🎶
ماشا والدب -🐺🐑نم يا صغيري 🐻👱♀️ (الحلقة 62) Masha and the Bearتحاول ماشا أن تنام بسبات شتوي مثل الدب. ولكن عد الخراف يفسد المتعة كما يبدو. وتتحول أغنية ا...
فيلا ليلي 2 نموذج مخطط مثالي بحي روابي الدمام - 5 غرف نم بحمام خاص
نت گیتار شاخه گل من نیومد (تبلچر برای دونوازی آهنگ نم نمای بارون آروم ) رایگان نسخه های مختلف از این آهنگ جدید را برای شما نت نویسی و برای دانلود قرار
Fast and easy brookie recipe. Taste amazing
Young elegant Arab woman in hijab DIY set or constructor kit. Bundle of body parts, postures, stylish muslim clothes. Female cartoon character. Front, side, back views. Flat vector illustration. Download a free preview or high-quality Adobe Illustrator (ai), EPS, PDF vectors and high-res JPEG and PNG images.
Illustration about Grunge Soccer Ball background in unique flat grunge style. Illustration of element, object, popular - 52420379
من: نم خاک * رنگ * کبریت مخصوصا وقتی بد میسوزه
ادیت من نیست برای اینستا پس لطفاً نیاید چرت و پرت بگید نم اصکی رفتم...=/
محیط های چندرسانه ای در فایل حاضر پاورپوینت محیط های چندرسانه ای ارائه می گردد. نم
حِرف يدوية https://youtu.be/Ct7wkeO3Sxoتعد حياكة النول المستطيل او الدائري طريقة ممتعة وسهلة لأي شخص لإنشاء ملابس تريكو. فن النسيج هي حرفة رائعة بإستخدام نم...
گلابی وحشی اب : 1 پیمانه سرکه: 1/4 پیمانه نمک : 1 قاشق چای خوری دانه فلفل سیاه : 1 قاشق چای خوری سرکه و اب و دانه فلفل و نم...
نکته بسیار مهم در طرز تهیه نان برنجی قزوینی انتخاب آرد برنج هست. آرد برنج باید بسیار "حریر" باشد و چندین بار الک شده، بدون نم، و بسیار نرم باشد. بدون درشته.
عطر اجمل رین دراپس به مانند قطرات باران زلال و باطراوت می باشد. ادکلن اجمل رین دراپس یک عطر شیک و شاداب مخصوص زنان امروزی و رمانتیکی است که عاشق بوی نم باران هستند.
Atre To/Ebi - Album: Sheet Music,Tờ nhạc همین امشب فقط امشب فقط هم بغض من باش همین امشب فقط مثل خود عاشق شدن باش در آوار همه آینه هاتکرار من باش همین امشب کلید قفل این زندون تن باش رو گلدون رفاقت بریز عطر سخاوت بپاش رنگ طراوت ای جان جانان ای درد و درمان ای سخت و آسان آغاز و پایان ببار ای ابرکم بر من ببار و تازه تر شو ببارو قطره قطره نم نمک آزاده تر شو تو این باغ پر از برگ و پر از خواب ستاره اگه پر میوه ای پر سایه ای افتاده تر شو رو گلدون رفاقت بریز عطر سخاوت بپاش رنگ طراوت ای جان جانان ای درد و درمان ای سخت و آسان آغاز و پایان امشب ببین که دست من عطر تو رو کم میاره امشب همین ترانه هم نفس نفس دوستت داره صدا صدا صدای من به وصعت یکی شدن بیا بیا شکن شکن بیا به جنگ تن به تن بیا به جنگ تن به تن ببار ای ابرکم بر من ببار و تازه تر شو ببارو قطره قطره نم نمک آزاده تر شو تو این باغ پر از برگ و پر از خواب ستاره اگه پر میوه ای پر سایه ای افتاده تر شو رو گلدون رفاقت بریز عطر سخاوت بپاش رنگ طراوت ای جان جانان ای درد و درمان ای سخت و آسان آغاز و پایان,Keyboard,Dễ dàng,Persian Pop,Lời bài hát:Shahyar Ghanbari,Ca sĩ:Ebi
شارك الكاتب Daniel Wong في مدونته طريقة مذاكرة فعالة، لا تتسبب بإنهاك العقل أو البدن، وتساعد في تحقيق الموازنة بين التكاليف الدراسية والحياة الشخصية والاجتماعية، وهي كالتالي:- تعلم المعلومة الواحدة بعدة طرق - ذاكر أكثر من مادة في وقت واحد- راجع المعلومات بشكل دوري بدلا من الحشو- اجلس في مقدمة الصف- لا تقم بمهام متعددة في وقت واحد- بسط واختصر وقلص المعلومة- سجل الملاحظات يدويا بدلا من الاعتماد على التقنية- دون ما يقلقك في ورقة- اختبر نفسك بشكل متكرر- اربط ما تتعلمه بمعلومة سابقة- اقرأ المعلومة بصوت مرتفع- خذ قسطا من الراحة بانتظام- كافئ نفسك نهاية كل فترة دراسية- ركز على عملية التعلم وليس نتائجها- اشرب على الأقل 8 كاسات من الماء- مارس الرياضة 3 مرات أسبوعيا- نم 8 ساعات في اليوم ولا تكثر من النوم- تناول الوجبات الغنية بالبروتين والاوميغا ثري.
