#برنامج_ري على #قناة_المجدمع:أحمد العوادبندر الغيثيضيوفنا: أ. سليمان الخربوش أ. محمد الشمري أ. عبدالرزاق الطريفيأ. ياسر العنبري يبث 5:30 م يومياً في #رمضان ...
ڤاليري ر شوبيكمناهل الإبداع
Free Returns ✓ Free Shipping On Orders $49+ ✓. 1pc Foldable Random Storage Basket- Desktop Organizers at SHEIN.
قم بتنزيل ملف PNG Twibbon Frame Design Bendera Merah Putih Dengan Garuda Dan Teks Dirgahayu Republik Indonesia Ke 76, الإطار, توبون ديرغاهايو 2021, هت ري 76 أو المتجه هذا مجانًا. Pngtree لديها الملايين من الموارد png الحرة ، ناقلات وموارد psd للمصممين.| 6606824
Impression of Beijing designed by Xay. Connect with them on Dribbble; the global community for designers and creative professionals.
Ready to elevate your infrastructure? Discover the Strength of HDPE Pipe Flexible Conduit and learn how it outperforms traditional materials.
Pauline Stanley Studio + Rare Bird Co. is a studio + shop featuring natural + modern art, jewelry, home goods and more. Our shop houses our signature collections, Pauline Stanley Studio (art) & Rare Bird Co. (jewelry + home), both illustrated + designed in Richmond, VA by artist/designer Pauline Stanley.
مخطط مشروع مجمع رياضي كاملا بشكل مميز اوتوكاد dwg مخطط مشروع مجمع رياضي كاملا بشكل مميز اوتوكاد dwg مخطط مشروع مجمع ري...
يواجه قائد منتخب فرنسا، كيليان مبابي، انتقادات حادة في بلاده بسبب غيابه عن مباريات دوري الأمم الأوروبية المقبلة، على الرغم من توافره وجاهزيته للعب مع ري
ولد لاد دروموند في ولاية نبراسكا ، وهي ولاية تقع في الغرب الأوسط من الولايات المتحدة ، وهو مالك شركة دروموند لاند آند كاتل مع شقيقه ووالده. علاوة على ذلك ، فهو معروف بكونه زوج مدون أمريكي ومؤلف وكاتب طعام ومصور بالإضافة إلى شخصية تلفزيونية ، ري دروموند. الحياة المبكرة وتعليم لاد دروموند ولد لاد
ڪريم فقير ڪيرٽي جو ڪلونت ڀارومل امراڻي ڪيسر مڪواڻي جي قرب نگر ڪيرٽي عرف ڪيرلي نگر ۾ آچار مڱڻهار جي گهر ۾ مئي ۱۹۶۱ع تي جنم وٺندڙ ڪريم فقير سنڌ جو سريلو راڳي آهي. جنهن جي آلاپ تي ريجهي صحرا جي شفق سنجها جو ڏيئو ٻاريندي آهي. جنهن جي سُرن جي ستارا ساک ڏيندا آهن، جنهن جي راڳ جي راحت ۾ ڀالوا جي ڀٽ مينهن وساڙن جو ڏيک ڏيندي آهي. ڪريم فقير اڃان ٻه ٽن مهينن جو هو، تڏهن سندس مامي سروپي مڱڻهار وارا مٺي ڪوٺي آيا. پوءِ اتي ئي مامي جي گهر ۾ پلي وڏو ٿيو. سروپي مڱڻهار جي مٺي ۾ دهل جي وڄت جي حوالي سان وڏي مقبوليت رهي آهي. اسي ۽ نوي (۸۰ ۽ ۹۰) جي ڏهاڪي ۾ اسٽيج ڊراما ۽ ناٽڪ پيش ڪرڻ جو مٺي ۾ وڏو رواج هوندو هو. ديوالي، لگن، رام ڀروسو ۽ ٻيا ڪيترائي اسٽيج ڊراما ۽ ناٽڪ پيش ٿيا. ڪريم فقير انهن ڊرامن ۽ ناٽڪن ۾ مزاحيه ڪردار ادا ڪندي هڪ ٻه ڀيرا ڳايو، ٻڌندڙن وڏي موٽ ڏني پر هن خاص ڌيان ڳائڻ تي نه ڏنو. وڏي وقت تائين صادق فقير سان گڏ ڍولڪ وڄائيندو رهيو.هڪ ڀيري ڍولڪ وڄائيندي رت جي الٽي اچي ويئي. پوءِ هن ڍولڪ وڄائڻ ڇڏي ڏنو ۽ باقائده ڳائڻ شروع ڪيو. سال ۱۹۸۸ع جي ڏڪار ۾ ٿري فنڪارن جي سهائتا ڪرڻ جي لاءِ مهراڻ آرٽس ڪائونسل ۾ هڪ پروگرام رکيو ويو هو. اتي هن ڳايو. هن جو ڳائڻ ٻڌي ٻي ڏينهن عنايت بلوچ صاحب ريڊيو پاڪستان تي وٺي آيو. ان ڏينهن هن جي ريڊيو تي پهرين انٽري ٿي. هن ريڊيو تي پهريون ڪلام سائينداد ساند جو غزل ڳايو؛ ڳاڙهو جوڙو پاتل هوندو، ڪرندو جنهن تي ڪاجل هوندو. غزل جي گونج راڄن ۾ ٻڌي ويئي. ڪريم فقير کي وڏو داد مليو. ائين ڪريم فقير مزاحيه ڪردار ۽ ڍولڪ نواز کان ڳائڻي جي پنڌ ڏانهن وڌيو. ڪريم فقير پاڻ به ڪيترائي لوڪ گيت لکي ڳايا آهن. هن قربان چنا جي سهڪار سان پي ٽي وي تي پنهنجي شاعري مان ‘وس ڪڪرڙا وس منهنجي ڪارونجهر تي وس’ ڳائي وڏي مقبوليت ماڻي. ڪريم فقير باقاعده اسڪول جي پڙهائي حاصل نه ڪري سگهيو. پر جڏهن فن جي دنيا ۾ آيو تڏهن سندس دوستن ڊاڪٽر نند لال ۽ وجئه لهاڻي هن کي لکڻ پڙهڻ سيکاريو. ڪريم فقير دل جو مخلص ۽ سچو شخص آهي. صادق فقير ڪريم فقير کي ڏاڍو ڀائيندو هو. هڪ ٻي سان ڏاڍا چرچا ڪندا هئا. مٺي جي نجي ڪچهرين ۾ اڄ به اهي لطيفا دهرايا ويندا آهن.ڪريم فقير مٺي جي ٻين مزاحيه ڪردارن سان به گڏ ويهي چرچن جا چنڊ اڀاريا آهن. هي اهل دل انسان راڳ، رهاڻ ۽ کل ڀوڳ سان دل جي دنيا آباد ڪري چاهتن جي چانڊوڪيءَ ۾ خواهشن ۽ خوابن آرٽ کي زندگي ۽ زندگي کي آرٽ بڻائيندو آهي. هن جي دل جي خانن ۾ خوشين کان وڌيڪ لڙڪ آهن. پر هن پنهنجا لڙڪ لڪائي ٽهڪن جا پوپٽ اڏاريا آهن. روهيڙن جي رنگت راڳ جا روپ رچايا آهن. ٿر جي هن سادي سودي لوڪ ڳائڪ جي راڳ ۾ ريگستان جي اڃ آهي. پيار جي پانڌيڙي جو اوسئڙو آهي، پريت جي تمنا جي تڙپ آهي.پاري نگر جي بي انتها اداسي جڏهن ميڙي ڳائيندو آهي ته صحرا جي ننڍ اڏامي ويندي آهي.ٿر جي پسمنظر ۾ لکيل مهان ڪوي شيخ اياز جو مشهور گيت ‘ جت لڳي، اڪ تپن، سو ديس مسافر منهنجو ڙي’ ڪريم فقير جيان ٻيو ڪوئي راڳي ڳائي نه سگهيو آهي. شيخ اياز جا جيڪي ٻيا ڪلام به هن جي ڪنٺ ۾ من کي موهيندا آهن تن ۾ هي شامل آهن. تو کي ڪهڙي ڪل، جيءُ اچي نه جهل، مون کان سنڌ نه وسري _ ائين نه ٽاڻو ٽار، متان چنڊ لهي وڃي _ اڪ مٿان ڦلڙيون، ٻٻر مٿان ٻور، پوءِ به پرين دور _ سانوڻ ڪيئن اڪيلو آئين ساجن کي به ته آڻ، ساجن کي به ته آڻ ڪريم فقير صادق فقير سان گڏجي شيخ اياز سان مليو هو.ان محفل ۾ ‘مون کان سنڌ نه وسري’ واري وائي هن شيخ اياز جي سامهون ڳائي هئي. ڪريم فقير رقم الحروف پاران ٿري ٻولي ۾ ترجمو ڪيل شيخ اياز شاعري کي سرن جا ويس ڍڪايو آهي. ڪريم فقير ايازگل ۽ سائينداد ساند کي دلڪش انداز ۾ ڳايو آهي. اياز گل جي شاعري مان ‘منهنجا لڙڪ سوالن وانگي’، ‘وقت ڪيا ويرانا ماڻهو’ تمام گهڻا مشهور ٿيا. سائينداد ساند جو مشهور غزل‘ ڪنهن هٿ هلايا ته ڳوڙها ڳڙي پيا’ سڀ کان پهرين ڪريم فقير سرن ۾ آندو. سائينداد ساند جي ٻولن ۾ ‘يادون جاڳيون سپنا جاڳيا’، ‘سوا تو شامون’ ۽ ‘روح ۾ رهجي ويو رقص تنهنجي ڇير جو’ ڪريم فقير جي آواز ۾ ٻڌي دل بي اختيار داد ڏيندي آهي. اهڙي طرح ڪريم فقير ڪلاسيڪل، لوڪ ۽ جديد شاعري ۾ شاهه لطيف، سچل سرمست، ڪبير ڀڳت، بليٰ شاهه، مصري شاهه، خليفو نبي بخش قاسم، سيد عباس علي شاه، سيد مرتضيٰ شاهه ڏاڏهي، استاد بخاري، راشد مورائي، ادل سومرو، سروپ چندر شاد،حسن درس، بلاول اوٺو، ايوب کوسو، اياز رضوي، خليل ڪنڀر، پيارو شيواڻي، امولک امر، شوڪت تبسم، ناشاد سمون، شهاب نهڙي، سوائي مانڌو.مرچو ورتيو، مهندرو مستانو ، ڀيرو جوشي، نورمحمد مهراڻوي، رقم الحروف ۽ ٻين کي ڳايو آهي. ڪريم فقير کي ‘مارئي ايوارڊ،’ ‘لوڪ ورثا ايوارڊ’‘مڪلي ايوارڊ’ ‘ڪارونجهر ايوارڊ’، صادق فقير ايوارڊ سميت 30 کان وڌيڪ ايوارڊ ملي چڪا آهن.ڪريم فقير پنهنجي دوست جئديو شرما ۽ ٻين جي سهڪار سان ٿر لوڪ سنگيت اڪيڊمي جوڙي مٺي ۾ موسيقي جو مانڊاڻ مچايو آهي.جتي هر روز شام جو راڳ ۽ ساز جي رهاڻ ٿيندي آهي. ڪريم فقير سان گڏ هيرو لوهار سر وکيريندو آهي. ڳوٺ ڦليو جو نوجوان ڪرمون ميگهواڙ گهڙو وڄائيندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن عبدلشڪور ڪماچ وارو به اچي وارو وٺندو آهي. استاد حسين فقير جي شاگرد ۽ ڪيرٽي جي هن ڪلونت جو مون سان روح جو رشتو رهيو آهي.منهنجي شاعري ۾‘ڪڏهن ايندين ڪيرٽي’، ‘سهڻا تنهنجي سار وري آ’ ‘ڪجلاسر جي ڪپ تي’ کي ڳايو آهي. ڪيرٽي جي پسمنظر واري وائي تي هن جون اکيون اشڪبار ٿي پونديون آهن. ڪريم جڏهن به ڪنهن گيت کي نئين ڌن ترتيب ڏيندو آهي. تڏهن روبرو يا فون ذريعي مون کي ٻڌائي راءِ ضرور وٺندو آهي. منهنجي راءِ ته ’ڪن رس’ جي ‘ڪوڏيي’ واري هوندي آهي. پر فقير وڏي مان مرياده سان خيال رکندو آهي. اها هن جي دلبري آهي. باقي مزاحيه رس ۾ هن موقعو ملڻ تي چرچن ۾ بخش نه ڪيو آهي. ڪريم فقير لوڪ گيتن کي لاکيڻي انداز ۾ آلاپيو آهي. هن جي پوري ڳائڪي لوڪ راڳ ۾ رنگيل آهي. هن جيون خاڪي جون خبرون ڪريم فقير جي ڳايل لوڪ گيت ‘هون تو هلي ري هيل ڀرڻ ماءُ مٿي ٻوليو ري مور’ جي من موهيندڙ ٻولن سان اتي اڌ ۾ ڇڏجن ٿيون. باقي ڳالهيون ٿري چوڻي ‘جڏهوڪا مينهن، تڏهوڪا پاڻي’ جي مصداق ٻي موقعي تي ڪبيون. حياتي جي هوندي، وري ٿيندا ميڙا، چڱو پار ٻيڙا، سِڪن جي سڳن جا ڇڪي جهلج ڇيڙا، چڱو پار ٻيڙا، (سائينداد ساند) (ڪتاب ٿر ٿر اندر ٿاڪ منجھ ڇپيل ۽ ڀارومل امراڻي جي فيسبڪ وال تان کنيل)
مولوي حاجي احمد ملاح ورسيءَ جي مناسبت سان محمد سليمان وساڻ اڄوڪو ڏينهن سنڌ جي ان عظيم شخصيت جي ورسيءَ جو ڏينهن آهي جنهن دنيا جي تاريخ ۾ هڪ اهڙو عظيم ڪارنامو سر انجام ڏنو جيڪو ان کان اڳ ڪنهن به ڪو نه ڏنو هو۔ اڄوڪي ڏينهن ۱۹ جولاء ۱۹۶۹ع تي مشهور سنڌي عالم ۽ شاعر مولوي حاجي احمد ملاح جي ورسي جو ڏينهن آهي جنهن قرآن شريف جو پهريون منظوم ترجمو سنڌي ٻولي ۾ ڪيو۔ اسان سنڌ سلامت جي پليٽ فارم تان سنڌ جي هن عظيم هستيء کي سلام پيش ڪيون ٿا۔ سنڌ امن، سلامتي ۽ شانتي جي ڌرتي آهي. جنهن ڪيترن ئي صوفين، بزرگن، عالمن مفڪرن ۽ شاعرن کي جنم ڏئي ماتا جو ڪردار امن طريقي سان نڀاهيو آهي. انهن عظيم هستين مان حاجي احمد ملاح به هڪ هو. جنهن ڪوڙ ڪپت، ٺڳي ۽ ڪٽپرڻي جهڙن موذي مرضن جون پاڙون پٽي، حق، سچ، علم ۽ ساڃاهه جي پوک پوکي. مولوي صاحب پنهنجي خطبي ۽ شاعري ذريعي ماڻهن جي دلين ۾ سجاگي جي لهر پيدا ڪئي۔ حاجي احمد ملاح ولد نانگو ملاح ۱۱ فيبروري ۱۸۷۷ع تي ڳوٺ ڪنڊي ديهه لوهڻ بدين ۾ پيدا ٿيو۔ هو پنهنجي وقت جو تمام وڏو عالم، شارح ۽ شاعر ٿي گذريو آهي۔ هو سنڌ ۾ رائج جهالت وارين رسمن جي خلاف کُلي عام شاعري ڪندو هو۔ هن ڪيترائي ڪتاب لکيا ۽ بيت ۽ شاعري ڪئي پر سندس نرالو ڪم قرآن شريف جون نظم ۽ شاعريء ۾ ترجمو ڪرڻ هو۔ جيڪو نورالقرآن جي نالي سان مشهور آهي۔ نه پالي ٿو پرور ته پالي ٿو ڪير، سنڀالي نه سو، پوءِ سنڀالي ٿو ڪير، کڻي پاٽ مان وجھي پيٽ ۾، نون نالين مان نڪالي ٿو ڪير. ڪهڙيءَ صورت پوڄين صورت؟ صاحب جوڙيئي سهڻي صورت، ماڻهو بنيو موتي مورت ــ پٽڙي پاڻيءَ پاتي پورت، لک لحظي جنهن ۾ لاه ــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه. پرور ڏئي ٿو پٽ ۽ کير ــ تون ٿو پوڄين پير، فقير، ورهن کان جي گذريا وير ــــ ساهه نه آهي منجھ سرير، سي ڪئين وجھندا ٻئي ۾ ساه؟ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه. آئون ته ڏوهاري ڏٻرو ـــــ قادر! ڪريين منهن جو ڪم، داور! لاهين دل جو غم ــــ ”احمد“ کي، جي آخر دم، نعمت ڪلمون ڪج نيباه ـــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه. احمد ملاح لاڙ جي فطرت جهڙو شاعر، مولوي ۽ حاجي ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ سنڌ جي هن ناليواري عالم، شاعر حاجي احمد ملاح، ۱۱ فيبروري ۱۸۹۶ع تي روپا ماڙيءَ جي آمهون سامهون تعلقي بدين جي ڳوٺ ڪنڊو ۾ جنم ورتو، سندس والد نانگيو ملاح هڪ هاري هيو، ماءُ جو نالو سڀائي هئس، حاجي احمد ملاح جو والد سندس ڄمڻ کان پوءِ چند سالن ۾ وفات ڪري ويو، مال چارڻ جي ڪم کي ناپسند ڪندي هو يارهن سالن جي عمر ۾ ئي علم جي تحصيل لاءِ سرگردان ٿيو، پهريائين قرآن پاڪ حاجي عبدالله مينڌري واري وٽ پڙهيائين ۽ پوءِ مولوي محمد هاشم ڪڇي وٽ فارسيءَ جي تعليم ورتائين ۽ ان کان پوءِ نانگو شاهه جي مدرسن ۾ عربي، فارسيءَ ۽ سنڌيءَ کي پڙهيائين. احمد ملاح ننڍپڻ کان ئي شاعري شروع ڪئي جنهن ۾ اڳتي هلي مختلف مدرسن ۽ مڪتبن ۾ پڙهڻ ۽ عالمن ۽ شاعرن جي صحبت سان پختگي پيدا ٿيندي رهي، سندس شاعريءَ ۾ حياتيءَ جي جدوجهد، طبيعت جي بهادري، سچائي، ايمانداري، اخلاق ۽ مذهبي عقيدي جي مظبوطي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. هو هڪ بي ڊپو ۽ بهادر انسان هو سندس ننڍ پڻ مسڪينيءَ ۾ گذريو ته آخر تائين حياتي مشڪلن کي منهن ڏيندي گذري ته به طبع ۾ حليم ۽ خدا پاڪ تي توڪل رکندڙ هيو وڏي ڄمار حاصل ٿيس ۱۹ جولاءِ ۱۹۶۹ع تي وفات مهل ۹2 سالن جو هو، آخري ٻه سال ڪافي بيمار پڻ هو باقي هن سڄي حياتي صحتمند ڪٽي هئي، مدرسي مظهر العلوم ۾ پڙهائيندو هو ۽ پوءِ مدرسي انوار العلوم جو بنياد پڻ ۱۹32ع ۾ رکيائين هن سياست ۾ پڻ حصو ورتو تحريڪ خلاف ۾ پڻ حصو ورتائين سندس جو شيلي شاعريءَ انگريزن خلاف نفرت پڙڪائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. مولوي صاحب جي حياتيءَ جا ٻه دور اهم آهن هڪ ۱۹۷۷ع کان ۱۹۴۷ع تائين ۽ ٻيو ۱۹۴۷ع کان ۱۹۶۹ع تائين انگريز سرڪار جي دور جون حالتون پاڪستان هندوستان جو ٺهڻ ۽ ملڪي سياسي حالتون ۽ باغيانه خيال سندس شاعريءَ ۾ بلڪل چٽا پسجن پيا، کيس انگريز دور ۾ جيل نيو ويو ۽ قيد ۾ پڻ کيس ڪافي تڪليفون ڏنيون ويون. انگريزن جي خلاف سڄي هندوستان ۾ تحريڪون عمل ۾ آئيون، پير صاحب پاڳاري جو ڦاسي چڙهڻ، ڀڳت ڪنور رام ۽ الله بخش سومرو جو شهيد ٿيڻ ۽ حُرن جي جنگ ۽ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جون مارشلائون، ون يونٽ، بنگلاديش جدا ٿيڻ لاءِ تحريڪ ۽ ٻيون ڪيتريون قومي ۽ بين الاقوامي حالتون جن کان سندس شاعري متاثر ٿي، سي شاعريءَ ۾ واضح طور ڏسجن پيون. مولوي احمد ملاح جو شمار سنڌي ادب جي اهم شاعرن ۾ ٿيئي ٿو، هن بيشمار بيت، غزل، ڏوهيڙا، ڪافيون، وايون، مولود، مداحون ۽ مناجاتون چيا آهن، کيس فارسي، عربي، سرائيڪي ۽ سنڌي ٻوليءَ تي مهارت حاصل هئي، خاص طور فارسي شاعريءَ کان متاثر هيو ۽ عربي ادب جو وڏو مطالعو ڪيو هئائين. “نور القرآن”، قرآن پاڪ جو منظوم ترجمو سندس اهڙي ڪاوش آهي جنهن کي نه فقط هن صديءَ ۾ پر هميشه مڃتا ملندي رهندي اهو ترجمو سندس محنت ۽ علميت جو دليل ۽ وڏي ديني خدمت آهي، هن ترجمي معرفت مولوي صاحب نه فقط عربي زبان جي اکرن جو ترجمو ڪيو آهي پر قرآن پاڪ جي حڪمن ۽ هدايتن کي پر اثر انداز سان نظمي ويس ڍڪائي سنڌي ٻوليءَ ۾ اهم ترين ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي، هي ترجمو ڏهن سالن ۾ مڪمل ٿيو پنهنجي سوانح عمريءَ ۾ اهو هن ريت لکيو اٿن، پنجونجاهه کان پوءِ پيم پهه ترجمي سنڌيءَ سندو، عمر پوري پنجهٺ ۾ ترجمو ٿيڙو تمام. هيءُ قرآن پاڪ جو پهريون منظوم ترجمو آهي جو سنڌي ٻوليءَ ۾ بيت جي صورت ۾ آهي مولوي صاحب بيت جي صنف کي هن ترجمي لاءِ موزون سمجهيو ۽ سڄو مڪمل ترجمو بيت جي صورت ۾ ٿيوآهي، مولوي صاحب جا نثر ۽ نظم ۾ ڪيترائي ڪتاب آهن “معرفت الله”، “گلزار احمد”، “گلشن احمد”، “هيڪڙائي حق”، “فتح لنواري”، “شرڪ چٽ”، “بياض احمد”، “پيغام احمد”، “ديوان احمد”، “نور القرآن” ۽ ٻيا ڪتاب آهن سندن فن تي پڻ ڪيترن ئي عالمن ۽ اديبن ڪم ڪيو آهي جن ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، علامه قاسمي، شمشير الحيدري ۽ ٻيا آهن پروفيسر ڊاڪٽر عبدالله ملاح مولوي صاحب جي باري ۾ پي ايڇ ڊيءَ جو مقالو، “مولوي حاجي احمد ملاح جي شخصيت ۽ شاعري جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو” لکي سنڌيونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي، تاج جويو سندن جي باري ۾ “موحد شاعر: مولوي حاجي احمد ملاح” ڪتاب ترتيب ڏنو جيڪو ماڻڪ موتي تنظيم شايع ڪيو. هو توحيد جو مبلغ هيو، لنواري شريف ۾ خواجه محمد زمان جي درگاهه تي نقلي حج ٿيندڙ کي ختم ڪرڻ لاءِ هن بدعت خلاف جهاد ڪيو. احمد ملاح سنڌ جو هڪ بي نظير شاعر ۽ عالم هيو، سندس شاعري سنڌي سماج جي ثقافتي، تاريخي، سياسي، سماجي ۽ مذهبي قدرن جي ڄاڻ ڏئي ٿي، هن جو دور هڪ صديءَ تي محيط آهي ۽ سندس شاعريءَ ذريعي سنڌ جي پوريءَ هڪ صديءَ جي تاريخ جڙي ٿي ڪيترائي واقعاتي ۽ تاريخي شعر ملاح جي شاعريءَ ۾ ملن ٿا. احمد ملاح جي شاعري سندس اندر جي اُڌمن جو برجستو اظهار آهي هو فطررتاً حساس ۽ مٺيءَ دل وارو ماڻهو هو جنهن کي نه فقط مذهب ۾ ٻيا ئي ناپسند هئي پر حياتيءَ جي هر رويي ۾ سچائي، سادگي ۽ سٻاجهائي پسند هئي سندس شاعري لغت جو وڏو خزانو آهي وٽس لفظن جا اڻ ملهه انبار ۽ تجنيس حرفيءَ جا سهڻا ڪمال آهن، جيئن مثال طور، دم ڪو آهيون، خواب آهي يا خيال، هي بزرگيون بادشاهيون، خواب آهي يا خيال، خاڪ ٿيندا خاڪ ۾، خاقان توڻي خان سڀ، هي خوشيون هي نگاهيون، خواب آهي يا خيال، هي حڪم هي حڪمتون، هي حرف توڻي حرفتون، شغل شاديون شوق شاهيون، خواب آهي يا خيال. مولوي احمد ملاح قادر الڪلام شاعر هو، سندس شاعراڻين خوبين کيس اعليٰ مقام عطا ڪيو نظم جي تقريباً هر صنف تي طبع آزمائي ڪيائين ته نثر ۾ پڻ وڏو اهل قلم هو، سندس ڪلام فصاحت بلاغت ۽ روانيءَ سان ڀرپور آهي ۽ سنڌ ۾ ڪيترن ئي فنڪارن هن جي ڪلام کي ڳايو آهي. حُسن وارا ڪيئن هزارين منجهه هينين تون هيڪڙو، جاءِ بجاءِ گڏ جانءِ جاني جينين تون هيڪڙو. (احمد ملاح) مولانا حاجي احمد ملاح اشرف عبدالله ميمڻ سنڌ امن، سلامتي ۽ شانتي جي ڌرتي آهي. جنهن ڪيترن ئي صوفين، بزرگن، عالمن مفڪرن ۽ شاعرن کي جنم ڏئي ماتا جو ڪردار امن طريقي سان نڀاهيو آهي. سنڌڙي پنهنجن سپوتن ۽ محب وطن کي سچائي ۽ ساڃاهه جي ستي پيارڻ سان گڏوگڏ محبت، اخوت، ڀائپي ۽ همدردي جهڙن قيمتي اوصافن جو دامن مضبوطي سان پڪڙڻ جي هدايت ڏيڻ ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏي ۽ کين سنڌڙيءَ جا هڙئي لاڏلا سندس ماتا جي حڪم ۽ فرمان جي تابعداري ڪندي مشڪل پنڌ کي سوکو ۽ آسان بڻائي ويا آهن. انهن منجھان حاجي احمد ملاح به هڪ هو. جنهن ڪوڙ ڪپت، ٺڳي ۽ ڪٽپرڻي جهڙن موذي مرضن جون پاڙون پٽي، حق، سچ، علم ۽ ساڃاهه جي پوک پوکي. حاجي احمد ملاح لاڙ جي شهر بدين ۾ تڏهن اک کولي جڏهن جهالت جو جهان اڏيل هو سوين بلڪه هزارين ان نڀاڳ جي ٻيڙي تي سوار هئا. هن سماج جي ماڻهن اسلامي احڪامن جي وڏي هيراڦيري ڪئي ۽ بدعت پکيڙي حاجي احمد ملاح ته انهن سڀني ڳالهين جو ڪٽر ويري هو. بدعت جهالت جي ڪوڙن رواجن ۽ رسمن کي ٽوڙڻ ۽ وهمن توڙي وسوسن کان ماڻهن کي آجو ڪرڻ جي لاءِ مولانا صاحب پاڻ پتوڙيو. مولوي صاحب وڏو شاعر، متقي، پرهيزگار ۽ عالم هو. مولوي صاحب پنهنجي خطبي ۽ شاعري ذريعي ماڻهن جي دلين ۾ سجاگي جي لهر پيدا ڪئي. مولوي صاحب جو وڏو ڪارنامون سنڌي ٻولي ۾ منظوم قرآن شريف جو ترجمون آهي. مولوي صاحب پنهنجي سموري زندگي حق تعاليٰ جي وحدانيت جي پرچار ڪندي گذاري ۽ پنهنجي شاعري جي ذريعي ماڻهن ۾ خدا جي وحدانيت جو شعور ڏنو. مولوي صاحب جي هڪ مشهور شعر جو مصرع آهي ته: نه پالي ٿو پرور ته پالي ٿو ڪير، سنڀالي نه سو، پوءِ سنڀالي ٿو ڪير، کڻي پاٽ مان وجھي پيٽ ۾، نون نالين مان نڪالي ٿو ڪير. مولوي احمد ملاح سنڌ جو باڪمال عالم ۽ شاعر رکيل مورائي سنڌ ڌرتيءَ تي ڪائنات جو خالق مهربان آهي، ان ڪري ئي نه هن ذرتيءَ کي هڪ کان وڌيڪ اعزاز بخشا اٿائين. خاص طور هن ڌرتي کي هُن جيڪي اعزاز بخشا آهن، انهن مان سنڌ جا پهاڙ، سمنڊ، ٿر ۽ زرعي حصا اهڙا اعزاز آهن، جن سنڌ کي سدائين خوشحال رکيو آهي، ٻئي طرف سنڌ لاءِ ڀٽائي خود هڪ اعزاز آهي ۽ ان کانپوءِ سنڌ جون ڪيتريون علمي، ادبي ۽ ڏاهپ رکندڙ شخصيتون پڻ سنڌ لاءِ ڪنهن اعزاز کان گهٽ نه آهن. علمي ادبي حوالي ۾ قدرت ٿر سان جيڪي ڀال ڀلايا آهن، اهي ڪيترن نالن جي روپ ۾ ظاهر آهن، لاڙ سان جيڪا قدرت جي لنئون لڳل آهي، انهيءَ جو اندازو ان شخص مان لڳائي سگهجي ٿو جيڪو لاڙ جي لالڻن جي هڪ ڊگهي فهرست ۾ بنهه نرالو آهي، سندس آبرو نرالي آهي، سندس احترام نرالو آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه نرالو ان ڪري آهي ته هُن جو علمي ادبي ڪم نرالو آهي، انسانيت جي لاءِ قبول ڪيل ضابطه حيات ۽ مسلمانن جي مقدس ڪتاب قرآن پاڪ جو پهريون منظوم ترجمو ڪندڙ جهڙو اعليٰ اعزاز سنڌ جي لاڙ ڏانهن وڃي ٿو، جنهن اعزاز لاءِ شايد اسلامي دنيا جا ڪيترائي ملڪ سڪندا هجن، پر قدرت اهو اعزاز سنڌ کي بخشو ۽ ان اعزاز کي عربستان جي ڌڻين جنهن شان مان سان شايع ڪيو آهي، اهو پڻ هڪ اعزاز کان گهٽ نه آهي، جنهن اعزاز جو نالو آهي، ”نور القرآن“ جنهن جو منظوم ترجمو ڪيو آهي، اسان جي ڀلاري نالي واري شاعر عالم ۽ اديب مولوي احمد ملاح: احترام سان لکيو ويندڙ نالو مولوي احمد ملاح پنهنجي ذات ۾ هڪ باڪمال شاعر، مقرر علماءُ ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه، اڄ جي علمي ادبي ۽ شعوري دنيا واري سڌ ۾ ٽي شخص اهڙا رهيا آهن، جن جي سنڌ وٽ خاص جڳهه آهي، هڪ مولوي غلام رسول جتوئي، ”خطبهءِ رسولي“ جو خالق، هڪ محمد عثمان ڏيپلائي، ”نورِ توحيد“ جو خالق“ ۽ هڪ مولوي احمد ملاح، ”ديوان احمد“ جو خالق، اتر سنڌ مولوي غلام رسول جتوئيءَ تي فخر ڪندي، ٿر محمد ڏيپلائي تي فخر ڪندو ۽ ائين لاڙ پٽ مولوي احمد ملاح تي فخر ڪندو. مولوي احمد ملاح پنهنجي علمي ۽ شاعراڻي عظمت ته رکي ئي ٿو پر عملي طور هُن جيڪا سنڌ جي مذهبي، مسلڪي ۽ عقيدي وارين بدعتن خلاف جنگ ڪئي آهي، اها هڪ الڳ تاريخ جو حصو آهي، جن شخصن مولوي صاحب جو دور اکين سان ڏٺو اُهي اهڙي شاهدي ڏئي سگهن ٿا ۽ جن سندس دور نه ڏٺو، اُهي هُن جي شاعري پڙهي اندازو لڳائي سگهندا ته مولوي احمد ڪهڙي علمي ۽ ادبي حيثيت جو مالڪ آهي. لاڙ پٽ جي علمي ادبي ماحول تي جيڪو مولوي احمد ملاح جو اثر آهي، اهو اڄ جا جديد دور جا لکندڙ به لنوائي نه سگهندا، اڄ جي لاڙ پٽ جي ليکڪن وٽ جيڪو لاڙ جو حُسن آهي ۽ جيڪو لاڙ جي ٻوليءَ ۽ ثقافت جو حسن آهي، ان ۾ گهڻو حصو مولوي احمد ملاح جو آهي، مولوي صاحب جي غزلن جا جيتوڻيڪ ننڍا ننڍا مجموعا ته شايع ٿيل آهن، پر ڏهاڪو کن سال اڳ محترم عبدالغفور ”عابد“ صاحب جي ڪوششن سان ”ديوان احمد“ پڻ شايع ٿيو هو، جيڪو چڱو ئي ضخيم ڪتاب هو، جنهن ۾ مولوي صاحب جا غزل شامل هُئا ۽ انهن غزلن ۾ جيڪا لاڙ جي ثقافتي سونهن هُئي اها پنهنجو مثال پاڻ آهي، ائين به آهي ته مولوي صاحب جو چڱو چوکو شعر نا صحانه پڻ آهي، پر هو اول آخر هڪ مڪمل شاعر آهي، ان ۾ ٻه ڳالهيون نه آهن ۽ ساڳئي وقت اهو به آهي ته مولوي احمد ملاح جي غزل ۾ جيڪو به ڪجهه آهي، اُهو سڀ سندس تخليقي اُپت آهي، هُن وٽ ٻوليءَ جو رچاءُ پنهنجو آهي، تشبيهون پنهنجون آهن، تمثيلون پنهنجون آهن، اشارا قنايا پنهنجا آهن، رديف قافعا پنهنجا آهن، لسانياتي ۽ ثقافتي سونهن پنهنجي آهي، ۽ اهم ڳالهه ته چوڻ جو ڍنگ پنهنجو آهي، هڪ مڪمل شاعر لاءِ ايترو ڪجهه هجڻ ڪافي آهي. مولوي احمد ملاح هڪ شاعر سان گڏ هڪ مبلغ آهي، هڪ مذهبي عالم به آهي، ڇاڪاڻ ته اهو سندس شعوري پاسو آهي، جنهن ڪري هُن پنهنجي شاعريءَ کان تبليغ جو ڪم به ڀرپور نموني ورتو آهي، جنهن ۾ هو مڪمل ڪامياب ويو آهي، پر اهو به سچ آهي، هُن جڏهن شاعري کان تبليغ جو ڪم ورتو آهي، تڏهن به وٽيس شاعري موجود رهي آهي، جديد تنقيد ۾ تمام گهڻو وقت هڪ جملو استعمال ٿيندو رهندو هُئو ته ”بهترين فن ذريعي بهترين پروپيگنڊا، بهترين ادب آهي“ مولوي صاحب مٿئين جملي تي بنهه پورو لهي ٿو. جيڪا هر لکندڙ جي وس جي ڳالهه نه آهي ۽ جڏهن اهو شاعر هجي ته ڳالهه اڃا به ڏکي ٿيو پوي بھرحال مولوي احمد ملاح ويهين صديءَ جي شروع ۾ يعني ۱۹۰۰ع ۾ پيدا ٿيو هن زندگي جا اٺهتر سال ڄمار ماڻي ۱۹۶۹ع ۾ وفات ڪئي. تازو ئي مولوي احمد ملاح جهڙي عالي شاعر ۽ عالم جي سڀ شاعري گڏي هڪ ڪليات ۾ آندي وئي آهي ۽ اها ايتري گهڻي آهي جو ڪليات جا ٻه جلد جوڙيا ويا آهن، ٻنهي جلدن ۾ دبل ڪلائون سائيز جا هڪ هزار ٻه سئو ٻاهتر صفحا آهن، هي محنت ۽ محبت وارو ڪم احترام لائق پروفيسر ضرار رستماڻي صاحب ڪيو آهي، جنهن لاءِ هو گهڻو جس لهڻي جو هُن صاحب هڪ ڪامل شاعر جو سمورو ڪلام گڏ ڪيو آهي ۽ ان کي ٻن جلدن جي ڪليات ۾ هڪ وڏي خرچ سان شايع ڪيو آهي، ائين ڪري هُن صاحب سنڌي پڙهندڙن کي هڪ اعليٰ شاعر ۽ عالم هڪ هنڌ گڏ ڪري ڏنو آهي، جيڪو مڪمل طرح پڙهڻ لاءِ شايد ڪنهن به پڙهندڙ لاءِ ڏکيو ٿئي ها! مولوي صاحب ڀلي لاڙ پٽ جو شاعر هُئو ۽ اتي ئي هوسڄي ڄمار لکندو ۽ پڙهندو رهيو پر هڪ شاعر طور سنڌ جو شاعر آهي ۽ سموري سنڌ ۾ احترام ۽ پيار سان پڙهيو وڃي ٿو، ڀلي مذهبي شدت پسندي ڪري سنڌ جو نوجوان ان بيزاريءَ جو شڪار رهيو هُجي پر مولوي احمد ملاح جي شاعراڻي عظمت کان هو ڪڏهن به انڪاري نه رهيو آهي ۽ هاڻ جڏهن سندس سموري شاعري اڄ جو نوجوان ڌيان سان پڙهندو ته يقينن هو، ڏانهُس وڌيڪ ڌيان ڏيندو. اهڙي پڪ آهي، ٻن جلدن جو هي اعليٰ شاعريءَ جو ڪليات منهنجي دوست ۽ نامياري صحافي فيض کوسي مون ڏانهن تحفي طور موڪليو آهي. مان سندس احسان مڃيندي دل ۾ بيحد خوش آهيان ته هُن مون ڏانهن هڪ املهه ڪتاب موڪليو آهي جيڪو اڄ جي لکندڙن کي ضرور پڙهڻ گهرجي ٻيءَ صورت ۾ هُو هڪ شاعراڻي ڪليات کان محروم رهجي ويندا. جيڪي سندس علم ۾ هڪ سدائين رهجي ويندڙ ڪمي هوندي ۽ بس! احمد ملاح مولوي سنڌ جي بيمثال ۽ عوامي شاعر، مولوي حاجي احمد ملاح، تعلقي بدين جي هڪ ڳوٺ ”ڪنڊيءَ“ ۾ پهرين فيبروري ۱۸۷۷ع تي جنم ورتو. سندس والد جو نالو ”نانگيو“ هو. هن شروعاتي تعليم، ڀڳڙا ميمڻ، ٻهڊميءَ، نانگي شاهه ۽ سجاول جي مڪتبن ۽ مدرسن مان حاصل ڪئي. بعد ۾ ”رپ“ مان تعليم مُڪمل ڪري دستاربندي ڪيائين. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ هن مختلف مڪتبن ۽ مدرسن ۾ درس ۽ تدريس جا فرض سرانجام ڏنا. نورمحمد منڌري، لاکي پير، ٻهڊميءَ ۽ ڪنڊيءَ جي مدرسن ۾ پڙهائيندو رهيو. ان کان پوءِ بدين جي مدرسي ”مظهر العلوم“ ۾ معلم جي حيثيت سان پڙهائيندو رهيو. سال ۱۹۳۲ع ڌاري مذهبي فرقيواريت ۽ فسادن جي ڪري مدرسي کي خيرآباد چئي بدين جي هڪ علائقي ۾ گهر اڏي، غريب آباد محلو جوڙيائين. اتي ئي هڪ مدرسو ”انوار العلوم“ قائم ڪري، سنڌ جي ناليوارن عالمن، مولانا عبدالوهاب، مولانا عبدالغفور سيتائي، مولوي محمود ۽ مولوي گل محمد کي معلم طور مقرر ڪيائين. مولانا صاحب هڪ انقلابي شخصيت هو، جنهن خلافت تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. ۱۹۲۲ع ۾ گرفتار ٿيو ۽ ۴ مهينا جيل ڪاٽيائين. ”جميعت علماءِ سنڌ“ ۾ پڻ سرگرم رهيو. مولوي حاجي احمد ملاح جو سنڌ جي وڏن ۽ اعليٰ پايي جي شاعرن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. سندس شاعريءَ جو انداز عوامي آهي، جنهن کي جهر جهنگ ۾ ڳايو وڃي ٿو. سندس شاعريءَ جو وڏو حصو، مذهبي شاعريءَ تي ٻڌل آهي. تنهن هوندي به سندس شاعريءَ ۾ مزاحيه، جمالياتي ۽ انقلابي پهلو نمايان آهن. هيءُ تجنيسِ حرفيءَ جو شهنشاهه ۽ غزل جو سٺو شاعر تسليم ڪيو وڃي ٿو. سندس علمي ڪارنامو، قرآن مجيد جو ”نورالقرآن“ جي نالي سان سنڌي بيتن ۾ منظوم ترجمو ڪرڻ آهي. بلاشڪ سندس انهيءَ عظيم ڪم سان سنڌي ٻوليءَ کي وڏو مقام حاصل ٿيو آهي. قرآن مجيد جو سڄي دنيا ۾ اهو پهريون منظوم ترجمو آهي. اُن جو پهريون ڇاپو ارباب الله جُڙئي مولانا صاحب جي زندگيءَ ۾ (۱۹۶۹ع ڌاري) ڇپائي پڌرو ڪيو. اُن ترجمي جو ٻيو ڇاپو مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد ۱۹۷۸ع ۾ ڇپائي منظر عام تي آندو. ان ۾ علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جو مقدمو اعليٰ معيار جو شاهڪار آهي. هن قرآن پاڪ جي ترجمي جي اهميت کي محسوس ڪندي، ڪجهه سال اڳ، اهو سعودي عرب جي سرڪار پاران ڇپائي مفت تقسيم ڪيو ويو. ان جي ڇپائي ۽ گيٽ اپ، تمام سهڻو ۽ اعليٰ درجي جو آهي. سندس شاعريءَ جي مجموعن مان ”ديوانِ احمد“، ”گلشنِ احمد“، ”گلزارِ احمد“، ”بياضِ احمد“، ”هيڪڙائي حق“، ”پيغام احمد“ ۽ ”غزليات احمد“ ڇپيل آهن. نثر ۾ هڪ ڪتاب ”معرفة الا اللہ“ پڻ ڇپيل اٿس. سندس شخصيت، زندگي ۽ علمي خدمتن تي تاج جويي ”موحد شاعر مولانا حاجي احمد ملاح“ (۲۰۰۳ع) ترتيب ڏئي ڇپايو آهي. سنڌ جي هن بيمثال شاعر ۱۹ جولاءِ ۱۹۶۹ع تي وفات ڪئي. سندس مزار بدين شهر ۾، معصومن جي مقام ۾ آهي. سندس هڪ ئي تصوير موجود هئي، نوجوان مصور حفيظ قريشيءَ ان تان خوبصورت تصوير پينٽ ڪئي آهي، جيڪا هن وقت مولانا صاحب جي واحد تصوير آهي. حاجي احمد ملاح سنڌ دوست انسان عبدالمجيد ملاح الله تعاليٰ انسان ذات جي رهنمائي جي لاءِ هڪ لک ۲۴ هزار جي لڳ ڀڳ پيغمبر موڪليا جنن انسانن تائين الله جي وحدانيت جو پيغام پهچايو ۽ آخر ۾ پنهنجي پياري رسول حضرت محمد ﷺتي پاڪ ڪتاب قرآن مجيد نازل ڪري ان کي قيامت تائين جي ماڻهن لاءِ هدايت ۽ رهنمائي جو سرچشمو بنايو. نبوت ۽ رسالت جي سلسلي ختم ٿيڻ کان پوءِ اسلام جي تعليم کي عام ڪرڻ ۽ پکيڙڻ جو فريضو هن امت جي علماءِ ڪرامن ۽ نيڪ انسانن تي عائد ٿئي ٿو. اصحاب سڳورن، محدثين ۽ وقت به وقت علماءِ ڪرامن الله جي دين جي تعليم ۽ توحيد جي دعوت پکيڙڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا پئي ڪيو آهي. اهڙن ئي نيڪ انسانن جي صف مان هڪ نالو مولانا حاجي احمد ملاح رحه جو به آهي جنهن الله تعاليٰ جي آخري ڪتاب قرآن مجيد جو سنڌي ٻولي ۾ منظوم ترجمو ڪيو جيڪو اعزاز سنڌي ٻولي کان سواءِ ٻي ڪنهن به ٻولي کي حاصل نه ٿيو آهي. سنڌي ٻولي ۾ منظوم قرآن مجيد جو اهو ترجمو جيڪو ”نورالقرآن“ جي نالي سان سعودي حڪومت پاران ڇپائي وڏي تعداد ۾ منظرعام تي آندو ويو. اهو اڄ به پوري دنيا جي مسلم لائبريرين ۾ موجود آهي جڏهن ته انهي کان اڳ اهو ترجمو شايع ڪرڻ جو اعزاز مولوي صاحب جي ساٿي ۽ رفيق ارباب الهجڙيو کي حاصل ٿيو جنهن کان پوءِ دائود فائونڊيشن ڪراچي، مهراڻ آرٽ ڪائونسل حيدرآباد پاران پڻ شايع ڪيو ويو. مولوي احمد ملاح جيڪو بدين تعلقي جي قديم ۽ تاريخي ماڳ روپا ماڙي، شهيد دودو سومرو جي اوڀر طرف ٻه ڪلوميٽر مفاصلي تي موجود ديهه لوهڻ جي ڳوٺ ڪنڊو ۾ جنم ورتو. اهو ڳوٺ ڪنڊو جي نالي سان انهي ڪري مشهور ٿيو جو اتي جي زمين وارياسي هئي اتي ڪنڊيون ۽ ڪرڙ تمام گھڻا ٿيندا هئا ۽ اتي ڪنڊي جيڪا وڌي وڏو وڻ ٿي جنهن جي مناسبت سان اهو ڳوٺ ”ڪنڊو“ جي نالي سان سڏجڻ لڳو. مولانا حاجي احمد ملاح کي پڙهڻ جو شوق جاڳيو هڪ ڏينهن صبح جو مال چارڻ لاءِ جهنگ ۾ ويو اتي ڍور جهنگ ۾ ڇڏي پاڻ ٻهڍمي جي هڪ مڪتب ۾ پڙهڻ هليو ويو. جنهن کان پوءِ ڀڳڙا ميمڻ ۽ سجاول جي مدرسن ۾ عربي، فارسي جو علم حاصل ڪري مڪمل عالم ٿي دستاربندي جي پڳ ٻڌي جيڪا ان وقت تعلقي بدين جي ڳوٺ رپ لڳ گھڙو ۾ مشهور عالم دين مولانا خير محمد مگسي ”خضري“ هٿان دستاربندي ٿي. ديني علم حاصل ڪرڻ کان پوءِ واپس پنهنجي ڳوٺ اچي ڪجهه عرصو اتي ئي رهيو جنهن کان پوءِ ديني فريضي يعني دين جي تبليغ جي ڪم ۾ لڳي ويا. شاعري جو کيس ننڍي هوندي ئي شوق هو. هن سماج اندر پکڙيل مختلف سماجي براين شرڪ بدعت جهڙن رسمن خلاف پنهنجي شاعري ذريعي جهاد ڪيو ۽ انهن جو رد ڪري الله جي توحيد وحدانيت ۽ سنت جو پيغام ماڻهن تائين پهچايو. سندس شاعري ماڻهن ۾ سٺي مقبوليت حاصل ڪئي. پاڻ هڪ مدرسو مظهرالعلوم نالي سان بدين شهر ۾ ميرواهه جي ڪپ تي قائم ڪيو. انهي مدرسي جي مقبوليت ۽ ڪاميابي سبب حاسد ۽ پيٽوڙي ملن کي ڏکي لڳي ۽ انهن مولوين جي مقبوليت گھٽجڻ لڳي ۽ انهن پاران اهو چيو ويو ته مولوي احمد ملاح وهابي ٿي ويو آهي. مولوين جي اهڙي روش جي ڪري مولوي احمد ملاح دين جي تبليغ ۽ الله سائين جي خالص توحيد جي پرچارڪ ڪرڻ کان باز نه آيو جنهن جي ڪري سڀني مولوين گڏجي کيس سندس ۱۳ ساٿين سميت وهابي هئڻ جو چئي مدرسي مظهر العلوم کي ڇڏڻ تي مجبور ڪيو. مولوي صاحب کي رب تعاليٰ جي نصرت حاصل ٿي جنهن کي بدين شهر جي قاضيه واهه ڪپ تي ان وقت سنڌ جي وزير اعليٰ مير غلام علي ٽالپر دوستي جو هٿ وڌائيندي مدرسي مسجد ۽ رهائش لاءِ زمين منظور ڪري ڏني انهي تي دوستن جي تعاون ۽ الله تعاليٰ جي مدد ۽ تائيد سان هڪ مدرسو انوارالعلوم نالي سان ٺهرايو ۽ مسجد ٺهرائي ۽ مولوي جي رهائش سان گڏ اتي ٻيا به گهر آباد ٿيڻ لڳا ۽ انهي علائقي جو نالو غريب آباد رکيو ويو. انهي سان گڏ مولوي صاحب معاشري ۾ موجود بدعت ۽ شرڪ جي خلاف پڻ باقاعده جهاد شروع ڪري ڏنو. جنهن جي ڪري هڪ طرف ڪيتريون ئي پيراڻيون گاديون ويران ٿيڻ لڳيون ماڻهو شرڪ جي دلدل مان نڪري توحيد جي نور سان منور ٿيڻ لڳا ۽ مولوي صاحب جو ساٿ ڏيڻ لڳا جنهن ۾ ابڙا، بوهڙ، گھراڻا، پنائي سيد، مير خاندان، وهڻائي خاندان ۽ ٻيون برادريون شامل آهن. مولوي صاحب جي شاعري ۽ توحيد پرست عالم هئڻ جي ڪري علائقي ۾ وڏي سياسي پذيرائي پڻ حاصل ٿي سندس علم ۽ شاعري سبب ڪافي ماڻهو فيض حاصل ڪيو جنن ۾ مير غلام علي ٽالپر، شهيد الله بخش سومرو، مير علي احمد ٽالپر، مير رسول بخش ٽالپر، ارباب خانصاحب توڳاچي، ارباب الهجڙيو، مير بنده علي خان ٽالپر، مير غلام محمد خان ٽالپر، بلالاڻي فقير، مير الله بچايو خان ٽالپر، مير ملڪ محمد خان ٽالپر، ڪليڪٽر مسيح الزمان، بئريسٽر خالد اسحاق کان علاوه مقامي طور تي ارباب جمعون ابڙو، رئيس نورمحمد بوهڙ، سيد عبدالله شاهه، سيد شاهن شاهه، محمد اشرف ٿيٻو، جانڻ لوهار، پير حاجي حسن بخش، ڊاڪٽر نذير حسين حيدري، حاجي حسين ملاح، بچل ٽڪورو، وڏيرو ڪمال الدين مينڌرو، رئيس پوڙهو خان ڀرڳڙي، رئيس نبي بخش ڀرڳڙي، سيد مقبول شاهه آف وهڻائي، وڏيرو قابل جوکيو، مير نورحسن ٽالپر، رئيس عبدالرحمان جروار، مير صاحب خان ٽالپر، مير ولي محمد خان ٽالپر، ارباب نورمحمد راهمون سندس دوستي ۾ آيا. جڏهن ته علماءِ ڪرامن ۾ مولوي عبدالرحيم پڇمي، مولانا محمد صادق کڏي وارو، مولانا دين محمد وفائي، مولوي محمد عمر جوڻيجو، مولانا عبدالغفور سيتائي، مولوي عبدالرحيم جنائي، مولوي خير محمد نظاماڻي، مولوي گل محمد خاصخيلي، مولوي عبدالله جوڻيجو، مولوي عبدالوهاب لنڊ، حاجي حسين گوپانگ، مولوي محمد هارون چنه، مولوي عبدالڪريم سمون، مولوي احمد پنهور، مولوي عبدالحق رباني، مولوي علي محمد مهيري، حاجي شير محمد ٽالپر، مولوي علي محمد سنهڙي وارو، مولوي محمد اسماعيل لغاري مسڻ وڏي، پير احسان الله شاهه راشدي جھنڊي وارو، مولانا حمادالله، مولانا سلطان احمد رتيديرو ۽ مولانا غلام الله راولپنڊي وارو ۽ ٻيا علماءِ ڪرام سندس دوستي ۾ رهيا. مولانا حاجي احمد ملاح وڏو شاعر هئڻ ڪري سندس شاعري جا ڪيترائي ڪتاب آهن جيڪي سندس دوست ساٿي مولوي عبدالله جوڻيجو جن ڇپائي منظر عام تي آندا جنهن ۾ ديوان احمد، گلزار احمد، هيڪڙائي حق، بياض احمد، گلشن احمد، غزليات احمد، فتح لواري ۽ نثر ۾ معرفت الله شامل آهن ۽ ڪليات احمد جيڪو هن وقت تازو پروفيسر ضرار رستماڻي ٽن واليم ۾ ڇپرايو آهي. انهن سڀني شاعري جي ڪتابن جا ڪيترائي ايڊيشن ڇپجي منظر عام تي اچي چڪا آهن. مولوي صاحب جو وڏي ۾ وڏو ڪارنامون قرآن مجيد جو منظوم ترجمو نورالقرآن آهي ۽ ٻيو ڪارنامون لواري ۾ ٿيندڙ مصنوعي حج کي بند ڪرائڻ آهي. هن عظيم انسان پنهنجي سموري زندگي الله جي دين جي پرچار ۽ توحيد جي سر بلندي لاءِ وقف ڪري ڇڏي. مولوي احمد ملاح کي شاعري ۾ حرف تجنيس جو بادشاهه شاعر ڪري سڏيو وڃي ٿو. سندس ڪلام ۽ شاعري کي سنڌ جي وڏن فنڪارن پڻ ڳايو آهي جن ۾ استاد عثمان ڪڇي، استاد مٺو ڪڇي. عابده پروين، مصري ڏيپلائي، حسن ڪڇي، حافظ لقمان عالماڻي، حيدر کوسو، اسحاق ڪارو، ٻڍو فقير، سميت ٻين فنڪارن ڳايو آهي ۽ هن وقت به استاد الهڏنو جوڻيجو، ڪريم ڪڇي ۽ ٻيا فنڪار مولوي حاجي احمد ملاح جي شاعري کي بهترين انداز ۾ ڳاين ٿا. جڏهن ته ديني مجلسن ۾ حاجي غازي ڪنڀار، حافظ الهڏنو ملاح ۽ جان محمد راڄو مولوي ملاح جي شاعري پڻ چوندا رهيا آهن. مولوي احمد ملاح رح جي شاعري کان جيڪي متاثر ٿيا ۽ کيس پنهنجو استاد مڃيو انهن ۾ ابراهيم منشي، سرويچ سجاولي، عبدالمبين پنائي، حاجي محمد حاڪم ٽالپر ۽ ٻيا شامل آهن جنن جي شاعري ۾ مولانا احمد ملاح جي شاعري جو اثر پسي سگھجي ٿو. موجوده وقت ۾ جيڪي شاعر آهن انهن ۾ حافظ محمد نظاماڻي، حافظ خليل کوسو مولوي حاجي احمد ملاح رح جي شاعري کي دلي طور تي پڙهن ٿا ۽ بهتر سمجهي ان جي شاعري سان محبت ڪن ٿا ۽ شاعري جي ڪنهن به محفل ۾ مولوي صاحب جي شاعري جو ذڪر ڪرڻ فرض سمجھن ٿا. انهي کان علاوه بدين جي علمي شخصيت سائين محمد صديق مرهم ملاح کي مولوي صاحب جي شاعري جو حافظ ڪوٺيو وڃي ٿو. مولوي صاحب جي شاعري کي سهڻن اکرن ۾ لکندڙ ڪاتبن ۾ حافظ نعت الله هاليپوٽو، عبدالمجيد ابڙو، ماستر الهجڙيو ملاح، مولوي عبدالله جوڻيجو، ماستر الله ورايو عمراڻي شامل آهن. مولوي صاحب جي ڪيل علمي ادبي خدمتن ۽ شاعري کي عام ڪرڻ جي لاءِ هڪ ادارو ”مولوي حاجي احمد ملاح اڪيڊمي“ طور قائم ڪيل آهي جنهن تحت ڪتابي اشاعت جو سلسلو جاري آهي. مولوي صاحب پنهنجي سڄي زندگي الله جي دين جي لاءِ وقف ڪندي هن علائقي ۾ توحيد رباني جو علم بلند ڪندي ۹۰ سالن جي ڄمار ۾ ۱۹ جولاءِ ۱۹۶۹ بروز ڇنڇر جي ڏينهن منجھند ۳:۳۰ منٽن تي هن جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو سندس جنازي ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. سندس آخري آرام گاهه ڪينٽ روڊ بدين ۾ موجود معصومن جي قبرستان ۾ آهي. احمد ملاح مولوي آصف جمال سومرو سنڌ جي بيمثال ۽ عوامي شاعر، مولوي حاجي احمد ملاح، تعلقي بدين جي هڪ ڳوٺ “ڪنڊيءَ” ۾ پهرين فيبروري ۱۸۷۷ع تي جنم ورتو. سندس والد جو نالو “نانگيو” هو. هن شروعاتي تعليم، ڀڳڙا ميمڻ، ٻهڊميءَ، نانگي شاھ ۽ سجاول جي مڪتبن ۽ مدرسن مان حاصل ڪئي. بعد ۾ “رپ” مان تعليم مُڪمل ڪري دستاربندي ڪيائين. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ هن مختلف مڪتبن ۽ مدرسن ۾ درس ۽ تدريس جا فرض سرانجام ڏنا. نورمحمد منڌري، لاکي پير، ٻهڊميءَ ۽ ڪنڊيءَ جي مدرسن ۾ پڙهائيندو رهيو. ان کان پوءِ بدين جي مدرسي “مظهرالعلوم” ۾ معلم جي حيثيت سان پڙهائيندو رهيو. ۱۹۳۲ع ڌاري مذهبي فرقيواريت ۽ فسادن جي ڪري مدرسي کي خيرآباد چئي بدين جي هڪ علائقي ۾ گهر اڏي، غريب آباد محلو جوڙيائين، اتي ئي هڪ مدرسو “انوارالعلوم” قائم ڪري، سنڌ جي ناليوارن عالمن، مولانا عبدالوهاب، مولانا عبدالغفور سيتائي، مولوي محمود ۽ مولوي گل محمد کي معلم طور مقرر ڪيائين. مولانا صاحب هڪ انقلابي شخصيت هو، جنهن خلافت تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. ۱۹۲۲ع ۾ گرفتار ٿيو ۽ ۴ مهينا جيل ڪاٽيائين. “جميعت علماءِ سنڌ” ۾ پڻ سرگرم رهيو. مولوي حاجي احمد ملاح سنڌ جي وڏن ۽ اعليٰ پايي جي شاعرن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. سندس شاعريءَ جو انداز عوامي آهي، جنهن کي جهر جهنگ ۾ ڳايو وڃي ٿو. سندس شاعريءَ جو وڏو حصو، مذهبي شاعريءَ تي ٻڌل آهي، تنهن هوندي به سندس شاعريءَ ۾ مزاحيه، جمالياتي ۽ انقلابي پهلو نمايان آهن. هيءُ تجنيسِ حرفيءَ جو شهنشاھ ۽ غزل جو سٺو شاعر تسليم ڪيو وڃي ٿو. سندس عالمي ڪارنامو، قرآن مجيد جو “نورالقرآن” جي نالي سان سنڌي بيتن ۾ منظوم ترجمو ڪرڻ آهي، بلاشڪ سندس انهيءَ عظيم ڪم سان سنڌي ٻوليءَ کي وڏو مقام حاصل ٿيو آهي. قرآن مجيد جو سڄي دنيا ۾ اهو پهريون منظوم ترجمو آهي. اُن جو پهريون ڇاپو ارباب الله جُڙئي مولانا صاحب جي زندگيءَ ۾ (۱۹۶۹ع ڌاري) ڇپائي پڌرو ڪيو. اُن ترجمي جو ٻيو ڇاپو مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد ۱۹۷۸ع ۾ ڇپائي منظر عام تي آندو، ان ۾ علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جو مقدمو اعليٰ معيار جو شاهڪار آهي. هن قرآن پاڪ جي ترجمي جي اهميت کي محسوس ڪندي ڪجھ سال اڳ اهو سعودي عرب جي سرڪار پاران ڇپائي مفت تقسيم ڪيو ويو، ان جي ڇپائي ۽ گيٽ اپ تمام سهڻو ۽ اعليٰ درجي جو آهي. سندس شاعريءَ جي مجموعن مان “ديوانِ احمد”، “گلشنِ احمد”، “گلزارِ احمد”، “بياضِ احمد”، “هيڪڙائي حق”، “پيغام احمد” ۽ “غزليات احمد” ڇپيل آهن. نثر ۾ هڪ ڪتاب “معرفة الاالله” پڻ ڇپيل اٿس. سندس شخصيت، زندگي ۽ علمي خدمتن تي تاج جويي “موحد شاعر مولانا حاجي احمد ملاح” (۲۰۰۳ع) ترتيب ڏئي ڇپايو آهي. سنڌ جي هن بيمثال شاعر ۱۹ جولاءِ ۱۹۶۹ع تي وفات ڪئي. سندس مزار بدين شهر ۾، معصومن جي مقام ۾ آهي. سندس هڪ ئي تصوير موجود هئي، نوجوان مصور حفيظ قريشيءَ ان تان خوبصورت تصوير پينٽ ڪئي آهي، جيڪا هن وقت مولانا صاحب جي واحد تصوير آهي. سندس زندگي جي مشن کي موجود وقت ۾ پروفيسر ضرار رستماڻي پورو ڪري رهيو آهي. پروفيسر صاحب سندس ڪلام کي ن رڳو سانڍي ڇپرائي پيو بلڪي جيڪي واڌايون انجي ڪلام ۾ ڪيو ويون آهن انهن کي ب درست ڪري پيو. ملوي احمد ملاح صاحب جي زندگي جي بهترين نموني موجود وقت ۾ انسائيڪلوپيڊيا پروفيسر ضرار رستماڻي صاحب آهي. قوم جي بي حسي چئبي يا پنهنجن کي نوازڻ پر جيڪو ڪم ملوي احمد ملاح ڪري ويو آهي سنڌي ٻولي جي واڌءُ لاءِ اهيو ن ڪنهن شاعر اڄ ڏينهن تائين ڪيو آهي ن ڪنهن ٻئي شخص پر سندس ڪلام کي سرڪاري سطح تي ڪا ب موٽ ڪون ملي آهي. حاجي احمد ملاح ھيڪڙائي حق جو وڏي۾ وڏو مبلغ محمد موسيٰ جوکيو حاجي احمد ملاح گھڻ رُخي شخصيت جو مالڪ هو. سندن شخصيت تي لکڻ لاءِ اسان کي تاريخ جي ورق گرداني ڪرڻي پوندي، جيئن اسان کي پروڙ پوي ته انهن ماڻهن ڪهڙن مشڪل ترين دورن ۾ حق ۽ سچ جي پرچار ڪئي. قدرت جي سڀني نعمتن سان مالا مال آهي. انهي ڪري هن ڌرتي جا رهواسي سدائين خوشحال ماڻهو ۽ سدا سٻاجهڙا رهيا آهن. انهن تي هميشه دنيا جي حريص، مڪار، فريبي ماڻهن جون غاصبانا نظرون هونديون آهن. موهن جي دڙي جي وقت کان اڄ ڏينهن تائين سنڌ جا ماڻهو اهي پيڙاهون ڀوڳيندا رهيا آهن. دنيا جو مشهور سياح، البيروني، جنهن سڄي دنيا جو سير وسفر ڪيو آهي. انهي پنهنجي مشهور سفرنامي ۾ لکيو آهي ته؛ “سڄي دنيا ۾ واحد سنڌ ملڪ آهي. جتي مسافرن کي ماني اجهو مفت مهيا ٿئي ٿو. ” البيروني اڳتي لکي ٿو ته؛ “اهڙا ملڪ جنهن جا ماڻهو اهڙا فراخ دل هجن، اهي پنهنجو وجود برقرار رکي نه سگهندا آهن. هميشه سازشن مڪارين، ٺڳين ۽ منافقين جو شڪار ٿيندا رهندا آهن”. مولوي حاجي احمد ملاح جو هڪ اهڙي مڪتبه فڪر سان واسطو هو. جنهن جو برصغير جي تاريخ ۾ اهم ڪردار رهيو آهي. اهو مڪتبه فڪر آهي” مظهردالعلوم ديوبند” جنگ آزادي جي تحريڪ ۾ مظهردالعلوم جي عالمن جو تمام وڏو حصو رهيو آهي. دارالعلوم جو ناظم حضرت مولانا حسين احمد مدني هندستان جي مسلمانن جي وڏي ۾ وڏي جماعت جمعيت العلماءِ هند جو صدر به رهيو آهي. هندستان ۾ آزادي جي حساب سان جيڪي مشهور تحريڪون هليون جن ۾ خلافت تحريڪ، ريشمي رومال واري تحريڪ ۽ ٻين تحريڪن ۾ جمعيت العلماءِ هند جي عالمن جو ڪليدي رول رهيو آهي. اسان جي سنڌ ۾ به مولانا عبيدالله سنڌي، مولانا محمد صادق کڏي وارا، مولانا عبدالحق رباني، مولانا شاھ محمد امروٽي ۽ حضرت مولانا حاجي احمد ملاح جو ڪردار تاريخ جو سونهري باب آهي. مولوي حاجي احمد ملاح صاحب انگريزن جي دور ۾ انهن تحريڪن جي عتاب ۾ جيل به ڪاٽيو. مولوي حاجي احمد ملاح جو جيڪو وڏي ۾ وڏو ڪارنامو آهي. اهو آهي شرڪ جي خلاف اعلان جنگ، وهم پرستي، قبر پرستي، نام نهاد پيري مريدي خلاف اعلان جهاد، مولوي صاحب سڄي زندگي انهي محاذ تي دليري سان وڙهيو. اهو اهڙو دور هو جڏهن پيري مريدي خلاف هڪ لفظ ڳالهائڻ به جرعت جو ڪم هو. پر مولوي صاحب پنهنجن مختصر ساٿين سان گڏجي پيري مريدي جي شيش محل کي پٿر هڻي ڀورڀور ڪري ڇڏيو. مولوي صاحب جي سّٿ جو هڪ ٻيو ساٿي محمد عثمان ڏيپلائي پيري مريدي کي هڪ مهلڪ مرض سمجهي انهي جي خلاف ڪتابي سلسلو شروع ڪيو. ڏيپلائي صاحب مرشد جي ڪن، نڪ کان وٺي هر عضوي تي ڪتاب لکيو، انهي کان علاوه پيري مريدي سان واسطو رکندڙ هر موضوع تي سون جي تعداد ۾ ڪتاب شايع ٿيل آهن. ڏيپلائي صاحب جي ڪتابن سنڌ ۾ تمام گهڻي سجاڳي آندي. مولوي صاحب جو ٻيو ساٿي جيڪا سنڌ ۾ نهايت قابلِ احترام شخصيت آهي. اهو هو مولانا عبدالحق رباني هو به پيري مريدي جي خلاف تمام گهڻو سرگرم رهيو. هن تي به مرشدن جي طرفان دڙڪا دهمان به ٿيا. پر هو ڪنهن جي به عتاب ۾ نه آيو ۽ سدائين سرخرو رهيو. مولوي احمد ملاح جيڪو جسماني طور ضعيف ۽ ڪمزور هوندو هو ۽ هن جي دوستن جو به محدود حلقو هوندو هو. پر تنهن هوندي به سڄي زندگي پنهنجي عظيم مقصد خاطر سدائين حالت جنگ ۾ رهيا. هن جو مخالف طبقو پيسي پرور، ماڻهن جي گهڻائي ۽ سرڪار جي سرپرستي هيٺ هو. پر مولوي صاحب حق ۽ سچ تي هو. ۽ هن جي اڳيان ڪابه وڏي رڪاوٽ جٽا ڪري نه سگهي. اڄ جي دور ۾ مولوي صاحب جو نظريو عام آهي. ۽ باطل نظريه رد ٿي چُڪا آهن. ڪو دور اهو به هو جو وهابي لفظ دشمن لاءِ للڪار هئي. ڪن لاءِ گار به هئي. ته وري ڪن لاءِ هڪ اعزاز هو. انهي وقت مولوي صاحب جي ماڙي وهابين جي درسگاھ ۽ اڪيلي مسجد هئي. اڄ جي دور ۾ مولوي صاحب جا معتقد ڪنهن وڏي گادي نشين جي مريدن کان گهڻائي ۾ آهن. اڳتي هلي گادي نشينن جا نشان رهن يا نه رهن. پر مولوي حاجي احمد ملاح جو نالو قيامت تائين زنده جاويد رهندو. مولوي احمد ملاح داڪٽر محمد علي محمدي اڄ سنڌي ٻوليءَ جي شاعر، عالم تجنيس حرفي جي بادشاہ مولوي احمد ملاح جي ۵۳ ھين ورسي آهي. ھن سنڌي زبان ۾ قرآن شريف جو منظوم ترجمو لکي ھڪ طرف عربي ٻوليءَ جي اونھي ادراڪ ۽ ٻي طرف سنڌي ٻوليءَ جي خزاني کي ڀريو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ مرحوم جڏهن سنڌي لغت جي پروجيڪٽ تي ڪم ڪري رهيو هو ته سندس چوڻ هو ته جيستائين مولوي صاحب جو قرآن شريف جو منظوم ترجمو منظر عام تي نٿو اچي تيستائين لغت اڌوري ھوندي. سندس ڪليات احمد به سنڌي ٻوليءَ جي شاعري ۾ ھڪ خاص مقام رکي ٿو. لاڙ پٽ جي ھن عظيم عالم جي شاعري تي ڪيترن ئي ڪم ڪيو آهي. انھن ۾ ضرار رستماڻي ۽ سائين ڊاڪٽر محمد اسماعيل ميمڻ جو نالو سر فهرست آهي. سوانح : سنڌ جي بيمثال ۽ عوامي شاعر، مولوي حاجي احمد ملاح، تعلقي بدين جي هڪ ڳوٺ ”ڪنڊيءَ“ ۾ پهرين فيبروري ۱۸۷۷ع تي جنم ورتو. سندس والد جو نالو ”نانگيو“ هو. هن شروعاتي تعليم، ڀڳڙا ميمڻ، ٻهڊميءَ، نانگي شاهه ۽ سجاول جي مڪتبن ۽ مدرسن مان حاصل ڪئي. بعد ۾ ”رپ“ مان تعليم مُڪمل ڪري دستاربندي ڪيائين. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ هن مختلف مڪتبن ۽ مدرسن ۾ درس ۽ تدريس جا فرض سرانجام ڏنا. نورمحمد منڌري، لاکي پير، ٻهڊميءَ ۽ ڪنڊيءَ جي مدرسن ۾ پڙهائيندو رهيو. ان کان پوءِ بدين جي مدرسي ”مظهرالعلوم“ ۾ معلم جي حيثيت سان پڙهائيندو رهيو. ۱۹۳۲ع ڌاري مذهبي فرقيواريت ۽ فسادن جي ڪري مدرسي کي خيرآباد چئي -بدين- جي هڪ علائقي ۾ گهر اڏي، غريب -آباد- محلو جوڙيائين، اتي ئي هڪ مدرسو ”انوارالعلوم“ قائم ڪري، سنڌ جي ناليوارن عالمن، مولانا عبدالوهاب، مولانا عبدالغفور سيتائي، مولوي محمود ۽ مولوي گل محمد کي معلم طور مقرر ڪيائين. مولانا صاحب هڪ انقلابي شخصيت هو، جنهن خلافت تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. ۱۹۲۲ع ۾ گرفتار ٿيو ۽ ۴ مهينا جيل ڪاٽيائين. ڪڇ جي عالم مولانا عبدالرحيم پچمي جو به شاگرد آهي. سندس وفات ۱۹ جولاءِ ۱۹۶۹ع تي بدين ۾ ٿي. سندس قرآن شريف جو منظوم ترجمو مختلف ادارن پاران ڇپجي چڪو آهي. انھن ۾ ھڪ نسخو سعودي عرب مان به ڇپيل آهي. سندس شاعري ۾ ايترو ته رس ۽ چس آهي جو لاڙپٽ ۾ ڪيترائي ڳائڻا ڳائين ٿا. افسوس جو سنڌ جو ثقافت کاتو ھن ڏس ۾ ھميشه ماٺ جا مڱ وات ۾ وجھيو پيو گھمي. (داڪٽر محمد علي محمدي پنوعاقلجي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۹ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي رکيل/کنيل)
ڊاڪٽر ايس ايم قريشي ضلع دادو ۾ واقع قديم تاريخي شهر ”بوبڪ“ هميشه کان علم و ادب جو مرڪز رهيو آهي. هن شهر ۾ رهندڙ سيد، قريشي، عباسي، ميمڻ، چنه، ڪمبوه برادري علم و ادب ۽ هنر ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئا. ڪافي اعليٰ عهدا ماڻيندڙ ڪامورا، استاد، اديب، ڊاڪٽر، حڪيم ۽ ناليوار فرد هن شهر سان واسطو رکن ٿا. نالو؛ شمس الدين قريشي. ڄم؛ بوبڪ تاريخ ۳ مئي ۱۹۳۶. ابتدائي تعليم؛ بوبڪ، دادو. بي اي (سول) ۱۹۵۹ اين اي دي ڪاليج آف انجنيئرنگ ڪراچي. ايم اي (اسٽرڪچرل انجنيئرنگ) ۱۹۶۵ بئنڪاڪ. پي ايڇ ڊي (اسٽرڪچرل انجنيئرنگ) ۱۹۷۱ يو ڪي. پاڻ مهراڻ ڪاليج هاڻي يونيورسٽي جا بنياد وجھندڙ (فائونڊر) ۽ وائيس چانسلر رهيا (۱۹۷۷_۱۹۸۷) ان کان علاوھ مختلف وقتن تي وٽن ھيٺيان عھدا پڻ ريا. 1. پرو وائس چانسلر مهراڻ يونورسٽي ڄام شورو ۽ نوابشاھ ڪيمپس. 2. چيئرمن يونيوسٽي گرانٽس ڪميشن. 3. چيئرمن پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل. 4. چيئرمن پاڪستان سائنس ڪائونسل. مختلف وقتن ۾ ..... مرڪز جي مختلف کاتن اندر پڻ سيڪريٽري رھيا. جھڙوڪ؛ 1. سيڪريٽري تعليم، 2. سيڪريٽري زڪوات عشر، 3. سيڪريٽري سائنس ٽيڪنولوجي پاڪستان، 4. ايڊمنسٽريٽر جنرل زڪوات عشر، 5. چيئرمن پاڪستان ڪائونسل فار سائنس ٽيڪنولوجي. 6. سيڪريٽري هائوسنگ پلاننگ پاڪستان 7. سيڪريٽري يوٿ افيئر پاڪستان .... ان کان علاوھ، مختلف تحقيقاتي ادارن، ملڪي ۽ غير ملڪي ۾، اعزازي ميمبرشپ پڻ ھين. ڊاڪٽر ايس ايم قريشي علي ڏنو جروار سنڌ سونهاري هر دور ۾ ڪيترا ئي ناليوارا ۽ مشهور عالم، فاضل، اديب، دانشور، شاعر ۽ ڏاها ماڻهو پيدا ڪيا آهن، جن مان پروفيسر ڊاڪٽر ايس ايم قريشي (شمس الدين قريشي) به هڪ آهي. پروفيسر ڊاڪٽر ايس ايم قريشي سومر ۱۸ فيبروري ۲۰۱۹ع تي ۸۳ سالن جي عمر ۾، اسان سنڌ واسين کان وڇڙي ويو. هو ۳ مئي ۱۹۳۶ع تي، دادو ضلعي جي هڪ علمي ۽ ادبي حيثيت رکندڙ شهر ۽ علائقي بوبڪ ۾ پيدا ٿيو. شروعاتي تعليم بوبڪ ۽ دادو مان حاصل ڪيائين، ان کانپوءِ بي اِي سول اين اِي ڊي ڪاليج آف انجنيئرنگ ڪراچيءَ مان ۱۹۵۹ع ۾ پاس ڪيائين. جڏهن ته ايم اِي (اسٽرڪچرل انجنيئرنگ) ۱۹۶۵ع ۾ بئنڪاڪ مان ڪيائين ۽ پي ايڇ ڊي (اسٽرڪچرل انجنيئرنگ) ۱۹۷۱ع ۾ يو ڪي مان پاس ڪيائين. هو مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو جو باني وائيس چانسلر پُڻ ۱۹۷۷ع کان ۱۹۸۷ع تائين رهيو، جڏهن ته وفاقي سيڪريٽري تعليم، سيڪريٽري زڪوات عشر، سيڪريٽري سائنس ۽ ٽيڪنالاجي پاڪستان، ايڊمنسٽريٽر جنرل زڪوات عشر، چيئرمين پاڪستان ڪائونسل فار سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، سيڪريٽري هائوسنگ ۽ پلاننگ پاڪستان، سيڪريٽري يوٿ افيئر پاڪستان کانسواءِ مختلف ملڪي ۽ غير ملڪي تحقيقي ادارن ۾ اعزازي ميمبر طور پُڻ رهيو. اُن کانسواءِ پرو وائيس چانسلر مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ نوابشاهه ڪئمپس، چيئرمين يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن پڻ رهيو. ڊاڪٽر ايس ايم قريشي سنڌ جي هڪ اهڙي شخصيت طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون، جيڪي تمام ٿورڙا ماڻهو پنهنجي حياتي ۾ ڏيئي سگهيا آهن. ڊاڪٽر شمس الدين قريشي سچائي، ايمانداري، محبت، خلوص، همت ۽ جذبي سان تعليمي ميدان ۾ سرخرو رهيو ۽ تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ مٿي ذڪر ڪيل اهم مقام ۽ عهدن تي پهتو. ڏٺو وڃي ته اِها سعادت تمام گهٽ ماڻهن کي حاصل ٿيندي، جيڪا پروفيسر ڊاڪٽر ايس ايم قريشي کي حاصل ٿي آهي. هن مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو جي باني وائيس چانسلر هُئڻ جي حيثيت سان سنڌ کي هڪ بهترين ٽيڪنالاجي جي درسگاهه فراهم ڪئي، جنهن جو بنياد اهڙي ته نظم و ضبط سان رکيائين، جو اڄ تائين مهراڻ يونيورسٽي جو تعليمي ماحول سنڌ جي سڀني يونيورسٽين کان بهتر ۽ معياري آهي. ڊاڪٽر ايس ايم قريشي پنهنجي سروس دوران انتهائي خلوص ۽ سچائي سان ڪم ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ اڄ تائين مٿس ڪنهن به قسم جو ڪو الزام عائد نه ٿيو آهي ۽ نه وري مٿس ڪا تنقيدي آڱر کنئي وئي آهي. اِها ڳالهه سنڌ جي مختلف يونيورسٽين جي موجوده وي سيز ۽ اميدوار وي سيز لاءِ مثالي آهي ۽ کين ڊاڪٽر شمس الدين قريشي جي شخصيت مان سبق حاصل ڪري پوءِ يونيورسٽيون هلائڻ لاءِ ڪا رٿابندي ترتيب ڏيڻ گهرجي. ڊاڪٽر ايس ايم قريشي صاحب جي ڪيريئر تي نظر وجهندي مون کي تمام گهڻو فخر محسوس ٿئي ٿو ته اسان جا سنڌي ماڻهو به اهڙا اهم مقام ۽ عهدا حاصل ڪري سگهن ٿا. ڊاڪٽر صاحب جي زندگي ۽ نوڪرين وارو عرصو اُنهن ماڻهن کي سڌو سنئون جواب آهي، جيڪي وقت به وقت اِها تنقيد ڪندا رهن ٿا ته سنڌي ماڻهو اڪثر ڪري ڄٽ ۽ اڻ پڙهيل آهن. منهنجي خيال ۾ پروفيسر ڊاڪٽر ايس ايم قريشي جهڙا ڪيترائي ماڻهو سنڌي قوم جو حصو رهيا آهن ۽ اڃان به موجود آهن، اهڙن ماڻهن کي سنڌي