٿيڻ قبول ڪندو. انهيءَ ڪري پنهنجي زندگيءَ ۾ به جيڪي سختيون سزائون ڀوڳيائين قومي غدار جي حيثيت ۾ قبول ڪندي خوشي خوشي استادن جي اذيت هلندڙ تحريڪ کي به حوصلي سان نڀايائين.. مون کي ياد آهي استادن جي تحريڪ هلي پئي مان به پريس ڪلب پهتس، ڌرڻو لڳل سڄي سنڌ جا استاد پريس ڪلب اڳيان روڊ تي ويٺا هئا، سندن پرامن پر باهمٿ آواز گونجارجي پيو ته استادن جا حق ڏيو. هيءَ تحريڪ انهن استادن جي هئي، جنهن مهذب معاشري ۾ چيو ويندو آهي ته علم سان ئي معاشري جو سڌارو آڻي سگهجي ٿو. مهذب سماج جي سڃاڻپ علم ذريعي ئي ٿي سگهي ٿي. انسان جتي فرش کان عرش تي پهتو آهي ته انهيءَ سڄي محنت ۽ انسان کي باشعور ڪرڻ جو سهرو استاد کي حاصل آهي. اڄ اهي استاد روڊ تي ويهي پنهنجو حق گهرن پيا. مان به ڪافي دير تائين سندن جدوجهد جي سهڪار ۾ روڊ تي ويٺي رهيس. حالانڪه منهنجو تعلق پاڪستان اسٽيل جي ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ سان هو پر مان سمجهان ٿي قلم ۽ ڪاغذ، علم ۽ شعور ڪنهن ڊپارٽمينٽ جو محتاج ناهي. جيڪڏهن اهي استادن جا مسئلا آهن ته شايد منهنجي ٻار جي استاد جا مسئلا هجن ۽ منهنجي ٻار جو استاد روڊ تي ويهي ڪنن ۾ ڪپهه پيل حڪمرانن کي بلند آواز ۾ ٻڌائي ته پوءِ مان خاموش ڪيئن ٿي ويهي سگهان. استادن کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي رکيو ويو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سيشن ڪورٽ ۾ شنوائي هئي، مان ڪورٽ ۾ ويس، ڇا هي اهي استاد هئا جن جي علم سان اڄ عدالت جا جج به انصاف ڪرڻ جي ڪرسي تي ويٺا آهن ۽ هيءُ هڪ هڪ ٿي عدالت جي ڪٽهڙي ۾ بيهي ٻڌائين پيا ته اسين پنهنجو حق گهرون پيا. مان ڇا پئي ڪري سگهان صرف هن سماج جي ذميدارن جي بي حسي ۽ غيرانساني حرڪتن ۽ فيصلن تي ماتم ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه، يوسف لغاري صاحب تمام جهونو سياستدان، وڪيل ۽ ڪامريڊ طور سڃاتو ويندو آهي، سندن ڪيس جي پيروي ڪري رهيو هو ۽ آخر انصاف پلئه پيو ۽ استاد آزاد معاشري جي آزاد فضا ۾ ڪاميابيءَ سان هٿ مٿي ڪري ڪورٽ کان ٻاهر آيا، سندن چاهيندڙ ۽ احترام جي نگاهه سان جڏهن ڪيترا اديب، دانشور، وڪيل، استاد سياسي ورڪر ٻاهر گل ۽ مٺايون کنيو بيٺا هئا. مون اهو منظر پنهنجي اکين سان ڏٺو هو. جڏهن ته پروفيسر لياقت عزيز کي مون پهريون ڀيرو ان وقت ڏٺو، جڏهن منهنجي شادي نذير عباسي شهيد سان ۱۹۷۸-۲-۴ ۾ ٿي ۽ شاديءَ جي پهرين دعوت ٽنڊو محمد خان ۾ ادا لياقت عزيز جي گهر هئي. ٻار ننڍڙا هئس، سولنگين جو پاڙو هڪ ٻئي سان گهر مليل هئا، گهر ۾ ماني کائي ڪافي دير تائين ڪچهري ٿيندي رهي. ورانڊي ۾ ڪوئلا ٻاري هٿ سيڪيندا رهياسين ۽ گرم گرم نظرياتي ڪچهري کٽڻ جو نالو نه پئي ورتو. رات دير سان ٽنڊي محمد خان ۾ ئي استاد خادم جو گهر هئو، اسان جي رهڻ جو بندوبست اتي هئو. استاد خادم سان به ٿوري دعا سلام ڪري صبح سان ناشتي تي ڪچهري جو چئي موڪلايو، صبح سان اڃا اسين ننڊ مان اٿيا به نه هئاسين ته ادا لياقت عزيز استاد خادم جي گهر پهچي ويو، ناشتو سڀني گڏجي ڪيو، ڪافي ٻيا دوست ساٿي اچي ويا، نوجوان امير الدين قريشي ميڊيڪل ۾ پڙهي رهيو هو. امير الدين قريشي ڏاڍو ماٺيڻو ۽ محنتي شاگرد هئو ۽ ڊي ايس آر جو سرگرم ڪارڪن اڳتي هلي هو ڊاڪٽر ٿي ويو، جڏهن پاڪستان ۾ ڪميونسٽ پارٽي ڇڙوڇڙ ٿي وئي ته ڊاڪٽر اميرالدين قريشي ٻاهر هليو ويو پر ڪجهه سال اڳ خبر پئي ته امير الدين کي ڪا آفريڪا ۾ رهڻ ڪري بيماري ٿي ۽ هو به اسان کي ڇڏي هن دنيا کي الوداع ڪيو. ماضي جنهن لياقت عزيز جهڙا باڪردار حوصلامند جدوجهد سان واڳيل اهرا جرئت مند ساٿي پيدا ڪيا، جو گهرن ۾ ڪچهرين دوران ڪو رسمي رهڻ ڪرڻ نه بلڪ گهر جي فرد واري حيثيت ۾ جيڪو پڪو سو کاڌو ۽ جيڪا به تڪليف ڄڻ سڀني لاءِ هوندي هئي. ۱۹۸۴ ع ۾ مون جڏهن حيدرآباد بورڊ مان انٽر ڪرڻ چاهيو حالانڪه منهنجي لاءِ حالتون بلڪل سازگار نه هيون. نذير عباسي شهيد ٿي چڪو هو ۽ مان انڊر گرائونڊ هئس پر پڙهڻ ختم نه ڪيو. پيپر ڏيڻ لاءِ سينٽر نزهت ڪاليج ۾ هئو سندس گهر واري جيڪا خود ليڪچرار هئي، انهيءَ سينٽر تي ڊيوٽي هئس، ادا لياقت چيو ته ادي حميده جو خيال رکجو، ڇاڪاڻ ته سندس وارنٽ آهن ۽ ڪا گرفتاري وغيره نه ٿئي ۽ ٿيو به ايئن ته اتفاق سان آخري پيپر ۾ انٽيليجنس وارن کي خبر پئي ته مان اتي امتحان ڏئي رهي آهيان. ادا لياقت نياپو ڪيو ته پيپر ختم ٿيڻ کان پوءِ مان فورن گيٽ تي اچي وڃا ۽ ڪنهن محفوظ جاءِ تي هلي وڃان، بلڪل ايئن ٿيو مان ٻاهر نڪري هلي وڃڻ ۾ ته ڪامياب ٿي ويس پر جڏهن رزلٽ آيو ته ٻن پيپرن ۾ رزلٽ روڪيو ويو هو، مارڪ شيٽ وٺڻ لاءِ طالب لاشاري کي بورڊ آفيس موڪليو ويو ۽ طالب ٻڌايو ته توهان جي مارڪ شيٽ نه ملي بلڪه ڪنهن همدرد چيو فورن هليا وڃو. حميده گهانگهرو جا وارنٽ آهن اهو چيو ويو آهي ته هن جي اچڻ تي اسين کين اطلاع ڪيون، جيئن گرفتار ٿي سگهي. انهيءَ سڄي صورتحال جو گواهه خود طالب لاشاري آهي. مان ڪامريڊ صابر جيڪو ”ايس آر ٽي سي“ ۾ پارٽي جو ڪارڪن ساٿي امداد چانڊيو جو سهرو هو، اتي ترسيل هئس، مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو، مان وري ادا لياقت عزيز جي گهر وڃي چيو مون کي پڙهڻ جو شوق آهي ۽ ڪڏهن اهڙيون حالتون ٿينديون جو مان تعليم مڪمل ڪري سگهان. ادا لياقت عزيز تمام گهڻو حوصلو ڏنو ۽ چيائين ادي گهٻرايو نه توهان ضرور تعليم مڪمل ڪندا ۽ هڪ ڏينهن اسان جي استاد برادري جو حصو بڻجندا ۽ واقعي ۱۹۸۸ع کان پوءِ حيدرآباد مان مائگريشن سرٽيفڪيٽ وٺي ڪراچيءَ مان انٽر، بي اي ۽ بي ايڊ ڪئي. وري شاهه لطيف يونيورسٽي مان ”ايم اي آءِ آر“ فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪئي، مان اسٽيل ٽائون ۾ رهندي هئس، ادا لياقت عزيز ٽنڊي محمد خان مان منهنجي لاءِ اجرڪ وٺي مبارڪباد ڏيڻ آيو ۽ مسڪرائيندي چوڻ لڳو ٽنڊي محمد خان ۾ اجرڪ سٺا ٺهندا آهن، هي خاص طور مان توهان لاءِ ٺهرايو آهي. مان ٽائون شپ هفتا بازار مان مڇي ۽ پالڪ ساڳ وٺي آئي هيس، پچايو ته کائي چيائين اوهان جيتري سٺي پوزيشن ۾ پاس ٿيا آهيو ايترو سٺو ٻوڙ پچايو آهي. مان سوچيان ٿي ته انسان جي هن مختصر زندگيءَ جي ڪيتري وڏي ڪهاڻي آهي ڪڏهن افسانوي ته ڪڏهن مزاحمتي، ڪڏهن خوشين ته ڪڏهن غمن سان پر هر گهڙيءَ جي ياد تمام گهڻي ڪارائتي آهي. هن گوناگون زماني ۽ مشيني زندگيءَ ۾ هڪ ٻئي سان اهڙو رابطو ته نه رهيو جهڙو ماضي ۾ ڪميونسٽ ساٿين جو هڪ گهر ۽ فرد واري حيثيت ۾ هئو پر ڪڏهن به ايئن ناهي ٿيو ته اهي يادون اها جدوجهد جنهن جا عڪس اڄ به روشنيءَ جي ڪرڻي وانگر زندگيءَ ۾ سمايل آهن، جڏهن ڪير وڇڙي وڃي ٿو ته ڄڻ ماضي جي اجتماعي نظرياتي گهر جو هڪ فرد وڇڙي وڃي ٿو، وڇوڙي جي خبر ٻڌندي مون سندس پٽ کي فون ڪيو هن فورن وراڻيو آنٽي مان توهان کي چڱي طرح سڃاڻان ٿو، مون کي اهي لفظ ٻڌي اها خوشي ٿي ته اسان جا نظرياتي رشتا ڪيترا مضبوط هئا. وڇڙي وڃڻ کان پوءِ به وسريا ڪين هئا. بلڪل اهڙيءَ طرح اڄ درد دل ۾ چڀي ٿو پر پروفيسر لياقت عزيز پنهنجي جدوجهد، همٿ، حوصلي ۽ سچائيءَ سان هميشه زنده رهندو جيئن هن ساهه جي آخري گهڙيءَ تائين سوچ فڪر سان ناتو جوڙي رکيو. اڄ سڄي سنڌ سوڳوار آهي، استادن ٽن ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪيو آهي، دراصل اهو سوڳ نه پر اهو رشتو ناتو سچائي آهي جنهن لاءِ وڇوڙي کي قبول ڪرڻ جو حوصلو ملي، اميد آهي ته انهيءَ حوصلي سان سندس ساٿي هلندڙ جدوجهد جو سڳو ٽٽڻ نه ڏيندا. پروفيسر لياقت عزيز سولنگي سنڌ دوست ڪردار اعظم ڀٽي ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ جي ماڻهن سان محبت وارو رشتو ئي حقيقت ۾ ماڻهوءَ کي معتبر بڻائي ٿو. اهي فرد ئي تاريخ ۾ زنده رهندا آهن، جيڪي ڪجهه ڪري ويندا آهن، انهن فردن جي جاکوڙ تاريخ جي داستانن ۾ سماج جي بهترين اڏاوت جو بنيادي ڏاڪو تصور ڪئي ويندي آهي. جيڪي مختلف شعبن ۾ پنهنجو ڪردار نروار ڪري ويندا آهن. پروفيسر لياقت عزيز سولنگي جو نالو به انهن فردن ۾ شامل آهي، جيڪي وطن دوستيءَ جو حوالو به هئا ته جدوجهد ۽ تحريڪ جو نالو به. پروفيسر لياقت عزيز سولنگي ٽنڊو محمد خان ۾ ۹ جولاءِ ۱۹۴۹ع تي ڄائو، سندس والد جو نالو خميسو خان سولنگي آهي. ٽنڊو محمد خان مان ئي پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم حاصل ڪيائين. هو جڏهن اٺين درجي ۾ ميونسپل اسڪول ٽنڊو محمد خان ۾ پڙهندو هو ته هُن ميونسپل اسڪول کي هاءِ اسڪول جو درجو ڏيارڻ واري احتجاج ۾ شامل ٿي عملي جدوجهد واري زندگيءَ جي ميدان ۾ پير پاتو. ان احتجاج جي بدولت ميونسپل اسڪول ٽنڊو محمد خان کي هاءِ اسڪول جو درجو مليو، کيس تعليم سان چاهه ۽ لکڻ پڙهڻ لاءِ اتساهه سندس دوستن غلام نبي بهراڻي، زيب ڀٽي ۽ پرواني ڀٽي ڏياريو. لياقت عزيز سولنگي سنڌ جو سچار، بي ڊپو ۽ سياست جي ڄاڻ رکندڙ، دانشور، اديب، تعليمدان، سماج سڌارڪ، ٽريڊ يونينسٽ، سنڌ دوست فرد رهيو. هُن ٽريڊ يونين واري سياست جي شروعات فوجي شگر ملز ٽنڊو محمد خان جي مزدورن جي يونين قائم ڪري ان کان ڪئي. فوجي شگرملز ٽنڊو محمد خان جڏهن قائم ٿي ته ان ۾ صرف ٻاهريان ماڻهو ملازم طور ڀرتي ڪيا ويا. لياقت عزيز سولنگي ڪجهه دوستن سان گڏجي شگرملز ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيارڻ لاءِ احتجاجي تحريڪ هلائي. جنهن تحريڪ جي نتيجي ۾ ملز انتظاميه مقامي ماڻهن کان نوڪريءَ لاءِ درخواستون وصول ڪيون. ۳۵ ماڻهن درخواستون ڏنيون، جن سڀني کي ملز ۾ ملازمت ملي. حيرت جهڙي ڳالهه اها آهي ته انهن ۳۵ ملازمن ۾ هڪ به سنڌي شامل نه هو، پر اهي سڀ جا سڀ ٽنڊو محمد خان جا مقامي ماڻهو هئا. فوجي شگرملز يونين جي قيام بعد هن ٽالپر ٽيڪسٽائل ملز ٽنڊو محمد خان، ٻيڙي ورڪرز يونين، ٽانگا ورڪرز يونين جي قيام ۾ پڻ بنيادي ڪردار ادا ڪيو، جيڪي سموريون يونينون پاڪستان ورڪرز فيڊريشن سان سلهاڙيل هيون. پاڪستان ورڪرز فيڊريشن، ان وقت ڪميونسٽ پارٽيءَ جي پورهيت ونگ هئي، جنهن پورهيت ونگ جو مرڪزي صدر ٽنڊو محمد خان جو شميم واسطي پڻ رهيو. ۴ فيبروري ۱۹۷۸ع تي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي اڳواڻ شهيد نظير عباسي ۽ حميده گهانگهرو جي شادي ٿي هئي، تمام گهٽ ماڻهن کي اها خبر هوندي ته سندن شاديءَ جي خوشيءَ ۾ پهرين دعوت پروفيسر لياقت عزيز، ٽنڊو محمد خان ۾ ڪئي هئي. هن سنڌ يونيورسٽيءَ مان پوليٽيڪل سائنس ۾ ايم اي فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ پاس ڪئي. سنڌ يونيورسٽي مان ئي وڪالت جي ڊگري حاصل ڪيائين. ۱۹۷۲ع ۾ لياقت عزيز سولنگي ليڪچرار طور تعليم کاتي ۾ ڀرتي ٿيو. ۱۹۷۷ع کان وٺي هن ٽيهه سالن کان وڌيڪ عرصو حيدرآباد جي سچل سرمست آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج ۾ تعليمي خدمتون سرانجام ڏنيون. تعليمي خدمتن جي لحاظ کان هو جتي به رهيو، هن کي قوم جي شاگردن جي مستقبل جو وڏو اونو رهندو هو. ان حد تائين جو تعليم جي حصول خاطر هن پنهنجي اولاد سان به ڪا سوديبازي نه ڪئي ۽ کين پنهنجي مدد پاڻ تحت شفاف تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اُتساهيو. هن پوليٽيڪل سائنس تي ۸ تدريسي ڪتاب لکيا، جيڪي آر ايڇ احمد برادرس پاران ڇپائي پڌرا ڪيا ويا. لياقت عزيز سولنگي بهترين علم دوست، سماج سڌارڪ، دانشور، اديب ۽ ڪالم نويس هو. سندس ڪالمن جو هڪ مجموعو ”قومي غدار ۽ حساب ڪتاب“ نيو فيلڊس پبليڪيشن ۱۹۹۷ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو. جيڪي ڪالم هُن ”ڪُڇان ته ڪافر ٿيان“ جي عنوان سان مختلف سنڌي اخبارن ۾ لکيا. سندس قلم سنڌ جي مختلف سياسي، سماجي، طبقاتي، علمي، ثقافتي ۽ ادبي موضوعن تي هميشه متحرڪ رهيو. هو سنڌ پروفيسرس ۽ ليڪچرار ايسوسيئيشن (سپلا) جو باني ۽ مرڪزي جنرل سيڪريٽري پڻ رهيو. کيس ڪاليجي استادن جو هر مسئلو زباني ياد هوندو هو. اهو ئي سندس بهترين حافظي جو مثال هو. هن ڪاليجي استادن جي مسئلن جي حل لاءِ جنرل ضياءَ جي آمريت ۾ تحريڪ جو بنياد وڌو، جنهن دوران کيس ڪيترائي ڀيرا پابند سلاسل به ڪيو ويو. اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ ۾ هن جو ڪيترن ئي سٺن ۽ هڏ ڏوکي استادن سان واسطو رهيو، جن کي هو هميشه دل سان ياد ڪندو هو. انهن استادن مان ٽنڊي محمد خان جا بهترين استاد محمد عثمان ميمڻ صاحب ۽ سائين محمد اسحاق، سنڌ يونيورسٽيءَ جو سائين محمد عمر ميمڻ هالن وارو، محمد حسن ڀٽو ۽ خالد شهيد آخوند شامل آهن. پروفيسر لياقت عزيز سولنگي کي، سنڌي سفرنامن جي بادشاهه الطاف شيخ پنهنجي سفرنامي ”ايران ڏي اُڏار“ ۾ شاندار خراج تحسين سان ياد ڪيو آهي. ۱۹۹۴ع ۾ مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ شاگرد ڌرين جي جهيڙي ۾ ٻن شاگردن جي قتل تي سنڌي ادبي سنگت پاران قومي جرڳو ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ نورالهدى شاهه، پروفيسر عمر ميمڻ، پروفيسر لياقت عزيز سولنگي، يوسف لغاري وڪيل، ۽ تاج جويي تي مشتمل ڪميٽي جوڙي وئي، جنهن ڪميٽي سنڌ يونيورسٽي، مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلرن، لياقت ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپال، استادن، شاگردن، پوليس عملدارن ۽ لاڳاپيل فردن جا انٽرويو ڪري، تحقيقات بعد قاتل ظاهر ڪيا ۽ فيصلو ڪري، واسطيدار سياسي تنظيمن کي ڏوهاري قسم جي شاگردن خلاف سخت قدم کڻڻ جي لکت ۾ سفارش ڪئي. جڏھن به سنڌ جي ڪاليجي استادن جي تنظيم سِپلا جو ذڪر نڪرندو ته ان جي بانيڪار مان پروفيسر لياقت عزيز سولنگي جو نالو سرفهرست طور سُنهري لفظن سان ضرور ياد رکيو ويندو. هن پنهنجي ڪالمن وسيلي سنڌ جي مختلف مسئلن تي خاص طور تعليمي مامرن تي پنھنجو تجربو ۽ نقطه نظر تمام شاندار نموني پيش ڪيو. ڇاڪاڻ جو تنظيمي اڳواڻ طور تي سنڌ جي ڪاليجي استادن ۽ تعليم سان وابسته مسئلا بيان ڪرڻ جو وٽس سهڻو ڏانءُ هو. جڏھن به سِپلا جي تعليم کاتي جي عملدارن سان مسئلن جي حل لاءِ گڏجاڻيون ٿينديون ھيون ته سِپلا جو وفد پروفيسر لياقت عزيز سولنگيءَ کان سوا اڌورو ۽ اڻپورو تصور ڪيو ويندو ھو. هو رواني سان سنڌي، اردو ۽ انگريزي ڳالھائيندڙ هو، تنهنڪري هو ٽيبل ٽاڪس جو پڻ وڏو ماھر سمجهيو ويندو ھو. سِپلا سان سندس محبت جي ڪري کيس وڏيون تڪليفون پڻ برداشت ڪرڻيون پيون. پروفيسر لياقت عزيز هڪ سُٺو مقرر پڻ رهيو، هُن وٽ ماڻهن کي سمجهائڻ ۽ قائل ڪرڻ جو فن به بيمثال هو، هن نه رڳو وطن دوستي وارو شاندار ڪرادار ادا ڪيو پر هن چاليهه سالن تائين سنڌي ٻولي، علم ۽ ادب جي خدمت ڪئي. هو ادارن جو اڏيندڙ پڻ هو. انسٽيٽيوٽ آف سنڌ افيئرز جو بانيڪار هو. هن ٽنڊو محمد خان ۾ گرلز ڪاليج جي قيام لاءِ اهم ۽ بنيادي ڪردار ادا ڪيو. ان ئي گرلز ڪاليج کي ڊگري ڪاليج جو درجو ڏيارڻ لاءِ اڳيان اڳيان رهيو، جنهن خدمتن جي بدولت کيس ڪيترائي ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ مليا. پروفيسر لياقت عزيز سولنگي تعليم کاتي مان ۱۹ هين گريڊ ۾ ريٽائرمينٽ ورتي، ريٽائرمينٽ کانپوءِ به هن لکڻ ۽ پڙهڻ سان پنهنجو ناتو ڳنڍي رکيو. عمر جي آخري عرصي ۾ هو دماغي بيماري سبب ڇهه سال سخت علالت ۾ رهڻ بعد ۳۰ سيپٽمبر ۲۰۱۸ع تي ڪراچي جي لياقت نيشنل اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سنڌ جي هن وطن دوست ۽ جاکوڙي ڪردار جون کوڙ ساريون لکڻيون وکريل آهن، جن کي نه رڳو سهيڙڻ جي سخت ضرورت آهي پر هن جي خدمتن جي مڃتا طور سندس ڪردار، فن ۽ شخصيت بابت ڪم ڪرڻ جي ضرورت به آهي، جنهن ۾ سپلا اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي ته جيئن هن جي شاندار ۽ مثبت ڪردار کي ايندڙ نسلن جي ڄاڻ لاءِ تاريخ ۾ محفوظ ڪري سگهجي. (ڏيھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ٽيھين سيپٽمبر ۲۰۲۰ع تي، ورسيءَ جي مناسبت سان ڇپيل) پروفيسر لياقت عزيز سولنگي فن ۽ شخصيت اعظم ڀٽي دل چوي ٿي ته هڪ ڪتاب “پروفيسر لياقت عزيز سولنگي- فن ۽ شخصيت” تي ڪم ڪجي، سندس ذاتي، سماجي ۽ سياسي زندگيءّ، علمي، ادبي تحرڪ، سماجي ڪمن، تعليمي خدمتن، سپلا سميت استادن تنظيمن ۾ سندس ادا ڪيل ڪردار کي تاريخي دستاويز طور هميشه لاء محفوظ ڪجي. هڪڙي پۡراڻي دوست امام علي ڏيٿي جي ان راء مۡنجهائي وڌو آهي، جنهن رايي ۾ هن لکيو ته “ سائين لياقت جي انتقال کانپوء مون تعليم تي نڪرندڙ پنهنجي ٽين اک مئگزين لاء سائين لياقت عزيز تي مضمون ڇاپڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن لاء سپلا جي اڪثر اڳواڻن کي چئي چئي ٿڪجي پيس پر ڪنهن به جوان جي پٽ پنهنجي اڳواڻ تي لکڻ گوارا نه ڪيو، ڪجهه اڳواڻن وٽ ذاتي طور هلي به ويس، آخرڪار سائين انتظار جي مشوري تي سائين قادر بخش طالباڻي صاحب کي عرض رکيم جنهن وقت سر مضمون لکي ڏنو جيڪو مون ڇپيو. (نوٽ: هتي انهن اڳواڻن جا نالا لکي کين پريشان ڪرڻ نه ٿو چاهيان) پر ان تي نهايت افسوس آهي. “اهڙي صورتحال ۾ آخر ڇا ڪجي؟ وري به پروفيسر لياقت عزيز سولنگي جي ويجهن دوستن، سپلا اڳواڻن، اديبن، دانشورن، صحافين، پروفيسر لياقت عزيز سولنگي جي فرزند ڊاڪٽر جمال ناصر سولنگي، پروفيسر صاحب جي نياڻيءَ نازيه سولنگي سان مۡشاورتي طور رۡجوع ڪندي، واجهائڻ جو جوکو کڻڻ لاء تيار به آهيان. ڇاڪاڻ جو هڪ پڙهيل لکيل مانائتي دوست جي هن راء منهنجي ذهن ۽ دل ۾ هڪ چئلينج واري صورتحال برپا ڪري وڌي آهي، جنهن رايي ۾ هۡو لکي ٿو ته: “سائين لياقت وڏين صلاحيتن وارو ماڻهو هيو، پر سائين جن جي پوري زندگي صرف نوڪري ۽ نوڪري سان لاڳاپيل مسئلن ۽ يونين جي سياست تائين محدود رهي، الائي ڇو سنڌي سماج ۾ جيئري توڙي مئي پڄاڻان سچ نٿو ڳالهايو وڃي. ۽ خاص ڪري مرڻ واري ماڻهو متعلق ته منصفاڻو تاريخي سماجي سچ اصل نٿو ڳالهايو وڃي، آئون ڪليئر ٿو چوان ته سائين لياقت منهنجو به ذاتي دوست هيو پر سنڌ، سنڌي قوم ۽ قومي تحرڪ سان، يا انساني درد سان، عملي طور سائين جو ڪو تعلق، ڪا جدوجهد نه رهي، سائين جو سڄو فوڪس سپلا جي مفادن جي سياست رهي ۽ بس! باقي سندس هر هڪ علمي ادبي لکڻي ضرور تاريخ ۾ پنهنجي جاء والاريندي!” ٻئي طرف هڪ سينيئر صحافي جا اهي لفظ مون لاء اۡتساهه جو هڪ الڳ جهان جوڙين ٿا، جنهن ۾ هۡن لکيو ته “ سائين لياقت عزيز يگانو سند دوست ھيو. اھڙا ڪردار ھاڻ تہ مشڪل سان پسي سگھجن ٿا!” اهڙي صورتحال ۾ جديد ٽيڪنالاجيءّ جي دور ۾ عالمي اوطاق جي توسط سان سنڌ جي پڙهيل، لکيل ۽ سۡلجهيل طبقي جي مشورن، مڪمل ساٿ ۽ سهڪار جي اميد رکي، اهو عرض ٿو رکان ته پروفيسر لياقت عزيز سولنگي جي ايندڙ پنجين ورسيءّ تقريب ۾ اسان سڀ گڏجي، ڇا ان ڪتاب جي رونمائي نٿا ڪري سگهون؟ جنهن ڪتاب جو نالو “پروفيسر لياقت عزيز سولنگي- فن ۽ شخصيت” هجي!! مونکي خبر ناهي ته ڪيترا هٿ مواد جي دستيابي کان وٺي ڪتاب جي تياري ۽ ڇپائي تائين، مڪمل سهڪار جا گۡل ارپيندا؟ پر فقيري حال سارو پاڻ ککر ۾ کڙو هڻڻ جي شروعات ڪري چڪا آهيون، ڏسون ته ڪاميابيءّ يا ناڪاميءّ جا لمحا ڪٿي ۽ ڪيسيتائين ٿا پهچائين! “ مرد تنهنجي ڪا وڃي، باقي دنيا ۾ ڳالهه رهندي. “ جي مصداق ڏسون ٿا اها ننڍڙي ڪوشش ڪٿي ٿي پهچي دنگ ڪري، ان لحاظ کان ڄاڻايل موضوع سان سلهاڙيل سڀني باشعور ۽ ساڃاهه وند دوستن جي صلاح مشورن ۽ قيمتي راين جو شدت سان منتظر رهبو. ڇا اسان سڀ گڏجي هڪڙي مخصوص دور جون يادگيريون، ساروڻيون، واقعا، ڏۡک، سۡور، توڙي فخر لائق لمحا ۽ تاريخ جو هڪ ننڍڙو باب دستاويز جي صورت ۾ محفوظ نٿا ڪري سگهون!؟ وڙائتي ورنديءَ جو منتظر: اعظم ڀٽي پير محلا لڳ ٽيليفون ايڪسچينج ٽنڊو محمد خان رابطو: ۰۳۳۳۲۸۰۷۱۱۰ پروفيسر لياقت عزيز سپلا جو باني اڳواڻ ابراھيم لاشاري پنھنجي ڌرتيءّ صدين کان وٺي علم ادب جو گھر رھندي آئي آھي، پنھنجي ھن سۡونھن ڀري سر زمين جو ڪو بہ شھر، وستي ۽ واھڻ ڪنھن بہ ادبي صفت کان خالي ناھي، لاڙ واري علائقي ٽنڊو محمد خان جي مير محلي جي غريب پورھيت خميسو خان سولنگي کي اھا سۡڌ نہ ھئي تہ منھنجي گھر جي اڱڻ تي جنم وٺندڙ پۡٽ اڳتي ھلي، علمي ، ادبي شخصيت ۽ استادن جي تنظيم جو باني اڳواڻ بڻجي منھنجو ۽ پنھنجي ڌرتيءّ جو نالو روشن ڪندو، محترم خميسو خان سولنگي لاء اھا گھڙي نھايت خوشين ڀري ھئي ته ۲۴ آڪٽومبر ۱۹۴۸ع تي آچر ڏينھن ھڪ حسين جميل فرزند سندس گھر ۾ جنم ورتو، جنھن جي ڇٽيءّ جو نالو لياقت عزيز سولنگي رکيو ويو، پاڻ جڏھن پڙھڻ واري وھيءّ ۾ پھتو تہ سندس والدين کيس ٽنڊو محمد خان جي مين پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو، جتان ھن ذھين لياقت عزيز وڏي لياقت سان پنج درجا پاس ڪيا، پاڻ مئٽرڪ ۽ انٽر جون ڊگريون بہ ٽنڊو محمد خان جي اسڪولن منجھان ئي حاصل ڪيائين. لياقت عزيز سولنگي وڌيڪ تعليم جي حاصلات لاء سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي پوليٽڪل سائنس ۾ ڪري، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري، درس و تدريس واري شعبي سان سلھاڙجي، تعليم کاتي ۾ پوليٽيڪل سائنس جو ليڪچرار مقرر ٿيو. لياقت عزيز صاحب کي ٻالڪپڻ کان وٺي لکڻ پڙھڻ سان گھري دلچسپي ھوندي ھئي، پاڻ جواني وراي زماني کان وٺي مرڻ گھڙي تائين پنھنجي ڏات ۽ قلم جي نب سان سنڌي ادب کي آسودو ڪندي، ڪڏھن بہ نہ ٿڪو، پاڻ روزاني خادم وطن، روزاني عوامي آواز، روزاني ڪاوش اخبار کان سواء ڪيترن ئي رسالن ۽ ميگزين منجھ مختلف موضوعن تي نھايت ئي ڪارائتا ۽ وقتائتا مضمون ۽ ڪالم لکي، پنھنجو نالو نروار ڪيو. لياقت عزيز سولنگي استادن جي حقن جي حاصلات جي فڪر ۾ سنڌ پروفيسر اينڊ ليڪچررس ايسوسيئيشن (سپلا) جو پنهنجي دوستن سان گڏجي پايو وڌو. پاڻ ان ئي تنظيم جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري جي اھم عھدي تي بھادري ۽ ايمانداري سان پنهنجا فرض سرانجام ڏيندو رھيو، لياقت عزيز جو شمار ھڪ مفڪر، تعليمدان، ليکڪ، اديب ۽ پروفيسر طور سماج ۾ اڀريو ۽ اڄ ڏينھن تائين سندس نالو تاريخ جي ورقن ۾ زندہ آھي. لياقت عزيز پنھنجي حلقن ۾ سماجي خدمتن طور پڻ مشھوري ماڻي، پاڻ ھميشہ غريبن، يتمن ۽ بي سھارن جو سھارو بڻيو. پنھنجي علائقي ۾ سنڌي ثقافت جو اھڃاڻ اجرڪ، رلي جي ھنري فن لاء ڪيترائي سيمينار ۽ ورڪشاپ ڪرائي، ثقافتي ورثي جي واڌ ويجھ لاء نھايت ئي بھترين اپاءۡ ورتا. پاڻ مسلسل ۳۰ سالن تائين حيدرآباد جي سچل آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج ۾ پوليٽيڪل سائنس جي پروفيسر طور نھايت ايمانداري سان خدمتون سرانجام ڏيڻ ۾ ڪڏھن بہ نہ ڪيٻايائين. پاڻ انھيءّ ڪاليج منجھان رٽائر ٿيڻ بعد ڪۡل وقتي علمي ادبي پورھيي سان لاڳاپل رھيو، سندس علمي ادبي پورھيي جي حوالي طور سندس ڪتاب “قومي غدار ۽ حساب ڪتاب” پڻ ڇپيل آھي. جيڪو ڪتاب علمي ادبي حلقن م نھايت ڪارائتي اھميت رکي ٿو. لياقت عزيز سولنگي قانون جي ڊگري ايل ايل بي پڻ حاصل ڪئي. هۡو ھڪ بھادر، ايماندار اڳواڻ ۽ بي ڊپو اديب رھيو، پاڻ زندگي جي آخري حصي ۾ دماغ جي بيماري ۾ مبتلا ٿي پيو، سندس ذھين پٽ ۽ نماڻين نياڻيڻ کيس ترت علاج واسطي ڪراچي جي لياقت نيشنل اسپتال ۾ داخل ڪرايو، جتي ۳۰ سيپٽمبر ۲۰۱۸ع تي ھن عظيم انسان کان دماغي بيماري جيئڻ جو حق کسي ورتو. پاڻ ھڪ پۡٽ ڊاڪٽر جمال ناصر سولنگي، پروفيسر نازيہ عزيز، ڊاڪٽر شازيہ عزيز، سمورن گھر وارن سميت سوين ليڪچرارن، پروفيسرن، اديب دوستن کان ۶۹ سال ۹ مھينا ۶ ڏينھن زندگيءّ جا پل گذاري، ھميشہ لاء وڇڙي ويو. سندس جدجهد جي علامت بڻيل تاريخي ڪردار ھميشہ ياد رھندو، لياقت عزيز سولنگي جي مڙھ کي سندس ٽنڊو محمد خان جي اباڻي قبرستان “برھان شاھه” ۾ پنھنجي گھر واريءّ جي قبر ڀرسان مٽي ماء حوالي ڪيو ويو.
ناد وارو امر لغاري ۽ ڪردار عبدالله نظاماڻي مان جڏهن اماوس رات ۾ ادب جي آسمان تي نظر وجهندو آهيان ته چمڪندڙ تارن ۾ هڪ روشن تارو ڪهاڻيڪار امر لغاري به لڳندو آهي. سندس ڪهاڻيون اڪثر ڪري سنڌي ادبي سنگت جي دستوري گڏجاڻين ۾ ٻڌندو رهندو آهيان. منهنجي هٿ ۾ امر لغاري جو ڪتاب “ناد وارو” آهي. جيڪو آڪٽوبر ۲۰۱۵ع ۾ ڪاڇو پبليڪيشن ڪراچي طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو. هن ڪتاب ۾ ڪل سترهن ڪهاڻيون آهن. هن ڪتاب جو مهاڳ منوج ڪمار ۽ بيڪ ٽائيٽل منظور ملاح جو لکيل آهي. ڪتاب جي ٽائيٽل ڪهاڻي “نادوارو” آهي. جيڪا سماج ۾ معاشي تبديلي کي ظاهر ڪري ٿي. هن ڪهاڻي ۾ احمد جو مرڪزي ڪردار آهي، جيڪو ڍڳن جا کر ۽ گهوڙن سنب ڇلي، روزي ڪمائي ٿو. معاشري ۾ تبديلي ايندي رهي ٿي پر احمد کي ڪل ئي نه ٿي پوي. ڍڳن جي جاء تي ٽريڪٽر، ٽانگن جي جاء تي رڪشا اچي وڃن ٿا پر احمد انهي ڌنڌي ۾ رڌل. احمد کي تڏهن خبر پوي ٿي جڏهن سماج تبديل ٿي وڃي ٿو. هن وٽ ڪرڻ لاءِ ڪجهه به نه ٿو رهي، بس رهي ٿي، پريشاني، مايوسي ۽ لڙڪ. جيڪو ڪهاڻيءَ جي پڇاڙي ۾ محسوس ڪري سگهجي ٿو. “جوڻس ۽ وڏي ڌي پريشاني منجهان روئڻ لڳيون. ننڍڙي مومل به پريشان ٿي وئي ته آخر گهر ڀاتين ٿيو ڇا هي!!؟ جو سڀ پيا روئين. هو هلڪڙا هلڪڙا قدم کڻندي، پڻس وٽ پهتي. پنهنجو ننڍڙو هٿ وڍيل مڇين ٿي رکيائين. جيڪي هن کي عجيب پراسرار پئي لڳيون. احمد جيئن مومل جي آڱرين جي ڇهاءَ کي محسوس ڪيائين ته کڻي ڇاتي سان لاتائينس. مومل جي منهن ۾ تڪيندي بس ايترو چيائين. “امان تون هلي کيڏ، الله ڀلي ڪندو. بابهين کي ڪجهه ناهي ٿيو، بس هن پاڻ کي تبديل ڪرڻ ۾ ڪجهه دير ڪري ڇڏي آهي. هي انهي ڪوتاهي جا لڙڪ آهن.” هي ڪهاڻي رڳو پيغام نٿي ڇڏي پر انهي ڌنڌي ۽ ناد کي به امر ڪري ڇڏيو آهي. جنهن جي نئين نسل کي شايد ئي خبر هجي. احمد جو منفرد ڪردار هن ڪهاڻيءَ جو ماحول وڌيڪ سگهارو ڪري ٿو. هن ڪتاب جي ٻي ڪهاڻي “فوجيءَ جي ڏاڙهيءَ ۾ ڪک ڪيئن ڦاٿو” جي عنوان سان آهي. هي ڪهاڻي سماج ۾ ٿيندڙ عورتن سان ظلم کي وائکو ڪري ٿي. اهڙيون عورتون جيڪي ورهين تائين انتظار ڪن ٿيون ۽ گڏيل خاندان ۾ رهن ٿيون. جنهن جا مرد پري ڪم تي ويل هجن ۽ گهر ۾ جوان ڀائر ڇڏي وڃن ۽ سس جو رويو به ٺيڪ نه هجي، جيڪي پنهنجن جي هٿان ئي جنسي حوس جو شڪار ٿين جبر ۽ ڏاڍ برداشت ڪن ۽ مارجي وڃن. هي ڪهاڻي به هڪ اهڙي عورت جي عڪاسي ڪري ٿي. ڪهاڻيءَ ۾ مرڪزي ڪردار مارل جو آهي. جيڪا گهر جي ڪم ڪار کان ويندي، مال جو واڙ به هوءَ سنڀالي ٿي. سڄو بار مارل جي مٿان اهو سندس مڙس جو پهريون ۽ آخري سبق هو. سهري جي مرڻ کان پوءِ گهر جو ڌڻي وڏو ڏير. مارل جيڪو ڪم ڪري، ڏير اڳيان اڳيان. پوءِ ته ڏير مڙس ٿي ويهي رهيو. هوءَ مڙس، سس ۽ وڏي ڏير جي ظلم هيٺ. هڪ ڊائلاگ آهي؛ “ابا مارينس ته نه پاڙو ڇا چوندو.؟؟” جنهن سماج ۾ پٽ پيارا هوندا آهن. ننهن کي ڌي نه سمجھيو وڃي. اهڙي سماج ۾ مارل جهڙا ڪردار ظلم جي ور چڙهي ويندا آهن. مارل جهڙيون ناريون ماءُ سان پنهنجو حال اورينديون آهن ته هوءَ به خاموش رهڻ جي تاڪيد ڪنديون آهن. انهن کي خوف هوندو آهي. ٻن خاندانن جي ٽٽڻ جو، مردن جي مرڻ جو. مارل جهڙي ناري روز جيئي ۽ روز مري. هوءَ روز جنسي حوس جو شڪار ٿئي ٿي. جيڪو هن ڊائلاگ ۾ محسوس ڪري سگهجي ٿو. “پوءِ انڌي رک نٿي ڪرين؟؟” هڪڙي زائفان ڄاڻندي به ڇيڙڻ چاهيس. “اڙي ڪو وقت ويلو هجي ته رک ڪيان!!” شادي ٿيڻ کان پوءِ مارل جون خوشيون ختم ٿي ويون هيون پر ٻارن به خوشي ڪو نه ڏٺي. جيڪو انهن لفظن مان ظاهر ٿئي ٿو. “جوڻس پاڪي کنيل مٿو ڏسي هڪ لڱي سوچ ۾ پئجي وئي. جيئن جيئن ٿي ٻارن پيءُ کي ڏٺو. تيئن تيئن ٿي کل ڇٽن. پهريون ڀيرو ٻار پيءُ کي ڏسي ايترو کليا هئا. ائين لڳو ڄڻ صدين کان پوءِ سندس گهر ۾ ڄڻ خوشي موٽي هئي.” هن ڪهاڻيءَ ۾ ليکڪ ڏيکاريو آهي ته اها عورت گهرجي ڪم ڪار کان ويندي، مال کي به سنڀالي ٿي، جنسي حوس جو شڪار به ٿئي ٿي. موٽ ۾ ملي ٿي، مار، دڙڪا ۽ رسوائي. هوءَ مڙس هٿان قتل ٿي وڃي ٿي. فوجي ڳجهن ادارن جو فائدو وٺندي، مولوي ۽ پوليس سان ملي ڪري، قتل کي خودڪشي ڏيکارڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿو. ڪهاڻي جي پڇاڙيء ۾ فوجي کي اڌ فٽ جي ڏاڙهي ڏيکاريل آهي. جنهن ۾ پاڙيوارن کي هر وقت ڏاڙهيءَ ۾ ڪک ڦاٿل نظر اچي ٿو. اهو علامتي ڪک مارل جي قتل جي يادگيري ڏياري ٿو. ليکڪ هن ڪهاڻي ۾ ڪردارن کان ويندي موضوع سان خوب نڀاءُ ڪيو آهي. ٻولي جي خوبصورتي ڪهاڻيءَ کي وڌيڪ سهڻو بنائي ٿي. هن ڪتاب ٽيئن ڪهاڻي “گهڙي سوا جي انارڪلي” جي عنوان سان آهي. هيءَ ڪهاڻي فرسٽ پرسن ۾ لکيل آهي. هي ڪهاڻي ان ڪردار جي آهي، جيڪو پاڻ پنهنجي ڪهاڻي بيان ڪري ٿو. اهو ڪردار گرم ساهن جي موسيقي ۽لذت مان اسريل آهي. هو هڪ ٻئي وجود سان جڙيل آهي. ٻاهر جيڪو وهي واپري ٿو. انهي کي ليکڪ سهڻي انداز سان پيش ڪيو آهي. هن جو ميزبان جنهن جو پارٽنر جيڪي حرڪتون ڪري ٿو، هن کي ان تي ڪاوڙ اچي ٿي ۽ هو پاڻ کي هڪ عذاب ۾ محسوس ڪري ٿو. هو جڏهن مرداڻي نالن تي بحث ڪن ٿا ته اهي هن کي نٿا وڻن. هي ڪهاڻي انهن روين کي ظاهر ڪري ٿي. جنهن ۾ اسان جو سماج ڌيءُ جي اولاد کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. جيڪڏهن پارٽنر نالن تي ڳالهائين ته به اهي مرداڻا جيڪڏهن همراه ڀاڄائي سان ڳالهائي ته ڪردار کي مذڪر ڪري پيش ڪري. مطلب ته گنجائش صرف پٽ لاءِ آهي. ڪهاڻي جي اينڊ ۾ هوءَ قتل ڪئي وڃي ٿي. هو بيان ڪري ٿو. “پوءِ ڪنهن مهل ميزبان جي وجود جي نيم بيهوشيءَ واري صورتحال ۾ پاڻ کي ٿوهر جي هٿن ۾ محسوس ڪيو. مونکي ڏسندي، هن جا ڀرون تاڻجي ويا. هن جي آڱرين ۾ سختي اچي وئي. مون پل کن لاءِ نئين ماحول کي محسوس ڪيو پر پوءِ ساهه ۾ گهٽ محسوس ڪئي. ٿوهر جي ڪنڊن جهڙا هٿ منهنجي ڳچي ۾ کپي ويا پوءِ هن جي منهن تي ڪاوڙ، ملال ۽ ٻيون ڪيئي تلخيون آڏيري ول جيئن پکڙجنديون پئي ويون. مون ته دنيا ۾ اچي اڃا پهرين رڙ به نه ڪئي ته ڪو منهنجي پتڪڙن چپن تي مرڪ به نه ڏسي سگهيو. افسوس دنيا ۾ مونکي ڏهن منٽن لاءِ به نه سٺوويو. !!” هي ڪهاڻي انهن روين جي اپٽار ڪري ٿي، جيڪي ڇوڪريءَ يا عورت کي برداشت نه ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. ڪهاڻي سهڻين تشبيهن سان همڪنار آهي. جيڪا ڳالهه ڪهاڻيءَ کي اثرائتو ۽ خوبصورت بنائي ٿي. هر ڪنهن وڌي، ڪونج کي هٿن ۾ کڻي، ان جي ڳچيءَ، پرن ۽ ڪنڌ کي پيار وچان چميون ڏنيون، ڪو به اهڙو نه هو، ائين ڪونج کي پري کان ڏسي سکڻو موٽي وڃي ها. هر ڪنهن ائين چميو ٿي. ڄڻ ته ڪونج نه پر بيحد پيارو ۽ مصعوم ٻارڙو هو جو مائٽن کان وڇڙي وري لڀي پيو هو. مٿيون سٽون ڪتاب جي چوٿين ڪهاڻي “ڪونج” مان ورتل آهن. هي ڪهاڻي پنهنجي موضوع جي لحاظ کان هڪ ڀلوڙ ڪهاڻي آهي. ڪهاڻيءَ جو مرڪزي ڪردار پريل جو آھي. جيڪو هڪ شڪاري آھي. جنهن سڄي عمر مصعوم پکين جا ساھ نپوڙي ڪڍيا آھن. ھن کي ڪو به پڇتاء نه آھي. جنهن جو اندازو هن مڪالمن مان ڪري سگھجي ٿو. “تو واري ڀيڻ آھي نه صبحي، خبر اٿئي ڇا ٿي چوي؟ چوي ٿي تو سڄي عمر پرايا ساھ ورتا آھن، گگدامن جو وارو وريو آھي.” “ڀلاءِ کانئس پڇ شڪار ڪرڻ کان خدا ڪو جھليو آهي ڇا؟ آڙي تتر يا ڪنهن تلور جي جان وٺڻ سان ماڻھن جا ٻار مرن ها ته اڄ اسان سڀ بي اولاد ھجون ها!” هنکي ٿريشر جي، زون زون ڳيرن جي گھو گھو من ماندو ٿئي ڪيو. هن جي اندر جي شڪاري کي جڳايو ٿئي. ڪهاڻيءَ ۾ شڪاري ڪيئن نه منصوبا بندي سان شڪار ڏانهن وڌي ٿو ۽ پنهنجو شڪار ڪري ٿو. ان کي ليکڪ سهڻي انداز سان پش ڪيو آھي. هو جڏهن زخمي ڪونج کي گھر کڻي اچي ٿو ته ماڻهن جو ميڙ گھر ۾ گڏ ٿي وڃي ٿو. جڏهن هو ڪونج کي حلال ڪري ٿو ته ماڻهو نفرت ڀريل نگاهن سان ڏانهنس ڏسن ٿا. هن کي ڪونج تي ڪو به رحم نٿو اچي. ڪهاڻيءَ جي ٽريٽمنٽ اهڙي آھي جو ليکڪ قاريءَ کي گڏ وٺي هلي ٿو. ڪھاڻيءَ جي ٻولي، ماحول ۽ منظر نگاري مطلب ته هر لحاظ کان ڪهاڻي ڀرپور اثر ڇڏي ٿي. هن ڪتاب جي پنجين ڪهاڻي “اڀ ۾ رڙيون“ هڪ خوبصورت ڪهاڻي آهي. هي ڪهاڻي چوٽياريون ڊيم کان پوءِ جيڪا مکي جي علائقي ۾ ماحولياتي تباهي آئي، انهي کي ليکڪ سهڻي انداز سان پيش ڪيو آهي. هڪ مڪالمي ۾ ليکڪ هن طرح بيان ڪري ٿو. “ تنهنجي بابي جي يادگيريء ۾ اتي هنج لهندا هئا پر اها تڏهن جي ڳالهه آهي، جڏهن هنن ڍنڍن ۾ تازو پاڻي وهندو هو ۽ چوڌاري لڪ هوندي هئي. انهن ۾ گٽر ڪو نه وهندا هئا، نه ماڻهن جا گونهن، نه ڪارخانن جا زهر شامل هوندا هئا نه فصلن جا!! هي ڪهاڻي نه رڳو مکيءَ جي تباهي کي بيان ڪري ٿي پر سنڌ ۾ جيڪا ماحولياتي تباهي اچي پئي. ان کي ليکڪ سهڻي انداز سان پيش ڪيو آهي. اهو درد اسان هيٺئين مڪالمي مان محسوس ڪري سگهون ٿا. “پکي، جانور، مڇيون ۽ ماڻهو هڪڙو ڪٽنب اٿئي پٽ” ڪاڪي مرگهه هوڙهي کي رڇن ڏانهن هاڪاريندي چيو؛ “ڍنڍون، درياءَ ۽ سمنڊ انهن جا گهرو وسيلا آهن. جي تباهيءَ جي ور چڙهي ويا ته گهر ڀاتين کي به ڪير ڪو نه بچائي سگهندو. اهي مري ويندا، ختم ٿي ويندا. اها ڳالهه سڀني کي سمجھه ۾ اچڻ کپي. تو مون سڀني کي.” ھن ڪهاڻيءَ ۾ ماحول جي تباهي جو ذميوار ماحولياتي تنظمين، مختلف اين جي اوز ۽ شهري ماڻهن کي قرار ڏي ٿو ۽ انهن جي قول ۽ فعل کي ليکڪ وائکو ڪيو آهي ۽ انهن تي هن ڪهاڻيءَ ۾ سٺي تنقيد ڪيل آهي. ليکڪ هن مڪالمي ۾ انهن جو اڇو منهن ڪيو آهي. “انهن ويچارن کي هتي جي وڻن، جانور ۽ پکين کي بچائڻ جو وڏو اونو آهي. هي هتان جو پاڻي نٿا پين پر جن پکين جانورن کي بچائڻ نڪتا آهن، سي انهن ڍنڍن جو پاڻي پين ٿا. هي انهن ڍنڍن ۽ دٻن کي زهريلو سڏين ٿا پر انهن کي زهريلو بنائڻ وارا شهري ماڻهو خد آهن. اهي شهري ماڻهو شهر جو سمورو گند ۽ گٽرن جو منهن ڍنڍن ڏانهن ڪيو آهي پر پٽ اهي پاڻ اچي تبليغ ڪندا ته ڍنڍون خراب نه ڪيو، ٿيلهيون استعمال نه ڪيو!! انهن ۾ڪپڙا نه ڌوئو!! انهن ۾ تيل ۽ پيٽرول نه هاريو پر اهي ٿيلهيون، بوتلون ۽ ٻيو گند پاڻ اڇلائي هليا ويندا.” هن ڪهاڻيءَ ۾ شهرين ۽ اين جي اوز کانسواء مسجد جي ملي تي به ليکڪ تنقيد ڪري ٿو. ملو جيڪو ٻي دنيا جي ڳالهه ڪري ٿو، جهڙو ملي جو هن دنيا سان واسطو نه آهي. هيٺئين مڪالمي ۾ ليکڪ لکيو آهي ته؛ “ملي کي سوچڻو پوندو” ڪاڪي مرگهه چيو. “ملو ڪنهن ٻي دنيا جي مخلوق نه آهي!!” وڌيڪ لکي ٿو؛ ”ملو ڪجهه به چوي پر پاڻي ماءُ آهي، جنميندڙ آهي ۽ زندگيءَ جو ڌڻي آهي پر جي هن کان انڪار ڪندو ته پنهنجو سر وڃائيندو.“ ھن ڪهاڻيءَ ۾ ماحول جي تباهيءَ کي محسوس ڪري سگهجي ٿو. ڪهاڻيءَ جو مرڪزي ڪردار ڪاڪي مرگهه جو آهي، جيڪو هن ماحول ۾ ڄائو نپنو ۽ جوان ٿيو. تنهن کي ماحول کان ويندي پکين سان بي انتها پيار آهي. اهو پيار پنهنجي پٽ اڪو ۾ به منتقل ڪري ٿو. اهو پيءُ پٽ جو فطرت سان پيار ڪهاڻي کي وڌيڪ خوبصورت ڪري ٿو. ڪاڪي مرگهه کي نه رڳو انهن پکين سان پيار آهي پر هن کي انهن جو الڪو به آهي. ڪهاڻيءَ جي آخر ۾ شڪاري پکين تي فائرنگ ڪن ٿا، ليکڪ ڪاڪي مرگهه جي ڪيفيت کي هيئن بيان ڪري ٿو. “ڪاڪي مرگهه کي الائي ڇا ٿيو جو هنن ٺڪائن تي پنهنجو اڪو بولاٽيون کائيندي نظر آيو.” مرگهه انهن کي پٽي ٿو. جيڪو هيئن بيان ڪيل آهي. “مالڪ ڪو انڌو ڪرين !!” ڪاڪي مرگهه جي واتان نڪتو. “مسين ڍنڍن جي رونق وري هئي. اها به سٺي ڪو نه ٿين !! اکين کان ته انڌا آهن پر دلئون به انڌا آهن.” مٿئين مڪالمن ۾ شڪارين لاءِ پارائتو به آهي ۽ انهي سان گڏ ڪاڪي مرگهه جي دلي ڪيفيت محسوس ڪري سگهجي ٿي. ليکڪ جو ڳوڙهو مشاهدو ۽ مطالعو ڪهاڻيءَ جي منظر نگاري ۽ ٻولي ڪهاڻيءَ کي شروع کان پڇاڙي تائين خوبصورت ۽ سگهارو ڪري ٿي. هن ڪتاب جي ڇهين ڪهاڻي “بلبل سائينء جو ڪتبو” ھي ڪهاڻي پرواني جي ڪردار جي چوڦير گهمي ٿي. جنهن کي خفت ابن ڏاڏن کان ورثي ۾ مليو آهي. هن کي زال جي مرڻ کان پوءِ پٽن بار سمجھي نظر انداز ڪري ڇڏيو. پوڙهي ٿيڻ ڪري، هو اڪيلائي جو شڪار هو. ليکڪ لکي ٿو. “اهڙي صورتحال ۾ مٽن مائٽن، سنگتين ساٿين، عام خلق طرفان عطا ٿيل ڌڪار محبت جو مريض بڻائي ڇڏيو هو. جنهن آسيس وٺڻ خاطر وتندو ولين ۽ بزرگن جون چائونٺون چمندو.” بربلن جي خفت جي جاء تي ڪڪڙن ۽ ڍڳن جاءِ ورتي هئي پر ٿورن خفتين ۾ اهو شوق باقي هو. بربلن جي بازي ڏسڻ هن تي پئسا رکڻ جو شوق باقي هو. جنهن پرواني جي هڪ هٽي ٽوڙي ته هو مايوس ٿي ويو. اڳتي هلي پرواني سکيو ته رڳو پکين کي تڪليفون ڏيڻ ۾ مزو ناهي هوندو پر اصل مزو انهن کي آزاد ڪرڻ ۾ آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ ظاهر ٿئي ٿو ته مايوسي ڪجهه به نه آهي. هڪ اهڙو شخص جنهن کي اولاد بار سمجھي ۽ سندس خفت تي ڪو ڳالهائڻ پسند نه ڪري اهو پنهنجي خفت کي هٿي ڏي. بربلن مٿان ٿيندڙ ظلم ختم ڪرائي ۽ پنهنجو اصول ٺاهي ته جيڪو بازي هارائيندو، اهو بربلي کي آزاد ڪندو. اهو نقطو ڪهاڻيءَ کي خوبصورت بنائي ٿو. اهڙي ويڙهه جنهن ۾ جيڪو هارائي، اهو بازي کٽي وڃي. جيڪو کٽي اهو بازي هارائي وڃي. ڪهاڻيءَ جا هي جملا ڏاڍا سهڻا آهن. “هار ۾ هن جي جيت هئي. اهو هن جي زندگيء جو ڪلائمڪس هو. شروع ۾ شڪاري، آخر ۾ رکوال يا جواني ۾ ماري پيريءَ ۾ راکو.” پروانو اڳتي هلي بلبل سائينء جا نالي سان مشهور ٿيو. جنهن جي باس پکين کي آزاد ڪرڻ جهڙو فڪر سٺو تاثر ڇڏي ٿو. ليکڪ پنهنجي پيغام ڏيڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. ڪهاڻيءَ جو ماحول ۽ ٻولي ڏاڍي سٺي آهي. هن ڪتاب جي ستين ڪهاڻي “هجرتن جي موسم” جي عنوان سان آھي. هي ڪهاڻي اهڙي خاندان جي عڪاسي ڪري ٿي جيڪو ٿر جي ڏڪار مان بيزار ٿي، پيٽ جي باھ وسائڻ خاطر ٿر جي علائقي مان هجرت ڪري، مکيءَ جي علائقي ۾ اچي ٿو. ڪھاڻيءَ جو مرڪزي ڪردار ڪاڪي سوڀاري جو آهي. ڪهاڻيءَ جي شروعات ۾ ڏيکاريل آھي ته سوڀاري جي گھر ۾ ننهن ٻه جاڙا ٻار ڄڻي ٿي ۽ اھي راتو رات مري وڃن ٿا. نه روڄ نه راڙو. ڳوٺ جي ماڻھن ۾ بيچيني، نيٺ ھڪ عورت راز ڳولي لهي ٿي. ڪاڪي سوڀاري جي معاشي حالت انتهائي خراب ڏيکاريل آهي. ماڻھو جڏهن تعزيت لاءِ هن وٽ وڃن ٿا ته ڪجھ سامان به کڻي وڃن ٿا. ڪاڪو ماڻهن سان پنهنجي درد ڪٿا بيان ڪري ٿو. هو ٻڌائي ٿو ته “ٿر ۾ امداد جام اچي ٿي پر هر گھر لاءِ سيڌو سامان اچي ٿو پر اهو غريبن کي نٿو ملي. سرڪار گھر گھر لاءِ سال ڀر جو ان گيھ موڪليندي آهي پر اهو اسان تائين نٿو پھچي. سيٺيون، سومرا، ارباب ۽ لاٽ ڍويو، ڀانڊا ڀرين ۽ فلورملن ۾ ان اٽو ڪري کپائين.” هو امداد جو آسرو نٿا ڪن. سنڌ لڏي اچن ٿا. ڪاڪو پٽ کي چوي ٿو. “هل ته سنڌ ھلون، سنڌ ۾ پاڻيء جون نديون آهن، واھ آھن، ٻيلا آهن ۽ ساوا گاھ آهن. هل ته هلي اتي پڙاء ڪيون.” هو ناري جي باري ۾ چئي ٿو. “ڪجھ سال اڳ نارو اسان جو ننگھ هو. اسان جي پناھ گاھ به پاڻي جي ڍنڍ اسان جو آخري سهارو هئي پر اڄ ته اسان کي نارو به ٿر جيئن کائڻ ٿو اچي. نه اٿس پاڻي، نه چراگاھ، نه ان جو کرو، نه وري ڳاھ. مشينون ئي مشينون آهن. مڪڙ جيئن سڀ ڪجھ ڳڙڪائينديون ٿيون وڃن.” هي ڪهاڻي نه رڳو ڪاڪي سوڀاري جي درد ڪٿا بيان ڪري ٿي، انهي سان گڏوگڏ ٿر جيئيان سنڌ جي سرسبز علائقن جي تباهي ڏيکاريل آھي. جڏهن پاڻي سڪي وڃن ڍنڍون ۽ واھ ويران ٿي وڃن مزدورن جي جاء تي مشينون ڪم ڪن ته ڪاڪي سوڀاري جھڙا ڪردار پنڻ تي مجبور ٿيندا آهن. هن ڪهاڻيءَ ۾ ليکڪ ڪھاڻيءَ جو سٺو ماحول جوڙيو آهي ۽ پنهنجي پيغام ڏيڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. ڪتاب جي ڪهاڻي “ڌراڙ کٿوري” اٺين ڪهاڻي آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ کٿوري کي حوصلي مان نڪرندي ڏيکاريو ويو آهي. کٿوريء جي غير معمولي حالت ۾ چاچي ۽ چاچيء جو پريشان ٿيڻ حقيقي آهي. ڇهن سالن ۾ ماءُ جي ٻي شادي ڪرڻ کان پوءِ انهي شخص کان سندس خوف، اهو ظاهر ڪري ٿو ته اهڙا ماڻهو جيڪي رشتي ۾ ويجها هوندا آهن ۽ اهي ننڍن ٻارن سان جنسي حرڪتون ڪن ٿا ۽ ان ڪردار کان کٿوريء جو ڊڄڻ حقيقي آهي. هن جي خيالن ۾ ڏاڙهي واري جو اچڻ، هن جي نفسياتي دٻاءَ کي ظاهر ڪري ٿو. ڪهاڻي ۾ چاچيءَ جو پيار، ڪهاڻيءَ کي اڃا سگهارو ڪري ٿو. ٻڪرار جيڪو کٿوريء جو سوٽ پڻ آهي. ٻڪرار جي پيرن مان ڌراڙ کٿوريء جو خوشبو جي علامت چاچيء سمجھي وڃي ٿي. هڪ عورت ڪنهن ڇوڪريءَ ۾ جوان ٿيڻ جي علامتن کي سمجھي سگهي ٿي. جيڪو ڪهاڻيءَ جو مثبت پاسو آھي. هي ڪهاڻي سٺو اثر ڇڏي ٿي. “سرابن جي ڦلواڙي“ هن ڪتاب جي نائين ڪهاڻي آهي. هي هڪ دل کي ڇهندڙ ڪهاڻي آهي. هي ڪهاڻي انهن ماڻهن جي عڪاسي ڪري ٿي، جيڪي پاڻي جي صورت ۾ نسورو زهر واپرائي رهيا آهن. ذهني پيڙاء منجهان گذري رهيا آهن. سندن پيارا اکين اڳيان جيئرا لاش آهن. اهو درد اسان انهن سٽن مان محسوس ڪري سگهون ٿا. “پاڻي پيئندس” مون چيو “پاڻي!!” ڪراڙي الائي ڇو حيرت وچان ڀڻڪيو. پوءِ پاسي ۾ رکيل هڪ تيل جي گهگهيء ڏانهن ڏسندي چيائين.” پاڻي ته ٻچا ان جو آهي، پاڻي کوڙ کوهه ڀريا پيا آهن پر اٿن الائي ڇا؟ نه اڃ ٿا لاهين نه وري رت ٿا ٺاهين !!” هن ڪهاڻيءَ ۾ ڪراڙيء جو ڪردار زندگيء جي گهاڻي ۾ پيڙهجي پيو. ڪراڙيء جي ڀوڳنا جو درد هن مڪالمي مان محسوس ڪري سگهجي پيو. “مونسان ته ڪربلا ٿيل آهي، پٽ.” اکين ۾ آب آڻيندي چيو “ پر ڌڻي طرفان آھي ڇا ڪريان!” جنهن جو اولاد اڳ سڪي هڏائون پڃرو ٿي ويو هجي، جنهن جو پٽ ويهين سالن کان زندھ لاش هجي ۽ هڪ هنڌ پيو هجي ته انهي ماءُ جي درد جي ڪٿ نٿي ڪري سگھجي. ڪھاڻيءَ ۾ ليکڪ، اين جي او ۽ سياستدانن کي پڌرو ڪيو آهي. هو ڪوڙا واعدا ۽ وچن ڪن ٿا. پنهنجي رشورت ۽ پراجيڪٽ خاطر، غريبن ۽ مسڪينن جي مجبورين کي وڪڻيو ڇڏين. هٺيون سٽيون اهڙن ماڻهون لاءِ آهن. “ڀلي ٻيو هجين.” پوڙهيء جي اکين ۾ رت تري آيو. “ تون اهو ناهين جو هفتو اڳ، اسان وٽ آيو هو ۽ منهنجي ٻچن جا ڦوٽا ڪڍي ويو هو.” مون ڪنڌ ڌوڻي انڪار ڪيو. “تون اهو ناهين جو وڏي گاڏيء ۾ چڙهي آيو هو ۽ چيو هئائين، هو انهن کي کڻي ويندو ۽ انهن جو علاج ڪرائيندو. تون اهو ناهين، جنهن چيو هو ته هو هن ٿر جي جر کي مٺو ڪري ڇڏيندو ۽ ان مان زهر ڪڍي ماکيء ڀري ڇڏيندو!” ليکڪ ڪهاڻيءَ ۾ اهڙن ڌوڪيبازن کي ڪراڙيء جي مڪالمن ۾ ظاهر ڪيو آهي. هٺين مڪالمن ۾ لکي ٿو “صورتون توهان سڀني جون هڪ جهڙيون آھن. ڳالهيون سڀ ساڳيون ٿا ڪريو لاکا هجو يا لالچند، اسان وٽ سڀ صاحب بنجي ٿا اچو. هڪ ڀيرو اچي، اسان جا کوھ مٺا ٿا ڪري وڃو. مئلن کي جيئاري، اسان جي جھوپن ٻاهريان گاڏين جي ويلن جا نشان ڇڏي هليا ٿا وڃو، اعتبار لاءِ سرابن جئين وري وري دوکي ڏيڻ لاءِ!” ڪهاڻي ۾ لاکي جو ڪردار جيڪو خد ڪهاڻي بيان ڪري ٿو ۽ پنهنجي ڪيمرا ۾ خوبصورت منظر ۽ سهڻا عڪس بند ڪري ٿو. هن ڪهاڻيءَ ۾ نه رڳو ٿر جو درد آھي پر سڄي سنڌ جو درد هن ڪهاڻيءَ ۾ سمايل آهي. سڄي سنڌ جا ماڻھوء پاڻي عيوض زهر پيا پيئن. سڄي سنڌ ۾ مختلف مرض مختلف صورتن ۾ ظاھر پيا ٿين. پر خطي جا واڳ ڌڻي اڄ به سرابن جي ڦلواڙي جيئيان دوکا پيا ڏين. “روپلو” هن ڪتاب جي ڏهين ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ چرميءَ مڙس جي مرڻ کان پوءِ، ڏيرن جي ظلم کان بچڻ لاءِ اسلام قبول ڪري حليمان ٿي پوي ٿي. مائٽن ۾ ڇڏيل ٻارن کان رشتو ٽوڙي ڇڏي ٿي. هن ڪهاڻيءَ ۾ متڀيد کي ظاهر ڪيو ويو آهي. ملين ۽ اچي ذات جي هندو ۾ ڪو به فرق ناهي. ٺڪر، راڻي ۽ مسجد جي ملين جي نظر ۾ روپلو يا ان جهڙا انسان پليت آهن. جيڪو ڪهاڻيءَ ۾ ڏيکاريو ويو آهي هي ڪهاڻي به پنهنجو سٺو پيغام ڇڏي ٿي. هن ڪتاب جي هي يارهين ڪهاڻي آهي جنهن جو عنوان “راڌا ۽ ڪمني_هڪ ننڍڙي پيار ڪهاڻي آهي. هي ڪهاڻي ڪمني جي ڪردار جي چوڦير گهمي ٿي. ڪمني جيڪو هيٺئين طبقي سان تعلق رکي ٿو. هو ابن ڏاڏن کان هارپي جو ڪم ڪري ٿو. هو هڪ سنڌي شادي شده اوڏڻ سان پيچ اڙائي ويهي ٿو ۽ هن کي مسلمان ڪري شادي ڪري ٿو. پيار جا جام اوتي ٿو پر هيٺئين طبقي هئڻ ڪري وهانء هلي نٿو سگهي. اوڏ پوليس جو ڇاپو هڻائي راڌا کي وٺي وڃن ٿا. هو عشق جي ناڪامي کان پوءِ مستانو ٿي وڃي ٿو. چمٽو کڻي ڪلام به ڳائي ٿو. نيٺ پنهنجي محبوب کي ڳولي لهي ٿو. جڏهن اوڏ هڪ ڀت ٺاهڻ اچن ٿا ته هو هڪ وڻ هيٺيان ويهي راڌا کي مٽي ڍوئيندي ڏسي ٿو ۽ مٽيء جا ڳوڙها آڇي ٿو. جيڪي هنن جي ڪم جا ناهن. اوڏ سمجھن ٿا ته هن ۾ ڪو اوتار لٿو آهي. هڪ ڏينهن جڏهن راڌا جي ٻار کي بخار ٿئي ٿو ته هوءَ ٻار کي ڦيڻي رکائڻ لاءِ وٽس کڻي اچي ٿي. هو ٻار کي ڦيڻو به رکي ٿو ۽ محبوب جو ديدار به پسي ٿو. هن جو ڳالهائڻ بيهي وڃي ٿو. جڏهن ڀت ٺهي وڃي ٿي ته اوڏ لڏو کڻي وڃن ٿا. ڪافلي ۾ راڌا جي پويان هو مستانو به آهي، جيتوڻيڪ وار وڏا اٿس پر ڪپڙا صاف سٿرا پهريل اٿس. هي ڪهاڻي به پنهنجو سٺو اثر ڇڏي ٿي. هن ڪتاب جي ٻارهين ڪهاڻي”سيگل سمنڊ ۽ گيتا” آهي، هي هڪ احساساتي ڪهاڻي آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ سيگل ۽ گيتا جي پيار کي محسوس ڪري سگهجي ٿو. ڪهاڻي انهن جذبن تي ٻڌل آهي. جيڪي هو هڪٻئي لاءِ رکن ٿا. گيتا جون ميارون به آهن ته سيگل کي هن جو احساس به آهي. ڪهاڻي پڙهڻ کان پوءِ پڙهي سگهجي ٿو ته اهڙا لفظ ڪٿان آڻجن، جو ڪهاڻيءَ کي بيان ڪجي. ڪهاڻيءَ جي ٻولي تمام گهڻي خوبصورت آهي. مڪالما به دل کي ڇهندڙ آهن. ڪجهه سٽون هيٺ ڏجن ٿيون. “مون نٿي ڄاتو ته محبت چانڊوڪيءَ جو سفر آهي ۽ جنهن کي مستقل روشني گهرجي. مان ان سفر ۾ پوئتي ضرور هٽيو آهيان پر پنهنجي قدمن کي روشني جي رستن کان الڳ ڪري نه سگهيو آهيان. مون تو کي وساريو نه آهي گيتا!! توسان گهاريل گهڙين کان وڌ مان وڌ تو بابت سوچيندو رهيو آهيان. تنهنجي تمنا ڪندو رهيو آهيان، منهنجي ظاهريء خاموشي کي بيوفائي ڪوٺي نه ٿي سگهين.!!” هيءَ ڪهاڻي پيار جي احساس ۽ خوبصورت ٻوليءَ جي ڪري تمام سٺو اثر ڇڏي ٿي. هيءَ، هن ڪتاب جي تيرهين ڪهاڻي آهي، جنهن جو عنوان “روپ_ کيت” هيءَ ڪهاڻي انيڪ ڪهاڻين کي جنم ڏي ٿي. ڪهاڻيءَ کي جوڙيندڙ اهو مرڪزي ڪردار آهي، جيڪو ڪهاڻيءَ کي بيان ڪري ٿو. ڪهاڻيءَ جي شروعات محبوب جي خط سان ڪري ٿو. ڪهاڻيءَ ۾ يونيورسٽي ۾ انهن ڪامريڊن جو ذڪر به آهي. جن سيپٽمبر ۾ به امتحان ملتوي ڪرائي ڇڏيا. اسٽوري ۾ پيءُ جي به ڪهاڻي آهي، جنهن کي هو سهڻي انداز سان بيان ڪري ٿو. پڻس جي بيماريءَ کان ويندي، هن جي رومانس کي به خوب نڀائي ٿو. هن ڪهاڻيءَ ۾ به استاد سڀاڳي جي به پنهنجي هڪ ڪهاڻي آهي. جنهن کي هو بڙ جي ڇانو سان ڀيٽي ٿو. سڀاڳو واقعي شاگردن ۽ بيواهن لاءِ ڇپر ڇانو آهي. هن ڪهاڻيءَ جو هي هڪ آئيڊيل ڪردار آهي. هن ڪهاڻيءَ جو ٻيو ڪردار مٺان جو به آهي. جنهن جو سڀاڳي کي سدائين فڪر رهندو آهي. مٺان ٽن مردن کان طلاق وٺي چوٿين جي تلاش ۾ آهي. ٽن مردن مان هن کي لوڌ ٻارن جي آهي. هن ڪردار سان ليکڪ خوب نڀاء ڪيو آهي. مائي مٺان شاديءَ کي مذهبي رنگ ۾ نٿي ڏسي پر هوءَ حياتيات ۾ تلاش ڪري ٿي. ڪهاڻيءَ ۾ روپا جو ڪردار به آهي. جيڪو ڪهاڻيءَ کي بيان ڪندڙ سان بيحد پيار ڪري ٿي. ڪهاڻيءَ جي پڇاڙي به اثر ڇڏيندڙ آهي. امر لغاري سڀني ڪردارن ۽ ڪهاڻين کي موتين جي هار جيان پوئي هڪ خوبصورت ڪهاڻيءَ جو رنگ ڏنو آهي. هن ڪتاب جي چوڏهين ڪهاڻي “گول گول گوگول “ آهي. هي ڪهاڻي به پنهنجي لحاظ کان تمام سٺي ڪهاڻي آهي. هي ڪهاڻي سونيءَ ۽ هڪ نوجوان جي ارد گرد گهمي ٿي. جيڪو ڪهاڻيءَ کي بيان ڪري ٿو. سونيءَ کي فطرت پسند ڏيکاريل آهي. ڪهاڻيءَ ۾ وڻن ۽ پکين جو ذڪر به ڪهاڻيءَ کي حسين بنائي ٿو. سونيءَ کي فطرت سان پيار ورثي ۾ مليو آهي. جنهن جواندازو هن مڪالمي مان ڪري سگهجي ٿو. “اهي سڀ پکي بابا جا دوست آهن. اڄ هو هتي نه آهي ته توسان ملايان ها. هو رات ڏينهن انهن جي سيوا ڪندو آهي.” هن ڪهاڻيءَ ۾ درياءَ جي تباهي کي قتل سمجھي ٿو ۽ شهيدن سان ڀيٽي ٿو. لکي ٿو؛ “درياءَ اڄ جو سنڌو درياءَ نه هو. جنهن جي قتل جون خبرون شهيدن جيان پڙهندا آهيون. تڏهن درياءَ دولهي دريا خان جهڙو هو. هوشو، هيمون ۽ هالار جهڙو هو ۽ سورهيه بادشاه جي للڪار جهڙو هو.” ڪهاڻيءَ جو ٽائيٽل گول گول گوگول هڪ علامتي فروٽ جو نالو آهي. جيڪو سونيءَ هن کي چکائي ٿي. سونيءَ ۽ نوجوان جي ميلاپ کي ليکڪ سهڻي انداز سان پيش ڪيو آهي. ڪهاڻيءَ ۾ تشبيهون، استعارا ڏاڍا سهڻا آهن. ڪهاڻيءَ جي ٻولي، منظرنگاري ۽ ڪردار نگاري ڪهاڻيءَ کي حسين بنائي ڇڏيو آهي ۽ پڙهندڙ تي اثر ڇڏي ٿي. هن ڪتاب جي پندرهين ڪهاڻي “ليزبين” آهي. جيڪا هڪ مشرقي پيءُ جيڪو ٽن سالن کان ٻاهر آهي. جنهن کي زال ٻئي ٻار ڄڻڻ کان انڪار ڪري ٿي ۽ پنهنجو آپريشن ڪرائي ڇڏي ٿي. هن کي ان جو پڇتاء آهي ته هن پنهنجي نسل جي لڙي عورت واري پاسي ڪري ڇڏي آهي. ڇو جو هن کي بس هڪ ڌيءُ جو اولاد آهي. ٻاهر هوندي هن کي سدائين الڪو رهي ٿو. ڇوڪريءَ تي ماءُ جو اثر آهي، هوءَ ماڊلنگ ڪري ٿي. هن جون جيڪي خبرون اخبارن جي زينت بڻجن ٿيون. سندس پيءُ جي پريشاني جو باعث ٿين ٿيون. هوءَ جڏهن نفسيات جي پروفيسر جيڪو سندس دوست به آهي. اهو چئي ٿو ته؛ “ارتقا جي اڪيلائي تي نظر رک، ڏسينس ڪير ڪير ٿو ملڻ اچي ۽ هن جو ساڻس ڪهڙو تعلق آهي.” ان معاملي تي زال سٺي موٽ نٿي ڏي. هن کي اخبار جي هن خبر؛ ”ارتقا ڪراچي ۾ عورتن جو روحاني سينٽر کوليو آهي.“ وڌيڪ پريشاني ڪري ٿي. تصديق ڪرڻ لاءِ هو ڪراچي ۾ جگري يار کي چيو ته هن کي اها خبر وٺي ڏي ته موٽ ۾ هو ٻڌائي ٿو ته؛ ”تنهنجو گهر عورت فائونڊيشن لڳو پيو آهي.” هو جڏهن اوچتو بنا ٻڌائڻ جي گهر اچي ٿو ۽ زال کان آڏي پڇا ڪري ٿو. جيڪا زال کي نٿي وڻي. زال چئيس ٿي؛ ”هتي مرد جي داخلا بند آهي.“ “منهنجي به.” “ظاهر آهي تون به هڪ مرد آهين.” “تو کي ڪنهن چيو ته مان مرد آهيان” “ڇو!!”زال حيران ٿيندي ڏانهس ڏٺو. “جيڪو ماڻهو ٽن سالن کان ولايت ۾ ويٺو آهي ۽ زال سان نه مليو آهي. اهوڪهڙي منهن سان مرد آهي.” “پوءِ به تنهنجو ماس، تنهنجي حاڪميت ۽ تنهنجو ضابطو اهي سڀ ڳالهيون ظاهر ڪن ٿيون ته تون مرد آهين!!” مٿيان مڪالما معني خيز آهن. هو ڪافي پڙهيل ڳڙهيل هوندي جيڪو سالن کان ٻاهر آهي پر هن جي سوچ مٿانهين آهي. هن جا خيال پراڻا آهن. ڪهاڻيءَ جي پڇاڙي ۾اربيل ۽ ارتقا لوساٽيل چهرن سان سامهون ٿيون ته هن کي پروفيسر سڊني جي اها ڳالهه ياد آئي ته “تنهنجي ڇوڪريءَ ليزبين آهي. هو ڪڏهن به مرد ۾ دلچسپي نه رکي سگهندي. ان جو مطلب سمجھين ٿو ته ڇا آهي تنهنجو خاندان پنهنجو موت پاڻ مري ويو آهي.” ڪهاڻي اهو تاثر ڇڏي ٿي ته ماڻهو ڪيڏو به پڙهيل ۽ جديد ڇو نه هجي پر جي رشتن ۾ رابطي جي کوٽ هوندي ۽ هڪ ٻئي جو احترام نه هوندو ته اهو نتيجو نڪرندو. جيڪو ڪهاڻيءَ ۾ بيان ٿيل آهي. ليکڪ پنهنجي پيغام ڏيڻ ۾ پوري طرح ڪامياب ويو آهي. “هن اسڪول ۾ اسان ڏهن ماڻهن جو اسٽاف آهي. ٻه سو کن ٻار آهن، پنج استاد ويزا تي ويل آهن ۽ چئن کي هفتن جي ڇوٽ مليل آهي. ائين هڪ استاد کي مهيني ۾ فقط هڪ هفتو پڙهائڻو پوي ٿو. اهڙي طرح استاد ٻارن کي به پڙهائين ته ٻني ٻارو ۽ ننڍڙو ڪاروبار به ڪن. اوهين چاهيو ته ائين ڪري سگهو ٿا. ويزا تي وڃڻ وارو صاحب کي هڪ لڏون ٿو کارائي. مهيني ۾ هفتو يا هڪ ڏينهن وارو هڪ لڏون.” مٿيون سٽون ڪهاڻي “پر ڪٽيل ڀوت“ مان ورتل آهن. جيڪا ڪتاب جي سورهين ڪهاڻي آهي. هي ڪهاڻي گهوسٽ استاد تي لکيل آهي. ڪهاڻيءَ ۾ اهو ڪردار پنهنجي وارتا بيان ڪري ٿو. هو اهو ٻڌائي ٿو ته ائين نه هن کي ٺڪيدارن اهو عمل ڪرڻ تي مجبور ڪيو. جيڪو هن مڪالمي ۾ ظاهر آهي. “تو کي ٽنڊو آدم ان ڪري ڪو نه موڪليو اٿئون ته اتي ويهي پڙهاءِ. صاحب کي سندس آفيس مان ايم پي اي جي اوطاق جا خرچ به ڀرڻا آهن.” مٿئين جملي مان ظاهر ٿئي ٿو ته استاد کي خراب ڪرڻ وارا، هتي جا ڀوتار ۽ آفيسر آهن. استادن کي ڀوت ٿي گم ٿي وڃڻ لاءِ اهي ئي ٺيڪيدار مجبور ڪندا آهن. اهو ڏينهن هجي يا سالن لاءِ، پڇاڻو آهي ڪو نه جنهن سنڌ جي تعليم جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي. ليکڪ هن ڪهاڻيءَ ۾ انهي نا سور کي ظاهر ڪيو آهي. هي سٺو اثر ڇڏيندڙ ڪهاڻي آهي. ”ڌرتي منهنجو آسمان“ ڪتاب جي آخري ڪهاڻي آهي. هي هڪ اهڙي ڪهاڻي آهي. جيڪا ۹/۱۱ کان پوءِ، آمريڪا ۽ افغانستان جي جنگ ٿي ۽اسان وٽ جيڪا طالبانن کي هٿي ڏني وئي ۽ ماڻهن جذبن کي اڀاريو ويو، هي ڪهاڻي ان پسمنظر ۾ لکيل آهي. ڪهاڻيءَ ۾ علي سلام جيڪو ملو آهي. اهو جنهن انداز سان پنهنجي تقرير ڪري ماڻهن کي ورغلائي ۽ ڀڙڪائي ٿو، جهڙو سڄي دين اسلام جو ٺيڪو هن جي مٿان هجي. ان جو اثر پري پري تائين پهچي ٿو. عورتون ۽ مرد هن مان متاثر آهن. جڏهن ڪو نوجوان افغانستان مان زنده موٽي ٿو ته هن جا مائٽ خوش ٿيڻ بدران روئن ٿا ۽ جڏهن ڪو لاش اچي ٿو ته خوش ٿين ٿا ۽ مبارڪون وصول ڪن ٿا. اتي جنهن کي ملو خادو جي نالي سان سڏي ٿو. اهو ئي سندس پٽ جيڪو اسٽوريءَ ۾ بيان ڪيل آهي. اهي ٻئي پيءُ پٽ ڳالهين کي سمجھن ٿا ۽ جڏهن ڪو نوجوان سلامت موٽي ٿو ته هو خوشي جو اظهار ڪن ٿا. جڏهن لاش اچي ٿو ته هو غمگين ٿين ٿا. پيءُ پٽ کي هدايت ڪري ٿو ته تون ملي جي ڳالهين تي نه اچجان. ان جي راء ۾ ڪو وطن لاءِ وڙهي ان کي کڻي شهيد چئجي پر هتي ته مسلمان مسلمان سان پيو وڙهي. وڙهڻ واري کي خبر نه آهي ته هو دشمن سان وڙهي ٿو يا پنهنجي پاڻ سان. ليکڪ ڪهاڻيءَ ۾ ماحول، ٻولي ۽ ڪردارن سان سٺو نڀاء ڪيو آهي. ڪهاڻي سٺو پيغام ڇڏي ٿي. امر لغاري هن ڪتاب جي ڪهاڻين ۾ ڪردارن کان ويندي ماحول منظر نگاريء سان سٺو نڀاء ڪيو آهي. ڪتاب جي ٻولي تمام سٺي آهي. هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ سٺي جاء والاريندو.
