Римська штора з тканинр букле #римськаштора #штори #римскаяштора
حرف نزدن دلهره ای بود و حرف زدن و درست فهمیده نشدن ، دلهره ای دیگر.... رومن رولان - ژان کریستوف
بادل جمالي کُتيري ٻيلي جو ماڻهو پير عبيد راشدي لال پشپ لکيو هو ته ”مون آڏو هڪ سوال اڀرندو آهي ته ليکڪ جي اندرين تهن مان لڳاتار هڪ ندي وهي ٿي، انهيءَ مان اڻ ڳڻيون لهرون وکرن ٿيون جنهن جي شور جو انت نه وري ڳاڻيٽو هوندو آهي. محترم بادل جماليءَ جي داخلي دنيا مان جيڪي بي انت اڻ ڳڻيون لهرون وکرن ٿيون، سي سندس اباڻي پٽ وٽان وهندڙ روهڙي ڪئنال وانگر آهن يا سنڌ جي شهر ڪراچيءَ جي سمنڊ جهڙيون، بادل جماليءَ جي اندر مان پلٽو هڻندڙ مضمون ۽ برجستي ڪهاڻي ٻروچڪي گج ڀرت ۽ سنڌي ٽوپيءَ وانگر لکن ۾ پڌري آهي. بادل جمالي ۱۹۷۵ع کان زندگي جي سمنڊ مان نه ڄاڻ ڪيترا موتي، پٿر ڪوڏ سپون ميڙي ڪهاڻين جي مال جوڙيندڙو ٿو هلي. هن جي ڪهاڻي ڪونج ڪتاران آهي يا روهڙي ڪئنال جي ٽاپ تان مٽندڙ اوٺي وڳ جيان،پر آهي موهيندڙ. هن جا احساس سمند وانگر بيڪنار آهن. هن جي اندر ۾ هڪ وقت منهوڙي ٻيٽ تي پئي پراڻي مندر جون گهنٽيون آهن ته مڪي مديني شريف ۽ نجف شهر مان پڙاڏجندڙ ٻانگ جا پاڪ ڪلما به وسندا آهن هو وچٿرو آهي. هو سچل جي وائي جو ورلاپ آهي. بادل جمالي، ڪميٽيڊ ليک آهي، ڪهاڻيءَ جي خصوصيت اها به بيان ڪري سگهجي ٿي ته انهيءَ ۾ زندگيءَ جي ڪنهن هڪ هاڃي، ڪيفيت پيرائتي نموني بيان ڪجي، سماج ۾ ٿيندڙ اٿل پٿل ۽ ڏاڍ کي اثرائتي ۽ نرالي ڍنگ ۾ پيش ڪجي ڪهاڻي نه رڳو ڪنهن امير جي ڊرائنگ، ڊائننگ هال جو گلدان آهي پر ڪهاڻي روهڙي ڪئنال جي بند تي پاڻ مرادو ڦٽل سر جو ٻوڙو به آهي. بادل لاءِ روهڙي ڪئنال ائين آهي جيئن ميخائل شولوخوف ۽ ميڪسم گورڪيءَ ولاءِ وولگا ندي هپ ڏکن جو ڊگهو رڻ پٽ جهاڳي پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن جي ڪرسيءَ تي ويٺو.ڪرسيءَ تي ويهڻ کانپوءِ ماڻهن جي روش مٽجي ويندي آهي. پر هن ۾ ڪا به تبديلي نه آئي. فنڪارن، اداڪارن ۽ ليکڪن کي مانُ ۽ عزت ڏيندو هو. پي ٽي وي تي ڪن کان هو سکيو ته ڪن جي هن رهنمائي ڪئي. بادل جو ن ڪهاڻيون فرد جي داخلي ڪيفيت کان وٺي، قوم، قبيلي سان ٿيل ڏاڍ جو الميو بيان ڪن ٿيون. محترم بادل جي پسند جو ليکڪ ننڍي کنڊ جو وڏو ليکڪ سعادت حسن منٽو آهي. منٽو وانگر چٽي ۽ سهڻي نموني سان ڪهاڻي لکي ٿو، هن جي ڪهاڻين ۾ خوبصورت تشبيهون، استعارا ۽ اثرائتا مڪالما آهن هن جي ڪهاڻين ۾ سعادت حسن منٽو، امر جليل، علي بابا ۽ جمال ابڙي جي فڪر وانگر هڪ بي ڊپو باغي بي چين روح ۽ منفرد موضوع آهن، جي ڊگهي وقت تائين پڙهندڙن تي اثر ڇڏين ٿا. انهيءَ ڪري ڪيترا پڙهندڙ کيس جيءَ ۾ جايون ڏيندا آهن بادل سنڌ جو آهي پر آسمان جي بادل وانگر سندس روح جي ڪا حد نه آهي. بادل جمالي حساس ۽ خوددار آهي. کيس پاڻ وڻائڻ جي بيماري نه آهي. هو هروڀرو ڪنهن ادبي ڪاڄ ۾ نه ويندو آهي.جيستائين ڪو کيس ور ور ڪري سڪ مان نه سڏي منهنجي خيال ۾ اها سندس سٺي وصف آهي. ادبي دنيا ۾ جتي وڏي ادارڪ. دل ونڊڻ وارا ۽ مرڪندڙ ماڻهو آهن ته اُتي ڪي پٿر دل انا جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ماڻهو پڻ آهن. ان جو مثال اهو ڏيندس ته جڏهن ڪهن ليکڪ جي ڪهاڻي، آرٽيڪل ۽ شاعري متاثر ڪندي اٿم ته انهيءَ ڏانهن سڪ جو هٿ ڊگهو ڪندو آهيان ۽ پوءِ هو ٻه ٽي ڏينهن چاهه جا ڏئي اوپرا ٿيو وڃن ۽ نه ملڻ جا بهانا ڪندا آهن. هو هوندا پنهنجن شهرن ۾ پر مسيج ياڪال تي جواب ڏيندا ” پير واقعي ابن پير آهين. هاڻ هاڻ قومي شاهراههَ تان تنهنجي ڳوٺ جا وڻ ڏسندي مٽيوآهيان. بادل جماليءَ جا ٻه ڪتاب ”سنگرام“ ۽ ”پاڙي ناهي پروڙ“ ڇپيل آهن اڃا به وٽس ٻن ڪتابن جيتريون ڪهاڻيون آهن. ڪتاب ”سنگرام“ جي ارپنا خود هڪ ماسٽر پيس ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ پورهيت پنهوار جي همت حوصلي ۽ جدوجهد جي مڃتا آهي. جي تتيءَ ٿڌيءَ روڊ رستن، واٽر ڪورسن تي ٻن ٽڪرن لاءِ ڪمائين ٿا. روڊ رستا، پلازه ۽ فصل آباد ٿي وڃن ٿا. پر پورهيتن جا اهي ساڳيا ڪکاوان گهر! بادل لکي ٿو ڪو به انقلاب اچي يا ڪو نئون نظام، پر مزدور جي اها ڇلي اها ئي تغاري ٺيڪيدارن،جمعدارن جادڙڪا ڇڙٻون، ڪنهن ڪچهريءَ ۾ بادل کان لکڻ جو ڪارڻ پڇيم، هو کي پل لاءِ چهچ سائي ڇٻر ۽ ڪنارن سان لڳل گلاب ڏسي خاموش ٿي ويو ۽ پوءِ رکي مٺو ڳالهائيندي چيائين ” سائين پير شاھ صدر جي شاھ آباد واري بنگلي جي باغيچي جي خوشبوءِ تنهنجي هن فارم هائوس ۾ وسي ٿي“ بادل جي اکين ۾ ماما سائين شاھ صدر جي شاھ آباد واري اٺاس کن جي ولار تي ڦهليل عاليشان بنگلي جا پارڪ ۽ گلاب لهڻ لڳا. شاھ صاحب جو اهو بنگلو 1950 واري ڏهاڪي جي شروعاتي ۾ جڙي راس ٿيو هو. جنهن جي مهاڙي تي برڪت منزل 1952ع لکيل هوندو هو. هي اهو زمانو هو. جو جڏهن حيدراباد، سانگهڙ، مٽياري ضلعن ۾ ڪنهن امير جو اهڙو بنگلو نه هوندو هو. بيڊ رومن سان گڏ هڪ ذاتي ناياب ڪتابن واري لائبريري هوندي هئي. جنهن ۾ ڪتابن سان گڏ پراڻين اخبارن جا سيٽ ٿيل فائل هوندا هئا. ”مون لکڻ جو ڪارڻ پڇيو هو؟“ مرڪندي پڇيم. وراڻيائين: ”عام ماڻهوءَ جي ياد تي وقت جو هوائون ليپو ڏئي ڇڏينديون آهن پر ليکڪ جي اندر ۾ ورهه پراڻين باغن باغيچن ۾ ٻرندڦ فانوسن ۽ پراڻين گهرن ۾ گاسليٽ وارن هٿ بتين جي بوءِ ۽ روشني واسيل هوندي آهي گلاب ڇڻي ويندا آهن، لالٽين جي وٽ اجهامي ويندي آهي پر انهن جي هٻڪار حواسن سان اک ٻوٽ ڪري احساسن جي ڪوري ڪاغذ تي لفظن جي چمي ڏئي ويندي آهي.“ ”بادل يار اڄ وس وسڪار ڪر لفظن جي ڇم برسات ڪر؟“ مون کيس کولڻ ٿي چاهيو، ”ليکڪ آڏو زندگيءَ جون تلخ انفرادي ۽ اجتماعي حقيقتون هونديون آهن، قلم کان ڪنهن مشعل جو ڪم وٺڻو پوي ٿو، لکڻ ڏکندڙ دل جي وارتا آهي“ بادل وضاحت ڪري چپ ٿي ويو، پر هو چپ ڪٿي هو، ٻاهر پام سنگل ۽ بادام جي لامن تي پکين لات ٽي لنئي، ملازم ٽيبل تي پليٽ ۾ پيل صوفي ٻير، زيتون ۽ ڇري رکي پر تي موٽي ويو”بسم الله“ کيس صلاحيم. بادل چپن ۾ بسم الله چئي ۽ ڳاڙهي صوفي ٻير کي لاٽون سمجهي ڦيرائڻ لڳو ۽ وکريل لهجي ۾ چيو ”رت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي“ ”مرحوم سائين شاھ صدر جون دعوتون ياد هوندئي؟” بادل پڇيو. وراڻيم: ”نوابشاھ سانگهڙ جا روينيو ۽ آبپاشي کاتي جا آفيسر ۽ وزير ته هميشه ايندا هئا. پر هڪ ڀيرو پير سائين پاڳارو، محمد خان جوڻيجو، ڄام صادق علي، سيد ذوافلقار علي شاھ ڄاموٽ ۽ ڄام سبب علي، پير صاحب سان گڏ ها. پير صاحب جو ڊگهو جلوس هالا بئراج موريءَ کان روهڙي ڪئنال، علي بحر ٽاپ تائين هو، واهن جي ٽاپ تي حر جماعت جا جمالي، لغاري ۽ سنجراڻي فقير خوشيءَ مان نعرا هڻي رهيا هئا. مرحوم پير صاحب جيئن سائين شاھ صدر مرحوم جي بنگلي تي لٿو، پير صاحب سامهون نئين اڏجندڙ مسجد ڏسي وڃي بيلچو کنيو، تغاري ڀري ڄام صادق علي ۽ مرحوم محمد خان جوڻيجي کان کڻايون. بادل جمالي ڏسڻ ۾ خاموش توري تڪي ڳالهائڻ وارو پنهنجو پاڻ ۾ گم رهڻ وارو، پر اندر مشاهديءَ جا ست سمنڊ ڇليل اٿس، هن وٽ پي ٽي وي شوبز جون اڻ ڳڻيون نه وسرڻ جهڙيون ساروڻيون آهن. هو عابده پروين، استاد منظور علي خان، لتا، روشن آرا بيگم، اقبال بانو، محمد رفيع، وحيدمراد، زيبا محمد علي ۽ پٺاڻي خان جو نالو وڏي سڪ ۽ پاٻوھ مان کڻندو آهي. هو مهل موقعي جي نزاڪت سان انهن جا ٻول جهونگاريندو به آهي. بادل جمالي سنڌ جي نالي واري ڪهاڻيڪار، شاعر، ناٽڪ نويس ۽ پروڊيوسر سان ڪچهري عبدالسبحان جمالي وطن جي مٽي ۽ ماڻهن سان اڻمئي محبت ڪندڙ بکر جمالي واسي شخصيت ليکڪ، شاعر، محقق، اداڪار، پروڊيوسر، ڊائريڪٽر ۽ سماجي ڪارڪن جي سڃاڻپ رکندڙ نثري ادب ۽ اداڪاري فيلڊ ۾ پنهنجي باوقار ڪردار جي مالڪ بادل جمالي جو اصل نالو محمد سليمان جمالي آهي هن ۲۹ مئي ۱۹۴۷ع تي ڳوٺ شهداد جمالي ۾ جنم ورتو هن پنهنجو ننڍپڻ بکر جمالي جي ڀر سان ڳوٺ شهداد جمالي ۾ گذاريو شروعاتي تعليم ڳوٺ علي مراد جمالي مان حاصل ڪئي ان کانپوءِ ميٽرڪ هن گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول بکر جمالي مان ۱۹۶۹ع ۾ ڪئي. ميٽرڪ کانپوءِ ڪراچي فلم انڊسٽريز ۱۹۷۳ع ۾ پهتو اُتي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪيو. ۱۹۷۴ع ۾ پاڪستان ٽيليوزن نيٽ ورڪ ۾ نوڪري ملي هن اُتي پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪيو ۽ ۲۰۰۷ع ۾ اُتان ريٽائر ٿيو. سنڌي ادب سان لڳاءُ هجڻ سبب هينئر سيڪريٽري طور سنڌي ادبي بورڊ نيو سعيد آباد ۾ ڪم ڪري رهيو آهي هن پنهنجي پهرين ڪتاب “پاڙي ناهي پروڙ” جو (نسيم کرل) گولڊ ميڊلسٽ آهي اهو ڪتاب ۱۹۸۰ع ۾ لکيو هو. س: توهان کي ادب ۾ ڪڏهن ۽ ڪيئن شوق ٿيو؟ ج: ادب پڙهڻ ۽ لکڻ جو شوق ننڍپڻ کان هو مون شاعري سان لکڻ جي شروعات ڪئي ۽ اڳتي هلي جڏهن آئون ڪراچي پهتس ته منهنجوواسطوسنڌي ادب سان ٿيو، مون ڪهاڻين کي ترجيع ڏني ۽ پوءِ مون ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ اڳتي آئون شاعري نه ڪري سگهيس ءِ ڪهاڻيڪار ٿي ڪري سامهون آيس. دوستن ڪهاڻيون پسند ڪيون. س: اوهان سنڌي ادب ۾ ڪهاڻين جا ڪهڙا ڪتاب لکيا آهن؟ ج: پهريون ڪتاب “پاڙي ناهي پروڙ” مون ۱۹۸۰ ۾لکيو جنهن کي ۱۹۸۰ جو بهترين ڪهاڻين جو مجموعو سمجهي نسيم کرل گولڊ مڊ ميڊل مليو ۽ ساڳئي سال شاعري تي شيخ اياز کي به مليو. ان کانپوءِ منهنجو ٻيو ڪتاب (سنگرام) ۱۹۸۷ ۾آيو ۽ ان کان علاوه (چونڊ سنڌي ڪهاڻيون) ۱۹۷۵ کان ۱۹۸۰ جي وچ واريون جيڪي ڪهاڻيون هيون انهن جي چونڊ مون ڪئي هئي. ريٽائير ٿيڻ کانپوءِ مون ۲۰۱۳کان ڪهاڻيون لکيون آهن ۽ هاڻي سٺو مجموعو ٿيو آهي انشاءالله تمام جلد نئين ڪتاب جي صورت ۾ ڏيندس. س: محمد دائود بلوچ سان ڪهڙن ڪتابن تي ڪم ڪيو ۽ ڪڏهن ڪيو؟ ج: مون محمد دائود بلوچ سان گڏ (چار ڪهاڻيڪار چار نقادس) جي نالي سان هڪ ڪتاب ترتيب ڏنو هو جيڪومنصور پبليڪيشن جو مالڪ به هو ۽ اسان جو مانوارو دوست هو ان کان سواءِ ان ساڳئي اداري لاء ٻه ڪتاب ڪهاڻي نمبر جي نالي سان مون ۽ محمد دائود گڏجي ۱۹۸۲ ۽ ۱۹۸۳ ۾ ترتيبت ڏنا هئا. س: توهان ڪهڙي قسم جي شاعري ڪئي پنهنجي ڪا شاعري ٻڌايو؟ ج: جيڪا منهنجي شروعاتي شاعري هئي اها رومانوي قسم جي هئي پر تڏهن اهڙي خاص يا شاندارشاعري نه هئي جنهن تي آئون فخر ڪيان ۽ انهي ڪري ڇپائي نه ٿي سگهي ڇاڪاڻ ته اها ڪچي ڦڪي شاعري هئي ان زماني جي منهنجي لکيل شاعري هن ريت هئي. نحص پنهنجي تي نادم ناهيان جي وقت جي بازي مون نه کٽي جيت اسان جي ٿئي يا نه ٿئي هار ته هميشه پنهنجي آ س: سنڌي ادب جي بهتري جي لاءِ ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو آهي؟ ج: هڪ ليکڪ طور سنڌي ادبي بورڊ جي ميمبر ۽ ورڪر جي حيثيت سان ۱۹۷۵ ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڪراچي ۾ جوائننگ ڪئي هئي، ورڪر جي حيثيت سان ۽ ميمبر جي حيثيت سان مون اتي تقريبن اٺ کان ڏهه سال سنگت ۾ گذاريا جتي منهنجي ڪردارکي ڏاڍو ساراهيو ويو، ادب ،لکڻ ، تنقيد ۽ رهنمائي جي حوالي سان دوستن تمام گهڻي تعريف ڪئي منهنجوڏاڍو سٺو ۽ پازيٽيو ڪردار رهيو. س: سنڌي ادب جي حوالي سان سنڌي ڪهاڻي جي پڙهڻ ، تخليق ڪرڻ ۽ غلطين جي باري ۾ ڇا چوندا؟ ج: ڪہاڻين جو پڙهڻ هر وقت هر دور ۾ هوندو آهي پر ادب ۾هاڻي ڪهاڻين جو رجهان بدلجندو پيو وڃي عام پڙهندڙ کي هينئر معياري ڪتاب نٿو ملي ڇاڪاڻ ته ڪهاڻين ۾ ٻولي غلط لکي ويندي آهي. شاعري ۾ پڻ ٻولي جو غلط استعمال ڪيو ويندو آهي، مذڪر ۽ مونث جو تقريبن فرق ئي ختم ٿي ويو آهي جئين ٿو ڪير محسوس ڪري تئين ٿو لکي هو پنهنجو معيار ڪونه ٿو ڏسي ته آئون مارڪيٽ ۾ ڪهڙي شئي موڪليان پيو ان جو ڪهڙو معيار هجي ڇاڪاڻ ته تخليقڪار کي جڏهن پنهنجي معيارجي خبر نه آهي ته اهو ٻولي کي ڇا ڏسندو مٿان وري اصلاح به نه ٿي ٿئي ڇاڪاڻ ته اڳ ايڊيٽر هوندا هئا اهي ان شئي کي پڙهي درست ڪري پوءِ ڇاپيندا هئا. هاڻي ته ايڊيٽر به اسان جا دوست اهڙا وڃي ٿيا آهن جن کي اها توفيق به ڪانهي جو هو غلط کي صحيح ڪن جنهن جي ڪري اها شئي غلط لکي وئي آهي ته هاڻي اها ڇپجي به غلط پئي ۽ اها جاري آهي هاڻ ڪو ماڻهو ڪٿي جملو پڙهيو (منهنجي آواز خراب آهي) ته هو به چوڻ شروع ڪندو ته (منهنجي آواز خراب آهي) جنهن ڪري اسان کي سنڌي ٻولي جو معيار بهتر ڪرڻ گهرجي ۽ ايڊيٽرن کي به گهرجي ته اهڙيون غلطيون جتي ٿين ٿيون انهن کي درست ڪري اصلاح ڪن اهو انهن جو فرض آهي. س: ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ادب ۽ اخلاق تي ڪهڙو اثر پئي ٿو؟ ج: اڳئي اسان ڪهاڻين ۾ ٽيلي فون کي وڏي اهميت ڏيندا هئاسين وڏو ڪاري رنگ جو پي ٽي سي ايل وارن جو سيٽ هوندو هو ان ذريعي گفتگو ٿيندي هئي ماڻهو ڪمرن تائين محدود هوندا هئا. هن وقت موبائل جو زمانو اچي ويو آهي هر ڪنهن جي کيسي ۾ موبائل آهي اوهان جبل تي هجو، جهنگ ۾ هجو،يا کڻي باغ ۾ هجو جنهن سان وڻي ڳالهائي سگهو ٿا اها سهولت تازي آئي آهي اسان جي دور ۾ پابنديون هيون ايتري قدر جو ڪهاڻيڪارن لاءِ پيار ڪرڻ جي جڳهن ته پيار جو اظهار ڪرڻ محبوبه کي ڏکيو لڳندو هو هاڻي ته ڪو به مسئلو ڪونهي هاڻي وڏي آزادي ٿي وئي آهي جو هر هنڌ مرد توڙي عورت وٽ موبائل آهن هر ڪو ڳالهائي سگهي ٿو هن وقت موبائل جي ڪري معاشري تي تمام غلط اثر پئجي رهيو آهي اهڙي طرح اهي سڀ ڳالهيون ادب ۽ اخلاق تي به اثر انداز ٿين ٿيون ڇاڪاڻ ته ماڻهو هاڻي دلير ٿي ويو آهي اڳيون ڳالهيون ناهن رهيو. اڳي ڪنهن سان پنهنجي دل جي ڳالهه ڪرڻ ڏاڍي ڏکي هئي پر اڄڪلهه هلندي ڦرندي ماڻهو دل جي ڳالهه چئي ٿا وٺن. ان ڪري اهي تبديليون معاشري سان گڏوگڏ ادب ۽ اخلاق تي به اثر انداز ٿين ٿيون هاڻي اهڙو معتبر قسم جو ادب تخليق ڪجي جيڪو هر ڪنهن جي لاءِ قابل قبول هجي اهو اڄ به مشڪل آهي ڇو جو ماڻهو اڄ به لکڻ تي ويهي ٿو ته هو شعور جي وهڪري ۾ اهڙيون شيون لکي ويندو آهي جيڪي عام ماڻهن جي اڳيان ڳالهائڻ جهڙيون نه هونديون آهن پوءِ انهن تي تنقيد ٿيندي آهي پر معتبر ادب ته اهو آهي جيڪو سڀني جي لاءِ هڪجهڙو هجي مرد توڙي عورت سڀ پڙهي سگهن ۽ ان ۾ بي ادبي نه هجي. س: اليڪٽرانڪ ميڊيا جي اچڻ سان ادب تي ڪهڙو اثر پيو آهي؟ ج: اليڪٽرانڪ ميڊيا جي اچڻ سان ڪتابن جي وڪري تي ضرور اثر ٿيو آهي ڇاڪاڻ ته اڳي هزار ڪتاب مهيني ٻن ۾ وڪامبا هئا هاڻي نٿا وڪامن ڇو جو تڏهن لکڻ پڙهڻ کي گھڻي ترجيع ڏني ويندي هئي ڇاڪاڻ ته اڳي ماڻهن وٽ وقت گذارڻ جي لاءِ ڪا ٻي مصروفيت نه هوندي هئي هاڻي الڪيٽرانڪ ميڊيا اچي وئي آهي ان کانپوءِ سڄو ڪريڊٽ ٽي وي ڏانهن وڃي ٿو، توهان ڊراما ڏسو، ميوزڪ ٻڌو ۽ ٻيا پروگرام ڏسو اهي سڀ شيون ڏسڻ کانپوءِ ماڻهو وٽ ڪتاب پڙهڻ لاءِ ٿورو وقت ٿو بچي تنهن هوندي به جنهن جي ادب سان دلچسپي آهي اهو اڄ به پڙهي ٿو، ڪتابن جو وڪرو اڄ به جاري آهي. س: سنڌي ادب شاعري ۽ آرٽ جي حوالي سان ڪهڙي حيثيت رکي ٿو؟ ج: ادب، شاعري ۽ آرٽ اهي ٽئي ساڳيا چئبا ڇاڪاڻ جو ٽئي ادب سان ملندڙ آهن، اوهان انهن کي الڳ نه ٿا ڪري سگهو، ادب تمام وسيع آهي اوهان جي موسيقي ان ۾ اچي ٿي وڃي، اوهان جي شاعري ان ۾ اچي ٿي وڃي، ڊرامه به ان ۾ اچي ٿا وڃن، تقرير به ان ۾ اچي، ايستائين ٻولي سڄي ان دائيري ۾ آهي. س: پاڪستان ٽيليوزن نيٽ ورڪ ۾ اوهان عوام لاءِ ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو؟ ج: مون وڌ کان وڌ ادبي پروگرام ڪيا آهن، ادب ۽ ٻولي جي حوالي سان تمام خوبصورت پروگرام ڪيا آهن. ان ۾ اسان بحث مباحثو، ڪريڪيولم ۾ غلطيون جهڙوڪ اسان واري دور جا ڪتاب ٻارن کي پڙهايا ويندا هئا ۱۹۵۰ واري ڇاپي سبب ٻار پريشان ٿيا ڇو جو مارڪيٽ ۾ اهي ڪتاب نه پيا ملن. ان تي اسان تعليمي آفيسرن کي گھرايو ۽ تمام سخت بحث ڪيا ان ۾ مون سان ڪافي تعليم کاتي جا آفيسر ناراض به ٿيا پر بعد ۾ ٽيليوزن تي جڏهن اهي پروگرام ڏٺائون ته کين خبر پئي ته اسين پنهنجي جاءِ تي صحيح هئاسين ۽ اصل ۾ غلطيون هنن جو هيون جن کي بعد ۾ هنن تسليم به ڪيو هو ان کان پوءِ هنن ان ڌيان طلب مسئلي تي غور ڪرڻ جو واعدو ڪيو. جنهن کان هنن جيڪي ڪتاب مارڪيٽ ۾ ناهن انهن جي جاءِ تي نوان ڪتاب ڏنا. پاڪستان ٽيليوزن نيٽ ورڪ جي پليٽ فارم تان مون پروڊيوسر جي حيثيت سان ادب جي لاءِ سٺا ادبي پروگرام ڪيا ۽ بيشمار مشاعره ڪيا ادبي مباحثه ڪيم ڪيترائي ليکڪ، فنڪار، ادب جا ماڻهو مون متعارف ڪرايا آهن ۽ وڌ ۾ وڌ پاڪستان ٽيلي وزن نيٽ ورڪ مون ادب جي حوالي سان وڌ ۾ وڌ ڪم ڪيو. س: پاڪستاني ڊرامن کي دنيا ۾ گھڻي چاهه سان ڏٺو وڃي ٿو، هن جو ڪريڊٽ ڪنهن ڏانهن وڃي ٿو؟ ج: ڪنهن هڪڙي ماڻهو کي نه پر سڄو ڪريڊٽ پاڪستان ٽيليوزن نيٽ ورڪ جو آهي ڇاڪاڻ ته پاڪستان ٽيليوزن نيٽ ورڪ نه صرف پاڪستان جو پهريون پر دنيا جو وڏو ادارو به رهي چڪو آهي هن جا جيڪي ڊائريڪٽر هئا انهن کي ٻين ملڪن ۾ تربيتون ڏياريون ويو، ان کان پوءِ انهن تمام خوبصورت ڊرامه ڪيا آهن، انهن نه صرف پاڪستان ۾ پر پاڪستان کان ٻاهر پڻ وڏو نالو ڪمايو خاص ڪري هندستان جي فلمي اڪيڊمي جيڪا پونا ۾ هئي ان ۾اداڪارن کي سکيا طور پاڪستان جا ڊرامه ڏيکاريا ويندا هئا ته اداڪاري ڪيئن ڪجي ڊائريڪشن ڪيئن ڪجي اهي پونا جي ڊائريڪٽرن جو ڳالهيون آهن. ان کان پوءِ اسان جا تمام وڏا بهترين ڊائريڪٽ محمد نثار حسين جيڪو لانگ پلي ڪندو هو طويل دورانيا جو وڏو ڊائريڪٽر هو. ان کانپوءِ ياورحيات، شهزاد خليل، شعيب منصور، سيد محسن علي ۽ قاسم جلالي اهي سڀ اسان جا وڏا ڊائريڪٽر هئا ۽ اسان انهن کان تربيت حاصل ڪئي انڪري اسان به پنهنجي حال سارو سٺا ڊرامه ڪيا خاص ڪري سنڌي ۾ جيڪي اڄ تائين يادگار آهن. س: ڇا پرائيويٽ چينل اچڻ کانپوءِ پي ٽي وي جي ڏسندڙن ۾ گھٽتائي آئي آهي؟ ج: جي بلڪل گھٽتائي آئي آهي ڇاڪاڻ ته پي ٽي وي هڪ قومي ادارو آهي ان جي پنهنجي سرڪاري پاليسي آهي ڇا ڪرڻ گھرجي ڇا نه ڪرڻ گھرجي، جڏهن ته پرائيوٽ ادارا جيڪي آهن اهي ان پاليسي ته عمل نه ٿا ڪن اهي هر قسم جون شيون ڏيکاريندا آهن، اهي پنهنجي مالڪ جي مرضي تي ٿا هلن. چينل جا مالڪ جيڪڏهن پاڻ بهادر آهن ته اهي هر قسم جون شيون جيڪي هو هلائڻ چاهين عشق محبت جون هجن يا جيڪو به ڪجهه پرائويٽ چينل ذريعي ڏيکاري سگھن ٿا انهن کي آزادي آهي. پي ٽي وي ۾ اڄ به اها ناهي، پي ٽي جو پروڊيوسر يا ڊائريڪٽر جڏهن سوچين ٿا ته انهن کي هزارين پابندين کي منهن ڏيڻو پوندو آهي ان پابندين جي باوجود به هو پنهنجن ڊرامن کي مٿي ڪري رهيا آهن جو اڄ به دنيا ۾ انهن جو نالو آهي ڪڏهن اهو دور هو ته ٽي وي تي ڪا سيرل هلندي هئي ته ماڻهو مارڪيٽون بند ڪري ان کي ڏسندا هئا اهو سڄو دور پي ٽي وي سان هو هاڻي اوهان وٽ وڏا چينل آهن. جنهن ۾ ڊرامن جي ڪروڙين روپين جي بجيٽ آهي پر توهان جو مارڪيٽون هيئنر بند نه ٿيو ٿين ڇو جو اداڪاري يا ڊائريڪشن جو معيار اهو ناهي جيڪو پي ٽي وي جو هو. س: نوجوان نسل ۾ ڀارت جي ڊرامن ۽ فلمن جو شوق تمام گھڻي حد تائين پيدا ٿي ويو آهي، ڇا سماج تي هنن جي ثقافت جا منفي اثر پئجي سگھن ٿا؟ ج: اهو اسان تي هندوستاني ثقافت جو حملو آهي ۽ اهو ٿيندو رهيو آهي ۽ اسان جا نوجوان واقعي متاثر ٿين پيا اهو جيڪو ٽين ايج يا ارلي ٽوئنٽي ۾ جيڪي نوجوان آهن انهن نوجوانن ۾ ڇوڪرا هجن توڙي ڇوڪريون هجن انهن کي اهي انڊيا جون شيون متاثر ڪن ٿيون. هاڻي "بي بي تيري چٽيان ڪلائيان" آهي اهو پاڪستاني چينل طرفان ته ڪون ٿو ٿي سگهي ۽ نه ڪو ٻيو چينل اهڙو ڪرڻ جو سوچيندو به. انڊيا مان ڊائريڪٽ اهي شيون اچن ٿيو ۽ ماڻهو ڏسن ٿا حيرت ان تي آهي ته اڄ اسان جي شادين جي موقعن تي اهي انڊين گانا هلن ٿا جن ۾ "عشق ڪمينا" يا "چولي ڪي پيڇي ڪيا هي" پڻ شامل آهن. اسان پي ٽي وي ذريعي اهي شيون عوام کي نٿا ڏيکاريون توهان پنهجن پرائيويٽ طريقن سان اهي سڀ شيون گھرن ۾ فيملين کي به ڏيکاريو ٿا ان ڪري اها ٻي پاليسي آهي. ڪجهه ماڻهن فلمن جي آزادي ۽ ڊرامن تي پابندي هڻڻ جي ڳالهه گورنمينٽ جي سامهون رکي ته گورنمينٽ جو اهو موقف آيو ته ٽي وي تي فيملي چينل به آهن ۽ فلمن کي ماڻهو پاڻ شوق سان ڏسڻ چاهين ٿا. ان ۾ اها شئي جيڪي توهان ڏسڻ لاءِ ويا اها توهان ڏسي سگهو پيا پر ٽي وي گھر گھر موجود آهي هن ۾ اهڙو ڪجهه نه ڏيکاريو ويندو آهي ڇاڪاڻ ته گھر ۾ ويٺي ڏسندڙن کي اهو ناهي خبر اڳيان ڇا ايندو تڏهن ڊرامن ۾ آزادي نه ٿا ڏئي سگهون. س: سنڌي ادب ۾ اوهان جي نظر ۾ سٺا ليکڪ ڪهڙا آهن؟ ج: سڀني سٺو ڪم ڪيو آهي ۽ ڪن پيا پر ڪجهه خاص لکيڪ آهن جن تمام بهترين ڪم ڪيو آهي جيئن جمال ابڙو صاحب جيڪو منهنجو روحاني استاد پڻ آهي، آغا سليم جيڪو ڪمال جو افسانا نگار ۽ نثر نگار هو ان کانپوءِ سائين امر جليل آهي، نسيم کرل هو، ميڊم مهتاب جا افسانه، ميڊم خيرالنساءِ جعفري جنهنجا افسانا توهان پڙهندئو ته توهان کي خبر پوندي ته اهي ڪمال جا ليکڪ هئا. س: نوجوانن کي ڪهڙو پيغام ڏيندا؟ ج: عام پيغام آهي پڙهو گھڻو پڙهندئو ته ذهن کلندئو انگريزي ادب پڙهو اردو ادب پڙهو سنڌي ادب پڙهو پر پڙهو ۽ ان کي پروڙيو ۽ پنهنجي وڪيبلري جيڪا آهي اُها وسيح ڪيو لفظ پنهنجي ذهن ۾ تمام گهڻا شامل ڪيو انهن جي معنيٰ اوهان کي اچڻ گھرجي ٻي ڳالهه ته پنهنجو ذهن کليل رکو ڪٿي به وڃو مشاهدو ڪيو ڪاريگر وٽ ويندئو ته ڏسو ڪم ڪيئن ٿو ڪري محنت ڪش وٽ ويندا ته ڏسو محنت ڪيئن ٿو ڪري پنهنجي دل ۾ جنون پيدا ڪيو ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو. بادل جمالي سنڌي ڪهاڻيءَ کي بادل جي جنم ڏينهن جون مبارڪون رکيل مورائي هو شخص/ ليکڪ جيڪو اسان جي نسل لاءِ سدائين احترام وارو رهيو آهي، هن جڏهن ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون هيون تڏهن سنڌي ادب جي آسمان تي لکندڙن جي هڪ ڪهڪشان جرڪي رهي هئي، جن مان ڪيترا ئي هن جهان سان ۽ سنڌي ادب سان ناتو ٽوڙي ٻئي جهان ۾ وڃي سکي/دکي ٿيا آهن پر جيڪي اڄ اسان پنهنجي اکين آڏو نه رڳو ڏسي رهيا آهيون پر اهي سدا بهار به آهن ۽ باوجود گهڻي وٿيءَ جي اڄ تائين پنهنجي پنهنجي فيلڊ ۾ لکي به رهيا آهن ۽ ڪڏهن به “ورچي نه ويٺا” آهن، انهن اسان جي احترام لائق لکندڙن مان بادل جمالي صاحب به آهي، ساڳئي وقت سندس همعصر لکندڙ ڀاءُ نور گهلو به آهي، جيڪو چڱي وٿيءَ کان پوءِ ئي سهي پر مسلسل لکي رهيو آهي. بادل جمالي صاحب تڏهن به اسان ۽ سنڌي ادب لاءِ اهم هئو، جڏهن هن پنهنجو پهريون ڪهاڻي ڪتاب “پاڙي ناهه پروڙ” اسان کي ڏنو هئو ۽ اڄ به اسان ۽ سنڌي ادب لاءِ اوترو ئي آبرودار آهي، جڏهن هن پنهنجو اڄ تائين آخري ڪهاڻي ڪتاب “اويلو مسافر” ڏنو آهي، وچ جو عرصو اهو آهي جيڪو هو پي ٽي وي جو پروڊيوسر هوندي ڪهاڻي کان وڌيڪ ناٽڪ جي ويجهو رهيو. هن جي کاتي ۾ سنڌي ناٽڪ ته آهي ئي آهي، پر ٻيا ڪيترا ئي ادبي پروگرام به آهن جن جي معرفت هن اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ ادب جي خدمت ڪئي ۽ ڪيترن نوجوانن اديبن کي هن اليڪٽرانڪ ميڊيا تي متعارف ڪرايو، جيڪي اڄ پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ ڏئي رهيا آهن. سنڌي ناٽڪ کي پي ٽي وي تان اعليٰ مرتبو ڏيارڻ ۾ ٻين سنڌي پروڊيوسرن سان گڏ بادل جمالي صاحب جو به هڪ وڏو حصو آهي، پر سچ اهو آهي هن جي ٻين سڀني شعبن کان وڌيڪ اسان کي عزيز سندس هڪ ڪهاڻيڪار وارو ڪم آهي، جيڪو سندس پهرين ۽ آخري سڃاڻپ آهي. هو “پاڙي ناهه پروڙ” کان “سنگرام” تائين ۽ اتان کان وٺي “ اويلو مسافر” تائين سنڌي ٻوليءَ جو هڪ اهڙو ڪهاڻيڪار آهي جنهن ڪهاڻين معرفت سنڌي ٻوليءَ کي شاهوڪار ڪيو آهي. بادل جمالي صاحب جي ڪهاڻين جا موضوع ڳوٺاڻي زندگيءَ جا به آهن ته شهري زندگيءَ جا به آهن، سندس ڪهاڻين ۾ زرعي زندگي جي اوريجنلٽي به آهي ته شهري زندگيءَ جون چمڪندڙ مصنوعي روشنيون به آهن ۽ انهن روشنين پٺيان غضبناڪ اونداهي به آهي جيڪا شهري ماحول مان جنم وٺندي آهي. ايئن سندس ٻولي صاف، سٺي، وڻندڙ ۽ احساس کڻي ايندڙ آهي، جنهن ۾ ڪي به ور وڪڙ نه هوندا آهن، سندس ڪهاڻي جي اڻت ڪهاڻيءَ جون مروج سڀ گهرجون پوريون ڪندڙ رهي آهي، جنهن ڪري سندس ڪهاڻيون سندس همعصرن توڻي کائنس پوءِ ايندڙ ۽ لکندڙ ڪهاڻيڪارن توڻي پرهندڙن جي ذهنن ۽ دلين ۾ ياد رهجي ويون آهن، نه رڳو موضوعاتي حوالي ۾ پر پنهنجي سموري احساس سان گڏ! ۽ ڪهاڻي جي حاصلات لاءِ ٻيو ڇا گهرجي؟!! ڪڏهن ڪڏهن بادل جمالي صاحب جون ڪهاڻيون پڙهي محسوس ٿيندو آهي ته جيڪڏهن هو ان ئي موضوع تي ڪو ناول سنڌي ادب کي ڏئي، ڇاڪاڻ ته وٽس ٻوليءَ جي سونهن، موضوع جي چونڊ ۽ ان جي اڻت نهايت وڻندڙ هوندي آهي، اميد ڪجي ٿي ته هو اسان کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ناول ضرور ڏيندو ۽ ايستائين پڪ سان اسان سندس صحت لاءِ ۽ وڏي آورجا لاءِ گهڻيون گهڻيون نيڪ خواهشون سانڍيون ٿا!. بادل جمالي صاحب اڳوڻي ضلعي حيدرآباد ۽ هاڻوڪي مٽياري جي تعلقي هالا جي هڪ ننڍي ڳوٺ شهداد جماليءَ ۾ جنم ورتو، سندس جنم ننڍي کنڊ ۾ سدائين ياد رکيو ويندڙ سال ۱۹۴۷ع ۾ مئي مهيني جي ۲۹ تاريخ تي ٿيو. هونئن سال جا سڀ ڏينهن مقدس ٿين ٿا پر اسان پنهنجي عالمن ۽ اديبن جي جنم ڏينهن کي وڌيڪ ڀاڳ وارو ڏينهن سمجهندا آهيون ۽ پڪ سان اڄ جو ڏينهن به سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ خاص طور تخليقي ادب ۾ ڪهاڻيءَ لاءِ ڀاڳ وارو ڏينهن آهي، ڇو ته اهو بادل جماليءَ صاحب جي جنم جو ڏينهن آهي. سندس تعليمي لياقتون سندس سرٽيفڪيٽن ۾ درج آهن جن کي اڪيڊمڪ ادارن ۽ حوالن ۾ استعمال ڪري سگهبو، هت سندس حوالو نج ادبي آهي ۽ ادب ۾ نصاب جي اهميت ثانوي آهي، تخليق جي اهميت اوليت واري آهي ۽ اها ئي اهميت بادل صاحب جي سنڌي ادب ۾ آهي جيڪا سدائين رهڻي آهي. اڄ بادل جمالي صاحب جو جنم ڏينهن آهي، پڪ سان اهو سنڌي ادب لاءِ اهم ڏينهن آهي، سنڌ جي ادبي دنيا پاران کيس گهڻيون مبارڪون ۽ خواهش آهي ته هو پنهنجي گذرندڙ حياتيءَ جو ڪجهه وقت لڳاتار سنڌي ادب خاص طور سنڌي ڪهاڻي کي ارپيندو واڌو هڪ ناول کي به.! بادل جمالي اسان جو هيرو آهي علي بخش پٺاڻ بادل جمالي، سنڌي ٻوليءَ جي تخليقي ۽ منفرد ڪهاڻيڪار طور ڄاتو ۽ سڃاتو وڃي ٿو. توڙي جو سندس ڪهاڻين جي شايع ٿيل ٽنهي مجموعن “پاڙي ناهه پروڙ، “سنگرام” ۽ “اويلو مسافر” ۾ ڇپيل توڙي اڻ ڇپيل ڪهاڻين جو مجموعي انگ صرف ۴۲ ڪهاڻيون آهي پر اهي ڪهاڻيون پنهجن موضوعن، ڪهاڻي پڻي، ٻولي، پيش ڪش جي انداز ۽ تخليقي خوبين سان ڀرپور سنڌي ادب جي نمايان ڪهاڻين واري حيثيت رکن ٿيون ۽ انهن بادل جماليءَ جي نالي کي سنڌي ڪهاڻيءَ جو خوبصورت حوالو بڻائي ڇڏيو آهي. ايتريقدر جو سنڌي ڪهاڻيءَ جو ذڪر بادل جي ڪهاڻين جي ذڪر کان سواءِ اڻپورو هوندو آهي. بادل جماليءَ لکڻ جي شروعات ۱۹۷۰ع واري ڏهاڪي ۾ شاعريءَ سان ڪئي پر جلد ئي شاعريءَ کي ڇڏي هن ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون. ۽ جلد ئي هڪ سگهاري ڪهاڻيڪار طور پاڻ مڃرائي ورتو. ڇاڪاڻ ته سندس ڪهاڻين جي ٻوليءَ ۾ پڪل ميوي جهڙو رس ۽ چس هو پر سندس ڪردار نگاري ۽ منظرنگاريءَ به ڪمال فن واري هئي. سندس مشاهدو ته منڊيءَ تي ٽِڪَ وانگر هيو جنهن مان چُڪ ڪڍڻ سُئيءَ جي پاکڙي مان اٺ کي پار ڪرائڻ برابر هيو. ۱۹۷۰ع واري انهيءَ ڏهاڪي ۾ آرٽس ڪائونسل ۾ سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جون گڏجاڻيون ٿينديون هيون جن ۾ تاج بلوچ، انور پيرزادو، عبدالرحمان نقاش ۽ هدايت منگيءَ جهڙا سينيئر ليکڪ ۽ نقاد موجود هوندا هئا انهن جي موجودگيءَ ۾ بادل جماليءَ پنهنجي پهرين ڪهاڻي “خيرات” پڙهي هئي. جنهن جي بي پناهه ساراهه ٿيڻ تي هن لڳاتار هر هفتي ڪهاڻي پڙهڻ شروع ڪئي هئي ۽ مسلسل پنج گڏجاڻين ۾ هن پنج ڪهاڻيون پڙهيون هيون. بادل جي ڪهاڻين کي ته ساراهيو ويو پر سينيئر ليکڪن پاران همت افزائيءَ جي نتيجي ۾ کيس تمام گهڻو اتساهه مليو هو ۽ سندس ڪهاڻي “خفتي” امداد حسينيءَ جي ادارت ۾ شايع ٿيندڙ سنڌي ادبي بورڊ جي معياري مخزن “مهراڻ” ۾ شايع ٿي هئي. ۽ ۱۹۸۰ع ۾ اهي ڪهاڻيون “پاڙي ناهه پروڙ” جي عنوان سان شايع ٿيون ته بادل جماليءَ کي سگا پاران “نسيم کرل گولڊ ميڊل” مليو. سندس لکڻ جو سلسلو تيزيءَ سان جاري رهيو ۽ ٽن سالن جي وقفي کان پوءِ ۱۹۸۳ع ۾ سندس ڪهاڻين جو ٻيو مجموعو “سنگرام” جي عنوان سان شايع ٿيو. هن جي ٻنهي مجوموعن ۾ شامل ڪهاڻين کي قارين ٿوڙي نقادن وٽان تمام سٺي موٽ ملي. خاص طور تي “خفتي”، “پاڙي ناهه پروڙ”، “ماڳ سندو مامرو”، “نوابي” ۽ “ڀورو گلاڻي” کي سنڌي ادب جون شاهڪار ڪهاڻيون سڏيو ويو. اهڙيءَ طرح بادل جماليءَ ڪجهه ماڊرن ڪهاڻيون پڻ لکيون جن ۾ “جيون جي زنجير ۾ جڪڙيل هڪ شخص”، “گگهه اونداهيءَ ۾ کسجي ويل ٽارچ”، “ويچارو انسان”، خواب نٿا نيڻن ۾ ماپن” ۽ ٻيون ڪهاڻيون شامل آهن. بادل جماليءَ جي ڪهاڻين جي فني پختگيءَ جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو ته جڏهن هن ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ماسٽرس پئي ڪئي، تڏهن ئي جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جو وڏو نالو سائين اياز قادري بادل جماليءَ جون اهي ڪهاڻيون پنهنجي ڪلاس ۾ شاگردن کي پڙهائيندو هيو. بادل جماليءَ پنهنجي ڪهاڻين ۾ زندگيءَ جي حقيقي رنگ ڀريندي عام ماڻهن جي احساسن جي ترجماني ڪئي ۽ سندن مسئلن ۽ محرومين جي نمائندگي اهڙي ته زبردست انداز سان ڪئي آهي جو سندس ڪهاڻيون پڙهندي انهن ڪردارن جي تڪليفن تي اسان به ڏکارا ٿي پئون ٿا ۽ ڪٿي ڪٿي ته لڙڪن کي اکين جي بند ۾ قابو ڪرڻ به اوکو بڻجي ٿو وڃي. پنهنجي ڪهاڻين جي انهن ڪردارن بابت بادل جو پنهنجو چوڻ پڻ اهو آهي ته، “پنهنجي ڪهاڻين جي ڪردارن جون مجبوريون ۽ انهن جون حالتون منهنجي اکين اڳيان ڦرنديون رهنديون آهن ۽ اڪثر منهنجو ويهاڻو ڳوڙهن سان آلو ٿي ويندو آهي.” بادل جمالي واقعي تمام حساس ڪهاڻيڪار آهي هو رڳو ڪردارن کي ڪهاڻين جا موضوع نه ٿو بڻائي پر انهن جي اهنجن، تڪليفن ۽ دردن کي محسوس ڪري ڍنڍڪرون ڏئي روئي به پئي ٿو. سائين محمد علي پٺاڻ، ڊاڪٽر احسان دانش ۽ پروفيسر رضوان گل سان يوٽيوب چئنل “ساهت ٽي وي” تي ڪچهري ڪندي بادل جو چوڻ هو ته، “ڪو وڏو ماڻهو پيار مان ڪلهي تي ٿڦڪي هڻي ڳلي لڳائيندو آهي ته به منهنجون اکيون ڀرجي اينديون آهن. ۽ ڪو پيارو ماڻهو اکيون ڪَرڙيون ڪري ڏسندو آهي ته به ٻارن وانگر روئي پوندو آهيان.” بادل جمالي چوندو آهي ته ٽي ويءَ جا ڊراما هجن يا ڪهاڻيون هو بنا ڪنهن خوف يا دٻاءَ جي لکندو رهيو آهي ۽ ڪڏهن به کيس نتيجن جي پرواهه نه رهي آهي. پنهنجي لکڻين جي حوالي سان به هو واضح موقف رکي ٿو ۽ چوي ٿو ته، لکڻ لاءِ ته مان ويٺي ويٺي ناول به لکي سگهان ٿو پر مون کي مقدار کان وڌيڪ معيار جو فڪر ماريندو آهي ۽ مان پنهنجي ڪهاڻي ايسيتائين مڪمل نه سمجهندو آهيان جيسيتائين ان مان مطمئن نه ٿيندو آهيان. ۽ ڪو ليکڪ جيڪڏهن پنهنجي ڪهاڻيءَ ۾ ترميم نه ڪرڻ جي دعويٰ ٿو ڪري ته مان ان کي مبالغو ئي سمجهندو آهيان.” بادل جمالي ۲۹ مئي ۱۹۴۷ع تي مٽياري ضلعي ۾ نيو سعيد آباد ويجهو ڳوٺ بکر جماليءَ ۾ پئدا ٿيو. اتان ئي شروعاتي تعليم به حاصل ڪيائين. هو پاڻ ڪهاڻيڪار ته آهي پر سندس زندگي پڻ هڪ دلچسپ ڪهاڻيءَ کان گهٽ نه آهي. هو پنهنجي جيون ڪهاڻي بيان ڪندي شروعات اتان ڪندو آهي ته، ڇهين ڪلاس ۾ پڙهندي هو جڏهن اڃان ۱۱ ورهين جو هيو ته سندس سِرَ تان ابي جي ڇپر ڇانوَ نه رهي هئي، انهيءَ يتيمي ۽ غربت کيس مئٽرڪ ۾ نمايان نمبرن سان پاس ٿيڻ باوجود سندس ڊاڪٽر بڻجڻ وارو خواب چڪنا چور ڪري ڇڏيو هو. شاگرديءَ جي ان زماني ۾ کيس فلمن جو پڻ ڏاڍو شوق هوندو هيو ۽ فلم انڊسٽريءَ جا وڏا نالا غلام حيدر صديقي، بابو ڀائي، اي ڪيو پيرزادو ۽ ٻيا فلمن جي شوٽنگ جي سلسلي ۾ سندس ڳوٺ ايندا هئا ته هو ڊوڙي وڃي اها شوٽنگ ڏسندو هو. ڪراچيءَ ۾ بادل جمالي هڪ فلم ۾ هدايتڪار آغا نظر ڪاوش جو اسسٽنٽ مقرر ٿيو پر جلد ئي انهيءَ فلم جو پروڊيوسر آغا صغير مرزا گذاري ويو، فلم بند ٿي وئي ۽ بادل بي روزگار ٿي ويو جنهن ڪري ڪجهه مهينا هڪ ڊاڪٽر وٽ ڪمپائونڊر جي نوڪري پڻ ڪيائين. ۽ ڪجهه عرصو سراج جي نگرانيءَ ۾ انور پيرزادي، فقير محمد لاشاري، دستگير ڀٽي، هدايت منگي ۽ ٻين سان گڏ “روزاني هلال پاڪستان” ۾ پڻ ڪم ڪيائين. انهن ڏينهن ۾ ئي مشهور اداڪار نور محمد لاشاريءَ نه رڳو بادل کي ريڊيو پاڪستان ۽ پي ٽي ويءَ تي نوڪريءَ لاءِ درخواستون ڏياريون هيون پر کيس وٺي وڃي ٻنهي ادارن جي جنرل مئنيجرس سان به ملايو هو. اهڙي طرح کيس ۱۹۷۴ع ۾ پي ٽي وي جي اسڪرپٽ سيڪشن ۾ نوڪري ملي وئي ۽ هن ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ خانگي طور پنهنجي پڙهائي به جاري رکي. کيس ۱۹۸۵ع ۾ پي ٽي ويءَ تي اسسٽنٽ پروڊيوسر، ۱۹۸۹ع ۾ پروڊيوسر ۽ بعد ۾ سينيئر پروڊيوسر مقرر ڪيو ويو. پي ٽي ويءَ تي سندس پهرين ڊرامه سيريل رزاق مهر جي يونيورسٽيءَ جي موضوع تي لکيل “وڇوٽيون هئي. جنهن بعد هن رحمت الله ماڃوٺيءَ جي “قربتون”، حفيظ ڪنڀر جي “منزلون ۽ مسافر”، ماڪن شاهه رضويءَ جي “ڪجل ڀنا نيڻ” سميت انور ابڙي، ڪيهر شوڪت ۽ ٻين ليکن جون ڪيتريون ئي سيريل ۽ سولو پليز ڪيا. ان سان گڏو گڏ هن ٻارڙن جو پروگرام “روشن تارا”، ادبي پروگرام “سنڌ رنگ” ۽ ٻيا ڪيترائي پروگرام ڪيائين. پي ٽي ويءَ تي ايامڪاريءَ دوران بادل جماليءَ ڪيترن ئي نون اداڪارن ۽ فنڪارن کي پڻ متعارف ڪرايو جيڪي اڄ ڪلهه شوبز جي دنيا جا وڏا نالا آهن. پي ٽي ويءَ تي مصروفيتن سبب هو ڪهاڻيون لکڻ کان مڪمل طور ڪٽجي ويو هو پر ۲۰۰۷ع ۾ پي ٽي ويءَ تان رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ بادل جماليءَ ڪهاڻيءَ ڏانهن ٻيهر موٽ کاڌي ۽ ۳۰ سالن جي وٿيءَ کان پوءِ “ٽامي” جهڙي شاهڪار ڪهاڻيءَ سان شروعات ڪيائين. ۽ پوءِ لڳاتار “مَنَ جون اکيون”،”خان ڊولپرز”، “امان” ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ساهه ۾ سانڍڻ جهڙيون ڪهاڻيون لکيائين. سندس نين ڪهاڻين جو مجموعو “اويلو مسافر” ۲۰۱۷ع ۾ شايع ٿيو ته ان کي به اهڙي ئي ڀرپور موٽ ملي، جيڪا سندس پهرين مجموعي، “پاڙي ناهه پروڙ” ۽ “سنگرام” کي ملي هئي. کيس انهيءَ ڪتاب تي اڪيڊمي آف ليٽرس پاڪستان پاران بهترين ڪهاڻين جو ايوارڊ پڻ مليو. ادبي دنيا سان نئين سر سلهاڙجڻ جو سمورو ڪريڊٽ هو پنهنجي پياري دوست سائين محمد علي پٺاڻ کي ڏيندو آهي ۽ چوندو آهي ته، “جيڪڏهن ۲۰۱۳ع ۾ محمد علي پٺاڻ لڳاتار زور نه ڀريندو رهي ها ته مان شايد ٻيهر ڪهاڻيون نه لکان ها. ڇو ته ٻيو مجموعو “سنگرام” شايع ٿيڻ بعد مون ٻيهر ڪڏهن به نه لکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو هو.” هاڻي بادل جماليءَ جو نَون ڪهاڻين تي ٻڌل چوٿون مجموعو ڇپائيءَ لاءِ تيار آهي، جيڪو پڙهندڙن جي هٿن تائين ايندو ته يقينن پسند ڪيو ويندو. اڄ ۷۳ هين جنم ڏينهن جي موقعي تي اسان جون نيڪ تمنائون پنهنجي محبوب ليکڪ سان گڏ آهن ته شال سندس صحت ۽ قلم سلامت رهي ۽ هو سنڌي ادب جي جهولي ايئن ئي شاندار ڪهاڻين سان ڀريندو رهي.
سراج ميمڻ سنڌي لسانيات جي ماھر کي سلام ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو انگريزي ٻوليءَ جي لفظن Language ۽ Linguistics جي سنڌيءَ ۾ معنيٰ عام طور تي هڪ ئي يعني ”ٻولي“ ڪئي ويندي آهي، جڏهن ته انهن لفظن جون ڌار ڌار معنائون آهن، لينگئيج جي معنيٰ ٻولي زبان، ڀاشا، ۱: ماڻهن جي وچ ۾ صوتي ۽ تحريري اشارن ۽ آوازن ذريعي رابطو ۲: رابطي جي ڪا به صورت، نشانن جو ڪمپيوٽر ۽ خاص طرح وارو استعمال ٿيندڙ لاڙو يا طريقو ۳: ڪنهن قوم جي مخصوص ٻولي، ۴ ڪنهن ماڻهو، گروهه يا ڪنهن ڌنڌي جي خاص ٻولي يا لهجو وغيره “ لنگسٽڪس جي معنيٰ آهي ”لسانيت ۱: ٻوليءَ جو علم يا سائنس، ۲: ڪنهن خاص ٻوليءَ جو اڀياس (سنڌيڪا ڊڪشنري) سنڌي ٻولي تمام گهڻي شاهوڪار آهي، ٻوليءَ جي ماهرن ۾ به شاهوڪار آهي، پر لسانيات جي ماهرن ۾ ڏاڍي غريب آهي، آڱرين تي ڳڻڻ جيترا لسانيات جا ماهر آهن، انهن ماهرن جي جيڪڏهن تاريخ ڏسنداسين ته گهڻي ڀاڱي انگريزن کان شروع ٿيندي، انگريزن کان جيڪڏهن ڳڻپ ڪجي ٿي ته انگريز عالمن کان سواءِ مرزا قليچ بيگ، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سراج الحق ميمڻ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، آفتاب ابڙو ۽ شايد ڪجهه ٻيا شامل آهن، انهن سڀني ۾ رڳو ٽي عالم اهڙا آهن، جن سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت پنهنجا نظريا ڏنا آهن، انهن عالمن ۾ پيرومل مهر چند آڏواڻي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ سراج الحق ميمڻ اچي وڃن ٿا. سراج الحق ميمڻ کان اڳ ۾ جيڪي نظريا آيا اهي هئا؛ ۱. سنڌي ٻولي سنسڪرت جي لهجي وراچد، اپڀرنش مان ڦٽي نڪتي، ٻين لفظن ۾ سنسڪرت ڄائي آهي، (ڀيرومل مهر چند آڏواڻي) ۲. سنڌي ٻولي سامي سٿ جي ٻولين مان ڦٽي نڪتي، ٻين لفظن ۾ سنڌي ٻولي عربي، عبراني ۽ ٻين ٻولين مان ڄائي، (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ) انهن ٻنهن نظرين جي حق ۾ مختلف عالمن جا رايا دليل ۽ حوالا ڏنا ويا آهن، سراج صاحب اهو پهريون ماڻهو هو، جنهن انهن ٻنهي نظرين سان اختلاف ڪندي پنهنجي تحقيق وسيلي ثابت ڪيو ته سنڌي ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ جي ڄائي ناهي، اها پاڻ هڪ مڪمل ٻولي آهي، ان تي سامي سٿ، سنسڪرتي ٻولين ۽ ٻين ٻولين جا گهرا اثر آهن، هنن ٻولين هڪ ٻئي کي لفظ ڏنا ۽ ورتا آهن، ان حوالي سان هن وڏي کوجنا ڪري مختلف مثال ڏنا آهن. سراج صاحب جي ان نظريي کي تمام گهڻي پذيرائي ۽ مڃتا ملي، خاص طور تي جڏهن اسان دعوا ڪندا آهيون ته هزارين سال قديم تهذيب جا وارث آهيون، ماضيءَ ۾ سنڌي قوم تمام گهڻي قابل، مهذب، ترقي يافته ۽ عظيم هئي، وغيره وغيره ثابتيءَ لاءِ موهن جي دڙي جو مثال ڏيندا آهيون، موهن جي دڙي جي آثارن هئي، وغيره وغيره ثابتيءَ لاءِ موهن جي دڙي جو مثال ڏيندا آهيون، موهن جي دڙي جي آثارن مان اسان کي جديد نظام جون اهي سموريون سهولتون ۽ رٿا بنديون مليون آهن، جيڪي اسريل ملڪن ۾ هن وقت رائج آهن، ڊرينج سسٽم، آبهوا مطابق اڏاوت، مارڪيٽ، تعليمي ادارا، عبادتگاهون، ڦيٿو (گاڏي) وغيره وغيره پنج ڇهه هزار سال پهريان سنڌ جي دنيا ۾ اها حيثيت هئي ته سنڌي ٻوليءَ جو ڪيڏو عروج هوندو؟ ان لاءِ تاريخون خاموش آهن، موهن جي دڙي مان مليل نشانيون، مهرون، ٺپا وغيره پنڊ پهڻ لڳا پيا آهن، انهن کي دنيا وارا پڙهي نه پيا سگهن. سرجان مارشل موهن جي دڙي جي کوٽائي ڪري اسان جي تهذيب کي مڃتا ڏياري، جڏهن ته سراج ميمڻ ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت پنهنجو نظريو ڏئي، سنڌي ٻوليءَ کي اها مڃتا بخشي ته جيئن سنڌو تهذيب ڪنهن ٻيءَ تهذيب مان ڦٽي نه نڪتي آهي، تيئن سنڌي ٻولي به ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ جي ڪک مان نه نڪتي آهي. هن موهن جي دڙي مان مليل مهرن کي پڙهڻ جي به وڏي ڪوشش ڪئي، لڌل نشانين جون پڙهڻيون به مقرر ڪيون، هو سڄي زندگي سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ ۽ واڌاري لاءِ جاکوڙيندو رهيو، هڪ طرف ته هو تحقيقي ڪم ڪندو رهيو، جيڪو مختلف ڪتابن ۽ مقالن جي صورت ۾ عوام تائين پهچندو رهيو، سندس اهو پورهيو ادب جي مختلف صفحن جهڙوڪ: تحقيق، ناول، ڪهاڻي، مضمون، مقالي ۽ شاعريءَ جي صورت ۾ آهي. ٻئي طرف هو نوجوانن کي خاص طور تي لسانيات جي شعبي ۾ تحقيق لاءِ همٿائيندو رهيو، مون کي ياد آهي ته سراج صاحب هڪ ڪچهريءَ ۾ ٻڌايو ته جيڪڏهن ڪو نوجوان سنڌي لسانيات ۽ موهن جي دڙي جي ٻوليءَ کي پڙهڻ لاءِ تحقيق جو ڪم شروع ڪندو ته آءُ ان کي اسڪالرشپ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، پر بدقسمتيءَ سان نوجوان انهن موضوعن کان پري ڀڄن ٿا، اسان جي تعليمي ادارن جهڙوڪ: سنڌ يونيورسٽي، ڪراچي يونيورسٽي، وفاقي اردو يونيورسٽي ۽ شاهه لطيف يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي لسانيات ۾ ايم اي نه ڪرائي ويندي آهي، لسانيات هڪ سائنسي علم آهي، جنهن لاءِ ليبارٽري به ضروري هوندي آهي، يونيورسٽين جي سنڌي شعبن وٽ ان قسم جي ڪا به سهولت ناهي، نتيجي ۾ لسانيات تي جيڪو ٿورو ڪم ٿئي به ٿو ته اهو گهڻي ڀاڱي غير سائنسي بنيادن تي ٿئي ٿو، تنهن کان سواءِ يونيورسٽين ۾ لسانيات جي ماهرن جي به کوٽ آهي. سراج صاحب جي ڪيل ڪم مان سکڻ ۽ وڌيڪ تحقيق ڪرڻ لاءِ سڀني ادارن کي جنگي بنيادن تي ڪم ڪرڻو پوندو، سراج صاحب جو وڇوڙو سنڌي لسانيات لاءِ ڪاپاري ڌڪ آهي، خدا ڪري ته اسان سراج صاحب کي خراج پيش ڪرڻ ۽ افسوس ڪرڻ کان سواءِ سنڌي لسانيات لاءِ به ڪجهه ڪري سگهون. سراج منھنجو بھترين دوست سوڀو گيانچنداڻي سراج الحق ميمڻ وڏي پائي جو اديب هو، هن جيڪي به ناول لکيا، اهي سنڌي ادب جو وڏو سرمايو آهن. هن ڪيترن ئي ڪارائتن ڪتابن جو سنڌي ۾ ترجمو ڪري سنڌي ادب کي گهڻو مالا مال ڪيو. ڪهاڻي جي ميدان ۾ پڻ سراج جو مقام تمام گهڻو مٿانهون آهي. ائين جيئن جمال ابڙي جي ڪهاڻي ”پيراڻي“ اسان جي ادب جي ڪلاسڪ ۾ شمار ڪئي ويندي آهي، ائين ئي سراج جي ڪهاڻي ”ٻهڻي“ کي به ساڳيو ئي درجو ڏئي سگهجي ٿو. سنڌ جي تاريخ کي ناولن ۾ سولو ڪري ۽ فڪشنائيز ڪري هن سنڌ جي اڌ پڙهيل ماڻهن کي تاريخي شعور سان روشناس ڪرايو. هن جون صحافتي دنيا ۾ پڻ خدمتون وسارڻ جهڙيون نه آهن. ۱۹۷۰ع وارو ڏهاڪو “هلال پاڪستان” جي حوالي سان سنڌي صحافت ۾ مان سراج جو ڏهاڪو شمار ڪندو آهيان ۽ ان سموري عرصي ۾ هن سنڌ ۾ جيڪا روشن خيالي جي لهر پکيڙي، اسان اڄ سوڌو ان جو ئي کٽيو کائي رهيا آهيون. هينئر پاڪستان جي سڀني ٻولين جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ صحافتي سجاڳي جون پاڙون جيڪي وڌيڪ مضبوط نظر اچن ٿيون، ان جو سڄو سارو ڪريڊٽ سراج ڏانهن ئي وڃي ٿو ۽ هن جي طفيل ئي اها جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ ترقي ڪندي نظر اچي ٿي. سنڌي ٻوليءَ بابت سراج جيڪو ”سنڌي ٻولي“ نالي سان ڪتاب لکيو، ان کي مان مثالي انڪري چوندو آهيان، جو ان کان اڳ ۾ اهڙو حقيقت پسند ٿي ڪنهن به محقق تحقيق نه ڪئي هئي. ان جو اعتراف اڄ هر باشعور ۽ روشن خيال ماڻهن سان گڏ محقق پڻ ڪري رهيا آهن ۽ ان سلسلي ۾ جيڪو به محقق قلم کڻي ٿو، اهو سراج جي تحقيق مان استفادو ضرور حاصل ڪري ٿو. هن سنڌ جي علمي ۽ ادبي ميدان ۾ ڀرپور نموني سان پنهنجو نالو ڪمايو. منهنجي هن سان سنگت اڌ صدي تائين رهي.جڏهن مان سال ۱۹۵۳ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي ۾ ايم اي ۽ لا ۾ داخلا ورتي هئي ته ان وقت سراج محمد ابراهيم جويو جي سربراهي هيٺ سنڌي ادبي بورڊ جي اسسٽنٽ سيڪريٽريءَ طور پنهنجا فرائض نڀائي رهيو هو. سراج ڪجهه عرصو سياسي تحريڪن ۾ به حصو ورتو، مونکي ياد ٿو اچي ته هو سنڌي ادبي سنگت جي جلسن ۾ پڻ شريڪ ٿيندو رهندو هو.منهنجون هن سان تمام گهڻيون ملاقاتيون ٿيون جن جون ڪيتريون ئي ساروڻيون آهن. جيڪي اڄ سراج کي ياد ڪندي منهنجي ذهن ۾ گردش ڪري رهيون آهن. جيڪي ڪڏهن تفصيل سان ڪنهن مضمون ۾ ساربيون. هڪ ڀيري سراج بيمار ٿي پيو هو ته مان ان جي گهر وڃي سندس عيادت ڪئي هئي. هڪ دفعو وري هندوستان کان جڏهن هتي سنڌي اديب آيا هئا ته مان انهن کي سراج سان ملائڻ لاءِ هن جي گهر وٺي ويو هيس. سراج جي ثقافتي ماڳن ۾ پڻ گهري دلچسپي هوندي هئي ۽ مون سان جڏهن به ملندو هو ته اڪثر ڪري اڳ ۾ موهن جي دڙي جي سلامتيءَ بابت پڇندو هو. سال ۱۹۹۰ع جي ڏهاڪي جي اڌ ڌاران سنڌي ادبي سنگت مرڪز پاران منٺار سولنگي ۽ ادل سومري جي ڪوششن سان مون سان جناح باغ لاڙڪاڻي ۾ جيڪا سنڌ سطح تي رهاڻ رچائي وئي هئي، ان موقعي لاءِ سراج جيڪو جاڳو اخبار ۾ مونکي وڏو مان ڏيندي ڪالم لکيو هو، اهو اڄ به منهنجي اکين اڳيان گذرندو آهي ته مان پنهنجا لڙڪ روڪي نه سگهندو آهيان. هن جو وڇوڙو مون لاءِ هن عمر ۾ وڏي صدمي جو باعث بڻيو آهي ۽ هن جي وڃڻ واري نقصان جي تلافي ناممڪن آهي. سون جھڙو سراج غلام نبي مغل سنڌي علم ۽ ادب جي هڪ ٻي مشعل اجهامي وئي، فيبروري جي ۲ تاريخ تي جيڪو سج لٿو ۽ اُڀ ۽ ڌرتي تي جيڪا اوندهه ڦهلجي وئي سا اسان سنڌ وارن لاءِ ۽ سندن مجموئي ڏاهپ لاءِ اهڙو نقصان آهي جيڪو شايد صدين ۾ به پورو ٿئي ته وڏي ڳالهه آهي.سراج الحق ميمڻ اسان منجهان ويو هليو. هو سائين جو سائين هو. علم ادب جو مخدوم هو ڏاهپ جو ڏيئو هو-روشن ڏيئو! سراج سائين ويهين صدي جو پوئين اڌ جو اهو اُسريل انسان هو، جنهن کي پنهنجي زماني ۽ مستقبل جي علمي ۽ ادبي گھرجن جي ڄاڻ هئي.سراج سائين نئين ۽ جديد سنڌي ڪهاڻي جي ابتدا ڪندڙن ۾ شامل هو.سندس ڪهاڻيون جديد سنڌ جي ادبي اڏاوت ۾ پيڙهه جو پٿر هيون. سندس ڪهاڻيون نه رڳو جديد پر بين الاقوامي ادب جي معيار مطابق هيون.