قوم تي اهڙي قسم جا الزام ۽ اشارا نه ڪرڻ گهرجن. وقت تجربي، حالتن ۽ ماحول اهو ثابت ڪيو آهي ته جن ماڻهن محنت ڪئي، تن پنهنجا مقصد ۽ مقام ضرور حاصل ڪيا. ڊاڪٽر صاحب به اُنهن مان هڪ آهي، جن هڪ ڏکئي مارشل لا وري دور ۾ مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جون ذميواريون سنڀاليون ۽ احسن طريقي سان نڀايون، ڇوته اُن دور ۾ سنڌي تعليمي ادارن ۽ يونيورسٽين کي هلائڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه هُئي، ڪيترائي ناليوارا فرد به پنهنجون اهڙي قسم جون ذميواريون نڀائي نه سگهيا. آئون ڪنهن تي تنقيد نٿو ڪريان پر ڪي تاريخي حقيقتون آهن، جن کان تقريبن سڀئي سنڌ واسي واقف آهن. هتي فقط اِها ڳالهه ڪرڻ بهتر رهندي ته پروفيسر ڊاڪٽر ايس ايم قريشي جهڙا انسان جيڪي ڪڏهن به حالتن آڏو نه جهڪيا ۽ ڏُکين وقتن ۾ به همت ۽ بهادريءَ سان پنهنجي مقصد لاءِ جدوجهد ڪندا رهيا. لطيف سائين جون سٽون آهن ته: جان جان هُئي، جيئري ورچي نه ويٺي، وڃي ڀونءَ پيٺي، ساريندي کي سڄڻ. سو پروفيسر ڊاڪٽر شمس الدين قريشي جيڪو دادو ضلعي جي ٻهراڙي واري شهر بوبڪ سان تعلق رکي ٿو، تنهن سنڌ جي مستقبل يعني سنڌي شاگردن کي جيڪي مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ تعليم حاصل ڪري چُڪا آهن يا هاڻ ڪري رهيا آهن يا وري ايندڙ وقت ۾ حاصل ڪندا، تن لاءِ هڪ بهترين ٽيڪنالاجي جي درسگاهه يادگيري طور ڇڏي آهي. جيستائين رهندي ۽ مهراڻ يونيورسٽي جو وجود رهندو، تيستائين پروفيسر ڊاڪٽر ايس ايم قريشي اسان سنڌ واسين کي ياد ايندو رهندو. بيشڪ پروفيسر ڊاڪٽر ايس ايم قريشي اُنهن ماڻهن مان هڪ هو، جن پنهنجي سموري زندگي علم، ادب ۽ درسگاهن کي ارپي ڇڏي، جنهن لاءِ استاد بخاريءَ جون سٽون مونکي ياد اچي رهيون آهن ته: ڪتابن سان دِل منهنجي ڪتب خانو وطن منهنجو، ڪتابن ۾ دفن ٿيندس، ورق ٿيندا، ڪفن منهنجو. ته اهڙي نموني سان ڪتابن سان دوستي رکڻ ۽ علم پرائڻ وارا ماڻهو ئي عظيم عهدن تي پهچندا آهن ۽ پنهنجون انيڪ يادگيريون ڇڏيندا آهن. آئون پروفيسر ڊاڪٽر ايس ايم قريشي کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، جنهن پنهنجي سموري زندگي سنڌ ڌرتي ۽ ملڪ جي ماڻهن جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ وقف ڪئي آهي. گڏوگڏ آئون اِهو به چوندس ته سنڌ جي نوجوانن کي ڊاڪٽر ايس ايم قريشي جهڙي شخصيت کي آئڊيل بڻائي پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي وڃي ته بهتر رهندو، ڇو ته ڊاڪٽر صاحب نج ٻهراڙي مان نڪري، جيڪي تعليمي سندون حاصل ڪيون ۽ عهدا ماڻيا، اُهي انتهائي اهميت جوڳا آهن. کيس لطيف سائين جون هي سٽون پيش ڪندي فخر محسوس ٿي رهيو آهي ته ڊاڪٽر ايس ايم قريشي جهڙن عظيم انسانن جو تعلق به اسان جي سونهاري سنڌ سان آهي. جِت نه پَکي پير، تِتِ ٽمڪي باهڙِي، ٻيو ٻاريندو ڪير، کاهوڙڪي کِير ري. مھراڻ يونيورسٽي جو باني وائيس چانسلر ڊاڪٽر ايس ايم قريشي لاڏاڻو ڪري ويو ڄامشورو: سومر ۱۸ فيبروري ۲۰۱۹ع مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو جو باني وائيس چانسلر ۽ اڳوڻو وفاقي سيڪريٽري پروفيسر ڊاڪٽر ايس ايم قريشي ڪراچي جي هڪ خانگي اسپتال ۾ ۸۳ ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. مرحوم جي جنازي نماز سڀاڻي اڱاري جي ڏينهن منجهند هڪ وڳي جامع مسجد مهراڻ يونيورسٽي ۾ ادا ڪئي ويندي، جنهن کانپوءِ تدفين مهراڻ يونيورسٽي ۾ ڪئي ويندي، جڏهن ته باني وائيس چانسلر جي لاڏاڻي تي مهراڻ يونيورسٽي ۾ سومر ڏينهن تدريسي ۽ انتظامي سرگرميون معطل رهيون. اڪيڊمڪ ڪائونسل جي سربراهن جي رٿيل گڏجاڻي پڻ ملتوي ڪئي وئي. مهراڻ يونيورسٽي جي تاحيات پروفيسر ۽ (مسٽڊ) انسٽيٽيوٽ جي اعزازي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر ايس ايم قريشي جي لاڏاڻي تي مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي جي صدارت ۾ تعزيتي گڏجاڻي ٿي گذري، جنهن ۾ يونيورسٽي ۾ هڪ ڏينهن لاءِ تدريسي ۽ انتظامي سرگرميون معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ڊاڪٽر ايس ايم قريشي اين اي ڊي يونيورسٽي ڪراچي مان سول انجنيئرنگ شعبي ۾ بي اي، بئنڪاڪ ٿائيلينڊ جي يونيورسٽي چلاآنگ ڪارن (Chulalongkorn) مان ايم اي ۽ برطانيا جي شيفالڊ Sheffield يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي ڪئي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي وفاقي سيڪريٽري واري دور ۾ هن ملڪ ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪافي ڪم ڪيو. ڊاڪٽر ايس ايم قريشي زندگي جي آخري ڏينهن تائين تعليم جي واڌ ويجهه لاءِ ڪم ڪندو رهيو. تعزيتي اجلاس ۾ وائس چانسلر، پرو وائس چانسلر ۽ رجسٽرار سميت مختلف شعبن جي چيئرمينن ۽ ڊينز شرڪت ڪئي ۽ مرحوم جي ڪيل تدريسي خدمتن تي ڀيٽا پيش ڪئي. (روزاني آن لائين انڊس تان کنيل) پروفيسر ايس ايم قريشي لاڏاڻو ڪري ويو ڪراچي (رپورٽ: سترام مهيشوري) مهراڻ انجنيرنگ يونيورسٽي جو باني وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ايس ايم قريشي ۸۳ ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ڊاڪٽر قريشي محمد خان جوڻيجو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي حڪومتن ۾ تعليم توڙي سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي وارين وزارتن جو سيڪريٽري پڻ رهيو. هن وقت هو سنڌ حڪومت جي يونيورسٽين جي نگراني بابت مختلف ٽاسڪ فورسز ۾ ٽيڪنيڪل صلاحڪار هو. (روزاني پنھنجي اخبار ۱۸ فيبروري ۲۰۱۹ع تان کنيل) ڊاڪٽر ايس ايم قريشي هڪ مثالي ۽ جاکوڙي ڪردار ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل ڊاڪٽر (شمس الدين) ايس ايم قريشي ۳ مئي ۱۹۳۶ع تي بوبڪ، تعلقي سيوهڻ، ضلعي دادو، سنڌ ۾ ڄائو هو. بوبڪ، هڪ پراڻو تاريخي شهر آهي. هن شهر جي رهائشين ۾ سيد، قريشي، عباسي، ميمڻ، چنا ۽ ٻيا شامل آهن. هن شهر وڏي ۾ وڏا تعليمي ماهر، اديب، عالم، پروفيسر، استاد، ڊاڪٽر، منتظمين ۽ ادبي شخصيتون پيدا ڪيون آهن، جن مختلف شعبن ۾ پنهنجي ملڪ ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ وڏيون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. سندس والد جو نالو محمد بخش قريشي هو. هن پنهنجي شروعاتي تعليم، بوبڪ ۽ دادو ۾ حاصل ڪئي. ڊاڪٽر ايس ايم قريشي ۱۹۵۹ع ۾، اين اِي ڊي انجنيئرنگ ڪاليج ڪراچي مان سول انجنيئرنگ ۾ بي اي ڪئي. ڊاڪٽر ايس ايم قريشي جنوري ۱۹۵۹ع کان ويسٽ پاڪستان پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ ۾ سپروائيزر جي حيثيت سان پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ڪئي ۽ اتي آڪٽوبر ۱۹۶۰ع تائين ڪم ڪيو. بعد ۾ آڪٽوبر ۱۹۶۰ع ۾ جونيئر/ سينئر ڊيزائن انجنيئر، گيمن، پاڪستان لميٽيڊ، ڪراچي ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. بعد ۾ ڊاڪٽر ايس ايم قريشي اعليٰ تعليم لاءِ بئنڪاڪ، ٿائيلينڊ هليو ويو ۽ اتانM Eng. (Structural Engineering) جي ايس اِي اي ٽي او گريجوئيٽ اسڪول آف انجينئرنگ، چلائونگ ڪارن يونيورسٽي، بئنڪاڪ، ٿائيلينڊ مان ۱۹۶۵ع ۾ ڊگري حاصل ڪيائين. ٿائيلينڊ مان موٽڻ کان پوءِ ڊاڪٽر ايس ايم قريشي هڪ نجي ڪمپني ظهير الدين اينڊ ڪو آرڪيٽيڪٽ اينڊ انجنيئرس، ڪراچي ۾ اسٽرڪچرل ڪنسلٽنٽ طور ڪم شروع ڪيو. ڪجهه مهينن کان پوءِ ڊاڪٽر ايس ايم قريشي ان ڪمپني مان استعيفيٰ ڏئي، سنڌ يونيورسٽي ۾ انجنيئرنگ ڪاليج ڄامشوري ۾ بحيثيت استاد پنهنجي عملي زندگيءَ جو آغاز ڪيو. ان کان پوءِ هو اعليٰ تعليم لاءِ برطانيه (U.K) ويو، جتان ۱۹۷۱ع ۾ برطانيه جي شيفلڊ يونيورسٽيءَ جي سول اينڊ اسٽرڪچرل انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ مان اسٽرڪچرل انجنيئرنگ ۾ پي ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين. انگلينڊ مان واپسي کانپوءِ ڊاڪٽر ايس ايم قريشي اپريل ۱۹۷۱ع ۾ انجنيئرنگ ڪاليج، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشوري ۾ سول انجنيئرنگ جو پروفيسر مقرر ڪيو ويو. مارچ ۱۹۷۴ع ۾ ڊاڪٽر ايس. ايم قريشي کي پاڪستان سائنس فائونڊيشن، اسلام آباد جو ميمبر (سائنس) بنجڻ بعد هو اسلام آباد هليو ويو. ڊاڪٽر قريشي اٽڪل ٻن سالن تائين سائنس فائونڊيشن ۾ رهيو. جولاءِ ۱۹۷۶ع ۾، ڊاڪٽر ايس ايم قريشيءَ کي هڪ ئي وقت ٻن ڪئمپسن ڄامشوري ۽ نوابشاهه ۾ پرو وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو. هن انجنيئرنگ ڪاليج اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشوري کي مهراڻ يونيورسٽي بنائڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪئي. ڊاڪٽر قريشي صاحب جي جدوجهد جي نتيجي ۾ مارچ ۱۹۷۷ ع ۾ انجنيئرنگ ڪاليج، ڄامشوري کي يونيورسٽي بڻايو ويو ۽ ڊاڪٽر ايس ايم قريشي کي نئين قائم ڪيل مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشوري جو باني وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو. ڊاڪٽر ايس ايم قريشي چارج وٺڻ کان پوءِ نئين يونيورسٽي کي معياري بنائڻ لاءِ مڪمل توانائي ۽ صلاحيتون وقف ڪيون. جيڪڏهن انسان خلوص ۽ سچي طريقي سان ڪنهن مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪري ٿو ته هن کي ڪامياب ٿيڻ گهرجي. هي ڊاڪٽر ايس ايم قريشي جي مثال مان ظاهر ٿئي ٿو. انجنيئرنگ ڪاليج مڪمل طور تي مهراڻ يونيورسٽي ٿي وئي، ڇو ته ڊاڪٽر ايس ايم قريشي قوت ارادي جو مالڪ هو ۽ مسلسل جدوجهد ۾ يقين رکندڙ هو، جنهن جي نتيجي ۾ هُو انجنيئرنگ ڪاليج کي يونيورسٽيءَ ۾ اپ گريڊ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. ڊاڪٽر ايس ايم قريشي وڏي ڪوششن سان درس و تدريس جي ليبارٽريز ۽ ورڪشاپن لاءِ مناسب فنڊ حاصل ڪرڻ ۾ به ڪامياب ٿيو. هو انهن تعليمي ماهرن ۽ منتظمين مان هڪ هو، جن تعليم جي فلاح ۽ بهتري لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي هئي. ڊسمبر ۱۹۸۱ع ۾ مون کي ڊائريڪٽر پاڪستان اسٽڊي سينٽر، يونيورسٽي آف سنڌ ڄامشورو مقرر ڪيو ويو. ڊائريڪٽر پاڪستان اسٽڊي سينٽر بنجڻ بعد مون ڊاڪٽر ايس ايم قريشي سان رابطو ڪيو، جيڪو ان وقت وائيس چانسلر، مهراڻ انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي يونيورسٽي ڄامشورو هو. ڊاڪٽر ايس ايم قريشي، هڪ شريف النفس ۽ بي لوث انسان هو ۽ هو هر طرح دوستن جي مدد ڪندڙ هو. ڊاڪٽر ايس ايم قريشي جي ڏينهن رات جي ڪوششن ۽ محنت رنگ لاتو جو مهراڻ يونيورسٽيءَ ڄامشورو ڪيمپس ۾ شاگردن جو تعداد وڌي وڃي چار هزار تائين پهتو ۽ نواب شاهه ڪيپمس ۾ شاگردن جي داخلا وڃي ۱۰۰۰ تائين پهتي. ڊاڪٽر قريشي هڪ وڏو تعليمدان هو ۽ سندس سڄي توجهه انجنيئرنگ ۾ معياري تعليم لاءِ هئي. آڪٽوبر ۱۹۸۷ع ۾ ڊاڪٽر ايس ايم قريشي کي وفاقي وزارت ۾ پاڪستان حڪومت جو سيڪريٽري تعليم مقرر ڪيو ويو پر سندس بي لوث خدمتن کي نظر ۾ رکندي، کيس وائيس چانسلر، مهراڻ يونيورسٽي جي اضافي چارج رکڻ جي اجازت ڏني ويئي. کيس صوبائي يا وفاقي حڪومت طرفان ڪڏهن به ڪا ذميواري سونپي ويئي ته هن اتي مڪمل توجهه سان پنهنجي ذميواري نڀائي. هڪ دفعي مون کي ڊاڪٽر صاحب ٻڌايو ته؛ ”مون کي پرواهه ناهي ته ماڻهو ڇا چون ٿا يا ڇا ٿا سوچين. بس آئون اهو ڪندو آهيان، جيڪو منهنجو ضمير مون کي ٻڌائي ٿو ته صحيح آهي.“ ڊاڪٽر ايس ايم قريشي اپريل ۱۹۹۰ع کان آگسٽ ۲۰۰۰ع تائين مختلف ذميواريون سنڀاليون ۽ پاڻ ڪيترن وزارتن جو سيڪريٽري به رهيو، پر سندن طبيعت ۾ ڪو به فرق نه آيو. پاڻ مشير، بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد، ۽ چيئرمين پاڪستان ڪائونسل سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ نيشنل ڪميشن جو سيڪريٽري به رهيو. اسلام آباد مان واپسي کانپوءِ ڊاڪٽر ايس. ايم قريشي کي حڪومت سنڌ طرفان چارٽر انسپيڪشن ۽ ايويليوشن ڪاميٽي جو چيئرمئن مقرر ڪيو ويو، جنهن ڪاميٽي ۾ وائيس چانسلرن کي چونڊيو ويندو هو. پاڻ آگسٽ ۲۰۰۲ع کان مارچ ۲۰۱۳ع تائين ڪاميٽي جو چيئرمئن رهيو. ڊاڪٽر ايس. ايم قريشي کي سنڌ جي گورنر جو اعزازي مشير ٿيڻ جو شرف به حاصل آهي. ڊاڪٽر ايس. ايم قريشي تعليم کي وڌائڻ لاءِ ڏاڍو ڪم ڪيو. هن پنهنجي مشن کي پورو ڪرڻ لاءِ حيدرآباد ۾ انسٽيٽيوٽ آف آرٽس، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي (Hiast) کي قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجي دوستن جي تعاون سان لطيف آباد، حيدرآباد ۾ هڪ اهم تعليمي اداري جو بنياد رکيو. ڊاڪٽر ايس ايم قريشي وڏو تعليمي ماهر هو، هن اداري لاءِ پنهنجون اعزازي خدمتون پيش ڪيون. ڊاڪٽر ايس ايم قريشي هڪ متفق طور تي Hiast ۾ صدر چونڊيو ويو، جتي هو عمر جي آخري وقت ۱۷ فيبروري ۲۰۱۹ع تائين اعزازي خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. ڊاڪٽر ايس ايم قريشي جي صلاحيت ۽ شخصيت، اهڙي طرح هئي جو انهيءَ چوڻ ۾ وڌاءَ نه ٿيندو. هن جي شخصيت جي جيتري به تعريف ڪجي يا هن جي واکاڻ ڪجي ته يقيناً هو انهيءَ جو حقدار آهي.