رشيد راڄڙ سنڌ جو ارڏو ڪردار علي ڏنو جروار هونئنءَ ته سنڌ ۾ ڊسمبر جا وڇوڙا مشهور آهن، ڇو ته ڊسمبر ۾ اسان سنڌ واسين کان بينظير ڀٽو، شيخ اياز، سرمد سنڌي، قاسم پٿر ۽ ٻيا ڪيترائي بهترين انسان وڇڙي ويا آهن. پر هن سال نومبر جو مهينو شروع ٿيڻ سان ئي اسان کان سائين محمد ابراهيم جويو وڇڙي ويو ۽ اڄ وري سنڌ جو هڪ سينئر ۽ بيباڪ صحافي رشيد راڄڙ به اسان کان وڇڙي ويو آهي. رشيد راڄڙ جو سنڌ جي صحافت ۾ تمام وڏو نالو آهي. رشيد راڄڙ جي وڇوڙي تي سڄي سنڌ جا صحافي، سياسي ڪارڪن، کاٻي ڌر جا سياسي ورڪر توڙي قومپرست سڀئي ڏکويل آهن، لطيف سائين جون اهڙي موقعي بابت سٽون آهن ته لڏيو لطيفن، پلاڻي پنڌ پيا هٿان حبيبن ڪونه ڏکويو ڪڏهن رشيد راڄڙ سان منهنجو تعلق ۱۹۸۵ع کان وٺي هو، آئون ان وقت سنڌ جي شاگرد سياست ۾ سرگرم هوس، مون کي به رشيد راڄڙ سان گڏ ڪيترن ئي مرحلن، موقعن ۽ محاذن تي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. هر موقعي تي رشيد راڄڙ جي رهنمائي مان اسان گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو ۽ پرايو. ان دور ۾ ٿيندڙ ڪيترين ئي سياسي، سماجي، علمي، ادبي سرگرمين ۾ حيدرآباد جي محفلن ۾ رشيد جو وڏو اهم ڪردار هوندو هو. ان کانپوءِ دنيا جون حالتون بدليون ته کاٻي ڌر جا سڀئي سياسي ڪارڪن ۽ ورڪر مختلف اخبارن ۾ صحافتي ذميواريون نڀائڻ ۾ مشغول ٿي ويا. جن ۾ لالا رحمان سمون، رشيد راڄڙ، ارشاد گلاباڻي ۽ ٻيا شامل آهن. رشيد راڄڙ جون سنڌ جي صحافتي ميدان ۾ تمام گهڻيون خدمتون شامل آهن، هو مختلف اخبارن جو رپورٽر ۽ ايڊيٽر رهيو آهي. آخري لمحن تائين ڪوشش اخبار جو ايڊيٽر رهيو ۽ هن جي رپورٽنگ توڙي ايڊيٽوريل يا وري ٻيا مضمون پڙهڻ جوڳا هوندا هئا. سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي رشيد راڄڙ سدائين مضبوطي سان اسٽينڊ وٺندو رهيو آهي. سنڌ جي اخبارن ۾ ڪم ڪندڙ ڪيترائي صحافي سندس شاگرد ۽ دوست آهن. هن جهڙا مضبوط ۽ بهادر صحافي ورلي پيدا ٿيندا آهن. اسان سنڌ واسي رشيد جهڙن بيباڪ صحافين جي ڪردار لاءِ واجهائيندا رهنداسين. رشيد راڄڙ ۽ سندس دوست جنهن دور ۾ سنڌ جي صحافت ۾ داخل ٿيا اهو هڪ ڏکيو دور هوندو هو. پر پوءِ به هنن جي سڄي ٽيم جنهن نموني سان صحافت ۾ پنهنجا پير کوڙيا اهو دور انتهائي يادگار رهندو. ڇو ته رشيد راڄڙ ۽ سندس ٻين دوستن ٽنڊي بهاول واري واقعي کان وٺي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت، سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ ٻين ٻرندڙ مسئلن تي قلم کنيا ۽ جاکوڙ ڪئي. رشيد راڄڙ ۽ سندس دوست ضياءُ الحق جي دور ۾ صحافتي ميدان ۾ آيا هي اهو دور هو جنهن ۾ ملڪ جون سڀئي اخبارون سينسرشپ جي تلوار هيٺيان هونديون هيون. جيڪي اخبارون ڇپبيون هيون اهي پهرين سينسرشپ جي مرحلي مان گذرنديون هيون. مون کي اهو به زمانو ياد آهي جو اسان جو اخبارون اڌ کان به گهڻيون خالي پيون هونديون هيون. ڇو ته سينسرشپ واري ٽيم اخبارن ۾ ان وقت داخل ٿيندي هئي جنهن وقت اخبار جي ڪاپي مشين طرف ويندي آهي. هو ان وقت اچي پيسٽ ٿيل ڪاپي تي راتاهو هڻندا هئا. اهڙي دور ۾ رشيد راڄڙ ۽ سندس دوستن سنڌي صحافت ۾ پنهنجو نمايان ڪردار ادا ڪيو ۽ سنڌي صحافت کي مضبوط بنياد فراهم ڪيا ۽ نوان رخ متعارف ڪرايا جن کي نوان ٽرينڊ چيو ويندو آهي. رشيد راڄڙ وارا سڀئي ساٿي جن جن اخبارن ۾ رهيا انهن ۾ ڄڻ ساهه پيدا ڪري ويا. اهو ئي ڪارڻ آهي جو اڄ سنڌي صحافت پنهنجي پوري عروج تي آهي، ان صحافت جو پايو وجهندڙن ۾ رشيد راڄڙ ۽ ٻين کاٻي ڌر جي ورڪرن جو وڏو حصو آهي. رشيد راڄڙ اڄ اسان جي وچ ۾ موجود ته ناهي پر سندس يادون ۽ صحافتي ڪردار توڙي سياسي ورڪر وارو انداز سنڌ واسين جي دلين ۾ سدائين لاءِ ياد رهندو. لطيف سائين اهڙن ئي بهادر ۽ دلير انسانن لاءِ فرمايو آهي ته مون سي ڏٺا ماءُ، جنين ڏٺو پرينءَ کي تنين سندين ڪاءِ، ڪري سگهان ڳالهڙي سو اسان سنڌ واسين کان بهادر ۽ بهترين ڪردار آهستي آهستي موڪلائيندا پيا وڃن پر سنڌ جي سرزمين اهڙي ته زرخيز ڌرتي آهي جو اها وقت به وقت اهڙي قسم جا بهادر انسان ۽ ڏاها انسان پيدا ڪندي رهندي آهي. مونکي اميد آهي ته رشيد راڄڙ جا پونيئر هي وڏو صدمو برداشت ڪري سگهندا. تنهن کانسواءِ هي به عارضو آهي ته سنڌ جي صحافت، علم ۽ ادب جي ميدان تي سدائين رشيد راڄڙ جهڙن انسانن جو هٿ يا پاڇو رهي، جنهن ڪري اهي پنهنجو ڪم پوري ايمانداري ۽ سچائي سان ڪري سگهن. صحافي رشيد راڄڙ هڪ موتيءَ داڻو الطاف پيرزادو اسان جهڙن ٽين دنيا جي ملڪن ۾ سچ لکڻ، درست ۽ حقي معلومات ماڻهن تائين پهچائڻ ڏاڍي جي ڏمر کي جيئن جي تيئن رپورٽ ڪرڻ، مظلومن جو ڪيس ڳائڻ يا ائين کڻي چئجي ته صاف سٿري ۽ غيرجانبدار صحافت ڪرڻ کپُر تي پير رکڻ کان گهٽ ناهي. اهڙي سماج ۾ غيرجانبدار صحافت ڄڻ ته اڻ ٿيڻي ڳالهه ڀائنجي اتي پاڻ بچائي پيشيور اصولن تي ڪاربند رهندي جيڪڏهن ڪو صحافي ڪنهن ڏاڍ ۽ ڏمر جي اڳيان آڻ نه مڃي، نه جهڪي، نه وڪامي، جيڪو درست سمجهي سو چئي ڏئي ۽ لکي به ڏئي فقط پنهنجي دل جي ڳالهه مڃي، سو سچ پچ به موتيءَ داڻو ئي ٿي سگهي ٿو، اهڙو موتيءَ داڻو رشيد راڄڙ به هو جيڪو ۱۹ نومبر ۲۰۱۷ع تي يعني ٽيون ڏينهن سنڌ کان وڇڙي ويو. رشيد راڄڙ سنڌ اخبار ۾ منهنجو ايڊيٽر رهيو، ڊيسڪ تان اٿاري مون کي فيلڊ ۾ رپورٽنگ لاءِ موڪلڻ وارو يا ائين کڻي چئجي ته مون کي رپورٽر بڻائڻ وارو به رشيد راڄڙ هو، اسان جي مڌر اخبار جيتوڻيڪ عوامي آواز آهي اسان کان وڏي ۽ اسان کان سينيئر ٽهي جو سکيا گهر عوامي آواز رهي آهي، عوامي آواز جيئن ته کاٻي ڌر جي سرگرم سياسي ڪارڪن جو ميڊيائي ادارو هو، سو جڏهن آدرشي ۽ نظرياتي سياست جو زوال آيو ۽ مخلص سياسي ڪارڪن يا ته خاموش ٿي ويهي رهيا يا وري صحافت جي شعبي ۾ اچي ويا. صحافت جي شعبي ۾ به هنن سچائي جو دامن هٿ مان نه ڇڏيو، هن محاذ کي به هنن مظلومن لاءِ آواز اٿارڻ جو هڪ مضبوط مورچو بڻايو. سو رشيد راڄڙ به صحافت جي شروعات عوامي آواز ذريعي ڪئي، هو جيئن ته سنڌ ۾ شعور ۽ شاگرد سياست جي نرسري سنڌ يونيورسٽيءَ مان پڙهي نڪتو هو، ٻيو ته اتي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي شاگرد ونگ ڊي ايس ايف جو اڳواڻ به هو، سو هن صحافت کي به هڪ مشن سمجهي سرانجام ڏنو، اتي به مظلومن جو ڪيس ڳايو، مارن جو ڪيس ڳايو ۽ سنڌ جو ڪيس ڳايو. ۵ نومبر ۱۹۹۵ع تي حيدرآباد جي بابن شاهه ڪالونيءَ واري علائقي مان روزاني سنڌ اخبار نڪتي، ان دور ۾ اسان ڪراچيءَ ۾ عوامي آواز اخبار ۾ ڪم ڪندا هئاسين، تڏهن عوامي آواز جي آفيس هاڪي اسٽيڊيم نه پر سٽِي ڪورٽ جي سامهون نامڪو سينٽر مان نڪرندي هئي. سنڌ اخبار به کاٻي ڌر جي دوستن يعني ڪامريڊ غلام رسول سهتي، مهيش ڪمار، يونس سومري، منير ميمڻ، ڪامريڊ امداد، صالح بلو، شڪارپور واري حسين سومري ۽ ٻين جو گڏيل پراجيڪٽ هئي، جيئن چئي آيو آهيان ته عوامي آواز کي سنڌ صحافين جي نرسري هئڻ جو اعزاز حاصل رهيو آهي، سو پنج نومبر ۱۹۹۵ع تي جڏهن سنڌ اخبار نڪتي ته مختلف اخبارن ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جي هڪ گڏيل ٽيم جوڙي ان ۾ شامل ڪئي وئي، جنهن سنڌ اخبار کي هڪ پراجيڪٽ نه پر هڪ مشن سمجهي هٿ ۾ کنيو. رزاق سروهي، ڀائو زلف، مان، سهيل، ذوالفقار شاهه، ارشاد کوکر، اعجاز منگي، ارشاد گلاباڻي، مطلب ته هڪ مضبوط ٽيم ٺاهي سنڌ اخبار جي ڊيسڪ تي ويهاري وئي، رپورٽنگ ۾ اسحاق مڱريو، ممتاز بخاري، صادق ابڙو، فياض منگي، مرتضيٰ ڪلهوڙو، مطلب ته ڊيسڪ تي توڙي رپورٽن جو مضبوط نيٽ ورڪ جوڙيو ويو. هن اخبار جو ايڊيٽر رشيد راڄڙ ۽ مالڪ غلام رسول سهتي جهڙي ڪميٽيڊ ماڻهو هئا، تنهن ڪري ڪنهن به معاملي تي ڪنهن به اشوءَ تي ڪمپرومائيز ڪرڻ سنڌ اخبار ۽ ان جي ٽيم سکيو ئي نه هو. جنهن جي ڪري ڪنهن به ميڊيا ئي شعبي لاءِ شهه رڳ جي حيثيت رکندڙ ”اشتهار“ وارو هن اخبار جو پاسو ڪمزور رهيو. ۲۰ سيپٽمبر ۱۹۹۶ع تي ڪراچيءَ ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو شهيد ٿيو، تڏهن اداري محسوس ڪيو ته لاڙڪاڻي ۾ ڊيسڪ تان ڪنهن نوجوان کي بيورو چيف ڪري موڪلڻ گهرجي، ايئن رشيد صاحب ٽيم سان صلاح ڪري طئي ڪيو ته الطاف کي بيورو چيف ڪري لاڙڪاڻي ٿا موڪليون، ايئن مون کي رپورٽنگ جي فيلڊ ۾ آڻڻ وارو به رشيد صاحب ئي هو. هن نه رڳو رپورٽر ڪري فيلڊ ۾ موڪليو پر يقيني بڻايائين ته اتي آفيس به هجي، ٽيلي فون ۽ فيڪس وغيره جون سهولتون به، نوان پيشور لاڙا متعارف ڪرائڻ ۽ مظلومن جو ڀرپور آواز اٿارڻ، سنڌ جو ڪيس ڳائڻ جو عزم هو، تنهن ڪري جڏهن ڊيسڪ تان فيلڊ ۾ لاڙڪاڻي جو بيورو چيف ڪري موڪليو ٿي ويو، تڏهن رشيد صاحب مون کي رپورٽنگ جا گُر به سيکاريا هئا، ٻڌايو هئائين ته معلومات ماڻهن جو حق آهي، جنهن تي ڪو ڪمپرومائيز نه ڪجان ۽ صرف ۽ صرف ”سچ“ رپورٽ ڪجان. پوءِ ٿيو به ايئن لاڙڪاڻي وڃي ايڪسڪليوسو اسٽوريون ڏيڻ سان گڏوگڏ ”سنڌ ڪورٽ“ نالي ڪچهرين جو سلسلو به شروع ڪيوسين. رشيد صاحب جي ڊڪشنريءَ ۾ صحافين ۾ ڪمپرومائيز وارو لفظ هئو ئي ڪين، تنهن ڪري هن پنهنجي صحافتي زندگيءَ ۾ هميشه پيشور اصولن کي اتم رکيو. هن سڄي عمر عام ڪارڪنن وانگر ڪم ڪيو، رشيد اسان جو صحافتي استاد به هو ته دوست به هو، مون کي هميشه پيار مان ”الطڻ“ ڪري سڏيندو هو. اڄ رشيد وڇڙيو آهي ته مان به ماضيءَ ڏانهن کن پل لاءِ موٽي ويو آهيان، اسان سان ابتدائي سٿ ۾ مديجي ۾ جاويد جوکيو، وارهه ۾ اصغر مڱريو، ٽنڊي آدم ۾ عزيز جان بلوچ، جيڪو سنڌي ميڊيا جو پهريون نيوز ڪاسٽر بڻيو هو، سي سڀ اسان جي سٿ ۾ هئا، ۽ اڄ اسان کان وڇڙي ويا آهن. رشيد راڄڙ صاحب سنڌي صحافت ۾ جيڪي نوان لاڙا متعارف ڪرايا جيڪي پيشور بنياد رکيا، اسٽوري کي ڪيئن ڊولپ ڪجي؟ تنهن جي پنهنجي ٽيم کي جيڪا تربيت ڏني، جن صحافتي اصولن تي ڄمي بيٺل رهيو تنهن جي ڪري هميشه زندهه رهندو. نه سي ٿڙ هوڙاڪ، نه وايون وڻجارن جون، سرتيون سامونڊين جا اڄ پڻ چڪيم چاڪ، مارينم فراق، پاڙيچون پرين جا (شاهه). رشيد راڄڙ گھاٽين يارين ۽ گھاٽن وڻن کي الوداع منظور ميراڻي انهيءَ ڳوٺ جون ٻيون به ڪيتريون ئي سڃاڻپون ٿي سگهن ٿيون، پر مون لاءِ ان ڳوٺ جي هڪڙي سڃاڻپ ان جا گهاٽا وڻ آهن، ٻي سڃاڻپ اهو رشيد راڄڙ، جيڪو ڪالهه اهي گهاٽا وڻ ڇڏي هليو ويو. هاڻي اهي وڻ سدائين ان جو پتو پڇندا رهندا ۽ انهن جي ڇانءَ انهيءَ فقير منش ماڻهوءَ لاءِ سڪندي رهندي، جنهن لاءِ انهن وڻن جي ڇانءَ وٺڻ به ڪنهن عياشيءَ کان گهٽ نه هوندو هو. اهو پنهنجو ڳوٺ ته ناهي، پر بقول حسن درس جي ”پرائو ڳوٺ هو ليڪن پرينءَ جي پار وانگي هو!“ پرينءَ جي پار جهڙي انهيءَ ڳوٺ ڏانهن توڙي جو ڪڏهن ڪڏهن وڃڻ ٿيو، پر ڪڏهن ايئن تصور ۾ به نه آيو ته اتي رشيد جي آخري سفر تي اُسهڻ مهل کيس الوداع به ڪرڻ اچبو...! اهي ڪارڪن، جن نظرين جي پويان گهڻو ڪجهه ڇڏيو، ورهين کان پوءِ جڏهن ڪنهن گهٽيءَ جي موڙ تي انهن ڪنڌ ورائي پوئتي ڏٺو ته ڪنهن بيوفا محبوبه وانگر انهن کي نظريه به الوداع ڪندي نظر آيا...ان ڪري لڳندو آهي ته نظرين جي پويان پنڌ ڪندڙ ڪارڪن ته ڪڏهن ٿڪجي نه سگهيا، پر ڄڻ ته نظريا ٿڪجي کين اڌ ۾ ڇڏي ويا هجن. ان هوندي به انهن جو ڪڏهن انهن سان رشتو ٽُٽي نه سگهيو...هن جي رت ۾ به نظرين جي ستي پيل هئي، ان ڪري هن جي شخصيت ۽ هن جي صحافت ۾ به اهو عڪس سدائين نظر آيو...هن جو پهريون سياسي پيار پنهنجي پاڙيسري شهر سن کان شروع ٿيو، جتان سائين جي ايم سيد سنڌ کي سنڌ سان محبت ڪرڻ سيکاري رهيو هو. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته هن جي پهرين محبت سنڌ هئي، جنهن کان پوءِ هو ان ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ويجهو ٿيو، جنهن کي هڪ کيت، هڪ باغ نه، پر پوري دنيا گهربل هئي. سائين جي ايم سيد کان هن سنڌ سان پيار ڪرڻ سکيو ۽ ڪميونسٽ پارٽي هن کي پوري دنيا سان پيار ڪرڻ سيکاريو. ايک کهيت نهين، ايک باغ نهين، هم ساري دنيا مانگين گي! (فيض). ڪالهه اسان جڏهن ان جي تدفين ۾ شريڪ هئاسين، تڏهن هن جي موت تي سندس شاديءَ جو ڏينهن به ياد اچي رهيو هو، جيڪو لڳو پئي ته ڪالهوڪو ڏينهن هجي...مون کي ياد آهي ته رشيد راڄڙ گهوٽ ڪيئن پئي لڳو ۽ مون ڪالهه به ڏٺو ته هو گهوٽ ئي پئي لڳو...گهوٽ ايئن ئي هوندا آهن، گهوڙن وانگر، جن کي ٿورا ڏينهن مليل هجن ٿا، ان جي شاهدي ته ڀٽائي به ڏئي ويو آهي. رشيد کي به زندگيءَ جا ٿورا ڏينهن مليا، پر انهن ٿورن ڏينهن کي هن ڀرپور نموني گذاريو، ايئن ئي جيئن اسان جو يار حسن درس ٿوري ۽ هڪڙي زندگيءَ ۾ ڪيتريون ئي زندگيون جي ويو. زندگي گذارڻ ۽ زندگي ماڻڻ ۾ فرق هجي ٿو، زندگي ته سڀ پيا گذارين، ڪو زندگي ماڻي ڏيکاري ته مڃجي. رشيد ان ئي نسل جو ماڻهو هو، جن زندگيءَ کي گذاريو نه، پر ماڻيو...هن جي پڄاڻان توڙي جو ڪالهه هن جا سنگتي، مائٽ مٽ روئي رهيا هئا، پر رشيد جيڪا به زندگي گذاري ان تي هن وٽ ڪو روئڻ پٽڻ ڪونه هو. جيڪڏهن روئڻ هو ته فقط سنڌ جي حالتن تي روئڻ هو. جيئن عادي پياڪ ٻه گلاس چڙهڻ کانپوءِ محبوبه جو ذڪر ڪرڻ لڳندا آهن. ايئن ساڳيا ٻه گلاس هن کي سنڌ جي درد ڏانهن وٺي ايندا هئا. اهڙي ئي هڪ محفل مان هڪ ڏينهن رشيد اٿي آيو ۽ اسان ڪاوش آفيس مان گڏجي ڄامشوري پئي وياسين، تڏهن مون هن کان پڇيو ته ”رشيد ڪهڙا حال آهن؟“ تڏهن هن جواب ڏنو ”منهنجا حال ته ٺيڪ آهن، پر سنڌ ٺيڪ ناهي!“ ۽ پوءِ ڪاوش آفيس کان ڄامشوري تائين هن جي ذڪر ۾ بس سنڌ هئي. جڏهن ۹۰ع واري ڏهاڪي ۾ سوويت يونين جو فال ٿيو هو، ته اهو ڪو ڪنهن هڪڙي ملڪ يا ڪنهن هڪڙي بلاڪ جو فال نه هو، پر اهو انهن ڪيترن ئي نظرياتي ڪارڪنن جو فال به هو، جيڪي انقلاب جي آجيان لاءِ پنهنجي زندگين جا گل نڇاور ڪرڻ جا منتظر هئا. انقلاب ته نه آيو، پر پوءِ سياسي ڪارڪن جتي به ويا، اتي انهن ننڍڙا ننڍڙا انقلاب آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. هر شعبي وانگر صحافت اندر جيڪي Taboos هئا، انهن کي اهڙن ڪارڪنن ئي ڌڪ هنيو، صحافت جو پراڻيون روايتون ٽُٽيون ۽ روايتي ماڻهو حيران ٿيا ته ايئن به ٿي سگهي ٿو. هيءَ اها ئي ”ايک کهيت نهين، ايک باغ نهين....“ واري ايپروچ ۽ ويزن هو ته اخباري صفحا رڳو رولنگ اليٽ جي خبرن لاءِ ڪونهن، پر انهن تي پنڌ هلندڙ پورهيتن، ٽانگي وارن، دڪاندارن ۽ هارين جو به حق آهي. جنهن کيپ صحافت ۾ اچي اهي Taboos ٽوڙيا، رشيد به ان ئي کيپ جو حصو هو. اهو ڪم جيڪو سياسي ڪارڪن اڳ پارٽين اندر رضاڪارانه طور تي ڪندا هئا، ساڳي ڪم لاءِ هنن کي هتي پگهار به ملڻ لڳي. کين لڳو ته سوويت يونين جي فال کان پوءِ انهن جي زندگي بي معني ناهي ٿي، پر ان کي معني ڏيڻ جو فقط انداز تبديل ٿيو آهي. پوءِ انهن پنهنجي پروفيشن کي به معني خيز بڻايو. ان ڪري جڏهن به صحافتي ڪم کي معني ڏيندڙن جو ذڪر ٿيندو، تڏهن رشيد کي قطعي به وساري نه سگهبو. هر انسان ۾ ڪي ڪمزوريون به هجن ٿيون، ڪمزوريون نه هجن ته پوءِ انسان ته نه ٿيو، ان کي بت ئي ڪوٺي سگهجي ٿو. ايئن رشيد جون ڪمزوريون به هونديون، مون کي ان جي ٻين ڪمزورين جي گهڻي ڄاڻ ڪونهي، پر هن جي هڪڙي ڪمزوريءَ جو مان پاڻ اکين ڏٺو شاهد آهيان. اها ڪمزوري هن جي ننڍڙي ڌيءُ رُباب هئي. ۱۰، ۱۲ سال ٿيندا هڪڙي ڀيري آفيس ۾ ڪنهن ڳالهه تي اسان جو هڪٻئي سان تڪرار ٿي پيو، گهر پهچي مون کي لڳو ته ڏوهه منهنجو هو، سموري رات ننڊ نه آئي، ان ڪري صبح جو سوير رشيد کان معافي وٺڻ لاءِ هن جي ڳوٺ ويس. هن جي حالت مان به لڳو ته اوجاڳيل آهي، پوءِ ٻڌايائين ته راتوڪي بدمزگيءَ جي ڪري هو به سڄي رات سمهي ناهي سگهيو. مون جڏهن هن کي گهران سڏيو ته هو ننڍڙي رُباب کي ڪڇ تي کڻي گهر کان ٻاهر نڪتو هو، اسان جيتري دير هن جي اوطاق تي ويٺا هئاسين، رُباب هن سان گڏ هئي. پوءِ جڏهن هن ڪجهه وقت ڪي ٽي اين لاءِ ڪراچي آفيس اچي وسائي ته هن سان ڪڏهن ڪڏهن فون تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهندي هئي. مون کي خبر هئي ته رشيد جو ڄامشوري وارو ڳوٺ ۽ ننڍڙي رُباب هن جي ڪمزوري آهن، سو هڪ ڏينهن مون هن کي فون ڪري کيس جذباتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم ته ”يار ڪراچي وڃي رهي پيو آهين، توکي رُباب ياد نٿي اچي، ڳوٺ ڏانهن ويندڙ رستي جا گهاٽا وڻ توکي ياد نٿا اچن؟ اهي وڻ ۽ رُباب ته توکي سارين ٿا.“ اهي جملا ٻڌڻ کانپوءِ هن جنهن نموني ڳالهايو پئي، مون کي محسوس ٿيو ته رشيد صبح جو اچي ڳوٺ جا وڻ وسائيندو. ٿيو به ايئن ئي هو رات جو ئي ڪراچيءَ مان نڪري پيو، ۽ صبح جو ٻڌايائين ته ”ابا رات جو ئي پهچي ويس، ڪراچيءَ ۾ رهڻ مشڪل آهي.“ پوءِ اهو ڳوٺ هو، ڳوٺ جا اهي وڻ هئا، ۽ رشيد هو، جيڪو آخري وقت تائين ان ڳوٺ ۾ ئي رهيو. ڪالهه جڏهن گهران ان جو جنازو نڪتو پئي، ۽ اندران روئڻ جا آواز پئي آيا ته الائي ڇو انهن آوازن ۾ مون کي ان ننڍڙي رُباب جو روئڻ نمايان پئي لڳو، جيڪا هن ڳوٺ جي گهاٽن وڻن جيان رشيد جي ڪمزوري هئي. رشيد راڄڙ سنڌ جو بيباڪ ڪردار معصوم مصطفيٰ ڪنڀر تاريخ به ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي پاڻ کي دهرائي ڪو انمول ڪردار پيدا ڪندي آهي ۽ سنڌ اهڙن ڪافي ڪردارن سان ڀري پئي آهي جن پنهنجي ڀومي سنڌ امڙ لاءِ پنهنجي سموري زندگي وقف ڪري ڇڏي پر ڪڏهن ظلم، جبر جي اڳيان عار نه مڃيائون، اهڙي مانجهي مرد بيباڪ ڪردارن مان سنڌ جي چيڪي مٽي تي هن ڌرتي جي ڪُک مان جنم وٺندڙ رشيد راڄڙ به شامل آهي جنهن پنهنجي سموري زندگي صحافتي قلم ذريعي سنڌ امڙ تان وقف ڪري ڇڏي پر انهي ڪشمش جي هلندڙ صورتحال دوران رشيد پنهنجي قلم کي نروار ڪندي صحافتي جنگ وڙهندي وڙهندي نيٺ هن اڀاڳي نومبر جي راتين ۾ ۵۳ سالن جي ڄمار ۾ اسان سنڌ واسين کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو جيڪو سنڌ جي صحافت ۾ هڪ وڏو خال پيدا ڪري ويو جيڪو شايد ئي ڪوئي ڀري سگهي، رشيد راڄڙ پنهنجي صحافتي سفر کي جاري رکندي ڪجهه مهينا پهريان بيمار ٿي پيو هو جنهن بعد ٽيسٽون ڪرائڻ بعد ڪينسر جهڙو موضي مرض ظاهر ٿي پيو هو ۽ هو ڪافي مهينن کان ڪراچي جي اسپتال ۾ ڪينسر جهڙي موضي مرض سان جهيڙيندو رهيو ۽ نيٺ زندگي هن سان وفا نه ڪئي ۽ زندگي جي واٽي تان ساهه جو سڳو هن کان هميشه جي لاءِ ٽُٽي ويو. رشيد راڄڙ جيڪو مظلومن ۽ خاص ڪري ڏتڙيل طبقي جو آواز هيو. غريبن جو غم خوار ۽ مسڪينن بي يارو مددگار ماڻهن جو جهڙوڪ ڪو ساٿي هو جو انهي مظلوم ڏتڙيل طبقي جي ماڻهن جي ڏکن، سورن، دردن کي پنهنجي مٿان بار سمجهي پنهنجي صحافتي قلم ذريعي انهن کي نروار ڪندو هو، هن جي لکڻين ۾ ماروئڙن مسڪينن جو درد شامل هو ۽ هو جيڪو به ڪجهه لکندو هو اُن مان ٿر جي وارياسي ڀٽن تي وسندڙ مينهن کانپوءِ پيدا ٿيندڙ خوشبو جهڙي هُٻڪار ايندي هئي، هن جي لکڻين ۾ٿر جي وارياسي ڀٽن تي رهندڙ ان امڙ جو درد شامل هيو جيڪا پنهنجي ٻچڙي جي حياتي بچائڻ لاءِ اسپتالن جي درن تي ٺوڪرون کائيندي رهي ٿي، ان جي لفظن ۾ پيرن اگهاڙي هلندڙ جهوني پوڙهي جو درد سمايل هو جيڪو ٿر جي تپندڙ واري تي پاڻي جي ڍڪ لاءِ هميشه سهڪندو رهي ٿو هن جي سوچ ۽ فڪر ۾ ڏتڙيل طبقي جي دردن ۽ آنهن جو ذڪر شامل هوندو هو، هن جو قلم هميشه حق سچ لاءِ اٿيو، رشيد راڄڙ سنڌ جي قلم ڌڻين ۾ هڪ وڏو نالو هيو ۽ هڪ سچو سنڌ جو سپاهي هيو جنهن پنهنجي ڏات ذريعي سنڌ جي جهر جهنگ جي ڏکن ڀرين ڪهاڻين کي پنهنجين لکڻين ذريعي ايوانن تائين پهچايو، هن پنهنجن لکڻين ۾ سنڌ جي هر ننڊي وڏي مسئلي لاءِ آواز اٿاريو ۽ خاص ڪري سنڌ جي پٺتي پيل علائقن جي مسئلن کي وڌيڪ ترجيع ڏيندي پنهنجن ڪالمن ۾ هميشه نروار ڪيو. هو نه فقط قلمڪار هيو پر هڪ صحافتي ادارن جو سرواڻ به رهيو ۽ ڪافي سنڌي اخبارن ۾ ايڊيٽر طور ڪم ڪيائين. رشيد راڄڙ جون سنڌ جي صحافتي ميدان ۾ تمام گهڻيون خدمتون شامل آهن، هو مختلف اخبارن جو رپورٽر ۽ ايڊيٽر رهيو آخري لمحن تائين ڪوشش اخبار جو ايڊيٽر رهيو ۽ هن جي رپورٽنگ توڙي ايڊيٽوريل يا وري ٻيا مضمون پڙهڻ جوڳا هوندا هئا. سنڌ جي باهه جيان ٻرندڙ مسئلن تي رشيد راڄڙ سدائين مضبوطي سان قلم ذريعي ڪيس وڙهندو رهيو، ان کان علاوه سنڌ جي اخبارن ۾ ڪم ڪندڙ ڪيترائي صحافي سندس شاگرد ۽ دوست آهن. هن جهڙا مضبوط ۽ بهادر صحافي ورلي پيدا ٿيندا آهن جيڪي پنهنجي سموري زندگي مسڪين ماڻهن جي لاءِ وقف ڪري حق ۽ سچ جي جنگ وڙهندا رهندا آهن. رشيد راڄڙ ۽ سندس دوست جنهن دور ۾ سنڌ جي صحافت ۾ داخل ٿيا اهو هڪ ڏکيو دور هوندو هو. پر پوءِ به هنن جي سموري سٿ جنهن نموني سان صحافت ۾ پنهنجا پير کوڙيا اهو دور انتهائي يادگار رهندو. ڇو ته رشيد راڄڙ ۽ سندس ٻين دوستن ٽنڊي بهاول واري واقعي کان وٺي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت، سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ ٻين ٻرندڙ مسئلن تي قلم کنيا ۽ جاکوڙ ڪئيرشيد راڄڙ جيئن ته سنڌ ۾ شعور ۽ شاگرد سياست جي نرسري سنڌ يونيورسٽيءَ مان پڙهي نڪتو هو، ٻيو ته اتي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي شاگرد ونگ ڊي ايس ايف جو اڳواڻ به هو، سو هن صحافت کي به هڪ مشن سمجهي سرانجام ڏنو، اتي به مظلومن جو ڪيس ڳايو، مارن جو ڪيس ڳايو ۽ سنڌ جو ڪيس ڳايو، رشيد نه رڳو اخباري ادارن ۾ فرض سرانجام ڏنا پر هو هڪ سماجي ڪارڪن به هو جيڪو سنڌ جي مسئلن تي اُٿي کڙو ٿيندو هو ۽ هر سنڌ جي حمايتي تحريڪ جو ساٿي هو جيڪو هر وقت پنهنجي پختگي سان سنڌ سان وفا جو وچن پيو ورجائيندو رهندو هو. رشيد راڄڙ اخبار ي دنيا جي حوالي سان سنڌي اخبارن ۾ نوان نوان طريقه پڻ بلڊ اپ ڪيا ۽ جديد طرز سان خبر ٺاهڻ ۽ اسٽوري ٺاهڻ، خبر جي اهميت وڌائڻ سميت مختلف نوان طريقا متعارف ڪرايا جيڪي مستقبل جي صحافي نوجوانن لاءِ راهه هموار طور ثابت ٿيا، هن پنهنجي صحافت جي سفر ۾ پنهنجا ڪافي شاگرد به پيدا ڪيا جيڪي مختلف ادارن ۾ ڪم پڻ ڪري رهيا آهن. هن نفسا نفسي جي دور ۾ جتي هر ماڻهو پنهنجي پيٽ ڀرڻ کي وڌيڪ اهميت ڏيندو، ظلم ۽ بربريت جي انتها هجي، ماڻهو بک ۽ بدحالي جو شڪار هجن ۽ انهن غريبن جي دانهن ۽ ڪوڪ ٻڌڻ وارو ڪو ئي نه هجي، هر پاسي انصاف جا در بند ٿيل هجن، سنڌ جي حقن تي ڌاڙا هنيا وڃن، حق ۽ سچ جو آواز اٿارڻ هڪ ڏوهه سمجهيو وڃي، هر ماڻهو انتقامي ڪارواين جو نشانو بڻجندو رهي ۽ ٻين ڪارڻ جيئڻ وارو جذبو هن جُوءِ مان ئي لڏي وڃي ته اُتي رشيد راڄڙ جهڙا ڪردار تاريخ ۾ هميشه ياد ڪيا ويندا ۽ تاريخ انهن کي هميشه سٺن سونهري اکرن سان ياد ڪندي ۽ سنڌ امڙ هميشه اهڙن پنهنجن جوڌن تي ناز ڪندي رهندي، رشيد راڄڙ اڄ اسانجي وچ ۾ ناهي رهيو پر هن جون ڪيل خدمتون، هن جا ڪيل انساني قدر احساس، هن جا جذبا، هن جون محنتون، هن جون ڪاوشون ،ڪوششون، ۽ هن جي پيدا ڪيل درد ن جي دانهن ٻڌڻ واري هٻڪار اڄ به زندهه آهي جيڪا هميشه اسان سنڌ واسين جي دلين تي راڄ ڪندي رهندي. رشيد راڄڙ جديد سنڌي صحافت ۾ سندس ڪردار زلف پيرزادو ڏانهن ڪر ٿيام، ساڃاهه سپيرين سين تڏانهن ڪر تر جيترو، وير م وسريام، اندر روح رهيام، سڄڻ اوطاقون ڪري. (ڀٽائي) رشيد راڄڙ سنڌ جي انهن اڪيچار صحافين مان هڪ هو، جن صحافت رڳو پيٽ گذر لاءِ نه ڪئي پر بامقصد صحافت ڪئي. اهو پورهيو رشيد نه رڳو قومي فرض سمجهي ڪيو پر انتهائي خبرداري، بي باڪي، سچائي ۽ ايمانداريءَ سان ڪيو. رشيد راڄڙ سان منهنجي سڃاڻپ ڪنهن سياسي ڪارڪن طور نه پر هڪ صحافي طور ٿي جڏهن روزاني عوامي آواز جي نيوز ڊيسڪ تي سب ايڊيٽر طور ڪم ڪندو هيس ۽ رشيد عوامي آواز کي حيدرآباد مان بيورو چيف طور خبرون ڏيندو هو، ڇاڪاڻ ته ان وقت ڪميونيڪيشن اڃا ڏکي هئي، ان ڪري تازيون خبرون اداري تائين پهچائڻ جو واحد وسيلو ٽيليفون هئي.ان ڪري سنڌ جا ضلعي رپورٽر شام جو فون ڪري اداري کي خبرون لکائيندا هئا. رشيد راڄڙ جو قدرتي طور ڳالهائڻ اهڙو هو جو سندس ڳالهه ٻڌڻ واري لاءِ سمجهڻ هڪ وڏو امتحان هو، سو وري فون تي لکائي خبرون ته سب ايڊيٽر لاءِ سندس خبر ٻڌڻ ۽ سمجهڻ ڄڻ ته اڃا وڏو امتحان هوندو هو، سو ٿيو ايئن جو جيئن ئي رشيد جي فون ايندي هئي ته پوري ڊيسڪ ڏڪي ويندي هئي، جيڪو فون کڻندو هو. سو رڙ ڪندو هو، نيوز ايڊيٽر رزاق سروهي کي ته سائين حيدرآباد کان رشيد راڄڙ صاحب خبرون لکائيندو. سئوٽ سروهي هڪدم حڪم ڪندو ادا سئوٽ زلف جي حوالي ڪيوس، پاڻهي منهن ڏيندو ۽ مون کي مرڪي چوندو سئوٽ سنڀاليو پنهنجي يار کي اسان کان ڳالهه ڳري آهي. پوءِ رشيد ۽ اسان فون تي پيا ڀوڳ به ڪندا هئاسين ۽ خبرون به لکندا هئاسين. اها هئي رشيد سان دوستيءَ جي ابتدا پوءِ ته وري رشيد هليو ويو روزاني ڪاوش ۾، اتي رشيد بهرحال هڪ بهترين صحافيءَ طور پاڻ مڃايو. ان کان پوءِ وري رشيد سان گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو تڏهن مليو جڏهن کاٻي ڌر جي سياسي ماٺار بعد ڪجهه دوست واندا هئا ۽ چندو ڪري روزاني سنڌ اخبار شايع ڪيائون، رشيد ڪراچيءَ آيو ۽ رزاق سروهي کي سنڌ اخبار ۾ نيوز ايڊيٽر طور ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪيائين، پوءِ رزاق سروهي پنهنجي ٽيم ٺاهي ۽ اٽڪل عوامي آواز جي سموري نيوز ڊيسڪ ڄڻ ته سنڌ اخبار ۾ منتقل ٿي آئي. رشيد راڄڙ جي ايڊيٽرشپ هيٺ ڪامياب اخبار شايع ٿي پر اڳتي هلي مالي مسئلن سبب ادارو ٺهي نه سگهيو، نيٺ دوست هيڏي هوڏي ٿيا. مون کي زندگيءَ ۾ صحافت جو عجيب ۽ انوکو تجربو ڪرڻو پيو يعني بنا بقايا جي سنڌي اخبار ڪڍڻي پئي ۽ روزاني الک اخبار ۾ وڃي پهتس. اهو تجربو به ڪنهن حد تائين ڪامياب ٿيو پر مختلف سببن جي ڪري اها اخبار آخرڪار بند ٿي وئي. زندگيءَ ۾ لاها چاڙها ايندا رهيا پر رشيد سان ياريءَ جو رشتو مضبوط ٿيندو رهيو، آخرڪار گهرڀاتين سميت هڪ ٻئي جي گهرن ۾ اچڻ وڃڻ، رهڻ جو سلسلو شروع ٿيو جيڪو اڄ به قائم آهي. هاڻ به جڏهن ٻارڙن کي موڪلون ٿينديون آهن ته چوندا آهن ابو! چاچا رشيد ته هليو ويو هاڻي ڄام شوري هلنداسين؟. آئون چوندو آهيان بابا رشيد ڪاڏي به نه ويو آهي، هو منهنجي ۽ پنهنجن يارن جي اندر ۾ اوطاق قائم ڪري ويٺل آهي. اوهان کي موڪلون ٿينديون ته ضرور ڄام شوري هلنداسين. هڪ ڀيري مون کي خبر پئي ته رشيد جي طبعيت خراب ٿي پئي آهي، اتفاق سان منهنجي امڙ به بيمار هئي ۽ ڪراچي سول اسپتال ۾ داخل هئي، مون رشيد کي موبائل تي ڪال ڪئي ۽ طبعيت جي پڇا ڪئي ته جواب ۾ چيائين ته دل جي تڪليف آهي، معاملو ڪراچيءَ ۾ ڪو نيشنل ميڊيڪل سينٽر آهي اتي حل ٿيندو، سو جڏهن تون ٽائم ڏيندين ته ايندس ۽ اسپتال ۾ مون سان تون گڏ هوندين، ٻيو ڪير به نه هوندو، مون چيو ته دل جو معاملو آهي جلد اچ، چيائين ته ڊاڪٽر جو نمبر موڪليان ٿو، ان کان ٽائيم وٺي مون کي ٻڌاءِ مون ڊاڪٽر منصور کان ٽائيم ورتو ۽ رشيد کي گهرايو، هڪ دوست کان ڪجهه ڏينهن لاءِ موٽر سائيڪل ورتي، رشيد آيو اين ايم سي وياسين، ڊاڪٽر چيو ته هن جي دل جو وال ٻن هنڌان بند آهي، لکن ۾ خرچ ٻڌايائين پر ڇاڪاڻ ته رشيد اداري جي پينل تي هو سو مون ڊاڪٽر کي چيو ته جيڪو به ڪرڻو آهي اهو ڪيو، ڊاڪٽر لکن ۾ خرچ ٻڌايو ۽ چيو ته هن جا وارث ڪاٿي آهن، انهن کي صحيح ڪرڻي پوندي، سو رشيد راڄڙ هڪدم ڊاڪٽر کي چيو ته منهنجو وارث اهو زلف آهي، اهو ئي صحيح ڪندو. ڊاڪٽر کلي چيو ته هي لاڙڪاڻي جو پيرزادو تون ڄام شوري جو راڄڙ هي تنهنجو وارث ڪيئن ٿيو. بهرحال جيئن تيئن ڪري دليل ڏئي ڊاڪٽر کي قائل ڪيوسين ته اسان هڪ ٻئي جا وارث آهيون، اوهان صحيح وٺو ۽ آپريشن ڪيو. بس! پوءِ موٽرسائيڪل تي ڪنهن وقت امان وٽ سول اسپتال پهچان، ان کان ٿي وري رشيد وٽ پهچان، خير گهڻا ڏينهن ڪو نه لڳا، رشيد ٻن ڏينهن ۾ صحتياب ٿي ويو ۽ پنهنجي دوست منير ميمڻ جي اوتاري تي وڃي آرامي ٿيو ۽ پوءِ فائنل چيڪ اپ ڪرائي ڳوٺ روانو ٿيو، ان بعد جڏهن به چيڪ اپ لاءِ ايندو هو ته هڪل ڪندو هو، يار ڊاڪٽر کان ٽائم وٺ اچان ٿو، چيڪ اپ لاءِ اهڙي طرح رشيد راڄڙ سان سنڌ جي مختلف علائقن ۾ سفر جا موقعا به مليا هڪ اڌ سفر ۾ ته سئوٽ اقبال ملاح به شامل هو، اهي سفر به يادگار آهن، جيڪي اڄ به ياد ڪري سئوٽ اقبال ۽ اسان خوبصورت يادگيرين جا بند ڀڃي وجهندا آهيون، رشيد سان زندگيءَ ۾ جن به يارن وڙ ڪيا، انهن کي رشيد هميشه ياد رکيو ۽ مون سان ذڪر به ڪندو رهيو. رشيد جو ڪراچيءَ جڏهن به اچڻ ٿيندو هو ته ٺڪاڻو علي بخش مورو جو هوندو ۽ پوءِ مرحوم ارشاد گلاباڻي، ارباب چانڊيو ۽ مون کي فون ڪندو هو، ابا آيا آهيون، سردار علي بخش جي اوتاري تي آهيون، اچو ته محفل مچايون، پوءِ اچي گڏ ٿيندا هئاسين، هڪ ٻئي سان چرچا، ڀوڳ، گارگند، ميهڻا ۽ ميارون ڏئي وري روانا ٿيندا هئاسين. هڪ ڀيري رمضان شريف جو مهينو هو سردار علي بخش جو زم زمه پارڪ لڳ فليٽ هو، رشيد راڄڙ آيو، سڀ دوست گڏ ٿياسين محفل هلي ۽ ڪجهه دوست پنهنجي گهرن ڏانهن روانا ٿيا. ان ڏينهن رشيد ضد ڪيو ۽ ضد به سفا ٻاراڻو، مون کي چيائين رات گهر نه وڃ، اتي رهي پئه، هن جي ٻاراڻي ضد تي رهي پيس، روزي رکڻ جي وقت کان ٿورو اڳ سردار علي بخش کي فرمائش ڪيائين ته سمنڊ تي هلون، سردار به دير ڪا نه ڪئي، ڪلٽس گاڏي ورتي هيائين، سو ڊرائيور کي حڪم ڪيائين ته هلو سمنڊ تي ٿا هلون. ننڊاکڙن نيڻن سان سمنڊ ڪناري پهتاسين، رشيد پير پسائڻ بهاني سمنڊ ۾ گهڙي پيو ۽ پوءِ وڃي اڳتي وڌندو. سردار ۽ اسان کيس پوئتي ڇڪڻ لڳاسين، چيائين! اڄ مون کي ڇڏيو سمنڊ منهنجو، آئون سمنڊ جو، مون کي پاڻ سمنڊ حوالي ڪرڻ ڏيو!. پوءِ جيڪا مون سان ۽ سردار علي بخش سان ٿي، اها ڪيفيت بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي. وڏي مشڪل سان رشيد کي سمنڊ کان ٻاهر وٺي آياسين. بهرحال رشيد سان تمام گهڻيون يادگيريون لاڳاپيل آهن. رشيد صوفي منش صفا سچو، کرو ۽ ايماندار انسان هو. هن ڪڏهن به قلم کي پنهنجي ذاتي مفاد ۽ فائدي لاءِ استعمال نه ڪيو. سنڌي صحافت ۾ سندس نالو هڪ ڪميٽيڊ، ايماندار، آدرشي ۽ کري صحافي طور هميشه ياد رکيو ويندو. باقي ذاتي طور منهنجي ڪيفيت اڃا تائين لطيف جي هن بيت جيان آهي: ڪارا ڪنديس ڪپڙا، هٿن سين هاڻ هيم جا رهاڻ، سا ڀڃي هوت هليا ويا. ڪامريد رشيد راڄڙ اڙٻنگ شخصيت ۽ ڪردار صالح بلو وقت ڪيئن تيزي سان گذري ويو ۽ ڪامريڊ رشيد راڄڙ کي هڪ سال وڇوڙي کي ٿي ويا، جيڪو بيشڪ جسماني طور اسان وٽ موجودگي ڪونهي ليڪن روحاني ۽ نظرياتي طور هو موجود آهي. رشيد راڄڙ جي زندگي ڏکن سورن جدوجهد ۾ گذري جنهن نه ڪنهن سان ڪا شڪايت ڪئي نه ڳالهه ڪئي، ليڪن پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهيو، سندس زندگي جي مقصد واري ڪا نه هئي، جنهن جو عشق ڌرتي ۽ مظلوم عوام سان هو جيڪو هر وقت سوچ ۾ گم ۽ ڪجهه نه ڪجهه سوچيندو رهندو هو رشيد راڄڙ جنهن شاگردي زماني ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي ونگ شآگرد تنظيم ڊي ايس ايف ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ حيدرآباد جو صلعي صدر ٿيڻ بعد ڪامريڊن جي محبت ۾ اچي ڪميونسٽ پارٽي ۾ رهيو، جيڪو پنهنجي خيالن جو نه صرف اظهار ڪندو هو بلڪه اختلاف پڻ رکندو هو، ڪامريڊ رشيد راڄڙ جيڪو ننڍي هوندي کان بهادر حق گوئي انسان هو، جيڪو قومن جي وجود لاءِ سنڌي قوم کي پنهنجو حق ڏيارڻ لاءِ جدوجهد ڪندو رهندو هو، هن سياست بعد صحافت ۾ اچي مسڪينن کي حق ڏيارڻ لاءِ عزم ڪيو هو ۽ ڪامريڊ ساٿين پاران ڪراچي مان ڪڍيل اخبار عوامي آواز جي بيورو رپورٽر حيدرآباد بنيو جنهن بعد جڏهن ڪامريڊ ساٿين پنهنجي هڙون وڙون ڏيئي ۱۹۹۵ع ۾ سنڌ اخبار ڪڍي ته ان وقت رشيد راڄڙ ڪاوش اخبار ۾ ڪم ڪندو هو جيڪو بعد پنهنجي ساٿين سميت ڪاوش ڇڏي سنڌ اخبار ۾ پهرين ايڊيٽر طور ڪم ڪيو، جتي ارشاد گلاباڻي، لالا رحمان ۽ ٻيا ساٿي هٿ ونڊرائيندا رهندا هئا، ڪامريڊ رشيد راڄڙ جيڪو آزادي سان پنهنجي ويچار ونڊڻ ۽ سوچ ڦيلائڻ سنڌ اخبار مان ڪري سگهيو پئي اهو ڪاوش مان نه پيو ڪري سگهيو، جنهن جو گهر ڪاوش نه بلڪه سنڌ اخبار هئي، جيڪا ڪارڪنن جي اخبار جنهن کي هلائڻ وارو رشيد راڄڙ هڪ بهادر بي باڪ انسان هو، جنهن ڪنهن به عامر جابر جي اڳيان نه جهڪيو نه وڪيو، جيڪو زندگي جي هر ڏکي موڙ اچڻ ته به ان انسان ڄڻ کيڏندو رهيو، جنهن جي دور جا ڪيترا واقعا سامهون آيا، جڏهن ته خاص واقعو ٽنڊو بهاول ڪيس جيڪو هن جنهن جو جرئت بهادر سان نمودار ڪيو ۽ ڪيترو به دٻاءُ هجڻ باوجود نه جهڪيو ۽ ميجر کي ڦاهي جي ڦندي تائين پهچايو، جيڪو ٽنڊو بهاول ڪيس ۾ حيدرآباد جي ٻين ڪجهه صحافي جي مڙسي کي وساري نه ٿو سگهجي. رشيد راڄڙ جيڪو هڪ ڪميٽڊ انسان هو ۽ پنهنجي نظرئي سان سچو سنڌ ڌرتي سان پيار ڪندڙ محبتي ماڻهو جيڪو پنهنجي فرض کي بهتر نموني نڀائيندو رهندو هو، جنهن ڪڏهن به اصولن تي سودي بازي نه ڪئي، جنهن سان ٻيا ڀلي اختلاف رکندا هجن، ليڪن سندس ڪردار ۽ قلم جو پورهيو ڪير وڪڻي نه پئي سگهيو، ڪامريڊ رشيد راڄڙ، جنهن جو گهر ۾ مڪمل ٺهيل نه هجڻ ۽ ڳوٺ جو رستو تباهه حال ٿيڻ ليڪن هو ڪنهن اڳيان هٿ نه ڦيلايا بلڪ بهادر کي ۽ جرئت سان منهن ڏيندو رهيو، رشيد راڄڙ وٽ هر ڪنهن لاءِ عزت هوندي هئي، رشيد راڄڙ جيڪو صحافت جي سچ جو امين هو، جنهن پنهنجو پورهيو ڪري ثابت ڪري ڇڏيو هو ته هو ڪڏهن به مرڻو نه آهي، رشيد راڄڙ جو واسطو هڪ ڪنهن مڪتب فڪر سان هو ۽ انهن سان آخري وقت تائين نڀائيندو رهندو. هو ڪڏهن ڪڏهن ته اهڙا ڀوڳ ڪندو هو ته دماغ چڪرائجي ويندو، ڪڏهن ته ماٺڻي طبعيت سان خاموش بنيل جيڪو صحافين لاءِ ڇپر ڇانو هو ته ايندڙ لاءِ محبتي انسان هو، رشيد راڄڙ جي خطرناڪ بيمار ڪينسر جيڪا کيس خبر به هئي، ليڪن هو نهايت ئي بهادري سان ان کي توجهه نه ڏيندو هو، ليڪن بيماري کيس وڪوڙي وئي ۽ موت جي منهن مان هو بچي نه سگهيو ۽ جسماني طور اسان کان جدا ٿي ويو، سندس يادون ملهايون وڃن پيون.
قربان پيرزادو جاکوڙي جن جي ذات مهتاب اڪبر راشدي قربان پيرزادي لاءِ لکندي، مون کي پنهنجي يادگيرين کي ڪيئي سال پوئتي وٺي وڃڻو پيو. سال ۲۰۰۱ع جي ڳالهه آهي، سنڌ جي اطلاعات کاتي ۾ منهنجي سيڪريٽريءَ طور تقرري ٿي. اطلاعات کاتو، پنهنجي ڪم ڪار جي حوالي سان حڪومت جو سڀ کان وڌيڪ باخبر، تيز ۽ حساس محڪمو سمجهيو ويندو آهي. ان جي اهميت ڪو سمجهي ته وڏي آهي ۽ جي نه سمجهڻ چاهي، ته پوءِ کڻي اڄ جي اطلاعات کاتي کي ڏسو، جنهن ۾ اڄ خبر به نه ٿي پوي ته سيڪريٽري ڪير آهي؟ مان جنهن وقت جي ڳالهه ٿي ڪريان، ان زماني ۾ ڪنهن به محڪمي جو سيڪريٽري ڄڻ ته ان کاتي جو انتظامي بادشاهه سمجهو ويندو هو. وزير بيشڪ وزير هجي، پر جي آفيسر برجستو هوندو هو ته وزير به ان سان کونس گهڻي ڪو نه ڪندو هو. اطلاعات کاتي ۾ وري سيڪريٽريءَ جا دست و بازو ان جا ڊائريڪٽر اطلاعات هوندا آهن. منهنجي زماني ۾، مونکي اڪثر ڪري سٺا آفيسر مليا. سکر ڊويزن ۾ ڊائريڪٽر جي حيثيت سان قربان پيرزادي صاحب سان تعارف ٿيو. شائسته، شانائتو، نهٺو، پنهنجي ڪم جو ڄاڻو. ياد اٿم جڏهن سکر وڃڻ ٿيو ته پيرزادي صاحب، پنهنجي آفيس به ڏيکاري ۽ پريس ڪلب ۾ صحافي حضرات سان ملاقات جو اهتمام به ڪيائين. ان دوران جنهن شيءَ کي مون محسوس ڪيو اُها هيءَ هئي ته قربان پيرزادي صاحب جو صحافين سان وهنوار، بلڪل پروفيشنل هو. هر صحافي هن سان عزت سان پيش پئي آيو. هن جي مهذب ۽ پيشه ورانه پختگيءَ سبب، هن پنهنجي عزت ۽ مقام کي بلڪل مٿاهون رکيو. اهو ئي سبب هو جو، حڪومتي ترجيحات کي سمجهه سان سنڀالڻ، صحافي برادريءَ جي گُهرجن جو ادراڪ رکڻ ۽ خبرجي ترسيل ۽ پنهنجي کاتي کي، هر ضروري ڳالهه کان باخبر رکڻ ۾ پيرزادي صاحب ڪڏهين به ڪا ڪوتاهي ڪا نه ڪئي. سندس واسطو، انور پيرزادي سان آهي، مون تي اهو رازگهڻو دير سان منڪشف ٿيو. عام طرح سان ماڻهو، اڪثر پنهنجي اهميت وڌائڻ لاءِ پنهنجي ڄاڻ سڄاڻ، دوست احباب ۽ خاندان جي ڪن ڄاتل سڃاتل ماڻهن جا نالا پنهنجي آفيسر جي ڪن تائين پهچائڻ ۾ دير ئي ڪونه ڪندا آهن. پر قربان پيرزادي، ان حوالي سان به پنهنجي تعارف کي پاڻ تائين ئي محدود رکيو ۽ انور جو حوالو ڪٿي به نه ڏنائين. زندگيءَ جو هڪ وڏو حصو، پنهنجن مٽن ما ئٽن، دوستن ۽ هم پيشه دوستن سان ملندي جُلندي ۽ ڪم ڪندي گذريو وڃي. ان دوران انسان پنهنجي شخصيت جي ڪيترن ئي مختلف روپن ۾ انهن جي سامهون ايندو آهي. مختلف صورتحال ۾ هن جو ماڻهن سان ڪار وهنوار ئي ان جي شخصيت جي اصل حقيقت کي ظاهر ڪندو آهي. قربان پيرزادي متعلق سندس دوستن ۽ احبابن جا هن متعلق تاثرات ان ڳالهه جو ثبوت آهن. هن جو دوستن سان دوستيءَ جو ناتو نڀائڻ، تازو ڇپيل ڪتاب ”ڇنڻ مُور نه سکيا“ ۾ سندس ڏک سک ۾ ساٿ ڏيڻ، ضرورت پوڻ تي هر ڪنهن کي ڪم اچڻ ۽ ان سڄي سلسلي ۾ اخلاق ۽ فضيلت جي پهلوءَ کي مٿاهون رکڻ ئي قربان پيرزادي کي نمايان ڪري ٿو. سندس پنهنجن مضمونن ۾ گهڻي ڀاڱي “سنڌ” ئي هن جي اظهار جو موضوع آهي. ان تي حيرت ڪا نه ٿيم. ٻلهڙيجيءَ جي پيرزادن کي سندن امڙين سنڌ سان محبت جي اهڙي سُتي پياري آهي جو هر ننڍو وڏو، ان جي عشق ۾ غلطان آهي. هنن جي سوچ جي ابتدا به سنڌ سان ٿي ٿئي ته انتها به ان تي آهي. ٻلهڙيجي کي “لِٽل ماسڪو”، جنهن به سبب سان چيو ويو هوندو، پر اها به هڪ حقيقت آهي ته ان ننڍڙي ڳوٺ جي هڙني مردن توڙي عورتن جي سوچ ۽ خيالات جي پرواز اشتراڪيت ۽ انسان ذات جي ڀلائيءَ واري سوچ سان ئي هم آهنگ رهي آهي ۽ ان سوچ سان واڳيل رهڻ جو اظهار، توهان کي پيرزادي صاحب جي تحريرن ۾ باربار ملندو. سندس دوستن جي مضمونن مان پڙهندڙن کي اها به خبر پوندي ته، قربان، گهمڻ ڦرڻ جو به شوقين آهي ته مهمان نوازي به خوب ڪري ڄاڻي. اطلاعات کاتي جي نوڪريءَ به ان سلسلي ۾ سندس ڪافي مدد ڪئي. مختلف جاين تي وڃڻ، اتي جي معلومات هٿ ڪرڻ، حڪومتي ڪار پردازن کي به ان کان باخبر رکڻ ۽ پاڻ سان گڏ، ٻين جي معلومات ۾ به واڌارو آڻڻ کي قربان پيرزادي صاحب پنهنجي فرض ادائي سمجهي ڪيو آهي. سندس ڪتاب انهن سڀني ڳالهين جو مظهر آهي. قربان پيرزادو جيڪو ڇنڻ مور نه سکيو خالد ٻانڀڻ ماڻهوءَ جو من پرکڻ، ان جي اندر جون ڳالهيون سمجهڻ صورت ۽ سيرت جو چڱي ريت اندازو لڳائڻ ان جي اخلاق پيار مان پرکي سگهجي ٿو. پاڻ من جا موجي، من پنهنجو موجي آهي. موهه ۽ مرڪ جڏهن چپڙن جي ڪنارن سان ڳالهيون ڪرڻ لڳي، تڏهن هڪڙو احساس جنم وٺندو آهي ته هي انسان ڪيڏو نه خوشنصيب آهي، جنهن وٽ سدائين قرب ۽ پنهنجائپ ورهائڻ جا اندر ۾ ڄڻ ته ڪي انيڪ خزانا آهن. اهڙن سٻاجهڙن انسانن مان هڪڙو قربان پيرزادو به آهي، هو جڏهن سکر ۾ سڌ سماءُ کاتي جو ڊائريڪٽر هيو ته مون کي ياد ناهي ته اسان ڪڏهن هن سان ڪنهن ڏهاڙي تي نه مليا هجون. جيڪڏهن اسان سندس آفيس يا آستاني تي نه ويندا هئاسين ته هو اچي آفيس پهچندو هو ۽ مرڪندي چوندو هو ڇو ڀلا ٻاجهه ڪانگهاري ڪري ڇڏي اٿوءُ؟ تڏهن اسان سندس معياري ٿي پوندا هئاسين. هو رڳو سڌ سماءُ جو ڊائريڪٽر نه هيو پر ڪتابن سان دلچسپي، پڙهڻ لکڻ هن جي زندگي جو حصو آهن. مون هن جهڙو هن دور ۾ لطيف شناس نه ڏٺو. لطيف سرڪار جي شعرن ۾، ڪنهن لفظ ۾، منجهندا هئاسين ته منهنجي پهرين فون سائين قربان پيرزادو ڏانهن ويندي هئي. جيڪو لطيف جي بيتن جون معنائون اهڙي سهڻي انداز ۾ ٻڌائيندو ۽ سمجهائيندو هو جو اصل واهه واهه ٿي ويندي. سليم ڀٽو لطيفي جڏهن سکر ۾ ايڪسائيز کاتي ۾ آفيسر ٿي آيو ته منهنجي ان سان پهرين ملاقات به قربان پيرزادو جن ڪرائي هئي. تقريبن شام جو لطيفي جي ڪتابن سان ڀريل هڪ ننڍڙي ڪمري ۾ ڪچهري ڪرڻ لاءِ قربان جن سان گڏ ويندو هئس، جتي سليم ڀٽو لطيفي ۽ قربان پيرزادو جن جي وچ ۾ لطيف سرڪار جي فن فڪر، شعرن تي وڏا وڏا بحث ٿيندا هئا. اسان اڪثر ڪري خاموشي سان ٻڌندا هئاسين. جتي ٿوري گهڻي عقل آهر ضرورت پوندي هئي ته بحث ۾ حصو وٺندا هئاسين. قربان پيرزادو اڄ به پنهنجي ذات ۾ هڪڙي علم ادب ۽ پيار جي يونيورسٽي آهي، هو ڪيترا سال اڳ سڌ سماءُ کاتي مان ريٽائرڊ ٿي موهن جي دڙي ڀرسان وڃي پنهنجو ڳوٺ ٻلهڙيجي وسايو، پر سندس گڙدن جي تڪليف گهڻو وقت کيس اتي رهڻ نه ڏنو، هينئر هو ڪراچي جي گهميل هوائن ۾ ڊائلاسز تي رهي ٿو. ڌڻيءَ در دعا آهي، کيس جلد صحتيابي نصيب ٿي ۽ زندگي جون اڃا کوڙ ساريون بهارون ماڻي. تازو سندس زندگي تي قربان صاحب جي پنهنجي لکڻين تي ڪتاب ”ڇنڻ مور نه سکيا“ ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو آهي، پر مون تائين نه پهتو هو. مان جڏهن ڪجهه ڏهاڙا پهرين سکر جي سڌ سماءُ واري آفيس ۾ ڪم سانگي ويس ته سيد آصف شاهه جي ٽيبل تي ڪتاب پيل ڏٺم. آصف شاهه، قربان پيرزادو جي شاگردي ۾ رهندي هن وقت سکر اطلاعات کاتي جو ڊائريڪٽر آهي. مان نه رڳو هجت ڪري اهو ڪتاب اتان کنيو، پر آصف شاهه فون تي قربان پيرزادو جن سان ڳالهه به ڪرائي. فون تي وڏي عرصي کان پوءِ تمام گهڻي ڪچهري ٿي. سندس آواز ۾ اڃا تائين ساڳي کل مذاق ۽ هجتن جا انبار مليا. ڪتاب ”ڇنڻ مور نه سکيا“ ۾ جن به دوستن قربان پيرزادو تي لکيو آهي، اهو پورو سچ ۽ هن جي شخصيت سان انصاف ڀريو آهي. قربان پيرزادو اڄ به انور پيرزادي کي پنهنجو استاد ٿو سمجهي. بدر ابڙي لکيو آهي ته قربان پيرزادي جي عمر ايتري لڳي ڪونه ٿي، جيتري ٻڌائين ٿا. چون ٿا ته ۱۹۴۸ع ۾ جنم ورتائين ۽ انور جڏهن سنڌ يونيورسٽي ۾ انگريزي پڙهائيندو هو، تڏهن قربان اتي انگريزي ادب ۾ داخلا ورتي ۽ ايم اي ڪري نڪتو. معنيٰ ته قربان پيرزادو انگريزي ادب جو به وڏو ڄاڻو آهي. هو جڏهن انفارميشن جو ڊائريڪٽر هو تڏهن به فقيري هن جي وجود جو حصو هئي. وڏن وزيرن، مشيرن، ڪامورن جي گڏجاڻين ۾ نوڪري جي نسبت سان ويندو ضرور هو پر هو تڪڙ ڪري ڊائريڪٽر هجڻ جي حيثيت سان ڪڏهن به اڳي ڪرسي تي وڃي ويهندي ڪو نه ڏٺو. هميشه ڪنڊائتي ڪرسي ڳولي وڃي، ان تي ويهي رهندو هو. شور شرابي کان هميشه پاسيرو رهندو هو. اڪيلائي هن جي بهترين ڪرت هوندي هئي، نه ته اسان وٽ ڪوئي رڳو سترهين گريڊ ۾ وڃي ٿو، تڏهن به آڪڙ ۾ ڪنڌ جي هڏي سڄائي ڇڏي ٿو. ڪنڌ ۾ ڄڻ ڪلي لڳل هجيس پر هن فقير ماڻهوءَ وٽ اهڙيون ارڏايون ڪو نه هيون. ڇو ته هو پاڻ خانداني، ڳوٺ جو زميندار ۽ تمام وڏي حيثيت رکندڙ آهي. پر ان کي ڪڏهن به محفلن ۾ ظاهر ڪونه ڪيو. هڪ سچي کري انسان جون اهي به خوبيون هونديون آهن ته هر ڳالهه سڌي منهن تي چئي ڏئي، جيڪا ڳالهه قربان پيرزادو جي طبيعت جو حصو آهي. مونکي اها خبر ڪتاب ڇنڻ مور نه سکيا مان پئي ته هو شاعر به آهي. نوڪرين دوران هن ڪڏهن نه ٻڌايو ته شاعري به ڪندو آهيان. ڪتاب ۾ عبدالڪريم گدائي تي لکيل نظم پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي ته هو ڪيڏو پختو شاعر آهي، سندس لڪيل راز کي پڙهندڙن جي آڏو رکان ٿو ته ڏات جنهن وقت ٿي ماٺي ٿئي فن کي ان وقت ڄڻ ڪو ڪک ٿو سنگهي روح ٿو ريهه ڪري پاڻ ٻري جيءَ جهري جان کي جهنجهوڙ ڪري اتي مورخ هيئن چوي فن کي شايد فالج ٿيو آ واهه واهه ڪمال جو فن ۽ خيال آهي آخر تائين ٿيل شعر سان نباهه سچ پڇو ته مون کي ڏاڍو وڻيو آهي. هن ڪونج جهڙي سٻاجهي شخص ڪوئل جهڙي لات رکندڙ قربان پيرزادو ۴ سيپٽمبر ۱۹۴۸ع تي موهن جي دڙي جي قدامت تهذيب ڀرسان لاڙڪاڻي ضلعي جي ٻلهڙيجي ۾ جنم ورتو. هن ڳوٺ کي لٽل ماسڪو به چوندا آهن. ڇو ته ٻلهڙيجي علم ادب سياست جي حوالي سان پوري سنڌ ۾ نرالي تاريخ ۽ حيثيت رکي ٿو. اهو انور پيرزادو هجي، ڪامريڊ گلاب پيرزادو هجي، محب پيرزادو يا کڻي قربان پيرزادو هجي، وري نوجوانن جي کيپ ۾ زلف پيرزادو، سهيل پيرزادو، الطاف پيرزادو ۽ ٻيا کوڙ نالا حوالي طور ڳڻائي سگهجن ٿا. قربان پيرزادو ۱۹۸۱ع ڌاري سڌ سماءُ کاتي ۾ سکر ۾ تڏهن آفيسر ٿي آيو هو، جڏهن اسان کي صحافت جي ”ص“ جي به خبر ڪو نه هئي. سندس جنم ته 4 سيپٽمبر تي ٿيو هو پر رٽائرڊ وري ۳ سيپٽمبر ۲۰۰۸ع ۾ ٿيو. هن نوڪري جهڙي نيڪ دلي خوب سچائي ۽ ايمانداري سان ڪئي، شايد ڪو اهڙو آفيسر اڄ جي دور ۾ هجي، جيڪو چئي ته مان قربان پيرزادو جهڙي صاف شفاف نوڪري سرانجام ڏئي رهيو آهيان. مون کي اهڙو ماڻهو ڳولهيو ڪونه ٿو لڀي. جيڪو قربان پيرزادو جهڙو آدرشي ۽ اصول پرست هجي. سدائين قرب جون ڪچهريون، پيار جا ميلا مچائڻ هن جي زندگيءَ جو مشغلو رهيو آهي. دوستن کي سڏڻ، ڪٺو ڪرڻ ادبي ميڙاڪن ۾ هلي وڃڻ اهو به پابندي سان ۽ وقت تي پهچڻ هن کان ڪوئي سکي. چوندا آهن اندر ۾ ڀلي کڻي سوين درد ڀريل ڇونه هجي پر مک تي مرڪ لازمي آهي. قربان پيرزادي ۾ اها خوبي آهي ته مک تي سدائين مرڪ هوندس، پڪا ڀوڳ ڪرڻ، وڏا ٽهڪ ڏيڻ زندگي ۾ ڄڻ نوان رنگ ڀري ڇڏيندو آهي. هي ناچيز بندو ساڻس عمر ۾ ننڍو هجڻ جي باوجود هن کان گهڻو ڪجهه سکيو آهي. ڌڻي در دعا آهي ته هو ايئن سدائين کلندو ملندو، ٽهڪ ڏيندو رهي. هو اڃا کوڙ سارا ڪتاب پنهنجي سنڌي سٻاجهي ٻولي کي ارپيندو رهي. قربان پيرزادو هڪ دور جي پڄاڻي - هڪ مور شخص جي موڪلاڻي الطاف پيرزادو قربان پيرزادو، جنهن کي پنهنجي امڙ پيار مان قربڻ سڏيندي هئي سو قربڻ اڄ ٻلهڙيجي کان، سنڌ کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو. قربان صاحب جي سڄي زندگي جدوجهد ۽ محنت ۾ گذري، هن ننڍپڻ کان جواني تائين زندگي جي راھ ۾ ايندڙ هر ڏکيائي، هر مشڪل کي چيلينج سمجهي کنيو، ۽ انهن جو مڙس ٿي مقابلو ڪيو. نتيجي ۾ کيس اهڙي ڪامياب ۽ لازوال زندگي نصيب ٿي، جيڪا ڪنهن کي نصيب ٿيندي آهي ۽ نصيب وارن کي ئي نصيب ٿيندي آهي . هو ايماندار ۽ فرض شناس آفيسر به هو ته ذميوار پيءَ به. هو ڪچهري جو ڪوڏيو محفل جو مور اهڙو انسان هو جنهن کانسواءِ اوطاق ۽ ڪچهري ٻئي ٻسيون ڀاسنديون هيون. قربان صاحب هر ٽهي جو ماڻهو هو، هر عمر وارن جو يار، ڪمال جو انداز بيان رکندڙ هن ماڻهو جي شائسته گفتگو کي سندس ٽوٽڪائي ۽ ڀوڳائي انداز اهڙي ته رونق بخشيندو هو جو هن کانسواءِ ڪچهري ڄڻ ته بي رونق لڳندي هئي. سياست، ادب ۽ لوڪ ڏاهپ هن جي پسند جا موضوع هوندا هئا . هو سماجي خدمت ۽ ڳوٺ جي فلاح بهبود لاءِ به سرگرم رهيو. ڳوٺ لاءِ بجلي جي سهولت هجي يا ڳوٺ سڌار سنگت يا وري انڊس ڊولپمينٽ ايسوسرئيشن يا سوشل ميڊيا هر محاذ تي سرگرم رهيو. هن هر ٽهي ۽ نسل سان پاڻ کي ڳنڍي رکيو. سوشل ميڊيا جي ذريعي هن ڳوٺ سان ۽ ڳوٺ وارن سان پاڻ کي ڳنڍي رکيو. ٻلهڙيجي واٽسيپ گروپ تحت سرگرمين ۾ به پيش پيش رهيو. هو گذريل ٻن ٽن کان بيمار هيو پر بيماري کي پاڻ تي حاوي ٿيڻ بدران پاڻ بيماري تي حاوي رهيو. قربان صاحب ڪتاب به هو اديب به هو سرجڻهار به. هو دوستي جي کيتر ۾ وري اهڙو ته شاهوڪار هو جو سڄي سنڌ ۾ جتي به وڃو اوهان کي سندس دوست يار ضرور ملندا. انور پيرزادو ۽ قربان صاحب ننڍپڻ جا اهڙا پڳ مٽ ۽ لنگوٽيا يار هئا جن ٻلهڙيجي ۾ شعور جي لاٽ ٻاري. فرسوده ريتن ۽ رسمن کان بغاوت ڪري ٻلهڙيجي کي نئون دڳ، رنگ ۽ روپ ڏنو. قربان صاحب اڄ اسان کان وڇڙي ويو آهي. هن جي وڇوڙي ٻلهڙيجي جي اوطاقن کي به ٻسو ڪيو آهي ڪراچي ۾ ٻلهڙيجي واسين جي مچندڙ ڪچهرين کي به. هو اڄ پنهنجي جيون ساٿي کي به وڇوڙي جو وھ ڏئي اڪيلو ڇڏي ويو، جنهن کانسواءِ سندس پل به نه سرندي هئي. اڄ ٻلهڙيجي اداس آهي، ٻلهڙيجي سوڳوار آهي. ٻلهڙيجي پنهنجي هن صدوري ۽ سلڇڻي پٽ کي هميشه ساريندي رهندي. قربان پيرزادو زندگيءَ جي عملي تفسير جهڙو راز علي گُل ڀٽو تو تي ڇا قُربان ڪجي، ڏَسي ڇا ڪجهي. جان ودل قربان ڪجهي، ڏَسي ڇا ڪجي. هن بيت جهڙو هڪڙو ماڻهو ۱۴ جنوريءَ ۲۰۱۸ع تي اوهان اسان سڀني کان بنا موڪلائي راهه عدم جو راهي ٿي ويو، اڄ هو مخدوم شاهه جمال جي اباڻي قبرستان ۾ اهڙي ابدي ننڊ ۾ سُتل آهي، جتان کيس واهان اسان مان يا ڪير به جاگائي يا اُٿاري نٿو سگهي. حياتي گذارڻ وڏي ڳالهه ناهي، ٻين لئي جيئڻ ئي اصل زندگي آ. ٻين کي حياتي ارپڻ جو گڻ هر ڪنهن انسان ۾ ناهي ٿيندو، جيڪو قربان پيرزادي صاحب ۾ هئو. مگر هو علمي طور ان گُڻ سان مالا مال هُيو، ڪسي پڪي، ڏک سک ۾ سٿ نباهڻ وارو هي مانيٺو ماڻهو هر روح جي راحت بڻجي رهيو، ۱۹۷۹ع يا ۱۹۲۰ع ڌاري ان وقت ساڻس واچتي ملاقات ۾ مونکي اها پروڙ بنهه ڪا نه هُئي ته اڳتي هلي اسان ٻئي سڪ جي هڪڙي ئي سڳي ۾ پوئجي وينداسين، اهو اسان جي شاگرديءَ وارو زمانو هُيو، ۱۹۹۸ع ۾ جڏهن منهنجي بدلي سکر ۾ ٿي ته پتو پيو ته سائين به سکر ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر اطلاعات جي ڪرسيءَ سان قابو آهي. دوستن جي معرفت هڪٻئي سان رابطو ٿيو، ميل جول ٿي ۽ پوءِ ته اهڙا ڪڙيا سي ۽ جڙياسي جو ڪڏهن سائين منهنجي آفيس ۾ ته ڪڏهن مان سندس آفيس ۾ مٿان ٻين محبتن کي به ميڙي وٺندا هُئاسين، اهڙيون ڪچهريون لڳنديون هُيون جو ٻئي سرڪاري وقت جي خيانت ڪري وٺندا هُئاسين، سنڌي ادبي سنگت سکر شام جي گڏجاڻي يا ڪنهن ٻئي ادبي ميڙاڪي ۾ گڏجي ويندا هُئاسين، مٿان وري مون ۲۰۰۳ع ۾ عشق پبليڪيشن رسالو گمبٽ مان جاري ڪيو ته ان کي رجسٽر ڪرائڻ ۾ ڪافي ڪارائتا مشورا ڏنائين، سي به مفت ۾، سندس ياداشت ۾ پاڪستاني حاڪمن جي ٽيهارو سالن جي لڪل تاريخ محفوظ آهي، اسان جو پاڻ ۾ يادگيريون لکڻ تي وڏو بحث ٿيندو هُيو، سائين ٿڌيرو مڙس لکڻ کان لهرائيندو هُيو، نيٺ دوستن جي گڏيل ستوهه ۽ اصدار تي هڪ ڪتاب ”ڇنڻ مُور نه سکيا“ جي عنوان سان سهيڙي ۽ ڇپائي ورتو، سندس هي ڪتاب مسقتبل ۾ سنڌي ادب ۾ چڱي جاءِ والاريندو. جيڪڏهن اسان کانئس يادگيريون لکرائڻ ۾ ڪامياب ٿيون ها ته سنڌي ادب جي تاريخ کي هڪ شاهڪار ڪتاب ملي پوي ها، ڇو ته سندس دفتر هڪ ادبي مورچو هُيو، جتي ادبي اوسر ترويج، ترقي ۽ سياسي لاهن چاڙهن تي وڏا وڏا بحث ۽ ٽيڪا ٽپڻيون ٿينديون هُيون. هو ايئرڪنڊيشنر کي “ٿڌي پيتي” سڏيندو هُيو، دوستن کي صلاحڻ مهل چوندو هُيو ته يارو اچو ٿڏي پيتي هلي ٿي چاءِ تي ڪچهري ٿا ڪريون، ڪچريون هن جو جياپو هُيون، ڪجهه سالن لاءِ بيماريءَ جي جنگ دوران ٻلهڙيجيءَ سان ٻه اکيون ڪرڻ تي مجبور ٿيو، ان لاءِ هيئن ڇو نه چوان ته؛ درد دلين جو طالبوُ دليون ڳولي ٿو چين چورائي دلين جو موهن جي دڙي جي چيڪي مٽيءَ مان ڳوهيل هي ماڻهو پنهنجي ڀاوءَ ۽ سُلوڪ جي ڪري ماڻهن جي دلين ۾ عُمر به ايڏي ئي ماڻيندو، هن جي يادن جا آثار به مُنهين جي دڙي جيترا پڪا ۽ پختا آهن، جن کي گردش ايام ۽ زماني جا جهلا جهولا ميثاري نٿا سگهن. ڏکارا هن لاءِ سندس ساڻيهه ۽ سٿ ته لازمي آهن، مگر اسان جهڙا سڌڙيا به سندس جدائي جي درد کان آجا ناهن. اوهان اسان جي سنگت جو هتي هجڻ سندس گهراڻي لاءِ ته آٿت ضرور آهي، ليڪن سندس سنگت کي صرف هُن جي قيمتي گهڙين ۽ يادگيرين جو سهارو آهي، جيڪي بيشڪ اسان جي دوستيءَ جي دم لاءِ وڏو اثاثو آهن. انهن يادگيرين کي قلم جي قبضي ۾ ڪري هڪٻئي ۾ ورهائي سگهون ٿا. هڪڙي يادگيري اها به آهي ته سيپٽمبر ۲۰۰۷ع ۾ هي مانائتو ماڻهو نوڪريءَ کان آجو ٿيو ته راقم الحروف هڪ شام ملهائڻ جي خواهش ظاهرڪئي ته هن مانائتي ماڻهوءَ دلي طور اها دعوت قبول ڪئي، ان شام ۽ رات ملهائڻ جي سموري ترتيب ۾ سندس راءِ ۽ صلاحون شامل هيون. اها شام گمبٽ شهر جي باءِ پاس تي موجود هوٽل جي ڇت تي ۱۱ سيپٽمبر ۲۰۰۷ع فرشي نشت جي صورت ۾ منعقد ڪئي وئي، جيڪا شام جو ڇهين وڳي شروع ٿي ۽ صبح جو پنجين وڳي تائين جاري رهي، جنهن ۾ سئو کان وڌيڪ سندس دوستن عزيزن ۽ ڳوٺاڻن شرڪت ڪئي. هن ليک ۾ اسان جنهن شخصيت جو ذڪر ۽ فڪر ڪيو، جيڪو توهان ۽ اسان جو پيارو، ڌرتيءَ ڄائو، جيڪو سٺ سال اسان اوهان ۽ الائي ڪيترن کي کلائيندي کلائيندي ۱۴ جنوري بروز اڱارو ۲۰۱۸ع تي راڄ رُئاري سڀ ڪسرُون ڪڍي وڃي شهر حمو شان جو مڪين ٿيو آهي، اهو دلين ڌڻي آهي، سائين قربان علي پيرزادو، شل جنت ڀيڙو هجي. ۲۳ فيبروري، بروز جمعو، سندس چاليهي جي نسبت سان لکيو ويو. قربان پيرزادو ويو وڻجارو اوهري شهباز پيرزادو جنهن سماج ۾ سنجيده، نظرياتي، اصولن جي پڪن، قول ۽ فعل ۾ مضبوط ۽ ذميواريون بهتر نموني سان نڀائيندڙ ماڻهن جي کوٽ هجي اتي جيڪڏهن ڪو اهڙن اصولن سان مالا مال ماڻهو موڪلائي وڃي ٿو ته سڄو سماج ماتمي جلوس جو ڏيک ڏئي ٿو جنهن ۾ هر ماڻهو سينو ڪُٽي فطرت سان احتجاج ڪري ٿو پر فطرت هر ماڻهوءَ لاءِ پنهنجا پنهنجا قانون ٺاهيا آهن، جن کي چاهيندي نه چاهيندي به قبول ڪرڻو پوي ٿو اهڙو ئي نه چاهيندي قبول ٿيندڙ ڏينهن ۱۶ جنوري ۲۰۱۸ به آهي جنهن ڏينهن تي هڪ ذميوار، ذهين، آدرشي ۽ باڪردار ماڻهو قربان پيرزادي جي ساهه جو پنڇي جز کان جدا ٿي ڪُل ڏانهن اڏري ويو ۽ سندس اهڙي اڏام سچائي ايمانداري رواداري ۽ ماڻهپي کي به روئاري وڌو. قربان پيرزادو هڪ اهڙو انسان جنهن پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به آدرشن کي پٺي نه ڏني. سچائي جو دامن نه ڇڏيو ۽ نه ئي ڪو اهڙو ڪم ڪيو جنهن تي ماڻهوءَ کي ڪنڌ جهڪائڻو پئجي وڃي. زندگي جي ڪنهن به موڙ تي هي مايوس نه ٿيو ڇو جو هن جيڪي به قدم کنيا اهي شعوري طور کنيا ۽ شعوري طور کنيل قدمن کانپوءِ مايوسي ويجهو ئي ڪا نه ايندي آهي. قربان پيرزادو ڪچهرين جو مور ماڻهو هو. گفتو کڻڻ جو ڏانءُ اهڙو هوندو هيس جو سموري ڪچهريءَ جو مرڪز لڳو پيو هوندو هو ٻارن سان ويهندو ته ٻاراڻيون پر سبق سان ڀرپور ڳالهيون ڪندو، اوطاق تي ويهندو ته سماج، سائنس، ادب، سياست، معيشت، بيوروڪريسي، لطيف ۽ سچل سائين سندس ڪچهرين جا موضوع هوندا. هر مڪتبهء فڪر جي ماڻهوءَ سان ان جي ذهنيت مطابق ڪچهري ڪرڻ جو تمام وڏو ڏانءُ هوندو هيس. آئون جڏهن ننڍو هوندو هيس ته قربان صاحب پنهنجي ننڍپڻ جا تجربا ٻڌائيندا هو. جڏهن ڪتاب پڙهڻ لڳاسين ته هو پنهنجو ۽ پنهنجي دور جو ادبي سفر سمجهائيندو هيو. مطلب پنهنجيون ۽ پنهنجي دور جون ڳالهيون اسان کي ٻڌائيندو به هيو ۽ اڻ سڌي طرح اها تلقين به ڪندو هيو ته هنن شين کي ڌيان ۾ رکو. ادب جي دنيا جو ذڪر نڪرندو هيو ته بابا قربان چوندو هو ته اڄڪلهه سڀڪو صاحب ڪتاب ٿيڻ جي چڪر ۾ اچي ويو آهي! مطالعو گهٽجي پيو جڏهن ته اشاعت ڏينهون ڏينهن وڌي پئي. ان ڳالهه مان اوهان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته هن اسان کي پنهنجي سماج جي حالت مطابق مطالعو وڌائڻ جي هدايت ڪئي ۽ تڪڙي اشاعت کان پرهيز ڪرڻ جو به چيو. ڏسو سادن لفظن ۾ ڪيڏي وڏي ڳالهه سمجهائڻ جو هنر رکندڙ هيو قربان پيرزادو. ها قربان پيرزادو اهو ماڻهو هيو جنهن جي نظر هڪ ئي وقت بدلجندڙ سماجي ۽ عالمي حالتن تي هئي. هو پنهنجي ڳالهه دنيا جي حالتن سان ڀيٽڻ بعد پيش ڪندو هيو، ڪڏهن به غلط بياني نه ڪندو۔ جيڪڏهن ڪا ڳالهه سندس مطالعي هيٺ آيل نه هوندي ته اهو چوڻ ۾ به نه لهرائيندو ته منهنجي اها شئي پڙهيل ناهي . هڪ دفعي امر جليل صاحب پنهنجي پروگرام ۾ شهيد هوش محمد شيدي کي ”هٿ جو ٺاهيل هيرو ڄاڻايو“ شام تي بابا قربان صاحب سان ڪچهري ٿي. مون کيس چيو امر جليل پنهنجن ڳالهين تان پاڻ ڦري رهيو آهي. هن ڪنهن زماني ۾ ”هوشو شيدي جي آخري شام“ نالي ڪهاڻي لکي هئي. ترت پڇيائين ته اهو ڪتاب اوهان وٽ آهي جنهن ۾ اها ڪهاڻي شايع ٿيل آهي مون هائو ڪئي ۽ بابا صاحب مونکان ڪتاب وٺي هڪ ئي ويهڪ ۾ پڙهيو. اهو شين جي تهه تائين پهچڻ جو عشق هيو جيڪو بابا صاحب جي من ۾ آخر تائين موجود هيو ڇو جو هو پاڻ مشاهداتي ماڻهو هيو. ڳالهيون ٻڌندو هيو پر راءِ تڏهن ڏيندو هيو جڏهن پاڻ ڪٿي نه ڪٿي ان ڳالهه بابت پڙهيو هوندائين، نه پڙهڻ جي صورت ۾ پنهنجي ڳالهه زبردستي نه مڃرائيندو هو البته ايترو ضرور چوندو هيو ته ان معاملي بابت پڙهي پوءِ ڪچهري ڪبي. قربان پيرزادو هڪ شاگرد کان وٺي انفارميشن جي آفيسر تائين سچائي ۽ مخلصيءَ کي پاڻ ساڻ کڻندو هليو. هن وٽ پنهنجي دوستن عزيزن جو وڏو مان هوندو هيو. هن پنهنجي ڳوٺ ۽ آس پاس جي ماڻهن جي وس آهر مدد به ڪئي، ڪامريڊ گلاب ٻڌائيندو آهي ته جڏهن ڪامريڊن تي لٺ پئي وسي اسين سڀ جيل ۾ هئاسين، ڪير اسان جي وارثي ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه هيو اتي قربان صاحب نوڪريءَ جي پرواهه نه ڪندي سرڪاري گاڏين تي اسان سان جيل ۾ ملاقات ڪرڻ لاءِ ايندو هيو ۽ ضرورت جو سامان به مهيا ڪندو هيو. سنڌي، اردو، سرائڪي ۽ انگريزي ٻولي جا ادبي ڪتاب قربان صاحب دلچسپيءَ سان پڙهندو هيو هن جي دل ۾ ٻولين ۽ قومن لاءِ ڪا به نفرت نه هئي. چوندو هو ته دنيا جي ڪنهن به ٻوليءَ کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. سڀني ٻولين جي پنهنجي پنهنجي حيثيت آهي. جيترو ٿي سگهي انهن ٻولين کي پڙهجي ۽ انهن سان ويجهڙائي ڪجي. جيڪڏهن اسان هڪ ٻوليءَ کي نظرانداز ڪنداسون ته معني اسان هڪ قوم جي قومي حيثيت کي پٺي ڏنيسين. سو جيڪڏهن پنهنجي قومي تشخص جي ڳالهه ڪريو ٿا ته ٻين قومن جو به پاڻ جيترو قدر ڪريو.. تعليمي ۽ شعوري يافته ماڻهو سماج جي هر فرد کي تعليم يافته ڏسڻ چاهيندو آهي اهڙي ئي خواهش قربان پيرزادي جي به هئي. هو چاهيندو هيو ته هر ماڻهو لکي پڙهي تعليم يافته ٿئي. مرد توڙي عورت ۾ تعليم جي ميدان ۾ ڪا به اڻ برابري نه هجڻ گهرجي. تعليم ئي آهي جيڪا انسان کي بهتر رستي ڏانهن وٺي وڃي سگهي ٿي ۽ جهالت جي زنجيرن کي ٽوڙڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي. قربان پيرزادو پنهنجي خاندان جو پهريون نوجوان هيو، جيڪو يونيورسٽي جي اعليٰ تعليم پرائي نوڪري جي تمام وڏي عهدي تي رسيو. هن جو تعلق غريب گهراڻي سان هيو تنهن باوجود به هن همٿ نه هاري. پڙهائي سان اهڙو پيچ پاتو جنهن پيچ جو ٽٽڻ ناممڪن ٿي پيو. تاريخ شاهد آهي ته اڪيلا ماڻهو سماجن کي تبديل ڪندا رهيا آهن ۽ انهن جي پيدا ڪيل تبديلي منجهان نسلن جا نسل فائدو وٺندا آهن. قربان پيرزادي جيڪا تعليم جي لاٽ ٻاري ان لاٽ منجهان اڄ سندس اولاد سميت پورو خاندان فائدو وٺي رهيو آهي. سندس چار ئي پٽ اعلي تعليمي يافته آهن ۽ پنهنجي والد وانگر تعليم جي ميدان ۾ شاگردن سان پيش ايندڙ مسئلن ۾ انهن جي ممڪن مدد ڪندا آهن. اها قربان صاحب جي ٺاهيل تعليمي واٽ آهي جيڪا سندس گهر کان سندس ويڙهي تائين منتقل ٿيندي پئي اچي ۽ ان سڄي منتقليءَ پٺيان ڪٿي نه ڪٿي سڌي يا اڻ سڌي طرح قربان پيرزادي جو وڏو ڪردار آهي جنهن کي وساري نٿو سگهجي. نوري ۽ ناري جوڳيئڙا جهان ۾ ٻري جن ٻاري آئون نه جيئندي ان ريءَ قربان پيرزادي ڪڏهن به نه ڪن چيرايو ۽ نه ئي گيڙو اوڍيو پر پوءِ به هو تصوف جو پرچارڪ هيو. انتها پسنداڻي سوچ جي هميشه مخالفت ڪيائين ۽ انسان جي بنيادي آزادي واري فلسفي تي يقين رکندڙ هيو. جهيڙي جهٽي کان پاسو ڪبو. درگذر ڪرڻ تي وڌيڪ ڌيان ڏبو. اسان سميت هر نوجوان کي اها هدايت ڪندو رهيو ته شين جو جائزو سهپ مان وٺندا ته وڏيون ڳالهيون به ننڍڙيون نظر اينديون. پر جيڪڏهن جذباتيت جي بنياد تي فيصلا ڪبا ته ننڍڙين ڳالهين تي به وڏو معاملو اٿي سگهي ٿو. سندس فقيراڻي مزاج جي اها نشاني آهي ته پاڻ بيماري جي بستر تي پنهنجي دوستن جهڙي وڏي پٽ ڀائو حسن علي کي هدايت ڪيائين ته منهنجو وڇوڙي تي غم نه ڪجو ڇو جو وڇوڙو ئي ميلاپ آهي. اوهان مونکي فقيري انداز سان لحد ۾ لاهجو. قربان صاحب جي چاليهي تي صوفي فقيرن جي سنگ سان سچل جي ڪلامن جي سرگم تي ڀائو حسن رقص ڪندو شاهه جمال جي ميدان تائين آيو ۽ والد جي مزار تي چادر چاڙهيائين، اهو منظر انتهائي حساس ۽ ڏوکوئيندڙ هيو، هر اک آلي هئي .