ڪي مسخرا ۽ ٽوٽڪائي ڪردار نظر نه آيا ۽ سراج سائين جو تخليق ڪيل ادب، وقت جي گھرج هو ۽ سنجيده هو. سندس پهريون ناول پڙاڏو سوئي سڏ تي جيتوڻيڪ ڪجهه حلقن طرفان تنقيد ٿي پر اِهو ناول نه رڳو Larger than life هو پر وقت جي هلندڙ قومي تحريڪن لاءِ هٿي هو. سندس ٻيا ناول پڻ سنڌي ادب جا شاهڪار ناول هئا. سراج سائين جي سنڌي ٻولي جي بنياد ۽ ارتقا پڻ، علم جي شاگردن لاءِ هڪ نئون فڪر ۽ املهه کوجنا هئي ۽ عالمن لاءِ سنڌي ٻولي بابت وڌيڪ کوجنا ۽ جاکوڙ ڪرڻ جي دعوت هئي. سراج سائين سنڌي ٻولي جي بڻ بنياد جي باري ۾ هڪ نئون معيار مقرر ڪيو، جيڪو ٻين عالمن لاءِ پڻ هڪ سوچ جو گس آهي. هلال پاڪستان اخبار سنڌي زبان جي اڌ مئي صحافت جي نشان هئي. پر سال ۱۹۷۳-۱۹۷۲ع ۾ جڏهن سراج سائين انهيءَ اخبار جو ايڊيٽر طور مقرر ٿيو ته سنڌي صحافت ۾ جديد دنيا جو ساهه پيو ۽ سنڌي صحافت جو هڪ نئون دور شروع ٿيو، جيڪو اڃا تائين ترقي ڪندو اچي. اخبار ۾ خبرون ۽ تجزيا نئين دور جي طور طريقي ۾ اچڻ لڳا. سراج سائين جڏهن سياسي تجزيا نگاري ڪئي ۽ سياسي منظرنامو لکڻ شروع ڪيو ته اسان جي اخباري طريقن ۾ نئين جدت ۽ زماني مطابق معاملا شروع ٿيا، جيڪا جديد صحافت جي تقاضا هئي. جي اين مغل اسان جي صحافت جو وڏو نالو آهي، ۱۹۷۳ع ۾ مون مغل کي هلال پاڪستان جي آفيس ۾ سراج سائين سان ملايو ۽ ٻڌايم ته هن ۾ سٺي صحافي ٿيڻ جا اهڃاڻ موجود آهن.سراج سائين جي اين مغل جي ٿورڙي پرک ڪئي ۽ پوءِ پاڻ وٽ سب ايڊيٽر ڪري رکيائين.قابليت پاڻ ڳالهائيندي آهي ۽ اڄ مغل پاڪستان جي سينيئر اعليٰ صحافين منجهان آهي. سراج صاحب ٿور-ڳالهائو ۽ نهايت سنجيده شخص هو، جنهن پلازا ۾ آئون رهندو هئس اُت ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ڪنهن دوست سان ملڻ ايندو هو، پر مون وٽ اچڻ لاءِ تيار نه هو، مون هڪ دفعي چيو مانس ته ڪڏهن مون وٽ به ايندا ڪريو. جواب مليو ته تو ڪڏهن سڏيو ئي ڪونه. پوءِ هر هفتي ايندو هو. وڏيون ڪچهريون ٿينديون هيون. شيخ اياز، علي احمد بروهي، سليمان شيخ به انهيءَ پلازه ۾ رهندا هيا. اهي ڪچهريون مون کي ياد آهن. سندس شخصيت کي به مون کي ويجهو ٿي پرکڻ جو موقعو مليو.آءٌ سراج سائين جو ادب جي ميدان ۾ همعصر ته هئس پر گھڻو جونيئر هئس. سراج صاحب سنڌي ٻولي ۽ ادب جو عالم هو، سراج صاحب وچولي طبقي جو وڏو ۽ اعليٰ شخص هو. سراج صاحب پنهنجين عادتن ۽ رهڻي ڪهڻي ۾ پختو شخص هو. هن صدي ۾ اسان ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کانپوءِ ڪهڙي نه املهه ماڻڪ شخص وڃائي ويٺا آهيون. آخر ۾ مون کي سندس هڪ جملو هميشه ياد ايندو رهندو آهي ته ”غلام نبي تنهنجو ناول اوڙاهه پڙهي مون کي خواهش ٿي ته اهو ناول آئون لکان ها !“ اهو جملو ۽ اُهو شخص مون کي هميشه ياد رهندو. سراج جون ڪجھ ڳالھيون ڪجھ يادون شيخ عزيز هيءَ تن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن ون يونٽ جي خلاف سڄي سنڌ ۾ ڪاوڙ ۽ نفرت هئي. هر ماڻهو، ڀلي اهو ڪنهن وستيءَ واهڻ جو رهاڪو هجي يا وڏن شهرن ۾ وڏي تقرير جو مالڪ هجي، هن کي اها ڳالهه سهڻ ۾ ڪا نه پئي آئي ته ڪيئن سنڌ جي نابلد ليڊرن، اڳ پٺ سوچڻ بنا، انڌ جي گهوڙي تي سوار ٿي سنڌ جي قسمت سوين ڪوهه پري وڃي اڇلي. سنڌ ۾ پڙهيل طبقو، خص ڪري نوجوان انهي مامري کان ڀليءَ ڀت واقف ئي نه هو پر هن چاهيو ٿي ته اهو غلاميءَ جو طوق لاهي ڦٽي ڪري، اها ڳالهه هن ڪري وڌيڪ قيمتي هئي جو نوجوان ڏاڍو سجاڳ ٿي چڪو هئو، اهو ڏسي اڳوڻي نسل کي اطمينان ٿيندو هئو ته هڪ ڏينهن اها پاڃاري لاهي ڦٽي ڪندا. انهيءَ ئي نسل جو هڪ نوجوان سراج هو، جنهن جي خاندان ٽنڊي ڄام مان لڏي اچي حيدرآباد وسايو هو ۽ تعليم جي زيور سان آراسته ٿي ڪنهن سڦلي ڪم سان لڳڻ ٿي گهريو. محمد عثمان ڏيپلائي تن ڏينهن م نه صرف پاڻ ڪامريڊن وانگيان ڪم ڪندو هو پر پرعزم نوجوانن لاءِ همت جو ذريعو به هُئو، هيءُ اهو زمانو هو جڏهن سنڌي ادبي سنگت نوجوان نسل جي ذهني آبياري ڪرڻ لاءِ هڪ آزاد ماحول مهيا ڪندي هئي ته ٻئي طرف ڏيپلائي، غلام محمد گرمي جهڙا ماڻهو هنن ۾ اتساهه پيدا ڪندا هئا. تنوير عباسي ڊاڪٽري جو شاگرد هو، نياز همايونيءَ اچي حيدرآباد ۾ خيما کوڙيا هئا. شاعريءَ سان گڏ حڪمت به هلائيندو هو، محمد ابراهيم جوئي، تعليم کان سنڌي ادبي بورڊ اچي وسايو هو. ادبي بورڊ ابتدائي مرحلن مان مس مس نڪري آيو هو ته ابراهيم جويي جهڙي ماڻهو اچي پرجهلو ٿيو. سراج جهڙي محنتي نوجوان کي ڏسي کڻي پاڻ سان کيائينس. اچي سنڌي ادبي بورڊ ۾ وهاريائينس جتي غلام رباني آگرو، اڳئي ڪَرُ کنيو ويٺو هو، ٿورو بعد ۾ شمشير الحيدري به اچي گڏين. سراج ۽ آگري گڏجي انگريزي ادب کي سنڌي ۾ آڻڻ جو طئي ڪيو ۽ ڏسندي ڏسندي چونڊ آمريڪي افسانا جهڙو ڪتاب تيار ٿي ويو. سراج بورڊ ۾ اچڻ کان اڳ ڏکڻ مان ٿو سج اڀري جهڙو ڪتاب لکي ورتو هو. سو بورڊ ۾ ساراهه ملڻ سان ويتر وڌيڪ محنت سان ڪم ڪرڻ لڳو. اتي ئي کيس سنڌي ٻولي جي پڻ بنياد بابت معلومات حاصل ڪرڻ جو شوق جاڳيو، سوکڙي پيو. لسانيات جهڙي ڳوڙهي مضمون ۾، ان وقت جرمن اسڪالر ٽرمپ جو نظريو گهڻو هلي رهيو هو. ڪاڪي پيرو مل به گهڻو ڪجهه لکيو. سراج به پنهنجي مٿاڪٽ کانپوءِ ”سنڌي ٻولي“ نالي ڪتاب ۾ سنڌي ٻولي جي ممڪن بنياد ۽ ٻين ٻولين سان لهه وچڙ بابت چڱو بحث ٿيو هو. انهي ڪتاب سنڌي ٻولي وارن ماهرن ۽ ڄاڻن ۾ گهڻي چوپچو پيدا ڪئي. بورڊ ۾ ويٺي ئي سراج چٽا ڀيٽيءَ واري امتحان ۾ ويٺو ۽ پاس ٿيو سو انڪم ٽيڪس جهڙي کاتي ۾ هنيائونس. اتي به ڏاڍو نالو ڪمايائين پر لکڻ جي پچر ڪو نه ڦٽي ڪيائين. سو ويو ڪتاب لکندو. سنڌ تي ارغونن وارو دور حڪومت ڏاڍو ظالماڻو دور هو. هن دور ۾ ٿيل هاڃن کي هن پنهنجو موضوع بڻائي ناول ”پڙاڏو سو سڏ“ لکي پنهنجي تاريخي معلومات کي افسانوي رنگ ۾ اهڙو رنڱي ڇڏيو جو اهو ناول ڏاڍو مقبول ٿيو. سراج جي لکڻ واري شوق آڏو سرڪاري نوڪري به ڪا رڪاوٽ ڪانه بڻي ۽ هو لکندو ويو. سندس انهي لکڻ جي پاداش ۾ هن ڀوڳيو به جڏهن فوجي حڪمران جنرل يحيٰ ملڪ جون واڳون سنڀاليون ته اچڻ شرط تطهير جي نالي ۾ هن ۳۰۳ آفيسرن کي سرسري اعلان ذريعي نوڪري مان ڪڍي ڇڏيو. سراج به انهيءَ انڌ واري چڪيءَ ۾ پيسجي ويو. پر سچ هيءُ آهي ته سراج، انهي جي انجام کان بي نياز ٿي انڪم ٽيڪس جي وڪالت شروع ڪري ڏني. جنهن ۾ هن گهڻو ناماچار ڪمايو. انهيءَ عرصي دوران ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي پارٽي سميت ميدان تي لٿو. ڀٽي جي شخصيت اهڙي هئي جو هن جي پارٽي ملڪ جي مقبول ترين پارٽي بڻجي وئي. پارٽي کڻي حيدرآباد جي منشي برادران واري اخبار هلال پاڪستان خريد ڪري ان کي پارٽي جي اخبار بڻايو. سراج کي ايڊيٽر مقرر ڪيائين ٿورن ئي ڏينهن ۾ اخبار ملڪ جي مشهور ۽ مقبول اخبار بڻجي وئي. هن اخبار ذريعي هن نون نون لکندڙن کي آندو پر سندن صلاحيتن کي پوريءَ ريت ڪتب آندو. پنهنجي ڀيڻ انيس، مشهور ڪهاڻي ڪار امر جليل، فقير محمد لاشاري ۽ ٻيا ڪيئي کڻي گڏ ڪيائين. نيون ڳالهيون، نوان موضوع ۽ نت نوان لاڙا، اخبار هلال پاڪستان جديد صحافت ۾ ڪيئي سٺيون ڳالهيون ميدان ۾ آنديون. خود سراج جو پنهنجو قلم ڪنهن کان ڊڄڻ وارو ڪو نه هو. تنهن ادارتي تحريرن جو ڏاڍو مڻيادار لاڙو ڏنو. سندس ڪتابن ۾ ”سنڌي ٻولي“، ”ڏکڻ مان ٿو سج اڀري“، ”چونڊ آمريڪي افسانا“، ”سنڌ جي اقتصادي تاريخ“، ”اي درد هلي آءُ“، ”منهنجي دنيا هيڪل وياڪل“، ”تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول“، ”منهنجي دنيا مرگه ترشنا“ جهڙا قابل تعريف ڪتاب ڏنا. سراج تمام ٿورو ڳالهائڻ وارو ۽ ملنسار ماڻهو هو. هن ۾ نهٺائي گهڻي ۽ مسئلن کي سمجهڻ جي خصلت تمام گهڻي هئي. اهائي سندس شخصيت جو خاصو هئي. سراج ھليو ويو ڊاڪٽر سليمان شيخ سٺ وارو ڏهاڪو پرجوش سمون هو. شاگرديءَ وارو زمانو سڄي حياتيءَ جو سڀ کان پيارو دور هوندو آهي. منهنجي سانڀر ۾ ملڪ ۾ ون يونٽ هو ۽ سنڌڙي سورن ۾ هئي. اسان جونسل جيئن سِرجيو ته سنڌي ٻوليءَ جي تعليمي حيثيت کي للڪاريو ويو. ون يونٽ خلاف دستخط مهم هجي يا وري سنڌي شام جي نالي ۾ ادبي ثقافتي ميڙاڪا هجن سڀني جو بنياد سنڌ جي سرهاڻ کي واپس وارئڻ جو وچن ڪرڻ هو. مشاعرا ادبي ميڙاڪا ٿيندا هئا. جشن روح رهاڻ اسان لاءِ روحاني تسڪين جو هڪ اهڙو ميڙاڪو هوندو هو. جنهن جو انتظار ڪبو هو. اهڙي ئي ڪنهن ميڙاڪي ۾ سائين سراج الحق ميمڻ صاحب جن سان ساڃاهه ٿي. سائين ان وقت سنڌي ٻولي جي بڻ بنياد تي تحقيق ڪري هڪ نامور ليکڪ طور سڃاتو ويندو هو. ان کانپوءِ باقاعده سڃاڻپ تڏهين ٿي جڏهين سراج صاحب روزانه هلال پاڪستان ۱۹۷۲ع ۾ ڪراچيءَ مان شايع ڪرڻ شروع ڪئي. ڪورٽ ويو بلڊنگ جي ٻي منزل تي سندن آفيس اسان لاءِ رهنمائي جو مرڪز هئي. پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ الوحيد ڪراچيءَ مان بند ٿيڻ کانپوءِ سنڌي اخبار ڪراچيءَ مان ڪڍڻ هڪ وڏي للڪار هئي. ۱۹۷۰ع جولاءِ تائين سنڌ جو نالو وٺڻ به ڏوهه هو ان کانپوءِ سنڌ صوبو وري قائم ٿيو ۽ ڪراچي ۱۹۴۷ع کانپوءِ پهريون ڀيرو سنڌ جو گاديءَ وارو هنڌ بڻيو. ان ڊگهي عرصي ڪراچيءَ جي سماج کي اوپرو بڻائي وڌو هو. ان ماحول ۾ سنڌي صحافت کي پنهنجي جاءِ ۽ رتبو وٺي ڏيڻ هڪ ڪٺن مرحلو هلو. هن ڏکئي منزل کي سراج صاحب جي بردباريءَ، اڳواڻ واري صلاحيت ڪامياب تجربو بنايو. جنهن جو نتيجو اڄ جي ڪراچيءَ جي صحافتي دنيا آهي. ذاتي طور سراج صاحب مونکي اخباري ڪالم لکڻ تي همٿايو ۽ مون پهريون ڀيرو ۱۹۷۲ع کان هلال پاڪستان ۾ جزوقتي ڪالم لکڻ شروع ڪيا. ”انسان جا پراسرار دشمن“ لکڻ وقت مون کي ميڊيڪل سائنس جي لفظن کي سولي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ جي ڏکئي مرحلي ۾ پڻ سائين رهنمائي ڪئي. سگا جي بنياد وجهڻ وقت پڻ سائين سراج صاحب جي رهنمائي حاصل رهي. ۱۹۸۰ع جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي خادمن جي جماعت سرونٽس آف سنڌ جو بنياد پيو سائين غلام مصطفيٰ شاهه، محمد ابراهيم جويو ۽ سراج صاحب بنياد وجهندڙ بانيڪار هئا. سراج صاحب هن سوسائٽيءَ جو بنيادي خيال “VISION” لکيو جيڪو هتي جيئن جو تيئن نقل ڪريان ٿو. We, as human beings, believe that Sindh is our home, Pakistan is our country and earth is mankind’s only habitat in the Universe. We believe it is our natural duty to love our home, and expect those who live in it and consider it their home, also to love it. We believe that it is our human duty to build life-assets, physical as well as spiritual, of our home, and to protect them from misuse and from suppression and usurpation. We believe that with continuous supplanting of democracy and repeated subversion of constitutions of the country, and the resultant ethical impoverishment of society all around – social, economic, and political – the question of the reordering of our national and intra-national affairs has assumed fresh relevance and urgency to be squarely met and settled de-settled de-novo within the frame-work of the Foundation Resolution of March, 1940. We believe that a society based on justice, including economic justice, and rule of law in which might as determinant of right is eliminated, are essential pre-requisites for man in modern society to evolve into a better human being. We believe that man has no commitment in life higher and nobler than service of man. With the above beliefs, convictions and ideals, we, who have subscribed the following Memorandum of Association have joined together as Founder Members, and formed our-selves into a Society, called “The Servants of Sindh Society,” for the service of Sindh and its people. هن سوسائٽي اٽڪل ۲۵ سال بيحد سرگرميءَ سان سنڌ جي سياسي سماجي، معاشي، ثقافتي حقن تي پنهنجي وزندار راءِ جو برملا اظهار ڪيو جيڪو بجا طور تي سنڌ جي ساڃاهه جو روشن ستارو هو سنڌ جي سينڌ سنوارڻ جي سَڌ ڪرڻ وارن لاءِ اڄ به ان سوسائٽي جا ٺهراءَ ۽ بيان مشعل راهه آهن. انهن سڀني بيانن ۾ علمي پورهيو اسان جي ٽن معزز رهنمائن جو هو جن هن جو بنياد وڌو هو. سراج صاحب اها خدمت بيحد خاموشيءَ سان سنڌ جي عشق نڀائڻ لاءِ ڪئي. ان سوسائٽيءَ جي روئداد ڇپيل صورت ۾ موجود آهي. سائين سراج صاحب، هڪ ناميارو قانوندان هو. ان حيثيت ۾ به سائين قانوني طور ڪيترن نوڪرين ۽ ڪوٽا جي مسئلن ۾ رهنمائي ڪئي. شريعت بينچ ڪوٽا سسٽم خلاف هڪ ”شرعي“ فيصلو ڏنو جنهن مطابق ڪوٽا سسٽم کي غير شرعي قرار ڏئي ان کي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ان حڪم جي خلاف سنڌ جي مجاهد علماء ڪرام جو هڪ وفد ڪراچيءَ آيو. سائين سراج صاحب جي صلاح سان ان فيصلي خلاف شرعي بنيادن تي سپريم ڪورٽ جي سامهون اپيل داخل ڪئي وئي ان ڪري في الحال شرعي ڪورٽ جو فيصلو رڪجي ويو. پر ڪيس جو اڃان به فيصلو نه ٿيو آهي. سراج صاحب ذاتي زندگيءَ ۾ هڪ شفيق مهربان دوست ۽ پرجوش سنڌ جو عاشق هو. سندن قلمي پورهيو ايندڙ نسلن لاءِ هميشه مشعل راهه رهندو پر اڄ جي دور ۾ پڻ سندس لکڻين کي وري پڙهڻ سان سنڌ جي محبتن جو هڪ نئون حوالو جاڳي سگهي ٿو. سندن سماجي-قانوني ڪردار پڻ قابلِ تحسين آهي. انسان مختصر حياتي ماڻي ٿو پر سندس حياتي جي ڪيل هن جدوجهد جو لاڀ پويان ماڻين ٿا. سراج صاحب جي محبتن ۽ محنتن جي سڳنڌ سدا سنڌ کي سرهاڻ بخشيندي رهندي. عشق سلامت سنڌ سلامت سدا اڀريا سنڌ ۾ آنڌيءَ جيان انسان مدد علي سنڌي سنڌي ٻوليءَ جو مشهور ڪهاڻيڪار، ناولسٽ، محقق، صحافي ۽ ”سنڌي ٻولي“ جهڙي شاندار ڪتاب جو ليکڪ محترم سراج الحق ميمڻ، اسان جي لاءِ سدائين سراج صاحب ئي رهيو، سندس طبيعت ۾ انتهائي ڳنڀيرتا شامل هئي، شايد اهو ئي ڪارڻ هو، جو هو گهڻن ماڻهن سان ويجهڙائپ نه رکي سگهيو، پر ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته سراج صاحب کي سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان هڪ عشق هو، اهو عشق هن ۾ شروع کان وٺي هو، ٿي سگهي ٿو ان عشق جي وڻ کي مٿي اڀارڻ ۾ سائين محمد ابراهيم جويي جهڙي بڙ جي گهاٽي وڻ جي ڇانو نصيب ٿي، جنهن جي ڪري سندس سنڌ جو عشق وڌي وڻ ٿيو هجي، پر ادب جي خوشبو ته سراج صاحب کي پنهنجي والد مرحوم محمد يعقوب ”نياز ميمڻ“ کان حاصل ٿي، مرحوم محمد يعقوب پاڻ هڪ وڏو تعليمدان، ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ڄاڻو هو، حافظ شيرازيءَ جي ”ديوان جا خط“ جو سنڌي ۾ سندس ڪل ترجمو ثابت ڪري ٿو، ته کيس سنڌي فارسيءَ تي هڪ ئي وقت مڪمل عبور حاصل هو، اهڙي علم پرور ۽ علم دوست والد جو ساٿ کيس سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب ڏانهن ڇڪي آيو، سال ۱۹۳۳ جي ۲۴ آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ سراج صاحب جو اسٽار لبرا هو، يعني ميزان، اهو اسٽار رکندڙ شخص انتهائي ماٺيڻو ۽ انصاف پنسد پر شرميلو به هوندو آهي، حيدرآباد جي مشهور نور محمد هاءِ اسڪول مان جڏهن هن ميٽرڪ پاس ڪئي ته ان وقت ساڻس گڏ مظهر الحق صديقي ۽ اڳوڻو نگران وڏو وزير رٽائرڊ جسٽس عبدالقادر هاليپوٽو سندس هم ڪلاسي هوندا هئا، ان وقت ميٽرڪ جو امتحان سنڌ يونيورسٽي وٺندي هئي، جتان هن ميٽرڪ جي امتحان ۾ ٽين پوزيشن حاصل ڪئي، ۱۹۵۳۾ هن ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي بورڊ جهڙي علمي اداري ۾ اچي ملازمت ڪئي، ۱۹۵۵ ۾ محمد ابراهيم جويي کيس بورڊ ۾ اسسٽنٽ سيڪريٽري جي عهدي تي مقرر ڪيو، ان وقت سنڌي ادبي بورڊ سائين جي ايم سيد، سيد ميران محمد شاهه، ڊاڪٽر شمس العلماءِ عمر دائود پوٽي، پير علي محمد شاهه راشدي، پير صاحب حسام الدين شاهه راشدي، جهڙن عالمن جي سهڪار سان هلندڙ هو، ۱۹۵۷ ۾ هن سي ايس پي جو امتحان ڏنو، ۽ بورڊ کي خير آباد چئي انڪم ٽيڪس کاتي ۾ نوڪري ڪرڻ شروع ڪئي، پر ان نوڪريءَ دوران به هن سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ساٿ ڪڏهن به نه ڇڏيو، سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ تي هن هڪ شاندار ڪتاب سنڌي ٻولي لکي ۱۹۶۴ ۾ شايع ڪرايو، هن جو موقف هو ته سنڌي ٻولي ڪنهن ٻي ٻوليءَ جي ڄائي ڪونهي، بلڪ سنڌي ٻولي ننڍي کنڊ جي پراڻي ٻولي آهي، جنهن جي هڪ جداگانه حيثيت آهي، اهو وقت ڏاڍو ڏکيو هو، ڇاڪاڻ ته ڪن ماهرن جو چوڻ هو ته سنڌي ٻولي سنسڪرت جي ڄائي آهي ته ٻيا واري ان کي ڇڪي وڃي عربن سان ملائيندا هئا، هڪ ئي وقت ان ڪتاب جي حمايت ۽ مخالفت شروع ٿي ويئي، خصوصي طور تي ڀارت ۾ رهندڙ هڪ سنڌي اديب ۽ لسانيات جي ماهر گنگارام سمراٽ ان ڪتاب تي ڏاڍي ڇتي ۽ بيرحماڻي تنقيد ڪئي، اهو مضمون حيدرآباد جي مشهور سهڻي مئگزين ۾ محترم طارق اشرف شايع ڪيو، نتيجي ۾ سراج الحق ميمڻ، مشهور قومي رسالي روح رهاڻ ۾ ان جو مدلل جواب ڏنو، ٻئي طرف سنڌ جي ترقي پسند فڪر سان تعلق رکندڙ هيءُ اديب سراج صاحب جي حمايت ۾ ميدان ۾ لهي آيا، گنگارام سمراٽ ڇاڪاڻ اصل سن جو رهواسي هو، ان ڪري سائين جي ايم سيد پنهنجي ڳوٺاڻي کي هڪ خط لکي ميار ڏني، ته سراج سنڌي ٻولي جو نوجوان محقق آهي، اوهان کي ان تي ان قسم جي تنقيد کان پاسو ڪرڻ کپندو هو، گنگارام سمراٽ جواب ۾ جيڪو خط لکيو آهي، اهو سيد صاحب جي خطن واري ڪتاب ۾ شامل آهي، ان مان اوهين اندازو لڳائي سگهو ٿا ته سائين جي ايم سيد جهڙا ماڻهو سراج سان ڪيڏي نه محبت ڪندا هئا. ساڳئي وقت هن ۱۹۶۹ ڌاري هڪ ناول پڙا ڏوسوئي سڏ لکيو، اهو ناول سنڌ جي تاريخ جي پس منظر ۾ لکيو ويو هو، ان وقت سنڌ ون يونٽ جي زنجير ۾ جڪڙيل هئي، ان ناول کي جيتوڻيڪ ڪن ليکڪن نعريبازي قرار ڏنو، پر سنڌ جي نوجوان نسل ۾ اهو ناول ڏاڍو مشهور ٿيو. ۱۹۷۲ ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سراج صاحب کي سيد قمر الزمان شاه جي صلاح سان روزاني هلال پاڪستان ڪراچيءَ جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو، پهرين مئي ۱۹۷۲ کان ڪراچيءَ مان نئين رنگ ۽ ڍنگ سان هڪ جديد سنڌي اخبار هلال پاڪستان جو بنياد سراج صاحب جي هٿن سان پيو، يقينن ان ڳالهه کان ڪوئي شخص انڪار نه ڪري سگهندو ته سراج صاحب، جي ايڊيٽر شپ ۾ نڪتل روزاني هلال پاڪستان ڪراچي، سنڌي صحافت ۾ هڪ انداز، هڪ نئون موڙ هئي، ان اخبار سنڌي ٻوليءَ جا اصولڪا لفظ ڪتب آندا، گرامر جو خصوصي طور خيال رکيو ويندو هو، تنهن کان سواءِ اعليٰ قسم جي پروف ريڊنگ جو رواج به سراج صاحب هلال پاڪستان ۾ وڌو ساڳئي وقت ان وقت جي مشهور اديبن جهڙوڪ امر جليل ۽ قمر شهباز کان ڪالم لکرائي، کين معاوضو ڏيڻ جو رواج به سراج صاحب وڌو، نه رڳو اهو بل ان وقت کان وٺي اخبار جي وڪرو ٿيڻ تائين هلال پاڪستان واحد اخبار هئي، جنهن ۾ ورڪرس کي ويج بورڊ پگهارون ملنديون هيون، ۱۹۷۷ جي مارشل لا کان پوءِ علي احمد بروهيءَ هلال پاڪستان ۽ ان جي پيپلز فائونڊيشن کي مارشل لا وارن جي حڪومت جي حوالي ڪرائي ڇڏيو ۽ پاڻ شيخ سلطان ٽرسٽ (پيپلز فائونڊيشن جو ايڊيشنل ايڊمنسٽريٽر ٿي سراج صاحب کي مجبور ڪيو ته هو مارشل لا جي فرمانبرداري ڪري. پر سراج صاحب استعيفيٰ ڏني ۽ اخبار کي الوداع ڪري ويو، شايد گهٽ ماڻهن کي ان ڳالهه جي خبر هوندي ته هلال پاڪستان کي ان وقت جيڪا جديد آفيسٽ پرنٽنگ مشين هئي، اها جنگ اخبار وٽ به بعد ۾ آئي، اهو ڪم سمورو ڪم سراج صاحب جي صلاح سان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سر انجام ڏنو هو، ساڳئي وقت شهيد ڀٽو، پيپلز فائونڊيشن کي سول لائينس ۾، پي آءِ ڊي سي بلڊنگ ڪراچيءَ وٽ به شاهي پلاٽ به ڏنا، جن ۾ اها جديد پريس لڳل هئي، ٻن بلڊنگن جي ان وقت به مسواڙ اداري کي لکين رپيا ملندي هئي، پر بروهي صاحب آخري ۱۹۹۲ جي آخر ڌاري اها جديد مشين وڪڻي، اخبار کي ورڪرس کي وڪڻي ڇڏي.ان سموري ڳالهه تي سراج صاحب ڏاڍو ڏک ظاهر ڪندو هو. سراج صاحب بنيادي طور تي هڪ اصول پرست اديب هو، شيخ اياز سان سندس دلي قرب هوندو هو، منهنجي ذاتي ڏيٺ ويٺ سراج صاحب سان نومبر ۱۹۷۰ ۾ ٿي، شيخ اياز وٽ، اياز، فاران هوٽل ۾ رهيل هجي، اتي اوچتو سراج صاحب اچي نڪتو سندس بهترين پوشاڪ يعني ٿري پيس فل سوٽ ۾ هو وڏي رعب ۽ تاب وارو شخص ٿي اچي اسان جي سامهون بيٺو وات ۾ خوشبودار تماڪ سان پريل پائيپ، اياز منهنجي واقفيت ساڻس ڪرائي يڪدم چوڻ لڳو، نوجوان اڳتي قدم بند ڪري ڇڏيئي ڇا ؟ ته سمجهي ويس ته هن منهنجو رسالو اڳتي قدم جو پهريون پرچو پڙهيو آهي، وڌيڪ مون سان ڪو نه ڳالهايائين اياز سان ڪچهري ڪري رهيو. بعد ۾ ساڻس جڏهن به ملاقات ٿيندي هئي، ته عزت ۽ محبت سان ملندو هو، ۱۹۹۰ ۾ آئون جڏهن روزاني هلال پاڪستان جو چيف ايڊيٽر ٿيس ته پاڻ مون کي فون ڪري مبارڪ ڏيندي چوڻ لڳو ته خبرداري سان اخبار کي هلائجان محسوس ڪرايو آهي ! پوءِ هو مون کي لائونج ۾ ٺهيل هالپسدي ان اسلام آباد هوٽل جي جيسمين ڪافي شاپ ۾ وٺي ويو، اتي ڪافيءَ جو آرڊر ڏيئي پاڻ پائيپ ڇڪڻ لڳو. مون کي ان وقت هو ڏاڍو اداس لڳو، ٻاره شيشي جي دري مان شام جي مهل ان مهل وسندڙ برسات کي ڏاڍي غور سان ڏسي رهيو هو. جڏهن ڪافي پي اسان اٿياسين ته هن بل جي پيمينٽ ڪري ڇڏي. اها ٻي ڳالهه هئي ته اسان هوٽل ۾ حڪومت جا گيسٽ هئاسين. پر سندس خوددار طبيعت جي ڪري هن بل تي صحيح ڪرڻ بدران، پنهنجي کيسي مان بل ڀري ڇڏيو ۽ مون کي خدا حافظ چئي، واپس پنهنجي روم ۾ هليو ويو. ساڻس آخري ملاقات پاڪستان آرٽس ڪائونسل ۾ گذريل سال ٿي هئي. ڪراچي يونيورسٽي طرفان سڏايل شاهه لطيف ڪانفرنس جي هڪ سيشن ۾ پاڻ آيو هو، ملاقات ٿي، ته مان پاڻ ساڻس جهڪي وڃي مليس، چوڻ لڳو، مدد! تو ربانيءَ تي ڏاڍو سٺو مضمون لکيو آهي، در اصل لکڻ ته مون کي کپندو هو، پر تو سٺو نڀايو آهي، تو منهنجي ادبي بورڊ مان ڇڏڻ واري تاريخ ۽ سال لکي ڇڏيو، مون کي ڏاڍي حيرت ٿي ته تو اهو مواد ڪٿان هٿ ڪيو؟ مون سندس ٿورو مڃيندي محسوس ڪيو ته سراج صاحب سنڌي ادب کي باقائدگي سان پڙهي رهيو آهي، هن ڌرتي هن ٻولي ۽ هن مظلوم قوم سان ڪيل پنهنجو وچن آخري دم تائين قائم رکيائين وفات کان اڳ ۾ سندس ٻه لکيل انگريزي ڪتاب History of Sindhi Language Biography Of an unknown Sindhi سندس انهيءَ وچن ۽ ڪمٽمينٽ جو اظهار آهي، سنڌي ادب ۽ سنڌ جي آسمان تي، هو ٻين ڪيترن ستارن وانگر چمڪنڪدو رهندو، سندس ٻيا تارا مرڻ مون سين آءُ، منهنجي دنيا مرگهه ترشنا، منهنجي دنيا هيکل وياڪل، سندس لکيل ڪهاڻيون، مضمون، ۽ سنڌي ٻولي ڪتاب سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهم باب آهن، اڄ شيخ اياز جي هنن لفظن ۾ اسين کيس ياد ڪري رهيا آهيون. سدا اڀريا سنڌ ۾ آنڌي جيئن انسان، وڙهندي مڙس مهان، مٽيءَ منجهه سمايا (اياز) سراج يارن جو يار محمد ابراهيم جويو سراج الحق ميمڻ منهنجو جگري دوست هو، هن صحافتي دنيا توڙي ادب جي دائري ۽ علمي ميدان ۾ هڪ ئي وقت ڪم ڪيو آهي، سراج الحق ميمڻ نماڻي قسم جو انسان پڻ هو، سراج جو مون سان ڀائرن وارو ناتو هوندو هو، سراج الحق ميمڻ علم ۽ ادب جي ميدان ۾ ايترو ته ڄاڻو انسان هو جو جيڪڏهن ادب ۽ علم جي ميدان ۾ ساڻس ڪا ڳالهه ڪبي هئي ته سندس ردعمل دل پسند ۽ علمي لحاظ کان لاجواب هوندو هو، سراج الحق ميمڻ ۽ مون سڄي زندگي گڏجي گذاريو ۽ علم ۽ ادب جي خدمت ڪئي، توڙي جو سراج الحق کانئس عمر ۾ ننڍو هو پر کيس وڏي ڄاڻ هوندي هئي، تنهن ڪري ڪنهن وقت هو سندس استاد به بڻجي ويندو هو، افسوس ته آءُ وڏي عمر وارو زنده رهجي ويس ۽ هو ننڍي عمر وارو اسان کان الڳ ٿي ويو، سندس وڇوڙي ته تمام گهڻو صدمو پهتو آهي، هو وڏي همٿ ۽ حوصلي وارو انسان هو، هن ادب ۽ علم جي دائري ۾ وڏي قابليت، همٿ ۽ حوصلي سان ڪم ڪيو، جنهن وقت آءُ سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري هيس، تنهن وقت سراج ميمڻ پهرين اسسٽنٽ طور مون سان گڏجي ڪم ڪيو ۽ ان دور ۾ بورڊ اندر جيترو ڪم ٿيو، ان ڪم ۾ سراج ميمڻ جو ڀرپور ڪردار هو، سراج ميمڻ صحافتي دنيا ۾ اچي وڏي مقبوليت ماڻي ۽ صحافت ۾ نوان لاڙا پيدا ڪيا ۽ پنهنجي دور ۾ صحافتي دنيا ۾ اڀار آندو، سراج الحق ٻن دلين وارو انسان هو ۽ يار جو يار هو. جديد ادب جو وڏو ماڻهو رسول بخش پليجو سراج الحق ميمڻ هڪ ماڊرن ماڻهو هو، هو هڪ انسان، انقلابي، اديب ۽ دانشور هو، هو جديد ادب ۽ علم ۾ وڏو ماڻهو هو، هو وزن دار شخصيت جو مالڪ هو، سراج الحق ميمڻ ڪمزور ڳالهيون نه ڪندو هو. هو سوچيندو هو ته سنڌي قوم ۾ تبديلي ڪيئن آڻجي ۽ انقلابي لاڙا ڪيئن آڻجن، سراج ڪڏهن به پنهنجي لياقتن جو فائدو وٺي پاڻ وڌائڻ وارو ڪو به ڌنڌو نه ڪيو، هو ان خيال جو ماڻهو هو ته سنڌي ماڻهو سجاڳ ٿين پنهنجي وطن جا مالڪ بڻجي تعليم حاصل ڪن، هو پاڪستان جو حامي ضرور هو ته سنڌ پاڪستان ۾ هجي، پر غلام نه هجي نه مرڪز، نه وڏيرن جي غلامي ۾ هجي، هو هوائي ڳالهيون ڪندڙن مان بيزار هوندو هو، هن جي وڃڻ سان جيڪو نقصان ٿيو آهي، ان نقصان جو پورائو ٿي نٿو سگهي، اهڙا ماڻهو گهٽ هوندا آهن، جيڪي توڙ نڀائين ٿا، جيڪي پلٽا نٿا هڻن، وڏيرن جا چمچا نه ٿيندا آهن، سراج انهن ماڻهن مان هڪ شخصيت هو، سراج جهڙا ماڻهو روز پيدا نه ٿيندا آهن. سراج سندس جديد سنڌي صحافت ۾ ڪردار جي اين مغل سائين سراج الحق ميمڻ اديب هو، بيورو ڪريٽ هو، زبان جو ماهر هو ۽ صحافي به هو. اڄوڪي مضمون ۾ اسين گهڻو ڪري سنڌي صحافت ۾ سندس ڪردار جو ذڪر ڪنداسين. سراج صاحب صحافت پيپلزپارٽي طرفان ڪراچي مان شايع ٿيندڙ ترجمان اختيار ”هلال پاڪستان“ جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ شروع ڪئي، هلال پاڪستان جي ايڊيٽر طور ڪم ڪرڻ کان اڳ سراج صاحب جو شايد باقائدي صحافت جي پيشي سان ڪو تعلق نهر هيو هو، پر جنهن ڏينهن کان هن هلال پاڪستان جي ايڊيٽري سنڀالي ڪڏهن به ڪنهن کي به اهو احساس نه ٿيو ته هلال پاڪستان جي چارج ڪنهن اڌو گابري صحافي وٽ آهي. ان جي برعڪس جنهن به هلال پاڪستان پڙهي ته محسوس ڪيائين ته سندس هٿن ۾ سنڌي زبان جي هڪ اهڙي اخباري آهي جنهن ۾ صحافت جي مڙني معيارن جو خيال رکيو ويو آهي. سراج صاحب جيترو وقت به هلال پاڪستان جو ايڊيٽر رهيو هلال پاڪستان نه فقط پاڪستان جي بهترين اخبارن ۾ شمار ٿيندي آهي پر سندس ايڊيٽر شپ ۾ هلال پاڪستان سنڌ جي زبردست خدمت ڪئي. سنڌ جو اهڙو ڪهڙو اشو هوندو جنهن تي هلال پاڪستان ملڪ جامع حقيقت ... ۽ بي پاڪ موقف نه پيش ڪيو هجي. حالانڪه هلال پاڪستان حڪمران پارٽي جي ترجمان اخبار هئي پر ان سموري عرصي ۾ نه هلال پاڪستان سنڌ جي مفادن کي نظرانداز ڪيو ۽ نه حڪمران پارٽيءَ ڪڏهن ان قسم جي ادارين، خبرن، سرويز ۽ ٻئي مواد تي اعتراض ڪيو. جن به سراج صاحب سان هلال پاڪستان ۾ ڪم ڪيو آهي اهي ان ڳالهه جي شاهدي ڏيندا ته هو هڪ انتهائي سنجيده شخصيت هو. نه هن جي لکڻين مان ۽ نه هن جي رويي مان ڪڏهن غير سنجيدگي لڳندي هئي. هلال پاڪستان جو ايڊيٽوريل سراج صاحب پاڻ لڳندو هو. اهي ايڊيٽوريل جتي سنڌ جي اشوز تي هوندا هئا ته اتي ٻين قومي اشوز، بين الاقوامي اشوز ۽ اقتصادي اشوز تي هوندا هئا. اها ڳالهه به پوري ذميداريءَ مان چئي سگهجي ٿي ته سراج صاحب جو لکيل ڪو به ايڊيٽوريل ... نه هوندو هو. ان ۾ ..... انداز ۾ موقف به رکيو هوندو هو ته ان ۾ واسطيدار انگ اکر به هوندا هئا. شايد تمام گهٽ ماڻهن کي خبر هجي ته سراج صاحب اقتصاديات جو به ماهر هو. اقتصاديات هن جو پسنديده مضمون هو. سراج جي ادارن ۾ نڪرندڙ اخبار هلال پاڪستان هر لحاظ کان مڪمل اخبار هئي. اخبارن ۾ خبرون، ايڊيٽوريل ۾ قطعي، مزاحيه ڪالم، سياسي ۽ اقتصادي موضوعن وارن ڪالم کان سواءِ هفتي دوران ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن ڪو نه ڪو خاص صفحو به شايع ٿيندو هو. انهن ۾ خاص .... جو صفحو تمام مشهور هوندو هو جيڪو سندس مشير ادي فهميده حسين جي ادارت ۾ نڪرندو هو. ان کان سواءِ پورهيتن، هارين ۽ شاگردن جا صفحا به هر هفتي شايع ٿيندا هئا. ان ۾ به ڪو شڪ نه آهي ته هر صفحو پنهنجن پڙهندڙن ۾ ڏاڍو مقبول هوندو هو. اها ڳالهه به ڪانهن کان لڪل نه آهي ته سراج صاحب زبان جو به ماهر هو. سراج صاحب جي ان صلاحيت جو هلال پاڪستان ۽ ان ۾ استعمال ٿيندڙ زبان تي تمام زبردست اثر پيو. سراج صاحب جون هدايتون هونديون ته هروڀرو انگريزي اردو ۽... لفظ استعمال نه ڪيا وڃن جن جا نعم البدل سنڌي لفظ موجود آهن. اهڙن طرح، هلال پاڪستان ۾ استعمال ٿيندڙ سنڌي ٻين سنڌي اخبارن ۾ به استعمال ٿيڻ لڳي. ان جو هڪ سٺو اثر پي ٽي وي تان نشر ٿيندڙ سنڌي خبرن جي معيار تي به پيو. ڪجهه هيئن ٿيو ته جيڪا ٽيم ڪراچي ٽيليويزن سينٽر تي سنڌي خبرون لکڻ جي انچارج هئي اها هلال پاڪستان جي تيار ڪيل ٽيم هئي جنهن ۾ خاص طور محترم انور پيرزادي محمد خان سيال ۽ ٻين اهڙن دوستن جا نالا وٺي سگهجن ٿا. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته جڏهن سراج صاحب هلال پاڪستان کان ڌار ٿيو ته نه فقط ٻين سنڌي اخبارن پر خود هلال پاڪستان مان به سراج صاحب واري سنڌي گهڻي حد تائين ناپيد ٿي وئي. اهو سراج صاحب جو ڪريڊٽ آهي ته هن ڪجهه ممتاز بين الاقوامي سياسي ٽرمنالاجي ۽ معاشي ٽرمس جا اهڙا نعم البدل ٺيٺ سنڌي لفظ ... ڪيا جن کي نه فقط سنڌي اخبارن ۽ سنڌ اخبارن جي قارئين پر سنڌي زبان جي ماهرن به قبول ڪيو. ان سلسلي ۾ مون کي هن وقت هڪ، ٻه مثال ياد اچن ٿا. مثال ياد اچن ٿا. مثال طور، ان وقت فرانس جو صدر ڊيگال هو. ڊيگال ڪيئن اهم بين الاقوامي ... سامهون آندا. ان وقت بين الاقوامي ٽڪراءُ کي ختم ڪرڻ يا گهٽائڻ لاءِ هن جيڪي .... تن کي هو ديتان چيو ويندو هو. .... لفظ هو پر انگريزي زبان کي اهو فرينچ لفظ پنهنجو ڪرڻو پيو. اهڙي طرح اردو پريس به لفظ ديتان استعمال ڪندي هئي پر سراج صاحب فرينج نقشو اديتان لاءِ نج سنڌي لفظ سرچاءُ استعمال ڪيو ۽ ڪيتري عرصي تائين نه فقط هلال پاڪستان مگر اڪثر سنڌي اخبارون ديتان لاءِ سرچاءُ استعمال ڪنديون هيون. اهڙي طرح اقتصاديات جو هڪ ٽرم آهي جنهن لاءِ پڻ سراج صاحب ٽرم ناڻي جي واڌ استعمال ڪيو ۽ ڪيتري حد تائين اهو ٽرم سنڌي اخبارن ۾ استعمال ٿيندو رهيو. سراج صاحب، زبان جي ماهر هئڻ جي حيثيت ۾ ان راءِ جو هو ته سنڌي زبان موجوده رسم الفظ بدران رومن رسم الفظ ۾ لکي وڃي. ان سلسلي ۾ هن هلال پاڪستان ۾ ڪيئن حوالي سان ڪيئن جامع ڪالم لکيا. پر آخرڪار سراج صاحب کي اهو موو ... ڪرڻو پيو. شايدع ان جو هڪ سبب اهو هو ته سندس ڪيترن همعصر سنڌي دانشورن ۽ زبان جي ماهرن به سراج صاحب سان اتفاق نه ڪيو. هنن جي موقف هو ته موجوده رسم الحظ ۾ ايترو سندن لٽريچر جو خزانو ڦهليل آهي جيڪو سڄي جو سڄو رومن اسم الحظ ۾ منتقل نه ٿي سگهندو ۽ اهڙي طرح سنڌي زبان کي نقصان پهچي سگهي ٿو. منهنجو خيال آهي ته رومن رسم ان جو ۾ سنڌي لکڻ واري سراج صاحب .... جي حق خاص طور اهو موقف هو ته جيڪڏهن سڀ سنڌي پوءِ ڀلي دنيا جي ڪنهن به علائقي ۾ هجي رومن رسم الحفظ استعمال ڪرڻ سنڌي زبان به ختم نه ٿيندي ۽ پاڪستان هندستان توڙي دنيا جي هر حصي ۾ رهندڙ سنڌي قوم متحده ٿي سگهي ٿي. سراج صاحب جي هوالي کان منهنجون ڪجهه ذاتي ساروڻيون ڪنهن حد تائين دلچسپ آهن جن مان هن جي وڏائي لکي ٿي هلال پاڪستان ۾ رپورٽرن ۽ ايڊيٽرن جي ڀرتي لاءِ هلال ۾ اشتهار شايع ٿيا. مون به رپورٽر بڻجڻ لاءِ درخواست ڏني، سراج صاحب مڙني درخواست ڏيندڙن کان لکت ۾ ٽيسٽ ورتي جيڪا سي ايس پي واري معيار واري هئي. جيڪي ان ۾ پاس ٿيا انهن کان زباني امتحان ورتو ويو. زباني امتحان ڏيڻ لاءِ جڏهن آئون سراج صاحب جي ڪمري ۾ داخل ٿيس ته سراج صاحب مون کي سامهون صوفه سيٽ تي ويهڻ جي لاءِ چيو. مون ڏٺو ته سندس مٿس ۾ مون وارو ٽيسٽ جو لکيل پيپر هو. سراج صاحب چيو ته تو سٺيو لکيو آهي پر مون کي يقين آهي ته تون گهڻو وقت صحافين ۾ نه رهندي، تو جهڙا ماڻهو جلد سٺي جاب ملڻ تي صحافت ڇڏي ويندا جڏهن ته صحافت کي توجهڙي سنڌي صحافين جي ضرورت آهي مون چيو ته نه سائين آئون صحافت نه ڇڏيندس، چيائين وعدو ته صحافت نه ڇڏيندي به مون چيو وعدو مون هلال پاڪستان ۾ سب ايڊيٽر طور ڊيسڪ تي ڪم ڪرڻ شروع هلال پاڪستان ۾ انٽرويو ڏيڻ کان ۴ مهين اڳ مون زرعي ترقياتي بئنڪ جي آفيسر جي لاءِ انٽرويو ڏنو هو. مون کي اها ڳالهه وسري وئي هڪ ڏينهن مون ليٽر مليو جنهن ۾ چيو ويو ته توکي زرعي ترقياتي بئنڪ ۾ آفيسر طور مقرر ڪيو ويو آهي تون ٻن هفتن اندر فيصل آباد واري تربيتي اداري ۾ رپورٽ ... جتي توکي ڪجهه مهينن لاءِ ٽريننگ ڏني ويندي، آئون ڏاڍو خوش ٿيس. مون کي اها ڳالهه وسري وئي ته هلال پاڪستان ۾ مقرري وقت سراج صاحب سان ڪهڙو وعدو ڪيو هو. آئون سراج صاحب جي ڪمري ۾ ويس ۽ مقرريءَ واري ليٽر سندس پٽيل تي رکندي چيم ته منهنجي زرعي ترقياتي بئنڪ ۾ بطور آفيسر مقرري ٿي وئي آهي. هاڻ مون کي اجازت ڏيو ته توهان کان موڪلايان. سراج صاحب مون ڏانهن گهوريندي چيو ته تون وڃڻ چاهين ٿو ته ڀلي وڃ پر پنهنجو وعدو ياد اٿئي. مون کي سچ پچ پهرين ڪا به ڳالهه ياد نه آئي پر پوءِ فوري طور سڄي ڳالهه ياد اچي وئي. آئون شرمسار ٿيندي اٿيس ۽ سندس ٽيبل تي رکيل مون وارو مقرري وارو ليٽر لفافي سوڌو کڻي سندس اڳيان ڦاڙي سندس ڀر ۾ پيل ڪچري واري دٻي ۾ وجهندي چيم ته سائني وعدو بلڪل ياد آهي. صحافت نه ڇڏيندس. آئون اڄ ڏينهن تائين جهڙو تهڙ صحافت سان جيڪو نڀائيندو اڃا ۽ ان جو ڪريڊٽ سراج صاحب کي ڏيان ٿو. هڪڙي مرحلي تي اسان هلال پاڪستان جي ڪارڪنن يونين ٺاهي. ساڳئي وقت آئون ڪراچي يونين آف جرنلسٽ جو جنرل سيڪريٽري به هيس. هلال واري يونين جو جيتوڻيڪ آئون سينيئر وائيس پريزيڊنٽ هوس پر يونين جي پويان جيڪي وڌيڪ متحرڪ هئا شايد انهن ۾ آئون پيش پيش هوس. اسان ۱۰۰ مطالبن تي مشتمل چارٽر آف ڊمانڊس ٺاهيو جنهن تي انتظاميا سان مذاڪرات ٿيا. انتظاميا جي نمائندي سراج صاحب ڪري رهيو. ٻئي طرف يونين جي مذاڪراتي ٽيم منهنجو اهم ڪردار هو. ان دور ۾ شايد سراج صاحب ۽ ان ۾ ڪي ناراضگيون به پيدا ٿيون، پر بعد ۾ جڏهن جنرل ضياءَ مارشل لڳائي، ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت ختم ڪئي ته هلال پاڪستان کي به ڪراچي جي آرمي ڪورٽيڪ اوور ڪيو. ان دوران هڪ مرحلي تي اسان پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽ ۽ ..... جي پليٽ فارمن تان سڄي ملڪ ۾ مارشل لا خلاف تحريڪ هلائي ۽ ڪراچي ۾ صحافين طرفان گرفتاريون شروع ٿي ويون. پريس ڪلب ۾ جيڪي بک هڙتال تي ويٺا انهن ۾ آئون به شامل هوس. رات جو اسين گرفتار ٿي وياسين. پر ڪجهه ڏينهن دوران اسان کي ... ڪيو ويو ۽ مساوات ۽ هلال پاڪستان جي اشاعت بحال ٿي وئي. جيل مان به ...ٿيڻ کان پوءِ مون کي ساٿين ٻڌايو ته توهان جي جيل ۾ هئڻ دوران ڪراچي پريس ڪلب ۾ ٿيندڙ احتجاجي ميڙاڪي روزانو سراج صاحب خود شرڪت ڪندو هو ۽ چوندو هو ته مغل ۽ ٻيا ساٿي ... هليا ويا آهن ته هنن جي اڪري حد تائين اخلاقي حمايت ڪرڻ لازمي آهي. سراج صاحب اصول پرست هو. هن سڄي زندگي پنهنجي اصولن تي مفاهمت ڪئي. سراج صاحب صحافت ۾ منهنجو استاد آهي ۽ جيسين جان ۾ جان آهي سندس احترام ۾ ڪڏهن به ڪمي نه ايندي. ڪاش سنڌ ۾ سئو، ٻه سئو سراج پيدا ٿي پون ته سنڌ ڪهڙن ڏکن کان آجي ٿي پوي ۽ روج واري زندگي گذرڻ لڳي. سراج سان لاڳاپيل يادگيريون عبدالحميد آخوند جن کيس سڃاتو، مٿس موهت ٿي پيا. جن هن بابت ڄاتو، تن تي سندس شخصيت جو روپ ڇانئجي ويو. سراج هڪ نهايت متا ثر ڪندڙ شخصيت هو، هو اکين جو ٺار ۽ ذهنن کي تازو توانو ڪندڙ هو. پڪي پختي توريل تڪيل ڳالھ ڪرڻ وارو ۽ عملياتي شخصيت هو، سندس حقيقي قد ڪاٺ ۽ وزن سندس خيالن ۾ آهي هن ڪڏهن به غير معقول جذبات نه ڌاريا. سنڌ، سنڌ جي ماڻهن ۽ ٻوليءَ لاءِ سندس پيار لفاظي نه هو، پر هن سنڌي ٻولي تي پنهنجي ڪتاب جي صورت ۾ ان کي سدا بهار ياد گار ڏنو، سراج انهيءَ مشن کي پنهنجي وطن جي هڪ ذميواري ڪري هٿن ۾ کنيو، انهي ميدان ۾ان جي باني واري حيثيت رکندي، هو نوجوان نسل لاءِ اتساھ جو ذريعو هيو، ڪراچي جي سنڌ فري ميسن لارج جي هڪ ڪمري ۾ ”سنڌ صدين کان“ سيمينار دوران سراج مون کي تقرير پويان تقرير ٺاهيندي نظر آيو . اهي تقريرون انهن ڪيترن ماڻهن کي ڪرڻيون هيون، جيڪي مختلف سيشن جي صدارت لاءِ آيل هيا، پر ڪيئن موضوع بابت ڄاڻ گھٽ هئي، مون کيس اهڙي ڪمانڊ سان تقريرون ٺاهيندي ڏٺو جيڪا مون ٻين ۾ تمام گھٽ ڏٺي آهي. اسان مان گھڻن جي ابتڙ هو جهڙو تهڙو اجايو ڳالھائڻ، يا منافقت ۾ وقت ضايع نه ڪندو هو، پر سدائين هاڪاري ۽ همٿائيندڙ هوندو هو، سراج ڪنهن جي گلا ۾ يقين نه رکندو هو، ڪنهن جي بدنامي ۾ دلچسپي نه وٺندو هو، اسان سڀ کيس سندس سڄڻائپ، عقلمندي ۽ علم سبب عزت ڏيون ٿا. جيتوڻيڪ سنڌي ٻولي تي سندس بنيادي ڪم ۴۰ سال اڳ لکيل ڪتاب آهي، هن وقت تائين ان ميدان ۾گھڻي تحقيق نه ڪئي وئي آهي، سندس دل ۾ ابراهيم جويو لاءِ گھڻي نرمي هئي ۽ هو سندس سڄي زندگي عزت ڪندو هو. مون کي ياد آهي ته هن هڪ ڀيري هڪ عجيب درخواست ڪئي ۽ جڏهن مون سندس ڌيان ڇڪايو، هن ٻڌايو ته هو مون کي اهو ڪجهه ڪرڻ لاءِ جوئي جي احترام جي ڪري چئي رهيو آهي، اها ڳالھ مان ۱۹۹۰ جي وچ جي هڪ ڳالھ ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته تنهن وقت سنڌ جي گورنر، سراج کي سنڌ يونيورسٽيءَ جو وي سي ٿيڻ جي آڇ ڪئي جيڪا هن تنهن وقت جي علمي ادارن جي ماحول سبب قبول نه ڪئي. الائي ڪڏهن اسان انهيءَ اداري کي امن سان هلائينداسين. سراج مهتا پيلس ميوزم لاءِ ”ٽرسٽ ڊيڊ“ جو مسودو ٺاهڻ ۾ حيلو وسيلو هو ۽ هو ان جي باني ٽرسٽيز مان هڪ هو. سندس بيماريءَ دوران جيڪا کيس دهليءَ وٺي وئي، سندس جذبا جوان هئا ۽ هو هي صورتحال لاءِ تيار هو. ڇو ته هن هڪ ڀرپور زندگي گهاري هئي ۽ مطمئن هو. هو پنهنجي ڊگهي بيماريءَ دوران به پر اميد هو. پر آخرڪار لڳو پئي ته هو (زندگيءَ جي ) قيد کان ٿڪجي پيو هو ۽ اميد جو ڪرڻو گم ٿي چڪو هو. ساڻس آخري گفتگوءَ ۾ هن مون کي چيو هو ته امر جليل کي سندس تازي ڪتاب جي مهاڳ لاءِ ياد ڏياريان ۽ ساڳئي وقت افسوس ڪيائين ته سندس صحت وڃي ٿي ڪرندي. سراج هيءَ دنيا ان حالت ۾ ڇڏي جو هن پنهنجي ڌرتي، عوام ۽ پنهنجي ڪٽنب جي خدمت ڪئي هئي ۽ کيس اطمينان هو. سندس روانگي شخصي نقصان آهي ۽ مون کي اميد آهي ته سندس خاندان ۽ دوست ريسرچ اسٽڊيز جو هڪ انسٽيٽيوٽ قائم ڪري کيس ڦل ڏيندا. رڳو نانءُ جي صورت ۾ نه پر آدرشن کي بلند ڪرڻ جي صورت ۾ به. سراج سنڌ جو عاشق ليکڪ آفتاب ابڙو سراج الحق ميمڻ سنڌ جي انهن اهم شخصيتن مان هڪ آهي جن لاءِ لطيف سائين چيو آهي ته ”مون سي ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرينءَ کي، تنين سنڌي ڪا، ڪري نه سگهان ڳالڙي“. سراج سنڌ جو اهو سپوت هو، جنهن جو هر عمل سنڌ جي ترقي ۽ سُڌاري سان واڳيل هو، هو جنهن به شعبي ۾ رهيو انتهائي متحرڪ ۽ باخبر رهيو. کيس پنهنجن ۽ پراون جي چڱي پَر خبر هئي. ڪهڙي رٿا سنڌ جي ڀلائي ۾ آهي ۽ ڪنهن منصوبي (هو منصوبي کي منفي انداز ۾ وٺندو هو) مان سنڌ کي ڪهڙو ممڪن خطرو ٿي سگهي ٿو، ان جو کيس چڱي ريت ادراڪ هو. پيپلز پارٽيءَ جي پهرين دور ۾ جيڪي چڱا فيصلا ٿيا، انهن ۾ سراج صاحب جو ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان صلاح مشورو شامل هو. سراج صاحب جي دلي خواهش هئي ته ”شاهه جي رسالي“ جي معياري ۽ جامع لغت جوڙجي، جنهن ۾ هر لفظ جو رومن لپيءَ ۾ تلفظ (Transliteration) ان جو ڌاتو (Root)ته اهو لفظ ڪهڙي ٻوليءَ سان تعلق رکي ٿو. ڌاتوءَ مطابق ان جي معنيٰ: مثلاً شمشير (Shamsher) شم= نهن+ شير= شينهن. اهو لفظ عربي ٻوليءَ جو آهي. جنهن کي تيغ، تلوار ۽ ذوالفقار به چوندا آهن. شاهه سائين ان کي ’ترار‘ طور به استعمال ڪيو آهي. انگريزيءَ ۾ sword، فارسيءَ ۾ به شمشير چوندا آهن. ان لفظ جي عام رواجي سنڌي لغت مطابق معنيٰ ۽ شاهه سائين جي مخصوص معنيٰ ڏجي ۽ حوالي طور بيتن ۾ ان جو استعمال سمجهائجي. ان ڪم لاءِ مون کي اسٽنٽ طور مقرر ڪيائون. ڪجهه وقت سندن نگراني ۾ ڪم ڪيم ۽ ڏاڍو پرايم، پر پوءِ هڪ ته سندن مصروفيتون وڌي ويون، ٻيو ته ڪم جي نوعيت تمام مٿاهين هئي، جنهن تائين مان پُڄي نه ٿي سگهيس! هر لفظ جو ڌاتو ڪڍڻ آسان ڪم نه هو، ٻيو ته سراج سائين جو ٻوليءَ بابت پنهنجو نظريو هو، جيڪو بلڪل حقيقت تي مبني هو. مثلاً اصل لفظ ’اک‘ آهي. ان مان پوءِ ’آنکهه‘ ٿيو. بنيادي لفظ ’ڀت‘ آهي. هندي ۾ اهو ’بهيت‘ ٿيو وغيره. انکان پوءِ ساڳي ڊڪشنريءَ بابت فقير محمد لاشاري کي به آڇ ڪيائون، پر هو به هام ڀري نه سگهيو. آخر ۾ پاڻ ويهي ڪارڊ تي ڪم ڪيائون، بقول ميڊم فهميده جي ته ڪافي ڪم اڪلائي ويا هئا. جيڪڏهن اها لغت شايع ٿئي ته شاهه لطيف کي سمجهڻ ۾ تمام گهڻي آساني ٿيندي. سراج سائين سنگت ساٿ ۽ نوجوانن کي همٿائيندي، هميشه اها صلاح ڏيندو هو ته وقت جي رفتار کي سمجهو، جيئن سڌريل سماجن ۾ ٿي رهيو آهي. اهڙا طريقا اختيار ڪريو، هڪ ڀيري مونکي سمجهايائون ته ”آفتاب شاهه لطيف تي ڪم ڪرڻ بنهه آسان ٿي پيو آهي، جو سائين جو سڄو رسالو اڌ انچ جي USB ۾ اچي وڃي ٿو. انکي جتان گهرون آساني سان ڪلڪ (Click) ڪري ڳولي سگهون ٿا. سڄي رسالي کي ڦولهڻ جي هاڻي ضرورت نه آهي.“ هي اهو دور هو، جڏهن هت ملٽي نيشنل ڪمپنين ۾ به ڪمپيوٽر مشڪل سان متعارف ٿيو هو. سراج الحق ميمڻ بنيادي طور افسانوي ادب جو ماڻهو هو، سندس پهرين تخليق مهان اديب ڪرشن چندر جي ناول ”جنوب سي سورج طلاع هو رها هي“ ’ڏکڻ مان سج اڀري ٿو، ترجمو آهي، جيڪو عثمان ڏيپلائي ۱۹۵۲ ڌاري شايع ڪيو هو. سنڌ ۾، هي ترقي پسند سوچ جي پهرين اهم ڪتابن ۾ شمار ٿئي ٿو. ان سان گڏ هن يورپ ۽ روس جي مهان ليکڪن جي اهم ڪهاڻين جو به سنڌي ۾ ترجمو ڪيو. سندس فهم ۽ فڪر ۾ رومانيت رچيل بسيل هئي. جنهن جو اظهار هن پنهنجن ناولن ”پڙاڏو سوئي سڏ“، ”مرڻ مون سين آءُ“، ”پياسي ڌرتي رمندا بادل“، ”منهنجي دنيا هيڪل ويا ڪل“ ۽ ”تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول“ ۾ ڪيو آهي. ڪهاڻي جي ڪردار سازيءَ تي کيس قدرت حاصل هئي، جنهن جو ذڪر سنڌ جي ڪيترن ئي ناليوارن افسانا نگارن: جمال رند، نسيم کرل، غلام رباني آگري، جمال ابڙي ۽ امر جليل به ڪيو آهي. سراج صاحب کي سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ثقافت سان ايمان جي حد تائين پيار هو. هن جيڪو لکيو، پڙهيو ۽ ڳالهايو ان جو محور سنڌ ۽ صرف سنڌ هئي. سراج صاحب ناولن سان گڏ درسي ڪتاب انگريزيءَ مان ترجمو ڪري، ڪي اصول ۽ ضابطا جوڙيا ته سنڌي ۾ ترجما هن ريت ڪبا آهن. سراج صاحب جڏهن سنڌي ادبي بورڊ ۾ هو ته هن سنڌي ٻوليءَ جي درست استعمال، جوڙجڪ ۽ بيهڪ جي نشانين جي قاعدن ضابطن بابت اهم ۽ مثالي ڪم ڪيو، جيڪي سنڌي ٻولي ۾ رهنما اصول مڃيا وڃن ٿا. سنڌي ٻوليءَ جي بنياد بابت، سندس لکڻ هڪ عجيب حادثو هو. ۱۹۵۹ع ڌاري ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو هڪ تفصيلي مضمون ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“ مهراڻ ۾ ڇپيو، جنهن جو مول متن اهو هوته ”سنڌي ٻولي پنهنجي تاڃي پيٽي ۽ جوڙجڪ جي حوالي سان سامي ٻولين: عربي، عبراني ۽ توراني مان نسري نروار ٿي آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جو صوتياتي سرشتو عربي مان ورتل آهي“. اهڙي موقف سنڌ سان اَٿاهه پيار ڪندڙ ترقي پسند ليکڪن کي ڇرڪائي ڇڏيو. سنڌ ۾ هلچل پيدا ٿي، پر ان جو جواب لکڻ لاءِ ڪو تيار ڪونه هو. پوءِ سائين ابراهيم جو ئي، ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ مولانا غلام محمد گرامي جي حد کان وڌيڪ اصرار تي سراج کي سندرو ٻڌڻو پيو. هن لاڳاتار پنج ورهيه گوڏو ڀڃي، ان موضوع تي مطالعو ڪيو. ڇهه ست ڀيرا موهن جي دڙي جا ڀيرا ڀڳا، راتين جو راتيون رهي مختلف اهڃاڻن تي ڪم ڪندو رهيو. سندس عشق جي حد اها هئي، جو رات جو خواب ۾ به موهن جي ديس جا مٽي هاڻا، چاپهين ڏاڙهيءَ وارا ماڻهو ساڻس ڪچهريون ڪندا هئا. ايئن جيئن سسئي کي وندر جي واٽ وڻن ٿي ڏسي! سراج صاحب آڏو سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد وارو ڪيس انتهائي ڳنڀير بڻجي ويو. نه صرف کيس هتي جي روايتي عالمن کي جواب ڏيڻو پيو، پر انگريز محققن موهن جي دڙي جي کوٽائي وقت جيڪي انومان ڪڍيا هئا ۽ جيڪي غلطيون ڪيون هيون، انهن کي به درست ڪرڻو پيو. اها سڄي وارتا سندس ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ ۾ ڏسي سگهجي ٿي. سراج صاحب تاريخي حوالن سان اهو ثابت ڪيو ته ’سنڌي ٻولي‘ هن ڌرتيءَ جي پيداوار آهي. سنسڪرت ۽ ٻيون پراڪرتون هن مان ڦٽي نڪتيون آهن. سنڌو لکت (Indus Script) مان ’براهمي خط‘ وجود ۾ آيو ۽ جنهن مان پوءِ ’سنسڪرت لپي‘ جڙي. جڳ مشهور قديم آثارن ۽ لسانيات جا ماهر جي-آر هنٽر، سي جي گئڊ ۽ مسٽر سڊني سمٿ به ان راءِ جا هئا. سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت سراج صاحب پنهنجي راءِ بلڪ ايئن چئجي ته مڪمل ٿيسز (Thesis) تحقيق جي مڃيل اصولن مطابق ڪتابي صورت ۾ ”سنڌي ٻولي“ جي نالي سان ۱۹۶۴ع ۾ شايع ڪرائي، جنهن جا موضوع آهن: سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، سنڌي تمدن، موهن جي دڙي جي سنڌي ٻولي. سندس اسلوب ۽ پيشڪش جو انداز بنهه نرالو آهي: هڪ وڪيل وارو! سنڌ جي ادبي عدالت ۾ ڪيس هلي رهيو آهي ته: “سنڌ جي ثقافت اصل آهي يا ڌارين! موهن جي دڙي وارو خط (لپي) هتان جو آهي يا ڪن ٻين لوڪن جو!!”