رئيس علي نواز انڙ غريبن لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ مولائي ملاح ماڻهوءَ کي جڏهن دولت جو نشو چڙهندو آهي، ته اهو پنهنجي اوڙي پاڙي کان وٺي سڄو تر تپائي ڇڏيندو آهي ۽ ڪنهن به مسڪين ماڻهوءَ جو احساس نه ڪندو آهي. اهو به جيڪڏهن ڪو وڏيرڪو ٻار هجي پوءِ ته ڇٽيون ڳالهون ..! سنڌ ۾ اسان کي سونن چمچن سان کاڌو کائڻ وارا اهڙا ڪيترا ئي وڏيرا ۽ امير ڪبير ملندا جن جا شوق اهڙا رهيا آهن، جن جي شوق جو ٻارڻ غريب عوام جون زندگيون رهيون آهن. اهڙن وڏيرن جا شوق ۽ شڪار به پنهنجي مزاج مطابق رهيا آهن، سندن جيئڻ جو مقصد به ڪنهن کي آزارڻ ئي رهيو آهي. وڏيرڪي سماج ۾ اوڙي پاڙي جي غريب تي دل کولي سخاوت ڪرڻ جهڙا تمام گھٽ ماڻهو ملندا، پر اهڙا انسان دوست وڏيرا آهن ضرور، جن جي ڪري هن جڳ جو چرخو هلي پيو. شاهه چواڻي ته: ”اڃا ڪي آهين ڪل جڳ ۾ ڪاپڙي“ اهڙن انسان دوست شخصيتن مان قاضي احمد جي هردل عزيز شخصيت الحاج رئيس علي نواز خان انڙ به هڪ هيو، جنهن اجتماعي طور تي غريب عوام جو مستقبل سنوارڻ لاءِ پنهنجي ذاتي ملڪيت وقف ڪري ادارا قائم ڪيا. رئيس علي نواز خان انڙ، قاضي احمد جي امير گھراڻي جي اهڙي شخصيت هيو، جنهن اميراڻين روايتن کي ٽوڙي سماجي ڀلائيءَ وارن ڪمن کي هٿي ڏني. هن ڪتن، ڪڪڙن، تترن ۽ سوئرن جا ميل ڪرائڻ ۽ علائقي جي غريب عوام جي حقن ۽ جانين جو شڪار ڪرڻ بجاءِ وس آهر عوام جي بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن عظيم انسان شهر قاضي احمد ۾ علم جي روشني ڦهلائڻ ۾ وسيع ڪردار ادا ڪري شهرين کي علم جي زيور سان آراسته ڪيو. شهر کي خوبصورت بڻائڻ ۽ شهرين کي سهولتون بخشڻ لاءِ هن شهر ۾ گل ٻوٽا، پارڪ ۽ هڪ عاليشان نازباغ لڳرايو. هي سچ ۽ سونهن جو عاشق، سڄي زندگي سونهن جو شڪار رهيو. هن جو عشق رڇ ڪتي ۽ سوئر جي بڇ بجاءِ انسانن جا اهنج دور ڪرڻ، سماجي تبديلي ڏانهن رهيو. سندس اهڙي عشق جا مثال اڄ به حقيقت جي روپ ۾ موجود آهن، جنهن کي ڪو ئي مٽائي نه ٿو سگھي. رئيس علي نواز خان انڙ، گھڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هيو، هو هڪ ئي وقت زرعي ماهر، سنڌ جو ناميارو آبادگار، سياستدان ۽ سماج سڌارڪ پڻ رهيو، عوامي سياست ۾ سندس کوڙ سارو حصو شامل رهيو. هن پنهنجي زندگيءَ ۾ عوام جي بهتر مستقبل جي حفاظت لاءِ اهڙي فوج تيار ڪئي، جيڪا ڪنهن به محاذ تي ڪڏهن به شڪست نه ٿي کائي سگھي، جنهن جي جھلڪ سياست نامي جي مصنف نظام الملڪ طوسيءَ جي هن مشهور واقعي ۾ پسي سگھجي ٿي. ”هو سلطان وٽ وزيراعظم هيو ۽ مشهور شاعر عمر خيام جو دوست هيو. سلطان هن کي ڪجھ پئسا ڏنا ته فوج ڀرتي ڪر، پر هن اها سڄي رقم مڪتبن تي خرچ ڪري ڇڏي، جڏهن سلطان کي اها خبر ملي ته هن ٻيهر نظام الملڪ طوسيءَ کي گھرايو بنا ڪنهن پڇا ڳڇا ڪرڻ جي ٻيهر کيس پئسا ڏئي چيو ته فوج ڀرتي ڪر، نظام الملڪ طوسيءَ ٻيهر ساڳئي ڪار ڪئي ۽ اهو سمورو پئسو مڪتبن کولڻ تي خرچ ڪري ڇڏيائين، هاڻ سلطان کي ڪاوڙ لڳي، هن وزيراعظم کي گھرائي ان جو سبب پڇيائين نظام الملڪ طوسيءَ جيڪو جواب سلطان کي ڏنو اهو تاريخ ۾ سنهري اکرن ۾ لکيل آهي. هن چيو ته: ”سلطان! هيءَ جيڪا اڻ پڙهيل جاهل فوج آهي مان ان کان بهتر فوج پڙهيل ۽ عالم فوج ٺاهي رهيو آهيان. اها فوج، هن جاهل فوج کان بهتر طريقي سان تنهنجي سلطنت جو دفاع ڪندي.“ هن شخص جي زندگيءَ جو هڪ حصو اهڙي فوج تيار ڪرڻ ۾ گذريو آهي پر، افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته جڏهن سندس اميدن جو ميوو پچي راس ٿيو ته پاڻ هن دنيا ۾ نه رهيا. سنڌ جي ڪنهن علائقي ۾ ورلي ڪو وڏيرو، رئيس ائين هوندو جيئن هي شخص هيو. سماج جي تبديليءَ ۾ سندس زندگي هڪ نمونو هئي.رئيس علي نواز خان انڙ، پنهنجي تاريخ جو تمام وڏو ماڻهو هيو. هن علم، ادب، ڏاهپ ۽ صحت، پکين ۽ جانورن جي واڌ ويجھ لاءِ، بنا ڪنهن معاوضي جي لکن روپين جي زمين ادارن کي وقف ڪئي. جنهن جا سندس خاندان کان مليل تفصيل ڪجھ هن ريت آهن. گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول (هاسٽل) لاءِ مين روڊ جي ساڄي پاسي تي ڏنل ۸ ايڪڙ زرعي زمين، گرلزهاءِ اسڪول ۽ گرلز پرائمري اسڪول لاءِ (وچ شهر ۾) مليل ۴ ايڪڙن تي مشتمل پلاٽ، ايڌي سينٽر، پولٽري فارم ۽ ايگريڪلچر آفيسن لاءِ نيشنل هاءِ ويز تي زرعي زمين ۲ ايڪڙ، ان جي سامهون ئي رورل هيلٿ سينٽر لاءِ زرعي زمين ۴ ايڪڙ، ڪميونٽي سينٽر لاءِ ۲ ايڪڙ، علي نواز گرلز اسڪول لاءِ ۲ ايڪڙ، عورتن جي دستڪاري اسڪول ۽ شهر جي ۴ عدد پرائمري اسڪولن، ٽيلي فون ايڪس چئنج ۽ ٽائون ڪاميٽيءَ جي آفيسن لاءِ به سندس ئي زمين وقف ٿيل آهي. ان کان علاوه عوام جي تفريح ۽ تراوت خاطر جوڙايل ناز باغ جيڪو ۶ ايڪڙن ۽ سفاري پارڪ جتي پکي ۽ جانور رکيل آهن، اهو ۶۰ ايڪڙن تي مشتمل، بنا ٽڪيٽ ڏسڻ وٽان آهي. نور ماڊل وليج ۽ وچ شهر مان گذرندڙ ’ون وي‘ روڊ منظور ڪرائڻ ۾ به سندس ئي ڪاوشون شامل آهن. عوام جي ڀلي خاطر وقف ڪيل زمينن تي قائم ٿيل سرڪاري ادارن مان عوام ڀرپور فائدو حاصل ڪري رهيو آهي. سنڌ جي اڪثر علاقن ۾ وڏيرن پاران وقف ڪيل اسڪولن ۽ اسپتالن لاءِ زمينن تي تعمير ٿيل عمارتن ۾ سندن اَن، بُههَ ۽ ڀاڻ جا ڀانڊا، ته ڪٿي ڪمدارن جون اوطاقون بڻيل آهن. هي وڏيرو اهڙي سوچ جي ابتڙ رهيو. شايد ته استاد بخاريءَ به علي نواز انڙ جهڙن ڪردارن لاءِ ئي چيو هيو ته: مونکي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آهي، جو قوم جيئاري، اهو جيئندو رهندو. علي نواز خان انڙ، جي گھاريل مثالي زندگي سماجي تبديليءَ جي تاريخ جو هڪ باب آهي، جيڪو سنڌ جي ٻين رئيس ۽ وڏيرن لاءِ هڪ مثال بڻيل آهي، جيڪڏهن سنڌ جا سڀ رئيس، علي نواز خان انڙ جيان بڻجي پون ته، سنڌ جا ڳوٺ واهڻ ۽ وسنديون ساڃهه ۽ شعور جي سگھ سان خوشحال ٿي ٻهڪي پون. استاد بخاري چواڻي ته: جھنگ جھر ۾ روشنيون اڀري پون، بر پٽ ۾ زندگيون اسري پون، ماڻجن جيئري ئي جڳ ۾ جنتون، سنڌ تنهنجا ڳوٺ جي سڌري پون. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته سندس حياتيءَ ۾ هن شهر، چوڪن ۽ چوراهن تي ڪڏهن به گندگيءَ جا ڍير لڳل ۽ ان مٿان مکين ۽ مڇرن جا ميڙ، ميلا متل نه ڏٺا. مين روڊ تان گذرندڙ تيز رفتار گاڏين جي حادثن ۾ مرد، عورتن ۽ معصوم ٻارڙن کي گاڏين سان ٽڪرجڻ ڪري روڊ تي تڙپندي نه ڏٺو ...! هڪ ڀيري صدر ايوب خان کي شهر جي شاهي بازار گھمائڻ لاءِ وٺي آيو ته، اهو به هن شهر جي صفائيءَ جو نظام ڏسي حيران ٿي ويو. رئيس علي نواز خان انڙ، پنهنجي حياتيءَ ۾ جيڪي به سماجي ڀلائيءَ جا ڪم ڪرايا، اهي بنا ڪنهن لالچ ۽ تختين جي ڪرايا، پاڻ جن ادارن کي قائم ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ورتائين، اهي ادارا اڄ به عوام جي ڀلي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، جتان هن علائقي جو غريب عوام بنا ڪنهن سفارش جي فائدو حاصل ڪري رهيو آهي. رئيس علي نواز خان انڙ پنهنجي ڪردار جي ڪري هميشه تاريخ ۾ زندهه رهندو. رئيس علي نواز انڙ ذڪر سنڌ جي شاھجھان باغبان جو نصير مرزا مون ڪن سرلا ڪيا ته ڀرسان ايندڙ اهي بيقرار بلبلين جا آواز هئا، جيڪي پاڻ ڏانهن سڏي رهيا هئا مونکي. اگرچه صرف ٿوري وقت لاءِ ئي انهيءَ بس اسٽاپ لڳ آئون ترسيو هوس، سو اتاولائي مان بلبلين جي آوازن ڏانهن ڏيان ڏيندي، نگاهه جو مون مٿي کنئي ته ڇا ڏسان، سامهون دروازي جي ڪمان مثل اڌ گول مٿان وڏن وڏن اکرن ۾ لکيل هو، ”ناز باغ قاضي احمد“. تڏهن اوچتو ياد آيم، ڪيئي ورهيه اڳ، ڪمشنر سکر شفيق احمد مهيسر جي ڏاڏا سائين، غلام محمد مهيسر جي عرس لاءِ ڪمال ديري ڏانهن ويندي، نفيس احمد شيخ تي زور ڀرڻ تي اڻ ڪوٺيو ئي سهي، ان باغ ۾ آئون هليو ويو هوس ۽ اندر باغ ۾ ڇا ته گل گلزاريون هيون. هر پاسي سرينهن، نمن ۽ انبن جا هڳاءُ ڀريا وڻ، جن جي ٽارين تي رنگ رنگ جا پکيئڙا، بلبليون، ڪٻريون ۽ ڳيرا پنهنجي پنهنجي لات لنوڻ ۾ مست مگن. الائي ڪنهن اطلاع ڏنو ان هستيءَ کي، جيڪو سنڌ جي ان واحد پرائيويٽ پبلڪ پارڪ جو دياوان ديالو باغبان هو ۽ جنهن جو نالو هو رئيس علي نواز انڙ. ڇا ڏسان سامهون راهداريءَ تان اسان جي آڌرڀاءُ لاِ ويجها ايندا پيا وڃن. ڀانئيان ٿو اهو ناشاد جو ڪرشمو هو، جنهن ڳجهه ڳوهه ۾ پنهنجي متوقع آمد جو اطلاع ڪو اڳي ئي کين ڏيئي ڇڏيو هو. بدن بيهڪ سندن مناسب هئي. تڏهن ناز باغ ۾ جيڪا سنڌي طرز تعمير واري اوطاق، جنهن کي پاڻ لانڍي پئي سڏيائون، اتي ڪيڏو نه پرتڪلف ضيافت جو انتظام رکيو هئائون اسان لاءِ پر اها ته ڪيئي ورهيه پراڻي ڳالهه مون هتي لکي، جيڪا منهنجي حافظي مان گم ئي ته ٿي وئي هئي ۽ اجهو هاڻي هڪ دفعو ٻيهر ناز باغ جي در وٽ وڃي بيٺس ته هڪ پاسي ڪنُڊ سان ڪنهن گلفروش جو هٽ هو، جنهن جو مالڪ گلاب جي گلن تي پاڻي ڇڻڪاري رهيو هو ۽ جنهن جا ڪجهه ڪامي ڪنهن گهوٽ جي ڪار کي گلن سان سينگاري رهيا هئا ته ڪي ٻيا مزدور وري ڪنهن مرحوم جي مڙهه لاءِ گلن جي چادر تيار ڪري رهيا هئا، پر ناز باغ جي در سامهون پٽ تي دونهين دُکائي ويٺل هي ’قلعي گر‘ به ته اوچتو منهنجي دلچسپي جو سبب بڻجي ويو هو. هڪ هٿ ۾ ٽامي جو گرو ميرو ٿانءُ، ان تي چاندي رنگ، ڪيميڪل رڳڙي مٿان نوشادر ٻُرڪي، موئي سان مهٽڙو ٿي ڏنائينس ته اهو ’مَر- هاڻو‘ ٿانءُ، اک ڇنڀ ۾ ’چم چم‘! تڏهن دل ۾ ”هئه ڙي رنگي تنهنجا رنگ“ چوندو ۽ در وٽان ورتل کٽڙيون مٺڙيون نارنگيون ڇلندو کائيندو ناز باغ ۾ داخل ٿي ويس. ورهين پڄاڻان، باغ ۾ قدم جو رکيم ته ڇا ڏسان، اها ئي سنگ مرمر واري شاندار قديم مسجد پاڪ، جنهن جي صحن مبارڪ ۾ ڪيئي ڳوٺاڻا شلوار يا گوڏ قميص ۾ مٿي تي سنڌي ٽوپي پائي، ڪلهي تي پوتڙو رکي ظهر واري نماز پڙهڻ ۾ مصروف. ناز باغ جيئن ته بس اسٽاپ سان لڳو لڳ هو، ان ڪري ڪيترا ٻار ۽ خواتين شايد سواريءَ جي انتظار ۾ باغ جي ڇٻر تي پوتڙا وڇائي آرامي هئا. ڪنهن ڪنهن وڻ جي هيٺان ڪي شاگرد به ته مونکي مطالعي ۾ مصروف نظر آيا. هاڻي اتان اڳتي وڌيس ته ڇا ڏسان هڪڙو ٻيو دروازو. نگاهه مٿي کنيم ته ڏٺم، ان تي لکيل هو، ”باب مخدوم سائين محمد زمان طالب الموليٰ“. انهيءَ دروازي مان اندر داخل ٿيس ته ناز باغ جو اندريو منظر صفا اهڙو، جهڙو لاهور وارو شالامار باغ. وچ وچ راهداري ۽ پاسن کان چمن چمن، ڪلي ڪلي، گل ئي گل. تڏهن راهداريءَ تي پسار ڪندي، اڳيان وڌندي منهنجي ته چپن تي بيدل سائينءَ جي ڪافيءَ جا هي ٻول ”هر جا گُل گلزاريون، وهه وا.... چلو ري سيان چرچا ويکين...“ راهداري تان اڳتي ويندي دل ۾ چوان ٿو، جيڪو به جوان ان تان لنگهندو پڪ سان سمجهندو، آئون شهزادو سليم آهيان. حُسن اتفاق سمجهو ته مون به پاڻ کي شهزادو سليم ئي سمجهيو هو پر پوڙهو شهزاد سليم پر هي ناز باغ جي رنگا رنگي گلن ۽ خاص ڪري گلاب جي گلن ۾ ايتري ته ايڏي تيز خوشبو ڇو هئي؟ تڏهن باغ جي مالهيءَ ٻڌايو، بيشڪ اسلام آباد کان لاهور، ڪراچيءَ جي سرڪاري پبلڪ پارڪن ۾ طرحين طرحين جا رنگين گل، پر اهي سڀ ته ولايتي آهن ۽ جن جا رنگ ته چوکا چوکا پر منجهن خوشبو بنهه ندارد. پوءِ ٻُڌائڻ ٿو لڳي، گلاب جا گُل، سنڌ ۾ ڪي تبت چپن مان ۽ ڪي ڪوهه ڪاف مان به هتي پهتا هئا. انهن کي جڏهن سنڌوءَ جو پاڻي ۽ هتان جي خوشبودار مٽي نصيب ٿي ته انهن جي مهڪ ئي دوبالا ٿي وئي. پوءِ ٻڌائڻ لڳو، سنڌ ۾ گلابن جا هونئن ته سوين رنگ ۽ قسم آهن پر سنڌ جي ”سدا گلاب“ جي سُڳنڌ تي ڳالهه ختم. اڳتي وڌيس ته نمن جي گهاٽن چهچ ساون ڏارن تي ڳاڙهين چُهنبن ۽ ساون کنڀن سان طوطن جا ڪٽڪ... يقين ڪريو، ڪنهن هڪ هنڌ ۽ ايترا طوطا مون ته زندگي ۾ ڪڏهن به نه ڏٺا هئا. لڳو اهي طوطا ساري ناز باغ کي ڄڻ کنڀن تي کنيو بيٺا هئا. راهداريءَ جي انت تي هڪڙو نئون چوڪور باغ هو، جنهن جي وچ ۾ هڪ اسٽينڊ اڀو هو، جنهن جي چوطرف گولائي ۾ ڇڄهرو هو ۽ ان جي چوگرد وري ڪاٺ جون ننڍڙيون ننڍڙيون ڪبوترن جون کُڏيون هيون. هاڻي ڇڄهري جي ڪٽهڙي تي ڇا ڏسان.. اڇا اڇا ۽ ڪاسني ڪبوتر جوڙا جوڙا ٿي ائين، جيئن ڌرتي سج جي چوطرف ڦري ٿي. ”ڳٽرڪون ڳٽرڪون“ ڪري هڪ ٻئي جي چوطرف کان ڦرندا نظر آيا. اهڙا ڪبوتر، جن جون ماديون اندر آنن تي هيون، اهي وري نوخيز ڪبوترين جي چوطرف ٺڙڪ هڻڻ ۾ مصروف هئا. باغ جي ان حصي ۾ ڊيل ۽ مور به ته پسار ڪندي نظر آيا. تڏهن مون هر وقت ڪجهه نه ڪجهه جهونگاريندڙ قلمڪار جي چپن تي اوچتو آيو، ”راڻا راڻا مور ڀلي ٿو ٽلي....“ مالهي ٻُڌائي ٿو، سنڌي فلم ”ممتا“ جا ڪي گيت، هيرو مشتاق چنگيزي ۽ هيروئن ريٽا تي جڏهن پڪچرائيز پئي ٿيا ته ناز باغ جي اندر جيترا به ڏينهن شوٽنگ ٿي پئي، چوطرف کان ماڻهو ڏسندا ۽ خوش ٿيندا رهيا. ناز باغ جي هن باغ بهار چوڪ جي ڀرسان، بلڪه ائين چوان ته محل نما هي ڇا ته خوبصورت عمارت! اصل ۾ اها ئي ته اوطاق هئي، جنهن کي رئيس علي نواز انڙ صاحب ”لانڍيءَ“ جو نالو ڏنو هو ۽ جنهن جي ديوارن تي بوگن ويلا جون گلن سان ڀريل ٽاريون ائين پئي لڳيون، ڄڻ شهزاديون آرام فرمائي رهيون آهن. لانڍيءَ جي وچ اڱڻ ۾ جيڪو سرينهن نما وڻ هو، اهو ته ڄڻ لانڍيءَ اندر محفل جو مور وڻ پئي لڳو. تڏهن ان وڻ وٽ پهچي ان لانڍيءَ ۽ ناز باغ جي باغبان رئيس علي نواز انڙ کي مون آواز ڏنو، تڏهن در و ديوار مان هي اداس آواز آيو، ”اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين“. خبر پئي سنڌي طرز تعمير جي اعليٰ نموني ۽ هن اوطاق لانڍيءَ جي دور حاضر جا وارث هاڻي رئيس علي نواز جا فرزند آهن. رئيس شوڪت علي انڙ، رئيس ذوالفقار علي انڙ ۽ رئيس آفتاب علي انڙ. ڪنهن وقت رئيس علي نواز بابت جيڪو يادگار ڪتاب شايع ٿيو هو ”اچي بوءِ بهار جي“، اهو ناشاد صاحب وٽان تحفي طور به ته مليو هئم ۽ ان ۾ هن شاندار باغ بابت هي ڇا ته دل وڻندڙ سٽ مون پڙهي هئي: ”ناز پرور ساڻ گهمجي ناز باغ“. هيءَ ڳالهه به ته ان ئي ڪتاب ۾ پڙهي هئم ته ناز باغ، لانڍي اوطاق ۽ قاضي احمد ۾ هاءِ اسڪول جي شاندار عمارت تعمير ڪرائڻ تي رئيس علي نواز کي سنڌ جو شاهجهان به ته ڪري سڏيو ويندو هو. تڏهن سنڌ ۾ چوطرف نظر ڦيري سنڌ جي جاگيردار دبنگ وڏيرن، دياوان ديالو مڙسن ۽ هڪ کان هڪ سياستڪار کي ذهن ۾ مون آندو ۽ پاڻ کان سوال ڪيو هو، رئيس علي نواز انڙ جهڙي اهل دل انسان کانسواءِ ڪو ٻيو باذوق وڏيرو به هئو ڇا، جنهن ناز باغ وانگر سنڌ ۾ ڪو ٻيو اهڙو پبلڪ پارڪ ٺهرايو هجي؟ جواب آيو، ٻيو ته بابا ڪو به نه! تڏهن باغ جو مالهي ٻُڌائي ٿو، ڪيترا ورهيه اڳي رئيس علي نواز انڙ جڏهن وصال ڪيو ته سندن مڙهه کي لانڍيءَ ۾ عام ديدار لاءِ آڻي رکيو ويو هو ۽ پوءِ مسجد پاڪ جي اڳيان هزارين ڪانڌين جنازي نماز ادا ڪئي هئي، تنهن بعد وصيت مطابق، کين ناز باغ ۾ پنهنجي مٺي امڙ جي ويجهو ئي سپرد خاڪ ڪيو ويو هو. هاڻي ان طرف به ويس ته ڇا ڏسان، لان ۾ ڪنڊ سان ٻه ڪچيون قبرون هيون، جن جي مٿان ريشمي سائي ڇٻر ائين وڇايل هئي، جيئن ڪنهن درگاهه ۾ اولياءَ جي مزار مٿان عقيدت وارو معطر پڙ پيل نظر ايندو آهي. سندن لحد جي ڀرسان ڪي گهڙيون وڃي ويٺس ته ڪتاب ”اچي بوءِ بهار جي“ ۾ پنهنجي باري ۾ چيل سندن ڪيئي نقشا ۽ گفتا منهنجي ذهن ۾ گونجڻ لڳا. ”مون هميشه پاڻ کي ڪمتر سمجهيو، جواني کان پيريءَ تائين ڪم ڪرڻ جو عادي رهيس، پنهنجي تر ۾ باغ، اسڪول ۽ اسپتال قائم ڪرڻ کي پنهنجو فرض ڄاتم، مون هميشه سوچيو، جيڪڏهن ڪنهن جي خدمت ڪجي ته سچي نيت سان ڪجي، بي لوث ۽ بي غرض ٿي ڪجي، انشاءَ الله اهو وقت جلد ايندو، جو هن علائقي جو ننڍو وڏو علم جي زيور سان سينگاريل هوندو.“ تڏهن هي وچئين جو وقت هو جو، سنڌ جي هن سنڌ سينگار ۽ قاضي احمد جي هن شاندار شخصيت رئيس علي نواز جي تربت وٽان اُٿي ناز باغ مان روانو پئي ٿيس ته، لانڍيءَ واري باغ جي وڻ، جهولن ۾ جُهولندڙ جهرڪين جي چرٻر، چبوتري مٿان چهڪندڙ ڪبوترن، ڪٻرين جي لاتين، ڳيرن جي گهوگهو ۽ گلاب گلن جي ٽارين تي بود ۾ ڀرجي ٻوليندڙ بُلبلين جا رنگ رنگيلا ۽ سُريلا آواز پري پري تائين منهنجو پيڇو ڪندا آيا. الحاج رئيس علي نواز خان انڙ ”ناز باغ“ جو مالڪ مومن جوڻو رئيس الحاج علي نواز خان انڙ، سن ۱۹۲۲ع ڌاري، قاضي احمد جي انڙ گهراڻي ۾، رئيس ولي محمد خان انڙ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. پنهنجي والد بزرگوار جي نظرداريءَ هيٺ، ديني ۽ مدرسي جي تعليم حاصل ڪيائين. رئيس علي نواز خان انڙ جي شخصيت، پنهنجي وجود ۾ گهڻ پاسائي شخصيت آهي. کيس زمينداري ته ورثي ۾ ملي هئي، تنهنڪري زراعت سان سندس محبت ۽ محنت شامل هئي. ان ڪري کيس پوري سنڌ ۾ زرعي ماهر طور سڃاتو ويندو هيو. اهو ئي سبب آهي جو پنهنجي زمين جو ڪافي حصو، جنهن تي زرعي فارم، سفاري پارڪ ۽ قاضي احمد شهر جي سونهن ناز باغ قائم آهن. آرٽ جو فن به کيس قدرت طرفان ڏات ۾ عطا ٿيو. سندن نظر ايڏي تيز ھئي جو هڪ دم اهو محسوس ڪري وٺندا هئا، ته هڪ شيءِ ڦڏي/ٽيڙي آهي يا سڌي. زراعت ۾ نوان نوان تجربا متعارف ڪرايائين. سال ۱۹۶۵ع ۾، آمريڪا گورنمينٽ جي هڪ پروگرام تحت، پاڪستاني وفد سان گڏ ويا ۽ واپس اچي آمريڪا جا زرعي سسٽم متعارف ڪرايائين. رئيس علي نواز خان انڙ، قدرت ۽ فطرت جي سونهن جو عاشق هيو. سندس پاران جوڙايل ناز باغ، جنهن ۾ قسمين قسمين گل فطرت جو حسين منظر پيش ڪندا رهندا آهن. ناز باغ جي اندر جوڙايل مسجد به هن دور جي شاھڪارن مان هڪ آهي. اڄ به پري پري کان ماڻهو ناز باغ ۽ مسجد گهمڻ لاءِ ايندا آهن. کيس عمارتن جي اڏاوتن جي فن سان پڻ دلچسپي هئي. سندس باغ ۾ ٺهيل مخدوم طالب الموليٰ لانڍي به ڏسڻ وٽان آهي ۽ ان اندر لڳل تصويرون به هڪ يادگار ماضي آهن، جيڪي هر ڏسندڙ ماڻهو کي پاڻ ڏانهن متوجھه ڪن ٿيون. رئيس علي نواز خان انڙ سياست جي شروعات پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ئي شروع ڪري ڇڏي هئي، پر پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سياست جي ميدان ۾ ڪيتريون ئي ڪاميابيون ماڻيائين. سڀ کان پهريائين هن ننڍڙي شهر شهر قاضي احمد کي يونين ڪائونسل جو درجو ڏياريو ۽ پاڻ انجو پهريون چيئرمين مقرر ٿيو ۽ پوءِ ٽائون ڪميٽي جو درجو ڏياري چيئرمين ٿيو، ۽ شهر کي خوبصورت بڻائڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪندو رهيو. حاجي علي نواز خان انڙ ۱۹۷۱ع ۾ ملڪي اليڪشن ۾ آزاد اميدوار جي حيثيت ۾ حصو ورتو ۽ اڪثريت سان ڪامياب ٿيو MPA چونڊجڻ بعد پ پ پ جي چيئرمين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ٽڪيٽ تي هڪ دفعو وري MPA جي سيٽ تي سوڀارو ٿيو. رئيس علي نواز خان انڙ جنهن جي سروري جماعت (هالا شريف) سان آهي وٽ ڪيترا ئي سياسي، سماجي، مذهبي رهنما ۽ ذاتي دوست زميندار اڪثر مهمان ٿي ايندا هيا جيڪي سندس پاران جوڙايل عمارتون ۽ ناز باغ ۽ ان ۾ اندر بيهاريل جانور ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندا هيا، جن جون يادگار تصويريون اڄ به مخدوم طالب الموليٰ لانڍي جون سونهن بڻيل آهن انهن ۾ حضرت قبله مخدوم محمد زمان (طالب الموليٰ)، حضرت پير حاجي فيض محمد نقشبندي) (پير آف لواري شريف) قبله مخدوم امين فهيم صاحب، پير صاحب پاڳارو، سردار غلام محمد مهر، سردار واحد بخش سرڪي، احمد ميان سومرو، سائين محمد علي شاھ درٻيلو، سيد حسن بخش شاھ، فيلڊ مارشل محمد ايوب خان، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو، ميان محمد نواز شريف، غلام مصطفيٰ جتوئي، سيد بشير احمد شاھ، سيد ظفر علي شاھ، ارباب غلام رحيم، رئيس غلام مجتبيٰ خان جتوئي. ڊاڪٽر سهراب سرڪي، ڄام صادق علي، شاھنواز خان جوڻيجو، سردار خان محمد ڏاهري، ۽ ٻيا ملڪ جا ڪيترائي نالي وارا سياستدان ۽ صحافي شامل آهن. حاجي علي نواز خان انڙ جتي سياست ۾ پنهنجو پاڻ مڃرايو اتي علمي ادبي خدمتن ۾ پڻ خوب نڀايو، تعليم جي ميدان ۾ گرلس هاءِ اسڪول، پرائمري اسڪول، بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول، تعلقه اسپتال، جانورن جي اسپتال، وغيره جا پلاٽ ڏئي، ڪوششون وٺي قاضي احمد شهر جي لاءِ سهولتون مُهيا ڪيون، جڏهن ته روڊ رستن جي حوالي سان پڻ هن شهر کي سهولتن سان آراسته ڪيو، سندس پاران تعمير ٿيل (ناز باغ) جنهن کي سنڌ جو شالامار باغ سڏيو وڃي ٿو اڄ به تفريح ڪندڙن جي لاءِ باعث سڪون بڻيل آهي. رئيس علي نواز خان انڙ پنهنجي ذات ۾ دين دار ماڻهو هو، مختلف وقتن تي ديني پروگرامن جو انعقاد ڪرائيندو هيو ۽ باغ اندر مسجد ۽ ان سان گڏوگڏ مدرسه قائم ڪرڻ ۾ به سندس ڪردار آهي. ان مدرسي سان گڏ لائبريري جو قيام پڻ عمل ۾ آندائين، ۱۹۸۶ع ۾ ڪعبت الله جو پيش امام پڻ قاضي احمد ۾ رئيس علي نواز خان انڙ جو مهمان بڻيو. اهڙي طرح هن الله لوڪ ۽ شريف النفس انسان ۸۴ سالن جي عمر ۾ ۳۱ آگسٽ ۲۰۰۶ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو- سندس ڪيل خدمتون، سنڌ وارن لاءِ ساراھ جوڳيون آهن.
رحيم بخش آزاد کاٻي ڌر کان وسري ويل استاد ۽ ڪامريڊ – ۲۱ مئي ۲۰۱۹ع ڊاڪٽر ايوب شيخ اڄ صبح جو ملڪ جو نامور ۽ غريب دوست ڪامريڊ، هيٺئين طبقي سان واڳيل استاد رحيم بخش ”آزاد“ گذاري ويو. هن کي گهڻي وقت کان شگر جي بيماري هئي. رت ۾ شگر واڌ ۽ سماجي بدحالي کيس وڌيڪ ضعيف بڻائي ڇڏيو هو. پر هو ڪڏهن به ”آسرن“ جي پناري نه لڳو. هن ڪڏهن به آسرن ۾ زندگي نه گذاري ۽ پنهنجي پتيءَ جو ڪم ڪندو رهيو. هن جي وهمن ۾ آسرا نه هوندا هيا بس! جيڪي سندس سامهون آهي، اهو ئي اهم آهي ۽ ان تي اعتبار ڪري سگهجي ٿو. ايئن هن توڪل جي ترهي تي ترندي زندگي جو ساٿ نڀايو. جنهن هنڌ رحيم بخش آزاد کي دفنايو ويو ان هنڌ قبرن جي ترتيب هيءَ هئي ته سندس سيرانديءَ کان هڪ شخص نالي پير محمد ”مسافر“ جي قبر هئي، ان جي پاسي ۾ محمد اسحاق ”روزي“ پوريل هو ۽ انهن جي پاسي ۾ ٻه زال مڙس خدا بخش بلوچ ۽ لال بي بي بلوچ دفن هيا. انهن دفنايل انسانن جي پاسي ۾ آزاد پڻ دفن ٿيو هو، جيڪو سڄي ڄمار روزي روٽي لاءِ محنت ته ڪندو رهيو پر ڪڏهن به ان کي رڳو زندگي نه سمجهيائين. رحيم بخش بلوچ ”آزاد“ نامياري دانشور ڊاڪٽر فيروز احمد سان گڏجي ۱۹۷۰ع ڌاري جناب رسول بخش پليجي جي ”عوامي تحريڪ“ ۾ شامل ٿيو هو. قبرستان ۾ موجود ماڻهن ٻڌايو ته ”ايم آر ڊي جي دور ۾ ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد رسول بخش پليجي پنهنجي گهرواري ۽ لوڪ ڳائڻي جيجي زرينا بلوچ کي آزاد جي گهر ۾ لڪي رهڻ جو چيو هو ۽ جيجي ڪيئي مهينا اتي رهي هئي“. اهڙي طرح لياري عوامي تحريڪ وارن لاءِ ”پناهه گاه“ جو ڪم ڪندي هئي. ”آزاد“ کي معلوم هو ته علم ئي وڏو هٿيار آهي. علم ئي سوشلسٽ انقلاب جو بنيادي ٿنڀ آهي. آزاد علم لاءِ بيپناه ڪم ڪيا. رڳو لياري ۾ لائبررين ٺاهڻ لاءِ هن جيڏا ڪم ڪيا سي سندس زندگي ۽ موت کي لازوال بڻائڻ لاءِ وڏا پاسا آهن. ڀلا! ڪنهن کي خبر هئي ته سر عبدالله هارون جي جوڙايل لائبرري جي بقا به آزاد جي هٿن سان ٿيندي. گل حسن ڪلمتي پنهنجي تاريخي ڪتاب ؛ ”ڪراچي سنڌ جي مارئي“ ۾ لکيو آهي ته سنگو لين کان ويندي ميران ناڪا تائين، کڏي کان ويندي ماڙيپور تائين ڪيئي لائبرريون هونديون هيون. نامياري صحافي بينا سرور جي ڀيڻ صهبا سرور جي ورتل هڪ انٽرويو ۾ آزاد کين ٻڌايو ته ۴۰ لائبررين ۾ لکين ڪتاب هوندا هيا. آزاد جي وڏن مشغلن ۾ هڪ ڪم اهو به هيو ته جڏهن به ڀٽو صاحب لياري ۾ ايندو هو ته هي نوجوانن کي گڏ ڪري ڀٽي صاحب اڳيان آڻيندو هو ۽ اهي جناب ذوالفقار علي ڀٽي کان گهر ڪندا هيا ته ” لياري کي لائبرريون ڏيو“. ڀلا! لياري ۾ اهڙا مطالبا ٿيندا هوندا؟ اها ڳالهه ڪنهن سوچي ۽ ٻڌي هئي؟ آزاد سان اسان جي ملاقات تڏهن ٿيندي هئي جڏهن هو ڊاڪٽر فيروز احمد جي ايڊيٽريءَ ۾ اردو ۾ نڪرندڙ شاندار رسالي ”پاڪستان فورم“ جون ڪاپيون سنڌ ميڊيڪل ڪاليج جي هاسٽل ۾ رهندڙ سنڌي شاگرد تحريڪ جي ميمبرن وٽ پهچائيندو هو. پاڪستان فورم اردو جو اهو تاريخي رسالو آهي جنهن ۾ عالمي انقلابن سميت پاڪستان جي سياسي ۽ سماجي جائزن ۽ مارشلائن ۽ انهن جي مخالفتن جا حساب ڪتاب لکيا پيا هوندا هيا. اڄ رحيم بخش آزاد اسان کان جدا ٿيو. اسان هن جي قبر تي ڳاڙها گل گلاب جا سجائي رهيا هئاسي. آئون اتي ماڻهن کي ڏسي رهيو هوس. نوجوانن ۾ آزاد جيئرو هو. سڀ آزاد جا مالڪ بڻيا بيٺا هيا. مون کي خوشي ٿي ته جناب ايڌيءَ جو فرزند فيصل ايڌي، جان بليدي، واحد بلوچ، سعيد بلوچ، عباس جلباڻي به اسان سان گڏ هيا. پر ان خوشيءَ سان گڏ اهو سوال مون سان ويڌن ڪري رهيو هو ته ”ڇا ڪنهن امير ڪامريڊ جي جنازي مان به کاٻي ڌر جا ڪامريڊ ايئن ئي غائب هجن ها؟“ رحيم بخش آزاد آزاد به هليو ويو رئوف نظاماڻي آزاد گذاري ويو. هڪ ڊگھو عرصو بيمار رهڻ کانپوء هو هن دنيا مان هليو ويو. هو انهن ماڻهن مان هو جيڪي اهڙن وشال دريائن وانگر هوندا آهن، جيڪي هڪ ڊگھي عرصي تائين آبادين ڪرڻ، زرخيزي، آسودگي ڦهلائڻ کانپوءِ سرسوتي جيان آب گم ۾ تبديل ٿي هڪ ڏند ڪٿا بڻجي ويندا آهن. ماڻهن وٽ رڳو سندن قصا، ڪهاڻيون ئي رهجي وينديون آهن. اسان جو دوست رحيم بخش آزاد جنهن کي نه رڳو ڪراچي پر پوري ملڪ جي خاص طور تي کاٻي ڌر جي حلقن ۾ آزاد بلوچ جي نالي سان سڃاتو ويندو هو پنهنجي ان بيماري جي عرصي ۾ شايد اهڙي ئي هڪ ڏند ڪٿا ٿي ويو هو. هن دنيا سان پنهنجو ناتو گھٽائي ڇڏيو هو پر سندس دوستن کيس هر طريقي سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. آزاد سان منهنجو تعلق جيتوڻيڪ سنڌي عوامي تحريڪ جي حوالي سان ٿيو پرپوء اهو هڪ ذاتي تعلق ۾ بدلجي ويو، عوامي تحريڪ کان ڌار ٿيڻ کان پوء به اهو هلندو، مضبوط ٿيندو آيو، اخري وقت تائين اهو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ جاري هو. هوهڪ اهڙو شخص هو جنهن جو گھر، جنهن جي دل ٻولي، نسل، نظرئي جي تفريق کانسواء ڪن خاص ماڻهن لاء نه پر سڀني لاء کليل هوندا هئا، اهو سندس زندگي جي آخر وقت تائين رهيو. گھڻن جي لاء هو استاد هو، گھڻا کيس پنهنجي پي جيان سمجھندا هئا. کيس گھڻن ماڻهن جيان زندگي جي ڪنهن هڪ خاني ۾ بند ڪرڻ انتهائي ڏکيو آهي، سندس شخصيت به اهڙي نه هئي جو رڳو هڪ خاني ۾ سمائجي سگھي. اهو چوڻ ته سندس واسطو رڳو سياست سان رهيو اڌوري ڳاله ٿيندي. هڪ ئي وقت ۾ ساڻس ملڻ وارن ۾ مختلف موضوعن، شعبن سان دلچسپي رکندڙ دوست موجود هونڌا هئا، هو انهن سڀني سان منهن ڏيندو هو، کين مطمئن ڪندو هو. سندس دوستن ۾ سياست سان گڏ ادب، ميوزڪ، ڊانس سان واسطو رکندڙ ماڻهو به شامل هئا جن کي انهن شعبن متعلق چڱي خاصي ڄاڻ هئي. آۡزاد وٽ پاڻ سٺو ميوزڪ سسٽم، گيتن، ڪتابن جو چڱو ذخيرو موجود هونڌو هو جيڪو سندس بيٺڪ ۾ هونڌو هو جتي دوستن سان ڪچهري ٿيندي هئي. انهن سڀني شين مان سڀ دوست فائدو حاصل ڪندا هئا، هو پاڻ ان ڳاله جي همت افزائي ڪندو هو. ڪتابن سان گڏوگڏ آئون کانئس ڊرامن، فلمن جون ڪيسٽون پڻ وٺي ويندو هوس. مون اهو ڏٺو ته کيس دوستن کي اهي شيون ڏيندي خوشي ٿيندي هئي، هو ان ڳاله جي پرواه نه ڪندو هو ته انهن مان گھڻيون شيون موٽن ٿيون. کانئس ورتل ڪجھ ڪتاب شايد مون وٽ اڃا به موجود آهن. ان وقت جڏهين ضياءالحق جي دور ۾ پاڪستان متعلق گھڻن ڪتابن تي بندش هونڌي هئي ته اهي ڪتاب يا انهن جون فوٽو اسٽيٽ ڪاپيون آزاد وٽان ملي وينديون هيون جيڪي کيس پرڏيه ۾ رهندڙ سندس دوست ڪنهن ريت موڪليندا هئا. آزاد لاء اهو چوڻ وڌيڪ مناسب ٿيندو ته سندس واسطو کاٻي ڌر، سنڌي، بلوچ قوم پرست سياست سان هو. پر کيس ڪنهن هڪ خاص سياسي جماعت سان جوڙي نه ٿو سگھجي. ان سلسلي ۾ مٿس تنقيد به ٿيندي هئي پر هو ان جي پرواه نه ڪندو هو، کلي ڳاله ٽاري ڇڏيندو هو. لالا لعل بخش رند، يوسف نسڪندي سندس ويجھا دوست هونڌا هئا، سندس ان روئي تي سندس سرزنش به ڪندا هئا پر اهي ساڳي وقت ساڻس