هڪ طرف قربان صاحب جي وڇوڙي جو ڏک هو ٻئي پاسي ڄڻ سندس ڪُل سان ملاقات جو جشن به هيو جيڪا سندس وصيعت به هئي جنهن جو پوراءُ ان جي گهر ڀاتين ان انداز ۾ ئي ڪيو جيڪو هن چاهيو. بيشڪ هن ڌرتيءَ جي گولي تي اهڙن انمول ماڻهن جي کوٽ آهي جيڪي پاڻ کي هٿرادو جوڙيل نظام جي ويجهو ڏسڻ نٿا چاهين ۽ سندن اصول ئي سندن زندگيءَ جو طريقڪار آهن. بابا قربان پڄاڻان سندس هر دوست ۽ عزيز ڏکارو آهي. ڇو جو هن جي شفقت ڀريو هٿ هر ماڻهو مٿان رهيو، سڀڪو هن کي پنهنجو يار سمجهندو هيو هڪ ئي ملاقات ۾ جيڪڏهن ڪو ماڻهو قربان پيرزادي جي محبتن جي ڪڙن ۾ قيد نه ٿيو ته ڄڻ ملاقات ئي نه ٿي! اها هن جي خاصيت هئي. پر بابا صاحب جو وڇوڙو هڪ تقاضا به ڪري ٿو ۽ هڪ پيغام کي عام ڪرڻ جي نصيحت به ڪري ٿو. اهو پيغام سندس آدرشن سان سرشار پيغام آهي، اهو پيغام جنهن منجهه لالچ لوڀ ناهي، اهو پيغام جنهن ۾ لطيفات آهي، اهو پيغام جنهن منجهه ذاتي خواهشن کان مٿي مجموعي مفاد آهن. اهو پيغام جنهن ۾ رواداري سهپ ۽ پريتڻو آهي. اچو ته ان قربان صاحب جي پيغام کي عام ڪري ساڻس محبت جو اظهار ڪيون. کاھوڙِيُنِ خَفِّيءَ سين، سوجھي لَڌو سُبُحانُ؛ عاشِقَ اَھڙي اَکَرين، لَنگِھيا لا مَڪانُ؛ ھُوءِ ۾ گَڏِجِي ھُوءِ ٿِيا، بابُو جي بِريانُ؛ سَڀوئِي سُبُحانُ، آيو نَظَرُ اُنَنِ جي. ______ مُون سي ڏِٺا، ماءِ! جنِين ڏِٺو پِرينءَ کي؛ رَھِي اَچِجي راتڙِي، تن جُنگَنِ سَندِيءَ جاءِ؛ تنِين جِي ساڃاءِ، تُرھو ٿِئي تارِ ۾. ڪاڪو قربان پيرزادو سالگرهه جي حوالي سان ڪجهه دل جون ڳالهيون! ھمسفر گاڏھي سنڌ مختصر آ، ڦري گهري ماڻهو جو ڪٿي نه ڪٿي مکاميل ٿيو وڃي. ايئن ئي سموري سنڌ ۾ مروج چوڻيون، محاورا ۽ لفظ به مختلف هنڌن تي ساڳي نوعيت ۽ معنيٰ ۾ استعمال ٿيندي ٻڌڻ لاءِ ملن ٿا. ايئن آئون تجربي آڌار چوان ٿو، ڇو ته اسان ٻاروتڻ ۾ پنهنجي والد جو ڪو ڀاءُ نه هجڻ باوجود سندس سوٽن کي احترام وچان سمورا ڀائر توڙي ويجها عزيز “ڪاڪو” ڪري سڏيندا هئاسين. ايئن اهو لفظ مونکي ۹۰ع جي ڏهاڪي ۾ تڏهن ڪنن سان ٽڪرايو جڏهن آئون روزاني عوامي آواز ۾ ڪم ڪندي سائين انور پيرزادي کي ويجهو ٿيس، کيس ٻلهڙيجي جا سمورا پيرزادا عزت ۽ احترام وچان “ڪاڪو انور” ڪري سڏيندا هئا ۽ انور صاحب جي ڪري ئي قربان پيرزادي صاحب سان ميل ملاقات ٿيندي هئي. گهڻو پوءِ مون ٻلهڙيجيءَ سان واڳيل پنهنجي ڪافي صحافي دوستن خاص طور سؤٽ زلف پيرزادي ۽ الطاف پيرزادي واتان قربان صاحب لاءِ به “ڪاڪو قربان” چوندي ٻڌو، تڏهن مونکي پڪ ٿي وئي ته ٻلهڙيجيءَ جا پيرزادا به ٺيٺ ٻهراڙيءَ واري ان ڪلچر جو مان سدا مٿاهون رکيو ٿا اچن، جنهن ۾ ڪٽنب جي هر وڏڙي کي احترام وچان ڪاڪو ئي سڏبو آهي. جيتوڻيڪ قربان پيرزادي صاحب سان منهنجي ويجهڙائپ جو ٻيو حوالو منهنجو نهايت دلبر دوست ظهير ميراڻي آهي، جيڪو اڃا به مونکي سوٽ ڪري سڏيندو آهي ۽ آءُ به کيس پنهنجي سڳن سوٽن وارو مانُ ڏيندو آهيان. ان اکر پٺيان هڪ پسمنظر آهي، ٿيو ايئن ته صحافت جي دنيا ۾ سائين ف م لاشاري ۽ سائين انور پيرزادو، هڪٻئي کي سوٽ سڏيندا هئا-اسان ٻنهي دوستن به اهو اَکر اتساهه طور کانئن اُڌار ورتو ۽ اڄ ڏينهن تائين اُن جو مانُ به رکندا اچون. ظهير وٽ به قربان صاحب سان کوڙ ڪچهريون ٿينديون هيون. ياد ٿو پويم ته جڏهن پاڻ سڌ سماءُ واري کاتي ۾ ڊائريڪٽر هئا تڏهن اسان ٻنهي دوستن سنڌ سجاڳ اخبار ۾ پارٽنرشپ ڪئي هئي جيڪا هلي ته مختصر عرصو، ان وقت سائين صفدر شاهه سنڌ انفارميشن کاتي ۾ اشتهارن واري شعبي جو جو ڊائريڪٽر هجي، جيڪو پيرزادي صاحب جو ڪلهه تائين به پڳ مٽ يار هو ۽ اڄ به آهي. بنا ڪنهن لوڀ لالچ جي انهن ٻنهي صاحبن اسان جي جيڪا مدد ڪئي اها ڪڏهن به نٿي وساري سگهجي. پر آءُ اهو سڄو ڪريڊٽ پيرزادي صاحب کي ڏيندس ڇو ته ان سان جيڪڏهن قرب جي ڪا تند جُڙيل نه هجي ها ته شايد ايئن ممڪن نٿي سگهي ها. قربان پيرزادو، جيڪو آءُ سڃاڻان گهٽ ۾ گهٽ اهو ڪامورو هوندي به ڪڏهن ڪامورو نه رهيو، ڇاڪاڻ ته هي نهايت ٻاجهارو شخص سدائين ڦلدار وڻ وانگر جهڪيل ئي رهيو. دوست، يار ته پنهنجي جاءِ تي پر سندس وٽ جيڪو به ايندو هو عزتون ماڻي ويندو هو. اهو ئي سبب آهي جو هو اڄ جڏهن پنهنجو ڪيريئر پورو ڪري رٽائرمينٽ جي زندگي گذاري رهيو آهي تڏهن به سندس وٽ دوستن احبابن توڙي سندس اڳوڻي کاتي سان واڳيل ماڻهن جي جهرمٽ نظر اچي ٿي. حالانڪه رٽائرڊ ماڻهن وٽ ڪير لڙي به نه ويندو آهي، جيڪا خود سماجي بي حسي آهي. هن لاجواب شخص کان زندگيءَ جي اوڀارين لهوارين بابت گهڻو ڪجهه پرايوسين، اهو وکر پوءِ زماني سازيءَ جو هجي يا ماڻهن کي مانُ ڏيڻ جو، بهرحال سڄي زندگي لاءِ هڙ ۾ ٻڌي رکيو آهي، جيڪو قدم قدم تي ڪم اچي پيو. ٻلهڙيجي جنهن جو سنڌ ۾ “لٽل ماسڪو” طور الڳ ٿلڳ تعارف موجود آهي، تنهن ڳوٺڙي ۾ ڪاڪي قربان پيرزادي ۴ سيپٽمبر ۱۹۴۸ع تي چاچي حسن علي پيرزادي جي گهر اک کولي-پاڪستان جو جنم ٿيو ۴۷ع ۾ ۽ قربان پيزادي صاحب جو جنم ٿيو ۴۸ع ۾، ان حساب سان پاڻ پاڪستان کان فقط هڪ سال ننڍو آهي، يعني لاوا ڪانڊا، همعصر ۽ هم عمر. قربان صاحب سڄي ڄمار کاٻي ڌر جي سياست سان واڳيل رهيو، ايم آر ڊي ۾ به ڪامريڊن جي ڪم ايندو رهيو- ليڪن خاموش سپاهي طور پنهنجو ڪردار ادا ڪيائين، ڪڏهن به پنهنجي ڪيل چڱائي کي ڪٿي به ڪئش نه ڪرايائين. ڏتڙيل طبقي ۽ سنڌ جي ڀلائي چاهيندڙ هي دلبر شخص اڄ به سماج ۾ مثبت تبديليءَ جا خواب اکين ۾ ٽاڪيو ويٺو آهي. جيتوڻيڪ عمر جي هن حصي ۾ سندس طبيعت به ٺيڪ نٿي رهي، کيس هفتي ۾ ٻه ڀيرا ڊائلاسز جي ڪرب مان گذرڻو پوي ٿو. آئون ويجهڙ ۾ به ساڻس قرب ڪچهري ڪري آيو آهيان. ورهين کانپوءِ ملياسين. تڏهن به سندن ساڳيو پيار ۽ قرب. شال سندن صحت سلامت رهي، ۽ وڏي ڄمار ماڻين. ڇو ته اهڙا ماڻهو سنڌ جهڙي سماج ۾ ورلي ڄمندا آهن، جيڪي پنهنجي ذات کان گهڻو اڳتي ڏور رس نگاهه رکندا آهن. قربان پيرزادو سندس ورسي ۽ ٻلهڙيجي ۾ ٿيندڙ جشن وصال جي صوفياڻي محفل شهباز پيرزادو ڍولڪ جي وڄت، ڇير جو ڇمڪو، ڪوهياريءَ جو آلاپ ۽ گيڙو رتي الفيءَ جو هڪٻئي سان ڪيترو تعلق آهي سو ته بيان ڪرڻ مشڪل آهي پر انسان جي جذبن جو موسيقيءَ جي سرن سان لاڳاپو ڪيترو آهي سو هر ماڻهو اکيون آليون ڪري ٻڌائي سگهي ٿو، ”سانون نچ ڪي يار مناوڻ ڏي” وارو تصور يار کي ريجهائڻ لاءِ آهي به الائي نه پر پنهنجي ذات کي ريجهائڻ لاءِ ضرور آهي. موسيقي جون صدائون انساني جذبن جي ترجماني کان ويندي گهايل دلين جي مرهم به آهن، سياري جي سانت ۾ سرن جو وکرڻ اندر ۾ سڪ ۽ سار جي اُها حرڪت پيدا ڪندڙ هوندو آهي جنهن ۾ انساني اندر مان لالچي ۽ لوڀ سان سرشار دنياوي زنگ به لهندو آهي ۽ وري اندر ۾ هڪ اهڙو منصف قائم ٿيندي به محسوس ٿيندو آهي جيڪو نامناسب عملن جو فيصلو اندر مان آواز جي صورت ۾ ڏيندو آهي جنهن بعد انسان کي صاف دل هجڻ جو دليل ڪنهن قاضيءَ کان وٺڻ جي ضرورت ناهي پوندي پر انسان پنهنجي اندر ۾ منصفاڻي حرڪت محسوس ڪندو آهي مفتي منجھ وهائي ته قاضيءَ ڪاڻيارو نه ٿئين اسان جي ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ ۾ ٿيندڙ صوفياڻي محفلن جي تاريخ لڳ ڀڳ اڌ صدي پراڻي آهي جنهن ۾ شادين مرادين، ميلن ملاکڙن، ۽ درگاهن جي عرس مبارڪ تي صوفياڻي راڳ جو اهتمام مانيءَ جي اهتمام کان وڌيڪ ڌيان طلب رهيو آهي. سنڌ جا تقريبن سڀ گويا اسان جي ڳوٺ ۾ راڳ جي محفل ڪري چُڪا آهن اوطاق جي ڪلچر ۽ درگاهن جي هجڻ ڪري اسان جي ڳوٺ جو اڻپڙهيل عام ڳوٺاڻو به شاھ، سچل جا بيت ۽ راڳ جي بندشن بابت آسانيءَ سان ڄاڻي وٺندو آهي شايد سمبارا جي پاڙي ۾ هجڻ ڪري سندس چوڙن جو ساز ٻلهڙيجيءَ جي ڳوٺاڻن جي ڪنن ۾ هميشه کان رهندو آيو آهي جنهن ساز کين موسيقيءَ جي شناس کان ويندي ثقافتيءَ رسمن جي بلڪل قريب رکيو آهي، راڳ ۽ رقص گيڙوءَ رتيءَ سنڌ جي سڃاڻپ جا نشان آهن جن جي موجودگيءَ ۾ سنڌي ماڻهو ڪفر ۽ اسلام ۾ ابتا پير ڌرڻ بدران پرينءَ راھ ڏانهن مائل ٿيو جيڪا راه منصور، سرمد، عنايت، ۽ دراشڪوه جي راه به آهي. . . جديد شهرڪاري نظام جي شروعات سبب جهڙي طرح پوري سنڌ اندر ثقافت رسمن ۽ تاريخي ريتن جي شڪل ۾ کوڙ ساري تبديلي آهي ساڳئي طرح اسان جي ڳوٺن ۾ به ايڪوسائونڊ جي آوازن فنڪارن جي ڳلي بابت سمجھ ئي ڦري ورتي آهي، ثقافتي ورثن جي جڳھ حاڪم طبقي جي ان ثقافت ولاري آهي جنهن سان غريب طبقي جي ماڻهن جو ڪوئي به واسطو ناهي ۽ محفلون، ميلا ۽ ملاکڙا مخصوص طبقن لاءِ منعقد ٿي رهيا آهن. . . . پر ۲۰۱۸ ۾ اسان جي ڳوٺ جي اندر هڪ اهڙي صوفياڻي محفل جو بنياد به پيو جنهن ۾ هر طبقي ۽ هر عمر جو ماڻهو شريڪ ٿيندو آهي، ۽ هي محفل ڳوٺ جي تاريخ ۾ سڀ کان نرالي ان معني به آهي ته هن محفل کي "جشن وصال” سان منسوب ڪيو ويو ۱۶ جنوري ۲۰۱۸ قربان پيرزادي جي وفات جو ڏينهن آهي جيڪو پوري سنڌ اندر ايمانداري ۽ اصولن سان سرشار شخصيت طور سڃاتو وڃي ٿو سندس شخصيت جي مختلف پاسن تي ڪافي ماڻهن لکيو آهي جيڪو مواد ڪتابي صورتن ۾ سهيڙيل به آهي پر سندس شخصيت جي آخري وصيعت واري پاسي کي به هزگز نٿو وساري سگهجي هي راڳ جي محفل قربان پيرزادي جي وصيعت مطابق ٿئي ٿي جنهن چيو هيو ته موت جز جو ڪل سان ميلاپ آهي ۽ اهڙي ميلاپ تي ڏک ڪرڻ بدران رقص ڪرڻ گهرجي. مذهبي رياست ۽ ڪوڙين ورايتن جي ڄار ۾ ڦاٿل سماج اندر هن قسم جي وصعيت تي عمل ڪرڻ ڪو آسان معاملو ناهي پر شاه لطيف ۽ سچل جي پيغام کي سمجهندڙ سنڌ اندر هميشه اهڙي قسم جا ڏڻ ملهايا ويا آهن جيڪي جمود جي شڪار سماج اندر تحرڪ به پيدا ڪندا آهن ته ساڳئي وقت مستقبل ۾ پنهنجي ديس جي ثقافتي رسمن سان جڙيل هجڻ واري خواب کي ساڀيائون طرف وٺي وڃڻ جي هڪ ڪوشش به هوندا آهن. . . روايتي انداز کان بلڪل الڳ هن محفل جو مزاج به پنهنجو آهي، قربان پيرزادو يادگار ڪاميٽي هر سال جنوري جي مهيني ۾ گذريل ٽن سالن کان هي صوفياڻي محفل ڪرائي رهي آهي جنهن جي شروعات قربان پيرزادي جي چاليهي کان ٿي، قربان پيرزادو نه ڪنُ چيرائي صوفي ٿيو هئو نڪي گيڙو رتي الفي اوڍي طالبي جي طمع ڪندو هيو هو انگريزي ادب منجهان گريجوئيٽ هجڻ سان گڏ ڊاريڪٽر انفارميشنس هئو پر سندس ڪردار به سندس ڪپڙن وانگر هميشه بي داغ رهيو هن ايمانداري سان نوڪري ڪرڻ سان گڏ ايمانداريءَ سان ادبي ۽ سماجي ڪم به ڪيا. سندس من لالچ کان پاڪ ۽ شفاف هئو ۽ هو سمجهندو هئو ته ايمانداري جو جهنڊو کڻڻ ئي انسان جو اصل ڪم آهي ۽ اگر شعبي سان جڙيل ماڻهو ايمانداري سان فرض ادا ڪن ته هوند ڪو به سماجي مسئلو جنم ئي نه وٺي راڳ اندر اجارڻ جو وسيلو آهي ۽ راڳ سان دليون ڌوپجي اجريو به ٿينديون آهن جنهن جي سالن پراڻي تاريخ به آهي. يونان اندر راڳ بيمارن جي علاج طور به استعمال ٿيو آهي ۽ شايد هن قسم جي وصيعت دلين تان زنگ لاهي محبوب بابت ويچارڻ جو شروعاتي قدم به آهي محبوب جيڪو اندر جا راز ڄاڻين ٿو ۽ انسان جي ڪردار جي جوڙجڪ ۾ مک ڪردار ادا ڪري ٿو ان کي ڪيڏي نه احتياط سان ريجهائڻو پوي ٿو اُها ڳالھ هڪ سچي صوفيءَ جي دل ئي سمجهي سگهي ٿي صوفي چائين سڌ ڪرين صوفين ايءَ به صلاح ڪاٽي رک ڪُلا، وجھ اُڇلي آڳ ۾ سنڌ جي صوفي فڪر جا سڀئي مظهر هن محفل ۾ نظر ايندا آهن جنهن ۾ ڳوڙها ۽ رقص به گڏ گڏ هوندو آهي ته شاه جا بيت ۽ راڳ جا آلاپ به هوندا آهن هي انوکي محفل ٻلهڙيجيءَ جي تاريخ ۾ هڪ الڳ حيثيت رکي ٿي جنهن ۾ وڇوڙي جي ڏينهن کي جشن طور ملهائي فطرت جي اصولن جي وڏي دامن سان آجيان به هوندي آهي ته قربان پيرزادي جي شخصيت کي ياد به ڪيو ويندو آهي سج لٿي کان پهرين صوفي فقير ڀائو حسن جي اوطاق کان راڳ ڳائيندا چاچا قربان جي مزار تي ايندا آهن جتي چادر چاڙهڻ کان پوءِ وصال جا ورلاپ ۽ يادگيرين جون صدائون ڍولڪ جي وڄت، هارمونيم جي سرن ۽ صوفياڻي ڪلامن سان گڏ هلنديون آهن، ڪڏهن خودساخته رقص هوندو آهي ته ڪڏهن وصال وارا بيت، هر اک آلي به هوندي آهي ته ساڳئي وقت هر ماڻهو سرن ۾ مسرور به هوندو، شهيد سرويچ پيرزادي، انور پيرزادي ۽ لطف پيرزادي ۽ مير محمد پيرزادي جون مزارن به اُتي آهن جن تي به حاضر ٿيندي آهي جيڪي پڻ ٻلهڙيجيءَ جي سڃاڻپ جا وڏا حوالا آهن. . . . ٽن سالن کان هلندڙ هن محفل جو آغاز شاه جي بيتن سان ٿيندو آهي جنهن ۾ قربان پيرزادي جا دوست، ڳوٺاڻان، ۽ سندس خاندان جا ماڻهو وڏي انگ ۾ موجود هوندا آهن، هن محفل ۾ استاد شفيع فقير، استاد اسماعيل مڱڻهار، سڪندر شفيع فقير، مجيد سيال، غلام رباني چانڊيو، فقير جاويد عباسي، خالد ڀٽي، ۽ ارباب شيخ فن جو مظاهرو ڪري چڪا آهن جڏهن ته هن سال ۲۰ جنوري تي صبح جو قربان پيرزادي جي ياد ۾ يادگار ڪاميٽي طرفان مفت اکين جي ڪئمپ ۽ محفل موسيقي جو اهتمام به ڪيو ويو آهي، هن محفل ۾ راڳ ۽ رقص سان گڏ سنڌ جو صوفياڻو ڏيک به هوندو آهي وڏي ٻاريل مچ جي ڀر ۾ ويٺل سمورا ماڻهو عاجزي، اخلاق، ۽ آردشي ڳالهيون به ڪندا آهن ۽ وچ وچ ۾ بيت به اهڙو ئي پڙهندا آهن جنهن ۾ محبوب جي قدمن تان قربان ٿيڻ جي ڳالھ هجي پوءِ محبوب ڀلي هر ڪنهن جو مختلف هجي. . . . هن سال ٿيندڙ محفل ۾ توڻيءَ جو قربان پيرزادي جو ٻيو نمبر پٽ جمشيد علي پيرزادو جسماني طور موجود نه هوندو ڇو جو ڪجھ مهينا اڳ سندس اوچتي لاڏاڻو ڳوٺ جي وڻن ۽ پکين کي به روئاري وڌو هيو هو ذهين ۽ مخلص نوجوان هيو. راڳ ۽ شاعري سندس دل جي رونهن هئا ۽ جشن وصال جي محفل ۾ پنهنجن دوستن سان گڏجي پنهنجي والد کي شعرن، رقص ۽ يادگيرين سان ڀيٽا به ڏيندو هيو، جنهن جي لاڏاڻي تي پڻ راڳ جي محفل منعقد ڪري نه رڳو هن کي ياد ڪيو ويو ۽ سندس پسند جا گيت چورائي تڏي تي ويٺل ماڻهن اوڇنگارون ۾ کيس گيتن جي ڀيٽا به ڏني هي ڀائو حسن ۽ قربان پيرزادو يادگار ڪاميٽيءَ جو ڪمال آهي جيڪا قربان پيرزادي جي وصيعت تي عمل ڪرائڻ کان ويندي سنڌ جي صوفي فڪر کي ڦهلائڻ جو ڪردار به ادا ڪري رهي آهي جنهن فڪر ۾ دين ڌرم کان اوچو ٿي انسان جي اتم سمجهيو ويندو آهي ڪاڪي سوز ٻروچ جي ڀنل اک، راز علي گل ڀٽي جا ڇڏائجي ويل لفظ ۽ قرار پيرزادي جا سگهاري انداز ۾ پڙهيل شاھ جا شعر، ۽ قربان پيرزادي جي سڀني چاهيندڙن جي دلين ۾ پاسا ورائيندڙ سندس انيڪ يادون هن محفل جو حصو هوندا آهن جيڪا محفل قربان پيرزادي جو وڏو پٽ ڀائو حسن وڏي منصوبابندي ۽ نفاست سان منعقد ڪندو آهي هر ماڻهوءَ ڏانهن ڏيان ۽ سمورن فنڪارن کي وقت تي اسٽيج تي سڏڻ کان ويندي ڪرائي ڀاڙي جو بندوبست به سندس مٿان ئي هوندو آهي. . . هي سنڌ جي صوفياڻي مزاج جي عڪس جهڙي محفل آهي جنهن ۾ يار ريجهائڻ لاءِ بم حملي يا وڏي ڏاڙهي رکائڻ جي ضرورت ڪونهي پر ايمانداري سان فرض کي نڀائڻ جي ضرورت آهي ۽ فرض آدرشن ۽ اصولن کي زندگيءَ جي سفر ۾ شامل ڪرڻ جو آهي. . . . . . کاهوڙين خفيءَ سين، سوجهي لڌو سبحان، عاشق اهڙي اکرين، لنگهيا لامڪان، هوء ۾ گڏجي هوء ٿيا، بابو جي بريان، سڀوئي سبحان، آيو نظر انن جي، (ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۶ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
ڊاڪٽر هرچند راءِ جنهن کي ثقافتي خدمتن تي صدارتي ايوارڊ مليو ڀارو مل امراڻي هو انهن انگ ڌڙنگ انسانن مان هو، جن پنهنجي پورهئي جي پگهر ۽ غير معمولي ذهانت سان انساني تاريخ کي نوان موڙ ڏنا آهن. جڏهن ٿر ۾ ثقافتي رنگ روپ ۽ سائنسي سوچ جي سنگم سان انساني سونهن جاڳرتا جي جلوي ۾ جرڪندي، جڏهن ملير جي مٽي تي عام ماڻهو معاشي طور مضبوط ٿي جوڀن رُت ۾ گل جيان ٽڙندو، تڏهن هن شخص کي ضرور ياد ڪيو ويندو. ٿر ۾ انساني سگهه، حوصلي، بي پناهه قوت ۽ پختي ارادي جي علامت رهندڙ ڊاڪٽر هرچندراءِ هڪ ئي وقت مسيحا، سماجي اڳواڻ، سياستدان ۽ محقق هجڻ سان گڏ ثقافتي رنگن روپن جو رکوالو هو. هن جي گهڻ رخي شخصيت هڪ اداري، هڪ تحريڪ، هڪ جدوجهد جو نالو آهي.هن شخص نه صرف ڇاڇري کان عمرڪوٽ ۽ عمرڪوٽ کان مٺي ڏانهن پنڌ ڪيو هو. پر سانگهڙ کان ننگرپارڪر تائين پوري خطي جون واهڻ وستيون، ڍنڍون، ڍورا، مڙها ۽ ڏهر پنهنجي پيرن هيٺ لتاڙيا هئا.هن زندگي ۾ ڏک ڏولاوا ڏسي بيمار انسانن جو علاج ڪيو هو. سخت پورهيو ڪري هيڻن کي حوصلو ڏنو هو. رڃن ۾ رابيل پوکي وطن جا ويڙها وسايا هئا. هن مارو ماڻهن جي ويڙهن ۽ جهوپڙن کي قلعن، ڪوٽن ۽ محلن کان مٿانهون پيش ڪيو هو. هن جي اندر جي تمنا هئي ته مارو ماڻهو عزت ۽ آبرو سان ثقافتي رنگ روپ ميڙي برن ۾ بازارون قائم ڪن. هن تهذيب ۽ تاريخ جي ٽٽل سلسلن کي جوڙڻ جي لاءِ پنهنجي گهر ۾ ميوزم جو بنياد رکيو. هن سياست ۾ عام ماڻهو جي داخلا جي لاءِ ڏاڍ جا ڏونگر ڪٽڻ جي لاءِ گهاڙو گهڙيو. هن عام ماڻهو جي زبان تان پهرو لاهڻ جي لاءِ پتوڙيو. قلم جي آزادي جي لاءِ جستجو ڪئي. هن تعليم جي تير سان ظالم وڏيرن جي وجود کي پروڻ ڪرڻ جي لاءِ مسڪين شاگردن جي پڙهائي ۾ هڙان وڙان مدد ڪئي. هن وٽ راشد مورائي جي نظم “اچو نئون سماج ڪو، نئون جهان جوڙجي!” جهڙو نعرو هو. ٿر جي ڀٽن ۾ هن جو روح ڪڏهن اداس نه ٿيو. هن جي اکين ۾ سدائين پختن ارادن جون ريکائون نمايان هونديون هيون. ڊاڪٽر هرچندراءِ جا وڏا گڊڙي ۾ به رهيا. ڊاڪٽر صاحب جو ڏاڏو ڌنجي مل پنهنجي دور ۾ راڄ ڀاڳ جو وڏو رکوالو هو. ڊاڪٽر هرچند راءِ جو جنم تعلقي ڇاڇري جي ڳوٺ ڪيتا ۾ سندس مامي هرناٿ جي گهر ۱۵ سيپٽمبر ۱۹۱۵ع ڌاري ٿيو. ڊاڪٽر هرچند جو والد صاحب سائين گرڌاري لال پنهنجي دور جو مهان استاد هو. هن پنهنجي پٽ کي پرائمري جي تعليم نيو ڇور مان مڪمل ڪرائڻ کان پوءِ فائينل پاس ڪرائي استاد طور ڏسڻ ٿي چاهيو پر عمرڪوٽ ۾ رهندڙ هالاڻي جي رهاڪو ڊاڪٽر جندارام عيدناڻي سائين گرڌاري لال جي سوچ ۾ ڦيرو آندو. سائين گرڌاري لال کي آماده ڪيو ته، “هو پنهنجي پٽن کي ڊاڪٽري پڙهائي جيئن هتان جي غريب مريضن جي مدد ٿي سگهي.” ڊاڪٽر جندارام جي چوڻ تي سائين گرڌاري لال هرچند راءِ کي “سنسڪرت وڌيا شالا” ۾ انگريزي پڙهڻ جي لاءِ داخل ڪرايو. ۱۹۳۴ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد مان مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ ۱۹۴۰ع ۾ هن بمبئي جي فزيشن اينڊ سرجن ڪاليج مان ايل سي پي ۽ ايس جي ڊگري حاصل ڪري هن خزان جي موسم ۾ ميڊيڪل آفيسر بطور “اينٽي مليريا” پنهنجون خدمتون شروع ڪيون. فيبروري ۱۹۴۱ع کان عمرڪوٽ ۾ پرائيويٽ مشق لاءِ به وقت مخصوص ڪيو. انهي زماني ۾ ڊاڪٽر هرچند راءِ جي ڀاءُ ڊاڪٽر کيت به ايل سي پي ڪري اسلام ڪوٽ ۾ پرائيويٽ پرئڪٽس شروع ڪئي هئي. ڊاڪٽر هرچند راءِ جو مسيحائي پيشي ۾ ڊاڪٽر جندارام “آئيڊيل” هوندو هو. سائين گرڌاري لال جڏهن عمرڪوٽ ۾ هيڊماستر هو. تڏهن ڊاڪٽر جندارام کي مريض ڏيکارڻ جي لاءِ ماڻهو سائين گرڌاري وٽ ايندا هئا يا بزرگ جڳو مل کي چوندا هئا. ڊاڪٽر مريض ڏسي دوائون لکي ڏيندو هو. مريض جا عزيز ڊاڪٽر کي چوندا هئا ته سائين شام جو ٻيهر مريض ڏيکارڻ جي لاءِ وٺڻ اچون، ورندي ۾ چوندو هو ته، نه ضرورت ڪونهي، پر پاڻ پنهنجي ليکي شام جو پهچي ويندو هو، مريض نهاريندو هو. مريض جو عزيز في جي آڇ ڪندو هو ته جواب ڏيئي چوندو هو ته توهان مون کي وٺڻ ٿورو ئي آيا هئا. آئون سائين گرڌاري لال هيڊماستر وٽ ويس پئي، سوچيم مريض کي نهاريندو وڃان. ڊاڪٽر هرچند راءِ ڊاڪٽر جندارام جيان مريض کي تپاسي ڪڏهن در تي بيهي في نه گهري. نه ڪڏهن علاج پوري ٿيڻ کان پوءِ بل مريض کي ڏنو. بل ڏيڻ کي به گهرڻ جو هڪ نمونو سمجهندو هو. ميرپورخاص جو مشهور مسيحا ڊاڪٽر ڊرائگو ڊاڪٽر هرچند راءِ جو بمبئي ڪاليج ۾ ڪلاسي هو. ويجهي دوست هئڻ ناتي ٻنهي هڪ ٻي سان نڀايو. ڊاڪٽر ڊرئگي ۽ ڊاڪٽر هرچند راءِ گڏجي ملڪ جي آزادي وقت لڏپلاڻ ڪري ايندڙ قافلن ۾ بيمار ۽ زخمي ماڻهن جو کوکراپار، ميرپورخاص سميت مختلف هنڌن تي ڪئمپون قائم ڪري علاج ڪيو. ڊسمبر ۱۹۴۸ع ۾ ڊاڪٽر هرچند راءِ تعلقه اسپتال عمرڪوٽ ۾ ميڊيڪل آفيسر طور جوائن ڪيو. مختلف وقتن تي سانگهڙ، سامارو، سڪرنڊ ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ نوڪري ڪئي. سرڪاري نوڪري دوران ڊاڪٽر صاحب صبح اسپتال ۾ اچي ويهندو هو، رات دير تائين مريض پيو ڏسندو هو. ميڊيڪو ليگل ڪيسن جا ڌڪيل ڏسي ڌڪ ڦٽ نوٽ ڪري اسپتال ۾ داخل ڪرائي علاج ڪرائيندو هو. عمرڪوٽ ۾ پوسٽ مارٽم جون رپورٽون ٺاهيندو هو ته ڪڏهن ڪڏهن ڇاڇري مان تار ايندي هئي ته لاش اڳتي کڻڻ جيان نه آهي، هتي اچي پوسٽ مارٽم ڪري ڏيو. پوءِ رات جو اٺ تي چڙهي روانو ٿيندو هو، هُتي پهچي پوسٽ مارٽم ڪري اسپتال ۾ آيل مريضن کي تپاسي علاج ڏيئي رات جو ٿوري دير ننڊ جو جهوٽو کائي صبح سج اڀرڻ کان اڳ ۾ نڪرندو هو. علاج دوران مريض کي جيستائين سڪون نه ايندو هو، تيستائين هُن وٽ ويٺو هوندو هو. ناليواري ليکڪ ارباب نيڪ محمد پنهنجي هڪ ليک ۾ لکيو آهي ته “شهيد بختاور جو پوسٽ مارٽم ڊاڪٽر هرچند راءِ ڪيو هو.” رپورٽ ڦيرڻ جي لاءِ هن تي وڏو دٻاءُ وڌو ويو پر اڳيان گرڌاري لال جو ڄايل ڊاڪٽر هرچند راءِ هو. اپريل ۱۹۵۹ع تي ٽنڊي محمد خان ۾ ڊيوٽي دوران هن سرڪاري نوڪري تان استعيفيٰ ڏني. ٽنڊي محمد خان جي ميمڻ سيٺ مرحوم عبدالخالق اتي ئي پرائيويٽ اسپتال قائم ڪرڻ جي لاءِ زور ڀريو. هُن اسپتال جي لاءِ جاءِ ڏيڻ جي به آڇ ڪئي. پر هن ڪو نه مڃيو. ڊاڪٽر چيو ته، “مون تي پهريون حق منهنجي عزيزن جو آهي، پوءِ پاڙي وارن، پوءِ ڳوٺ وارن جو، پوءِ ٿر وارن جو آهي” هن ٻيهر عمرڪوٽ ۾ سينٽر کوليو. پنهنجي اسپتال جو نالو “ٿر ڪيوئر ڪلينڪ” رکيو. ساڳي سال ۾ نومبر ۱۹۵۹ع تي ڪنري ۾ به اسپتال قائم ڪئي. ڪجهه وقت اتي ڏيڻ شروع ڪيو. ڪنري واري اسپتال ۱۹۶۲ع تائين رهي. ڊاڪٽر صاحب جي ڪوششن سان ۱۹۶۶ع ڌاري عمرڪوٽ ۾ ٽي بي سينٽر قائم ٿيو. سينٽر جي قائم ٿيڻ جي ڏينهن کان وٺي پنهنجي اڌ ڏينهن جي ڪمائي ٽي بي سينٽر کي ادا ڪندو رهيو. ٽي بي ايسوسيئيشن، فئميلي پلاننگ ايسوسيئيشن ۽ ڪلچرل ڪاميٽي جو عهديدار رهيو. حلال احمر ضلعي عمرڪوٽ جو کيس تاحيات ميمبر بڻايو ويو. روٽري ڪلب جي لاءِ به هن پنهنجون خدمتون آڇيون. مختلف هنڌن تي ڪئمپن ۾ ڊاڪٽر صاحب اهم ڪردار ادا ڪندو رهيو. ٿر جي سماجي ورڪر نندن لال نندن جي سماجي ڪمن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ڊاڪٽر صاحب خاص دلچسپي وٺي نندلال نندن چئرٽيبل فائونڊيشن قائم ڪئي. ڏڪار جي وقت ۾ هن اداري جي پليٽ فارم تان مخير ساٿين کي ميڙي غريب ماڻهن جي مدد ڪئي. ڊاڪٽر صاحب گپت دان (لڪيل خيرات) جو به گهڻو قائل هو. ڪيترن ئي خاندانن جي انهي جذبي تحت پرگهور لڌي. ان سهڪار کي ڪڏهن پڌرو ٿيڻ نه ڏنو. ۱۹۶۸ع ۽ ۱۹۶۹ع جي زماني ۾ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو صاحب عمرڪوٽ آيو. تڏهن ڀٽي صاحب کي قلعي کان جلسي گاهه تائين ڊاڪٽر هرچند راءِ جي گاڏي ۾ آندو ويو هو. ڀٽي صاحب ڊاڪٽر هرچند راءِ جي ان گاڏي جي ڊرائيور جمال مکراني کي ڏهه ايڪڙ زمين تحفي طور ڏني هئي. ڊاڪٽر صاحب جو ڪامريڊ روچيرام وڪيل سان تمام گهاٽو سٻنڌ هو. ۱۹۵۹ع ۾ بنيادي جمهوريت جي چونڊن ۾ بيٺو ته ڊاڪٽر صاحب روچيرام کي ووٽ ڏيڻ جي لاءِ مٺي ۾ رهندڙ واسطيدارن کي خط لکيا. ۱۹۶۵ع ۾ هڪ ڪوڙي ڪيس ۾ ڊاڪٽر صاحب کي جيل ياترا به ملي. روچيرام وڪيل پنهنجي هڪ خط ۾ لکيو آهي ته، “ڊاڪٽر صاحب جيل ۾ هو، ته پويان سندس ٻني تي سيد صالح محمد شاهه ڦڏو ڪيو. ڪيس ڪورٽ ۾ هو. راجا غني سرزمين تي مدد ۾ هو ۽ آئون هن سان گڏ سول جج جي ڪورٽ ۾ هوس. ۱۹۷۰ع جي چونڊن ۾ راڻي چندر سنگهه جي سامهون ڊاڪٽر هرچند راءِ صوبائي اسيمبلي جي تڪ تي چونڊ لڙيو. وڪيل مراد علي ڊاڪٽر هرچند راءِ جي حق ۾ هٿ کنيو. ان چونڊ ۾ ڪامريڊ ڄام ساقي به حصو ورتو هو. وڏو دنگل متو هو. ڊاڪٽر هرچند راءِ جي ورڪن ۾ مامو جمن دربدر به سرگرم هوندو هو. جلسي جي ڪمپئرنگ وغيره مامي جمن جي حوالي هئي. جنهن ڳوٺ ۾ جلسو رکيل هوندو هو. ان ڳوٺ ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ مامي جمن وارا اطلاع ڏيندا هئا. ماڻهو ڊاڪٽر هرچند جو نالو ٻڌي مريض وٺي اچي گڏ ٿيندا هئا. ڊاڪٽر سياسي تقرير مختصر ڪري مريض نهاريندو هو. نيٺ مامي جمن ڊاڪٽر صاحب کي چيو ته، توهان سياسي سرگرمي کي وقت گهٽ ڏيئي رهيا آهيو. ماڻهو توهان کي وري مريضن ۾ قابو ڪري ٿا ڇڏين. ائين پاڻ هارائي وينداسين. ڊاڪٽر صاحب موٽ ۾ پنهنجي روايتي انداز سان مرڪندي جمن کي ورندي ڏنائين ته، “جمن آئون به سمجهان پيو، هارائي ويندس پر آئون اها روايت وجهڻ ٿو چاهيان ته وڏي ماڻهو جي سامهون غريب ماڻهو چونڊ لڙي سگهي ٿو. جن غريب جاتين جي لاءِ اوڇا لفظ ادا ڪيا پيا وڃن، انهن جي ووٽ جو قدر ٿئي. پنهنجي انهي جستجو سان جاگيردارن ۽ وڏيرن کي انهن عام ماڻهن وٽ ووٽ جي لاءِ منٿون ڪرڻيون پونديون.” ۱۹۷۰ع ۾ هار باوجود هن وٽ وڏو حوصلو هو. ڄام ساقي سان گڏجي ڇاڇري ۾ عام ماڻهن جا ٿورا مڃڻ جي لاءِ هن ريلي ڪڍي. ۱۹۸۵ع جي غير جماعتي چونڊن ۾ ڀڏيلي جي سوڍي جيتمال سنگهه قومي اسيمبلي جي سيٽ تي فارم ڀرايو ته ڊاڪٽر هرچند راءِ به صوبائي سيٽ تي حصو ورتو. ۱۹۸۵ع ۾ ڌار ووٽ جو سرشتو هجڻ جي ڪري اقليتي ميمبر جي لاءِ پورو صوبو حلقو هوندو هو. آساني سان هيرا ڦيري جا موقعا موجود هئا. ڊاڪٽر صاحب ان موقعي ڪافي ووٽ کنيا پر “مايا جي ڇايا” جي بنياد تي ڊاڪٽر صاحب کي هارايو ويو. ڊاڪٽر صاحب جي ويجهن دوستن ڊاڪٽر صاحب تي “ڏيتي ليتي جي زماني سازي” ڪرڻ جي لاءِ زور ڀريو پر هن اڏول انسان وٽ “نه ته نه هو. مکي نهال چند ۽ مير حيات ڊاڪٽر صاحب جي ڪاميابي جي لاءِ پنهنجي طرفان وڏيون ڪوششون ورتيون پر سيٺين “ڏنو پٽ ڇٽي جو” جي آڌار وارو وڄائي ورتو. ۱۹۹۳ع ۾ ڊاڪٽر هرچندراءِ جي فرزند مهندر ديو پ پ پ جي ٽڪيٽ تي صوبائي سيٽ تي چونڊن ۾ حصو ورتو. مهندر به سخت مقابلو ڪيو. پهرين ڏينهن شروعاتي چونڊ نتيجن ۾ مهندر ديو کي ڪامياب قرار ڏنو ويو. پر پوءِ هيرا ڦيري جي “هنرمندي” ۾ ڪيرايو ويو. مهندر ديو ٽربيونل ۾ ويو. ٻه سال ڪيس هليو. پر ڪيس جو فيصلو اچڻ وارن ڏينهن م اسيمبليون معطل ٿي ويون. عمرڪوٽ شهر جي ووٽن ۾ ڊاڪٽر هرچندراءِ “ڪنگ ميڪر” جي حيثيت رکندو هو. سيٺ ٽيڪم سا ڊاڪٽر هرچند راءِ جو وڏو حمايتي هوندو هو. ڊاڪٽر هر چندراءِ ۱۹۶۶ع، ۱۹۷۹ع، ۽ ۱۹۸۳ع ۾ ٽائون ڪاميٽي عمرڪوٽ جو ميمبر ٿيو. ۱۹۸۳ع ۾ ٽائون ڪاميٽي عمرڪوٽ جو چيئرمين چونڊيو ويو. ڊاڪٽر هرچند راءِ جي ٽائون جي چيئرمين شپ دوران ڪيترائي ڪم ٿيا. جن ۾ صوفي شاعر روحل فقير جي نالي سان منسوب روحل بس اسٽينڊ عمرڪوٽ، پبلڪ پارڪ ۽ شهر جي مختلف ڳلين جا رستا شامل آهن. ۱۹۷۳ع ۾ وڏيرن ۽ جاگيردارن جي مخالفت ڪرڻ جي ڪري ڊي سي ٿرپارڪر سيد نور احمد شاهه تي دٻاءُ پيو ته “پبلڪ سيفٽي يا ٻي ڪنهن نموني جي ڪيس ۾ ڊاڪٽر هرچند ۽ سندس ساٿين کي گرفتار ڪيو وڃي.” ڊي سي صاحب انڪوائري ڪري لکيو ته، “هي ماڻهو صاف سٿرا عزت وارا آهن. آئون انهن کي گرفتار نٿو ڪري سگهان. جيڪڏهن انهن کي گرفتار ڪرڻ ضروري آهي ته مون کي بدلي ڪرائي ٻي ڊي سي کان اهو ڪم ورتو وڃي.” ائين ڊاڪٽر ۽ سندس ساٿين کي ٻڌڻ وارو اهو معاملو ٽري ويو. ۱۹۷۴ع ۾ سنڌ حڪومت پاران “سنڌ صدين کان” جي عنوان سان پروگرام رٿيو ويو. ڊي سي ٿرپارڪر ۽ لوڪل بورڊ ٿرپارڪر جي صدر هڪ مرڪزي ڪاميٽي جوڙڻ سان گڏ تعلقن جون سب ڪاميٽيون ٺاهيون. عمرڪوٽ جي ڪاميٽي ۾ ڊاڪٽر هرچند راءِ کي ميمبر طور کنيو ويو. سب ڪاميٽي جي گڏجاڻي ۾ ڊاڪٽر هرچند راءِ خاموش ويٺو رهيو، آخر ۾ ڪنهن ميمبر چيو ته ڊاڪٽر صاحب توهان ڳالهايو نه ٿا، پنهنجي راءِ ڏيو. ڊاڪٽر ٺهه پهه وراڻيائين ته “ڳالهين جي لاءِ توهان موجود آهيو، مون کي ڇڏيو ته آئون ڪم ڪري ڏيکاريان.” پوءِ ثقافتي شين کي ميڙڻ جي ڪم سان لڳي ويو. مختلف قسمن جا زيور، هنا پاکڙا، ارٽ، سڪا، ڀرت جا نمونا، رليون، ويس وڳا، برتن وغيره ڪٺا ڪيائين. جڏهن ميرپورخاص ۾ پروگرام ٿيو ته ڊاڪٽر صاحب اتي ثقافتي شين جو شاندار اسٽال لڳايو. ڊاڪٽر صاحب جو اسٽال تمام گهڻو توجهه جو مرڪز رهيو. سائين غلام مصطفيٰ شاهه ۽ ان وقت جي ثقافتي وزير پيار علي الانا تمام گهڻو ساراهيو. ساڳي سال ۾ اهڙو ثقافتي ڏهاڙو صوبائي سطح تي ڪراچي ۾ ملهايو ويو. ضلع ٿرپارڪر مان ڊاڪٽر هرچندراءِ کي ثقافتي اسٽال لڳائڻ جي لاءِ چيو ويو. انهي اسٽال ۾ ڊاڪٽر هرچند راءِ ميرپورخاص واري اسٽال کان وڌيڪ سامان رکيو. هنرمندن جون تيار ڪيل شيون ۽ انهن کي گهربل سامان ۽ ثقافتي شيءِ جڙڻ جو سارو عمل بيان ڪري رکيو. ان وقت جي وفاقي وزير مولانا ڪوثر نيازي به نمائش جو دورو ڪري ڊاڪٽر صاحب کي جس ڏنو هو. ڊاڪٽر هرچند راءِ ذاتي طور تي ڪوششون وٺي مختلف وقتن تي ثقافتي ميڙ به ڪوٺايا. ٿر جي تاريخ تهذيب، ٻولي ۽ ثقافت جو انسائيڪلو پيڊيا هو. ۱۹۸۶ع ۾ ان وقت جي وزيراعظم محمد خان جوڻيجي جي خاص دلچسپي تي هن ميرپورخاص جي پوليس لائين جي گرائونڊ تي هڪ ماڊل ٿري گهر ٺهرايو. جنهن ۾ ٿر جي روزمره جي زندگي ۾ ڪم ايندڙ شيون رکيون ويون. وزيراعظم محمد خان جوڻيجي دنيا جي مختلف ملڪن جي سفيرن کي ماڊل ٿري گهر جو دورو ڪرايو. ڊاڪٽر هرچند راءِ سنڌالاجي جهڙي اداري جي خريدي ڪاميٽي جو ميمبر رهيو. ٿر مان ثقافتي شيون خريد ڪرڻ ۾ هن وڏو سهڪار ڪيو. اهڙي طرح سنڌ ميوزم ۽ شمش العلماءَ عمر بن دائود پوٽا لائبريري جي سار سنڀال ڪاميٽي جو به ڊاڪٽر صاحب کي ميمبر بڻايو ويو. جتي به هن پنهنجو اثرائتو ڪردار ادا ڪيو. ڊاڪٽر صاحب سنڌي، اردو، انگريزي، هندي ۽ سنسڪرت ٻولين جو ڄاڻو هو. ڍاٽڪي هن جي روح جو حصو هئي. هن ڍاٽڪي ٻولي ۽ ثقافتي شين نالن جي ڊڪشنري به تيار ڪئي پر اها اڻ ڇپي رهجي ويئي. هن پنهنجي آتم ڪهاڻي به لکي. ڊاڪٽر صاحب جا خط به تاريخ جو اهم حصو آهن. مختلف ڪتابن تي ٽيڪاٽپڻي ڪندي اڀياس به لکيا. پر اهي سڀ شيون اڻ ڇپيل آهن. ڊاڪٽر هرچند راءِ کي زندگي ۾ سندس خدمتن جي مڃتا ۾ صدارتي ايوارڊ سميت مختلف ايوارڊ مليا. جن ۾ ايگريڪلچر اينڊ انڊسٽيريل ايگزيبيشن (۱۹۸۵ع) ٿرپارڪر ميلو ايوارڊ (۱۹۸۵ع) قائداعظم خدمت خلق ايوارڊ (۱۹۹۴ع) نشان لطيف ايوارڊ، ٻانهن ٻيلي ايوارڊ (۱۹۹۸ع) انٽرنيشنل والينٽري ڊي ايوارڊ (۷-۲۰۰۶-۸) سامي ايوارڊ (۱۹۹۴ع) پي ايس اي گولڊ ميڊل، ايجوڪيشن اينڊ ڪلچرل افيئر ايوارڊ (۱۹۹۸ع) روٽري ڪلب سگنيفڪشن اچيومينٽ ايوارڊ شامل آهن. صداري ايوارڊ ۲۰۰۷ع ۾ مليو. ٿر جي ڳوٺ گوڌيار ۾ جوڌو جي مڪڙ کي ڊاڪٽر هرچند جي ماسي پرڻايل هئي، ماسي جي وفات تي ڊاڪٽر صاحب جو والد صاحب سائين گرڌاري ۽ امڙ تعزيت جي لاءِ جوڌو جي مڪڙ جي گهر ويا. سائين گرڌاري جو اڃان ڪو اولاد نه هو. اتي واپسيءَ ۾ سائين گرڌاري لال وندر جي لاءِ جوڌو جي کان پٽ گهريو. جوڌي جي پنهنجو وڏو پٽ ڪيشو لال سائين گرڌاري لال جي حوالي ڪيو. گرڌاري لال ڪيشو لال کي پڙهايو. نوڪري وٺي ڏني، شادي ڪرائي. ڊاڪٽر هرچند راءِ ۽ سندس ڀائرن ڪيشو لال کي سدائين پنهنجو وڏو ڀاءُ سمجهيو. سائين ڪيشو لال مٺڙيو ڀٽي ۽ ڀرپاسي جي تپن ۾ تعليم عام ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ۱۹۲۰ع جي زماني ۾ عمرڪوٽ ۾ هڪ پيٽ جي بيماري منهن ڪڍيو جنهن کي مقامي ٻولي ۾ ٻرهل سڏيو ويندو هو. ان بيماري سبب عمرڪوٽ مان ماڻهن جي وڏي پيماني تي لڏپلاڻ ٿي. سائين گرڌاري لال به عمرڪوٽ مان لڏي نيوڇور ۾ رهائش اختيار ڪئي. ڪجهه سالن کان پوءِ وري واپس عمرڪوٽ آيا. نيوڇور وارو گهر گهڻي وقت تائين سلامت رهيو. ان گهر جي ڀر سان اسڪول هوندي هئي. جنهن ۾ ڊاڪٽر هرچند راءِ پڙهيو هو. ان اسڪول کي جڏهن وڌيڪ پلاٽ جي ضرورت محسوس ٿي ته ڊاڪٽر صاحب پنهنجي پراڻي گهر جو پلاٽ اسڪول کي ڊونيٽ ڪيو. سائين گرڌاري لال نه صرف مثالي استاد هو پر با اصول بيٽ آفيسر پڻ ٿيو. اسڪول جي وزٽ توڙي امتحانن ۾ ڪڏهن استاد ۽ ڳوٺاڻي تي وزن نه وڌو. پنهنجي کاڌي پيتي جو سامان گهوڙي تي گڏ هوندو هو. گهوڙي کي به ڪک ڪانا توڙي داڻو پاڻي پنهنجن پئسن جو خريد ڪري ڏيندو هو. ڊاڪٽر صاحب جڏهن سرڪاري نوڪري شروع ڪئي، تڏهن سندس والد صاحب گرڌاري لال گرهستي جيون ڇڏي سنياس ڌارڻ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ڊاڪٽر صاحب جي ڀيڻ لڪشمي ٻائي جي ڄڃ آيل هجي، ٻائي لڪشمي جي پارڻيت جي ٻي ڏينهن رهاڻ ۾ سائين گرڌاري اٿي بيهي چيو ته، آئون اوهان سڀني کي پرڻام ڪري پنهنجي زندگي بابت هڪ اهم اعلان ڪرڻ چاهيان ٿو. هاڻي منهنجا گرهست (گهرو) فرض پورا ٿي چڪا آهن. هرچند راءِ روزگار لڳي ويو آهي. پنهنجن ڀائرن کي اڳتي پڙهائڻ توڙي ڀيڻن کي ساهرن مان ڪوٺڻ ۽ موڪلڻ جي سگهه رکي ٿو. گهر جي سرپرستي اڄ ڏينهن کان پوءِ ڊاڪٽر هرچندراءِ جي حوالي آهي. آئون سنياس ڌارڻ ڪريان ٿو. ڊاڪٽر هرچند راءِ پنهنجي والد صاحب جو اهڙو اعلان ٻڌي پهرين ته ڏاڍو پريشان ٿي ويو. پر پوءِ دل جهلي اٿي بيهي هٿ جوڙي والد صاحب جون ڏنل ذميواريون قبول ڪيائين.سائين گرڌاري لال سنياس جي زندگي ۾ پرلوڪ پڌارڻ جو اطلاع ڏيندي امراڻي جي معزز شخصيت سوڍي آئيڏان سنگهه چيو ته، ”ڊاڪٽر صاحب منهنجو روحاني پتا پرلوڪ پڌاري ويو.“ اهو چوڻ سان سوڍي جون اکيون بڊي جي بادل جيان برسي پيون. ڊاڪٽر هرچند راءِ جي سيني ۾ دلير دل ڌڙڪندي هئي. هن جي ٻانهن ۾ رڻ کيتر جي سپاهين جهڙو ٻل هو. ۹۸ سالن جي عمر به هن کي هيڻو نه ڪري سگهي. هن آخري گهڙي تائين پاڻ کي ڪڏهن نٻل، ويچارو ۽ ويڳاڻو محسوس نه ڪيو. هن کي ڏسي سائين راشد مورائي جون سٽون ياد اينديون هيون. ڪي ڪي ڦوهه جوانيءَ ۾ ئي ذهني طور لڳن ٿا پوڙها ڪي جهور جهان ۾ آهن، جن جا جذبا جوان لڳن ٿا. ڊاڪٽر صاحب کي مارئي جي ڪردار سان پنهنجائپ ۽ اڪير هئي ته عمر جي انصاف جو قدر هو. عمر بادشاهه هجڻ باوجود مارئي تي ڏاڍ نه ڪيائين. مارئي جو ست سلامت رهيو. هن علي احمد بروهي کي گهرائي عمرڪوٽ ۾ هڪ پروگرام ڪرايو، جنهن جو موضوع هو، “مارئي پئي ملڪن ۾ ڳائجي، عمر ڇو نه!” ڊاڪٽر صاحب علي احمد بروهي وانگر سچ چئي ڏيندو هو. ڊاڪٽر صاحب جا سچ گوگفتا ڳوٺن ۾ مشهور آهن. هڪ دفعي سياسي اختلافن تان ڊاڪٽر صاحب کي موتمار ڌمڪيون مليون ته، ڊاڪٽر صاحب مرڪي ڌمڪي ڏيندڙ کي چيائين ته اڳ ۾ آئون ڪمري ۾ سمهندو آهيان، هاڻي ٻاهر گھٽي جي ٿلهي تي سمهندس. ڊاڪٽر صاحب جو هڪ دوست ۷۰ جي ڏهاڪي ۾ لک جي قريب پئسا اڌارا وٺي ويو، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اڌارا پئسا وٺي ويندڙ دوست جي دل ڦري، پئسا ڦٻائڻ جي لاءِ ڊاڪٽر صاحب ڏانهن وڃڻ ڇڏي ڏنائين. ڪجهه وقت گذرڻ کانپوءِ هن پنهنجي دوست کي ملڻ جي لاءِ نياپو ڪيو، نه چاهيندي به دوست کي نياپي تي اچڻو پئجي ويو. پئسا به گڏ آندائين. ڊاڪٽر صاحب پئسا وٺڻ جي بدران دوست کي چيائين ته تو انهن پئسن جي ڪري مون سان ملڻ جو تعلق ختم ڪري ڇڏيو. آئون انهن پئسن کي ڇا ڪريان! ؟ اهي پئسا جن جي ڪري دوست جو من ڦري وڃي پوءِ پئسن جي دستي روپيو روپيو ٿي ويئي پر هن اڏول انسان انهن پئسن کي هٿ نه لاٿو. سڀ ۾ پرين پسڻ واري ڊاڪٽرهرچنداراءِ جو عقيدو ويدانتي پنٿ سان هو. هو پنهنجي ڌرمي عقيدي موجب صبح جو اٿي ويدن جا منتر پڙهندو هو پوءِ يگيه ۽ هون ڪندو هو. ڊاڪٽر صاحب سان منهنجي پهرين ڪچهري الياس ٿري سان گڏ ٿي هئي ڪافي موضوع کليا هئا. پر اي بي آريسر ۽ مون ڊاڪٽر صاحب سان هڪ دفعي دنيا جي مختلف ڌرمن تي ڀرپور ڪچهري ڪئي. هُو ڌرمي فلاسافر جيان هر سوال جو جواب ڏيئي رهيو هو. مون کي ائين لڳو ته، آريائي دور جو رشي نئين روپ ۾ صحرا جي ڀٽ تي اچي پهتو آهي. آڳاٽن رشين جيان سنڌ هن جي روح ۾ سمايل هئي. سنڌ هن جي رڳن ۾ رت جو روپ هئي. هن ڪڏهن سنڌو ماتا کان منهن نه موڙيو؛ ماتا تو کان منهنڙو موڙي، ڪيئن رهندس آنءُ سنڌڙي، مان ته سڃاپان ئي تنهنجيءَ نسبت ساڻ ! ڊاڪٽر صاحب پنهنجي والد صاحب جيان عمر جي آخري حصي ۾ سنياس وٺڻ ٿي چاهيو، پر شهر جي چاهيندڙن ائين ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. پر پوءِ به هن پنهنجي گھر کي رين بسيرا، جي جاءِ وانگر ڏٺو؛ ماٽي چن چن ڪي محل بڻايا، مورک ڪهي گھر ميرا ناهي گھر ميرا، ناهي گھر تيرا، ديا جهنگل ۾ هي ديرا پيرسائين پاڳاري شاهه مردان شاهه راشدي صاحب سان ڊاڪٽر هرچند راءِ جي دلي عقيدت هئي. ۱۹۸۹ع ۾ ڊاڪٽر هرچند راءِ کي جڏهن ڌاڙيلن اغوا ڪيو تڏهن پيرسائين پاڳاري صاحب ڊاڪٽر جي بازيابي لاءِ خاص طور دلچسپي ورتي هئي. ڊاڪٽر صاحب جي بازيابي لاءِ ٿرپارڪر جي ان وقت جي ڊي سي نثار احمد صديقي صاحب جون انتظامي سطح تي ورتل ڪوششون ساراهه لائق آهن. عوامي دٻاءُ پڻ وڏو اٿيو هو. تعلقي عمرڪوٽ جي هر سياسي سماجي خاندان سان ڊاڪٽر هرچند راءِ جو پنهنجائپ جو تعلق رهيو. سڀ ڊاڪٽر هر چندراءِ جو مان رکندا هئا. عمرڪوٽ شهر جا ماڻهو کيس “ٻاء” سڏيندا هئا. راڻي چندر سنگھه سان سياسي لاڳاپن جي لاهن چاڙهن باوجود سماجي طور تي ڊاڪٽر صاحب جو گھاٽو تعلق جڙيل رهيو. ٻنهي خاندانن پاڻ ۾ “ڌرميلي” جو دستور پوري ريت نڀايو. راڻي چندر سنگهه جي پرلوڪ پڌراڻ کان پوءِ راڻي همير سنگھه سدائين ڊاڪٽر صاحب جي مان مرياده رکي. ڪنور ڪرڻي سنگھه ڊاڪٽر صاحب جي وڇوڙي تي آخري سفر ۾ “پيرين اڀراڻو” شامل ٿي پيڙهين جي تعلق کي اجاري اڇو ڪيو. کاروڙي ۽ کيجراڙي جي ساڌاتن، ۽ ناري جي نواب پلي ڀائرن ۽ ٽالپرن جي ڊاڪٽر صاحب سان پريم ڀاونا مثالي رهي. نواب يوسف ٽالپر وقت به وقتن ڊاڪٽر صاحب سان رهاڻيون رچائيندو رهيو. مٺي جي ملاڻي خاندان ۽ پروفيسر شيام داس جوشي سان ڊاڪٽر هر چند راءِ جيءُ جو رشتو جوڙي رکيو هو. جڏهن به ڊاڪٽر صاحب جو مٺي اچڻ ٿيندو هو ته شيام داس سان ضرور ملندو هو. ڊاڪٽر صاحب جنهن به ڪردار ۾ اعليٰ انساني ڪردار ڏسندو يا ٻڌندو هو، هن کي اتساهيندو هو. مٺي جي منفرد ڪردار حاجي محمد دل جو پروفائيل اخبار ۾ پڙهڻ سان ڊاڪٽر صاحب مٺي ملڻ آيو هو. ڪراچي جو اڳوڻو سٽي ناظم مولانا نعمت الله صاحب ڪراچي کان جڏهن عمرڪوٽ ايندو هو ته ڊاڪٽر صاحب سان ضرور ملندو هو. سپر اسٽار بيسٽ مين سعيد انور عمرڪوٽ آيو ته فروٽ ۽ مٺائي جو تحفو کڻي ڊاڪٽر صاحب هُن سان ملڻ ويو. ڊاڪٽر صاحب جي مولانا عبدالرحمان جمالي صاحب سان وڏي نيازي مندي هوندي هئي. جمالي صاحب ۽ ڊاڪٽر صاحب جون پاڻ ۾ ڪچهريون ٻڌڻ جھڙيون هونديون هيون. ڊاڪٽر صاحب جي پر لوڪ پڌارڻ کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب جي پهرين ورسي جي صدارت مولانا جمالي صاحب ڪئي. ان موقعي تي مولانا صاحب آفاقي دعا گھري هئي. ڊاڪٽر هرچند راءِ جي لاءِ مشهور آهي ته هُو مزاج ۾ سخت هوندو هو. مريضن کي ڏنل دڙڪن ۽ لطيفن جو وڏو داستان آهي. پر ويجھڙائپ ۾ رهندڙ ساٿين جو چوڻ آهي ته هُو من جو ملائم پڻ هو. سماجي روين جي ڪڙاڻ کي هن ڏاڍو برداشت ڪيو. درد مند دل جي قرار جي واسطي بي قرار رهندو هو. هن خزان نصيب زندگي جي لاءِ بهار ڳوليو هو. هن پنهنجي هستي مات ڪري ٻين کي مسرور بڻايو هو. ڊاڪٽر هرچند راءِ ڪيترن ئي شاگردن کي پڙهائي ۾ معاشي مدد ڪرڻ سان گڏ حوصلو ڏنو. ڪيترن ئي نوجوانن کي روزگار وٺي ڏنو. ڪيترن ئي نوجوانن جي تربيت ڪئي. سنڌ جي نامور اديب سائين وليرام ولڀ ڊاڪٽر هر چند راءِ کي “ڀيشم پتامهه”، سڏيو آهي. وليرام ولڀ کي جڏهن صدارتي ايوارڊ مليو ته ڊاڪٽر صاحب نه صرف هلي وڃي کيس مبارڪباد ڏني پر وليرام جي مان ۾ عمرڪوٽ ۾ هڪ پروگرام پڻ رکيو. ڊاڪٽر صاحب سوٽهڙ قبيلي ۾ جادم ونس جي راجا تنو ڀاٽي جي اولاد مڪر عرف مڪڙ/ماڪڙ جي نک سان تعلق رکندڙ هو. پر هن ”جانگڙ براهمڻ“ جي متي کي به گھڻو پڙهيو هو. ننڍي کنڊ جي هن هنرمند جاتيءُ جي ڀلائي ۽ بهتري جي لاءِ ڊاڪٽر هر چند راءِ هر طرح واهر ۽ وسيلو ٿي بيٺو. هن علائقي سان گڏ پنهنجي ڪميونٽي ۾ به سياسي سگھه پيدا ڪرڻ جي لاءِ وڏا جتن ڪيا. ڊاڪٽر صاحب منهنجو مربي ۽ محسن هو. جڏهن به ڊاڪٽر صاحب سان منهنجو ملڻ ٿيندو ته مون کي ڳل ڳراٽڙي پائي پنهنجن ٻاجھارن هٿن سان آسيس ڏيندو هو. چيلهار مان ڪو مريض ويندو هو يا ڪوئي عزيز ڊاڪٽر منهنجو ضرور پڇندو هو. ڊاڪٽر صاحب مختلف وقتن تي مون ڏانهن خط به لکندو هو. سچ اهو آهي ته ڊاڪٽر صاحب جھڙو نيڪ شخص ٻين ۾ نيڪين جي تلاش ڪندو هو. ڊاڪٽر صاحب منهنجي هڪ لوڪ ادب واري ڪتاب،گيت سانوڻ من ڀانوڻ جا” جو تفصيلي تنقيدي اڀياس لکيو. عمر جي آخري ڏينهن ۾ ڊاڪٽر صاحب مون تي اهو ڪم رکيو هو ته، ٿر ۾ ڳائجندڙ همرچي جا قسم گڏ ڪري موڪل، ڊاڪٽر صاحب کي ۹۸ سال جي عمر ۾ به همرچي جي تانگھه هئي. مون ڊاڪٽر صاحب جي لاءِ همرچي جا مختلف رنگ ميڙيا پر روايت سستي سبب موڪلي نه سگھيس. ۽ ڊاڪٽر صاحب ۴ مارچ ۲۰۱۳ع تي هن فاني دنيا مان موڪلائي ويو.آخري سفر ۾ ٿر ۽ عمرڪوٽ جا هزارين ماڻهو شريڪ ٿيا پر آئون رولاڪ شخص شامل نه ٿي سگھيس. چو طرف سُڃ خزان ٿي، نيڻن نهار تائين. افسوس هُو نه آيو، راشد مزار تائين منهنجي اکين ۾ اڄ به ڊاڪٽر هر چند راءِ جو متحرڪ روپ آهي. تصور ۾ اڄ به هُڙڪ هرچند راءِ آهي. جيڪو هُڙڪ هلڻ جو سڏ ڏيئي رهيو آهي. هڙڪ هلو، ڌيما هلو، پنڌ پري هو، ڪير ڪري هو، واٽ اواٽي، ڏيل ڏري هو، پو به پرينءِ جو پنڌ ڀلو هو، هڙڪ هلو، ڌيما هلو. (شيخ اياز) ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاني ناميارو سماج سڌارڪ ڀڳوانداس کتري عمرڪوٽ عالمي سطح تي سماجي خدمتن عيوض مڃتا ايوارڊ ماڻيندڙ ناميارو سماج سڌارڪ ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاني (۹۸) ورهين جي ڄمار ۾ ديهانت ڪري ويو. (۲۲) ڏينهن تائين حياتي سان جنگ جوٽيندڙ ڊاڪٽر هرچند راءِ جو، ۱۴ مارچ ۲۰۱۳ع تي شام ساڍي ڇهين وڳي، ساهه جو سڳو ٽٽي پيو. ڊاڪٽر هرچند راءِ جي ديهانت جو ٻڌي، سوين شهري سندس گهر پهچي ويا، جڏهن ته سڄو شهر سوڳ ۾ بند رکيو وي آهي. ڊاڪٽر هرچند راءِ جي ۱۲ فيبروري تي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي، جنهن بعد نيم بيهوشي واري حالت ۾ بستري داخل ٿيو. سال ۱۹۱۵ع ۾ پرائمري استاد گرڌاري لال جي گهر ۾ جنم وٺندڙ هرچند راءِ لکاني ۱۹۴۰ع ۾ بمبئي مان (ايل سي پي اين ايس) ڊاڪٽري جي ڊگري حاصل ڪئي. سال ۱۹۴۲ع ۾ عمرڪوٽ شهر اندر، پنهنجي خانگي اسپتال قائم ڪئي ۽ ۱۹۴۴ع ۾ سرڪاري نوڪري مليس. ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاني ۱۹۴۴ع کان ۱۹۵۹ع تائين عمرڪوٽ، سانگهڙ، سامارو، سڪرنڊ ۽ ٽنڊو محمد خان سرڪاري اسپتالن ۾ سب ميڊيڪل آفيسر طور فرائض سرانجام ڏنا. سال ۱۹۵۹ع ڌاري سرڪاري نوڪري ڇڏي، عوام جي خدمت شروع ڪئي. اڌ صدي کان وڌيڪ غريب ۽ بي سهارا ماڻهن جي خدمت ڪرڻ عيوض ڪيترا ئي ايوارڊ مليا. ڊاڪٽر هرچند راءِ نامياري سماج سڌارڪ سان گڏ ايشيا جو ماهر ڊاڪٽر پڻ هو. اڳوڻي صدر جنرل پرويز مشرف ۲۰۰۷ع ۾، سماجي خدمتن عيوض، تمغه امتياز سان نوازيو. ڊاڪٽر هرچند راءِ عمرڪوٽ ٽائون ڪميٽي جو پنج سال چيئرمين پڻ رهيو ۽ سندس دور ۾ عمرڪوٽ شهر اندر رڪارڊ ترقياتي ڪم ٿيا. ڊاڪٽر هرچند راءِ ۱۹۸۵ع جي غير جماعتي بينادن تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ اقليتن جي سيٽن تان چونڊ وڙهي. ڊاڪٽر هرچند راءِ وٽ ملڪ جي ڏورانهن علائقن مان مريض علاج لاءِ ايندا هئا. ڊاڪٽر هرچند راءِ پاران مريضن کان ملندڙ فيس، عمرڪوٽ ۾ فلاحي اداري پاران هلندڙ ٽي بي سينٽر کي ڏني ويندي هئي. سرڳواسي ڊاڪٽر هرچند راءِ پنهنجي زندگي ۾ ڪنهن ننڍي توڙي وڏي کي ويهي هٿ نه ڏنو. ڊاڪٽر هرچند راءِ سوڳوارن ۾ (۳) پٽ شهديو، مهاديو ڀارت ۾ رهائش پذير آهن. جڏهن ته سندس هڪ نوجوان پٽ جئه ديو ديهانت ڪري ويو ۽ هڪ ننڍو پٽ مهندر ديو عمرڪوٽ ۾ رهي ٿو، کيس پنج نياڻيون پڻ آهن. ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي حقيقي عوام دوست ڪردار حاجي گل حسن آريسر اڄ هتي هڪ اهڙي حقيقي انسانيت جي خدمت ڪندڙ، سچ جي علمبردار ۽ سماج سڌارڪ سرڳواسي ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي جو ذڪر ڪريان ٿو، جيڪو سياست ۽ سماج ۾ تبديلين لاءِ جدوجهد ڪندڙ ۽ سماج جي بهتري لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ انسان هو. ساڳي وقت ڊاڪٽري مسيحا پيشي سان لاڳاپيل هجڻ باوجود پنهنجي پيشي سان ثابت قدم رهيو، اڄ جي ڊاڪٽرن وانگر نه جيڪي مفادن خاطر انساني حياتين سان کيڏيندي دير نٿا ڪن. ڊاڪٽر هرچند راءِ وٽ ائين نه هو. سرڪاري اسپتالن ۾ مريضن جو مفت علاج ڪندو هو ۽ سندس پرائيويٽ اسپتال ۾ ايندڙ مريضن جو سستو ۽ درست علاج ٿيندو هو. ۵ پئسن واري گوري ۾ فائدو سمجھندو هو ته ان کي ۵ روپين واري دوا لکي نه ڏيندو هو. وڏي ڳالهه ته بيماري کي سڃاڻڻ وارو جڏهن هتان جا مريض حيدرآباد ڪراچي وڃي نامور اسپيشلسٽ کي ڳريون فيون ڀري ڏيکاريندا هئا ته اهي ماهر سرجن جو مريض کان پهريون سوال اهو هوندو ته عمرڪوٽ کان آيو آهين اتي ته ڊاڪٽر هرچند راءِ ويٺو آهي ڇا ان کي ڪو نه ڏيکاريو آهي. ڊاڪٽر هرچند راءِ جا شاگرد ڪم ڪندڙ بعد ۾ ڊاڪٽر تي نالو به ڪمايو ۽ خوب پئسو به حيدرآباد جي ناليواري ڊاڪٽر بيکارام ۽ ٻيا وغيره وغيره ٿر جي ڀٽن وچ ۾ هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڪيتا ۾ سن ۱۹۱۵ع ۾ جنم وٺندڙ ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي ڊاڪٽري پاس ڪري ڊاڪٽر ٿيڻ کانپوءِ هن هن عمرڪوٽ کي آخري رهائش گاهه بڻايو ان گهر کي به مسافرخانو ”رين بسيرا“ چوندو هو. ڊاڪٽر صاحب جي پڇاڙي واري دور يعني تقريبن ۶-۷ سال رڳو مون ڊاڪٽر هرچند راءِ جي ڪردار بابت هن جي پٽ مهيندر ديو کان ڄاڻ وٺي عمرڪوٽ ۾ ٽي بي جي مريضن لاءِ ٽي بي اسپتال عمرڪوٽ کي هر سال ۱۰ هزار روپين جو فنڊ ڏيڻ جو ڊاڪٽر صاحب بابت لکيل ۽ شايع ڪرايل ڪالم ۾ ذڪر ڪيو، ڇاڪاڻ جو ڪجھ سال اڳ ۾ واقعي ڊاڪٽر هرچند راءِ ٽي بي اسپتال کي ۱۰ هزار روپيه جو فنڊ ڏيندو هو پر هن وقت ڪو نه ڏيندو هو مون ته پٽ مهيندر ديو جي چوڻ موجب ذڪر ڪري ڇڏيو. بس هُن ڪالم کي پڙهڻ بعد ڊاڪٽر ناراض ٿي ويو ناراضگي جي حد نه رهي بس هاڻي نوجوان ته توهان جي پٽ مهيندر ديو ڄاڻ ڏني ته مهيندر ديو جو خير نه هو، انڊيا موڪلي هان مون پاڻ تي رهايو، اڳيان حوالا ڏنا مانس هاڻي ٻڌايو ته ان کان وڌيڪ سچو ماڻهو ڪهڙو ٿيندو؟ اڄ ڪلهه ته سستي شهرت وارا گند مان گل ڪند بنائڻ وارا هڙان وڙان خرچ ڪري ميڊيا ۾ پاڻ کي تيس مار ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن جيڪي ڪجھ به ڪو نه هوندا آهن ماءُ جو واکاڻ وارو پٽ سپوت نه هوندو آهي، جنهن کي جڳ واکاڻي اهو هوندو. سو اڄ ڪلهه ميڊيا جا دوست ذاتي مفادن سبب ميڊيا ۾ خرابي کي گل قند بنائيندا رهن ٿا سرڳواسي حياتي جون ۹۸ بهارون ماڻيو پر ان هوندي به صحتمند زندگي گذاري. هر ادبي سماجي سياسي ميڙاڪي وغيره ۾ دعوت ملندي هيس ته پڇاڙي جو پاڻ کڻائي به اتي پهچندو هو. سنڌ جي ثقافت جو ماڻڪ موتي ثقافتي تقريبن ۾ چاهي عمرڪوٽ جي قلعي ۾ هجي يا ٻئي ڪنهن ثقافتي هنڌ تي ڊاڪٽر هرچند راءِ جو ثقافتي اسٽال ضرور لڳل هوندو هو، خصوصي طور ٿر جون نشانيون اٺن ۽ گهوڙن جا سنج، پاکڙا رليون، ٿر جون لويون ۽ ٻيون بيشمار ٿري کٿا ۽ انمول شيون اسٽال جون سينگار هونديون هيون. اڄ سرڳواسي ڊاڪٽر هرچند راءِ جي ياد ان ڪري اچي ٿي ته سنڌ سان پيار ڪندڙ شهيد راڻي جو پٽ بلاول ڀٽو سنڌي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ موئن دڙي کان سنڌ فيسٽيول ملهائڻ جي ابتدا ڪئي ته ڊاڪٽر هرچند راءِ زنده هجي ها ته هو سرڳواسي اهي ثقافتي سوکڙيون کڻي موئن جي دڙي ضرور پهچي ها. سنڌ جي محبت جو هڪ ٻيو ثبوت هي آهي ته سرڳواسي کي اڻ خبري ۾ سرمائيدار سمجھي سفيد پوشي سبب ڌاڙيلن اغوا ڪيو جڏهن ڌاڙيلن کي خبر پئي ته ڊاڪٽر هرچند راءِ اهو آهي ته ڌاڙيلن چيو چاچا اوهان جي اسان کي ضرورت آهي. اوهين فقط غريب اسان ماڻهن جو علاج ڪجان بس. ڊاڪٽر ڌاڙيلن کي چيو ته مون کي ٻڌايو ته توهان سنڌي آهيو ته پوءِ سنڌي ماڻهن کي اغوا ڪري ڦرلٽ ڪريو ٿا، ڌاڙيلن مڃيو. واقع سچ ٿا چئو پر اسان جي مجبوري آهي. سماج ۾ تبديلي لاءِ پاڻ جاکوڙيو آهي. اهڙي طرح ڊاڪٽر هرچند راءِ جنهن کي ”ڇوڏو“ چوندا هئا، مڙڻ وارو نه هو سو ڊاڪٽر سياست ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ ڪافي دفعا قومي صوبائي اسميبلين ۽ لوڪل باڊيز جي چونڊن ۾ حصو ورتو. عمرڪوٽ ٽائون ڪميٽي جو چيئرمين به ٿيو. ترقياتي ڪم ڪرايا ۽ مدو پورو ڪرڻ وقت ٽائون ڪميٽي عمرڪوٽ جو خزانو لکين روپين سان ڀريل ڇڏيو، ڪا به عوامي بجيٽ جي پئسي ۾ هيرا ڦيري نه ڪئي. ڳالهه اڄ به ڳائجي پئي ملڪ جي معروف قانوندان علي احمد بروهي ۽ اڳوڻي سيشن جج ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۽ ٻين اعليٰ شخصيتن سان گهرو واسطو به هوندو هو. ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي ٿر ۽ عمرڪوٽ جو مسيحائي ڪردار مير نادر علي ابڙو آئون سنڌ جي ڪهڙي به ڪنڊ ڪڙڇ شهر ۾ هجان پر هر وقت اُنهيءَ شهر ۾ پلجندڙ تاريخ ساز انسانن جي ڳولا ۾ هوندو آهيان ۽ انهن ساڻ پنهنجي روح جا لاڳاپا جوڙي ڪچهرين کي اوليت ڏيندو رهيو آهيان. انهن انسانن مان هميشه مون ڪجهه پرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهي انسان اسان جي سنڌ جو لازوال خزانو آهن. جن کي ڳولهي لهڻ انهن جي سهائتا ڪرڻ اسان تي فرض ٿو ٿئي، جڏهن آئون بطور سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن جي شهدادڪوٽ کان بدلي ٿي عمرڪوٽ پهتس ته اتي مون کي اهڙو ئي ٿر ڄائو مسيحائي انسان نظر آيو، جنهن جو نالو عمرڪوٽ سميت سموري ٿر ۾ تمام وڏي احترام سان ورتو ٿو وڃي. اهو پاڻ ۾ هزارين داستان سانڍي ويٺو آهي. پر ڪڏهن ڪنهن پير ۽ مير جي حاضري ناهي ڀريندو. اهو ميسحائي انسان ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي جن آهن، جن جو تعلق سنڌ جي امر ڪردار ماروي جي ديس عمرڪوٽ سان آهي، پاڻ لازوال بي مثال خصوصيتن جا مالڪ آهن. عمرڪوٽ کان ويندي ٿر تائين سندن جو وڏو نانءُ آهي. خاص طور تي هتي جي ريتن رسمن ڪلچر جي حوالي سان تما م وڏي ناليج اٿس. وڏي ڪوشش بعد ساڻس ملاقات ٿي، پاڻ انتهائي حسرت ڀريل نگاهن سان منهنجو آڌر ڀاءُ ڪيو هئائين. اهو ان لاءِ نه ته ڪو آئون اينٽي ڪرپشن جو سرڪل آفيسر هئس پر ان لاءِ جو آئون ڪامريڊ تاج محمد ابڙي مرحوم جو فرزند هئس. ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي کان پهرين قرب ڀري ڪچهري کان پوءِ نه ڄاڻ ايئن محسوس ٿيو ته هي اهو ئي انسان آهي جنهن جي منهنجي روح کي سالن کان تلاش هئي. دل چاهيو هو ته هن جي احترام ۾ ايترو ڪجهه ڪري وڃان ۽ ماڻهن کي اهو احساس ڏياريان ته پنهنجي وڏن جو احترام ڪيو ۽ انهن کي سڃاڻو. ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي سان پهرين ملاقات بعد هن سان منهنجو گهريلو ناتو جڙي ويو. هن مون کي عزت ڏيندي پنهنجي پٽ جي حيثيت ڏني، جيڪا مون لاءِ انتهائي فخر جهڙي ڳالهه آهي. عمرڪوٽ جڏهن به وڃڻ ٿئي ٿو، تڏهن پهريائين حاضري ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي جن جي ڀربي آهي. تنهن بعد ٻئي سنگت. ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي عمرڪوٽ جي هر گهر کي پنهنجو سمجهندو آهي ۽ شهر جي هر ماڻهوءَ کي ايئن سڃاڻي جهڙو هو هن جي گهر جو فرد هجي پراڻا شهري سندن کي جيءَ ۾ جايون ڏين ٿا، پاڻ عمرڪوٽ ٽائون ڪميٽي جا چيئرمين به رهيا ۽ انهيءَ زماني جا ڪيل سندن ڪم اڄ به عمرڪوٽ جي عوام جي دلين تي ڇانيل آهن. پاڻ عمرڪوٽ ۾ ٽائون ڪميٽي جا چيئرمين رهڻ دوران سنڌ جي امر ڪردار روحل فقير جي نانءُ پويان جرنل بس اسٽينڊ تعمير ڪرايو ۽ گڏوگڏ شهرين جي تفريح جي ضرورتن کي مدِ نظر رکندي پبلڪ پارڪ عمرڪوٽ به تعمير ڪرايائين ۽ ان دؤر ۾ پاڻ عمر ڪوٽ شهر ۾ روڊن جو ڄار وڇايو ۽ هر ڪم ۾ اڳ ڀرا نظر آيا. اهو ئي نه پر ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي جن ٿر جي ثقافت کي ٻاهرين ملڪن ۾ متعارف ڪرائڻ لاءِ عمرڪوٽ جي تاريخي قلعي ۾ هڪ ملڪي سطح جو ميلو به لڳايو، جنهن ۾ ٿر جي هنر کان ويندي هر ڪا تاريخي شيءِ ڏسڻ جهڙي هئي ۽ هن ۾ ملڪي ۽ غير ملڪي سفيرن ۽ سياحن شرڪت ڪئي هئي، انهيءَ کان علاوه پاڻ کي سماجي خدمتن عيوض لاتعداد ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن، پر هي ماڻهو ڪڏهن به ٿڪو ناهي هر وقت چست چوبن ۽ ڪم جي لاءِ تيار آهي. سمهندي مهل به هن جو ذهن جاڳندو آهي. هي هر وقت پنهنجي علائقي جي غريب ٿري ماروئڙن لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ خاطر سوچي ٿو. سندس گهر ۾ ٿري هنر جا لاتعداد نمونا ۽ ثقافتي رنگ پيل آهن. جيڪي هن کان آرڪيالاجي کاتي عمرڪوٽ وارن به عمرڪوٽ جي قلعي واري ميوزيم ۾ رکڻ لاءِ گهريا هئا پر پاڻ اهو چئي جواب ڏنو هو ته اوهان وٽ انهن شين جي حفاظت ناهي. پاڻ انسانيت سان تمام وڏي همدردي رکي ٿو ۽ بغير ڊگري هجڻ جي به سنڌ جي چند وڏن ڊاڪٽرن ۾ سندن شمار ڪيو ٿو وڃي. اڄ به جڏهن ڪو مريض لاعلاج ٿيندو آهي ته آخري گهڙين ۾ اهو ئي انسان انهيءَ جي جيون دان جو وسيلو بڻبو آهي ۽ ڪيترن ئي ماڻهن کي هيل تائين هي انسان موت جي مُنهن مان ڪڍي چڪو آهي. سندن جي اسپتال مان جيڪا ڪمائي ٿئي ٿي اهو پاڻ رکڻ بجاءِ ٽي بي اسپتال عمرڪوٽ کي ڏيندو آهي، جنهن ۾ عمرڪوٽ ۽ ٿر جي ٽي بي ۾ ورتل مريضن جو مفت ۾ علاج ڪيو ٿو وڃي ۽ پاڻ ٽائيم جا انتهائي پابند آهن. ادبي پروگرام هجي يا سماجي پر ٽائيم تي پهچڻ هن جي ڪمزوري آهي. جڏهن سندن گهر واري لاڏاڻو ڪري وئي، تڏهن به پاڻ مريضن کي ڏسڻ ۾ مشغول هئا ۽ جڏهن مون کيس چيو هو ته ڊاڪٽر صاحب هلي تڏي تي ويهو. تڏهن پاڻ ورندي ۾ چيائين ته “مرڻ واري مري وئي پر آئون ڪجهه جيئرن لاءِ ڪرڻ ٿو چاهيان.” پاڻ واقعي به بي مثال لاجواب امراڻي جا وڏي دل رکندڙ امر انسان آهن. جي عمرڪوٽ مان سياسي حوالي سان سيد مظفر حسين شاهه ۽ سماجي حوالي سان ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي جو نالو ڪڍيو وڃي ته باقي ڪجهه نه رهندو، بابا مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جڏهن سيشن جج اڳوڻي ٿر پارڪر ضلعي جا هئا ته مون کي اڪثر ڪچهرين ۾ چوندا هئا ته سنڌ جي اصل ثقافت جا رنگ ٿر ۾ سمايل آهن، جيڪا ڳالهه اڄ سمجهي چڪو آهيان. ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي تي سندن جيون ۾ ڪجهه لکڻ جي تمنا هئي، سا اڄ پوري ٿي آهي ۽ آئون دعاگو آهيان ته شل الله پاڪ ٿر جي هن لاڏلي مهان ماڻهو ۽ ميسحائي انسان کي اڃا به وڏو جيون عطا فرمائي ۽ ايئن ئي هن جي دم سان ٿر ۽ امراڻي جون رونقون تاحيات قائم دائم ۽ زنده رهن. (عوامي آواز، عبرت، سڪار، هلال پاڪستان، خبرون، سنڌو ڊائجسٽ، هلچل، سوڀ) ڊاڪٽر هرچند راءِ عوامي خدمتگار مير نادر علي ابڙو هن ڌرتي تي اهڙن مهان انسانن جنم ورتو جن جو اعتراف ڪندي وفاقي حڪومت اهو تحرير ڪيو آهي ته ڊاڪٽر هرچند راءُ لکاڻي سنڌ جي علائقي ٿر جي نامور سماجي شخصيت آهي. انهن صحت ۽ ثقافت جي شعبي ۾ تمام گهڻو جاکوڙيو آهي. سنڌ جي مختلف علائقن ۾ بطور ميڊيڪل آفيسر بڻجي مفت ميڊيڪل ڪئمپون لڳايون. ريٽائرمينٽ بعد به اهو ڪم جاري رکيو. تنهن کانپوءِ ناياب ثقافتي شيون، گڏ ڪرڻ انهن کي محفوظ بڻائڻ، نمائشون لڳائڻ سان گڏ پراڻي دور جون ناياب شيون. انهي زماني جا زيور، هٿ جي هنر ۽ ٻيا کوڙ سارا ثقافتي رنگ وٽن سهيڙيل آهن. پاڻ پنهنجي پاڻ تحت انهن شين جي نمائش جا اسٽال به مختلف شهرن ۾ لڳائيندو رهيو آهي ۽ هاڻ انهن ناياب شين تي تحقيق ڪري پيو جيڪي هينئر زوال پذير آهن. سماجي ميدان ۾ خدمتن جي نمايان مقام رکڻ تي انهي جي اعتراف ۾ مڃتا طور صدر اسلامي جمهوريه پاڪستان ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي کي تمغه امتياز جو اعزاز ڏنو. هي اهي لفظ آهن جيڪي سندن جي شخصيت لاءِ وفاقي گورنمينٽ تحرير ڪيا. جيڪي حقيقي طور تي تمام وڏي اهميت جا حامل آهن. سندن نالو ٿر ۾ تمام وڏي احترام سان ورتو وڃي ٿو. پاڻ پنهنجي پاڻ ۾ هزارين داستانون سانڍي ويٺو آهي. سندن تعلقه سنڌ جي امر ڪردار مارئي جي ديس امرڪوٽ سان آهي. سندن جي شخصيت ۾ بي پناهه صلاحيتون شامل آهن. سندن نالو خاص طور تي ٿر ۾ وڏي احترام کان ورتو ٿو وڃي. وٽس هتي جي ريتن رسمن ڪلچر جي حوالي سان وڏي ڄاڻ اٿس. سندن پهرين ڪچهري ۾ مون اهو محسوس ڪيو ته منهنجي روح کي سالن کان هن انسان جي تلاش هئي. دل ڪجهه پل لاءِ اهو چاهيو ته هن جي احترام ۾ ايترو ڪجهه ڪري وڃان جو ماڻهو مثال ڏين. ساڻس پهرين ملاقات بعد منهنجو ساڻس گهريلو ناتو جڙي ويو ۽ مون جهڙي انسان کي انهن پٽ جي حيثيت ڏني جيڪا مون لاءِ باعث فخر آهي. اڄ به جڏهن سندن وٽ وڃڻ ٿئي ٿو ته اهو ئي قرب اڳي وارو ملي ٿو. سندن اها وڏي خصوصيت آهي ته عمرڪوٽ جو هر شهري سندس پنهنجي گهر جي ڀاتين وانگر سڃاڻي ۽ کيس جيءَ ۾ جايون ڏين ٿا. ڊاڪٽر هرچند راءِ لاکاڻي، عمرڪوٽ ٽائون ڪميٽي جو چيئرمين به رهيو. سندن هن دور ۾ ڪيل ڪم جا اڄ به ماڻهو مثال ڏين ٿا. پاڻ هن دور ۾ روحل فقير جي نالي پويان جنرل بس اسٽاپ تعمير ڪرايو. شهرين جي تفريح کي منظر رکندي پبلڪ پارڪ عمرڪوٽ ۾ تعمير ڪرايائين ۽ شهر ۾ روڊن تي ڄار وڇايائين. هو هر ڪم ۾ اڳڀرو نظر ٿر جي ثقافت کي ٻين ملڪن ۾ متعارف ڪرائڻ لاءِ عمرڪوٽ جي تاريخي قلعي ۾ ملڪي سطح جو ميلو به مچايو جنهن ۾ ٿر کان ويندي راجسٿاني ڪلچر جا سمورا رنگ پسڻ جهڙا هئا. هن ميلي ۾ ملڪي ۽ غير ملڪي سياحن شرڪت ڪئي هئي. ڊاڪٽر صاحب کي سماجي خدمتن عيوض لاتعداد ايوارڊ ۽ سرٽيفيڪيٽ هيل تائين ملي چڪا آهن پر هي ڪڏهن به ٿڪو ناهي. هر وقت چست چوبند ۽ ڪم جي لاءِ تيار آهي. سمهندي مهل به سندن ذهن جاڳ ۾ هوندو آهي. هر وقت پنهنجي پٺتي پيل علائقي جي غريب ماروئڙن کي خوش ڪرڻ خاطر سوچي ٿو. سندن گهر ۾ ٿري هنر جا لاتعداد نمونا ۽ ثقافتي رنگ چٽيل آهن. جيڪي هن عمرڪوٽ جي آرڪيالاجي کاتي وارن عمرڪوٽ جي قلعي ۾ موجود ميوزيم ۾ رکڻ لاءِ گهريا پر پاڻ اهو ئي چئي جواب ڏنو ته اوهان وٽ انهن شين جي حفاظت ناهي. سندن وٽ انسانيت جي تمام وڏي قدر آهي هو سنڌ جي چند وڏن ڊاڪٽرن ۾ شمار ڪيو ٿو وڃي. اڄ به ڪو مريض جڏهن لاعلاج ٿيندو آهي ته آخري گهڙين ۾ اهو ئي انسان انهي جي جيوندان جو وسيلو بڻبو آهي ۽ هيل تائين ڪيترن ئي ماڻهن کي هي موت جي منهن مان ڪڍي چڪو آهي. سندن اسپتال مان جيڪا ڪمائي ٿئي ٿي اها پاڻ رکڻ بجاءِ عمرڪوٽ جي ٽي بي اسپتال کي ڏيندو آهي. جنهن ۾ ٿر ۽ عمرڪوٽ ۾ ٽي بي ۾ ورتل مريضن جو مفت علاج ڪيو ٿو وڃي. پاڻ وقت جو انتهائي پابند ڏسجڻ ۾ آيو آهي. وقت تي پهچڻ سندن سڀ کان وڏي ڪمزروي آهي. پاڻ هر پل جستجو واري جيون مان گذرندو نظر اچي ٿو. جيڪر عمرڪوٽ مان سماجي حوالي سان ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي جو نالو ڪڍجي ته باقي ڪجهه به نه رهندو. بابا مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جڏهن سيشن جج ٿرپارڪر هو ته مون کي اهو چوندو هو ته سنڌ جي ثقافت جا اصل رنگ ٿر جي علائقي ۾ ڏسجڻ ۾ ملن ٿا. ڊاڪٽر هرچند راءِ سان ملي مون کي اهي لفظ سچ سمجهه ۾ آيا.