حڪيم يوسف کتري خود نوشت ڄم جو نالو ۽ ولديت: محمد يوسف ولد محمد صالح کٽي. بنيادي طور تي اسين ڪڇي قوم سان تعلق رکون ٿا. ڪڇ ۾ اسان جا وڏا مڏئي ۾ رهندا هئا، جيڪو انڊيا جو بندر به هو. اتان کان سال ۱۹۴۵ع ڌاري سعيد پور ٽڪر، پوءِ ماتليءَ ۾ لڏي آيا. آئون ماتلي ۾ ڄايس ۽ سال ۱۹۶۹ع ۾ وري ٽنڊو محمد خان ۾ لڏي آياسين. پرائمري تعليم ۽ ڇهون ڪلاس ماتليءَ ۾ پڙهيس. مڊل تعليم رمضان ميموريل اسڪول ۾حاصل ڪيم. ميٽرڪ ٽنڊو محمد خان هاءِ اسڪول مان پڙهياسين. ايم اي سنڌي ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ڪيم. فارسي خانه فرهنگ ايرن مان ۳ ڪلاس پاس ڪيم. هندي نارائڻ داس ۽ نعيم کان سکيس. هاڻ وسري وئي آهي. شروع کان وٺي، طب سان لڳاءُ هو. ان ڪري اعظم طبيه ڪاليج مان فاضل طب والجرحت جو امتحان پاس ڪيم. ڪتابن گڏ ڪرڻ جو شوق ننڍي هوندي کان هو. ان ڪري مون وٽ بهترين ذاتي لائيبريري آهي. منجھس هر شعبي جا ڪتاب موجود آهن. رسالن ۾ لکڻ جو شوق شروع کان وٺي هو. لطيفيات تي ڪافي لکيم، جيڪي مضمون لطيف ڊائجيست ۽ نئين زندگي ۾ ڇپيا. سڀ کان زياده ٻن مضمونن تمام گھڻي شهرت ماڻي. هڪ ته ڊاڪٽر فهميده حسين جي ڊاڪٽريٽ جي مقالي کي ملي جيڪو ناز سنائي جي رسالي ڪينجهر ۾ ڇپيو. ان کان پوءِ ساڳيو مضمون، طويل عرصي کان پوءِ شايد تاج بلوچ، پنهنجي رسالي سوجھرو ۾ ٽئي قسطون شايع ڪيون. سال ۱۹۸۴ع ڌاري، نئين زندگي ۾ هڪ مضمون شايع ڪرايو هوم. جنوان ھيس؛ غلام شاه ڪلهوڙي جو گلان ڪڃريءَ سان ڪو واسطو نه هو، نه ئي غلام شاه ان جو پٽ هو. اها روايت مير عبدالحسين سانگي ڏني هئي. ان مطابق به غلام شاه ڪلهوڙو، ايران ۾ قيد هو. لطيف ڊائيجيسٽ ۾ ته ڪافي مضمون لکيم. تازو مخمور مهيري جي ڪتاب ٽنڊو محمد خان جي تاريخ تي تنقيدي جائزو ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيم. صحافت جي حوالي سان؛ صحت سرير جي ۸ سال کن هلندو رهيو. ان کان پوءِ ڏات اخبار جاري ڪيم. جنهن تي ٽنڊو آدم ۾ ڪيس داخل ٿيو. پهريون دفعو جيل ياترا ڪري آيس. اڪثر دوست وڪيل هئا، انهن جي چوڻ تي ايل ايل بي ڪيم. اهو ڪم به گڏ هلندو رهي ٿو. بنيادي طور تي منهنجو ڪم ديسي طب تي آهي. جنهن تي ڪافي ڪم ڪيو اٿم. قرابادين لطيفي، جيڪو چئن جلدن ۾ شايع ڪيم. اهڙيءَ طرح جڙي ٻوٽين تي جديد سائنسي بنيادن تي برصغير ليول جو ڪتاب ترتيب ڏئي رهيو آهيان. جن مان چار جلد علم الادويه لطيفي جلد اول، دوم، سوم، چهارم شايع ٿي چڪا آهن ۽ پنجون ۽ ڇهون ڪتاب تيار ٿي چڪا آهن. اهي به ڇپائي نه سگھيو آهيان. باقي جلد شايد شايع نه ڪري سگھان. انهيءَ ڪري ته هاڻ ڪم نٿو پڄي. انهيءَ کان سواءِ، نم جا فائدا، سونفن جا فائدا، مفتاح النبض، جوهر ماهر، حڪيم محمد عثمان جون طبي خدمتون شايع ڪيا اٿم. جيڪي ختم ٿي چڪا آهن. مجربات حسيني، ڪشته جات حسيني به ترتيب ڏئي شايع ڪيا اٿم. ڪتاب مجربات باباءِ طب فريد احمد عباسي بهاولپور مان اردو ۾ شايع ٿيو. اڪثر حڪيم دوست تنگ ڪندا هئا ته ذاتي نسخه، جيڪي هو مون کان خريد ڪندا هئا، اهي مون کي شايع ڪرڻ کپن. زندگي جو ڪو ڀروسو ڪونهي. ڪافي اهڙا نسخه لطيفي دواخاني ۾ موجود آهن، جن بيمارين تي ٻين طبن جو ڪو اثر نٿو ٿئي. ان ڪري انهن جي دل رکڻ لاءِ ڪتاب معمولات