. سراج صاحب ڪيس جي سڀني پهلوئن تي تاريخي حوالن سان بحث ڪيو. سندس سامهون وڪيلن جو هڪ وڏو ۽ اثرائتو گروپ هو، جنهن کي سول سوسائٽي، ڪتابي دنيا جي اديبن ۽ مذهبي پيشوائن جي سپورٽ حاصل هئي ۽ هيڏانهن هي تن تنها ادبي عدالت ۾ ڪيس وڙهي رهيو هو. سندس شاهديون اولهه، اوڀر جي ملڪن ۽ مڪاني ڪورٽن ۽ ماحول مان ورتل آهن. سندس ڪيس لڳاتار پنج ورهيه هليو. آخر جيت حق جي ٿي ۽ سڀني ساڃهه وندن اعتراف ڪيو ته سراج صاحب جا دليل وزنائتا ۽ ٺوس ثبوتن تي ٻڌل آهن، ڪو به ذي فهم انسان انهن کان انڪار ڪري نه سگهندو. سراج صاحب موهن جي دڙي جي ٻوليءَ تي تحقيق هڪ عاشق محقق جي حيثيت ۾ ڪئي آهي، ڏونگر ڏورڻ سڌائتن ماڻهن جو ڪم نه آهي، ان لاءِ اندر ۾ جهير هئڻ لازمي آهن! اهو ڪم پروفيشنل محققن کان گهڻو مٿي آهي. مصري، سميري، فينيشن وغيره قديم لپين جي انگڙين کي هڪٻئي سان ڀيٽي، ڪي مفروضا يا هٿ ٺوڪيا لفظ ٺاهڻ سان، اصل نتيجا ڪو نه نڪرندا آهن، انڊن ڀرڻ سان آلجبرا جا ڏکيا حساب حل ڪري ڪونه سگهبا آهن. موهن جي دڙي جي ٻوليءَ جو ڀورو اهو ڀڃندو، جنهن کي سنڌي ٻوليءَ جي صوتياتي اصولن، نحوي ترڪيبن، اڳياڙين (Prefixes، پڇاڙين (Suffixes) لڳائڻ جي بنيادي اصولن جي مڪمل ڄاڻ هوندي. ان کان سواءِ ان محقق لاءِ بنهه ضروري آهي ته کيس سنڌ جي تمدني اهڃاڻن ۽ لاڙن جي چڱي پر ڄاڻ هجي، ڇاڪاڻ ته تاريخي طور سنڌ پنهنجي تمدني روايتن کي هر حال ۾ برقرار رکيو آهي. اهڙو ڪو به سمو نه آيو آهي جو اسان جي تمدني ڌارا ۾ ڪا وڏي وٿي آئي هجي. اسانجي کائڻ پيئڻ ڄمڻ مرڻ، ڪچهريون ڪرڻ، هڪٻئي سان ساٿ ڏيڻ جو سلسلو اڄ به تقريباً اهو ئي آهي. دلن ، مٽن، دکين، چاڏين، پارن، تونرن، ڪونرن وغيره جي گهڙت تقريباً ساڳي آهي، جيڪا موهن جي دڙي مان لڌل مٽيءَ جي ٿانون جي آهي. انهن تي اڄ سوڌو ساڳيا چٽ چٽيا وڃن ٿا. ڏاندن جي جهلن، اٺن جي مهارن وغيره جي گهاڙ پڻ اها ئي آهي. شهري عالم توڙي ٻاهريان اسڪالر سنڌ جي انهن نرالين وٿن کي آساني سان نه سمجهي سگهندا. ان لاءِ تمام ضروري آهي ته سنڌ جي انهن ثقافتي اهڃاڻن کي انهن جي اصلي ماهيت مطابق سڃاڻجي. سراج صاحب ان کان به وڌيڪ نشانين جو ملهه ڪٿيو آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي صوتياتي سرشتي کي سامهون رکندي، مهرن توڙي تائٿن تي اڪريل/ لکيل لفظن جون بامعنيٰ پڙهڻيون به ٻڌايون آهن. جيڪي هنئي سان هرڻ جهڙيون آهن. سراج صاحب انهن ۾ تاريخي تسلسل علم لسانيات جي Philology مطابق ڏيکاريو آهي. ساڳئي وقت علم اشتقاق (Etymology) جي علمي ۽ عقلي بنيادن تي انهن لفظن جو ڇيد ڪيو به آهي. ان ڏس ۾ ٻين عالمن به ڪافي لاڀائتيون ڪوشش ڪيون آهن، پر سراج صاحب جو دڳ سڌو آهي. ڪاش! سراج صاحب جي اها ٿيسز (Thesis) ۷۰-۸۰ع واري ڏهاڪي ۾ انگريزيءَ ۾ پيش ڪئي وڃي ها ته هوند سنڌو لکت بابت تحقيق ۾ بين الاقوامي سطح تي ڪافي اڳ ڀرائي ٿي چڪي هجي ها. اوندهه ۾ لـٺيون هڻڻ وارن کي سهائي ملي وڃي ها! وري به چڱي خبر اها آهي ته گذريل سال ان جو انگريزي ترجمو “The Story of Sindhi Language” جي نالي سان شايع ٿي چڪو آهي.اها هڪ تاريخي حقيقت آهي ته سنڌ ۾ اهڙا سپوت حادثاتي طور جنم وٺندا آهن ۽ پنهنجي صلاحيتن سان اهڙو مقام حاصل ڪندا آهن، جتي رسڻ عام ۽ خاص جي وس کان مٿي هوندو آهي. سندن ڪردار ۽ اصول ايندڙ وقت لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندا آهن، جهڙوڪ ريت شهيد ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجو رتبو جوڙيو. سچ پچ ته سنڌ هڪ مؤرخ ، محقق، عاشق، عظيم ليکڪ ۽ صحافي کان محروم ٿي ويئي. اهڙي گهڻ رخي شخصيت جي پيدا ٿيڻ ۾ وقت لڳندو، تيسين علم ادب جا گهڻ گهرا کيس پيا ياد ڪندا. بقول شيخ اياز جي: ”واڪا ڪندي ووءِ صديون تولاءِ سنڌڙي“ سراج صاحب سنڌ ھيو محمد روشن عيساڻي مون کي اڄ ارشد سراج جو حڪم ٿيو ته پنهنجا تاثر لکان. آئون اُها ئي وائي ورجائيندس ته سراج صاحب سنڌ هو، آهي، ۽ رهندو. سندس بين الاقواميت ۽ ڄاڻ اُنهيءَ چنڊ نه پر سج مثل هئي جنهن جا ڪرڻا تاريڪ ڪنڊن ڪڙڇن ۾ پهچندا هجن. مون کي اُهو فخر حاصل آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ زندگي جي پهرين تاريخي پٽيشن ۾ سراج صاحب عبدالحفيظ لاکو صاحب ۽ عبدالرشيد آخوند صاحب سان گڏ نه رڳو پيش ٿيڻ پر سکڻ جو موقعو مليو، ڇا لکي ڇا لکان. سندس شخصيت علم جو ڀنڊار هئي. سنجيدگي ۽ مذاح جو به هڪ مخصوص انداز هو. آئون دعاگو آهيان ته ڌڻي پاڪ سندس پوين ۾ برڪت وجهي ۽ شال اُهي سِڪون لاهين، ڀلوڙ اولاد آهي. سنڌ ۾ چوڻي آهي ته ڀاڳين جا وٿاڻ وسندا رهندا آهن. ڌڻي در دعا آهي ته هي وٿاڻ سدائين سائو ستابو ۽ آباد رهي. وري به ورجائيندس ته سراج سنڌ هو ۽ سنڌ سراج آهي ۽ رهندو. سراج صاحب جي شخصيت تي لکڻ سج کي ڏيئو ڏيکارڻ جي برابر آهي. هزار صفحا به ٿورا آهن سراج صاحب تي لکڻ لاءِ. اکين ۾ پاڻي ٿو اچي جڏهن سندس تصور ۾ پرتو ٿو پسان. انشاءُ الله جنت جي حورن هنج هوندو. منهنجو ويساهه آهي ته اُن دنيا ۾ به هو سنڌ کي نه وساريندو. سوچيان ٿو ته هيڏي وڏي شخصيت تي وڌيڪ ڇا لکان. جذبات ۾ خبر ناهه ڇا لکي ويو آهيان. چُڪ ٿي هجي ته معافي. سراج صاحب مٿاهون هو ۽ مٿاهون رهندو. جنت جي حقدارن ۾ هوندو.... مري ٿيا نه مات قاضي علي اطهر سراج صاحب هڪ گهڻ رخي شخصيت رکندڙ انسان هئا، منهنجي زندگي جا بهترين ڏينهن سراج صاحب جي چيمبر ۾ ايسوسيئيٽ جي حيثيت ۾ گذريا کيس انتهائي شفيق پيءُ ۽ استاد جي حيثيت ۾ پاتو سنڌ سان Self Conviction جي حد تائين رشتو سندن شخصيت جو نمايان رخ هيو. سراج صاحب هڪ صحافي، اديب، دانشور، ٻولي جي ماهر سان گڏوگڏ پروفيشنل وڪيل جي حيثيت ۾ پاڻ موکيو ۽ هر ڪردار ۾ سندن رول انتهائي جاندار رهيو، سندن هڪڙو ئي سلوگن/ مشن هيو ته پڙهو ۽ سنڌ جي خدمت ڪريو، سماجي ۽ مذهبي مت ڀيد کان ڌرتي جي عام لوڪ کي آجو ڪريو. سراج صاحب جهڙيون شخصيتون مرنديون ناهن. لطيف سائين چواڻي: مرڻا اڳي جي مئا سي مري ٿيا نه مات. سراج صاحب جي سنڌ جو پڙاڏو سندن سوچون ۽ ويچار، جيڪي هن پنهنجي لکڻين ۾ عام لوڪ سان ونڊيا سي هميشه ٻڌبا رهبا. موهن جي دڙي جي پرسيٽ، جيان ڳاٽ اوچو ڪري گهمدڙ سراج جي صورت هميشه اسان جي سامهون رهندي. سراج صاحب پاڻ کي هميشه سنڌ جو خادم سمجهيو انهيءَ جو ثبوت سندس جوڙيل Servants of sindh سوسائٽي جو بنياد ۽ پاڻ کي سنڌي ٻوليءَ لاءِ ارپڻ سندس هڪ وڏو ڪارنامو هيو. پاڻ سنڌي ٻوليءَ کي نج هن ڌرتيءَ مان جنم وٺندڙ ٻولي جو پرچارڪ رهيو، نه صرف پرچارڪ رهيو بلڪ پاڻ انهيءَ کي ثابت به ڪري ڏيکاريو. رَتِيَ جي رهاڻ کان وٺي، قانون جي سخت زبان تائين سراج صاحب جهڪڻ نه سکيو نه ئي وري مون جهڙن شاگردن کي جهڪڻ ڏنو. سراج منھنجو دوست منھنجو ڀاءُ امر جليل مونکي ٺيڪ سان ياد ناهي ته اپريل ۱۹۷۲ع جي اها ڪهڙي تاريخ هئي، سراج مونکي چورائي موڪليو هو ته سڀاڻي شام جو ستين لڳي شيزان ۾ اچ، چانهه پئينداسين ۽ لکڻ پڙهڻ بابت ڪجهه ڳالهائينداسين. مونکي اچرج ٿيو هو، اچرج ان ڪري ٿيو هو جو دوستن هُلائي ڇڏيو هو ته سراج مخصوص دوستن جي دائري کان ٻاهر نه ڪنهن سان ملندو آهي ۽ نه ڳالهائيندو آهي. ڪنهن سان به ڊيگهه نه ڪندو آهي، سندن دوستيءَ جي دائري ۾ شامل هوندا هئا، گڙنگ ليکڪ ۽ شاعر- رشيد ڀٽي، جمال ابڙو، شيخ اياز، غلام رباني آگرو، رشيد آخوند، ابراهيم جويو، غلام محمد گرامي، سوڀو گيانچنداڻي، تنوير عباسي، نياز همايوني، اياز قادري ۽ نورالدين سرڪي وغيره. تنهنڪري منهنجو اچرج اجايو نه هو. ادب ۾ منهنجو نالو معتبر نه هو. يارن دوستن مشهور ڪري ڇڏيو ته مان ملحد هوس، منڪر هوس، نظريه پاڪستان جي بنيادي ٻه قومي ٿيئري جو مخالف هوس، دين ڌرم کان آجو هوس. سندن رائي ۾ ڪنهن قسم جو وڌاءُ نه هو. ان وقت تائين مون نج تصوف جي تڏي تي هميشه لاءِ سر جهڪائي ڇڏيو هو....... مون پهرين ڪهاڻي ۱۹۵۶ع ۾ لکي هئي ۽ ان کان پوءِ لاڳيتو چار پنج سال وساري ڇڏيو هيم ته ڪڏهن ڪا ڪهاڻي به لکي هيم. اندر ۾ ڏاڍي اڻتڻ هئي. بيچيني هئي. زندگي، موت، مجبوري، بيوسي، بغاوت، ويڙهه ۽ حالتن سان ٺاهه نه ڪرڻ جهڙا انيڪ ويچار ۽ رويا مونکي اڪيلو ڪري ڇڏڻ لاءِ ڪافي هئا. ورهين جا ورهيه اڪيلائين ۾ ڀٽڪندي هڪ انوکي دڳ جا در منهنجي لاءِ کلندا ويا. هڪ راهه مان هزارين نڪرندڙ راهن مونکي نه مُنجهايو. هڪ راهه تي اڳتي نڪري وڃڻ کان پوءِ موٽڻ ممڪن لڳندو آهي. پر راهن مان نڪرندڙ انيڪ راهن جي راهي ٿيڻ کان پوءِ موٽڻ امڪان کان ٻاهر هوندو آهي. انهن راهن تي هلندي مون موٽي وڃڻ جي امڪان بابت ڪڏهن ڪونه سوچيو ۽ نه اڄ تائين سوچيو آهي. مونکي موٽي اچڻو ناهي، مان موٽي نه ايندس. راهن مان ڦٽي نڪرندڙ راهن تي هلندي مان لاڳيتو لکندو رهيس. مسلسل لکندو رهيس. جيڪي وڻيو، جيئن وڻيو تيئن لکندو رهيس. اندر جي اظهار لاءِ اهڙي قسم جو رويو مونکي راهن مان ڦٽي نڪرندڙ راهن تي هلندي مليو آهي. امان جي اسهڻ کان پوءِ مان لاڳيتو لکندو رهيس. ڪنهن کي وڻيس، ڪنهن کي نه وڻيس. ڪنهن دعا ڏني، ڪنهن بددعا ڏني. ڪنهن گاريون ڏنيون، ڪنهن گل ڏنا. ڪنهن کڏ کوٽي ڪنهن مان ڏنو. ڪنهن ڀر ۾ ويهاريو، ڪنهن ڀر مان اٿاري ڇڏيو. اهڙي نيم پاڳل ليکڪ کي سراج چوائي موڪليو، ته فلاڻي تاريخ شام جو صدر واري شيزان ۾ ملنداسين، لکڻ پڙهڻ بابت ڪجهه ڳالهائينداسين. تاريخ مون کي ياد ناهي. مهينو اپريل جو هو ۽ سال هو ۱۹۷۲ع . ان دور ۾ سنڌي ادب تي اياز، جمال، سراج، رباني ۽ رشيد جي هيبت ويٺل هوندي هئي. انهن مان ڪنهن سان به منهنجي ڪا خاص ڏيٺ ويٺ نه هوندي هئي. بس اوچتو ڪٿي ڪٿي عليڪ سليڪ ٿي ويندي هئي. سراج جي باري ۾ مشهور هو ۽ اڃا به اهو ساڳيو تاثر برقرار آهي ته تمام سختگير طبيعت جو مالڪ آهي. کلندو ته اصل ڪونهي. مرڪي پوي ته وڏي ڳالهه. سپيرئر سروسز جي چٽا ڀيٽيءَ ۾ اڳ نڪري ويو هو ۽ وڃي انڪم ٽيڪس کاتي ۾ آفيسر ٿيو هو. ٻڌائيندا آهن ته آفيسريءَ دوران منسٽرن ۽ اسيمبلي ميمبرن کي ڪٿ ۾ نه آڻيندو هو. سندس رعب تعاب اهڙو جو ڪو به جهڙو تهڙو، اثر رسوخ وارو شخص ساڻس کشٽ ڪري نه سگهندو هو. ملڪ ۾ سياسي ڏڦيڙ پيو. اهڙا ته لاها چاڙها آيا جو لکپتي ڀنواٽيون کائي ڪکپتي ٿي ويا ۽ ڪي ڪکپتي ڦري گهري لکپتي ٿي پيا. سرڪاري ڪامورن لاءِ رڻ ٻري پيو. پڪڙ ٿي. ڇنڊڇاڻ ٿي. سراج واند ٿي وڃي وڪالت سان لڳو. انڪم ٽيڪس جي ڪيسن ۾ اسپيشلائيز ڪيائين. ذهين بي انتها هو. وڃي سپريم ڪورٽ جي ايوانن تائين پهتو. الاءِ ڪٿي ۽ ڪيئن ذوالفقار علي ڀُٽي جي دوربين نگاهن ۾ اچي ويو ۽ هو پيپلز پارٽيءَ جو ٿي ويو. سن هو ۱۹۷۲ع. مولانا ابوالڪلام آزاد جي پيشنگوئيءَ مطابق وجود ۾ اچڻ کان چوويهين سال پاڪستان ۱۹۷۱ع ۾ اڌ ٿي چڪو هو.مشرقي پاڪستان ٿي پيو هو. بنگلاديش ۽ رهيل حصي مغربي پاڪستان کي ذوالفقار علي ڀٽي ڦيرائي پاڪستان ڪيو. هن وقت اوهين جنهن پاڪستان ۾ ساهه کڻي رهيا آهيو سو پاڪستان ۱۹۷۱ع کان اڳ مغربي پاڪستان هو. موجوده پاڪستان جو ڪو وجود نه هيو. موجوده پاڪستان ۱۹۷۱ع ۾ ٺاهيو ويو. اصل ۾ پاڪستان نالو هو پنجن صوبن جي فيڊريشن جو. سنڌ، پنجاب، سرحد، بلوچستان ۽ مشرقي پاڪستان. ۱۹۷۱ع ۾ مشرقي پاڪستان علحيدگي اختيار ڪئي ۽ مشرقي پاڪستان مان ڦري بنگلاديش ٿي پيو. مشرقي پاڪستانين وانگر مغربي پاڪستان کي نئون نالو ڏيڻ بدران ذوالفقار علي ڀٽي ۱۹۴۷ع ۾ پنجن صوبن جي فيڊريشن واري ملڪ کي پاڪستان جو نالو ڏنو. اصل ۾ چئن صوبن واري موجوده پاڪستان جي عمر ۳۷ سال آهي. ۶۱ سال ناهي. ها! پنجن صوبن وارو پاڪستان وجود ۾ هجي ها ته ان جي عمر ۶۱ ورهيه هجي ها. ۱۹۷۱ع ۾ وجود ۾ آيل چئن صوبن واري پاڪستان کي شاڪ مان ڪڍڻ لاءِ، وري پيرن تي بيهارڻ لاءِ ذوالفقار علي ڀٽو ويو فيصلن مٿان انقلابي فيصلا ڪندو. انهن فيصلن جو وڏي ۾ وڏو مقصد هيو ماڻهن ۾ سجاڳي آڻڻ، آگاهي آڻڻ ۽ پاڻ سڃاڻڻ جو جذبو پيدا ڪرڻ. ملڪ فقط تڏهن ابتر حالتن مان اڀري سگهندو آهي، جڏهن ماڻهن ۾ خودداريءَ جو احساس پيدا ٿي پوندو آهي. ذوالفقار علي ڀُٽي جي انيڪ فيصلن مان هڪ فيصلو هو سنڌيءَ ۾ انگريزي اخبار ڊان جهڙي اخبار ڪڍڻ. مقصد ساڳيو هو. سنڌ جي ماڻهن ۾آگاهي آڻي، چٽا ڀيٽيءَ واري دور ۾ اڳتي وڌي اچڻ جو جذبو جاڳائڻ لاءِ ٽرسٽ ٺاهيائين. پاڻ سربراهه ٿيو. اخبار جو نالو هلال پاڪستان رکيائين. تجربيڪار ۽ پراڻا ايڊيٽر ڇڏي، سراج کي اخبار جو ايڊيٽر مقرر ڪيائين. سراج سنڌي ٻوليءَ جو ماهر، ڪهاڻيڪار ۽ ناولسٽ هو. هڪدم ها ڪرڻ بدران هن ڪجهه شرط ٽرسٽ آڏو رکيا. انهن شرطن ۾ هڪ شرط هو اخبار هلائڻ ۾ سندس مڪمل آزادي ۽ وزيرن، ميمبرن، ڪارڪنن ۽ ڪامورن طرفان اخبار هلائڻ ۾ ڪنهن به قسم جي دخل اندازي نه ڪرڻ جي ضمانت. سراج جا سمورا شرط مڃيا ويا. سراج اخبار لاءِ ٽيم گڏ ڪرڻ شروع ڪئي. ويو ماڻهن سان ملندو. چونڊي چونڊي ماڻهو کڻندو، اسٽنٽ ايڊيٽر، سب ايڊيٽر، رپورٽر۽ نمائندا کڻندو ويو. جڏهن مونکي ملڻ جو سڏ موڪليائين تڏهن ڳالهه مونکي بنهه سمجهه ۾ نه آئي هئي. هڪ ته صحافي ٿيڻ جو مون ۾ ڏانءُ نه هو، نه اڄ تائين پيدا ٿيو آهي. ٻيو ته پبلڪ سروس ڪميشن جي چٽا ڀيٽيءَ ۾ چونڊجي مان ريڊيو پاڪستان ۾ نوڪري ڪري رهيو هوس. بهرحال، منهنجي لاءِ وڏو اعزاز هو. جو سراج مونکي چانهن جي دعوت ڏيئي لکڻ پڙهڻ جهڙي موضوع تي ڳالهائڻ لاءِ گهرايو هو. صدر ۾شيزان ريسٽورينٽ عبدالله هارون روڊ تي بي وي ايس پارسي اسڪول جي سامهون هوندي هئي. هينئر اتي اليڪٽرانڪ سامان ۽ موبائيل فونن جا دڪان آهن. پيهه ايڏي ڄڻ مال مفت ۾ پيو وراهجي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ به اهو پاڪستان ۱۹۴۷ وارو هجي يا ۱۹۷۱ع وارو، سنڌ پنهنجي سڃاڻپ کان، شناخت کان محروم ٿي ويئي آهي، ڪاڏي ويئي ٻولي! ڪاڏي ويئي تهذيب! ڪاڏي ويو تمدن؟ آئيني ۾ ڏسون، ته ڪنهن اوپري، اجنبيءَ جي بگڙيل شڪل ٿي نظر اچي. علم ۽ آگاهيءَ جا ڀنڊار هوندا آهن ڪتاب. يارن ڪتابن جي جنس مٽائي، ڪتابن کي مذڪر مان ڦيرائي مونث ڪري ڇڏيو آهي. اڳ ڪتاب منهنجو هوندو هو، هينئر منهنجي ڪتاب ٿي پيو آهي. بدنيتيءَ واري سياسي، سماجي ۽ ثقافتي ڦير گهير ۾ ايئن ٿيندو آهي. وڏيون مڇيون ننڍين مڇين کي کائي ڇڏينديون آهن. مان شيزان ريسٽورينٽ ۾ داخل ٿيس. ايڪڙ ٻيڪڙ هيڏانهن هوڏانهن ويٺا هئا. آخريءَ دري وٽ سراج ويٺو، هميشه وانگر وهنتل سهنتل ۽ هينڊسم. هڪ ته شخصيت ۾ نمايان، مٿان جو ٺهڪندڙ ڪپڙا پائيندو هو ته هزارن ۾ هڪ لڳندو هو. جيتوڻيڪ هن ڳالهه کي چاليهارو ورهيه گذري ويا آهن، پر سراج سان پهرين ملاقات پهرين تجربي ۽ پهرين آزمائش وانگر مونکي اڄ به ياد آهي. سراج ريسٽورينٽ جي سڀ کان پرئين دريءَ وٽ ٽنگ ٽنگ تي رکي وٺيو هو. هڪ هٿ ۾ ڪو انگريزي ڪتاب ۽ ٻئي ۾ پائيپ هوس. ڪتاب پڙهندي پائيپ مان سوٽو هڻي پئي ورتائين. مان وڃي سامهون بيٺومانس. ڪنڌ مٿي ڪري مون ڏانهن ڏٺائين. مُنهن تي مرڪ تري آيس. ڪتاب رکي، اُٿي مونکي هڪ ٻانهن سان ڀاڪر پاتائين، ٻئي هٿ ۾ پائيپ هوس، کلي چيائين، ”وقت جو ڏاڍو پابند ٿو لڳين.“ چيم، ”ريڊيو پاڪستان ۾ نوڪري جو ڪريان ٿو.“ ”ويهه“ مونکي پنهنجي سامهون صوفي تي ويهڻ لاءِ چيائين. اڳوڻي وڪٽوريا روڊ ۽ هاڻوڪي عبدالله هارون روڊ طرف کلندڙ شيزان ريسٽورينٽ جي درين ڀرسان صوفا رکيل هوندا هئا، مان ويهي رهيس. پڇيائين، ”ڇا پيئندين؟“ چيم، ”چانهن.“ منهنجي لاءِ چانهن ۽ پنهنجي لاءِ ڪافي گهرايائين. ان وچ ۾ ويٽر پيٽيس، پيسٽريز ۽ سينڊوچز جي ٽري رکي هليو ويو. پُڇيائين، ”ڇا پيو پڙهين، اڄ ڪلهه؟“ ٻڌائيندي هٻڪ ٿي. پر ٻڌائي ڇڏيومانس، ”پنج ڇهه ڪتاب پيو پڙهان.“ ”پنج ڇهه ڪتاب!“ منهن تي مرڪ اچي ويس. الاءِ ڪيئن ۽ ڪڏهن کان مونکي هڪ مهل چار پنج ڪتاب پڙهڻ جي عادت پئجي ويئي هئي ۽ هن عمر تائين هلندي اچي. ٻڌائيندي مونکي پشيماني محسوس ٿيندي آهي. چانهن آئي، ڪافي آئي. سراج کي مون اجائي سجائي ڳالهه ڪندي ڪڏهن ڪو نه ڏٺو. سپريئر سروسز جي آفيسر ۽ وڏي وڪيل وانگر ٽودي پوائنٽ to the point سڌي سنئين ڳالهه ڪندو آهي. مقصد جي ڳالهه ڦيرائي گهيرائي نه ڪندو آهي. ”اخبار پيا ڪڍون“ پڇيائين، ”خبر اٿئي؟“ چيم، ”ها.“ هڪدم چيائين، ”تون اخبار لاءِ ڪالم لک.“ ”ڪالم!“ مان هٻڪيس. چيائين، ”ڊيلي ڪالم روزانو هڪ، هفتي ۾ ڇهه دفعا، هڪ ڏينهن موڪل.“ مونکي تعجب ٿيو. ڪالم لکڻ منهنجي وس جي ڳالهه نه هئي ۽ سو به روزانو ۽ هفتي ۾ ڇهه دفعا!“ ان کان اڳ جو مان ڪجهه چوان، چيائين ”ته پوءِ فيصلو ٿيو ته هفتي ۾ ڇهه ڪالم لکندين، ايئن؟“ هٻڪندي هٻڪندي منجهندي، ”پر“ مس چيم جو فيصلو ڪندڙ لهجي ۾ چيائين ”ڪهاڻيون لکجانءِ، گشا لکجانءِ، جيڪي وڻِئي لکجان، توتي ڪا پابندي ڪونهي.“ پهرئين مئي ۱۹۷۲ تي اخبار جو افتتاحي اجراءُ ٿيو ۽ منهنجي لکڻ لاءِ هڪ بلڪل نئين تجربي جو. سراج پنهنجي واعدي کي توڙ تائين نڀايو. مون طارق اشرف وٽ به مڪمل آزادي ۽ بنا ڪنهن جهل پل جي لکيو هو. پر هي آزادي ان کان به ڪجهه سرس هئي. سرس ان ڪري هئي جو هلال پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اخبار هئي ۽ پيپلز پارٽيءَ جي ميمبرن جي روپ ۾ وڏيرن، جاگيردارن، پيرن، ميرن، سيدن ۽ سردارن جي يلغار هئي. اسيمبلين جا ميمبر هئا، وزير هئا، صلاحڪار هئا، اتحاد ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ وارا هئا. مان وڏيرن، پيرن، ميرن، سردارن ۽ جاگيردان کي سنڌ جو ويري سمجهندو آهيان. هو علم، آگاهي، سائنس، سجاڳي، اسڪولن ۽ ڪاليجن جا دشمن آهن. اڻپڙهيل ۽ نادان، هاري ناري ۽ ڳوٺاڻن جي رعيت سندن مضبوط ووٽ بينڪ آهي. جيڪا کين اسيمبلين تائين پهچائيندي آهي ۽ اسيمبلين ۾ پهچڻ کان پوءِ اقتدار جي ايوان ۾ حاڪمن آڏو هٿ ٻڌي بيهي رهندا آهن. هلال پاڪستان لاءِ ڪالمن ۾ لکيل ڪهاڻيون اهڙن ڪردارن کي واڙي کڻي اينديون هيون ۽ سندن روين ۽ نيتن جو ايڪسري ۽ الٽرا سائونڊ ڪنديون هيون. سندن ڪاوڙ ۽ ڪروڌ وڃي ذوالفقار علي ڀٽي تائين پهچندو هو. ٻاهرين ملڪن جي دوري لاءِ ذوالفقار علي ڀٽو پاڻ سان چونڊ ايڊيٽرن جو جٿو کڻي نڪرندو هو. ان ڊيليگيشن ۾ سراج ضرور شامل هوندو هو. سفر دوران هوائي جهاز ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کيس سڏائي پاڻ وٽ ويهاريندو هو ۽ اخبار جي باري ۾ حال احوال وٺندو هو. کيس خبر هئي ته هلال پاڪستان سنڌ ۾ هڻي وڃي هنڌ ڪيو هو. ڳالهين ٻولهين دوران ڀٽو صاحب سراج سان پيرن، ميرن ۽ سردارن جي شڪايتن ۽ احتجاجن جو ذڪر ڪندي منهنجي باري ۾ پڇندو هو: ڪير آهي جنهن کي تو ڇوٽ ڇڏي ڏنو آهي؟ سراج کيس سمجهائيندو هو، قبلا پهرين اکر کان آخري اکر تائين اخبار پارٽي ۽ پارٽي ميمبرن جي خبرن ۽ ڪارنامن سان ڀريل هوندي آهي. ان ۾ جيڪڏهن هڪ شخص کي اختلاف راءِ جو حق ڏجي ته اخبار جا جمهوري حق پورا ٿيندا. سراج جا اهڙا وضاحتي جواب ٻڌي ذوالفقار علي ڀٽو کِلي چپ ٿي ويندو هو. هلال پاڪستان لاءِ لکندي منهنجو سڌو سنئون رابطو سراج سان هوندو هو. پهرين شماري کان ضيا الحق جي مارشلا۽ ذوالفقار علي ڀٽيءَ جي گرفتاريءَ تائين، سراج مون سان توڙ نڀايو. اهڙي ڏکئي وقت ۾ منهنجو ساٿ ڏنو هئائين، جنهن جو فقط تصور ڪري سگهجي ٿو. منهنجي خلاف اسلام آباد ۾ ملڪ دروهي ۽ بلاسفيميءَ جون انڪوائريون هليون، تڏهن به سراج مونکي اخبار مان نه ڪڍيو. بلڪه اڃا به وڌيڪ پذيرائيءَ سان منهنجيون ڪهاڻيون شايع ڪندو هو۽ پارٽيءَ جو ڏمر سهندو هو. هلال پاڪستان ۾ شامل قصا ۽ ڪهاڻيون ۱۹۷۲ کان ۱۹۷۷ واري دور جون آهن. سمجهو کڻي ته پنجٽيهه سال پراڻا قصا ۽ پنجٽيهه سال پراڻيون ڪهاڻيون آهن. پر پروف پڙهندي مون محسوس ڪيو ته ڄڻ اڄ جون ڪهاڻيون آهن. سواءِ قيمتن جي واڌ جي. توهان کي هاڻي اهو سڀ ڪجهه پڙهندي ڳالهه اوپري اتي محسوس ٿيندي، جڏهن ڏهين رپئي واري سٺي قميص ۽ پنجويهين رپئي واري عاليشان بوٽ جو ذڪر ايندو. سٺي هوٽل ۾ ماني کائڻ کان پوءِ ويهه رپيا بل ۽ بيري کي هڪ رپيو ٽپِ ڏيئي ڄڻ حاتم جي قبر کي لت هڻبي هئي. باقي معاشري جي زوال پذيريءَ ۾ ڪو فرق نه آيو آهي. سياسي پيداگيري اڳ وانگر عام آهي. راڄ ۽ ڪاڄ ۾ داداگيري اڳ وانگر جام آهي. قدر اڳ وانگر بيقدرن جي ور چڙهي ويا آهن. اڳ وانگر چور ڀاڳيا ۽ ڀاڳيا چور ٿي پيا آهن. نه کوٽي جي خبر، نه کري جي خبر!. اڳ وانگر سڪي جا ٻيئي پاسا هڪجهڙا ٿي پيا آهن. پاڪستان ۾ انڊر ورلڊ ان لاءِ ڪونهي جو انڊر ورلڊ جا ڊان اپر ورلڊ تي حاوي ٿي ويا آهن ۽ ملڪ جو وهنوار ۽ ڪاروبار بندوق جي زور تي يتيم حڪمرانن جي سامهون روبرو هلائي رهيا آهن. سموري ملڪ جو اقتصادي ڍانچو هٿيار، هيروئن ۽ قيمتي گاڏين جا سمگلر ٿوڻيون ٿنڀا ڏيئي سنڀالي بيٺا آهن. هنن جي ڪاروبار ۾ شامل آهن بينڪر ۽ غير ملڪي ناڻي جا واپاري. اهڙي ملڪ ۽ معاشري کان علم، آگاهي ۽ روحانيت رُسي ويندي آهي. اهڙي ملڪ ۾ معاشري ۾ ذلت جهڙي زندگي گذارڻ اسان جي مقدر ۾ لکجي ويئي آهي. اهڙي ملڪ ۽ معاشري ۾ مون فقط توائي ڪهاڻيون لکيون آهن، گذريل پنجاهه سالن کان. سراج سنڌي ادب جو ديو مالائي ڪردار نصير سومرو هن رڳو ”سراج“ نالي لکيو، پورو نالو نه لکڻ به سندس طرفان نا ديده بدعتن خلاف احتجاج هو. شڪايتن، ڏوراين ۽ ميارن ڏيڻ بدران پنهنجي تخليقي ڏات کي ادب جو روپ ڏنائين. هن ادب ۾ ”تخيلاتي تحقيق“ جو رخ اجاگر ڪيو. تخليق ۽ تحقيق جي دائري جون ٽيهٺ ئي ڊگريون سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي ٻوليءَ ڏانهن وٺي ويندڙ آهن. انقلاب فرانس کان پوءِ ادب ۽ آرٽ جي دنيا ۾ ڪيترا ئي اصطلاح متعارف ٿيا. پارليامينٽ ۾ ساڄي پاسي ويٺل ”ساڄي ڌر“ ۽ کاٻي پاسي ويٺل ”کاٻي ڌر“ طور سڃاتا ويا. سنڌي ادب ۾ ترقي پسند ۽ رجعت پسند ڌريون رهنديون آيون آهن. خاص طور، انهن ڏينهن جون باقيات سمجهيون وينديون آهن. جڏهن دنيا ٻن بلاڪن جي پاور ۾ ورهايل هئي. سرمائيداراڻو سماج ۽ سوشلسٽ سماج جيڪو طرز حڪومت ۾ هينئر يوني پولر آهي ۽ جو هر ۾ الڳ الڳ فڪري ڌارائن وارو آهي. ون يونٽ خلاف اديبن ۽ شاگردن جي جدوجهد هجي، يا ايم آر ڊي تحريڪ جا اثرات هجن ، ڪهاڻين، ناولن ۽ شاعري ۾ انهن جا چٽا عڪس ملن ٿا، هي زور اسي جي ڏهاڪي تائين شدت وارو رهيو. سراج کاٻي ڌر جي اهڃاڻن جو علمبردار هو. تحقيق هر دور جو ادب آهي. لسانيات يعني سنڌي ٻولي جي کوجنا ۾ سراج الحق پنهنجو گهڻو تڻو وقت صرف ڪيو. تحقيق ۾ سندس رويو ” غير روايتي“ هو. سازن کان آواز رسي ويا روايت آهي ته ”ميمڻ“ لفظ مومن مان ماخوز آهي ۽ پاڻ تحقيق ڪري ٻڌايائين ته ان ج ڌاتو مئيندڙ يعني ماپڻ تورڻ وارو آهي. هيءَ دريافت ميمڻي لوڪ ادب جي متن ۾ ڄاڻايل آهي. ميمڻ اصل ۾ سنڌي آهن. واپار، ڌنڌي ۽ ڪرت سان سڃاڻپ هتان جي روايت رهي آهي. ٺيڪ آهي ته سنڌي پنهنجي جهوني تاريخ سانڍي نه سگهيا پر هنن جي مڪاني ۽ ڌرتيءَ ڌڻي هجڻ جو ثبوت اهو آهي ته سنڌي ٻولي لاڏائو ۽ تاريخي اٿل پٿل وارين حالتن ۾ برقرار رکي اٿائون. سنڌي ٻوليءَ کي ٻن ودوانن سنسڪرت جي ڌيءُ ڪوٺيو ته سراج چيو نه سنسڪرت سنڌيءَ مان نڪتل زبان آهي. مروج آهي ته ”شاعري پيغمبري جو جزو آهي.“ پاڻ چيائين، ” پيغمبري شاعريءَ جو جزو آهي.“ هو تخيلاتي تحقيق جو وڏو نالو هو. هو روشن دماغ ۽ چٽي بصيرت وارو ليکڪ هو. ورهاڱي کان پوءِ هوقليچ ثاني هو. لسانيات ۾ يادگار ڪم ڪيائين. وڌ کان وڌ ناول لکيائين. پرڏيهي ادب مان افسانا ترجمو ڪيائين ۽ انگريزي ۾ به ترجما ڪيائين. سنڌي ٻوليءَ تي انگريزي ۾ سنڌي لئنگويج اٿارٽي طرفان سندس ڪتاب ڪي ڇپيا ۽ ڪي اشاعت هيٺ آهن. ڏيپلائي پريس ۾ پروف ليڊر طور علمي سفر جو آغاز ڪيائين. محمد ابراهيم جويي جي اک کيس سڃاڻي ورتو ۽ سنڌي ادبي بورڊ ۾ کيس نوڪري ۾ رکيائين هن اقتصاديات بابت ڪتاب به ترجمو ڪيو. جيڪو بورڊ طرفان ڇاپيو ويو. سراج الحق جي ناولن جي ڪردارن تي تفصيلي لکڻ جي ۽ تنقيدي تجزيي ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن جي سوچ ڌارائن جو احاطو ڪرڻ هن بنهه ننڍڙي ليک ذريعي نٿو ڪري سگهجي.هن جي آخري ڏينهن وارين تصويرن مان لڳي ٿو ته هن جي ٻڌيمان ۾ وڏي ڪاوڙ ۽ ”گهڻو چوڻ “ جي دٻايل قوت بي چين آهي. هن جي فرزند امجد چواڻي ته سراج صاحب آخري ڏينهن ۾ سنڌ جي هاڻوڪين حالتن بابت متفڪر ۽ مايوس ڏسڻ ۾ آيو. سراج صاحب وڏن وڏن عهدن تي فائز رهيو، هو طرز فڪر ۾ اڳتي طرف ڏسندڙ ۽ سچائيءَ جو متلاشي هو. قوم، ٻولي ۽ ڌرتيءَ جي قلم ذريعي مثالي خدمت ڪيائين. هو ورچي ڪو نه ويٺو. اورچ قسم جو ديومالائي ”ڪردار“ کيس امرتا ڏيندو. دلبر هن دنيا ۾ وڃي رهندو واس هن پنهنجن نظرين جي قيمت چڪائي پر دڳ ڪو نه مٽيائين. سنڌي قومي ۽ مزاحمتي ادب لکڻ جي باداش ۾ کيس انڪم ٽيڪس جي نوڪريءَ تان هٿ ڌوئڻا پيا. صحافت جو سفر شروع ڪيائين. روزاني هلال پاڪستان جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. ضياءُ الحق جي مارشل لا جي دور ۾ سرڪاري پاليسين سان مطابقت ۾اچڻ بدران ايڊيٽر جي عهدي تان استعيفا ڏنائين. سراج الحق ميمڻ ۲۴ آڪٽوبر سن ۱۹۳۳ تي ٽنڊي ڄام ضلعي حيدرآباد ۾ محمد يعقوب ميمڻ سنڌيڪار ” ديوان حافظ شيرازيءَ“ جي گهر ۾ جنم ورتو. ايم اي- ايل ايل بي ڪيائين وهندڙ درياهه جي پاڻيءَ وانگر متحرڪ ذهن وارو رهيو. پنهنجو رستو پاڻ ٺاهي ڪاميابيون ماڻيائين. ۲ فيبروري، سن ۲۰۱۳ع تي فاني جهان ڇڏيائين. ڪراچي، سنڌ جي راڄڌاني شهر ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. آخر ۾ علامه اقبال جو شعر ڏئي اجازت وٺندس ؛ تيري آزاد بندون کي نه يه دنيا نه وه دنيا، يهان مرني ڪي پابندي وهان جيني ڪي پابندي. سراج سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جو خدمتگار وزير فرهاد سولنگي ٻين فيبروري ڇنڇر جي رات جو سوا ٽين وڳي اهو اڀاڳو وقت جنهن اسان کان ۽ سنڌ کان هڪ تمام ڏاهو ۽ وڏو ماڻهو کسيو. صبح جو سوير ٽي وي کولي تازيون خبرون پڙهڻ لاءِ ڳاڙهيءَ پٽيءَ تي نظر ڊوڙايم ته ”سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب سراج الحق ميمڻ ۷۹ سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.“ مون کي انهيءَ وقت محسوس ٿيو ته هي ڪهڙي قسم جي ادبي کيپ هئي. جن سڄي سنڌ جي ادب ٻولي سياست، صحافت، تحقيق، شاعري، ثقافت وغيره تي ايترو ته وڏو ڪم ڪيو. هي هيڏا سارا ماڻهو ڪهڙن استادن تيار ڪيا. جن ۱۹۵۰ع کان هن وقت تائين واندڪائيءَ کان رسي مسلسل قلم کڻي ٻولي لاءِ، سنڌ لاءِ سنڌي ماڻهن لاءِ لکيو، ۽ ايترو لکيو جو پاڻ به تاريخ ٿي ويا. مهنجو انهن ماڻهن ڏانهن اشارو آهي جن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، محمد عثمان ڏيپلائي، شيخ اياز، رشيد ڀٽي، الهداد ٻوهيو، ابراهيم منشي، تنوير عباسي، استاد بخاري، نجم عباسي، تاجل بيوس، شمشير الحيدري ۽ هاڻي وري سراج الحق ميمڻ. هيءَ اها لسٽ آهي. جن تي مان سوچيندو آهيان ته ڇا سنڌ جي مستقبل ۾ اهڙي قسم جا ماڻهو سنڌ کي ملي سگهندا؟ ڇو ته مذڪوره ماڻهو ۱۹ صديءَ جي نظام جي پيدائش هئا. ۽ ويهين صديءَ جي نسل کي اهڙي قسم جي تربيت، تعليم ۽ ماحول ملي سگهيو آهي يا نه. مذڪوره مٿي ڏنل انهن سنڌ جي گهڻ گهرن اديبن، شاعرن ۽ قلم ڌڻين جي ڇڏيل خال کي ڪير ڀريندو؟ ڇا موجوده حالتن ۾ اهڙا سگهارا نالا جڙي سگهن ٿا؟ ۽ اهي سوال منهنجي اندر ۾ هلچل مچائي رهيا هئا. ۽ سنڌ جي هن ڏاهي سراج جي وڇوڙي تي کن پل لاءِ منهنجو ذهن اهو سوچيندو رهيو. ۽ وري آچر ۳ فيبروري جي اخبارن ۾ وڏا وڏا آرٽيڪل سراج بابت ڇپيا. جن جو مرڪزي موضوع سراج هيو. ها! مونکي چٽيءَ طرح ياد آهي ته جڏهن مان پي ٽي وي تي نشر ٿيندڙ هفتيوار ٻارڙن جي پروگرام “روشن تارا” جي پروڊيوسر عبدالحق عظيم سان ڪراچي ٽي وي سينٽر تي ملڻ ويو هوس. ۽ مون ساڻس سان ڊگهي ڪچهري ڪئي هئي ۽ پوءِ روشن تارا پروگرام جي تاريخ لکي هڪ هفتيوار مئگزين ۾ ڇپرائي هيم. ۽ انهي ڊگهيءَ ڪچهري ۾ پهريون دفعو منهنجي ڪنن سراج الحق ميمڻ جو نالو ٻڌو. ۽ جنهن جو تذڪرو عبدالحق عظيم پاڻ مون سان ڪيو ته منهنجو وڏو ڀاءُ سراج الحق ميمڻ هلال پاڪستان اخبار جو ايڊيٽر به رهي چڪو آهي. ۽ ان کان پوءِ محترم سراج الحق ميمڻ جي شخصيت ۽ ادب کي ۾ ويجهڙائي کان جهاتي پائڻ جو موقعو مليو ته خبر پئي ته هي تمام وڏين ۽ گهڻين خوبين جو مالڪ هيو، ادب، تاريخ، تحقيق، ٻولي ۽ صحافت جهڙا شعبه سندس قلم هيٺ آيا. ادب ۾ سندس ناولن ۽ ترجمي هيٺ آيل ڪتابن کي سڄيءَ سنڌ ۾ تمام گهڻي پذيرائي ملي چڪي هئي. ان کان علاوه سنڌي ٻوليءَ جي تحقيق تي سندس آيل ڪتاب ”سنڌي ٻولي” قابل تعريف آهي، جنهن ۾ هن سنڌي ٻوليءَ جي پنهنجي وجود جو مڪمل دليل ڏئي اهو ثابت ڪيو ته سنڌي ٻولي ڪنهن ٻاهرين يا ڌاري ٻولي جي نه پر خالص پنهنجي وجود جي پاڻ پيداوار آهي. تاريخ جي حوالي سان پاڻ سنڌ تي ڌارين جي چڙهاين، حملن ۽ ڪاهن بابت تفصيلي تاريخ ناولن جي روپ ۾ ڏني جيڪا سندس لکڻين ۾ انفراديت جو اهڃاڻ آهي. صحافت ۾ سندس ڪيل خدمتن کي به نٿو وساري سگهجي سندس ئي دور ۾ روزنامه اخبار هلال پاڪستان سنڌي ماڻهن جي توجهه جو مرڪز ٿي. سندس ڪالم، اقتصاديات تي لکيل آرٽيڪل، حالات حاضرا ۽ ان وقت جي سنڌ جي سياسي پس منظر ۾ لکيل ڪالم سنڌي صحافت ۾ پنهنجو منفرد مقام رکن ٿا. مٿين سڀني خوبين ۽ صلاحيتن سان سرشار ذهن جي تربيت، تعليم ڪنهن ڪئي؟ يقينا هڪ ڪامل استاد جو ئي هٿ ٿي سگهي ٿو. ۽ ها اهو استاد محمد يعقوب ميمڻ ئي هيو. جنهن پنهنجي ٻچن جي اهڙي تربيت ڪئي. جو کين سڄي سنڌ پيار ۽ قدر جي نگاھ سان ڏٺو. استاد محمد يعقوب ميمڻ جي گهر ۾ ۲۴ آڪٽومبر ۱۹۳۳ع ۾ پيدا ٿيندڙ سراج الحق جيڪو اڳتي هلي استاد، انڪم ٽيڪس آفيسر، صحافي، ناولسٽ، تاريخدان، ايڊيٽر، محقق ۽ سنڌي ادب جو وڏو خدمتگار ثابت ٿيو. اڄ سندس يادگار ڪتابن ۾ پڙاڏو سو ئي سڏ، پياسي ڌرتي رمندا بادل، علم معاشيات، سنڌي ٻولي، اٺون گهر، منهنجي دنيا هيڪل وياڪل، تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول ۽ منهنجي دنيا مرگ ترشنا، ڏکڻ مان ٿو سج اڀري، چونڊ آمريڪي افسانه ۽ مرڻ مون سين آءُ آهن جيڪي سندس سنڌ، سنڌين ۽ پنهنجي ٻوليءَ لاءِ ناياب سوکڙيون آهن، هو ۽ پنهنجون يادگار لکڻيون ڇڏي پنهنجي مٽيءَ ماءُ جي هنج ۾ هميشه لاءِ آرامي ٿيو ۽ هڪ دفعو ٻيهر سنڌ ۽ سنڌي اُٻاڻڪائي محسوس ڪرڻ لڳا. شال اسان جو ايندڙ نسل به اڳتي هلي سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي اهڙي طرح خدمت ڪري جيئن سراج پنهنجي قلمي پورهئي ذريعي ٻولي جي خدمت ڪري ويو. سنڌ جو محافظ سسئي پليجو چاچا سراج ميمڻ جي گهر ۾ هن نوٽ بوڪ تي تعزيتي جملا لکندي به اڃا يقين نٿو اچي ته چاچا سراج ميمڻ هاڻ اسان ۾ ناهي رهيو ۽ اڃان به مرحوم لفظ سندس نالي سان گڏ لکي نٿي سگهان. اهو پوري يقين ۽ عزم سان چئي سگهجي ٿو ته جديدسنڌ کي ادبي، سماجي ۽ ڏاهپ جي ٻين حوالي سان جديد مزاح متعارف ڪرائڻ، نيون شيون نئين رخ ۽ زاويي سان ڏيکارڻ وارن ۾ سراج الحق ميمڻ جهڙن ماڻهن جو شاندار ۽ بيباڪ ڪردار رهيو آهي. امان اختر جو ڪتاب قيدياڻي جي ڊائري ۾ لکيل ان برجستي پر سادي مهاڳ کي ڪيئن ٿي وساري سگهان، اسڪول جي آخري سالن ۾ جيجي زرينه جي ڏنل ڪتاب پڙاڏو سوئي سڏ جي مزاحمت ڪردارن جي بهادر سوچ ۽ سندن آزادي واري ويڙهه جي هر اکر ۾ ”سراج“ جي خود پنهنجي دل جو عزم محسوس ٿيو ته ”مرسون مرسون پر سنڌ نه ڏيسون“ ۽ پوءِ ٻيا ناول جن ۾ ڪو ڪردار پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ؟ يلغار تي آگ ۽ باهه پئي وسائي ته ڪي ڪردار انتهائي اميراڻي ٺاٺ باٺ سان وڏن شهرن جي بال رومز ۾ حسينائن جي چيلهه ۾ هٿ وجهي عظيم موسيقارن جي ڌنن تي رقص ڪري رهيا هئا پر هڪڙي شيءِ جيڪا هر ڪردار منجهان ڪنهن نه ڪنهن طريقي عيان هئي ته ناول جو بنيادي خيال پنهنجي ڌرتيءَ جي بقا لاءِ ان جي دفاع لاءِ سڀ ڪجهه ڪري گذرڻ واري ڳالهه هئي، جيڪا چاچا سراج جي پنهنجي سوچ هئي، خيال هو، خواب هو ۽ جنهن جي تعبير لاءِ هڪ روشن ۽ لبرل سنڌ لاءِ اها ڳالهه هن سنڌ واسين کان وٺي گهروارن ۾ به منتقل ڪئي. سنڌ جو عظيم ماڻهو گل محمد جکراڻي نهايت ڏک ۽ افسوس جهڙي ڳالهه آهي جو سنڌ جو بيباڪ اديب، دانشور جناب سراج الحق ميمڻ اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويو. سائين سراج ميمڻ صاحب جهڙا عظيم ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن ڪن خوش نصيب قومن ۾ پئدا ٿيندا آهن. افسوس جو هو جسماني طور اسان کان ڌار ٿي ويو پر سندن عمل، ڪردار ۽ سنڌ ڌرتي جي لا ءِ خدمتون تاريخ جي اهم باب طور ياد رهنديون ۽ سنڌي قوم جي رهبري ڪنديون رهنديون. اڄ سراج صاحب جي وڇوڙي تي پوري سنڌ غم ۽ ڏک ۾ سندن پونئرن سان گڏ آهي، دعاگو آهيان ته رب تعالي سائين کي جنت الفردوس ۾ جڳهه ڏئي ۽ پونئرن کي سندن نقشي قدم تي هلندي سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي قوم هي خدمت ڪرڻ جي توفيق ڏئي. آمين. اهڙا مانجهي مرڻا نه آهن. ويس مٽائي ورڻا آهن. سنڌ ۾ قومي جاڳرتا پيدا ڪندڙ ڪردار خالق جوڻيجو ۱۹۷۰ واري ڏهاڪي دوران سنڌ جي قومي جاڳرتا جو جيڪو دور هئو ان ۾ سائين جي ايم سيد کانپوءِ جن چند مکيه ماڻهن جو ڪردار آهي انهن ۾ سراج الحق ميمڻ صاحب جو نالو نمايان آهي. اسان جڏهن ڪاليج مان نڪري يونيورسٽيءَ ۾ حيدرآباد آياسين ته جن ڪتابن سڀ کان پهرين اسانجو آدرڀاءُ ڪيو انهن ۾”پڙاڏو سو ئي سڏ“ به هئو، سنڌ جي تاريخ کي هلندڙ وقت جي قومي جدوجهد سان ڳنڍڻ جو اهو اعلٰي نمونو هئو جنهن نوجوان قومي ڪارڪنن کي تمام گهڻو متاثر ڪيو. ان کان علاوه سنڌي ٻوليءَ جي مطالعي کي نئون ۽ سائنسي رخ ڏيڻ ۾ پڻ سراج الحق صاحب جي جاکوڙ بي مثال آهي. ان کانپوءِ اخبارن ۾ لکيل نمونن ذريعي به محترم سراج سنڌ جي قومي شعور کي اڳتي وڌائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهيو. نوڪري ڇڏڻ کانپوءِ جڏهن مون وڪالت شروع ڪئي ته سراج صاحب سان نياز منديءَ جو نئون سلسلو شروع ٿيو. ملاقات گهٽ ٿيندي هئي پر جڏهن به ٿيندي هئي ته مونکان سنڌ جي قومي جدوجهد بابت پڇندو هئو ۽ پنهنجي طرفان ڪجهه ٻڌائيندو هئو ۽ سنڌ ۾ تمام ڏکين حالتن جي باوجود هو پراميد هئو. اها منهنجي خوشقسمتي ٿي ته منهنجي ويجهڙائيءَ ۾ ڇپيل ڪتاب ”سنڌ جي سياسي جدوجهد“ جو مهاڳ سراج ميمڻ صاحب لکيو. سنڌي افساني کي نئون روپ ڏيندڙ مختيار ملڪ سنڌ جڏهن ادبي کيتر ۾ ابتدائي وکون پئي کنيون تڏهن نثري ادب کي سگهه ڏيڻ لاءِ جن ادبي شخصيتن پنهنجو ڪردار نڀايو انهن ۾ سراج الحق ميمڻ جون ڪوششون ڪڏهن به نٿيون وساري سگهجن، سنڌي افساني کي نئون رنگ ۽ روپ ڏيڻ ۾ ”اي درد هلي آءُ“ اهم ڪوشش آهي. ان کانسواءِ سراج جا ناول نرالي وک هئا. سراج ”پڙاڏو سو ئي سڏ“ سنڌ تي ترخان حڪمرانن ۱۵۵۵ کان جيڪي ويل وهايا، انهن کي تاريخي پسمنظر ۾ بيان ڪرڻ ادب ۾ هڪ ڇرڪائيندڙ واڌارو رهندو. ان کانسواءِ ”مرڻ مون سين آءُ“ به سندس سهڻي ڪاوش آهي. ساڳيءَ طرح پياسي ڌرتي رمندا بادل جي سري سان لڳاتار هر سال ٽي ناول ۱۹۸۸ع، ۱۹۸۹ع ۽ ۱۹۹۰ تائين منهنجي دنيا هيڪل وياڪل، پنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول ۽ منهنجي دنيا مرگهه ترشنا، لکيا. هن پهريون ڀيرو سڃاڻپ سنڌي افسانوي ادب ۾ متعارف ڪرائي. سراج جا سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان وڏا وڙ آهن، سنڌي ٻولي، ڪتاب اپريل ۱۹۶۴ ۾ آڻي، سنڌ ۾ سنڌي ٻولي بابت منجهيل روايتن ۽ مفروضن کي رٽي ڇڏيو. ۽ سنڌي ٻولي کي سنڌ جي اگاٽي زندگيءَ سان سلهاڙي ڪجهه نئين حقيقتن کي نروار ڪيو. ابراهيم جويو صاحب، غلام رباني آگرو، تنوير عباسي، غلام محمد گرامي، شمشير الحيدري جي حوصله افزائي تي اڳواڻن ٻولي جي نظرين سان اختلاف راءِ رکندي نئون نظريو ڏنو ته سنڌين کي هڪ اصلوڪي ٻولي آهي نه ڪي سامي صفت يا سنسڪرت جي ڄائي، هن تحقيق ۾ ثابت ڪيو آهي ته سنڌي اڻ سڌي طرح سنسڪرت تي اثر انداز ٿي، بهر حال سنڌ پنهنجي هڪ محسن/ سڄڻ کان محروم ٿي وئي. رهجي وياڳڻ امان الله شيخ سراج، سنڌ جي ساڃاهه وند ٽهي جو اُهوڪردار هو جنهن کي ديومالائي چئبو ته واڌارو نه ٿيندو، دنيا ۾ جيڪي ماڻهو وقت جي ڌاراسان هلڻ کان انڪار ڪن ۽ پنهنجو رستو ۽ رند جوڙڻ جي ڪوشش ڪن ته انهن کي تواريخ جي ورقن م دائمي ۽ لا زوال درجو حاصل ٿيندو. سراج پنهنجي لکڻين ۽ وابستگيءَ سان سنڌ جي ٽن پيڙهين تي اثر انداز ٿيو. هن ادب کي محض ادب سمجهڻ کان نابري واريندي ادب کي قومن جي تقدير بدلائڻ ۾اهم ڪارج طور ڪتب آندو. جنهن ڪري سندس لکڻين کي مهانتا حاصل ٿي سراج با اصول ۽ وطن پرست روچي رام سراج الحق جهڙا مضبوط ارادي وارا سنڌ سان اٿاهه محبت ڪندڙ سنڌي تمام ورلي پيدا ٿيا آهن. اسان لاءِ هي وڏو الميو آهي هر ڪنهن کي هلڻو آهي پر هيتري ڀرپور، بااصول ۽ وطن دوستيءَ جي زندگي ڪنهن کي وري نصيب ٿئي ٿي؟ ساريم رات سنگهار، ماروئڙا ملير جا دستگير ڀٽي هيڏي وڏي جهان ۾ جتي قسمين قسمين جا ماڻهو ايندا ويندا رهن ٿا، تتي تمام ٿورڙا انسان ڄائي ڄم کان وطن پرست پئدا ٿيندا آهن، جن جي انگ انگ ۾، رَڳ رَڳ ۾ ۽ پور پور ۾، پنهنجي ڌرتيءَ جو عشق رت سان گڏ ڊوڙندو آهي. سراج اهڙن ئي ناياب سپوتن مان هو، جنهن ڳالهين بدران عمل، يعني پنهنجي لکڻين وسيلي، سنڌي سماج کي ڌوڏيو، ته جيئن سندس علم ۽ تجربي منجهان نئون نسل جاڳرتا ۽ وطن دوستيءَ بابت سبق پرائي سگهي. سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي تابناڪ مستقبل واسطي سُهڻا سُهڻا سپنا سرجيندڙ، آزاد فضائن ۾ پرواز ڪندڙ پکيئڙن جيان خوبصورت خوابن جا آکيرا اُڻيندڙ، پوئتي پيل سنڌي سماج ۾ رونقون ۽ روشنيون، پکيڙيندڙ، ترقي ۽ سجاڳيءَ لاءِ قلم کي هٿيار بڻائي ساندهه جنگ جوٽيندڙ، هيءُ علم پرور ۽ ادب دوست قافلي جو مهندار، گذريل هفتي پنهنجن مارو ماڻهن کي وڇوڙي جا وَڍ وجهي، موڪلائي ته ويو آهي، پر جنهن چاهه ۽ پاٻوهه وچان سالن جا سال علمي پورهيو ڪري تخليقون، ڳاٽ اوچو رکڻ واريون جيڪي بي مثال تخليقون، ورثي طور ايندڙ نسلن لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيون اٿس، انهن وسيلي سنڌ جي سماجي، ادبي، صحافتي ۽ لسانياتي اُفق تي سراج جو نانءُ اَبد تائين هڪ چمڪندڙ تارو بڻجي روشن رهندو. مرحوم سان منهنجي پهرين ملاقات، ۱۹۷۰ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ تنهن زماني جي نامياري شاگرد اڳواڻ لالا قادر ڪرائي هئي. ”پڙاڏو سوئي سڏ“ ڇپجڻ کانپوءِ، سنڌ جي شهر شهر، ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ سراج نالي هڪ تخليقڪار جو نالو هر پڙهيل ڳڙهيل سنڌيءَ جي واتان ٻڌبو هو، نيو چاليءَ لڳ يوسف پلازه ۾ واقع سندس وڪالت واري آفيس ۾ ٽائيم وٺڻ بنا پهتاسين. اسان کي وڏي پنهنجائپ سان مليو. سنڌي ٻوليءَ ۾ ووٽر لسٽون ڇپرائڻ واري لالا قادر جي قيادت ۾ هليل ڪامياب ٿيل تحريڪ تي ڏاڍو خوش نظر آيو. ڪجهه مهينن کانپوءِ جڏهن پاڪستان ٽُٽي ٽڪرا ٿيو، بنگلاديش آزادي ماڻي ته، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، ملڪ جو سربراهه بڻيو، جنهن ڪراچيءَ مان پنهنجي اخبار هلالِ پاڪستان شايع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اخبار جي ادارت لاءِ سندس نظرِ انتخاب سراج تي پيئي، جنهن کي ايڊيٽر مقرر ڪيائين. آئون ان زماني ۾ هلال پاڪستان حيدرآباد سان وابسته هئس، جيڪا منهنجي پهرئين استاد ۽ سنڌي صحافت جي سرواڻ شيخ علي محمد مرحوم جي نگرانيءَ هيٺ جنرل يحى خان واري مارشل لا دور ۾ ۱۴ آگسٽ ۱۹۶۹ع تي، ڀٽو صاحب ئي شروع ڪرائي هئي. اسان جي ساٿي ۽ برک صحافي اسلم آزاد، وسيلي سراج صاحب مون کي ڪراچي گهرايو ۽ هلال پاڪستان جو چيف رپورٽر بنجڻ جي آڇ ڪيائين، جيڪا مون هڪدم قبول ڪئي. جيتوڻيڪ ان زماني ۾ ٻين لکين سنڌين وانگر ڪراچيءَ ۾ مون وٽ به نه گهر نه گهاٽ، تڏهن به سنڌ جي گاديءَ واري شهر ۾ صحافت ڪرڻ جو شوق من اندر موجزن هو. يقيناً اسان سڀني جو اصل ٽارگيٽ اهو ئي هو ته، ۱۹۴۸ع ۾ جنهن بيدردي ۽ سان سنڌ جي سِسيءَ ڪراچيءَ کي باقي ڌَڙَ کان ڌار ڪري، وفاقي گادي بڻائي، سنڌي ٻوليءَ کي مورڙئي جهڙن مٿير ميربحرن جي نگريءَ مان لڏائڻ لاءِ، ويرين جيڪي سنڌ دشمن فيصلا ڪيا هئا، تن جي نه رڳو رستا روڪ ڪريون پر پنهنجي مادري ٻوليءَ جي گلابن سان ڪلاچيءَ جي جهوليءَ کي ڀرڻ سان گڏوگڏ، زوريءَ کسيل پنهنجو مورڙي وارو ماڳ به موٽائي وٺون. ڪراچيءَ جو سهڻو شهر، جيڪو ورهاڱي کان گهڻو اڳ ۾ ئي سنڌ جي علم و ادب، واپار ۽ سياست جو مرڪز بڻيل هو، اتي پوءِ به سوين سنڌي ميڊيم اسڪول قائم هئا. سنڌيءَ ۾ اخبارون، رسالا ۽ ڪتاب جام ڇپيا هئا، پر نئين ٺهيل ملڪ جي ”نون مالڪن“ کي بنگال جيان هتي به پنهنجي ٻوليءَ کي زوريءَ مڙهڻ جو جيڪو جُنون چڙهيل هو، تنهن جي آبياري ڪندي تمام تيزيءَ سان سنڌي اسڪول کي بند ڪرڻ ۽ ماڳهين سنڌين کي ڪراچيءَ منجهان تَڙڻ جون سازشون، اهڙي خطرناڪ چالاڪيءَ ۽ تيز رفتاريءَ سان سَٽيون ويون، جن جو شڪار بڻجي، لکين تعليم يافته هندو استاد، ليکڪ ۽ واپاري مجبور ٿي، پنهنجي ڌرتي ماءُ کي الوداع چئي، نئين سرحد جي پرئين پار لڏي ويا. ٿوري وقت اندر اوچتو ئي اوچتو سنڌ جو مڊل ڪلاس ئي ڪجهه سالن اندر پنهنجو وجود وڃائي ويٺو. سراج نه رڳو ڪراچيءَ جي مرڪز پاران ڪيل Annexation تي ڏکوئجي درد ڀريو گيت لکيو، پر پَتنگن جيان پڪو پهه ڪيائين ته، هن هيڏي وڏي هاڃي ڪارڻ پئدا ٿيل سماجي خال کي ڀرڻ لاءِ سنڌين کي نه رڳو سجاڳ ڪجي، پر ڪراچيءَ ۾ وڌ ۾ وڌ انگ ۾ آباد ڪري، پنهنجي سُڃاڻپ ورائي وٺجي. ڪراچيءَ مان سنڌي اخبار شايع ڪرڻ بابت، ڀٽو صاحب جي انهيءَ فيصلي کي تاريخ جو اهڙو شاندار تحفو به قرار ڏيئي سگهجي ٿو، جنهن سنڌين جي ڏکن سورن ۽ سماجي توڙي معاشي مسئلن کي پرنٽ ميڊيا وسيلي اجاگر ڪري، کين شعوري طور ڪراچيءَ ۾ آباد ٿيڻ تي اتساهيو. هيءَ ان دور جي ڳالهه آهي، جڏهن بنگلاديش ٺهڻ کانپوءِ، هزارين بنگالي آفيسر، ڪراچيءَ جي مارٽن ڪوارٽرز، پاڪستان ڪواٽرز، جمشيد ڪواٽرز ۽ فيڊرل ڪئپيٽل ڪواٽرز ۾ کين سرڪاري طرح مليل گَهر خالي ڪري، پنهنجي آزاد وطن ڏانهن ورڻ لاءِ ماندا هئا. تعصب جي عينڪ پاتل آفيسر، اهڙا خالي گهر نون ڀرتي ٿيل سنڌي آفيسرن يا ڪلارڪن کي ڏيڻ کان لنوائين هئا. اهڙين حالتن ۾ ئي سراج، هلال پاڪستان کي هٿيار بڻائي تعصبي آفيسرن جي ناجائز عمل کي ايڪسپوز ڪيو. نتيجي طور پيپلز پارٽيءَ جي پهرين سرڪار، خاص ڪري چيف منسٽر ممتاز علي ڀٽو پنهنجي وڏ وزارت جو جلوو ڏيکاريو. نيٺ سنڌين کي بنگالين جا خالي ڪيل گهر تمام وڏي تعداد ۾ رهڻ لاءِ ملي ويا. آئون، منظور قريشي، اسلم آزاد،راز ناٿن شاهي، محمود يوسفاڻي ۽ ٻيا ڪيترا ساٿي به تين هٽيءَ ڀرسان اهڙي ئي هڪ ڪوارٽر ۾ رهڻ لڳاسين، جيڪو هڪ سرڪاري عملدار دوست کي الاٽ ٿيو هو. هيءُ دور ون يونٽ ٽُٽڻ جي ڪري، سنڌ جي گاديءَ واري شهر ۾ سنڌين جي ٻيهر وسڻ جو سنهرو دور هو. پهرين ٽِڪي کير ڀريءَ جي برڪتن سان ٿي، ڪراچيءَ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هزارين سنڌين جي روزگار ۽ رهائش جو بندوبست ٿيو. سراج صاحب جي ذاتي محنت ۽ ڪوششن سان سنڌين کي ڪراچيءَ ۾ نوڪريون ۽ پلاٽ به جام مليا. ڪِن وڪڻي ڇڏيا ته ڪن پنهنجا گهر اَڏيا. پلاٽن جي عام جام ونڊ ورڇ واري هن ماحول ۾ ئي تڏهوڪي بلدياتي وزير مرحوم ڄام صادق عليءَ جي سخاوت به هنڌين ماڳين مشهور ٿي. سراج ۽ هلال پاڪستان جو سنڌين کي سرڪاري کاتن ۾ پنهنجي حصي جي ڪوٽا مطابق روزگار ڏيارڻ ۾ مکيه ڪردار هو. اسين هر هڪ ڊپارٽمينٽ جا انگ اکر ۽ تفصيل گڏ ڪري، روزانو خبرون هلائيندا هئاسين ته، فلاڻي کاتي ۾ سنڌي آفيسر اٽي ۾ لوڻ جيترا به ناهن ۽ فلاڻي بئنڪ ۾ سنڌين سان ناانصافي ۽ بي واجبي آهي. ساڳيءَ ريت واپڊا، پي آءِ ڊي سي، ڪي ايم سي، ڪي ڊي اي، بئنڪن توڙي ٻين وفاقي کاتن جا سچا انگ اکر سرڪار جي ڌيان تي آڻبا هئا ۽ ناانصافين جو ازالو به ٿيندو هو. ڪراچيءَ جو ترقياتي ادارو (ڪي ڊي اي)، جڏهن به ترقيءَ جي نالي ۾ ڪراچيءَ اندر سنڌين جا ڳوٺ بلڊوز ڪندو هو. ته سراج تڙپي ويندو هو. بلدياتي وزير ڄام صادق علي ته تعصبي ڪامورن جي انهن سنڌي دشمن ڪارروائين تي خاموش هوندو هو، پر سراج مون کي ۽ فوٽو گرافر ظفر کي يڪدم متاثر ٿيل ڳوٺن مان مڪمل تفصيل ۽ تصويرون آڻڻ لاءِ روانو ڪري ڇڏيندو هو. ان