عبدالقادر جوڻيجو چوٽيءَ جو ڊرامه نگار، ڪالم نگار، ليکڪ ۽ اديب محمد سليمان وساڻ عبدالقادر جوڻيجو )پهرين نومبر ۱۹۴۵ع – ۳۰ مارچ ۲۰۲۰ع)، ٿر جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ جنھاڻ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم بي اي، بي ايڊ ۽ ايم اي سوشيالاجي آهي. عبدالقادر جوڻيجو جي سڄاڻ هڪ ڪالم نگار کان وڌيڪ هڪ ڊرامه نگار جي آهي. جنهن جا ڊرامه ريڊيو سان گڏ ٽي وي تي به ايترو ته مشهور ٿيا آهن جو ماڻهو انهن ڪردارن کي وساري به ناهن سگهيا.عبدالقادر جوڻيجو ريڊيو تي ۲۲ کان وڌيڪ سنڌي ڊرامه ۽ ۲ اردو ڊرامه لکيا آهن. هن ٽي وي تي اهڙا ته ڊرامه لکيا جن تي کيس ڪيترائي اوارڊ ملڻ سان گڏ اهي ڊرامه ۽ ڪردار يادگار بڻجي ويا. پاڻ ٽي وي تي ۱۶ سنڌي ڊرامه ۽ ۷ سنڌي ڊرامه سيريل لکيون آهن، هن اردو ۾ ۶ ڊرامه ۽ ۱۵ ڊرامه سيريل لکيون آهن. سندس يادگار ڊرامن ۾ ديوارين (سنڌيء ۾ راڻيء جي ڪهاڻي)، ڪاروان، ڇوٽي سي دنيا، سيڙهيان، دک سک، ٿوڙي خوشي ٿوڙا غم ۽ پرانده گهڻو مقبول ٿيا. سندس ڊرامه نه صرف پاڪستان پر ٻاهرين ملڪن پڻ ٽيليڪاسٽ ٿيا. ڊارمه سيريل ڇوٽي سي دنيا تي مشهور جرمن اينٿروپولاجسٽ ڊاڪٽر هيلني باسو جرمن ٻوليءَ ۾ برلن جي فري يونيورسٽيء ۾ ٿيسسز لکي. ڊرامه سيريل ديوارين بي بي سي جي چينل ۴ تي انگريزي سب ٽائٽل سان گڏ نشر ڪيو ويو. ڊرامه سيريل سيڙهيان آمريڪا ۽ ڪئناڊا سميت ۱۳ ملڪن ۾ ٽيليڪاسٽ ٿيو. ڊرامه سيريل پرانده پاڪستان سان گڏ ڪئناڊا ۾ پڻ ٽيليڪسٽ ٿيو. عبدالقادر جوڻيجو صاحب جيڪي ڪتاب لکيا آهن انهن ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن: واٽون راتيون ۽ رول (شارٽ اسٽوريز) ۱۹۶ شڪليون (سنڌي ليکڪن جا خاڪا) ۱۹۷۹ ويندڙ وهي لهندڙ سج (شارٽ اسٽوريز) ۱۹۸۴ وڏا اديب وڏيون ڳالهيون (ترجمو) ۱۹۸۴ سونو روپو سج (شارٽ اسٽوريز) ۱۹۸۶ ايوريسٽ تي چڙهائي (ترجمو) ۱۹۸۷ ڪرسي (ڪالم) ۱۹۹۸ ڇو ڇا ۽ ڪيئن (ترجمو) ۱۹۹۹ خط ٻن اديبن جا (خط) ۱۹۹۹ در در جا مسافر (ثقافتي اخلاقيات) ۲۰۰۱ وڻ وڻ جي ڪاٺي (ترجمو) ۲۰۰۲ ڇا لکان (ڪالم) ۲۰۰۷ ائين ڀلا ڪيئن ھوندو؟ (مضمون) ۲۰۱۰ع انگريزي ناول The Dead River عبدالقادر جوڻيجو سنڌ جي انهن ليکڪن مان آهي جنهن جا ڪالم سڀ کان وڌيڪ پڙهيا وڃن ٿا. تمام ڊگها ڪالم لکندڙ عبدالقادر جوڻيجو جو لکڻ جو انداز اهڙو ته ڀلو ۽ تجسس وارو هوندو آهي جو پڙهندڙ ڪالم کي پورو ڪري ساهه پٽيندو آهي. سندس ڪالم مختف اخبارن ۾ سياسي، سماجي ۽ حالات حاضره تي ڇپجندا رهن ٿا جن ۾ ڄاڻ سان گڏ تحقيق ۽ صحتمند تنقيد جو پهلو به شامل هوندو آهي. سندس ڪم جي مڃتا عيوض کيس ڪيترائي اوارڊ مليا آهن جن مان ڪجهه خاص هيٺ ڏجن ٿا: حسن ڪارڪردگي صدارتي اوارڊ – ۱۹۸۹ حسن ڪارڪردگي صدارتي اوارڊ – ۲۰۰۷ ساليانو بهترين ليکڪ جو پي ٽي وي اوارڊ – ۱۹۸۳ (ديوارين سيريل) ساليانو بهترين ليکڪ جو پي ٽي وي اوارڊ – ۱۹۸۵ (ڪاروان سيريل) پي ٽي وي سلور جوبلي اوارڊ – ۱۹۸۹ ڏهاڪي جو بهترين اوارڊ ۱۹۸۸ کان ۱۹۹۸ (ڄار سيريل) ريڊيو پاڪستان گولڊن جوبلي اوارڊ – ۱۹۹۹ عبدالقادر جوڻيجو اڄ، ۳۰ مارچ ۲۰۲۰ع تي، اسان کان موڪلائي ويو آهي پر هو پنھنجي لکڻين ذريعي سدا ياد رهندو. عبدالقادر جوڻيجو جنھاڻ جو جوڻيجو آدرش اَسان ڪهڙي به سواري، هوائي جهاز، ريل گاڏي، ڪوچ، بس يا وئن ۾ سفر ڪيون، گاڏي چُرندي مسَ ته ڀِڪ ۾ ويٺل سان شروع ٿي وينداسون، “سائين! توهان ڪير آهيو؟” هو سڀ ڳالهيون پوئتي ڇڏي اٿندي ئي پنهنجي ذات ٻڌائيندو، پوءِ ته بصر وانگر کلَ مٿان کلَ لهندي ويندي. هر سور سک سليو ويندو. خير سان سفر پورو ٿيندي، هڪٻئي جو اَڇو چِٺو هڙ ۾ ٻڌي سوگهو ڪري موڪلائينداسون. جوڳي نه ڪنهن جا مِٽَ. وري ٻيهر ملڻ يا نصيب. سفر ڪندڙ مسافر وري نه ملندا آهن. همَ سفر کان ميمڻ ٻڌندي هڪدم سئي سڳي سان کيسي کي سبڻ ۾ لڳي ويندا آهيون. شيخ ٻڌي چپن تي مرڪ آڻيندي، جنت ۾ ڏاڏي حوا کي ورغلائيندڙ کي ياد ڪندا آهيون. شڪارپور جو شيخ ٻڌي مرڪ غائب ٿي ويندي آهي. ڏڪڻي وٺي ويندي آهي. سومرو ٻڌي جيجل امڙ ڏانهن ڊڪندا ويندا آهيون. ڪنڀار ٻڌي سهڻيءَ جو ڪچو دلو ياد ايندي، اکيون آليون ٿي وينديون آهن. جوکيو بدوي ٻڌي سلڇڻي مائي دائي ياد ايندي آهي. ملاح ٻڌي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي پوندا آهيون. نظاماڻي ٻڌي حر مجاهد ڪلهي ۾ بندوق سوڌو نظر ايندو آهي. لغاري ٻڌندي پرينءَ جي ڪاري ڪتي ياد ايندي آهي. زرداري ٻڌي اٺن جي قطار وڃڻ لڳندي آهي. سولنگي ٻڌندي ڏنڀرو مڇي هانوَ تي هري ايندي آهي. جتوئي، مهر، چانڊيو ٻڌڻ سان سِيٽَ تي ڍلا ٿي ويندا آهيون. سيد سڳورو ٻڌي، مرشد کي ست بسمِ الله هيون ڪري، کانئس پٽ ڄمڻ جو تعويذ لکرائيندا آهيون. جوڻيجا پنهنجو مٽ پاڻَ، ڄام صادق علي ڪون سڏائي؟ اَسان ڪهڙا به سرٽيفڪيٽ ڏيون، سچي ڳالهه اها آهي ته پنهنجي سانڀر ۾ ٻه دبنگ ۽ سگهارا وڏا وزير ڄام صادق ۽ ممتاز علي ڀٽو ڏٺاسون. ڇا وهنوار هلائيندڙ هئا. چيف سيڪريٽري يا آءِ جي ته ڇا، چڱا ڀلا وفاقي عملدار کانئن لنوائيندا هئا. ڄام صادق علي، جوڻيجو هو. ڪلاسيڪل وڏيرو شاهنواز جوڻيجو به باڪمال هو. پنهنجو ٿري يار لياقت جوڻيجو به لک لهي، سٺو پڙهيل لکيل، ماٺيڻو، بردبار ۽ سياستدان لياقت جوڻيجو، پرويز مشرف جي دور ۾ ناظمي نظام ۾ يونين ڪائونسل چيئرمين لاءِ اميدوار هو. اَسان جو شاعر ۽ ثقافت جو وزير سردار شاهه آمهون سامهون هيس. شاهه صاحب ملهه ماري ويو هُيس. عمرڪوٽ جي هڪ ريسٽورنٽ ۾ منجهند جي ماني کائڻ کانپوءِ لياقت ميان پيپسي ڪولا بوتل مان اطمينان سان ڍڪُ ڀرڻ کانپوءِ ڏاڍي معصوميت سان زبردست جملو چيو هو: “ادا ارشاد! سردار شاهه ان ڪري کٽي ويو هو جو مون هارايو هو.” سڀُ ذاتيون اکين تي، رب جي ذات سڀ کان اُچي آهي. جوڻيجا سڀ سرَ جا سائين، جنهاڻ جو جوڻيجو پنهنجي دل ۾ رهندو آهي. عبدالقادر جوڻيجو کي ڪير نه سڃاڻي؟ ٿر جي واهڻ ۾ اکيون کوليائين. سڄي دنيا ڏٺائين. انڊلٺ جا رنگَ پَسيائين. شروعات ۾ پيغمبري پيشو اختيار ڪري بليڪ بورڊ تي دعائون لکڻ لڳو. دعا ڌڻي ٻڌس، پنهنجي پاڙيسري ۽ مهان شاعر شيخ اياز هن جو هٿ پڪڙي، سنڌيالاجي ۾ پبليڪشن آفيسر جي ڪرسيءَ تي اچي ويهاريس. ترقيءَ جا ڏاڪا چڙهندو ويو. وقت گذرندي ويرم نه لڳي. ڊائريڪٽر ٿي رٽائر ڪيائين. ادب جي واٽ کانسواءِ دنيا داريءَ جو به ڄاڻو. رٽائرمينٽ کانپوءِ ارباب وزير جي مِهر سان چيئرمين بااختيار ٻوليءَ جي اداري جو بڻيو. عبدالقادر جوڻيجو پاڻ وانگر بُوڪِش مئن (Bookish Man). نوي جي ڏهاڪي ۾، خط پٽن جو زمانو هو. هڪٻئي ڏانهن خط لکڻ شروع ڪياسون. هن جي خطن ۾ علم جو درياهه هوندو هو. ڳچيءَ ۾ تعويذ وانگر اڄ به فائيل ۾ محفوظ آهن. جوڻيجو صاحب ڪهاڻيون لکيون. ڪمال جون آهن. “واٽون، راتيون، رول” ۽ “ويندڙ وهِي، لهندڙ سج” ڇا ته ڪهاڻي ڪتاب آهن! ٻولي، تشبيهون، انداز بيان، ڪهڙي تعريف ڪجي؟ هن جو ناول “سو ديس مسافر منهنجو ڙي!” الائي ڇا هوندو. اڌوري محبت وانگر آهي. خبر ناهي ان کي پورو ڇو نه ٿو ڪري. هن انگريزيءَ ۾ ناول لکيو. ڇپيو. پذيرائي حاصل نه ڪري سگهيو، پنهنجو پڙهيل ناهي، ڌُڪي تي راءِ نه ڏبي. عبدالقادر جوڻيجو ٽيليويزن ناٽڪ لکيا. ڌاڪو ڄمايائين. “راڻيءَ جي ڪهاڻي”، “سيڙهيان” ۽ “خان صاحب” وغيره جهڙا ڊراما سندس ئي هٿ لکي سگهي ٿو. هو کرو ماڻهو آهي، مٺ تي سگريٽ جا ڪش هڻي، چپٽي وڄائي، ڦلو ڪيرائيندي ڳالهه سنئين سڌي ڪندو. هن جو اسٽائيل من موهيندڙ پنهنجو آهي. هڪ ڀيري اردو اخبار “ايڪسپريس” ۾ هن جو انٽرويو پڙهيم. ان ۾ هن جنرل پرويز مشرف لاءِ چيو هو، “مان هن کي سليوٽ ڪيان ٿو.” اهو پڙهي باهه وٺي وئي. ڪاوڙ مان هڪدم خط لکيومانس. ترت ورندي ڏيندي لکيائين، “ادا! مون ڪڏهن ڪو نعرو نه هنيو آهي. فرشتو ناهيان، پيٽ اٿم، اجهو لٽو گهربو آهي، ڇا به الزام هڻو، مون کي انهن نوازيو آهي، سلام ڇو نه ڪندم، جنهن جو کائجي، تنهن جو ڳائجي.” عبدالقادر جوڻيجو پڙهاڪو وڏو. نوان ڪتاب ڊالر ڀري گهرائيندو. شوق جو مُلهه نه ڏسندو آهي. پاڻ به ان واٽ جا آهيون. ڪوٽ پراڻو پائجي، ڪتاب نئون وٺجي. هن نه رڳو پڙهيو آهي، لکيو به جهجهو آهي. تمام سٺو لکيو آهي. ڇا ڪالم! ڇا آتم ڪهاڻي جا ڪجهه فصل. ڇا ڪهاڻيون، مضمون، ڪمال جا ترجما! ترجمو تخليق کان وڌيڪ ڏکيو فن آهي. هن عالي شان ترجما ڪيا آهن. اڄ ڪلهه سندس طبيعت ٿوري ناساز آهي، ڌڻي سڳورو صحت عطا ڪندو. مهينو سوا اڳ “پنهنجي اخبار” ۾ منهنجو ڪالم ڇپيو. ان ۾ جوڻيجي صاحب لاءِ جملو هو. سانگهڙ جو ليکڪ ۽ سٺو پڙهاڪو منظور ملاح آهي. هو جوڻيجي صاحب ڏي وڃي ڀئرو ڀڃندو آهي. پراڻا لاڳاپا اَٿس، اهو ٻڌائي پيو؛ ”جوڻيجي صاحب جو وڏ ماڻهپو ڏسو. مان جوڻيجي صاحب وٽ ويٺو هيم. اوهان جو ڪالم ڇپيو هو.“ مون پڇيومانس: “سائين! آدرش جو ڪالم پڙهيو اٿو؟” وراڻيائين: “يرَ! ان کي ڪير نه پڙهندو؟” مون ٺونگو هڻندي چيومانس: “سائين! ان ۾ اوهان جي خلاف به ته لکيو اٿائين.” جواب ۾ چيائين: “منظورَ! اهو ضمير وارو ليکڪ آهي. ان تان ستَ خون معاف آهن.” (پنهنجي اخبار ۾، جمع ۲۱-۰۲-۲۰۲۰ع تي ڇپيل.) عبدالقادر جوڻيجو مختيار ملڪ افسوس ته عبدالقادر جوڻيجو به اسان کان وڇڙي ويو۔ سنڌي ڪهاڻي جي آئيندي جو اونو رکندڙ ۽ ترقي جو خواب ساڀيا ڪرڻ لاءِ لفظن سان اتساهه بخششيندڙ ليکڪ عبدالقادر جوڻيجو اهو سنڌي نثر نگار آھي جنهن ريڊيو پاڪسان ۽ پي ٽي وي تي انيڪ يادگار ڊراما لکيا، جن وڏو اوج ماڻيو۔ هن ريڊيو تي ۲۲ کان وڌيڪ سنڌي جا ڊراما ۽ ۲ اردو ڊراما لکيا، جڏهن ته پي ٽي وي تي ۱۶ سنڌي ڊراما ۽ ۷ سنڌي ڊراما سيريل لکيون آهن، جن ۾ راڻي جي ڪهاڻي، گردش، ويندڙ وهي، جانچ، ڳولا، مون ۾ آھين تون، اصل معاملو، هن وستيءَ ۾، خانصاحب، واٽون واٽن جھڙيون، ڀنگ ڄار، انکانسواءِ هن اردو ۾ ۶ ڊراما ۽ ۱۵ ڊراما سيريل لکيون. سندس يادگار ڊرامن ۾ کاروان، ديواريں، بدلتے موسم، چھوٹی سی دنیا، سيڑهيان، دکھ سکھ، تھوڑی خوشی تھوڑا غم، گھر گلیاں، رشتے ، زرا نم هو تو یه مٹی، پرانده، اهڙا ڊراما هئا جن ان دور جي ماڻھن کي ٽي وي اسڪرين ڏانهن ڇڪي آندو ۽ سان ڊراما ڏسڻ تي مجبور ڪيو۔ . عبدالقادر پهريون سنڌي نثر نويس هو، جيڪو اردو ۾ به ايترو ئي معروف هو۔ عبدالقادر جوڻيجو هڪ منفرد ڪهاڻيڪار آھي۔ هن ڪهاڻي جي سفر جي شروعات ماهوار روح رهاڻ ۾ ڇپيل پهرين ڪهاڻي ”مٺ مٺ سورن سڀ ڪنهن۔۔ “ سان ڪئي۔ هيل تائين سندس ڪهاڻين جا ۳ مجموعا پڻ شايع ٿي چڪا آھن ،جن ۾ واٽون ، راتيون ۽ رول (۱۹۷۳)، ويندڙ وهي لهندڙ سج (۱۹۸۱) ۽ سونو روپو سج (۱۹۸۶) شامل آھن۔ عبدالقادر جوڻيجو شخصيتن جا خوبصورت خاڪا پڻ لکندو رهيو۔ سندس خاڪن جا ٻه مجموعا به شايع ٿيل آھن۔ جن ۾ پهريون شڪليون (۱۹۷۹) ۾ ۽ ٻيو ”وڻ وڻ جي ڪاٺي“ (۲۰۰۱) ذڪر جوڳا آھن۔ عبدالقادر جوڻيجو هڪ گهڻ پڙهيو ليکڪ هو، جنهن پرڏيهي ادب جو جهجهو مطالعو ڪيو ۽ ٽن ڪتابن جا سنڌي ترجما به ڪيا، انهن ۾ پهريون ”وڏا اديب وڏين ڳالهيون“ (۱۹۸۴)، ٻيو ”ايورسٽ تي چڙھائي“ (۱۹۸۹) ۽ ٽيون ڇو، ڇا ۽ ڪيئن؟ شامل آھي۔ عبدالقادر ٿر مان حيدرآباد جو سفر ڪيو۔ پر سندس وجود ۾ هڪ ٿريو سدائين جاڳندو رهيو۔ جنهن جو اثر سندس لهجي ۽ اولڙو سندس موضوعن ۾ پسي سگهجي ٿو۔ سندس هڪ ڪتاب هن ”درد جا مسافر“ ۾ لاڏائو ذاتين کي موضوع هيٺ آندو آھي۔ هن جي قلم جي جبش ڪڏهن بند نه ٿي۔ هو لاڳيتو ڪالم لکندو رهيو۔ هن ناول نگاري ڏانهن وکون پڻ وڌايون، هڪ انگريزي ناول لکيو ۽ ٻيوانگريزي ناول اڻ ڇپيل ٻڌايو پيووڃي، جڏهن ته هڪ سنڌي ناول پڻ آخري مرحلن ۾ ھو، جيڪو مڪمل ٿيو الاجي نه. هو اڻٿڪ محنت ڪندڙ هڪ سادي مزاج رکندڙ مصنف هو. عبدالقادر جوڻيجو امر لغاري سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ ھڪ ئي وقت ادب سرجيندڙ سنڌ جو منفرد ڪھاڻيڪار، ڊراما نويس ۽ ناول نگار عبدالقادر جوڻيجو اڄ لاڏاڻو ڪري ويو آھي. عبدالقادر جوڻيجي جي لاڏاڻي تي اسان پنھنجي ھن گروپ پاران ھن جي چاھيندڙن، پڙھندڙن ۽ پونيرن سان ڏک جو جو اظھار ڪيون ٿا. عبدالقادر جوڻيجي سنڌ جي نوجوانن ۾ نه فقط عالمي ادب پڙھڻ جو ذوق وڌو، پر انھن منجھ پنھنجن چاھيندڙن ۽ پڙھندڙن جو ھڪ وڏو حلقو پيدا ڪيو. ھو ھڪ گھڻ پاسائون ليکڪ ھو. ھڪ ئي وقت ڊراما، ڪالم، ڪھاڻيون ۽ ريويوز ھن جي قلم مان پيان نڪرندا ھئا. ماحوليات، اينٿراپالاجي، سياست، ادب ھن جا پسنديده موضوع ھئا. ھن انگريزي ۾ ھڪ ناول به لکيو. دا لوسٽ رٍور. ٻئي تي ڪم پئي ڪيائين. ڪجھ مھينا اڳ جڏھن اسان ڪجھ دوست ساڻس ملڻ وياسين ته ھن پنھنجي اڌوري ناول بابت ھڪ دلچسپ جملو سگريٽ جي چپٽيء تي ھيئن چيو: ھونداسين جيئرا ته پورو ڪري وٺنداسين، نه ته آياسين.......... قادر کرو ماڻھو ھو. انڪري گھڻن ماڻھن سان نه پوندي ھيس. ھو ھڪ ئي وقت ملڪ جي ٻين ٻولين جي اديبن، آرٽيسٽن، اداڪارن ۽ ٻاھرين ملڪن جي ريسرچ اسڪالرن ۽ سنڌ جي گھڻ پاسائين موضوعاتي ڄاڻ وچ ۾ ھڪ قسم جي پل جو ڪردار ادا ڪندڙ ھو. جڏھن به ساڻس ملبو ھو ته کائنس ڪا نه ڪا نئين ڳالھ سکبي ھئي يا ٻڌبي ھئي. ھو ڳالھين جو ڀنڊار ھو. ڳالھيون ھن جي زبان تان پيرن جيان پچي پيون ڇڻنديون ھيون. قادر عمر جي آخري ڏھاڪن تائين پڙھندو ۽ لکندو رھيو. ھر ڪنھن جي جسم جي مشين ھڪ ڏينھن بيھڻي آھي. پر قادر پنھنجن ٽھڪن، دلچسپ ڳالھين، ڪھاڻين، ڊرامن، ناولن ۽ مضمونن ساڻ اسان جي وچ ۾ سدائين حيات رھڻو آھي. عبدالقادر جوڻيجو عشق ۽ ادب سان وفا ڪندڙ جوڻيجو ماڪن شاھ رضوي سڄي سنڌ ڄاڻي ٿي ته هو سنڌي ادب جو بي تاج بادشاھ هو. ڪهاڻي هجي يا ڊرامو، ڪالم هجي يا تاثر، پر عبدالقادر جوڻيجو هڪ اهڙو نالو هو، جيڪو ان تحرير جي ڪاميابي جي ضمانت هو. هن جي قلم سان لکيل ۽ ذھن مان اسريل هر لفظ نج سنڌي ٻوليءَ جو ترجمان هوندو هو. قديم دريائي وهڪري هاڪڙي جي ڪپ تي آباد تاريخي شھر لطيف سائين جي امر ڪردار جکري جي راڄڌاني نهٽي، جنهن لاءِ حضرت راضي شاھ فرمايو هو ته، جڏهن جهاري جکري، تڏھين نهٽي نئون سئو هٽ، پري کان پانڌين کي، ٿي آئي عطر ڇٽ، محبت سندا مٽ، هئا مهراڻي جي ملڪ ۾! ها جتي ٿر جي اڃايل واريءَ ۽ بئراجي شاداب ڌرتي جو پڙ ھڪٻئي کي ڀاڪرن ۾ ڀري ٿو، ان سڄي ڪس کي مهراڻو سڏبو آھي. اتي ئي ويجهو لاکيڻي لطيف جي هڪ ٻئي ڪردار برووي جو به ماڳ آھي. ٿانور ڀٽي جو به ڀڙو آھي، ۽ اتي ئي اهو ڳوٺ جنهاڻ جوڻيجو آھي، جتي پوليس آفيسر مريد علي جي پٽ ۽ چاچي منٺار جي ڀائٽي عبدالقادر جوڻيجي جنم ورتو. پر نه هو پوليس وارو ٿيو، نه وڏيرڪي پڳ ٻڌائين. هن وڃي ماستري جي چونڊ ڪئي، پر هن من ئي من ۾ ٻن اهم عظيم ڳالهين کي لڪائي رکيو، هڪ عشق، ٻيو ادب! ھن جي صحبت جتي سندس شاگرد نياز پتافي کي شاعر بنائي ڏيهان ڏيھ مشھور ڪري ڇڏيو، اتي هن جي مستانين اکين مامي نجمه کي سندس ديوانو بنائي ڇڏيو. (مامي ان ڪري لکيم، جو عبدالقادر منهنجو ان نسبت سان مامون هو، جو منهنجي مامي جو پڳ مٽ يارهو) تن ڏينهن هو جهڏي ۽ ٽنڊي جان محمد جي وچ ۾ ڳوٺ ڪمال خان پتافي ۾ پرائمري استاد هو. پوءِ جو قسمت ڪرم ڪيس ته شادي ڪري اچي سنڌو ڪناري مادر علمي سنڌ يونيورسٽي ۾ خيما کوڙيائين، ۽ قلم هٿ ۾ جهلي هن سنڌي ادب اوتڻ شروع ڪيو، جنهن به هن جو ڪتاب ”لڙيو سج لڪن ۾“ ۽ ڪهاڻي ”هورو“ پڙھي هوندي، ان کي نج سنڌي ٻولي جي سونهن ضرور دل ۾ چڀي ۽ اکين ۾ کپي ويئي هوندي. پوءِ ھن پهرين ريڊيو حيدرآباد لاءِ ڊراما لکيا، سندس ڊرامو ”وانڪل جو گهيڙ“ ھڪ ادبي تاريخ بنجي ويو. مٺ تي سگريٽ جو ڪش ھڻي هو وري ڪا نئين سٽ سرجڻ جو سوچيندو هو. وري هن پي ٽي وي لاءِ ڊراما لکڻ شروع ڪيا ”راڻي جي ڪهاڻي“، جيڪو پوءِ اردو ۾ ”ديوارين“ جي عنوان سان ٽيليڪاسٽ ٿيو، جنهن ۾ ڪردار جي گهرج ڏسي عظيم اداڪار يعقوب ذڪريا پنهنجا سمورا ڏند ڀڃائي هيروئن ”سُکان“ جي پيءُ جو ڪردار ڪيو هو. وري ”دراڙين“ لکيائين، ”پرانده“ لکيائين، پوءِ الاءِ ڇا ڇا لکندو ويو. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جو چيئرمين بنيو، سنڌ الاجي جو ڊائريڪٽر به رھيو. صدارتي ايوارڊ ماڻيائين. ڪاوش ۾ ڪالم لکيائين ته اتي به نج ٻولي ۽ وڏي ڄاڻ ڏنائين. پوءِ ڪن ٻين اخبارن ۾ به سنڌي ۽ انگريزي ڪالم لکندو رهيو. ٻولي توڙي قلم سان سدائين نڀايائين، راڄن ڀاڳن سان به مرڻي پرڻي ناتو ڪونه ڇنائين. مونکي اهو اعزاز حاصل آھي ته منهنجي هڪ ڪهاڻي ڪتاب ”اجهاميو ٻران“ جو مهاڳ ماما عبدالقادر لکيو، جيڪو ڪتاب سنڌي لئگئيج اٿارٽي ۽ ثقافت کاتي پاران سال جو بهترين ڪتاب ۽ ايوارڊ ماڻي آيو. آخري ملاقات ۾ ٻڌايو هئائين ته پاڻ ڪو انگريزي ناول پيو لکي، پر اڄ جڏهين سڄي سنڌ لاڪ ڊائون ۽ حراسيل آھي، تڏهين هن ڌرتي جي عظيم ليکڪ پنهنجون سدائين جاڳندڙ اکيون هميشه لاءِ پوري ڇڏيون. عبدالقادر جوڻيجو ڪھاڻي ۽ محبت جو درياءُ گذاري ويو حسن مجتبيٰ سنڌي ڪهاڻي ۽ اردو ٽيلي ڊرامي، ڪتابن جو پاڙهو، هڪڙي انگريزي ۽ سنڌي ناول جو ليکڪ، ملڪ جو سرموڙ ڪهاڻيڪار، يارن جو يار، ٻارن سان ٻار، عاشق زهر پياڪ، نصير ۽ گلشن جو بابو، ٿر جهڙي ملڪ ملير جو ڄائو عبدالقادر جوڻيجو مري ويو۔ هڪڙي دفعي ڪئين سال ٿيا مون هن کان پڇيو هو ته، “هو ڇا آهي؟” هن سموري مون واري مٿي ڇتن شاهه واري ڊيگهه پٽاڙ کي سندس مٺ ۾ چيچ سان جهليل سگريٽ مان سوٽو هڻندي چيو هو. “مان پاڻي ۽ مٽي مان ٺهيل ماڻهو آهيان ڇو ته منهنجو پيءُ جوڻيجو ۽ منهنجي ماءُ مهاڻي هئي.” ها، اهو ٿر جي ٿڌي واريءَ مان ٺهيل عبدالقادر جوڻيجو هي جهان رنگ و بوءِ ڪالهه ڇڏي ويو۔ “ميا ئي جياس، جو وڃي مڙهه ملير ڏي.” مون اڃا ڪجهه ڏيهاڙا اڳ ئي لکيو هو، عبدالقادر جوڻيجي جي خبر ناهي پر زندگي ۽ سياست ٻن ٿرين عبدالواحد آريسر ۽ ڄام ساقي کي ٺڳي ويئي۔ ٿر کان ٻاهر ٿر جو ماڻهو ايئن آهي جيئن ڀٽائي جي بيت ۾ ٿر ٻاٻيهو۔ پوءِ هو مارئي وانگر ڀل جان ڪيترن ئي قيد ڪڙن ۾ رهي يا پٽ پٽيهرن ۾۔ عبدالقادر جوڻيجو به ايئن هو۔ هڪ اٺائين وڳ جهڙو هينئون رکندڙ ماڻهو۔ بلڪل سندي ڪهاڻي “هورو” واري اٺ جهڙو سنڌ ۾، دنيا ۾۔ سندس اکرن ۾ “ڇوٽي سي دنيا ۾.” عبدالقادر جوڻيجو ٻڌائيندو هو ته هڪڙي ڀيري اسلام آباد ۾ ليکڪن جي ڪانفرنس ۾ انهي وقت جو وزير اعظم محمد خان جوڻيجو ليکڪن سان تعارف مهل سندس ڇاتيءَ تي لڳل بيج تي “جوڻيجو” ڏسي رڪجي ويو هو ۽ کانئس پڇيو هئائين ته ڪهڙن جوڻيجن مان ۽ ڪٿان کان آهين؟ هن جي ٻڌائڻ تي کانئس پنهنجي سادي انداز ۾ پڇيو هئائين، “هُتان کان هتي اسلام آباد تائين ڪيئن پهتين؟” عبدالقادر کيس چوڻ چاهيو هو، “بس جيئن اوهان پهتا.” عبدالقادر اهڙيون ڳالهيون يا دل ۾ پنهنجو پاڻ سان چوندو هو يا وري سندي ڪهاڻين ۽ ڊرامن ۾۔ پاڻ جوڻيجي سميت گهڻن ٽي وي ڏسندڙن جو خيال هو ته “ڇوٽي سي دنيا” يا “خانصاحب” جو مرڪزي ڪردار محمد خان جوڻيجو جو هو۔ سنڌڙيءَ جو جوڻيجو محمد خان گونگو پاڻي هو، جنهن نيٺ ضياءُ الحق جهڙي آمر کي به مرڻ کان اڳ ٻوڙيو هو۔ جڏهن هو ضياءَ هٿان اقتدار وڃائي ڳوٺ پهتو هو ته سنڌڙيءَ جي ماڻهن سندس واٽ تي بينر هنيا ها جن تي لکيل هو، “فاتح ضياءُالحق محمد خان جوڻيجو زنده باد.” پر آمر ضياءُالحق جي زماني ۾ پڻ جڏهن ايم آر ڊي واري تحريڪ به عروج تي هئي تڏهن شامن جو سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڄڻ ڪرفيو جهڙو ڏيک ڏسڻ ۾ ايندو هو (يا وري جيئن هاڻ لاڪ ڊائون) جڏهن عبدالقادر جوڻيجو جو پي ٽي وي تي تڏهن لکيل ڊرامو “راڻي جي ڪهاڻي” هلندو هو، جيڪو پوءِ اردو ۾ سندس “ديوارين” بڻيو۔ هن جو ٻيو ۽ سندس نروس بريڪ ڊائون وارو بلاڪ بسٽر ٽيلي ڊرامو “ڪاروان” هو. ڪاروان ۾ منصور علي جو هڪڙو ڪردار هو جيڪو هن اسان ٻنهي جي دوست پنهنجي زماني جي مشهور شاگرد اڳواڻ ۽ زاهد مخدوم بقول سندس زاهد مخدوم تي لکيو هو. ٿر جي ڳوٺ جنهاڻ ۾ پوليس صوبيدار خانصاحب مريد حسين جوڻيجي جي گهر جنم وٺندڙ عبدالقادر جوڻيجي جو گهڻو تڻو ننڍپڻ يا ته ڏاکڻين وچولي سنڌ جي ٿاڻن جي پوليس ڪوارٽرن جتي هو لاڪپن ۾ واڙيل قيدين سان سيخن اڳيان ڪچهريون ڪندو هو يا واري تصور پچائيندي گذريو جهن ۾ هن جون پنهنجون فينٽسيز هونديون هيون، جن ۾ هو ڪڏهن پنهنجو پاڻ کي چور، سپاهي، ته ڪڏهن ڌاڙيل ۽ صوبيدار سمجهندو هو۔ هڪ ڀيري هن مونکي ٻڌايو هو۔ باقي (هلندڙ) بس يار زنده نه رهيو پر صحبت باقي۔۔۔ عبدالقادر جوڻيجو ڀارومل امراڻي ٿريو آخر ٿريو هوندو آهي، پوِءِ ٿر جي ڀٽن تي ولر واريندڙ ڌنار هجي يا جڳ مشهور ليکڪ. هُو زمين آسمان سج چنڊ تارا، چارا، نديون، نالا سڀ ٿريو ٿي ڏسندو آهي، هن جي اندر ۾ صدين جي اڃ هوندي آهي. مينهن ۽ نينهن مان ڪڏهن هن جو ڍو نه ٿيندو آهي. عبدالقادر جوڻيجو ٿر جي طبعي ڀاڱي مهراڻي جي ڳوٺ جنهاڻ جوڻيجا ۾ جنم وٺندڙ ٿريو هو. هن ڏکن کان اتر تائين پوري سنڌ گهمي، ملڪ جي ٻين حصن ۾ به ويو، هن دنيا جي ملڪن ڏانهن به پنڌ ڪيو پر هنڌ کي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ‘هورو’ پوندو هو. هوري جي اڻ تڻ ۾ ‘هورو ’ جهڙي شاهڪار لکي. هن جي من جي مايا روپي ندي هاڪڙو هوندي هئي. هاڪڙي جي لهرن هن جي لفظن ۾ نئون جنم ورتو هو. چون ٿا ته هاڪڙي جي ڪنارن تي ۳۰۰ شهر آباد هوندا هئا. هن جي ڪهاڻين، ڪالمن، ڊرامن، ناول، خاڪن ۽ ترجمي جي لکڻين جو ڪل تعداد ٽي سو آهي. منهنجون سان گهڻيون ملاقاتون ڪتابن ۽ ڪالمن ۾ ٿيون، هن جي ڊرامن جي ڊائلاگن ۾ ڪچهرين جو وڏو رس ورتو. پر ڪجهه ملاقاتون سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ۾ هن جي چئرمين شپ دوران روبرو ٿيون. هُو دل گهرئي ماڻهو کي پريان کان ايندو ڏسي مرڪندو هو. هن هڪ ڀيري سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري ۾ ڪچهري ڪندي ٻڌايو ته دنيا ۾ رقص جا چاليهه نمونا آهن ڇٽيهه نموني جو رقص ٿر جو ماڻهو ڄاڻي ٿو. هن ڳاله ڪري دنگ ڪئي ته مون چيو بروبر سائين ‘ڇٽيهه نموني جو رقص اوهان جي مرڪ ۾ موجود آهي. پوءِ هن وڏا ٽهڪ ڏيئي مهراڻي جي ڀٽن، ڪونڀٽن ۽ ڄارين جي جڳهٽن تي ڳالهايو هو. هن دنيا جو ادب پڙهيو هو. هن پنهنجي پسند جون لکڻيون ترجمو ڪري سنڌي ادب جي پڙهندڙ تائين پهچايون هيون، پر هن جي طبعزاد لکڻين ۾ مقاميت حاوي هوندي هئي. ڳالهه ڪٿان جي ڪئين هجي پرهن جي تشبيهه جو رنگ چاچي رمضان جي ڳالهين تي اچي دنگ ڪندو هو. هُو تحقيق ۾ پيرا رامجي ڪولهي وانگر کڻندو هو. هن وٽ ٻيا به ڪيترائي ڪردار هئا. جن مان هن اتساهه وٺي پنهنجي لکڻي کي هن ڇٽيهه لکڻي بڻائي هئي. هن جو والد صاحب پولس جو صوبيدار هو. هن پوليس ۾ نوڪري ورتي. پر والد جي چوڻ تي ڇڏي ڏني. پوءِ ماستر ٿيو. هن جي ڪهاڻي پڙهي شيخ اياز سنڌالاجي ۾ نوڪري ڪرڻ جي لاءِ گهرايو. هُو شيخ اياز جي نياپي تي جنهاڻ مان سوا پرهه سج مٿي اچڻ تي نڪتو هو. هن جو جسم خاڪي مهراڻي جي مٽي ۾ ابدي آرام ڪرڻ جي لاءِ سوا پرهه سج مٿي اچڻ تي پهتو. هن کي اهي ڳوٺاڻا ماڻهو وڻندا هئا، جيڪي پٽ پاٿاري تي ڪانڀ ٻڌي ويهندا آهن. هن جي آخري سفر ۾ اڪثريت انهن ماڻهن جي هئي. عبدالقادر جوڻيجو مرتضيٰ سيال عبدالقادر جوڻيجو سنڌ جو يگانو ڪهاڻيڪار، ناٽڪ نويس، ڪالم نگار ۽ هڪ منفرد انسان هئو. ادب جي دنيا جو قداور نالو هئڻ جي باوجود وڏائي سندس پاسي کان به لنگهي نه سگهي، پنهنجي طبيعت ۾ نهٺائي رکندڙ اهڙو فقير ماڻهو هئو جنهن وٽ بادشاهيءَ جا گرُ هئڻ جي باوجود هو پنهنجي ڌُن ۾ مگن رهندڙ هڪ بنھ دلبر انسان هئو. ڊرامو هُجي، ڪهاڻي هُجي يا ڪو ڪالم هجي هر لکڻي ۾ هُن جو هڪ الڳ ڊڪشن ۽ انداز آهي. هن جي ڳالهين کان ويندي لکڻين تائين سندس مطالعي ۽ مشاهدي جي پختگي نظر ايندي، هُن جيترو لکيو اُن کان وڌيڪ پڙهيو ۽ پروڙيو. پنهنجي حياتيءَ ۾ هو پڙهڻ ۽ لکڻ کان ڪڏهن به نه ٿڪيو، سنڌ جو هي واحد ليکڪ هو جيڪو لڳاتار لکندو رهيو، پڙهڻ ۽ لکڻ سان هن جو ازلي عشق رهيو. عبدالقادر جوڻيجو پرائيڊ آف پرفارمنس ۽ ٻيا ڪيترا ئي ايوارڊ ماڻيا پر هُن پنهنجي ڪيريئر ۽ حياتيءَ ۾ ڪڏهن ايوارڊن ۽ انعامن کي خاطر ۾ نه آندو. هو پنهنجي زندگيءَ ۾ ته ڏاڍو لاپر واھ ماڻهو رهيو پر لکڻ ۽ پڙهڻ توڙي نون ۽ نوجوان ليکڪن کي همٿائڻ جي معاملي ۾ هن ڪڏهن به لاپرواهي نه ڪئي، جن ڏينهن ۾ سندس طبيعت ناساز رهي انهن ڏينهن ۾ به هن لکڻ پڙهڻ کي نه ڇڏيو. ٿر جي مٽيءَ مان ڳوهيل هن محبوب ماڻهوءَ جي لکڻين ۽ ڳالهين مان به ٿر جي واري جو چلڪو ۽ برسات کانپوءِ مٽيءَ جي مهڪ محسوس ٿيندي هئي. عبدالقادر جوڻيجو سان منهنجون تمام گهڻيون يادون وابسته آهن. 1989 ۾ جڏهن آئون سنڌ يونيورسٽي جي ماس ڪميونيڪيشن جو شاگرد هئس ان وقت کان ساڻس محبتن وارو رشتو جڙيو، اُن زماني ۾ عبدالقادر سنڌ الاجي جو ڊائريڪٽر هئو، آئون ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ کان پوءِ عبرت مئگزين ۾ ڪم ڪندو هئس، عبدالقادر پنهنجي آفيس جون ذميواريون نڀائڻ کان پوءِ اڪثر ڪري گلستانِ سجاد ۾ منهنجي آفيس ايندو هئو، جتان اسان شهر روانا ٿيندا هئاسين پوءِ ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي دوستن، فنڪارن ۽ اديبن جو ميلو مچندو هئو، اهڙي طرح ڪچهرين جو نه کٽندڙ سلسلو هوندو هئو، عبرت مئگزين فائينل ڪرڻ وارن ڏينهن ۾ آئون نه نڪري سگهندو هوس ته عبدالقادر اسان جي انچارج مرحوم غفور ڪريمي سان ڪچهري ۾ ويهي رهندو هو، اهڙي طرح هو جتي به ويهندو هئو اتي محفل ۾ ڪچهريءَ جو مرڪزي ڪردار هوندو هو. هو اسان جهڙن سيکڙاٽ ۽ نون ليکڪن سان گڏ ويهي اسان کي نه رڳو اُتساھ بخشيندو هئو پر اسان سان گڏ ويهي وڏا وڏا ٽهڪ به ڏيندو هئو. هو مون کان نه رڳو عمر ۾ پر هر حوالي سان وڏو هئو پر پنهنجي سڀاءُ ۽ پيار سان محسوس ائين ڪرائيندو هو ڄڻ اسان هڪجيترا يار آهيون، مون هن کي هميشه يار جي نالي سان ئي ياد ڪيو آهي. اڄ يادگيرين جو نه کُٽندڙ سلسلو ڇڏي يار وڃي جنهاڻ جوڻيجو جي مٽيءَ ۾ آرامي ٿيو آهي. پر هو اسان جي دلين ۾، ذهنن ۾ پنهنجن لکڻين ۾ سدائين زنده رهندو. عبدالقادر جوڻيجو سنڌ کي ٿر جي اکين سان ڏسندڙ! حسن پٺاڻ سنڌ جو برک ڊرامانگار، ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار عبدالقادر جوڻيجو، سنڌ جي اهڙن قلمڪارن جي صف ۾ پهرين نمبر تي آهي جن پنهنجي ڌات ۽ قلمي پورهئي سان پنهنجي زندگيءَ ۾ هڪ اعلى مقام حاصل ڪيو. سندس جنم پهرين نومبر ۱۹۴۵ع تي ٿر جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ٿيو. جتي هُن زندگيءَ جي شروعات سال گذاريا ۽ پنهنجي شروعاتي تعليم مڪمل ڪئي، سندس تعليم بي اي، بي ايڊ ۽ ايم اي سوشيالاجي هئي. پر هُن پنهنجي زندگي پنهنجي حاصل ڪيل تعليم جي ابتڙ ادبي حيثيت ۾ گذاري ۽ ان ۾ ئي نالو پيدا ڪيو. سندس سڃاڻپ ڪالم نگار کان وڌيڪ ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامانگار واري رهي. هن ڊارمه نويسيءَ ۾ شروعات ريڊيو ناٽڪن کان ڪئي ۽ بعد ۾ ٽي وي ڊرامن طرف وريو. سندس ڊراما ريڊيو سان گڏ ٽي وي تي مقبول ٿيندا ويا پر اڳتي هلي ٽي وي تي پيش ٿيندڙ سندس ڊرما مقبوليت جي انتها تي پهچي وئي جنهن ڪري سندس سڄي دنيا ۾ هڪ ڪامياب ڊرامه نگار جي حيثيت ۾ مڃتا ٿي. سندس ڊرامن ۾ پيش ڪيل ڪردارن کي ماڻهو اڄ تائين وساري نه سگهيا آهن. عبدالقادر جوڻيجي ريڊيو تي ۲۲ کان وڌيڪ سنڌي ۽ ۲ اردو ڊراما لکيا. هن ٽي وي تي جيڪي به ڊراما لکيا انهن نه صرف سندس لاءِ مقبوليت جا در کولي ڇڏيا پر انهن ڊرامن جي ڪري کيس مڃتا طور تي ڪيترائي ايوارڊ پڻ مليا ۽ انهن ڊرامن ۾ جن به ڪردارن کي هُن پيش ڪيو اهي ڪردار اهڙا ته انمول هيا جو عوام جي دلين ۾گهر ڪري ويهي رهيا ۽ ماڻهو عام زندگيءَ ۾ انهن ڪردارن جو ذڪر ڪرڻ لڳا. هُن ٽي وي تي ۱۶ سنڌي ڊراما ۽ ۷ سنڌي ڊراما سيريل لکيون آهن، هن اردو ۾ ۶ ڊراما ۽ ۱۵ ڊراما سيريل لکيون آهن. سندس يادگار ڊرامن ۾ راڻيءَ جي ڪهاڻي ۽ اردو ۾ ترجمو ڪيل (ديوارين)، ڪاروان، ڇوٽي سي دنيا، سيڙهيان، دک سک، ٿوڙي خوشي ٿوڙا غم ۽ پرانده شامل آهن جيڪي تمام گهڻو مقبول ٿيا. عبدالقادر جوڻيجو اهڙو ليکڪ هو جنهن وٽ ڪنهن شاهڪار، مصور جيان لفظن جا پڪا رنگ هُئا، هُو پنهنجي ليک جي ڪينواس تي اهڙا نقش ڇٽي ڇڏيندو هو جيڪي پڙهندڙ توڙي ڊراما ڏسندڙ جي ذهن ۾ پيا ڦرندا هُئا. سندس ڊراما نه صرف پاڪستان پر ٻاهرين ملڪن ۾ پڻ ٽيليڪاسٽ ٿيا. ڊراما سيريل ڇوٽي سي دنيا تي مشهور جرمن اينٿروپولاجسٽ ڊاڪٽر هيلني باسو جرمن ٻوليءَ ۾ برلن جي فري يونيورسٽيءَ ۾ ٿيسسز لکي. ڊراما سيريل ديوارين بي بي سي جي چينل ۴ تي انگريزي سب ٽائٽل سان گڏ نشر ڪيو ويو. ڊراما سيريل سيڙهيان آمريڪا ۽ ڪئناڊا سميت ۱۳ ملڪن ۾ ٽيليڪاسٽ ٿيو. ڊراما سيريل پرانده پاڪستان سان گڏ ڪئناڊا ۾ پڻ ٽيليڪسٽ ٿيو. عبدالقادر جوڻيجو صاحب جيڪي ڪتاب لکيا انهن ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن:واٽون راتيون ۽ رول (ڪهاڻيون) ۱۹۶، شڪليون (سنڌي ليکڪن جا خاڪا) ۱۹۷۹، ويندڙ وهي لهندڙ سج (ڪهاڻيون) ۱۹۸۴، وڏا اديب وڏيون ڳالهيون (ترجمو) ۱۹۸۴، سونو روپو سج (ڪهاڻيون) ۱۹۸۶ ايوريسٽ تي چڙهائي (ترجمو) ۱۹۸۷، ڪُرسي (ڪالم) ۱۹۹۸، ڇو، ڇا ۽ ڪيئن (ترجمو) ۱۹۹۹، خط ٻن اديبن جا (خط) ۱۹۹۹، در در جا مسافر (ثقافتي اخلاقيات) ۲۰۰۱، وڻ وڻ جي ڪاٺي (ترجمو) ۲۰۰۲، ڇا لکان (ڪالم) ۲۰۰۷ع عبدالقادر جوڻيجو سنڌ جي انهن ليکڪن مان هو جن جا ڪالم سڀ کان وڌيڪ پڙهيا ويا. تمام ڊگها ڪالم لکندڙ عبدالقادر جوڻيجي جو لکڻ جو انداز اهڙو ته ڀلو ۽ تجسس وارو هوندو هو جو پڙهندڙ ڪالم کي پورو ڪري ساهه پٽيندو هو. سندس ڪالم مختف اخبارن ۾ سياسي، سماجي ۽ حالات حاضره تي ڇپجندا رهيا، جن ۾ ڄاڻ سان گڏ تحقيق ۽ صحتمند تنقيد جو پهلو به شامل هوندو هو. سندس ڪم جي مڃتا عيوض کيس ڪيترا ئي ايوارڊ مليا جن مان ڪجهه خاص هيٺ ڏجن ٿا:حسن ڪارڪردگي صدارتي ايوارڊ – ۱۹۸۹، حسن ڪارڪردگي صدارتي ايوارڊ – ۲۰۰۷، ساليانو بهترين ليکڪ جو پي ٽي وي ايوارڊ – ۱۹۸۳ (ديوارين) سيريل، ساليانو بهترين ليکڪ جو پي ٽي وي ايوارڊ – ۱۹۸۵ (ڪاروان) سيريل، پي ٽي وي سلور جوبلي ايوارڊ – ۱۹۸۹، ڏهاڪي جو بهترين ايوارڊ ۱۹۸۸ کان ۱۹۹۸ (ڄار) سيريل، ريڊيو پاڪستان گولڊن جوبلي ايوارڊ – ۱۹۹۹سنڌ جو هي ناليوارو ليکڪ هاڻ اسان ۾ نه رهيو آهي پر سندس لکڻيون سدائين اسان کي سندس ياد ڏيارينديو رهنديون. عبدالقادر جوڻيجو مينهن وساڙي جهڙي ماڻهوءَ جي موڪلاڻي علي نواز آريسر سنڌ اڄ هڪ ذهين انسان کان محروم ٿي وئي. اهڙو ذهين، جنهن ٿر ۾ جنم ورتو، پر سڄي دنيا ۾ پاڻ مڃايو. هن ڪهاڻيون لکيون، ڊراما لکيا، ترجما ڪيا، يادگيريون لکيون، اخبارن لاءِ ڪالم لکيا ۽ بي پناه عشق ڪيا ۽ پاڻ هر ڪم ۾ ڪامياب رهيو. عبدالقادر جوڻيجي، ٿر جي واريءَ جي ڀٽن جي وچ ۾، هڪ ننڍڙي ڳوٺ جنهاڻ، تعلقي مٺيءَ، ضلعي ٿرپارڪر ۾ مريد حسين جوڻيجي جي گهر ۾، پهرين نومبر ۱۹۴۵ع تي اک کولي. ٿر جي واريءَ ۾ بانبڙا پائيندي، واريءَ جا گهر ٺاهيندي، چڙن جي چُونگار کي هينئين سان هنڊائي وڏو ٿيو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان پاس ڪري، سيڪنڊري تعليم نوابشاهه ضلعي جي مختلف شهرن، ۽ هاءِ اسڪول ڏيپلي مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. سندس والد پوليس آفيسر هو. ۱۹۶۲ع ۾ کيس پوليس کاتي ۾ اي ايس آءِ طور چونڊيو ويو، پر والد جي زور ڀرڻ تي پرائمري ماستر ٿيو ۽ مختلف ڳوٺن ۾ پڙهائڻ لڳو. ڪيترا ئي ڪلوميٽر پنڌ ڪري پڙهائڻ ويندو هو ۽ رستي جي سفر ۾ واريءَ جي ڀٽن، ڏهرن ۾ چرندڙ ڍڳين ۽ ٻڪرين، رڍن سان ڪچهريون ڪندي اسڪول پهچندو هو، ته سندس ذهن ۾ افسانو جڙي پوندو هو. ائين هن افسانا، ڪهاڻيون لکندي سنڌ جي ڏاهي، محمد ابراهيم جويي سان خط و ڪتابت شروع ڪئي، ۽ پنهنجا افسانا جويي صاحب کي موڪليندو رهيو؛ ۽ جويو صاحب سندس رهنمائي ڪندي، اُهي افسانا مهراڻ ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپائيندو ۽ کيس خط لکي همت افزائي ڪندو رهيو. ايئن هن افسانا ۽ ڪهاڻيون لکندي بي اي، بي ايڊ ۽ ايم اي سوشيالاجيءَ جون ڊگريون ۱۹۷۷ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيون. ۱۹۷۶ع تائين پڙهائڻ جو ڪم جاري رکيائين ۽ ان دوران نواب حيدر علي لغاري ۽ شوڪت حسين شوري سان خط و ڪتابت به هلندي رهي. اڳتي هلي پاڻ سنڌالاجيءَ ۾ پبليڪيشن آفيسر طور مقرر ٿيو. ڄامشوري جي افسانوي سرزمين سندس اندر ۾ سُتل ڪهاڻيڪار کي جهنجهوڙي جاڳايو ۽ ڏات جي ديوي مٿس مهربان ٿي، ۽ جوڻيجو صاحب لکڻ کي عبادت سمجهي پابنديءَ سان فرض ادا ڪندو رهيو. جوڻيجي صاحب جو سنڌ يونيورسٽيءَ وارو دور هڪ شاندار دور چئي سگھجي ٿو، ڇو ته هتي هن جو گھڻو وقت سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز ۽ ڀلوڙ نثرنويس غلام رباني آگري سان گذريو ۽ سنڌي ادب جي هن ٽه-مورتيءَ، سنڌ کان علاوه پوري دنيا جي ادب تي طويل بحث ڪيا، راتين جون رولاڪيون به سندن حصي ۾ آيون ته خوبصورت نيڻن جا اسير به بڻيا. عبدالقادر جوڻيجو سنڌالاجيءَ ۾ پبليڪيشن آفيسر، ايڊيشنل ڊائريڪٽر ۽ پوءِ ڊائريڪٽر ٿيو، جتي ۲۰۰۵ع تائين فرض نڀايائين؛ ۽ ۲۰۰۵ع ۾ ئي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو چيئرمئن مقرر ڪيو ويو، جتي پڻ پنهنجو وقت خوبصورت نموني ۽ خوش اسلوبيءَ سان گذاريائين. منهنجي ساڻس ملاقات سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ٿي. ٿيو هيئن جو هڪڙي ڀيري آريسر صاحب ماٺيڻي اوٺي جي ورسيءَ جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ اٿارٽي ويو هو، جتي ڪچهريءَ دوران منهنجي نوڪريءَ جو چيو هئائين؛ جنهن تي جوڻيجي صاحب چيو ته کيس صبح جو موڪلي ڏي. پوءِ ٻن مهينن کانپوءِ آئون حيدرآباد آيس، ۽ ڌڻي بخش سولنگي ۽ شهيد روپلي چولياڻيءَ سان گڏجي ملڻ ويس؛ پهرين ته ڪيترا ئي انومان ذهن ۾ ايندا رهيا ته هو هيڏو وڏو ماڻهو ملندو الائي نه؟ ڪهڙي موٽ ڏيندو، ايئن سوچن جي ساگر ۾ ٻڏندي ترندي جوڻيجي صاحب جي آفيس تائين پهتاسين، بنا ڪنهن پڇا ڳاڇا ۽ اطلاع جي اندر داخل ٿياسين، ته پاڻ اُٿي بيهي مليو ۽ اسان کي ويهڻ جو چيائين؛ ۽ يڪدم گھنٽي وڄائي پٽيوالي کي چانهه جو چيائين. پاڻ حال احوال ورتائين. جڏهن ٻڌايومانس ته ”سائين آريسر صاحب موڪليو آهي، نوڪريءَ جي لاءِ آيو آهيان“ ته پاڻ چيائين؛ پُٽ اِداري جي بجيٽ تمام ٿوري آهي، ۳۰۰۰ روپيا پگهار تي ڪانٽريڪٽ تي آئون تو کي ملازمت تي رکي سگهان ٿو. مون چيو؛ سائين مون کي منظور آهي، ته چيائين؛ ڏهن ڏينهن کانپوءِ فون ڪجانءِ. ايئن پنهنجو موبائيل نمبر پني تي لکي ڏنائين ۽ مون کان به نمبر لکائي ورتائين. مون وٽ ان وقت موبائل ڪو نه هو، سو گهر جو نمبر لکي ڏنم. ايئن ان ڏينهن اسان ۲ ڪلاڪ مسلسل ڪچهري ڪئي. مون کي هيءُ ماڻهو انتهائي پيارو، نفيس ۽ محبتن جو وهندڙ درياھ محسوس ٿيو. سندس محبت ڀريون ڳالهيون ٻڌندا رهياسين، ٻن ڪلاڪن کانپوءِ موڪلايوسين. اهڙيءَ ريت مون کي هفتو کن حيدرآباد ۾ لڳي ويو، ڇو ته قسمت سان اچڻ ٿيندو هو، ان ڪري يارن دوستن مان نڪرڻ به ڏکيو هو؛ هفتي کانپوءِ گهر پهتس ته گهروارن ٻڌايو؛ عبدالقادر ۵ ڀيرا فون ڪري چڪو آهي! مون فوري طور فون ڪئي مانس، ته پيار مان چيائين بابا ڪٿي آهين؟ ڪيتريون فونون ڪيون اٿمائين! چيو مانس سائين حيدرآباد ۾ ئي هئس، اڄ ئي واپس پهتو آهيان، ته چيائين صبح جو ئي اچ ۽ نوڪري جوائن ڪر! ايئن ٻئي ڏينهن اٿارٽي پهچي نوڪري جوائن ڪيم. ڪم کي لڳي ويس. ڪافي ٽائيم گذري ويو، ساڻس ملڻ لاءِ به نه ويس. هڪ ڀيري آريسر صاحب ملڻ آيو ته شڪايت ڏنائين، ته مون وارو ڀائٽيو ملڻ به ناهي ايندو! آريسر صاحب مون کي دڙڪو ڏيندي چيو ته جوڻيجو صاحب شڪايت پيو ڪري. چيومانس؛ سائين! جوڻيجو صاحب چوندو ته آئون روزانو گهر وڃي ڪچهري ڪري ايندس، باقي هتي آفيس ۾ ملندس ته چاپلوسيءَ جو ٺپو لڳندو. واقعي ڪنهن آفيسر سان ويجهو رهڻ به وڏي ۾ وڏو عذاب آهي. هڪ سال تائين ڪچي ملازمت ۾ ڪم ڪيم. هڪ سال کانپوءِ پاڻ مون کي جونيئر ڪلارڪ طور ريگيولر ڪيائين، ۽ ان ڏينهن چيائين ته واعدو ڪر، ته هن آفيس ۾ پنهنجي محنتن سان اڳتي وڌندين ۽ سٺي عهدي تي پهچندين. ۲۰۰۸ع ۾ پاڻ اٿارٽيءَ مان هليو ويو، سچي ڳالهه اِها آهي ته هيءُ ماڻهو مون کي ڪامورو بلڪل نه لڳو؛ انتهائي پيار ڪندڙ انسان لڳو. ۲۰۰۹ع ۾ مون جڏهن آريسر صاحب جو ڪتاب ”زندگي، آزادي ۽ محبت“ پئي ڇپايم ته جوڻيجي صاحب کان مهاڳ لکرائڻ لاءِ ويس، دروازي تي پهچي اطلاع ڏنم ته پاڻ نڪري آيو ۽ وٺي وڃي ڊرائينگ روم ۾ ويهاريائين ۽ دڙڪو ڏيندي چيائين، تون ڌاريو آهين جو دروازي تي بيهي رهين؟ سچ ته آئون پنهنجي لاءِ اهو اعزاز ٿو سمجهان جو هُن مونکي ايترو پنهنجو سمجھيو، ڇو ته اسان جي هن سماج مان ڏينهون ڏينهن پنهنجائپ جو تصور ئي ختم ٿيندو وڃي. ڪافي ٽائيم ڪچهري ڪئي سين، چانهه وغيره جو دؤر به هليو. مون جڏهن ڪتاب جو مهاڳ لکڻ لاءِ چيو ته پاڻ مون کي چيائين ته بابا آريسر صاحب کي ڪهڙي ضرورت آهي، ڪتاب جي مهاڳ لکرائڻ جي! توهان دنيا جي وڏن ليکڪن جا ڪتاب پڙهو، اهي پنهنجي ڪتابن جا مهاڳ پاڻ لکندا آهن؛ پر پوءِ به مون کي خوشي آهي ته آريسر صاحب جي ڪتاب جي مهاڳ لاءِ منهنجي چونڊ ڪئي وئي آهي؛ آئون ضرور لکندس. پوءِ هفتي اندر شاندار مهاڳ لکي ڏنائين. ان ڪتاب جو انتساب به آريسر صاحب عبدالقادر جي نالي ڪيو آهي. جوڻيجو صاحب آريسر صاحب کي تمام گهڻو ڀائيندو هو. جوڻيجي صاحب جون علمي، ادبي خدمتون به تاريخ جي سُنهري ورقن ۾ لکڻ جھڙيون آهن. سندس ڪهاڻين، افسانن، خاڪن ۽ ترجمي جا ۱۳ کن ڪتاب ڇپيل آهن، جنهن جو وچور هن ريت آهي: واٽون راتيون رول (ڪهاڻيون: ۱۹۷۳ع) شڪليون (سنڌ جي شخصيتن تي خاڪا: ۱۹۷۹ع) ويندڙ وهي لهندڙ سج (ڪهاڻيون: ۱۹۸۴ع) وڏا اديب وڏيون ڳالهيون (ترجمو: ۱۹۸۶ع) ايوريسٽ تي چڙهائي (ترجمو: ۱۹۸۷ع) ڪرسي (ادب، تعليم، ميڊيا ۽ ثقافتي ائنٿراپالاجيءَ بابت مضمون: ۱۹۹۸ع) ڇو ڇا ۽ ڪيئن (ترجمو: ۱۹۹۹ع) خط ٻن اديبن جا (محمد ابراهيم جويي ۽ عبدالقادر جوڻيجي جا خط: ۱۹۹۹ع) دَرَ در جا مسافر (ڪلچرل ائنٿراپالاجي: ۲۰۰۱ع) وڻ وڻ جي ڪاٺي (۲۰۰۲ع) ڇا لکان؟ (تاريخي، سماجي، سياسي ۽ ادبي مضمون: ۲۰۰۷ع) ايئن ڀلا ڪيئن هوندو؟ (۲۰۱۰ع). ادب اندر ۾ ويٺل جن ۽ ڀوت (۲۰۱۴ع) عبدالقادر جوڻيجي جا هي سمورا ڪتاب انتهائي اهم ۽ ڄاڻ جو خزانو آهن. ان کان سواءِ پاڻ ٿر جي ريگستان تي انگريزيءَ ۾ هڪ ناول به لکيائين. جوڻيجي صاحب لکڻ جي شروعات افساني کان ڪئي، پر پوءِ اڳتي هلي ڪهاڻي ۽ ڊرامي جي صورت ۾ ادب تي ڇائنجڻ لڳو. سندس پهرين ڪهاڻي مُٺ مُٺ سُور آهي، جيڪا ۱۹۶۳ع ۾ مشهور ادبي رسالي روح رهاڻ ۾ ڇپي. کيس نه صرف سنڌ، پاڪستان ۾ پر ڀارت، نيپال، ايران ۽ جرمنيءَ ۾ اردو ڊرامي نگاريءَ جي حوالي سان عالمي مڃتا ملي. پاڻ ريڊيي لاءِ به ڪيترائي ناٽڪ لکيائين. سندس پهريون ناٽڪ ۱۹۷۰ع ڌاري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي نشر ٿيو. اهڙي ريت سندس ٽيهن کان وڌيڪ ريڊيو ناٽڪ نشر ٿيا، جن کي تمام گهڻي موٽ ملي. ۱۹۷۶ع ۾ سندس پهريون ٽي وي ناٽڪ ”تلاش“ پي ٽي وي ڪراچيءَ تان ٽيليڪاسٽ ٿيو. ان بعد سندس ۱۶ کان وڌيڪ سنڌي ۽ ۱۶ اُردو سولو پلي ۽ سيريل ٽيليڪاسٽ ٿيا. اردوءَ ۾ سندس ۱۳ ڊراما پي ٽي وي ۽ ٻين چئنلن تي رليز ٿيا، جن ۾ ڪاروان، ڇوٽي سي دنيا، سيڙهيان، دُک سُک، پرانده ۽ ڌول عالمي شهرت ۽ مڃتا ماڻي. سندس ٽي وي سيريل ڇوٽي سي دنيا تي مشهور جرمن انٿراپالاجسٽ، ڊاڪٽر هيلن باسو (DR. Hellene Basu) فري يونيورسٽي برلن ۾ ٿيسز لکي چُڪي آهي، جنهن جو اختصار انگريزيءَ ۾ به ترجمو ٿي چُڪو آهي. سندس سنڌي ڊرامي ”راڻي جي ڪهاڻي“ سنڌ ۾ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي ۽ ٻهراڙين ۾ اڄ به ماڻهو انهي سيريل جي واکاڻ ڪندي ڍاپن ئي ڪو نه ٿا؛ ۽ ساڳي سيريل اردوءَ ۾ ”ديوارين“ جي نالي سان ٽيليڪاسٽ ٿي ۽ اردو ڊرامي نگاريءَ تي پنهنجي ڇاپ ڇڏيائين. ان بعد (B.B.C) چئنل- ۴ تان انگريزيءَ ترجمي سان ٽيليڪاسٽ ٿي. هيءَ ڏکڻ ايشيا جي پهرين سيريل هئي، جيڪا (B.B.C) تان ٽيليڪاسٽ ٿي هئي. ان کان علاوه سندس ڊرامي ”سيڙهيان“ آمريڪا ۽ ڪئناڊا سميت ٻين ملڪن ۾ به مڃتا ماڻي. اهڙيءَ طرح ٽي وي ڊرامو ”پرانده“ پڻ ڪئناڊا ۽ يونائيٽيڊ عرب امارات (U.A.E) ۾ به ٽيليڪاسٽ ٿيو. کيس نه رڳو سڄي سنڌ نالي سان سڃاڻي، پر دنيا جي ٻين به ڪيترن ملڪن ۾ سندس نالو ڪنهن کان ڳُجهو ڪونهي. کيس مڃتا طور ڪيترائي ايوارڊ مليا، جن ۾ ۱۹۸۹ع ۾ پهريون صدارتي ايوارڊ ۽ ۲۰۰۸ع ۾ ٻيو صدارتي ايوارڊ مليو. قسطوار ڊرامي ڪاروان تي بهترين ليکڪ جو ساليانو پي ٽي وي ايوارڊ، ۱۹۸۹ع ۾ پي ٽي وي سلور جوبلي ايوارڊ، ۱۹۸۸ع کان ۱۹۹۸ع واري ڏهاڪي جو ايوارڊ ۽ ريڊيو پاڪستان جو ۱۹۹۹ع جو گولڊن جوبلي ايوارڊ (قومي) ملي چُڪا. پر آئون سمجهان ٿو اهي اوارڊ عبدالقادر جوڻيجي لاءِ اعزاز ناهن، بلڪه انهن ادارن ۽ انهن اوارڊن لاءِ اهو اعزاز آهي، جو اُهي عبدالقادر جوڻيجي جي نالي منسوب ٿيا آهن، ڇو ته ڪي ڪي شخصيتون اوارڊن ۽ اعزازن کان مٿانهيون ۽ مانائتيون هونديون آهن، ۽ عبدالقادر جوڻيجي جو شمار اهڙين شخصيتن ۾ ٿئي ٿو. عبدالقادر جوڻيجي ٽي وي ڊراما نگار جي حيثيت ۾ ٻه ڀيرا چين جو مطالعاتي ۽ ثقافتي دورو به ڪيو. سندس سڄي زندگي لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ گذري آهي، پاڻ ادب، ثقافت، تعليم، آرڪيالاجي ۽ صحافت وغيره سان لاڳاپيل ۱۸ کان وڌيڪ ادارن جي مختلف ڪميٽين جو ميمبر به رهيو. ان کان علاوه پاڻ مختلف ادارن جو سربراهه به بڻيو، پر پوءِ به هيءُ فقير صفت انسان فقيراڻي طبيعت جو مالڪ رهيو، پاڻ وڏو ماڻهو ته ٿي ويو، پر وڏ ماڻهپو نه ڪري سگھيو؛ ۽ نه ڪامورو ٿي سگهيو. هيءُ بس يارن جو يار رهيو، اهو ئي سبب هو، جو پاڻ ڪنهن سياسي ۽ ادبي تنظيم جو حصو نه بڻيو. هيڏو وڏو عالمي شهرت رکندڙ اديب هئڻ جي باوجود، ادبي سنگت جي لهه وچُڙ ۾ نه آيو، ڇو ته هي سماجي روايتن جو امين هو، ڪنهن به سياسي ادبي تنظيم جو حصو بڻجي، هن پنهنجي پاڻ کي وڃائڻ کان بچائيندي رشتن جو ڀرم رکيو هو. هي مينهن وساڙي جھڙو پيارو ۽ نفيس انسان سٺا ڪپڙا پائڻ جو شوقين، سٺي پرفيوم استعمال ڪندو ته هر شئي نهايت ئي عمدي قسم جي هوندي هئي. اڪثر ڪري ايراني ليٽر پيڊ ۽ شيفر پين سان لکندو هو، سندس اکر ڪنهن ڪاتب جي اکرن کان به سٺا هوندا هئا. مُٺ تي سگريٽ پيئندو هو ۽ سگريٽ جو ڪش هڻي دونهون هوا ۾ اُڏاري ڳالهائڻ شروع ڪندو هو سڄي دنيا جو ادب پلٽائي ڇڏيندو هو. پاڻ جيتوڻيڪ اڄ اسان جي وچ ۾ ناهي رهيو، پر هو سنڌ سميت سڄي دنيا جي لکين دلين ۾ هميشه زنده رهندو. لاڪ ڊائون جي اداس گھڙين ۾ اڄ ھن جي ان جڳ کي الوداع ڪرڻ جي ڏکوئيندڙ خبر ملي جنھن جڳ کي برصغير جي عظيم شاعر شيخ اياز سپني سان ڀيٽ ڏني ھئي. گھڙي پل لاءِ ايئن لڳو ته اسان ڪورونا جي زد ۾ آيل دنيا ۾ نه پر نارمل دنيا ۾ رھي رھيا آھيون ۽ اھا نارمل دنيا اھا ھوندي آھي جيڪا سڀ کان وڌيڪ ايبنارمل ڪري ڇڏيندڙ خبر ان خبر کي سمجھندي آھي جيڪا ڪنھن وڏي ڏاھي ماڻھو جي دکدائڪ موت جي خبر ھوندي آھي. جڏھن ڪا به نارمل دنيا اھڙي خبر ٻڌندي آھي ته پوءِ اھا دنيا رڳو ان سانحي واري خبر جي نتيجي ۾ جيڪا المناڪ ڪيفيت جنم وٺندي آھي تنھن ۾ پاڻ کي رولي ڇڏيندي آھي،پر شايد اڄ ڪورونا جي وبا ۾ وچڙيل ۽ بک کان پاھ ٿيل سنڌ وٽ سندس وڇوڙي جي هن عظيم ڏک کي محسوس ڪرڻ جو موقعو نه ھجي، پر اھا حقيقت آھي ته سنڌ جو اھو ڍوليو جنھن جو نالو عبدالقادر جوڻيجو ھيو سو ڏئون ڏئي اڻ ڏٺل ڍٽ ڏانھن قراري ھليو ويو آ. خبرناھي اھو ڏينھن ڪھڙو ھو جڏھن ھن ٿر جي محبوب مٽيءَ جي پڌر تي پنھنجون اکيون کوليون ھيون، پر تاريخ ۱۳ سيپٽمبر ھئي ۽ ۱۹۴۵ع جو سال ھيو. ضلعي ٿرپارڪر جي شھر نئون ڪوٽ تعلقي مٺيءَ جي جوڻيجن جي ڳوٺ جنھاڻ جي نصيب ۾ اھا ڳالهه لکجي وئي ھئي ته اھو جيڪو ڇوڪرو ڄائو ھو سو اڳتي ھلي سندن ڳوٺ جا ته ڇا پر پنھنجي ديس جي سڃاڻپ جا نصيب لکندو. چون ٿا ته عبداقادر جوڻيجي جو والد مريد حسين جوڻيجو پوليس عملدار ھو. الاءِ ڇو حيرانگي ٿئي ٿي ته سنڌ ۾ پوليس عملدارن جا پٽ اڪثر ڪري آرٽ جي ويجھو ڪو نه ايندا آھن حسن جوڻيجي جي پٽ ان روايت کي مٽائي ڇڏيو. علم جا ابتدائي اکر عبدالقادر پنھنجي ڳوٺ جنهاڻ ۾ پرائڻ کان پوءِ عاشقن جي شھر ڄامشوري ڏانھن رخ رکيو جتي ھن مادر علمي ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ عمرانيات Sociology ۾ ماسٽرس ڪئي. زندگي کي خبر ناھي ته ھن ڊرامي جي اک سان ڪڏھن ڏٺو پر ٿوري وقت ۾ ريڊيو لاءِ ۲۲ ڊراما ۽ ۱۱ ڊراما پاڪستان ٽيلي وزن لاءِ لکي جڳ جھان کي حيران ڪري ڇڏيو. عبدالقادر جي ڪتابن پڙھڻ سان سان اھڙي محبت ھئي جھڙي ٽين ايجز ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ھڪ ٻئي سان ڪندا آھن. انڪري ھن ڪيترائي ڪتاب پڻ لکيا. سندس لکيل ڊراما جڏھن نشر ٿيا ته انھن جي گونج ملڪ جي سرحدن کي لتاڙيندي وڃي ھن پار پڳي. اڄ به اھي ڊراما ماڻھن جي دماغن مان گھڙي پل لاءِ به نڪتا ناھن. سندس ادبي ڌاڪ جڏھن قائم ٿي ته سندس خدمتن جي عيوض حڪومت پاڪستان نه چاھيندي به ۲۰۰۸ع ڌاري ھن کي اھم سرڪاري اعزاز پرائيڊآف پرفارمنس سان پڻ نوازيو.. اھو عبدالقادر جوڻيجو اڄ اسان کي الوداع ڪري ھليو ويو.. سندس تعزيت سنڌ سان گڏ جتي مان مٺي، نئون ڪوٽ ۽ جنھاڻ سان ڪرڻ چاھيان ٿو، اتي روحي بانوءَ جي تربت سان به ڪرڻ چاھيان ٿو.! ڇو ته روحي بانو جو سنڌ جي ھن شھزادي ۾ ساھ ھو.!! استاد الوداع .. One More Session but you are gone!!!! عبدالقادر جوڻيجو ايش ٽري، سگريٽ جو ڦلو ۽ جوڻيجو سڪندر ھليو سڄي دنيا جيان ڪورونا جي قهر کان بچڻ لاءِ پاڻ وٽ به لڳايل لاڪ ڊائون جي بوريت کان بچڻ جو شايد واحد وسيلو سوشل ميڊيا ئي وڃي بچيو آهي. ان ڏينھن شام دير سان فون جي اسڪرين اسڪرول ڪندي پياري منظور ميراڻيءَ جي جڏهن اها پوسٽ فيس بوڪ تي نظر آئي ته ”اسان جو پيارو عبدالقادر جوڻيجو به هيءُ جهان ڇڏي ويو“، تنهن کانپوءِ ڪافي دير تائين جوڻيجي صاحب بابت سوچيندو رهيس ۽ سندس ڪيترائي عڪس ۽ لفظ اکين آڏو ايندا رهيا. منهنجي ساڻس ڪڏهن ڪا دوستي يا ويجهڙائي نه رهي، پر مان به ڪافي پڙهندڙن، ٽي وي ڏسندڙن جيان سندس هميشه مداح رهيو آهيان، ڇو جو هن جهڙو شايد ئي ڪو ڪلاسيڪل ماڻهو يا ليکڪ اسان وٽ باقي رهيو هجي. هن جي اصل سڃاڻپ ته ليکڪ ۽ ڊراما نگار واري رهي آهي، پر هو پنهنجي انداز ۽ زندگيءَ ۾ هڪڙو مڪمل پيڪيج هو، جنهن جو هو خود ئي پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر به هو، ته اداڪار ۽ صداڪار به خود ئي هو. هن اهو اسٽائيل يا انداز خود ٺاهيو هو ۽ مٿس ئي ٺهندو هيو. ڪافي ليکڪ کيس ڪاپي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهن، پر اصلي انداز جي ماسٽر ڪاپي رڳو سندس وٽ هُئي. منهنجيون ساڻس زندگيءَ ۾ ٽي ملاقاتون ٿيون ۽ ٽئي ڀيرا رڳو کيس سندس انداز ۽ ڳالهين مٿان ڳالهين جي نه کٽندڙ سندس روانيءَ واري سحر مان سدائين متاثر رهيم. سندس وارن جو اسٽائيل، ڪپڙن جو اسٽائيل، سگريٽ پيئڻ جو مخصوص اسٽائيل اهڙو هو، جهڙو پنجويهه سال اڳ هو، بس عمر جي دغا سبب سندس وار اڇا ٿي ويا هئا ۽ ڪراڙپ ڪري اڄڪلهه اليڪٽرانڪ تصويرن جيان جوانيءَ مان هو پوڙهو ٿي ويو هيو، پر سندس سگريٽ سو به ھڪ مخصوص برانڊ پيئڻ جو اسٽائيل نه ته ڪو پوڙهو ٿيو، ۽ نه پراڻو! هٿ جي چپٽي سان ٺڙڪو ڪري سگريٽ جو ڦلو ڪرائيندي هو پاڻ سميت ڪهاڻين، ڊرامن ۽ ڳالهين جا اڻ کُٽ قصا پوئتي ڇڏي ويو. منهنجي ساڻس پهرين ملاقات ۱۹۹۸ع ڌاري ان وقت ٿي هئي، جڏهن هو سنڌالاجيءَ ۾ ڊائريڪٽر هو. مان ان وقت قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد جي انيٿراپالاجي شعبي ۾ ماسٽرس ڪرڻ لاءِ جنهن ٿيسز تي ڪم ڪري رهيو هيس، سا سنڌو سڀيتا يعني موهن جي دڙي جي ٺڪرن جي ٿانون جي هزارين سالن جي سفر ۾ اڄ به سنڌ ۾ موجودگيءَ بابت هئي. هڪ يونيورسٽي شاگرد جي حيثيت ۾ ان کان اڳ مان ڄامشوري ۾ ئي انگريزي ڊپارٽمينٽ مان گريجوئيشن ته ڪئي هئي، پر جُوڻيجي صاحب سان ڪڏهن ڪا ملاقات نه ٿي سگهي هئي. ساڻس ملاقات سنڌالاجيءَ جي آفيس ۾ ٿي، پوءِ بس جيڪي ٻه لفظ تعارف جا ٿيا سي ٿيا، باقي جوڻيجي صاحب ٻن اڍائي ڪلاڪن ۾ مونکي ان تهذيب، دريائن جي زندگي ۽ موت ۽ صدين کان سنڌ ۾ رهڻي ڪهڻي بابت جيڪي ڳالهيون ٻڌايون، سي ڪجهه سمجهه ۾ آيون ۽ گهڻي ڀاڱي ڪو نه آيون. ڇو جو هو جنهن سطح تي ڳالهائي رهيو هو، تنهن وقت شايد منهنجو ايترو مطالعو ڪو نه هو يا اهڙي ڪا سُڌ ٻُڌ گهٽ هئي. بهرحال سندس قصه گوئيءَ جو انداز مونکان ڪڏهن نه وسري سگهيو. هن جي ڳالهين ۾ تاريخ ۽ تحقيق جون ڳالهيون گهٽ، پر فڪشن ۽ فئنٽسي وڌيڪ هئي، جنهن جو سحر اڄ به مون مٿان طاري آهي. اهڙين ڳالهين جو انداز ٻئي حوالي سان صرف جاويد ڀُٽي ۾ هو، ورنه اڄڪلهه ناميارا ليکڪ سڳورا انگريزي ڪتابن جا ٽائيٽل ۽ فهرستون اسڪرين شاٽ ڪري فيس بوڪ تي رکي هر ٻئي چوٿين ڏينهن اعلان ڪندا آھن ته، هو اهو ڪجهه پڙهي رهيا آهن. اهڙن ڪتابن ۾ ڇا آهي يا ناهي؟ ڪاش هو اهو ڏانءُ جوڻيجي جهڙي ماسٽر رائيٽر کان سِکي سگهن ھا! ساڻس ٻي ملاقات ڏهاڪو کن سال اڳ سندس ڄامشوري واري گهر ٿي هئي، جنهن ۾ حسن درس مونکي ساڻ وٺي هليو. حيدرآباد مان شام جو وڃڻ وقت اڳ ئي حسن مشروب مغرب جو بندوبست ڪيو ۽ حڪم ڪيائين ته، پيارا اڄ هلي ٿا استاد (جوڻيجي) سان ڪچهريون ڪيون! ان وقت جوڻيجو صاحب نئون نئون رٽائر ٿيو هو ۽ گهڻو ڪجهه لکي، پڙهي ۽ ڳالهائي رهيو هو. مونکي هن فقط ايترو سڃاتو ته مان ڪاوش ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪالم لکندو آهيان، ۽ بس پوءِ هو شروع ٿي ويو. الائي ڪٿان جون ڳالهيون ۽ ڪٿان جا قصا! ڪنهن ڪنهن مهل لڳو ٿي ته حسن جي انداز ۾ به ڪجهه ڪجهه هن جو اولڙو هو. ٽي وي ڊراما، اداڪار ۽ اداڪارائون، ليکڪ ۽ سندس خفتي يار...هر ڳالهه ۾ هڪ سندس رومانس ضرور هو ۽ ڪا عورت هن مٿان فدا ٿيندڙ هُئي. ڪجهه اهڙيون ڳالهيون آهن، جيڪي لکي نٿيون سگهجن، پر ڪنهن يارن دوستن جي ڪچهري ۾ فقط روبرو ٻُڌائي سگهجن ٿيون. هن جو انداز ۽ دلبربائي اهڙي هئي، جو فقط ماڻهو ڪن لڳائي ٻُڌي ئي سگهيو ٿي. جيئن ته انهن مان ڪنهن به ڪردار کي مون ذاتي طور تي نه ٿي سڃاتو، انڪري هر ڪردار هڪ ڪهاڻي ۽ فينٽسي هو، ۽ جيڪو اڄ به آهي. اهو جوڻيجي صاحب جو ڪمال هو، جو هر ڪردار کي هڪ ڪهاڻي ۽ آخر ۾ داستان ۾ تبديل ڪرڻ جي باڪمال سگهه رکندڙ هو. بهرحال مشروب مغرب سان گڏ اسانکي چيز (پنير) بار بار ٽڪرن ۾ ٿي کارايائين ۽ ٻُڌايائين ٿي ته اهو خاص ڪينڊا مان ڪنهن سنگتياڻي کيس موڪليو آهي. پهريان ته چيز ڪو خاص مزو نه ٿي ڏنو، پر پوءِ جڏهن ٻه چار رائونڊ مشروب جا مڪمل ٿيا ته چيز عرف پنير به هڪ اعليٰ رزميه داستان ٿي لڳو. کيس ڪجهه سمهڻو هوم سو هڪڙي وقت حسن اک ڀڃي مونکي اشارو ڪيو ته پيارا فڪر نه ڪر پاڻ ڪڙهائي هلي ڦاٽڪ تي کائينداسين! ان رات مون خود جوڻيجي کي هڪ اهڙو ڪردار، هڪ اهڙي ڪهاڻي، هڪ اهڙو داستان ڏٺو ۽ ٻُڌو جنهن جو ڪو انت، ڪو موت ۽ زوال نه آهي. جوڻيجي صاحب سان آخري ملاقات پنج ڇهه مهينا اڳ ڄامشوري ۾ ئي سندس گهر جي ڊرائنگ روم ۾ ٿي، جنهن لاءِ هڪ رات جو اڳ ئي سائين سردار شاهه چيو هو ته سڀاڻي شوڪت شوري کانپوءِ استاد (يعني عبدالقادر جوڻيجي) ڏانهن هلڻو آهي. ملاقات ۾ گهڻي ڀاڱي سائين سردار کيس ثقافت کاتي جون خبرون ۽ هو کيس هتان هُتان جون ڳالهيون ٻڌائيندو رهيو. هو ڪافي سرهو هو ته ايترا دوست سندس خبرچار وٺڻ آيا آهن، پر مان هڪ اهڙو عبدالقادر ڏٺو، جيڪو ڪنهن رڻ جي پن جيان سڄو سُڪي ۽ اڇو ٿي ويو هو، پر سندس مخصوص برانڊ سگريٽ اڃان به دکندڙ هو، هو سڄو ساڳيو جوڻيجو هو، پر پنهنجي ڊرامن ۽ ڪهاڻين جي پوڙهي ڪردار جهڙو هڪ اهڙو انسان ٿي نظر آيو، جنهن وٽ نه ته زندگي گهڻي هئي ۽ نه ڳالهين ۽ قصن ڪهاڻين ٻڌائڻ واري انداز ۾ ساڳيو مزو هو. موڪلائڻ وقت هن فقط ايترو ڪمزوري سان چيو ته، ”مزو نه آيو!“ پر سردار کيس ڪُلهي تي هٿ رکندي چيو، ”استاد وري جلد ملون ٿا!“ وري ملڻ شايد ممڪن نه هو ۽ جوڻيجي صاحب کي هاڪڙي جي مٽي پڻ پڪاريو ٿي. ويندي ويندي هو پنهنجي ذات، لکڻين ۾ هڪ اهڙو ڪردار پوئتي ڇڏي ويو، جيڪو هڪ ئي وقت انتهائي باڪمال آهي، ائين جيئن بچپن ۾ ناني يا ڏاڏيءَ جا قصا ۽ ڪهاڻيون ۽ جوانيءَ ۾ معاشقا ۽ بيوفايون، ۽ جهور ٿيندي ڏاهپ ۽ سانتيڪيت جو سحر انگريز انداز ڪجهه ماڻهن جي شناخت ٿي ويندو آهي. آخري ملاقات ۾ مون هن کي هڪ ”اسٽل“ ٿيل سين واري انداز ۾ ڏٺو، شايد ان عمر ۾ وقت ساڪن ٿي ويندو آهي ۽ مٽي فقط مدفون ٿيڻ لاءِ آتي هوندي آهي. آخري سين ۾ فقط خالي ايش ٽري رهجي ويندي آهي، جنهن ۾ جوڻيجي جهڙن ڪردارن جي مٺ تي سگريٽ جي ڦوڪ ۽ سٽڪي سان ڪرندڙ ڦلو پڻ ڪنهن ڪهاڻي ۽ داستان جهڙو ئي وڃي رهندو آهي، ڇو ته هن کانپوءِ هاڻي جوڻيجو ڪير سڏائي؟ عبدالقادر جوڻيجو سنڌ جي سگهاري ليکڪ جو وڇوڙو! احسان علي لغاري موبائيل جي گهنٽي وڄي ٿي.... ڏسان ٿو ته سرفراز راڄڙ صاحب جو فون آهي. سلام دعا کانپوءِ چوي ٿو، ”يار احسان ماسات موڪلائي ويو“. کن رکي وري چوي ٿو، ”پڇا ڪريو ته جنازي نماز ڪٿي ٿيندي، لاڪ ڊائون آهي، پر پاڻ کي هر صورت ۾ هلڻو آهي.“ ”جي جي سائين، آئون اوهان کي بيڪ رنگ ڪريان ٿو.“ تفصيل هٿ ڪرڻ لاءِ پيارن دوستن کي فون ڪيم، پر خبر نه پئجي سگهي. ڄام شوري جي صحافين کان پڇيم، پر تسلي جوڳو جواب نه مليو. اوچتو خيال آيو، سنڌ ۾ ڪنهن به اديب دوست جي وفات ٿئي، تڏي تي هر صورت ۾ پهريون پهچندڙ شخص محترم تاج جويو صاحب هوندو آهي، فون ڪري پڇيم ته چيائين اوڏانهن وڃان پيو، ٿوري دير بعد ڳالهائجان.“ فون بند ڪندي ئي جوڻيجي صاحب جي شخصيت جا ڪيترائي رنگ منهنجي اکين آڏو ڦرڻ لڳا، منهنجي ساڻس پهرين ملاقات سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ۾ ٿي، جڏهن پاڻ چيئرمئن هئا. مون جهڙي سنهڙي ۽ سيپڪڙي نوجوان جي اندر داخل ٿيندي ئي سائين اٿي ملڻ جي ڪئي ته مون ويجهي وڃي کيس ويهڻ جو چيو ۽ جهُڪي مليس. مون کي خبر هئي منهنجو هيءُ جهُڪاءُ سندس ان عهدي جي ڪري نه پر، اُن شخص اڳيان سلامي آهي، جنهن سنڌي ادب جي جهول ۾ هيرن جواهرن جون منفرد مالهائون عطا ڪيون آهن. هو پنهنجي لکڻين ۽ ڊرامن جي ڪري سڄي دنيا ۾ سنڌ جو ڳاٽ اوچو ڪيو بيٺو آهي. اهڙي شخص اڳيان جهُڪي جيڪا راحت ملي سا لفظن ۾ ٻڌائڻ ٻڌائي نٿي سگهجي. ايڏو وڏو ليکڪ ۽ ايڏي وڏي اداري جو چيئرمئن هوندي، سندس اهو ڳوٺاڻو انداز ۽ لهجو، جنهن ۾ پاڻ مون کان خوش خير عافيت پڇي. آئون حيران ٿي ويس. مون سندس اڳيان پنهنجا ايڊٽ ڪيل ٻاراڻا رسالا ”گلستان“، ”گلزارِ سنڌ“ ۽ ڪجهه ڇپرايل ڪتاب رکيا ۽ عرض ڪيو ته سائين منهنجي قائم ڪيل اداري ”اين. اي جان فائونڊيشن“ جي سالگرهه جي حوالي سان هڪ سووينئر جاري ڪري رهيو آهيان، توهان کي ان لاءِ پيغام لکڻ لاءِ عرض ڪرڻ آيو آهيان. جوڻيجي صاحب نه صرف پيغام لکي ڏيڻ جو واعدو ڪيو، پر مون کي چانهه پيارڻ سميت اڌ ڪلاڪ کن لاڳيتو منهنجي همٿ افزائي ڪندو رهيو. مون کي زندگيءَ بابت سوين مثال ٻڌائيندو رهيو ۽ ڏاڍو خوش ٿيو. مون ڏٺو ته سندس سيني ۾ سنڌ جي نوجوان طبقي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ وڏي بيچيني آهي. ان ڏينهن منهنجي به خوشيءَ جي حد نه هئي، جو آئون اهڙي ڪلاسيڪل شخصيت سان ڪچهري ڪري آيو هئس. ساڻس آخري ملاقات سرفراز راڄڙ سان گڏ سندس گهر تي ۲۰۱۶ع ۾ ٿي هئي، جتي پاڻ ٻين ڳالهين سان گڏ پنهنجي انگريزي ناول The Dead River ۽ ٻين انگريزي لکڻين بابت اسان کي ٻڌايو هو. سندس گهڻو اصرار هو ته ڪاش سنڌ جا اديب انگريزي ٻوليءَ ۾ لکڻ شروع ڪن. جوڻيجي صاحب ٻڌايو ته هن ناول جي رائلٽي کيس ڊالرن ۾ ٿي آهي، ۽ هو گهڻو خوش ٿيو آهي، جو ٻاهر ليکڪ جو وڏو قدر آهي. سندس خيال اسان کي سنڌ جي تاريخ، ادب ۽ ٻوليءَ جا ڪتاب انگريزي ۾ ترجمو ڪري ٻاهرين دنيا کي پڙهڻ لاءِ مهيا ڪرڻ گهرجي. انهن سوچن ۾ ئي هوس ته سرفراز راڄڙ جو فون آيو، چيائين ته نڪري اچ جلدي هلون. اسان جوڻيجو صاحب جون ساروڻيون ساريندي ڄام شوري ڏانهن سفر ڪريون ٿا. جوڻيجي صاحب جي گهر اڳيان ڪجهه گاڏيون بيٺل هيون. اسان به لهي گهر اندر داخل ٿياسين. اسان کان اڳ ۾ تاج جويو، مرتضيٰ سيال ۽ چار پنج ٻيا به ماڻهو ويٺل جن کي آئون سڃاڻي نه سگهيس. جوڻيجي صاحب جي ناٺي ساجد قيوم ميمڻ اسان کي هن المناڪ وڇوڙي بابت ڳالهيون پئي ٻڌايون. جوڻيجي صاحب کي آڪٽوبر ۲۰۱۹ع کان جگر جو ڪينسر ظاهر ٿيو هو، جيڪو کيس اڏوهي جيان کائيندو پئي ويو ۽ آخري وقت تي جگر جون شرنانيون ڦاٽي پيون، کيس رت جون اُلٽيون هليون ۽ هن اسريٰ اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. جوڻيجي صاحب ۲ انگريزي ناول لکي مڪمل ڪيا هئا، انهن جي ڇپائيءَ لاءِ ڳالهه ٻولهه ٿي پئي، پر ڇپجي نه سگهيا.ڳالهين ڪندي ڪندي تاج جويي صاحب چيو ته عبدالقادر کي هتي دفنائجي ها، جنهن تي ساجد قيوم ميمڻ وراڻيو، جوڻيجو صاحب چوندو هو ته: ”مون کي پٿرن ۾ نه پورجو.“ منهنجي ڪنن تي جڏهن انهن لفظن جو پڙلاءُ پيو ته اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا. سوچڻ لڳس ته واقعي عبدالقادر وڏو ماڻهو هو. هن کي خبر هئي ته هتي پٿرن ۾ کيس ڪير سنڀاريندو. اسان سنڌي بي قدرا آهيون، اسان وٽ پنهنجن محسنن جي سڃاڻ ناهي، ڇاڪاڻ جو سندس وڇوڙي جي خبر باهه جيان پکڙي آهي، پر سندس تڏي تي اسان اٺ ڄڻا ويٺا آهيون، نه ڪو اخبار وارو آهي ته نه ئي ڪو ٽي وي وارو، ڪو دور هوندو هو جو اسان پي. ٽي. وي تي اڌ ڪلاڪ جي پروگرام هلائڻ لاءِ احتجاج ڪندا هئاسين. اڄ ڪيترائي سنڌي ٽي وي چئنل آهن، پر هن بادشاهه ليکڪ جي وفات جو ٻڌي هڪ به چئنل جو ماڻهو ناهي پهتو. ڄامشوري ۾ سنڌي ادب جا ڪيترائي وڏا نالا رهن ٿا، پر اڄ اهي سمورا لاڪ ڊائون جو بهانو وٺي گهر ۾ پاڻ کي لاڪ ڪريو ويٺا هئا. جوڻيجي صاحب ڪيترن ماڻهن کي نوازيو، ڪيترائي سندس دلبر دوست هئا، پر هن آخري وقت تي سڀنيءَ جا پير پنڊ پهڻ بڻجي ويا. اسان ويٺا ئي هئاسين ته ٿوري دير ۾ ڊاڪٽر اسحاق سميجو به پهچي ويو هو، ڪجهه دوست موڪلائي هليا ويا، جنهن بعد باقي پنج ڄڻا، جوڻيجي صاحب جي بنگلي جي لان جي هڪ پاسي هلڪي اونداهيءَ ۾ سندس سارون ساريون ويٺا هئاسين. لان جي ٻئي هن عظيم انسان کي ”تڙ ڏيارڻ“ جون رسمون ادا ٿي رهيون هيون. هڪ عجيب ڪيفيت هئي، نيٺ تاج صاحب کان رهيو نه ٿيو ۽ چئي ڏنائين ته ”جيڪر اڄ ڄامشوري جو ڪو سرنديءَ وارو مري پوي ها ته ماڻهن جا هجوم هجن ها، اسان جا اديب به اچي پنهنجون جتيون کسائين ها، پر افسوس آهي جو ايڏي وڏي شخصيت تي اسان جي اديبن کي ايندي پير ٿي ڏُکيا. وڇوڙو ته هوندو ئي وڍ جيان آهي، پر ڪي وڇوڙا هنيانءُ ۾ اهڙو وڍ وجهي ويندا آهن، جو ورهين تائين اُهو ڏکندو رهندو آهي. عبدالقادر جوڻيجي جو وڇوڙو به اهڙو وڍ آهي، جيڪو ورهين تائين ياد رهندو. (روزاني عبرت ۾ ۲ مارچ ۲۰۲۰ع تي ڇپيل) عبدالقادر جوڻيجو سنڌ جي ادبي شنگھريلا جو شھزادو اعجاز منگي ھن ٿر جي واريءَ واري ديس مان نڪري پٿرن جي ان شھر ۾ پناھ ورتي ھئي جنھن جي لاءِ شيخ اياز لکيو آھي: “جھومندڙ ھوائن ۾، رات ڄامشوري جي ڪنھن رباب وانگرآ! عمر ايئن اڏامي ٿي، ڄڻ پکي پرن تي آ وقت خواب وانگر آ!” منھنجي ھن سان پھرين ملاقات اتي ئي ٿي ھئي اھو ئي ڄامشورو جتي ڏينھن جھنم ۽ رات جنت جيان ھوندي آ کيرٿر پھاڙن تان پلٽجندڙ تيز ھوا ۽ ان ۾ رقص ڪندڙ نم ۽ سرنھن جا وڻ ھو منھنجو پاڙيسري ھو اسان جي گھرن سامھون سرنھن جا ساوا وڻ ھئا جن مان زرد ڦول ڇڻندا ھئا ان وقت سارنگ عبدالقادر جي ڌيءَ عائشہ جي ھنج تي ھوندو ھو ھاڻي ته ان کان ٿورڙي ننڍي ھن جي پنھنجي ڌيءَ عائشہ منگي آھي!! “عمر ايئن اڏامي ٿي ڄڻ پکي پرن تي آ” ان وقت قادر جوڻيجي جو پٽ نصير به ننڍڙو ھيو نصير ته ان وقت رانديڪي جيان قادر جوڻيجي جي ھنج ۾ ھوندو ھو ھا پر جڏھن آگسٽ جي مھيني ۾ ڄامشوري جي مٿان مون سون جي موسم نيسارا بڻجي پنھنجو پاڻ کي اوتيندي ھئي ھا جڏھن سنڌ يونيورسٽيءَ ڪالونيءَ جون گھٽيون پھاڙي نين وانگر گجگوڙ ڪري وھنديون ھيون تڏھن ڀت جي ڀر ۾ آھستي آھستي پير رکي ھڪ گھر ڇڏي مان ٻي گھر جو ڪڙو کڙڪائيندو ھئس ۽ اھو گھر ھوندو ھو ان عبدالقادر جوڻيجي جو جيڪو نمبر ۶ جا سگريٽ ۷ سوٽن تائين نه ڇڪڻ چاھيندو ھو ھو برسات ۾ گھميل ھوا ۾ آلي پڌر تي چانھن جي ڪوپ تي سگريٽ جو سوٽو ھڻي علاقائي عشق ۽ عالمي ادب تي ڪنھن جھوني قصہ گو جيان ڳالھيندو رھندو ھو اھي ڪچھريون قلمبند ڪرڻ ڪو قرض ھي ڪراڙو ڇوڪرو اڄ پنھجن ڪلھن مٿان ڪجھ گھڻو ئي محسوس ڪري رھيو آھي ھي راقم الحروف ھن وقت به اھو فيصلو نھ ٿو ڪري سگھي تھ: “ھو اديب ۽ ڪالم نگار ھو يا سنڌ جو يگانو قصہ گو؟” ھو جڏھن آڱرين ۾ قابو سگريٽ کي مٺ معرفت ڇڪيندو ھو ۽ ھڪلي کنگھ کان پوءِ پنھنجن سلڪي وارن کي ڇنڊڪو ڏئي ڪڏھن اورنا فلاچي ۽ ڪڏھن روحي بانوءَ جو تذڪرو ڪندو ھو تڏھن ڄامشوري جي ھوا ۾ ڪجھ مينھن، ڪجھھ نينھن ۽ ڪجھ تماڪ جي خوشبو اڏرڻ لڳندي ھئي!! ھو تمام مھذب ۽ تمام بي تڪلف انسان ھو ھو گلوبل مامرن کي لوڪل بڻائي سمجھائيندو ھو ھن ڪڏھن نه چيو پر ھو اديب سان گڏ سنڌ جو سوشل سائنسدان ھيو! ھن وٽ خاڪن ۽ ڪھاڻين جا ڪيترا ئي ڪتاب ھئا پر ھن کي تمام گھڻو پسند ھو پنھنجو اڻ ڇپيل ناول: “سو ديس مسافر منھنجو ڙي” ھن جو ديس ڪھڙو ھيو؟ ڄامشورو؟ يا ٿر....؟؟ اھو ٿر جنھن ۾ ھاڪڙي جي ھنج ۾ ھڪ ڄار جي وڻ ھيٺان ھو ايئن سمھي رھيو آ جيئن ابن انشاءَ جو ھي شعر “بند ھوئي جاتي ھين آکھين ڪہ پسارين پائون نيند ڪي نيند ھمين اب نا اڻھانا لوگو” ھيءَ سنڌ بيخبريءَ جي جھان ۾ جيئڻ جو جرم ڪري رھي آھي! ھن کي ڪھڙي خبر ته: “عبد القادر جوڻيجو ڪير ھو؟” ھو منھنجي گھر جو ڀاتي ھو مان ھن جي گھر جو ڀاتي ھوس ۽ اسان رات جي اڳين پھر ۾ ڄامشوري جي انھن آلن روڊن تي رولاڪيون ڪندا ھئاسين جن مٿان برسات کان پوءِ ڏيڏر بي سرا راڳ ڳائيندا ھئا ان دور ۾ ڄامشورو سنڌ جي ادبي شنگھريلا ھيو ان وقت نه صرف ادب دوست آفيسرن جي بنگلن پر ادب جي اسير نوجوانن جي ھاسٽل وارن ڪمرن ۾ امر جليل جي ڪھاڻين تي نه کٽندڙ ڪچھريون ٿينديون ھيون. ۽ ڄاموشوري جي پٿرائين پٽ تي ھلندو نظر ايندو ھو اھو علي بابا جنھن کي سنڌ جي ادبي دنيا پاڳل قرار ڏئي ڇڏيو ھو ۽ انھن ئي واٽن مٿان اھو امداد حسيني به ھلندو نظر ايندو ھو جنھن لکيو ھو “زندگي ھيءَ چند سوٽن جيتري” ڇا اھو ڄامشوري جو شھر ھو؟ يا اھو سنڌ جي ادب شنگھريلا جو آخري روپ ھو؟ خالد جوڳي...... او خالد جوڳي! زندگي ڪٿي ھئي؟ جيڪڏھن سنڌي ادب جي شنگھريلا ۾ نه ته پوءِ آخر ڪٿي ھئي؟ زندگي پگھارن ۽ پھاڙن کان پري ان ديس ۾ ھئي جنھن ديس جي صدا ڏيندو رھيو اھو شخص جنھن جي باري ۾ اھو فيصلو ڪرڻ مشڪل آھي ته ھو وڏو انسان ھو يا وڏو اديب؟ اھو فيصلو سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ کي ڪرڻ ڏيو!! ۽ شايد اھا فيصلو نه ڪري سگھي پر ڪو ته مورخ اھڙو به پيدا ٿيندو جيڪو سنڌ جي نئين تاريخ قلمنبد ڪندو ۽ اھو ڄامشوري ۽ ھن جي حوالي سان لکندو “ھو سنڌ جي ادبي شگھريلا جو شھزادو ھيو ھن جو عالمي ادبي ذوق ۽ ھن جي تخليق جي اڏام “ڌرتي ڪيڏي ننڍڙي آھي ڄڻ ڪنھن وھ جي ڳنڍڙي آھي” شيخ اياز کان پوءِ سنڌ جو ادبي اھو ادبي شنگھريلا لٽجي ويو اھو شنگھريلا جنھن جو شھزادو ھو عبدالقادر جوڻيجو مئل نديءَ جو زندھ ماڻھو نثار کوکر حياتي جي رڻ ۾ رلندي ڪي ڪي حادثا اهڙو ته سنڌائتو ڌڪ هڻي وجهندا آهن جو ماڻهو چيلهه جهلي بيهجي ويندو آهي ۽ سمجهه ۾ نه ايندو آهي ته ان حادثي جي تعزيت ڪنهن سان ڪجي. ان ڏينهن ڪنهن دوست فون ڪري مون سان جوڻيجي صاحب جي تعزيت ڪئي ته مون کيس ڏکاري لهجي ۾ وراڻيو ته اسان جو ته ڄامشوري مان سهارو ئي هليو ويو، هن رسمي دلداري ڏيندي چيو يار دنيا ۾ انهن غمن سان رهڻو ٿو پوي، پر کيس ڪيئن سمجهايان ها ته عبدالقادر جوڻيجو منهنجي لاءِ ڪيڏي نه وڏي آٿت هئي. جوڻيجو صاحب حيدرآباد جي ان ادبي عروج واري زماني ۾ به پنهنجي مٺ تي سگريٽ ۽ وڏن پائنچن واري شلوار سبب مقبول هو جڏهن ڪيفي جارج تي ماڻڪ، عبدالحق عالماڻي ۽ ٻيا اديب اچي گڏ ٿيندا هئا. هاڻوڪي نسل کي شايد حيدرآباد واري ڪيفي جارج جي ايتري خبر نه هجي پر اسان آخري ڀيرو ان ڪيفي ۾ حليم بروهي سان گڏ سيپريٽ چانهن پي ان ڪيفي جي اداسي تي ڪچهري ڪئي هئي. منهنجو ساڻس غائباڻو تعارف تڏهن ٿيو هو جڏهن اسان جي ڳوٺ ۾ صرف هڪ چاچي غلام رسول پاريچي جي گهر اندر بليڪ ائنڊ وائٽ ٽي وي هوندي هئي ۽ اسان پي ٽي وي جا ڊراما ڏسڻ ڳوٺ جي بقايا ٻارن سان گڏجي وات ڦاڙي ويهندا هئاسين. هونئن ته اسانکي کٽن تي ويهاريندا هئا پر جيڪڏهن رش وڌي ويندي هئي ته اسان پٽ تي ويهي مرحوم لاشاري صاحب جي اداڪاري ڏسي دنگ رهجي ويندا هئاسين. اتر سنڌ جي ان پٺتي پيل ڳوٺ جو پهريون ڇوڪرو جڏهن گريجوئيشن بعد ماسٽرس ڪرڻ سنڌ يونيورسٽي پهتو ته سمجهو ڪيترو نه وائڙو هوندو، پر ان سموري ڳوٺاڻي وائڙپ جي باوجود ان پٿريلي شهر ۾ جيڪڏهن اسان ڇيڳرن جا ڪي انگل آرا کنيا ته اهو جوڻيجو صاحب ئي هيو.سندس سنڌيالوجي واري آفيس ته اسان جي اوطاق هوندي هئي جتي هو پنهنجي لکڻ وارو ڪم گهٽ ڪندو هو پر ڪچهري مزي سان ڪندو هو. ان زماني ۾ اسان جهڙن نوجوانن سان هو نوجوان ٿي ويندو هو ۽ روحي بانو جي عشق کان ويندي شيرين پاشا جي عشق تائين اهڙيون ته ڳاليهون چسڪي سان ڪري ٻڌائيندو هو جو اسان جا وات گودو بقول سندس اک نه ڏسي گوڏي کي. سندس ڳالهيون ٻڌي اسان وري هاسٽل اچي پنهنجو پاڻ ۾ اهي ورجائيندا ۽ حسرت ڪندا هئاسين ته يار ڊراما رائيٽر جي ته وڏي لئه لڳي پئي آهي. ساڻس حجت ڪري سندس ڊرامن جا مسودا کڻي ويندا هئاسين ته اهي ڏسي اسان به اهڙا ڊراما لکون. هو هر تخليقي ۽ پاڙهو ذهن واري نوجوان کي همٿائيندو هيو. اهو جوڻيجو صاحب ئي هيو، جنهن حسن درس کي الهڙ جواني ۾ وڃي لاهور جي مشاعري ۾ لاٿو هيو ۽ ڊنهل جو سگريٽ مٺ تي ڇڪي لاهوري اديبن کي چيو هيائين؛ اسان وٽ چوڻي آهي پٽ ۽ گهوڙا ڏنگا ڀلا، سو مون به هڪ ڏنگو شاعر لاٿو آهي ميدان تي. حسن درس ئي ڇو طارق عالم ابڙي جي جڳ مشهور ناول جو مهاڳ جڏهن ڪير به نه پيو لکي ته اهو جوڻيجي صاحب ئي لکيو ۽ طارق کي ڀانئيندو به هيو. منهنجي ڪتاب مسافر محبتون جو هن نه رڳو مهاڳ لکيو پر اهو مهاڳ ڪنهن ليڊنگ سنڌي اخبار جي ايڊيٽوريل پيج تي ليڊ آرٽيڪل طور لڳرايائين. اهو مهاڳ پڙهي مونکي محسوس ٿيو ته جوڻيجي صاحب جي مشاهدي جي اک ڪيتري نه تيز آهي جو هن منهنجي ننڍڙين اکين کان ويندي چپن کي چڪ هڻي الا.. چوڻ وارين عادتن جو سالن تائين گهرو مشاهدو پئي ڪيو آهي. جوڻيجي صاحب وٽ ڪو به تڪلف نه هوندو هيو ۽ انڪري اسان ڪنهن نه ڪنهن شام وڃي سندس دروازي تي بيهندا هئاسين پر سندس دروازو اسان تي ڪڏهن بند نه ٿيو. سندس قصا ڪهاڻيون ٻڌائڻ جو انداز ئي ايترو دلچسپ هوندو هيو ته اهو انگريزي ناول نگار محمد حنيف توڙي نفيسا شاهه پياري حسن مجتبيٰ سميت جڏهن نيوز لائين ميگزين ۾ هوندا هئا ته جوڻيجي صاحب وٽ سندن ڀير هوندا هئا. انهن کي اسٽوري جوڳين تي ڪرڻي هجي يا جتن تي پر واپسي ۾ جوڻيجي صاحب کان ماهراڻي راءِ ضرور وٺندا هئا. پنهنجي قصن ڪهاڻين ۾ رڳو پاڪستان جي صحافين سان نه پر عالمي محققن سان به سندس ويجهڙائي واريون ڪچهريون ٿينديون رهنديون هيون. ڪنهن زماني ۾ وٽس هڪ جاپاني محقق عورت آئي جيڪا ڏکڻ ايشيا ۾ جانورن سان سيڪس ڪرڻ واري عجيب موضوع تي ٿيسز ڪري رهي هئي. جوڻيجي صاحب جي من جيڪو ايندو هيو سو ڪري ڇڏيندو هيو جنهنڪري ڪجهه موقعن تي مٿس تنقيد پڻ ٿي پر انهن تنقيدن بابت سندس جواب ڏاڍا دلچسپ هوندا هئا. اسي واري زماني ۾ کيس ڊرامي تي ان وقت ايوارڊ مليو جڏهن جنرل ضياءَ ملڪ جو صدر هيو، جوڻيجو صاحب اسلام آباد ويو ۽ کانئس ايوارڊ وٺي موٽي آيو، سندس ان قدم تي وڏي تنقيد وڏو هل ٿيو پر سندس جواب ڏاڍو معصوماڻو هيو ته يار مون ڪڏهن صدارتي هائوس ڏٺو ڪو نه هيو، نه جهاز ۾ چڙهيو هئس سو ايوارڊ بهاني اهي ٻئي ڪم ٿي ويا، هونئن به ليکڪ کي طوائف جي ڪوٺي کان ويندي صدارتي محل تائين سموريون جايون ڏسڻ گهرجن.هو پنهنجي اندر ۾ وڏا قصا رکندڙ فرد هيو.سندس ڪچهري مان ڪجهه نه ڪجهه پرائي اٿبو هيو. اسان ادب جا پيرين اگهاڙا پانڌيئڙا جڏهن سندس عالمي ادب بابت ڪچهري ٻڌندا هئاسين ته دنگ رهجي ويندا هئاسين، اهي اوريانا فلاسي اهي خوشونت سنگهه اهي گراهم گرين انهن سڀني سان تعارف جوڻيجي صاحب ڪرايو. هو ڳالهه ڳالهه ۾ اهڙن اهڙن ليکڪن جي ڪتابن يا ناولن جا ذڪر ڪندو هيو جيڪي اسان ڪڏهن نه پڙهيا نه ٻڌا، پرانهن جي لکڻين کان ويندي انهن جي عادتن تائين ايئن چس وٺي ڪچهري ڪندو هيو ڄڻ اهي ساڻس ڪالهه مليا هجن، اهو فلاڻو اهو وڏو جواري آهي ٽاپ جو سگار پيئندو آهي وڏو رول آهي ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي پر جڏهن به پئسا کٽندا اٿس ته ڪيسينو مان ئي پنهنجي پبلشر کي فون ڪندو آهي ان کان ناول لکڻ جو ايڊوانس وٺي وري جوا ۾ اڏائي ڇڏيندو آهي، اها فلاڻي اها ته وڏي گاگهه چرسي آهي انڊيا وئي اتان جي خانه بدوشن تي ڪتاب لکڻ ته اتي ئي مهينن جا مهينا ترسي پئي جتن سان گڏ پئي اٺ ڏاچيون هڪليندي هئي. اهڙا قصا اهڙيون ڪهاڻيون جو سندس ڪچهري مان اٿڻ تي دل ئي نه چوندي هئي، پر اسان غم جانان سان گڏ غم دوران ۾ ڦاٿل جيڪڏهن گهڻو وقت ساڻس ملڻ نه وڃون ته جنهن به اخباري اداري ۾ نوڪري ڪيون اتي ٽيليفون ڪندو ۽ پورو حال احوال وٺي ٻيهر ڪڏهن اچڻ جو پڇي پوءِ فون رکندو. سندس صحبت اڪثر نوجوانن سان هوندي هئي تنهنڪري اسان مان هرڪو اهو سمجهندو هيو ته جوڻيجو صاحب منهنجو گهڻو خيال رکندو آهي.حسن درس جي ته نڪاح جي گواهن ۾ شامل هيو پر اسان جيڪڏهن ڪنهن به محفل ۾ ڪا بدمزگي ڪئي ته اها هن شينهن مڙس سنڀالي ورتي. ڪجهه سال اڳ ڄامشوري ۾ هڪ دوست جي نئين بنگلي جي خوشي ۾ پارٽي هئي، سندس لان ۾ راڳ ويراڳ جي ڪچهري رکيل هئي، ديبا سحر پنهنجي مڙس سميت آيل هئي، جنهن محفل ۾ موجود اسان جي هڪ شاعر دوست جي شاعري ڳائي ته ان شاعر داد ۾ اٿي وڃي کيس اڌ بچيل شامي کارائي ۽ کانئس وسريل بند ٽشو پيپر تي لکي ڏيندو ويو، ان محفل ۾ حجت مان ديبا جي مڙس ممتاز بخاري ۽ مونکي ٻانهن کان وٺي ڪرسين تان اٿاريو ۽ جهمر هڻڻ لاءِ چيو ته اسان اڃان هٿ مس کنيا هوندا ته جوڻيجو صاحب پنهنجي سيٽ تان اٿي آيو ۽ مونکي ٻانهن کان جهلي دڙڪو ڏئي پنهنجي پاسي ۾ ويهاريندي چيائين؛ ”اجايو پنهنجو تماشو ڇو پيو ٺاهين. فضليت سان ويهي راڳ ٻڌ ۽ مٺ تي سگريٽ پي...“ جوڻيجي صاحب جي يادگيرين جو هڪ سيلاب آهي، جيڪو پيو هلندو. ڪنهنجي نظر ۾ هو ڪجهه به هجي پر منهنجي نظر ۾ هو منهنجو محسن هيو ۽ مان کيس هميشه ايئن پيرين پئي ملندو هيس جيئن هو شيخ اياز کي هميشه پيرين پئي ملندو هيو. جوڻيجو صاحب جو مڙهه، دفن ڪٿي به هجي پر هو اسان جي دلين ۾ هميشه هاڪڙي درياهه واري مئل ندي جي زندهه ماڻهن جيان زندهه رهندو. عبدالقادر جوڻيجو صديون رلائيندڙ ھورو ۽ عبدالقادر جوڻيجو حسن مجتبيٰ جي هو ڏاڏاڻي پاسي کان اوٺار نه هجي ها ۽ ناناڻي نک کان مهاڻو ته ورلي اهڙو رول ۽ ڍول ماڻهو هجي ها. جنهاڻ کان گهڻو پري ڪو نه ڪوئلي جون مُيون کاڻيون ته هاڻ نڪتيون آهن پر هي ڪهاڻين ۽ قصن جي اصل کاڻ ٿر جي انهي واريءَ ۾ سال اوڻويهه سو پنجيتاليهه جي سيپٽمبر تيرهين ۾ ڄائو هو، جتي پرديسي پکي لهندا آهن. عبدالقادر جوڻيجي جي جنم کان ڏهاڪو سال پوءِ ٿر ۾ وڏو ڏڪار پيو جنهن کي “ڇپنو ڏڪار” چون ٿا. اڃان ٿر ۾ ماڙهن جو ڏڪار نه پيو هو جيئن هاڻ گهڻو وقت ٿيو جو سنڌ توڻي ٿر ۾ آهي. ڪي پيارا منهنجي انهي “سنڌ ۽ ٿر” چوڻ تي ضرور ڪاوڙبا پر ڇا ڪجي جو ٿر توڻي چولستان جا ماڻهو ٿر ۽ چولستان کان ٻاهر سموري ملڪ کي بئريجي علائقن سميت “سنڌ” چون. ٿريو جي ميرپورخاص به ويندو هو چي، “سنڌ پيو وڃان.” مونکي خبر ناهي ته جيجي زرينا جي ڳايل علي بابا جي انهي گيت جو هن جي لکيل ڊرامي “ڪاروان” جي ڪهاڻي سان ڪهڙو واسطو هو “اسين ماڻهو لاڙ جا، دريا جي پاڇاڙ جا، اترڙو ٿو لڳي.” پر ٿر کي ٿر کان ٻاهر جي دنيا سان گذريل پنجاهي سالن ۾ ديس پرديس ٻن ماڻهن متعارف ڪرايو هو، هڪڙو منهنجو پيارو ڪرشن شرما ۽ ٻيو عبدالقادر جوڻيجو. ٿر ۾ ڪهڙا ڪم وارا يا کوجنا ڪار ماڻهو يا خاتون ناهن جيڪي ڪرشن شرما معرفت ٿر نه پهتا هجن. ٿر جي ڀٽ تي ڪانڀ ڪڍي ويٺل ٿريي کي به ڄاڻ آهي ته هي جيڪا مائي ۽ ڀائي آهي اها قادريي جي سنگتياڻي ۽ سنگتي آهي. اهڙيون ڳالهيون قادريي پنهنجي متعلق پاڻ به هُلايون هيون. هو ڳالهين جو ڳهير شخص هو. هر ڳالهه ڇا هر لفظ هن وٽ پهچندي يا هن جي ڪن يا اک تي چڙهندي چڙهندي ڪهاڻي بڻجي ويندو هو. هو ڪهاڻين جو يوناني ڏند ڪٿائن وارو ڪنگ مائيٽس هو، جنهن بادشاهه جي ڌيءَ کي سونو ڪري ڇڏيو هو. اهي ڪهاڻين جا ڳوٺ ۽ شهر هن پنهنجي چاچي رمضان وٽان ٻڌا ۽ سکيا ها. اهو ئي سبب آهي جو هن جي يارن دوستن ۾ حسن درس وانگر، فوجي به ها، ته ايم ڪيو ايم وارا به، ته پوليس جا آفيسر، سپاهي به ته پيري به ته چور، چوڪيدار به، اسمگلر به ته اخبارن جا مالڪ به، رپورٽر به، شاگرد، قبائلي سردار، ڌاڙيل، رهزن به ته مسيت جا ڪک به. موالي، پيراڍو، وڏيرا، سرمائيدار، پورهيت، هاري، رولو، ڳائڻا به. پيپلا، ليگلا، فنڪشنلا، پليجا. هو هڪڙي ائنٿروپولوجسٽ جي ڪتاب جو ٻڌائيندو هو جنهن جو انگريزي ۾ عنوان هو، “ڪنجرز اينڊ قلندرز.” پر هن جي سُئي گم ٿي ويل هاڪڙي درياءَ، خان صاحب عبدالڪريم پلي، شاهنواز جوڻيجي تي اٽڪيل هوندي هئي. ٻيو شيخ اياز ۽ ميڊم تي معنيٰ مهتاب راشدي تي. جيئن ته هو هڪ ڊراما نگار هو، ان ڪري جنس ۽ سيڪسوئلٽي به هن وٽ ميلو ڊراميٽڪ ٿي ويندي هئي. ڪتاب هن جو اوڇڻ وڇاڻو هو. “مٽي پنهنجو مٽ الوميان! مٽي پنهنجو مٽ” جيئن امداد حسيني چيو. پيارو راشد ميمڻ، آغا رفيق، حسن درس، نواز علي ڀٽو، شوڪت شورو، مشتاق شورو، خيرالنساءِ جعفري (ادي گڏي)، ليلا بانا، زاهد مخدوم، شهاب هاليپوٽو، سليم ديس والي، طارق عالم ابڙو اينڊ برادرز ۽ جاني ابڙو سندس دل گهريا دوست هوندا هئا. مان پهريون ڀيرو عبدالقادر سان جڏهن مليس ته هو ڄامشورو ڪالوني ۾ طارق عالم جي ڪوارٽر ٻاهر، سج لٿي، پيل کٽ تي اهليو، ڪچهري ڪري رهيو هو. انهيءَ شام کانپوءِ هن سان ڪيتريون اڻ ڳڻيون ڪچهريون رهيون. ڪي ڀيرا منهنجي دوست محمد حنيف سان گڏ پڻ. پوءِ هو جڏهن رات گهڻي وهامي چڪي ۽ موڊ ۾ آيو ته وڃي اندران ڪٿان شو باڪس کڻي آيو جيڪو سندس حقيقي ۽ مبينا معشوقائن جي فوٽن سان ڀريل هو. مان پهريون ڀيرو منو ڀائي سان پڻ عبدالقادر جوڻيجي جي گهر ڄامشورو ڪالوني ۾ مليو هوس، جڏهن هو شيرين پاشا سان ٿر تي ڊاڪيومينٽري ٺاهڻ آيو هو. اها رات هڪ يادگار ڪچهري هئي. عبدالقادر جون اکيون آگميون هيون. حسن درس جون سٽون شايد اهڙي رات لاءِ هيون. هو دير تائين لان ۾ پيئندا رهيا چنڊ پلٽيو پئي، گلاسن ۾ حسن شيرين پاشا ته پوءِ گهڻو وقت گذريل سال مون کي نيويارڪ ۾ ايسٽ رور جي ٽيرس تي منهنجي دوست ۽ سندس ڀاڻيجي ڊاڪٽر آمنه جي گهر ملي هئي. شيرين پاشا هاڻ ڪينيڊا ۾ آهي ۽ فلم پاڙهيندي آهي. حليم بروهي جيان هو به پوليس آفيسر جو پٽ هو. (حليم ايس پي عبدالعزيز بروهي جو ۽ عبدالقادر صوبيدار خانصاحب مريد حسين جوڻيجو جو). نوابشاهه ۾ خون جي ڪيس ۾ هڪ وڏيري جي سفارش نه مڃيندي مريد حسين پوليس مان استعيفيٰ ڏيئي باقي سموري زندگي تبليغي جماعت ۾ گذاري ڇڏي. عبدالقادر اسڪول ۾ جڏو پر سندس پيءُ جي ٿاڻن وارن لاڪپن ۾ قيدين جي ڪهاڻين ۾ دلچسپي گهڻي رکندو هو. موٽ ۾ قيدين ڪاڻ ٻيڙيون وٺي آڻيندو هو. ماسترن جون مارون ننڍڙي لاڪون کاڌائين، ان ڪري اسڪول سان گهڻي ڪا نه پوندي هيس. اڪيلي ۾ ڏينهن ڏٺي جا خواب پيو ڏسندو هو، جنهن ۾ ڪهاڻين ۾ شهزادين کي ظالم ديون هيٺ قلعن جي قيد مان ڇڏائيندو هو ۽ ٻارن کي مار ڪڍندڙ سندس ماسترن سان پيو ٻه ٻه پاڻي ڪندو هو. اهڙيون ڳالهيون هو پاڻ ٻڌائيندو هو. هو چوندو هو ته بغاوت هن کي سندس ڏاڏاڻن کان سُتي ۾ پيل آ جو سندس ڏاڏي انگريزن کي سندس اٺن جو وڳ ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو، جنهنڪري کيس نئين ڪوٽ واري قلعي ۾ قيد ڪيو ويو هو. سندس چوڻ هو ته نئين قلعي ۾ باغين ۽ قيدين کي ٽارچر ڪندا هئا. هو چوندو هو؛ پهرين نسل ۾ هو اوٺار ۽ ٻئي نسل ۾ پوليس وارا هئا. هن پاڻ به پوليس ۾ ڀرتي ٿيڻ گهريو هو. پر استاد ٿي ويو. پهرين پرائمري ۽ پوءِ سيڪنڊري. هڪڙي شادي پيٽ لکائي جي ڪري سندس ڏاڏي پوٽي سان ٿي ۽ ٻي هن عشق ۾ ڪئي، مٿو مٿي سان. باقي سندس پيار جي پوري تاريخ آهي. اهو دور اڻويهه سو سٺ ۽ ستر جي وچ وارن سالن وارو هن جو دور سنڌي ڪهاڻي، سندس ڪهاڻي ۽ زندگي جو يادگار دور آهي. سندس ڪهاڻيون حميد سنڌي جي روح رهاڻ، طارق اشرف جي سهڻي، مدد علي سنڌي جي اڳتي قدم ۾ ڇپيون. سندس عظيم ڪهاڻين جو ڪتاب “واٽون، راتيون ۽ رول” به انهن ئي ڏينهن ۾ ڇپيو. ڍاٽي اٺ ۽ ڍاٽي ڌاڙيل، ٿر، ٻي مهاڀاري جنگ، پلئگ، حر، گم ٿي ويل درياءُ، لڏپلاڻ، ڏڪار، پيار جو ڏڪار، بک، ڏک اهي سندس موضوع آهن. هو چوندو هو ته هو ڌرتي ڌڪاڻن، ڏتاريلن، غريبن جو ليکڪ هو. هن جو پهريون ريڊيو ڊرامو “تلاش” ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان انهن ئي ڏينهن ۾ نشر ٿيو هو. پوءِ اهو ڊرامو ٻيهر اڻويهه سو ڇاهتر ۾ پي ٽي وي تان سندس ساڳئي پروڊيوسر منظور قريشي (ٿورن ماڻهن کي خبر آهي ته منظور قريشي آصف زرداري جو ماسات ٿئي) اسڪرين پلي طور پيش ڪيو. عبدالقادر مونکي ٻڌايو هو ته جڏهن سندس اهو پهريون ٽي وي ڊرامو هليو ته وٽس گهر ۾ ٽي وي ڪو نه هئي ۽ هن جهڏي ۾ هوٽل تي ڏٺو هو. پر اهو شيخ اياز هو جنهن هن لاڏائو قبيلن جهڙو روح رکندڙ ڪهاڻيڪار کي پنهنجي سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ٿيڻ تي سنڌيالوجي ۾ پبليڪيشن آفيسر جي نوڪري ڏني، جتي هو پوءِ ڊائريڪٽر واري عهدي تي پهتو، پر سندس اندر ۾ واري ۽ پاڻي مان ٺهيل ماڻهو ڪا نه وسريو ڇو جو ان لاءِ هو چوندو هو، “ڍئو جهلي واڻيو يا مينهن.” هن شهرت جي ڍئو کي پڻ ايئن جهليو. عبدالقادر کي ٿريو هوندي جبل جون هوائون ۽ پاڻي يعني ڄامشورو راس اچي ويا. پوءِ به هن کي هوم سڪنس ٿر لاءِ هوندي هئي. هو ڄامشوري ڀرسان ڳوٺ سائين ڏنو ملاح ۾ جهونن ملاحن سان وڃي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچهريون ڪندو هو. انهن مان هڪڙي جهوني ملاح کيس ڄام صادق علي جي پاڻي واري ٺاهه تي کيس ٻڌايو هو، “بادشاهه دريائن جا سودا نه ڪندا آهن پر دريا بادشاهن جا سودا ڪري ڇڏيندا آهن.” مونکي الائجي ڇو لڳندو آهي ته هو پوئين جنمن ۾ گم ٿي ويل درياءَ هاڪڙي ۽ ان جي معدوم ٿي ويل ڪنارن تي آباد تهذيب جو واسي هو. هو انهي دريا ۽ وقتن کي اڄ به ڳولي رهيو هو. هو اهو سنڌي ليکڪ هو جنهن جي لکڻين ۽ ڪهاڻين جي ميز تي موسمي تبديلي ۽ ماحوليات چوٽي جي ايجنڊا تي هئي. ڇنڊڻن سڪي وڃڻ جي ڳالهه ڪندو هو. منهنجي انگريزي صحافت جي ايڊيٽرن هميشه چاهيو ته مان عبدالقادر جوڻيجي سان ڊگها انٽرويو ڪيان. هو ايڊيٽرن ۽ پڙهندڙن جو پسنديده ماڻهو ۽ ليکڪ هو، جنهن وٽ هر وقت انساني دلچسپي واريون ڪهاڻيون يا خبرون هونديون هيون. هن جا ڊراما “سيڙهيان”، “راڻي جي ڪهاڻي”، “خانصاحب”، “ديوارين”، “ڪاروان”، “ڇوٽي سي دنيا” شاهڪار ڊراما آهن، جيڪي ڏسندڙن کي زندگي ڀر ياد رهندا. مونکي خبر ناهي ته هن جيڪو سنڌي ۾ ناول “سو ديس مسافر منهنجو ڙي” پئي لکيو، تنهن جو ڇا ٿيو. پر مون هن جو انگريزي ۾ لکيل ناول “ڊيد رور” يا “مري ويل درياءُ” پڙهيو آ. مونکي ايئن لڳو ڄڻ انهي جو ليکڪ عبدالقادر جوڻيجو به ڪهاڻي ۽ محبت جو درياءُ هو، جيڪو مري ويو. بقول منهنجي دوست ڊاڪٽر شنڪر جي “اڄ هاڪڙو پاتال ۾ هليو ويو.” هن جي ڪهاڻي وانگر هن جو هورو به وڃائجي ويل درياءَ وٽ سندس ڳوٺ جنهاڻ تي ختم ٿيو. هن جي سندي لفظن ۾ “ڪاڪا! هورو سال ڇا صديون رُلائيندو آهي، وڻن جا جھنگ، ميدان، ماڻهن جا ميڙ، بلڊنگن جا جھڳٽا، ويران ڌوڙ ڀريا رستا، ٽڪن جھڙا روڊ، گلوب تي نڪتل ليڪون، سڀ ٽپي پوءِ گھر جي چانئٺ تي پير ڦٻندا آهن.” عبدالقادر جوڻيجي صاحب سان ڳالهه ٻولهه اُستاد نظاماڻي عبدالقادر جوڻيجي سان کوڙ ساريون ڪچهريون رهيون. سانگهڙ جي دوستن کي اهميت به ڏيندو هو، جنهن جو سبب سانگهڙ سان خانداني نسبت هئي. ادب ۾ شروعاتي ڏينهن هئا. سوچيم ادب جي دنيا جي اهم ليکڪن جا انٽرويو ڪيان. عبدالقادر صاحب کان انٽرويو وٺڻ لاءِ، وقت ڪڍڻ جي هجت ڪيم. قادر صاحب خوشيءَ سان چيو؛ ”جڏهن اچو! پاڻ حاضر آهيون.“ هيءُ انٽرويو سنڌالاجي ۽ ڪجهه حصو سندس رهائش گاه ۾ ٿيو، جڏهن پاڻ يونورسٽي ڪالوني ۾ رهندا هئا. محترم عبدالقادر جوڻيجو ۱۳ سيپٽمبر ۱۹۴۵ع ۾ ٿرپارڪر جي مُهراڻي واري علائقي ۾ ڄائو. اهو ڳوٺ هاڪڙي جي ڪنڌي تي اڏيل آهي. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ جنهاڻ ۾ حاصل ڪيائين. بي ايڊ ۽ ايم اي جون ڊگريون، سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪيائين. اڄ ڪلهه سنڌالاجي ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر آهي. پهرين ڪهاڻي مُٺ مُٺ سور ۱۹۶۳ع ۾ روح رهاڻ ميگزين ۾ شايع ٿي. هن وقت تائين ٽي ڪهاڻين جا مجموعا، خاڪن جو ڪتاب ۽ ترجمن جا ٻه ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. هڪ ڪالمن جو ڪتاب ڪُرسي پڻ ڇپجي چُڪو آهي. چار ڪتاب ڇپائيءَ هيٺ آهن. پهريون ناٽڪ ۱۹۷۰ع ۾ لکيائين. سال ۱۹۷۶ع ۾ پهريون ڊرامو تلاش، ڪراچي سينٽر تان ٽيليڪاسٽ ٿيو. جڏهن ديوارين اردوءَ ۾ ٽيليڪاسٽ ٿيو، ته وڏي شهرت ماڻيائين. انهيءَ ڊرامي کي ڏسڻ لاءِ دهلي جا ماڻهو، ريل ۾ سفر ڪري امرتسر اچي پي ٽي وي تي اهو ڊرامو ڏسندا هئا. محترم عبدالقادر سان هيءَ گفتگو سڌالاجي ۾ ٿي. مونکي سندس لکڻين کان وڌ ڪچهريءَ مزو ڏنو. (هي انٽرويو جهونگار ڪتابي سلسلي لاءِ ڪيو ويو سن ۲۰۰۰ع ۾) استادنظاماڻي؛ ”توهان ٿر ۾ ڄاوا، توهان جو بچپن ٿر جي ڀٽن ۽ ناري ڍوري جي ڪنڌيءَ تي کيڏندي گُذريو، انهيءَ پسمنظر ۾ ڪجهه يادگيريون ٻڌايو؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”ڏاڍو وڏو سوال آهي! ٺيڪ آهي هلو ڪا ڳالهه ناهي. منهنجو اباڻو ڳوٺ جنهاڻ آهي. اهو ڳوٺ فضل ڀنڀرو اسٽيشن کان اڍائي ميلن تي، ڏکڻ طرف، ڍوري جي ڏکڻئين ڪپ تي آهي. گهر، مٺي تعلقي ۾ واريءَ جي دڙي تي آهي. ڌنڌو ڌاڙي ڪُجهه وکن تي ڊگهڙي تعلقي ۾ آهي. مزي جي ڳالهه اها آهي ته اسان جي ڳوٺ ۾ جيڪي اسان جا ٿر جا مائٽ ايندا آهن، چوندا آهن؛ ’هلو سنڌوڙن (سنڌين) وٽ هلون.‘ جيڪي مائٽ ڊگهڙي مان ايندا آهن، اُهي چوندا آهن ته؛ ’هلو ته ٿرين وٽ هلون.‘ جيڪي مائٽ ناري جي پٽ مان ايندا آهن ته اُهي چوندا آهن ته؛ ’هلو ته لاڙين وٽ هلون.‘ جيڪي مائٽ لاڙ مان ايندا آهن ته چوندا آهن؛ ’هلو نارائين وٽ هلون.‘ سو اهو قصو ائين آهي. اوهان جنهن کي نارو ڍورو ٿا سڏيو، اسان انهيءَ کي رڳو ڍورو چوندا آهيون. ننڍپڻ جون يادگيريون تمام گهڻيون آهن. ٿوريون يادگيريون ٻڌايان ٿو. آ ڄايس ته جنهاڻ ۾، پر منهنجي جيڪا پهرين يادگيري آهي، اها پيرونمل شهر ضلع سانگهڙ جي آهي. انهيءَ وقت آئون اڃا پڙهڻ ڪو نه ويٺو هئس. اُتي منهنجو هڪ پوڙهو ديوان دوست هو جيڪو پان-ٻيڙيءَ جي مانڊڻي هلائيندو هو. ڏک اٿم جو پنهنجي انهيءَ مهربان دوست جو نالو وسري ويو اٿم. هڪ ڏينهن آئون گهر مان نڪري، انهي ديوان وٽ مانڊڻي تي ويهي رهيس. گهڻو وقت گذارڻ کانپوءِ جڏهن گهر نه ويس، ته بابي پوليس وارا ڊوڙايا. پاڻ به مونکي شهر ۾ ڳولڻ لڳو. وڏي هڻ هڻان کانپوءِ، پوليس واري شهر ۾ مونکي هٿ ڪيو ۽ هنج تي کڻي، جڏهن گهر بابا وٽ پُهتو ته بابا ڪاوڙ وچان مونکي ٿڦڙ هنئي. پر پوليس واري مونکي ايندڙ ٿڦڙ کان پاسي ڪيو. پنهنجي ڳل اڳتي ڪري ڇڏي ۽ زوردار ٿڦڙ پوليس واري جي ڳل تي وڃي لڳي. اها بابي جي مونکي هنيل ٿڦڙ، پهرين ۽ آخري هئي، جيڪا گُسي وئي. جي اها ٿڦڙ لڳي ها ته منهنجي سڄي زندگيءَ جو رخ بدلجي وڃي ها. ڏک اهو اٿم ته انهيءَ پوليس واري جو نالو وسري ويو اٿم.“ استادنظاماڻي؛ ”هڪ ٿڦڙ سان اوهان جي زندگيءَ جو رخ بدلجي وڃي ها ته اها هڪ عجيب ڳالهه ناهي. ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي.؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”هڪڙو ته ضرورت کان وڌيڪ حساس هئس. پنهنجي پياري جي ٿڦڙ انهيءَ عمر ۾ کائڻ کانپوءِ شايد آئون زندگي کان دلچسپي وڃائي ويهي رهان ها. يا ڪنهن خوفناڪ نفسياتي بيماريءَ جو شڪار ٿيان ها. عمر جو اهو حصو تمام نازڪ ٿئي ٿو. مائٽن کي اهڙين ڳالهين جو خيال رکڻ گهرجي. برطانيه ۾ ٻارن کي مار ڪڍڻ، باقاعدي ڏوه آهي. جيڪي مائٽ ٻار کي مار ڪڍندا آهن، انهن کي پوليس جهلي ويندي آهي. خير سو ٻي ڳالهه اها آهي ته اسان جي خاندان جا هٿ ڳرا آهن. جيئن پير جهلي ڪنهن کي ٿڦڙ هڻون ته رت جي گُرڙي اچي ويندس. سو ظاهر آهي ته آئون به ٿڦڙ کانپوءِ رت ۾ ڳاڙهو ٿي وڃان ها.“ استادنظاماڻي؛ ”پوليس واري کي رت جي گُرڙي آئي؟ اڳتي هلي ٻيون به ٿڦرون کاڌيون؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”ياد ڪو نه اٿم! اچڻ ته کپيس ها. ها، ٻه ٿڦڙون ياد اٿم، هڪڙو ته نواب شاه جي هاءِ اسڪول ۾ ايم ايڇ خواجا، جي هٿان انگريزي جي پيرڊ ۾ ٿڦڙُ کاڌم. نتيجو اهو نڪتو جو ششماهي امتحان ۾ ڇهه سيڪڙو مارڪون کنيم. جيڪڏهن خواجا صاحب جي اسڪول ۾ وڌيڪ پڙهان ها ته تباه ٿي وڃان ها. پر رب جي ذات وڏي آهي ۽ بابا ڪنڊياري بدلي ٿي ويو. اُتي ماستر مهربان هئا، پيار سان پڙهايائون ۽ ساڳي انگريزي ۾ سالياني امتحان ۾۹۸ سيڪڙو مارڪون کنيم. پر خواجه صاحب جيڪي ٿڦڙون هنيون. انهي جو اثر اهو آهي جو اڃا به تمام گهڻي انگريزي ايندي به ديسي ماڻهن سان انگريزي ڳالهائڻ کان نٽائيندو آهيان. باقي غيرملڪي ماڻهن سان ڦڙ ڦڙ ڳالهائيندو آهيان. ته ايڏو اثر ٿيندو آهي شاگرد تي ٿڦڙ جو. هڪڙي ٻي ٿڦڙ پنجاب يونيورسٽي لاهور جي اڳيان کاڌم. بي واجبي منهنجي هئي، آئون ۽ منهنجي هڪ محبوبه سندس شاندار ڪار ۾ چڙهي؛ روز شام جو اُتي موجود کوکي اڳيان گاڏي بيهاري؛ دود پتي واري چانهه پيئندا هئاسين. کوکي وارن جو خيال هو ته اسين زال مڙس آهيون، فقير به پنندا هئا، ته اسان کي اولاد ٿيڻ جي دعا ڪندا هئا. سو ڪنهن ڳالهه تي وڙهي پياسين. آئون جڏهن تکو ٿي ڳالهائيندو آهيان، ته منهنجا جملا زهر ۾ ٻڏل تير بڻجي ويندا آهن، اهڙي ئي هڪ زهريلي جملي تي مونکي ٿڦڙ هڻي ڪڍيائين. آئون ڪار مان لهي پيس ۽ پيادل هلڻ لڳس. کوکي وارا اسان تان کلڻ لڳا، ته زال، مُڙس کي مار ڪڍي آهي. بهرحال انهي ڏينهن کانپوءِ عشق ختم ٿي، دوستي ۾ بدلجي ويو. هڪڙي ٿڦڙ ئي عشق مان هوا ڪڍي ڇڏي.“ استادنظاماڻي؛ ”ٿڦڙ هڻڻ واري جو نالو؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”نالي کي ڇڏيو! ٻيو سوال پُڇو.“ استادنظاماڻي؛ ”روحي بانو؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”نه نه! انهيءَ ويچاريءَ ته سڄي عمر پاڻ ٿڦڙون کاڌيون آهن!“ استادنظاماڻي؛ ”بچپن جي يادگيرين ڏانهن واپس اچو.“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”تمام گهڻيون آهن، ڪيتريون ٻڌايان! مون پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ جنهاڻ ۾ حاصل ڪئي. اهي پنج سال منهنجي زندگيءَ جا بهترين سال هئا. پنهنجي ڳوٺ جا توڙي ٻين راڄن جا ماڻهو، منهنجي تمام گهڻي عزت ڪندا هئا. ماستر خيال رکندا هئا. گهر ۾ مونکي پنهنجي ماءُ کان وڌيڪ، منهنجي چاچي ڀائيندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍي ياد ايندي اٿم. گهمڻ ڦرڻ لاءِ هيٺ ڍوري جي ڪنڌين تي لين ۽ پن جو گهاٽو جهنگ هو، جهڙو مکي ڍنڍ ۾ مون ڏٺو. سال ۱۹۸۳ع ۾ اهڙو مٽي، واري تي وري ڄارين ۽ ٿوهرن جو گهاٽو جهنگ هو. انهن جهنگن ۾ اڪيلو گهمندو هوس، تنهائي پسند هوس. سياري ۾ ته ذات پکي اچي لهندو هو. رهڻ لاءِ شاندار ماڙي هئي، موڪلن ۾ وندر ڪارڻ، ڌراڙن سان گڏ مال به چاريندو هوس. ٻڪرين سان منهنجي گهاٽي دوستي هوندي هئي. اهو ڏاڍو معصوم ۽ محبتي مال آهي. هتان نڪتس ته مون لاءِ عذاب شروع ٿي ويو. بابا ڏنگو ماڻهو هو، ان ڪري وڏيرا کيس ڦُٽ بال وانگر پيا ٿڏيندا هئا. اهو سڄو عرصو نوابشاه ضلعي ۾ گذاريم، ڪڏهن هتي ته ڪڏهن هُتي. انهي عرصي ۾ مونکي صرف قيدي ڀائيندا هئا. خوني، ڌاڙيل، ڏاڍا مُڙس، گڙنگ چور ۽ اهي ٻيا آئون کين پن جون ٻيڙيون وٺي ڏيندو هئس، ۽ هو مونکي پنهنجا داستان ٻڌائيندا هئا. ۽ پنهنجي دل کولي اڳيان رکندا هئا. اڄ تائين آئون انهيءَ ڳالهه ۾ منڌل آهيان ته ايڏا ڀلا قربائتا ماڻهو، ڏوه ڇو ڪندا هئا. نيٺ بابا ضد ۾ اچي نوڪري وڃائي، ۽ آئون سانگهڙ ۾ اچي پڙهيس. اُتي به چوٿين انگريزي ۾ ماسترن جو رول سُٺو نه هو. انهيءَ وچ ۾ اسان جي خاندان جو زوال به اچي ويو. پوءِ ڏيپلي ۾ وڃي مولوي محمد عمر جوڻيجو وٽ رهي، اُتي پڙهيس. مولوي صاحب، دل جو وڏو غني سخي، جنتي ماڻهو هو. اُتان ميٽرڪ پاس ڪيم ته منهنجو ننڍپڻ به ختم ٿي ويو.“ استادنظاماڻي؛ ”اوهان کي لکڻ جو شوق ڪيئن پيدا ٿيو؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”هڪڙو ته ننڍ پڻ کان پڙهڻ جو شوق هُيم. ٻيو ته ڊي ڊريمرسDay dreamers به هُيس. جنهن کي پهه پچائڻ چيو ويندو آهي. انهن ٻنهي ڳالهين، مونکي ليکڪ بڻائي ڇڏيو.“ استادنظاماڻي؛ ”لکڻ کان اڳ ۾، ڪنهن کان متاثر ٿيا؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”جيتريقدر ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ جي ڳالهه آهي، انسپائريشن جي ڳالهه آهي، ته چوڌاري ڦرندڙ گهُمندڙ زندگيءَ جو ڪو نه ڪو رخ، ليکڪ کي لکڻ تي مجبور ڪندو آهي. ڪو مظلوميت يا غربت جو ڏيک، ڪنهن جي ڪارڻ مطلب ته چوڌاري جون حالتون لکائينديون آهن. باقي جيڪا ڳالهه آهي لکڻ کان اڳ پڙهيل ليکڪن کي پسند ڪرڻ جي، اها ڳالهه ته لکڻ کان اڳ شيخ اياز، جمال ابڙو، غلام رباني آگرو، قرت العين حيدر، ڪرشن چندر، پرل ايس بڪ، ميخائل شولوخوف ۽ ارسڪن ڪارڊويل مونکي گهڻا وڻندا هئا. سو اهو قصو ائين آهي.“ استادنظاماڻي؛ ”توهان لکڻ دوران، ڪهڙو مقصد سامهون رکي لکندا آهيو؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”آئون پنهنجي اندر جي باه ڪڍڻ لاءِ لکندو آهيان، ڪوشش هوندي اٿم ته پڙهڻ وارو منهنجي لکڻي پڙهي منجهي نه، مقصد اهو هوندو اٿم ته؛ لکڻي، پڙهندڙ جي حسُن جمال کي ڇهڻ سان گڏوگڏ، سندس ذهن ۾ سوال اُٿاري. جيئن هو لکڻيءَ ۾ موجود مسئلن جو حل ڳولي ڪڍي. ڇاڪاڻ ته پڙهندڙ ئي مسئلي جو صحيح حل ڳولي سگهي ٿو. منجهس ايترو ئي عقل هوندو آهي جيترو لکڻ واري ۾. انهيءَ ڪري آئون پنهنجي لکڻ وقت، ڪا به فتويٰ جاري نه ڪندو آهيان. ڪو به حل نه ٻڌائيندو آهيان.“ استادنظاماڻي؛ ”لکڻ پڙهڻ لاءِ، اوهان پنهنجو ٽائم ٽيبل ڪيئن ترتب ڏيندا آهيو؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”منهنجي لکڻ جو وقت، صبح جو پنجين وڳي کان ڏينهن جو ٻارهين وڳي تائين آهي. ان کانسواءِ لکي نه سگهندو آهيان. باقي پڙهڻ لاءِ، جيڏيءَ مهل به موقعو ملي، پڙهندو رهندو آهيان.“ استادنظاماڻي؛ ”ڇا اهو صحيح آهي ته هيءُ دور ڪهاڻيءَ جو نه پر ناول ۽ سفرنامن جو آهي؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”جيئن ته تهذيبن جا مرڪز بدلبا رهيا آهن، يا جيئن حاڪم بدلبا رهيا آهن، ائين ئي ادب ۾ به ٿيندو آيو آهي. ڪهاڻي ۽ ناول جي سفر جي شروعات گڏ ٿي. پر ٻي عظيم جنگ کانپوءِ ناول، ڪهاڻيءَ کي پوئتي ڇڏي ويو. اڄ ڪلهه وري ناول کي، دستاويزي ادب پوئتي ڇڏي رهيو آهي. ان کان علاوه ڊائريون، سفر نامه، آتم ڪٿائون وغيره آھن. اهي صنفون به وڌيڪ پڙهيون وڃن ٿيون. اوهان بلڪل صحيح ڳالهه ڪئي آهي.“ استادنظاماڻي؛ ”ڇا وجه آهي ته عام پڙهندڙ، محققن کان وڌيڪ، فڪشن رائيٽرس ۽ شاعرن کي پسند ڪن ٿا؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”اهو اسان وٽ آهي. هڪ ته اسان وٽ ڪو به اعليٰ پائي جو تحقيقي ڪتاب نه لکيو ويو آهي، سواءِ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي، جنهن لوڪ ادب تي تمام دلچسپ ڪتاب لکيا آهن. جيڪي تمام گهڻا پڙهيا ويندا آهن. ٻي ڳالهه ته اسان جو تحقيقي ادب، خُشڪ ۽ رپيٽيشن Repetition جو شڪار آهي. ٽيون ته انهن ۾ تحقيقي پُهچ نه هوندي آهي. اڄ ڪلهه ٻاهر جيڪي ريسرچ جا ڪتاب لکيا پيا وڃن، انهن ۾ باقاعدي تخليقي پنچ هوندا آهن. انهن ۾ رپيٽيشن به نه هوندي آهي. نه اُهي ايترا غيرمعياري هوندا آهن. اتان جي ريسرچ جو ڪو به ڪتاب کڻو، اوهان جي دل ئي ڇڏڻ تي نه چوندي. انهيءَ ڪري هت پاڻ وٽ ريسرچ اسڪالرن جي بنسبت فڪشن ۽ شاعريءَ کي پسند ڪيو ويندو آهي. اهي صنفون، پڙهندڙ جي حس جمال کي ڇُهنديون به آهن.“ استادنظاماڻي؛ ”سنڌي افساني کي اسان ڪيئن زنده رکي سگهون ٿا؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”اهو سوال، سڄي دنيا ۾ اُٿي کڙو ٿيو آهي. گذريل سال ڪيناڊا ۾، دنيا جا وڏا وڏا ليکڪ اچي گڏ ٿيا هئا. ته افساني کي ڪيئن ٻيهر جيئاري سگهجي. انهيءَ گڏجاڻي ۾ ميلان ڪنڊيرا به شريڪ ٿيو هو. پر پنهنجي اڳيان سنڌي افساني جو سوال آهي ته، انهيءَ ۾ منهنجو خيال آهي ته؛ افساني ۾ ڊراماٽڪ پهلو آڻجي، جيڪو اوهينري جي افسانن يا چيخوف جي افسانن ۾ آهي. مطلب ته سنڌي افساني کي اڳيون واٽون ڇڏي، نيون واٽون اختيار ڪرڻيون پونديون. تڏهن ئي زنده رهي سگهي ٿو. پڙهندڙ، افساني ڏانهن موٽ کائي سگهي ٿو.“ استادنظاماڻي؛ ”هيڏي وڏي وٺ-پڪڙ جي ماحول ۽ سيٽلائٽ واري دور ۾ پڙهندڙ، ادب ڏانهن ڪيئن موٽ کائي سگهي ٿو؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”يار هاڻي اها حقيقت آهي، ته اسان وٽ ته اڃا ايتري وٺ-پڪڙ ناهي، ۽ نه سيٽلائٽ جو چڪر. پر مغرب ۾ اهو وڏو چڪر آهي، ان جي باوجود دنيا جي وڏي ۾ وڏي پبليشنگ ادارو ”پينگوئن بوڪس“ آھي. انهيءَ جا انگ اکر کڻي ڏسو ته جيڪي ناول، اُڻويهين صديءَ جي موڙ تي لکيا ويا جيئن؛ وار اينڊ پيس War and peace، ڪرائيم اينڊ پنشمينٽ، Crime and punishment آهي. ته اُهي ناول اهڙا ٿُلها متار ا آهن جو ورائي کڻي ڪنهن کي هڻ ته همراه چٽڻي ٿيو پيو هجي. ايڏن وڏن ناولن جي اشاعت جو انگ هر سال وڌندو ٿو وڃي. انهيءَ جو مطلب ته اُتي ماڻهو پڙهن ٿا. هن دور ۾ آمريڪي ناولسٽ جرنلسٽ نارمن ميلرNorman Kingsley Mailer جا ٿلها متارا ناول آهن. ته اُهي لکن جي تعدا د ۾ ڇپجن ٿا. ته اهڙي ڪا ڳالهه ناهي. اسان وٽ ته اڃا وٺ-پڪڙ ۽ سيٽلائٽ جو گهڻو زور ناهي. ٻيو ته ذاتي طور آئون نه ٿو سمجهان ته سيٽلائٽ چينلز ڪو ادب کي نقصان پُهچايو آهي. سيٽلائٽ ته پاڻ ادب کي وڌيڪ مشهور ڪري رهيو آهي.“ استادنظاماڻي؛ ”اڄ ڪلهه توهان ڪهاڻيون ڪو نه پيا لکو، ان جو سبب؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”اصل ۾ ادبي حلقن ۾ منهنجي ڪهاڻين کي ايڏي اهميت ڪا نه ملي. رڳو اهو چيو ويو ته؛ ’ٻولي سُٺي آهي.‘ سو مايوس ٿي ويس، پنهنجي ڪهاڻين مان. پر هن وقت ٻه ڪهاڻيون منهنجي ذهن ۾ گهمي رهيون آهن، جيڪي طويل قسم جون لڳن ٿيون. انهن ۾ ڊرامو به نظر اچيم ٿو. ٻه عنوان به ذهن ۾ اٿم، هڪڙي جو عنوان آهي ”هوءَ ۽ هُو، ۽ ٻي جو عنوان آهي ”ميڊيڪل اسٽور“ ته وقت ڪڍي لکي وٺندس. استادنظاماڻي؛ ”توهان چئو ٿا ته؛ ماڻهن منهنجي ڪهاڻين کي اهميت ڪو نه ڏني. رڳو چيائون ته؛ ’ٻولي سُٺي آهي‘. ان ڪري اوهان افسانو لکڻ ڇڏي ڏنو. مون اهڙا ليکڪ به پڙهيا آهن، جن کي نقادن مرڻ جهڙو ڪري ڇڏيو، پر لکڻ نه ڇڏيائون...؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”ڳالهه دراصل هي آهي ته، اها چند ماڻهن جي راءِ نه هئي، پر هڪ فنامنا هئي. جيڪا ڪو نقاد پيدا نه ڪندو آهي، پر پڙهندڙ پيدا ڪندا آهن. جڏهن پڙهندڙن ئي ائين چيو، پوءِ مون سمجهيو ته ٻولي کانسواءِ مون وٽ ڪُجهه به نه آهي. نه مواد آهي نه ٽيڪنيڪ آهي نه ڊڪشن Diction آهي، نه اميجينيشن، نه ڪو ويزن Vision آهي. ان ڪري ٺلهو ٻوليءَ جي زور تي هلڻ مون مناسب نه سمجهيو.“ استادنظاماڻي؛ ”وليم فاڪنر چيو هو ته؛ ’شاعريءَ ۾ ناڪامي کانپوءِ ڪهاڻي پاڻ ڏانهن ڇڪيندي آهي. جڏهن ڪهاڻي لکڻ ۾ ڪامياب نه ٿيندو آهيان، ته پوءِ ناول لکندو آهيان.‘ توهان سان ته ڪٿي ائين ڪو نه ٿيو آهي؟ جو توهان ڪهاڻي ڇڏي، ناول بجاءِ ڊراما پيا لکو؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”اهڙي ساڳي ڳالهه پاڻ اڳ ۾ ڪري آيا آهيون. اصل ۾ وليم فاڪنر کي اها صلاح، سندس اُستاد شيروڊ اينڊرسن چئي هئي. ۽ ٻئي ڄڻا انهن مرحلن مان گذريا. جيتريقدر منهنجو سوال آهي ته اها حقيقت مون تي به ٺهڪي اچي ٿي. آئون ناول به لکان پيو، ۽ مضمون به، جيڪي ڪاوش ۾ ڇپبا آهن. اهي مضمون، منهنجي شناخت آهن. باقي ڊرامو ته روزي روٽي آهي. ٽي وي ڊرامو، ادب ۾ شمار نه ٿو ٿئي.“ استادنظاماڻي؛ ”توهان جي ڪهاڻي ’ڇڻيل پن‘ ۾ ميگهان جو ڪردار آهي، ان جو ڪو پسمنظر؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”مونکي پنهنجي اها ڪهاڻي وسري وئي آهي. البته منهنجي ڪهاڻيءَ ۾ جيڪي ڪردار هوندا آهن، اهي منهنجا ڄاتل سڃاتل ماڻهو آهن. ائين کڻي سمجهو ته اها ڪا ڇوڪري آهي، جنهن جي پويان آئون انهيءَ زماني ۾ ڊوڙندو هوندس.“ استادنظاماڻي؛ ”توهان پنهنجن ناولن بابت ڪجهه ٻڌائيندا.“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”منهنجا ٻه ناول آهن. هڪڙو؛ ’سو ديس مسافر منهنجو ڙي،‘ جنھن ۾ گذريل سو سالن جي سماجي تاريخ آهي. جڏهن ته ٻئي ناول ’محبتون‘ ۾، منهنجا شو بزنس جي زندگي ۾ جيڪي تجربه آهن، اُهي آهن. ته انهي دنيا ۾ ڇا ٿو وهي واپري.“ استادنظاماڻي؛ ”توهان پنهنجي ناول ’سو ديس مسافر منهنجو ڙي‘ ۾ حُر تحريڪ جو ذڪر به ڪيو آهي. انهيءَ جو ڪو پسمنظر؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”اڳ ۾ توهان کي ٻڌايو اٿم ته؛ اهو ناول سنڌ جي گذريل سو سالن جي سوشل هسٽري آهي. انهيءَ ۾ حُرتحريڪ جهڙي وڏي واقعي کي وساري ڇڏڻ معنيٰ ته ناول ۾ ڪجهه به نه رهندو. تنهن کانپوءِ خود منهنجو والد، چاچو حاجي منٺار ۽ منهنجي اسٽيپ مدر، سڄي تحريڪ اکين سان ڏٺي هئي. ڪجهه وقت آئون سانگهڙ ۾ رهيس. ته اُت به ڳالهيون ٻڌم ته مونکي سولائي ٿي پئي. انهيءَ ناول ۾ حُر تحريڪ جا ڪجهه ڪردار آهن. انهن تي مون لکيو آهي. جيئن باقاعدي تاريخ بيان ٿيندي آهي، منهنجو ناول ائين ناهي. مون ته فڪشن طور لکيو آهي. فڪشن ته فڪشن ئي ٿيندو آهي.“ استادنظاماڻي؛ ”ويهين صديءَ ۾ اسان وٽ ڪهاڻيءَ ۾ نسيم کرل، جمال ابڙو، علي بابا جهڙا ڪهاڻيڪار پيدا ٿيا. اياز، استاد بخاري، ابراهيم منشي، تنوير بهترين شاعر پيدا ٿيا. توهان ڇا ٿا سمجهو ته نوجوانن ۾ اهڙو ماڻڪ آهي، جيڪو اهڙن ليجنڊز جي جاءِ والاري؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”پهرين ڳالهه ته نه صرف آئون، پنهنجي پاڻ کي پر ٻين کي به ليجنڊ نه سمجهندو آهيان. البته سُٺو ضرور سمجهندو آهيان. باقي ڳالهه آيل نئين صدي جي ته ايندڙ وقت ۾ ڪنهن به صورت ۾ نئون ٽيلئنٽ نڪري ايندو، جنهن کي ڪو به روڪي نه ٿو سگهي. ۽ اهون نئون ٽيلنٽ، اڳئين ٽيلنٽ کي ڪراس ڪري ويندو. اهو هڪ فطرت جو ڪرشمو آهي. وڏا نالا اڀرندا ۽ انهن کي مستقبل ۾ ايندڙ ٻيا نالا، ڪراس ڪري ويندا آهن. اهو ائين آهي، جيئن ملهه جي راند ۾ هڪڙي مرحلي تي پُهچي شاگرد، اُستاد کي ٻئي ملهون اچي ماريندو آهي. تنهنڪري آئون پنهنجي ليکي، ڪنهن به خوشفهمي ۾ ورتل نه آهيان. باقي جيستائين دوستن جو تعلق آهي ته مان ڪجهه نه ٿو چئي سگهان. باقي جيڪي جيئرا آهن، اهي ئي پنهنجي باري ۾ ڪا راءِ ڏيئي سگهن ٿا.“ استادنظاماڻي؛ ”توهان محسوس نه ڪيو آهي ته نوجوان ليکڪن ۾ سيڪس جي موضوع تي لکڻ جو رجحان فيشن طور وڌي ويو آهي.“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”سيڪس تي لکڻ تي، مونکي ڪو به اعتراض ڪونهي. پر اسان وٽ سيڪس براءِ سيڪس لکيو ٿو وڃي. انهيءَ مان ڪو مطلب ڪو نه ٿو نڪري. آئون سمجهان ٿو ته سيڪس کي جيئن ميلان ڪنڊيرا استعمال ڪيو آهي، جنهن جي ذريعي هن مشرقي يورپ جي سياسي ڏاڍاين جو ذڪر ڪيو آهي، يا جيئن سعادت حسن منٽو سال ۱۹۴۷ع جون ٽريجڊيون لکيون آهن. ائين اسان وٽ گهٽ لکيو ويو آهي. بهرحال آئون سيڪس تي لکندڙن جو حامي آهيان، پڙهڻ وارا کين پاڻهي رد يا قبول ڪندا.“ استادنظاماڻي؛ ”توهان ان سلسلي ۾ نوجوان ڪهاڻيڪارن کي ڪهڙي صلاح ڏيندا؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”اها ئي ته پنهنجي دل جي چئي تي لکن. پاڻ کان سينئر ليکڪن جي تنقيد کي نه ليکين. پنهنجي ۽ ٻين جي آزاديءَ جو خيال رکن. جيڪو پنهنجو قدرتي اسٽائيل اٿن، انهيءَ کي برقرار رکن.“ استادنظاماڻي؛ ”رسول بخش پليجي صاحب پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو ته؛ ’اياز تي مون سسٽيميٽڪلي Systematically لکيو آهي. غلام ربانيءَ کي تنقيد جي ذريعي، پهرين پهرين اسٽيج تي مون آندو. نسيم کرل تي، سڀني کان پهرين مون لکيو. اهڙا ماڻهو به هئا، جن صرف هڪ افسانو لکيو انهن کي به مون مٿي کنيو.‘ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي، ته ڇا واقعي هڪ سٺي تخليقڪار کي نقاد جي ضرورت هوندي آهي.؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”سڄي دنيا جي اديبن وانگر آئون اهو ئي ٿو سمجهان ته؛ ڪنهن به فطري ڏات کي ڪنهن به مقالي، نقاد يا اڪيڊمي جي ضرورت ناهي. فرانز ڪافڪا کان وٺي اڄ تائين، تخليقي ادب جي دنيا ۾، فلمي ڊائريڪٽرن جي دنيا ۾، ڪنهن ٻئي اهڙي آرٽ جي دنيا ۾، جيڪي به وڏيون وڏيون بلائون ٿي گذريون آهن، اهي اسڪولن مان ڀڳل ڇوڪرا آهن. ڪجهه سائنسدان به ان زمري ۾ اچن ٿا. البته مصور کي اڪيڊمي جي ضرورت آهي. خود رسول بخش پليجي پهرين ٻن بهترين ڪهاڻين ”جتي باه ٻري“ جهڙين ڪهاڻين کي ڪنهن به نقاد جي ضرورت ناهي.“ استادنظاماڻي؛ ”پليجي صاحب اهو به چيو آهي ته؛ ’لکڻ وڏو عذاب آهي. مان صرف مجبوريءَ جي حالت ۾ لکندو آهيان......؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ (ڳالهه کي ڪٽيندي) ”پليجو صاحب، نه رڳو ذاتي طور منهنجو محسن ۽ مهربان آهي، پر ان سان گڏوگڏ هڪ اعليٰ قسم جو سياستدان به آهي. ظاهر آهي ته هڪ سياستدان لاءِ لکڻ، وڏو عذاب ئي هئڻ گهرجي. جڏهن ته منهنجو لکڻ کانسواءِ ٻيون ڪي به مصروفيتون نه آهن. ان ڪري مون لاءِ لکڻ عذاب جي بدران، خوشيءَ جهڙي ڳالهه آهي. ها جڏهن لکي وٺندو آهيان ته خاص عذاب ۾ وٺجي ويندو آهيان ته هي ڇا لکيو اٿم. انهيءَ عذاب مان گذرندي جڏهن اها شيءِ ڇپجندي آهي، يا اسڪرين تي ايندي آهي، ۽ پوءِ پڙهندڙ، ڏسندڙ جڏهن انهيءَ جي واکاڻ ڪندا آهن، ته پوءِ مونکي يقين ايندو آهي، ته هائو ٻيلي ڪو چڱو ڪم ڪيو اٿم. اصل ۾ اهڙو ليکڪ آهيان، جنهن کي پراوا ڪن چئي سگهجي ٿو.“ استادنظاماڻي؛ ”ليکڪن، اسان جي پياري ملڪ ۾ گهڻو ڀوڳيو آهي. اياز هجي يا امرجليل. توهان جي سامهون ڪا اهڙي صورتحال آئي؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”اهو سڄي دنيا ۾ ٿيندو آهي. ليکڪ ڀوڳيندا آهن. اياز ته ڦاهي تان واپس موٽيو، ۽ ڪيترا ئي سال جيل ۾ رهيو. پر امرجليل سان ائين نه ٿيو. ڏيئي وٺي سرڪاري عهدي جي حساب سان ڪي تڪليفون آيون هوندس. پر مون سان ائين نه ٿيو، سو مونکي شهيدن ۾ شمار نه ڪريو ته چڱو آهي. مونکي اهڙي ڪا به تڪليف نه آئي.“ استادنظاماڻي؛ ”اچون ٿا اوهان جي ٽي وي ڊرامن ڏانهن، جن اوهان کي تمام گهڻي شهرت ڏني. مشهور ڊرامو ديوارين يا راڻي جي ڪهاڻي ۾ ڪهڙو پسمنظر هو، يا ائين کڻي چئجي ته اوهان جي ذهن ۾ اها ڪهاڻي ڪيئن آئي؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”ڊرامو لکندي، آئون واقعا اصلي کڻندو آهيان، پر ڪردار پنهنجي آس پاس مان کڻندو آهيان، جن جو ڊرامي جي ڪهاڻي سان ڪو تعلق نه هوندو آهي. اهو واقعو مونکي شاهنواز جوڻيجي ٻڌايو هو. مون انهيءَ واقعي ۾ ڦيرڦار ڪري ڊرامو لکيو. اصل واقعي ۾ ته الاهي ساريون راڻيون قتل ڪيو ويون هيون، پر مون هڪ راڻي لکي، ۽ راڻي جي قتل ٿيڻ بدران اهو ڄاڻايم ته، هو ٻي راڻي کي جنم ڏيندي گذاري وئي. هينئر به توهان ڏسو ته جيڪي اُتر ۾ قبائلي جهيڙا آهن، اُهي ديوارين وانگر ئي ٿين ٿا. باقي ڪردار ته ليکڪ اُهي ئي کڻندو جن کي سڃاڻندو هوندو.“ استادنظاماڻي؛ ”ڊرامي لکڻ دوران، يقينن اوهان کي ڪجهه ڌرين سان سمجهوتو ڪرڻو پيو هوندو؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”ٽي وي ڊرامو، لکبو ئي سمجهوتن تحت آهي. جن ڌرين سان سمجهوتو ڪرڻو پوندو آهي، انهن ۾ هڪ ته ٽي وي جي پاليسي هوندي آهي، پاليسي مطابق لکبو ته ڊرامو نشر ٿيندو. ٻيو سمجهوتو ٽي وي جي بجيٽ سان ڪرڻو پوندو آهي. مثال مون ڊرامو ڪاروان لکيو ته، انهيءَ جون ڇهه قسطون ٿر ۾ رڪارڊ ٿيڻيون هيون. پر پهرين قسط ۾ ئي بجيٽ جي کوٽ ٿي پئي ۽ ڪهاڻيءَ کي شهر ۾ آڻڻو پيو. ٽيون سمجهوتو پروڊيوسر سان ڪرڻو پوندو آهي،. انهي لاءِ اُستاد پروڊيوسر ياور حيات جو مشهور جملو آهي، جيڪو هن ڪنهن ليکڪ کي چيو ته؛ ’يار تم تو لک ديتي هو، ڪه گهمسان ڪي جنگ لگ رهي هي، مگر مين يه جنگ ڪيسي لگوائون.‘ ان بعد سڀ کان وڌيڪ سمجهوتو، ڪروڙين ڏسندڙن سان ڪرڻو پوندو آهي، ۽ اُها ڳالهه ذهن ۾ رکڻي پوندي آهي، ته حاڪم کان وٺي هاريءَ تائين، ۽ هڪ پڙهئي لکئي پروفيسر کان وٺي ڪنهن اڻ پڙهيل ماڻهوءَ تائين ڊرامو سڀني کي پسند اچي. جيئن ماڻهو ناول يا ڪهاڻي لکڻ وقت، پنهنجي ناڙيندو آهي، ائين ٽي وي ڊرامي ۾ ڪري نه ٿو سگهجي.“ استادنظاماڻي؛ ”توهان جو مطالعو وسيع آهي. ڪو اهڙو ڪتاب جيڪو توهان کي تمام گهڻو وڻيو هجي؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”اها ته ڊگهي لسٽ آهي.“ استادنظاماڻي؛ ”پوءِ به هڪ ٻه ڪتاب ٻڌايو...؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”هروڀرون ضد ٿو ڪرين ته پوءِ جيڪي مونکي گهڻو وڻيا، انهن مان قرت العين حيدر جو ناول ’آخر شب ڪي هم سفر‘، اوريانه فلاسي جو ’اي مين‘، ۽ شولو خوف جو Quite flows the Don آھن.“ استادنظاماڻي؛ ”مون ڪٿي پڙهيو هو ته؛ توهان جي سنگت، اديبن سان گهٽ چورن، موالين، وڏيرن، ۽ ٻٽاڪين سان گهڻي هئي.؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”منهنجي سنگت، رڳو انهن ڌُرين سان نه پر گڏوگڏ هارين، نارين، ڌراڙن، ڊرائيورن، چوڪيدارن ۽ ڪلارڪن سان به رهي آهي. اصل ۾ انهن ماڻهن وٽ جيڪو علم آهي، سو تجربي جي پيداوار آهي. اهي ماڻهو، اسان اديبن کان وڌيڪ زندگيءَ جو ادراڪ رکن ٿا. مون انهن ماڻهن کان علم پرائيو آهي. منهنجي تخليق جو سرچشمو اهي ئي ماڻهو آهن. جيڪي منهنجي ڪهاڻين، ڊرامن جا ڪردار آهن.“ استادنظاماڻي؛ ”جيڪڏهن اوهان ليکڪ نه ھجو ھا بلڪ پنهنجي والد وانگر صوبيدار هجو ها ته؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”صوبيداريءَ ۾ آئون چونڊجي به ويو هيس، بابا جي ڪوٽا ۾. پر بابا مونکي اها نوڪري ڪرڻ نه ڏني. پر جي اها نوڪري ڪريان ها ته پڙهيو لکيو هئڻ سبب، هڪ بيڪار قسم جو ڊي آئي جي وغيره هجان ها يا ڪرمنالاجي جو ماهر، ڪجهه به هجان ها پر وري به ليکڪ ضرور هجان ها.“ استادنظاماڻي؛ ”پنهنجي تجربي مان ڪجهه اديبن جي زالن جي باري ۾ ٻڌايو ته اُهي مُڙسن سان ڪيئن ٿيون گذارين؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”سڀ مصيبت/ عذاب ۾ رهيون آهن. منهنجي زال به عذاب ۾ آهي. رت ڪري ماريو اٿمانس. پر وڏي صابر آهي. انهي ڪري قصو پيو هلي. منهنجي ڇوڪرين کي صلاح آهي ته؛ ’اُهي ڪنهن به ليکڪ سان شادي نه ڪن، نه ته ڏاڍا ڏکيا ڏينهن ڏسنديون.‘“ استادنظاماڻي؛ ”توهان زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪا چوري ڪئي؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ (سگريٽ جو ڊگهو ڪش هڻندي) ”آئون اڪثر ڪري پنهنجي مضمونن ۾، جن به غير ملڪي اديبن جا حوالا ڏيندو آهيان، انهيءَ جو سبب اهو ناهي ته ڪو پڙهندڙن تي رعب ڄمائجي، پر لکندي لکندي اوچتو ڪي اهڙيون ڳالهيون اچي وينديون آهن، جيڪي ٻين ليکڪن جون چيل هونديون آهن. پوءِ مجبور ٿي آئون انهيءَ ليکڪ جو مثال ڏيندو آهيان، ڇاڪاڻ ته ڪڪڙن جو چور ته ٿي سگهان ٿو، پر ادبي چوريءَ کان ونءُ ويندو آهيان. هڪ مزيدار ڳالهه اها به آهي ته، ڪافي وقت اڳ، جڏهن ڇوڪراٽ هُيس، ته دوستن سان گڏجي ڳوٺ جي ڀر ۾ قاديانين جا مرچ چوري ڪيم. ان کانپوءِ اهڙي حرڪت نه ڪيم. البته دلين جون چوريون گهڻيون ئي ڪيم.......“ استادنظاماڻي؛ ”ان جو مطلب آهي ته عشق به ڪيئي. پوءِ ته ڀتيون به ٽپيون هوندئي؟ لوڙها به لتاڙيا هوندئي؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ (وڏو ٽهڪ ڏيندي) ”ها! لوڙها به ٽپياسين. هينئر جڏهن اهي ڳالهيون ياد اچن ٿيون ته ڏاڍو خوف ٿئي ٿو. لوڙها ٽپندي ڪٿي مارجي پوان ها ته،!.... بس موت کان بچي ويس، هاڻي ٻئي هٿ ڪنن تي آهن.“ استادنظاماڻي؛ ”توهان کي جڏهن صدارتي ايوارڊ مليو هو ته اسان ٻڌو آهي، ان وقت ڪجهه قوم پرست آيا هئا، جن چيو هو ته آمر ضياءَ کان ايوارڊ نه وٺ. ته اُهو معاملو ڇا هو؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”ادا ايوارڊ ته منهنجو حق هو، پنهنجو حق ڇو ڇڏيان، مون ڪو پلاٽ پرمٽ ته ڪو نه ورتو، نه ئي ڪا وڏي سيٽ ورتم! منهنجا ته اُهي ساڳيا حال آهن، بُڪي ٺوڪيندو وتان. ٻين يارن کي به ڏس ته ڇا مان ڇا ٿي ويا. جن مونکي روڪيو، اُهي امير ڪبير ٿيو پيا هلن. سندن اڳ ۾ حيثيت ڇا هُئي، هاڻي ڇا آهي؟ اها ڳالهه ويچارڻ وٽان آهي. ضياءَ الحق مرحوم ته پري ٿيو، پر ڄام صادق علي، ته پنهنجو هو، انهيءَ کان پرمٽ يا پلاٽ/ زمين جو ٽڪرو وٺي پئي سگهيس. پر نه وٺي سگهيس. ڄام صاحب هڪ ڀيرو ته مونکي ڀونڊو به ڏنو؛ ’تون پنهنجي لاءِ ڪجهه نه ٿو ڪرين!‘ ماٺ ڪري ويهي رهيس. ڳالهه آهي؛ سڄي ناجائز ڪمائي جي. ڪا مون وٽ هجي ته اوهان پاڻ ٻڌايو. مونکي مڪيش جو راجڪپور تي فلمايل اهو گانو ڏاڍو وڻندو آهي؛ ’سجن ري جهوٽ مت بولو، خدا ڪي پاس جانا هي. نه هاٿي هي، نه گهوڙا هي، وهين تو پيدل جانا هي!‘ سو پاڻ وٽ نه ڪو گهوڙو آهي، نه ئي هاٿي.“ استادنظاماڻي؛ ”ڇا انسان پنهنجي پوري زندگي، پنهنجي ڳولا ۾ گذاريندو آهي؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”اصل ۾ جيتري ڪائنات ٻاهر آهي، ايتري ئي ڪائنات، انسان جي دماغ ۾ موجود آهي. اها ڳالهه ڪا هوائي توائي جملو ناهي. پر جيڪا اطلاقي سائنس آهي، ڪائنات جي ۽ نيورولاجي آهي. اهي ٻئي سائنسون، اها ڳالهه ثابت ڪري چڪيون آهن ته؛ ’انسان جي دماغ ۾ هڪ پدم فئڪلٽيون آهن.‘ سو سائنسي حقيقت ته اها آهي. پر هونئن ڪي ماڻهو پنهنجي ڳولا ۾ هوندا آهن. ته ڪي نه به هوندا آهن. جيتريقدر ڪنهن ليکڪ جو تعلق آهي ته، ليکڪ اها ڳولا ڪندو رهندو آهي. ته آئون ڪهڙي صنف ۾ فٽ ٿي سگهان ٿو؛ ’آيا شاعري ڪري سگهان ٿو، يا ناول لکي سگهان ٿو، يا ڊرامو لکي سگهان ٿو.‘ ۽ صنف ڳولي لهڻ کانپوءِ، ليکڪ انهيءَ ڳولا ۾ هوندو آهي ته؛ ’هو پنهنجي صنف سان ڪيئن نڀائي؟‘ خاص ڳالهه ته ادب/ آرٽ، زندگيءَ جي ڪنهن نئين پهلوءَ کي ڳوليندو آهي. جنهن کي چوندا آهن؛ Exploration of the life ...... سو قصو ائين آهي.“ اُستاد نظاماڻي؛ ”آخري سوال ته؛ ليکڪ جي حيثيت ۾، پنهنجي پاڻ کي ڇا ٿا ڄاڻو؟““ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”آئون بين القوامي ادب گهڻو پڙهندو آهيان. ان ڪري آئون پنهنجي پاڻ کي دريا ۾ هڪ ڦُڙو پاڻيءَ جو سمجهان ٿو.“ (جهونگار نمبر ٽين ۲۰۰۰ع ۾ ڇپيل) عبدالقادر جوڻيجي جون ڳالھيون ڊاڪٽر اسد جمال پلي هڪڙي دفعي نئون ڪوٽ جي هڪ “ڀيلڻ ڏوڪري” جڏهن عبدالقادر کي ڏٺو ته کيس هڪل ڪري چيائين ته “مئا قادريا ڪٿ ٿو گذارين.” عبدالقادر جي اکين ۾ عجيب رمق اچي وئي. پوءِ ڪيترو وقت هو ان ٻڍڙي ڏوڪري سان ڊاڙ ٺڪا هڻندو رهيو. کيس ڀيل ذات جي اٿڻ ويهڻ سان گهڻو انس هئو. پنهنجي انهيءَ انسيت ۾ هو ايترو اڳتي به وڌي ويو جو هڪ اخباري ڪالم ۾ هو سڄي ناري پٽ کي ڀيلواڙو لکي ويٺو ۽ پوءِ ڪيترو وقت زبان سندس ڏندن ۾ ڦاٿل رهي. هڪڙي دفعي مون کي ٻڌايائين ته خانصاحب راڄ محمد پلي (جنهن کي هو خطن ۾ ادا راڄو، لکندو هو) چوندو هو ته هي جيڪي سنڌي ادب ۾ ساڄا ۽ کاٻا هڪٻئي تي سيٽيا وتن اهي هڪ ئي تصوير جا ٻه رخ آهن. اڳتي هلي ڳالهيون پنهنجي اصل رخ تي اينديون ۽ هر سنجيده ليکڪ انهن شين کان پري ٿي ويندو. صرف ادبي بيروزگار هن بحث ۾ مصروف نظر ايندا. اها ڳالهه پوءِ عبدالقادر “وڙهيا، واڳيا، واپريا ڪتاب ۾ لکي.” هڪڙي دفعي مون کي ٻڌايائين ته ادب جيڪڏهن اديب جو پيٽ نه ڀري ته آئون ان کي ادب نٿو مڃان. اهو ڪٿي جو انصاف آهي جو پبلشر جنهن ادب مان بنگلا ٺاهي، سرڪار ادارا هلائي انهيءَ ادب جو سرجڻهار پن جون ٻيڙيون به سوال تي وٺي پيئي. انهي ڪري مون سڀ ڊراما پئسن تي لکيا ۽ پئسن لاءِ لکيا. هڪڙي دفعي مون کي ٻڌايائين ۽ پوءِ هڪ مشهور سنڌي رسالي لاءِ تفصيلي انٽرويو ۾ به چيائين ته منهنجي ادبي گرومنگ (Grooming) عبدالڪريم پلي ۽ راڄ محمد پلي ڪئي ۽ جيڪڏهن وفا پلي جو نالو نه کڻان ته ڪوڙهيو ٿي مران. هن انٽرويو ۾ عبدالقادر ڪريم پلي جي اوطاق ۽ ماحول جو تفصيلي ذڪر ڪندي لکيو ته ڪاروان ڊرامي ۾ وڏيري علي نواز جو ڪردار مون ڪريم پلي جي شخصيت تان ورتو آهي. ڪريم پلي جهڙا پٽ مائرون وري ڪو نه ڄڻينديون. اهو ڪردار مرحوم محمود صديقي ادا ڪيو ۽ ڊرامي جون ڪيسٽون کڻي صديقي صاحب “عيد” جي موقعي تي سنڌڙي ۾ محمد خان جوڻيجو (وزيراعظم) سان مليو ۽ کيس چيائين ته اوهان جي مائٽ اوهان تي ڊرامو لکيو آهي. ايئن واپسي ۾ پٽ جي نوڪري وٺي آيو. ڪجهه ٻين به سنڌ جي وڏن ماڻهن جي حوالي سان هن ڪردار جي ڳالهه منسوب ٿي پر مون صاف انڪار ڪيو ته نه صرف اهو ڪردار مون پلي صاحب جي شخصيت تان کنيو آهي پر ڪجهه “ڊائلاگ” به هوبهو سندس چيل آهن. هنن چيو ته ڪاش سنڌ جا سڀ وڏيرا “ڪريم پلي” هجن. اهڙو اظهار هن وڏيري شاهنواز جوڻيجو جي ڪنهن دوست سان به ڪيو. هڪڙي دفعي سندس ڪالوني واري گهر ۾ مون کي هڪ ميز ڏيکاريائين ته عبدالڪريم پلي جڏهن به مون وٽ گهر ايندو هو ته پاڻ کي ڪڏهن به وڏيرو نه سمجهندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن هن ميز تي چڙهي ويهندو هو. عبدالقادر پوءِ ميز تي ڪانڀ ڪڍي ويهي ڏيکاريو ته او! هيئن. هڪڙي دفعي مون عبدالقادر کي راڄ محمد صاحب تي تاثر لکڻ لاءِ چيو. پاڻ اهو تاثر لکيائين ۽ راڄ محمد صاحب جي ڪتاب “وڙهيا واڳيا واپريا” ۾ ڇپيو. اهو تاثر هن چئن مهينن ۾ لکي پورو ڪيو جڏهن به آئون وٽس سنڌ الاجي آفيس ويندو هئس ته هڪ ٻه پئرائون پندرهن ويهن ڏينهن ۾ لکيل ڏيکاريندو هو ۽ خوب ڪچهريون ڪندو هو. جيڪڏهن اهي سڀ ڳالهيون لکجن ته وڃي ڪتاب ٺهندو. انهن مان هڪ ڳالهه خاص ته هو ڪريم پلي کانسواءِ پنهنجي ذاتي دوستن ۾ صرف ٻه ٻيا نالا فقير شير محمد بلالاڻي ۽ ڄام صادق علي جا کڻي چوندو هو ته گنج ٿي ويا. هر ڪنهن ۾ پنهنجي اک ٻڏي ڪو نه، باقي واسطو، تعلق رسم و راهه گهڻي زماني سان آهي، رهندي پر دوستي جي وڌيڪ بک پاڻ کي اٿئي ڪو نه. هو ڳالهين ۾ بيباڪ هو ۽ ڳالهه ڦهڪائي هڻڻ کي ترجيح ڏيندو هو. هڪڙي دفعي سندس ڪتاب “شڪليون” ۾ مون پڙهيو ته کيس نسيم کرل جو نالو پڙهي هن ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ جو شوق ٿيو (نالي ۾ هن نسيم کرل کي ڇوڪري سمجهيو). پوءِ جڏهن هڪ اخبار جي آفيس ۾ هڪ وڏي آرام ڪرسي اهليل نسيم کرل سان سندس تعارف ٿيو ته حواس باختا ٿي چيائين ته “چڱو ٿيو مون هن سان شادي نه ڪئي!” اهو سندس تحرير جو ڪلائميڪس هو. هڪڙي دفعي مون کي ٻڌايائين ته آئون چئن ڪردارن تي هڪ ڪتاب لکان پيو. “ٻه ڏاڙهيون ٻه سينڌيون.” انهن مان هڪ ڏاڙهي ڪريم پلي ۽ هڪ سينڌ روحي بانو آهي. باقي ٻه ٻيا ڪردار آهن. مون کي خبر نه آهي ته سندس اها تحرير ڪهڙي مرحلي تي ۽ ڪهڙي حالت ۾ آهي. جڏهن لئنگويج اٿارٽي ۾ هو ته به چار پنج دفعا دل واريون ڳالهيون ٿيون. پوءِ هڪڙي دفعي ٻڌايائين ته مئڊم سسئي پليجو چوي ٿي ته آئون لئنگويج اٿارٽي کي ڄام صادق جي اوطاق ٺاهيو ويٺو آهيان. آئون چوان ٿو ته شڪر آهي جو مون تي الزام به هڪ سخي جي نالي جو آهي. ڇو جو ڄام صادق سنڌ جي ڏاتار ڄام ڪانڀو جو پٽ آهي. هڪڙي دفعي مون کي چيائين ته آئون جي بي (گئلن بيري) سنڊ روم جي بيماري ۾ ورتل آهيان. اها بيماري تون نيورو لاجي جي ڊاڪٽر هجڻ ڪري بهتر سمجهين ٿو. هي بيماري اعصابي ڪمزوري ڪرائيندي آهي ۽ ڇڏيندي اصل ڪو نه. سو هاڻ پاڻ کي به دم دلاسي جي گهٽ ضرورت آهي. باقي جيڪي ڏينهن آهن پيا ڪٽبا. هڪڙي دفعي عمرڪوٽ ۾ اڪبر لغاري صاحب سئمينار ڪوٺايو ٻن ڏينهن جو پهرين ڏينهن تعارفي سيشن ٿيو ٻئي ڏينهن جي صبح جو سيشن ۾ عبدالقادر ڳالهايو. محقق ۽ اديب اچي گڏ ٿيا. آخري سيشن جو آخري مقرر آئون هئس ۽ پوءِ صدارتي تقرير غلام محمد لاکو صاحب جي هئي. مون ڳالهايو پئي ته “عمرڪوٽ” تاريخي دليل طور “ع” سان ئي لکبو الف سان لکڻ صرف پسند ۽ شوق آهي پر تاريخ ڪونهي. ان وقت پنڊال ٻاهران اسٽيج جي پويان عبدالقادر جوڻيجو سگريٽ جا ڪش هڻي رهيو هو. مون کي سندس هڪ مذاق ياد آيو. عبدالقادر اڪثر چوندو هو ته ماڻهو ماني کائي ڍؤ ڪري پوءِ وڏا وڏا ڊاڙ هڻي ته ماني هضم ٿئي. سو هي الف سان عمرڪوٽ واري ڳالهه به اهڙو ئي ڊاڙ آهي. پاڻ اتان اسٽيج جي پويان کنگهندي کنگهندي چيائين ته پلي منهنجي جان ڇڏين نٿو ۽ پوءِ اسٽيج تان لهڻ بعد ٽهڪ ڏيندي چيائين ته هيءَ ڳالهه به تاريخ جو اهم دليل ٿي ويندي. آخري دفعي مون کي چيائين ته ٻئي سنڌي ادبي بورڊ جا ميمبر گڏ ٿيا آهيون منهنجي حصي جو ڪم به تون ڪجان. مون کي خبر هئي عبدالقادر هڪ به ميٽنگ ۾ نه ايندو ۽ ساڻس فون تي گفتگو بعد ملاقات ئي نه ٿيندي ۽ اسان جون ڪچهريون به ڪورونا جي لاڪ ڊائون سان گڏ لاڪ ٿي وينديون. ٻئي دفعي عبدالقادر جوڻيجو جون ڳالھيون اسد جمال پلي ٻي دفعي، اها ڳالهه ٻڌايائين ته؛ ”مون کي پرائمري ماستر جي نوڪري ملي، خانصاحب عطا محمد پلي جي ڳوٺ لڳ، صوفي شاخ جي اولهه ۾، چوڌري شاهنواز جي ڳوٺ ۾. پر مون اچي لڏو لاٿو عبدالڪريم پلي وٽ، جتي مون کي ادبي خوشبوءِ آئي ٿي. هتان ٻه- ٽي ڪلوميٽر اسڪول لاءِ اڪثر وفا پلي مون کي موٽرسائيڪل تي ڇڏي ايندو هو ۽ وري کڻي به ايندو هو. ايئن ئي وقت گذريو. عبدالڪريم پلي وٽ روز ادبي ڪچهري ۽ رهاڻ متل هوندي هئي. ٻي دفعي، مون کي ٻڌايائين ته اهو ۱۹۶۵ع جو سال هو جو منهنجي پهرين ڪهاڻي ٻرندڙ لانچ جنوري جي روح رهاڻ ۾ شايع ٿي. ساڳي پرچي ۾ عبدالڪريم پلي جو هڪ گيت به ڇپيو هو. آئون ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيس جو پهرين تحرير ڇپي هئي. پوءِ هن ڪهاڻي تي رات جو هڪ تفصيلي ويهڪ پڻ ٿي جنهن ۾ يار محمد چڱائي سڀني کان گهڻو ڳالهائيو. اسان جي هن ادبي گاڏي ۾ محمود يوسفاڻي به هوندو هو. هو سنجيده ۽ معتبر ماڻهو هو. ڪير به ساڻس گهڻي حجت ۽ کل ڀوڳ نه ڪندو هو. جهڙو شخصي طرح معتبر هو. تيئن علمي طرح به معتبر هو. محنتي ۽ گهڻو لکندڙ هو. گرامر ۽ ٻولي جي حوالي سان ۽ شاعري تي سندس گفتگو مستند هئي. اسين سڀ کيس سائين معمور سڏائيندا هئاسين. منهنجي گهڻي ڪچهري راڄ محمد سان هئي. راڄ محمد گهڻو مطالع ڪندڙ ۽ ڏاهو ماڻهو هو. ٻي دفعي، مون کي ٻڌايائين ته مون کي اتي رهائش دوران سائي (Jaunalice) جي بيماري ٿي پئي ته مون کي ڀڳڙا جام کارائيندو هو. ڀڳڙن جي کائڻ سان اڃ جام لڳندي هئي ۽ پيشاب گهڻو ٿيندو هو. راڄ محمد مون کي چيو ته اهو اٿئي ”سائي“ جو علاج. نڪو ”خاڪ“ نه ڪو تعويذ. عبدالقادر مون کي ٻڌايو ته مون راڄ محمد کي تمام گهڻا خط لکيا. راڄ محمد جنهن کي آئون ”دا راڄو“ لکندو هئس. اهو خط فائل ڪري رکندو هو. سنڀايل هوندا. اوهين هٿ ڪجئو. پوءِ مون هٿ ڪيا ۽ مون وٽ سنڀاليل آهن. ٻي دفعي، مون کي ٻڌايائين ته کيس سخت بخار آيو رت جي رپورٽ ۾ ڪينسر جا جذا اچي ويا. چيائين عبدالڪريم پلي سان حال اوريم ته مون کي حيدرآباد ۾ رهڻ لاءِ جاءِ اوهين وٺي ڏيو. ٻارن جي جي تعليم جو خرچ فقير شير محمد بلالاڻي تي آهي. چلهه پينشن مان ٻرندي. ٻارن جي تعليم مڪمل ٿي بس، منهنجا ٻيڙا پار. پوءِ جيڪڏهن ٻار وڏا ٿي پنهنجي جاءِ وٺي اوهان جي جاءِ واپس ڪن ته به مرضي جا مالڪ جي نه واپس ڪن ته به بخش اٿن. عبدالڪريم پلي کلندي کلندي چيو ته يار تون ڊڄ نه رپورٽ ڪنهن سٺي ليبارٽري مان ڪراءِ. پاڻ ويهي منهنجو علاج مڪمل ڪرايائين. رپورٽ ٻيهر ڪرايائين ته ڪينسر هئي ئي ڪو نه الائي ڪيڏانهن اڏامي وئي. يار اسد! ڇا ماڻهو هئا. ٻي دفعي، ٻڌايائين ته جڏهن ستر واري اليڪشن ۾ عبدالڪريم پلي ايم پي اي جي سيٽ تي آزاد اميدوار طور بيٺو ته سندس انتخابي نشان ”گهڙيال“ هو. آئون ۽ علي بابا سندس بنگلي تي ويٺا ورڪ ڪندا هئاسين. ورڪ ڪهڙو سڄو ڏينهن مکيون ماريندا هئاسين ۽ شام جو جڏهن پلي ورڪ تان واپس ايندو هو ته سندس همت وڌائيندا هئاسين. جڏهن اليڪشن ٿي ۽ پلي جي سيٽ کٽڻ جو اعلان ٿيو ته علي بابا اهڙو زور سان ٽپ ڏنو جو ڪرسي تان ڦهه وڃي پٽ تي ڪيائين. سڀني جا کل جا ڪوڪريا. ٻي دفعي، مون کي ٻڌايائين ته شيرين پاشا (شارٽ اسٽوري رائيٽر) مون کي چيو آئون کڱيس سنڌ جي ٻهراڙي گهمايان. آئون سندس فرمائش تي شيرين پاشا کي وٺي وڃي عبدالڪريم پلي وٽ نڪتس. عبدالڪريم پلي انتهائي خانداني بصيرت سان ساڻس فرشي نشت تي ڪچهري ڪئي. ڳوٺاڻيون ڳالهيون، ڳوٺاڻا کاڌا بعد ۾ ڪافي ڀرت ٿيل شيون ڏنائين. واپسي ۾ مون ڏٺو ته شيرين پاشا جي اکين ۾ لڙڪ هئا. مون سبب پڇيو ته چيائين، قادر تمام گهڻي عرصي کانپوءِ مون خانداني خوءِ واري شخص سان ڪچهري ڪئي آهي. مون کي ايئن لڳو ته آئون پنهنجي ڪنهن خاندان جي وڏي بزرگ جي ڪچهري ۾ ويٺي آهيان. مون کي جيڪي پنهنجي ڏاڏا سائين متعلق ڳالهيون گهر ۾ ٻڌايون ويئيون هيون سي سڀ پلي ۾ موجود مليون. عبدالقادر چيو ته مون ڪالر ڇنڊيندي چيو ته آخر قادر جو يار آهي. گهٽ هوندو ڇا؟ ٻي دفعي مون کي ٻڌايائين ته هيءُ جيڪو هندستاني ڪرڪيٽ ٽيم ۾ ڇوڪرو پيو کيڏي ”اجئه جڊيجا“ اهو ڪڇ جو ”جاڙيجو“ سمون آهي. هنن جاڙيجن جا جيڪي سنڌ جي سمن سان تاريخي مائٽيون ۽ رشتا ناتا آهن اهي توکان ڳجها ڪونهي. عبدالقادر هيءَ ڳالهه ٻڌائيندي تمام گهڻو ڳنڀير ٿي ويو ڄڻ هو لاکي ڦلاڻي کان هينئر به جاڙيجن کي خبردار ڪندو هجي ته ”جاڳو جاڙيجا. سمان سک مَ سمهو“ ڳالهه کي جاري رکندي چيائين پنهنجي پاسي وارو انضمام الحق وري ملتان جي پيراڻي گاڌي مان آهي ۽ اهي ملتان وارا جاڙيجن جا ”پير“ آهن جڏهن هندستان ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ مئچ ٿيندي آهي ته آئون ٽنگ ٽنگ تي چاڙهي مرشد ۽ مريد جي بئٽنگ جا مزا ڏسندو آهيان. ٻي دفعي مون کي ٻڌايائين ته عبدالڪريم پلي جو والد خانصاحب عطا محمد پلي واقعي خانصاحب هو. خانصاحب جي کوٽ ڪونهي پر عطا محمد پلي ڪير سڏائي. سندس وڏ ماڻهپي جو هڪ اسٽائل اهو به هوندو هو جو سئو رپئي جي نوٽ ۾ تماڪ وجهي ٻيڙي ٺاهي ڇڪيندو هو. دوستي هئس ته وري صوفي قلندر بخش شهيد سان، مهل جو مڙس ماڻهو هو. هو ته خانصاحب انگريزن جو ٽائيٽل يافته پر بااصول اهڙو هو جو انگريز تي به اک ڪا نه ٻڏندي هئس. حرن واري مارشل لا لڳي ۽ حضرت سورهيه بادشاهه تي ڏکيا ڏينهن آيا. انهن ڏينهن ۾ عمرڪوٽ لڳ ٽالهي جوڻيجي جي ڳوٺ تي پوليس ڇاپو هنيو. ڳوٺ جا مڙسالو ته پاسيرا ٿي ويا پر سڀئي ”غازياڻيون“ بيل گاڏين ۾ اچي خانصاحب جي ڳوٺ پهتيون. خانصاحب سڀني ”سامن“ کي ڪوٽ ۾ آندو ۽ چيائين ته اوهان تان منهنجو سر صديقي، جيستائين ساهه سلامت آهي انگريز اوهان جو وار به وِنگو نه ڪري سگهندو. مون اها سڄي ڳالهه ”سانگهڙ ناول“ ۾ پڙهي آهي ۽ عبدالقادر جي ٻڌائڻ وقت ايئن لڳو ڄڻ هو پاڻ ان وقت خانصاحب سان گڏ هو. ٻي دفعي، ٻڌايائين ته خبر اٿئي خانصاحب عطا محمد پلي جي اوطاق ڪا عام وڏيرڪي اوطاق نه اٿئي.هن اوطاق نه صرف سنڌ جي ”موسيقي“ جي خدمت ڪئي آهي پر سچ، صداقت ۽ شرافت جي فيصلن جا به مثال قائم ڪيا آهن. پوءِ وڏو ٽهڪ ڏئي تاڙي ملائي چيائين ۽ سنڌي ادب جا ٻه وڏا افسانه نويس ۽ ڊراما نگار به هن اوطاق جي ايجاد اٿئي. هڪڙو تنهنجي سامهون ويٺو اٿئي جنهاڻي ۽ ٻيو ڏيپلائي. يار ڪهڙيون ٿو ڳالهيون پڇين يارن جون. سنڌ کي اهڙا وڏيرا ئي ته کپن. ٻي دفعي، ٻڌايائين ته بابا جي پوليس آفيسر وقت مون ٿاڻن اندر واڙيل يارن سان ڪچهريون ڪيون. حال احوال ورتا ۽ آهستي آهستي مون کي زندگي جا ڪيترائي سچ سمجهه ۾ اچي. اندر واڙيل يار بي ڊپا ٿي سچ ڳالهائيندا هئا ۽ ڇوٽ ٻولي ڳالهائيندا هئا. منهنجن ڊرامائي ڪردارن ۾ به توکي اها ڇوٽ ٻولي ملندي. اڄ جڏهن سنڌ جو هيءَ بي ڊپو ليکڪ سنڌ ڌرتي جي سطح کان اندر ٽپي هڻي ويو آهي ته مون کي لڳندو آهي ته هي ”يار“ انهي جهان ۾ به ايئن ڪانڀ ڪڍي پنهنجي هٿ جي آڱرين جي اشارن سان ڪچهرين ۾ هوندو جيڪو ماڻهو سورهن آنا سچ سان ڪميٽڊ رهيو. اهو وري اتي ڪيئن ڏکيو هوندو. سندس ڪتاب ”شڪليون“ جنهن به پڙهيو هوندو اهو منهنجي اها ڳالهه ضرور قبول ڪندو ته عبدالقادر جا سڀ ڪردار هر دؤر ۾ هن ڌرتي تي موجود رهيا آهن پوءِ اها ”راڻي“ هجي يا ”ڪيسري.“ عبدالقادر جوڻيجو ھڪڙو قادر ھزار ڳالھيون نصير مرزا ٻُڌايائين پئي ڊرامي راڻيءَ جي ڪهاڻي جي آخري قسط جو لکي پوري ڪيم ته رائٽنگ ٽيبل تان اُٿي اڱڻ ۾ وڃي ڊوڙون پائڻ لڳس. نجمه جو مونکي ائين ڪندي ڏٺو ته پريشان ٿي وئي. چيائين، تون هي ڪرين ڇا پيو؟ وراڻيومانس، مغز تي شينهن جي مٿي جيڏو وزن هو، سو اڄ نيٺ لٿو. ان جي خوشي سيليبريٽ به نه ڪريان ڇا ڀلا!؟ هيءَ اپريل ۲۰۱۸ع جي ڳالهه پئي مون ڪئي، جڏهن آئون ۽ نياز پنهور، پنهنجي هن مستانه ماهي يار عبدالقادر جوڻيجي کان ڪاوش دنيا لاءِ انٽرويو وٺڻ جي خيال سان سندس رهائشگاهه تي موجود هئاسين. ڀاڄائي نجمه قادر پنهنجي ورَ جي ڀرسان ويٺي هئي ۽ زيرِ لب مُرڪي اسان جي اهڙي ڪچهري مان لطف اندوز ٿي رهي هئي. خوش گفتار، مزيدار ماڻهو ۽ آرٽسٽڪ ڳالهيون ڪندڙ هن قلمڪار قادر سان اها ته پوئين ۽ آخري ملاقات جي جهلڪ مون مٿي لکي، پر هن سان پهرئين ۽ روبرو رهاڻ ڪڏهن ۽ ڪٿي ٿي هئي منهنجي؟ اها به عرض ڪريان ٿو. اها ڀانئيان ٿو اهو ۱۹۷۷ع يا شايد ۱۹۷۸ع وارو سال، آئون ۽ طارق عالم سنڌ يونيورسٽيءَ جي مختلف ڊپارٽمينٽ جا جَل ڦٽاڪا شاگرد هئاسين ۽ شيخ اياز صاحب جي وائيس چانسلر شپ به تڏهن بلي بلي هئي. ان ئي زماني ۾ سنڌالاجي ۾ اتان جاري ٿيندڙ رسالي ”پرک“ جي برک ليکڪ ۽ ايڊيٽر عبدالقادر جوڻيجي کي پنهنجو مواد ڏيڻ لاءِ اسين پهتاسين. سامهون ڪرسيءَ تي ڳوٺاڻي ڪَٽ سلوار قميص ۾ ڇا ڏسون هي سامهون جيڪو عبدالقادر جوڻيجو، سگريٽ اُن جي مُٺ تي، ڪانٽو سٺ تي..... ڪچهري شروع ٿي ته لڳو همراهه نه فقط ڳالهين جو ڳهير، پر وڏو حوالي به. تڏهن اسين به جهٽ هن سان گهرگهلا ٿي وياسين. ڪا گهڙي ويهي ٺاشا ماشا ڪري اوچتو اُٿياسين، ته فرينڪ ٿيندي چوڻ لڳو، ڪهڙا پويان ٻار پيا روئنوَ. ڇڏيو گوٿناٿ، ويهو چانهه ٿو گهرايان. پوءِ پرک جو پهريون شمارو شايع ٿيڻ جي خبر پئي، ته ڇا ڏسان قادر هڪ پورو سالم صفحو منهنجي شاعريءَ لاءِ مخصوص ڪيو هو. تڏهن ان وقت اعزازي ڪاپي ته ڏنائين پر شاعريءَ واري فائل مان منهنجي هٿ لکيل وائيءَ وارو پنو ڏيندي چيائين، ”ڏس شيخ اياز صاحب پرک لاءِ شاعريءَ جي چونڊ ڪندي تنهنجي وائيءَ جي مٿان هي ڇا لکيو آهي؟“ ڏٺم ته ڳاڙهيءَ مَس واري پين سان ۽ هيٺان شيخ اياز صاحب جي دستخط سان لکيل هو؛ Who is Naseer Mirza? تڏهن سگريٽ مان سوا ميٽر جيترو ڊگهو سوٽو هڻي سخاوت جو مظاهرو ڪندي چوڻ لڳو، هي عظيم شاعر جو ڏنل سرٽيفڪيٽ اٿئي، ڇا ياد ڪندين، هان وٺ تحفي وانگر وڃي سانڍي رک پاڻ وٽ. ۱۹۸۱ع تائين آئون جيستائين سنڌ يونيورسٽيءَ جو شاگرد هوس، طارق سان گڏ قادر وٽ ريگيولر وزيٽر هوس. تڏهن ڪچهريءَ ۾ جي هو حوالي ته طارق ۽ آئون به ڀلا ڇا ۾ گهٽ؟ پاڻ طارق ۽ منهنجي جوڙيءَ کي ٽچ بٽڻ سڏيندو هو. تڏهن قادر ۽ شوڪت حسين شوري کي هر وقت گڏ گڏ ڏسي اسان به ته دل ئي دل ۾ هنن کي ٽچ بٽڻ جوڙي سڏڻ لڳا هئاسين. هاڻي ڳالهه صاف... جيڪو به قلمڪار، شاعر، چترڪار يا ڪهاڻيڪار اهو چاهي وڏو هجي، کڻي ننڍو، يا ايوريج، عاشق صادق جي نه هوندو ته نظرباز ته ضرور هوندو ۽ صنف نازڪ جنهن جي ضرور ته ڪمزوري هوندي، تڏهن ڀانئيان ٿو هي شايد سهڻي رسالي ۾ قادر کان پڇيو ويو هو ته توهان جي آڏو ٽي شيون هجن شراب، ڪتاب ۽ عورت، سچ ٻُڌايو، توهان جي چونڊ ڇا هوندي؟ جواب ڏنو هئائين، ”عورت... ڇو جو اها شراب به آهي ته شباب ۽ ڪتاب به.“ تڏهن واهه قادر واهه، واهه قادر واهه چوندا، کيس داد ڏيڻ لاءِ اسين سندس آفيس ۾ گهڙي پيا هئاسين. تڏهن يڪدم اپديشڪ بڻجي چوڻ لڳو، ”هئه ٻالڪو!! صنف نازڪ جو عاشق اصل ئي نه ٿجي، هميشه هن جو معشوق ئي ٿجي.“ ڀانئيان ٿو، قادر سچو هو، جو ان وقت عينڪ جي سونهري ڪمانين واري هڪ نازڪ نفيس ۽ نو خيز ڪهاڻيڪاره هن جي آڏو عاشق بڻجيو ويٺي هئي ۽ ”پولار“ ۾ آرٽسٽڪ انداز سان ڏسي رهي هئي، تڏهن اسان ٻنهي وري ان خاتون منجهان اکيون ئي نٿي ڪڍيون. افسوس، طارق عالم هن پياري اپديشڪ قادر جي قول تي عمل نه ڪيو ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي صحافت واري شعبي ۾ مون سان گڏ پڙهندڙ هڪڙي ”مِس“ جي عشق ۾ وڻ ويڙهيءَ جيان ويڙهجي ويو ۽ نيٺ ناڪام ٿي ڊپريشن ۾ گُڙدا وڃائڻ واري پروسيس ۾ اچي ويو. هي اهو وقت هو، جڏهن پي ٽي ويءَ تان اردو سنڌي ڊرامن ۾ قادر ۽ ادي نور الهديٰ شاهه جو نالو شهرتن جي آسمان تي پئي اڏاڻو، تڏهن هنن ٻنهي جي سربراهيءَ ۾ اسان وفد ٺاهيو ۽ وقت جي وزيراعظم، محمد خان جوڻيجي وٽ، طارق جي علاج لاءِ اپيل کڻي حاضر ٿي وياسين. حُسن اتفاق، وزيراعظم جوڻيجي صاحب، پنهنجي ذات ڀائيءَ قادر کي سڃاتو ۽ ڪم ٿي ويو. طارق جي ئي لفظن ۾، ”ٺڪا تي ٺو“ (بعد ۾ قادر به ته اهي لفظ تڪيه ڪلام طور پيو اڪثر استعمال ڪندو هو) تڏهن اهو به ڪيڏو نه سٺو ٿيو، جو پنهنجي ناڪام عشق جي ڪٿا کي ڪيٿارسس طور طارق ناولٽ ”رهجي ويل منظر“ ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو. پنهنجي زماني جي هن روميو جوليئٽ قصي جو مسودو کڻي هاڻي قادر جي خدمت ۾ حاضر ٿياسين. چيائين، هاڻي وڃو، سڀاڻي اچجو. ٻئي ڏينهن وياسين ته زبردست اپلاز ڏيندي چوڻ لڳو، شيخ اياز جي نثر بعد، تنهنجي هن ناول جي نثر، آرٽ ۽ ڪرافٽ مون تي جادو ڪري ڇڏيو آهي. طارق جو ناول شايع ٿيو ته ان جي پڌرائي وقت، قادر زبردست تقرير ڪئي. ياد آيم هي نوي جي ڏهاڪي وارو اهو ئي وقت هو، جڏهن ڪتابن جي مهورتن ۽ ادبي ڪانفرنسن ۾ قادر جي تقرير هڪ خاص شيءَ شمار ٿيندي هئي. ڀانئيان ٿو خيرپور ۾ هيءَ ڪهاڻي ڪانفرنس، هي اتي هن ٿري ناٽ ٿريءَ جي گولي جهڙو بيان جاري ڪيو. چيو هئائين، ”نسيم کرل کي گولي ڇا لڳي، ڄڻ سنڌي ڪهاڻيءَ کي گولي لڳي وئي“. سندس ان بم حملي تي پويان ڪيڏي ۽ ڪيتري وٺ وٺان ٿي، اها گهڻن ئي رسالن، اخبارن ۾ ڇپي پئي اٿوَ، ان ڪري هتي ورجاءُ کان پاسو ٿو ڪريان. ”قادر، توهان ٿورو ڌڏِڪو ڏيئي ڇو ٿا هلو؟ ساڄي ٽَنگ ۾ توهان جي اهو ڇا آهي؟“ طارق پُڇيس ته ٺهه پهه وراڻيائين، ”اڙي يار، ان کي منهنجو مينو فيڪچرنگ فالٽ سمجهه.“ ڪيترا سال اڳ هن کي اوچتو ڪو نيورو پرابلم ٿيو، يا شايد فالج جو اسٽروڪ، آڌيءَ رات جو طارق عالم ئي اهڙو دوست، جيڪو پهرئين وٽس پهتو. ٻئي ڏينهن طارق، آئون ۽ احمد سولنگي سندس عيادت لاءِ پهتاسين. ڇا ٻُڌون، قادر خبرون ئي نيون ويٺو ڪري... اڙي يار....اسٽروڪ نه پر هڻ کڻ بلا هئي، ڌڪ هڻي ائين وٺي اڏاڻي، جيئن ٿر اندر واچوڙي ۾ اُٺ اُڏامي ويندا آهن. پوءِ ٻُڌائڻ لڳو، اهو GBS وائرس جو حملو هو، يار.. ڀڃي ويو مونکي. علالت جي اهڙن ئي ڏينهن ۾ هن اسحاق سميجي واري خوبصورت رسالي ”سارنگا“ لاءِ يادگيريون به ته لکيون ويٺي. جنهن مان هڪ بيحد دلچسپ ۽ عجب جهڙو قصو ٻُڌائڻ لڳو. چئه، ”جنهاڻ جوڻيجه ڳوٺ ۾ ۽ خاص اسان جي راڄ ۾ ڪو ٻار ڄائو ته خوشيءَ ۾ نانگ مانيءَ جي رسم صدين کان جاري آهي. انهيءَ ۾ ٿيندو هيئن آهي ته ٻاجهريءَ جي اٽي ۾ ڳڙ ۽ ڦوٽا وجهي روٽ تيار ڪبو آهي، پوءِ اهو گهر گهر وڃي ورهائبو آهي. اها رسم اسان وٽ پَڙ تڙ ڏاڏن کان جو هلي آهي ته هي نصير قادر پُٽ ڄائو بيشڪ ته ڄامشوري ۾ پر نانگ ماني ان جي به جنهاڻ جوڻيجه ۾ ڪئي وئي. قادر جي هڪ مشهور ڊرامي ”جانچ“ ۾ جمعدار ۽ صوبيدار جا تڪيه ڪلام ڏاڍا دلچسپ هئا، مشهور به ٿيا هئا. ننڍو منشي وٽ سٽ کائي صوبيدار صاحب کان پُڇي ٿو، ”ڪٿي رکانس!؟“ تنهن تي صوبيدار صاحب اک ڀڃي چالاڪيءَ سان چويس ٿو، ”اتي رکينس...“ ائين جڏهن جڏهن به قادر ڪا مزيدار يا ڇرڪائيندڙ ڳالهه ڪندو هو، ته طارق ساڻس تاڙو ملائيندي يڪدم چوندس هو، ”اتي رکينس“. الائي اها ڪائين اپريل هئي پر سال ۲۰۱۹ع هو. نياز پنهور سان گڏجي سنڌ يونيورسٽي هائوسنگ سوسائٽي ۾ ان ڏينهن فيملي انٽرويو لاءِ وٽس وياسين ته پنهنجي شريڪ حيات ڀاڄائي نجمه جي ڀرسان ٿڪاڻو ٽٽاڻو جيڪو ان وقت عبدالقادر جوڻيجو مون ڏٺو، اهو بلڪل هن جي شاهڪار افساني ”ويندڙ وهي لهندڙ سج“ وارو اڇن وارن سان پوڙهو سومار هاري مونکي معلوم ٿي رهيو هو ته بس قادر سان اها ئي منهنجي آخري ملاقات هئي. اٿڻ وقت ڦِڪي مُرڪ مُرڪي موڪلائڻ وقت چوڻ لڳو، ”دل ڪڏهن وات، ته ڪڏهن اوطاق، ڪڏهن گهر، ته ڪڏهن قبر“ ۽ الاس! هي ۳۰هين مارچ ۲۰۲۰ع تي اسان جو يار قادر جتان جي مٽي هو، اتي جي ئي مٽيءَ ۾ وڃي آسوده خاڪ ٿيو. ياد اٿم قادر کي بهار جي موسم ڪيڏي نه وڻندي هئي ۽ ان ئي موسم ۾ هاڻي سندس گهر جي ڳولا ۾ ڀاڄائي نجمه ۽ نصير قادر کي پُرسو ڏيڻ لاءِ اوڏانهن آئون ويس پئي ته، قادر جي ۽ پنهنجي پسند جي هن اداس گيت جا ٻول، منهنجي چپن تي تري آيا هئا: هماري بعد، اب محفل مين، افساني بيان هون گي، بهارين هم ڪو ڍونڍين گي، نه جاني هم ڪهان هون گي. عبدالقادر جوڻيجو سنڌي ڪھاڻي سوڳ ۾ معوم ٿري سنڌ جو هڪ سدا مست قلمڪار عبدالقادر جوڻيجو ڄامشوري جي شامن کي سوڳوار ڪري “سو ديس مسافر منهنجو ڙي” جي ڪردارن کي هاڪڙي جي سڪل پيٽ ۾ ڇڏي ڇورو ڪري ۽ سنڌي ڪهاڻي کي “هورو” ڏيئي هن دنيا کان هليو ويو، شايد سنڌي ڪهاڻي هن لاءِ صدين تائين سوڳ ۾ رهي جيئن ريٻاري دودي سومري لاءِ رهيا. ان ڳالهه کان انڪار ناهي ته هن کي سندس اردو ڊرامن ۽ انگريزي لکڻين شهرت جي بلندين تي پهچايو، پر سنڌي ڪهاڻي کي بلندين تائين پهچائڻ ۾ قادر جي ڪهاڻين جو ڪمال شامل آهي. منهنجي قادر سان ڏيٺ ويٺ ۱۹۷۹ع کان ٿي، ان کان اڳ سندس ڇپيل سموريون ڪهاڻيون مون پڙهي ڇڏيون هيون. انهن ڏينهن کان هو ناول “سو ديس مسافر منهنجو ڙي” جو ذڪر ضرور ڪندو هو ته لکي رهيو آهيان ۽ هر ڀيري هڪ نئين ڪردار جو ذڪر ڪندو هو، اهي ڪچهريون ڪلاڪن تائين هلنديون هيون پر اڳتي هلي ڊرامن جي “مارڪيٽ” ۽ ڪالمن جي ڪاروباري دنيا هن کي سنڌي جو اهو شاهڪار ناول ٽن ڏهاڪن ۾ به لکي پورو ڪرڻ جو موقعو نه ڏنو. پر ناول جي ڪردارن کي کٽائيندي هن انگريزيءَ ۾ ناول The Dead River لکي ناولن جي دنيا ۾ پنهنجي هڪ ڇاپ ته ڇڏي پر سنڌي ادب “سوديس مسافر منهنجو ڙي” جهڙي ناول کان وانجهو رهجي ويو، جيڪو ناول قادر جي آتم ڪٿا جي اڃ به لاهي ڇڏي ها. ان ناول جي ڪردارن تي مون سان ڪيئي ڀيرا ويچار به ونڊيا هيائين. انهي ناول جا مختلف ٽڪرا ڇڙوڇڙ ڪالمن ۾ مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ پڙهيا هئم. ماهوار سهڻي جي ۱۹۸۹ع واري هڪ شماري ۾ پنهنجي ڪالم ۾ قادر ان ناول جو ٽڪرو ڏيڻ کان اڳ لکيو هو ته ناول “سوديس مسافر منهنجو ڙي” گذريل اٺن سالن کان رکي رکي لکان پيو، هينئر اهو ناول چوٿون ڀيرو وري لکجي رهيو آهي. هن ناول جو ڪئنواس وڏو آهي، انهي ڪري هر ڀيري ڪيئي نيون ڳالهيون سجهي اچن ٿيون”سو ڳالهه پئي ڪئيسين ته انهي ناول جي اساٽ The Dead Tiver لاهي نه سگهيو آهي، مون کي انهي سنڌي ناول جي نه لکجڻ ۽ نه ڇپجڻ جو ايترو ئي صدمو رسيو آهي، جيترو قادر جي وڇوڙي وڍ ڏنو آهي. قادر اسي واري ڏهاڪي ۾ ڪهاڻين کانسواءِ مختلف شخصيتن تي خاڪا به لکيا. اديبن ۽ دوستن تي لکيل خاڪن جو مجموعو “شڪليون” به ڏاڍو ساراهيو ويو، اڳتي هلي قادر ان ۾ ٽن خاڪن جو اضافو ڪري رامجي ڪولهي، رمضان جوڻيجو ۽ ڪيسري ڀيلڻ کي ويهين صدي جون عظيم شخصيتون قرار ڏنو هو، انهن خاڪن جي آخر ۾ لکيو هيائين ته “رهيو ڊسٽارٽ ٿي ويل سائنسدان کاٽائومل، انهي جو ذڪر ڪڏهن ٻي ڀيري ڪبو.” ان تي خاڪو نه لڳي سگهيو پر “سو ديس مسافر منهنجو ڙي” ۾ ان ڪردار تي قلم کنيو هيائين. قادر رڳو پنهنجي لکڻين جي ڪردارن ۾ جان ڪو نه وجهندو هو، پر اهڙن ڪردارن جي حقيقي زندگي ۾ کين سون بنائڻ لاءِ پارس بڻجڻ جا جتن به ڪندو هو، کاٽائو به هڪ اهڙو ئي ڪردار هو، هو هڪ هاري جو پورهيت پٽ هو، جيڪو وسڪاري جا ڏينهن ٿر ۾ مال چاريندي گذاريندو هو ۽ ڪڻڪ جي لاباري واري ڏينهن ۾ پنهنجي ڪٽنب سان بئراج جي ايراضي ڏانهن لڙي ايندو هو. هڪڙو اهڙو نڀاڳو سال آيو جو ڪڻڪ جو لابارو ڪندي کاٽائو جي سدا ملوڪ ڀينرن کي ظالم هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويو، اهي ڪونجن جيان ڪڻڪنديون ولر کان وڇڙي ويون، سندن بي پهچ ڀاءُ گهڻو ئي دانهيو ۽ ڪوڪيو پر ڪنهن هڪ به نه ٻڌي ۽ دنيا جي نظرن ۾ هو پاڳل ٿي ويو. انهن ڏينهن ۾ قادر فضل ڀنڀري ۾ پرائمري ماستر هو، هن کي ان روئداد جي ڪا خبر ڪا نه هئي، پر هو جڏهن شام جو ڳوٺ ڏانهن موٽندو هو ته گس تي کيس هڪ سنسان جڳهه تي مٽي ۾ ڀڀوت بڻيل هڪ نوجوان هتان هتان ميڙيل ڪاغذ جي ٽڪرن جا ڍڳ ٺاهي، انهن ڍڳن سان ڳالهائيندي نظر ايندو هوگس تان ايندڙ ويندڙ ماڻهن تي هن جي اک به ڇنڀندي هئي. قادر گهڻائي پرپڻ ڪيا ته ڪهڙي ريت اهو نوجوان ريجهي پوي ان خيال سان قادر روزانو انهي نوجوان وٽ لنگهي وڃي ڪجهه گهڙيون بيهڪ ڏيندو هو، پر هن کي پاڻ ڏانهن متوجهه نه ڪري سگهيو. پر قادر جي ڪهاڻيڪار اک انهي الستي نوجوان ۾ ڪجهه ڳولڻ لاءِ آتي هئي، نيٺ ان نوجوان جي ڪاغذن ۾ دلچسپي واري ڳجهارت کي واءُ هڻڻ لاءِ قادر ان اڳيان روزانو اها اخبار رکڻ شروع ڪئي، جيڪا هو فضل ڀنڀري مان خريدي پڙهي ايندو هو. قادر جي چال ڪم ڏيکاريو، اکين اٿل کاڌي ۽ روزانو اخبار جو انتظار ڪرڻ لڳيون. اهڙي ريت آخر اکيون اکين سان مليون ۽ قادر ان پاڳل نوجوان کي ريجهائڻ ۾ ڪامياب ويو اهو نوجوان اهو ساڳيو کاٽائو هو. ڳالهه کي اتي ڳنڍ ڪا نه ٿي اچي، قادر هڪ ڏينهن کاٽائو کي اتان اٿاري ڳوٺ وٺي آيو. وهنجاري سهنجاري پنهنجو ڪپڙن جو جوڙو پارائي پنهنجي اوطاق تي هنڌ بسترو ڪري ڏنائين ايئن ڏينهن هفتا مهينا گذري ويا، کاٽائو پڙهيل پٽي به ڪو نه هو، تنهن کي الف ب پڙهائيندي پڙهائيندي ڪتابن جو ڍڳ پڙهائي وڌائين، جنهن سان هو رچي ريٽو ٿي ويو، آخر نوڪري جي ڪري قادر کان ڳوٺ ڇڏائجي ويو ته کاٽائو به اتان نڪري ڪڏهن ڪٿي ڪڏهن ڪٿي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ بڪ اسٽالن تي نوڪري واري ڪرت سان لڳي ويو. جنهن سان هن ڪتابن جي پڙهڻ واري ٻاڙ به پوري ٿيڻ لڳي ته کيس کوٽ به گهٽجڻ لڳي. ۱۹۸۰ع جي آخر ۾ قادر جي خواهش تي هن کي مون ٺٽي جي هڪ بڪ اسٽال تان ڳولي هٿ ڪيو ۽ جهڏو وٺي آيس جتي سگا پاران قادر سان ادبي شام ملهائڻ جو پروگرام رٿيل هو، ان ۾ کاٽائو قادر جي فن ۽ شخصيت ڇا ته قهر جو ڳالهايو هو، افسوس اهو مواد به محفوظ نه ٿي سگهيو. قادر “سو ديس مسافر منهنجو ڙي” ناول ۾ کاٽائو جي ڪردارکي دراوڙ سڏيندو هو. قادر جي وڇڙي وڃڻ کانپوءِ کاٽائو سميت هاڪڙي جي سڪل پيٽ جي آس پاس جنم وٺندڙ اهڙن ڪلاسيڪل ڪردارن تي قلم کڻڻ وارو ڪير به ڪونهي، جن ڪردارن کي هن “سو ديس مسافر منهنجوڙي” ۾ سمائڻ ٿي چاهيو، جيڪي The Dead River ۾ سمائجي نه سگهيا آهن، اهڙا ڪردار قادر جي وڇوڙي سان گڏ سرسوتي ندي جيان گمشده ٿي ويا. قادر جو جنم به انهن پٽن ۾ ٿيو، جتي هن ننڍپڻ ۽ جوڀن جا ڏينهن گهاريا هئا، پر نوڪري ۽ وني (ڀاڀي نجمه) جي ڪري جواني ۾ ئي هن کي ڄامشوري جا وڻ وسائڻا پيا هو جنهاڻ جون ڄاريون ۽ ماريون اتي ئي ڇڏي آيو، پر پاڻ سان گڏ اتان جي ڪيترن ڪردارن جي قصن ۽ ڪهاڻين جون ڄڻ هڙون ٻڌي کڻي آيو هو، ان جي ونڊ ورڇ پنهنجي تحريرن ذريعي ڪندو رهيو. هو پنهنجا مارو ۽ اباڻا ڪک ڪڏهن وساري نه سگهيو، جڏهن به اهڙو ذڪر نڪرندو هو ته هو ميلان ڪنڊيرا جا پئرس ۾ صحافين آڏو اهي لفظ سنڌي ۾ هن ريت ورجائيندو هو ته؛ “مونکي منهنجو ملڪ ٿو ياد اچي، مونکي منهنجا مارو ٿا ياد اچن، مونکي منهنجا ڌڻ ياد ٿا اچن، زندگي ڪنهن ٻي هنڌ آهي.” اهو ئي ڪارڻ هو جو هو وصيت ڪري ويو ته مرڻ کانپوءِ مون کي منهنجي ماڳ واري مقام ۾ ڌرتي داخل ڪجو، اڄ هو انهن ڄارين جي اوٽ ۾ مٽي ماءُ سان وڃي مليو آهي. عبدالقادر جوڻيجو سب ڪڇ سيکا هم ني، نه سيکي هوشياري منظور ملاح تاريخ جي ستم ظريفي ته ڏسو اڄ مون کي سندس ئي لفظ دهرائڻا ٿا پون. هن کلندي اهي لفظ لکيا ۽ آئون ڳريءَ دل سان انهن کي دهرايان پيو. جڏهن مون پنهنجو شروعاتي ڪهاڻين جو ڪتاب ۲۰۰۶ ۾ لکيو ته مهاڳ لکڻ لاء کيس بنا پڇڻ جي موڪلي ڏنم ۽ ڪجه ڏينهن کان پوءِ هڪڙو ميسيج رڳو ڪيم. مهينو، ٻه ماٺ ئي ماٺ. نيٺ جڏهن سنڌالاجيءَ مان ٽپڙ ٻڌي سنڌي لينگويج اٿارٽي ڏانهن لڏو کڻڻ جي تياريءَ ۾ هئو ته مون کي به فون ڪري گهرايائين. ڪلاڪ ٻه اڳ وانگر ادبي ڪچهريءَ کان پوءِ مون کي هٿ ۾ لفافي ۾ ڪجه لکيل پنا ڏنائين. باقي ٻڙڪ به ڪو نه ڪڇيو. سانگهڙ واپسيءَ تي مون جڏهن پهريون صفحو کوليو ته سندس لفظ ئي سندس دير سان لکڻ جو جواز ڏئي ويٺا ته؛ آئون سورنهن ڪاهون ڪرڻ کان پوءِ سترهين ڪاه ۾ وڃي ڪجه لکڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهيان ته ڪنهن ويجهي گهر ڀاتيءَ تي لکجي ته ڇا لکجي.“ عبدالقادر جوڻيجو مهراڻي جي ڳوٺ جنهاڻ تعلقي مٺي ۾ پيدا ٿيو. پاڻ واري سانگهڙ کان اتر اوڀر طرف اڇڙي ٿر جي ڀڪ مان وهندڙ ناري واه واري علائقي کي به مهراڻو چون ۽ گهوٽڪي واري پاسي به ساڳئي نالي سان پڪارين. انهي مهراڻي واري علائقي جا جهونا ماڻهو اڄ به واري جي دڙن، نم جي گهاٽي ڇانو هيٺيان يا باه جي مچ جي چوڌاري ويهي جڏهن قصو يا ڳاله کڻندا آهن ته ٻڌندڙ پنڊ پهڻ بڻجي سنهي ڪاٺي سان رڳو زمين تي ليڪا پيا ڪڍندا آهن. ڳاله ڀلي ڪيتري ننڍڙي ڇو نه هجي پر روايتن جا امين اهي قصاگو ان کي ٻولي جي تڙڪي، لهجي جي چاشني، آواز جي جادو سان ايڏو ته دلچسپ نموني سان بيان ڪندا آهن جو باقي ڪم وڃي ڪاٺ ۾ پون. انهن ۾ گهڻائي ڌنارن، هارين، مزدورن، ڪاٺيون ڪندڙن ۽ گڏه ۽ گهوڙن تي گهور ڪندڙن جي هوندي آهي .جنهاڻ جا جوڻيجا ڪچهرين جا شوقين، ڳالهين جا ڳهير، ڏاڍا مڙس چور ۽ پاٿاريدار، ڳاڙي گندي جا شوقين آهن.چڪ چار جا ڀيل زميندار ۽ هاڙا چور آهن. ڀر ۾ ٿڌڙي جي موقعي تي سنهڙي چيله ۾ ٽوال ٻڌي ڏانڍيو راند ڪندڙ ڪولهي، گلي گلي ، نگر نگر سدائون هڻندڙ جوڳي آهن. اهي سڀ پاڻ ۾ گڏجي کانڀ ٻڌي ويهندا آهن ته ڪهاڻيون ۽ قصن جون نديون وهي پونديون آهن. عبدالقادر جوڻيجي جا اهڙا ئي پڳ مٽ يار منو ڀيل، ولي محمد ٽنگڙي، درو ٽنگڙي، کاٽائو ميگهواڙ، رمضان جوڻيجو، عمر جوڻيجو، خانو جوڻيجو، ڦوٽو جوڳي، قيصري ڀيلڻ، ڏيوجي ڪولهي هئا. سندس ڊرامي راڻي جي ڪهاڻي عرف ديوارين کان وٺي سندس ناول The Dead River اهڙن ئي ڪردارن سان سٿيا پيا آهن.هن پنهنجي نوڪري جي شروعات ديه ۱۴۳ دنبالو جي پرائمري اسڪول ۾ پرائمري ماستر طور شروع ڪئي. اتان کان پوء صوفي آباد، ڪمال خان پتافي، خان صاحب پلي، سندس ڳوٺ جنهاڻ ۾ پروموشن ٿيڻ کان پوء فضل ڀنڀري جي مڊل اسڪول تائين دنگ ڪيو، جتان کان شيخ اياز کيس سنڌ يونيورسٽئ وٺي آيو. هي جيڪا جادوئي حقيقت نگاري جي ڳاله ڪري ٿڪجون نٿا، سا ڀاڳو ڀان کان وٺي انهن جهونن تائين سندس لفظن مان پسندي. هن ڊجيٽل ٽيڪنالوجي جي دور ۾ اڄ به چند اهڙا ڪرادار زنده آهن، جن جو ان ڊجيٽل ٽيڪنالوجي سان ليکو نڪو لهڻو. عبدالقادر جوڻيجو انهن ئي روايتن جي نمائندگي ڪندڙ اديب هيو. هونئن به دنيا جي وڏا اديب انهن ئي روايتن جا اسير رهيا آهن. باقي توهان کڻي ٻين نالي چڙهيلن جي ڳاله ڇڏيو پر اموس اوز کان وٺي ڊيوڊ گراس مين جون لکڻيون ته پڙهو. هونهن به تخليقيت ڳاله ڪرڻ جي انداز ٻولي ٻڌندڙ جي جمالياتي حس کي ڇهڻ ۽ ان جو اثر سالن تائين هجڻ ئي ته آهي. ان ڳاله جي پس منظر ۾ واري ۽ پاڻي جي پيدائش هن ليکڪ جي ڳالهين ۾ واري جهڙي ڪڙڪائي ۽ پاڻي جي وهڪري جهڙو Flow نظر ايندو. جڏهن ڪجه نالي چڙهيل چورن ليکڪن مٿس اها تنقيد ڪئي ته هو مهراڻي جو لهجو چوري ڪري ڊز ٿو هڻي ته هن کي اهو چوڻو پيوته سندس ٻولي ۽ لهجو سانگهڙ ۽ ٿرپاڪر وارن مهراڻن جو امتزاج آهي. هن جا تخليقي مضمون رڳو هن هن کان پڇا جو مجموعو نه هئا پر هو ته پڇا کان ٿيندو لاڳاپيل موضوع جي مستند ڪتابن ۾ منهن هڻندو، پنهنجي ڪامن سينس کي استعمال ڪندي پوءِ لکندو هو. مهراڻي جي مٽي جو ٺهيل هجڻ جي ڪري بي ڌڙڪ کلي ڳالهائڻ جي عادت، ٻانهن ۽ گلي جو مٿيون بٽڻ کليل، بيڊ تي ڪتابن جي گهيري ۾ ويهي ڀلي ڪار چوڻ، فيس ايڪسپريشن هٿن جي اشارن ۽ زبان جي ڳاله ذريعي کليون ڪهچريون ڪرڻ اهي سڀ سندس عادت عضوء هئا . شايد هن مونکي مارٽن ايمس جو قول ئي ٻڌايو هو ته جتي به کليل دروازو ڏسو هليا وڃو، ڇا ڪاڻ ته بند دروازي جي پويان سازش ٿيندي آهي يا عشق. ان جو مطلب اهو ته علم جا ڪئين گس گهيڙ ٿيندا آهن، تنهن ڪري جنهن به رستي تي اوهان کي وجه ملي وڃي ته ان مان ڪجه نه ڪجه پرايو ضرور. جڏهن سنڌي لينگويج اٿارٽي جو چئيرمين ٿيو ته نئين بورڊ آف گورنر جا نالا وزير اعلي جي منظوري لاء ڪلچر کاتي جي معرفت موڪليائين. انهن نالن ۾ سنيئر اديبن کان علاوه تڏهوڪي وڏي وزير ارباب غلام رحيم جي چوڻ تي ارباب نيڪ محمد ۽ اشرف سمي جا نالا شامل ڪيائين ۽ پنهنجي پاران منهنجو نالو موڪلايائين پر تڌهوڪي سيڪٽري ڪلچر مهتاب اڪبر راشدي ڏاڍن جي ماڻهن کي هٿ ڪون لاتو پر منهنجي نالي کي لڪير ڏئي ڇڏين. عبدلقادر جوڻيجي جو ننڍپڻ جو وڏو حصو سانگهڙ، نواب شاه، ٺارو شاه وغيره جي ٿاڻن تي گذريو، جتي سندس والد مريد حسين ايس ايڇ او ٿي رهيو. ان عرصي دؤران سندس گهڻي تڻي تربيت سندس ماسي ڪئي، جنهن جو ذڪر هن مختلف انٽرويوئن ۾ ڪيو. هن جو اهو چاه پنهنجي ماسي سان مرڻ گهڙي تائين قائم رهيو. کيس سڀ کان گهڻو ڏک پنهنجي وڏي ڀاء محمد قائم جي وڇوڙي تي ٿيو. هو جڏهن پنهنجي ڳوٺ ايندو هو ته پنهنجي وڏي ڀاء جي قبر تي وڃڻ جي همٿ ساري نه سگهندو هو پر هو هميشه سندس دل ۽ زبان تي رهيو. هو وچين ۽ ڏسڻي آڱرين جي وچ ۾، سگريٽ رکي وڏا گهرا ڪش هڻندو جبلن تان وهندڙ پاڻيءَ وانگر ڳالهيون ڪندو ويندو هئو. هو مون کي ڪنهن يوناني ڏند ڪٿا جو شهزادو ٿي لڳو، جيڪو خوبصورت به هئو ۽ شريف النفس انسان ته انتهائي گهڻيون پڙهيو لکيو به. ٽرڙائيپ جهيڙي شيءِ ته هن جي خمير ۾ شامل ڪو نه هئي. گهران آفيس پنڌ نڪرندو هئو ته باقي دنيا کان بي پرواه تکو تکو ڪنڌ هيٺ ڪيو وکون کڻندو ويندو هئو. جڏهن ته گاڏي ۾ هوندو هئو ته ڪنور ڀگت، مائي ڀاڳي کان ويندي حيدر رند تائين وڏي آواز ۾ راڳ ٻڌندو هئو، اتي رات جو طلعت مسعود جي درديلن گانن دؤران اکين مان لڙڪن جي صورت ۾ يادگيريون هاريندو هئو. ساڻس گڏ آغا رفيق ۽ سليم ديس والي به وارو وڄائيندا هيا. وري پڪي راڳ کان وٺي جديد موسيقي سان به کيچل ڪندو هو. مون کيس ڪڏهن مايوس نه ڏٺو. ٽيهارو سالن کان دوائن جي حوالي پر جيڏي مهل پڇ ڏک نه درد جا قصا پر چپن تي مسڪراهٽ ۽ ٽاٽائيءَ جون ڳالهيون هونديون هيس. اهي ڪچهريون گهر، سنڌالاجي، سنڌي لينگويچ اٿارٽي کان وٺي جنهاڻ تائين جاري رهيون. مون کي هڪڙو دفعو چيائين ته؛ ”يار! منهنجي خواهش آهي ته جڏهن هيڻائي ۾ وڃان ته مون کي ڪير نه ڏسي، متان ڪو منهنجي حالتن تي رحم کائي، آئون ڪنهن به حڪومتي اداري يا شخص کان ڪابه مالي مدد نٿو گهرڻ چاهيان. انهن پئسن جا حقدار مون کان گهڻا ويٺا آهن، ان ڪري اپيل ٽپيل به ڪنهن کي نه ڪبي.“ آخري ڏينهن ۾ جڏهن بستري جي حوالي ٿيو ته دوستن سان ملڻ کان انڪار ڪندو رهيو، صرف مخدوم جميل الزمان کي هن تائين پهچ حاصل ٿي. پر سندس ويجها عزيز روبرو يا فون تي رابطي ۾ رهيا ۽ مون کي به اهڙو شرف حاصل ٿيو. رات جو جڏهن سندس گهر ڪچهريءَ تي ويهندا هئا سين ته ٻارنهن، هڪ ٿي ويندو هئو، نيٺ سندس گهر واري چوندي هيس ته هاڻي هن مسڪين کي ته ساهي ڏي، ماني ته کائي، اوٻاسين جا ٺڪاءَ پيا پونس. هن جتي شهزادن واري زندگي گذاري، اتي کيس آخر ۾ ڪجه دوستن سان شڪايتون به هيون پر ڪڏهن ڪنهن کي ميار ڪو نه ڏنائين. سندس اڪيلي پٽ نصير جي شاديءَ ۾ جڏهن سندس تمام ويجهو دوست ۽ سنڌيءَ جو مشهور اديب نه آيو ته کيس ڏاڍو ڏک ٿيو. اکين ۾ لڙڪ تري آيس. هو مون کي چوندو هئو ته شيخ اياز معصوم هئو، کيس ٻين کڻي خوار ڪيو. پر مون سندس معصوميت، ڪئين دفعا ڏٺي آهي. عبدالقادر جوڻيجي تي ڪئين اديبن ناجائز کائڻ پيئڻ جا الزام هنيا. پر مون کي ذاتي خبر آهي ته هن جيڪو گهر ٺهرايو سو به هائوس بلڊنگ فناس ڪارپوريشن مان قرض کڻي ٺهرايو. هن ته اولاد جي نوڪريءَ لاء به ڪنهن کي منٿ ميڙ نه ڪئي، نه ته ڄام صادق علي ۽ ارباب غلام رحيم هن کي جواب ڏين ها ڇا! هڪ دفعي مون کي ٻڌايائين ته؛ ”ٻه ٽي ڏينهن اڳ ۾ آئون سي ايم هاوس ويو هيس، ارباب رحيم اتي ويٺل دوستن سان منهنجو تعارف ڪرايو ته هيءُ منهنجو استاد عبدالقادر جوڻيجو آهي، جنهن تي اسان سڀني ٿرين کي فخر آهي. مون کيس چئيرمين سنڌي لينگويج اٿارٽي ميرٽ تي مقرر ڪيو آهي.“ سياست ۾ هو ذوالفقار علي ڀٽي ۽ بينظير ڀٽي جو مداح رهيو. مون کي شايد ٻين کان وڌيڪ خبر هجي ته سندس گهرجي مالي حالت ڇا هئي.! هن جي پگهار ۽ ڊرامن جو پورهيو ته رڳو سندس ڪتابن، پرفيوم، ڪپڙن، جوتن ۽ سگريٽن ۾ پورو هئو. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو هو ته جي مهينو ٻه لنگهي ويا ۽ آئون نه ويس ته ميسجن ذريعي ادب ۽ تاريخ تي رات جو ۸ بجي کان وٺي ايس ايم ايس شروع ٿيندا هئا ته وڃي ٻارنهن ٿيندا هئا. انهن مان ڪجھ ايس ايم ايس ته ڊليٽ ٿي ويا پر ڪجھ ڊائري ۾ اتاري محفوظ ڪيا اٿم. هن ٻڌايو ته جڏهن خاڪن تي مشتمل ڪتاب شڪليون لکيو ته شيخ اياز جا ڪن وٺي ڇاڙتن ڀريا، حالانڪ منهنجو خيال هئو ته شيخ اياز ان کان گهڻو ٿو لهڻي، تنهن ڪري الڳ ڪتاب ’ٻه ڏاڙهيون، ٻه سينڌيون‘ لکڻ جو ارادو هيم، جن ۾ ٽي ٻيا خان صاحب پلي، روحي بانو ۽ شيرين پاشا شامل هجن. پوءِ انهن ڇاڙتن کيس يونيورسٽيءَ مان ٽپڙ ٻڌڻ جو چيو ويو. تيستائين شيخ اياز پاڻ بدلي ٿي ويو ۽ نئين وي سي ابڙي صاحب اچڻ سان سندس پروموشن ڪيو. سنڌالاجي ۾ هجڻ دؤران جڏهن غلام علي الانا سنڌالاجي جو ڊائريڪٽر ۽ سنڌ يونيورسٽي جو وي سي ٿيو ته وري ڏکيا ڏينهن شروع ٿيس. چڱا ڀلا دوست به سڻڀ جي پاسي ٿي بيٺا. پاڻ تڏهوڪي وفاقي وزير ۽ دوست حنيف خان سان مليو، جنهن تڏهوڪي سرحد جي وڏي وزير آفتاب شير پاؤ سان ملايس. جتي هو ڪجه ڏينهن ترسيو. نيٺ تڏهوڪي گورنر ڪمال اظفر کي چئي هن تان مصيبت هٽي. هڪ دفعي سنڌالاجي ۾ ٿيل مچ ڪچهري ۾ مون سنڌ جي تمام وڏي محقق کي ساڻس چوندي ٻڌو ته؛ ”قادر صاحب! توهان مون سان گڏ هلي ڪرسيءَ تي ويهو، ڪجھ توهان کان پرايون، پر هن رڳو شڪريو ادا ڪري جواب ڏنس.“ جڏهن آئون سندس ڪهاڻين متعلق پڇندو هيس ته مون کي چوندو هئو ته يار! هاڻي اهي ٻاراڻيون ٿيون لڳن. تڏهن به شايد روشنيءَ واري سندس اهي ڪهاڻيون ڪتابي شڪل ۾ ڇپرائڻ چاهيون ,جنهن جا پروف هو چيڪ نه ڪري سگهيو. کيس سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ نسيم کرل کان پوء جديد سنڌي فڪشن ۾ رحمت الله ماڃوٺي جو ڪتاب کريل گهڙيال، ممتاز بخاريءَ جو ناول ’ڪلاس فور جي محبوبه‘ ۽ ٿري پس منظر ۾ لکيل نصير ڪنڀر جون ڪجه ڪهاڻيون وڻنديون هيس. مون به هيستائين جيڪي ٻه اکر لکيا پڙهيا آهن، اها سندس ئي مهرباني آهي. هو منهنجو هر مضمون، ڪهاڻي ۽ ناول غور سان پڙهندو هئو، ڪجھ تي راءِ ڏيندو هئو، ڪجھ تي چپ رهندو هئو. پر چند اهڙا به هئا جن تي شاباش ڏنائين. هن ڪڏهن به زندگيءَ ۾ منهنجي روبرو منهنجي لکڻين جي تعريف نه ڪئي، پر ٻين مٽن مائٽن سان ذڪر ضرور ڪندو هئو. تازو جڏهن منهنجو ناول ’بختاور مکيءَ جي‘ ڇپيو ته ڪجه مقامي يارن منصوبه بنديءَ تحت فيس بوڪ تي تنقيد ڪرڻ شروع ڪئي. پر مون کي شوڪت شوري کان وٺي منوج ڪمار ۽ آدرش تائين سنڌ مان جيڪي موٽ ملي، شايد آئون لهڻان ڪو نه ٿو. هن پنهنجي بيماريءَ دؤران پهريون دفعو سڌو مون کي فون ڪري چيو ته؛ ”يار! واه جو ناول لکيو اٿئي، رڳو ٿورو ٺيڪ ٿيان ته ان تي ضرور لکندس”. شايد پهريون دفعو هن منهنجي تعريف منهان منهن ڪئي. جڏهن The Dead River ناول لکڻ جو خيال آيس ته مون جهڙي ننڍڙي ليکڪ سان نه صرف ٿيم شيئر ڪيو پر ان تي ڪافي ڏينهن تائين بحث به هليو. هو ڇپجڻ کان اڳ ۾ ان مان ڪجه سٽون ٻئي ٽئين ڏينهن موڪلي مون کان فيڊ بيڪ به وٺندو هئو. وري جڏهن ٻيو ناول Rustics پئي لکيائين ته مون سان وري بحثا بحثي شروع .پنهنجي بيڊ روم ۾ سامهون ويهاري ليپ ٽاپ تان مسودي جا ڪجه صفحا به پڙهايائين. هن جو خيال هئو ته مصر جي نجيب محفوظ جي ٽرائلاجي“ Cairo” وانگر هو به سندي آتم ڪٿا ۽ سنڌ جي لوڪ زندگي ۽ تاريخ تي ٽي ناول لکڻ ٿو چاهي. جنهن ۾ “The Dead River” سندس ننڍپڻ Rustics وچ واري عرصي متعلق ۽ آخري يونيورسٽي ۾ رهڻ دؤران واري زندگي تي لکڻ چاهي ٿو. پر هو ٻه ناول لکي سگهيو، ان مان هڪڙو ڇپيل ٻيو اڻ ڇپيل. هن جو ڳوٺاڻي زندگي وارو وقت ڏاڍو ڏکيو گذريو، ان متعلق سائين ابراهيم جويي ۽ سندس خطن تي مشتمل ڪتاب” خط ٻن اديبن جا “پڙهي جسم ڏڪيو وڃي. هن مون کي نصيحت ڪئي ته جيڪڏهن ڪنهن کان ڀلي ڪيڏي به وڏي غلطي ٿي وڃي پر ان کي احساس ڏيارجان، ڪڏهن به سزا نه ڏجان .ان سلسلي ۾ هن مون کي هڪ واقعو به ٻڌايو ته جڏهن هو ڊگهڙي ڀرسان ڪنهن ڳوٺ ۾ پرائمري ماستر هئو ته ڪيئن نه گهوڙي تي سوار بيٽ آفيسر سندس اسڪول اچي خوامخواه بي عزتي ڪئي. وقت گذرڻ سان گڏ جڏهن هو سنڌالاجيءَ ۾ آيو ۽ بيٽ آفيسر، ڊي اي او ميرپور خاص بڻجي ويو ته کيس کٽئ کنيو، Ph.D ڪرڻ سنڌ يونيورسٽيءَ آيو، جتي غلام علي الانا صاحب ان کي کيس ڏانهن موڪليو. سنڌالاجي آفيس ۾ هن ان ڊي اي او جي ٺاهوڪي دٻ پٽي ۽ پوءِ کيس چانھ بسڪيٽ کارائي اهو واقعو ياد ڏياريو ۽ مشورو ڏنو ته آئندا هوڪڏهن به پنهنجي ما تحت جي ائين بيعزتي نه ڪري. هو سنڌي ادب کان وٺي دنيا جي ادب تي کلي ڳالهائيندوهو ته آئون سندس ڳالهين ۾ ويڙهجي ويندو هيس. هن کي انڊيا جي سنڌي اديبن ۾ لعل پشپ جون لکڻيون ۽ لڇمڻ ڪومل جي آتم ڪٿا “وهي کاتي جا پنا” پسند هيون. سنڌي شاعري ۾ لطيف ۽ اياز کان پوءِ جديد سنڌي شاعري ۾ حسن درس کي وڏو شاعر چوندو هو. هو ڪرڪيٽ کي ننڍپڻ کان پسند ڪندو هو پر ٽينس ۾ سندس محبوب کلاڙي جرمني جي سٽيفي گراف هئي. هو ميلان ڪنڊيرا جي لکڻين کي ان ڪري پسند ڪندو هئو جو هو مختلف موضوعن تي مختلف مهارتن سان لکندو هو. اها ٻي ڳاله آهي ته ڪنڊيرا کي نوبل انعام اڄ تائين ملي نه سگهيو. گاريشيا مارڪيز جو ناول هنڊريڊ ائيرز آف ساليٽيوڊ هن کي وڻندو هئو، باقي ان جون ٻيون لکڻيون کيس ورجائپ لڳنديون هيون. فڪشن ۾ رشين ماسٽرز جي تعريف ڪندي ٿڪندو نه هئو. جڏهن الائيس البينيا جو ڪتاب “امپائرز آف دي انڊس” انگريزي ۾ ڇپيو (سنڌي ۾ اڃا ترجمو نه ٿيو هو) ته هن مون کي چيو ته تحقيق ائين ٿيندي آهي، نه ته ساڳئي موضوع تي اسان جي يارن به لکيو آهي. تازو هن آمريڪي صحافي جان هيريسي جي ڪتاب هيرو شيما جو ترجمو ڪيو پئي، جيڪو شايد بيماري جي ڪري اڌورو رهجي ويو. هن رڳو ۸۰ ۽ ۹۰ ڏهائي واري بين الاقوامي ادب تي ڪون لکيو پڙهيو پر آمريڪي ٿرلر ليکڪ لي چالڊ کان وٺي اسرائيلي ليکڪ ڊيوڊ گراسمين تائين به جديد ادب هئين سان هنڊايو. کيس جيڪو ڪتاب چڱو لڳندو هو ته مون کي پهرين ڌڪ ۾ وٺي پڙهڻ لاء چوندو هو .مون پنهنجي سڄي عمر کيس بيڊ روم ۾ موجود بيڊ تي ڪتابن جي گهيري ۾ ڏٺو، گڏوگڏ ڊنهل سگريٽ جا ڏنڊا، بوسڪي جا شاندار ڪپڙا، امپورٽڊ جوتا ۽ پرفيوم موجود هوندا هئا. پڙهڻ دؤران ان کان ماني کائڻ وسري ويندو هو. پوء جڏهن ڊجيٽل ٽيڪنالوجي جو دور آيو ته سندس بيڊ تي پيل شين ۾ ليپ ٽاپ، ٽيبليٽ، آئي فون جو اضافو ٿيو پر انهن سڀني شين جو پاڻ وٽ رکڻ جو مقصد ساڳيو ئي هيو يعني لکڻ پڙهڻ. صبح جي پهر۽ رات جي وقت ڪجھ ڪلاڪ موسيقي کي به ڏيندو هو، جنهن ۾ سنڌي لوڪ موسيقي کان وٺي ڪلاسيڪل، نيم ڪلاسيڪل، پاپ، جاز، هپ هاپ تائين ٻڌنڌو هو. ٻي ٽين ڏينهن دنيا جون آرٽ فلمون به سندس نظر جي سامهون هونديون هيون. چين جي دؤري دؤران ان جي ملاقات اٽلي جي مايا ناز ليکڪه اوريانا فلاسي سان ٿي ۽ شايد اسڪاٽ لينڊ جي دؤري دؤران هو “دي ٽن ڊرم” ناول جي خالق، نوبل لاريٽ جرمن ليکڪ گينٿر گراس سان مليو. هن کي اسان جي اديبن جي سطح پڻي، ٽرڙاپٽ ۽ اجائي ڌڪن کان بڇان لڳندي هئي. جڏهن لاهور يونيورسٽي آف منجمينٽ سائنس جي انٿراپالوجي جي شعبي پاران سندس ناول دي ڊيڊ ريور ڇپيو ته ان جي پهرين ڪاپي هن مون کي پڙهڻ لاء ڏني. جنهن تي بعد ۾ مون ايڪسپريس اخبار ۾ ”نسلون ڪي ڪهاني“ نالي سان ريويو لکيو. جڏهن ان ڪتاب جي مهورت جو پروگرام لاهور ۾ رکيو ويو ته سندس نمائندگي فيض احمد فيض جي ڌيءَ سليما هاشمي ڪئي ۽ مستنصر حسين تارڙ ۽ منو ڀائي ان ۾ شرڪت ڪئي. اها ٻي ڳاله آهي ته هن مون کي به ان پروگرام ۾ وڃڻ جي لاء چيو هيو ڇاڪاڻ ته سندس صحت ٺيڪ نه هئي. لاهور ۾ هن جي دوستي مٿين کان علاوه پنجابي جي سهڻي شاعر مشتاق صوفي، شيرين پاشا، اصغر نديم سيد، امجد اسلام امجد وغيره سان به هئي. لاهور سندس پسند جو شهر، سندس ست دليون به لاهور سان. مستنصر حسين تارڙ جڏهن والدين سان ملايس ته کيس چميون ڏيڻ لڳا ته هي ديوارين ڊرامي جو ليکڪ آهي. جڏهن ڪجه حلقن پاران هن تي تنقيد ڪئي وئي ته هن اصل ڌڻين جي چوڻ تي اهو ڊرامو لکيو، جيئن نورالهديٰ شاه جنگل ڊرامو لکڻ جو اعتراف ڪيو هو . بقول سندس اهڙي ڪا به ڳاله نه هئي، اهو ساڳيو ڊرامو پهرين سنڌي ۾ “راڻي جي ڪهاڻي” نالي سان نشر ٿيو هو ۽ بعد ۾ پي ٽي وي ڪراچي سينٽر جي ايگزيڪٽو پروڊيسر شهزاد خليل ۽ جنرل منيجر برهان الدين جي چوڻ تي اردو ۾ ترجمو ڪيو. جيتوڻڪ هنن ان ۾ روحي بانو ۽ خالده رياست ٽيلي ڪاسٽ ڪرڻ جي ڳالھ ڪئي پر هن جواب ڏنو ته ڪاسٽ ساڳئي رهندي. جڏهن ديوارين ڊرامو نشر ٿيندو هو ته هندوستان، پاڪستان جون گهٽيون ويران، ماڻهن جا ميڙ ٽي وي تي. پر هن جي پسند جو ڊرامو ڇوٽي سي دنيا، جنهن ۾ اجائي مشڪري بجاءِ زندگو جو حقيقي مزاح وارو پاسو شامل هو. پي ٽي وي تان جڏهن سندس ڊرامو سيڙهيان نشر ٿيو، جنهن ۾ ڪجه ڊائلائگن ۾ اصل ڌڻين تي طنز ٿيل هئي ته کيس سرحد جي تڏوڪي مارشل لاء ايڊمنسٽريٽر فون ڪري تنبيه ڪئي. سندس ڌيءَ جي رشتي ۾ منو ڀائي جو ڪردار هو ته اشفاق احمد جو به. هو اشفاق احمد ۽ بانو قدسيه جي لکڻين جو عاشق، ڊرامي لکڻ ۾ ڊاڪٽر انور سجاد کي استاد مڃڻ وارو هو. هونئن ته نوهٽي ۾ سندس ڊرامي ڪاروان جي شوٽنگ دؤران روحي بانو جهڙي خوبصورت آرٽسٽ هن سان پيچ اڙائي ويٺي پر اڳ ۾ ڪنهن جي زلفن جو اسير ڪٿي ٿو وٺ ڏيئي. ڪاروان هليو پر روحي بانو رسي وئي ۽ هما اڪبر ان جي جاءِ ورتي. شيرين پاشا ٽيلي ڊاڪومينٽري جو وڏو نالو سندس عشق، رسڻ پرچڻ ان سان هلندو رهيو. ان عرصي دؤران جڏهن ڪنهن ڳاله تان کانئس خفا ٿي لاهور ڇڏي اچي ڄام شوري جا واڻ وسايائين ڪجه وقت کان پوء شيرين پاشا هن کي فلم رضيا سلطانه جو لتا جي آواز ۾ ڳايل گانو، ’اي دل نادان...‘ موڪليائين، جنهن کي هن سڄي عمر سانڊي رکيو.ڪڏهن ڪڏهن ان کي ٻڌندي يادگيرين جو سمنڊ سندس اکين مان وهي پوندو هو. آخر ۾ ڪينيڊا جا وڻ وسايو ويٺي ته سالن کان پوء رابطو ڪيانئس ته جواب مليس” ڪاري ڪلر بجاء گهاٽن ساون وڻن هيٺيان دفن ٿيڻ چاهيان ٿي، جي اچڻو اٿئي ته هليو اچ.” آئون ۽ امان الله جوڻيجو جڏهن به رلڻ ويندا آهيون ته سندس پهريون ۽ آخري مشورو لاهور گهمڻ جو هوندو هو. مون کي ياد آهي ته ۲۰۱۹ع جي آخري ٿڌڙي شام جي پهر ۾ مون کي پنج اٺ ڪتاب پنهنجي بيڊ تان کڻي ڏيندي چيائين؛ ”يار! هاڻي هي ڪتاب تنهنجي حوالي ٿو ڪيان باقي هي فون، ليپ ٽاپ ، ٽيب الئي ڪنهن کي نصيب ٿين.“ تنهن هوندي به زندگي جي آخري گهڙين تائين اسان جو هڪ ٻئي سان رابطو منهان منهن ۽ فون رستي قائم رهيو. هن کي پاڪستان جي هڪ وڏي ڊراما نگار طور وڏيون آڇيون ٿيون. بينظير ڀٽو، صدر اسحاق، جنرل ضياءُالحق، جنرل مشرف، آفتاب شيرپاو، ڄام صادق علي سميت ڪئين حڪمرانن ، وزيرن، مشيرن، بيوروڪريٽن پاران آڇون ڪيون ويون ، پر هن ڄام شوري کي ترجيح ڏني. سندس پگهار ۽ ڊرامن جا معاوضا کائڻ پيڻ، دوائن، ڪتابن خريدڻ ۽ پائڻ ۾ پورا ٿي ويندا هئا پر بچت ٻڙي، نه ته گاڏيون، بنگلا ۽ پلاٽ ڪجه به نه هئا. هن کي رڳو قسطن تي چڙهڻ لا گاڏي ۽ قرض تي گهر ٺهرائڻ نصيب ٿيو . تڏهن ته هو آخري ڏينهن ۾ طبيعت ناساز هوندي هيٺيون ڳيت آلاپيندو هو ته: سب ڪڇ سيکا هم ني، نه سيکي هوشياري. هاڻي سوچيان ٿو ته منهنجي زندگي ۾ وري اهڙا ڏينهن الئي ايندا به يا نه پر مون کي يقين آهي ته اڳئين جنم ۾ آئون هن سان ائين ئي ڪچهريون ڪندس. ان پنهنجي وفات واري تاريخ ۳۰ مارچ ۲۰۲۰ کان گهڻو اڳ ۾ اها وصيعت ڪئي هئي ته مونکي جبلن ۾ رولڻ بجاء پنهنجي مٽي ۾ دفن ڪجو. جتي هو گهاٽن کٻڙن ۽ ڪنڊِين جي ويڙهن جي وچ ۾ پراڻي هاڪڙي دريا جي ڪپ تي آرامي آهي. (امر لغاريءَ جي فيسبڪ وال تان ھن نوٽ سان کنيل: منظور ملاح جو عبدالقادر جوڻيجي تي مفصل مضمون (خاڪو) جيڪو ٻن قسطن ۾ ڇپيو آھي. منظور جيئن ته قادر جي گھڻو ويجھو رھيو آھي انڪري ھن جي زندگيءَ جا اھي پاسا جيڪي گھڻن ماڻھن کان ڇُپيل رھيا... يا جن بابت غلط تاثر قائم ڪيا ويا ليکڪ انھن بابت به قلم کنيو آھي.) عبدالقادر جوڻيجو ادب جو آٽوگراف شوڪت لوهار ڪروڙين جاندارن وچ ۾ رهي ڪري ماڻهو ماڻهو ٿي رهي، هو بي وفائي نه ڪري، گهوٽالو نه ڪري، سڀني کان الڳ ٿلڳ هجي، اهو ڏاڍو مشڪل ڪم آهي. هن هائبرڊ دنيا ۾ رهندڙ اڄ هر حياتي به هائبرڊ ٿي ويئي آهي. ان ۾ نج پڻو تلاشڻ، ايترو ئي ڏکيو آهي، جيترو ڪنهن ڪيميادان لاءِ پاري جهڙي ڌاتو کي ڳارڻ. اسان جي چوڌاري ناانصافي، انياءُ ۽ اوچ نيچ تي هلندڙ سماج هجي ۽ ان ۾ ڪوبه ماڻهو سواءِ پنهنجي سماجي رُتبي، ٻي هر سڃاڻپ کان وانجهيل هجي، جڏهن ماڻهو صرف اوهان کي ان لاءِ عزت ڏيندا هجن جو اوهان وٽ گهڻي مال ۽ دولت هجي، ان لاءِ نه جو اوهان جي ذهني زمينن ۾ پوريل اڻ ڳڻيل زمرد ۽ يا قوتن، هيرن ۽ جواهرن سان ڀريل خزانا هجن، جتان ڪوبه پوڄارو پر ٿي سگهي، جتان اوهان جي بنجر بڻيل شعور ۾ کٽڻهار کڙي پون. اسان صرف اهو چاهيندا آهيون ته اسان وٽ زندگي جي سڀني روڳن کي ڀوڳيندڙ اديب اهڙو ڪجهه لکي جيڪو اسان کي پسند هجي، ان ۾ هن جي ڪابه راءِ يا مرضي شامل نه هجي. هو اسان کي اسان جي ڪوجهائپ ۽ بگڙيل شڪل صورت به مورت ڪري ڏيکاري. ماڻهو مِٽي ڀور، وقت جي لوڻاٺي پاڻي سان ٽڪرائجي ڳري وڃي ٿو. ماڻهو وقت جي وات ۾ ڄٻاڙجندڙ هڪ اڻ لکي شئي آهي. ماڻهو وقت سان وڙهندي وڙهندي نيٺ هارائجي ويهي ٿو، وقت جيڪو زمان ۽ مڪان ۾ ماڻهو جي عمل جو ماپو آهي. انهي وقت پنهنجن لوهي هٿن ۾ ڪيئن املهه ماڻهو، ڪيئي هيرا موتي ماڻهو قيد ڪيا آهن ۽ پوءِ هوريان هوريان ازدها بڻجي پنهنجي وات ۾ پئي ڳيهو آهي. وقت ۽ وير ڪنهن جو انتظار ڪونه ٿا ڪن، بلڪه جيڪو ماڻهو ان جو لفظ شناس ٿئي ٿو، اهو ئي ماڻهو موتي ڌاڻو ٿئي ٿو ۽ وقت تي حڪمراني ڪندڙ ڪي ٿورائي ماڻهو آهن. اسان سڀني انسانن تي وقت اچي ٿو. وقت پنهنجو وارو وڄائي ٿو پوءِ انهي وقت کي پنهنجي پنهنجي قوم ۽ پنهنجي ديس جي ڏکوئيلن، ڌڪاريل ماڻهو جو بخت بڻائجي ته ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي خوش نصيبي ٿي سگهي ٿي؟ بندر جا ڀهين ته سکاڻا مَ سمهو، ڪپر ٿو ڪُن ڪري، جيئن منجهه مهي، ايڏو سور سهي ننڊ نه ڪجي ناخواه. شيڪسپيئر چواڻي ته هي دنيا هڪ رنگ منچ آهي ۽ هر ماڻهو هتي پنهنجو هڪ ڪردار پيش ڪري هليو وڃي ٿو. هو ڄمي ٿو، روئي ٿو، پنهنجي بي وسي جو اظهار ڪري ٿو، ٿورو وڏو ٿئي ٿو بي دلي سان مڪتب ڏي وڃي ٿو، جوان ٿئي ٿو، سندس سيني ۾ عشق جي آتش جاڳي ٿي، جذبن جو مها ساگر اٿلي پئي ٿو، پوءِ هڪ اهڙو وقت اچي ٿو جڏهن هو عقل ۽ دانش جي تناور درخت جي ڇانو ۾ ويهي ٿو، منصف ٿئي ٿو، سندس نظر ڪمزور ٿئي ٿي، آخرڪار سندس مت ۽ عقل ڇڻڻ شروع ڪن ٿا، ڏند ڇڻي پون ٿا ۽ هو پيري ۾ وري ابهم ٻار ٿي پئي ٿو ۽ وري وقت جو طوفان اچي ٿو ۽ هو ان کي ڪٿي اڏائي پاڻ سان کڻي وڃي ٿو. زندگي ڇا آهي؟ هڪ جهُرندڙ فانوس آهي، جنهن جي روشني ڏينهون ڏينهن جهيڻي ٿيندي وڃي ٿي ۽ هڪ وقت اهڙو اچي ٿو جڏهن اها جَهڪي جَهڪي روشني اجهامي وڃي ٿي ۽ زندگي وقت جي نيري سمنڊ ۾ ڪٿي گم ٿي وڃي ٿي. شيڪسپيئر پنهنجي هڪ عظيم ناٽڪ ميڪ بيٿ Macbeth ۾ جيون جو ڪهڙو نه سهڻو نقشو چٽيو آهي: “Out, out brief candle! Life’s but a walking shadow, a poor player that struts and frets his hour upon the stage and is heard no more. It is a tale told by an idiot, full of sound and fury signifying nothing.” زندگي هڪ بيوقوف جي بيان ڪيل هڪ اڍنگي آکاڻي آهي، جنهن ۾ اُڻ تُڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونه آهي. سڄي زندگي ماڻهو انهي جدوجهد ۾ گذاري ڇڏي ٿو ته زندگي کي بهتر نموني با عمل نموني هڪ جوابده جي حيثيت سان ڪيئن گذارجي؟ هي اهي ڏينهن هئا جڏهن ڄامشوري جون هوائون رات سمي ويٺي ويٺي اکيون ننڊاکڙيون ڪري ڪنهن پُر فريب دنيا ۾ وٺي وڃڻ لاءِ بي قرار هونديون هيون، جڏهن اسان جي رولاڪي ۾ وقت جو بئنڪ بئلنس اڻ کٽ هيو ۽ يونيورسٽي جا ڏينهڙا ڪنهن بلئنڪ چيڪ کان گهٽ ڪونه هئا. بهار رُت ۾ هاسٽل جي ڇت تي ٿڌڙين هيرن جي ڀاڪرن ۾ گذاريل وقت ڀلا ڪهڙي منافق کان وسري سگهي ٿو. املتاس جي بانسرين جا سرڪيئن ٿا ڀُلائي سگهجن. هي اهي ڏينهن هئا جڏهن اديب روحاني استاد سمجهيا ويندا هئا ۽ انهن کان آٽوگراف وٺڻ پاڻ لاءِ هڪ اعزاز کان گهٽ ڪونه هوندو هو. بلڪل اهڙن ئي ڏينهن ۾ سنڌ يونيورسٽي جي سينٽرل لائبريري کان سنڌيالاجي ڏانهن ويندڙ واٽ ڪو ڪهاڻي، ڪو شعر ڪو قصو ڪو ناول ٿي پوندي هئي. تن ڏينهن ۾ منهنجي ملاقات هن گرو، هن استاد، هن دنيا جي فڪشن کي ٿڌي پاڻي جيئان ڳڙڪائيندڙ قصا گو عبدالقادر جوڻيجو سان ٿي هئي. تڏهن هو سنڌيالاجي جو ڊائريڪٽر هو ۽ ٻن ڪلاڪن تي مشتمل ان ڦڪي چانهه تي ٿيل مصري جهڙي ڪچهري ۾ دنيا جي ادب تي ڪيئي اهڙيون ڳالهيون کوليون هيون جن مون کي پنهنجي جهالت جو احساس وڌائي ڇڏيو هو ۽ هن مهاگرو جي موجودگي دنيا جي ادب، اديبن، نون نون ڪتابن بابت دل ۾ اٿاهه اتاولائپ پيدا ڪري ڇڏي هئي. ناسان ماڻهن کان هڪ ڪتاب جا ڏهه صفحا ڪونه ٿا پڙهيا ٿين ۽ نصاب جي ڪتابن کان سواءِ ٻيو ڪجهه پڙهڻ اسان جي روٽين مان نڪري ويو آهي. تبديلي ڪٿان ايندي؟ جڏهن ماڻهو پنهنجو پاڻ کي پنهنجي علم کي مقامي سطح تي، ملڪي سطح تي ۽ بين الاقوامي سطح تي ماپيندو ڪونه ته ان کي خبر ڪيئن پوندي ته مون ڇا پڙهيو آهي؟ ۽ مون وٽ ڪيترو علم آهي؟ اسان وٽ ماڻهو ڪوڙ سوڙ تي ڊگريون وٺي ۽ نرگيسٽ ۾ وٺجو وڃن ۽ ڪنهن غريبڙي سان ڳالهائڻ لاءِ تيار نه هوندا آهن. هي اهي ڏينهن هئا جڏهن نينهن ۽ ڏينهن ٻئي سنڌو ندي ۾ اونڌي ٿيل ناؤ جيئان لڳندا هئا ۽ دماغ هڪ اڻ سيکڙ ناکئو بڻجي هن ڪشتي جو بادبان ٺاهڻ ۾ پورو هوندو هو. بحث مباحثن سان هر ڏسا ٻهڪيل لڳندي هئي، فيڪلٽي جي آڳنڌ تي گل مهار جي گلن جي هٻڪار ۽ ڪتب خاني ۾ گذاريل وقت سينٽرل ڪئٽين جو ايٿنس جهڙو ماحول سڀ ڪجهه هڪ حسين خواب کان گهٽ ڪونه لڳندو هو. عبدالقادر جوڻيجو بنا اجوري وٺڻ جي اڄ جي ڪيترن ئي قلم سوارن جو استاد هو. چيخوف، اوهينري کان پڙهڻ جو ڏس ڏيندڙ جڏهن اوريانا فلاشي، اوڪتايو پاز ۽ ميلان ڪنڊيرا تي ڳالهائيندو هو ته ائين لڳندو هو اهي سڀئي اديب آهسته آهسته اچي هن جي ڪچهري ۾ شامل ٿيا هجن، دوستو وسڪي ۽ پئبلو نرودا جي اسلوب تي ڪيئي ڪيٽوفلٽر دونهون بڻجي ڪنھن نئين ڪهاڻي ڪنهن نئين ڪردار جي اڻت ۾ مددگار ٿيندي رک وٽي جي حوالي ٿي ويندا هئا. مون کي خبر ناهي ته هن اکرن جي جهنگ ۾ هلندي هلندي مون کي سائين عزيز پلي ۽ استاد عبدالقادر جوڻيجو منهنجو ڀاڳ ٿي مليا ۽ مون جهڙي ڀٽڪيل مسافر لاءِ ڪنهن تناور بڙ جي گهاٽي ڇانو بڻيا يا نه پر ايترو ضرور ٿيو جو ڪتابن جو اڻ کٽ نيرو آسمان ارپي ويا. اسان جي ڪچهرين ۾ جڏهن پياري وحيد جتوئي جو اضافو ٿيو جيڪو سنڌيالاجي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر آهي، مون پنهنجو پاڻ کي ڪنهن ادب جي ورڪشاپ ۾ ڀانيو جتي دل ۽ دماغ جي هر هڪ ڪل ۽ پرزي جي پئي مرمت ٿي. آئون اها هام ڪڏهن به ڪونه هڻندس ته ته منهنجو سائين استاد عبدالقادر جوڻيجو سان ڪو گهرو تعلق هو بس هڪ عقيدت هئي، گهڻا سال پوءِ جڏهن پاڻ غم روزگار ۾ پاڻ کي سماج جي بٺي ۾ سڙندي محسوس ڪيم ته هڪ دفعو استاد سان فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي جڏهن اصغر نديم سيد جو ڊرامو ”تم هو ڪي چپ“ ڏٺم بي پرواهه انداز ۾ استاد ڳالهايو ته هي پنهنجو يارڙو آهي، سٺو لکي ٿو پر ڊرامه نگار کان وڌيڪ سٺو شاعر آهي. ماڻهو جي من تي نظرين جا تهه چڙهيل آهن، مونجهارن جا ڄارا اسان کي اصلي علم کان پري رکڻ لاءِ ڪافي هجن ٿا. اسين ڪوشش جي باوجود اصلي علم شعور جي سرينڊر لاءِ تيار ئي ڪونه هوندا آهيون. مذهبي حوالي سان اسان سڀ پنهنجي ويهه پنجويهه سال زندگاني تيل ڪرڻ کان پوءِ وري وڃي ڪجهه مفاد پرستي نظرياتي چمڙن جي ور چڙهون ٿا جيڪي علم جي نالي ۾ حسد ۽ ساڙ اختلاف ۽ مخالفت جا دٻا هجن ٿا. انهن مان ڪو هڪ اڌ ماڻهو حقيقي معنيٰ ۾ سچو پچو علم دوست آدرشي ۽ منطقي علم رکندڙ هجي ٿو نه ته سڀ جا سڀ هريڙ رکندڙ. استاد عبدالقادر جوڻيجو ادب جو جادوئي ليکڪ هو، هو حقيقت ۾ علي بابا جي ناول موهن جي دڙي جو ڪو ڪردار هو جيڪو سنڌو سڀيتا جي ڪهاڻي بيان ڪرڻ لاءِ هن جهان ۾ آيو هو، جيڪا هن پنهنجي انگريزي ناول The Dead River مئل ندي ۾ ڪيو آهي. هن ناول ۾ هُن جادوئي حقيقت نگاري ۾ نکار آڻيندي هاڪڙي دريا، جيڪو حقيقت ۾ سرسبز دريا هو تي اڏيل ڪئين قصا بيان ڪيا آهن، عبدالقادر جوڻيجو جو فن ۽ فڪر ٻئي برميچجي هن ناول ۾ عيان ٿيا آهن. عبدالقادر جوڻيجو جيڪو هن وقت پنهنجي ڳوٺ جنهاڻ ۾ ڪونڀٽن جي ڇانو ۾ ٿر جي ٿڌڙي واري ۾ آرامي ٿيو آهي، ان لاءِ اهو فيصلو ڪرڻ اوکو هوندو ته هو ٿريو هو يا ڄامشوري جو ڪو ديو مالائي ڪردار هو. اديب وڏو هو يا قصه گو. هو ناول نگار هو، ڪالم نگار يا ڊرامه نگار، اهو فيصلو توهان اسان ڪري ئي نٿا سگهون، ڇڏو ته اهو فيصلو ڄامشوري جون ٿڌيون هوائون ۽ ٿر جي اڏول ڀٽن جي سپرد ڪريون، هو ئي ان جي فن جو ازرا پائونڊ بڻجي ڪو فيصلو ڪري سگهنديون باقي پاڻ ڪٿي کٽي نه پئون. استاد قادر جوڻيجو شروعاتي طور هڪ استاد بڻيو پر جلد ئي شيخ اياز ان کي سنڌيالاجي سونپي جتي هن پنهنجي ملازمت سان گڏ پنهنجي وهي به ڄامشوري حوالي ڪري پاڻ پنهنجي آمد ۽ رخصتي جيتري ساھي لاءِ جنهاڻ جي ٿڌين ڀٽن کان اجازت وٺي آيو. قادر جوڻيجو جڏهن پي ٽي وي تي راڻي جي ڪهاڻي کي کڻي آيو ته ڊرامي جو جهان ئي بدلجي ويو، وري جڏهن راڻي جي ڪهاڻي اردو ۾ ديوارين طور پيش ڪيو ويو ته سانجهي ڌاران بازارون ۽ ڳليون ويران سڀ ٽي وي جي اسڪرين تي چمبڙيل، اهو استاد قادر جو ئي ڪمال هو جو ڪلچرل شاڪ، ثقافتي جهتڪي تي ٺهيل ڪمال ڪاميڊي ”ڇوٽي سي دنيا“ جنهن ۾ هڪ ڪردار مير مراد علي خان ڪنهن انگريز جو گائيڊ بڻجي ڪجهه ڏينهن ڳوٺ ۾ سير ڪرائي وري جڏهن ان سان گڏ لنڊن وڃي ٿو ۽ اتان موٽ کائي ڪيئن نه ولايتي ڪلچر جي نرگسيت ۾ وٺجي ڳوٺاڻن سان عجيب غريب جٺون ڪري ٿو ۽ ڳوٺ ۾ رهندڙ جانو جرمن جهڙو ڪردار گهڙڻ سندس فن جي اڏولتا جو شناختي ڪارڊ بڻجي پون ٿو ۽ اسين پهريون ڀيرو نور محمد لاشاري ، انور سولنگي ۽ صلاح الدين تنيو جي زباني انگريزي ٻولي جو ملاکڙيو ڏسون ٿا. جهوٽي سي دنيا ۾ شيزان چنا ۽ سڪينا سمون عورت ڪردارن ۾ جيڪا ٻولي جي خوبصورتي بيان ڪن ٿيون ۽ نج پج ڳوٺاڻي زندگي بيان ڪن ٿيون، اهو صرف جوڻيجو صاحب ئي ڪري ٿي سگهيو. استاد علم انسانيات ۽ ماحوليات متعلق تمام ڊگها ۽ ڪارائتا ڪالم لکيا، هر ڪالم هر ڪهاڻي ۾ هن وٽ اسلوب جي سندرتا ۽ بيان جي مهانتا ڄڻ سندس ڏائي هٿ جو کيل هئي، سندس تخليقي پورهئي ۾ ڇا لکان؛ وڻ وڻ جي ڪاٺي واٽون، راتيون رول شڪليون، ويندڙ وهي، لهندڙ سج وڏا اديب وڏيون ڳالهيون سونو روپو سج ايورسٽ تي چڙهائي ڪرسي ڇو، ڇا ۽ ڪيئن خط ٻن اديبن جا در در جا مسافر The Dead River ۽ Rustics انهي کان علاوه ڪيئي اڻ ڳڻيا ڪالم، ڊرامه، ڪتابن جا مهاڳ ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه. اڄ جڏهن هر طرف، مونجهه آهي، هر ڏسان سانت آهي، هر طرف خوف جو ديو لامارا پيو هڻي. اهڙن ڏينهن ۾ استاد جو وڇوڙو يقينن سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻولي لاءِ هڪ ناقابل تلافي نقصان آهي. اسان وٽ اڄڪلهه سنڌي ناول جي معيار مطعلق کوڙ بحث ٻڌڻ لاءِ ملن ٿا. جيتوڻيڪ مان ڀانيان ٿو ته ڪهاڻي، ناول يا ڪوبه تخليقي وٿ خالص داخلي Subjective ڪيفيت جي اپٽار هوندو آهي. ڪوبه اديب ڪنهن کان ڊڪٽيشن وٺي نٿو لکي سگهي. جن دوستن کي ڪيمپس تي لکيل ناول نٿا پسند اچن ٿي سگهي ٿو ته ٻين لاءِ اهي ڪنهن وڏي وٿ مثل هجن. هڪ ماڻهو کان ٻي ماڻهو تائين ٽيڪسٽ متن مختلف معنيٰ ۾ پهچي ٿو. انهي کان علاوه اسان جا دوست زميني حقيقتن کان اکيون ٻوٽي پوءِ ٿا تجربو ڪن، اسان جو تعليمي معيار ۽ مطالعو ۽ ڪنهن به پرڏيهي اديب جو تعليمي معيار ۽ مطالعو هڪ جهڙو نٿو ٿي سگهي. توهان ڇا ٿا سمجهو، شوق وچان لکندڙ اسان جو اديب بس ڪجهه ڏينهن ۾ ماريو ورگاس ۽ پاموڪ جهڙو لکڻ شروع ڪري ڏي؟ اهو ناممڪن آهي. اسان وٽ ادب اڃا پيشاوراڻه ڪرت ڪونه بڻيو آهي. انهي کان علاوه ٻي ڳالهه ته هر ڪتاب جنهن جي مٿان بيسٽ سيلر جو ٽيگ لڳل آهي، ضروري ڪونهي ته ان جو معيار به اهڙو ئي هجي. رسول ميمڻ جي ناول نجومي جو انگريزي ترجمو ڪرايو، پائلو ڪوئلو کي پاسي نه ڪري ڇڏي ته پوءِ چئجو. استاد عبداقادر جوڻيجو جيڪو سو ديس مسافر منهنجو ڙي نالي ناول پڻ لکي رهيو هو، پر ساهن جي ڌاڳن جي تند ڇڳي پيس. هُن جي آتم ڪٿا جهڪيون جهڪيون يادگيريون اڌ ۾ هئي، جنهن جون ڪجهه قسطون سارنگا ۾ ڇپيون هيون، اها به الائي ڪٿي پنڌ پيچري ۾ رهجي ويئي. عبدالقادر جوڻيجو سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جي جهول ۾ پنهنجو پورهيو ارپي ويو آهي، هاڻ اها سنڌ ۽ سنڌ واسين جي ذميواري آهي ته هو سندس ڪتابن کي پنهنجي شعور جي فانوس جي سهائي بڻائي ڪو نئون ڌڳ وٺن. هُو ميلن ٺيلن کان پرڀرو اديب هو بهرحال اڄوڪا ڪمرشل ميلا سندس قدڪاٺ کان گهڻو هيٺ هئا. هو سنڌ ۾ شيخ اياز کان رسول بخش پليجي کان پوءِ دنيا جي ادب جو پورهيت هو. جنهن جو اجورو سنڌ واسين تي اوڌر بڻيل رهندو. لڳي مون کي لوهه، ورهه واٽون لائيون. راضِي جنهن سِين روح سو ڪوهِيار ڪَيچ ويو.“ (شاهه) Abdul Qadir Junejo Asif Jamal Soomro Abdul Qadir Junejo was born on 13 September 1945, in small village Jinhan, Tharparkar, Sindh; a novelist, playwright and columnist writing in Sindhi, Urdu and English languages. His father Mureed Hussain Junejo, was a police officer. Junejo received his primary education from his native village Jinhan in Govt. Primary School. Then went for higher education, where from University of Sindh he did his Bachelor of Arts, Bachelor of Education and Master of Arts in Sociology degrees. He has written many articles and books among them lot are famous. 