و مجربات حڪيم محمد يوسف کتري ۲۴۰ صفحن تي تيار ڪري شايع ڪيو اٿم. اهو اردو ۾ آهي. بهاولپور وارو ڪتاب به اردو ۾ آهي. انهيءَ کان سواءِ ھڪ اردو-سنڌي ۾ رساله ڪينسر، ڊاماهي جا فائدا اردو-سنڌي، بلوچستان ڪي جڙي بوٽيان، سرائڪي علائقي ڪي جڙي بوٽيان، بلوچستان ڪي جڙي بوٽيان، پختون خواه ڪي جڙي بوٽيان، ڪشمير ڪي جڙي بوٽيان، مرڪزي پنجاب ڪي جڙي بوٽيان، ڪتاب تيار آهن. پر ڇپائي لاءِ في الحال سرائيڪي علاقي ڪي جڙي بوٽيان ۽ پختون خواه ڪي جڙي بوٽيان تيار آهي. ڊرگهه موري جي شبير احمد منهنجي بيماري جي ڪري پهرين سنڌ جون جڙي ٻوٽيون ڪتاب ترتيب ڏيڻ ۾ مدد ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي. جڏهن ته برصغير ليول جو ڪتاب جيڪو ڏهن جلدن ۾ آهي ان جا اڃا ۴ جلد مس شايع ٿيا آهن. دوستن جو اصرار آهي ته اهي مڪمل ڪريان. جيڪو خدا کي منظور هوندو اهو ئي ٿيندو. هن وقت دواخاني تي ويٺي ويٺي سوشل ميڊيا تي لکندا آهيون، جنهن ۾ ڪنهنجي پڳڙي لاهيندا آهيون ته اهو به خوف هوندو آهي ته اسان جي به ڪير پڳڙي لاهي سگھي ٿو. ان ڪري هاڻ لکڻ ۾ ميانه روي رکندو آهيان. ادبي مضمون به ڪافي آهن، جن مان ٻه ڪتاب جڙي سگھن ٿا. اهڙيءَ طرح نعيم عرف نعيم داس جو ڪتاب ’تاريخ کان اڳ جو آدم‘ ترتيب ڏئي شايع ڪيم. انعام ٽکڙائي جو ڪتاب ترتيب ڏئي شايع ڪيم. رلي رلي جهان ڏٺم، ۲۰۰ ڪتاب شاعر کڻي ويو. اهي پيسا اهو کائي ويو. باقي ڪتاب وڪڻائڻ ۾ مدد نه ڪيائين. هينئر لطيفي دواخاني ۾ پڙيون ٻڌي، گراهڪن کي ڏيندو آهيان. قانون جي حوالي سان www.tmkbarass.webs.com جي نالي سان خوبصرت ويب سائٽ هلائي رهيو آهيان. ٽنڊو محمد خان بار جو لائيبريري سيڪريٽري ۽ نائب صدر ٻه ٽي دفعا رهيو آهيان. ٽنڊو محمدخان جي تاريخ تي ڪم ڪيم پر ڏٺم ته ڪم وڏو آهي. اهو پنهنجي فيس بڪ جي البمن تي موضوع وار ڄاڻ جمع ڪري رهيو آهيان، جيئن ڪير ڪم ڪري ته ان کي ڪافي مواد ملي سگھي. اجرڪن جو به سٺو ڪاريگر آهيان. تعليم جو خرچ قاضي الله ڏني جي ڪارخاني ۾ مزدوري ڪري ڪندو هوس. مالي حوالي سان وڏا انتهائي امير هئا. اسان انتهائي بک ۾ اکيون پٽيون. هن وقت به پنهنجي مرضي سان زندگي گھارڻ ڪري مشڪلاتن ۾ رهان ٿو. ان ڪري منهنجو نظريو آهي ته شراب خور زاني ۽ حرام خورن جي چمچا گيري ڪري دولتمند ٿيڻ ڪو به ڏوه نه آهي. باقي عزت، غيرت، شرافت اهي ڪنهن ڪم جون نه آهن. نه ئي پيٽ ڀرينديون. انهن شين جي موجودگي ۾ اولاد به نافرمان ٿي وڃي ٿو. باقي ڪوشش ڪري نيڪيءَ جا ڪم ڪندو آهيان. هرو ڀرو ڪوڙ نه ڳالهائيندو آهيان. (فيس بوڪ تان، سندس وال تان کنيل)
پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرزاق مهر شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي شڪارپور ڪئمپس جي ڊائريڪٽر سان ڳالهه ٻولهه انٽرويو: الطاف ابڙو دنيا ۾ ڪي اهڙا انسان هوندا آهن جيڪي پنهنجي شخصيت ۽ پنهنجي اخلاق جي انمول موتين سان سينگاري سنواري پنهنجو انوکو مثال قائم ڪري ڇڏيندا آهن اهڙو ئي انسانيت، محنت ۽ محبتن سان ڀريل ڪردار سهڻي سنڌ جي ضلعي شڪارپور شهر ۾ عبيدالله مهر جي گهر ۾ آڪٽوبر۱۹۶۰ع ۾ اک کوليندڙ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرزاق مهر به هڪ آهي. ڊاڪٽر عبدالرزاق