کانپوءِ سنڌين جي بيدخلين خلاف سخت لهجي ۾ ايڊيٽوريل لکندو هو. اهڙيءَ ريت هلال پاڪستان سوين سنڌي ڳوٺ بچايا. سراج صاحب ان وقت به شديد احتجاج ڪيو، جڏهن غلام مصطفى جتوئيءَ جي وڏ وزارت ۾، مقبول سنڌي رسالن، سهڻي، تحريڪ ۽ سوجهرو تي پابندي مڙهي ويئي. انهيءَ فيصلي خلاف سنڌ ۾ باهه ٻري ويئي هئي. رسول بخش پليجو سنڌي رسالن پاران وڪيل بڻيو ۽ ڀٽو صاحب جي ٺاهيل ڪميشن آڏو شاندار نموني ڪيس وڙهيو. آئون سوچيان ٿو ته، جيڪڏهن ثقافت کاتو منهنجي تجويز تي عمل ڪري سراج صاحب جي حياتيءَ ۾ ئي کيس مان ڏيڻ لاءِ ڪلفٽن تي ڪو يادگار Monument اَڏي ها ۽ سمورا سنڌي دانشور، سراج صاحب کي جيئري ئي سندس خدمتن عيوض خراج تحسين پيش ڪن ها ته اسان سنڌي ماڻهن تان اها تهمت به لهي سگهي ها ته، پنهنجن قومي هيرن جو سندن حياتيءَ ۾ قدر ئي ڪونه ٿا ڪريون. مون کي اهو به فخر آهي ته، ايم آر ڊي واري تاريخي جدوجهد واري ڏکين ڏينهن ۾ ”برسات“ رسالي اندر ئي سراج صاحب جي ڪهاڻي ”اٺون ماڻهو“ ۽ ان کانپوءِ سندن ٽراءِ لاجي ”پياسي ڌرتي، رمندا بادل“ کي به قسطوار شايع ڪيم ۽ جيسين رسالو ڇپجندو رهيو، آئون سراج صاحب سان رابطي ۾ رهيس، مرحوم هلال پاڪستان ۾ هڪ عدد ايڊيٽوريل انگريزي ٻوليءَ ۾ پڻ لکندو هو ته، جيئن دُنيا جا سفير، وڏا وڏا عملدار ۽ خود ڀٽو صاحب پاڻ به سنڌي عوام جي جائز حقن ۽ مطالبن کان باخبر هجي. سنڌ جي اهم معاشي توڙي سماجي مسئلن تي سراج صاحب انگريزيءَ ۾ ايڊيٽوريل لکڻ جو جيڪو نئون سلسلو شروع ڪيو، تنهن جو اثر ايتري قدر ٿيندو هو، جو نه رڳو غير سنڌي بيورو ڪريسي، پر خود وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو، انهن ايڊيٽوريلس جي جواب ۾ حڪم جاري ڪندو هو، جنهن تي عمل به ترت ٿي ويندو هو. جنرل ايوب خان ۽ جنرل يحى جي ڊگهي فوجي آمريت کانپوءِ، يعني پندرهن سالن کانپوءِ چونڊيل حڪومت ٺهي هئي، جنهن ۾ سنڌي چيف منسٽر ۽ ڪابينا ۾ اڪثريت پڻ سنڌي وزيرن جي هوندي هئي، جن جي ڪارڪردگيءَ تي ڀٽو صاحب ڪرڙي اک رکندو هو، منهنجو ڪالم ”سنڌ اسيمبليءَ جي پريس گئلري مان“ ۽ امر جليل جو ”تنهنجون منهنجون ڳالهيون“ هلال جا قاري، وڏي شوق سان پڙهندا هئا. بعد ۾ سراج صاحب جو ڪالم، ”رتيءَ جي رهاڻ“ ته سڀني کان سرس ثابت ٿيو، سنڌ جي خودمختياري ۽ محصولن ۾ جائز حصو وٺرائڻ بابت ته سراج صاحب دليلن سان ڀريل ايڊيٽوريل لکندو هو، ڇاڪاڻ ته، پاڻ ذهين ۽ هوشيار قانوندان ۽ ٽئڪسيشن واري شعبي ۾ مهارت رکندڙ هو. وزير اعظم ذوالفقار ڀٽي جڏهن نيشنل فنانس ڪميشن پاران آباديءَ جي بنياد تي صوبن کي رقمون ورهائڻ لاءِ نا نصافيءَ تي ٻڌل اين ايف سي ايوارڊ عمل ۾ آندو ته، سراج وڏي سچائي ۽ دليريءَ سان ڀٽو صاحب جي انهيءَ فيصلي جي سخت مخالفت ۾ تاريخي ايڊيٽوريل لکيا ته، وزير اعظم جي ناراضگيءَ جي به ڪاڻ نه ڪڍيائين. جنهن مهل ڀٽو صاحب پنجاب ۾ پنهنجن ووٽرن ۽ جيالن کي خوش رکڻ ۾ رڌل هو، ان اوکيءَ ويل سراج سنڌ ۽ سنڌين سان وفاداري ۽ حق جي ڳالهه لکڻ ۾ پنهنجي وسان ڪين گهٽايو، سراج جو هڪ ٻيو تاريخي ڪارنامو آهي ”سنڌ صدين کان“ جهڙو شاندار بين الاقوامي سيمينار ڪرائڻ. سنڌ جي تڏهوڪي وزير تعليم مرحوم پيار علي الانه کي تيار ڪرڻ ۽ ان مذاڪري ۾ سڄي دنيا مان چوٽيءَ جا تاريخدان، لسانياتي ماهر، قديم آثارن بابت اونهي ڄاڻ رکندڙ آرڪيالاجيسٽ، اسڪالر، اديب، شاعر ۽ دانشور دعوت ڏيئي گهرايا ويا، جن لڳاتار ٽي ڏينهن مُهين جي دڙي واري قديم ترين سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب کان وٺي، پاڪستان ۾ سنڌ جي شامل ٿيڻ تائين، هزارين سالن جي تاريخ ۽ ثقافت بابت تحقيقي مقالا پڙهيا ۽ سنڌين جي عظمت جي واکاڻ ڪئي. هن سيمينار ۾ پيش ٿيل مقالن کي سهيڙي سنڌ سرڪار Sind Through the centuries جي سِري هيٺ جيڪو مخزن ڇپرايو، اهو پنهنجو مَٽ پاڻ آهي. سراج، جنهن کي مُهين جي دڙي واري ٻوليءَ جو مُنجهيل سُٽ سنوارڻ واسطي هر دم اونو رهندو هو. هن موقعي تي فِنلينڊ مان آيل لسانياتي ماهر مسٽر پرپولا جي سربراهيءَ ۾ انهيءَ راز کي پروڙڻ واسطي تحقيق ڪرڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي ٺهرائي ۽ مسٽر پرپولا وڏي محنت باوجود هن سلسلي ۾ ڪنهن نتيجي تي نه پهچي سگهيو. اچو ته سراج جي زندگيءَ کي ملھايون ڊاڪٽر ايوب شيخ ۲۴ آڪٽوبر ۱۹۳۳ع کان ۰۲ فبروري ۲۰۱۳ع تائين جا ۷۹ ورهيه جيڪي سنڌ جي محنتي، سڄاڻ ۽ سنڌ دوست دانشور ۽ ٻولي جي ماهر ۽ ايڊيٽر محترم سراج الحق ميمڻ گذاريا آهن ،سي قيمتي ۽ املهه آهن، انهن ۾ ندامت ۽ پريشاني ڪانهي، انهن ۾ اورچائي۽ مڙس ٿي بيهڻ جي ڳالهه موجود آهي. انهن ورهين ۾ سندن پاران جيڪا محنت ڪئي ويئي، جيڪي ڪتاب لکيا ويا، جيڪي ڪتاب ترجمو ڪيا ويا، جيئن ”هلالِ پاڪستان“ جي ايڊيٽري ڪئي، ڪالم لکيا، ڪيئي اديب پيدا ڪيا، ڪيترن کي سهارو ڏنو ۽ انهن ڳالهين سان گڏ وڏي ڳالهه ته روشن خيال، ترقي پسند ۽ سنڌ دوست ۽ جمهوريت پسند دانشور طور پنهنجي زندگي گذاري ۽ آخري دم تائين ايمان جي حد تائين روشن خيالي کي پُٺي نه ڏني ته اهڙي املهه ماڻڪ جي حياتي کانپوءِ ڏُک بدران اهڙي حياتي گذارڻ تي خوشي ڪجي ۽ اهڙي سورمي جي حياتيءَ کي ملهائڻ گهرجي. سراج صاحب ٽنڊي ڄام ۾ ڄائو ته وقت جي جوتشين ان دور جي پوليس وارن، ميرن ۽ پيرن کي خبردار ڪيو هيو ته سندن علائقي ۾ اهڙو شخص پيدا ٿيو آهي جيڪو عورتن جي تعليم جو حامي آهي، جيڪو سندن ڪُند ذهن روايتن جو مخالف آهي، جيڪو انگريزن ۽ انهن جي آپيشاهين جي خلاف آهي. اهڙي دور ۾ جڏهن سنڌ انگريزن توڙي بمبئي وٽ گروي ٿيل هئي، ٽندوڄام هڪڙو ڳوٺ هيو. جناب سراج اهڙي ماحول ۾ پيدا ٿيو هيو جتي علم بدران جوتشين وسيلي زندگيءَ جا دڳ ڳوليا ويندا هيا. پر هن جي لاءِ وڏو سهارو سندس والد جناب محمد يعقوب ميمڻ جيڪو پاڻ تعليمي شعبي سان واڳيل هجڻ ڪري فارسي جو ماهر هيو ۽ هن پاڻ ايران جي مشهور شاعر خواجه شمس دين محمد حافظ شيرازي (ڄم: ۱۳۲۵ ۽ وفات ۱۳۸۹) جيڪو ”حافظ شيرازي“ جي نالي سان مشهور هيو تنهن جي ڪُل دانش مايا ” ديوانِ حافظ“ جو ترجمو ڪيو هيو. سراج صاحب ننڍي هوندي والد جي تربيت ۾ لکڻ شروع ڪيو. هن پنهنجو تخلص رکيو ”بسمل“ (مئل) ان تخلص يا قلمي نالي مان ئي ان زماني جي تصوير جا نقش سندس ذهن تي موجود ڏسي سگهجن ٿا. سراج صاحب ۱۹ ورهين جي ڄمار ۾ ننڍي کنڊ جي مشهور ناولسٽ ڪرشن چندر جو ناول ”ڏکڻ مان ٿو سج اُڀري“ جو ترجمو جناب محمد عثمان ڏيپلائي صاحب جي چوڻ تي ڪيو هيو. ان ڪتاب تي پڻ سنڌيڪار جو نالو ”سراج الحق ”بسمل“ لکيل آهي. هڪ ڏينهن سراج صاحب جي تخلص تي سندس والد صاحب اعتراض واريندي چيو هيو ته ”جيئرن کي مئل نه هجڻ گهرجي“. مسٽر يعقوب ميمڻ صاحب کي ڇهه پٽ ۽ پنج نياڻيون ٿيون. گهر ۾ مسئلو پٽن جو نه پر نياڻين جي تعليم جو پيدا ٿيو. مائٽن ۾ شور اٿيو. راويتن جا ”امين“ ۽ ”روايت شڪن“ اٽڪي پيا. محمد يعقوب ميمڻ سراج صاحب جي تعليم کي ڳوٺ ۾ پورو ڪرائي پنهنجي پنجن نياڻين جي تعليم جو جهنڊو اوچو ڪيو. چوڌاري رڙ پئجي ويئي. هڪ ڏينهن سراج صاحب پنهنجين ڀينرن سان گڏجي نياڻين ۾ تعليم جي واڌاري لاءِ پنهنجي جنم ڀومي ، ڳوٺ ۽ لڳ لاڳاپا ٽوڙي حيدرآباد پهتو. انهن نياڻين مان ٻن کان اوهان واقف آهيو جن ۾ هڪ ادي ڊاڪٽر فهميده حسين ۽ ٻي انيسه حسين آهن. نور محمد هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ، بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي. اي (آنرس)، ايم. اي ۽ ايل. ايل. بي ڪيائين. اها تعليم پڙهي هن سنڌي ادبي بورڊ ۾ پهرين نوڪري ۱۹۵۳ع ۾ ڪئي. اتي ئي ٻن سالن کانپوءِ ۱۹۵۵ع ۾ ادبي بورڊ جو اسسٽنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيو. ”ون يونٽ“ جي ڪري سنڌ جو هاڪارو رسالو ”مهراڻ“ وڏي ڏچي ۾ اچي ويو . اهڙين حالتن ۾ هن وڌيڪ پڙهڻ جو خيال ڪيو . ۱۹۵۷ع ۾ سي ايس ايس جي امتحان ۾ سندس زباني امتحان دوارن هڪ ڄڻي کانئس پڇيو هيو ته ” سرڪار ماڻهن کي ڪنهن جلوس خلاف ٽڙوڇڙ ڪري ته هو انهن تي ايڪشن کڻندو؟“ تنهن جي جواب ۾ هن چيو هيو ته ”سنڌ خلاف ڪوبه ڪم ڪري نه سگهندو“ سي. ايس. ايس. جو چٽاڀيٽيءَ جو امتحان پاس ڪري انڪم ٽئڪس جي کاتي ۾ آفيسر مقرر ٿيو. جنرل يحيا جي زماني ۾ هن جي ”سراسري هلت“ ون يونٽ انتظاميا جي حق ۾ نه هئي تنهن ڪري هو ۳۰۳ آفيسرن جي لاٽ ۾ جبري طور رٽائر ڪيو ويو. سنڌ جا آفيسر مختلف ڪچهرين ۾ ان ايڪشن کي آفيسر Three knot Three (۳۰۳) جي اصطلاح سان ياد ڪندا آهن. وري اچي ساڳي ڊگري سان انڪم ٽئڪس جي وڪالت شروع ڪيائين. سراج صاحب جي زبردست زندگيءَ جو هڪ نئون باب جناب ذوالفقار علي ڀٽو پاران جاري ڪيل اخبار”هلال پاڪستان“ سان شروع ٿيو، جنهن ۾ هو پاڻ ايڊيٽر هيو. صحافت جي ان دور ۾ هن ”اخبار“ کي ”عوام“ سان ڳنڍي عوام جي حالتن، فتحن، شڪستن، ترقين ۽ شعور جي زبردست تصوير پيش ڪئي. هن پنهنجي ڀائٽي ( اڄڪلهه آفيسر) غفران ميمڻ جيڪو ننڍي هوندي ”غفران عاقلاڻي“ سڏائيندو هيو تنهن سنڌي ٻارڙن لاءِ شاندار رسالو ” گلن جهڙا ٻارڙا“ جاري ڪيو هيو. ان رسالي جي ڪري سنڌ ۾ قومي ۽ سياسي ڪارڪنن جو هڪ وڏو لشڪر تيار ٿيو هيو. ڪتابن پڙهڻ، تقريرن ڪرڻ ۽ مقابلي جو لاڙو وڌيو هيو. ۱۹۷۷ع ۾ جنرل ضيا پنهنجي پوري آب تاب سان ڪاهي آيو. جمهوريت جا تختا اونڌا ڪري هن جناب ڀٽي پاران جيڪا به شعوري واڌ ٿي هئي، جيڪو به درسي ۽ غيرتدريسي علم وڌيو هيو تنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ اخبارن، يونيورسٽين، سياست ۽ سوچڻ تي بندش وجهي ڇڏي. جنرل ضياالحق اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ پنهنجي حمايت ۾ اهي جٿا تيار ڪيا جيڪي جمهوريت، يونيورسٽين، سياست ۽ سوچڻ جي خلاف هيا. ڏسندي ڏسندي سڄي سنڌ جي شاگرد تنظيمن جتي ”مقابلي ۽ دليل“ جو ميدان هاوي هوندو هيو اتي ”جهيڙن“ ۽ ”غنڊه گردي“ واسو ڪيو. عوام پاڻ ۾ وڙهيل هجي ته آمريت جي ان کان وڏي ٻي ڪهڙي خدمت ٿي سگهي ٿي. اهري حالت ۾ سراج صاحب فوجي حڪومت کان ڊڪٽيشن وٺڻ کان انڪار ڪندي هلال پاڪستان مان استعيفا ڏني ۽ وري ساڳي ڊگري سان واپس وڪالت جي شعبي سان لاڳاپجي آخري دم تائين ان سان واڳيل رهيو. ادبي خدمتون سراج صاحب جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ۱۹۶۱ع ۾ ’اي درد هلي آءُ‘ جي نالي سان شايع ٿيو ۽ ٻيو مجموعو ’اٺون ماڻهو‘ ۱۹۸۵ع ۾ شايع ٿيو. ”اٺون ماڻهو“ ايم آرڊي جي پس منظر ۾ هڪ شاندار ليکي ويندڙ ڪهاڻي آهي. هن جو پهريون ناول ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ ۱۹۷۹ع ۾ ڇپيو. اهو ناول ضيا دور ۾ اچڻ ڪري پرڏيهي قبضن جي ڳالهه هوندي به ان جو اثر مڪاني پيو هيو. اصل ۾ ناول سنڌ تي ارغونن ۽ ترخانن جي قهري دور جي تاريخ کي ناول ۾ لکڻ آهي. ٻيو ناول ’مرڻ مون سين آءُ‘ ۱۹۸۸ع ۾ ڇيپو، ان کانسواءِ ’منهنجي دنيا مرگھه ترشنا‘، ’منهنجي دنيا هيڪل وياڪل‘، ’تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول‘ سندس اهم ناول آهن. ٻولي جي حوالي سان سندس اهم ڪتاب ’سنڌي ٻولي‘ ۱۹۶۴ع ۾ ڇپيو. جديد سنڌي ادب ۾ سراج صاحب سنڌي ٻوليءَ جو پهريون سنڌي ليکڪ آهي، جنهن ٽن ناولن تي ٻڌل ’پياسي ڌرتي رمندا بادل‘ جي نالي سان سنڌي ادب جي پهرين ٽريالاجي لکي. هڪ سنڌيڪار جي حيثيت ۾ مٿي ڪرشن چندر جي ناول جو ذڪر آيو آهي. ان کانسواءِ ترجمن ۾ ’چونڊ آمريڪي افسانا‘، ۽ ’سنڌ جي اقتصادي تاريخ‘ ڪتاب پڻ ترجمو ڪيا. هن جي ڪالمن ۾ ’رتيءَ جي رهاڻ“ ۽ ”ملان جي ڊوڙ“‘ ۽ جاڳو اخبار ۾ ’سياسي منظرنامو‘ جي سري سان سوين مضمون ۽ ڪالم لکيا. هن شاعري به ڪئي ۽ ڪراچيءَ جي سنڌ کان ڌار ڪري وفاق حوالي ڪرڻ جي موقعي تي ’ڪراچي‘ نالي سان تاريخي ۽ اهم نظم لکيو. سندس اڻڇپيل ڪتابن ۾ ٻه ڪتاب: (۱) History of Sindhi Language ۽ (۲) پنهنجي آٽوگرافي Biography of an unknown Sindhi لکي مڪمل ڪيا. ڪجهه يادون: اسان سراج صاحب کي ۱۹۸۰ع ۾ روبرو ڏٺو هيو، جڏهن هن قمبر ۾ ”جشن لطيف“ جي پروگرام ۾ صدارت ڪئي هئي. هن شاهه لطيف تي پنهنجي عاليشان تقرير ڪئي هئي. هن عورتن جي سجاڳي تي خاص ڳالهيون ڪيون هيون. محترما بينظير ڀٽو صاحبه (پنهنجي آخري جلاوطني کان اڳ) آخري اجلاس سراج صاحب جي گهر ۾ ڪيو هيو جنهن ۾ ناميارا ماڻهو موجود هيا. انهن ۾، جناب ايم ايڇ پنهور، پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه، آپا شمس، محترم محمد ابراهيم جويو، سيد نويد قمر، سراج صاحب، اعجاز قريشي، مشتاق ميراڻي ۽ ٻيا موجود هيا. محترما مونکي حاضرين ۾ موجود سڀ کان ننڍي عمر وارو هجڻ جي ڪري هدايت ڪئي هئي ته سنڌ جي مسئلن جو ٻن جملن ۾ حل ٻڌايان. مون هڪ جملي ۾ چيو هيو ” تعليم، تعليم ۽ تعليم“ محترما اهو ٻڌي سيد غلام مصطفيٰ شاهه مرحوم کان پڇيو ته ” اوهان ان جواب ڪي ڪيئن ٿا سمجهيو؟“ تنهن تي شاهه صاحب چيو هيو ” سنڌ جو اهم ۽ اصل مسئلو اهو آهي، باقي سڀ اتان نڪرن ٿا ۽ ان وسيلي دفن ٿي ويندا“ سراج صاحب پنهنجي ڄمار جي آخري شرڪت آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ ۳۱ جولاءِ ۲۰۱۲ع تي سنڌ جي هڪ ٻئي يگاني شمشيرالحيدري جي مرتئي تي ”ادبي ريفرنس“ ۾ صدارت طور ڪئي هئي. هن کي صدارتي خطبو ڏيڻو هيو، پر شمشير جي ياد ۾ هن جي هانءَ هن سان گڏ نه هلي سگهيو. مونکي اسٽيج تي سڏيندي چيائين: ” آئون ڳالهائي نه سگهندس، ڳالهائيندس ته روئي پوندس، روئڻ نه ٿو چاهيان، آئون بس شمشير تي ماڻهن جا رايا ٻڌي رهيو آهيان“ گذريل سال فبروري ۲۰۱۲ع ۾ جاويد سومرو ۽ مان سراج صاحب جي آفيس ۾ وياسين. جاويد کين پنهنجو نالو ”فاتح مرڪ“ ڏيئي عرض ڪيو ته هو اچن ۽ ان تي پنهنجي راءِ ڏين. ان وچ ۾ ڦڦڙ جي ڪئنسر سبب سراج صاحب کي انڊيا وڃڻو پيو جنهن ڪري هو نه اچي سگهيا. ٻه مهينا اڳ، آئون سندن گهر ملڻ ويس. مونکي ڪرشن چندر جو اهو ساڳيو ۱۹۵۲ع ۾ شايع ٿيل ناول ”ڏکڻ مان ٿو سج اڀري“ جي فوٽوڪاپي ڏنائون. ان ۾ سنڌيڪار جو نالو ”سراج الحق بسمل“ لکيل هيو. ايشيا جي ڏکڻ ۾، پاڪستان جي ڏاکڻين علائقي سنڌ ۾ سراج صاحب پنهنجي سڄي زندگي ”بسمل“ جي خلاف گذاري. هن محنت، علم، تعليم ۽ جمهوريت توڙي روشن خيالي جو جهنڊو بلند ڪيو. مون کين آرٽس ڪائونسل ۾ سندن جيئري مڃتا جي پروگرام ڪرڻ لاءِ اجازت ۽ ٽائيم گهريو. هن چيو ته ڪجهه ٻين اديبن جي مڃتا به ضروري آهي. انهن کي گهرج نه به هجي پر انهن جي عزت وڌيڪ ٿيڻ گهرجي. هن انتهائي گهري سوچ منجهان چيو ته ”امر جليل، مهتاب محبوب، نورالهُديٰ شاهه ۽ ڪجهه ٻين سان ڏينهن ضرور ملهايو“ آرٽس ڪائونسل ڪراچي سندن عزيزن، پٽن، ڀيڻن، ڀائٽن، سوٽن جي گڏيل صلاح سان ايندڙ آچر ۱۰ فبروري تي ٻنپهرن جو ٻارهين وڳي هڪ شاندار ”مڃتا پروگرام“ رٿيو آهي. جنهن جو عنوان آهي : سراج صاحب جي موت تي ڏکويل رهڻ بدران ان جي حياتي کي ملهائڻ ضروري آهي“ سراج جو وڇوڙو سوڳوار بڻيل سنڌ ساجد چانڊيو سنڌ جو ناميارو اديب، دانشور، ناول نويس، ماهرِ لسانيات سراج الحق ميمڻ دل جي دوري سبب ڪالهه ڪراچيءَ جي هڪ اسپتال ۾ وفات ڪري ويو آهي، سراج جي وفات جي خبر سنڌ جي ادبي ماحول کي سوڳوار ڪري ڇڏيو آهي. سراج ميمڻ جو وڇوڙو سنڌ کان هڪ دور جو وڇوڙو آهي اهو دور جنهن جي ڪري سنڌي ڪهاڻي ۽ ناول وڌي مهانتا ماڻي آهي. سراج نه صرف ڪهاڻيڪار ۽ ناول نويس به ڀلوڙ هو پر هڪ خوبصورت ماڻهو پڻ هو جنهن ۾ ماڻهپي جون سموريون خوبيون موجود هيون. سڄي سنڌ سراج جي وڇوڙي تي ڏک ۾ آهي. سراج جو شمار ويهين صديءَ جي ذهين ترين ليکڪن ۾ ٿئي ٿو، هُن سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ کي جيڪا سُونهن ۽ سُندرتا بخشي اُها سنڌي ادب ۾ هڪ تاريخي حيثيت رکي ٿي، سراج سنڌي ادب توڙي سنڌ کي نوان خيال، نوان لهجا، نوان لاڙا، نوان فڪري ۽ بنياد فراهم ڪيا، سندس لکيل ناول ٻولي، اسلوب، رواني ۽ عڪاسي جي لحاظ کان بيمثال آهن، سندس ناول پڙهندي پڙهندڙ تي عجيب و غريب ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي ۽ پڙهندڙ پنهنجو پاڻ کي پوري طرح ناول جي ڪهاڻي، خيال، ماحول ۽ ڪردارن جي حوالي ڪري ڇڏي ٿو. سراج جا لکيل ناول سنڌ جي پسِ منظر ۾ ئي سرجيل آهن، جنهن ۾ هُن سنڌ تي ڪاهي ايندڙن کي ننديو آهي، سراج ادب براءِ ادب جو قائل نه هو، هُن هڪ واضع مقصد تحت ئي لکيو، اهو مقصد سنڌ ئي هو، سنڌ جا مارو ماڻهو ئي هُئا، هُن سنڌ جي ڏکن جي تصوير پنهنجي ناولن ۾ چٽي طرح عڪاسي. هُن پنهنجي لکڻين ۾ سنڌ جي مسئلن، نفسياتي پهلوئن کي زيربحث آندو، هُو سنڌ سان ٿيندڙ هر زيادتيءَ تي لُڇي پوندو هو ۽ سندس قلم جُنبش ۾ اچي ويندو هو، هُن هر زيادتي ڪندڙ کي پنهنجي تحريرن ۾ ننديو، پوءِ اُهي ڌاريا حڪمران هُجن يا پنهنجا وڏيرا. سراج سنڌي مُجاهدن جي قربانيءَ جا داستان پنهنجي هڪ ناول ”پڙاڏو سوئي سڏ“ ۾ نهايت پُراثر انداز سان بيان ڪيا، سندس هي ناول سنڌي ادب هڪ شاهڪار حيثيت رکي ٿو، جنهن ۾ تُرخانن جي زماني جي تاريخ کي پس منظر ۾ رکي سنڌي جوڌن جي بهادري جا ڪارناما نهايت فخر سان ٻُڌايا ۽ تُرخان حڪمرانن جي پَتِ وائکي ڪندي سندن مٽي پليد ڪئي آهي. سراج لسانيات جو به هڪ وڏو ڄاڻو عالم هو، هُن ۶۰ واري ڏهاڪي ۾ سنڌي ٻولي جي حوالي سان هڪ نظريو پيش ڪيو ته سنڌي ٻولي سنسڪرت تان هرگز ورتل ناهي البت سنڌي ٻولي ڪيترين ئي ٻولين جي ماءُ آهي، سندس اهو نظريو اڄ سچ ثابت ٿي چُڪو آهي، سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان سندس هڪ ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ هڪ تاريخي حيثيت رکي ٿو، جنهن ۾ هُن سنڌي ٻولي جي باري ۾ اهو به نظريو پيش ڪيو ته سنڌي آريائي ۽ ويدن جي دور کان اڳ جي زبان آهي، جيتوڻيڪ لسانيات سندس شعبو ڪونه هو پر هُن دنيا کي سنڌي ٻولي جي اصلي مڃتا کان آگاهه ڪرڻ واري ذميواري بخوبي نڀاهي.ان کان علاوه سنڌي ٻولي جي باري ۾ هُن جا ڪيترائي جامع مضمون، مقالا ۽ ڪالم سنڌ توڙي هند جي مختلف رسالن، مخزنن، اخبارن ۾ ڇپيا، جن کي هڪ ڪتابي صورت ۾ آڻڻ جي اشد ضرورت آهي. ۲۴ آڪٽوبر ۱۹۳۳ع تي ٽنڊو ڄام ۾ هڪ استاد محمد يعقوب ميمڻ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ سراج الحق ميمڻ مان ڦري ”سراج“ جي نالي سان ادبي دنيا ۾ پير پاتو، هُو ايم.اي، ايل ايل بي پاس هو، هُن ۱۹۵۳ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ کان پنهنجي عملي زندگيءَ جي ابتدا ڪئي، ۱۹۵۵ع ۾ ادبي بورڊ جو اسسٽنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيو، ۱۹۵۷ع ۾ ڪميشن پاس ڪري انڪم ٽيڪس آفيسر مقرر ٿيو. سراج ڪيترو ئي وقت روزاني هلال پاڪستان جو ايڊيٽر پڻ رهيو، جنهن دوران هُن صحافت کي نوان موڙ ڏنا. سراج سنڌ جو اُهو گهڻگهرو ليکڪ هو جنهن سنڌ جي مفادن خاطر سي.ايس.پي تان به استعيفا ڏني، هُن سنڌ جي حقن لاءِ هميشه پاڻ پتوڙيو. هُن سنڌي ادب جي جهول ۾ ڪيترائي ڪتاب ارپڻ ڪيا، جن ۾”ڏکڻ مان سج ٿو اُڀري (ترجمو ناول ۱۹۵۳)، سنڌ جي اقتصادي تاريخ (ترجمو ۱۹۵۸ع)، چونڊ آمريڪي افسانا (۱۹۵۸)، اي درد هلي آءُ (ڪهاڻيون ۱۹۶۲)، سنڌي ٻولي (لسانيات ۱۹۶۴ع)، علمِ معاشيات ۱۹۶۴ع)، پڙاڏو سوئي سڏ (ناول ۱۹۷۰ع)، اٺون ماڻهو (ڪهاڻيون ۱۹۸۵)، مرڻ مُون سين آءُ (ناول)، منهمجي دنيا هيڪل وياڪل (ناول)، تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول (ناول)، منهنجي دنيا مرگهه ترشنا (ناول)، پياسي ڌرتي رمندا بادل سميت ڪيترائي ڪتاب قابل ذڪر آهن. سراج جو وڇوڙو يقينن سنڌي ادب لاءِ هڪ نه ڀرجندڙ وڏو خال آهي، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو سراج کي ڪڏهن به وساري نه سگهندا. سنڌي ادب جي صحن ۾ سندس وڇوڙي تي تڏو وڇايل آهي. سراج ميمڻ کي سنڌو ماتا پنھنجي ھنج ۾ سمھاري ڇڏيو ڪراچي (رپورٽ: شبير لاشاري) سنڌي ٻولي جي برک دانشور، ناول نگر ۽ صحافي سراج ميمڻ جو مڙهه گزري قبرستان ۾ سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. ڪالهه ٻن پهري جي نماز کانپوءِ سنڌي ٻولي جي ماهر ۽ جديد سنڌي صحافت جي باني سراج الحق ميمڻ جي جنازي نماز ڊفينس جي سلطان مسجد ۾ ادا ڪئي وئي. جنهن ۾ سنڌ اٿلي پئي. اديبن، ليکڪن، صحافين، تعليمي ماهرن، سياستدانن، قانون دانن ۽ شاعرن توڙي ٻي مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ نالي وارين شخصيتن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪري ڪلهي ڪانڌي ٿي سندس مڙهه کي هميشه لا۳ ڌرتي امڙ جي هنج ۾ سمهاريو. سندس جنازي نماز ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر فخر الدين جي ابراهيم، شرجيل انعام ميمڻ، راشد رباني، مجيب پيرزادو، عوامي آواز جي چيف ايڊيٽر ڊاڪٽر جبار خٽڪ، ڪراچي جي اڳوڻي ناظم نعمت الله خان، تاج حيدر، عبدالعزيز عقيلي، محمد علي مانجهي، وفاقي وزير نثار ميمڻ، مدد علي سنڌي، غلام قادر پليجو، جلال محمود شاهه، نالي وارن اديبن امر جليل، بدر ابڙو، عبدالقادر منگي، ڊاڪٽر ايوب شيخ، تاج جويو، تعليمي ماهر مظهر الحق صديقي، غلام نبي مغل، جاويد جبار، سنڌي ادبي سنگت گلشن حديد جي اڳواڻن اصغر باغي، ڊاڪٽر غفور ميمڻ، منان بروهي، سليم حيدري، جسٽس عبدالقادر هاليپوٽو، سبحان ميمڻ، خالد پنهور، مصطفيٰ ملاح، ڪامريڊ روچي رام، ايم پي اي امداد پتافي، ايم پي اي فياض ٻٽ، جاويد قاضي، ڊاڪٽر ايس ايم قريشي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. تدفين کانپوءِ سراج الحق ميمڻ جو تڏو ڪراچي جي ڪلفٽن واري رهائش گاهه تي وڇايو ويو. وطن! تنهنجي مٽي اوڍي سُتاسين نصير مرزا وقت ڪنهن ريشمي ٿانَ وانگر منهنجي ذهن ۾ کلي رهيو آهي ۽ مون کي پنهنجي ڳوٺ ٽنڊي ٺوڙهي جو اُهو وقت ياد اچي رهيو آهي، جڏهن سٺ واري ڏهاڪي ۾ سراج صاحب جو خاندان عارضي طور ٽنڊي ڄام مان لَڏي اچي اسان جي ڳوٺ ۾ رهيو هو. استاد محمد يعقوب ميمڻ، ادي فهميده (حسين)، عبدالحق عظيم، ادا انعام ميمڻ ۽ ادي انيسه وغيره..... هي ٽنڊو ٺوڙهو، جنهن جو ٻيو نالو، قليچ آباد به آهي.... انهيءَ ۾ هي خاندان سچل سائينءَ جي پهرئين مولف مرزا علي قليچ بيگ ۽ سنڌ جي پهرئين مسلمان ايڊووڪيٽ جنرل، خانبهادر سڪندر بيگ مرزا وارن جي عين هاويلي آڏو اچي رهائش پذير ٿيو هو. تڏهن ٽنڊي ٺوڙهي ۾ ڪيڏو نه علمي ادبي ماحول هوندو هو ۽ هڪ پاسي ڪتب خانهءِ قليچ....بابِ قليچ....سامهون باغ ئي باغ، پريان پڃاري واهه ۽ ٻئي پاسي ڦُليلي واهه ۽ ان جي ڪناري سان وڻ ئي وڻ ۽ انهن جي ڀرسان تعليمي ادارا..... ۽ انهن ئي درسگاهن منجهان مرزا قليچ بيگ پرائمري اسڪول ۾، سائين محمد يعقوب ميمڻ صاحب جن پرائمري استاد هوندا هئا ۽ هيڏانهن سراج صاحب بوڪ اسٽال جو مئنيجر ۽ پوءِ اسسٽنٽ سيڪريٽري بنايو ويو..... جتان نهايت جلد ٽه ماهي ”مهراڻ“ ۽ ”گُل ڦُل“ جهڙا رسالا جاري ٿيا ۽ سنڌ اندر سنڌي ادب روشن خياليءَ سان روشن ٿيڻ شروع ٿي ويو. ۽ اتي جويي صاحب جي ئي صحبت طفيل سراج صاحب کي شيخ اياز..... جمال ابڙي ۽ رسول بخش پليجي صاحب جهڙن سجاڳ دماغن سان شناسائي ٿي ۽ ائين هڪ ٻئي جي صحبت ۽ ساٿ سان هي سڀ رچي ريٽا ۽ رت و رت رتول ٿيندا ويا. تڏهن تنوير عباسي صاحب پنهنجو هي شعر به ته، ان ئي زماني ۾ لکيو هو: پيار ڇُهي ويو اسان سڀن کي سونا ٿي ويا آهيون. ۱۹۶۲ع ڌاري سراج صاحب جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو، ”اي درد هلي آءُ.....“ ظاهر ٿيو، تڏهن مجموعي ۾ آيل هڪ ڪهاڻي....”ٻهڻيءَ“ سبب ته خاص طرح سان ته هن جي ادبي شهرت کي چار چنڊ لڳي ويا. ان مجموعي کانپوءِ، سندس نظريا ساز تحقيقي ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ شايع ٿيو ته، هند سنڌ ۾ انهيءَ حيرت انگيز تحقيق آڌار، سراج صاحب جو شمار، عين ڦوهه جوانيءَ ۾ ئي، لسانايات جي ماهرن ۾ ٿيڻ شروع ٿي ويو ۽ اهو ئي ته اهو دور هو، جڏهن سنڌ جا وارث قلمڪار سجاڳ ٿي چُڪا هئا ۽ سنڌ سان ٿيندڙ هاڃن جي تدارڪ لاءِ سڀني قلم ڌڻين جا قلم، تحرڪ ۾ اچي چُڪا هئا، اهو سن سٺ وارو ڏهاڪو، ڀينرن منجهان ادي انيسه ته منهنجي ڀيڻن سان گڏ ۽ بنهه اسانجي گهر جي ڀرسان واري ئي اسڪول ۾ پڙهندي ۽ اسان جي گهر ايندي ويندي هئي ۽ مون کي ياد آهي.... هي سڀ ڀيڻ ڀائر مون کي چنڊ ستارن وانگر ئي ڀائيندا هئا ۽ انهن ۾ هي سراج الحق ميمڻ صاحب، ته جهڙوڪر ننڍڙو ديوتا پيو نظر ايندو هو. ڀائيان ٿو..... ذهين ۽ حسين سراج صاحب جو هي اهو ئي دور هو، جڏهن پاڻ حيدرآباد ۾ محمد عثمان ڏيپلائي صاحب جي ”ڏيپلائي پريس“ ۾ رُپئي روز تي، ڪتابن جا پروف پڙهندا هئا ۽ ان ئي زماني ۾ ڏيپلائي صاحب کي ٻه ڪتاب ”چين ۾ هارين کي زمين ڪيئن ملي؟“ ۽ ٻيو ڪتاب ”ڏکڻ مان ٿو سج اُڀري“ ترجمو ڪري به ڏنا هئائين. چون ٿا ان ئي ڏيپلائي پريس جي ڪنهن ڪرسيءَ تي ڪم ۾، ”منهمڪ ويٺل هن خوبرو سراج تي، محمد ابراهيم جويي صاحب جي جيئن ئي پارس نگاهه پئي هئي، هن نوخيز پروف ريڊر ۽ مترجم سراج صاحب جون سڀئي راهون سون جون ٿي ويون هيون. تڏهن ڏيپلائي صاحب جي پريس مان جويي صاحب هن هيري کي کڻي سنڌي ادبي بورڊ جي مُنڊيءَ ۾ وڃي جڙي ڇڏيو هو. جتي پهرين ته هُن کي هوءِ ون يونٽ لاڳو ٿي چُڪو هو ۽ شريف ڪميشن سبب دلين ۾ نفرت جون باهيون ڀڙڪي چُڪيون هيون. اجهو نياز همايوني صاحب، پنهنجو هي بي پناهه طاقتور شعر ان ئي زماني ۾ ته لکيو هو: روئيندي روئيندي نيرَ کٽي ويا، لَهُو اچي ويو لڙڪن ۾، آئون ڪيئن کِلندي کير پيئان، منهنجي سنڌڙي آهي سُڏڪن ۾. هيڏانهن ٻئي پاسي وري شيخ اياز صاحب سنڌ ۾ آواز اُڀاريو: “مون شعلا شعلا گيت، جيئن تنهنجو چارو روشن ٿئي.“ تڏهن نثر ۾، پنهنجي شعلا بيانيءَ سان سنڌ جي جوڌن، دودن ۽ سوڍن لاءِ هڪ زبردست جنگ نامو.... ناول جي اسلوب ۾ سڀ کان اول سراج صاحب ئي تحرير ڪيو ۽ نالو رکيائينس، ”پڙاڏو سوئي سڏ“ جيڪو اصل ۾ ته ترخانن جي بدترين دور ۾ سنڌ سان ٿيل هاڃن جو تذڪرو آهي، پر درپده هر دور ۾ سنڌ ۾ آيل ڌارين جي لوڌ، يلغار ۽ پنهنجن کي، اکين پٽي رکڻ جو زبردست درس به ان ۾ آهي ۽ هاڻي ڇا حرج آهي ته.... ڪهاڻي ڪتابن....اي درد هلي آءُ.... اٺون ماڻهو.... مرڻ مون سين آءُ ۽ ”سنڌي ٻولي“. سنڌي ٻوليءَ ۾ ناولن جي ٽرالا جيءَ جو بنياد رکندڙ سراج سان، پنهنجي ذاتي تعلق بابت به ڪجهه لکندا هلون.... ۽ اها ڳالهه به ڪيترائي سال پراڻي آهي، جڏهن ڪراچيءَ ۾ هو ڪنهن ادبي محفل ۾ موجود هو، جو مون اڳيان وڌي زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ساڻس هٿ ملائي کيس پنهنجو تعارف ڪرايو هو. تڏهن منهنجي حيرت جي انتها نه رهي، جڏهن پنهنجي ڳنڀير آواز ۾ منهنجي چهري ڏانهن ڏسي بي اختيار چيو هئائون: ”اڇا! ته تون آهين نصير مرزا.....“ تڏهن دل ۾ خوش ٿي چيو هئم، ”واهه!.... معنى ته سراج صاحب جهڙي هستي منهنجي نالي ۽ ڪم کان اڳي ئي آگاهه آهي“! بعد ۾ نوي واري ڏهاڪي ۾ شيخ اياز فائونڊيشن جي هڪ ميٽنگ ۾ لکڻ وارو قلم..... مون پاڻ وانگر ئي سندن کاٻي هٿ ۾ ڏٺو ۽ پوءِ ميٽنگ بعد رات جي مانيءَ وقت سندن ئي رهائشگاهه تي اسين ڊائننگ ٽيبل تي ويٺاسين، ته جويي صاحب، مهتاب راشدي آپا، رباني، آگري صاحب ۽ جمال رند موجودگيءَ ۾، مون کي سراج صاحب جي ئي ڀر ۾ ويهڻ لاءِ ڪرسي نصيب ٿي هئي، اڙي واهه......ڏٺم اتي به هنن ڪنهن به ڊش مان ڪجهه به ڪڍڻ لاءِ، مون وانگر ئي، کاٻي هٿ کي پئي گهڻو استعمال ڪيو. تڏهن رهي نه سگهيو هئس ۽ چئي ڏنو هئو مان، سائين! آئون به توهان وانگر کاٻڙيل آهيان. تڏهن فورن مِٺي مُرڪ سان وراڻيائون، ”نصير!..... هي آئون ئي ڇا بابا...، منهنجي گهر جا سڀ ڀاتي ئي کاٻڙيل اٿئي.“ تازو....رباني صاحب جي ڪهاڻي ڪليات، آبيعات“ تي مهاڳ لکرائڻ لاءِ، ادي فهميده حسين معرفت کيس مسودو موڪليم، ته اُن تحرير ۾، رباني صاحب جو تذڪرو پوءِ...... اول مون ئي بابت ههڙا شاندار ۽ سون ۾ تورڻ جهڙا لفظ لکيائون: ”نصير مرزا جو حڪم آهي ته ربانيءَ جي ڪهاڻين تي ڪجهه لکي موڪليان. سو هاڻي نصير جهڙي پياري شخص کي ڪيئن نااميد ڪريان. جنهن منهنجي نظر ۾، ادب ۽ فن ۾ اهڙو نانءُ ۽ مرتبو حاصل ڪري ورتو آهي. جنهن جو هو لائق به آهي ۽ مستحق به!“ سراج صاحب جا پاڻ بابت اهي لکيل لفظ پڙهي خوشيءَ ۾ ان وقت، جيئن لڙڪ لاڙڻ شروع ڪري ڏنا هئم، اجهو ائين ئي.... سندن لاڏاڻي جي خبر ٻڌڻ سان اکيون اشڪ بار ٿي ويون هئم..... تڏهن مون کي سندس پهرئين ڪهاڻي مجموعي جي سرنامي تي درج نياز همايونيءَ جي هيءَ سٽ يڪدم اکين جي آڏو اُڀري آئي: اي درد هلي آءُ ته يادن جي جزيري ۾ هلون! سراج صاحب، سنڌ جا نهايت اميد پرست ۽ وطن جي روشن آئندي تي ويساهه رکندڙ عظيم قلمڪار هئا، جن پنهنجي ناول پڙاڏو سوئي سڏ جي انتساب ۾ لکيو هو ته: ”سنڌ جي اڳوڻن، هاڻوڪن ۽ ايندڙ وقت جي سورهيه سوڍن جي نالي“ ۽ اڄ ان انت سان پڙهڻ بعد مون کي پڪ آهي ته..... سنڌ جي سنڌي سمونڊ ڪناري.... مائي ڪولاچيءَ واري شهر ۾ ڪالهه..... لحد ۾ جڏهن پاڻ لهي چُڪا هوندا..... تڏهن سنڌ جي ماضي وارا سڀ سورهيه دودا.... جوڌا ۽ سورما.... .”پڙاڏو سوئي سڏ“ واري هن بهادر ليکڪ سراج صاحب جي اعزاز ۽ آجيان ۾، يڪدم ئي..... اُٿي بيهي رهيا هوندا. ۽ احترام سان کين سلامي ڏيڻ لڳا هوندا. سراج جي تحريرن جو فڪري پسمنظر ڊاڪٽر غفور ميمڻ سراج جي ڪهاڻين ۾ جديد دور جي ڪهاڻين جي عالمگير سوچ جو احساس سمايل آهي، جنهن ۾ اهڙي معاشري جي شديد خواهش آهي، جنهن ۾ استحصال نه هجي ناانصافي نه هجي، ضمير ۽ ذهن جي آزادي هجي. سراج جي ڪهاڻين ۾ مقامي رنگ سان گڏ جديد دور جي بدلجندڙ فڪر مطابق نوجوانن جو اهو شديد اظهار به موجود آهي جيڪي ڪائنات تسخير ڪرڻ چاهين ٿا. ڪهاڻين ۾ نوان رنگ ۽ نوان ڍنگ موجود آهن، سندس ڪهاڻي ”اي درد هلي آ“ اهڙو احساس رکي ٿي جنهن ۾ جديد تهذيب ۽ قدرن وچ ۾ جاگيرداريءَ وارا رويا زيربحث اچن ٿا. ڪهاڻيءَ ۾ هڪ طويل بحث ڇڙيل آهي ته وقت جي تقاضا ۽ مذهب جو رويو ڪيترو هڪ ٻئي سان ٺهڪي اچن ٿا. ڪهاڻيءَ جي شروعات هڪ پارٽيءَ سان ٿئي ٿي، جنهن ۾ شفيق ۽ شمي ٻه مرڪزي ڪردار آهن جن جو پارٽيءَ ۾ عورت ۽ مرد بابت بحث ڇڙيل آهي. ڪهاڻيءَ ۾ الميو ان وقت شروع ٿئي ٿو. جڏهن شمي محفل ۾ وڄندڙ موسيقي تي بي اختيار ٿي پنهنجا ماضيءَ جا ورق اٿلائي ٿي، ان وقت شفيق جنهن جي پارٽيءَ ۾ انا جي تعمير ٿي رهي هئي، انهي کي ڌڪ لڳي ٿو ۽ کيس خبر پوي ٿي ته سندس زال جو ڪو ٻيو چاهيندڙ هو، جنهن ان جي محبت ۾ جان قربان ڪري ڇڏي، ان وقت سندس ذهن، شعور ۽ جذبات جي ڪيفيت کي ڌڪ لڳي ٿو ۽ پوءِ هو آفاقي قدرن ۾ انسانيت ڏانهن موٽ کائي ٿو ۽ شمي کي پيار ڪري ٿو. مجموعي طور هن ڪهاڻيءَ ۾ مٿئين طبقي ۾ بدلجندڙ قدرن جي ٽوڙ ڦوڙ جو فڪر موجود آهي جنهن تي روشن خياليءَ جو اثر آهي. سنڌي ڪهاڻيءَ تي مغربي فن۽ موضوعن جا تجربا ۽ ديومالائن کي علامت طور کڻي انساني الميي کي پيش ڪرڻ جو تجربو سراج شروع ڪيو، جنهن ۾ سندس ٻه ڪهاڻيون قابل ذڪر آهن. هڪ ”پاتال“ ۽ ٻي ”انسان ۽ ديوتا“. ڪهاڻي ”پاتال“ ۾ سراج طبقاتي سماج جي حقيقت کي علامتي انداز سان پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ محسوس ٿئي ٿو ته ديوتائن جو عذاب ۽ ڏک سندن اذيت ايتري ناهي جيتري انساني طبقاتي سماج ۾ انسان پل پل ۾ ڀوڳي ٿو. تمثيلي انداز ۾ ديوتائن جي واتان غير طبقاتي سماج جي نظرئي جو پرچار ڏاڍي خوبصورت انداز سان ٿيل آهي. سراج هڪ ئي وقت جديد دور جي گهڻن پاسن کي کڻي ٿو، جنهن ۾ سرمائيداريءَ جي بدلجندڙ قدرن ۾ انساني رويا ۽ انهن جو نفسياتي اثر، روشن خياليءَ جي بنياد تي جديد علمي بحث ۽ انهن جا اثر ۽ ساڳئي وقت سرمائيداريءَ ۾ پيدا ٿيندڙ معاشي گهوٽالو، پورهيت جي زندگيءَ جو الميو، ساڻس ٿيندڙ غير انساني سلوڪ ۽ سماج کي تبديل ڪندڙ فڪر، پورهيتن جي جدوجهد سڀئي موضوعن سراج ڏاڍي فنڪاريءَ سان ۽ فڪري گهرائي سان کڻي ٿو. مجموعي طور هنن ڪهاڻين جي جائزي مان معلوم ٿئي ٿو ته سراج سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ روشن خيال فڪر ۽ ترقي پسنديءَ جي تقاضائن کي ڏاڍو فني ۽ پيرائتي ۽ جديد انداز سان پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ ڪردار نه ته نعري بازي ڪن ٿا، نه نظرئي جو پرچار بلڪ سندن معاشرتي ۽ نفسياتي زندگيءَ جا پهلو اهڙي طرح پيش ڪيل آهن جو پڙهندڙ خود بخود طبقاتي سماج جي روپ کان نفرت ڪرڻ لڳي ٿو. پراڻين روايتن، قدرن ۽ جديد دور جي تقاضائن کي سمجهڻ لڳي ٿو. سراج ميمڻ سنڌي علم وادب ۽ زبان جو پارکو (۲۴ آڪٽوبر ۱۹۳۳ ــ ۲ فبروري ۲۰۱۳ع) ارشاد ڪاغذي سنڌي علم وادب جا جيڪي بـ ڄاڻو ۽ ماهر ٿي گذريا آهن سراج ميمڻ تن ۾ سرفهرست آهي. هو سنڌي علم وادب، تحقيق ۽ تخليق، پرک، دانش، سياست، لسانيات، صحافت، ناول ۽ ٻولي جو ماهر هو. هو گھڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هو، هو هڪ ئي وقت عالم، ڏاهو، اديب، ناول نويس، ڪهاڻيڪار، شاعر، ترجمو ڪندڙ، صحافي، سياست جو ڄاڻو ۽ لسانيات جو پارکو هو، ماڻهو هِڪڙو پر لک گھڻو هو. سراج الحق ميمڻ ٽنڊوڄام ۾ محمد يعقوب ميمڻ جي گھر ۾ اک کولي، جيئن تـ سندس والد صاحب تعليمي ماهر هو ۽ علم وادب سان شوق، شغف ۽ چاه رکندڙ هو تنهن ڪري سراج کي علمي ۽ ادبي ماحول مليو ۽ هن ان مان ڀرپور لاڀ حاصل ڪيو. سنڌ جي اتهاس ۾ سنڌي جديد ادب جي آبياري ڪرڻ ۾ سراج جو حصو ٻين کان سرس آهي. هن جيئن مضمون، تحقيق ۽ تخليق جو ڪم ڪيو ان نموني سان فنڪشن ۾ نالو ڪمايو. جيڪڏهن هو هڪ ئي ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ لکي ها ۽ ٻيا ڪتاب ۽ ناول نـ لکي ها تڏهن بـ هن جي مڃتا، مڻيادا ۽ قد بت ٻين کان وترو هجي ها! ۱۹۵۹ع ۾ ڊاڪٽر نبي بلوچ صاحب جن جو هڪ مضمون “ سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“ جي سِري هيٺ ٽـ ـ ماهي ”مهراڻ“ ۾ ڇپيو هو، تنهن سراج ميمڻ جي دل ودماغ ۾ طوفان مچائي ڇڏيو. ڊاڪٽر صاحب جي ان مضمون متعلق سراج جو خيال هو تـ ”... ڊاڪٽر صاحب جن جو مضمون، ماڻهن ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ تمدن لاءِ بنهـ غير علمي روايتون ۽ مفروضا عام ڪري ڇڏيندو، ۽ ٻاهريان تـ سنڌي ٻوليءَ ۽ تمدن کي هڪ خيرات ٿيل ۽ اڌارو سمجهندا.“ (سراج ميمڻ جو ”سنڌي ٻولي“ ڪتاب تي لکيل پيش لفظ) سراج ميمڻ صاحب ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جو مقابلو ۽ موازنو ڪجي تـ ڪٿي ڊاڪٽر صاحب ۽ ڪٿي سراج! سراج بـ پريشان ٿي پيو هو. هو لکي ٿو ”... آءٌ پشيمان ۽ پريشان، تـ ڇا لڳي سراج، ۽ ڇا لڳي سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڊين آف آرٽس، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جهڙي عالم فاضل جي جواب ۾ مضمون!“ هو وڌيڪ ساڳئي ڪتاب جي پيش لفظ ۾ لکن ٿا ”جڏهن مضمون شايع ٿيو تـ هڪ هنگامو مچي ويو: ڪن شابس ڏني، ته ڪن ڪچيون گاريون. ايترو ته احساس ٿيم تـ جيڪڏهن منهنجي مضمون ماڻهن کي سوچڻ تي مجبور ڪيو آهي، سندن ذهنن کي لوڏي وڌو آهي، تـ ضرور منجهس ڪا ڳالهـ آهي.“ ۽ اهڙي ريت ٻنهي سنڌي ادب جي پارکن پنهنجي ليکن ۾ هڪٻئي کي جواب در جواب ڏنا. سراج ان دور ۾ سنڌي ادب جي اُفق تي اڀري آيو. سنڌ جا ماڻهو، عالم فاضل، اديب ۽ ليکڪن کي سراج جي حيثيت جي پرک پئجي وئي. جارج برنارڊ شا هڪ ناول لکيو هو،The Adventure of the Black Girl in Her Search for God ان جي جواب ۾ علامـ آءِ آءِ قاضي هڪ ڪتابThe Adventure of Brown Girl in Her Search for God لکيو هو. جڏهن ڪتاب شايع ٿيو ۽ ماڻهن پڙهيو تـ ڪيترا ئي ماڻهو علامـ قاضي صاحب کي ڏسڻ آيا تـ ڪهڙي شخصيت آهي جنهن برنارڊ شا جهڙي مهان اديب سان مقابلو ڪيو آهي. سو اهڙي طرح جڏهن سراج اهي مضمون لکيا ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان کي جواب ڏنا تـ سراج جو علمي ۽ ادبي قد ڪاٺ وڌي ويو ۽ هو اڃا وڏي محنت، جاکوڙ، تحقيق سان علمي پورهئي ۾ جنبي پيو ۽ ”سنڌي ٻولي“ جهڙو شاهڪار ڪتاب پڌرو ڪري هڪ عالم ۽ فاضل جي حيثيت سان نروار ٿيو. سراج جن لکن ٿا : ”۱۹۵۹ع کان سنڌي ٻولي ۽ تمدن بابت منهنجي ذهن ۾ ڪجهـ اهڙو هيجان پيدا ڪيو، جو بيان کان ٻاهر اوهين ان مان اندازو لڳايو تـ رڳو ۱۹۶۰ع جي سياري ۾ پنج ڇهـ دفعا، موهن جي دڙي جي ويرانين ۾، وڇائتن وانگر، مٽي ڇاڻيندو رهيس. مون کي خواب ۾ بـ موهن جي دڙي جا ماڻهو ــ چاپئين ڏاڙهي، ٻٽون ڪٽ وار، وچان سينڌ نڪتل ــ، ۽ زالون ــ عاج جي ٻانهينءَ سان ڪلهي تائين ڍڪيل ٻانهون، نڪ ۾ بولو، وارن ۾ ڪاٺ جي ڦڻي وڌل ــ مون سان سنڌي ڳالهائيندا نظر ايندا هئا. ان سپني جي عالم ۾ ئي، ان کان پوءِ وارا ٽي سال گذاريم ۽ ان وقت ۾ مختلف ٻولين، قديم رسم الخطن ۽ ٻين اهڙين موضوعن تي ڪتاب چٽيندو رهيس.“ (سنڌي ٻولي تي لکيل پيش لفظ) سراج جن ڊاڪٽر نبي بخش خان کي جواب ۾ ڪيئي مضمون لکيا پر هو وڏي ڌيان ۽ گيان سان موهن جي دڙي جي ٻولي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هو موهن جي دڙي جي ٻوليءَ کي پڙهڻ ۾ ڪامياب ٿيو هو ۽ پوءِ ”سنڌي ٻولي“ جهڙو زبردست ڪتاب عالمانا انداز سان لکيو. جيڪو ڪم ادارا ڪونـ ڪري سگھيان سو هن ڪري ڏيکاريو. جيتوڻيڪ هو افسانوي ادب جو شهزور هو پر هن اهو ڪتاب لکي هڪ اهڙو ڪارنامو سرانجام ڏنو جنهن جي جيتري تعريف ڪجي گھٽ ٿيندي. سراج ”پڙاڌو سوئي سڏ“ لکي سنڌ جي نئين نسل کي گھڻو متاثر ڪيو، هن هي ناول سنڌ جي تاريخ جي پسمنظر ۾ لکيو هو جيتوڻيڪ هن ناول تي نعري بازي جا بهتان مڙهيا ويا پر نوجوان نسل هن ناول کي پنهنجي جيءَ ۾ جايون ڏنيون ۽ هينئن سان هنڊايو. سراج جو هي غير معمولي تاريخي ناول ”پڙاڏو سوئي سڏ“ نوجوان نسل ۾ هڪ اهڙو جذبو جاڳايو جنهن ون يونٽ جي تحريڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ هڪ سپر مين جو عملي ڪردار ادا ڪندي هرهڪ سنڌي نوجوان پنهنجي عمل جي ميدان ۾ ڪيئي ڪارناما ڪري ڏيکاريا. سراج ميمڻ بـ پنهنجي ناول جي ڪردار جيان سپر مين هو، هو ذوالفقار علي ڀٽو جو ويجهو ساٿي هو پر هن ڪڏهن بـ ان مان ڪو فائدو ڪونـ ورتو هو هڪ اعليٰ آفيسر هو ۽ جيئن انهن آفيسرن جي ڪنڌ ۾ ڪلي هوندي آهي تيئن سراج جي ادب ۽ شخصيت ۾ اڏول پڻو هيو ۽ ڪڏهن بـ ڪنهن جي اڳيان ڪنڌ ڪونـ نمايو. جاذب نظر شخصيت ۽ لکڻي ۾ شيرين بياني ۽ ويساه ۾ نـ ايندڙ ڪارناما جيڪي هو پنهنجي ڪردارن جي واتان چوررائيندو هو اهڙا ڪم جيڪو ڪوبـ ڪري نـ سگھي سي سندس ناول ڪري ڏيکارين ٿا. هو هڪ اهڙو بي مثل انسان هو جنهن جو تعلق حڪومت جي سربراهن سان بـ هو پر اصولي طرح سنڌ جي ماڻهن سان هن جا پيچ پيل هئا، هو ڪنهن جو ڌر ڀر نـ هو پر پوءِ بـ هن بابت اهو چئي سگھجي ٿو تـ شهيد ڀٽو سان هن جو واسطو هو. هو يگانو انسان هو جنهن پنهنجي ادبي ۽ صحافتي دنيا ۾ هڪ اهڙي هلچل مچائي جنهن کيس ٻين کان منفرد بنائي ڇڏيو. هو جديد ادب جو جديد انسان ۽ اديب هو. استاد رسول بخش پليجو صاحب جن سراج جي باري ۾ لکن ٿا ”اهڙا ماڻهو گھٽ هوندا آهن، جيڪي توڙ نڀائين ٿا، جيڪي پلٽا نٿا هڻن، وڏيرن جا چمچا نـ ٿيندا آهن، سراج انهن ماڻهن مان هڪ شخصيت هو، سراج جهڙا ماڻهو روزروز پيدا نـ ٿيندا آهن.“ (ورسي جي موقعي ۽ مناسبت سان ڀيٽا) سراج ميمڻ هڪ تاريخ ساز شخصيت تاج جويو ۲ فيبروري ۲۰۱۳ع تي سنڌ جي ارڏي اديب، عالم ۽ محقق ’سراج‘ جي لاڏاڻي جي خبر علمي ادبي لڏي سميت سندس چاهيندڙن کي صدمو ڏنو. سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان سچو عشق رکندڙ، ڏاهي دانشور، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، محقق ۽ ماهر لسانيات ’سراج‘ جو پورو نالو سراج الحق ولد محمد يعقوب ميمڻ هو، هن ۲۴آڪٽوبر ۱۹۳۳ع تي ٽنڊي ڄام، ضلعي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سندس والد محمد يعقوب ميمڻ وقت جو بهترين تعليمدان ۽ علم ۽ ادب سان چاهه رکندڙ هو. سندس ترجمو ڪيل ’ديوان حافظ‘ سنڌي ادب ۾ يادگار حيثيت رکي ٿو. سراج تي پنهنجي والد جي مزاج جو اثر ٿيو ۽ شروع کان ئي لکڻ، پڙهڻ سان واسطو رهيس. ابتدائي تعليم ڳوٺ مان وٺڻ کانپوءِ نور محمد هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين ۽ سموري بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ ٽين پوزيشن کنيائين. سندس تعليم بي. اي (آنرس)، ايم. اي ۽ ايل. ايل. بي هئي. پيشي جي لحاظ کان ۱۹۵۳ع ۾ ’سنڌي ادبي بورڊ‘ ۾ نوڪري شروع ڪيائين ۽۱۹۵۵ع ۾ ادبي بورڊ جو اسسٽنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيو. ۱۹۵۷ع ۾ سي. ايس. ايس. جو چٽاڀيٽيءَ جو امتحان پاس ڪري انڪم ٽئڪس جي کاتي ۾ آفيسر مقرر ٿيو، جتان ۱۹۶۹ع ۾ جبري رٽائرمينٽ ٿيس. سندس خلاف الزامن مان مکيه سرڪاري ملازمت ۾ هوندي قومپرست ۽ ترقي پسند ادبي تحريڪن ۾ حصو وٺڻ ۽ قوميت جي موضوع تي لکڻ هو. ان کانپوءِ ڪجهه وقت وڪالت ڪيائين. ۱۹۷۱ع ۾ ڪراچيءَ مان هلال پاڪستان اخبار جو اجراء ٿيو، جنهن ۾ کيس ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. هن اخبار ذريعي سراج، جديد صحافت ۾ نوان ۽ اڇوتا لاڙا آندا. ان تي کيس سنڌي جديد صحافت کي نئون جنم ڏياريندڙ چيو وڃي ٿو. ۱۹۷۷ع ۾ ضياءُ الحق جي دور ۾ هن فوجي حڪومت کان ڊڪٽيشن وٺڻ کان انڪار ڪندي هلال پاڪستان مان استعيفا ڏني ۽ واپس وڪالت جي شعبي سان لاڳاپجي ويو ۽ عمر جي آخري عرصي تائين سپريم ڪورٽ جو سينيئر وڪيل رهيو. انڪم ٽيڪس قانون تي سندس مهارت سبب کيس ان مضمون جي ميدان ۾ ’انسائيڪلوپيڊيا‘ چيو ويندو هو. سراج سنڌي ادب جي هڪ گھڻ پاسائين شخصيت رهيو، سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو۱۹۶۱ع ۾ ’اي درد هلي آءُ‘ جي نالي سان شايع ٿيو ۽ ٻيو مجموعو ’اٺون ماڻهو‘ ۱۹۸۵ع ۾ شايع ٿيو. جديد سنڌي ادب ۾ سراج سڀ کان وڌيڪ تخليقي ناول لکيا ۽ هي اهو پهريون سنڌي ليکڪ آهي، جنهن ٽن ناولن تي ٻڌل ’پياسي ڌرتي رمندا بادل‘ جي نالي سان سنڌي ادب جي پهرين ٽريالاجي لکي. سراج، سنڌ جي تاريخ کي افسانوي انداز ۾ پڙهڻ جو شوق پيدا ڪيو، جن سنڌ جي تاريخ اڳ ۾ ڪانه پڙهي هئي، تن سراج جا ناول پڙهي پوءِ سنڌ جي تاريخ ۾ دلچسپي ورتي. سراج جو پهريون جڳ مشهور ناول ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ ۱۹۷۹ع ۾ ڇپيو، هي ناول سنڌ تي ارغونن ۽ ترخانن جي قهري دور جي تاريخ کي افسانوي انداز ۾ پيش ڪري ٿو. سندس ٻيو ناول ’مرڻ مون سين آءُ، سال ۱۹۸۸ع ۾ ڇيپو، ان کانسواءِ ’منهنجي دنيا مرگھه ترشنا‘، ’منهنجي دنيا هيڪل وياڪل‘، ’تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول‘ سندس اهم ناول آهن. سراج ڪيترا ئي ڊراما پڻ لکيا. هڪ مترجم جي حيثيت سان هن ’چين جي هارين کي زمين ڪيئن ملي‘، ’چونڊ آمريڪي افسانا‘، ’ڏکڻ مان ٿو سج اڀري‘، ’سنڌ جي اقتصادي تاريخ‘ ڪتاب پڻ ترجمو ڪيا. سندس ناول ۽ افسانن جا مجموعا، افسانوي ادب ۾ تمام گھڻي اهميت جا حامل آهن. سراج پنهنجي صحافتي زندگيءَ ۾ روزاني هلال پاڪستان جو ايڊيٽر رهڻ دوران اهم مسئلن تي ايڊيٽوريل لکڻ کانسواءِ ’رتيءَ جي رهاڻ ۽ ملان جي ڊوڙ‘ ۽ جاڳو اخبار ۾ ’سياسي منظرنامو‘ جي سري سان سوين مضمون ۽ ڪالم لکيا. سراج شاعري به ڪئي ۽ ڪراچيءَ جي سنڌ کان ڌار ڪري وفاق حوالي ڪرڻ جي موقعي تي ’ڪراچي‘ نالي سان تاريخي ۽ اهم نظم لکيو. لسانيات جي حوالي سان سندس اهم تصنيف ’سنڌي ٻولي‘ ۱۹۶۴ع ۾ ڇپي، جنهن سنڌي ادب ۾ ٻوليءَ جي ارتقا جي حوالي سان نوان بحث ڇيڙيا. هن ڪتاب ۾ پهريون ڀيرو هن سنڌ جي ٻين عالمن سان اختلاف ڪندي سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي اصلوڪي ۽ بنيادي ٻولي قرار ڏنو، جنهن کي شروع ۾ جن قبول نه ڪيو، انهن به تحقيق بعد آخر ۾ اچي ساڳي ڳالهه ڪئي. هن ڪتاب کي ’پاڪستان رائيٽرس گلڊ‘ پاران انعام پڻ مليو ۽ ۲۰۰۹ع ۾ هن ڪتاب جو انگريزي ترجمو پڻ شايع ٿيو، جيڪو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ڇپيو آهي. هن زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ انگريزيءَ ۾ ٻه ڪتاب: (۱) History of Sindhi Language ۽ (۲) پنهنجي آٽوگرافي Biography of an unknown Sindhi لکي مڪمل ڪيا. انهن مان پهريون ڪتاب هيٺ اشاعت هيٺ آهي. سنڌ جي هن نامور عالم ۽ اديب، ۲ فيبروري ۲۰۱۳ع، رات جو ساڍي ٽين وڳي، لياقت نيشنل اسپتال، ڪراچيءَ ۾، دل جي عارضي سبب وفات ڪئي. سراج سنڌي ادب، صحافت ۽ تحقيق جو ھڪ باب طارق عزيز شيخ سراج حيدرآباد جي ڀر ۾ ٽنڊي ڄام سرسبز ۽ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ۲۴ آڪٽوبر ۱۹۳۳ع ۾ پيدا ٿيو. سندس والد محمد يعقوب ميمڻ تعليم جي شعبي سان وابسته هو. سراج صاحب جو والد جي اثر جي ڪري توڙي پنهنجي ادبي مزاج سبب شروع کان لکڻ پڙهڻ سان گهاٽو واسطو رهيو. ادبي ماحول ۾ اڳتي وڌڻ سان گڏوگڏ هن وڪالت ۾ به ڪاميابيون ماڻيون ۽ ملڪ جي مايه ناز قانوني ماهرن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. ناول نگاريءَ ۾ سراج سنڌي ادب کي معياري ۽ تاريخي شيون ڏنيون. ڪهاڻين لکڻ کان به اڳي هن ناول نگاريءَ ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪري ڇڏي هئي. جڏهن ته ارتقائي تحريرن ۾ هن ترجما ڪيا هئا. ۱۹۵۳ع ۾ ”ڏکڻ مان ٿو سج اڀري” نالي انگريزي ناول هن ترجمو ڪيو، ان کان پوءِ ”چونڊ آمريڪي افسانا“ ۱۹۵۸ع ۾ ترجمو ڪيائين ۽ انهيءَ سال يعني ۱۹۵۸ع ۾ ئي ”سنڌ جي اقتصادي تاريخ“ جو ترجمو ڪيائين. سندس طبعزاد لکڻين جي شروعات سٺ واري ڏهاڪي کان شروع ٿئي ٿي. سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ۱۹۶۱ع ۾ ”اي درد هلي آءُ“ جي نالي سان شايع ٿيو. ان کان پوءِ ٻوليءَ جي حوالي سان مختلف بحث رونما ٿيا. سنڌي ٻوليءَ کي ڪنهن محقق سنسڪرت جي ڌيءَ ٿي چيو ته ڪنهن وري ان کي سميري ٻولين مان نڪتل ٿي چيو پر سراج وڏي محنت سان تحقيق ڪري عالمي ماهرن جي دليلن ۽ پختي يقين سان ثابت ڪري ڏيکاريو ته سنڌي ٻولي سنڌ جي اصلوڪي ٻولي آهي، ان جا وارث سنڌ جا قديم باشندا ئي آهن. انهيءَ بحث تي هن ”مهراڻ“ ۽ ”نئين زندگي“ رسالن ۾ مضمون پڻ لکيا، جڏهن ته لسانيا جي بين الاقوامي اصولن ۽ ماهرن جي نتيجن کي آڏو رکندي هن ”سنڌي ٻولي“ ڪتاب لکي پنهنجو نظريو پيش ڪيو. هيءُ ڪتاب ۱۹۶۴ع ۾ شايع ٿيو جڏهن ٻوليءَ جي حوالي سان ماحول ۾ گهما گهمي هئي. انهيءَ سال سراج ”علم معاشيات“ ڪتاب پڻ لکيو جنهن ۾ معاشي مسئلن تي نظرثاني ٿيل آهي. سراج سنڌ جي تاريخ کي افسانوي انداز ۾ پڙهڻ جو شوق ڏياريو. جن سنڌ جي تاريخ اڳي ڪونه پڙهي هئي تن سراج جا ناول پڙهي پوءِ سنڌ جي تاريخ کي پڙهيو. سنڌ جي هن بي مثال ناول نگار ارغونن ۽ ترخانن جي زماني جي تاريخ کي ”پڙاڏو سوئي سڏ“ ناول ۾ پيش ڪيو. جنهن ۾ سنڌي قوم، سنڌ جي صورتحال ۽ ڌارين جا ظلم سئنما جي پردي تي فلم جيان نظر اچن ٿا. وڏي خوبي سان هن تاريخي ناولن جي شروعات ڪئي. سراج کان اڳي عثمان ڏيپلائي ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻي تاريخي ناولن ۾ طبع آزمائي ڪئي هئي پر اهڙي ڪاميابي ڪونه ماڻي سگهيا جهڙي سراج کي ملي. سراج انهيءَ ناول جو ٻيو حصو ”مرڻ مون سين آءُ“ جي نالي سان لکيو جنهن جي ڪاميابي پڻ اڳوڻي ناول جيتري ٿي. ان کان پوءِ سنڌ ۾ ڌارين جي مختلف دورن تي هن ٽي وڌيڪ ناول ”منهنجي دنيا هيڪل وياڪل“، ”تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول“ ۽ ”منهنجي دنيا مرگهه ترشنا“ لکيا. سراج جي ناولن جو سلسلو سنڌ جي تاريخ جي ترتيبوار بابن جيان آهي. هن ناولن سان گڏوگڏ ڪهاڻين جو هڪ ٻيو مجموعو ”اٺون گهر“ ۱۹۸۵ع ڌاري پڻ لکيو، جڏهن ته مختلف موضوعن تي سندس مضمون ۽ مقالا پڻ اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا. هن ”هلال پاڪستان“ اخبار جي ايڊيٽر طور پڻ فرض انجام ڏنا ۽ پنهنجي صحافتي ڪردار کي به مڃرايو، جڏهن ته ڪيترين ئي اخبارن ۾ ڪالم پڻ لکندو رهيو. سراج، شاهه لطيف جي حوالي سان پڻ مقالا لکيا خاص طور تي شاهه جي سياسي ۽ مذاحمتي شاعري تي هن آمريتي ڏينهن ۾ به جرئت سان قلم کڻي شاهه جي ٻوليءَ ۾ سنڌي قوم کي پيغام ڏنو. سنڌ جو هي نثر نويس نه فقط ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ٻولي جو ماهر ۽ ڪالم نگار آهي پر نثر جي حوالي سان آل رائونڊر رهيو آهي. سنڌ جو سراج جامي چانڊيو اوڻيهين ۽ ويهين صدين ۾ سنڌ ۾ وڏا ماڻهو پئدا ٿيا، جن زندگيءَ جي هر ميدان ۾ سنڌ جي وڏي خدمت ڪئي، ۽ ان جي حسناڪ آئيندي جا نه رڳو خواب ڏٺا، پر انهن جي ساڀيان لاءِ سموري زندگي وِرچي به نه ويٺا. سراج الحق ميمڻ جو ڳاڻيٽو به سنڌ جي اهڙن ماڻِڪ موتين ۾ ٿيندو. پنهنجي شخصيت ۾ باوقار ۽ حسين ماڻهو، علميت ۾ گهرو ۽ گهڻ-طرفو ڄاڻو ماڻهو، هڪ بيحد سچو اديب ۽ پارکو، سُڀاوَ جو شانائتو، حساسيت ۾ گلن جهڙو نرم، ۽ فن ۾ ڳالهه جي اُڻت جو منفرد ڏانءُ رکندڙ ليکڪ، سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻولي هن جي محبت جا محور ۽ مرڪز هئا. سراج جهڙن ماڻهن جو وجود ئي سڀاڳ جي علامت هجي ٿو، سندن خاندان، دوستن، ۽ ويندي ٻولي، ادب ۽ پوري سماج لاءِ. ٽنڊي ڄام ۾ هڪ روشن خيال ۽ ترقي پسند پرائمري استاد محمد يعقوب نياز جي گهر ۾ چويهين آڪٽوبر ۱۹۳۳ع تي جنم وٺندڙ سراج الحق ميمڻ اسان کي پنهنجيءَ پوريءَ حياتيءَ ۾ هڪ آدرشي، محنتي، سچو، ٻوليءَ، وطن ۽ قومَ جو عاشقُ نظر اچي ٿو. ڄڻ ته هڪ پارس هو، جنهن جنهن سندس ساٿ ۾ گذاريو ڄڻ ته سون ٿي ويو. سراج صاحب سان منهنجو قرب جو ادبي ۽ علمي لاڳاپو هو، ۽ ساڻس اهو لاڳاپو پهرين سائين محمد ابراهيم جويي، رسول بخش پليجي ۽ ف م لاشاريءَ معرفت، ۽ پوءِ سڌيءَ ريت پنهنجين لکڻين ذريعي ٿو، جيڪو آخر تائين قائم رهيو. منهنجي خوشبختي آهي جو هو مونکي بيحد ڀائيندو هو، ۽ منهنجين لکڻين کي پسند ڪندو هو، ۽ جيڪي لفظ چوندو هو اها هن جي ادبي وضع داري ۽ شفقت هئي. سراج صاحب سان منهنجي پهرين ملاقات پليجي صاحب سان گڏ ڪراچيءَ ۾ سندس آفيس ۾ ۱۹۹۱ع ۾ ٿي. مون ٻنهي کي هڪٻئي سان بيحد حجائتو ڏٺو. پليجي صاحب جي حجت مٿس وڌيڪ هئي. ويهڻ شرط سراج تي ڏاڪا ٻڌي چڙهي ويو، چئي، ”ڪجهه نٿو ڪرين، سڄو ڏينهن آفيس ۾ ٿڌيءَ ڇانوَ ۾ ويٺو آهين، عوام کان ڪٽيل آهين، ۽ ڪنهن نه ڪم جو آهين! حساب ڏي ته ڇا ٿو ڪرين!