هڪ ويجھڙائي، قربت به رکندا هئا. هو انهن سڀني کي ٻڌنڌو هو پرِ پنهنجي ورتاءَ لاء ڪنهن جواز، دليل ڏيڻ جي بجائي بس هڪ زوردار ٽهڪ ان جو جواب هونڌوهو. اهو نه هو ته سندس مقصد پنهنجي ان ورتاءَ مان ڪي ذاتي فائدا حاصل ڪرڻ هو بس اها سندس طبيعت هئي، شايد ان ڪري ئي کيس آزاد چيو ويندو هو. سندس پيپلز پارٽي جي اڳواڻن، خاص طور تي لياري جي اسمبلي ميمبرن، وزيرن ستار گبول، رحيم بلوچ، ٻين اڳواڻن سان ذاتي ناتا هونڌا هئا، وٽس کانئن فائدا حاصل ڪرڻ جا گھڻا موقعا هئا جنهن جي لاء کيس چيو به ويندو هو پر هن نه پاڻ کي پابند ڪرڻ ٿي چاهيو، نه ئي پنهنجي برابري واري حيثيت تي ڪو ڪمپرومائز ڪرڻ لاء تيار هو. هو آخر وقت تائين سنگولين جي ساڳئي گھرءِ ساڳئي پاڙي ۾ رهيو، ساڳئي طريقي سان پنهنجي زندگي گذاريندو رهيو. ساڳي وقت هو سنڌي عوامي تحريڪ سان به لاڳاپيل هو، ڪراچي ۾ ان جي تنظيم ۾ هڙان، وڙان نه گھٽائيندو هو. بي ايس او عوامي، بلوچ ادبي تنظيمن جا دوست به مختلف معاملن، ڪراچي ۾ رابطن لاء ساڻس رابطي ۾ هونڌا هئا. لياري ۾ سنڌي ادبي سنگت کي متحرڪ ڪرڻ ۾ سندس اهم ڪردار هو. هن ان جي لاء پهرين مولوي عثمان پارڪ جي لائبريري، پوء چاڪيواڙي ۾ فٽ بال هائوس ۾ گڏجاڻين لاء جاء جو بندوبست ڪيو، پاڻ به، انهن گڏجاڻين ۾ باقاعدي شرڪت ڪندو هو. هر وقت متحرڪ شخص جيڪو ڪنهن به عوامي، انساني حقن جي تحريڪ ۾ شامل هئڻ لاء تيار هونڌو هو. بلوچستان ۾ جڏهين ذڪري فرقي خلاف مذهبي جماعتن هڪ مهم شروع ڪري کين هراسان ڪرڻ شروع ڪيو ته آزاد ڄڻ ان سڄي ناانصافي خلاف هڪ اڳواڻ جي طور تي سامهون آيو، هن سڄي ڪراچي ۾ جلسن، جلوسن، پريس ڪانفرنسن، مختلف سياسي، سماجي، انساني حقن جي اڳواڻن سان ملاقاتن وسيلي ان مسئلي کي نروار ڪيو، گھڻي حد تائين مذهبي جماعتن جي دٻاء کي گھٽائڻ ۾ ڪامياب ويو. لياري جي حوالي سان آزاد کي هڪ حوالو سمجھيو ويندو هو. ان جو اندازو مون کي ساڻس تعلق جي شروع ۾ ئي ان وقت ٿيو جڏهين مون ۱۹۷۷ ۾ پي اين اي جي ڀٽو حڪومت خلاف تحريڪ وقت لياري جي سياسي صورتحال جي حوالي سان هڪ مضمون لکيو هو جيڪو عوامي تحريڪ جي ترجمان رسالي تحريڪ ۾ شائع ٿيو هو. ان مضمون جي سلسلي ۾ جيڪڏهين آئون ائين چوان ته وڌاء نه ٿيندو ته ان ۾ جيڪڏهين آزاد جي مدد، رايا شامل نه هجن ها ته اهو اڌورو رهجي وڃي ها. نه رڳو ڪراچي پر پاڪستان، پرڏيه جي صحافين کي به لياري جي مختلف سماجي، سياسي مسئلن جي حوالي سان ڪا اسٽوري ڪرڻي هونڌي هئي ته کين آزاد سان رابطي ۾ اچڻ لاء چيو ويندو هو جيڪو کين مختلف ماڻهن سان ملائيندو، مختلف علائقن ۾ وٺي ويندو هو. اهڙا حوالا ڪيترن انگريزي، اڙدو رسالن، اخبارن ۾ ڏسي سگھجن ٿا. لياري جي حوالي سان خاص طور تي سندس ڄاڻ انسڪلوپيڊيائي هئي. لڳندو ائين هو ته هو بس مڙد ميدان هو جيڪو ڪتاب وغيره رکي، دوستن کي ڏيئي بس پنهنجي علم دوستي ظاهر ڪندو هو. پر ائين نه هو. ساڻس مختلف موضوعن تي ڳالهائي سگھجي پيو. هو ساڳي وقت بلوچي، سنڌي، اڙدو ۾ لکي سگھندو هو، انهن جي شاعرن، ليکڪن، ٻين اهم شخصيتن تي سير حاصل ڳاله ٻوله ڪري سگھندو هو. منجھس مون هڪ خاص ڳاله ڏٺي ته جڏهين کيس ڪنهن موضوع تي لکڻ لاء چيو ويندو هو ته اهو گھٽ ئي ٿيندو هو ته هو اڳواٽ ئي لکي اچي. پروگرام جي ڪاروائي شروع ٿيڻ کان ڪجھ وقت اڳ هو اتي پهچي هڪ پاسي ٿي ويهي رهندو هو. يڪي ڪجھ کيس لکڻو هونڌو هو اهو لکي وٺندو هو. اهو ساڳيو طريقو مون ڪنهن حد تائين فقير محمد لاشاري ۾ به ڏٺو هو. آزاد جو اداره امن و انصاف، جنهن جو ملڪ جي ترقي پسندن سان ويجھو تعلق هو، جنهن هڪ ڊگھي عرصي تائين سنڌي ادبي سنگت ڪراچي کي گڏجاڻين لاء پنهنجي جاء استعمال ڪرڻ جي اجازت به ڏني هئي، سان هڪ خاص تعلق هو. هو هڪ ڊگھي عرصي تائين اداري پاران اڙدو ۾ نڪرندڙ رسالي جفاڪش جو ايڊيٽر رهيو، اداري جي مختلف سرگرمين ۾ پڻ حصو وٺندو رهيو. اها سندس خوش قسمتي هئي ته اداري تي جڏهين دهشت گردن جو حملو ٿيو جنهن ۾ اتي موجود سڀ ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا ان کان رڳو ڪجھ وقت پوء آزاد اتي پهتوهو جنهن ان سڄي ڪاروائي کان دنيا کي آگاه ڪيو. ان حملي کان پوء ادارو، رسالو جفاڪش ٻيئي بند ٿي ويا، حملو ڪندڙ ٻين گھڻن اهڙن حملن جيان نامعلوم جي ڌنڌ ۾ گم ٿي ويا. لياري ۾ هئڻ وقت آزاد سان اڪثر ملاقات ٿيندي رهندي هئي. منهنجي گلشن حديد منتقل ٿيڻ کان پوء انهن ملاقاتن ۾ وقفو وڌي ويو. آزاد جو گھر پراڻي ڪنڀار واڙي جي پاڙي سنگولين ۾ آهي جيڪو هڪ لحاظ کان ڄڻ گينگ وار جي مختلف گروهن جو ڳڙه رهيو آهي. ان ڪري لياري جي صورتحال جي خراب ٿيڻ کان پوء اهو رابطو ڄڻ ختم ئي ٿي ويو. بس شهر ۾ ٿيندڙ ڪنهن ادبي، سياسي، ثقافتي پروگرام وغيره ۾ سرسري ملاقات ٿي ويندي هئي جيڪا وري ملڻ جي واعدي تي ختم ٿي ويندي هئي. پر پوء اهو سلسلو به ختم ٿي ويو. ڪجھ دوستن کان خبر پيئي ته آزاد پاڻ کي بلڪل گھر تائين محدود ڪري ڇڏيو هو. هو نه ته موبائل فون رکندوهو، نه ئي گھڻن دوستن سان ملڻ، ڳالهائڻ پسند ڪندو هو. ان جو هڪ ڪارڻ سندس صحت به ٿي سگھي پيئي. پرتازو هڪ گڏيل دوست کان اها خبر پيئي ته جڏهين سندس صحت ٺيڪ هئي تڏهين به هو پنهنجي گھر تائين ئي محدود ٿي ويو هو. هن دوست جو چوڻ هو ته آزاد جو ڏينهن شام چئين وڳي کان شروع ٿيندو هو، پوء هو رات جو دير تائين جاڳندو رهندو هو جنهن دوران هو اٽڪل سورنهن اخبار پڙهندو هو. ان جي باوجود ته پنهنجن آخري ڏينهن ۾ آزاد پاڻ کي پنهنجي صحت وغيره جي لحاظ کان پنهنجي گھر تائين محدود ڪري ڇڏيو هو پرسندس دوست اڃا به ٻاهرين دنيا سان رابطي لاء سندس ذريعو هئا. سٺي ڳاله اها هئي ته آزاد کي اڪيلو نه ڇڏيو ويو هو. خاص طور تي سندس ٻار سندس جوڳي سار سنڀال لهندا هئا، سندس ذاتي دوستن مان گھڻا آخر وقت تائين به ساڻس گڏ هئا. رحيم بخش آزاد چڱو سنگتان سدائين گڏ حسن مجتبيٰ هيءَ جيڪا لياري، ڪراچي ۾ ويجهي ماضي تائين شايد اڄ به هجي، ڀٽن ۽ پيپلزپارٽِي جو ڳڙهه بڻيل رهي هئي تنهن کي دادل ۽ شيرل رستي ماڻهن توڻي مخالفن کي دٻائي رکندڙ ٻاويهه خاندانن مان هڪ هارون خاندان کان کسي پي پي پي جو قلعو بڻائڻ ۾ هٿ رحيم بخش آزاد بلوچ جو به رهيو هو. رحيم بخش آزاد بلوچ ئي هو، جنهن سندس ڪن ساٿين سان گڏجي لياري ۾ ايوب خاني آمريت کي للڪاريندڙ ذُوالفقار علي ڀٽي جي تڏهن نئين جوڙيل پارٽي جون نه فقط آفيسون کوليون هيون پر ڀٽي کي لياري جي عوامي بلوچي توڻي سنڌي ڪڇي مزاج کان به واقف ڪيو هو. انهي لياري ۾ پوءِ ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن داخل ٿيو هو ته هڪڙي جلسي ۾ هن چيو هو، “لياري ۾ دادل، شيرل، هارونن جا بدمعاش آهن پر مون کان وڏو بدمعاش ڪير ٿيندو؟” لياري ۾ ڀٽي، شيرل دادل رستي هارونن جي جيڪا مٿ ٽوڙِي هئي، تنهن جي پٺيان جيڪي دماغ ها انهن ۾ رحيم بخش آزاد بلوچ به هو، جنهن سياسي طور پوءِ گهڻا سال اڳ منهنجي دوست اسلم خواجي کي پُٽيلو ايڊاپٽ ڪيو هو. ڪڏهن اهو لياري جيڪو هاڻ عذير جان بلوچ ۽ رحمان ڊڪيت مان ڦري سردار عبدالرحمان بلوچ، بابا لاڊلا، غفار ذڪري جي نالن سان سڃاپجڻ لڳو هو سو ڪالهه تائين رحيم بخش آزاد بلوچ جهڙن سياسي نظرياتي جوڳين جي نالن سان سڃاپجندو هو. رحيم بخش آزاد ۽ هن جي گهٽي سنگهولين، جيڪا پوءِ گينگ وار جي ور چڙهي ويئي تنهن ۾ ڊاڪٽر فيروز جهڙي کاٻي ڌر جي دانشور کان وٺي رسول بخش پليجي، ڄام ساقي، معراج محمد خان ۽ بزنجو توڻي منهنجي دوست عيني علي خان تائين دنيا ڀر جا کوجناڪار جيڪي به لياري جي سياست ۽ سماج کي سمجهڻ چاهيندا هئا سي ڪتابن سان سٿيل ڪمري ۾ رحيم بخش آزاد جي انهي گهر ۾ آيا هئا. وري پوءِ اڻويهه سو ستر جي ڏهاڪي ۾ بلوچستان ۾ ڀٽي خلاف ويڙهه ڪندڙ نوجوانن رحمان برادران يا ٽالپر برادران مان ڪير ڪير نه رحيم بخش سان ڪچهريون ڪري چڪو هو! رحيم بخش آزاد بلوچ نه فقط لياري پر ٻنهي بلوچستانن پاڪستاني توڻي ايراني بلوچستان جي سياست، سماجيات، ادب شاعري سميت جيئرو جاڳندو انسائيڪلو پيڊيا هو، هو گوگل کان گهڻو اڳ پيدا ٿيو هو. هو پاڻ گوگل هو. رحيم بخش آزاد بلوچ لياري ۽ بلوچستان تي انتهائي ڄاڻ رکندڙ توڻي اتان جي عوام لاءِ درد رکندڙ ٽمورتي مان هڪ هو. اها ٽمورتي ڪڏهوڪو ٽٽي پيئي هئي، اها ٽمورتي هئي لال بخش رند باالمعروف لالا، يوسف نسقندي ۽ رحيم بخش آزاد بلوچ. هي جيڪو به لياري ۽ بلوچستان تي ملڪي توڻي پرڏيهي سٺو سهيوڳي (همعصر) مواد ملي ٿو، انهن جي کوجناڪارن جي پٺيان وڏن دماغن مان هڪڙو دماغ رحيم بخش آزاد رهيو. هو ڪراچي جي سمونڊ کان وٺي گودار، جيوني، پسني، اورماڙا واري نيري سمونڊن (سمونڊکي بلوچ ندي چون) جي پاڻين جي تهن ۾ مڇين توڻي مهاڻن تي نه رڳو ٻڌائي سگهندو هو پر سمونڊ رستي بين الاقوامي روٽ ڏانهن ٿيندڙ تاريخي اسمگلنگ بابت به ٻڌائي سگهندو هو. هڪ ڀيرو هن مونکي منهنجي ساحلي بلوچستان ۾ هڪڙي سر جي جوکم واري اسٽوري ڪرڻ لا وڃڻ کان اڳ هڪڙي فارسي واري بلوچستان جو نقشو ڪڍي سمجهايو هو، جيڪو هن ٻڌايو هو ته هن تهران جي فوٽ پاٿ تان خريد ڪيو هو. ڏورانهان ڏاکڙن ڀريا سفر ڪرڻ هن جو اهڙو شوق هو، جيڪو جيسين سندس جسم ۽ صحت اجازت ٿي ڏني، هن ڇڪي رکيو هو. مان هن کي مذاق ۾ چوندو هوس ته، “اهي سسئي وارا پنڌ جهاڳڻ تون پنهون جي مائٽ کي ڪيئن ٿا اچن!” لياري ۾ سياست ۽ ادب توڻي تاريخ جي شاگردن، ليکڪن، سياسي ڪارڪنن جو نسل کيس استاد رحيم بخش سڏيندو هو. هو انتهائي بهادر انسان هو. دانشور، پورهيت، بهادر. هن جيلون به ڏٺيون ته ريلون به. هو ڪڏهن آل پاڪستان سئنيما گيٽ ڪيپر ايسوسيئيشن جو مرڪزي صدر هو. ڪراچي ۾ سئنيما جي پورهيتن جي هڪڙي هڙتال دوارن چون ٿا ته هن سئنيما مالڪ حاڪم علي زرداري کي ڳلي کان جهليو هو. واجا رحيم بخش بلڪل پنهنجي قد بت ۾ پراڻن زمانن جي دادن جهڙو لڳندو هو پر صفا ڪپهه جي ڪوڻِين جهڙو نفيس سوچ وارو انسان. هو آل پاڪستان ذڪري ايسوسيئيشن جو جنرل سيڪريٽري پڻ رهيو. هن مارڪسوادي رحيم بخش جو تعلق بلوچ مسلم ذڪري عقيدي وارن سان هو. ذڪري يا ذگري۔ تربت ڀرسان ڪوهه مراد تي ٿيندڙ ذڪري مسلمانن جي وڏي اجتماع جا بندوبست ڪرڻ وارن مان هڪڙو رحيم بخش آزاد به هو. مير غوث بخش بزنجو، توڻي سردار بهادر يار جنگ ۽ بلوچستان اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر سميت ڪيترين ئي مشهور شخصيتن جو تعلق ذڪري صوفي عقيدي سان هو. لياري ۾ ذڪري صدين سالن کان آباد آهن. رحيم بخش بلوچ جيڪو پاڻ انتهائي سيڪيولر ۽ ترقي پسند سوچ جو هو پر هو سماج جي ڪنهن به لتاڙيل حصي کي سندس حقن ڪاڻ منظم ڪرڻ ۾ وسان نه گهٽائيندو هو. پوءِ اها مسلم ذڪري ايسوسيئيشن هجي يا ڪراچي جا هيٺين طبقن جا مسيحي (ڪجهه سال اڳ هو 2002ع ۾ ادارا امن و انصاف طرفان نڪرندڙ رسالي “جفاڪش” جو ايڊيٽر هو، جڏهن ان جي ڪراچي ۾ رمپا پلازا واري جفاڪش جي آفيس تي دهشتگرد حملو ٿيو هو. حملي وقت دفتر ۾رحيم بخش به شايد موجود هو. هن جا ساٿي ڪارڪن مارجي ويا هئا، رحيم بخش معجزاڻي طرح بچي ويو هو. ڪيتري عرصي تائين رحيم بخش ان حملي جي ٽراما مان گذرندو رهيو هو) رحيم بخش آزاد بنيادي طرح پورهيت طبقي سان تعلق رکندڙ هو ۽ هو پورهيتن جون ٽريڊ يونينون منظم ڪرڻ ۾ مهارت رکندو هو ۽ ان ڳالهه ۾ به يقين رکندو هو ته پورهيت لاءِ پرديس به ساڳيو، ديس به ساڳيو. هو ان ڪم ۾ ڪراچي کان گدون امازئي تائين ويو هو. آل پاڪستان سئنيما گيٽ ڪيپرس ايسوسيئيشن تڏهن منظم ڪئي هئائين، جڏهن پاڻ به هو ڪراچي جي هڪڙي سئنيما تي گيٽ ڪيپر هو. هن بلوچ ترقي پسندن ۽ وطن دوست نوجوانن ۽ ليکڪن کي پڻ منظم ڪيو. هو بلوچي رسالي “لپزڪان” جو ايڊيٽر به رهيو، جنهن ۾ هن منهنجي ڪن سنڌي نظمن جو ترجمو پڻ ڪيو. هن جي هڪڙي سڃاڻپ بلوچي ٻولي ۽ ادب تي سندس اٿارٽي هجڻ پڻ هو. هو ورلڊ ڪلاس بلوچ دانشور هو. اصل سندس تعلق بلوچستان جي دشت علائقي سان هو. ڪئين صديون اڳ سندس وڏا ايراني بلوچستان مان لڏي لياري ڪراچي ۾ آباد ٿيا هئا. هو سنڌين سان بلوچي لياري واري لهجي ۾ سنڌي ٻولي ۾ ڳالهائيندو هو ۽ سنڌي ادب ۽ شاعري توڻي سياست تي سندس ڄاڻ حيرتناڪ هئي. منهنجي هن سان پهرين ڏيٺ ويٺ پهريون ڀيرو مٺِي واري انهي بدقسمت ٿر ڪانفرنس ۾ وڃڻ لاءِ گڏ سفر دوران ٿي هئي، جنهن ۾ نعري بازي تان فائرنگ ۾ هوٽل تي ڪم ڪندڙ هڪڙو پورهيت مارجي ويو هو. رحيم بخش پنهنجي دور ۾ فوٽ بالر به هو. لال بخش رند جنهن کي لياري توڻي بلوچستان جا ماڻهو پيار مان لالا سڏيندا هئا، رحيم بخش آزاد، نون ميم دانش، يوسف نسقندي، ڪامريڊ رمضان بلوچ، اسانجو پيارو سائين جيئي سدائين نادر شاه عادل، سندس والده ۽ بلوچي شاعره بانل دشتياري، لطيف بلوچ ۽ صديق بلوچ توڻي عثمان بلوچ، لياري ڪڏهن ملڪ جي وڏي حزب مخالف پارٽي نعپ جو به مرڪز رهي ته ڪڏهن اتان جي عبدالله هارون ڪاليج ۾ فيضاحمد فيض جهڙا پرنسپال ۽ ڊاڪٽر ري حسان جهڙا استاد رهيا. لياري کي پنهنجي اهڙن سياسي سرچشمن هجڻ جي سزا ڏيئي ان کي رياستي ۽ غير رياستي تشدد برقرار رکڻ ڪاڻ ان کي گينگ وارز جو مرڪز بڻايو ويو. لياري کي لياري هجڻ جي سزا ڏني ويئي ۽ منهنجي دوست ۽ رحيم بخش آزاد جي سوٽ سعيد بلوچ کي گهڻي ڳالهائڻ جي (هاهاها)۔ رحيم بخش آزاد پنهنجي پٽ جو نالو حسن ناصر رکيو. لياري ۾ منهنجي دوست ليکڪا ۽ صحافڻ عيني علي خان ان وقت به راتين جو لياري ۾ چانهه خانن ۽ اتي ويهندڙن ۽ لياري جي عورتن تي لکڻ لاءِ راتين جو به گهمندي رهي هئي، جڏهن اتي گينگ وارز هيون، تنهن مونکي چيو هو “لياري ۾ جڏهن نادر شاه عادل جهڙا ماڻهو به لڏي وڃن ته پو لياري، لياري نه ٿي رهي!” مان رحيم بخش آزاد لاءِ به ساڳي ڳالهه ڪندس، “لياري وڌيڪ يتيم ٿي ويو. لياري ۾ باباءِ لياري نه رهيو. چڱو سنگتان واجا رحيم بخش آزاد بلوچ، سدائين گڏ!”