مهر، شڪارپور جي گورنمنٽ پرائمري اسڪول ھاٿيدر ۾ پرائمري جي تعليم حاصل ڪئي. ميٽرڪ هاءِ اسڪول مشهور قبن وارو مان ۱۹۷۶ع ۾ ڪئي جيڪو اسڪول هاڻي گورنمنٽ هاءِ اسڪول ٽو جي نالي سان سڏيو ويندو آهي. انٽر جي تعليم سي اينڊ ايس ڪاليج شڪارپور مان پري ميڊيڪل شعبي ۾ ۱۹۷۹ع ۾ حاصل ڪئي. ڊاڪٽر مهر باٽني شعبي ۾ بي ايس سي جي تعليم ۱۹۸۳ع مان سنڌ يونيورسٽي مان فرسٽ پوزيشن ۾ حاصل ڪئي ايم ايس سي به سنڌ يونيورسٽي مان سيڪنڊ پوزيشن ۾ حاصل ڪئي. جنهن بعد وفاقي هاءِ اسڪول راولپنڊي ۾ ۱۹۸۵ع ۾ ٽيچر ٿيو; ٽي مهينا اسڪول ۾ نوڪري ڪرڻ کانپوءِ ايگريڪلچر بئنڪ ۾ موبائل ڪريڊٽ آفيسر خيرپور ضلعي جي پيرجوڳوٺ ۾ مقرر ٿيو. پروفيسر عبدالرزاق مهر ۱۹۸۶ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي باٽني شعبي ۾ ليڪچرار طور مقرر ٿيو. شاگردن کي تعليم ڏيڻ جو سلسلو جاري رکڻ سان گڏ ڊاڪٽر رزاق مهر ۱۹۹۲ع ۾ ايم فل جي ڊگري به شاهه عبداللطيف يونيورسٽي مان حاصل ڪئي. ۱۹۹۹ع ۾ يونائيٽيڊ ڪنگڊم جي ويلز يونيورسٽي جي شھر بينگر مان باٽني شعبي ۾ ڪلراٺي زمين ۾ ڪڻڪ پوکڻ ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي جنهن بعد ڊاڪٽر رزاق مهر واپس شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۾ شاگردن کي تعليم ڏيڻ جو سلسلو جاري رکيو. -۲۰۰۷ ۾ آمريڪا جي اسٽيٽ ڪيليفورنا جي شھر رور سائيڊ مان پوسٽ ڊاڪٽريٽ ڪرڻ لاءِ ويو. جنهن کانپوءِ ۲۰۰۹ ۾ عبدالرزاق مهر کي ڪيو اي سي (ڪوالٽي انهانسمينٽ) سيل جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو ۽ پروفيسر ڊاڪٽر پروين شاھ وائيس چانسلر جي رھنمائي ۾ ذي ڪيٽيگري مان ڊبليو ڪٽيگري تائين پھچايو. ڊاڪٽر عبدالرزاق مهر ۷ سال لطيف يونيورسٽي جي باٽني شعبي جو چيئرمين به رهيو. جنهن بعد وائيس چانسلر ڊاڪٽر پروين شاهه ڊاڪٽر مھر تي اعتماد ڪري ۽ سندس صلاحيتن کي ڏسي ڪري کيس شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي شڪارپور ڪئمپس ۾ ڊائريڪٽر مقرر ڪيو جتي ڊاڪٽر مھر پنهنجي صلاحيتن کي ڀرپور نموني استعمال ڪري پنهنجا فرائض سرانجام ڏئي رهيو آهي. ڊاڪٽر رزاق مهر ٻڌايو ته منهجي والد صاحب ۱۹۴۲ع ۾ سي اينڊ ايس ڪاليج مان بي اي ڪئي هئي ۽ مختيار ڪار بڻيو ۽ ڪشمور، رتوديرو، گمبٽ، ميهڙ سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ رهيو. مڊل ڪلاس خاندان هو پر پڙهيل لکيل گهراڻو هجڻ ڪري آئون اڳتي وڌي ويس. ڊاڪٽر بڻجڻ منهنجي خواهش هئي هڪ يا ٻن مارڪن جي گهٽ هجڻ ڪري منهنجي ميڊيڪل ۾ داخلا نه ٿي سگهي. شڪارپور جي ايم پي اي امتياز شيخ سنڌ گورنمنٽ کان اسان کي ڪيمپس لاءِ ۲ بسيون وٺي ڏنيون آھن ۽ ڪئمپس لاءِ ۱۵ لک روپيا ڏياريا جن پئسن مان ڪمپيوٽر، ڪتاب ۽ ڪئمپس لاءِ ٻيو ضروري سامان ورتو. ڊاڪٽر عبدالرزاق مهر چيو ته منهنجا عالمي ۽ مقامي سطح تي ۲۷ آرٽيڪل شايع ٿيل آهن. مان ايم فل جا ۱۲ شاگرد ۽ ٻه پي ايڇ ڊي جا شاگرد پروڊيوس ڪيا آهن. جيئن ئي انگلينڊ کان ۱۹۹۹ ۾ پي ايڇ ڊي ڪري واپس آيس مان انگلينڊ ۾ تمام گهڻيون چئرٽيز ڏٺيون جنهن مان متاثر ٿي مان والنٽيري ”هدايه ٽرسٽ” جوائن ڪئي. جيڪا ۱۸ ملڪن ۾ ڪم ڪري رهي آهي جنهن جي هيڊ آفيس شڪارپور ۾ آهي. ٽرسٽ جون سکر، حيدر آباد ۾ به آفيسون آهن. ۸ آفريڪن ڪنٽريز، بنگلا ديش، ايران، انڊيا ۾ به آفيسون آهن جيڪا شڪارپور جو مشهور وڪيل غياثدين واحد بخش بلوچ مرحوم ھلائيندو ھيو جيڪا ھاڻي سندس پٽ انجنيئر وسيم بلوچ پيو ھلائي. پروفيسر مهر چيو ته منهنجو ڀاءُ انجنيئر آهي، لطيف يونيورسٽي جو نئون ايڊمنسٽريشن بلاڪ جو پروجيڪٽ به منهنجي ڀاءُ ٺاهيو آهي. لاڙڪاڻو هاءِ ڪورٽ، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مزار جو ٻاھريون ۽ اندريون ڊيزائين وارو ڪم به منهنجي ڀاءُ جو ئي ٺهيل آهي. پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرزاق مهر شاگردن کي پيغام ڏيندي چيو ته اڄ جي تاريخ توهان جي زندگي ۾ ٻيهر ڪڏهن به نه ايندي اڄ جيڪو توهان سکڻ کان رهجي ويئو ته رهجي ويندئو توهان ڪلاس مس نه ڪيو. يونيورسٽي ۾ ماسٽرز جي ڊگري کان پوءِ ڪافي گهٽ ٻار وڃي ايم فل جي تعليم تائين پهچندا آهن توهان کي جيڪو ڪجهه ڪرڻو آهي اهو سڀاڻي واري ڏينهن جي آسري تي نه رکو اڄ ئي پنهنجي محنت ڪيو توهان تي والدين محنت ڪري توهان جون زندگيون سنوارڻ چاهين ٿا. توهان پنهنجي زندگي سنواري والدين کي سک پيار محبت ۽ خوش اخلاقي سان پيش اچو. اڄ جو دور ميرٽ ۽ محنت جو دور آهي ڪوبه محنت ڪندڙ شاگرد اڄوڪي دور ۾ نه پيو رهجي. شاگردن کي گهرجي ته هو پنهنجي زندگي سان سچا ٿين. محنت ڪن ۽ جيترو ٿي سگهي اعلي تعليم حاصل ڪن. مونکي تمام گهڻي خوشي ٿئي ٿي ته اسان جا ڪافي نوجوان استاد اسان کان وڌيڪ ريسرچ توڙي پڙهائي لکائي ۾ بهتر ڪم ڪري رهيا آهن. ڊاڪٽر عبدالرزاق مهر ٻڌايو ته مان عوامي آواز اخبار شوق سان پڙهندو آهيان ڇاڪاڻ ته سنڌ جي مسئلن توڙي عالمي خبرن جي حوالي سان عوامي آواز جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرزاق مهر پنهنجي ننڍپڻ بابت ٻڌائيندي چيو ته منهنجي ننڍ پڻ جي زندگي تمام حرڪتي رهي آهي پاڙي وارن ۽ ڪلاس فيلوز سان جهيڙا جهٽا ۽ شرارتي حرڪتون ڪندو هيس مونکي ننڍ پڻ کان ڪبوتر پالڻ پسند آهن ۽ مان ڪبوتر ڪافي سال گهر ۾ به پاليا هئا. ڊاڪٽر رزاق مهر ٻڌايو ته منهنجا پسنديده گلوڪار لتا منگيشڪر، عابده پروين، استاد منظور علي خان، ماسٽر محمد ابراهيم آهن. شاعري ۾ ابراهيم منشي، ڊاڪٽر تنوير عباسي، شيخ اياز، ادل سومرو ۽ اياز گل پسند آهن. منهنجي زندگي جو موسيقي جي لحاظ کان حسين لمحو جڏهن ٿر جي مٺي شهر ۾ مرحوم صادق فقير کي سامهون اياز گل جو ڪلام توکان ٿيندي ڌار کلندي کلندي يار لڙڪ لڙي پيا لاڙ ڪري ۽ ادل سومري جو اسان کي او سھڻا وساري نه ڇڏجو وارا ڳايل گيت آهي. صادق فقير جي بيوقتائتي وڇوڙي کان پوءِ اڪيلي ۾ اڄ به انهيءَ لمحي کي ياد ڪندو آهيان. ڊاڪٽر عبدالرزاق مهر ٻڌايو ته مان شادي والدين جي مرضي مطابق ۱۹۸۸ع ۾ ڪئي. منهنجي زندگي جا سڀ کان وڌيڪ تڪليف دهه لمحا منهنجي والدين جي وفات جا آهن ٻاهرين ملڪن ۾ مان ٻين سان ساڻن والدين گڏ ڏسندو هئس ته مونکي پنهنجي امڙ ۽ پيءُ ياد ايندا هيا ۽ اکيون نم ٿي وينديون هيون سوچيندو هئس ڪاش اڄ منهنجو ماءُ ۽ پيءُ زنده هجن ها ته مان به انھن کي ٻاهرين دنيا ۾ گهمايان ها. مونکي ٻه پٽ ۽ هڪ ڌيءُ جي اولاد آهي جيڪي پڙهي لکي هن وقت سٺن عهدن تي آهن ۽ منهنجي ڌيءَ جرمني ۾ تعليم پرائي رهي آهي.