“ موٽ ۾ سراج صاحب جي چپن تي هميشه جيان اطمينان بخش مرڪ، ۽ نهٺائيءَ وارو اعتراف. هن جو جواب عجيب هو. چئي، ”پليجا! جنهن خاڪ کي ڦُوڪون ڏئي باهِه ٿو ٻارڻ چاهين، ان ۾ تپش رهي ئي نه آهي“! مون ٻڌو هو ته سراج تمام مغرور ماڻهو آهي، پر هي ته ڪو ٻيو ماڻهو هو، بيحد ماٺيڻو، محبتي، نهٺو ۽ مرڪڻو. ف م لاشاري به سراج صاحب وٽ ويٺو هو، پليجي صاحب مٿس پنهنجي سخت تنقيد جڏهن پوري ڪئي ته ف م لاشاري ۽ مون ڏي نهاري چيائين، ”پليجو سدائين ائين ڪندو آهي، ۽ صحيح ڪندو آهي، ڇو ته اسان سنڌي ڪم جا وڏا ڪاهل آهيون، ۽ خاص طور مان“. مون دل ۾ سوچيو ته جيڪڏهن ۱۹۵۷ع ۾ سي ايس ايس پاس ڪري ملڪ جو چوٽيءَ جو ڪامورو ٿيڻ، ڏيپلائي پريس ۽ سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڇٻلاڻي صاحب جي لکيل سنڌ جي اقتصادي تاريخ ۽ ٽي ايس ايليٽ جي لکڻين سميت انيڪ ڪتابن جا ترجما ڪندڙ، ۱۹۶۴ع ۾ ”سنڌي ٻولي“ جهڙو شاندار تحقيقي ڪتاب لکندڙ، هلالِ پاڪستان جهڙي سرڪاري اخبار کي سنڌ جي شعور جي مهندار آواز ۾ تبديل ڪندڙ، ”پڙاڏو سوئي سڏ“، ”مرڻ مون سين آءُ“، ”منهنجي دنيا هيڪل وياڪل“، ”تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول“، ۽ ”منهنجي دنيا مرگ ترشنا“ جهڙا ناول سرجيندڙ، ”آءُ درد هلي آءُ“ جهڙيون ڪهاڻيون لکندڙ ۽ ملڪ جو چوٽيءَ جو انڪم ٽيڪس جو وڪيل سراج به جيڪڏهن ڪاهل آهي ته پوءِ سنڌ جي باقي پڙهيل لکيل ماڻهن يا عام اديبن کي ڇا چئجي؟ پوءِ مون ڄاتو ته دراصل هنن ماڻهن جي مٽي ئي ٻي آهي. هنن وٽ ڪم جا معيار ۽ سندن آدرش ايترا ته وڏا ۽ غير معمولي آهن، جو هو پنهنجي زندگيءَ جي ڪيل ڪمن کي وڏو ڪم سمجهن ئي نٿا. دراصل اهو رويو ۽ سوچ ئي کين پنهنجي ڪردار ۽ عمل ۾ وڏو ماڻهو بڻائي ٿي. دنيا جو ڪو به وڏو ماڻهو پنهنجي ڪم مان مطمئن ناهي هوندو، جو سندن ڪمن جي فهرست آڏو حياتي کٽي پوندي آهي، وقت هار کائي ويندو آهي. هونئن ته سراج صاحب جو والد به هڪ روشن خيال ۽ ترقي پسند استاد هو، پر سراج صاحب جي زندگيءَ تي پنهنجي والد کان پوءِ گهڻي ۾ گهڻو اثر سائين محمد ابراهيم جويي جي فڪري تربيت جو به هو. سراج صاحب مونکي پاڻ ٻڌايو ته محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي پريس تي ڪم ڪرڻ ۽ ان کان پوءِ جويي صاحب جي نگرانيءَ هيٺ سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڪم ڪرڻ سندس زندگيءَ جا اهم ابتدائي دور هئا، جن سندس شعور ۽ صلاحيت جي آبياري ڪئي. ڏيپلائي صاحب کيس روپئي ڏهاڙيءَ تي ترجما ڏيندو هو ۽ ڪم به ڇڪي وٺندو هو، سراج صاحب ڀوڳ ۾ چوندو هو ته، ”ڏيپلائي صاحب جي کُوري مان پچي نڪتاسين ته پوءِ دنيا ۾ ڪو به ڪم ڏکيو نه لڳو“. ان کان پوءِ سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڪم ڪندي، نه رڳو هن جي سنڌي ۽ انگريزي ٻولين تي مهارت وڌي پر هو پاڻ به هڪ اديب طور اڀري آيو. اهو ئي سبب آهي جو مون سراج صاحب وٽ ڪنهن ماڻهوءَ جو وڌيڪ احترام ڏٺو ته اهو سائين جويو صاحب آهي. هو جويي صاحب کي هڪ شفيق دوست سان گڏ هڪ استاد جو درجو ڏيندو هو. سراج صاحب وٽ سائين جويو صاحب ۽ مان ڪافي ڀيرا گڏجي وياسين ۽ جويي صاحب لاءِ سندس احترام ۽ پيار ڏسڻ وٽان هوندو هو. هونئن سراج صاحب جو شهيد ڀُٽي صاحب ۽ سائين جي ايم سيد سان به گهرو سُٻنڌ رهيو. ۱۹۵۰ع ۾ هن ميٽرڪ جو امتحان ڊي جي نيشنل ڪاليج ڪراچيءَ مان پاس ڪيو ۽ هو پنهنجي تعليم جو خرچ جناح ڪورٽس ۾ پارٽ ٽائيم ملازمت ڪري پورو ڪندو هو. ۱۹۵۷ع ۾ جڏهن هو سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪري سول سروس ۾ ويو ته ان ئي دور ۾ هن جي ڪراچيءَ جي ايس ايم لا ڪاليج ۾ شهيد ڀُٽي سان ملاقات ٿي ۽ سندن اهو دوستيءَ جو تعلق آخر تائين قائم رهيو، اهو ئي سبب آهي جو جڏهن شهيد ڀٽو اقتدار ۾ آيو ته هن هلال پاڪستان جو ايڊيٽر سراج کي بڻايو، ۽ سراج هلال پاڪستان جي صورت ۾ جديد ترقي پسند سنڌي صحافت جا بنياد رکيا، ۽ روشن خيال صحافين جي هڪ وڏي کيپ تيار ڪئي. ڇهن سالن جي مختصر دور ۾ سراج هلال پاڪستان کي وڏي اوج تي پڄايو. جڏهن ۱۹۷۷ع ۾ ضياءُ الحق مارشل لا هنئي ته سراج هلال پاڪستان مان استعيفا ڏئي پنهنجي وڪالت جي ٻيهر شروعات ڪئي. هو انهن ۳۰۳ سرڪار جي ناپسنديده آفيسرن مان هڪ هو، جن کي جبري طور ملازمت مان فارغ ڪيو ويو هو. سراج جو اهو ڪمال هو جو هو شهيد ڀُٽي جو ويجهو دوست هوندي به جتي هن جي مثبت ڳُڻن کي واکاڻيندو هو، اتي هن ڪڏهن به هن جي غلط فيصلن جي تائيد نه ڪئي. ائين ئي سائين جي ايم سيد پڻ سراج جو وڏو احترام ڪندو هو، ۽ سندس اها هر دلعزيز حيثيت دراصل سندس معتبر شخصيت جو مظهر هئي. سراج صاحب جو علمي ۽ تخليقي پورهيو نه رڳو گهڻ رخو آهي، پر ساڳئي وقت تمام معياري پڻ آهي. سنڌي ۽ انگريزي ٻولين تي هن جي مهارت باڪمال هئي. هڪ ڀيري حميد هارون کي مون سراج صاحب جي روبرو ڪراچي جم خانه ۾ پاڻ اهو چوندي ٻڌو ته جيڪڏهن احمد علي خان کان پوءِ پاڪستان ۾ ڊان اخبار جي ايڊيٽر ٿيڻ جو ڪو اهل آهي ته اهو سراج آهي. پر سراج صاحب صحافت کي عملي طرح ڇڏي چڪو هو، ۽ هن واپس صحافت ڏي ورڻ نٿي چاهيو. ڪراچيءَ مان روزاني جاڳو جيتوڻيڪ ف م لاشاريءَ شروع ڪئي پر ان ۾ سراج صاحب جو بنيادي هٿ هو ۽ ان دور ۾ سراج صاحب جا ”سياسي منظرنامو“ جي عنوان سان لکيل تجزياتي مضمون شاندار هئا، جيڪي ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيڻ گهرجن. هلال پاڪستان ۾ لکيل سراج صاحب جا اداريا پڻ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيڻ گهرجن، جو اها ان دور جي تاريخ آهي. سندن ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ پڻ سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت لکيل اهم ڪتابن مان هڪ آهي. سراج جون چند خوبيون اهڙيون آهن، جيڪي هن کي سنڌي سماج ۽ ادب ۾ هڪ منفرد حيثيت ڏين ٿيون. هن سموري زندگي ڪا به دعوى نه ڪئي، نه سنڌ سان عشق جي، نه سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي خدمت جي، ۽ نه پنهنجي ڪارنامن جي. اهو نهٺو سُڀاءُ هن جي اندر جي وڏ-ماڻهپي جو آئينو هو. اُڀامندِي ته سکڻي ڪُنِي آهي، هيءُ ته سنڌ جو سراج هو، جيڪو سنڌي ادب ۾ ناول نگاريءَ جو امتياز هو. مون سراج کي ڪڏهن به ماڻهن تي ڳالهائيندي نه ڏٺو، هڪ مڪمل انگريز ماڻهو هو. رڳو ڪم جي ڳالهه، روايتي اجائي ڊيگهه سراج جي مزاج ۾ ئي نه هئي. مڪمل طور سيلف-ميڊ يعني پنهنجي پورهئي ۽ قابليت جي بنياد تي ٺهيل ماڻهو هو، ان ڪري هميشه قابليت ۽ ادارن جي اهميت جو قائل هوندو هو. ان لاءِ رڳو ڪي سَڌُون نه ڪيائين پر پنهنجو حيدرآباد وارو اباڻو گهر سنڌ ايجوڪيشن ٽرسٽ کي ڏئي مثال پڻ قائم ڪيائين، پر افسوس جو اهو ادارو ڪو ٻوٽو ٻاري نه سگهيو. جڏهن ته سراج صاحب جو اهو خواب هو ته اهو ادارو اڳتي هلي هڪ يونيورسٽيءَ ۾ تبديل ٿئي. منهنجي لاءِ اها ڳالهه ڪنهن اعزاز کان گهٽ ناهي ته هو عمر توڙي ادبي ۽ علمي لحاظ کان وڏو هوندي به مونکي پنهنجي دوستن ۾ شمار ڪندو هو. ۲۰۰۶ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي ادب تي ڪانفرنس ۾ کيس مقالو پڙهڻ لاءِ چيو ويو، طبيعت ناساز هئڻ سبب پنهنجيءَ جاءِ تي کين منهنجو نالو تجويز ڪيائين. سائين جويي صاحب جي ڪتاب ”ادب، ٻولي ۽ تعليم“، ۽ پليجي صاحب جي ڪتاب ”سياسي ادب“ تي لکيل منهنجا تفصيلي مهاڳ پڙهيائين ته ٻنهي ڀيري فون ڪري جيڪي مهربان لفظ چيائين، اهي منهنجي لاءِ ڪنهن اعزاز کان گهٽ نه آهن. ساڳيا رايا جويي صاحب ۽ پليجي صاحب کي به ڏنائين. زندگي تمام مختصر آهي، ۽ ڪو به ماڻهو زندگيءَ ۾ سڀ ڪم پورا نٿو/نٿي ڪري سگهي. سو سراج کان به گهڻا ڪم رهجي ويا هوندا پر هن زندگيءَ ۾ جيڪي ڪجهه ڪيو، اهو به گهٽ نه هو. هر ڪم بيحد معياري ۽ منفرد! لکڻ، ڳالهائڻ، اظهار ڪرڻ، خوش ٿيڻ، ڪاوڙ ڪرڻ، رنجُ ٿيڻ، ڏوراپو ڏيڻ، ۽ راءِ ڏيڻ جو سليقو ته ڪو سراج صاحب کان سکي. خوش ٿيو ته حَسين ۽ شانائتي مرڪ چپن تي، ۽ جي ارهو ٿيو ته منهن ۾ گُهنڊ وجهي بس رڳو نهاريندو، ۽ اهو به هڪ لمحو ۽ بس! وڏا ماڻهو پنهنجي وڏائيءَ جو اظهار رڳو علميت، فڪر، فن يا ادب ذريعي ئي نه پر پنهنجن روين ذريعي به ڪندا آهن. سراج سچ پچ ته سنڌ جو وڏو ماڻهو هو. ٻاهر ماڻهو هن کي پٿر جو ٺهيل سخت مزاج سمجهندا هئا، اندر ۾ ته هو گلن تي پيل ماڪ جهڙو ملائم ماڻهو هو. آخري ڏهن سالن ۾ سنڌ جي ڳالهه نڪرندي هئي ته بي اختيار جُهري پوندو هو ۽ هن جون آدرشي اکيون تشنه خوابن سبب بي اختيار ڀرجي اينديون هيون. خود اعتمادي ۽ خودداريءَ ۾ به سراج جو ڪو مَٽُ نه هو. هاءِ ڪورٽ جي جج ٿيڻ ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ٿيڻ جي آڇَ هن کي انيڪ ڀيرا ٿي، هن هميشه جواب ڏنو. هن جي مثالي خودداريءَ ۽ خوداعتماديءَ جو سبب دراصل هن جي قابليت ۽ هن جي خودشناسي هئي. گهڻن ماڻهن کي زماني جي شناس ته هوندي آهي پر هو خودشناسيءَ کان وانجهيل هوندا آهن، سراج کي خبر هئي ته هو ڪير هو. سراج صاحب ڪو عوامي ماڻهو نه هو، هو مٿئين وچولي طبقي سان واسطو رکندڙ، وچولي ۽ مٿئين طبقي سان رابطي ۾ رهندڙ اسڪالر، اديب ۽ وڪيل هو. مان سمجهان ٿو ته هو وچولي طبقي لاءِ هڪ رول ماڊل به هو ته ڪو ماڻهو هڪ ڪامياب زندگي ۽ ڪيريئر باوجود پنهنجيءَ ٻوليءَ، ادب ۽ قوم لاءِ ڇا ڇا نه ٿو ڪري سگهي. اڪثر وڏن ماڻهن جو اولاد يا گهر جا ڀاتي سندن ڇڏيل دڳ تي ناهن هلندا، پر سراج صاحب پنهنجي اولاد ۽ گهر ڀاتين ۾ سنڌيت جو اهڙو ته روح ڦُوڪيو، جو اڄ سندس ننڍي ڀاءَ اعجاز ميمڻ، سندس ڀيڻ ڊاڪٽر فهميده حسين، ۽ پٽن ڊاڪٽر امجد سراج ۽ ارشد سراج کي ڏسي جيڪا تصوير جُڙندي، اُها هوبهو سراج جي تصوير آهي. ساڳيو سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ پيار، خدمت جو جذبو، علميت ۽ فضيلت. ٻين فيبروريءَ ۲۰۱۳ع تي سنڌ جي هن باوقار اديب، دانشور، محقق، پارکو ۽ عاشق آخري ڀيرو سنڌ ۽ هن سنسار ڏانهن پنهنجي شانائتي مرڪ سان نهاري پنهنجون تشنه خوابن واريون اکيون هميشه لاءِ ٻُوٽي ڇڏيون، ۽ ڪراچيءَ جي گِذري قبرستان ۾ ان مٽيءَ سان وڃي مليو، جنهن جي علمي ۽ ادبي هُڳاءَ جو نالو سراج هو. سراج سنڌي ادب ۽ صحافت جو املهه ماڻڪ - ۲ فيبروري ٻي ورسي جي مناسبت سان زاهد ڪاڪا سنڌي ادب جي جرڪندڙ ستاري سراج کي قدرت ناول نگاري، لسانيات، ڪهاڻي کيتر، ترجمي، تحقيق ، ۽ صحافت ۾ هڪ ئي وقت پاڻ موکي سنڌي ادب جي آبياري ڪري ان کي ميوي دار وڻ بنائڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جو اعزاز بخشيو. سراج ۲۴ آڪٽومبر ۱۹۳۳ع تي ٽنڊي ڄام ۾ محمد يعقوب ”نياز“ ميمڻ جي گهر ۾ اک کولي. سندس والد بهترين استاد، علم ادب سان لنئون لڳل ۽ فارسي زبان جو وڏو ڄاڻو حافظ شيزازيءَ جي ديوان حافظ کي سنڌي ۾ ترجمون ڪرڻ سندس قابليت تي دلالت ڪري ٿو. سراج ۱۸ سالن جي ڄمار ۾ برک اديب ۽ بيباڪ صحافي محمد عثمان ڏيپلائي جي اداره انسانيت ۾ پررف ريڊرنگ ۽ ترجمن جواجرت آغاز ڪيو ۽ ائين کيس ڏيپلائي جي بٺيءَ مان پچي راس ٿيڻ جو موقعو مليو محمد ابراهيم جويي سان سندس ڏيٺ ويٺ ڏيپلائي صاحب جي ڪري ئي ٿي. سندس ادبي سفر جي شروعات ترجمن سان ٿي جنهن ۾ سڀ کان پهرين هن ڪرشن چندر جي ناول جب صبح هوتي هي. جو ترجمو ”ڏکڻ مان ٿو سج اڀري“ نالي سان کان علاوه ”چين جي هارين کي زمين ڪيئن ملي“، ”انسان ۽ انسانيت جي تاريخ“ ترجما ڪيا. سراج انتهائي باصلاحيت ۽ ذهين نوجوان هو ادبي بورڊ ۾ هوندي ئي ۱۹۵۷ع ۾ سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪري انڪم ٽيڪم آفيسر بڻيو. ان عرصي ۾ سندس ٻه ترجما پي ايس ڇپلاڻي. جي ڪتاب جو سنڌي اقتصادي تاريخ ٻيو ”چونڊ آمريڪي افسانا“ غلام رباني آگري سان گڏ ڪيا. ون يونٽ واري ان زماني ۾ جڏهن سنڌ جو نالو کڻڻ به ڪاريهر تي پير رکڻ برابر هو. سراج سرڪاري ملازم هئڻ جي باوجود پنهنجو قلمي پورهيو دليريءَ سان جاري رکيو. (جنهن جي پاداش ۾ اڳتي هلي ۱۹۷۰ع ۾ کيس نوڪري مان نيڪالي ڏني وئي). انھن ڏينهن ۾ ۱۹۵۹ع سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت سنڌ جي برک عالم ۽ گهڻ رخي شخصيت ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سنڌ ٻوليءَ جي قدامت بابت ارنيسٽ ٽرمپ ۽ سرگريئرسن پاران سنڌيءَ کي سنسڪرت ڄائي قرار ڏيڻ واري نظريي کي رد ڪري ان کي سامي صفت زبان يعني سنسڪرت جي ڀيڻ قرار ڏنو. ۲۶ سالن جي نوجوان سراج، ڊاڪٽر بلوچ توري ٽرمپ وارن نظرين کي آمريڪي آرڪيلاجسٽ نوح ڪريمر جي کوجنا ۽ پنهنجي تحقيق جي آڌارتي رد ڪري ادب ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو. سراج جو نظريو آهي ته سنڌي سنسڪرت جي ڌيءُ يا ڀيڻ نه پر ماءُ آهي. سميري تهذيب جو سنڌي تهذيب تي اثر نه ٿيو آهي پر بابل ۽ سمير جي تهذيب تي سڌو تهذيب جا اثر نمايان نظر اچن ٿا. سراج کي شهرت جي آسمان تي پهچائيندڙ اهو نظريو هو. سنڌ جي ٻنهي عالمن ۾ ٻوليءَ جي بڻ بڻياد بابت، مهراڻ رسالي ۾ علمي بحث (۱۹۵۹ع کان ۱۹۶۱ع ) تائين هلندو رهيو. جنهن بعد ٻنهي ٻولي جي ماهرن جا پنهنجي نظرين جي دليلن تي ٻڌل ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ ۱۹۶۴ع، سراج ۽ ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“ ڊاڪٽر بلوچ منظر عام تي آيا. سراج سنڌي ناول جو پڻ سگهارونانءُ آهي. ارغون تر خان جي قهري ڪارروائين تي سندس پهريون ناول ”پراڏو سو سڏ“ شاهڪار ناول آهي. جيڪو ۱۹۷۰ع ۾ ڇپيو ”مرڻ مون سين آءُ“ کان علاوه سنڌي ناولن ۾ ٽريالاجي ڏيندڙ پهريون ناول نگارهو. سندس ٽريا لاجي پياسي ڌرتي رمندا بادل جا ٽئي ناول ”منهنجي دنيا هيڪل ويا ڪل“ ، ”تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول“ ۽ ”منهنجي دنيا مرگهه ترشنا“ بهترين ناول آهن. سندس ناولن تي تبصرو ڪندي مختيار احمد ملاح لکي ٿو ته” سراج جا ناول سنڌ جي تاريخي، سماجي، معاشي ۽ رومانوي حالتن جي عڪاسي ڪن ٿا. انهن جي ٻولي، اسلوب ۽ رواني بهتر هوندي آهي. سراج پنهنجي ناولن ۾ سنڌ جي اوائلي تاريخ کي اجاگر ڪيو آهي هن جي ناول ۾ جذبات نگاري جو عنصر غالب آهي. هو پڙهندڙ جي جذبات کي اڀاري ٿو. هوائين محسوس ٿا ڪن ته سندن ئي جذبن جي عڪاسي ٿي رهي آهي“. سراج صحافت ميدان ۾ جدت آڻيندي هر سياسي، سماجي عوامي اهم مسئلي کي پنهنجي قلم جو موضوع بڻائي وائکو ڪيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي هلال پاڪستان اخبار عبدالشڪور منشيءَ کان خريد ڪرڻ کانپوءِ سراج کي ان جو ايڊيٽر مقرر ڪيو. جتي هن صحافت ۾ نوان لاڙا آندا. هو جديد سنڌي صحافت جو بانيڪار رهو سندس جاڳو اخبار ۾ ”سياسي منظر نامو“ جي سري هيٺ لکيل ڪالم پنهنجو مٽ پاڻ آهن. سراج ڪهاڻي کيتر ۾ به پاڻ ملهايو، ”اي درد هلي آءُ“ ۽ ”اٺون ماڻهو“ سندس ڪهاڻين جا ڳٽڪا آهن ۲۰۱۱ع ۾ سندس خدمتن جي مڃتا طور کيس ستاره امتياز اعزاز ڏنو ويو. سندس ڪتاب سنڌي ٻولي تازو سندس پٽ ڊاڪٽر امجد سراج انگريزي ۾ ترجمو ڪري بين الاقوامي سطح تي سندس تحقيق کي پهچائڻ جي راهه هموار ڪئي آهي. سندس اڻڇپيل ڪتابن ۾ ٻه انگريزي ڪتاب جيڪي سراج زندگيءُ جي آخري سالن ۾ لکيا هئا. ”آٽو بانيوگرافي آف ائن ان نون سنڌي“ ۽ ”هسٽري آف سنڌي لئنگويج“ کان علاوه سندس اخبارن ۾ لکيل ڪالم پڻ ڪتابي صورت ۾ پڌرانه ٿيا آهن. سندس وڇوڙي بعد سنڌي ادبي بورڊ اينٿالاجي ڇپائي آهي، جنهن کي نامياري محقق شاعر ليکڪ ۽ اديب سائين تاج جويو وڏي محنت سان ”سراج: سنڌ جو ديومالائي ڪردار“ جي عنوان هيٺ ترتيب ڏني آهي ان ۾ واقعي به مون لاءِ انڪشاف هو ته سراج هڪ سٺو شاعر به هو. تاج جويي صاحب پنهنجي مقالي ۾ سراج جو هڪ نظم ڪراچي ڏنو آهي جيڪو نه صرف هڪ شاهڪار نظم آهي. پر ڪيترا ئي سال اڳ سراج ڪراچي جي تاريخي حالتن جي جيڪا تصوير ڪشي ڪئي آهي، اڄ جي حالتن جي به ڀرپور عڪاسي ڪري پئي. اي ڪراچي، جانِ سنڌ، روح وطن. اڳ به تون سوداگرن جو شهر هئين. اڄ به تون سوداگرن جو آن وطن. پر ٻنهي سوداگرن ۾ فرق آهه ! اڳ جا سوداگر ڪندا صرف هڪ سوداگري. سر ڏئي پنهنجي وطن کي غيرکان ڳنهنذا ها. اڄ جا سوداگر ته پيا نيلام ڪن پنهنجو وطن. ڪڻڪ جي مٺ تي وڪامي ٿو بهشت ! اي ڪراچي، جانِ سنڌ، روح وطن. تنهنجو ئي ماحول ڏس ڪيڏو آهي! اجنبي! تنهنجو ساگر ڪيترو مايوس آهه! هر گهٽيءَ ۾ لٽجي پيو آد ميت جو سهاڳ. سون چانديءَ جي سجايل جانڊهن ۾ اندران ئي اندران ڏس زندگي پسجي پئي آبرو لٽجي پئي. امن و آزاديءَ سندي ظاهر ظهور! غير ڏس ڪيڏو نه آهي سر بلند ڪيترو مضبوط آهي سامراج! ڊرامانگار طور سندس سنگيت ناٽڪ ”تنهنجي تند تنوار“ ۽ هڪ ترجمو ڪيل ”اڪبر جي حياتي وارو هڪ ڏينهن“ شامل آهن. سراج جي ناولن تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول، تنهنجي دنيا هيڪل ويا ڪل، منهنجي دنيا مرگهه ترشنا ۽ ڪهاڻين جي ڳٽڪي اي درد هلي آءُ جي نالن مان ظاهر ٿئي ٿوته سراج سنڌ جي ناليواري شاعر نياز همايوني جي شاعري کان متاثر هو سنڌ جو هي سرموڙ اديب ۲ فيبروري ۲۰۱۳ع تي اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو سندس شاندار علمي ادبي خدمتن جي ڪري پاڻ هميشه عزت ۽ احترام سان ياد ڪيو ويندو ٻي ورسي جي موقعي تي سندس گرانقندر شخصيت کي لطيف سرڪار جي هنن سٽن سان ياد ڪيون ٿا: اڄ نه اوطاقن ۾ سندي جوڳين ذات ساري سنياسين کي، رنم ساري رات مون تنين جي تات، سي لاهوتي لڏي ويا. سنڌ جو سراج ڊاڪٽر فهميده حسين سنڌ جي ناليواري دانشور، اديب، صحافي ۽ وڪيل سراج الحق ميمڻ جي ڪالهه ۲ فيبروري تي ۳ ورسيءَ هُئي. اسان کان جڏهن اسان جو ڪو پيارو، دل گهريو دوست، عزيز يا مائٽ وڇڙندو آهي ته ائين لڳندو آهي ڄڻ ته دل ڌڙڪڻ ڇڏي ڏيندي، ذهن ڪم ڪرڻ وساري ويهندو ۽ لڱ بي ست ۽ بيجان بڻجي ويندا، پر وقت وڏو مرهم آهي، جيڪو دل دماغ ۽ بدن کي مليل گهاون کي ڀريِ ڇڏيندو آهي، خاص ڪري ان وقت جڏهن ان شخص جي ياد ۾ ڏکوئجڻ ۽ روئڻ بدران ان کي ملهائجي ۽ ماڻجي، سو ادا سراج جي پهرين ورسيءَ تي اسان وچن ڪيو هو ته اسين سندس يادن کي ملهائينداسين ۽ سندس سنڌ سان الستي عشق کي ڳائينداسين ۽ ان جو مانُ وڌائينداسين. سنڌ هن جي محبوبه هئي، سندس دل پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ ڌڙڪندي هئي، ان جو هر ڏک ۽ درد هن کي روئاڙي وجهندو هو، هُن پنهنجي هن ڪنوار ڌرتيءَ جي سلطانيءَ سهاڳ جا سپنا سرجيا هئا ۽ انهن جي ساڀيان جي لاءِ ڏينهن رات پاڻ پتوڙيو هو، پنهنجي قلم جي پورهيي سان ان کي سينگاريو ۽ سنواريو هو. هو پنهنجي سپنن جي ساڀيان جو انتظار ڪندي ڪندي ابدي ننڊ ڪرڻ لاءِ ڌرتيءَ جي هنج ۾ وڃي ستو آهي پر ويندي ويندي هو اسان کان پنهنجن پونيرن کان سنڌ سان نينهن نڀائڻ جو وچن وٺي ويو ۽ پنهنجي لاءِ روئڻ کان منع ڪري سنڌ جي سُورن تي ڏکوئجي انهن کي دور ڪرڻ جو درس ڏئي ويو هو. ان ڪري جڏهن سندس پهرين ورسي آئي هئي ته سندس پٽن ان کي ورسي نه پر celebration ڪري ملهائڻ جو رواج وڌو ۽ سندس ياد ۾ اسان سڀني گڏجي سراج انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽيڊيز قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، ۽ سنڌ سان لاڳاپيل سندس دلپسند موضوعن تي تحقيق ڪرڻ ۽ ڪرائڻ جو وچن ڪيو. انهيءَ وچن تي سندس ٻي ورسيءَ تي پورو لهندي اهو انسٽيٽيوٽ قائم ڪيو ويو، جنهن جي طرفان پهرئين مرحلي تي سندس ٽي ڪتاب پڌرا ڪيا ويا، جن مان ٻه سنڌيءَ ۾ ۽ هڪ انگريزيءَ ۾ آهي. پهريون ڪتاب ”ڏاهپ ۽ ڏات جي لاٽ“ آهي جنهن ۾ سنڌ جي اهڙن ڏات ڌڻين جي ذات جي باري ۾ سندس لکيل ڪالم آهن. جن جي ڏات سنڌ ۾ ساڃهه ۽ ڏاهپ جي لاٽ سان سوجهرو ڪيو ۽ دنيا کي ڏيکاريو ته سنڌين وٽ پنهنجي علم ۽ دانش جا ڪهڙا ڪهڙا گوهر موجود رهيا آهن. ادا سراج جو ٻيو ڪتاب جيڪو ان موقعي تي پڌرو ڪيو ويو، سو هو سندس ڪالمن جو مجموعو. اسي ۽ نوي جي ڏهاڪي ۾ لکيل سندس اهي ڪالم ”سياسي منظر نامو“ جي عنوان سان باقاعدي ڇپيا هئا، جن ۾ سموري دنيا جي سياسي تناظر ۾ سنڌ جو منظر نامو پڙهي ائين ٿو لڳي ته وقت کي گذرڻ وسري ويو آهي، ورهين جا ورهيه لنگهي وڃڻ کانپوءِ به اهو اتي ئي بيٺو آهي ۽ سنڌ جو منظر نامو صفا ساڳيو آهي. اهو اڄ جي سياسيات جي شاگردن لاءِ اهم مطالعو پيش ڪري ٿو، جنهن سان هو سنڌ، پاڪستان ۽ سموري دنيا ۾ هلندڙ سياسي شعبن کي سمجهي سگهن ٿا. سراج جو ٽيون ڪتاب سندس دماغ ۽ دل جي بنهه ويجهي موضوع بابت آهي، جيڪو آهي ”سنڌي ٻولي“، سن ۱۹۶۴ ۾ ڇپيل سندس ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ جيڪا بيٺل تلاءَ ۾ اڇلايل پٿر واري ڪيفيت پيدا ڪئي هئي، ان کي اڃا وڌيڪ دليلن جي ضرورت هئي، جيڪي هن گڏ ڪري رکيا هئا، پر زندگيءَ هن کي مهلت نه ڏني ۽ هو اهي ڇپائي نه سگهيو. گهڻي وقت کان هن محسوس ڪري ورتو هو ته اهو موضوع اهڙو هو جنهن تي عالمي سطح تي تحقيق هلندڙ آهي، ان ۾ سنڌ جو نڪته نظر اڻلڀ آهي، تنهن ڪري ضروري آهي ته اسان جو مؤقف انگريزيءَ ۾ پيش ٿيڻ گهرجي. اهو ئي سبب هو جو هن پنهنجو اهو ڪتاب پنهنجي پٽ ڊاڪٽر امجد سراج کان انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪرائي ڇپرايو، ان کانپوءِ ان بابت ڪيل وڌيڪ تحقيق پڻ انگريزيءَ ۾ لکي ۽ سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ بابت تاريخ جي نالي ۾ ڪيل ڪتاب جو نالو ئي رکيائين: Story of Sindh (Hi) and Sindhi Language اهو ڪتاب پڻ سندس ٻي ورسيءَ تي پڌرو ٿيو، سراج جي دل کي ويجهو هڪ اهم موضوع ”شاهه لطيف“ به هو. پاڻ شاهه تي جديد انداز ۾ ڪيترا تنقيدي مضمون به لکيائين، سندس انهيءَ پهلوءَ کي سامهون رکي سراج انسٽيٽيوٽ طرفان ٽماهي ليڪچر سيريز شروع ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ شاهه جا پارکو شاهه شناسيءَ جي عنوان هيٺ نت نون پهلوئن کي اجاگر ڪندا آهن، هن وقت تائين ٽي ليڪچر ٿي چڪا آهن، جيڪي محترم جامي چانڊيي، تاج جويي ۽ منهنجي طرفان ڏنا ويا. گهٽ ۾ گهٽ ڏهه اهڙا ليڪچر مڪمل ٿيڻ کانپوءِ انهن کي پڻ سهيڙي شايع ڪيو ويندو. هن سال ادا سراج جي ٽين ورسيءَ جو پروگرام رٿڻ ويٺاسين ته سراج انسٽيٽيوٽ جي بورڊ جي هڪ ساٿي محترم مظهر جميل ڏاڍي دلچسپ ڳالهه ڪئي، چيائين ته سراج صاحب مدي خارج روايتن جي خلاف هو، ان ڪري سندس ورسيءَ جو پروگرام به ايصال ثواب کان اڳتي ۽ غير روايتي هئڻ گهرجي. ايصال ثواب خالص ذاتي معاملو آهي، اهو سندس گهر ڀاتين تي ڇڏيو ته جيئن کپين تيئن ڪن پر هڪ اديب ۽ دانشور جي حيثيت ۾ سندس ورسي ڪجهه نئين انداز ۾ ملهائڻ گهرجي“ – سوهن دفعي آچر ۷ فيبروريءَ تي ادا جي ورسي ڪجهه نئين انداز سان ملهائڻ جو پروگرام رٿيو ويو آهي، ڪتابن جي پڌرائيءَ جي حوالي سان ٽن نون ڪتابن جو مهورت ڪرايو ويندو. سراج سنڌي ٻوليءَ جو بهترين نثر نگار هو پر اها ڳالهه تمام گهٽ ماڻهن کي معلوم هوندي ته سراج هڪ سٺو شاعر به هو. هن ٽيِن ورسيءَ جي موقعي تي سندس هڪ ڪتاب شاعريءَ ۽ منظوم ڊرامن تي مشتمل ڇاپيو ويو آهي، جنهن ۾ سندس مشهور نظم ”ڪراچي“ به آهي، جيڪو ۱۹۵۷ جو لکيل آهي، جنهن ۾ ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جو نوحو آهي، جيڪو پڙهي ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ اهو اڄ ۲۰۱۶ ۾ لکيو ويو آهي، هن ڪتاب جو نالو آهي ”تنهنجي تند تنوار“. ٻيو ڪتاب سراج جي جڳ مشهور ناول ”پڙاڏو سوئي سڏ“ جو انگريزي ترجمو Echo is the call نالي آهي، جيڪو ڊاڪٽر امجد سراج ڪيو آهي، جنهن نوجوانن ۾ سنڌ جي تارخ جو رومانس اجاگر ڪيو هو، هاڻي ان جو ساءُ سنڌ کان ٻاهر به ضرور محسوس ڪيو ويندو. هن موقعي تي پڌرو ٿيندڙ ٽيون ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جو اصل نسل“ اهو مضمونن ۽ مقالن جي سهيڙ آهي، جيڪي سراج جي سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ قائم ڪيل نظريي جي پَس منظر ۽ پيش منظر ۾ لکيا ويا. سراج جو اهو نظريو هو ته سنڌي ٻولي سنڌ جي اصلوڪي بنيادي ۽ بڻائتي ٻولي آهي نه اها ڪٿان ٻاهران آئي، نه ئي اها ڪنهن ٻي ٻوليءَ مان نڪتي آهي، مختلف دورن ۾ ساڻس رابطي ۾ ايندڙ ٻولين مٿس اثر ضرور ڪيو آهي، پر پنهنجي بنيادي ساخت ۾ اها اڄ به نج پج ساڳي آهي، هنن مضمونن کي پڙهڻ کانپوءِ بهتر انداز ۾ سمجهه ۾ اچي ٿو: هن ڪتاب ۾ پنجاهه جي ڏهاڪي کان ۲۱ صديءَ تائين ڇپجندڙ ڪيترائي بحث مباحثا ۽ اختلافي رايا شامل آهن، جيڪي سنڌي ٻوليءَ ۽ لسانيات جي شاگردن کي يقيناً متاثر ڪندا. اهڙي نموني سنڌ جي سراج، سراج الحق ميمڻ کي غير روايتي انداز ۾ ڀيٽا ڏئي سندس ورسي ملهائيندي اڄ اسين فخر مند آهيون ته اسان کان جسماني طور وڇڙي ويل اسان جو موڀي ڀاءُ، ڪيئن نه اسان جي دلين ۾ يادن ۾، ڪتابن جي ورقن ۾ ۽ اهڙين گڏجاڻين ۾ زندهه آهي ۽ رهندو. اڄ سندس پٽ پوٽا ۽ پوٽيون سندس نقش قدم تي هلي سنڌي ادب، ٻوليءَ ۽ سماج جي دامن کي وسيع ڪندي انهن جي ترقيءَ ۾ اڳڀرا آهن. جهوريان جهونا ڪوڙ الو ميان، ڪوٽ سوين ڪيرايان، ڌرتي منهنجو ديس مگر، مان سنڌڙي جندڙيءَ لايان. سراج سنڌوءَ جي ساڃاهه علي نواز آريسر سراج، سنڌي ٻوليءَ جو اُهو سگهارو قلمڪار آهي، جنهن سنڌي ٻوليءَ سان انتها جي حد تائين عشق ڪيو، هن سنڌي ادب ۾ جيڪي نوان لاڙا آندا، سي تاريخ جو هڪ مثال بڻجي ويا، ڇاڪاڻ ته هن سڄي زندگي اُهو ادب تخليق ڪيو، جنهن جي سنڌ کي ضرورت هُئي. هن سنڌي ٻوليءَ بابت نج سنڌيت جي جذبي هيٺ جڏهن پنهنجو منفرد نظريو قائم ڪيو، اُن وقت سندس منهن تي مُڇن جي ساول به نه آئي هُئي، هو ان وقت جيتوڻيڪ ٻوليءَ جي وصفن ۽ گهراين کان به ايترو واقف نه هوندو، پر سندس اندر ۾ ويٺل سنڌ جي عشق، نه رُڳو کيس ٻوليءَ جي سڀني وصفن کان آگاهه ڪيو، پر هن ان وقت بيٺل پاڻيءَ ۾ ڄڻ ته پٿر اُڇلايو هو. اُن جو پسمنظر هي آهي ته: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۱۹۵۹ع ڌاري ٽه ماهي مهراڻ ۾ ’سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ‘ جي عنوان سان هڪ مضمون لکي، سنڌي ٻوليءَ بابت پنهنجي راءِ قائم ڪئي، ته ’سنڌي ٻولي، سامي صفت زبانن مان هڪ آهي.‘ اُن وقت سراج جي ذهن ۾ مانڌاڻ مچي پيو، هن انهيءَ مانڌاڻ جو ذڪر جڏهن سنڌي ٻوليءَ جي عالم محمد ابراهيم جويي سان ڪيو ته جويي صاحب کيس چيو: ”جواب ڇو نه ٿو لکين؟“. سراج اُن وقت هڪو ٻڪو ٿي ويو هو ته ڪٿي ڊاڪٽر بلوچ جهڙو جيد عالم ۽ ڪٿي سراج جهڙو شاگرد ۽ الهڙ جوان! وقت پنهنجي رفتار سان گذرندو رهيو، سراج جي دل ۾ ٻوليءَ جو درد قرض بڻجي دُکندو رهيو ۽ ذهن ۾ سنڌ جي عشق جا اُلا ڀڀڙ بڻجي ڀڙڪندا رهيا. سنڌي ٻوليءَ جا عاشق- محمد ابراهيم جويو، شيخ اياز، مولانا غلام محمد گرامي، شمشيرالحيدري، غلام رباني آگرو ۽ نياز همايوني کانئس بار بار پُڇندا رهيا ته جواب جو ڇا ڪيئي؟ اهڙيءَ ريت هُو پنهنجي دل ۽ ذهن جي انهيءَ آڙاهه کي جهڪو ڪرڻ خاطر سياري جي سرد راتين ۾ نڪري پيو موهن جي دڙي جي کنڊرن کي ڦلهورڻ. اُهو موهن جو دڙو، جيڪو پنهنجي اندر ۾ ڪيتريون تاريخي ڪٿائون دفن ڪري ويٺو هو، اُهو موهن جو دڙو، جيڪو سنڌ جي آڳاٽي تاريخ جو اهم ۽ انوکو مثال هو. انهيءَ موهن جي دڙي جي کنڊرن ۾ راتين جون ننڊون ڦٽائي، سراج سنڌي ٻوليءَ جي آڳاٽي تاريخ جو تت ڳولي ڪڍيو. مسلسل جفاڪشي ۽ جاکوڙ کانپوءِ، هن ۱۹۶۱ع ۾ هڪ طويل مضمون لکيو. جنهن جي جواب ۾ وري ڊاڪٽر صاحب هڪ مضمون لکيو ۽ پوءِ ۱۹۶۴ع ۾ سراج ’سنڌي ٻولي‘ نالي هڪ ڪتاب لکي، سنڌي ادب جي جهول ۾ وڌو. جيتوڻيڪ اُن وقت هن ڪتاب تي مختلف اديبن پاران سخت تنقيدون ٿيون، بحث مباحثا ٿيا، ڪتاب ۾ قائم نظريي کي غلط ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر چوندا آهن ته ڪڏهن ڪڏهن تاريخ پنهنجو پاڻ کي ورجائيندي آهي ۽ اُهو ورجاءُ اهو آهي جو اڄ سنڌي ٻوليءَ جا سمورا محافظ ’سراج جي نظريي‘ آڏو مٿو ٽيڪي بيٺل نظر اچي رهيا آهن. خود ڊاڪٽر بلوچ هڪ پروگرام ۾ سراج جي پُٺي ٺپري چيو هو ته: ’نوجوان! اڄ آءٌ به تنهنجي راءِ سان متفق آهيان.‘ سراج جيتوڻيڪ اُن وقت ڪو ايڏو وڏو محقق نقاد نه هو، پر هُو سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو عاشق هو، جنهن سنڌ سان سسئيءَ جهڙو عشق ڪيو هو ۽ سسئيءَ جيان جهنگ جبل جهاڳڻ شروع ڪيا هئا. سراج رُڳو محقق هجي ها ته ڪنهن پراڻي طئه ٿيل نظريي تي بيهي رهي ها، پر هُو ته تخليقڪار هو ۽ تخليقڪار ئي انتها جي حد تائين عشق ڪري سگهي ٿو. سراج عاشق نه هجي ها ته ٻاروتڻ ۾ پڙهيل الف- ب واري پٽي، سندس ذهن تي اُڪريل نه هجي ها! – ۽ ها، اُهو ٻوليءَ جو عشق، کيس پنهنجي والد صاحب محمد يعقوب ’نياز‘ کان وِرثي ۾ مليو هو. سراج، ٻيو جيڪو وڏو ڪم ڪيو، اُهو ڪم هو ’سنڌ جي تاريخي پسمنظر ۾ ناول لکڻ،‘ سراج جو پهريون ناول ‘پڙاڏو سوئي سڏ’ تاريخي پسمنظر ۾ لکيل سنڌيءَ جو پهريون اهم ناول آهي، جنهن جا هن وقت تائين ڏهن کان وڌيڪ ڇاپا پڌرا ٿي چُڪا آهن ۽ هيءَ ناول، سنڌي ادب جي شاگردن کي ايم. اي ۾ سبجيڪٽ طور پڙهايو ويندو آهي. هن ناول جي ٻولي، جيتوڻيڪ سادي آهي، پر ناول ۾ جيڪو انقلابي نُڪتو کنيو ويو آهي، تنهن سنڌ جي قومي هلچل ۾ چڱو خاصو اُڀار آندو. هي ناول ترخانن جي سنڌ سان ڪيل ڏاڍاين خلاف آهي. سراج صاحب جي مٿين راءِ اهو ثابت ڪري ٿي ته سنڌي ماڻهو ويڙهه جو عمل ۽ منظم جدوجهد هن دور ۾ سکيا. سراج هن ناول ۾ ’جيئي سنڌ‘ جو نعرو به متعارف ڪرايو آهي، جنهن سنڌ جي قومي هلچل ۾ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي. اهڙيءَ طرح سراج هن ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو به لکيو، جيڪو ’مرڻ مون سين آءُ‘ جي نالي سان گهڻو پوءِ ڇپيو. اهڙيءَ طرح سراج وقت جي نبض تي هٿ رکي ادب تخليق ڪندو رهيو ۽ ان سلسلي تحت هن سنڌي ناولن ۾ ’ٽريالاجي‘ به متعارف ڪرائي، هن ٽريالاجيءَ ۾ سندس ٽي ناول: ’منهنجي دنيا هيڪل وياڪل‘، ’تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول‘ ۽ ’منهنجي دنيا مِرگهه ترشنا‘، شامل ڪيا، جيڪي ٽريالاجيءَ طور ’پياسي ڌرتي رمندا بادل‘ نالي سان ڇپيا. هن کان اڳ ڪنهن سنڌي مصنف سنڌي ناول جي ٽريالاجي نه لکي هُئي. مجموعي طور سراج هر دور ۾ متحرڪ قلمڪار رهيو آهي. هن ڪهاڻيون به لکيون ته شاعري به ڪئي. منظوم ناٽڪ به لکيا ته لاتعداد ڪالم به لکيا. هو جڏهن هلال پاڪستان اخبار جو ايڊيٽر هو، تڏهن’ملان جي ڊوڙ‘، ’سياسي منظر نامو‘ ۽ ‘رتيءَ جي رهاڻ‘سِري هيٺ لاتعداد مضمون ۽ تجزيا لکيائين، سندس اهي ڪالم اڄ به پڙهجن ٿا ته ايئن پيو محسوس ٿئي، ڄڻ اڄ جي حالتن تي لکيا ويا آهن، ڇاڪاڻ ته سنڌ جون حالتون اڃا تائين ساڳئي پسمنظر ۾ ساهه کڻي رهيون آهن. سراج جي ٻين ڪتابن ۾: ’سج ڏکڻ مان ٿو اُڀري‘ (ڪرشنچندر جي ناول جو ترجمو:۱۹۵۳ع)، ’سنڌ جي اقتصادي تاريخ‘ (ايس. پي ڇٻلاڻيءَ جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۵۸ع)، ’چونڊ آمريڪي افسانا‘ (ترجمو:۱۹۵۸ع)، ’اي درد هلي آءُ‘ (ڪهاڻيون:۱۹۶۲ع)، ’اٺون ماڻهو (ڪهاڻيون‘:۱۹۸۵ع)، ’سياسي منظر نامو‘ (۲۰۱۵ع) ’ڏات ۽ ڏاهپ جي لاٽ‘ (۲۰۱۵ع) شامل آهن. منهنجي سراج صاحب سان صرف هڪ ملاقات ٿي هُئي، اُن وقت آءٌ عمر ۾ ڪافي ننڍو هئس، هڪ ڀيري آريسر صاحب [عبدالواحد آريسر] سان گڏجي ڪراچيءَ ويو هئس ۽ پوءِ اسان شمشيرالحيدريءَ سان گڏجي، سراج صاحب سان مليا هُئاسين. نهايت ئي سنجيده انسان، ضرورت وقت ڳالهائي رهيو هو، نه ته مسلسل خاموش، پر هن جيڪو به ڳالهايو پئي، ان ۾ سنڌ جو ذڪر هو، سنڌ جي شعور جي ٽمورتيءَ سان گڏ ويٺي مون پنهنجي پاڻ کي خوش نصيب ڀانئيو هو ۽ اُن رات ڪيتري دير تائين ٽنهي جي ڪچهريءَ مان مون علم جا ڪيئي ڪڻا ميڙيا هئا، جيڪي اڄ تائين منهنجي ذهن ۾ سانڍيل آهي. سراج سان منهنجي شناسائي هونئن ته گهڻي پراڻي هئي، ڇاڪاڻ ته مون جيڪو پهريون ناول پڙهيو هو، اُهو سراج جو ناول ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ هو جيڪو اُن وقت ته منهنجي سمجهه ۾ نه آيو هو، پر اڳتي هلي انهيءَ ناول منهنجي ايتري ته رهنمائي ڪئي، جو آءٌ به ’ساڳئي پنڌ جو پانڌيئڙو‘ بڻيو هئس. اهڙيءَ طرح انهي شُناسائيءَ کي عملي صورت اُن رات ملي هئي، جڏهن آءٌ هن جي سامهون خاموش ويٺو کيس ڏسندو رهيو هئس. هماليه جهڙي هن اڏول انسان جي ذهن ۾ ان وقت به سنڌ جي سوچ هُئي. سراج، بابت هڪڙي ٻي اهم ڳالهه آءٌ رڪارڊ تي آڻڻ چاهيان ٿو، جيڪا هن وقت تائين سامهون اچي نه سگهي آهي ۽ اُها ڳالهه مون کي آريسر صاحب، ۲۲ اپريل ۲۰۱۵ع تي راجپوتانا اسپتال جي ڪمري نمبر ۱۲۲ ۾ ٻڌائي هُئي ته: جڏهن بينظير صاحبه پاڪستان ۾ اپوزيشن اڳواڻ هئي، اُن وقت هن ڏکڻ ايشيا جي اپوزيشن اڳواڻن جي ميٽنگ ڪوٺائي هئي، جنهن ميٽنگ ۾ شيخ حسينه واجد کان مختلف صحافي انٽرويو وٺڻ آيا هئا ته حسينه واجد انهن کي وراڻيو هو ته: آءٌ انٽرويو صرف بنگالي ٻوليءَ ۾ ڏيڻ پسند ڪنديس، ظاهر ڳالهه آهي ته هِتان جي صحافين کي بنگالي ٻولي ڪانه ٿي آئي، اُن وقت سراج ميمڻ، حسينه واجد سان مليو ۽ پنهنجو تعارف ڪرائيندي چيائين ته آءٌ توهان جي بابا جو دوست آهيان ۽ ڊاڪا مان به ٿي آيو آهيان، تڏهن هن وراڻيو ته: ’ها، مون اوهان جو ذڪر بابا جي ڊائريءَ ۾ پڙهيو آهي- ۽ پوءِ هن سراج صاحب کي انٽرويو ڏيڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي. اُن وقت پاڪستان ۾ بينظير، بنگلاديش ۾ شيخ حسينه واجد ۽ نيپال ۾ ڪُماري ٽنگا اپوزيشن جون عورت اڳواڻ هُيون. ان مان واضح ٿئي ٿو هو ڪيڏو وڏو ماڻهو هو ۽ ڪيڏو ڪميٽيڊ ۽ واسطا ڳنڍيندڙ انسان هو. سراج صاحب تي وقت جي نقادن ڪيتريون ئي تنقيدون ڪيون، پر هن ڪڏهن مُڙي به انهن کي جواب نه ڏنو ۽ نه هن ڪڏهن ان جي ضرورت محسوس ڪئي، ڇاڪاڻ ته هن ڄاتو ٿي ته تنقيدن جي ور چڙهي پنهنجو وقت وڃائڻ کان بهتر آهي ته عملي ڪم ڪجي ۽ هو سڄي زندگي ڪم ڪندو رهيو. اڄ تاريخ سندس انهن مخالفن جي منهن تي سراج جي تخليقن جي اهڙي ته مُهر هڻي ڇڏي آهي، جو وٽن سندس ادبي تخليقن جي ’اعترافي قبوليت‘ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو بچيو ئي ناهي. سراج، جيڪو سنڌوءَ جي ساڃاهه هو، سو سنڌ کان ۲ فيبروري ۲۰۱۳ع تي جدا ٿي ويو، پر سندس ڏنل نظريو سنڌ ۾ اڄ به شعور جي چڻنگ کي روشن رکيو اچي. سراج پڙاڏو سو ئي سڏ جو خلقيندڙ رکيل مورائي سنڌ جي تاريخ کي، سنڌين جي ڌارين هٿان ٿيل قتلن کي، ۽ مسلسل سنڌ جي آجپي لاءِ وڙهندڙ سنڌي سورمن کي، پنهنجي سنڌي تاريخ تي لکيل پهرئين ڪتاب ”پڙاڏو سوئي سڏ ۾“، فڪشنائيز ڪندڙ سنڌ جي محب وطن، سنڌ جي حقن لاءِ الڳ محاذن تان پنهنجو آواز سنڌي توڻي انگريزيءَ ۾ اٿاريندڙ، سراج الحق ميمڻ، ۽ ادبي دنيا ۾ فقط ” سراج“ لکندڙ اديب، ڪهاڻيڪار، ناول نويس، سنڌي ٻوليءَ کي پهريون ڀيرو سنسڪرت کان به قديم ٻولي سمجهندڙ ۽ ”سنڌي ٻولي“ جهڙو جديد ڪتاب لکندڙ سراج اوڻاسي روهين جي ڄمار ۾ پنهنجو سڀ ڪجهه سنڌ جي حوالي ڪري پاڻ مٽيءَ ماءُ جي هنج ۾ وڃي آرامي ٿيو، ۽ اهو آرام، اهڙو آهي، جيڪو هر ان شيءَ لاءِ ضروري طئه ڪيل آهي، جيڪا ساهه کڻي ٿي. ائين سراج صاحب به سنڌ جي راڄڌان ڪراچيءَ ۾ پنهنجو آخري ساهه کنيو، جو سندس دل شايد ساڻس ان ڪري بيوفائي ڪري وئي، جو هن اها دل ڪنهن آفاقي قوت جي بجاءِ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن. سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ادب سان لڳائي هئي. دلين جون ادائون به عجيب آهن. شايد سراج صاحب جي دل اهو قبول نه ڪيو هوندو، ۽ سندس ساٿ ڇڏي ڏنو. عملي طور سراج صاحب، سنڌي ادبي بورڊ جي پهرئين نوڪريءَ کان شروعات ڪئي جنهن کان پوءِ سي ايس ايس آفيسر ٿيو. جڏهن اها نوڪري کائنس کسي وئي ته ڀٽي صاحب کيس هلال پاڪستان جو ايڊيٽر ڪيو. جيڪو وري سندس زندگيءَ جو الڳ باب آهي ۽ ڀٽي صاحب جي حڪومت ختم ٿيڻ کان پوءِ سراج صاحب هڪ اعليٰ قانوندان طور ملڪ ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪيو. ادب، صحافت ۽ وڪالت، هن جي زندگيءَ جا ٽي الڳ الڳ پهلو آهن، جن مان هر هڪ پهلوءَ تي ڪتاب لکي سگهجن ٿا ۽ لکيا به ويندا، هلال پاڪستان اخبار سندس ذڪر کان سواءِ اڻ پوري رهندي، ائين ڪيئي ادارا سندس ذڪر کان سواءِ اڻ پورا رهندا، ۽ اڄ کان پوءِ شايد ميڊم فهميده حسين، ڊاڪٽر امجد سراج، ارشد سراج ۽ نويد سراج به دلي طور اڻپورا آهن، ڇو ته منجهن هاڻ سراج صاحب موجود نه رهيو آهي، ٻيءَ طرح سنڌي ادب پڻ سندس کوٽ محسوس ڪندو، جيتوڻيڪ هو پوئين عمر ۾ سنڌيءَ ۾ ڪجهه لکي نه سگهيو هئو،پر سنڌ جي مسئلن بابت گهڻي عرصي کان هو انگريزي ۾ لکندو رهندو هئو، سرونٽ آف سنڌ سوسائٽي پاران نڪرندڙ انگريزي ڪواٽرلي مئگزين ۾ سندس اهي لکڻيون پڙهي سگهجن ٿيون، نه رڳو پڙهي سگهجن ٿيون پر انهن کي گڏ ڪري ڪتاب جي صورت ۾ به آڻڻ کپي. سراج صاحب انگريزيءَ توڻي سنڌيءَ ۾ ڪجهه به لکڻ کان سواءِ پاڻ کي اڻپورو محسوس ڪندو هئو، ڇاڪاڻ ته سنڌ به اڃا اڻ پوري آهي جنهن کي پورو ٿيڻو آهي. سراج صاحب ۲۴ آڪٽوبر ۱۹۳۳ع تي هڪ تعليمي ماهر محمد يعقوب ميمڻ جي گهر ۾ ٽنڊي ڄام ۾ جنم ورتو ۽ ۲ فيبروري ۲۰۱۳ع تي سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻوڪيو. هن تخليقي طور پڙاڏو سوئي سڏ – ناول، مرڻ مون سين آءُ – ناول، سنڌي ٻولي – تحقيق سنڌي ۽ انگريزي ءَ ۾ ”اي درد هلي آءُ“ ڪهاڻيون، اٺون ماڻهو – ڪهاڻيون، پياسي ڌرتي رمندا بادل – ناول ٽريالاجي لکيا، ترجمي ۾ ”چين جي هارين کي زمين ڪيئن ملي“ ”ڏکڻ مان ٿو سج اڀري“ ”سنڌ جي اقتصادي تاريخ“ ۽ چونڊ آمريڪي افسانا نالي ڪتاب هن سنڌي ٻولي کي ڏنا. ۽ ڄاڻايل ڪتابن کان سواءِ هن اڻ ڳڻيا مضمون، مقالا ۽ ليک سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ لکيا آهن. سراج سندس شخصيت ۽ سنڌ شناسي رکيل مورائي ڳالهه شايد ورجايل آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن پنهنجو ورجاءُ به لکڻ وقت ٿي ويندو آهي، سنڌي ٻوليءَ جي بيمثال لکندڙ سراج صاحب جي حوالي ۾ به شايد ائين ٿئي، ڪيئن به سراج صاحب اهڙو لکندڙ هئو. جنهن جي لکڻين جو اوسيئڙو پڙهندڙ ڪندو ئي هئو، ڊاڪٽر فهميده حسين صاحبه اهو سچ لکيو آهي. سراج صاحب جي هلال اخبار وارو دور اسان جي شعوري عمر واري دور کان اڳ جو آهي، پر جاڳو وارو دور اسان ڏٺو، ان کان اول مون کي برسات جا اهي جهازي سائيز جا پرچا ياد اچن ٿا. جن ۾ سراج صاحب جو ناول ”پياسي ڌرتي رمندا بادل“ قسطن ۾ ڇپبو هئو، سراج صاحب جي هڪ لا جواب تصوير ناول سان ڇپجي هئي، جڏهن ناول جي قسط پڙهي پوري ڪندا هئاسين ته ڪي پل من ۾ ماٺ واسو ڪري ويندي هئي، ڇا ته هن ناول جي ٻولي ۽ منظر نگاري هوندي هئي، تصور ڪبو هئو ته ڪراچي جهڙي شهر ۾ ويهي، اهڙي ٻهراڙي جي حسن سان ڀرپور ٻولي به لکي سگهجي ٿي ڇا؟ ان کان اڳ سراج صاحب جا ناول خاص طور ”پڙاڌو سو ئي سڏ“ ستر جي پڇاڙي ۽ اسيءَ جي شروعات ۾ پڙهيو. حيرت جي حد اها آهي ته ٽياسيءَ جي تحريڪ ۾ سنڌي ماڻهوءَ بلڪل ساڳيءَ طرح ويڙهه ڪئي جيئن سراج صاحب ”پڙادو سو ئي سڏ“ ۾ ڏيکاري آهي، منهنجو ايمان تازو ٿي ويو هئو ته اهم ڪتاب ماڻهن تي، پڙهندڙن تي پنهنجا اثر ائين ڇڏيندا آهن خير. عوامي آواز ۽ جاڳو ۾ ڇپيل سراج صاحب جو ڪالم ”رتيءَ جي رهاڻ“ هر هفتي انهيءَ اتساهه سان پڙهڻ جو موقعو مليو، ڪالمن جي اهائي لاجواب ٻولي، جيتوڻيڪ ٻاهر جو ماحول انهن جي ابتڙ هئو. انهن ڪالمن پڙهڻ وقت اسين ڪراچي جي ڪربلا ۾ هئاسين ۽ سراج صاحب جا ڪالم سچ ته فرات جي پاڻيءَ جيان اسان جي روح جي اڃ اجهائيندا هئا. گذريل صديءَ جي آخري ڏهاڪي جي قيد ۾ پيل سنڌ جو اهو ڪهڙو مسئلو هئو، جيڪو سراج صاحب جي ڪالمن ۾ نه هئو؟ پر سندس ڪالمن جي ٻولي وري به ناول جهڙي وڻندڙ، ڪهڙي به خشڪ موضوع تي ڪالم پڙهڻ لاءِ ملي پر پڙهجي ته ڪهاڻي يا ناول جي باب جون سڪون لهن. کانئس پوءِ آيل سنڌ جي اڪثر تخليقي غربت ۾ مبتلا ڪهاڻيڪارن وانگر هن پنهنجي ڪالم کي هٿرادو نالو ”ڪالم ڪهاڻي“ نه ڏنو، ان کي ڪالم ئي ڪوٺيو ۽ جڏهن هاڻ انهن ڪالمن جو چگو حصو هڪ ڪتابي شڪل ۾ آيو آهي. تڏهن به انهن کي ڪالمن جو سرو ئي ڏنل آهي، ڇاڪاڻ ته سراج صاحب جن به مسئلن تي پنهنجا ڪالم لکيا اهي ان ئي صنف جا گهرجائو هئا. پر ڇاڪاڻ ته هو تخليڪار هئو ان ڪري سندس ٻولي خشڪ هجڻ جي بجاءِ اها ئي تخليقي رهجي وئي آهي، جنهن سبب اڄ به جڏهن ٻيهر، ٽيهر سراج صاحب جا ڪالم پڙهجن ٿا، تڏهن جيتوڻيڪ ڪي موضوع گذريل وقت جا آهن پوءِ اهي تازا توانا ۽ تخليقي محسوس ٿين ٿا. صحافتي لکڻي ۾ تخليقي ٻوليءَ جو ميلاپ سراج صاحب جي ڪالمن کي الڳ سونهن ڏئي ٿو. اهڙو اندازو ڪتاب جي ڪالمن جا سرا پڙهي به ڪري سگهجي ٿو. هنن ڪالمن مان به اهو اندازو لڳائڻ ڪو گهڻو ڏکيو نه آهي ته سراج صاحب ڪجهه به لکڻ وقت پنهنجي تخليڪار واري حيثيت برقرار رکي آهي. سندس ٻولي، لفظن جي چونڊ، شاهه سائين جي شعرن يا شعرن جي ڪن اهم سٽن جو مناسب استعمال، مهاوريدار اظهار، سڀ گڏ جي هن جي هڪ بيمثال تخليقڪار هجڻ جي ساک ڀرين ٿا. سچ ته اهو آهي ته اسان جي نسل سراج صاحب جا ناول ئي پڙهيا، ان ڪري انهن جو اثر پوءِ سندس سڀني لکڻين پڙهڻ وقت ذهن ۾ رهندو آيو. هاڻ جڏهن هو نه رهيو آهي ۽ ڀيڻ فهميده حسين جي ڪوششن ۽ دوست تاج جوئي جي محنتن سان سندس سمورو ڪم سهيڙ جي رهيو آهي ۽ اهو گڏيل ڪتابن جي صورت ۾ اچي رهيو آهي ته نوجوان نسل آڏو سندس ڪيترائي پهلو ظاهر ٿي رهيا آهن، جيڪي اڳ ايترا چٽا نه هئا، هاڻ اسين ڏسي رهيا آهيون ته سراج صاحب ڪهاڻيڪار ، ناول نگار، ناٽڪ نگار، مضمون نگار، شاعر، ٻوليءَ جو ڄاڻو، شاهه جو پارکو، هڪ ئي وقت سنڌي توڻي انگريزي ۾ لکندڙ هئو. ايترن الڳ الڳ حوالن ۾ هڪ اهڙو لکندڙ جنهن جي هر لکڻي پنهنجو نجو تاثر کڻي پرهندڙ وٽ اچي، سنڌي ادب لاءِ ڀاڳ ۽ فخر جي علامت آهي ۽ سچ پچ سراج صاحب سنڌ، سنڌي ادب ۽ ٻولي لاءِ ڀاڳ ئي آهي ”آهي“ مان ان ڪري استعمال ڪريان ٿو جو اسان وٽ اهڙو ئي احساس آهي، ٻيءَ طرح هو پنهنجي ادب جي حوالي سان اسان ۾ اڄ به موجود آهي. ان ڪري کيس لاءِ ”هئو“ لفظ منهنجو قلم لکڻ کان قاصر رهجي وڃي ٿو. ممڪن آهي ته منهنجي دل ۽ دماغ پڻ ائين قبول ڪري ورتو هجي، جيتوڻيڪ هن سال فيبروريءَ ۾ سندس چوٿين ورسي هئي ۽ سندس هن ورسيءَ تي جيڪي ڪتاب شايع ڪرايا ويا آهن رتيءَ جي رهاڻ به انهن ۾ شامل آهي، جيڪو نالو به سندس ئي لکيل ڪالمن جو هئو، جنهن جو تفصيل مٿي اچي چڪو آهي ۽ وڌيڪ ڪتاب جي مرتب تاج جوئي صاحب جي نوٽ ۾ ڏنل آهي. سراج اسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز، پاران ڇپايل هيءُ ستون ڪتاب آهي، ائين سندس سمورو ڪيل پورهيو، جيڪو سمورو سنڌ شناسي بابت آهي ڪتابي صورت ۾ سهيڙجي رهيو آهي. ٻه سئو ستيتاليهن صفحن تي ٻڌل هيءُ بيحد سهڻي پني تي، پڪي جلد سان ڇپيل ڪتاب جو ملهه ساڍا ٽي سئو ريپا آهي. سراج انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز پاران اٺين نمبر ڇپيل ڪتاب جو نالو آهي شاهه لطيف جي آفاقيت جيئن پنهنجي نالي مان ظاهر آهي ته هيءُ ڪتاب شاهه سائين بابت آهي، جنهن کي لطيف شناسي ڪوٺجي ٿو. شاهه سائين جي بيتن جو جيڪو استعمال سراج صاحب جي نثر جي الڳ الڳ صنفن ۾ ڪيل آهي، ان مان ئي سندسن لطيف شناس هجڻ جو پتو پوي ٿو. پر شاهه سائين بابت سندس لکيل مقالا، مضمون ۽ ڪي ليک پڻ سندس هڪ عالم توڻي نقاد واري حيثيت کي اڀاري بيٺا آهن. شاهه سائينءَ بابت لکيل سراج صاحب جا ليک ظاهر آهي ته الڳ وقتن ۽ الڳ الڳ موضوعن تي لکيل آهن، جن مان شاهه سائين جي شاعريءَ جا ڪي نوان پهلو طاهر ٿيڻ لڳن ٿا. ”شاهه لطيف جي آفاقيت“ ڪتاب ۾ سراج صاحب جا نون مضمون، هڪ سرگها توءَ تي رچيل ناٽڪ، هڪ مو کي متارا- لوڪ ڪهاڻي ۽ هڪ ليک شاهه سائين جي بيتن جي انگريزي ترجمي تي آهي، جيڪي ترجما سراج صاحب جا ڪيل آهن، آخري مضمون تاج جوئي صاحب جو آهي، جيڪو هن ڪتاب جو سهيڙيندڙ پڻ آهي، مضمون جو عنوان آهي ” سراج ! شاهه جو شارح“ ائين هڪ بيمثال ڪتاب لطيف شناسيءَ بابت سنڌي ٻوليءَ کي ڏيڻ پڻ سراج صاحب جي سنڌي ٻولي ۽ شاهه سائينءَ سان اٿاهه محبت جي نشاني آهي. شاهه سائين جي فن ۽ فڪر بابت هن ڪتاب جا مضمون موجوده شاهه بابت لکجندڙ لڪير کان الڳ آهن. انهن مان شاهه سائينءَ جي شاعريءَ بابت وڌيڪ ڄاڻ پوي ٿي ۽ ڪجهه ڪجهه نئين ڄاڻ ملي ٿي ، ڇاڪاڻ ته سراج صاحب جي سوچڻ جو انداز نئون هئو. هن جي اظهار جو انداز نئون هئو، ان ڪري هو سنڌي ادب کي گهڻو ڪجهه نئون ڏئي ويو آهي. ”شاهه لطيف جي آفاقيت“ ڪتاب ۾ هڪ سئو نوي صفحا آهن پڪي جلد ۽ سهڻي پني تي ڇپيل لطيف شناسيءَ بابت هن اهم ڪتاب جو ملهه ٻه سئو ريپا آهي، ڪتاب لطيف شناسيءَ سان واسطو رکندڙن لاءِ بيحد اهم آهي. اداري جي نائين نمبر ڪتاب جو نالو آهي مون جاسِر جي سِٽ آهي. سراج صاحب جي هن اهم ڪتاب ۾ چئين موضوعن تي ليک ڏنل آهن، اهي موضوع آهن. ” ادب، شخصيات، تاريخ ۽ آرڪيالاجي“ چئين بابن ۾ ورهايل هن ڪتاب مان پڻ سراج صاحب جا الڳ الڳ پهلو ظاهر ٿين ٿا. هڪ ليکڪ طور ايترن گهڻن موضوعن تي ايترو سٺو لکڻ وارو سراج صاحب ئي سگهي ٿو. ظاهر آهي ته مٿين موضوعن تي گهڻو ئي لکيو ويو آهي، لکجي رهيو آهي ۽ لکبو رهيو پر سراج صاحب جي لکڻ جو ڏانءُ ۽ سوچڻ جو ڏانءُ الڳ آهي، يا چوڻ گهرجي ته هو لکندڙن جي عام ڀيڙ کان پري آهي، هن ڪتاب ۾ بابن جا عنوان هن طرح ڏنا ويا آهن. ۱ - مون جا سر جي سٽ ۲ - مون سي ڏٺا ماءِ ۳ - قديم سنڌ: دڙا ۽ کنڊر ۴ - ڪتابن جا مهاڳ هنن سڀني عنوانن کانپوءِ ڏنل آهن ٽي تبصرا، جيڪي سراج صاحب جي جڳ مشهور ناول ” پڙاڏو سوئي سڏ“ تي لکيل آهن، جن جا لکندڙ آهن. جمال ابڙو صاحب، مراد علي مرزا صاحب ۽ رسول بخش پليجو صاحب ، ائين هيءُ ڪتاب ڪيترن ئي موضوعن جي ترجماني ڪندڙ ڪتاب آهي ۽ ان مان الڳ الڳ پڙهندڙ لاڀ پرائي سگهندا. ساڳئي وقت سراج صاحب جو ڇڙوڇڙ ٿيل ڪم پڻ هڪ هنڌ محفوط ٿي رهيو آهي، سچ پچ هن ڪتاب جا ڪي اهم ليک انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ جهڙا آهن. خاص طور قديم سنڌ: دڙا ۽ کنڊر“ جي سري هيٺ آيل مضمون ته سڀ جا سڀ ترجمو ڪرڻ کپن، ممڪن آهي ته ادارو اهڙي سوچ رکندو هجي. ڪيئن به سراج صاحب جو ڪم گهڻ رخو آهي، جيڪو اڄ جي نسل آڏو ظاهر ٿي رهيو آهي، اسان جو فڪشن رائيٽر ڪيترن محاذن تي سنڌ لاءِ، سنڌي ٻوليءَ لاءِ ۽ سنڌي ادب لاءِ هڪ ئي وقت وڙهي رهيو هئو، اهو اسان جي نيئن نسل آڏو مثال هجڻ گهرجي ۽ پڪ سان سراج صاحب هڪ مثال آهي، جنهن کي کڻي اڄ جو نوجوان اڳتي سفر جاري رکندو. ” مون جا سرجي سٽ“ ڪتاب ، سنڌي ادب ۾ اهڙو واڌارو آهي، جيڪو وساري نه سگهبو، ٻه سئو ٽيونجاهه صفحن جو هيءُ ڪتاب به سانڍڻ جهڙو آهي، ان کان وڌيڪ پڙهي لاڀ پرائڻ جهڙو ڪتاب آهي. جنهن جو ملهه ٽي سئو پنجاهه رپيا آهي.مٿين ٽنهي ڪتابن پڙهڻ کان پوءِ سراج صاحب لاءِ هڪ مناسب لفظ ”سنڌ شناس“ لکڻ ئي ڪافي آهي. هنن ڪتابن کي سهيڙڻ ۽ ڇپرائڻ لاءِ پڪ سان اسان جي مانواري ڀيڻ ڊاڪٽر فهميده حسين ۽ جاکوڙي اديب اسان جو دوست تاج جويو گهڻي تعريف لهڻن. ساڳئي وقت مالي سهڪار لاءِ اسان جو سنڌ دوست، علم دوست ۽ ادب دوست سائين حميد آخوند به اوتري ئي تعريف لهڻي پر ڇا ڪجي اسان گلا ۽ غيبت تي هريل سنڌي ڪنهن سٺي ڪم ڪرڻ واري جي تعريف ڪريون به ته ڪيئن ڪريون؟ سراج سنڌ جو غيرتمند پٽ! نصرت لاشاري گهوڙن ۽ گهوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهڙا ڪڏهن منجهه ڪوٽن ڪڏهن راهي رڻ جا. هي زندگي جيڪا ٿوري آهي، پر هن ڪائنات ۾ جتي ڪا به شئي بي معنيٰ ناهي، بي مقصد ناهي، اُتي انسان ته وري اشرف المخلوقات آهي، ان جو ذهن ۽ ذهني اوسر کيس اهم بڻائي ٿي، اهو ڊاڪٽر آهي ته کيس قدرتي ڏات شفا طور مليل آهي، انجنيئر آهي ته ماڻا ماپا ڪري وڏيون شاهڪار عمارتون کڙيون ڪيو وڃي، ۽ جي ڪو اديب، صحافي، ناول نگار، ٻولي جو ڄاڻو ۽ علم سان سندس ذهني ۽ روحاني اوسر ٿيل آهي، ته هو پنهنجي سماج جي اهنجن جو طبيب ٿيو وڃي، سنڌ کي خوشقمستيءَ سان اهڙا باشعور، باعلم ۽ روشن ضمير اديب صحافي ۽ ليکڪ مليا جن جي ضمير ۾ ڀٽائي جو ڌرتيءَ سان عشق سفر ڪندو. ڪيترين پيڙهين تائين پنهنجي ماءُ سان محبت جو ناتو نڀائيندو آيو، اهڙن غيرتمند پٽن مان هڪ پٽ سراج ميمڻ به هيو، جنهن جي شخصيت گهڻ پا سائين هئي، جنهن پنهنجو ۽ پنهن جي ٻچن جو پيٽ پالڻ لاءِ ڪارپوريٽ وڪيل جو پيشو اختيار ڪيو، پر سندس اندر ۾ مچيل طوفان کيس رڳو هڪ عام وڪيل ڪٿي پيو رهڻ ڏئي. سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسيءَ وسري! سنڌ جو سڄڻ جنهن شاهه جي هن بيت ۽ ٻين ڪيترن بيتن کي هنيئن سان هنڊايو ۽ قلم کڻي صحافت ذريعي ادب جي دنيا ۾ قدم رکيو ۽ هو ڌرتيءَ جو ساڻيهه بڻجي ويو، سراج صاحب جنهن کي اسان کان وڇڙي اڄ چوٿون سال آهي، پر مونکي اڄ به اها صبح ياد آهي، جڏهن ٻين فيبروري ۲۰۱۳ع جي صبح منهنجي ڀاءُ سارنگ مونکي فون تي ٻڌايو ته ادي اڄ سراج صاحب اسان کان موڪلائي ويو، مون کان رڙ نڪري وئي وڌيڪ ڳالهائي نه سگهيس بس نير هئا جن سڀ بند ڀڃي ڇڏيا هئا، پوءِ ياد آيم ته مان ڪيترن ڏينهن کان رات جو سمهي نه سگهي هيس، ائين ٻه دفعا اڳ به مونسان ٿيو هيو، هڪ بابا جي وڇوڙي کانپوءِ پورو مهينو منهنجي ماءُ ۽ مان سڄي رات هڪ عجيب بيچيني هئي جنهن ننڊون ڦٽائي ڇڏيون هيون، ۽ ٻيو ڀيرو محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کان اڳ ۾ هي ٽيون ڀيرو هو جو آنءُ خوف ۾ وڪوڙيل هيس. سراج الحق ميمڻ صاحب ڊاڪٽر فهميده حُسين جو ڀاءُ جيجي انيس ۽ جميلا جو ڀاءُ ادا ارشد، امجد ۽ نويد جو والد اسان جي آنٽي جو ور ۽ ٻين ڪٽنب جي ميمبرن جو هر دل عزيز ته هو ئي پر سنڌي ادب جي اُفق تي چمڪندڙ چنڊ هو، هڪ تحريڪ هو جهالت خلاف، ظلم جبر ۽ ڏاڍ خلاف سراج صاحب هڪ روشن دور هو، سنڌ لاءِ جنهن جي وڇوڙي نيڻن نير واها جو هر اک آلي هئي، اداسي سنڌ جي ڪلاچي کان ڪينجهر ۽ ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين ڦهلجي وئي. سنڌ هن ڌرتيءَ تي اهڙي سڀاڳي ماءُ آهي، جنهن اهڙا پٽ ڄڻيا جن جي ضمير ۾ غيرت جي مٽي شامل آهي، جو سندس پٽن ڪڏهن به ويل نه وڃائي. مون ڏاڍو ذهن تي زور ڏنو ته پهريون ڀيرو مان سراج صاحب سان ڪڏهن ۽ ڪيئن ملي هئيس پر ياد نه آيو. ياد آيو ته گهر ۾ هر روز ٿيندڙ سراج صاحب جو ذڪر، ڪڏهن امان ۽ بابا کي پاڻ ۾ صلاح ڪندي ڏٺم ته امجد جي شاديءَ ۾ ٻارن کي نه وٺي هلنداسين ته ڪڏهن بابا گهران جلدي نڪري ويندا هئا ته اڄ سراج صاحب وٽ وڃڻو آهي.اهڙو ڪو به ڏينهن نه هيو جو سراج صاحب جو ذڪر اسان جي گهر ۾ نه ٿيندو هجي. مطالعي جو شوق بابا جي پنن کي سنڀالڻ ڪري مون ۾ شروع کان هيو، اڃان ڇهين ڪلاس ۾ هيس ته مون بابا کان ڪيترائي سياسي سوال پڇڻ شروع ڪيا، هڪ ڀيرو بابا کان پُڇيم ته بينڪ ۾ ماڻهو پئسا ڇو رکندا آهن، ان مان بئنڪ کي ڪهڙو فائدو ۽ ماڻهن کي ڪهڙو؟ مرڪندي مونکي چيائون ته سڀاڻي جي اخبار ۾ سراج صاحب جو مضمون ”بينڪنگ سسٽم“ تي لکيل آهي، ان ۾ تنهنجي هر سوال جو جواب آهي، ٻئي ڏينهن جي عوامي آواز ۾ مون سراج صاحب جو مضمون پڙهيو ۽ منهنجي بي علمي دور ٿي، اڄ سوچان ٿي ته اهڙي علم جي روشني پنهنجو فرض سمجهي سراج صاحب گهر گهر پهچائي، اتان مون سراج صاحب کي ريگيولر پڙهڻ شروع ڪيو. سراج صاحب جا ناول ”مرڻ مونسين آءُ“، ”تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول“، ”منهنجي دنيا مرگهه ترشنا“، ”پڙاڏو سوئي سڏ“، مون ننڍي عمر ۾ پڙهيا تنهن ڪري منهنجي مٿان گذري ويا، جڏهن سمجهه پُختي ٿي ته وري پڙهيم، تڏهن خبر پئي ته سنڌ جي سماجي، فڪري، روايتي، ريتن، رسمن جو حال ۽ سنڌ اصل ۾ آهي ڇا؟ ان اوائلي سبق مون جهڙن نون سوچڻ وارن کي سراج صاحب ڏنا، سراج صاحب صحافتي توڙي ادبي لکڻين ذريعي انتهائي ذميداري۽ سنجيدگي سان پنهنجي قوم جي ذهني، علمي ۽ فڪري اوسر ڪرڻ ئي سندن اول ذميداري هئي، اهو ئي سبب هو جو هلال پاڪستان واري ايڊيٽرشپ واري دور ۾ جيڪي ليک لکيائون انهن مان ڪيترائي نوان لکاري پيدا ٿيا، جنهن ۾ منهنجو بابا فقير محمد لاشاري (جنهن لاءِ سائين ابراهيم جوئي صاحب فخر سان مونکي ٻڌايو ته ادب جي دنيا ۾ مون سراج کي آندو ۽ سراج فقير کي). سراج هلال پاڪستان ۾ پنهنجي ايڊيٽر شپ دوران صحافين جي هڪ وڏي کيپ تيار ڪئي، جنهن ۾ اسلم آزاد، انور پيرزادو، جي اين مغل، نصير اعجاز ۽ فقير محمد لاشاري شامل آهن، ان کان علاوه ڊاڪٽر فهميده حسين، بدر ابڙو، حسين شاهه راشدي، قمر شهباز وغيره سراج صاحب کان متاثر ٿيا. هڪ ڀيرو مون ڪنهن ماڻهوءَ جو ليک پڙهيو ته سراج صاحب ڏاڍو سخت مزاج شخص آهي ۽ نوجوانن سان سندس ورتاءَ ڪو چڱو ڪونهي، ڪافي پراڻي ڳالهه آهي ان ڪري ان ليکڪ جو نالو ياد ڪو نه اٿم، پر مان جنهن سراج صاحب سان مان مليس اهو چهري تي سخت تاثر ضرور رکندڙ هو، پر سندس من موتي جهڙو اُجرو ۽ ڪومل هو، مون سندس اندر ۾ درد جون ڇوليون اکرن ۾ اوتيندي ڏٺيون جڏهن هنن بابا جي وڇوڙي تي طويل نظم لکيو، جنهن مان چند سٽون آءُ لکان ٿي. هو جو هڪ ماڻهو هو، جنهن سچ پلئه پاتو هو جنهن سچ ورهايو هو جنهن سچ ڳولهيو هو جنهن سچ سنواريو هو جنهن پاڻ اوجاڳا ڪڍي ٻين کي جاڳايو هو جنهن پاڻ هيڻو هوندي ٻين کي حوصلا ڏنا جنهن قلم هلائيندي پنهنجا هٿ زخمي ڪيا ها ته جيئن پنهنجن جا ڦٽ ڇُٽائي سگهي جيڪو گاجي کهاوڙ جي چيڪي مٽيءَ جو قرض لاهڻ ڪراچيءَ آيو هو.. جنهن پنهنجي بنهه مختصر زندگيءَ ۾ سنڌ کي صداقت جو سڏ ڏنو هو سراج صاحب درياهه دل باس هيو، هن ڪڏهن به پنهنجي سب آرڊيننٽ تي تنقيد نه ڪئي، منهنجي بابا جو ذڪر ڪندي مون سندن اکيون ڀنل ڏٺيون، مونکي پاڻ ٻڌايو هئائون ته جڏهن فقير ڪيترا ڀيرا مون وٽ نوڪري جو انٽرويو ڏيڻ آيو هو هلال پاڪستان جي آفيس ۾ ته مون چيومانس تون ايڏو سهڻو اڇو اجرو گاجي کهاوڙ مان آيو آهين توکي نوڪري ته ملي ويندي پر تون ڪراچي جي دونهاٽيل ماحول ۾ ميرو نه ٿي وڃين، هلال ۾ سراج صاحب سان ڪم ڪندي بابا ۽ سراج صاحب جو باس ۽ سب آرڊيننٽ وارو رشتو نه جڙيو پر هڪ استاد ۽ شاگرد وارو جيڪو ٻنهي آخري دم تائين هڪ ٻئي سان نڀايو. جڏهن ٻنهي گڏجي جاڳو اخبار ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو جنهن ۾ ٻيا به ڪيترا دوست اچي شامل ٿيا هئا، پر سراج صاحب کي جيڪا ڳالهه ڪو چوندو هو، پوءِ اها ڪو وڏو فيصلو ڇو نه هجي ته سندن پهريون سوال اهو هوندو هو ته فقير جو ڇا خيال آهي؟ يا جيئن فقير چوندو ٿيندو هو، اهو اعتماد بابا جي قلم ۾ اتساهه اوتيندو هو. جڏهن سراج صاحب سان گڏجي بابا ”جاڳو جاڙيجا سَما! سُک ۾ سمهو“ جي سئين هئين ته اهو سنڌي صحافت لاءِ انتهائي ڏکين حالتن ۾ وڏو اعزاز هو جو سنڌيءَ ۾ ڊان اخبار کان وڌيڪ سگهارو آواز صحافي دنيا ۾ اڀريو، جاڳو اخبار جو پهريون پرچو جيڪو سائين محمد ابرهيم جوئي صاحب جي نئين سال جي دعا ۽ سراج صاحب جو انگريزيءَ ۾ لکيل سنڌ سان وچن the pledge to the people of Sindh يا سنڌ هو. What does one do when darkness engulfs a community, a nation and there is no visible light at the end of the tunnel? What does one do, when the very existence of a community and a nation is threatened from within and from without, by forces of treachery, deceit tyranny and terrorism? What must Sindh and her people do when they are faced with a horrifying scenario described by shah latif in these soul shaking words: ”مڙيا مَڇ هزار، ڀاڱا ٿيندي سهڻي!“ ڀٽائي جي هن سٽ ۾ جيڪو چتاءُ ڏنل آهي، ان کان پنهنجي قوم کي وقتائتو سڏ ڪري جاڳايو، ساڳي ئي وچن ۾ هڪ پيراگراف جون چند ستون آءُ هتي ڪاپي ڪيان ٿي. We shall strive to make “Jaago” the torch bearer of independent, un-biased, clean and enlightened journalism in Pakistan. ۽ آخري پيراگراف به آنءُ توهان سان ونڊڻ چاهيان ٿي. On behalf of the signatories, the sponsors of “Jaago” have solemnly affirmed that they shall stand or fall with Sindh and her people and shall fulfil their pledge and promise, and on my own behalf, give my solemn pledge- which has been capable or making such a pledge to the people of Sindh that we shall safeguard the integrity, solidarity and inviolability of Sindh and her people as a nation, all we ask of the people of Sindh is their trust, support and encouragement if we so deserve Siraj ul Haque. هي ته وچن هو سراج صاحب جو جنهن جي لفظ لفظ ۾ سنجيدگي ۽ ڌرتيءَ لاءِ درد جي جهلڪ چٽي نظر اچي ٿي. سراج صاحب جاڳو جي ذريعي سنڌ سان هفتي ۾ ٻه ڀيرا مخاطب ٿيندا هئا، هڪ دنيا جي سياسي صورتحال تي تفصيل سان مضمون ”سياسي منظرنامو“ هر جمع تي ڇپجندو هو، ۽ ٻيو ڪالم هر اربع تي ”رتيءَ جي رهاڻ“ جنهن ۾ سنڌ جو سماجي درد ونڊبوهو. رتيءَ جي رهاڻ ۲ جنوري ۱۹۹۱ع واري اخبار ۾ ڇپيل ڪالم ۾ سراج صاحب لکن ٿا ته ”منهنجي ڪل خوشي ڪيڏانهن هلي وئي؟... . توکي ته ياد هوندو ته تو ئي مون کي دنيا جي بهترين ڪهاڻين جو ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏنو هو، جنهن ۾ هڪڙي فرانسيسي ڪهاڻي جو ڪردار ٿو چوي ته ”والاريل“ ڌرتيون پنهنجي کل ۽ خوشي وڃائي ويهنديون آهن، ماڻهن کان ٽهڪ موڪلائي ويندا آهن، محبوبائن جي چپن تان ڄڻ ته ڪو مرڪ روڙي پٽي وٺندو آهي، ائين ڀائنبو آهي، ڄڻ ته ماڻهن جي اندر ۾ کل خوشيءَ جا چشما خشڪ ٿي، سُڪي ٺوٺ ٿي ويندا آهن. ۽ آنءُ اڃان تائين فيصلو نه ڪري سگهيو آهيان ته هن جي ياد ڏيارڻ لاءِ آءُ سندس ٿورائتو ٿيان، يا هن جي ڏنل درد تي اکين ۾ ايندڙ ڳوڙهن کي پنهنجي چپن جي گهنجن ۾ جذب ڪري ڇڏيان!” هي ته سراج صاحب جي شخصيت جي ۽ سندن دل دماغ ۽ قلم مان نڪتل علم هيو ان جي جهلڪ هئي، پر سراج صاحب جي شخصيت کي جيڪڏهن مختصر جملي ۾ لکجي ته هو سنڌ جو غيرتمند پٽ هو جنهن پنهنجي قلم ذريعي ماءُ جي لڄ بچائڻ جي جنگ وڙهي، اهڙن جوڌن پٽن لاءِ ئي شاهه سائين چوي ٿو. ”هوندا سي حيات، جيئڻا اڳي جي جيا.“ (سراج الحق ميمڻ جي ياد ۾ آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ ٿيل پروگرام ۾ پڙهيل مقالو) سراج ميمڻ جن جر جي جهاڳ مٿان ديپ جلايو آغا نور محمد پٺاڻ گذريل سال ۲۰۱۶ع کان اسلام آباد ۾ ادبي سرگرمين جو هڪ نئين سري سان سلسلو شروع ٿيو. جنهن ۾ انڊس ڪاٽيج لائبرريز نيٽ ورڪ پاران اسلام آباد ۾ سنڌ جي ادبي اڪابرين جي ياد ۾ انهن جي ورسين، سالگرهن ۽ ڪتابن جي تعارفي تقريبن جي مناسبت سان هڪ درجن کان وڌيڪ پروگرام ٿيا آهن جن ۾ مولائي شيدائي، آغا سليم، محمد عثمان ڏيپلائي، ڊاڪٽر دائود پوٽو، علي بابا، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ياد ۾ پروگرام ڪيا ويا ۽ ۲۰۱۷ع جي شروعات ۾ سائين غلام رباني آگرو ۽ ڪالهه سائين سراج ميمڻ جي ياد ۾ پروگرام ٿي گذريو سنڌ جي انهن ادبي اڪابرن ۽ ڏاهن کي ياد ڪندي شيخ اياز جو هي شعر به ياد اچي ٿو. ڪنهن ڪاريءَ چڳ تي رات کٽي، ڪنهن ڳاڙهي ڳل تي باک ڦٽي، ايئن وقت ڪٽيو، ايئن عمر لٽي، سڀ سانگ سجايو آ پيارا! هي ڪارو ڪارونڀار ته ڏس، هو ڏوراهن هون ڏهڪار ته ڏس، مون ڪيڏي جر جي جهاڳ مٿان، هي ديپ جلايو آ پيارا! انهن ادبي هيرن ۽ جواهرن کي شيخ اياز هن طرح ڀيٽا پيش ئي آهي ته: هيرا ته ڏسو، ڪنڪر نه هڻو، ايندو نه وري هي وڻجارو، ڪجهه ڏات ڏسو، پو بات ڪريو، هي شور اجايو آ پيارا! ۱۸ جنوري ۲۰۱۶ع تي سنڌ جي معتبر، برک اديب ۽ ڪهاڻيڪار سائين غلام رباني آگري جي ياد ۾ پروگرام ٿيو هن پروگرام ۾ پاڪستان جي تقريباً سڀني زبانن جي اديبن خراج تحسين يش ڪيو ڇاڪاڻ ته پاڻ اڪادمي ادبيات پاڪستان جا چيئرمين رهيو ۽ اسلام آباد ۾ رهڻ جي دوران پوري پاڪستان جي اديبن سان ان جا ميلا ملاکڙا ٿيندا رهيا. اسلام آباد ۾ هڪ قومي سطح جي اداري ۾ رهڻ ۽ ڪاميابي سان وقت گذارڻ ڪو سولو ڪم نه آهي. منهنجو جيئن ته سائين غلام رباني آگري سان يونيورسٽي ۾ شاگردي جي زماني کان واسطو رهيو آهي جڏهن عظيم شاعر شيخ اياز ان يونيورسٽي جو وائس چانسلر ۽ آگرو صاحب پرو وائس چانسلر هيو. شيخ صاحب تي شڪارپور جي حوالي سان به اسان فخر محسوس ڪندا آهيون انڪري هن جي وائس چانسلري واري دؤر ۾ هڪڙو وقت اهڙو به آيو جو ان وقت جي قوم پرست دوستن ان جي مخالفت شروع ڪئي پر ان موقعي تي اسان شيخ اياز سان تعلق وڌايو ۽ ان سان ان جي گھر وي سي هائوس ۾ ملندا هياسين ۽ غلام رباني آگرو صاحب به شيخ اياز جو دوست ۽ ساٿي هيو جنهن آخري وقت تائين هن سان ساٿ نڀايو. يونيورسٽيءَ کانپوءِ رباني صاحب سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ٿي آيو ۽ وري ان سان اتي ميل ملاقاتون جاري رهيون. سنڌ جي هن ڏاهي اسان جي من کي موهي وڌو، مان ۽ اسانجي ٻين دوستن جو رباني صاحب سان دوستي جو تعلق ايترو وڌيو جو اسان گھر جا ڀاتي ٿي وياسين، رباني صاحب سنڌي ثقافت جي هڪ خوبصورت شخصيت هئي جنهن جي گفتگو، تحرير، تقرير، ڪچهري سؤ سيڪڙو مڪمل طور سنڌي ثقافت جي امين هئي ۽ پوءِ اهو تعلق اڪادمي ادبيات پاڪستان جي ملازمت دوران اڃا وڌيڪ گھرو ٿيو جو رباني صاحب اڪادمي ادبيات پاڪستان ۾ جڏهن آيو تڏهن سنڌ جي ماڻهن کي هن قومي اداري جي سرگرمين جي خبر پئي ۽ ڄاڻ ملي ڇو ته ان وقت اسلام آباد ۾ سنڌ جا ماڻهو تمام گھٽ هيا ۽ رباني صاحب جو گھر انهن جي لاءِ ڄڻ مهمان خانو هيو ۽ ان جي آفيس سنڌ جي ماڻهن جي ڄڻ اوطاق سمجهي ويندي هئي، هن جي اچڻ کانپوءِ چئني صوبن ۾ اڪادمي جون شاخون قائم ٿيون ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ترجمو پاڪستان جي ٻين ٻولين پشتو، بلوچي، پنجابي ۽ اردو ۾ ڪرائڻ جي لاءِ پروگرام رٿيو ويو. سنڌ ۾ پروفيسر اياز قادري ۽ ڊاڪٽر وقار احمد رضوي کي اردو ۾ نثري ترجمو ڪرڻ جي لاءِ چيو ويو، بلوچي ۾ گلزار احمد مري ۽ ان وقت ملير جي رهائشي هڪ سنڌي زبان جي استاد پروفيسر شير محمد بلوچ جيڪو اسلاميه ڪاليج سکر ۾ پرنسپل به رهيو ان کي اها اسائنمنٽ ڏني وئي جيڪا هنن خوش اسلوبي سان مڪمل ڪئي. پروفيسر اياز قادري ۽ ڊاڪٽر وقار احمد رضوي واري اردو ترجمي جي ڇپائي جي سموري ذميواري رباني صاحب منهنجي حوالي ڪئي ۽ ڪراچي ۾ اهو رسالو حافظ محمد صديق صاحب علمي پرنٽرس جي معرفت ڪمپوز ٿيو ۽ بعد ۾ اسلام آباد مان ڇپيو پر بلوچي ۽ پشتو وارو ترجمو رباني صاحب جي وڃڻ کانپوءِ اڃا تائين ڪو نه ڇپيو آهي. رباني صاحب جي زماني ۾ ان جو ٻيو وڏو ڪارنامو اهو آهي ته قومي ادبي ڪانفرنسز ۾ سنڌ جي ماڻهن کي مناسب نمائندگي ڏني وئي نه ته ان کان پهريون اڪادمي ادبيات پاڪستان کي به فقط مقتدره قومي زبان سمجهيو ويندو هيو پر رباني صاحب جي اچڻ کانپوءِ هو پاڪستان جي ٻولين جو نمائنده ادارو ٿي اڀريو ۽ سنڌي، بلوچي، پشتو، پنجابي، براهوي، گلگتي اديبن جي پذيرائي قومي سطح تي شروع ٿي. مون ۱۹۸۵ع کان اڪادمي جون قومي ادبي ڪانفرنسون اٽينڊ ڪيون آهن پر ۱۹۸۸ع کانپوءِ ادبيات پاڪستان صحيح معنيٰ ۾ قومي ادارو نظر ايندو هيو ۽ اديبن جا ملڪي سطح تي هڪ ٻئي سان ادبي رشتا وڌيا. رباني صاحب جو ٽيون وڏو ڪارنامو اهو آهي ته ان کان پهريان اردو کي قومي ۽ ٻين زبانن کي علائقائي زبان جو درجو مليل هيو پر رباني صاحب هڪ قومي ادبي ڪانفرنس ۾ ان کي پاڪستاني ٻولين جو لقب ڏياريو. ان کانپوءِ انهن سڀني پاڪستاني زبانن جا ادبي انعام برابري جي بنياد تي ڏنا ويندا آهن. جڏهن ته پهريون قومي ۽ علائقائي زبانن جي انعامن ۾ به فرق هيو ۽ رباني صاحب کانپوءِ اڪيڊمي جي هڪ ٻئي چيئرمين محترم فخرالزمان جيڪو پاڻ به پنجابي ٻوليءَ جو هڪ اديب آهي ان به ان موقف کي هٿي ڏني. رباني صاحب جو چوٿون ڪارنامو اهو آهي جو هن شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي نالي تي ٻه ايوارڊ جاري ڪرايا هڪ سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان شاهه عبداللطيف ڀٽائي ادبي ايوارڊ ۽ ٻيو شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ تصوف ايوارڊ جيڪو لطيفيات جي حوالي سان ٿيل ڪم تي هر سال ڏنو ويندو آهي جنهن تي اسانجي ڪجھه اديب حضرات کي حيرت ۽ حسرت به ٿيندي رهي پر شاهه سائين جو هي ايوارڊ جاري آهي. مون رباني صاحب کي هڪ سچو، هڏ ڏوکي ۽ همدرد انسان ڏٺو. هن جو مشهور ڪتاب ”جهڙا گل گلاب جا“ ڪراچي مان سنڌيڪا اڪيڊمي جي پاران منهنجي نگراني ۾ پرنٽ ٿيو، جنهن جو اکر اکر منهنجي نظر مان گذريو ۽ بعد ۾ ان ڪتاب متعلق ماڻهن پنهنجا ايڏا تعريفي خط لکيا جو انهن تي هڪ ٻيو ڪتاب تيار ٿي ويو ۽ اسان ان کي ڇپيو. ايڏي وڏي اديب هوندي به هن جي اها عظمت هئي جو هو مونسان لکڻ پڙهڻ جي هر مرحلي ۾ مشورو ڪندو هيو. مونکي ياد آهي ته منهنجي چوڻ تي هن پنهنجن ڪيترين تحريرن ۾ ردوبدل ڪئي. سائين رباني صاحب جي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ترجمي جو مقدمو به هڪ شاهڪار تخليق آهي ۽ سندس ڪتاب ”جهڙا گل گلاب جا“ جو مقدمو جيڪو سؤ صفحن تي مشتمل آهي اهو هن جي ادبي تجربن جو هڪ نچوڙ آهي ڇاڪاڻ ته هن سَوَن ۽ هزارن جي تعداد ۾ ڪتاب پڙهيا، ڇپرايا، ايترن اديبن کي ڏٺو ۽ انهن سان ڪچهريون ڪيون، هي مقدمو ۽ ”ماڻهو شهر ڀنڀور جا“ ڪتاب به ان جو شاهد آهي. رباني صاحب پنهنجي والد محترم ۽ پير حسام الدين راشدي کان متاثر هيو ۽ آخري وقت تائين انهن جو نالو کڻڻ تي ان جي اکين ۾ پاڻي تري ايندو هيو جيڪو مون بار بار ڏٺو. آگرو صاحب سائين جي.ايم.سيد ۽ علامه آءِ.آءِ قاضي کان به متاثر هيو ۽ مذهبي ۽ سياسي ماڻهن ۾ ابوالڪلام آزاد ۽ مولانا عبيدالله سنڌي کان متاثر هيو، هن جو مشهور جرمن مستشرق ڊاڪٽر اين ميري شمل سان به پير صاحب جي حوالي سان دوستاڻا تعلقات رهيا ۽ هر سال هو پاڪستان ايندي هئي ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ تصوف جي موضوع تي ليڪچر ڏيندي هئي. هڪڙو دفعو هن رباني صاحب سان ان خواهش جو اظهار ڪيو ته مونکي اهي ماڳ مقام ڏسڻا آهن جن جو ڀٽائي ڀيرو ڪيو آهي ۽ ان لاءِ هن هنگلاج جو پروگرام تجويز ڪيو. ان زماني ۾ رباني صاحب اڪادمي ادبيات پاڪستان جو ڊائريڪٽر جنرل هيو هن محمد خان جوڻيجي کان خصوصي هيليڪاپٽر هٿ ڪري ڪوئٽا کان هنگلاج تائين هن کي وٺي ويو ۽ پهاڙن جي وچ ۾ جوڳين جي جهان ۾ وڃي هن کي چانهه پياري ۽ ان تي هڪ سفر نامو ”هنگلاج ۾ چانهه“ تخليق ٿيو جيڪو سنڌيالاجي پاران محمد قاسم ماڪا ڇپرايو. مونکي اهو منظر به ياد آهي جو جرمن سفير سان گڏ اين.ميري شمل جي آخري وصيعت جنهن ۾ هن مڪلي ۾ دفن ٿيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو هيو اها پٿر تي لکرائي مڪليءَ جي قبرستان لڳرائي هئي. سائين سراج ميمڻ سان منهنجي ملاقات فقط اڪيڊمي جي ڪانفرنسز جون دعوت پهچائڻ جي حوالي سان ٿيندي رهي ۽ اڪيڊمي جي قومي ادبي ڪانفرنسز ۾ هن جي حصي ۾ ڪنهن نه ڪنهن سيشن جي صدارت هوندي هئي ۽ آخري صدارت هن غلام رباني آگري صاحب جي ادبي ريفرنس جي ڪئي جيڪو ڪراچي ۾ لياقت لائبرري جي آڊيٽوريم ۾ منهنجي انتظام هيٺ منعقد ٿيو هيو. سراج ميمڻ صاحب سان آخري ملاقات ٺٽي شهر ۾ قادر بخش ڀٽو جي قائم ڪيل هڪ ميڊيڪل سينٽر ۾ مريضن ۾ فروٽ تقسيم ڪرڻ واري عمل ۾ ٿي جنهن ۾ ساڻس تفصيلي ڪچهري ٿي. سراج صاحب جو وڏو ڪارنامو جديد سنڌي صحافت جو بنياد وجھڻ آهي، ان کان اڳ سنڌ جي وڏي اخبار عبرت هوندي هئي پر سراج صاحب جي ايڊيٽري ۾ هلال پاڪستان اخبار نئون جنم ورتو، اهو فقط اخبار جو نئون جنم نه هيو پر سنڌي صحافت جو به نئون جنم هيو، هن ئي اخبار امر جليل، فقير محمد لاشاري، دستگير ڀٽي، سلطانه وقاصي ۽ فهميده حسين جهڙا اديب پيدا ڪيا ۽ گلن جهڙا ٻارڙا سنگت جو بنياد وڌو. اڳتي هلي عوامي آواز ۽ جاڳو اخبار به هنن ئي اديبن جي سهڪار سان هلي ۽ ان اخبار جو فقير محمد لاشاري کي ايڊيٽر بڻايو ويو. اهي ادارتي نوٽ اڄ به ماڻهن کان وسرن نٿا. سراج ميمڻ صاحب پيشي جي لحاظ کان ته وڪيل هيو پر هن جي تحقيق ۽ ڪالم نگاري سنڌي ٻوليءَ کي نئون مان ڏنو. خاص طور تي سنڌي ادبي بورڊ کان هلال پاڪستان تائين هن جي سفر روشن سج وانگر سنڌ جي ادبي ماحول کي تابناڪ بڻايو ۽ آخر ۾ حيدرآباد ۾ هن سنڌ جي تعليم جي ترقي لاءِ هڪ انسٽيٽيوٽ به قائم ڪيو جنهن لاءِ ٺٽي ۾ مونسان پنهنجي ڪچهري دوران پنهنجن دوستن جي عدم دلچسپي تي مايوسي جو اظهار ڪيو. سراج ميمڻ سنڌ جو عاشق ھميشه لاءِ وڇڙي ويو ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار واهوچو) سنڌ جو ناميارو ليکڪ، اديب، مصنف، ٻوليءَ جو ماهر، صحافي، دانشور سراج ميمڻ لاڏاڻو ڪري ويو. سراج کي جديد سنڌي صحافت جو بانيڪار به چيو وڃي ٿو، سراج ميمڻ ۱۹۳۳ع ۾ ٽنڊوڄام ۾ هيڊ ماستر محمديعقوب نياز ميمڻ جي گھر ۾ جنم ورتو، کيس ۲ ڀائر ۽ ۴ ڀينر آهن جڏهن ته کيس ۳ پٽ آهن، سراج الحق ميمڻ جي ايڊيٽرشپ هيٺ، مئي ۱۹۷۲ ۾ هلال پاڪستان، ڪراچيءَ مان ڇپجڻ شروع ٿي هئي، سراج ميمڻ ڪيترا ئي ڪتاب لکيا جن ۾ سنڌي ٻولي، سنڌي لينگويج انگريزي، پڙاڏو سوئي سڏ، مرڻ مون سين آءُ“ ناول ان کان علاوءِ ٽن ناولن تي ٻڌل ڪتاب سڀ رنگ سانول ٻه ڪهاڻين جا ڪتاب، اي درد هلي آ، اٺون ماڻهو شامل آهن ، جڏهن ته سراج الحق ميمڻ جاڳو، عوامي آواز اخبارن ۾ رهاڻ ۽ سياسي منظر نامي جي عنوان سان ڪيترا ئي ڪالم به لکيا آمر يحيى خان جڏهن ۳۰۳ انڪم ٽيڪس آفيسرن کي نوڪري مان ڪڍيو هو ان ۾ سراج الحق ميمڻ به شامل هو، هي سنڌ جو پهريون عالم آهي، جنهن ان نظريي جي مخالفت ڪئي ته سنڌي ٻولي سنسڪرت يا سامي صفت زبانن مان جنم ورتو آهي هن چيو ته سنڌي ٻولي انهن ٻنهي زبانن کان قديم زبان آهي، هن جو چوڻ هو ته سنڌي هن خطي جي اصلوڪي ٻولي آهي ۽ هي پهريون ماڻهو هو، جنهن موهن جي دڙي جي لکڻي جو ملھه مقرر ڪيو يعني پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي ،هن تحقيق ڪري ميمڻن جي تاريخ تي به ڪتاب لکيو هو. ڪجھه ڏينهن کان اسپتال ۾ علاج هيٺ هو جتي ڪالهه صبح ۴ وڳي دم ڏنائين، سندس عمر ۷۹ سال هئي سندس جنازي نماز اڄ سلطان مسجد ڊفينس ۾ ادا ڪئي ويندي، جنهن کان پوءِ ڊفينس قبرستان ۾ مڙھ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو، لاڏاڻي جو اطلاع ملندي سندس تڏي تي مظهرالحق صديقي، امداد حسيني، قلندرشاھ لڪياري، بدر ابڙو، مدد علي سنڌي، اعجاز قريشي، عبدالحميد آخوند، صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر، ڊاڪٽرعبدالستار راڄپر، ايم اين اي ظفر علي شاھ، صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، سبحان ميمڻ، عبدالحق عظيم سميت ڪيتريون ئي سياسي، سماجي ۽ ادبي شخصيتون پهتيون. سراج الحق ميمڻ سندس علمي ادبي خدمتون - ستين ورسيءَ جي مناسبت سان ڊاڪٽر فهميده حسين اڄ سنڌ جي سراج کي اسان کان وڇڙئي ڀريا ست ورهيه گذري ويا آهن. (اڄ سندس ورسي آهي) پر هو اسان جي اداس دلين ۾ ايئن ئي موجود آهي جيئن سنڌ ڌرتيءَ جي مٽيءَ ۾ سندس مٽي موجود آهي. هن جو جيئڻ ۽ مرڻ سنڌ سان هو، جسماني طور هن جنم ته ٽنڊي ڄام جي امڙ ”حوا“ جي ڪک مان ورتو هو جنهن کيس سنڌ سان سنيهه جي ستي پياري هئي پر سندس ذهني اوسر ڪري لافاني ڪردار سندس والد محمد يعقوب نياز جوڙيو، جنهن سندس هٿ ۾ قلم ڏئي انهيءَ محبت کي ملهائڻ سيکاريو ۽ سراج محض ۱۹ سالن جي عمر کان انهيءَ قلم کي سنڌ، سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ماڻهن کي ارپي ڇڏيو ۽ سنڌ سان سندس روح جو رشتو به ان ئي دور ۾ جڙيو ۽ ۲ فيبروري ۲۰۱۳ تي سندس وفات تائين رهيو پر هن جي سدا حيات لکڻين جي ڪري اهو اڄ تائين قائم آهي ۽ قيامت تائين رهندو.! سراج ۱۹۵۲ع کان مرڻ گهڙيءَ تائين لفظ جي حرمت کي قائم رکيو ۽ سنڌي ادب جي شاهوڪاريءَ ۾ پنهنجي پتي وڌي ۽ هزارين لکين پنا پنهنجي کاٻي هٿ سان لکيا، هو کاٻڙيل به هو ته کاٻي ڌر جي آدرشن سان سلهاڙيل به هو ۽ انسان ذات جي مجموعي ڀلائيءَ واري آدرش سان نينهن نڀائيندي، پنهنجي ڌرتيءَ، پنهنجي سنڌ وطن ۾ به ترقي پسندي، روشن خيالي، سماجي انصاف ۽ برابريءَ جي لاءِ ڏينهن رات پاڻ پتوڙيندو رهيو، عملي طور به ته قلمي حوالي سان به. هن ڪڏهن ڪهاڻيون لکيون، ڪڏهن ناول لکيا، ڪڏهن ڊراما ته ڪڏهن وري شاعري ڪئي ۽ پنهنجي تخليقي صلاحيتن جو انهن تخليقي صنفن ۾ ڀرپور استعمال ڪيو، وري جڏهن سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي وجود تي وار ٿيا ۽ انهن جي عظمت جي اهڃاڻن کي مڃڻ کان انڪار ڪيو ويو ته هن جي اندر جو محقق جاڳي پيو. هڪ طرف هن سنڌ جي تاريخ جا پيرا کنيا ته ٻئي طرف سنڌ ڌرتيءَ، سنڌي ٻوليءَ جي اصليت، قدامت، عظمت ۽ آزاد توڙي خودمختيار حيثيت کي ثابت ڪرڻ لاءِ علم لسانيات جي اٿاهه سمنڊ ۾ ڪنهن غواص وانگر غوطا هڻي تاريخي لسانيات جي مدد سان ڪيئي اُملهه ماڻڪن جهڙا اهڃاڻ سوجهي ڪڍيا، جيڪي سندس ان دعويٰ جو ثبوت هئا ته سنڌ ۾ سنڌو سڀينا ڪيتري قديم ۽ مهان آهي ۽ سنڌي ٻولي قديم دور کان هتان جي اصلوڪي، آڳاٽي، آزاد ۽ خودمختيار ٻولي هئي جنهن جي لکت، ان جي قدامت جو ثبوت پيش ڪري ٿي. نه صرف ايترو بلڪ موجوده سنڌي ٻولي ان جي ڄائي هئڻ ناتي، برصغير جي ٻين ٻولين کان منفرد ۽ انوکيون خوبيون ۽ خصوصيتون رکي ٿي، ان لاءِ سنڌي گرامر جي مدد سان اهڙين نرالين خصوصيتن کي پڌرو ڪري ڏيکاريائين ۽ سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جي قدامت ثابت ڪرڻ لاءِ شاهه لطيف کان ٻه سئو سال اڳ جي اوائلي شاعري، بنهه ساڳي روايت واري، برٽش ميوزيم لائبريريءَ مان هٿ ڪري ان بابت ۱۹۶۷ع ۾ ”نئين زندگيءَ“ ۾ ليک لکيائين. هو سنڌي ٻوليءَ جو سچو پچو عاشق هو ۽ جيئن ڪنهن به عاشق کي پنهنجي معشوق جي هر هڪ انگ ۾ سونهن نظر ايندي آهي ۽ هو ان سان غير مشروط محبت ڪندو آهي تيئن سراج به سنڌي ٻوليءَ جي هڪ هڪ انگ سان عشق ڪيو هو. هن ڀٽائيءَ کي سنڌي ٻوليءَ جو معمار ۽ محافظ سمجهندي ان جي ٻوليءَ جي لغت پئي جوڙي جنهن ۾ به هن جو مقصد صرف لفظن جون معنائون ڏيڻ ڪونه هو بلڪ هن دراوڙي ٻولين جي لغت، آريائي ٻولين جي توڙي عربي ۽ فارسيءَ جي لغتن ۽ سنڌو ماٿريءَ جي ٻين ٻولين سرائڪي، پنجابي، هندڪو ۽ ڪشميري وغيره ۾ موجود لفظن سان سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جي ڀيٽ ڪري انهن جي اصل نسل کي پڌرو ڪرڻ ٿي چاهيو ته جيئن سنڌيءَ جي اصلوڪن لفظن ۽ اڌارن ورتل لفظن کي ڌار ڪري نج سنڌيءَ جي قدامت ثابت ڪري سگهي. اهو ڪم هلندڙ هو ۽ انهيءَ کي ڪنهن دور ۾ شاھ لطيف چيئر جي طرفان ڇپائڻ جون مون ڪوششون ڪيون هيون پر پوءِ ڪجهه ماڻهن جي تنقيدن سبب مون جڏهن ان تان هٿ کنيو هو ته اهو ڪم جهڙوڪر رلي ويو، جي ان جي ڇپائي شروع ٿئي ها ته ادا کي ٻيا سڀ ڪم ڇڏي ان کي پورو ڪرڻو پوي ها، پر هو گهڻن ڪمن وارو ماڻهو هو، سو ان ڪم ۾ ڍرائي اچڻ سبب سندس زندگيءَ ۾ پورو نه ٿي سگهيو. آخري ڏينهن ۾ مون کي چوندو هو ته جڏهن تون رٽائر ٿيندينءَ ته پوءِ تون ئي ان کي پورو ڪجانءِ اهو آءٌ ڪري ڪانه سگهيس جنهن جو ڏک اٿم! ادا سراج وڏي پائي جو مڃيل اديب، دانشور ۽ محقق ته هو ئي پر جڏهن اتفاقي يا حادثاتي طور هن کي هڪ سنڌي اخبار جي ادارت جي ذميواري ملي ته هن سنڌي صحافت ۾ نوان لاڙا ۽ نيون روايتون وڌيون ۽ کيس جديد سنڌي صحافت جو باني هئڻ جو لقب مليو. انهيءَ ذميواريءَ دوران هڪ طرف هن سنڌ جي عوام جي حقن لاءِ آواز اٿاريو ته ٻئي طرف سنڌي ٻوليءَ کي صحافت جي ٻوليءَ طور به ڪيترا ئي نوان لفظ ۽ اصطلاح ڏنا ۽ محض اردوءَ جي لفظن جي ورجاءَ يا لفظي ترجمي بدران سنڌي ٻوليءَ جا ڪيترا ئي متروڪ لفظ جياريا ۽ نوان لفظ جوڙيا. ايئن سندس تخليقي ٻوليءَ جو اثر سندس صحافتي ٻوليءَ تي پيو ۽ ان جو مجموعي تاثر سنڌي سماج جي فردن تي به پيو جيڪي بگڙيل اخباري ٻوليءَ جي اهل ڪندي پاڻ به پيا غلط ٻولي ڳالهائيندا ۽ لکندا هئا. (هاڻي وري ايئن ئي ٿي رهيو آهي). هن هڪ ڪامياب ايڊيٽر هئڻ سان گڏ ايڊيٽوريلن کانسواءِ بهترين ڪالم به لکيا. ”هلال پاڪستان“ اخبار کانپوءِ ”جاڳو“ ۽ ”عوامي آواز“ اخبارن ۾ سوين ڪالم لکيائين جن مان ڪن جا عنوان هئا: ”رتيءَ جي رهاڻ“، ”ملان جي ڊوڙ“ ۽ ”سياسي منظرنامو“ وغيره.. سندس ايڊيوٽوريلن وانگر ڪالمن جو محور به ”سنڌ“ هئي، ان جي ماڻهن، ٻوليءَ، ادب ۽ سماج جا معاملا ۽ مسئلا هئا. اهڙي هڪ سڄاڻ عالم، اديب، دانشور ۽ صحافيءَ جا لکيل اهي لکين ڪروڙين لفظ ڪتابي صورت ۾ نه هئڻ جي ڪري تاريخ جي ڌنڌ ۾ وڃائجي نه وڃن، اهو سوچي سندس وفات کانپوءِ ”سراج انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز“ قائم ڪيوسين ته جيئن نه صرف سندس ٽڙيل پکڙيل لکڻين کي سهيڙي ڇپائجي پر سندس دلچسپيءَ وارن دل گهرين موضوعن تي تحقيق ڪرائي شايع ڪجي جن ۾ سنڌ، ان جي تاريخ، ٻولي، ڪلچر ۽ ادب جا موضوع شامل آهن. ادا سراج جي حياتيءَ ۾ سندس افسانن جا ٻه مجموعا، پنج ناول، هڪ ٻوليءَ تي لکيل ڪتاب ۽ ڪي ترجمو ٿيل ڪتاب ڇپيل هئا، سندس وڃڻ کانپوءِ اسان سندس انهن سمورن لکيل لفظن کي سهيڙڻ شروع ڪيو ۽ هن وقت تائين ارڙنهن (۱۸) ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪري چڪا آهيون، ۽ ٻه ڪتاب هن ستين ورسيءَ تي رٿيل پروگرام ۾ پڌرا ڪنداسين جيڪو هن جي دل گهرئي عظيم شاعر شاه لطيف بابت انٽرنيشنل ڪانفرنس جي صورت ۾ ۲۰-۲۱ مارچ ۲۰۲۰ع تي ڪراچيءَ ۾ رٿيل آهي. ڏٺو وڃي ته ادا سراج جي اڻ ڇپيل آتم ڪهاڻيءَ کان سواءِ اڃا به ڪيترا ئي مضمون، مقالا، ايڊيٽوريل، ڪالم سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ موجود آهن، جن مان ڪي هٿ آيا آهن ته ڪن جي ڳولا جاري آهي، ايئن اميد ته ايندڙ سالن ۾ اڃا به سندس ڪيئي ڪتاب سهيڙي ڇاپيا ويندا. سراج انسٽيٽيوٽ پاران سراج جي علمي ادبي ۽ سماجي خدمتن تي ايم فل يا پي ايڇ ڊيءَ لاءِ تحقيق ڪندڙ ڪنهن به ضرورتمند نوجوان ڇوڪري يا ڇوڪريءَ کي اسڪالر شپ ڏيڻ جو به ارادو آهي، ڏسجي ته ڪير ٿو ان ڏس ۾ اڳتي اچي. ان کانسواءِ سنڌي ٻوليءَ، تاريخ ۽ ڪلچر بابت ڪابه نئين تحقيق سامهون اچڻ جي صورت ۾ ان سان ڀرپور سهڪار ڪيو ويندو ۽ تحقيق ڪرڻ کان وٺي ان جي اشاعت لاءِ پڻ هي ادارو سهڪار ڪرڻ جو مقصد رکي ٿو. آئون ڀانيان ٿي ته ادا سراج جهڙي سنڌ جي عاشق جن جن موضوعن تي لکيو اهي سڀئي تمام اهم آهن ۽ جيڪڏهن ڪو اديب انهن تي لکي ٿو ته ان سان سهڪار ڪرڻ به سنڌ سان سڄڻپائي آهي. هڪ اهڙو ماڻهو جنهن سدائين سنڌ جي روشن آئيندي جا خواب ڏٺا ان کي خراج پيش ڪرڻ جو سڀ کان مانائتو طريقو به اهو ئي آهي جنهن کي جيستائين ممڪن ٿي سگهيو جاري رکي اسين سندس يادگيرين کي ملهائيندا رهنداسين. ايئن سندس ڳالهيون، سندس سارون جيءَ کي جيارڻ جو سبب بڻجنديون ۽ هنيون سڄو ٿيندو. مون کي جياريو، پرين جي ڳالهه ڪري، ڊٺو اڄ اڏيو، هينئڙو ڪوٽ برج جيئن. سراج ميمڻ هڪ تاريخ ساز شخصيت - جنم ڏينهن جي حوالي سان تاج جويو سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان سچو عشق رکندڙ، ڏاهي دانشور، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، محقق ۽ ماهر لسانيات ’سراج‘ جو پورو نالو سراج الحق ولد محمد يعقوب ميمڻ هو، هن ۲۴ آڪٽوبر ۱۹۳۳ع تي ٽنڊي ڄام، ضلعي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سندس والد محمد يعقوب ميمڻ وقت جو بهترين تعليمدان ۽ علم ۽ ادب سان چاهه رکندڙ هو. سندس ترجمو ڪيل ’ديوان حافظ‘ سنڌي ادب ۾ يادگار حيثيت رکي ٿو. سراج تي پنهنجي والد جي مزاج جو اثر ٿيو ۽ شروع کان ئي لکڻ، پڙهڻ سان واسطو رهيس. ابتدائي تعليم ڳوٺ مان وٺڻ کانپوءِ نور محمد هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين ۽ سموري بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ ٽين پوزيشن کنيائين. سندس تعليم بي. اي (آنرس)، ايم. اي ۽ ايل. ايل. بي هئي. پيشي جي لحاظ کان ۱۹۵۳ع ۾ ’سنڌي ادبي بورڊ‘ ۾ نوڪري شروع ڪيائين ۽ ۱۹۵۵ع ۾ ادبي بورڊ جو اسسٽنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيو. ۱۹۵۷ع ۾ سي. ايس. ايس. جو چٽاڀيٽيءَ جو امتحان پاس ڪري انڪم ٽئڪس جي کاتي ۾ آفيسر مقرر ٿيو، جتان ۱۹۶۹ع ۾ جبري رٽائرمينٽ ٿيس. سندس خلاف الزامن مان مکيه سرڪاري ملازمت ۾ هوندي قومپرست ۽ ترقي پسند ادبي تحريڪن ۾ حصو وٺڻ ۽ قوميت جي موضوع تي لکڻ هو. ان کانپوءِ ڪجهه وقت وڪالت ڪيائين. ۱۹۷۱ع ۾ ڪراچيءَ مان هلال پاڪستان اخبار جو اجراء ٿيو، جنهن ۾ کيس ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. هن اخبار ذريعي سراج، جديد صحافت ۾ نوان ۽ اڇوتا لاڙا آندا. ان تي کيس سنڌي جديد صحافت کي نئون جنم ڏياريندڙ چيو وڃي ٿو. ۱۹۷۷ع ۾ ضياءُ الحق جي دور ۾ هن فوجي حڪومت کان ڊڪٽيشن وٺڻ کان انڪار ڪندي هلال پاڪستان مان استعيفا ڏني ۽ واپس وڪالت جي شعبي سان لاڳاپجي ويو ۽ عمر جي آخري عرصي تائين سپريم ڪورٽ جو سينيئر وڪيل رهيو. انڪم ٽيڪس قانون تي سندس مهارت سبب کيس ان مضمون جي ميدان ۾ ’انسائيڪلوپيڊيا‘ چيو ويندو هو. سراج سنڌي ادب جي هڪ گھڻ پاسائين شخصيت رهيو، سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ۱۹۶۱ع ۾ ’اي درد هلي آءُ‘ جي نالي سان شايع ٿيو ۽ ٻيو مجموعو ’اٺون ماڻهو‘ ۱۹۸۵ع ۾ شايع ٿيو. جديد سنڌي ادب ۾ سراج سڀ کان وڌيڪ تخليقي ناول لکيا ۽ هي اهو پهريون سنڌي ليکڪ آهي، جنهن ٽن ناولن تي ٻڌل ’پياسي ڌرتي رمندا بادل‘ جي نالي سان سنڌي ادب جي پهرين ٽريالاجي لکي. سراج، سنڌ جي تاريخ کي افسانوي انداز ۾ پڙهڻ جو شوق پيدا ڪيو، جن سنڌ جي تاريخ اڳ ۾ ڪانه پڙهي هئي، تن سراج جا ناول پڙهي پوءِ سنڌ جي تاريخ ۾ دلچسپي ورتي. سراج جو پهريون جڳ مشهور ناول ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ ۱۹۷۹ع ۾ ڇپيو، هي ناول سنڌ تي ارغونن ۽ ترخانن جي قهري دور جي تاريخ کي افسانوي انداز ۾ پيش ڪري ٿو. سندس ٻيو ناول ’مرڻ مون سين آءُ، سال ۱۹۸۸ع ۾ ڇيپو، ان کانسواءِ ’منهنجي دنيا مرگھه ترشنا‘، ’منهنجي دنيا هيڪل وياڪل‘، ’تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول‘ سندس اهم ناول آهن. سراج ڪيترا ئي ڊراما پڻ لکيا. هڪ مترجم جي حيثيت سان هن ’چين جي هارين کي زمين ڪيئن ملي‘، ’چونڊ آمريڪي افسانا‘، ’ڏکڻ مان ٿو سج اڀري‘، ’سنڌ جي اقتصادي تاريخ‘ ڪتاب پڻ ترجمو ڪيا. سندس ناول ۽ افسانن جا مجموعا، افسانوي ادب ۾ تمام گھڻي اهميت جا حامل آهن. سراج پنهنجي صحافتي زندگيءَ ۾ روزاني هلال پاڪستان جو ايڊيٽر رهڻ دوران اهم مسئلن تي ايڊيٽوريل لکڻ کانسواءِ ’رتيءَ جي رهاڻ ۽ ملان جي ڊوڙ‘ ۽ جاڳو اخبار ۾ ’سياسي منظرنامو‘ جي سري سان سوين مضمون ۽ ڪالم لکيا. سراج شاعري به ڪئي ۽ ڪراچيءَ جي سنڌ کان ڌار ڪري وفاق حوالي ڪرڻ جي موقعي تي ’ڪراچي‘ نالي سان تاريخي ۽ اهم نظم لکيو. لسانيات جي حوالي سان سندس اهم تصنيف ’سنڌي ٻولي‘ ۱۹۶۴ع ۾ ڇپي، جنهن سنڌي ادب ۾ ٻوليءَ جي ارتقا جي حوالي سان نوان بحث ڇيڙيا. هن ڪتاب ۾ پهريون ڀيرو هن سنڌ جي ٻين عالمن سان اختلاف ڪندي سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي اصلوڪي ۽ بنيادي ٻولي قرار ڏنو، جنهن کي شروع ۾ جن قبول نه ڪيو، انهن به تحقيق بعد آخر ۾ اچي ساڳي ڳالهه ڪئي. هن ڪتاب کي ’پاڪستان رائيٽرس گلڊ‘ پاران انعام پڻ مليو ۽ ۲۰۰۹ع ۾ هن ڪتاب جو انگريزي ترجمو پڻ شايع ٿيو، جيڪو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ڇپيو آهي. سنڌ جي هن نامور عالم ۽ اديب، ۲ فيبروري ۲۰۱۳ع، رات جو ساڍي ٽئين وڳي، لياقت نيشنل اسپتال، ڪراچيءَ ۾، دل جي عارضي سبب وفات ڪئي. سنڌ جو سراج زبير عاقلاڻي ميمڻ مون کي ياد آھي ته اياز ھن دنيا مان لاڏاڻو ڪيو ھو، صبح جو جيئن ئي اٿيس ته نظر اخبار تي پيم ته اھي سٽون فرنٽ تي ھيون؛ “ڀونءِ نه آئي ڀانءِ، الا مان اڏري ويندوسانءِ.” ۽ ڏٺو ھيم ته بابا سائين اخبار تي لکيل سٽن کي ڏسي اوڇنگارون ڏئي روئي رھيو ھو، تڏھن اچرج مان معصوم نگاھن سان بابا کي ڏٺم ته ھڪ اجنبي ماڻھو لاءِ بابا ڪيئن ٿو روئي، ڄڻ بابا جو ھن ماڻھو سان خون جو رشتو ھجي، منھنجو ٻاراڻو ذھن ان ڳالھه کي سمجھڻ کان قاصر ھيو ته ھو ماڻھو سنڌ جو اياز ھو. وڏو ٿي جڏھن شعور جون منزلون طئي ڪري سنڌ جي سراج کي پڙھيم ھن جي آدرشن صفا ششدر ڪري ڇڏيو، پياسي ڌرتي رمندا بادل، دل جي ويران بنجر کي سيراب ڪري ڇڏيو، پڙاڏو سوئي سڏ دل جو پڙاڏو بڻجي ويو , آئون سوچيندو ھوس سراج سنڌ جو سراج ڪيئن ٿيو ؟ پر پوءِ سوچيم ھن کي سنڌ جو سور ھو، سنڌ جي محبت جو سرور ھو، جنھن ھن کي مسرور ته ڪيو پر محصور به ڪري سنڌ جو سراج ڪري ڇڏيو. ھن جي خاندان کي جڏھن ٽنڊو ڄام شھر ڇڏڻو پيو تڏھن ھن جيون جي جوت جلائڻ لاءِ الاھي مشعلون ٻاريون ھيون ته جنھن ھن جي روح کي ھڪ نئون اتساھه بخشيو ھو.