1.Watoon, Ratyoon Ain Rol (1973) (Sindhi: واٽون، راتيون ۽ رول) 2.Shikliyoon (1979) (Sindhi: شڪليون) 3.Weender Wahi Lahandar Sijj (1984) (Sindhi: ويندڙ واھي لھندڙ سج) 4.Wada Adeeb Wadyoon Galhyoon (1984) (Sindhi: وڏا اديب وڏيون ڳالھيون) 5.Sono Roop Sijj (1986) (Sindhi: سونو روپ سج) 6.Everest te Charhai (1987) (Sindhi: ايورسٽ تي چڙھائي) 7.Kursi (1998) (Sindhi: ڪرسي) 8.Chho Chha Ain Keein (1999) (Sindhi: ڇو ڇا ۽ ڪيئن) 9.Khat bin Adeeban Ja (1999) (Sindhi: خط ٻن اديبن جا) 10.Dar Dar ja Musafir (2001) (Sindhi: در در جا مسافر) 11.Wan Wan Jee Kathiee (2002) (Sindhi: وڻ وڻ جي ڪاٺي) 12.The Dead River (2014) English. The Government of Pakistan and Government of Sindh awarded him Pride of Performance in 2008 and Latif Award in 2016. He received several awards from local organizations. عبدالقادر جوڻيجو استاد جي سلامي اسحاق سميجو ڦول ٿي ڪو ته منجهائن اڀري خواب ڪيڏا نه مليا مٽيءَ ۾. (شيام) خليل ڪنڀار جي نوهٽي ويندي، مون سائين علي دوست کي چيو ته هن ئي رستي تي ڪٿي استاد عبدالقادر جي آخري آرام گاھ به آهي. واپسي تي کيس سلام ڪندا اينداسين. سائين چيو؛ اها ته ڀاڳ جي ڳالھ چئبي. نوهٽي ويندي رستي ۾ ڪٿي به جنهان جوڻيجي جو بورڊ نظر نه آيو. ان ڪري واپسي تي مون سنگت کي چيو ته ثقافت کاتي کي گذارش ڪنداسين ته استاد جي نالي جو بورڊ به روڊ تي لڳرائي ۽ مزار تي ننڍو چبوترو به ٺهرائي، جيئن ايندڙ ماڻهو آسانيءَ سان مزار کي ڳولهي سگهن. نوهٽي کان جنهاڻ جوڻيجو ستن اٺن ڪلوميٽرن تي آهي. ٻن ٽن ماڻهن کان پڇا ڪئيسين ته اسٽاپ تي ڄار جي وڻ جي نشاني ملي. جنهاڻ تائين پهچندي قدير انصاري ۽ سائين علي دوست بروهڪيءَ ۾ شعرن ۽ لطيفن جو مزيدار مقابلو ڪيو. قدير کي گڏهن بابت لطيفا جام ٿي آيا. سو جتي جتي رستي ۾ گڏھ ٿي نظر آيو، ڪو نه ڪو لطيفو ضرور ٿي ٻڌايائين. لطيفا ٿورا ولگر هيا، سو جنھن کي به ٻڌڻا هجن، مالڪ کان فون تي ٻڌي وٺي. جنهاڻ جوڻيجي پهتاسين ته رستي جي هڪ پاسي اڇي رنگ جو دڪان ۽ ٻئي پاسي اڇي رنگ جي ئي اوطاق موجود هئي. پر نه ڪو ماڻهو، نه ماڻهوء جي ذات. گاڏيءَ مان لهي منصور سيتائي. . . . ابا ڪو آهي. . . ادا ڪو ٻڌي پيو. . . . جا سڏ به ڪيا، پر ورنائڻ وارو ڪو به نه هو. . مان دڪان جي ڀرسان ديوين وچ مان گذرندڙ رستي تي اڳتي وڌيس ته گهرن جون ڀتيون ننڍيون هجڻ ڪري عورتون ۽ ٻار نظر پئي آيا. ڪنهن ڌنار جا آواز به ڪنن تي پيا، پر وڻن ۽ ديوين جي گهاٽائي سبب ڪو به نظر نه آيو. روڊ طرف موٽ کاڌي ته ٽي ٻارڙا گهرن پاسي کان ڊوڙندا آيا. مون کانئن قبرستان ۽ استاد عبدالقادر جي مزار بابت پڇا ڪئي. هنن اشاري سان ٻڌايو ته نئين ڪوٽ جي قلعي طرف ويندڙ رستي تي ٿورو ئي اڳيان هڪ اڇي مسجد جي ڀر ۾ قبرستان آهي. جتي ئي اها مزار ٿي سگهي ٿي. گاڏي ۾ چڙهي ڪجھ اڳيان وڌياسين ته هڪ لوڪ قصن جي ڪردارن سان ملندڙ جلندڙ چاچو اڳتي وڌي آيو، ۽ پڇا تي رهنمائي لاءِ گاڏي ۾ ويهي رهيو. آڏو ئي هڪ ننڍڙي، ڳوٺاڻن جي دل ۽ دسترخوان وانگر کليل، ڪنهن به شهري چمڪ دمڪ کان پري جيئندڙ بيحد معصومڙي مسجد ڏسڻ ۾ آئي. قدير مسجد وٽان گاڏي هيٺ لاٿي ته سامهون ئي هڪ ميدان هيو، جنهن ۾ ڳوٺ جا ٻارڙا ڪرڪيٽ کيڏي رهيا هئا. قبرستان گرائونڊ جي سامهون ئي هو. وڻن جي جهڳٽن وچ ۾ هڪ مختصر قديمي قبرستان جو ڪاٺين جو ٺهيل مزيدار گيٽ هٽائي، چاچي اسان کي اشاري سان اولھ طرف هلڻ لاءِ چيو. جيئن ئي منهن اولھ طرف ڪياسين ته پهرين آجيان لهندڙ سج جي ٿڌي ۽ گيڙو رتي روشنيءَ ڪئي. دل تي استاد قادر جي ڪتاب جو عنوان تري آيو، 'ويندڙ وهي، لهندڙ سج. ، ' قبرستان جي ڀر مان هڪ ڪچو ڳوٺاڻو رستو گذريو پئي ۽ رستي جي ٻيءَ ڀر سرنهن جا سهڻا پيلا کيت ٻهڪي رهيا هيا، جن تي پوندڙ سج جا سونهري ڪرڻا هڪ عجيب طلسمي ماحول خلقي ڪري رهيا هئا. مزار جي پيرانديءَ کان ڪنڊيءَ جو هڪ قديمي وڻ تجريدي پينٽنگ جو ماحول ٺاهڻ ۾ رڌل هو. مون مزار کي ويجهي ٿيندي ئي موبائل ڪڍي ۽ مزار کان سج جو منظر محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اوچتو ڪنڊيءَ جي ڀر وارن ڄارين مان ڀڙڪو ٿيو ۽ هڪ مور اڏامي اچي ڪنڊيءَ جي وڻ تي ويٺو ۽ پنهنجا پر ڦڙڪائي، جهڙوڪ آيل عقيدتمندن کي ڀليڪار ڪرڻ لڳو. مون قدير کي اشاري سان مور ڏيکاريو ته هو به حيرت ۾ پئجي ويو. اسان زندگيء ۾ پهريون ڀيرو قبرستان ۾ ڪو مور ڏٺو هو. مٿان وري ان قبرستان ۾ استاد عبدالقادر آرامي هجي ۽ ان جي پيرانديءَ کان بيٺل ڪنڊيء جو وڻ مور پنکن سان سنگارجي بيهي، ته ان ڪيفيت کي ڪهڙو نالو ڏجي. سو هي گهڙون عجيب ۽ بشارت جهڙيون لڳيون. اسان استاد قادر کي سلام ڪيو ۽ سندس مزار جي مٽيء کي ڇهي، اکين تي رکيو. عبدالقادر جوڻيجو اسان جي نسل جو ادبي گرو هو. اسان لکڻ ئي شروع نه ڪيو هو ته ڪهاڻي کان خاڪن تائين ادبي دنيا ۾ هن جي نالي جي ڌاڪ هئي. پر هن جڏهن سنڌالاجي جي هڪ ڪنڊائتي ڪمري ۾ ويهي، مٺ تي سگريٽ رکي، 'راڻي جي ڪهاڻي'، 'ديوارين' ۽ 'ڇوٽي سي دنيا' جهڙا جڳ مشهور ڊراما لکيا، تڏهن رڳو سنڌ ۽ پاڪستان ۾ نه پر سموري ننڍي کنڊ ۾ هڪ ليکڪ طور هن جي شهرت ۽ سڃاڻپ خوشبو جي طوفان وانگر پکڙجي وئي. اها سنڌالاجي، جنهن جي عمارت ڪنهن بزرگ جي مقبري جو ڏيک ڏيندي آهي ۽ قلندر جي پانڌيئڙن جي ڪا ڪا بس رفتار جهڪي ڪري، دعائون گهرندي اڳتي وڌندي آهي، ان سنڌالاجي جي ڊائريڪٽر رهندڙ عبدالقادر جي مزار تي ڪو به مقبرو يا چبوترو ٺهيل نه آهي. هن جي ڪچي مٽيءَ جي مزار ۾ اهڙي ئي ڇڪ ۽ پنهنجائپ محسوس ٿئي ٿي، جهڙي هن جي ڪهاڻين جي ٻوليءَ ۽ ديومالائي شخصيت ۾ هئي. (حيرت ۽ ڏک جي ڳالھ اها به آهي ته جنهن سنڌالاجي جي سڃاڻپ ئي عبدالقادر جوڻيجي ۽ شوڪت حسين شوري جهڙا ليکڪ هيا، ان سنڌالاجي سندن سکڻا ڪارنر به نه ٺاهيا. ) جڏهن ۳۰ نومبر تي عبدالقادر جي موڪلائڻ جي خبر ٻڌي سندس گهر پهتا هياسين، (جتي ڪرونا جي خوف سبب ڪي چند ماڻهو ئي موجود هيا)، تڏهن اتي ڪنهن ٻڌايو هئو ته تدفين نئين ڪوٽ ويجهو، سندس مري ويل محبوب درياء (جنهن تي هن انگريزي ناول 'د ڊيڊ رور' لکيو هيو) جي ڪنڌيءَ تي قائم سندس اباڻي ڳوٺ جنهاڻ جوڻيجي ۾ ٿيندي. مون هن جي فرزند نصير کان پڇيو، ته ڄام شوري ۾ سڄي زندگي گذاريندڙ قادر جا هڏا اوهان جنهان ڪيڏانهن پيا کڻايو وڃو? تڏهن هن ٻڌايو هيو ته اها بابي جي وصيت ۽ خواهش هئي. تڏهن الائي به ڇو، مونکي اهو فيصلو نه آئڙيو هو - پر هاڻ جڏهن هن کي فطرت جي ٻاجھاري هنج ۾ ستل ڏٺو سين، سندس مزار مٿان مٿان مورن جون رنگين اڏارون نظر آيون، قبرستان جي پاسن کان سرنهن جا ڦلاريل کيت اکين سان ٽڪرايا، قبرستان جي آس پاس هن جي ڪهاڻين ۽ ڊرامن جي ڪردارن کي زندگيءَ جي حقيقي ڪردار طور ماڻيوسين، ڳوٺ جي ٻارڙن جا سادڙا ۽ سٻاجهڙا ٽهڪ ٻڌاسين، انهن ٻن ٻارڙن سان ملياسين، جيڪي اسان کي قبرستان ۾ ڏسي اندر هليا آيا ۽ چيائون ته هي اسان جو ڏاڏو آهي. . . . تڏهن مونکي لڳو، عبدالقادر جو فيصلو ڪنهن به ريت غلط نه هو. . . اهي سڀ ماڻهو، جن پنهنجون مزارون ادارن اندر ٺهرايون ۽ ادارن کي قبرستانن ۾ بدلايو، عبدالقادر انهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ باوقار طريقي سان، پنهنجي وڏڙن وچ ۾ باک ويلي ماڪ جي قطرن ۽ گوڌول جي گهڙين ۾ سج جي ڪرڻن سان سڌيء ريت ڪچهرين جا مزا ماڻي رهيو آهي. . . عبدالقادر واقعي به وڏو ليکڪ ئي نه، وڏو ماڻهو به هو. . . ۽ فطرت هن تي هاڻ به اهڙي ئي مهربان نظر آئي، جهڙي زندگيءَ ۾ هئي. (اسحاق سميجو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۸ جنوري ۲۰۲۲ع تي کنيل) عبدالقادر جوڻيجو ڀارومل امراڻي ٿريو آخر ٿريو هوندو آهي، پوِءِ ٿر جي ڀٽن تي ولر واريندڙ ڌنار هجي يا جڳ مشهور ليکڪ. هُو زمين آسمان سج چنڊ تارا، چارا، نديون، نالا سڀ ٿريو ٿي ڏسندو آهي، هن جي اندر ۾ صدين جي اڃ هوندي آهي. مينهن ۽ نينهن مان ڪڏهن هن جو ڍو نه ٿيندو آهي. عبدالقادر جوڻيجو ٿر جي طبعي ڀاڱي مهراڻي جي ڳوٺ جنهاڻ جوڻيجا ۾ جنم وٺندڙ ٿريو هو. هن ڏکن کان اتر تائين پوري سنڌ گهمي، ملڪ جي ٻين حصن ۾ به ويو، هن دنيا جي ملڪن ڏانهن به پنڌ ڪيو پر ھر هنڌ ھن کي ڪجھ ڏينهن کان پوءِ ‘هورو’ پوندو هو. هوري جي اڻ تڻ ۾ ‘هورو ’ جهڙي شاهڪار لکي. هن جي من جي مايا روپي ندي هاڪڙو هوندي هئي. هاڪڙي جي لهرن هن جي لفظن ۾ نئون جنم ورتو هو. چون ٿا ته هاڪڙي جي ڪنارن تي ۳۰۰ شهر آباد هوندا هئا. هن جي ڪهاڻين، ڪالمن، ڊرامن، ناول، خاڪن ۽ ترجمي جي لکڻين جو ڪل تعداد لڳ ڀڳ ٽي سو آهي. منهنجون ھن سان گهڻيون ملاقاتون ڪتابن ۽ ڪالمن ۾ ٿيون، هن جي ڊرامن جي ڊائلاگن ۾ ڪچهرين جو وڏو رس ورتو. پر ڪجھ ملاقاتون سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ۾ هن جي چئرمين شپ دوران روبرو ٿيون. هُو دل گهرئي ماڻهو کي پريان کان ايندو ڏسي مرڪندو هو. هن هڪ ڀيري سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري ۾ ڪچهري ڪندي ٻڌايو ته دنيا ۾ رقص جا چاليھ نمونا آهن ڇٽيھ نموني جو رقص ٿر جو ماڻهو ڄاڻي ٿو. هن ڳاله ڪري دنگ ڪئي ته مون چيو بروبر سائين ‘ڇٽيھ نموني جو رقص اوهان جي مرڪ ۾ موجود آهي. پوءِ هن وڏا ٽهڪ ڏيئي مهراڻي جي ڀٽن، ڪونڀٽن ۽ ڄارين جي جڳهٽن تي ڳالهايو هو. هن دنيا جو ادب پڙهيو هو. هن پنهنجي پسند جون لکڻيون ترجمو ڪري سنڌي ادب جي پڙهندڙ تائين پهچايون هيون، پر هن جي طبعزاد لکڻين ۾ مقاميت حاوي هوندي هئي. ڳالھ ڪٿان جي ڪئين هجي پرهن جي تشبيھ جو رنگ چاچي رمضان جي ڳالهين تي اچي دنگ ڪندو هو. هُو تحقيق ۾ پيرا رامجي ڪولهي وانگر کڻندو هو. هن وٽ ٻيا به ڪيترائي ڪردار هئا. جن مان هن اتساھ وٺي پنهنجي لکڻي کي هن ڇٽيھ لکڻي بڻائي هئي . هن جو والد صاحب پولس جو صوبيدار هو. هن پوليس ۾ نوڪري ورتي. پر والد جي چوڻ تي ڇڏي ڏني. پوءِ ماستر ٿيو. هن جي ڪهاڻي پڙهي شيخ اياز سنڌالاجي ۾ نوڪري ڪرڻ جي لاءِ گهرايو. هُو شيخ اياز جي نياپي تي جنهاڻ مان سوا پرھ سج مٿي اچڻ تي نڪتو هو. هن جو جسم خاڪي مهراڻي جي مٽي ۾ ابدي آرام ڪرڻ جي لاءِ سوا پرھ سج مٿي اچڻ تي پهتو. هن کي اهي ڳوٺاڻا ماڻهو وڻندا هئا، جيڪي پٽ پاٿاري تي ڪانڀ ٻڌي ويهندا آهن. هن جي آخري سفر ۾ اڪثريت انهن ماڻهن جي هئي. (ڀارومل امراڻي جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۳۱ مارچ ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل) عبدالقادر جونیجو جادوگر لکھاری - ادب کا غیر معمولی نام - ٣٠۔۔مارچ تیسري برسی کی مناسبت سےخاص تحریر۔۔ جہانگیر عباسی سر زمین سندھ کی ریت والے سرحدی و صحراٸی پسماندہ علاٸقے تھر کے ایک چھوٹےسے گاٶں ``جنہان``اس وقت کا تحصیل اور اب ضلعہ مٹھی میں پہلی نومبر سن ١٩٤٥ کو مرید حسین جونیجو کے گھر میں نومولو بچے کے بابت یہ کسی کو بھی علم نہ تھا ک أنے والے وقت میں وہ ہی بچہ علم و ادب کے جہان کا ایک بھت بڑا لکھاری بن کر دنیا میں اپنے نام کا ڈنکا بجانے والا ھے جس کا نام عبدالقادر رکھا گیا جس نے پراٸمری تک اپنے گاٶں کے اسکول سے تعلیم پراٸی ۔میٹرک نواب شاہ ضلعہ کے مختلف اسکولوں سے کی کیوں کہ والدہ پولس کھاتے میں افسر تھے جس وجہ سے ان کے اکثر تبادلے ھوتے رھتے تھے ۔ قادر نے انٹر میڈیٹ ھائی اسکول ڈپلو سے کرکے سن ١٩٦٨ میں بی۔۔اے۔سن ١٩٦٩ میں بی ایڈ(تعلیمی موضع )اور أٹھ سال بعد ایم۔اے سوشالاجی مضمون میں یونی ورسٹی أف سندھ سے کیں عبدالقار جونیجو نے عملی زندگی کی جدوجہد والی شروعات والد کے زور بھرنے پہ بطور پرائمري اسکول استاد سن ١٩٦٢ سے کی پھر ترقی پاکر سیکنڈری اسکول استاد مقرر ھوۓ اور ١٤ سالوں تک پژھاتے رھے ۔اسی عرصے میں لکھنے کی طرف أے عظیم دانشور محمد ابراھیم جویو ۔نواب حيدر علی اور شوکت حسین شورو سے خط وکتاب رھی پھر روبروں ملاقاتیں ھوئیں جن کی توسط سے جب عظیم شاعر اور دانشور شیخ أیاز سے ملاقات ھوئی آپ کی صلاحیتوں سے شیخ صاحب بہت متاثر ھوۓ اور ٧۔جون ١٩٧٦ کو انسٹی ٹیوٹ أف سندھالاجی میں پبلیکیشن افسر مقرر کردیا جہاں مختلف ذمہ داریوں کو نبھاتے ترقی کرتے پہلے ایڈیشنل ڈاٸریکٹر پھر ١٩٨٠ سے ١٩٩٣ تک تیرہ سال ڈائریکٹر کے عہدے پٕے فاٸز رھے ٥۔ ستمبر ا٩٨٨ سے ١٠ مئی ٢٠٠٨ تک چئیرمین سندھی لینگویج اتھارٹی کے عہدے پہ بھی رھے اورتاریخی خدمات سر انجام دیں ۔ عبدالقادر جونیجو بحیثیت افسانہ نگار۔۔۔۔۔۔۔۔۔ عبدالقادر جونيجو نےادب میں لکھنے کی شروعات ساٹھ کی دھاٸی میں فن افسانہ نگاری سے کی اور یہ ھی ان کی پہچان کا ادب میں بنیادی حوالہ بھے رھتا أیا ھے ۔پہلا افسانہ `مٹھ مٹھ سور سبھ کنھ ` عنوان سے لکھا جو حمید سندھی کے معروف ادبی جریدے `روح رھان۔١٩٦٣ کے اک شمارے میں شایع ھوا أپ نے اپنے ھمصر افسانہ نگاروں عبدالحق عالمانی۔ علی بابا۔شوکت حسین شورو ۔امرجلیل۔شمشیرالحیدری اور دیگر کٸی کی موجودگی منفرد اچھوتے موضوعات کی بدولت منفرد پہچان بناٸی خاص کر تھر کی دیہی زندگی کے مسائل ور درپیش مشکلاتوں کو افسانوں میں اجاگر کیا اور رات جی وھک میں `۔ٹڑیل تارا `۔۔`روکیل لڑک `۔ `موٹندڙ ڇوليون ``۔سونو روپو سج`۔۔اونداھيون سايون `۔اور کارونجھر جی کور `۔جیسےلازوال افسانے تخليق کیۓ ۔أپ کے افسانوی مجمعے``واٹوں راتیوں رول ``سن ١٩٧٣۔ ``ویندڙ وھی لھندڑ سج ``سن ١٩٨١ اور سونو روپو سج ``١٩٨٣ شامل ھیں۔ عبدالقادر جونيجو بحثيت ريڈیو۔ٹی وی ڈرما نگار۔ ۔۔ افسانوں بعد آپ نے پہلے ریڈیو پہ ڈرامے لکھے پہلا سندھی ڈراما حیدرأباد ریڈیو اسٹیشن سسےسن ١٩٧٦ میں نشر ھوا جس بعد أپ نے مسلسل ریڈیو کے لیے تیرہ ڈرمے لکھےاور پھر پاکستان ٹیلی ویژن جانب أۓ کراچی سینٹر سے ناٹک رنگ سلسلے میں پہلا سندھی ڈرمہ ``تلاش ``کے عنوان سے لکھا اور نشر ھوا جس بعد ١٦ سے زٸد سولو پلی اور ایک شھکارسندھی سیریل ``رانی جی کہانی ``کے نام سے شر ھوا۔سندھی بعد اردو میں بھی پہلے دس سے زٸد سولو پلیز کراچی سینٹر سے نشر ھوۓ اور پھر پہلی سیریل ``دیواریں``لکھی جو سندھی سیرہل``رانی جی کہانی ` کو اردو میں نۓ سرے سے لکھا یہ وہ سیریل تھی جب نشر ھوتی تو سڑکیں سنسان ھوجاتی اسی سیرہل نے قادر جونیجو کو ملک گیر سے عالمی سطح کی شہرت عطا کی جس بعد انہوں نے مڑ کر پیچھے نہ دیکھا اور پھر ``کاراوں ``۔چھوٹی سی دنیا``۔ ``سیڑھیاں ``۔۔دکھ سکھ ``۔ ``پراندہ ``۔ ``گھر گلیاں راستے ``۔دھول``جیسے سیریل تخلیق کئیں کراچی کے علاوہ کچھ سیریلز لاھور سینٹر سے بھے نشر ھوٸیں عبدالقادر جونیجو کی ٹی وی سیریل ``دیواریں `` بی بی سی چینل سے انگریزی میں ڈب کر کے نشر کی گٸی ۔سیریل ``سیڑھیاں امریکہ اور کٸینڈا سمیت دیگر کٸی ملکوں سے نشر کی گئی ۔سیریل ``پراندہ ``یو۔اے۔ ای ۔امارات ملکوں اور کیینڈا سے ڈب کر کے نشر کی گٸیں ۔سیریل ``چھوٹی سی دنیا `` پہ جرمن انتھراپالاجسٹ ڈاکٹر ھیلن باسو نے ریسرچ کر کے تھیسز تیار کی جسے بعد میں انگریزی میں شایع بھی کیا گیا ۔عندالقادر نے اپنے ڈراموں میں سندھی سماج کی تصویر کشی کو حقیقی صورت میں پیش کرکے داد سمیٹی جس کا تسلسل نورالھدی شاہ نے بعد کے اپنے ڈراے ``جنگل `` اور دیگر پیش کیا بلکل ایسے جیسے پنجاب کی نماٸندکی امجد اسلام امجد سے اصغر ندیم سید نے پیش کی ھے قادر صاحب نے کارواں سیریل میں روحی بانو کے لیے ``سکھاں `` جیسا کردار تخلیق کر کے روحی بانو کو ھمیشہ کے لیے امر کردیا تھا ۔۔عبدالقادر کو بہترین ڈرام نگار کے لیے ١٩٨٣ میں ``دیواریں ``اور ١٩٨٥ میں ``کارواں`` کے لیے دوبار بہترین پی ٹی وی ڈارمہ لکھاری کا ایوارڈ۔علاوہ شعبہ ڈراما کے لیے سن ١٩٨٩ کو پہلا اور سن ٢٠٠٨ کو دوسری بار صدراتی ایوارڈ تمغہ حسن کارکردگی ``سے بھی نوازا گیا جبکہ ریڈیو پاکستان کی گولڈن جوبلی کے موقعے پہ ``قومی گولڈن جوبلی ایوارڈ ``بھی دیا گیاھے۔۔ٹی وی ڈراما لکھاری کے طور پہ عبدالقادر دوبار چین کا ثقافتی دورہ سن ١٩٨٦ میں اور مطالعاتی دورہ سن ١٩٩٣ (١١۔ماہ کے لیے ) کر چکے ھیں ۔ عبدلقادر جونیجو بحیثیت نثر نگار۔کالم نگار اور مترجم۔۔ قادر صاحب ایک قادرالکلام مشاھے ۔مطالعے والے غیر معمولی ذھانت کے مالک عبدالقادر سندھی کے ساتھ اردوانگریزی زبانوں میں بھی ادب کی ھرصنف میں لکھا ۔ ھے خاکے تحریر کیے ھیں ۔ اخباری کالمز مضامین اورعالمی ادب سے انٹرویوز ترجمے کیۓ۔کرمنالاجی۔سوشولاجی۔اینتھرو پالاجی۔نفسیات۔تعلیم۔سیاست ادب۔ثقافت اور لسانیات أپ کے پسندیدہ موضوعات رھے ھیں۔۔أپ دنیا کے اٹھارہ ملکوں کی أرکیالاجی۔اوشنیو لوجی ۔صحافت۔ثقافتی اور فنون لطیفہ والی تنظیموں کے رکن اعزازی ۔نیشنل فوک ھیریٹیج أف۔پاکستان سوساٸٹی أف أرکیولاجی اینڈ میوزمس اور نیشنل انسٹی ٹیوٹ آف اوشنو گرافی کے ساتھ سندھی لنگویج اتھارٹی سندھی ادبی بورڈ جامشورو سندھ مہران آرٹ کاٶنسل آ ف سندھ کے علاوہ بے شمار سرکاری ونجی تنظیموں کے بنیادی اور اعزازی رکن بھی رھے ھیں۔ عبدالقادر جونیجو کی کئی تصنیفات ہیں اور افسانوی مجموعوں کے علاوہ دیگر ادبی کتب یہ ھیں ۔ (۱)شکلیں ۔۔خاکے)١٩٧٩۔(سندھی۔ شڪليون) (۲)نثر:بڑے ادیب بڑی باتیں ١٩٨٦) (سندھی۔وڏا اديب وڏيون ڳالھيون۔ (۳) ترجمه:``ایوریسٹ پہ چڑھاٸی۔کوه پيمانی۔ ۔١٩٨٧ ) سندھی ايوريسٽ تي چڙھائي (۴) نثر: کرسی (اینتھروپالاجی مضامین۔۔١٩٩٨) (ڪرسي ) (۵)نثر: ترجمہ ``کیا کیوں اور کیسے؟``۔(عالمی انٹرویوز۔ ۽١٩٩٩) (۶)خطوط:دو ادیبوں کے خطوط(محمد ابراھیم جویو۔عبدالقادر جونیجو ۔ ١٩٩٩۔)سندھی۔خط ٻن اديبن جا ) (۷)نثر ترجمہ ``در در کے مسافر``( تبصرے۔تعارفی خاکے ۔عالمی کتب پہ مضامین ۔٢٠٠١)سندھي ۔در در جا مسافر) (۸)نثر۔درخت درخت کی لکڑی``(ادبی۔سماجی مضامین ۔٢٠٠٢)(سندھی۔ وڻ وڻ جي ڪاٺي ) (۹)نثر: ``کیا لکھوں ` ( تاریخی سماجی مضامین ۔٢٠٠٧ (۔سندھی ۔ ڇا لکان ۔) (۱۰)نثر:` ایسے بھلا کیسے ہوگا``عالمی ادب پہ تحریریں ٢٠١٠(سندھی ائين ڀلا ڪئين ھوندو ) عبدالقادر جونيجو ایک عہد ساز شخصیت تھے جن کی پہچان کے کٸی حوالے ہیں جیسے افسانہ نگار۔ ریڈیو ۔ٹی وی ڈرامہ نگار۔ کالم نگار مترجم۔ مقرر۔ صحافی ۔اینتھروپالابسٹ ۔تعلیمدان اور سماج سدھارکوہ اپنے ہر شعبے میں نمایا رہے ۔عالمی ادب کے شیدائی رہے ۔فن و ثقافت کے دلداہ رہے ایک لازوال شخصیت کے مالک تھے جس نے اپنی بھرپور زندگی گزاری اور بے پناہ خدمات سر انجام دیں ۔زندگی کی پچھتر بہاریں کزاریں اور ٣٠ ۔مارچ ٢٠٢٠ می اپنےپیدا کرنے والے مالک حقیقی سے جاملے۔آج ٣٠۔ مارچ ھے اور مرحوم عبدالقادر جونيجو کی تیسری برسی ھے اللہ تعالی ان کی مغفرت فرماۓ۔أمین سچ تو یہ ہےکہ عبدالقادر جونیجو جیسے لوگ مر کر بھی نہیں مرتے ۔ہمیشہ کےلیےامر رھتے ھیں ۔شاعر سرشار صدیقی کا یہ شعر عبدالقادر جونیجو جیسے لوگوں کے لیے ھی کہا ہے کہ ھم روح سفر ہیں ہمیں ناموں سے نہ پہچان کل اور کسی نام سے أجاٸیں گیں ھم عبدالقادر جوڻيجي جي ياد ۾ رياض ڪلهوڙو جيئن هڪڙي ڏيئي مان هزارين ڏيئا روشن ڪري سگھجن ٿا، تيئن هڪڙي دانشور، اديب، ڪهاڻيڪار، ڊراما نويس، افسانا نگار جي هڪڙي تخليق مان ڪيترائي فرد بينائي وٺي سگھن ٿا. بينائي مان مراد اکين جي ديد نه پر، سجاڳيءَ جي ديد، شعور جي نظر، بيداريءَ جي نگاهه..! هتي جنهن ديپ، جنهن موم بتيءَ، جنهن شمع جي سنڀال ڪجي ٿي، اهو امر ڪردار، خميس ۱ نومبر ۱۹۴۵ع تي مريد حسين جي گھر ۾ جنم وٺندڙ عبدالقادر جوڻيجو آهي. جوڻيجو صاحب نهايت سنجيده مزاج شخص هو. سندس والد پوليس آفيسر هو. شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ جنهاڻ، مٺي، ضلعي ٿرپارڪر ۾ حاصل ڪئي. ۱۹۶۲ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري، پرائمري استاد جي حيثيت سان ملازمت اختيار ڪيائين. بعد ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان سوشالاجي ۾ ايم اي ۽ بي ايڊ جو امتحان پاس ڪيائين. ۱۹۷۲ع ۾ سيڪنڊري اسڪول ٽيچر بڻيو. سندس علمي ۽ ادبي قد ڪاٺ ايترو هو، جو پاڻ، ۱۹۷۶ع ۾ پبليڪيشن آفيسر ۽ پوءِ ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۽ ۱۵ سيپٽمبر ۲۰۰۵ع کان ۱۰ مئي ۲۰۰۸ع تائين، چيئرمين سنڌي لينگئيج اٿارٽي طور خدمتون سرانجام ڏئي چڪا آهن. عبدالقادر جوڻيجو سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ ٻوليءَ ۾ جيڪو قلمي پورهيو ڪيو آهي، تنهن کي صدين تائين وساري نه ٿو سگھجي. عبدالقادر جوڻيجي پهرين اردو ادب پڙهڻ سان شروعات ڪئي، پوءِ سنڌي ادب پڙهڻ لڳو. هن پهرين ڪهاڻي ۱۹۶۴ع ۾ ”مٺ مٺ سورن“ لکي، جيڪا حميد سنڌي ”روح رهاڻ“ رسالي ۾ شايع ڪئي. عبدالقادر جوڻيجو جي سڃاڻ هڪ ڪالم نگار کان وڌيڪ هڪ ڊرامه نگار جي حيثيت سان آهي، سندس ڊرامه ريڊيو سان گڏ ٽي وي تي به ايترو مشهور ٿيا آهن، جو ماڻهو اڄ تائين سندس ڪردارن کي وساري ناهن سگهيا. جوڻيجي صاحب جا ڊراما نه صرف پاڪستان، پر ٻاهرين ملڪن پڻ ٽيليڪاسٽ ٿيا. ڊارما سيريل ”ڇوٽي سي دنيا“ تي مشهور جرمن اينٿروپولاجسٽ ”ڊاڪٽر هيلني باسو“ جرمن ٻوليءَ ۾ برلن جي فري يونيورسٽيءَ ۾ ٿيسسز لکي. ڊراما سيريل ”ديوارين“ بي بي سي جي چينل ۴ تي انگريزي سب ٽائٽل سان گڏ نشر ڪيو ويو. ڊراما سيريل ”سيڙهيان“ آمريڪا ۽ ڪئناڊا سميت ۱۳ ملڪن ۾ ٽيليڪاسٽ ٿيو. ڊراما سيريل ”پرانده“ پاڪستان سان گڏ ڪئناڊا ۾ پڻ ٽيليڪسٽ ٿيو. عبدالقادر جوڻيجي جون ڪجهه ڪهاڻيون اردو، هندي، گجراتي، پنجابي ۽ چيني زبانن ۾ پڻ ترجمو ٿي چڪيون آهن. عبدالقادر جوڻيجي جو ڪهاڻين تي رايو ڏيندي ”ويندڙ وهي لهندڙ سج“ جي مهاڳ ۾ حميد سنڌي لکي ٿو: ”قادر جي هر ڪهاڻي سنڌ آهي، هر ڪردار سنڌ جي صدين جي سودائن ۾ ڦاٿل اهو پراڻو ماڻهو آهي، جيڪو دراوڙي دور کان آرين جي دور تائين ۽ آرين جي دور کان واپس دراوڙي دور ڏانهن موٽندڙ ماڻهو آهي. هاڻ اهو ئي سندس بُت اگهاڙو آهي. اهي ئي پٿر ۽ ٽامي جي دور جا هٿيار اٿس. اهي ئي پڪا ۽ پيرون، جهپون هڻي لاهي ٿو. اهو ڀٽون، مڙها، ڪنڀٽ، ڳاڱيون، تڙ ۽ چونئرا سندس مقدر آهن. سندس دائمي قدر ڪٿي به ته نه ٿيا آهن، جڏهن به سندس قدرن تي حملو ٿيو آهي ته سندس ڪردار واچوڙي وانگر وريا آهن. ڪٿي منفي انداز ۾ ته ڪٿي مثبتي انداز“. عبدالقادر جوڻيجو صاحب جيڪي ڪتاب لکيا آهن انهن ۾: واٽون راتيون ۽ رول (شارٽ اسٽوريز)، شڪليون (سنڌي ليکڪن جا خاڪا)، ويندڙ وهي لهندڙ سج (شارٽ اسٽوريز)، وڏا اديب وڏيون ڳالهيون (ترجمو)، سونو روپو سج (شارٽ اسٽوريز)، ايوريسٽ تي چڙهائي (ترجمو)، ڪرسي (ڪالم)، ڇو ڇا ۽ ڪيئن (ترجمو)، خط ٻن اديبن جا (خط)، درد جا مسافر، ثقافتي اخلاقيات، وڻ وڻ جي ڪاٺي (ترجمو)، ڇا لکان (ڪالم)، ائين ڀلا ڪيئن ٿيندو، ڏک سک (ڪهاڻيون), درد ونديءَ جو ديس ۽ ڪتابن جي دنيا (ادبي تنقيد) شامل آهن. عبدالقادر جوڻيجو سنڌ جي انهن ليکڪن مان هو جنهن جا ڪالم سڀ کان وڌيڪ پڙهيا ويندا ھيا. جيئن باغ ۾ مختلف رنگن جا گل ۽ وڻ چمن جي حسن جي زيبائش ڪن ٿا، تيئن مختلف ڪهاڻيڪار، ڊراما نويس، افسانا نگار ۽ شاعر، ادبي چمن جي زيبائش ٿيندا آهن. عبدالقادر جوڻيجو، ادبي چمن جو اهو وڻندڙ گل آهي، جنهن جي خوشبو، سونهن ۽ رنگيني، هر دل تي اثر ڇڏي ٿي. حشمت ڀريو ۽ سنجيده مزاج عبدالقادر جوڻيجو، لکڻين ۾ اهڙي ته تجسس رکندو آهي، جو جيستائين سندس پورو مقالو، مضمون ۽ ڪالم نه پڙهجي، تيستائين من ۾ مزو نه رهندو، سندس تحريرن ۾ جيڪو نشو آهي، سو ڪنهن حسين و جميل شهزاديءَ جي اکين جي آب کان گھٽ نه ٿو چئي سگھجي. عبدالقادر جوڻيجو نه صرف ڪلام نگار، ڊرامانگار، ڪهاڻيڪار هو، پر ترجمن جي دنيا ۾ پڻ سندس نالو هماليه جيان اوچو ۽ آسمان سان لندي نظر ايندو آهي. شوبز جي حوالي سان عالمي سطح جو هن پرجوش ليکڪ جي سنڌي ڊرامن ۾ ”راڻي جي ڪهاڻي“، ”ويندڙ وهي“، ”مون ۾ آهين تون“، ”خان صاحب“، ”ڳولا“، ”هن وستيءَ ۾“، ”جانچ“، ”گردش“، ”اصل معاملو“، ”واٽن واٽن جهڙيون“ ۽ ”ڀنگ ڄار“ شامل آهن. جوڻيجي صاحب اردو ٻوليءَ ۾ پڻ ڪيترائي ڊراما لکيا، جن ۾ ”ديوارين“، ”سيڙهيان“، ”ڪاروان“، ”دک سک“، ”بدلتي موسم“، ”گھرگليان“، ”رشتي“، ”پرانده“، ”چهوٽي سي دنيا“ ۽ ”زرا نم هو يه مٽي“ شامل آهن. عبدالقادر جوڻيجي کي ڪيترائي ايوارڊ پڻ ملي چڪا آهن. جهڙوڪ پي ٽي وي ايوارڊ (۱۹۸۴ع)، نگار ايوارڊ (۱۹۸۴ع)، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ايوارڊ (۱۹۸۵ع)، پي ٽي وي سلور جوبلي ايوارڊ (۱۹۸۹ع)، صدارتي تمغه حسن ڪارڪردگي (۱۹۸۹ع)، حسن ڪارڪردگي صدارتي ايوارڊ (۱۹۸۹ع)، ڏهاڪي جو بهترين ايوارڊ (۱۹۸۸ع کان ۱۹۹۸ع تائين) ۽ ريڊيو پاڪستان گولڊن جوبلي اوارڊ (۱۹۹۹)، ٻيو صدارتي ايوارڊ (۲۰۰۶)، حسن ڪارڪردگي صدارتي ايوارڊ (۲۰۰۷)، سنڌي لئنگيج ايوارڊ ۲۰۰۴ع ۽ ٻيا شامل آهن. سنڌي ادب ۾ هماليه جي حيثيت رکندڙ عبدالقادر جوڻيجو سومر ڏينهن ۳۰ مارچ ۲۰۲۰ع تي هن فاني جهان ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس وصال، ادبي دنيا جي مهڪندڙ گلن کي مرجھائي ڇڏيو. (ڏھاڙي عوامي آواز ڪاچيءَ ۾ ۲۹ مئي ۲۰۲۳ع تي ڇپيل) عبدالقادر جوڻيجو سندس علمي ۽ ادبي ڪچهريون ڪليم ٻٽ ”الله رکيو ٻٽ رڳو لائبرري سائنس شعبي جو چيئرمين نه آهي، ڇو ته ”چيئرمين“ لفظ سان ڳنڍاپيل رعب داٻ، ڌوم ڌڙڪو، بزرگي ۽ ڳاڙهي اک وٽس ڪونهي. هو هڪ عام قسم جو هلڪو ڦلڪو نارمل ۽ ٺيڪ ٺيڪ ماڻهو آهي. جيڪو ڏينهن جي پهرين پهر ۾ ٻه ٽي ڪتاب ڪڇ ۾ وجهي لائبرري جي وچ ۾ گهلبو لتڙ لتڙ ڪندو نظر ايندو آهي. شام جو ڪتابن جي تعداد جيترا ئي پنهنجا ٻار ڪلهن تي، ڪن کي هٿ ۾ چيچ ڏئي، ڪالوني ۾ ٽلندو نظر ايندو آهي.“ هي مٿيان جملا سائين عبدالقادر جوڻيجي ۸۰ جي ڏهاڪي ۾ ڊاڪٽر ٻُٽ جي ڪتاب ”سنڌي رسالن جي تاريخ“ جي مهاڳ ۾ لکيا آهن. هتي هنن جملن کي ورجائڻ جو مقصد پنهنجي يا پنهنجي والد محترم جي تعريف ڪرڻ بدران رڳو ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪرڻ آهي ته سائين قادر صاحب سان اسان جو واسطو لڳ ڀڳ چاليهه سال پراڻو آهي. قادر صاحب ڊاڪٽر ٻُٽ جي ڪلهن ۽ سندن چيچ جلهيل جن ٻارن ڏانهن هنن سٽن ۾ اشارو ڪيو آهي انهن مان هڪ مان به آهيان. ٿي سگهي ٿو ته ان وقت مان ڪنهن ملائڪ جيان ڊاڪٽر ٻُٽ جي ساڄي يا کاٻي ڪلهي تي ويٺل هجان ۽ ان وقت دنيا جي هر ڳالهه کان لاپرواهه ٿي رڳو ان مٺي چوسڻيءَ بابت سوچيندو هجان جيڪا ڊاڪٽر ٻُٽ اڪثر شام جو مونکي سنڌ يونيورسٽي ڪالونيءَ جي مارڪيٽ مان وٺي ڏيندو هو. ايئن ته مان هتي سائين قادر صاحب جي ناول ”دي ڊيڊ ريور“ تي ڳالهائڻ وارو هئس. پر ويٺي ويٺي سائين سان ڪيل انيڪ ملاقاتن مان ڪجهه ملاقاتن جا پڙاڏا ذهن جي واديءَ ۾ واڄٽ ڪري رهيا آهن. هڪ ملاقات ۾ قادر صاحب سان سنڌي ناول جي حوالي سان ڳالهائي رهيو هئس، قادر صاحب ٻڌايو افسانوي ادب مطلب اسٽوري ٽيلنگ جو آرٽ ۽ اهو آرٽ هي آهي ته ڪهاڻي بيان ڪندي ڪهڙو جملو ڪٿي ۽ ڪيئن استعمال ڪرڻو آهي. اسٽوري ٽيلنگ جي حوالي سان وري منهنجو خيال اهو آهي ته هڪ سٺو اسٽوري ٽيلر کي لوڪ قصن سان مزاح واري حس جنهن کي انگريزي ۾”Wit” چئجي ٿو جو هجڻ ضروري آهي ۽ قادر صاحب انهن ٻنهي ڳالهين ۾ ڪمال جي مهارت رکندو هو. يا وري هڪ ٻي ملاقات ۾ قادر صاحب آمريڪا جي هڪ ليکڪ جي ڪتاب ”دي پاور آف اسٽريٽ پاليٽڪس“ جي ڳالهه ڪندي ٻڌايو ته هنن اهو ڪتاب سنڌ جي هڪ وڏي انقلابي اڳواڻ کي پڙهڻ لا ڏنو جنهن بنا ڪتاب پڙهي ئي اها راءِ ڏني ته جيئن ته اهو ڪتاب هڪ سامراجي جو لکيل آهي ان ڪري پنهنجي ڪم جو ناهي. اهڙي ريت هڪ ٻي ملاقات جو پڙاڏو به ذهن ۾ ٿي رهيو آهي، هن ڪچهري ۾ قادر صاحب سان انگريزي ٻوليءَ جي مشهور ناول نگار لي چائيلڊ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. اتفاق اهڙو جو اهو ليکڪ منهنجو به پڙهيل هو. هي صاحب لي چائيلڊ انگريزي ٻوليءَ ۾ ٿرلر ۽ سسپينس ناول لکڻ جي حوالي سان مشهور آهي ۽ برطانيا ۾ شيرلاڪ هومز کان پوءِ لي چائيلڊ جي ڪردار جيڪ ريچر کي ڏاڍي مڃتا ملي ۽ ڪجهه وقت اڳ تائين هو بُڪر پرائيز جي ججن مان هڪ هو. اسان يعنى قادر صاحب ۽ مون هن جي هڪ ناول جي سنائپر واري چٽيل سين تي لڳ ڀڳ ويهه منٽن تائين ڳالهايو هو. اهڙي ريت انهيءَ ڪچهري ۾ انگريزي جي هڪ ٻئي ناول نگار حنيف قريشي جي ناول ”بليڪ البم“ تي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. وري به اتفاق اهڙو جو اهو ناول به منهنجو پڙهيل هو، بليڪ البم ۾ هڪ سين آهي جنهن ۾ مک ڪرادر لنڊن ۾ ڪيل مسلمان جي هڪ احتجاج ۾ ڦاسي پئي ٿو. اهو احتجاج اسلام دشمني ۾ لکيل هڪ ڪتاب خلاف ٿي رهيو آهي، جڏهن ته ان ڪتاب جو مک ڪردار ان اسلام دشمن ليکڪ جو ويجهو دوست هوندو آهي ۽ ان ڳالهه تي منجهي پوندو آهي ته اتان ڪهڙي نموني جان بچائي نڪري. جيڪڏهن ذهن تي زور ڏيان ٿو ته ياد اچيم ٿو ته اهڙي ئي هڪ ٻي ڪچهري ۾ مان سنڌي ٻوليءَ جي بيحد خوبصورت ناول نگار سائين اڪبر سومرو صاحب سان گڏ قادر صاحب وٽ ويٺل هئس. هڪ ڀيرو ٻيهر ڪچهريءَ جو موضوع ناول هئا، جيتري تائين مونکي ياد ٿو پئي ته اڪبر صاحب چيو هو (۽ اهي هن ڳالهه جي تصديق به ڪري سگهن ٿا): ”مون کي لڳندو آهي ته ليکڪ پنهنجي سموري زندگيءَ ۾ رڳو هڪڙو ئي ناول لکي سگهندو آهي، جيئن مارڪيز جي سو سالن جي اڪيلائي کي ئي مڪمل ناول سڏي سگهجي ٿو.“ ان تي قادر صاحب اختلافي راءِ ڏيندي روس جي مشهور ناول نگار دوستوسڪي جو حوالو ڏيندي چيو هو هن جو لکيل هر ناول مڪمل ناول آهي. مان مٿي ڄاڻائي آيو آهيان ته مونکي قادر صاحب جي ناول ”دي ڊيڊ ريور“ تي ڳالهائڻو هو، اهو ناول مون ٻه سال کن اڳ پڙهيو هو. هي ناول هاڪڙي جي پسمنظر ۾ لکيل آهي ۽ ناول پڙهندي احساس ٿئي ٿو ته ڪٿي نه ڪٿي اهو قادر صاحب جي پنهنجي زندگيءَ جي به عڪاسي ڪري ٿو. هي ناول سن ۲۰۱۴ع ۾ لاهور جي يونيورسٽي آف مينجمنٽ اينڊ ٽيڪنالاجي ڇپرايو، هي لڳ ڀڳ ۲۹۰ صفحن جو ناول آهي. ناول ۾ انيڪ لوڪ داستانن سان گڏ ٿر جي زندگيءَ کي خوبصورت نموني چٽيو ويو آهي، ڪٿي اٺن جي قسم جي ڳالهه پڙهڻ لا ملي ٿي ته ڪٿي وري هڻ کڻ ۽ لنڊي بلا جا قصا پڙهڻ لا ملن ٿا. ناول ۾ هڪ هنڌ ڄاڻيو ويو آهي ته: ”هاڪڙي جي حوالي سان مونکي منهنجي امان قصا ٻڌائيندي هئي، اهي قصا منهنجي لاءِ ڪنهن به لکيل تاريخ کان وڌيڪ اهم ۽ سچا آهن.“ ۽ پوءِ اتان وري هڪ جوڳي جو قصو شروع ٿئي ٿو جيڪو جبلن مان لهي اچي ٿو. اسٽوري ٽيلنگ جي حوالي سان ڳالهه ڪجي ته هي هڪ لاجواب ناول آهي. مونکي هن ناول تي تفصيل سان لکڻو هو، پر ڳالهين جو رخ ڪنهن ٻئي پاسي هليو ويو. هن ناول جي حوالي سان آخري ڳالهه اها ڪبي ته قادر صاحب ٻڌايو هو هي ناول سندن ٽرائلاجيءَ جو پهريون حصو آهي، ان جو ٻيو حصو ”رسٽڪ“ جي نالي سان مڪمل آهي.“ جيڪو شايد اسڪاٽلينڊ جي ڪنهن اداري کي ڇپائي لاءِ موڪليو ويو، پر اڃا تائين رسٽڪ ناول منهنجي نظرن مان نه گذريو آهي. سچ اهو آهي ته قادر صاحب ادب جو هاڪڙو درياهه هو جيڪو ڪجهه سال اڳ سُڪي ويو. (ڏھاڙي سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد ۾ ۱۰ اپريل ۲۰۲۳ع تي ڇپيل) عبدالقادر جوڻيجو جي ياد آدرش " جي ارشاد ! ير ! اھا اوريانا فلاسي آهي نه. وڏي بلا ٿي ير ! اصل اھڙي ليکڪا ٿي، جو وڃي ٿيا ست خير !" سگريٽ دکائي، ٺوشي تي ڪش ھڻي، عبدالقادر جوڻيجو صاحب ڳالھائيندو ته ڳالهين جا ڄڻ سٺي دڪان دار وانگر ريشمي ۽ زربفت جي ڪپڙن جا تاڪيا کوليندو ويندو. _ عبدالقادر جوڻيجو صاحب ھڪ منفرد شخصيت جو مالڪ ھجڻ سان گڏ زبردست ليکڪ ! ڇا ڪھاڻيون ! ڇا ريڊيو ۽ ٽيلي ناٽڪ ! وري ڪمال جا ڪالم ! ترجما پڙه ته ائين لڳندو ڄڻ ليکڪن سنڌيء ۾ پاڻ ترجمو ڪيا آهن ! اھي به انگريزيء مان. اسان وارا دلبر ترجمو ڪندا اردوء مان، سو به اھڙو جو ليکڪ پڙهي ته خودڪشي ڪري وري لٻاڙ ھڻندا انگريزيء مان ترجمو ڪيا آهن ! _ نوي جو ڏھاڪو ! خطن پٽن جو سونو دور. جوڻيجي صاحب سان خطن جو سلسلو شروع ٿيو. پوء ڇا لکان ! ڳالهين جو درياء وھڻ لڳو. _ مزيدار ڳاله ! ان وقت جوڻيجي صاحب جو گھاٽو سنگتي ۽ سٺو ڪھاڻيڪار شوڪت حسين شورو صاحب سنڌ يونيورسٽيء ۾ اسٽوڊنٽس ويلفيئر آفيسر ھجي. ما کي بي. اي. جي سرٽيفڪيٽ ضرورت ھجي. خط لکيومانس. ورندي به ڪونه. جوڻيجي صاحب ڏي لکيم. ان وقت سنڌيالاجي ۾ ھجي. ھفتي اندر سرٽيفڪيٽ منهنجي ھٿن ۾ ! ڳاله جو پنڌ اڃان اڳتي _ شوڪت صاحب گذاري ويو. اسحاق سميجي صاحب سندس رھجي ويل لکڻين وغيره کي ڇپائڻ لاء سندس ڀاء ۽ سٺي جديد مشتاق احمد شوري کي ڪمرو ڏيکارڻ جي وينتي ڪئي. مشتاق صاحب ڪمري ۾ وٺي ويس. اسحاق صاحب ڪنهن ھوشيار پوليس آفيسر وانگر ڳولا ڪئي. ڪجه لکڻين ۽ خطن سان گڏ ميز جي خاني ۾ منهنجو ڊگري سرٽيفڪيٽ ٽيھن سالن کان پوء مليو. اصل ۾ ڇا ھو جو شوڪت صاحب منهنجو سرٽيفڪيٽ ڪڍرايو ھو پر ٽپال ۾ موڪلڻ کان رھجي ويس. ھاڻي اسحاق صاحب جي ميز جي خاني ۾ آهي. موڪليندو، الائي ڪنهن ميوزم ۾ رکرائيندو ! _ جوڻيجي صاحب جون ساروڻيون ۽ ناول " سو ديس مسافر منهنجو ڙي " اڌورا رھجي ويا. اسان به اڌورا اڌورا رھجي وياسون ! جوڻيجي صاحب آخري خط مون ڏي لکيو. ٽپال گهر وڃڻ کان اڳ موت جي ٽپاليء، مون وارو خط کسي، ملڪ الموت جو لفافو ڏنو. جوڻيجو صاحب ھٿ ڇڏائي وڇڙي ته ويو، پر وسريو ته ناهي ني ! عبدالقادر جوڻيجو سميع ساجد جوڻيجو سنڌ کان علاوه پاڪستان ۽ بين الاقومي سطح جو اديب، ڪھاڻيڪار، ڊراما نگار، مترجم، ڪالم نگار، دانشور ۽ اسانجو محبوب سائين عبدالقادر جوڻيجو جيڪو ۳۰ مارچ ۲۰۲۰ تي اوچتو لاڏاڻو ڪري ويو ھو انجي اڄ چوٿين ورسي جو ڏينھن آھي ھونءَ ته دنيا ۾ لکين ماڻھو ڄمڻ ٿا وڏا ٿين ٿا ۽ بي نانءِ زندگي گذاري ختم ٿي وڃن ٿا. انھن لکين ماڻھن منجهان ڪي ڪي ماڻھو اھڙا ٿيڻ ٿا جيڪي آخر تائين پنھنجي ڪردار ۾ ڪنول جيان ڳاٽ اوچو ڪري بيھن ٿا. اھا بلڪل حقيقت آهي ته هر ماڻھو پنھنجي ڪردار سان ئي ڄاتو سڃاتو ويندو آھي. موت برحق آ هي موت ڪو مھڻو ڪونھي ماڻھو ڄائو آهي ته موت جو ذائقو هڪ نه هڪ ڏينهن کيس ضرور چکڻو اٿس. PTV تان سائين عبدالقادر جوڻيجو جا سنڌي ۽ اردو ڊراما اڪثر گھرن ۾ وڏي شوق ۽ پابندي سان ڏسندا هئاسون. سندس ڊرامن کان متاثر ٿي مان سائين عبدالقادر جو انڪري به مداح هيس ۽ ساڻس ملڻ جو وڏو شوق هوندو هيو. هڪ ڏينھن ڇا ٿيو جو مون مهينو اڳ پنھنجي ٻاراڻي شاعري جو ڪتاب "لفظن جا پوپٽ" جيڪو سال ۲۰۰۷ ۾ حيدرآباد مان شايع ڪرايو هو جيڪومان اتان کڻڻ آيو هيس. مون حيدرآباد پهچي ۽ پنھنجي پياري دوست ساجد سومري کي ڪال ڪري کيس حيدرآباد پهچڻ جو اطلاع ڏنو جنھن کان پوء هو بائيڪ ڪاهي آيو ۽ پوء اسان ٻئي حيدر چوڪ لڳ مائٽ مور ساگر جوڻيجو جن جي پريس تي اچي پهتاسون اتان مون ڪجه ڪاپيون دوستن کي ڏيڻ لاءِ کنيون جيڪي سنڌي ادبي بورڊ جي ان وقت جي سيڪريٽري مشهور ڪالم نگار محترم اعجاز منگي کي، سنڌ الاجي ۾ محترم شوڪت شورو کي، ۽ اتي هڪ ٻه ٻين دوستن کي ڏيندا سڌا آياسون سنڌ الاجي ۾ جتي پنهنجي پياري دوست خالد آزاد وگهيو سان ملياسون ۽ ان کي به ڪاپي ڏنم. خالد آزاد سان سندس آفيس ويٺا هئاسون ڪچهري هلي پئي ته مونکي ساجد سومري چيو ته هت ھن اداري جو چيئرمين تنهنجو مائٽ سائين عبدالقادر جوڻيجو آهي هل ته ان سان به ملون. سچ پچ ته اهو ٻڌي مونکي انتھائي خوشي ٿي مان ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيس تنهن تي مون ساجد سومري کي خوش ٿيندي چيو ته يار اها ته منهنجي سالن واري آس ٿو پوري ڪرين ڇو جو مان ان مائٽ سان ملڻ لاء ڪافي وقت کان ماندو هيس انڪري اڄ تون ته وڏو ٿورو ٿو ڪرين. بھرحال جڏهن اسين سندس آفيس پهتاسون ته مائٽ پنهنجي آفيس ۾ ڪنهن هڪ ٻئي ماڻهو سان ڪچھري ڪري رھيو هو. اسان کيس السلام عليڪم چئي جڏهن اندر داخل ٿياسون ته پاڻ سٺي طرح سان اٿي اسان سان مليو ۽ ويهڻ لاء ڪرسين طرف اشارو ڪيائين. اسين ويٺاسون خير خيريت ڪيائين ان کان پوء ساجد سومري ساڻس منهنجو مختصر تعارف ڪرايو ۽ پوء مون ساڻس ملڻ واري تڙپ وارو احوال بيان ڪيو ۽ ھن مرڪيو جنهن کان پوء مون کيس پنھنجو ڪتاب "لفظن جا پوپٽ" تحفي طور ڏنو جنھن جو چڱي طرح جائزو ورتائين ۽ مونکي مرڪي مبارڪ ڏنائين ٿوري دير بعد ويٺل ٻيو ھمراه کائنس موڪلائي هليو ويو. جنهن کان پوءِ پاڻ اسان سان ڪچهري ڪرڻ لڳو. منهنجي دوست ساجد سومري جو ھو اڳ ۾ ئي دوست هيو ايتري ۾ چانه به اچي وئي جيڪا اسان پيتي سون. پاڻ وقفي وقفي سان سگار جا وڏا وڏا ڪش هڻي رهيو هو، چانه به پي رهيو هو ته اسان سان به ڪچهري ڪري رهيو ھو. ساڻس ڪڏهن ڪڏهن ڳالھائڻ مهل مان کيس مائٽ ٿي مخاطب ٿيانس پيو. ان هلندڙ ڪچھري دوران هڪ دفعو چانه پيتي سون ته وري اڌ ڪلاڪ کان پوء ٻيو ڀيرو چانھه اچي ٽيبل تي پھتي جيڪا اسان پيتي سون ڪچھري جاري هئي. سچ پچ ته مائٽ جي ڳالهائڻ جو انداز ايڏو ته مٺو، منفرد ۽ سحر انگيز هو جو دل بيحد خوش ٿي رهي هئي. اسان موڪلائڻ جي ڪئي ته وري ٽيون دفعو به چانه اچي وئي تنهن تي ساجد سومري مونکي کلي چيو ته ابا هت ٽي چانه جا ٽي دور هلندا آهن جنهن کان پوء سائين عبدالقادر مهمانن مان هٿ ڪڍندو آهي سو هاڻي هي ٽيون دفعو چانه پي ته پوء موڪل ملندي. سو بيشڪ مائٽ عبدالقادر جوڻيجو پاڪستان جو ھڪ تمام وڏو ۽ ليجنڊ اديب، ڪھاڻيڪار، ڊرامانويس، دانشور عظيم انسان ۽ انتھائي محبتي ماڻھو ھو. ھُو ۱۴ ڪتابن جو خالق هيو. هن دنيا جو تقريبن ڪافي ادب پڙهيو هو. هن جي لکيل ڊرامن ملڪ گير شهرت حاصل ڪئي جن ۾ راڻي جي ڪھاڻي، ڪاروان، ديوارين وغيره شامل هئا. سندس ڊرامي راڻي جي ڪھاڻي اردو، انگريزي ۽ چيني ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿي وڏي مقبوليت ماڻي. ھن ھڪ انگريزي ناول "دي ڊيڊريور" به لکيو ان کان علاوه ھُن پنھنجي حياتي ۾ ۶ ڇه سنڌي ۽ ۱۴ اردو زبان ۾ مقبول ترين ڊراما سيريل لکيون کيس ۱۹۸۹ ۽ ۲۰۰۸ ۾ ادبي خدمتن عيوض پرائيڊ آف پرفارمنس ايوارڊ ۳دفعا PTV جا بھترين اسڪرپٽ رائيٽر ايوارڊ به حاصل ڪيا ان کان علاوه ھنکي ٻيا به ڪافي ايوارڊ مليا. اھا ھڪ حقيقت آھي ته سندس وڇوڙو ٻولي، ترجمي ۽تحقيق جو ھڪ وڏو نقصان آھي. جيتوڻيڪ ھُو اڄ اسان جي وچ ۾ ناھي پر ھُو پنھنجي ڪيل ڪم سبب امر آھي ۽ امر رھندو. (سميع ساجد جوڻيجو جي فيسبڪ وال تان ۳۰ مارچ ۲۰۲۴ع تي رکيل/ کنيل) عبدالقادر جوڻيجو عالمِ ارواح مان موڪليل هڪ معصوم روح! - ۳۰ مارچ – ورسي جي نسبت سان خالد آزاد صبح جا ڏهه ٿيا هئا، آئون پنهنجي آفيس ۾، ليپ ٽاپ تي اي ميلون چيڪ ڪرڻ ۽ انهن جا جواب ڏيڻ ۾ مصروف هئس ته دروازي کُلڻ جو چيڪاٽ ٿيو. مون در ڏانهن ڏٺو ته جوڻيجو صاحب، دروازي جو هڪڙو تاڪ کولي ۽ هڪڙي تاڪ تي ٽيڪ ڏيون بيٺو هو. آئون ٽِپ ڏيئي ڪرسيءَ تان اٿيس ۽ ڏانهنس وڃڻ لڳس ته هُن اک جو اشارو ڪري پاڻ سان گڏ هلڻ لاءِ چيو. آئون به پنهنجي آفيس مان نڪري ساڻس گڏ، ڪاريڊور ۾ هلڻ لڳس. گڏ هلندي هُن کاٻي ٻانهن ورائي منهنجي ڪُلهي تي رکي ۽ ساڄي هٿ ۾، مُٺ تي سگريٽ جو سُوٽو هڻندي، پنهنجي مخصوص انداز ۾ چيائين: ”ڇڏ ڪم کي ميان! هن ملڪ ۾ جيڪو ڪم ڪندو آهي نه، ان کي گاريون کائڻيون پونديون آهن! توکي مڙئي شوقڙو آهي گارين کائڻ جو! هليا چانهه پيئون.. . “ مون مُرڪي جوڻيجي صاحب جو شڪريو ادا ڪيو ۽ اسان گڏ گڏ هلندا سندس آفيس پهتاسين! نائب قاصدن سلام ٺوڪيا، قاصدن دروازا کوليا ۽ جوڻيجو صاحب پنهنجي ڪرسيءَ تي براجمان ٿي ويو! آئون سندس سامهون پيل خالي ڪرسين مان هڪ تي ويهي رهيس. جوڻيجو صاحب ان ڏينهن ڏاڍو خوش پئي لڳو، ڊنهِل گولڊ پيڪيٽ کولي هڪڙو ٻيو سگريٽ دُکايائين ۽ چيائين: ”پاڻ وٽ هڪڙو اهڙو ڪريڊٽ ڪارڊ آهي، جو بس رڳو ڊز ڊز ڊز.. . ڪمپيوٽر واري ڇوڪري نمبر ٿي لڳائي ته اميزون، مڪملين، پئنگوئين، سائمن اينڊ شُسٽر.. جنهن کان وڻئي ڪتاب وٺ، سِڌو هتي پڙيءَ تي، ڪيئن ٿو ڀانئين.. ؟ ”واهه واهه“ چيم: ”ونڊ به ٿيندو يا.. “ ٻاهٺ سالن جي عبدالقار جوڻيجي جي اندر مان هڪڙو ٻارهن سالن جو ٻار نڪري آيو، هُن شرارتي نظرن سان مون ڏانهن ڏٺو، مشڪريءَ وچان ٿورو گُنگنايائين، ۽ چيائين: ”پُٽ! اڃا ڦٽاءِ اسان فقيرن سان.. . “ چيم: ”قبلا، اسان جي مجال آهي جو اوهان سان ڦٽايون!“ هُن گهنٽي وڄائي ۽ پٽيوالي کي گاڏيءَ منجهان هڪ پئڪيٽ آڻي ڏيڻ لاءِ چيو، وري مون ڏانهن مخاطب ٿيو: ”ونڊ به ونڊن جهڙو ڇا.. . تو واري في ويلڊن.. . برمنگهم واري انگريزياڻي.. . تازو ناول آيو ٿس.. بيهه ته پُٽ!“ ”اڙي سائين واه.. . پر مون واري وري ڪيئن؟“ پُڇيومانس: ”آ ها ها ها.. “ هو وڏا ٽهڪ ڏيڻ لڳو، چيائين: ”توکي جو وڻندي آ.. . “ آئون به شرارت تي لهي آيس، چيم: ”وڻنديون ته مون کي ويهه پنجويهه ڄڻيون ٻيون به آهن.. . “ ”اصل ۾ وڻندي ئي، پنهنجي ڪرڻ لاءِ آهي.. . “ جوڻيجي صاحب پنهنجي مخصوص انداز ۾ چيو: ”جيڪا شيءِ وڻندي آهي نه، اها پنهنجي ئي ٿي ويندي آهي!“ تيستائين پٽيوالو گاڏيءَ مان پئڪيٽ کڻي آيو، سو اچي جوڻيجي صاحب کي ڏنائين. جوڻيجو صاحب پئڪيٽ کوليندي ٻارن وانگيان گد گد ٿيڻ لڳو، ڄڻ ڪنهن ٻار کي چاٻيءَ وارو رانديڪو ملي ويو هجي! ٻه ڪتاب ڪڍي، هڪ مون ڏانهن اُڇلايائين، جيڪو ذري گهٽ چانهه جي ڪوپ کي لڳو هو، پر جوڻيجو صاحب ان ڳالهه کان بلڪل بي نياز هو، چيائين؛ ”Mantrapped اٿئي.. . تازو ناول آهي تو واري انگريزياڻيءَ جو.. . ٻه ڪاپيون گهرايون هئم، تنهنجو داڻو پاڻي لکيل هو، نه ته ميگهواڙ کڻي وڃي ها!“ ”اڙي واهه سائين واه.. .. “ مون ’في ويلڊن‘ جو ناول ڏٺو ته مزو اچي ويو! تڏهن ’مين ٽريپڊ‘ جو وڏو چرچو پئي هليو، شايد هي ناول ۲۰۰۴ع ۾ ڇپيو هو. مون کي بيحد خوشي ٿي ۽ مون جوڻيجي صاحب جو شڪريو ادا ڪيو. ان ڏينهن اسان ڪيترو ئي وقت ’في ويلڊن‘ جي ناولن ۾ ’فيمينزم‘، ’پاور اسٽرگل‘ ۽ ’رليشن شپس‘ تي ڳالهائيندا رهياسين. جوڻيجي صاحب کي ’فيمينزم‘ ۽ ’سول سوسائٽيءَ‘ جهڙن اصطلاحن کان سخت چِڙ هوندي هئي. ’فيمينزم‘ کي ته هو ’مردن خلاف سازش‘ سمجهندو ۽ چوندو هو، ۽ ’سول سوسائٽيءَ‘ جي باري ۾ سندس خيال هوندو هو ته اسان وٽ ماڻهن جي جنهن گروهه (اديبن، صحافين، ساڃهه وندن، ڪامورن، پروفيسرن، سماجي اڳواڻن) کي ’سول سوسائٽي‘ يعني ’مهذب ماڻهو يا مهذب ماڻهن جو گروهه‘ چيو ۽ سڏيو ويندو آهي، تِن جو مهذب پڻي سان ڪو واسطو ناهي! هُو چوندو هو ته ”اصل ۾ ’سول سوسائٽي‘ ته اُهي عام، شريف، سادا ۽ سِڌا، نيڪ، ڏاها، انسانيت ۽ رشتن جو ادراڪ رکندڙ ۽ نڀاءُ ڪندڙ ماڻهو آهن. اسان وٽ جنهن لڏي کي ’سول سوسائٽي‘ چيو وڃي ٿو، تنهن ۾ ذات لوفر، ڳنڍي ڇوڙ، ٻه نمبريا ڀريا پيا آهن. “ هڪڙي ڀيري سنڌي ادبي سنگت جون مرڪزي چونڊون هيون، جيڪي سدائين سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي دفتر ۾ ٿينديون رهنديون آهن. ان سال ادبي سنگت جي چونڊن جو چرچو لڳو پيو هجي، چونڊن کان هڪ ڏينهن اڳ مون کي آفيس ۾ گهرايائين، چيائين: ”ڳالهه ٻُڌ! هن اداري ۾ هڪڙو اديب آئون عبدالقادر جوڻيجو، هڪڙو اديب تون! هڪڙو خان محمد جروار ۽ هڪڙو زاهد اوٺو، پنهنجا چار ووٽ پڪا، پر ڏينداسين تاج جويي کي!“ مون وراڻيو: ’قبلا پاڻ ووٽ نٿا ڏيئي سگهون“ (تڏهن مون سميت اسان مان ڪو به ادبي سنگت جو ميمبر نه هو) ”ڇو، پاڻ اديب ناهيون ڇا؟“ چيائين. ”اديب ته آهيون“ چيم: ”پر ووٽ نٿا ڏيئي سگهون جو پاڻ ميمبر نه آهيون. ’جُمن خان جذباتي‘ ۽ ’سومر خان سودائي‘ ووٽ ڏيئي سگهن ٿا، جو اُهي ميمبر آهن“ ”عبدالقادر جوڻيجي کي ووٽ ڏيڻ جو حق نه آهي ته اها ڪهڙي ادبي سنگت ٿي؟“ جوڻيجي صاحب چيو: ”تڏهن ته اِها سُڌري ڪا نه ٿي!“ دل ۾ سوچيم، واقعي جي سنڌي ادبي سنگت ۾ جوڻيجي صاحب کي ووٽ ڏيڻ جو حق نه آهي ته پوءِ ڪنهن کي آهي! جوڻيجو صاحب جڏهن سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جو چيئرمئن ٿي آيو هو ته، شايد ٻن چئن ڏينهن کان پوءِ ائين اوچتو صبح جو سِڌو منهنجي آفيس هليو آيو. ڪُرسي گهلي منهنجي آڏو ويهي رهيو، پُڇيائين: ”ڇا پيو ٿئي.. . !“ ان ڏينهن مون ’انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‘ جي پهرئين جلد تي نظر پئي گهمائي، وراڻيم: ”سنڌي ٻوليءَ جي پهرين انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جو پهريون جلد ڇپائيءَ لاءِ تيار آهي!“ ”اڇا.. . انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا.. . !“ جوڻيجي صاحب حيرت گاڏڙ خوشيءَ وچان چيو: ”ڏيکار ته اسان به ڏسون سنڌين جي انسائيڪلوپيڊيا!“ مون پهرئين جلد جي ايڊيٽيڊ ڪاپي سندس آڏو رکي. جوڻيجي صاحب ائين ئي وچان هڪ صفحو کوليو، جنهن تي ’پٽاٽي‘ جي داخلا هئي! هن پٽاٽي تي لکيل تفصيل پڙهيو ته سندس موڊ خراب ٿي ويو! پٽاخ ڪري ڪتاب بند ڪيائين ۽ ڪُرسي ريڙهي اُٿيو ته آئون به اٿي بيهي رهيس، چيائين: ”هيءَ به ڪا انسائيڪلوپيڊيا آهي؟ ’پٽاٽو، هڪ ڀاڄيءَ جو قسم، بس!‘ ائين انسائيڪلوپيڊيا ٺاهبي آهي؟ يَر سنڌين کي وري عقل جو ذرو ئي ناهي.. . هليا آئون ٿو توکي ٻڌايان انهي پٽاٽي جي تاريخ ۽ جاگرافي! “- ۽ پوءِ جوڻيجي صاحب ٻڌايو ته ’پوٽيٽو‘ جنهن کي اسان سنڌيءَ ۾ ’پٽاٽو‘ چوندا آهيون، سو اصل ۾ ۷۰۰۰ سال اڳ ڏکڻ آمريڪا ۾، جتي اڄ ملڪن ’پيرو‘ ۽ ’بوليويا‘ ملڪ آهن، ان علائقي ۾ پوکجڻ شروع ٿيو ۽ پوءِ سڄي دنيا ۾ پکڙجي ويو. دفتر ۾ اڪثر صبح جي چانهه جوڻيجي صاحب جي آفيس ۾ گڏجي پيئڻ جو موقعو ملندو رهندو هو. هڪڙي ڏينهن صبح جي چانهه دوران سندس سيڪريٽري کيس بريفنگ ڏيڻ لڳي: ”سر، شيخ اياز صاحب ڪراچيءَ مان فون ڪئي هئي ۽ ادل.. .. “ ”جهل جهل گاڏيءَ کي“ جوڻيجي صاحب چيو: ”اِهو وري شيخ صاحب قبر مان فون ڪئي هئي ڇا؟“ ”سر، ڪراچيءَ مان.. . “ پي ايس وراڻيو ” هين.. . هي هي هي.. . ڀُلي هوندينءِ“ جوڻيجي صاحب چيو: ”شيخ صاحب جا ته هڏا به سڙي ويا هوندا ڀٽ شاهه ۾، فون وري ڪٿان ڪندو!“ پرسنل سيڪريٽري ’ايسڪيوزمي سر‘چوندي ٻاهر نڪري وئي، ڊائري چيڪ ڪندي وري ڊوڙندي آئي. ”سوري سر، شيخ اياز نه پر شيخ عزيز صاحب هو.. . “ (تڏهن شيخ عزيز صاحب به حال حيات هو) ”او اتي رکينس.. . “ جوڻيجي صاحب چپٽيءَ سان سگريٽ جو ڦلو ڇڻنيدي، مخصوص انداز ۾ چيو: ”اهو عزيز شيخ هوندو، باقي شيخ اياز کي واقعي به جي خبر هُجي ها ته تو جهڙي سهڻي ڇوڪري ٿي فون کڻي ته قبر مان به نڪري اچي ها.. .. هي هي هي.. . “ ڇا ته شخص هو، جهڙو اندر تهڙو ٻاهر! سدائين سڌو، سادو ۽ ڌُو پار! پنهنجي مزاج، وضع قطع ۽ شخصيت ۾ هڪڙو مڪمل ليکڪ! حساس، گهڻ پڙهيو ۽ سادو سِڌو! نه وڏائي نه آڪڙ، نه اسٽيٽس جو ڪامپليڪس نه اسٽئنڊر جو خوف! تڏهن جوڻيجي صاحب جي عمر ۶۲ سال هئي، پر هو پنهنجي جوهر ۾ هڪڙو ٻارهن سالن جو ٻار ئي هو، خوش ٿيندو، کلندو، مذاق مشڪريون ڪندو، ڪُڏندو، ٺينگ ٽپا ڏيندو.. .. هڪڙو معصوم روح، ڄڻ تازو تازو عالم ارواح مان موڪليو ويو هجي. ايم ڪيو ايم جو قمر منصور تڏهن ثقافت کاتي جو وزير هو. هُو هڪ ڏينهن سنڌ ميوزيم ۽ دائودپوٽه لائبرريءَ جي دوري تي آيو ته کاتي جا سمورا آفيسر گهرايائين. جڏهن کيس خبر پئي ته سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جو چيئرمئن عبدالقادر جوڻيجو آهي ته ان احترام وچان، جوڻيجي صاحب کي پاڻ وٽ گهرائڻ بجاءِ هُو سندس آفيس هليو آيو. آفيس ۾ اوچتو خبر پئي ته منسٽر صاحب ٿو اچي. مون وزير صاحب کي ٻاهر ئي ’رسيو‘ ڪيو ۽ جوڻيجي صاحب جي آفيس ڏانهن نياپو موڪلي ڇڏيو ته وزير صاحب اوهان سان ملڻ لاءِ اچي رهيو آهي. اسان سڀيئي وزير صاحب سان گڏ جيئن ئي چيئرمئن صاحب جي آفيس ۾ داخل ٿياسين ته ڏٺوسين ڪرسي خالي، جوڻيجي صاحب آهي ئي ڪونه! اسٽاف کان معلوم ڪيوسين ته ٻڌايو ويو ته غالباً واش روم ۾ آهي. وزير صاحب احترام وچان ويٺو ڪونه، بلڪه بيٺو ئي رهيو. گڏوگڏ ٻيا سڀ بيٺا رهيا ته جيستائين جوڻيجو صاحب ٻاهر نڪري! ٿوري دير ترسي مون صورتحال کي مينيج ڪرڻ لاءِ آهستگيءَ سان واش روم جو دروازو کڙڪايو، پر پاڻيءَ جي آواز کان سواءِ ٻي ماٺ! ٿوري دير ترسي مون ٻيهر دروازو کڙڪايو ته آواز آيو: ”يي اهيو ڇاهي، اچان ٿو ير اچان ٿو، مُٽڻ ته ڏيو.. . !“ آئون، نه ئي کِل روڪي پيو سگهان ۽ نه ئي ته ’ڊيڪورم مينٽين‘ ڪري پيو سگهان، جو وزير صاحب بيٺو هجي، پر خدا ڪيو جو تيستائين جوڻيجو صاحب واش روم مان نڪري آيو. ٻاهر نڪرندي ئي سامهون هيترا ماڻهو جو ڏٺائين ته ٻانهون ٻڌي بيهي رهيو، چيائين: ”اي سائين معاف ڪجو، ڪو وزير اچي پيو ملڻ لاءِ، سو مون وري سوچيو ته واش روم مان ٿي اچان.. . “ مون، قمر منصور ڏانهن اشارو ڪندي، جوڻيجي صاحب کي ٻڌايو ته ’وزير صاحب توهان سان ملڻ آيا آهن. ‘ تيستائين قمر منصور اڳتي وڃي جوڻيجي صاحب کي جُهڪي ڀاڪر پاتو، ۽ پوءِ ٿوري دير کان پوءِ آفيس ۾ ٽهڪن جا ٽاڙيا، سگريٽن جا سُوٽا، ڊرامن جون ڳالهيون ۽ تاڙين جا ڦهڪا شروع ٿي ويا ۽ آئون ڏسندو رهجي ويس ته هيءُ آخر ڪهڙي دنيا جو ماڻهو آهي. جوڻيجي صاحب کي ڪتابن جي مهورتن، شامن ملهائجڻ، تعزيتي ريفرنسن ۽ اجاين تشهيري پروگرامن کان سخت چِڙ هوندي هئي. اٿارٽيءَ ۾ چيئرمئن شپ دوران سندس زور پروگرامن بجاءِ ڪتابن جي ڇپائيءَ تي هو. هُن جيڪي پروگرام ڪرايا سي ليڪچر پروگرام هئا. ڪميٽيون، ميٽنگون، انڪرائريون، رپورٽون، نوٽيس وغيره کيس وڻندا ئي نه هئا. هو نوڪريءَ کي ’جُتيءَ جي نوڪ‘ تي رکندو هو، کيس پنهنجي ’ليکڪ‘ هجڻ تي وڏو مان ۽ ڀرم هوندو هو. هڪ ڀيري اٿارٽيءَ جي گرانٽ رليز ٿيڻ ۾ دير ٿي وئي ته اسان آفيسر کيس همت ٻڌرائڻ لڳاسين ته وزير اعلي هائوس مان هيترا ڀيرا دعوتون آيون آهن ۽ اوهان نه ويا آهيو. مهرباني ڪريو، وزير اعلي هائوس وڃو، ان بهاني اسان جي گرانٽ نه رڳو جاري ٿي ويندي پر ٻيڻي به ٿي ويندي. پر هو سدائين ڪو نه ڪو بهانو ڪري ڳالهه ٽاري ويندو هو. هڪ وقت اهڙو به آيو جو پگهارن لاءِ پئسا نه هجن، اٿارٽيءَ جا اڪائونٽ خالي ٿيا پيا هجن. اسان آفيسرن کيس معاملي جي سنجيدگيءَ کان آگاهه ڪيو ۽ نيٺ کيس راضي ڪيوسين ته هو وزير اعلي هائوس وڃي، وزير اعلي صاحب سان ملي ۽ اداري جي گرانٽ وڌرائي اچي. جوڻيجو صاحب نيٺ ڪراچي ويو، ٻئي ڏينهن آفيس ۾ ملاقات ٿي ته اسان جو پهريون سوال وزيراعلي هائوس ۽ ملاقات جو هو! هُن معصوم ٻار وانگر مُسڪرايو، چيائين: ”اوهان کي پگهار سان ڪم نه، ان جو بندوبست ڪري آيو آهيان، باقي وزير اعلي هائوس ير آئون ڪون ويس. “ ”سائين ڇو نه ويا؟“ ”ڪُتا ٻڌا پيا آهن، ڏاڙهڻ ٿا اچن. “ چيائين: ”پاڻ کان اوڏانهن وڃڻ ڪونه ٿيندو. “ اسان سندس ڳالهه کي سمجهي نه سگهياسين. بعد ۾ خبر پئي ته اُهو سڄو ڏينهن جوڻيجي صاحب، وزير اعلي هائوس وڃڻ بجاءِ ’جيو انٽرٽينمينٽ‘ جي دفتر ۾ چانهيون پيئندي، اولڊ بوڪ هائوس ۽ پارڪ ٽاور تان ڪتاب وٺندي ۽ سمنڊ جو سير ڪندي گذاريو. ’جيو‘ جي آفيس مان ئي ڪنهن ناڻي کاتي جي آفيس کي فون ڪري چيو ته ”شرم ڪونه ٿو اچيوَ، جوڻيجي صاحب کي نٿا سڃاڻو، ان کان به رشوت وٺندئو، ٻُڏي نٿا مرو. “ ۽ پوءِ هفتي ۾ ئي اسان جي گرانٽ رليز ٿي وئي ۽ پگهارون ٿيون ته جوڻيجي صاحب گهر تي گهرائي، اسان سان گڏ پارٽي ڪئي! وقت بدلجي ويو آهي! چوڏسا سوشل ميڊيا چرچو آهي، چڱو جو جوڻيجو صاحب هن ظالم دور ۾ نه آهي، نه ته سندس نالي سان فيڪ آءِ ڊيون ٺهي وڃن ها ۽ هو شريف ماڻهو ’حراسمينٽ‘ جي الزامن ۾ سرڪاري دفترن ۾ پيشيون ڀريندو رهي ها! مِس يو سائين، لَو يو سائين! (فيسبڪ پوسٽ تان ۳۰ مارچ ۲۰۲۴ع تي رکيل/ کنيل) عبدالقادر جوڻيجو استاد جا استاد ڪير هئا خالد ڪنڀار هو مٺ تي ڊنل جي سگريٽ مان ڪش هڻڻ مهل پنهنجي هڪڙي اک ائين بند ڪري ڇڏيندو هو، جيئن هن جي چاچي ڀاڻي پن جي ٻيڙي مان مٺ تي ڪش هڻڻ مهل هڪڙي اک بند ڪري ڇڏيندي هئي. اهو ڪش هڻڻ جو انداز هن جو پنهنجو ڪونه هو. اهو انداز هن کي پنهنجي چاچي ڀاڻي وٽان ورثي ۾ مليو هو. اها چاچي ڀاڻي جنهن وٽ هو پنهنجي ماءُ جو گهر ڇڏي اچي اڪثر رهندو هو. اها چاچي ڀاڻي جنهن جي ڳلن تان لڙڪ ڪونجن جي ولر کي ڪڻڪندو ڏسي لار ڪري وهي هلندا هئا. هن نه صرف اهو هڪ هڪ ڳوڙهو پاڻ وٽ سنڀالي رکيو هو. پر اهي مهراڻي جي ڪس مان جنهاڻ جي ڀٽ تان وطن کان وڇڙيل ڪونجن جا اڏندڙ ولر به هن پاڻ وٽ سنڀالي رکيا هئا. جيڪي هن چاچي ڀاڻي جي اکين سان ڪڏهن ڏٺا هئا. انهن ڪونجن جي هڪ هڪ ڪوڪ به هن وٽ محفوظ هئي. هن کي چاچي ڀاڻي تڏهن به ياد هئي جڏهن هو هڪڙي ڳوري سرائڪي صحافڻ سان گڏ سفر ۾ هو. انهي صحافڻ جڏهن سگريٽ دکائي مٺ تي ڪش هئيون ته هن کي چاچي ڀاڻي ياد اچي وئي. انهي ڪري هن جي پهرئين استاد هن جي چاچي ڀاڻي هئي. هن اهو به هڪ هڪ ڳوڙهو پاڻ وٽ سنڀالي رکيو هو جيڪو ڳوڙهو پنهون رٻاري جي اک مان پنهنجي اٺين جي وڳن کي ساريندي ڄامشوري جي اڃارن پٿرن تي ڪريو هو. هو جڏهن پنهون رٻاري جي ڳاله ڪندو هو ته هو پنهنجي اندر ڪارن ڪپڙن وارو هڪڙو رٻاري ٿي ويندو هو. جيڪي ڪارا ڪپڙا هن پنهون رٻاري جي بدن تي ننڍي هوندي کان پاتل ڏٺا هئا. اهو پنهون رٻاري جيڪو اڪثر وسڪاري ۾ مال ڪاهي اچي جنهاڻ جي ڀٽ تي رهندو هو. هو چوندو هو پنهون جنهن جون اکيون سدائين آسمان ۾ هونديون هيون. جيڪي ڪارن ڪڪرن کي ڏسي خوشي مان ڀرجي اينديون هيون. اوڏي مهل نه صرف پنهون جو اندر آسمان ٿي پوندو هو. پر هن ٿرئين جي اندر ۾ به ڪارا ڪڪر پيا لامارا ڏيندا هئا. انهي ڪري هن جو ٻيو استاد پنهوون رٻاري هو. ڪيسري ڀيلڻ ۽ رامجي ڪولهي هن جا استاد تـ ڪونـ هئا. پر هو انهن ٻنهي کي ويهئين صدي جون وڏيون شخصيتون سمجهندو هو. انهن شخصيتن ۾ هو رمضان جوڻيجي جي ڳالهـ بـ ڪندو هو. جنهن جو مٺو آواز هن کي ننڊ مان اٿاريندو هو. اهو رمضان ڪنهن جي ڪاڄ ۾ نچندو هو تـ سندس پٽڪي جو ڇڳو بـ هن سان لئي ۾ گڏيو ايندو هو. انهي رمضان کي هو پنهنجو استاد بـ مڃيندو هو. انهي کانسواءِ هو پنهنجا سڀ کان وڏا استاد ڌنارن کي سمجهندو هو. هو انهن ڌنارن سان گڏ نڪري وڃي مال چاريندو هو. هو پاڻ جڏهن ڄامشوري جي پٿرن تي ڀنڀورين کي اڏندي ڏسندو هو تـ هن پنهنجي ڳوٺ جا اهي گهاٽا کارا کٻڙ ياد اچي ويندا هئا. جيڪي هاڪڙي جي ٻنهي ڪنڌين تي وسڪاري کان اڳ ۾ ڀنڀورين سان ڀرجي ويندا هئا. هاڪڙو هون تـ هن جي گهر جي گهٽي تي هو. پر هڪڙو هاڪڙو هن جي پنهنجي اندر ۾ بـ هو. هو انهي مري ويل درياءِ جو اڃيون پيٽ سدائين پنهنجي اندر ۾ کڻي هلندو هو. جنهن جا اوسا چپ سدائين تڏهن پسندا آهن. جڏهن گهڻا مينهن پوندا آهن. جڏهن ڀٽن تان وسندڙ مينهن جو پاڻي ريلا ٺاهي وهندو اچي هاڪڙي جي پيٽ ۾ ڪرندو آهي. اهو هاڪڙو جيڪو هن جي اندر ۾ هو انهي هاڪڙي درياءِ ۾ هن وٽ هڪڙو ڪارو اصيل نانگ بـ هو جنهن جي ليڪي تي درياءِ ٺهيو. هو جڏهن انهي درياءِ جو ذڪر ڪندو هو تـ انهن جوڳي قبيلن ۽ گرو گورک ناٿ جو بـ ذڪر ڪندو هو. جيڪو انهي نانگ جي پٺيان پنڌ پيو هو. اهي ڪنپٽ ۽ ڪن چير جوڳي جن سان وسڪاري جي ڏينهن ۾ مهراڻي جون ڀٽون ڀرجي وينديون هيون. هن انهي مئل درياءِ تي هڪڙو ناول بـ لکي ڇڏيو. انهي ئي هاڪڙي درياءِ جو وانڪل وارو گهيڙ هن جي گهر جي گهٽي کان صفا سڏ پنڌ تي هو. هن کي اها بـ خبر هئي تـ رٻاري سنڌ ۾ انهي ئي گهيڙ تان وانڪل ڏيوو جي مورتي هڪڙي سهڻي رٻارڻ جي مٿي تي ڏئي گذريا هئا. اهو سنڌ ۾ سومرن جي بادشاهي جا ڏينهن هئا. اهين هو رٻارين جا ولر ويندا لکڻن ۾ ڏيکاري ڇڏيندو هو. اسان جهڙو ڪو ماڻهو جڏهن بـ انهي گهيڙ وٽان گذرندو هو تـ ٿورڙو بيهـ رهندو هو ۽ اهي منظر محسوس ڪندو هو. اهي رٻاري اتان ويندا محسوس ٿيندا هئا. هن انهي وانڪل واري گهيڙ تي ڊرامون بـ لکيو هو. اسان ننڍڙا هوندا هئاسين تـ پورو پاڙو ريڊيو تي ويهي اهو ڊرامون ٻڌندو هو. انهي ڪري هن جو هڪڙو استاد اهو اڃيون درياءِ بـ هو. جنهن هن کي پنهنجي اڃ امانت طور ڏني هئي. هن جي پيرن ايترا پنڌ تـ ڪونـ ڪيا هئا. جيترا سنڌ جي خانـ بدوش قبيلن جي پيرن ڪيا هئا. پر اهي خانـ بدوشن جا پير هن ضرور ڏٺا هئا. هن کي انهن پيرن ۽ انهي پنڌ سان عشق هو. هن انهن تي هڪڙو ڪالم لکيو پر اهو هڪڙوڪالم هن جي سڃاڻپ ٿي ويو. انهي ۾ هن ڪبوترن ٻڙهن ۽ ڪوچڙن جي پيرن جي پنڌ سان عشق ڪيو هو. هن اهي مٽيءِ مان ٺهيل ننڍڙا رانديڪلا ٻـ ڏٺا هئا. جيڪي گرگليون ۽ ٻڙهيون گهر گهر وڃي وڪڻنديون هيون. انهي ڪري هن جا استاد اهي خانـ بدوش قبيلا بـ هئا. هن جو هڪڙو ڊرامون تـ اسان جي ڳوٺ نهٽي واري ڀٽ تي فلمايو ويو هو. انهي ڊرامي ۾ روهي بانو بـ هئي. مون شايد پهريون ڀيرو هن کي تڏهن ڏٺو هو. اهو ڊرامون جڏهن ٽي وي تي هليو تـ دانگين ۾ پيل مانين جا پڙ دانگين ۾ ئي سڙي ويا. شهرن جون گهٽيون ويران ٿي ويون. رڳو پيا ڪتا بسندا هئا. ٽي وي جي اڳيان هجوم هئا پر ڳالهائيندو ڪير بـ ڪونـ هو سڀ ويٺا ٽي وي جو آواز هيڪلا ڪنا ٿي ٻڌندا هئا. اهو ڊرامون هليو هو تڏهن پارومل ڪولهي نبي سر وارو ايم اين اي ٿيو هو. هو پنهنجي زال سان گڏ جڏهن اسلام آباد واري ايئرپورٽ تي لٿو تـ ميڊيا جي ڪيميئرائن جو رک پارومل جي زال ڏانهن ٿي ويو. انهي شهر جي ميڊيا پارومل کان پڇڻ لڳي “يـ سکان هي ڪيا“هن انهي ڊرامي ۾ پوري لوڪ ڏاهپ هڻي ڇڏي هئي. هو پاڻ بس جهنگ جي بلا هو. جيڪا ڪنهن جي بـ کاري ۾ ڪونـ تي رهي سگهي پئي ڀٽن ۾ ڀتڪندي هئي. انهي ڪري اهي ڀٽون ۽ ڀٽن ۾ رهندڙ جهنگ جا ماڻهوبـ هن جا استاد هئا. جهنگ جي ماڻهن جو هي شاگرد جڏهن شهرن ۾ لٿو تـ هن جي قلم اهي سڀ ڪجهـ ڳالهايو جيڪو هن جهنگ کان سکيو هو. شهرن لئـ اهي ڳالهيون نيون هيون. اهين هي انهن شهرن ۾ رهندڙن جو استاد ٿي ويو. انهي استاد کي جڏهن هورو ٿيندو هو تـ جهنگ منهن ڪندو هو ۽ جڏهن وري جهنگ مان دل ڀربي هئي تـ وڃي ڪتابن جي جهنگ ۾ پوندو هو. عالمي ادب مان اهڙيون اهڙيون ڳالهيون کڻي اچي سٽڪو ڪرائيندو هو. جو هر ڪنهن کي پنهنجي اڻ پڙهي هجڻ جي اڃ اڃان پڙهڻ تي مجبور ڪندي هئي. جڏهن هو جهنگ جون ڳالهيون ڪندو هو تـ شهرن وارا پريشان هئا ۽ جڏهن ڪتابن جون ڳالهيون ڪندو هو تـ جهنگ جي مخلوق پريشان هوندي هئي. اهين هن هڪڙي ئي وقت ٻنهي کي پريشان ڪيو. اڄ هو انهن گهاٽين ڄارين واري ڳوٺ ۾ هاڪڙي درياءِ جي ڪپ تي هڪڙي وڏي ڄار ۽ هڪڙي وڏي ڪنڊي جي وچ ۾ مدفون ٿي ويو. هاڻ وري هن جون اتي اهي ئي ڪچهريون هونديون. جتي رمضان جوڻيجو ۽ چاچي ڀاڻي تـ هوندا ئي هوندا پر هن جي ڪچهري جو ٻڌي رامجي ڪولهي، ڪيسري ڀيلڻ ۽ پنهون رٻاري بـ اچي وڃن. ٿي سگهي ٿو جوڳين جو ڪو خانـ بدوش قبيلو بـ هن جو قبر جو پاسو ڏئي مٽي وڃي. هن جي انهي قبر تان هر سال پيا ڪونجن جا ولر مٽيندا. انهي وڏي ڄار تي هاڻ ڀنڀوريون هر سال پيون اينديون. هن جي ڳوٺ واري ڀٽ جو پاڻي هن جي قبر جو پاسو ڏئي وڃي هاڪڙي درياءِ ۾ ڪرندو. هاڪڙو ڀرجي ويندو. تڏهن هي هاڪڙي جي ڪپ تي ضرور ويندو. نـ رمضان جوڻيجي سان ڦانگ هڻي مٺ تي سگريٽ جا ڪشش ڀري ڀري هڻي ڪنڊيرا ۽ ماڪيز جون ڳالهيون ڪندو ۽ ڀاڻي ڪونجن جو ذڪر ڪندي رمضان جوڻيجي جي اک ۾ پيل سوئيرو هن کي ڪڏهن بـ پوڙهي نـ ٿيڻ جو احساس پيو ڏيکاريندو. عبدالقادر جوڻيجو مرتضيٰ سيال عبدالقادر جوڻيجو سنڌ جو يگانو ڪهاڻيڪار، ناٽڪ نويس، ڪالم نگار ۽ هڪ منفرد انسان هئو. ادب جي دنيا جو قداور نالو هئڻ جي باوجود وڏائي سندس پاسي کان به لنگهي نه سگهي، پنهنجي طبيعت ۾ نهٺائي رکندڙ اهڙو فقير ماڻهو هئو جنهن وٽ بادشاهيءَ جا گرُ هئڻ جي باوجود هو پنهنجي ڌُن ۾ مگن رهندڙ هڪ بنه دلبر انسان هئو. ڊرامو هُجي، ڪهاڻي هُجي يا ڪو ڪالم هجي هر لکڻي ۾ هُن جو هڪ الڳ ڊڪشن ۽ انداز آهي. هن جي ڳالهين کان ويندي لکڻين تائين سندس مطالعي ۽ مشاهدي جي پختگي نظر ايندي، هُن جيترو لکيو اُن کان وڌيڪ پڙهيو ۽ پروڙيو. پنهنجي حياتيءَ ۾ هو پڙهڻ ۽ لکڻ کان ڪڏهن به نه ٿڪيو، سنڌ جو هي واحد ليکڪ هو جيڪو لڳاتار لکندو رهيو، پڙهڻ ۽ لکڻ سان هن جو ازلي عشق رهيو. عبدالقادر جوڻيجو پرائيڊ آف پرفارمنس ۽ ٻيا ڪيترائي ايوارڊ ماڻيا پر هُن پنهنجي ڪيريئر ۽ حياتيءَ ۾ ڪڏهن ايوارڊن ۽ انعامن کي خاطر ۾ نه آندو. هو پنهنجي زندگيءَ ۾ ته ڏاڍو لاپرواه ماڻهو رهيو پر لکڻ ۽ پڙهڻ توڙي نون ۽ نوجوان ليکڪن کي همٿائڻ جي معاملي ۾ هن ڪڏهن به لاپرواهي نه ڪئي، جن ڏينهن ۾ سندس طبيعت ناساز رهي انهن ڏينهن ۾ به هن لکڻ پڙهڻ کي نه ڇڏيو. ٿر جي مٽيءَ مان ڳوهيل هن محبوب ماڻهوءَ جي لکڻين ۽ ڳالهين مان به ٿر جي واري جو چلڪو ۽ برسات کانپوءِ مٽيءَ جي مهڪ محسوس ٿيندي هئي. عبدالقادر جوڻيجو سان منهنجون تمام گهڻيون يادون وابسته آهن. ۱۹۸۹ ۾ جڏهن آئون سنڌ يونيورسٽي جي ماس ڪميونيڪيشن جو شاگرد هئس ان وقت کان ساڻس محبتن وارو رشتو جڙيو، اُن زماني ۾ عبدالقادر انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جو ڊائريڪٽر هئو، آئون ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ کان پوءِ عبرت مئگزين ۾ ڪم ڪندو هئس، عبدالقادر پنهنجي آفيس جون ذميواريون نڀائڻ کان پوءِ اڪثر ڪري گلستانِ سجاد ۾ منهنجي آفيس ايندو هئو، جتان اسان شهر روانا ٿيندا هئاسين پوءِ ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي دوستن، فنڪارن ۽ اديبن جو ميلو مچندو هئو، اهڙي طرح ڪچهرين جو نه کٽندڙ سلسلو هوندو هئو، عبرت مئگزين فائينل ڪرڻ وارن ڏينهن ۾ آئون نه نڪري سگهندو هوس ته عبدالقادر اسان جي انچارج مرحوم غفور ڪريمي سان ڪچهري ۾ ويهي رهندو هو، اهڙي طرح هو جتي به ويهندو هئو اتي محفل ۾ ڪچهريءَ جو مرڪزي ڪردار هوندو هو. هو اسان جهڙن سيکڙاٽ ۽ نون ليکڪن سان گڏ ويهي اسان کي نه رڳو اُتساه بخشيندو هئو پر اسان سان گڏ ويهي وڏا وڏا ٽهڪ به ڏيندو هئو. هو مون کان نه رڳو عمر ۾ پر هر حوالي سان وڏو هئو پر پنهنجي سڀاءُ ۽ پيار سان محسوس ائين ڪرائيندو هو ڄڻ اسان هڪجيترا ۽ بي تڪلف يار آهيون، مون هن کي هميشه يار جي نالي سان ئي ياد ڪيو آهي. اڄ يادگيرين جو نه کُٽندڙ سلسلو ڇڏي يار وڃي جنهاڻ جوڻيجو جي مٽيءَ ۾ آرامي ٿيو آهي. پر هو اسان جي دلين ۾، ذهنن ۾ پنهنجن لکڻين ۾ سدائين زنده رهندو.