سِـيـنـڌ جمال ابڙو کپري شھر جي سرڪاري اسپتال جي لاش-گھر ٻاھران، مٽيءَ ۽ ڌڌڙ ۾ ڪارا ڳُنڌيل وار، چوٽيءَ سينڌ سميت، ڌوڙ ۽ جهڪ ۾ پئي ليٿڙيا. اندر ڀنگي ۽ ڊاڪٽر، مکين جي ڀُون ڀُون، ننگو لاش اگھاڙي ڇاتي. سنڌ جي ڄائي، ڪنھن جي لڄ، سڀ جو ننگ، ست ڌارين آڏو ننگي پئي ھئي. ھٿ رونڊڙا، پير ڦٽل. اکيون حيرت، حسرت ۽ ھيبت کان ڦاٽل، سٻاجهي، سدوري، سُگهڙ، ڪونئرو ڪُسڻي. پيار جي راھه ۾ ھڪ ٻي قرباني. ڪُسڻ قبول ڪيائين، سينڌ جي پت نه وڃايائين. ٽھڪڙا ڏئي چار آڱريون سينڌ تي رکي انجام ٻڌائين، پر ٽھڪڙا ڪھاڙين جي ڪڙڪن ۾ بدلجي آيا، آڱريون ڪپجي ويون، سينڌ ڪوڙجي وئي اتي ئي سندس ڀاءُ ٻاھر ھو، ابي ڄائو، امڙ جي رت مان ٺھيل ۽ کير تي تاتيل. جنھن لاءِ ننڍي ھوندي کان ”الله ڏيندو ادل کي . . .“ ڳايو ھئائين. بي غيرت ڀاءُ جنھن ’غيرت‘ مان ڀيڻ ماري ھئي، ھٿڪڙين ھوندي ائين ڳاٽ جهليو بيٺو ھئو، ڄڻ ڪوٽ کٽيو ھئائين. امڙ ھئي، جنھن جي رازدار ساٿڻ اڄ ڪھاڙيون جهلي، چاقن سان چِيرجي رھي ھئي. جنھن ڌيءَ جون ڪچيون ڦڪيون ساھه ۾ سانڍيون ھيون. جنھن ور ور ڏيئي کيس سمجھايو ھو ۽ سمجھيو ھو. سندس ڊڦ پيرو مڙس، جو پٻن تي ٿيڙ کائيندو، لؤڻا ڦيريندو ھلندو ھو، ڳالھائيندو ھو ته گِگ وھندي ھئس. ور ور ڪري لاش گهر ڏي ٿي ڏٺائين. رڙ پئي پيس؛ ’الا! منھنجي سھڻي پنج ھزار لھندي ھئي.“ ڍڳن جو جوڙو، ٻه جريب زمين ۽ عورت جي جند، اھا پنجوڙ جنھن ۾ نچڻي ٽپڻي تيرھن سالن جي پدمڻيءَنڄم کان موت تائين گوگهجي وئي. لِڪ لڪوٽي، ليٽ ڪبوتر، گهڻ گهڻ گهٽو ۽ ڳيچ سھرا سڀ ان پنجوڙ جي ساھه نِپوڙ، سوڙھه ۽ گهٽ ۾ گهٽجي گم ٿي ويا. ”الله ڏيندو ادل کي !“ ... ۽ الله ادل کي ڍڳا ۽ ٻه جريب ڏئي ڇڏيا ۽ اديءَ جي جند مڙس جو حق ٿي وئي، مُلھه ڳِڌو حق. شاديءَ جا جوڙا، ھٿن کي ميندي، چانديءَ جي ٻانھين، خوشيءَ مان ھر ھر ماءُ کي چنبڙي ٿي پئي. ٻاراڻي ٽھي، شاديءَ کي ائين ٿي ڀانيائين ڄڻڪ گُڏي گُڏيءَ جو وھانءُ. مڙس کي ائين ٿي سمجهائين جيئن سندس ڀاءُ يا پيءُ ۽ جڏھن وڃي ساڻس ستي ته آڌيءَ کان پوءِ ماڻھن سندس ڪِيڪون ٻڌيون ۽ چماٽن جا ڦھڪا. ٿڪل ٿڪل، پيلي، زندگي ائين ٿي وئي جيئين آرھڙ جون ٻُٽون. ھر صبح ۾ سانجهيءَ جي گُهٽ ھئي ۽ ھر سانجھيءَ ۾ صبح جو سُور ھو. نار جي لوٽي ھئي، ڳچيءَ ۾ رسو، کوھه ۾ گهوتا ۽ رات جو رينگٽ، ٻي ھزارين جي ٻانھي، سانجڻ، ٻھاري، دال، کار، گاھه، رونبو، زور ۽ زوري. سندس زنانو حسن نه ڄائو نه مئو، نه اسريو نه اڀريو. جڏھن ٻن سالن کان پوءِ ماءُ وٽ آئي ته ھنيانءُ ڦِسي پيس. پار ڪڍي رني. ”ادا!“ چئي ڀاڻس کي چنبڙي پئي. ڀاءُ ۽ مڙس جي فرق جو شدت سان احساس ٿيس. ٻارڙن جون ٽوليون ڏسي ٻٽا ڳوڙھا ڳاڙڻ لڳي. اباڻي گهر سندس ٻوساٽيل روح کي آٿت، سندس جسم کي آرام ڏنو. جنھن گهر جي ڇپر ڇني ڪنڌيءَ ڪوٽ سان ٻالڪپڻو چنبڙيو پيو ھو تنھن سان پاڻ به چنبڙي پئي. روح رلي ويس، ميخ لڳي ويس. ائين ئي محسوس ڪيائين ته وري ڳائي؛ ”نم جي نموري پڪي، الله ڏيندو ابي کي، سو وجھندو ڌيئن کي، چنڊ ڏٺو کير مٺو!“ سندس دل جي ڪنھن ڪنڊ ۾ ھلڪڙو آرس ڀڃڻ جي تمنا، نحيف کنوڻ وانگر اِنگڙ وِنگڙ اُڀري گُم ٿي وئي. ڪارونڀار ڪڪرن ۾، ھلڪڙي ھير سندس سنھڙي چولي کي سندس سيني مٿان گسڪائي رھي ھئي. عجيب انوکي ڪيفيت چولي منجھان، سيني منجھان، سندس دل ۾ سمائجي وئي. مينھن وسيو، ھوءَ بيٺي رھي. ٻارڙن جا ٽولا ڳائڻ لڳا؛ ”اکريءَ ۾ ڪڪڙو، مينھن آيو تڪڙو!“ چولو ساڻس چُـھٽي ويو. ھن محسوس ڪيو ڄڻ ته ھوءَ پاڻ ڪڪڙو آھي ۽ مينھن سندس جسم سان وڪوڙيو وڃي، جنھن جي گستاخ آلاڻ کيس وَڏ-ڦُـڙي جي بشارت ڏني. اگھاڙن پٺن سان، سندس ھم عمر جوڙ ۽ جيس ميھار، مينھن بڻجي کيس وڪوڙي ويو. سندس چَپ کليل رھجي ويا. خبر تڏھن پيس جڏھن ميھار اچي ھٿ کان ورتس، ڇرڪ ڀري ڀڄي وئي. سندس جنسي جذبو، عين عورتپڻو، حيات جو موجب، قدر جو عجيب ۽ مٺو ڪرشمو جو وحشانيت جي ڄَـرُ ساڙيو ھو، سو پيار جي مينھن ۾ سائو ٿيو. جنھن کي چماٽن ۽ ڪيڪن ڊيڄاري دٻي دساڙي ٿڌو ڪيو ھو، تنھن کي ھٿ جي گرمائش جياري ڇڏيو. ڳلن ۾ تؤ، تَـنَ ۾ تونس، آگمجي رني. چڻگ ھئي جا جلڻ ۽ جلائڻ لاءِ نسنگ نروار ھئي. لوڪ لڄا، ادي جي عزت، دل جي دل ۾، ساڳيو ميھار جڏھن اڇا ڪپڙا اوڍي، وارن کي ڦڻي ڏيئي، اکين ۾ سرمو وجهي اچي لنگهندو ھو ته اکيون ھيٺ ڪري ڇڏيندي ھئي ۽ پوتي ڇڪي مٿو ڍڪيندي ھئي. بس ميھار لاءِ اھو ڪافي نياپو ھو. ھن جو من به ٽِڙي پوندو ھو ته هڪ مرد محض سندس لاءِ سينگار ڪري. سندس اکيون ھڪ ٽِڪ دور افق جي پريان وڃي کُپنديون ھيون. پنھنجيءَ باھه ۾ ڀسم ٿيڻ لڳي. جيئن روڪيائين تيئن ڀڀڙ ھئا. وري جو ڳنڍڙي مليس، خالي باڪس ۾ سُرخي، ڪجل، مصريءَ جي تَـڙ، رک جي چپٽي، ميٽ جو ذرو ته کڙي تپي آيس. ويھڻ وِھهُ ٿي آيس. ماءُ سان سليائين. عورت جو عورت سان سلڻ ڄڻ خالق ۽ مخلوق جو ازلي راز سلڻ ۽ سمجهڻ. ماڻس چنبا ھڻي ڪڍيس. ويڻن سان وڍيائينس، نيٺ ٻِٽ ٿي بيٺس. ڌيءُ ۽ ماءُ جو ميلاپ، ڇا نه ٿي ڄاتائون! ڇا نه ٿي سمجھيائون! حياتيءَ جي سُڪي سرءَ ۾ پَنَ ڇاڻيندي ڪڏھن ڪا سُرور جي گهڙي گهاري ھئائون، سا به ڪھاڙين جي پاڇي ۾، گهڙيءَ جي معراج لاءِ ڪنڌ ڪپائڻ، ٽھڪڙا ٽاڪوڙا، ڄڻ ته جيڪي ڏنائون ٿي تنھن کان وڌ ورتائون ٿي. ميھار سان ملڻ وئي ته ھِيرون ھئس ھنج ۾، ڌرتي ھندورو ھئي؛ گل ٽڙيل ھئس دل ۾. سڳند ھئس ساھه ۾. سُڌ ٻُڌ پرائي ٿي چڪي ھئي. سندس سڄي ڪائنات پرائي ھئي. وٽس پھتي ته پاڻي ٿي پئي. ھٿ وڌائينس ته هٽي بيھي رهي. ڏيڻ آئي هئي، ڏيئي نه سگهي. واسطا وڌائين، پلؤ پاتائينس، ھٿ لائڻ نه ڏنائينس. موٽي اچي ماءُ کي ليلڙاٽ ڪيائين؛ ”پلؤ آجا ڪرائينم!“ امڙ کي ٻاڏايائين. جڳ کي دانھن ڏنائين، ٻارڪاريائين، چڱن مٺن جا در کڙڪايائين. جنھن سندس جسم کي نپوڙيو ھو تنھن سان جسم ڪيئن ملائي! مٺوءَ کي ڇڏي ڏينڀوءَ کان ڪيئن ڏنگائي. ڏنگ ۽ ڏنڀ ھئس ڏاج ۾، نڪاح جي . . . سان، يا نڪاح ٽٽي يا ڪنڌ ٽٽي. جتي ٻنيءَ ۽ ونيءَ تي سر ڏجن ٿا، اتي نينگرين جو سودو به ٿئي ٿو. اَملھه جو مُلھه ٿئي ٿو. ھتي نينگرين جو نيلام، ست قرآن، ڪوڏين جي دام، اتي ڪير ڏئي طلاق! ڊڦ پيرو چوي؛ ”ڪُھي وجھو نڪاح نه ڇڏيان، ڀلي عمر کائي وڃي، ٻني ۽ وني ڪنھن ڇڏي آ!