ڊاڪٽر خان محمد پنهور سنڌ جو هڪ خاموش خدمتگار عبدالمجيد پنهور ڊاڪٽر خان محمد پنهور کي وڇڙئي اڄ ٻارنهن سال ٿي ويا آهن. سندس محبتون ۽ گُڻَ اڄ به گلاب جي گلن وانگر تازا آهن. ڊاڪٽر خان محمد پنهور جي زندگي جو مقصد هر ماڻهو جي مدد ڪرڻ ۽ اتساهڻ هئو. محبتي ۽ همدرد انسان، سدائين ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ جي جستجو ۾ رُڌل رهندڙ ڊاڪٽر پنهور کان زندگي ۾ قدرت وڏا ڪم ورتا ۽ انهن ڪمن هن کي اَمَر ڪري ڇڏيو. سندس عام ماڻهو سان لحاظي ورتاءُ ۽ همدردي جو وڏو سبب شايد اهو به ٿي سگهي ٿو ته جنهن ماحول ۾ هن اک کولي، اهو مذهبي تعليم ۾ تمام اڳتي هئو. ڊاڪٽر خان محمد پنهور کي شروع کان زندگيءَ ۾ محنت جي سُتي پيل هئي. رات ڏينهن نه صرف علم جي تلاش ۽ ڪجهه ڪرڻ لاءِ هميشه سرگردان رهڻ سندس طبيعت جو حصو هئو. ڳوٺ مان ئي تعليم سان گڏ صحافت ۽ ادبي زندگي ۾ ٻارڙن جي ٻاري جي شاخ قائم ڪرڻ ذريعي پير پائڻ شامل آهن.اڳتي هلي سائين جي ايم سيد ۽ ان ذريعي شيخ عبدالمجيد سنڌي جهڙن هيرن سان ملاقاتن ڊاڪٽر پنهور جي ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ واري جستجو کي وڌيڪ جلا بخشي. هن کي سنڌ جي مشاهيرن سان ته ڄڻ عشق هئو ۽ ان جو وڌيڪ احساس هن کي معاشري جي بي حسي وڌيڪ احساس ڏياريندي هئي. ان جي ڪري ئي هن شيخ عبدالمجيد سنڌي سان وڌيڪ تعلق جوڙيو. شيخ صاحب برِصغير جي سياست جو سرواڻ هئو پر انتهائي سادو ۽ سٻاجهو انسان هئو. شيخ سنڌي ڊاڪٽر پنهور جو رول ماڊل چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. شيخ صاحب جي زندگي ۽ جدوجهد تي هلندي ڊاڪٽر پنهور صحافت کي ئي پنهنجو مشن بڻايو. هن سياست بجاءِ سماج سڌارڪ طور معاشري ۾ تبديلي لاءِ جاکوڙيو. سندس چوڻ هئو ته سياست اسان جهڙن ماڻهن جي پهچ کان ٻاهر آهي. هن سِگا ۾ پڻ انتهائي سرگرم ڪردار ادا ڪيو ۽ سِگا ۾ سرگرمين دوران سندس مَحور ۽ مرڪز عام ماڻهن جي تعليم ۽ انهن ۾ سجاڳي رهيو. صحافت هجي يا سماجي خدمتن جو شعبو، ڊاڪٽر پنهور ٻنهي شعبن سان ڀرپور نموني نڀايو. وسيلن جي اڻهوند، ماڻهن جي بيجا اختلافن ۽ تنقيدن جي باوجود ڊاڪٽر پنهور بنا ڪنهن سان شڪايت ڪرڻ جي خدمت واري پنهنجي ڌُن ۾ اڳ کان اڳرو رهيو. ڪامورو ٿيڻ جي بجاءِ هن استاد ٿيڻ کي ترجيح ڏني. هن سنڌ يونيورسٽي ۾ صحافت جو شعبو قائم ڪيو. صحافت جي نامياري استاد پروفيسر ذڪريا ساجد چواڻي ته سنڌ يونيورسٽي ۾ صحافت جو شعبو قائم ٿيڻ سان سنڌ جي نوجوانن کي صحافت پڙهڻ ۽ سنڌ جو موقف پيش ڪرڻ جو موقعو ملي سگهيو. اهڙي ريت سماجي شعبي ۾ ڊاڪٽر پنهور اتساهه ۽ نواڻ پيدا ڪئي. هن عام ۽ باشعور ماڻهن کي سماجي ڪمن لاءِ همٿايو. هڪ طرف هن جي تجويز تي سِگا جي پيلٽ فارم تان صحت جو سال، تعليم جو سال، ساهت سال، ڳوٺ سڌار سال ڪري ملهايو. صحت سال جي سلسلي ۾ سنڌ ۾ اکين جون مفت ڪئمپون لڳرايون. وڏن فزيشن ۽ سرجن انهن ڪئمپن ۾ ماڻهن جو مفت علاج ڪيو ۽ انهن کي دوائون ڏنيون. تعليم جو سال ملهائڻ لاءِ ڊاڪٽر پنهور سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر پهتو. ان سان ماڻهن ۾ تعليم لاءِ سجاڳيءَ جي تحريڪ پيدا ٿي. ڳوٺن جي ماڻهن پٽن سان گڏ نياڻين کي به تعليم ڏيارڻ شروع ڪئي. سنڌي ساهت سال ۱۹۸۱ع ۾ سنڌي اخبارن خاص نمبر شايع ڪيا، نوان ڪتاب شايع ٿيا ۽ سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ نئون اتساهه پيدا ڪيو. ۱۹۸۲ع ۾ ڊاڪٽر خان محمد پنهور ڳوٺ سڌار سنگت جو بنياد رکيو. ڳوٺ سڌار جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر پنهور هر ڳوٺ ۾ ويو. سندس ڳوٺاڻي ترقيءَ جي جذبي سنڌ جي هر ٽهيءَ کي ته اتساهيو پر سنڌ جي بزرگن هن سجاڳي واري ڪم ۾ عملي طور حصو ورتو. ڊاڪٽر پنهورپنهنجي ساٿين ڊاڪٽر حسين بخش ڪولاچي، روشن ٻگهيو، رسول بخش گچيرائي ۽ اسان جهڙن ننڍڙن ڪارڪنن کي گڏ کڻي هلڻ ۽ سماج جي ترقي واري قافلي ۾ هر شعبي جي ماڻهن کي شامل ڪرڻ سندس وڏو ڪمال هئو. ڊاڪٽر پنهور سڀني ڪمن لاءِ ٽيم ٺاهيندو هئو پر هو پاڻ به سڄي عمر هڪ ورڪر رهيو. هڪ سادو، سٻاجهو، اتساهيندڙ ۽ محنتي ماڻهو ۽ اهڙو ماڻهو جنهن جي اسان کي، اسان جي سماج کي کوٽ محسوس ٿيندي رهندي. هو سڀني جو دوست ۽ همدرد هئو ۽ سڀ کيس پنهنجو سمجهندا هئا. هن جو پنهنجي دوستن سان سدائين محبت ڀريو ورتاءُ هوند هئو، اهو ڀلي سڪندر ميمڻ هجي يا شمشير، هدايت يا تاجل هجن. دوستن سان دوستي جي حوالي سان هڪ واقعي بابت ٻڌائيندو هلان ته: ڪجهه دوستن اسلام آباد ۾ سندس ڪم بابت سخت اختلاف ڪيو ۽ ايتري تنقيد ڪئي جو هو ٻارڙن وانگر روئي پيو هئو، پر ان جي باوجود مون کي خبر آهي ته هو سدائين انهن دوستن سان ساڳي عزت ۽ محبت سان هلندو هئو. سنڌيونيورسٽي ۾ نوڪري دوران پڻ هن کي الاهي تڪليف کي منهن ڏيڻو پيو. پر ان جي باوجود هن ان تڪليف جو جواب ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڪري ڏنو. سنڌي صحافت کي سنڌي سماج جي ترقيءَ جو اهم مورچو سمجهندو هئو. جڏهن سنڌي رسالن ۽ اخبارن جا اشتهار بند ٿي چڪا هئا ته ڊاڪٽر پنهور سنڌي اخبارن ۽ رسالن جي جماعت ٺاهي، سنڌي صحافت تي سيمينار ڪرايا. سنڌي صحافت ۾ سنڌي ڪمپيوٽر جي استعمال جي سلسلي ۾ سنڌي صحافت تي ٿيل سيمينار کان شروعات ٿي هئي. انهيءَ سيمينار لاءِ مهتاب اڪبر راشدي جي سربراهي ۾ سنڌالاجي پاران تاريخي سنڌي اخبارن جي نمائش لڳائي وئي هئي، جڏهن ته ماجد ڀرڳڙي جنهن کي سنڌي ڪمپيوٽنگ متعارف ڪرائڻ جو ڪريڊٽ وڃي ٿو، ان سنڌي ڪمپوزنگ تي پريزنٽيشن ڏني هئي . ڊاڪٽر پنهور جي ڪم ۾ سچائي هئي. هو اڪيلي سِر هڪ اداري جو ڪم ڪندو هئو. سندس ڪم مان ائين لڳندو هئو ته هو اڪيلو شخص نه پر هڪ ادارو ڪم ڪري رهيو آهي. هن ۾ ماڻهن کي سيکارڻ جو هڪ ڏانءُ هئو. ڊاڪٽر پنهور ادارن ٺاهڻ ۾ ۽ ٽيم ٺاهڻ ۽ ٽيم کي گڏجي کڻي هلڻ ۾ تمام گهڻو يقين رکندو هئو. سندس گهڻ-پهلوئي سرگرمين جو بنيادي مقصد سنڌجي ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ، ٻڌي پيدا ڪرڻ، انهن کي سماج لاءِ اتساهڻ هئو. هو هڪ عملي ماڻهو هئو. سندس هر عمل ڪنهن نه ڪنهن مثبت ڪم لاءِ ئي هوندو هئو. ڏهه سال مسلسل بيماري ۾ رهڻ جي باوجود نه هن ۾ سماج مان ڪا نا اميدي پيدا ٿي ۽ نه ئي ڪڏهن هن کي سماج سڌارڪ يا استاد هجڻ تي پاڻ کان ڪنهن قسم جي شڪايت. ڪڏهن ڪڏهن معاشري جي بي حسي جي ڳالهه نڪرندي هئي ته ڪو جواب ڏيڻ بجاءِ سندس اکين جي ڪنڊ مان ڳوڙها ڪري پوندا هئا. سنڌ ۾ ڊاڪٽر پنهور جون خدمتون سدائين ياد رهنديون هيون، هو سنڌ جو خاموش خدمتگار هو. روزانه ڪاوش جي ٿورن سان خان محمد پنهور بي لوث سماج سڌارڪ ثمينه ميمڻ سنڌي سماج جي بهتري ۽ ترقيءَ لاءِ توڙي تعليمي ميدان ۾ ويجهي ماضيءَ ۾ پاڻ پتوڙيندڙ شخصيتن ۾ سنڌ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ آراضي، تعلقي سيوهڻ ۾ جنم وٺندڙ ڊاڪٽر خان محمد پنهور جو ذڪر انتهائي سٺن لفظن ۾ ٿئي ٿو. ڊاڪٽر خان محمد پنهور ۲۷ جون ۱۹۴۹ع تي جنم ورتو، ٻالڪپڻ کان جواني تائين بنا ٿڪ ڀڃڻ جي، بنا ساهه پٽڻ جي، بنا ڪنهن ميار، پنهنجي مشن ۾ جنبيل رهيو، صحافت ۽ سماجي ڪم سندس رڳن ۽ روح ۾ سمايل هئا. ڳوٺ کان ويندي ڪراچي پوءِ حيدرآباد واري آخري سفر جي پڄاڻي ڄام شورو ۾ ڪيائين، تعليم جو سلسلو به مسافريءَ دوران طئي ڪيائين. پرائمري تعليم آراضي شهر، مڊل ڀان سعيد آباد، مئٽرڪ دادو، بي اي هالا ڪاليج، ايم اي ڪراچي يونيورسٽي مان ڪيائين. قدرت ڊاڪٽر پنهور کي پيدا هڪ غريب گهر ۾ ڪيو، پر کانئس وڏا ۽ بهترين ڪم ڪرايائين. محبت پڻ ملڪ جي ناميارن شخصيتن وٽان سکڻ جو ڏانءُ هن کي قدرت طرفان خاص عطئي طور نصيب ٿيو هو. ڪنهن سان ڪيئن ڪاوڙ ۾ ڳالهائجي اهو هن کي آيو ئي ڪونه. زندگيءَ جي شروعاتي ڏينهنِ ۾ صحافت سان پيچ اٽڪايائين ۽ آخر تائين صحافيءَ واري زندگي گذاريائين، شيخ اياز جي وائيس چانسلريءَ واري زماني ۾ شيخ صاحب طرفان سنڌ يونيورسٽي ۾ صحافت جو شعبو قائم ڪرڻ واري آڇ تي اچي سنڌ يونيورسٽي وسايائين، نوان دوست نوان ساٿي گڏجي صحافت جي شعبي کي مچايائين. انهيءَ دوران ڪيترائي رسالا ۽ ميگزين، سندس ادارت ۾ نڪتا. سرتاج، مارئي، ٻالڪ، نئون نياپو، سنڌي پبليڪيشن ۽ پارس کي آخر تائين اولاد وانگر پيار ۽ پاٻوهه سان ڏسندو ۽ ان لاءِ صلاحون ڏيندو هو، اهو ڀلي نواب شاهه ۾ نئين روشني اسڪولن واري پروجيڪٽ سان هجي يا جناح اسپتال جي آءِ سي يو ۽ ۱۶ وارڊ ۾ هجي، پر اهو ئي جملو پارس جو ڇا ٿيو. سدائين سنڌ جي تاريخ ساز شخصيتن سان رهيو ۽ انهن جي ئي واٽ تي هلندو رهيو. شيخ عبدالمجيد سنڌي ته سندس روحاني مرشد هئو، پيري مريدي جو قائل ته ڪونه هئو. پر شيخ سنڌيءَ سان جيڪا عقيدت هئي انهن جي ذڪر لاءِ ڪي لفظ مهيا ڪونه آهن. شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ سان سندس محبت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته آخري ڏينهنِ ۾ اسپتال جي بستري تي هوندي، سندس ڳالهائڻ واري سگهه جواب ڏيئي چڪي هئي، بيوسي ۽ بي حسي واري اسان جي هن سماج ۾ اسان وائڙن وانگر ڪڏهن ڊاڪٽرن، ڪڏهن انتظاميه، ڪڏهن پاڻ کي پئي پاراتو ڏنوسين، انهيءَ ڏينهن ۾ شايد اپريل مهيني جا پهريان ڏينهن هئا، اسان آزمودي خاطر پڇندا هئاسين. ڀائو شيخ صاحب جي ورسي پئي اچي ڪارڊ توهان جي نالي سان ڇپائڻا آهن، پر اسان کي شيخ صاحب جي تاريخ چڱي طرح ياد ڪونهي، پوءِ اسان کيس ڪا ٻي تاريخ ٻڌائيندا هئاسين، ڀلي کڻي ڪيڏي به غشيءَ جي حالت ۾ هجي، آهستي اکيون کولي چچريل آواز ۾ ٻڌائيندو هئو ۲۴ مئي. سندس ان ئي حالت ۾ هڪ دفعو سندس استاد پروفيسر ذڪريا ساجد کيس ايل.ايم.سي اسپتال ڏسڻ هليو، ساڳيو ئي حال بند اکيون ”خان مين ذڪريا ساجد هون“ گهڻي ڪوشش جي باوجود جڏهن آواز ساٿ ڪو نه ڏنو ته اکين مان ڳوڙها ڳاڙي پنهنجي استاد جي ڀليڪار لاءِ اٿڻ جي ڪوشش ڪيائين ۽ ائين تاج جوئي وارن سان آيل ”ڪونج“ جي ايڊيٽر سرڳواسي هري موٽواڻي سان پڻ ملي ”چچريل آواز ۾ ساڻس حال احوال ورتائين. پير حسام الدين راشدي طرفان ڏنل ڪئمرا ۽ ريڊيو سڄي عمر ياد رکيائين، سائين جي ايم سيد، رئيس ڪريم بخش نظاماڻي، حاتم علوي، قاضي فيض محمد، ڊاڪٽر غلام علي الانا، پير علي محمد شاهه راشدي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، سائين غلام مصطفيٰ شاهه، سائين ايڇ ايم خواجه، شمشيرالحيدري، ڊاڪٽر سليمان شيخ، هدايت بلوچ، تاجل بيوس، منصور عالم، سڪندر ميمڻ، رسول بخش گچيراڻي، روشن ٻگهيو، خالد شمس الحسن، خير محمد کوکر، ناز سنائي آخر تائين جيستائين سينسز ۾ هئا سندس حافظي تي رهيا. شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جو جڏهن به تذڪرو ڪندو هو ته انتهائي احترام سان. شيخ صاحب جي آخري ڏينهنِ جو تذڪرو ائين ڪندو هو ته شيخ صاحب هڪ دفعي ڀلجي پيا ۽ اسان کيس ڳولڻ لاءِ سخت پريشان هجون ۽ وري چوندو هو شيخ صاحب جڏهن سخت ضعيف ٿي پيا ته نماز به اشارن سان پڙهندا هئا. شيخ صاحب جي راهه تي هلندي آخر تائين انتهائي غريبي حال ۾ پنهور صاحب زندگي گذاري. سدائين سرڪاري گهر ۾ رهيو پڇاڙي ۾ جڏهن حافظو ڪمزور ٿي ويس ته ڪيتريون ڳالهيون ڀلجي ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي نوڪري جي رٽائرمينٽ جي درخواست ٻه ٻه دفعا يونيورسٽي انتظاميه کي ڏيئي ايندو هئو. بيماريءَ جي بستري تي اشارن سان نماز ادا ڪندو هئو. سنڌ ڳوٺ سڌار سنگتن جان ساٿي پراڻا دوست سڀ کيس نالن سان ياد هوندا هئا. جڏهن به گڏجاڻي ٿيندي هئي ته سڀني نوجوانن کي انتهائي محبت سان سمجهائڻ، رهنمائي ڪرڻ اهڙي نموني جو سندس ان حڪم تي باقاعدي پيروي ڪن. شيخ عبدالمجيد سنڌي اڪيڊمي جيڪا شيخ صاحب جي زندگيءَ ۾ ئي قائم ڪيائين، ان جي پليٽ فارم تان شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي شخصيت کي اجاگر ڪرڻ، سندس ڪم کي نوجوان نسل کي روشناس ڪرائڻ، سنڌ جي تاريخ ساز شخصيتن جي ياد ۾ ميڙاڪا ڪرائڻ، سنڌي صحافت جي حوالي سان قومي ليول تي سمينار ۽ ڪانفرنسون ڪرائڻ، سنڌي ٻولي، سنڌي ساهت، سنڌي ادب، سنڌي سماج جي ڀلائيءَ جي لاءِ هر وقت تڙپ، هر وقت جستجو سندس زندگيءَ جو وڏو مقصد هئو، جيستائين صحت ساٿ ڏنس آخر تائين جتي به ويو هر دوست کي ڳولي ان سان مليو، بنا ميار جي ڪير سندس خيال ڪري ٿو نٿو ڪري، ڪير هن سان ملڻ آيو نه آيو، ’اهين دي او ڄاڻي سانون اپڻي توڙ نڀاوڻ ڏي. اسان ڪڏهن ڪڏهن کيس چوندا هئاسين ڀائو هُو ته توهان کي فون تي به ڪونه ٿا پڇن ته علامه مشرقي جو مثال ڏيندو هئو، ٻڌائيندو هو ته جڏهن علامه مشرقيءَ کان سندس سڀ ساٿي ۽ دوست پاسيرا ٿي ويا ته هو انهن کي خط لکي هدايت ڪندو هو ته فلاڻا تون فلاڻون ڪم ڪري ڇڏجان، فلاڻا تون فلاڻي کي هيئن چئجان. ڪنهن علامه صاحب کي چيو ته اهي ته هاڻي توهان کي ڇڏي ويا آهن ته جواب ڏيندو هو ته بابا انهن ڇڏيو آهي اسان ته ڪونه ڇڏيو آهي نه. تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ته ڊاڪٽر خان محمد پنهور جو خاص نعرو هوندو هئو. پڙهو اڳتي وڌو، ڪنهن کان پڇندو هئو. ”بابا ڇا پڙهيو آهين ۽ چوندو هو سائين ايم اي ڪئي آهي. هن سبجيڪٽ“ ۾، ته چوندو هوس ”بابا ايم فل ۾ داخلا وٺ، پوءِ پي ايڇ ڊي ڪري اڳتي وڌو، رڙهو ٻين کي مدد ڪيو انهن کي اڳتي وڌايو“. ڊاڪٽر خان محمد پنهور سڄي زندگي صاف ۽ سٿري نموني گذاري آخر تائين بيمار هوندي ڪنهن کي ميار نه ڏنائين، پر وري به ٻين جو خيال ڪيائين. ڊاڪٽر خان محمد پنهور گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هئو، صحافت، ادب ۽ سماج، ساهت ۽ ٻين شعبن ۾ هميشه محنت سان نالو ڪمايائين ۽ انهن سان نڀايائين. ۲۷ مئي ۱۹۹۹ع تي صبح جو سوا اٺين وڳي، ايل ايم سي حيدرآباد جي آءِ سي يو وارڊ ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين. شل نوجوانن کي سندس رهيل مشن کي پورو ڪرڻ جي توفيق ڏئي. خان محمد پنهور هڪ عملي انسان عظيم رند خان محمد پنهور دادو ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ آراضي ۾ هڪ غريب فرد جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ آراضي ۾ حاصل ڪرڻ کانپوءِ وڌيڪ تعليم لاءِ پنهنجي وڏي ڀاءُ جان محمد پنهور جي سرپرستيءَ ھيٺ، ڀان سيدآباد هاءِ اسڪول ۽ هالا ڪاليج مان ٿيندو، حيدرآباد پهتو ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان بي اي ڪيائين. پنهنجي ٻالڪپڻ کان ئي ڏاڍو ايڪٽو هوندو هو. هو ٻارڙن جي ٻاري ۽ ٻيا پروگرام ترتيب ڏئي پنهنجو ۽ ساٿي ٻارڙن جون صلاحيتون وڌائيندو رهيو. هن پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات عبرت اخبار جي سب ايڊيٽر جي حيثيت سان ڪئي. پوءِ وري سرڪار جي سرپرستيءَ هيٺ نڪرندڙ ”نئين زندگي“ رسالي سان منسلڪ ٿيو. بعد ۾ سنڌ سرڪار جي اطلاعات واري کاتي ۾ انفارميشن آفيسر رهيو. ان زماني ۾ هو ذوالفقارعلي ڀٽي جي سنڌ جي دورن ۾ ڪوريج لاءِ گڏ هوندو هو. جتي هن جي مختلف شخصيتن سان لين دين ٿيندي هئي. پر هن جي ذهن جو لاڙو سماجي ۽ ادبي سرگرمين طرف هوندو هو. شايد ان ڪري ئي هن سرڪاري اداري واري نوڪري ڇڏي ۽ ڪراچي هليو ويو. جتي هو سماجي ۽ ادبي سرگرمين ۾ مشغول رهيو. اتي ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ايم اي صحافت ۾ ڪيائين، پوءِ اچي سنڌ يونيورسٽي جي ان وقت جي وائيس چانسلر شيخ اياز سان ملاقات ڪئي، جنهن کيس يونيورسٽيءَ ۾ صحافت جو شعبو کولڻ جي ترغيب ڏني. اهڙيءَ طرح هو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ صحافت واري شعبي جو باني چيئرمين بڻيو. ان شعبي کلڻ سان سنڌي ۽ اردو اخبارن، ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي ڪم ڪندڙ ڪارڪنن ۽ ملازمن کي وڏو فائدو پهتو. ڪيترا ئي نوجوان سنڌي صحافت ۾ داخل ٿيا. اهو سلسلو اڄ ڏينهن تائين هلندڙ آهي. مون کي به ائين لڳي ٿو ته خان محمد پنهور جي ذهن ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي سجاڳ، باشعور ۽ ترقي يافته قوم طرف گامزن ڪرڻ جو پلان هو ۽ اهو گول حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي مسڪيني حالت، مالي وسيلن جي اڻهوند بعد پبلڪ ٽرانسپورٽ سهاري تي ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر وڃي حاصل ڪرڻ ٿي چاهيو. خان محمد پنهور سنڌ جي هڪ وڏي سماجي ڀلائي واري تنظيم ”سگا“ جي ٽاپ ٽين باني ميمبرن مان هڪ باني ميمبر هو. هن سگا جي پليٽ فارم تان، حيدرآباد ۽ ان جي آسپاس ماهر ڊاڪٽرن جون ٽيمون وٺي مفت طبي ڪئمپون لڳائي، ماڻهن جي خدمت ڪئي. سگا جي ٻين مختلف فلاحي پروگرامن ۾ پيش پيش هوندو هو. کين ضياءَ الحق جي مارشل لا دور ۾ جڏهن سگا جي هائوسنگ سوسائٽي لاءِ گلشن شهباز واري هائوسنگ اسڪيم ۾ ۶۰ ايڪڙ زمين الاٽ ڪرائي. ان کان علاوه ضياءَ الحق جي زماني ۾ جڏهن سنڌ جا ڳوٺ ۽ شهر عتاب هيٺ هئا ڪو به ڌڻي سائين نظر ڪو نه ٿي آيو، تڏهن هن ۱۹۸۲ع ۾ سنڌ ڳوٺ سڌار سنگت جي نالي سان تنظيم رجسٽر ڪرائي ۽ ان جو باني چيئرمين بنيو. هن سنڌ جي ڳوٺن ۾ رهندڙ سجاڳ ماڻهن کي اپيل ڪئي ته هو پنهنجي ڳوٺن ۾ ڳوٺ سڌار سنگت جي نالي سان تنظيمون ٺاهي، پنهنجي مدد پاڻ ڪريو جي اصول تي، پنهنجي ڳوٺن جا مسئلا حل ڪن. پوءِ ته بسن ۽ لارين ۾ چڙهي سنڌ جي سوين ڳوٺن ۾ ويو ۽ اتي ڳوٺاڻن سان ڪچهريون ۽ سيمينار ڪري کين سجاڳ ڪيو. نتيجي ۾ سوين ڳوٺن ۾ تنظيمون ٺهي ويون ۽ ڪيترا ئي ڳوٺ ترقيءَ جي طرف گامزن ٿيا. جن ۾ بدين ضلعي ۾ ڳوٺ حاجي جاني رند، ڳوٺ عثمان ڪڇي ۽ ڳوٺ ولي محمد ملڪاڻي، ڄامشوري ۾ ڳوٺ سائينداد ملاح، نوشهروفيروز ۾ ڳوٺ گچيرو، ٿرپارڪر ۾ ڳوٺ سنڌ ڪولاچي، دادو ضلعي ۾ ڳوٺ فريدآباد ۽ ٺٽي ۾ ڳوٺ محمد ابراهيم جوکيو مثالي چئي سگهجن ٿا. هن ڳوٺاڻن کي ترغيب ڏني ته اوهان ڳوٺن کي سڌارڻ جي جستجو ۽ جاکوڙ ڪريو ته پوءِ سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارا ۽ تنظيمون اوهان جي مدد لاءِ اڳتي ضرور ايندا، باقي ماٺ ڪري ويهي رهڻ ۽ گمنامي جي گوشي ۾ رهڻ سان اوهين ۽ اوهان جا ڳوٺ فنا ٿي ويندا. جيئن ته آئون ۽ خان محمد پنهور صاحب سنڌ يونيورسٽي ڪالوني ڄامشورو ۾ رهندا هئاسين ۽ منهنجو هن سان ڏينهن رات جو واسطو هوندو هو ۽ آخر تائين رهيو. اسان کي حيرت ٿيندي هئي ته هيءُ ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهي جيڪو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ صحافت شعبو به هلائي ٿو ۽ ڳوٺاڻن سان به لهه وچڙ ۾ رهي ٿو. ڪراچيءَ به دوستن يارن سان ملڻ وڃي ٿو ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي اڪيڊمي به هلائي ٿو. ڊاڪٽر ائنميري شمل انسٽيٽيوٽ آف لينگويج حيدرآباد کي به سنڀالي پيو ۽ ماهوار رسالو پارس به ڪڍي پيو. سرتاج اخبار ميرپورخاص شايع ڪرائي ٿو ۽ پنهنجي ايم فل جي ٿيسز به تيار ڪري پيو. سماجي ۽ ادبي گڏجاڻيون ۽ سيمينارن ۾ شريڪ به ٿئي ٿو ۽ عبرت ۾ ويچار ڪالم به لکي ٿو. شادين غمين کي مس ڪو نه ٿو ڪري. ناصر ۽ مجيد کي رات ڏينهن ڊوڙائي ٿو. وقت ڪڍي سائين جي ايم سيد، شيخ عبدالمجيد سنڌي، بٺوري ۾ غلام فريد حيدرآباد ۾ شيخ اسماعيل ۽ ڪراچي ۾ پير حسام الدين راشدي، حسين هارون ۽ ٻين ڪيترن ئي بزرگ ۽ معتبر شخصيتن سان ملاقاتون به ڪندو رهي ٿو. اهو سڀ ڏسي ڏاڍو تعجب لڳندو هو. مطلب ته خان محمد پنهور جو سڀني ڪارڪنن کي اهو چوڻ هو ته؛ انسان جي زندگي تمام مختصر آهي، ان جو هڪ لمحو به وڏو قيمتي آهي، جنهن کي ضايع ڪرڻ نه گهرجي. آخرڪار هو برين ٽيومر جهڙي بيماري ۾ وٺجي ويو، جنهن جو لنڊن سوڌو علاج ڪرايو ويو پر هو ان بيماريءَ مان صحتياب نه ٿي سگهيو ۽ ۲۷ مئي ۱۹۹۹ع تي هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. انا لله وانا اليه راجعون. خان محمد پنهور نه وسرڻ جهڙو شخص عظيم سنڌي خان محمد پنهور صاحب ڄائو نپنو وڏو آراضي ۾ ٿيو. جتي جئندل شاھ جو راڄ مٿان وڏو دٻدٻو ۽ رعب تان به هو. ڪوڙل شاھ به سنڌ اسيمبلي جو ميمبر ۽ جيلن وارو وزير جئندل شاھ جو پٽ هو. شاھ صاحبن طرفان سندن وڏڙن جي ٻه چار ايڪڙ زمين تي قبضي کانپوءِ لڏي اچي مورو سڪونت اختيار ڪيائون. سڀ کان وڏو ڀاءُ خان محمد پنهور ايريگيشن مورو ۾ دارغو هو. اهو ئي سندس لڏي اچڻ جو سبب هو. تمام مسڪين هئا وڏن ماڻهن سان پڄڻ هنن جي وس ڪو نه هو. هي ۱۹۶۶-۶۷-۶۸ جا سال هئا. ايوب شاهي لوڏن ۾ هئي. ون يونٽ خلاف سڄي قوم ڀڙڪو کائي اٿي ۴ مارچ کانپوءِ وڌيڪ ڀڀڙ ڀڙڪي اٿيو. ۽ گدائي جو اهو شعر گونجڻ لڳو ته لاٽ ٻرندي رهي ساٿ هلندو رهي. نوجوان ساٿيو. سنڌ جا وارثو. انهيءَ اٿل پٿل ۾ خان محمد پنهور پنهنجي دوست سڪندر الزمان سڪندر مورائي سان گڏ تحريڪ کي سرگرم ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر ڪا نه ڇڏي. موري لڏي اچڻ وقت مسواڙي جاءِ به سڪندر جي پاڙي ۾ ورتائون. ٻئي هڪ ٻئي جا سچ پچ ته ڀائرن جهڙا مثالي دوست ۽ هم عمر هئا. مورو ۾ سڄي سنڌ کان اول فاطمه جناح جي حق ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ڇاھٺ ستھٺ ۾ شاگردن سان گڏ جلوس ناصر مورائي جي اڳواڻي ۾ نڪتو جنهن کان پوءِ تمام جلد سڪندر زمان ميمڻ، خان محمد پنهور، غلام محمد مگسي، مظهر ميمڻ، محبوب مورائي جي اڳواڻيءَ ۾ جلوس نڪتو. جنهن نه رڳو مورو پر سڄي سنڌ ۾ اٿل پٿل مچائي ڇڏي. هنن ئي دوستن جي گڏيل ڪوشش سان هوشو ڊي مورو ۾ ملهايو ويو. جنهن ۾ حيدر بخش جتوئي، باقر شاھ، رسول بخش پليجو، ذوالفقار علي ڀٽو، شيخ اياز، ڄام ساقي، اختر بلوچ، رياض بلوچ وغيره شريڪ ٿيا. مورو جي هنن تحريڪن ۾ خاڪي جويو، مولانا عزيزالله ٻوهيو، هارون سومرو، غلام النبي مورائي، مٺل ڪمالاڻي، راشد مورائي، نصر الله ميمڻ (سنڌي) وغيره وغيره جي اهم ڪردار تحريڪ کي اوج ڏئي ڇڏيو آخر ون يونٽ ٽٽو تحريڪ رنگ لاتو. خان محمد پنهور کي ان سڄي عمل ۾ مون اڻٿڪ محنتي ۽ سچي ورڪرن جي حيثيت سان نه رڳو ڏنو پر تمام گهڻو متاثر به ٿيس. مورو رهڻ دوران منهنجي هن سان دوستي سڪندر الزمان، قمرالزمان ۽ عزيز شيخ جي ڪري ٿي جا مرڻ گهڙي تائين قائم ۽ دائم رهي. مون خان محمد پنهور کي هلندي به ڏٺو ته اڏامندي به ڏٺو. هو غريب هوندي به سنڌ جي گهڻ پاسائين شخصيت هيو. اها نعمت به قدرت طرفان ڪنهن ڪنهن جي نصيب ۾ ايندي آهي هر ڪنهن جي هي وس جي ڳالهه ناهي. سال ۱۹۷۳ع ۾ جڏهن پنهور صاحب عبرت اخبار ۾ نوڪري ڪندو هيو ۽ هن سان گڏ لال بتي اسپتال حيدرآباد جي ديوان مشتاق وارڊ ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي جي عيادت ڪرڻ لاءِ گڏ وياسين ته راشد مورائي به اسان سان ساٿ ۾ گڏ هيو. خان محمد پنهور جي هيءَ شيخ صاحب سان تفصلي پهرين ملاقات هئي جا شيخ صاحب ڊاڪٽرن جي منع باوجود ۾ اسان سان ڪئي ملاقات دوران محمد عثمان ڏيپلائي ظفر حسن، ڊاڪٽر قادر بخش ڪاندڙو به ايندا ويا. اها ئي منهنجي پهرين ۽ آخري شيخ عبدالمجيد سنڌي سان ملاقات هئي. سنهڙو اڇو ململ جو پهراڻ سادي هرک جي شلوار ناس جي دٻلي جا هو هر هر ڏيندو ٿي رهيو. هيءُ هند ۽ سنڌ جو وڏو دماغ هو جنهن لاءِ سائين جي ايم سيد لکيو ته آءٌ پنهنجي سياسي رهنمائي شيخ عبدالمجيد سنڌي کان وٺندو رهيس. ڪيڏو وڏو نالو ڪيڏي وڏي سادگي ڪمال اهو ته هن سڀ ڪجهه هوندي ڪجهه به نه ٺاهيو. پنهنجو شاهوڪار مذهب هن سندس چواڻي ته مسلمانن جي خدمت لاءِ اختيار ڪيو. هن اسان سڀني کي اسپتال ۾ ميار ڏيندي چيو چٽي طرح ياد اٿم. محمد عثمان ڏيپلائي ڏانهن اشارو ڪندي. اي بابا ڏيپلائي تون به ته منهنجي خلاف لکندو هيئن نه اوهان اسان شيخن کي اڃا مسلمان هجڻ لاءِ تيار ئي ناهيو. شيخ ميجب ۽ شيخ اياز تي به اڃا تائين ڪافر جون تهمتون آهن. شيخ صاحب پنهنجي مستي ۾ ڳالهائيندو رهيو ۽ چوندو رهيو ته اڄ مون سان سنڌ جا نوجوان ملڻ آيا آهن مان ڏاڍو خوش آهيان. خان محمد پنهور شيخ عبدالمجيد سنڌي جي پنهنجي وت ۽ وس آهر تمام گهڻي خدمت ڪئي سو به تڏهن جڏهن قوم شيخ صاحب کي مڪمل وساري ڇڏيو هيو. شيخ صاحب تي کوڙ ڪتاب، انٽرويو مطلب ته اٿندي ويهندي پنهور صاحب جي زبان تي رڳو شيخ عبدالمجيد سنڌي هو. هو ڄڻ ته شيخ صاحب جي گهر جو ڀاتي هجي ويندي مرڻ گهڙي تائين ڪلهي ڪانڌي ٿي شيخ صاحب کي مڪلي تي ابدي آرامي ڪري آيو. پنهور صاحب پنهنجي زندگيءَ ۾ تمام گهڻا سماجي ۽ سياسي ڪم ڪيا. جن تي ويهي ويچاربو ته کوڙ سارا ڪاغذ ڪارا نيرا ڳاڙها ساوا ٿي ويندا. ان سان گڏ پنهور صاحب کوڙ سارن رسالن ۾ نه رڳو ڪم ڪيو پر پاڻ رسالا به ڪڍيائين. کوڙ ساريون نوڪريون به ڪيائين روشني اسڪول نواب شاھ، ضلع آفيسر دوران جا ان هن سان گڏ ضلعي پوري اندر اسڪول کولڻ سان گڏ همڻ وقت به گڏ هوندو هيس. هو ننڊ جو دشمن هر وقت ڪم ئي ڪم. آخر ۾ مان هن سان گڏ هلڻ کان لنوائيندو هيس. فقير طبيعت جو تمام محبتي ماڻهو هو. هن سڄي سنڌ ۾ پيار ورهايو. اسان جي زندگي سڌارڻ سنوارڻ ۾ به خان محمد پنور جو وڏو ساٿ رهيو آهي مورو سندس گهر هو جنهن کي حيدرآباد ڪراچي ۽ دادو جيان خاص اهميت ڏيندو رهيو. هن جي صدقي سڄي سنڌ جي کوڙ سارن سڄاڻ شخصين سان ڄاڻ سڄاڻ وڌي هو ئي سنڌ جون نامور شخصيتون مورو ياترا لاءِ وٺي آيو. جن ۾ هري موٽواڻي، نند جويري، نند ڇڳاڻي، ڊاڪٽر الهواريو محمدي، محمد ابراهيم جويو، سائين جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي، ڄام ساقي، ڊاڪٽر حسين بخش ڪولاچي، شمشير الحيدري، تاجل بيوس، اڪبر قاضي وغيره، هو سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي باني ميمبرن مان هيو. پر سگا جي ساٿين جو هن ڏانهن رويو ڪڏهن به درست نه رهيو. اهو ئي سبب هيو جو هن ڳوٺ سڌار سنگت ٺاهي ۽ سالن دوران سگا کان سرگرمي هٽائي ڳوٺ سڌار سنگت ۾ ڪم ڪندو رهيو. سنڌ يونيورسٽي ۾ شعبي صحافت جو باني چيئرمين به رهيو. هن جي محنت همت ۽ قلم سان سچ پچ ته حيدرآباد ۾ ڪل سنڌ ملاکڙو ٿيو جنهن ۾ مير رسول بخش ٽالپور گورنر سنڌ، ايس ايم عباسي شريڪ ٿيا. هن ئي ملاکڙي ۾ پهلوان غلام سرور جتوئي، سڀني پهلوانن مٿان سرسي حاصل ڪري ملهه جي دنيا جو وڏي ۾ وڏو اعزاز ”چيمپيئن سنڌ پاڪستان“ جو اعزاز ماڻيو. ننڍي عمر ۾ گهڻي ڪم ڪرڻ ڪري، کيس برين ٽيومر ٿيو. ٽي چار دفعا آپريشن کان پوءِ به بيماري ۾ بهتري نه اچي سگهي. هر طرح جي يادداشت خان محمد پنهور کان موڪلاڻي وئي. ان هوندي هو پنهنجي موري واري گهر کان منهنجي دڪان تائين بلڪل اڪيلو صحيح سلامت ايندو رهندو هو. واپسي تي آءٌ سندس گهر وٺي ويندو هيس. آخري ملاقات پنهور صاحب سان ڄامشوري واري سندس سرڪاري گهر ۾ اسلم عباسيءَ سان گڏ ٿي. جتي بيڊ تي آءُ هن کي هٿ ۾ هٿ ڏئي ويٺو رهيس ۽ اسلم کي پنهنجي دوستي ۽ ڪم جي باري ٻڌائيندو رهيس. اکيون کولي هو مونکي گهوري گهوري ڏسندو رهيو پر هو ڪجهه چوڻ کان لاچار هو. ان کان ٻئي ڏينهن تي ادي نسيم پنهور جو اهو ڏک ڀريو ڏوراپو به آيو. ته سنڌي ماڻهو پنهور صاحب کي وساري ويٺا آهن. پنهور صاحب ته سڀ ڪجهه پنهنجي قوم لاءِ ڪيو پر اڄ کيس ٻچن جي رهڻ لاءِ گهر به ڪونهي. آخر هو ڏنل هٿ ۾ هٿ الڳ ڪري ۲۷ مئي تي هميشه لاءِ وڇڙي ويو. پنهور صاحب سنڌ لاءِ هڪ مثالي شخصيت سان گڏ محبت جو فرد نه پر ادارو هيو. هر ڏينهن پنهور سان پيار ڪندڙن جو تعداد وڌندو ٿو رهي. سڪندر زمان، ادي نسيم پنهور ۽ عبدالمجيد پنهور جي ڪوششن سان هر سال خان محمد پنهور ٽرسٽ طرفان سندس شاندار ورسي به ملهائي وڃي ٿي. ڊاڪٽر خان محمد پنهور سنڌ جو خاموش ۽ معصوم مددگار رکيل مورائي جيڪڏهن سيوهڻ جو پراڻو نالو ”شيوُ اسٿان“ آهي ته پوءِ پڪ سان جنهن شخص جو آءٌ ذڪر ڪري رهيو آهيان، اهو پڻ شيو ڀڳوان جو ڪو اوتار ٿي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته پنهنجي حصي کان شخصي طور وڌيڪ ڪم ڪرڻ وارن شخصن کي جيستائين جديد علم ماڻهن وٽ نه پهتا هئا، ديومالائي ڪردار سڏائيندا هئا. ان ڪري جو انهن جو ڪيل ڪم ايترو گهڻو هوندو هو، جو اڄ جي هن جديد دنيا ۾ اعتبار ۾ نه اچڻ جوڳو آهي. سندن مهم جو شخصيتون اڄ به انسانن لاءِ سمجهه ۾ نه ايندڙ آهن، جنهن ڪري اهي سڀ ديو مالائي بڻيل آهن، هندو مذهب ۾ اهڙين شخصيتن کي ڪنهن نه ڀڳوان جو اوتار ڪري سڏيندا آهن ۽ اسان مسلمان انهن کي وليءُ سمجهندا آهيون، پر هيءُ شخص انهن سڀني عقيدي پرستيءَ وارن اعزازن کان پري جديد دنيا جو هڪ لکيل پڙهيل شخص هو، جنهن جو جنم ته سيوهڻ ڀرسان آراضيءَ ۾ ٿيو پر اڄ به سموري سنڌ هن معصوم ۽ سنڌ جي خاموش مددگار لاءِ اعزازي طور پنهنجي جهولي جهلي بيٺي آهي ته سندس جهوليءَ ۾ وري قدرت ڪو ٻيو اهڙو پٽ وجهي. هن شخص جنهن جا ڪيترائي حوالا ڏئي سگهجن ٿا، جي کاتي ۾ شاگرديءَ واري دور ۾ سياسي خدمتون، تعلقمي خدمتون، صحافتي خدمتون، ادبي خدمتون ۽ سماجي خدمتون ۽ ٻيو ڪيتريون ئي خدمتون جيڪي پڻ ڳڻا ئي سگهجن ٿيون، هن شخص جو نالو خان محمد پنهور هئو! جنهن کي مون پهريون ڀيرو ۱۹۸۱ع جي سال ۾ ان وقت ڏٺو، جڏهن سنڌ جي عالمن، اديبن ۽ شاعرن ان سال کي ساهت سال ڪري ملهايو هو ۽ هو. ان سلسلي ۾ نوان جتوئيءَ ۾ ٿيندڙ ساهت ڪانفرنس ۾ مهمان خاص طور شريڪ ٿيو هو ۽ مون ان ۾ پنهنجو غالبن پهريون شعر پڙهيو هو، ان کان پوءِ هن سان سندس زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين تعلق رهيو، شايد ان جو ٻين سببن سان گڏ. هڪ سبب اهو به هجي ته اسين سڀ موري جا اديب، شاعر هن سان پيار ڪندا هئاسين ڇاڪاڻ جو مورائي هوندي هن جي ساهراڻي آڪهه هئاسين: دنيا جو مان ڀايان ٿو وڏو سچ اهو آهي ته ڪو به شخص يا ته پنهنجي ماءُ جي ٻوليءَ سان محبت ڪندو آهي يا محبوبه جي ٻوليءَ سان، يا ماءُ جي ڳوٺ/شهر کي پنهنجو ڪندو آهي، يا محبوبه جي ڳوٺ /شهر کي پنهنجو ڪندو آهي، ائين خان محمد آراضيءَ جو جنم ورتل، موري جو ٿي ويو جو ڄڻ سندس اهو ئي جنم هنڌ هجي. هن موري جي ان دور شاگرد سياست جي نهايت ئي اهم ۽ سنجيده نوجوان ڪردارن سڪندر الزمان ۽ قمر الزمان ميمڻ جي ڀيڻ سان وهانءُ ڪيو ۽ پوءِ هو اسان جو ئي ٿي ويو، اهو سندس شخصي لڳاءُ هو، ٻيءَ طرح هن شخص صحافت ۾ هلچل، نئون نياپو ۽ ٻين رسالن کان پوءِ آخر پارس رسالو ڪڍي، پنهنجي دور ۾ جيڪا سنڌي ادب جي رهنمائي ڪئي اها تاريخ جي صفحن ۾ محفوظ آهي. هن نه رڳو تعليمي طور پنهنجي خاندان کي قابل بڻايو پر سنڌ جا اڻ ڳڻيا شخص اهڙا هوندا جيڪي سندس مالي مدد سان تعليمي حوالي ۾ اڳتي آيا هوندا، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ماس ڪميونيڪيشن جو شعبو سندس اڻ ٿڪ محنتن جو نتيجو آهي، لاتعداد ڪتابن جي ايڊيٽنگ ۽ سهيڙ سندس نالي سان سڃاپجي ٿي، پر خاص طور تي سندس سهيڙيل شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي لکيڻن تي ٻڌل ڪتاب نعره ۽ مستانا ۽ شيخ صاحب بابت ڪتاب ”هونداسي حيات“ يادگار ڪتاب آهن. ڀلجان نٿو ته خان محمد پنهور پنهنجي ڊاڪٽريءَ جي لاءِ جيڪو موضوع چونڊيو هو، اهو به شيخ عبدالمجيد ئي هو، جيڪا ٿيسز پوءِ ”ٻري جن ٻاري“ جي نالي سان سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪئي، ائين هن نه رڳو پاڻ لکڻ پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جو ڪم ڪيو پر لاتعداد ٻين شخص کي پڻ هن الڳ الڳ شعبن ۾ اڳتي آندو. اسان جو دوست مجيد پنهور ۽ ناصر پنهور ته سندس اولاد جيان ئي آهن، مان ڀايان ٿو ته سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن (سگا) کي جوڙيندڙن ۾ به خان محمد پنهور جو ٻين سان گڏ اوترو ئي حصو آهي ۽ آخري گهڙيءَ تائين سندس ساٿ سگا سان رهندو آيو، اڄ جي حوالي ۾ هڪ نهايت اهم ڪريڊٽ خان محمد ڏانهن اهو به وڃي ٿو ته جڏهن سنڌي ماڻهن کي اين جي اوز جو تصور به نه هو، تڏهن هن شخص پنهنجي دوستن سان گڏجي ”ڳوٺ سڌار سنگت“ نالي تنظيم جوڙي، جنهن منڇر جي مهاڻن لاءِ ۽ ان کان ٻاهر سڄي سنڌ ۾ جيڪو ڪم ڪيو اهو اڄ به يادگار آهي، جڏهن ته ان دور کان پوءِ، ٻانهن ٻيلي ٺاهيندڙ جاويد جبار ڪروڙ پتي ٿي ويو. خان محمد سان ڪم ڪندڙ ٻيا ڪيئي دوست شخصي طور اڄ ڏوڪڙن ۾ پاڻ کي تورين ٿا، پر هن سنڌ جي بيحد ايماندار پٽ، شخصي طور هڪ رپيو به پنهنجي ڪتب آڻڻ کي عيب سمجهيو. شايد ان جو سبب هن جون آئيڊل اهي شخصيتون هيون، جن سان رهي هن ائين زندگي گذارڻ جو سبق سکيو هو، جيڪي شخصيتون هيون، سائين جي ايم سيد، شيخ عبدالمجيد ۽ حسام الدين شاهه راشدي. لڳندو آهي ته هيءُ ان اخلاق، خلوص، سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ جي آخري ڪڙي هو. مون کي ياد ٿو اچي ته سائين جي ايم سيد جي نياڻي ڊاڪٽر درشهوار سيد جڏهن انگلينڊ مان پي ايڇ ڊيءَ جي اعليٰ ڊگري وٺي سنڌ واپس آئي هئي ته ان سان پهرين ملاقات ۽ ان جو پهريون انٽرويو به خان محمد پنهور ئي ڪيو هو، جيڪو پارس جي هڪ پرچي ۾ شايع ٿيو هو، پنهنجي زندگي هر شخص جي خاندان لاءِ ته اهم هوندي ئي آهي، پر خان محمد جي زندگيءَ جيترين زندگين ۽ انهن جي خاندانن کي تعليمي، سماجي ۽ مالي طور پاڻ ڀرو ڪيو، شايد ئي سندس نسل ۽ همعصرن مان ڪو اهڙو شخص هجي، جيتوڻيڪ اڄ جا انهن ئي شعبن ۾ وڄندڙ نالا خود انهيءَ معيار تي شايد لهي سگهن. جن پنهنجي ڪم کان ڪيترائي ئي ڀيرا وڌيڪ سنڌ کان وصول ڪيو آهي. اسيءَ واري ڏهاڪي ۾ محمد خان جوڻيجي جي وزير اعظميٰ واري دور ۾ نئين روشني اسڪول، بالغن کي پڙهائڻ لاءِ شروع ڪيا ويا ته خان محمد نواب شاهه ڪئمپ آفيس ۾ ڪم شروع ڪيو ۽ اهڙو ڪم شروع ڪيو جنهن سندس صحت کي بنهه ڊانوانڊول ڪري ڇڏيو. مون کي ياد آهي ته هڪ رات ادو عظيم سنڌي ۽ مان کيس وٽ رهياسين، اسان ڏٺو ته هو صبح جو چئين وڳي اٿندو هو، ڇهين وڳي گهر ڇڏيندو هو، سڄو ڏينهن الڳ الڳ هنڌن تي ويندو هو ۽ سج لٿي کان پوءِ واپس گهر موٽندو هو، هن جي سنڌ سان محبت، پنهنجي ڪم سان لڳاءَ ۽ اڻٿڪ محنت ڪري، اهو ئي دور سندس صحت لاءِ گهڻو نقصانڪار ثابت ٿيو، بظاهر هو اهڙو ڪو به ڏيک نه ڏيندو هو ته هو ٿڪل آهي يا جسماني طور ڪمزور ٿي رهيو آهي پر اندران اندران هو پؤڻو پوندو ويو ۽ آخر ٻاهر وڃي هن کي هڪ ڏکوئيندڙ آپريشن ڪرائڻو پيو. جيتوڻيڪ وقتي طور علاج ڪرائي واپس ته آيو پر هو مستقل طور ٺيڪ نه ٿي سگهيو، زندگيءَ جو وقت زندگي رهڻي ئي آهي ۽ ڊاڪٽر خان محدم پنهور به پنهنجن دوستن ۽ همعصرن جي وچ ۾ موجود ته هو، پر ڄڻ اندر اندر ۾ هڪ ٽٽل شخص جيان ۽ ٻاهر ٻاهر هو ساڳيو بهادر کل مک، دوستن سان، همعصرن سان ۽ پنهنجي جدوجهد سان جڙيل، زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين، شايد ڀٽائي هيءَ سٽ خان محمد پنهور لاءِ ئي چئي هئي: جان جان دعويٰ دم، تان تان پرت پنهوار سين هن جنهن ڏينهن پنهنجن پنهوارن سان پريت ٽوڙي اهو ستاويهين مئي جو ڏينهن هو، پر هن اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ۽ پنهنجي آخري دم تائين پنهنجي پريت جو آبرو رکي. موٽ ۾ سنڌ سندس ان پريت کي پنهنجي پاند ۾ سنڀالي رکيو آهي. هڪ پل به ان جي اکين مان ۽ دل مان سندس چهرو ۽ سندس ياد نه وئي آهي. سنڌي ماڻهن اڄ تائين هن کي ائين ياد رکيو آهي، جيئن پنهنجي محبوبن کي، پنهنجي پيارن کي ياد رکبو آهي، ڇا اهو هن جي جدوجهد جو ثمر نه آهي؟ جو جڏهن به ۽ جنهن کي به سندس ياد ايندي آهي ته ان وقت اهي اکيون جُهڙ جيان جهمي پونديون آهن. خان محمد پنهور سنڌ پرست تعليم دوست شخصيت عبداش پنھور سنڌ کي تعليم شعور جي ضرورت آهي، تنهن ڪري پنهنجا ٻچڙا پڙهايو. پاڻ کي ڏکيو بُکيو رکي به انهن کي اسڪول موڪليو. اهڙيون ڳالهيون جنهن مهان ماڻهوءَ ڪيون ۽ اسان جي ٽهي ڪنن سان ٻڌيون، انهيءَ تعليم دوست سنڌ پرست شخصيت کي سنڌ جي لوڙهن ويڙهن، ڳوٺاڻي اوطاقي ٻوليءَ جو رکوالو لوڪ ڳوٺ سنڌ سڌار سنگت جي اڳواڻ سائين خان محمد پنهور جي نالي سان سڃاڻي ٿو. جيڪو پڻ غير معمولي حالتن مان گذريو آهي. جنھن پنھنجي پوري ڄمار فڪري پورهيو ڪندي گذاري آهي. ڇو ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ اسان ماڻهو خاص ڪري سموري سنڌ جا ماڻهو انتهائي غيرمعمولي حالتن ۾ رهيا آهيون ۽ اهڙين غيرمعمولي تنگ حالتن جو ڌرتي لوڪ داستان درد وقت جي پهرين وزيراعظم سان جُڙيل آهي، جنهن سنڌ جون زمنيون تيل وال ڪرڻ لاءِ ڪوڙا ڪليم شروع ڪرايا ۽ باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جيڪو انهن غير معمولي حالتن کان ڏهه سال اڳ سنڌ هاري ڪاميٽيءَ کي سرگرم ڪري چُڪو هو، تنهن پهرين محاذ ۽ پهرين صف ۾ اهڙي قسم جي هچائن سان مها مهاڏو اٽڪايو هو. پاڪستان ۾ غير معمولي حالتون برپا ڪرڻ ۾ تيهان پوءِ سڪندر مرزا، فيلڊ مارشل جنرل ايوب، جنرل ضيا کان پرويز مشرف جهڙا ڪردار ڳڻائي سگهجن ٿا. اهڙي تاريخ ۾ اصل ڌرتي ڌڻي لوڪ کي اڳتي وڌڻ، شعوري طور ترقي ۽ تعليم سميت زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ اڳتي اچڻ جھڙوڪ ناممڪن بڻجي پيو هو. سنڌ جا اهي ماڻهو جيڪي وائسراءِ سان گڏ هئا، اهڙو هڪڙو ئي خاص طبقو حڪمران رهندو پيو اچي. اهڙي قسم جي اڍنگي ورتاءُ سبب خاص ڪري سنڌ پنهنجي سياسي شعور جو ردعمل ڏيڻ شروع ڪيو، جيئن تازي تاريخ ۾ ڪالاباغ ڊيم مخالف ردعمل، ٻيٽن جي والار تي ردعمل، ٻٽي انتظامي مقامي نظام تي ردعمل، تيهان اڳ نه رڳو ڪوڙا ڪليم رد ڪرائي زمين هارين ۾ مفت ورهائڻ جو ردعمل ڏنو ويو پر خاص ڪري ون يونٽ مخالف تحريڪ سنڌي ٻولي بچائڻ واري تحريڪ ۾ سنڌ جو سياسي شعور بنا بندوق هلائڻ جي بئنرز جي قوت تي نعرو لڳائي لڳائي لوڪ نروار ٿيو ته نه کپي، ون يونٽ نه کپي. سنڌ واسين جيڪو اهو ردعمل ڏنو تنهن ۾ شاندار ڪاميابيون پڻ مليون آهن. ناڪام نه ٿيا آهيو ڇو ته شاعر چيو ته ٽوڙيو ڳٽ ون يونٽ ٽوڙي ڇڏيو. ان غير معمولي ڪيفيت مان ڳوٺ سڌار سنگت جي باني سرواڻ سائين خان محمد پنهور پڻ گذريو هو، سندس جوڙيوال سائين قلندر شاهه لڪياري رهيو. شعوري ٻلهه هن سن جي سائين جي ايم سيد ۽ بکوديرو جي جتوئي کان حاصل ڪيو هو. روبرو ڪچهرين ۾ ٻڌايائين ته شاگرديءَ جي زماني ۾ صحافت جو خفت هو تڏهن سائين جي ايم سيد خط لکي ڏنو ته وڃ اخباري مالڪ کي ڏي، توکي نوڪري ملي ويندي. کلي چيائين ته نوڪري ملي ۶۰ رپيا ماهوار پگهار ڏنائون. شڪر آهي توکي ۸۰۰ ٿا ڏين، مون ۸۰۰ جي رڳو ڳالهه ٻڌي هئي. جڏهن مون کي اها پگهار ۱۶۰۰ ملي هئي، اها پهرين اخباري نوڪري جي پهرين پگهار آهي. سنڌ يونيورسٽي پروفيسر سماجي شعبو ۽ ڊاڪٽري صحافت جي شعبي ۾ ڪندڙ خان محمد پنهور جي مٺڙي لهجي ۾ ڳالهائڻ جو انداز نرالو هوندو هو. سندس ٻولي ٻاجهاري هوندي هئي. ديس دنيا ۾ صحافت جو شعبو هر دور ۾ غيرمعمولي تنگ حالتن جو اڀياسي آئينو ڏيکاريندو رهندو آهي، تڏهن چوندا آهن ته صحافي ڪڏهن به رٽائر نه ٿيندو آهي. صحافت کاٻي هٿ جو کيل آهي تمام گهٽ ماڻهن کي خبر آهي ته اهو کاٻو هٿ ڇا آهي؟ کاٻڙ ۾ ڪهڙي نموني جي گڙٻڙ هوندي آهي! صحافتي شعبي ۾ ٻوٿ ڪاريون رڍون شامل ٿي ويون آهن، حرام خوري تيز رفتاريءَ سان وڌي پئي، جنهن سبب کاٻڙ ڪمزور ۽ ساڄڙ سگهارو ٿي رهيو آهي. سنڌ هاري ڪاميٽي جو ترجمان آواز هاري حقدار ته پوءِ جي ڳالهه آهي تيهان اڳ سنڌ ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي جڏهن سنڌي ٻولي واري صحافت شروع ڪئي، تنهن کي جديد صحافتي صف قرار ڏيئي سگهجي ٿو. تنهن سفر ۾ اڳتي هلي عثمان ڏيپلائي وڌيو، جنهن لفظ عبرت سان اخبار لوڪ پڌري ڪئي هئي. لڳ ڀڳ عبرت ۽ هاري حقدار جو لوڪ پڌرو ٿيڻ ساڳيو دور آهي. سنڌي صحافتي انهي دور بابت سنڌ ڳوٺ سڌار سنگت جي سرواڻ تعليم دوست شخصيت خان محمد پنهور جو ڪتاب “ٻري جن ٻاري” کان رسالو پارس جا پرچا تاريخ ساز مواد آهي. پنهنجي يادگيرين ۾ جرمني ڄائي سنڌي سڀا جو حصو ٿي ويل اينميري شمل لکيو آهي ته “مون کي سموري سنڌ جي ماڳن جو سير بشمول مڪلي ۽ موهن جو دڙو خان محمد پنهور ڪرايو آهي.” تعليم دوست شخصيت خان محمد پنهور سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ صحافتي شعبي جي باني هجڻ جو اعزاز رکي ٿو. ڇو ته جڏهن ڀٽو دور ۾ او آءِ سي اسلام آباد بيٺڪ ٿي، تڏهن ڀٽو جا گهاٽا يار ڪرنل معمر قذافي ۽ ياسر عرفات جي ميزباني جنهن آفيسر حوالي ڪئي، اهو ڪم ڀٽو طرفان تعليم دوست شخصيت خان محمد پنهور کي اهو چئي ڏنو ته سنڌي رسمن طور مهمانن جي ميزباني اوهان کي ڪرڻي آهي. جڏهن ڀٽو، خان محمد پنهور مان تمام گهڻو خوش ٿيو ته کانئس پڇيو اڄ جيڪو گهرندي اهو اوهان کي ملندو. تڏهن ھن تعليم دوست شخصيت سنڌ يونيورسٽي ۾ صحافت جو شبعو کولرائڻ جي گهر ڪئي۔ اها ڳالهه خان محمد پنهور روبرو مون کي ڪچهرين ۾ نوي جي ڏهاڪي دوران ٻڌائي هئي. هو گرمي سرديءَ جي پراوهه نه ڪندو هو. هڪڙي ڀيري اسان جي شهر دوڙ ۾ ايل ايم سي مان ڊاڪٽري پڙهي پهتل ڊاڪٽر سيد حبيب احمد شاهه جيلاني نئون نئون نجي اسپتال جو ڪم شروع ڪيو ته اسان گڏجي ڳوٺ سڌار سنگت جي پليٽ فارم ۽ سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جي سهڪارن سان گڏجي دوڙ ڀرسان ڳوٺ انڙ جتي صرف هاري پورهيت رهندا آهن، اتي باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي ورسي جي موقعي تي مفت ميڊيڪل ڪيمپ کڻي تقريب ڪئي. ۲۱ مئي نوابشاهه ضلعي واري سخت گرميءَ دوران به خان محمد پنهور پاڻ انهيءَ تقريب ۾ خاص مهمان هو ۽ شرڪت ڪئي، سموري تقريب دوران شريڪ عمل رهيو. ڳوٺ سڌار سنگت بابت ڪچهرين دوران هو چوندو رهندو هو ته جيڪڏهن ڳوٺ آباد اسڪيم سنڌ سرڪار جي وزارت بهتر انداز سان ڪم ڪرڻ شروع ڪري ته سنڌ جا سمورا ڳوٺ بنيادي سماجي مسئلن جي عذاب کان آجپو حاصل ڪري سگهن ٿا. ڳوٺن کي روڊ هجڻ گهرجن ته جيئن زرعي پيداوار سان گڏ بيمار ۽ لاچار ماڻهو به جلد شهر پهچي اسپتال ۾ ڪنهن ڊاڪٽر وٽ پنهنجو علاج ڪرائي سگهي. وڏن ڳوٺن ۾ اسڪول هئڻ کپن ته جيئن ننڍڙا ٻارڙا بنيادي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ پڙهي شهرن جي وڏن اسڪولن پهچي سگهن. جيڪڏهن سنڌي قوم جديد زماني مان ڪجهه سکڻ چاهي ۽ پرائڻ چاهي، ترقي ڪرڻ چاهي ته پوءِ تمام بهتر اوزار ۽ زيور تعليم آهي. پنهنجا ٻارڙا سڀني کي، هارين پورهتن کي ته لازمي پڙهائڻ کپن. خان محمد پنهور اهو سنيهو کڻي ڳوٺ سڌار سنگت جا ڳوٺ ڳوٺ ۾ يونٽ کولرائيندو رهيو پر جڏهن وقت جي وزيراعظم محمد خان جوڻيجو سنڌڙي واري ڳوٺ آباد پڪا ڳوٺ اسڪيمون شروع ڪيون تڏهن تعليم هن تمام زور سان اهو مطالبو ڪيو ته هاڻ دير نه ٿيڻ کپي پر سنڌ دشمن نوڪر شاهي وقت جي وزيراعظم محمد خان جوڻيجو جي رٿا رلائي ڇڏي. نئين روشني اسڪول پڻ ناڪام رٿا ثابت ٿي، جنهن جو ذميوار وقت جو وزيراعظم محمد خان جوڻيجو نه پر سنڌ دشمن سنڌ جي نوڪر شاهي آهي. تعليم دوست شخصيت خان محمد پنهور رسالو پارس انهيءَ مقصد لاءِ ڀرپور آواز بنايو هو. هو ساڳئي وقت سگا کان سنڌي ادبي سنگت تائين سرگرم جاکوڙي ڪردار رهيو. هن جي ڳوٺ آراضي ڀرسان هڪڙي واهڙ ڳوٺ هو ته ٻئي طرف سن جا سياسي اولڙا هئا. اعجاز قريشي ساڳئي دور ۾ ساماڻيو ته سنڌ جو صحافتي ارڏو ڪردار مدد علي سنڌي پڻ ساڳئي دور ۾ ساماڻيو. خان محمد پنهور صحافتي سفر ۾ روزاني عبرت حيدرآباد سان گهڻو وقت جڙيل رهيو. جڏهن مان به عبرت سان واڳيل هوس ته ڪچهرين دوران هدايتون ڪندو رهندو هو ته سنڌي صحافت سٺو عوامي مورچو آهي، تنهن کان ڪڏهن به ڌار نه ٿجاءِ. هن اها به هدايت ڪئي ته جيڪي ڪجهه ڏسين پسين ٿو اهو لک، قلم جي قوت تمام وڏي قوت آهي. جيڪو جڳت ۾ ڏسو ٿا، پسو ٿا اهو لکو. لکڻ نه ڇڏيو، پڙهڻ نه وساريو، پڙهڻ لکڻ سان ماڻهو بهتر انسان ٿئي ٿو. تنهن ڪري وڌيڪ مان انهي حوالي سان خوش قسمت آهيان ته انهيءَ سکڻ واري ڄمار دوران کانئس گهڻو ڪجهه سکڻ لکڻ پڙهڻ جو موقعو مليو. محبتون مليون، پيار مليو، انساني دوستيءَ جو وکر مليو. صحافت ادب احترام جو رستو مليو، هُن جهڙو سماجي تعليم ۾ بهترين استاد مليو، جديد سنڌي صحافت جي محقق سان گڏ شيخ عبدالمجيد سنڌي جي صحافت، دليل شخصيت کي سمجهڻ جو پڻ شاندار موقعو مليو. هڪڙي ڀيري شيخ عبدالمجيد سنڌي جي آخري آرام گاهه تي مدد علي سنڌيءَ سان گڏ حاضري ڀري ته وڏي احترام سان مدد علي سنڌي تنهن تربت کي ادب احترام جو سلام ڪندي چيو ته ڏس هي اصل سنڌ جا هيرا آهن. هي سچا کرا ماڻهو هئا. پڙهيو ضرور هو سمجهيو شيخ عبدالمجيد سنڌي کي خان محمد پنهور ۽ مدد علي سنڌيءَ جي وسيلي. ڇو ته مدد علي سنڌي جي اندر ۾ جيڪا سنڌ آهي سا آواز جي انداز ۾ سنڌ جي وقت جي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم جي رني ڪوٽ قلعي واري ڪانفرنس جي خطاب جو تاريخي حوالو آهي. مدد علي سنڌي اهو ڪمال جو ڪم ڪيو جو ونگي جي ڄام ۽ لسٻيلي جي ڄام کي تاريخ سان جوڙي ڇڏيو هو. جيڪي سنڌ جا ڄام آهن، سنڌي پنهنجي سڀاءَ ۾ وڏي رتبي واري پڳدار کي پاڳارو ۽ ڄام سڏيندا آهن، باقي لفظ آغا، خان، سردار وارا لفظ ۽ ٻيا اکر رتبا ٻين قومن جي تاريخ سان جڙيل آهن. سوڍو، ڪنور، راڻو به سنڌي رتبو آهي پر سڀني کان وڌيڪ رتبو ڄام جو آهي، تنهن ڪري لاکيڻي لطيف لفظ ڄام کي وڌيڪ رتبي سان پنهنجي شعر ۾ ڪتب آڻي ڇڏيو آهي. خان محمد پنهور پڻ تمام سٻاجهي ٻولي ڳالهائيندو هو ۽ ماڻهن کي سمجهائڻ جي جاکوڙ ڪندڙ رهيو ته سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جي سرواڻ باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جا ساٿي هاري ورڪر ٿورو سياسي لهجي ۾ ڳوٺن ۾ ڳالهيون ڪندا آهن. اسان ڳوٺ سڌار سنگت وارا سماجي طور ڳوٺاڻن سان ملندا آهيون، ڪم ساڳيو آهي صرف انداز تبديل ٿيل آهي. هاڻ اوهان سمجهو ته فڪري طور ڪيتري سگهاري انداز سان خان محمد پنهور پنهنجي پرچارڪ دوران تمام سادي طريقي سان پيغام پهچائي ڇڏيو هو. سندس يگاني ڪردار جو ٻيو اهم جوڙي ۾ شامل عبدالغفور الستي به رهيو. يوسف سنڌي جو وڏو ڀاءُ جيڪو ون يونٽ تحريڪ ۾ ضلعي ٺٽي ۾ انتهائي سگهارو انقلابي ڪردار رهيو آهي. هي سنڌ جا خاموش فڪري فقير سپاهي رهيا آهن، جيڪي ڪڏهن به اسٽيج جا محتاج نه رهيا، پر اسٽيج انهن لاءِ محتاج رهيا. اڄ تعليم دوست شخصيت خان محمد پنهور جي ورسي آهي، جيڪو ڪڏهن وسريو ئي ناهي ته انهيءَ کي ياد ڇو ڪيون؟ (ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۸ مئي ۲۰۲۱ع تي ڇپيل) ڊاڪٽر خان محمد پنهور (۲۷جون۱۹۴۹ع ــ ۲۷مئي ۱۹۹۹ع) - سيوهڻ جون ادبي شخصيتون) مير حاجن مير ڊاڪٽر خان محمد پنهور ولد محمد يعقوب پنهور ولد چنگل پنهور تعلقي سيوهڻ جي قديم ڳوٺ آراضي ۾ پيدا ٿيو، ابتدائي تعليم آراضي مان، حاصل ڪيائين، پوءِ ڀان سعيد آباد، ۽ هالا مان ۱۹۶۸ع تي انٽر جي تعليم حاصل ڪيائين ڪراچي يونيورسٽي مان جنرلزم جي ڊگري حاصل ڪيائين کيس ننڍي هوندي ئي ادبي پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻ جو شوق هو، سماج سڌارڪ، جي ننڍي هوندئي ڪا ستي مليل هيس. سندس شخصيت کي ٽن حصن ۾ ورهائجي ٿو. (۱) سماج سڌارڪ (۲) نوڪري (۳) ادبي دنيا. سماج سڌارڪ: ڊاڪٽر خان محمد پنهور ننڍي هوندي ئي سماج ۽ سماجي تنظيمن سان لاڳاپيل رهيو. هن کي سماج جو درد هو. هو ٻين جا درد ڏسي خاموش نه ويهندو هو. هن جي ذهن ۽ دل ۾ سماج ۽ ماڻهن لاءِ هڪ الڳ دنيا ٺهيل هئي. هن جي اک الٽي نموني سماج کي ڏسندي هئي. سماج ۾ گدلاڻ کي صاف ڪرڻ لاءِ رات ڏينهن جاکوڙيندو رهيو. سندس سماج ۾ ڪردار گهرائي سچائي وارو رهيو، هن ڳوٺ سڌار سنگت جو ۱۹۸۳ع بنياد رکيو.هن ڳوٺ ڳوٺ ماڻهن کي ليڪچر ڏئي ماڻهن کي چيو ته پنهنجا ٻار پڙهايو ڳوٺن جو حالتون تبديل ڪريو، ۽ ان سان گڏ ڳوٺن ۾ وڏا وڏا سماج سڌارڪ ۽ اديب وٺي ويندو هو. جيئن ماڻهن تي اثر پئي. هو به ٻار پڙهائن ۽ ڳوٺن کي شهري ماحول مطابق تبديل ڪن. هن ڳوٺ سڌار سنگت جي پليٽ فارم تي ڪيئي اسڪول ۽ غريبن کي گهر ٺهرائي ڏنا. هن محمد خان جوڻيجي وزير اعظم پاڪستان جي دؤر ۾ روشني اسڪولن واري پروگرام ۾ به بهترين ڪم ڪيو. هن M.R.D خلاف تحريڪن ۾ شرڪت ڪئي. ۽ ضياالحق جي دؤر ۾ جڏهن سگا تي بين لڳل هو ته ان وقت به هو سگا سان لاڳاپيل هو. ڊاڪٽر سليمان شيخ لکي ٿو ته” ۱۹۶۸ع ۾ خان محمد پنهور سان پهرين ملاقات هئي. جڏهن سگا جو بنياد پيو ته خان محمد پنهور ان جي پهرين ميمبرن مان ئي هو. سگا ۾ جيڪو ميڊيڪل ڪئمپن جو رواج هاڻ عام ٿي ويو آهي. پر اهو خان محمد پنهور جي ذهن جي پيداوار آهي. (شيخ، ۲۰۰۴: ۳۷) ڊاڪٽر خان محمد پنهور کي رات ڏينهن سماج جو اونو هوندو هو. ٻهراڙين ميڊيڪل ڪئمپون لڳائڻ، ادبي پروگرام ڪرائڻ ۽ ڳوٺن جي حالتن مسئلن تي بي رياءِ ٿي ڳالهائيندو هو. غريبن جي مدد هڙان وڙان ڪندو هو “خان محمد هڪ فرد” هڪ تحريڪ، هڪ علامت ۽ هڪ اتساهه ڏياريندڙ علامت هئو. سندس ڪيترائي شاگرد ۽ ساٿي سياست، صحافت ۽ سماجي ڪم جون ڏاڪڻيون استعمال ڪري وڏن سماجي رتبن ۽ مالي فائدن حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا. اها انهن جي چونڊ هئي پر هن پنهنجي پوري شعور سان فقيري اختيار ڪئي. ۽ وقت جو اٽل فيصلو آهي ته اهائي راهه اصل فائدي ۽ وڏي عزت ۽ احترام واري آهي.”( لڪياري، ۲۰۰۴: ۲۲-۲۳) غريب شاگردن لاءِ پوئرليف فنڊ پڻ قائم ڪيائين. نوڪري پهرين ڊاڪٽر خان محمد پنهور ٽيلفور آپريٽر ٿيو. ان کان پوءِ سنڌ سرڪار جي اطلاعات واري کاتي ۾ انفارميشن آفيسر رهيو ۱۹۷۷ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ۽ نامور شاعر شيخ اياز جي دؤر ۾ جرنلزم جو ليڪچرار ٿيو. سنڌ يونيورسٽي ۾ جرنلزم ڊپارٽمينٽ قائم ڪرڻ جي سندس ئي خواهش هئي. شيخ اياز جرنلزم ڊپارٽمينٽ قائم ڪري کيس نوڪري ڏني. ڊاڪٽر صاحب جرنلزم ڊپارٽمينٽ جو انچارج ۽ چيئرمين پڻ رهيو ۱۹۹۸ع ۱۱ سال سروس ڇڏي رٽائر ٿيو. ادبي دنيا ڊاڪٽر خان محمد پنهور پبلشر ايڊيٽر، ليکڪ، مرتب ۽ اسڪالر هيو. سندس لکت جو نمونو عالمانه هيو. هن شرعات ۾ ننڍا ننڍا رسالا ڪڍيا. جن ۾ بزم گلشن، منڇر ادب، ٻارن جي ٻاري، ٻالڪ نئون نياپو سنڌي پلبيڪشن ماهوار رسالو جاري ڪيائين. جنهن جا پير حسام الدين راشد نمبر ۽ شيخ عبدالمجيد نمبر صحافتي، ادبي لکڻين يادگار حيثيت رکن ٿا. سرتاج ۽ پارس نالي به رسلا ڪڍيائين هوندا سي حيات (ترتيب) ۱۹۷۸ع نعرو مستانه (ترتيب) ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جا ڪالم. Shaik Abdul Majeed Sindhi Life & Achivements. ٻري جن ٻاري ۱۹۹۵ع ٻري جن ٻاري ڊاڪٽر خان محمد پنهور جو ايم فل (M.Phil) مقالو آهي. هي مقالو “شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جون صحافتي علمي ۽ ادبي خدمتون “ تي لکيل آهي. هي مقالو ڊاڪٽر صاحب لکيو ته پهرين هو، پر سنڌي ادبي بورڊ ۱۹۹۵ع ۾ ڇپيو آهي ان کان پهرين سندس PH.D ۱۹۹۱ع ۾ ڇپجي چڪي هئي. هن ڪتاب ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ ادبي علمي، سياسي صحافتي خدمتن کي بهترين نموني بيان ڪيو ويو آهي. الوحيد جو، سنڌ جي صحافت، سياست ۽ علم ادب ۾ حصو ۱۹۹۱ع مٿيون ڪتاب ڊاڪٽر خان محمد پنهور صاحب جو PH.D مقالو آهي. الوحيد اخبار جي جاري ڪرڻ جو مقصد هيئن بيان ڪري ٿو. عام مسلمانن ۾ سياسي شعور پيدا ڪرڻ مقامات مقدس ۽ هندستان کان آزادي لاءِ مسلمانن ۾ اتحاد پيدا ڪرڻ. مسلمانن ۽ خاص طور سنڌ جي ماڻهن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ. مسلمانن جي مرڪز خلافت جي قائم ۽ دائم واسطي جدوجهد ڪرڻ. الوحيد جي تاريخ شاهد آهي ته انهن مقاصدن حاصل ڪرڻ لاءِ وڏو جدوجهد ڪئي آهي. ان ڏس ۾ الوحيد جي ايڊيٽرن، مالڪن ۽ ٻين ڪارڪن کي جيلن جون سزائون ڏنڊ ۽ ٻيا ڏکيا ڏينهن ۽ تڪليفون ڪاٽڻيون پيون.” (پنهور، ۱۹۹۵: ۱۹۳) ڊاڪٽر خان محمد جون ڪيل ادبي خدمتون ادبي تاريخ ۾ هڪ خاص جاءِ والارين ٿيون. هن جا مختلف پاسا صحافت، سماجيات، ڳوٺ سڌار سنگت ميڊيڪل ڪئمپون سماج کي شعور ڏيڻ لاءِ سڄي زندگي جا کوڙيندو رهيو طارق عالم ابڙو لکي ٿو ته: اسان سڀ اهو ڄاڻندي ته خان محمد پنهور ڪو عام انسان نه، پر هن قوم جي بهتر زندگي لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ انسان آهي. جيڪي پنهنجي سموري ڄمار ۽ جتي به رسيو “مسڪين جهان خان کوسي،” جي اڌوري خواب کي مڪمل ڪرڻ جي هر ممڪن جاکوڙ ڪندو رهيو هن عجب شخص پنهنجي علمي زندگي ۾ ڪا وڏي مسند ماڻڻ لاءِ ڪنهن جي پيرن هيٺان قالين نه ڇڪيو ڪنهن جي ڪرسي نه کسڪائي، ها پر ائين ضرور ٿيو ته جن کي هن چيچ کان وٺي هلڻ سکياريو يا جن کي هن پاڻ دعوت ڏئي پنهنجي جوڙيل جاءِ ۾ مستقبل جي تعمير ڪرڻ لاءِ وٺي اچي آباد ڪيو تن کيس اڳتي اچي لويو. خان محمد پنهور ڪنهن شخص جو نالو ناهي هڪ تحريڪ جو نالو خان محمد پنهور آهي. (عالم، ۲۰۰۴: ۸۳) سنڌ يونيورسٽي جي جرنلزم ڊپارٽمينٽ جو بنياد وجهندڙ، سماج سڌارڪ، ايڊيٽر، عالم، محقق، استاد، سوشل ورڪر ڊاڪٽر خان محمد پنهور راهه رباني ورتي کيس سنڌ يونيورسٽي جي قبرستان ريلوي اسٽيشن ڄامشورو ويجهو مدفن ڪيو ويو. سندس وڇوڙي تي امداد حسيني لکيو ته سچ ته اهو آهي ته خان محمد پنهور به هڪ “بحر” هو هن زندگي ۾ جيڪا جاکوڙ ڪئي ۽ سنڌ لاءِ جيڪو به ڪم ڪيو ان جي اهميت آهي. پوءِ اها سگا لاءِ هجي يا ڳوٺ سڌار سنگت لاءِ هر فنڪشن ۾ سندس شرڪت لازمي هوندي هئي. (حسيني، ۲۰۰۴: ۱۲۵) مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي فرمائي ٿو ته خان محمد پنهور ۽ عابد لغاري ماڻهو نه جن آهن. (قاسمي، ۲۰۰۴: ۲۱) سندس لکڻي جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.’الحيد‘ اخبار ۱۵مارچ ۱۹۲۰ع ۾ جاري ٿي هيءَ اخبار ڪيئن جاري ٿي؟ ڇو جاري ٿي؟ ۽ سندس وجود وٺڻ ۽ جاري ڪرڻ جا مقصد ڪهڙا هئا؟ انهن سڀني معاملن تي هن ٿيسز ۾ غور ڪري انهن معاملن تي ويچاريو ويو آهي. سڀ کان پهرين اخبار جي اجراءَ تي ڪجهه بحث ڪجي ٿو. جيئن الوحيد جي ڪهاڻيءَ ۾ منڍ کان آخر تائين پهچائي سگهجي سنڌ ۾ پهرين خلافت ڪانفرنس ۱۹۱۹ع ۾ حيدرآباد علامه الحاج حافظ مفتي مخدوم غلام محمد ملڪاڻيءَ جي زير صدارت منعقد ٿي جنهن ۾ سنڌ جا علماءَ ڪرام به اڪثريت ۾ آيل هئا. انهن ليڊرن ۾ مجاهد اسلام مولانا سيد تاج محمد امروٽي، مولانا غلام عمر سوني جتوئي وارو مولانا حامدالله لاڙائي، مولانا دين محمد وفائي. مولانا حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، مولانا محمد صادق کڏي وارو ڪراچي مولانا محمد صديق مورائي پير غلام مجددم مٽياري، مولانا عبدالرحيم مگسي، راشدي ڀائر، شيخ عبدالمجيد سنڌي عبدالجبار وڪيل، ڊاڪٽر انور محمد وڪيل، ۽ ٻيا ڪيترائي ليڊر اچي شريڪ ٿيا. خان بهادر غلام محمد ڀرڳڙي سياست سبب انگريزن جي جيل مان آزاد ٿي انهيءَ ڏيرن اچي شريڪ ٿيو هو. پنهور ۱۹۹۱ع ۶۸) شيخ، محمد سليمان، ڊاڪٽر، ۲۰۰۴: خان محمد پنهور، مرتب، ناصر پنهور ،ڊاڪٽر خان محمد پنهور ميموريل ٽرسٽ، ڄام شورو. لڪياري، قلندر شاهه،۲۰۰۴: خان محمد پنهور، مرتب، ناصر پنهور ،ڊاڪٽر خان محمد پنهور ميموريل ٽرسٽ ڄام شورو. پنهور، خان محمد، ڊاڪٽر، ۱۹۹۵: ٻري جن ٻاري، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو. عالم، طارق، ابڙو، ۲۰۰۴: خان محمد پنهور، مرتب، ناصر پنهور ،ڊاڪٽر خان محمد ميموريل ٽرسٽ، ڄام شورو. حسيني، امداد، ۲۰۰۴: خان محمد پنهور، مرتب، ناصر پنهور ،ڊاڪٽر خان محمد ميموريل ٽرسٽ، ڄام شورو. قاسمي، غلام مصطفيٰ، علامه،۲۰۰۴: خان محمد پنهور،مرتب، ناصر پنهور،ڊاڪٽرخان محمد پنهور ميموريل ٽرسٽ ڄام شورو. پنهور، خان محمد ڊاڪٽر،۱۹۹۱: الوحيد جو سنڌ جي صحافت ، سياست ۽ علم ادب ۾ حصو. (مير حاجن مير جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۰ پريل ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل) Dr. Khan Muhammad Panhwar A Man of Action By: Khalid Hussain Channa A dictum “Actions speak louder than words” rightly represents when it comes to describe the life and struggle of a great social reformer Dr. Khan Muhammad Panhwar. One of his prime missions was to reform villages of Sindh. He made continuous field work in sizzling heat or biting cold from dawn to dusk for the neglected, downtrodden and poor class of people leading a miserable life in the remote areas of Sindh in an attempt to establish prosperous and well developed peaceful Sindh. His role for the promotion of girls-education in the remote areas of Sindh proved revolutionary. Dr Khan Muhammad Panhwar was an institute who enables lots people to aware poor villagers of their rights and work collaboratively for making model villages. He was born on 27 June 1949 in a small village Aarazi near Sehwan taluka. He got primary education from government school Aarazi, middle from Bhan syedabad , matric from Dadu, B.A from Hala college and M.A from Karachi university. He travelled a lot and made friends in whole Sindh. It was his quality that he knew names of most the people working with him. Dr Khan Muhammad Panhwar started practical life with journalism and remained with it till the last breath. He founded mass communication department when Shaikh Ayaz was Vice Chancellor of University of Sindh and issued magazines Sartaj, Marvie, Baalak, Naoun Niyapo. He used to bring out Paras monthly magazine. When a ban was imposed on SGA volunteers working in government, he founded Goth Sudhar Sanghat and worked with great commitment and determination for the reformation of villages in Sindh. He opened many schools and encouraged education of girls in villages of Sindh. He worked as director to Naee Roshni Schools for many years. He never complained, never cried but fought the battle of life bravely against all odds. He passed away on 27 May 1999 at ICU of LUMS Hyderabad but his selfless services and works in society are exemplary that blesses immortality to Dr Khan Muhammad Panhwar today and ever.