“ ٻه ٻه ھٿ پيو اڏامي. ڪوٽ جي آڙ ۾ بيغيرت جي نگاھه لڄ تي نه، لڄ جي قيمت تي. دڙڪا، دھمان، ڏنگايون ڏاڍ، بي فرمان- ۽ ھيڏانھن ڪچي تند، نياڻي نينگري، سَرءَ جي ساڙيل سڪل پيلي وَل. جنھن جي من ۾ پھريون ڀيرو پيار جي رس ڀري ھئي. اڏول، پنھنجي حق تي قائم، سائي ٿيڻ جو حق، گُلن جي ڪڍڻ جو حق. ڪچيءَ تند ۾ حق ڇڪڻ جي ايڏي قوت! پر ايجاب ۽ قبول جو ڌاڳو ٻن ھزارن روپين ۾ ٿلھي موٽي سنگهر ٿي چڪو ھو. نياڻي نينگري ڪچي تند، پر جڏھن سندس نحيف تنتن ۾ عورتپڻي جي آفاقي حق گھرڻ جي برقي قوت پھتي ته وڄ بڻجي وئي. چمڪا، چڻنگون ۽ ٽانڊا جن سندس مڙس جي اڌاري مردانگيءَ کي ڪنبائي ڇڏيو. ھو طلاق ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويو. ھن لاءِ رڳو ٻه اکر چوڻ جي دير ھئي، پر جنھن کان عورتپڻي جو حق کسيو ٿي ويو، جنھن جان جي بازي لڳائي ھئي، جيڪا اھڙو ئي انسان ھئي جھڙو مڙس، جا پاڻ مظلوم ھئي، سا بس فقيرياڻين وانگر خيرات جي محتاج ھئي. سندس لفظ ۽ ارادي کي ڪو وزن ڪو نه ھو. ڇا ته توازن ھئو! نڪاح ٻن ڌرين جي ھڪجھڙي قبوليت ھئي، ھڪ ٽوڙي سگھيو ٿي ان کي ٽاڪئين ٺڪر وانگر ۽ ٻئي لاءِ ڳَٽ ھو ڳچيءَ جو. نقصان ڪنھن کي ٿي ٿيو. بازاري اگهه ڪنھن جو ٿي ڪريو. جسماني باغ ڪنھن جو لٽيو ويو ته به معاوضي جي گهر مڙس پئي ڪئي ۽ سڄي دنيا سندس انھيءَ حق جي تائيد ڪئي. اھو حق ايڏو ته ڪو اٽل ھو جو سندس ماءُ ۽ ڀاءُ به ھارجي ويا. قبوليت جو ڌاڳو رپين جي بار ھيٺ سوگهي سنگهر ٿي ويو. باغ جو، گلستان جو، ميوو ڏيندڙ شجر جو، ٺيڪو عمر ڀر ٻن ھزارن ۾! ڀيڻ جنھن ڀاءُ کان نماڻين نظرن سان صدقو گھريو، اکئين آب جاري ھو. پر سندس نير، نيئر کي ٽوڙي ڪو نه سگھيا. ڀاءُ به فيصلو ڏنو ته؛ ”رن ڪميڻيءَ کي ڄُنڊن کان گھلي مڙس کي ڏيو!“ جنھن ٻه ھزار مِٺا ڪيا سو مڙس مان وارو بڻيو ۽ جنھن جي جسم جذبن ۽ جان جو نيلام ٿيو سو ڪميڻو. اھا آخري رات ھئي، ڇيھه نا اميديءَ سندس حِس ۽ حواس سلب ڪري ڇڏيا ھئا. جڏھن ميھار اشارو ڏنس ته چار آڱريون کڻي سينڌ تي رکيائين. سندس روح ۽ جسم ھڪ قلب بڻجي ويا. جنھن کي اوڏو اچڻ نه ڏنو ھئائين، تنھن سان موڪلاڻيءَ جو انجام ٻڌائين. جسم ۽ روح جي آرتي کڻي پيار جي قربان گاھه ڏانھن وڌي ته ڀاڻس ڏسي ورتس. ڪھاڙي کڻي وريو ته ويچاريءَ جي جيئڻ جي سموري تمنا اجهڪو ڏئي موٽي آئي. پوتي لاھي ڀاءُ جي پيرن کي چنبڙي وئي، ”ادا منھنجا، مون کي نه مار!“ ماڻس به ڀڳي، وڃي قرآن کڻي آئي؛ ”ابا! ھي وسيلو ٿئي.“ مڙسس به رڙ ڪئي؛ ”جھڙي آ منھنجي آ، مون کي ڪاري به قبول، متان منھنجيءَ کي ماريو اٿئي!“ ”چُپ ڪر ڪميڻا ڪاري آ!“ ”ھل ڙي معتبر! تو گهڻيون ڪاريون ڪيون آھن؟“ تيسين ماڻس به قرآن آڻي آڏو جهليس. ماءُ کي ڌڪو ڏئي پري ٿيلھيائين، لت ڀيڻ جي ڪلھي تي ڏيئي سندس مٿو ڇڏائي پري ڪيائين. ڪھاڙي کڄي ھيٺ ٿي. ڊپ ۾ ويچاريءَ ھٿ آڏو ڏنو. اول چار آڱريون پوءِ ڪنڌ. ماءُ ۽ قرآن رتو رت! ڀاءُ ۽ ماءُ گڏجي نياڻيءَ جو اڳٺ کولي سٿڻ لاٿي. ڀاءُ دنبھو ھنيو. اسپتال جو لاش گهر، ڪپيل چوٽي، چاقن جي چر چر، ڀنگي، ڊاڪٽر، مکين جي ڀُون ڀُون، ننگي ڇاتي، ادي، ڀيڻ، نياڻي، ست قرآن.