ھن جلاوطني جو سور پيتو ھو، ھن پنھنجن جي بيوفائي سٺي ھئي، ھن پنھنجي بابا يعقوب ميمڻ جي ھڪ ڏيئي مان ڪيئي ڏيئا ٻاريا ھيا، ھو خود ته ٽنڊو ڄام مان ھليو ويو ھو پر پنھنجي ڪلپائن جي ڇانو کي ٽنڊي ڄام ۾ ڇڏي ويو ھو ، جنھن جي ھيٺيان ويھي گھڻن ئي پنھنجي روح جي آڪسيجن ورتي . بھرحال سندس وڇوڙو تڏھن ٿيو جڏھن مون ھن کي سڃاڻڻ شروع ڪيو ھو، ھن جي ھڪ ملاقات منھنجي دل جي درد کي وڌائي ڇڏيو ھيو، ھن جي محبت مونکي محنت ڪرڻ تي مجبور ڪيو ھو، ھن جي شخصيت من اندر طوفان مچائي ڇڏيو ھو . وڌيڪ درد ته اھو به آھي ڪمپيوٽر کان اڳتي موبائيل وارو دور آھي، اڳي ته وقت نه ھجڻ جي ڪري به سفر ۾ ڪتاب ھٿ ۾ ھوندو ھو، ھاڻي ڪتاب جي جڳھه موبائيل والاري آھي، تڏھن ان دور ۾ اڃان به وڌيڪ اھڙن ماڻھن جو خلا شايد ڪابه صدي پورو نه ڪري سگھي. سراج الحق ميمڻ جو ڄم ٽنڊي ڄام جي عاقلاڻي ميمڻ پاڙي۾ سن ۱۹۳۳ع ۾ ٿيو سراج ميمڻ جي بابا محمد يعقوب پنھنجي ٻچڙن سان گڏ حيدرآباد ۾ اچي آباد ٿيا، ڪجھه مٽ مائٽ ٽنڊي ڄام ۾ ئي رھيا، ٽنڊو ڄام کي پياسي نگاھن سان تڪيندي چوندا رھيا. اس دل ڪي ٽڪڙي هزار هوئي ڪوئي يهان گرا ڪوئي وهان گرا. سراج ميمڻ پھرين ته ٽنڊو ڄام مان ھليو ويو جنھن لاءِ ھڪ مشھور چوڻي آھي ته ٽنڊو ڄام نه آھي ٽنڊو جام آھي اتي اچي ماڻھن جي دل جام ٿي وڃي ٿي ھن شھر جي محبت جو جام مسرور ڪندڙ آھي آھي سراج ميمڻ ۲ فيبروري تي دنيا مان لاڏاڻو ڪيو، ۲ فيبروري ڄڻ ھن لمحي جي ئي ڳالھه ھجي ۹ سال گذري ويا پر سراج جي خوشبو اڄ به سنڌ ۾ واسجي ٿي، جڏھن بھارن جي تياري آھي، جڏھن ماڪ ڳلن تي ٿي ڪري تڏھن اکين جي به ماڪ ڳلن تي پئي ڪري ڇو ته اھي اکيون ھاڻي سراج جو ديدار ڪڏھن به نه ڪري سگھنديون . آھه سراج واھه سراج سنڌ جو سراج (ڏھاڙي پنھنجي اخبار ۲ فيبروري ۲۰۲۱ع تي ڇپيل) سراج ميمڻ روايت مخالف اھم سنڌي دانشور ڊاڪٽر ايوب شيخ ڪجهه ڏينهن اڳ منهنجي ذهن ۾ اهو هيو ته سراج صاحب خير سان نوبنو ٿي ويندو ته ساڻس الاهي ڪچهريون ڪبيون، هن مون کي هڪڙو تفصيلي انٽرويو جو وعدو ڪيو هو، ان سلسلي ۾ مون ڪيئي ڀيرا سندس ڳالهيون نوٽ ڪري ڪيئي سوال ٺاهيا هئا. سوال بنا جواب جي تنهن ڏينهن رهجي ويا جڏهن سندس ٻئين نمبر پٽ سرجن ڊاڪٽر امجد سراج جو فون آيو. “بابا اسان کي ڇڏي ويو” هن جي دل سندس گذاري وڃڻ يا فوت ٿيڻ جي ڳالهه ٻڌائڻ لاءِ تيار نه هئي. ۲ فيبروري ۲۰۱۳ع تي ملڪ جي نامياري دانشور، ارڏي شخص، ٻوليءَ جي ماهر، ۽ محقق “سراج” جي لاڏاڻي جي خبر علمي ادبي لڏي سميت سندس چاهيندڙن کي صدمو ڏنو. سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان سچو عشق رکندڙ، ڏاهي دانشور، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، محقق ۽ ماهر لسانيات ’سراج‘ جو پورو نالو سراج الحق ولد محمد يعقوب ميمڻ هو، هن ۲۴ آڪٽوبر ۱۹۳۳ع تي ٽنڊي ڄام، ضلعي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سندس والد محمد يعقوب ميمڻ وقت جو بهترين تعليمدان ۽ علم ۽ ادب سان چاهه رکندڙ هو. جنهن سبب هن جو شروع کان ئي لکڻ، پڙهڻ سان واسطو رهيو. ابتدائي تعليم ڳوٺ مان وٺڻ کانپوءِ نور محمد هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ جو امتحان بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ ٽين پوزيشن سان پاس ڪري ايم اي ايل ايل بي ڪيائين. ۱۹۵۳ع ۾ ’سنڌي ادبي بورڊ‘ ۾ نوڪري شروع ڪيائين ۱۹۵۷ع ۾ سي. ايس. ايس. جو چٽاڀيٽيءَ جو امتحان پاس ڪري انڪم ٽئڪس جي کاتي ۾ آفيسر مقرر ٿيو، جتان ۱۹۶۹ع ۾ جبري رٽائرمينٽ ٿيس. ان کانپوءِ ڪجهه وقت وڪالت ڪيائين. ۱۹۷۱ع ۾ ڪراچيءَ مان هلال پاڪستان اخبار جو ايڊيٽر ٿيو. هن اخبار ذريعي سراج ماڊرن صحافت جو پايو وڌو. ان جديد صحافت نه رڳو سنڌ کي وڏا وڏا اديب روز جي بنياد تي اخبار جي شڪل ۾ ڏنا پر هن پنهنجي ڀائٽي غفران ميمڻ کي “گلن جهڙا ٻارڙا” تنظيم ٺهرائي ان جي سڄي سنڌ ۾ تنظيم سازي ڪرائي. ٻارن جو ڪنهن به اخبار سان ايڏو وڏو چاهه سراج صاحب جي ان ڪوشش سان پيو ۽ سنڌ جي سماج کي پڙهيل نوجوانن جو هڪ وڏو انگ مليو هو. ۱۹۷۷ع ۾ ضياءُ الحق جي دور ۾ هن فوجي حڪومت کان ڊڪٽيشن وٺڻ کان انڪار ڪندي هلال پاڪستان مان استعيفا ڏني ۽ واپس وڪالت جي شعبي سان لاڳاپجي ويو ۽ عمر جي آخري عرصي تائين سپريم ڪورٽ جو سينيئر وڪيل رهيو. انڪم ٽيڪس قانون تي سندس مهارت سبب کيس ان مضمون جي ميدان ۾ “انسائيڪلوپيڊيا” چيو ويندو هو. هڪ نامياري اديب طور، سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ۱۹۶۱ع ۾ “اي درد هلي آءُ” جي نالي سان شايع ٿيو ۽ ٻيو مجموعو “اٺون ماڻهو” ۱۹۸۵ع ۾ شايع ٿيو. ٽن ناولن تي ٻڌل “پياسي ڌرتي رمندا بادل” جي نالي سان سنڌي ادب جي پهرين ٽريالاجي لکي. سراج، سنڌ جي تاريخ کي افسانوي انداز ۾ پڙهڻ جو شوق پيدا ڪيو، جن سنڌ جي تاريخ اڳ ۾ ڪانه پڙهي هئي، تن سراج جا ناول پڙهي پوءِ سنڌ جي تاريخ ۾ دلچسپي ورتي. سراج جو پهريون جڳ مشهور ناول “پڙاڏو سوئي سڏ” ۱۹۷۹ع ۾ ڇپيو، هي ناول سنڌ تي ارغونن ۽ ترخانن جي ڪاري دور جي ڪهاڻي پيش ڪري ٿو هڪ سنڌيڪار جي حيثيت سان هن “چين جي هارين کي زمين ڪيئن ملي”، “چونڊ آمريڪي افسانا”، “ڏکڻ مان ٿو سج اڀري”، “سنڌ جي اقتصادي تاريخ” ڪتاب پڻ ترجمو ڪيا. سندس ناول ۽ افسانن جا مجموعا، افسانوي ادب ۾ تمام وڏي اهميت وارا آهن. سراج صاحب پنهنجي صحافتي زندگيءَ ۾ روزاني هلال پاڪستان جو ايڊيٽر رهڻ کانسواءِ “رتيءَ جي رهاڻ ۽ ملان جي ڊوڙ” ۽ جاڳو اخبار ۾ “سياسي منظرنامو” جي سري سان سوين مضمون ۽ ڪالم لکيا. سراج شاعري به ڪئي ۽ ڪراچيءَ جي سنڌ کان ڌار ڪري وفاق حوالي ڪرڻ جي موقعي تي “ڪراچي” نالي سان تاريخي ۽ اهم نظم لکيو. لسانيات جي حوالي سان سندس اهم تصنيف “سنڌي ٻولي” ۱۹۶۴ع ۾ ڇپي، جنهن سنڌي ادب ۾ ٻوليءَ جي ارتقا جي حوالي سان نوان بحث ڇيڙيا. هن ڪتاب ۾ پهريون ڀيرو هن سنڌ جي ٻين عالمن سان اختلاف ڪندي سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي اصلوڪي ۽ بنيادي ٻولي قرار ڏنو پنهنجي زندگي جي آخري ڏينهن ۾ هڪ ڏينهن هو “پارڪلين اسپتال”۾ داخل هڪ ٻئي ارڏي شمشير الحيدري سان ملڻ آيو. هن پنهنجي ڪڙڪ آواز ۾ شمشير کي چيو ته “جلدي تيار ٿي ته وڏيون ڪچهريون ڪيون” آئون موجود هوس. مون کي چيائين ته شمشير جي حالت بهتر ناهي. هن جي خيال ڪجو. مون سندن گهر ۾ سندس ٻولي جي حوالي سان لکيل ڪتاب تي پڇيو ته هن چيو ته “هاڻي سندس سوچ ٻي آهي، ارتقا ۽ تحقيق پڙهڻ کانپوءِ مون کي پنهنجي ڪتاب کي ٻيهر لکڻ جو خيال ٿيو آهي، رڳو خوش ٿي وٺان. هن مون کي ڪرشن چندر جو ترجمو ٿيل ڪتاب “ڏکڻ مان ٿو سج اڀري” جو اوائلي ڪاپي ڏيندي چيو ته “ايوب هي ڪتاب ٻيهر ڇاپڻ جي گهرج آهي” مون کين ٻڌايو ته ٻن هفتن ۾ اچي ويندو. پوءِ اهو ڪتاب ته آيو پر ان جو سنڌيڪار هن جهان ۾ موجود ڪونه هو. محترما بينظير ڀٽو سان آخري ملاقات: ۱۹۹۸ع ۾ جلاوطن ٿيڻ کان اڳ محترما بينظير ڀٽو آخري ملاقات سنڌ جي دانشورن ۽ اديبن سان ڪئي هئي. جنهن ۾ سيد غلام مصطفي شاه، محمد ابراهيم جويو، ايم ايچ پنهور، اعجاز قريشي، نثار احمد کهڙو، ناهيد عباسي، نويد قمر، مشتاق ميراڻي ۽ ٻيا موجود هئا. ان ملاقات ۾ محترما کي سنڌ جي دانشورن تعليم جي باري ۾ الاهي ڳالهيون ڪيون، کوٽون ٿي سگهڻ جهڙا پر نه ٿي سگهندڙ ڪم ٻڌايا. اها سراج صاحب جي ميزباني ۾ سنڌ جي دانشورن سان محترما جي آخري ملاقات هئي. محترما دبئي هلي ويئي ۽ ان کانپوءِ وري سندس سراج صاحب سان ملاقات ٿي نه سگهي. سراج صاحب جو خيال هو ته پنهنجي روايتن سان ايئن بغاوت ڪرڻي پوندي، جيئن پنهنجي ڀيڻن جي تعليم لاءِ هو ڳوٺ ڇڏي هليو ويو ۽ وري روايتن جي پاسي نه موٽيو. (ڏھاڙي پنھنجي اخبار ۲ فيبروري ۲۰۲۱ع تي ڇپيل) سراج سنڌوءَ جي ساڃاهه علي نواز آريسر سراج، سنڌي ٻوليءَ جو اُهو سگهارو قلمڪار آهي، جنهن سنڌي ٻوليءَ سان انتها جي حد تائين عشق ڪيو، هن سنڌي ادب ۾ جيڪي نوان لاڙا آندا، سي تاريخ جو هڪ مثال بڻجي ويا، ڇاڪاڻ ته هن سڄي زندگي اُهو ادب تخليق ڪيو، جنهن جي سنڌ کي ضرورت هُئي. هن سنڌي ٻوليءَ بابت نج سنڌيت جي جذبي هيٺ جڏهن پنهنجو منفرد نظريو قائم ڪيو، اُن وقت سندس منهن تي مُڇن جي ساول به نه آئي هُئي، هو ان وقت جيتوڻيڪ ٻوليءَ جي وصفن ۽ گهراين کان به ايترو واقف نه هوندو، پر سندس اندر ۾ ويٺل سنڌ جي عشق، نه رُڳو کيس ٻوليءَ جي سڀني وصفن کان آگاهه ڪيو، پر هن ان وقت بيٺل پاڻيءَ ۾ ڄڻ ته پٿر اُڇلايو هو. اُن جو پسمنظر هي آهي ته: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۱۹۵۹ع ڌاري ٽه ماهي مهراڻ ۾ ’سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ‘ جي عنوان سان هڪ مضمون لکي، سنڌي ٻوليءَ بابت پنهنجي راءِ قائم ڪئي، ته ’سنڌي ٻولي، سامي صفت زبانن مان هڪ آهي.‘ اُن وقت سراج جي ذهن ۾ مانڌاڻ مچي پيو، هن انهيءَ مانڌاڻ جو ذڪر جڏهن سنڌي ٻوليءَ جي عالم محمد ابراهيم جويي سان ڪيو ته جويي صاحب کيس چيو: ”جواب ڇو نه ٿو لکين؟“. سراج اُن وقت هڪو ٻڪو ٿي ويو هو ته ڪٿي ڊاڪٽر بلوچ جهڙو جيد عالم ۽ ڪٿي سراج جهڙو شاگرد ۽ الهڙ جوان! وقت پنهنجي رفتار سان گذرندو رهيو، سراج جي دل ۾ ٻوليءَ جو درد قرض بڻجي دُکندو رهيو ۽ ذهن ۾ سنڌ جي عشق جا اُلا ڀڀڙ بڻجي ڀڙڪندا رهيا. سنڌي ٻوليءَ جا عاشق- محمد ابراهيم جويو، شيخ اياز، مولانا غلام محمد گرامي، شمشيرالحيدري، غلام رباني آگرو ۽ نياز همايوني کانئس بار بار پُڇندا رهيا ته جواب جو ڇا ڪيئي؟ اهڙيءَ ريت هُو پنهنجي دل ۽ ذهن جي انهيءَ آڙاهه کي جهڪو ڪرڻ خاطر سياري جي سرد راتين ۾ نڪري پيو موهن جي دڙي جي کنڊرن کي ڦلهورڻ. اُهو موهن جو دڙو، جيڪو پنهنجي اندر ۾ ڪيتريون تاريخي ڪٿائون دفن ڪري ويٺو هو، اُهو موهن جو دڙو، جيڪو سنڌ جي آڳاٽي تاريخ جو اهم ۽ انوکو مثال هو. انهيءَ موهن جي دڙي جي کنڊرن ۾ راتين جون ننڊون ڦٽائي، سراج سنڌي ٻوليءَ جي آڳاٽي تاريخ جو تت ڳولي ڪڍيو. مسلسل جفاڪشي ۽ جاکوڙ کانپوءِ، هن ۱۹۶۱ع ۾ هڪ طويل مضمون لکيو. جنهن جي جواب ۾ وري ڊاڪٽر صاحب هڪ مضمون لکيو ۽ پوءِ ۱۹۶۴ع ۾ سراج ’سنڌي ٻولي‘ نالي هڪ ڪتاب لکي، سنڌي ادب جي جهول ۾ وڌو. جيتوڻيڪ اُن وقت هن ڪتاب تي مختلف اديبن پاران سخت تنقيدون ٿيون، بحث مباحثا ٿيا، ڪتاب ۾ قائم نظريي کي غلط ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر چوندا آهن ته ڪڏهن ڪڏهن تاريخ پنهنجو پاڻ کي ورجائيندي آهي ۽ اُهو ورجاءُ اهو آهي جو اڄ سنڌي ٻوليءَ جا سمورا محافظ ’سراج جي نظريي‘ آڏو مٿو ٽيڪي بيٺل نظر اچي رهيا آهن. خود ڊاڪٽر بلوچ هڪ پروگرام ۾ سراج جي پُٺي ٺپري چيو هو ته: ’نوجوان! اڄ آءٌ به تنهنجي راءِ سان متفق آهيان.‘ سراج جيتوڻيڪ اُن وقت ڪو ايڏو وڏو محقق نقاد نه هو، پر هُو سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو عاشق هو، جنهن سنڌ سان سسئيءَ جهڙو عشق ڪيو هو ۽ سسئيءَ جيان جهنگ جبل جهاڳڻ شروع ڪيا هئا. سراج رُڳو محقق هجي ها ته ڪنهن پراڻي طئه ٿيل نظريي تي بيهي رهي ها، پر هُو ته تخليقڪار هو ۽ تخليقڪار ئي انتها جي حد تائين عشق ڪري سگهي ٿو. سراج عاشق نه هجي ها ته ٻاروتڻ ۾ پڙهيل الف- ب واري پٽي، سندس ذهن تي اُڪريل نه هجي ها! – ۽ ها، اُهو ٻوليءَ جو عشق، کيس پنهنجي والد صاحب محمد يعقوب ’نياز‘ کان وِرثي ۾ مليو هو. سراج، ٻيو جيڪو وڏو ڪم ڪيو، اُهو ڪم هو ’سنڌ جي تاريخي پسمنظر ۾ ناول لکڻ،‘ سراج جو پهريون ناول ‘پڙاڏو سوئي سڏ’ تاريخي پسمنظر ۾ لکيل سنڌيءَ جو پهريون اهم ناول آهي، جنهن جا هن وقت تائين ڏهن کان وڌيڪ ڇاپا پڌرا ٿي چُڪا آهن ۽ هيءَ ناول، سنڌي ادب جي شاگردن کي ايم. اي ۾ سبجيڪٽ طور پڙهايو ويندو آهي. هن ناول جي ٻولي، جيتوڻيڪ سادي آهي، پر ناول ۾ جيڪو انقلابي نُڪتو کنيو ويو آهي، تنهن سنڌ جي قومي هلچل ۾ چڱو خاصو اُڀار آندو. هي ناول ترخانن جي سنڌ سان ڪيل ڏاڍاين خلاف آهي. سراج صاحب جي مٿين راءِ اهو ثابت ڪري ٿي ته سنڌي ماڻهو ويڙهه جو عمل ۽ منظم جدوجهد هن دور ۾ سکيا. سراج هن ناول ۾ ’جيئي سنڌ‘ جو نعرو به متعارف ڪرايو آهي، جنهن سنڌ جي قومي هلچل ۾ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي. اهڙيءَ طرح سراج هن ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو به لکيو، جيڪو ’مرڻ مون سين آءُ‘ جي نالي سان گهڻو پوءِ ڇپيو. اهڙيءَ طرح سراج وقت جي نبض تي هٿ رکي ادب تخليق ڪندو رهيو ۽ ان سلسلي تحت هن سنڌي ناولن ۾ ’ٽريالاجي‘ به متعارف ڪرائي، هن ٽريالاجيءَ ۾ سندس ٽي ناول: ’منهنجي دنيا هيڪل وياڪل‘، ’تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول‘ ۽ ’منهنجي دنيا مِرگهه ترشنا‘، شامل ڪيا، جيڪي ٽريالاجيءَ طور ’پياسي ڌرتي رمندا بادل‘ نالي سان ڇپيا. هن کان اڳ ڪنهن سنڌي مصنف سنڌي ناول جي ٽريالاجي نه لکي هُئي. مجموعي طور سراج هر دور ۾ متحرڪ قلمڪار رهيو آهي. هن ڪهاڻيون به لکيون ته شاعري به ڪئي. منظوم ناٽڪ به لکيا ته لاتعداد ڪالم به لکيا. هو جڏهن هلال پاڪستان اخبار جو ايڊيٽر هو، تڏهن’ملان جي ڊوڙ‘، ’سياسي منظر نامو‘ ۽ ‘رتيءَ جي رهاڻ‘سِري هيٺ لاتعداد مضمون ۽ تجزيا لکيائين، سندس اهي ڪالم اڄ به پڙهجن ٿا ته ايئن پيو محسوس ٿئي، ڄڻ اڄ جي حالتن تي لکيا ويا آهن، ڇاڪاڻ ته سنڌ جون حالتون اڃا تائين ساڳئي پسمنظر ۾ ساهه کڻي رهيون آهن. سراج جي ٻين ڪتابن ۾: ’سج ڏکڻ مان ٿو اُڀري‘ (ڪرشنچندر جي ناول جو ترجمو:۱۹۵۳ع)، ’سنڌ جي اقتصادي تاريخ‘ (ايس. پي ڇٻلاڻيءَ جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۵۸ع)، ’چونڊ آمريڪي افسانا‘ (ترجمو:۱۹۵۸ع)، ’اي درد هلي آءُ‘ (ڪهاڻيون:۱۹۶۲ع)، ’اٺون ماڻهو (ڪهاڻيون‘:۱۹۸۵ع)، ’سياسي منظر نامو‘ (۲۰۱۵ع) ’ڏات ۽ ڏاهپ جي لاٽ‘ (۲۰۱۵ع) شامل آهن. منهنجي سراج صاحب سان صرف هڪ ملاقات ٿي هُئي، اُن وقت آءٌ عمر ۾ ڪافي ننڍو هئس، هڪ ڀيري آريسر صاحب [عبدالواحد آريسر] سان گڏجي ڪراچيءَ ويو هئس ۽ پوءِ اسان شمشيرالحيدريءَ سان گڏجي، سراج صاحب سان مليا هُئاسين. نهايت ئي سنجيده انسان، ضرورت وقت ڳالهائي رهيو هو، نه ته مسلسل خاموش، پر هن جيڪو به ڳالهايو پئي، ان ۾ سنڌ جو ذڪر هو، سنڌ جي شعور جي ٽمورتيءَ سان گڏ ويٺي مون پنهنجي پاڻ کي خوش نصيب ڀانئيو هو ۽ اُن رات ڪيتري دير تائين ٽنهي جي ڪچهريءَ مان مون علم جا ڪيئي ڪڻا ميڙيا هئا، جيڪي اڄ تائين منهنجي ذهن ۾ سانڍيل آهي. سراج سان منهنجي شناسائي هونئن ته گهڻي پراڻي هئي، ڇاڪاڻ ته مون جيڪو پهريون ناول پڙهيو هو، اُهو سراج جو ناول ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ هو جيڪو اُن وقت ته منهنجي سمجهه ۾ نه آيو هو، پر اڳتي هلي انهيءَ ناول منهنجي ايتري ته رهنمائي ڪئي، جو آءٌ به ’ساڳئي پنڌ جو پانڌيئڙو‘ بڻيو هئس. اهڙيءَ طرح انهي شُناسائيءَ کي عملي صورت اُن رات ملي هئي، جڏهن آءٌ هن جي سامهون خاموش ويٺو کيس ڏسندو رهيو هئس. هماليه جهڙي هن اڏول انسان جي ذهن ۾ ان وقت به سنڌ جي سوچ هُئي. سراج، بابت هڪڙي ٻي اهم ڳالهه آءٌ رڪارڊ تي آڻڻ چاهيان ٿو، جيڪا هن وقت تائين سامهون اچي نه سگهي آهي ۽ اُها ڳالهه مون کي آريسر صاحب، ۲۲ اپريل ۲۰۱۵ع تي راجپوتانا اسپتال جي ڪمري نمبر ۱۲۲ ۾ ٻڌائي هُئي ته: جڏهن بينظير صاحبه پاڪستان ۾ اپوزيشن اڳواڻ هئي، اُن وقت هن ڏکڻ ايشيا جي اپوزيشن اڳواڻن جي ميٽنگ ڪوٺائي هئي، جنهن ميٽنگ ۾ شيخ حسينه واجد کان مختلف صحافي انٽرويو وٺڻ آيا هئا ته حسينه واجد انهن کي وراڻيو هو ته: آءٌ انٽرويو صرف بنگالي ٻوليءَ ۾ ڏيڻ پسند ڪنديس، ظاهر ڳالهه آهي ته هِتان جي صحافين کي بنگالي ٻولي ڪانه ٿي آئي، اُن وقت سراج ميمڻ، حسينه واجد سان مليو ۽ پنهنجو تعارف ڪرائيندي چيائين ته آءٌ توهان جي بابا جو دوست آهيان ۽ ڊاڪا مان به ٿي آيو آهيان، تڏهن هن وراڻيو ته: ’ها، مون اوهان جو ذڪر بابا جي ڊائريءَ ۾ پڙهيو آهي- ۽ پوءِ هن سراج صاحب کي انٽرويو ڏيڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي. اُن وقت پاڪستان ۾ بينظير، بنگلاديش ۾ شيخ حسينه واجد ۽ نيپال ۾ ڪُماري ٽنگا اپوزيشن جون عورت اڳواڻ هُيون. ان مان واضح ٿئي ٿو هو ڪيڏو وڏو ماڻهو هو ۽ ڪيڏو ڪميٽيڊ ۽ واسطا ڳنڍيندڙ انسان هو. سراج صاحب تي وقت جي نقادن ڪيتريون ئي تنقيدون ڪيون، پر هن ڪڏهن مُڙي به انهن کي جواب نه ڏنو ۽ نه هن ڪڏهن ان جي ضرورت محسوس ڪئي، ڇاڪاڻ ته هن ڄاتو ٿي ته تنقيدن جي ور چڙهي پنهنجو وقت وڃائڻ کان بهتر آهي ته عملي ڪم ڪجي ۽ هو سڄي زندگي ڪم ڪندو رهيو. اڄ تاريخ سندس انهن مخالفن جي منهن تي سراج جي تخليقن جي اهڙي ته مُهر هڻي ڇڏي آهي، جو وٽن سندس ادبي تخليقن جي ’اعترافي قبوليت‘ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو بچيو ئي ناهي. سراج، جيڪو سنڌوءَ جي ساڃاهه هو، سو سنڌ کان ۲ فيبروري ۲۰۱۳ع تي جدا ٿي ويو، پر سندس ڏنل نظريو سنڌ ۾ اڄ به شعور جي چڻنگ کي روشن رکيو اچي. سراج سنڌوءَ جي ساڃاهه علي نواز آريسر سراج، سنڌي ٻوليءَ جو اُهو سگهارو قلمڪار آهي، جنهن سنڌي ٻوليءَ سان انتها جي حد تائين عشق ڪيو، هن سنڌي ادب ۾ جيڪي نوان لاڙا آندا، سي تاريخ جو هڪ مثال بڻجي ويا، ڇاڪاڻ ته هن سڄي زندگي اُهو ادب تخليق ڪيو، جنهن جي سنڌ کي ضرورت هُئي. هن سنڌي ٻوليءَ بابت نج سنڌيت جي جذبي هيٺ جڏهن پنهنجو منفرد نظريو قائم ڪيو، اُن وقت سندس منهن تي مُڇن جي ساول به نه آئي هُئي، هو ان وقت جيتوڻيڪ ٻوليءَ جي وصفن ۽ گهراين کان به ايترو واقف نه هوندو، پر سندس اندر ۾ ويٺل سنڌ جي عشق، نه رُڳو کيس ٻوليءَ جي سڀني وصفن کان آگاهه ڪيو، پر هن ان وقت بيٺل پاڻيءَ ۾ ڄڻ ته پٿر اُڇلايو هو. ۱۹۶۴ع ۾ سراج ’سنڌي ٻولي‘ نالي هڪ ڪتاب لکي، سنڌي ادب جي جهول ۾ وڌو. جيتوڻيڪ اُن وقت هن ڪتاب تي مختلف اديبن پاران سخت تنقيدون ٿيون، بحث مباحثا ٿيا، ڪتاب ۾ قائم نظريي کي غلط ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر چوندا آهن ته ڪڏهن ڪڏهن تاريخ پنهنجو پاڻ کي ورجائيندي آهي ۽ اُهو ورجاءُ اهو آهي جو اڄ سنڌي ٻوليءَ جا سمورا محافظ ’سراج جي نظريي‘ آڏو مٿو ٽيڪي بيٺل نظر اچي رهيا آهن. سراج، ٻيو جيڪو وڏو ڪم ڪيو، اُهو ڪم هو ’سنڌ جي تاريخي پسمنظر ۾ ناول لکڻ،‘ سراج جو پهريون ناول ‘پڙاڏو سوئي سڏ’ تاريخي پسمنظر ۾ لکيل سنڌيءَ جو پهريون اهم ناول آهي، جنهن جا هن وقت تائين ڏهن کان وڌيڪ ڇاپا پڌرا ٿي چُڪا آهن ۽ هيءَ ناول، سنڌي ادب جي شاگردن کي ايم. اي ۾ سبجيڪٽ طور پڙهايو ويندو آهي. هن ناول جي ٻولي، جيتوڻيڪ سادي آهي، پر ناول ۾ جيڪو انقلابي نُڪتو کنيو ويو آهي، تنهن سنڌ جي قومي هلچل ۾ چڱو خاصو اُڀار آندو. هي ناول ترخانن جي سنڌ سان ڪيل ڏاڍاين خلاف آهياهڙيءَ طرح سراج هن ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو به لکيو، جيڪو ’مرڻ مون سين آءُ‘ جي نالي سان گهڻو پوءِ ڇپيو. اهڙيءَ طرح سراج وقت جي نبض تي هٿ رکي ادب تخليق ڪندو رهيو ۽ ان سلسلي تحت هن سنڌي ناولن ۾ ’ٽريالاجي‘ به متعارف ڪرائي، هن ٽريالاجيءَ ۾ سندس ٽي ناول: ’منهنجي دنيا هيڪل وياڪل‘، ’تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول‘ ۽ ’منهنجي دنيا مِرگهه ترشنا‘، شامل ڪيا، جيڪي ٽريالاجيءَ طور ’پياسي ڌرتي رمندا بادل‘ نالي سان ڇپيا. هن کان اڳ ڪنهن سنڌي مصنف سنڌي ناول جي ٽريالاجي نه لکي هُئي. مجموعي طور سراج هر دور ۾ متحرڪ قلمڪار رهيو آهي. هن ڪهاڻيون به لکيون ته شاعري به ڪئي. منظوم ناٽڪ به لکيا ته لاتعداد ڪالم به لکيا. هو جڏهن هلال پاڪستان اخبار جو ايڊيٽر هو، تڏهن’ملان جي ڊوڙ‘، ’سياسي منظر نامو‘ ۽ ‘رتيءَ جي رهاڻ‘سِري هيٺ لاتعداد مضمون ۽ تجزيا لکيائين، سندس اهي ڪالم اڄ به پڙهجن ٿا ته ايئن پيو محسوس ٿئي، ڄڻ اڄ جي حالتن تي لکيا ويا آهن، ڇاڪاڻ ته سنڌ جون حالتون اڃا تائين ساڳئي پسمنظر ۾ ساهه کڻي رهيون آهن. سراج جي ٻين ڪتابن ۾: ’سج ڏکڻ مان ٿو اُڀري‘ (ڪرشن چندر جي ناول جو ترجمو: ۱۹۵۳ع)، ’سنڌ جي اقتصادي تاريخ‘ (ايس. پي ڇٻلاڻيءَ جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۵۸ع)، ’چونڊ آمريڪي افسانا‘ (ترجمو:۱۹۵۸ع)، ’اي درد هلي آءُ‘ (ڪهاڻيون:۱۹۶۲ع)، ’اٺون ماڻهو (ڪهاڻيون‘ : ۱۹۸۵ع)، ’سياسي منظر نامو‘ (۲۰۱۵ع) ’ڏات ۽ ڏاهپ جي لاٽ‘ (۲۰۱۵ع) شامل آهن. سراج، جيڪو سنڌوءَ جي ساڃاهه هو، سو سنڌ کان ۲ فيبروري ۲۰۱۳ع تي جدا ٿي ويو، پر سندس ڏنل نظريو سنڌ ۾ اڄ به شعور جي چڻنگ کي روشن رکيو اچي. (ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
مولانا عبيدالله سنڌي امام انقلاب محمد سليمان وساڻ مولانا عبيدالله سنڌي ۱۰ مارچ ۱۸۷۲ع ۾ چيانوالي ضلع سيالڪوٽ جي هڪ سک گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس پيدائش کان اڳ، سندس والد وفات ڪري ويو. ٻن سالن جو ٿيو ته سندس ڏاڏو به وفات ڪري ويو. سندس ماءُ، کيس پنهنجي پيڪن ۾، ڊيرا غازي خان وٺي آئي. اتي هڪ دوست کان اسلامي ڪتاب پڙهڻ جو موقعو مليس. ۱۵ آگست ۱۸۸۷ع ۾ جڏهن پاڻ ڄام پور ضلع ڊيره غازي خان ۾ اٺين جماعت پڙهندو هو تڏهن اظهارِ اسلام لاءِ نڪري پيو ۽ سنڌ ۾ پهچي سيد العارفين حضرت حافظ محمد صديق ڀرچونڊي واري جي بيعت ڪيائين ۽ اتي ۶ مهينا رهيو. ۱۸۸۸ع ۾ ديوبند جي درسگاهه ۾ داخل ٿيو ۽ حضرت شيخ الهند مولانا محمود حسن رحه جي جماعت جي اندروني حلقي ۾ داخل ٿيو. حافظ سان روحاني نسبت جي ڪري پاڻ کي سنڌي سڏائڻ لڳو. ان کان پوءِ بزرگ امروٽي جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. هتي ماهوار رسالو هدايت الاخوان جاري ڪيائين. هو ۱۹۲۲ ۾ حضرت شيخ الهند رحه جي حڪم سان ڪابل ڏانهن تشريف فرما ٿيا ۽ اُتي ستن سالن تائين سياسي ڪم ڪندا رهيا. جنهن جي نتيجي ۾ امير امان الله خان مرحوم هند جي برطانوي حڪومت سان جنگ ڪئي. جنهن بعد افغانستان برطانوي اثر کان آزاد ٿيو. ۱۹۲۲ع ۾ پاڻ ماسڪو مان ٿيندا ترڪي ويا. جتي ۱۹۲۴ع ۾ اردو ۾ ۽ ۱۹۲۶ع ۾ انگريزي ۾ پنهنجو اهو شهره آفاق سياسي پروگرام شايع ڪيو، جنهن هند ۾ انگريزي سياست جو رُخ بدلائي ڇڏيو. ان ۾ پهريون ڀيرو مطالبو پيش ڪيو ويو ته بر اعظم پاڪ و هند کي ورهايو وڃي. ۱۹۲۷ع ۾ پاڻ مڪه مڪرم پهتو جتي ٻارهن سال رهي ۽ امام ولي الله دهلوي رحه جي فلسفي جو گهرو مطالعو ڪندو رهيو. ۷ مارچ ۱۹۳۹ع ۾ ۲۳ سالن جي جلاوطني کان واپس اچي ڪراچيءَ پهتو مولانا تان بندش ختم ٿي. ڪراچي بندر تي لٿو سندس استقبال ۾ سنڌ جو وزير اعلى خانبهادر الله بخش سومرو مرحوم گلن جا هار کنيو موجود هو. ۲۳ ورهين جو وڇوڙو ختم ٿيو. مولانا ۽ سنڌ وري هم آغوش ٿيا. مارئي موٽي ملير آئي. مولانا عبيد الله سنڌي، سنڌ جي دوري تي هو ۽ سنڌ مسلم شاگردن جي اجلاس کي خطاب ڪندي هن فرمايو ته، هن موقعي تي آئون اوهان شاگردن کي ٻڌائيندس ته اوهان انگريزي پڙهو، مغربي سائنس جو مطالعو ڪيو ۽ علم ۽ ڄاڻ حاصل ڪيو ته اوهان ان انقلاب کي چڱيءَ طرح سمجهو، جيڪو يورپ ۾ اڄ ڪلهه روان دوان آهي. حالانڪ پاڻ پنجن سالن تائين امام ولي الله دهلوي رحه جي فلسفي جي تشريح اشاعت ڪندو رهيو. پاڻ ان فلسفي جي تدريس جي لاءِ بيت الحڪمت پڻ قائم ڪيا. بيت الحڪمت لاهور نومبر ۱۹۴۰ع ۾ قائم ڪيائين ۽ ۱۵ مارچ ۱۹۴۴ع تي فلسفه ولي الله جي اشاعت جي لاءِ ولي الله سوسائٽي لاهور جو بنيات رکيائين. پاڻ ۲۲ آگسٽ ۱۹۴۴ع تي وفات ڪري ويو. دين پور (بهاولپور) ۾ سندس تدفين ٿي. مولانا عبيدالله سنڌي حافظ سڪندر تنيو ۱۰ مارچ ۱۸۷۲ع جي بهار جي مند ۾ سيال ڪوٽ پنجاب جي ڀر ۾ هڪ ننڍڙي ڳوٺ چيانوالي ۾ هن سدوري ٻار کي امڙ پنهنجي ڪک مان جنمي هن نئين دنيا منجھه آندو، سندس نالو بوٽاسنگھ رکيو ويو. ننڍڙي بوٽاسنگهھ کي ڇهن سالن جي ڄمار ۾ اسڪول ۾ ويهاريو ويو. هي اسڪول ۾ ذهين ٻار ليکيو ويندو هيو. هن کي ڪتابن پڙھڻ سان ننڍي عمر ۾ شوق هيو. کيس سندس هڪ سک استاد ڪتاب تحفةالهند نالي پڙھڻ لاءِ ڏنو، جيڪو هڪ نئين مسلمان ٿيل سک جو لکيل هيو.جيڪو اسلامي تعليمات تي لکيل هيو. هن ڪتاب ننڍڙي بوٽاسنگھه جي ذھن ۾ ولولو پيدا ڪري وڌو. اسلام جي توحيد پرستي کيس متاثر ڪيو ۽ وڌيڪ ڪتاب پڙھڻ لڳو. نيٺ هن جي اندر ۾ ويٺل انسان اباڻي مذهب سان بغاوت ڪري وڌي، ۽ پنجاب مان نڪري سنڌ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڀرچونڊيءَ۾ وقت جي عارف سائين حافظ محمد صديق سميجي جي هٿ تي اسلام قبول ڪيو. سندس نالو ڪتاب جي مصنف جي نسبت سان عبيدالله رکيو ويو. سندس سنڌ ۾ ڪوئي مٽ مائٽ نه هيو هن حافظ کي پنهنجو ابو سڏيو ۽ پنجابي قوميت جو چولو لاهي سنڌي قوميت جو پهراڻ بدن تي پهريو، سنڌ کي پنهنجي امڙ بڻايو. سنڌ جي مدرسن امروٽ، پير جهنڊو، کڏو ڪراچي ۾ پڙھيو، سنڌي زبان سکيو، پڙهيو، سکر جي هڪ سنڌي پٺاڻ جي گهر مان سندس شادي ٿي. اعليٰ تعليم جي ان دور جي وڏي درسگاهه دارالعلوم ديوبند مان سَندَ (ڊگري) ورتي .هن برصغير جي سياسي ۽ علمي دنيا جي وڏي شخصيت حضرت شيخ الهند مولانا محمودالحسن کان علم ۽ سياست جا سبق پڙهيا، ۽ جڏھن گانڌي ۽ نهرو سياست جي اڱڻ ۾ بانبڙا پائي رهيا هئا ته ان وقت شيخ الهند ۽ مهاراشٽر جو تلڪ مهراج انگريزن جي قيد خانن جا دڳ پڇائيندي ڏِسبا هئا، سو مولانا عبيد الله کي ڪابل موڪليو ويو ته اتي وڃي دنيا جي ملڪن کان سياسي، اخلاقي، معاشي سپورٽ حاصل ڪر.هن اتي وڃي جرمن، روس، ترڪي، جپان جي سفيرن سان رابطا ڪيا، ۽ افغانستان کي انگريزن سان وڙھڻ لاءِ همٿايو، هن جي سياسي منصوبابندي انگريز جو هيانءُ ڏاري وڌو ۽ افغانستان کي آزاد رهڻ جو حق لکي ڏنو.پر انگريزن شرط رکيو ته عبيدالله جي ٻانهن انگريزن جي حوالي ڪئي وڃي. احسان فراموش پٺاڻ مولانا کي گرفتار ڪرائڻ جي تياري ڪري رهيا هئا. مولانا کي چيو ويو ته ڪابل مان نڪري وڃ مولاناجي کيسي ۾ ھڪ رپيو ڪابلي سڪو هيو ته هي گهر کان ٻاهر نڪتو دروازي تي انگريز سپاهي پهچي ويا کانئس پڇيائون عبيدالله جو گهر هي آهي؟ چيائين ها هي اٿس پڇيائونس پاڻ ڪٿي آهي؟ چيائين ٿورو وقت اڳ ته هتي هيو اهڙي طرح هو روس نڪري ويو. ماسڪو پهتو، لينن جي گهر واريءَ سندس اڙانگي سفر ڪري پير ڦٽيل ڏسي سندس مرهم پٽي هٿن سان ڪندي هيس. ماسڪو جي هوٽل ۾ رهندي کيس نماز پڙھندي ڏٺو ويو، کيس آفيسرن آڏو آندو ويو کيس چيو ويو هتي نماز پڙھندڙ جي سزا موت آهي، هن چيو ڏيئي ڇڏيوم، هي منهنجو ذاتي عمل آهي سرڪار کي ڪهڙي تڪليف ڏني اٿم. کيس چيائون ته تو سوني پتريءَ تي پيغام لکي ڪميونسٽ فوج جي همت افزائي ڪئي هئي، جنهنڪري زار کي شڪست آئي هئي، ان احسان سبب تو کي سزا نٿا ڏيون. بادشاهي مسجد جي خطيب ٻڌايو ته هو روس ويو هڪ گهر ڏيکاريو ويس، جنهن تي ٻاهران تختيءَ تي لکيل هيو ته هي عبيدالله سنڌي جي رهائش هئي، اندر هال ۾ گهڙياسين ته روسي انقلابين جا فوٽو ٽنگيل هئا جن ۾ ڪامريڊ لينن جي تصوير به هئي پر سڀني کان مٿي مولانا جي تصوير لڳل ڏٺم، چيائون هي اسانجو محسن هيو هن زار (روس جو مطلق العنان حاڪم) کان آزادي ڏيارڻ ۾ اسانجي مدد ڪئي هئي. قصو ڊگهو آهي مختصر مضمون ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي نيٺ ۲۵ سال زندگي جا جلاوطني جي عذاب ۾ گذاريندي، ڪراچي جي ڪياماڙي بندر تي هي پوڙهو جرنيل جهاز مان لهي ٿو ته سنڌ جي حڪومت جو سربراهه وزيراعظم الله بخش سومرو، جمعيت علماء سنڌ ۽ ڪانگريس پارٽي جا اڳواڻ هار کڻي سندس سواگت ڪندي نوڙي نياز ڪرڻ آيا، پر ان وقت جي مسلم ليگي قيادت انگريزن جي ناراضپي سبب بنگلن ۾ لڪل ويٺي رهي. مولانا صاحب جي جلاوطني جي خبر جڏھن ڦهلجي ويئي ته هڪ پاڻي وارو جهاز ان رات جده کان ڪراچي لاءِ اچي رهيو هيو، ڪمپني وارا مولانا وٽ آيا کيس چيائون ته اوهين اسان جي جهاز ۾ سفر ڪريو، مولانا کين چيو ته مون وٽ ڀاڙي جا پئسا ئي نه آهن، کيس چيائون ته اوهان کان اسين ڀاڙو نه وٺنداسين اوهان جو هلڻ اسان لاءِ اعزاز ۽ سعادت هوندو. مولانا ان شرط تي سفر ڪيو ته ڪراچي پهچي اوهان کي پئسا ڏيندس جيڪي هر صورت ۾اوهان کي وٺڻا پوندا. سندس توڪل ۽ قرباني هن طرح جي هئي جو هڪ ڀيري ڪراچي کان پير جهنڊي اچڻو هيس، وٽس ڀاڙي جا پئسا نه هئا، کڏي جي جماعت کيس هڪ سؤ رپيا ڏنا، سٽي اسٽيشن تي پهتو قليءَ کي سو جو نوٽ ڏنائين ته سرهاڙيءَ جي هڪ ٽڪيٽ وٺي اچ، قلي ٽڪيٽ وٺي آيو جيڪا ٽن رپين جي ملي باقي پئسا مولانا کي ڏيڻ لڳو ته کانئس واپس نه ورتائين، چيائينس منهنجي ضرورت پوري ٿي اهي تنهنجي ضرورت جا آهن، پاڻ وٽ رکي ڇڏ، محترم جي ايم سيد صاحب شانتي نڪيتن جهڙو ادارو پنهنجي ڳوٺ سن ۾ قائم ڪرڻ پئي گهريو جن لاءِ هن ٽن ماڻھن هڪ آءِ آءِ قاضي، ٻيو ڪي ايم اشرف ڪميونسٽ اڳواڻ، ۽ ٽيون مولانا عبيد الله سنڌي ءَ کي ذميواريون ڏيڻ لاءِ گهرايو هو ٻه ڄڻا نه آيا مولانا صاحب سن آيو، هڪ هفتو سن ۾ رهيو، عبدالواحد آريسر لکيو آهي ته جي ايم سيد سان ٿيل ان ڪچهرين سيد جي ذهن کي بدلائي ڇڏيو ۽ سيد جي سنڌ دوستي واري سياست تي ان ملاقاتن جا اثر ٿيا جنهن کيس بدلائي وڌو. دهليءَ ۾ ساڻس هندستان جو اڳوڻو صدر ذاڪرحسين اچي مليو، جيڪو سندس شاگرد به هيو. کانئس پڇيائين مولانا ڇا پاڪستان بڻجي ويندو؟ سنڌي صاحب چيس ته ها بڻجي چڪو آھي. چيائين؛ ڪيئن؟ هيءَ ۱۹۳۹ جي ڳالھه آهي چاليهن جي قرارداد به اڃا نه آئي هئي. چيائينس؛ ذاڪر صاحب انگريز ڏھ سال اڳ ۾ پلاننگ ڪري ڇڏيندو آهي، هن هندستان کي ورهائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. جڏھن ملڪ ورهائجي ويو مولانا ابوالڪلام آزاد کي مولانا سنڌيءَ جي ڏوهٽي مولوي ظھيرالحق ۱۹۴۸ع ۾کيس آزادي مبارڪ جو خط لکيو، کيس جواب ۾ جيڪو خط آزاد لکيس سو ماهوار سنڌي رسالي الرحيم ۾ مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي ڇاپيو هيو. آزاد لکي ٿو ميان ظهيرالحق اوهانجو آزادي مبارڪ جو خط مليم خير مبارڪ. مونکي هتي مولانا عبيدالله سنڌي ياد اچي رهيو آهي، ان جي دردن جو داستان دل مان نڪري زبان تي آيو آھي، جنهنکي قلم جي نوڪ جي اڳيان ٿو آڻيان. ۱۹۱۴ع جي عالمي جنگ جا ڏھاڙا هئا، شاهه ولي الله قافلي جي امير مولانا محمود الحسن پاران عبيدالله کي ڏکين حالتن ۾ ڪابل موڪليو ويو، جتي کيس مختلف ملڪن جي سياسي اڳواڻن سان ملي ڪم ڪرڻ جو موقعو ميسر ٿيو. جن ۾ جرمن، جاپان، فرانس جا سفير هئا، جن مان ڪيترا اڄ پنهنجي ملڪن جي حڪومتن جون واڳون سنڀاليو ويٺا آهن. مولانا افغانستان ۾ آزاد جلاوطن حڪومت هند قائم ڪئي، ان جو اڳواڻ مهندر پرتاب مقرر ٿيو. مولانا ان جو وزير هند (خارجا وزير) بڻيو، ريشمي رومال تي خط لکي برطانيا جي سڄي دنيا مٿان چڙھيل سج کي لاهڻ لاءِ للڪاريو، کيس ميدان جنگ ۾ هارائي وڌو. جو برطانوي نمائندي جنگ جي خاتمي تي مصالحتي دستاويز تي صحيحون ڪيون، ڪابل حڪومت جي خود مختاريءَ کي تسليم ڪيو. ان سان گڏ هند جي آزادي جو پڻ مطالبو مڃي ورتو ۽ آهستي آهستي هندستان کي ڇڏڻ جو يقين ڏياريو. ان جو انتقام برٽش حڪومت امير امان الله کي قتل ڪرائي کانئس ورتو، پر مولانا جو وار ونگو نه ڪري سگهي، جو مولانا جو وڏو قد ۽ ڪردار ڏسي کانئس مرعوب رهي هئي. ۲۵ سالن جي جلاوطني کان پوءِ ۱۹۳۹ع ۾ مولانا هتي پهتو ته ٻي عالمي جنگ جو آغاز هيو. مولانا هندستان خالي ڪريو تحريڪ جو اعلان ڪيو، گانڌي جي ان جي مخالفت ڪئي، پر اهو نعرو ايوان اسيمبليءَ ۾ گونجڻ لڳو، جنهن جو پڙاڏو برمنگهم پيلس لنڊن سان ٽڪرايو. هن ڪنهن به بحث ۾ حصو نه ورتو نه ئي ڪنهن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي پر اهو فن مولانا ئي ڄاڻندو هيو. مون سان (آزاد) هڪ چانھه جي ڪچهري ڪندي ملاقات ٿي. سندس چهري جي رنگت مان ڪجھ عجيب تاثرات ڏسندي کانئس پڇي ويٺم ته ڇا ڪرڻ جو ارادو آهي؟ چيائين سباش چندر بوس کي جاپان موڪلڻ ٿو گهران، ڪجھ دير ماٺ ۾ رهي مونکان موڪلائي هليو ويو. ٻئي ڏينهن تي دهليءَ کي اوکلي سان ملائيندڙ اٺ ميل ڊگهي سڙڪ جي هڪ ويران ڪنڊ تي سباش سان سندس ملاقات ٿي ۽ ٻي ملاقات ساڻس بالي گنج ڪلڪتي ۾ پڻ ٿي. کيس جپان موڪلڻ لاءِ تيار ڪيو ويو. حڪومت هند جي اڳواڻ جي حيثيت وارو ڪارڊ ۽ خط جپان حڪومت لاءِ کيس ڏنائين ته هي اسانجو نمائندو اچي ٿو، هن سان سهڪار ڪجو. سباش بابو جيئن ئي جپان پهتو سندس شاندار آجيان ڪئي ويئي. برطانيا حڪومت کي اها کڙڪ پيئي ته گهٻرائجي ويئي، ۽ ڪانگريس جي جيڪا هاءِ ڪمان قيادت، قلعي احمد نگر ۾ اسان قيد هئاسين، تن کي بنا شرطن جي آزاد ڪرڻ لڳي. جڏھن ته اڳ ۾ ھي فيصلو ٿي چڪو هيو ته قلعي کي بم سان اڏائي سموري قيادت کي ماريو ويندو. ان سان گڏ هندستان کي آزادي ڏيڻ جو به اعلان ڪيو ويو. ڪير ٿو ڄاڻي ته اهي قربانيون ڏيندڙ ڪير هئا، جپان کي به ان جي سزا هيروشيما ۾ ڀوڳڻي پئي. مولانا کي ڳجهي نموني انگريزن زهر ڏياريو، جنهن سبب سندس کل هڏن تان لهڻ لڳي هئي، نظر به گهٽجي ويس. آخر ڪار ۲۲ آگسٽ ۱۹۴۴ع تي ان ماڳ تي رسيو جيڪوسندس لاءِ الله تعاليٰ مخصوص ڪيو هيو. اڄ ان عظيم المرتبت انسان جي۱۴۵ هين سالگرهه جو ڏينهن سنڌ ساگر پارٽي لاڙڪاڻي ۽ نوشهرو فيروز ۾ ملهائي کيس سليوٽ ڪري رهي آهي. مولانا عبيدالله سنڌي ماڻهو جيڪي مرڻا ناهين حافظ سڪندر تنيو جڏهن سياست بازار جو وکر نه بڻي هئي ته اها پيغمبري پيشو بڻيل هئي، سياست تي جڏهن پيسي وارن جي غلط نظر پيئي ته هنن کيس بازار جو ڪوٺو سمجهي کانئس خوب ڪمايو، اڄ سياست جي نالي م بينڪن جا لاڪرز ڀريا ٿا ڏسجن، پر ماضيءَ جي سياست عبادت ڪري پوڄي ويندي هئي، اهڙو هڪ سياستڪار مولانا عبيد الله سنڌي جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، هي درويش صفت ماڻهو دنيا جي بادشاهن، وزير اعظمن، وڏن قوم جي سردارن جي صحبت ۾ رهيو، کيس پيسو ڏوڪڙ به سياسي ڪم لاءِ ملندو رهيو، پر هن ان دولت کي قوم جي امانت سمجهي منجهس ٽڪي پيسي جي ڪڌت ڪا نه ڪئي، ڪڏهن شاهاڻي زندگي ۾ رهندو هيو ته ڪڏهن انگ تي ڪيترن ڏينهن جا ميرا ٿيل ڪپڙا ڍڪيل هوندا هيس، سدائين توڪل جي ترهو ٻڌي سياست جي سمونڊ ۾ ترندو رهيو، سيالڪوٽ جي ڀرسان چيانوالي ڳوٺ ۾ ۱۰ مارچ ۱۸۷۲ع ۾ امڙ پريم ڪور جي ڪک مان نڪتو، والد سيالڪوٽ ۾ سون جو واپار ڪندڙ هئس، کانئس سک سردار، مسلمان چوڌري، ڪامورا زالن لاءِ ڳهھ ڳٺا ٺهرائيندا هئا، پٽ جو نالو بوٽا سنگھه رکيس، پر ٻالڪ پيءُ جو پيار وٺي نه سگهيو، هو بوٽا جي ننڍي عمر ۾ ئي پرلوڪ پڌاري ويو، امڙ کيس ڄام پور پيڪن جي گهر کڻي آيس، ماما تپيدار هيس، اڄ جو تپيدار به وڏي ٺٺ واري زندگي ۾ گذاري ٿو، ان وقت جو تپيدار ته ڄڻ تپي مٿان بادشاھ بڻيل هوندو هيو، وڏيرا سندس خدمت چاڪري ڪرڻ ۾ کٿا نه ماپبا هئا، هڪ زناني تقريب ۾ مختيارڪار ۽ تپيدار جون زالون شريڪ هيون، تپيدار جي زال جو سون ۾ جهنجهيل بدن، نواز شريف جي ڌيءَ جيان انساني جسم نه پر سون جو بڻايل مجسمو لڳي رهيو هيو، مختيار ڪار جي زال سندس تجمل ڏسي وائڙي ٿي ويئي، گهر اچي مڙس کي چيائين ته تون تپيدار ڪڏهن ٿو ٿئين؟ بوٽا سنگھه کي پڙهڻ لاءِ ويهاريو ويو، هي اسڪول جي ٻارن ۾ ذهين ٻار شمار ٿيڻ لڳو، نصابي ڪتابن سان گڏ ادبي ڪتاب پڻ پڙهڻ لڳو، هڪ ڀيري سندس ماما جو هڪ مناظرو سک ۽ هندو مذهب جي ٻاون ٻانڀڻن سان ٿيو، جنهن ۾ هي اسلام جو طرفدار بڻجي دليل ڏيڻ لڳو، اسلام جي ٻين مذهبن سان ڀيٽ ڪندي کيس بهتر مذهب ڪري پيش ڪيو، جنهنجو اثر سندس ننڍڙي ڀاڻج بوٽا سنگھه تي گهرو پيو، وڌيڪ کيس هڪ ڪتاب تحفت الهند نالي سان اسلام تي لکيل پڙهڻ لاءِ مليو، جنهن جي پڙهڻ سان هن جي ذهن ۾ هلچل مچي ويئي، هن اسلام کي قبولڻ جو فيصلو ڪري وڌو، اڄ هتي هندو جو مذهب مٽائڻ ۽ خاص ڪري هندو نياڻي کي مسلمان ڪري ساڻس سيڪس جي ورونھ خاطر دين جي خدمت سمجهيو وڃي ٿو، سرڪار پڻ ان کي سپورٽ ڪندي رهي ٿي، پران دور ۾ مذهب مٽائي مسلمان ٿيڻ ڄڻ ڪاريهر تي پير رکڻ جيان هوندو هيو، ان ڪري بوٽا سنگھه پنجاب مان ڀڄي اچي سنڌ ۾ ڀرچونڊي بزرگ حافظ محمد صديق سميجي جي هٿ تي مسلمان ٿي عبيد الله سنڌي جي نالي جي سڃاڻپ حاصل ڪئي، هي مختلف مدرسن ۾ پڙهندي اڄ جي دور جي آڪسفورڊ يونيورسٽي جي حيثيت رکندڙدارالعلوم ديوبند ۾ داخل ٿيو، جتي صرف اسلامي ڪتاب نه پر منطق، فلسفو، رياضي، سياست، سماجيات جا موضوع پڙهايا ويندا هئا، هي ديوبند مدرسي مان اسڪالر عالم جي ڊگري وٺي سنڌ ۾ اچي ڪراچي، پيرجهنڊو ۽ امروٽ ۾ پڙهائڻ لڳو. کيس دارالعلوم ديوبند سڏايو ويو سندن استاد شيخ الهند مولانا محمود الحسن چيو مون خواب ۾ سنڌ جا ٻه پنهنجا شاگرد هڪ عبيد الله سنڌي ۽ ٻيو مولانا محمد صادق کڏي ڪراچي جو رهاڪو ڏٺا آهين، ان ڪري اوهان مٿان وڏي ذميواري وارو بار رکڻ ٿو چاهيان، جُهنڊيون هڻي ڪنڌ ڌوڻيل مدرسا ٻارن کي ته هر هنڌ اسلامي ڪتاب پڙهائي رهيا آهن، پر اسان جنهن مقصد لاءِ هي مدرسو قائم ڪيو ھيو، ان جو مکيو مقصد انگريز کان آزادي وٺڻ هيو، ان لاءِ ويڙهاڪ جٿا پيدا ڪرڻا آهين، خود رسول اڪرم کي قرآن پاڪ ۾ مزمل نالي سان مخاطب ٿيندي چيو ويو آهي ته اي نظرياتي ساٿي، ورڪر تيار ڪندڙ اٿي ڪارڪن تيار ڪر(پڙهي ڏسو مولانا ٻير واري جو قرآن پاڪ جو سنڌي ترجمو جنهن ۾مزمل جي معني’ ساٿي بڻائڻ لکي اٿس) ان ڪري اوهان ٻنهي مان هڪ کي افغانستان وڃڻو آهي، جتي دنيا جي سفيرن سان ملي کانئن مالي، اخلاقي، عسڪري، سياسي مدد حاصل ڪري آزادي وٺڻي آهي، عبيد الله سنڌي ڏوري تي هٿ رکي چيو آئون ويندس، ٻيئي بزرگ سنڌ موٽي آيا، مولانا عبيد الله سنڌي پير جهنڊي لڳ نيو سعيد آباد ۾ پڙهائي رهيا هئا، پنهنجي اعتماد واري شاگرد عبدالله لغاري کي هالا جي مخدوم ڏانهن موڪليس ته کيس چئو ته مولانا کي اهم ڪم لاءِ ڳپل پيسن جي گهرج آهي، جيڪو ڪم هن وقت ٻڌائي نٿو سگهجي، اڳتي هلي توھان کي خبر پوندي ته ڀلي مقصد خاطر ڪم آيا هئا، پر جي پيسا نه ڏنا ته پوءِ انهن سون جي گينين کي ٺڪر جون ڪوڏيون سمجهي رکي هٿ هڻندا رهندا، جيئن اڄ هڪ ڀوتار جي بينڪ لاڪر ۾ خانداني سونيون گينيون پڪڙيون ويون آهن، مخدوم صاحب هڪ هزار ان دور ۱۹۱۵ع ۾ ڏيئي ڇڏيا جيڪي مولانا کي ڪابل افغانستان جي سفر ۾ ڪم آيا هئا، ان سان گڏ سنڌ جي وڏي سياسي ماڻهو آچاريا ڪر پلاڻي جي ننڍي ڀاءُ نئين مسلمان ٿيل شيخ عبدالرحيم حيدرآباد واري پنهنجي گهر واري ءَ جا سونا زيور وڪڻي پڻ مولانا جي مدد لاءِ ڏنا هئا، اهڙي طرح مخدوم صاحب جو هڪ هزار ۽ شيخ صاحب جا پيسا آزادي جي حصي وٺڻ ۾ وڏو ڪردار بڻيا هئا، اسين مخدوم صاحبن جا پڻ ٿورائتا آهيون، جو هنن ان تحريڪ ۾ پيسو ڏيئي نالو تاريخ ۾ لکرائي ڇڏيو. مولانا ڪابل ۾ ست سال رهيو، اتان جرمني، روس، جاپان کان هر طرح جي مدد ورتس، ويڙهه لاءِ هٿيار پڻ جرمني ڏنا هيا، جيڪي سنڌ تائين پهچايا ويا هئا، مولانا جي حڪمت عملين سبب افغان امير کيس رات جو مشوري لاءِ گهرائي وٺندو هيو، جنهن ڪري افغانستان جي آزادي، ترڪي جي آزادي ۽ برصغير جي آزادي ۾ مولانا جو ڪردار يادگار بڻيل آهي، هي سفيرن وزيرن سان سندن پهريل قيمتي ڪپڙن ۾ ملندو هيو، ساڻن گڏ ڇري ڪانٽن سان کائيندو هيو، چوندو هيو اسين انقلاب آڻڻ ۾ ڪامياب وياسين ته سنڌي هاري ءَ کي بلڪل يورپي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي مطابق بڻائيندا سين،جو هو مٿي تي هيٽ پائي هلندو، پٽڪن وارن وڏن ڦيڙهن ٻڌڻ جو وقت ويو هليو، انڪري مولانا پاڻ به پٽڪو نه ٻڌندو هيو، اڪثر مٿو اگهاڙو ڪري هلندو هيو، مون کڏي مدرسي ڪراچي جي مهتمم حافظ اسماعيل کي ڏٺو هيو، هو پانچا هيٺ ڪري نماز پڙهندو هيو، مون هڪ ڀيري کجي جي پوٽن جي ٺهيل ٽوپي سان نماز پئي پڙهي، مونکي چيائون ان ٽوپي پائڻ کان بھتر اٿئي ته مٿو اگهاڙو ڪري نماز پڙهندا ڪريو. مولانا صاحب ڪابل مان هڪ ريشمي رومال تي پنهنجي منصوبن کي لکي سنڌ ڏانهن موڪليو هيو، جنهن ۾ سموري پلاننگ ٿيل هئي ته ڪهڙن جڳهن تي انگريزي فوجين مٿان حملا ڪرڻا آهين، اهو ڳجهو پيغام شيخ الهند ڏي حجاز موڪلڻو هيو، جيڪو حج جي بهاني ويل ھيو، اهو رومال ملتان ۾ هڪ غدار وڏيري هٿ ڪري انگريزن کي آگاهه ڪيو، جنهن ڪري سنڌ ۾ گهڻيون گرفتاريون ٿيون، مولانا جا ساٿي پڪڙجڻ لڳا، حجاز مان شيخ الهند، مولانا سيد حسين احمد مدني ۽ سندن ساٿين کي گرفتار ڪري مصر ڀرسان سامونڊي بيٽ مالٽا ۾ کين قيد ڪري رکيو ويو، مولانا ترڪي مان منشور جاري ڪيو، مولانا مذھب جي نالي ۾ هندوستان جي ورهاست جو مخالف هيو، هن هندستان جي تاريخي قومن ۽ خطن تي ٻڌل ڏهه رياستون جوڙڻ جو منصوبو ڏنو هيو، جنهن ۾ تاريخي قومن جا سياسي، لساني، ثقافتي، سماجي، جاگرافي، معاشي حق محفوظ ڏسيل هئا، مرڪز وٽ رڳو ٻه ٽي کاتا رکڻا هئا، باقي سڀني رياستن کي مڪمل خود مختياري ڏسيل ھئي، سندس نعرو هيو پنجاب جا مالڪ پنجابي، بنگال جا بنگالي، بلوچستان جا بلوچي، سنڌ سنڌين جي، ۽ ٻين قومن جي خطن جي وارثي مالڪي پڻ هرهڪ جي هٿ ۾ هوندي، گهڻ قومي ملڪن ۾ اڄ به سندس فارمولو پراڻو نه ٿيو آهي. ريشمي رومال پڪڙجڻ سبب حيدرآباد ۾ شيخ عبد الرحيم جي گهر تي پوليس چڙهائي ڪئي، شيخ صاحب ڀت ٽپي نڪري ويو، سندس نياڻي خديجه جنهن پنهنجي آتم ڪھاڻي” شيخياڻي جي ڪهاڻي ” جي نالي سان لکي آهي، خديجه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي جي سس هئي، ڪتاب ۾ لکي ٿي بابا جيئن ئي گھر مان نڪري ويو ته وري موٽي نه مليو، چيو ٿو وڃي هندستان جي سرهند شهر ۾ گنمامي جي صورت ۾ گذاري ويو، ڪجھه هيئن به چيو ٿو وڃي ته کيس انگريزن مارائي لاش ڪٿي دفنائي ڇڏيو هيو، اهڙي طرح مولانا مذهبي رواداري جو قائل هيو، جلاوطن حڪومت هند قائم ڪيس ان جو سربراهه هندو کي بنايس، پاڻ ھندو مذهب وارن کي ڪافر نه چوندو هيو، هن وٽ ڪافر جو تصور هي هيو ته جيڪو فلاحي رياست قائم ڪرڻ ۾ رڪاوٽ پيدا ڪري ۽ انقلابي ورڪرن سان ويڙهه ڪري سوئي ڪافر آهي، اسين قرآن پاڪ ۾ پڻ ڏسون ٿا ته مڪي جي انقلاب دشمن عربن کي ته ڪافر سڏيو ويو آهي، پر ٻئي ڪنھن مذهب واري يهودي، نصاري، عيسائي، هندو وغيره کي ڪافر نه چيو ويو آھي. اھڙي طرح مولانا ۲۵ سال جلا وطن رهي جڏهن ڪياماڙي بندر تي جهاز مان لھي ٿو ته سنڌين کي خبردار ڪندي چوي ٿو سنڌيو سجاڳ ٿيو، مون صنعتي انقلاب ايندي ڏٺو آهي، وڏن وڏن ترم خانن جون پڳون پيرن ۾ لتاڙيندي ڏٺيون آهن، عزتون ٽڪي ملھ تي وڪامندي ڏٺم، امير پائيءَ خاطر پنندي ڏٺم، ان ڪري ڪراچي ايندڙ وقت ۾ وڏو صنعتي شهر بڻبو، اوهان سنڌي ڪراچي لڏي اچو، اوهان جو هڪ ڀاءُ ڳوٺ ۾ هجي هڪ ڪراچي ۾ رهندڙ هجي، مَٽايو پاڻ کي نه ته اوهان پاڻ مِٽجي ويندئو، مولوين کي چيائين انهن پراڻن ڪتابن پڙهائڻ جي پچر ڇڏيو، ٻارن کي يورپي طرز جي تعليم سيکاريو، اسان آزادي وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين، اڄ اسان جو انگريز دشمن آهي پر ايندڙ وقت ۾ اسان کانئس عسڪري تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ کيس نوڪري تي رکندا سين، هن سنڌي زبان کي رومن رسم الخط ۾ لکڻ جي تجويز ڏني هئي ته جيئن دنيا جي ملڪن سان ڳنڍجي پئون، انگريزن کيس ڳجهي نموني زهر ڏياريو جنهن جا اثر سندس جسم تي ظاهر ٿيا رت جون الٽيون کيس اچڻ لڳيون جنهن ڪري ۲۲ آگسٽ ۱۹۴۳ تي سندس ساه جو سڳو ٽٽي پيو، سندس مرڻ کي انگريز قبول نه پئي ڪيو، هڪ ٽيم موڪليائين ته ڏسي اچو ساڳيو شخص ئي پوريو ويو آهي يا هي ٻيو ڪوئي ماڻهو اسان کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ ماريو ويو آهي، ان ڪميٽي رپورٽ ڏني ته واقعي مولانا وفات ڪري ويو آهي، تڏھن وڃي انگريز کي سرير ۾ ساهه پيو هيو، خدا جون رحمتون هن انقلابي مٿان قائم دائم رهن. امام عبيدالله سنڌي ويا مور مري. عزيزالله ٻوهيو امام انقلاب عبيدالله سنڌي جي پيءَ جي وفات کان ترت ئي پوءِ سندس ماءَ پنهنجي پٽ سميت پنهنجي ڀائرن وٽ ڄام پور اچي رهي ۽ اتي جي هڪ اسڪول ۾ کيس پڙهڻ لاءِ ويهاريو تعليم ۾ فائنل جي ويجهو پهچڻ جي ڏينهن ۾ اسڪول اندر کيس دين اسلام تي لکيل هڪ ڪتاب پڙهڻ لاءِ مليو جنهن کان متاثر ٿي اسلام قبول ڪيائون. اها عمر سندس ڪا ايڏي ويڏي ڪا نه هئي امام سنڌيءَ جو نانو رنجيت سنگهه جي حڪومت ۾ فوج جي هڪ وڏي عهدي تي رهي چڪو هو ان کي جڏهن اها خبر پئي ته سندس خاندان جو ٻالڪ مسلمان بنجڻ گهري ٿو ته هن ان تي وڏي ڪاوڙ ڏيکاري ۽ نينگر تي نگراني ڪرڻ جو حڪم ڏنو. امام عبيدالله سنڌي ننڍپڻ کان ئي وڏو ذهين هئو ۽ مسلمان ٿيڻ ۽ ان کان پوءِ محفوظ رهڻ لاءِ پڇا ڳاڇا ڪري ڳوٺ ڀرچونڊي جي بزرگ حافظ محمد صديق جو پتو معلوم ڪري ورتائون ۽ لڪ ڇپ ۾ اتي پهچي اسلام قبول ڪيائون ۽ اڳتي هلي ديني تعليم جي لاءِ دهليءَ جي ويجهو شهر ديوبند جي مدرسي دارالعلوم پهچي اتي پڙهڻ لڳا. سندس اتي پڙهڻ جي عرصي ۾ سڄي هندستان اندر انگريزن جي حاڪميت خلاف غلام هندستان کي آزادي ڏيارڻ جي هلچل به هلي رهي هئي جنهن ۾ مدرسي۳ ديوبند جو شيخ الحديث مولانا محمود الحسن به اهڙي تحريڪ جي اڳواڻن منجهان هڪڙو هئو جنهن مدرسي جي شاگردن منجهان نوجوان عبيدالله سنڌي کي پرکي ورتو ته هن ۾ غلاميءَ خلاف آزادي حاصل ڪرڻ جي تڙپ اتم درجي جي موجود آهي، سنڌي صاحب اتي تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ اتي آزادي حاصل ڪرڻ جي مهم ۾ جنبي ويو ۽ آزادي حاصل ڪرڻ وارن اڳواڻن واري پهرين صف کي ويجهو وڃي پهتو پر مدرسي ديوبند اندر انگريز نواز گروپ مدرسي جي باني نانوتوي جي پٽ محمد احمد، شبير احمد عثماني، اشرف علي ٿانوي وغيرهه جي سازشن سان سنڌي صاحب کي ديوبند منجهان ڪڍرايو ويو پوءِ هو دهليءَ ۾ رهي سياسي ڪم ڪرڻ لڳو پر ٿوري ئي وقت کان پوءِ سنڌ ۾ واپس آيو ۽ ڪجهه وقت امروٽ ۾ مدرسو کولي پڙهائڻ لڳا پوءِ اتاهون ڇڏي سعيد آباد ويجهو پير جهنڊي ۾ اچي مدرسو کوليائون. هي اهي ڏينهن هوا جڏهن ترڪن خلاف بلقان ۾ انگريزن جنگ شروع ڪئي هئي تن ڏينهن ۾ بلوچستان جي مشهور انگريز دشمن اڳواڻ نوري مينگل بلوچ نوجوانن جي هڪ وڏي کيپ ترڪن جي مدد ۾ انگريزن جي خلاف بلقان جي محاذ تي موڪلي هئي تنهن بابت انگريزن کي شڪ پيو ته نوري مينگل کان اهو ڪم ڪرائڻ ۾ کڏي ڪراچي جي مولانا محمد صادق ۽ عبيدالله سنڌيءَ جو ئي هٿُ ٿي سگهي ٿو پوءِ انگريز حڪومت پير جهنڊي ڳوٺ جي چارئي طرف سرڪاري فورس جي ڊيوٽي لڳائي ته هو اتي عبيدالله سنڌي ۽ اچڻ وڃڻ وارن مٿان ڪڙي نظر رکن ۽ هن جا ٻاهرين دنيا سان لڳ لاڳاپا ختم ڪن. ان عرصي ۾ مدرسي ديوبند کان شيخ الهند محمودالحسن سنڌي صاحب کي هڪ مبهم پيغام موڪليو ته اوهان هند سنڌ ڇڏي ڪابل افغانستان هليا وڃو، سنڌي صاحب ان حڪم تي مخفي نموني عمل ڪيو ان سفر جي لاءِ وٽن خرچ جا پئسا ڪو نه هئا اهي حيدرآباد جي نو مسلم شيخ عبدالرحيم پنهنجي ڌيءَ جا زيور وڪڻي امام سنڌيءَ کي پئسا ڏنا. افغان حڪومت طرفان هندستان منجهان انهن وٽ ماڻهن جي داخلا تي بندش هئي البت چمن جي بارڊر تي افغان حڪومت طرفان هڪ ماڻهو مقرر ڪيل هئو جو جيڪڏهن هو ڪنهن کي هي پاس لکي ڏيندو هئو ته هن ليٽر سان اچڻ وارو ماڻهو هتي هندستان ۾ اول هندو هئو پوءِ هي مذهب مٽائي مسلمان ٿيو آهي تنهن ڪري هن کي هن جا هندو مائٽ مذهب مٽائڻ تي تنگ ڪن ٿا سو هن شخص کي دين ايمان بچائڻ لاءِ اوهان افغان حڪومت پاڻ وٽ رهائڻ جي منظوري ڏئي پوءِ اهڙي ماڻهوءَ کي بارڊر ڪراس ڪرڻ جي منظوري ملندي هئي. سو امام سنڌي صاحب به پنهنجي لاءِ ان ماڻهوءَ کان اهڙو ليٽر لکرايو ۽ بارڊر پاس ڪري ڪابل پهتا ۽ ڪابل ۾ ست سال رهي اتي رهندڙ دنيا جي ملڪن جي سفيرن سان ملاقاتون ڪري انگريزن خلاف آزاديءَ جو رستو هموار ڪندا رهيا ۽ اتي پهچڻ کان پوءِ افغانستان جي بادشاهه جي مشوري سان سنڌي صاحب هندستان ۾ هلندڙ آزادي واسطي ڪانگريس پارٽيءَ جا نمائندا بنجي مشن هلائيندا هوا ۽ غلام هندستان جي غير ملڪي آزاد حڪومت جوڙيائون جنهن جو صدر راجا مهندر پرتاب کي بڻايائون ۽ پاڻ ان حڪومت جا وزير بڻيا هُئا ۽ جنودربانيه جي نالي سان آزاد هندستان جي غير ملڪي فوج به ٺاهيائون جنهن جا هندستان ۾ مخفي طور فوجي آفيسر به مقرر ڪيائون جن منجهان تاج محمود امروٽي ۽ مولانا محمد صادق کڏي ڪراچي وارا به ڪرنل وغيرهه جي عهدن وارا مقرر ڪيا هئائون جن سان ريشمي رومال تي ٽڪ ذريعي لکليل خطن سان رابطو رکندا هوا. ان تحريڪ ريشمي رومال جو عرصو سندس ڪابل ۾ ست سال رهڻ وارو مدو هو جنهن جو تفصيل پروفيسر سرور جي لکيل ڪتاب ڪابل ۾ سال اندر ملي سگهندو. سنڌي صاحب جي ڪابل ۾ رهڻ واري عرصي دوران آزادي لاءِ هلچل کي ڄاڻڻ لاءِ انگريزن ڪابل جي جامع مسجد ۾ پنهنجي هڪ انگريز جاسوس کي مڪمل باشريعت شڪل ڏيئي پيش امام ڪري رکرايو هئو. نيٺ برطانيه حڪومت افغان بادشاهه سان ڪجهه سياسي رشوتن ڏيڻ تي عبيدالله سنڌي کي جيئرو گرفتار ڪري ڏيڻ يا قتل ڪرڻ جو معاهدو ڪيو جنهن جي ٻاڦ امام سنڌي کي پئجي وئي ۽ ترت ئي مخفي طور نامعلوم رستن ذريعي سوويت يونين روس ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ مولانا عزيزالله جروار صاحب جي چوڻ مطابق افغانستان منجهان نڪري وڃڻ وارن ڏهاڙن کان ڪجهه اڳي جڏهن جو افغان بادشاهه امير حبيب الله قتل ڪيو ويو هئو ته ان جي قتل ڪرائڻ ۾ به امام سنڌيءَ جو حصو هئو ۽ امر حبيب الله جي جاءِ نشين غازي امان الله جي بادشاهه بنجڻ کان پوءِ ان جو جيڪو برطانيه جي خلاف ذهن ۽ پاليسيون هيون ان ۾ به امام سنڌيءَ جي تربيت جو حصو هئو جو انگريزن ڪرنل لارينس جي ذريعي غازي امان الله کي هٽرائي ڇڏيو اهو هن طرح ته ڪرنل لارينس مديني شهر جي مسجد نبوي ۾ ستن سالن کان پيش امام بنجي مسلم امت جو پيش امام بڻيو پيو هئو، انگريزن ان کي اُتاهون بدلي ڪري وزيرستان جي شهر ميران شاهه ۾ پير ڪرم شاهه جي نالي خانقاهه کولي ڏني ته اُتاهون ويهي هو افغان بادشاهه غازي امان الله کي قتل ڪرائي يا معزول ڪرائي پوءِ ان ڊيوٽي دوران ڪرنل لارينس بادشاهه امان الله لاءِ اهڙو ته چڪر هلايو جو ان بادشاهي ڇڏي جلاوطن ٿي وڃڻ ۾ پنهنجي ڀلائي سمجهي سو ملڪ ڇڏي جلاوطن ٿي ويو ۽ هن اٽليءَ جي رهڻ واري عرصي ۾ اتي وفات ڪئي. امام سنڌي صاحب توڻي جو هندستان جي ورهاڱي کان ئي سال اڳي وفات ڪري ويو پر سندس نظريو ورهاست جي خلاف هئو ۽ هوا کنڊ ڀارت يعني گڏيل آزادي جو قائل هئو سندس پارٽي جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽيءَ جي منشور ۾ سڀن صوبن لاءِ وڏي خودمختياري رکيل هئي، وفاق جي مرڪزيت ڪنفيڊريشن وانگر هئي پاڻ هن ڳالهه تي گهڻو زور لڳائيندا هئا ته آزادي کان پوءِ تعليمي ادارن جي نصاب تعليم ۾ انگريزن جي پرماريت خلاف ڀرپور موقف تي مشتمل ڪتاب پڙهايا وڃن، اهو ئي نظريو سموري ڪانگريس قيادت جو به هئو جنهن تي خاص ڪري امام الهند ابوالڪلام آزاد بحيثيت وزير تعليم پورو پورو عمل ڪيو جو اڄ تائين هندستان جون فلمون ڊراما ۽ ادبي شهپارا آزاديءَ جي حق ۾ غلامي خلاف انگريز دشمنيءَ جي مواد سان ڀرپور پڙهايا ۽ فلمايا پيا وڃن، انهيءَ سبب ملڪ هند جي خارجه پاليسي به ملڪي خودمختياري ۽ وطن کي آزاد رکڻ لاءِ وڏو ڪم ڏئي رهيا آهن. امام عبيدالله سنڌي ماسڪو ۾ - جنم ڏينهن جي حوالي سان سندس يادون عزيز الله ٻوهيو ڊاڪٽر عبدالمجيد چانڊيو (اڳوڻو ڊين شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور) مون کي ٻڌايو ته آئون جڏهن پنهنجي شعبي آءِ آر ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ ماسڪو پڙهڻ ويو هئس ته اتي جي پروفيسرن کي مون پنهنجي تعارف ۾ جڏهن ٻڌايو ته آئون سنڌي آهيان ته انهن متوجهه ٿي وڏي پاٻوهه منجهان مون کان پڇيو ته تون جيڪڏهن سنڌي آهين ته تون پڪ سان مولانا عبيدالله سنڌي کي سڃاڻيندو هوندين پر افسوس جو مون کي امام سنڌي بابت اها علمي ڄاڻ ڪا نه هئي جيڪا ۽ جيتري هو پڇڻ گهرن پيا، پوءِ انهن ئي ٻڌايو ته جڏهن غلام هندستان جي زماني ۾ پنهنجي ملڪ کي آزادي ڏيارڻ لاءِ جلاوطن ٿي پهريائين افغانستان ۾ آيو ۽ اتي ست سال رهڻ کان پوءِ هتي سوويت يونين روس ۾ آيو هو ۽ اسان ان سان ملاقاتن منجهان کانئس وڏي علمي ڄاڻ حاصل ڪندا هئاسون. پروفيسر صاحب ته امام سنڌيءَ جي جلاوطني واري زندگيءَ تي ڪجهه ڪتاب لکيا جن منجهان “ڪابل ۾ سات سال” به هڪڙو ڪتاب مارڪيٽ ۾ آهي، ڪاش ڊاڪٽر مجيد چانڊيو به امام سنڌي جي روسي پروفيسرن سان علمي ۽ سياسي ملاقاتن تي اسان کي هڪ ڪتاب جوڙي ڏئي ها ته ڏاڍو ڀلو ٿئي ها. امام سنڌيءَ جو ماسڪو ۾ هڪ خاص شاگرد موسيٰ جارالله هئو جيڪو سنڌي صاحب وٽ قرآن حڪيم جو تفسير به پڙهيو هئو، ان جو اهو عربي ٻولي ۾ تفسير سوره مائده تائين مولانا قاسمي، شاهه ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد منجهان ڇپرايو هئو. موسيٰ جارالله جو گهر ماسڪو ۾ لينن گراڊ منجهه هئو، امام سنڌي هڪ هنڌ لکيو آهي ته اتي جڏهن آئون رهندو هئس ته تڏهن لينن جو انقلاب نئون آيل هئو مذهبي ريتن رسمن تي وڏي پابندي هوندي هئي، آئون موسيٰ جارالله جي گهر ۾ به سوڙ ۾ لڪي نمازون پڙهندو هئس. انڌي عقيدت وارن مسلمانن جي باري ۾ آئون هت ڇا لکان جو ڪن لاهوري مصنفن ته ايترو به ڪوڙ لکيو ته لينن جي زال امام سنڌي کي نماز پڙهڻ لاءِ وضو ڪرڻ خاطر پاڻي به ڪوسو ڪري ڏيندي هئي ۽ سنڌي صاحب جون لينن سان ڪوڙين ملاقاتن جون کوڙ ساريون خبرون به لکيائون، جڏهن ته پروفيسر سرور خود مولانا سنڌيءَ جي حوالي سان اها ڳالهه لکي آهي ته آئون جنهن وقت لينن سان ملڻ ويو هئس ته هو پنهنجي وفات واري مرض ۾ ايترو ته ڪمزور ٿيل هو جو اشارن کان سواءِ ڳالهائي به ڪو نه سگهندو هئو، مون کي ملائڻ وارن ان کي صرف ايترو ٻڌائي مون کي پيش ڪيو ته هي ماڻهو هندستان کي برطانيه کان آزاد ڪرائڻ لاءِ سوراجي ورڪر آهي. مطلب ته لينن سان ڪا به گفتگو ڪا نه ٿي هئي البته لينن جي ڪٽنب جو هڪ وزير جنهن جو سنڌي صاحب نالو به لکيو آهي جيڪو مون کي ياد ناهي اهو سنڌي صاحب سان رابطي ۾ آيو ته اسان مارڪسي فارمولن تي صنعتي شعبن ۾ ڪامياب ويا آهيون، باقي زمين ۾ ڪم ڪندڙ هاري اسان سان انقلابي تقاضائن جيترو ساٿ نه ٿا ڏين جنهن ڪري اسان جي زرعي اپت ڏاڍو پوئتي پيل آهي تنهن سنڌي صاحب ان کي مشورو ڏنو ته توهان هارين، ڪاشتڪارن ۾ هي ڳالهه عام ڪيو ۽ انهن سان وعدو ڪيو ته جيڪي زمينون اوهان پوکي رهيا آهيو اهي ڪڏهن به اوهان کان واپس ڪو نه ورتيون وينديون جيڪڏهن اوهان مري وئيو ته اهي توهان جي پونيئرن کي ڏنيون وينديون. پوءِ ان ايگريڪلچر واري وزير سنڌي صاحب جي ان ڳالهه تي عمل ڪندي هارين کي اهڙي ساک پت ڏني ڄڻ ته سرڪاري طرح ان کي قانون جي به شڪل ڏياري، جنهن کان پوءِ هارين دل لائي پوکن ۾ ڪم ڪيو، ايترو جو اهو وزير صاحب سنڌي صاحب وٽ هلي آيو ۽ چيائينس ته آئون توهان کي مبارڪ ڏيڻ آيو آهيان ته اسان توهان جي ڏس تي عمل ڪندي هارين کي پڪ ڏني ته توهان جون زمينون اوهان کان ڪو نه کسيون وينديون سو انهن هن سال اهڙو ته دل لائي ڪم ڪيو آهي جو سڄي ملڪ ۾ فصل ڏاڍا ڀلا لٿا آهن. امام سنڌي جڏهن سوويت روس کي ڇڏي جلاوطني جا ڏينهن گهارڻ لاءِ ترڪيءَ ۾ آيو تڏهن اتي ڪمال اتاترڪ جي انقلابي حڪومت قائم ٿي چڪي هئي. سلطان عبدالحميد جي خلافت واري حڪومت ختم ٿي چڪي هئي، اتاترڪ مذهبي پابندين جي خلاف پنهنجي دور ۾ وڏيون جدتون آنديون هيون سو جڏهن امام سنڌي اتي ويو ته ماڻهن ان کي دانهون ڏنيون ته اتاترڪ ايڏو بي دين آهي جو اسان جون مايون جڏهن شهر ۾ برقعا پائي ٿيون وڃن ته سرڪاري سپاهي بازارن ۾ ئي انهن جا برقعا زوريءَ لهرائي ڇڏين ٿا. تنهن تي عبيدالله سنڌي انهن کي چيو ته توهان پنهنجي عورتن کي گهرن منجهان ئي بغير برقعن جي موڪليندا ڪريو پوءِ ساڻن سپاهي اهڙي بي حرمتي ڪو نه ڪندا. هندستان جو پهريون وزيراعظم جواهر لال نهرو غلاميءَ جي زماني ۾ شايد اٽليءَ ۾ امام سنڌيءَ کي مليو، ان جو ذڪر نهروءَ پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو ته آهي پر ملاقات جو موضوع ۽ تفصيل ڪو نه لکيو اٿس صرف هي لکيو اٿس ته سنڌي صاحب وٽ هر مشڪل مسئلن جو وڏو حل موجود هو. امام سنڌي جڏهن جلاوطني ختم ڪري هندستان واپس موٽڻ لاءِ سعودي حڪومت ۾ برطانيه جي جدي واري قونصل خاني کان ويزا جو مطالبو ڪيو ته قونصلر مولانا جو اهو مطالبو لنڊن موڪليو، انهن لکيو ته هن شرط سان کيس ويزا ڏني وڃي ته هندستان ۾ وڃي ڪو به سياسي عمل نه ڪندو ۽ ان لاءِ ڪو اتان جو ماڻهو بطور ضامن جي به ڏئي ته مولانا اهو شرط قبول ڪيو ۽ ضمانت لاءِ شهيد الهه بخش سومرو وزيراعظم سنڌ کي پيش ڪيو. امام سنڌيءَ ڪنفيڊريشن قسم جي صوبائي خودمختياري واري منشور سان نئين پارٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو جنهن کي هو گهڻو هلائي نه سگهيو. مولانا جلاوطني جا ڏينهن ٻين ملڪن ۾ گهاري پڇاڙيءَ ۾ سعودي حڪومت ۾ آيو ۽ شهر مڪي جي انتظاميه کان ڪعبي ۾ درس قرآن پڙهائڻ جي اجازت گهري ته انهن به اهو شرط وڌس ته هو پنهنجي درس ۾ سياسي ڳالهيون نه ڪندو. مولانا اهو شرط مڃي درس ڏيڻ شروع ڪيو. منهنجي زندگيءَ جا حالات مولانا عبيدالله سنڌي فصل پهريون پنجاب جو مشهور تاريخي شهر سيالڪوٽ، هماليه جي دامن ۾ هوادار ۽ زرخيز ميدان تي آباد آهي. ان جي ٻهراڙيءَ ۾ پسرور جي ويجهو هڪ ڳوٺ چيانوالي آهي، اها ئي منهنجي جنم ڀومي آهي. رنجيت سنگهه جي زماني ۾ جسپت راءِ ان ڳوٺ جي مڇي مانيءَ لائق ماڻهن ۾ ليکيو ويندو هو. هڪ سناتني سونارو جيتري قدر سٺو ٿي سگهي ٿو، اوترو ئي هو سمجهيو ويندو هو. حڪومتي عملدارن ۽ عام ماڻهن جو مٿس ڀروسو هو. کيس پنج پٽ هئا. انهن مان وچئين جو نالو رام راءِ هيو، جيڪو منهنجو پيءُ آهي. حڪومت جي تبديليءَ جي ڪري منهنجو والد پنهنجي اباڻي ڌنڌي سونارڪي مان ئي گذران ڪندو هو. هو پنهنجي سمورن ڀائرن ۾ پنهنجن والدين جي خدمت ۾ وڌيڪ اڳرو هيو. منهنجو نانو ”مير علي والا“ ضلعي گوجرانوالا جو رهندڙ هڪ خانداني سک هيو ۽ ”هلو والي“ ضلعي سيالڪوٽ ۾ منتقل ٿي چڪو هو. سندس سڀ کان وڏي ڌيءَ، پريم ڪور، منهنجي امڙ آهي. منهنجو پيءُ، منهنجي ناني جي دعوت تي، رام راءِ مان رام سنگهه بڻجي ويو هو. منهنجي والد جو سؤٽ، حاڪم راءِ پنهنجي ڳوٺ جو تپيدار هيو ۽ منهنجا ٻه ماما به تپيدار هيا. منهنجون ٻه ڀينرون هيون، جيڪي منهنجي پيدائش کان اڳ، هڪ گکڙ ۾ ۽ ٻي بيگواليءَ ۾ پرڻجي ويون هيون. فصل ٻيون منهنجو ڏاڏو اڃا جيئرو هو ته منهنجو پيءُ فوت ٿي ويو، سندس مرڻ کان ٽي مهينا پوءِ ڦڳڻ مهيني جي آخري ڏهاڪي ۾ جمعي جي رات صبح ٿيڻ کان ٿورو اڳ منهنجي ولادت ٿي. امڙ سڳوريءَ جي ٻڌايل واقعن کي مختلف جنترين سان ڀيٽائڻ کان پوءِ خبر پئي ته اها تاريخ ۱۲ محرم الحرام ۱۲۸۹ هجري ۽ ۱۰ مارچ ۱۸۷۲ع جيڪو اسان جي حساب سان ۸۷۲ هندي ٿئي ٿو. مان ٻن ورهين جو هوس ته منهنجو ڏاڏو فوت ٿي ويو، مون کي سندس صورت هڪ خاص واقعي ۾ ياد آهي. ان کان پوءِ منهنجي امڙ گهڻو ڪري پنهنجي پيءُ وٽ رهڻ لڳي. ان کان پوءِ ٻن سالن جي اندر نانو به فوت ٿي ويو. ان وقت منهنجو هڪ مامو جهنگ (ضلعي) جي بندوبست واري کاتي ۾ ڪم ڪندو هو ۽ ٻيو ڄامپور ضلعي ديري غازيخان ۾ تپيدار هيو. منهنجي امڙ ۽ ناني جهنگ کان ٿي ڄامپور پهتيون، منهنجي عمر ان وقت چئن سالن جي هئي. جهڙيءَ طرح ناني سان گڏ شطرنج کيڏڻ مون کي ياد آهي، اهڙيءَ طرح ڄامپور ۾ مامي سائينءَ جو فوجي قاعدا سيکارڻ به نٿو وساريان. هڪ سال اتي رهي امڙ پنهنجي گهر موٽي آئي. (اسان) وڌيڪ عرصو پنهنجي ڀينرن کان پري نه ٿي رهي سگهيو. هتي سال کن کان وڌيڪ رهيس. آخر ۾ سخت ڏڪار پيو ۽ منهنجي امڙ پوءِ مون کي ڄامپور وٺي آئي. فصل ٽيون منهنجي عمر ڇهه ورهيه هئي ته ڄامپور جي مڊل اسڪول ۾ داخل ٿيس. ۸۷۸ هنديءَ کان ٽي سال لڳاتار پڙهندو رهيس. ۸۸۱ هنديءَ واري مردم شماريءَ ۾ مان به ڪم ڪندو رهيس. ان زماني ۾ مون کي گرمکيءَ جو پهريون ڪتاب ڏنو ويو. جيتوڻيڪ مون ان مان هڪ اکر به ڪونه پڙهيو پر ان ۾ هڪ تصوير ته ”ٻن ٻلين جي ماني ڀولو ورهائي رهيو آهي“ ضرور ياد اٿم. مون کي مامي ٻڌايو ته هي ٻه ٻليون هندو ۽ مسلمان آهن ۽ ڀولو انگريز آهي. ان کان پوءِ وري امڙ پنهنجي گهر آئي ۽ ٻه سال ضلعي سيالڪوٽ جي مختلف ڳوٺن ۾ ويجهن ۽ پري وارن مائٽن سان ملائڻ لاءِ مون کي وٺي ويندي هئي. برادريءَ جي غميءَ ۽ خوشيءَ جي تقريبن ۾ شريڪ ٿيندو رهيس. ننڍڙو هجڻ جي باوجود وڏڙا ۽ پوڙها اهڙي تعظيم سان پيش ايندا هئا، جيڪو منهنجي امڙ جو حق هيو. مان ان جو خاص اثر پنهنجي طبيعت ۾ محسوس ڪندو آهيان. يعني، پنهنجن هڪ جيڏن مائٽن کان ممتاز رهڻ جو خيال رهندو آهي. ٿوري وقت لاءِ ڄامڪي جي مڊل اسڪول جي چوٿين جماعت ۾ شامل رهيس. اڪثر موقعن ۾ مسجدين جي مولوين کان پارسيءَ جا ڪتاب ضرور پڙهندو رهيس. امڙ ان دوران منهنجي لاءِ مناسب رشتو ڳوليندي رهي. جڏهن ان ۾ ڪامياب ٿي ته مون کي وري ڄامپور موڪلي ڏنائين. فصل چوٿون انهيءَ وقت جو هڪ واقعو لکڻ جوڳو آهي، منهنجو چاچو حاڪم راءِ جڏهن ڳوٺ جي ڪچهريءَ ۾ ويهندو هو ته عام ميڙ سندس چوڌاري گڏ ٿي ويندو هو. هڪ ڏينهن مان به اتي ئي ويٺو هوس ته هن هندو ڌرم ۽ اسلام ۾ ڀيٽ ڪئي ۽ اسلام کي ترجيح ڏني. سندس تقرير جو تت مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي: ”هندن ۽ مسلمانن ۾ هڪ ڊگهو مناظرو ٿيو، پڇاڙيءَ ۾ فيصلو ٿيو ته هڪ هندو ۽ هڪ مسلمان کوهه ۾ ٽپو ڏين، جيڪو بچي وڃي، ان جو مذهب (سچو ۽) حق مڃيو ويندو. پهريائين هندو اٿيو ۽ شري رام کي پنهنجي واهر لاءِ سڏيائين ان جا عملدار اچي رهيا هئا ته هن شري ڪرشن کي سڏڻ شروع ڪيو. ان تي شري رام جا خادم واپس موٽيا. اڃا شري ڪرشن جا ماڻهو سندس مدد لاءِ نه پهتا هئا ته هن مهاديو کي ٻاڏايو، ان ڪري شري ڪرشن جي مدد به کيس نه ملي سگهي. اهڙيءَ ريت پنهنجن مختلف بزرگن کي لڳاتار مدد لاءِ سڏيندو رهيو پر جنهن وقت ٽپو ڏنائين ته ان وقت سندس ڪوبه واهر نه ڪري سگهيو. ان ڪري سندس هٿ پير ڀڄي پيا. ان کانپوءِ مسلمان اٿي بيٺو. هن هڪ الله کي زور سان سڏڻ شروع ڪيو ۽ جلدي ۾ کوهه ۾ ڪڏي پيو، الله جا فرشتا سندس مدد لاءِ پهتا ۽ کيس سلامت بچائي ورتو.“ جيستائين مون کي ياد آهي ته اسلام جي حقانيت تي هيءَ پهرين تقرير آهي، جيڪا مون ٻڌي ۽ جنهن کان متاثر ٿيس. فصل پنجون رب زدني علما انهن ٻن سالن جي وقفي سان منهنجا هم ڪلاسي ته مارچ ۸۸۴ هنديءَ تي ڇهين درجي ۾ پهچي ويا پر مان ٻه مهينا محنت ڪري چوٿين درجي جو امتحان ڏئي سگهيس ۽ پنجين درجي ۾ شامل ٿيس. هتان کان منهنجي شاگرديءَ جو زمانو شروع ٿئي ٿو. اسڪول جو مقرر ٿيل ڪم منهنجي لاءِ ڏکيو نه هو، پارسي پڙهڻ ۽ ياد ڪرڻ ۾ خاص محنت ڪندو هوس. باقي مضمون مان سال جي شروعات ۾ ڪجهه هفتا لڳائي ياد ڪري وٺندو هوس، پوءِ سڄو سال واندو رهندو هوس. امتحان کان ٿوري دير اڳ ۾ ڪتاب تي سرسري نگاهه وجهڻ ڪافي ٿيندو هو. سڀ کان وڌيڪ دلچسپ رياضي هئي. حساب، آلجبرا ۽ اقليدس ۾ جيتري قدر سٺا ۽ وڏا ڪتاب ملندا هئا، انهن کي حل ڪرڻ ۾ رڌل رهندو هوس. ڏکيا سوال حل ڪرڻ ۾ خاص لذت محسوس ڪندو هوس. ”مراة الاشڪال“ اقليدس جي چئن مقالن جي شرح هئي. مون ان جا مشقي سوال سمورا حل ڪري ڇڏيا هئا. سنه ۸۸۶ هنديءَ تي ستين درجي ۾ هوس ته ”قيصري“ جالنڌر (اخبار) ۾ هڪ حل طلب سوال ڇپيو: ا+ ب +ج= ۶، ا+ب+ ج= ۱۴، ا+ ب+ ج= ۳۶ ٻيپهريءَ کان پوءِ مڪتب ۾ مون کي اخبار ملي، پنهنجي روزاني ڪمن ۾ رڌل هيس. فقط واندڪائيءَ جا پل ان جي حل ڪرڻ تي استعمال ڪندو رهيس. تڏهن به سانجهيءَ کان اڳ مون اخبار جي نالي جواب موڪلي ڏنو. ٻئي هفتي ۾ منهنجي نالي سان ٻن ڪالمن ۾ ڇپجي آيو. مان ان خوشيءَ کي وساري نٿو سگهان. ان کانپوءِ تاريخ، قصن ۽ ناولن ۾ طبيعت خوش ٿيندي هئي. جيڪو ڪتاب ملندو هو، جيستائين سمورو ختم نه ڪري ڇڏيان، سڪون نه ايندو هو. ان دوران اخبار پڙهڻ شروع ڪيم. هفتيوار ”آفتاب پنجاب“ لڳاتار ڏسندو هوس ۽ ”پنجاب“ ۽ ”ڪوهه نور“ جا پراڻا فائيل به پڙهندو هوس پوءِ (ڄڻ) اخبار عام ڏسڻ لڳس. پنجاب جي تاريخ ۾ سکن جي حڪومت سان وڌيڪ دلچسپي محسوس ڪندو هوس. پنهنجي سک هجڻ تي فخر محسوس ڪندو هوس. ننڍپڻ ۾ پنهنجن مائٽن جي عورتن سان گڏ ديوان مولراج جي عزيزن جي گهر ويندو رهيو آهيان. ان ڪري انهن جي واقعن کان وڌيڪ متاثر ٿيندو هوس. پنجاب حڪومت جي سالياني رپورٽ اردوءَ ۾ شايع ٿيندي هئي. ان کي چڱيءَ طرح پڙهندو هوس، راجا دليپ سنگهه کي پنجاب اچڻ جي موڪل ملي ۽ منهنجي مامي رات جو خبر آندي ته اسان جي گهر ۾ عيد جهڙي خوشي ٿي ته اسان جو راجا اچي رهيو آهي. ٻئين ٽئين هفتي جڏهن هيءَ خبر ملي ته هو عدن کان موٽايو ويو ته اسان جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. جيتوڻيڪ ان علمي مشغلي مون کي سٺو کائڻ، سٺو پهرڻ جي خواهشن کان بي نياز ڪري ڇڏيو هو، تنهن هوندي به سوسائٽيءَ ۾ ڪا به اهڙي شيءِ نظر نه ٿي آئي جيڪا گهر ۾ ميسر نه هجي. سو اعليٰ سوسائٽيءَ ۾ منهنجو رابطو مضبوط رهيو. ڄامپور جي سرڪاري آفيسرن واري سوسائٽيءَ ۾ پڻ مون کي اهڙا ساٿي مليا، جن کان مٿانهان، اتي ممڪن نه هئا. مختيارڪار، نائب مختيارڪار، جج، پوليس آفيسر ۽ پوسٽ ماسٽر هندو هئا. ان مٿانهين سوسائٽيءَ ۾ منهنجي سڃاڻ عزت سان هئي. اسسٽنٽ مختيارڪار اسان جي ويجهي علائقي جو هو. سندس ڇوڪرا اسان سان گڏ پڙهندا هئا. ساڻس ۽ سندس گهر سان (اسان جو) هڪ جهڙو ۽ هڪ جيترو سلوڪ هيو ۽ ساڳيو رويو سوسائٽيءَ جي ٻين ماڻهن مختيارڪار، پوليس آفيسر، جج، پوسٽ ماسٽر ۽ ڊاڪٽر سان هيو. ذاتي ڊائريءَ جا نوٽ آءٌ ضلعي سيالڪوٽ جي هڪ ڳوٺ چيانواليءَ ۾ پيدا ٿيس. منهنجي خاندان جو اصلي ڌنڌو سونارڪو آهي، مگر ڪجهه وقت کان ڪي ماڻهو سرڪاري نوڪرين ۾ داخل ٿيا ۽ ڪي ماڻهو واپار به ڪندا آهن. آءٌ گهڻو ڪري حضرت سلمان فارسيءَ جي تابعداريءَ موجب پنهنجو نالو عبيدالله بن اسلام لکندو آهيان. مگر ڪن عرب دوستن جي زور آڻڻ تي پنهنجي والد ڏانهن منسوب ڪري لکڻو پيو ته هن ريت لکيم: عبيدالله بن ابي عائشه، ڇاڪاڻ ته منهنجي وڏي ڀيڻ جو نالو جيوڻي آهي. (جيوڻي ۽ عائشه هم معنيٰ آهن) مون ارادو ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ ان کان وڌيڪ صفائي گهري ته هن ريت لکندس ”عبيدالله بن راما بن راءِ“ منهنجي والد جو نالو رام سنگهه پٽ جسپت راءِ پٽ گلاب راءِ آهي. چون ٿا ته منهنجو ڏاڏو سک حڪومت ۾ پنهنجي ڳوٺ جو ڪاردار هو. مون جمعرات پره ڦٽڻ کان ٿورو اڳ ۾ ۱۲ محرم الحرام ۱۲۸۹هه مطابق ۱۰ مارچ ۱۸۷۲ع ۾ جنم ورتو. منهنجي ڄمڻ کان چار مهينا اڳ ۾ منهنجو والد فوت ٿي چڪو هو. ٻن سالن کان پوءِ منهنجو ڏاڏو به فوت ٿي ويو. جنهن کان پوءِ منهنجي والده مون کي ناناڻن ۾ وٺي آئي جو هڪ نج سک خاندان هو ۽ منهنجو والد به نانا صاحب جي چوڻ تي ئي سک بڻيو هو. منهنجا ٻه ماما ڄامپور ضلعي ديري غازي خان ۾ تپيدار هئا. جڏهن نانو صاحب فوت ٿي ويو تڏهن اسان ڄامپور ۾ مامن وٽ اچي رهياسين. منهنجي پڙهائي ۱۸۷۸ع کان ڄامپور جي اردو مڊل اسڪول ۾ شروع ٿي. ۱۸۸۷ع ۾ مڊل جي مٿين جماعت ۾ پڙهندو هوس ته اسلام جي ظاهر ڪرڻ خاطر گهر کي الوداع ڪيم. ان وچ ۾ ٻه سال سيالڪوٽ ۾ رهڻو پيو. جنهن ڪري هڪ سال پنهنجي جماعت کان پوئتي رهجي ويس نه ته مان پنهنجي اسڪول ۾ وڏو سمجهدار شاگرد مڃيو ويندو هوس. اسلام جو مطالعو سنه ۱۸۸۴ع ۾ مون کي اسڪول جي هڪ آريه سماجي ڇوڪري جي هٿان ڪتاب ”تحفة الهند“ مليو (اهو ڪتاب هڪ نو مسلم بزرگ جو لکيل آهي، جنهن ۾ هندو مذهب جي بنيادي ڳالهين جو بيان ٿيل آهي.) انهيءَ ڪتاب جي پڙهڻ ۾ لڳو لڳ مشغول رهيس ۽ آهستي آهستي اسلام جي سچائيءَ تي يقين وڌندو ويو. اسان جو ويجهو پرائمري اسڪول ڪوٽله مغلان جا ڪي هندو به ملاقي ٿيا جي پڻ تحفة الهند جا ڏاڍا دلداده هئا. انهن هندو دوستن وٽان مون کي مولانا محمد اسماعيل شهيد دهلويءَ جو ڪتاب ”تقوية الايمان“ به مليو، جنهن جي مطالعي کان پوءِ اسلامي توحيد ۽ هندو پرانڪ شرڪ جو مسئلو چڱيءَ طرح سمجهه ۾ اچي ويو. ان کان پوءِ مولوي محمد لکويءَ (اهل حديث سيد نذير حسين دهلويءَ جو شاگرد) جو ڪتاب ”احوال الآخرة“ هڪ مولوي صاحب وٽان مليو. مان ان وقت نماز سکي چڪو هوس ۽ پنهنجو نالو تحفة الهند جي ٺاهيندڙ جي نالي تي عبيدالله پنهنجو پاڻ رکي ڇڏيو هوم. احوال الاخرة جو بار بار مطالعو ۽ تحفة الهند جو اهو حصو جنهن ۾ نومسلمن جا حالات لکيل آهن، اهي ٻئي شيون منهنجي جلدي اسلام جي ظاهر ڪرڻ جو ڪارڻ بڻيون. ۱۰ آگسٽ ۱۸۸۷ع ۾ الله تعاليٰ تي توڪل ڪري نڪري پيس، نه ته اصل ارادو هي هو ته جڏهن ڪنهن هاءِ اسڪول ۾ ايندڙ سال داخل ٿيس تڏهن اسلام جي اظهار جو اعلان ڪندس. اسلام جو ظاهر ڪرڻ مون سان ڪوٽلا مغلان جو هڪ ساٿي عبدالقادر نالي هو. اسان ٻئي هڪ طالب العلم جي ذريعي ڪوٽلا رحم شاهه ضلعي مظفرڳڙهه ۾ پهتاسين. ۹ ذوالحج ۱۳۰۴هه تي منهنجي طهر جي سنت ادا ڪئي وئي. ان کان پوءِ ٿورن ڏينهن اندر جڏهن منهنجا عزيز اسان جي ڳولا ۾ نڪتا تڏهن اسان سنڌ ڏانهن روانا ٿي وياسين. عربي صرف جا ڪتاب اسان انهيءَ طالب علم کان پڙهڻ شروع ڪيا. سيد العارفين جي صحبت الله تعاليٰ جي خاص رحمت چئبي ته جيئن شروع ڄمار ۾ اسلام جي سمجهڻ ۾ آساني ٿي تيئن خاص رحمت جو هي اثر ظاهر ٿيو جو سنڌ ۾ اسان حضرت حافظ محمد صديق رحه صاحب (ڀرچونڊيءَ واري) جي خدمت ۾ پهچي وياسون، جو پنهنجي وقت جو جيد ۽ عارفن جو سردار هو. ڪجهه مهينا اسان سندس صحبت ۾ رهياسين جنهن جو پهريون فائدو هي ٿيو ته اسلامي معاشرت اسان جي لاءِ اهڙي طرح طبيعت ثاني بڻجي وئي جيئن هڪ پيدائشي مسلمان جي هوندي آهي. ٻيو ته حضرت حافظ صاحب هڪ ڏينهن منهنجي سامهون ماڻهن کي مخاطب ٿي فرمايو، جن ۾ گهڻو ڪري مولانا ابوالحسن امروٽي به موجود هيو ته ”عبيدالله، الله تعاليٰ واسطي پنهنجي پيءُ ماءُ کي ڇڏيو آهي، هاڻي سندس پيءُ ماءُ اسان آهيون.“ انهيءَ ڪلمه مبارڪ جو خاص اثر منهنجي دل ۾ محفوظ آهي. آءٌ مولوي عبدالقادر (حضرت مولانا دينپوريءَ جي ناٺيءَ) کان ڪتاب پڙهيا ۽ هن بزرگ کي پنهنجو ديني ابو ڪري مڃيندو آهيان ۽ خاص انهيءَ ڪري مون سنڌ کي پنهنجو وطن بنايو، يا بڻجي ويو. ٽيون ته مان قادري راشدي طريقي ۾ حضرت حافظ سان بيعت ڪئي. جنهن جو هڪ هيءُ نتيجو نڪتو جو مان ڪنهن به وڏي ماڻهوءَ کان ڪونه ڊڄندو آهيان. چئن مهينن کانپوءِ اسان علم جي طلب لاءِ موڪل ورتي. مون کي چيو ويو ته حضرت حافظ صاحب مون لاءِ خاص دعا گهري آهي ته خدا ڪري ته عبيدالله جو شال ڪنهن راسخ عالم (سچي ۽ حقيقي عالم) سان واسطو پوي. منهنجي خيال ۾ الله تعاليٰ اها دعا قبول فرمائي ۽ الله رب العزت پنهنجي فضل سان حضرت مولانا شيخ الهند محمود حسن ديوبنديءَ جي خدمت ۾ پهچايو. سيدالعارفين جي خليفه اعظم جي صحبت ڀرچونڊيءَ کان موڪل وٺي آءٌ انهيءَ طالب العلم سان گڏجي رياست بهاولپور جي ڳوٺاڻي مسجدن ۾ ابتدائي عربي جا ڪتاب پڙهندو رهيس. انهيءَ سلسلي ۾ دين پور پهتس جتي سيدالعارفين جو پهريون خليفو مولانا ابوالسراج غلام محمد صاحب رهندو هو. هدايته النحو تائين مان اتي پڙهيس حضرت خليفه صاحب خط لکي منهنجي والده کي گهرايو جنهن مون کي موٽائي وٺي وڃڻ جي سخت ڪوشش ڪئي مگر آءٌ ثابت قدم رهيس. پر هي غلط آهي ته منهنجي والده ديوبند آئي هئي. شوال ۱۳۰۵هه ۾ دينپور کان ڪوٽله رحم شاهه ۾ آيس ۽ مولوي خدابخش وٽ ڪافيه و نحو پڙهيم ۽ اتي هڪ نووارد طالب علم کان هندستان جي عربي مدرسن جو احوال معلوم ٿيو. مان مظفرڳڙهه جي اسٽيشن تان سوار ٿي سڌو ديوبند پهتس. دارالعلوم ديوبند دارالعلوم ديوبند ۾ صفر ۱۳۰۶هجريءَ ۾ داخل ٿيس. اٽڪل پنجن مهينن ۾ قطبيءَ تائين منطق جا رسالا پڙهيم ۽ شرح جامي مولانا حڪيم محمد حسن امروهيءَ کان پڙهيم. هڪ سمجهدار استاد جي خاص مهربانيءَ سان مطالعي ڪرڻ جو رستو سکيس. پوءِ پنهنجي محنت سان ترقيءَ جو رستو سامهون ٿيندو ويو. حڪمت ۽ منطق جا ڪتاب جلدي پورا ڪري ٿورن مهينن لاءِ مولانا محمد حسن صاحب ڪانپوريءَ جي مدرسي ۾ هليو ويس ۽ اتان ٿورن مهينن لاءِ مدرسي عاليه رامپور ۾ رهي مولوي ناظرالدين کان به ڪتاب پڙهيم. اهڙيءَ طرح وري صفر ۱۳۰۶هه ۾ ديوبند موٽي آيس. حضرت مولانا شيخ الهند ديوبند ۾ ٻن ٽن مهينن تائين مولانا حافظ احمد صاحب کان پڙهندو رهيس. (حافظ محمد احمد مولانا محمد قاسم باني دارالعلوم جو فرزند ۽ مدرسي جو مهتمم هو) ان کانپوءِ مولانا شيخ الهند جي درس ۾ شامل ٿيس. شعبان ۱۳۰۷هه ۾ هدايه، تلويح، مطول، شرح عقائد، مسلم الثبوت جو امتحان ڏنم، امتيازي نمبرن ۾ ڪامياب ٿيس. مولانا سيد احمد دهلوي مدرس اول منهنجي جوابن جي تمام گهڻي تعريف ڪئي ۽ فرمايو ته جيڪڏهن هن کي ڪتاب ملي ويا ته شاهه عبدالعزيز ثاني ٿيندو. ڪيترن دوستن خوشخبريءَ جهڙا خواب ڏٺا ۽ مان به رسول الله ﷺ جي خواب ۾ زيارت ڪئي ۽ امام ابوحنيفه ؐ کي به خواب ۾ ڏٺم. رمضان شريف ۾ اصول فقه ۾ هڪ رسالو لکيم جنهن کي شيخ الهند پسند فرمايو، ان ۾ بعض مسئلا جمهور جي برخلاف محققن جي راءِ مطابق لکيا ويا هئا. مثلاً مشابه آيتن جي معنيٰ ناممڪن الحصول نه آهي ۽ الراسخين في العلم وهبي علم سان سمجهن ٿا. شوال ۱۳۰۷هه ۾ تفسير بيضاوي ۽ حديث جي دوري ۾ شريڪ ٿيس ۽ جامع ترمذي حضرت مولانا شيخ الهند وٽ پڙهيم ۽ سنن ابي داؤد پڙهڻ لاءِ حضرت مولانا رشيد احمد صاحب جي خدمت ۾ گنگوهه پهتس. شاهجهان آباد دهلي گنگوهه مان بيمار ٿي دهليءَ آيس. حڪيم غلام محمود خان (حڪيم اجمل خان جي والد) جي علاج سان صحت حاصل ٿي. حديث جا باقي ڪتاب مولوي عبدالڪريم پنجابي ديوبنديءَ کان جلدي جلدي ختم ڪري ورتم. مون کي ياد آهي ته سنن نسائي ۽ سنن ابن ماجه چئن ڏينهن ۾ پڙهيو هيم ۽ سراجي ٻن ڪلاڪن ۾ پوري ڪئي هيم. اهو مولوي عبدالڪريم پنجابي حضرت مولانا محمد قاسم ديوبنديءَ ۽ حضرت مولانا رشيد احمد گنگوهيءَ جو هڪ محقق شاگرد هو. شهرت پسند نه هو، دهليءَ وارن ڏينهن ۾ ٻه دفعا حضرت مولانا سيد نذير حسين صاحب جي زيارت لاءِ ويو هوس. صحيح بخاريءَ ۽ جامع ترمذيءَ جا ٻه سبق به ٻڌا هيم. سنڌ ڏانهن موٽڻ ۲۰ جمادي الثاني سنه ۱۳۰۸هه تي دهليءَ مان سڌو ڀرچونڊي ضلع سکر ۾ پهتس. مگر ان سفر ۾ ايندي ويندي نه لاهور ۾ ۽ نه وري چينياوالي مسجد ۾ ويس. منهنجو مرشد منهنجي اچڻ کان اڳ ۾ ڏهه ڏينهن پهريائين وفات ڪري ويو هو. رجب سنه ۱۳۰۸هه ۾ حضرت شيخ الهند اجازت نامه لکي مون ڏانهن موڪليو ۽ مولوي ڪمال الدين صاحب مون وٽ سنن ابي داؤد پڙهي پوري ڪئي. امروٽ وارو بزرگ شوال ۱۳۰۸هه تي سيدالعارفين جي ٻئي خليفي مولانا ابوالحسن تاج محمود امروٽي صاحب وٽ امروٽ ضلعي سکر ۾ هليو آيس. هن صاحب پنهنجي پير رشيد جو وعدو پورو ڪري ڏيکاريو. هو مون لاءِ پيءُ وانگر هو، سندس ذريعي منهنجو نڪاح مولوي محمد عظيم خان يوسف زئي ماستر اسلاميه اسڪول سکر جي نياڻيءَ سان ڪرايو. منهنجي ماءُ کي گهرائي ڏنو جا آخر وقت تائين پنهنجي نموني تي مون وٽ رهندي آئي. منهنجي مطالعي لاءِ تمام وڏو ڪتب خانه گڏ ڪيائين. هن بزرگ جي مهربانيءَ واري پاڇي ۾ ۱۳۱۵هه تائين مطالعو ڪندو رهيس. ڪتب خانه پير جهنڊي وارو ڳوٺ پير جهنڊي ضلع حيدرآباد سنڌ ۾ راشدي طريقي جي پير صاحب وٽ دين علومن جو هڪ بينظير ڪتب خانه هو. امروٽ وارن ڏينهن ۾ مطالعي لاءِ اوڏانهن به ويندو رهندو هوس ۽ اڌارا ڪتاب به وٺي ايندو هوس. منهنجي مطالعي جي ڪماليت ۾ انهيءَ ڪتب خانه جي فيض جو به وڏو دخل آهي. ان کان سواءِ حضرت مولانا رشيد الدين صاحب العلم الثالث جي صحبت مان فائدو پرايم. مان سندس ڪيتريون ئي ڪرامتون ڏٺيون. اسماءَ الحسنيٰ جو ذڪر کانئس سکيم. سندس فرزند حضرت مولانا رشدالله صاحب العلم الرابع سان علمي صحبتون رهيون. هو علم حديث جو تمام وڏو عالم ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف هو. سندس والد حضرت مولانا رشيدالدين توحيد ۽ جهاد جي دعوت جو مجدد هو. قاضي فتح محمد نظاماڻي• (ويٺل ٽنڊه قيصر) جون علمي صحبتون به ياد رکڻ جي لائق آهن. علمي تحقيق جو مرڪز الله تعاليٰ جي رحمتن مان هڪ وڏي نعمت جنهن جو آءُ شڪر ادا ڪري نٿو سگهان، اها هيءَ آهي ته فقه ۽ حديث جي تحقيق ۽ تطبيق ۽ اهڙيءَ طرح قرآن عظيم جي تفسير ۾ حضرت مولانا محمد قاسم (نانوتوي) ديوبنديءَ کان شروع ٿي امام ولي الله دهلوي تائين سلسلو عاليه منهنجو رهبر بڻيو ۽ مان هنن کي پنهنجو اڳواڻ بڻايو. مون کي پنهنجي علمي ۽ سياسي واڌاري ۾ انهن کان ٻاهر وڃڻو نه پيو. تنهن ڪري منهنجون سموريون ڪوششون هڪ اصول تي درست ٿينديون رهيون ۽ آءُ اسلام جي فلسفي سمجهڻ جي لائق بڻيس. مان دهليءَ ۾ قبله نما جو مطالعو ڪيو (اهو ڪتاب مولانا محمد قاسم جو تصنيف ڪيل آهي) جنهن جا معارف منهنجي روح ۾ پيوست ٿي ويا. حديث جي تحقيق لاءِ حجة الله البالغه (مصنفه امام ولي الله دهلوي) سان شيخ الهند منهنجي واقفيت ڪرائي. آخر ۾ مون کي ان جي مطالعي مان اطمينان نصيب ٿيو ۽ مان عالمن جي هڪ جماعت کي حجة الله پڙهائي ان کان گهڻو وقت پوءِ شيخ الهند کان وڃي پڙهيم. طريقه قادريه جو شغل انهيءَ عرصي ۾ طريقه قادريه ۽ نقشبندي مجددي جا شغل ۽ ذڪر به پنهنجيءَ طاقت آهر حضرت سيدالعارفين جي وڏي خليفه مولانا ابوالسراج (خليفه غلام محمد صاحب) دينپوريءَ کان سکندو رهيس. جيڪڏهن منهنجي ڪا دنياوي ضرورت امروٽ مان پوري نه ٿيندي هئي ته اها دينپور مان حاصل ڪندو هوس. اهڙيءَ طرح مون کي پنهنجي مرشد جي جماعت کان ٻاهر وڃڻ جي ضرورت نه پئي. منهنجو سياسي مسلڪ اسلام سکڻ جي شروع کان وٺي منهنجو قلبي لاڳاپو مولانا شهيد مرحوم سان پيدا ٿي چڪو هو ۽ ديوبند جي طالب علميءَ واري زماني ۾ ڪيترن ئي واقعن ۽ ڳالهين سبب وڌيڪ واقفيت ٿي چڪي هئي. مولانا عبدالڪريم (پنجابي) ديوبنديءَ دهليءَ جي غدر جو اکين ڏٺو واقعو ٻڌايو هو ۽ ٻاراڻي ڄمار کان خانداني عورتن جي صحبت ۾ (ٻڌل ڳالهين جي بنياد تي) انقلاب پنجاب جي مصيبتن کان منهنجو دماغ ڀريو پيو هو، ان ۾ هڪ قسم جو انقلاب آيو، پهريان جو ڪجهه لاهور لاءِ سوچيندو هوس هاڻي دهليءَ لاءِ سوچڻ لڳس. مولانا شهيد جي مڪتوبات مان هڪ خط جو مضمون سامهون رکي مان پنهنجو مختصر سياسي پروگرام بڻايو جو اسلامي به هو ۽ انقلابي به هو. مگر هندستان کان ٻاهرين مسلمانن سان ان جو ڪوبه تعلق نه هو. مان حجة الله پڙهندڙ جماعت کي ان ۾ شامل ڪيو. اهڙيءَ ريت پنهنجي خيال موجب آهستي آهستي ڪم شروع ڪري ڏنم. ديوبند ۾ وري اچڻ ۱۳۱۵هه ۾ وري ديوبند آيس. پنهنجي علمي معلومات جي رنگ ۾ ٻه رساله لکي کڻي آيس. هڪ علم حديث ۽ ٻيو فقه حنفيءَ ۾. حضرت مولانا شيخ الهند ٻنهين رسالن کي پسند فرمايو. انهيءَ دفعي ٻارهن حديث جي مشهور ڪتابن جا اطراف ٻڌائي ٻيهر مولانا صاحب کان روبرو اجازت حاصل ڪيم. ڪن جهاد جي مسئلن وقت درس هلندي اسان جي جماعت جو ذڪر اچي ويو جنهن کي مولانا پسند فرمايو. ڪن دوستن جو مشورو ڏئي انهيءَ ڪم کي اتحاد اسلام جي هڪ ڪڙي بڻايائون ۽ انهيءَ ڪم کي جاري رکڻ جي وصيت فرمايائون. ان کان پوءِ منهنجا علمي ۽ سياسي سمورا شغل حضرت شيخ الهند سان وابسته رهيا. دارالرشاد ڳوٺ پير جهنڊو ديوبند جي انهيءَ پوئين مختصر سفر کان پوءِ مان امروٽ شريف ۾ رهي، هڪ پريس قائم ڪئي (محمود المطابع نالي سان) جنهن کي ٻن سالن تائين هلائيندو رهيس. ڪي عربي ۽ سنڌي ناياب ڪتاب ڇپايا ويا. ۽ هڪ ماهوار رساله ”هدايت الاخوان“ به شايع ٿيندو رهيو. ان سان گڏ مدرسه قائم ڪرڻ جي به ڪوشش جاري رهي. مگر ان ۾ ڪاميابي نه ٿي، هوڏانهن اسان جو ڪم مدرسه کان سواءِ هلي نٿي سگهيو. تنهن ڪري مان ٻئي ڪنهن جاءِ جي ڳولا ۾ حيران هوس ته حضرت مولانا رشدالله صاحب العلم الرابع ۱۳۱۹هه ۾ منهنجي تجويز جي موافق مدرسه بنائڻ جو ارادو ڪيو ۽ دارالرشاد مدرسه جو نالو منهنجي رٿ سان مقرر ٿيو. مان انهيءَ مدرسي ۾ شريڪ ٿي پورن ستن سالن تائين علمي ۽ انتظامي خدمتون مڪمل اختيارات سان ڪندو رهيس ۽ مدرسي ۾ انهيءَ زماني جي وڏن علمائن مان حضرت مولانا شيخ الهند ۽ حضرت مولانا شيخ حسين بن محسن انصاري يماني (محدث مقيم پوپال) امتحان وٺڻ جي ارادي سان تشريف فرما ٿيا. مان انهيءَ مدرسه ۾ حضرت رسول الله ﷺ کي خواب ۾ ڏٺو ۽ امام مالڪ کي به ڏٺو جو ڄڻ مدرسه جي هڪ حجري ۾ اچي رهيو آهي. جميعت الانصار ديوبند ۱۳۲۷هه ۾ حضرت شيخ الهند ديوبند سڏايو. مفصل احوال ٻڌي ديوبند ۾ رهي ڪم ڪرڻ جو حڪم ڏنائون ته جيئن سنڌ سان به لاڳاپو قائم رهي. چار سال جمعيت الانصار ۾ ڪم ڪندو رهيس. انهيءَ جماعت جي تحريڪ جي بنياد ۾مولانا محمد صادق سنڌي، مولانا ابو محمد احمد لاهوري ۽ عزيز مولوي احمد علي لاهوري به شريڪ هئا. نظارة المعارف دهلي حضرت شيخ الهند جي ارشاد سان منهنجو ڪم ديوبند کان دهليءَ منتقل ٿيو. ۱۳۳۱هه ۾ نظارت المعارف قائم ٿي، انهيءَ ڪم جي سرپرستيءَ ۾ شيخ الهند سان حڪيم اجمل خان ۽ نواب وقارالملڪ (سيڪريٽري علي ڳڙهه ڪاليج) ساڳئي نموني ۾ شريڪ هئا. حضرت شيخ الهند جيئن چار سال ديوبند ۾ رهي منهنجو پنهنجي جماعت سان تعارف ڪرايو، اهڙيءَ طرح دهليءَ موڪلي مون کي نوجوان طاقت سان واقف ڪرڻ گهريو. انهيءَ مقصد لاءِ ئي هڪ دفعو دهليءَ ۾ تشريف فرما ٿيو، مون کي ڊاڪٽر انصاريءَ سان ملاقات ڪرايائين ۽ ڊاڪٽر انصاريءَ مون کي مولانا ابوالڪلام ۽ مولانا محمد علي مرحوم سان ملايو جنهن ڪري مون کي ٻن سالن اندر هندستان جي اسلامي اعليٰ سياسي طاقت سان واقفيت پيدا ٿي وئي. هجرت ڪابل ۱۳۳۳هه مطابق ۱۹۱۵ع ۾ شيخ الهند جي حڪم سان ڪابل روانو ٿي ويس. مگر مون کي ڪم جو ڪوبه مفصل پروگرام ڪونه ٻڌايو ويو. جنهن ڪري منهنجي طبيعت تي اها هجرت گران پئي گذري مگر تعميل حڪم لاءِ وڃڻو ضرور هو ۽ الله تعاليٰ آسانيءَ سان هندستان مان نڪري وڃڻ جو رستو پيدا ڪري ڏنو. جنهن ڪري آءٌ افغانستان پهچي ويس. دهليءَ جي سياسي جماعت به مون کي پنهنجو عيوضي مقرر ڪيو هو. پر مان هنن کي اها ڳالهه ئي ڪانه ڪئي ته اڳ ۾ ئي شيخ الهند جي حڪم موجب منهنجي ڪابل وڃڻ جو فيصلو ٿي چڪو آهي. افسوس جو دهليءَ واري مرڪز پاران به ڪو معقول پروگرام ڪونه هو. ڪابل پهچي مون کي معلوم ٿيو ته حضرت شيخ الهند قدس سره جنهن جماعت جو پاڻ عيوضي هو تنهن جي پنجاهه سالن جي محنتن جو نتيجو غيرمنظم شڪل ۾ منهنجي سامهون تعميل حڪم لاءِ موجود آهي. جنهن ۾ حضرت شيخ الهند کي هڪ مون جهڙي خادم جي سخت ضرورت هئي. هاڻي مون کي هجرت ۽ حضرت شيخ الهند جي چونڊ تي بيحد فخر محسوس ٿيڻ لڳو. مان ستن سالن تائين حڪومت ڪابل جي امداد سان هندستان لاءِ ڪم ڪندو رهيس. ۱۹۱۶ع ۾ امير حبيب الله خان هندن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جنهن جي تعميل جي هڪ ئي صورت هئي ته نيشنل ڪانگريس ۾ شامل ٿي وڃان. ان وقت آءٌ ڪانگريس جو مبلغ بڻجي ويس. هيءَ ڳالهه نهايت عجب جهڙي آهي ته امير صاحب مرحوم نج اسلام جي ڪم کان هندستاني ڪم کي وڌيڪ پسند ڪندو هو. ۱۹۲۲ع ۾ امير امان الله خان جي زمانه ۾ ڪانگريس ڪاميٽي ڪابل ۾ قائم ڪئي وئي. ڊاڪٽر انصاريءَ جي ڪوشش سان ”گيا“ واري اجلاس ۾ ان جو الحاق انڊين ڪانگريس سان ڪيو ويو. برٽش ايمپائر کان ٻاهر اها پهرين ڪانگريس ڪميٽي هئي ۽ مان هن ڳالهه تي فخر ڪري سگهان ٿو ته آءٌ ان جو پهريون پريزيڊنٽ هوس. روس جو سفر ۱۹۲۳ع ۾ ترڪيءَ ڏانهن ويندي ست مهينا ماسڪو (روس) ۾ وڃي رهيس. سوشلزم جو مطالعو پنهنجي طاقت آهر پنهنجن نوجوان ساٿين جي مدد سان ڪندو رهيس. جنهن حالت ۾ نيشنل ڪانگريس سان لاڳاپو سرڪاري طرح ثابت ٿي چڪو هو، تنهن ڪري سويت روس مون کي پنهنجو معزز مهمان بڻايو ۽ مطالعي لاءِ هر قسم جون سهوليتون مهيا ڪري ڏنيون. هي بلڪل غلط آهي ته مان لينن سان ملاقات ڪئي، ڇو ته ڪامريڊ لينن ان وقت اهڙو بيمار هو جو پنهنجن دوستن کي به سڃاڻي نه سگهندو هو. انهيءَ مطالعي جو نتيجو آهي جو مان پنهنجي مذهبي تحريڪ کي جا امام ولي الله جي فلسفي جي شاخ آهي ان کي لادينيت جي حملي کان محفوظ ڪرڻ جي تدبير ۾ ڪامياب ٿي ويس. مان انهيءَ ڪاميابيءَ ۾ (۱) انڊين نيشنل ڪانگريس (۲) هندستاني سفر جي ساٿين جن ۾ هندو مسلم نوجوان هئا جن ۾ سوشلسٽ ۽ نيشنلسٽ ٻئي قسم جا ماڻهو هئا. (۳) سويت روس جو هميشه لاءِ شڪر گذار رهندس جيڪڏهن مون کي ٽنهين طاقتن جي امداد نه ملي ها ته آءٌ پنهنجي اصلي امتيازي مقصد ۾ ڪامياب نه ٿيان ها. نئين ترڪي ساڳئي سال ۱۹۲۳ع ۾ انگورا پهتس. منهنجي انهيءَ سفر لاءِ ماسڪو واري ترڪي سفير ۽ روس جي وزارت خارجه سفر جو رستو مقرر ڪري ڏنو. ممڪن آهي ته برطانيه جي ڪارندن کي ان جو پتو نه پيو هجي. (هي به غلط آهي ته آءٌ استنبول ان وقت پهتس جڏهن فرانس ۽ برطانيه جي متحده قوت ان تي قابض هئي) اٽڪل ۳ سال ترڪيءَ ۾ رهيس. مان اتحاد اسلامي تحريڪ جو پورو پورو مطالعو ڪيو. مگر مون کي مستقبل قريب ۾ ان لاءِ ڪوبه مرڪز نظر نه آيو. تنهن ڪري مان ترڪن جي وطني خدمت وانگر پنهنجي اسلامي تحريڪ کي انڊين نيشنل ڪانگريس ۾ شامل ڪرڻ ضروري سمجهيو ۽ ڪانگريس ۾ پنهنجي اصول جي هڪ مستقل پارٽيءَ جو پروگرام ڇاپي ڇڏيو، جنهن ڪري منهنجي تحريڪ هر هڪ مخالف انقلاب کان محفوظ رهي سگهي ٿي. اسان جو پروگرام يورپ کي ان نموني ۾ اسلام جي تعارف ڪرائڻ ۾ منهنجو خيال آهي ته آءٌ پنهنجي استاذ الاستاذ ۽ پنهنجي امام مولانا محمد قاسم ديوبنديءَ جي هڪ قلبي خواهش کي پوري ڪرڻ ۾ عملي جامه ڍڪائي رهيو آهيان. انهيءَ پروگرام کي ترڪي پريس مان شايع ڪرڻ لاءِ انگورا حڪومت کان اجازت وٺڻي پئي. جنهن کي پهريائين وزارت خارجه ٻه جدا جدا ترجمه ڪرائي جيستائين حرف بحرف نه پڙهيو تيستائين اجازت نه ڏني. ڪي هندو دوست اردو پڙهي نه ڄاڻيندا هئا تنهن ڪري انهن جي سهوليت لاءِ پروگرام جو انگريزيءَ ۾ به ترجمو ڪرايم. استنبول جي رهڻ واري زمانه ۾ لالا لڄپت راءِ سان تبادله خيالات ٿيو. اهڙيءَ طرح ڊاڪٽر انصاريءَ سان به چڱيءَ طرح ڳالهيون ٿيون، اسان جا هي ٻئي بزرگ نه انهيءَ پروگرام کي قبول ڪري سگهيا ٿي ۽ نه وري ان جو چڱو بدل ٻڌائي سگهيا ٿي، ڪوشش ڪندا ته اسان کي هزار ٻه هزار سال گذريل زمانه ڏانهن وٺي وڃن، يقيناً پنڊت جواهر لال نهروءَ هڪ فقره ان جي پسنديدگي تي لکيو. اهو منهنجي لاءِ خوشيءَ جو ڪارڻ آهي. مان پنهنجي پروگرام ۾ عدم تشدد کي ضروري ٺهرايو آهي. ان ۾ مهاتما گانڌيءَ جا ممنون آهيون ۽ عدم تشدد جي اخلاقي حيثيت کي ڄاڻان ٿو. انهيءَ بنياد تي پوليٽيڪل پروگرام جي تربيت ۽ اهميت مهاتما گانڌيءَ کان سکي. هُن اسان کي حضرت مسيح جي تعليم جي يادگيري ڏياري آهي جا اسان وساري چڪا هئاسين. مون کي اهو به پتو آهي ته اسلام جو پهريون دور انهيءَ سياسي اصول تي عامل هو، دانائيءَ جي ڳالهه مؤمن جي وڃايل وٿ آهي پوءِ جتي به هٿ اچيس ته اهوئي ان جو مالڪ آهي. مڪه معظمه ۾ پهچڻ ۱۳۴۴هه ۾ حج جي موسم ۾ مڪه معظمه ۾ خلافت ڪانفرنس منعقد ٿيڻ واري هئي ۽ منهنجا سمورا دوست ان ۾ اچڻ وارا هئا. مان هنن جي ملاقات لاءِ ترڪيءَ مان اٽليءَ جي رستي مڪه معظمه پهچڻ جي ڪوشش ڪئي. مگر ڪانفرنس ختم ٿيڻ کان پوءِ صفر ۱۳۴۵هه ۾ پهتس. آءٌ پنهنجي پوزيشن کي صحيح نموني ۾ ڄاڻيندو هوس. تنهن ڪري حجاز گورنمينٽ کي يقين ڏياريم ته آءٌ هتي ڪابه سياسي پروپيگنڊا ڪانه ڪندس، جنهن مون تي اعتماد ڪيو ۽ انهيءَ اعتماد سبب آءٌ بلڪل محفوظ رهجي ويس. مان جيڪڏهن ڪنهن وقت ڪنهن ٿورڙي امداد جي گهر ڪئي ته حڪومت ان کي پورو ڪيو ۽ منهنجي پنهنجي نموني ۽ پنهنجي مٿي رهڻ ۾ حڪومت جا اهلڪار حارج نه ٿيا تنهن ڪري هو منهنجي پاران تمام گهڻي شڪريي ۽ دعا جا حقدار آهن. جزاهم الله تعاليٰ خيراً مڪي جا علماءَ مون کي مڪي وارن مان ٽن هندوستاني ۽ هڪ عرب خاندان خاص طرح علمي امداد پهچائي، سڀ کان پهريائين شيخ عبدالوهاب دهلويءَ (حاجي علي جان وارا)، ٻيو شيخ عبدالستار بن عبدالوهاب دهلوي، ڪتبي مرحوم، ٽيون حضرت ابو اشرف مجدديءَ انهن جي ڪتب خانن مان فائدو ورتم. عرب خاندان مان منهنجي شيخ محمد بن عبدالرزاق حمزه شيخ دارالحديث ۽ شيخ ابو السمح امام الحرمين جو خاندان آهي. منهنجو علمي شغل آءٌ اٽڪل ۱۲، ۱۳ سالن کان قرآن عظيم ۽ حجة الله البالغه جو نهايت اونهي نظر سان مطالعو ڪندو رهيس. قرآن عظيم جي تفسير ۾ جيتريون جايون به مشڪل هيون تن کي مان امام ولي الله دهلويءَ جي اصول تي اطمينان سان حل ڪندو رهيس. جيڪي ماڻهو امام ولي الله دهلويءَ کي اسان وانگي نٿا مڃين اسان تن جي اطمينان ڏيارڻ جي دعويٰ ڪري نٿا سگهون. پر مون کي پنهنجي اصول تي قرآن عظيم ۾ قابل عمل نصاب تعليم نظر آيو ۽ ان معاملي ۾ هن تجلي ريز مقدس مقام (مڪه معظمه) جو تاثير ضرور قبول ڪرڻو پوي ٿو. ان زماني ۾ امام ولي الله دهلويءَ جي مشهور ڪتابن جو خاص طور مطالعو جاري رکيم. مثلاً بدور بازغه، خير ڪثير، تفهيمات الاهيه، سطعات، الطاف القدس، لمعات وغيره. انهن ڪتابن جي سمجهڻ لاءِ ڪنجيءَ طور مان مولانا رفيع الدين دهلويءَ (ولد امام ولي الله) جو ڪتاب تڪميل الاذهان ۽ (مولانا محمد اسماعيل شهيد امام ولي الله جي پوٽي جو) ڪتاب عبقات ۽ مولانا محمد قاسم جي ”قاسم العلوم“ ۽ ”تقرير دل پذير“ ۽ ”آب حيات“ کي استعمال ڪندو رهيس. مون کي انهن ڪتابن جي پڙهائڻ جو موقعو به مليو ۽ ان سان گڏ قرآن عظيم جو درس به جاري رهيو، جنهن ڪري منهنجا نظريا بلڪل وسيع ٿي ويا. (ف لله الحمد) امام ولي الله دهلويءَ جي حڪمت جيڪڏهن مون کي اجازت ڏني وڃي ته آءٌ هن ريت ظاهر ڪريان ته آءٌ امام ولي الله دهلويءَ کي حڪمت جو مجتهد مستقل فرض ڪريان ۽ امام عبدالعزيز (ولد امام ولي الله) ۽ مولانا رفيع الدين دهلويءَ کي مجتهد منتسب جو درجو ڏيان ۽ مولانا محمد اسماعيل شهيد ۽ مولانا محمد قاسم کي مجتهد في المذهب جي درجي تي تسليم ڪريان، ان کان پوءِ مان هڪ اهڙو اسڪول قائم ڪري سگهان ٿو جنهن ۾ (الف) قرآن عظيم (ب) سنت رسول الله ﷺ ۽ سنت خلفاءِ راشدين (ج) تاريخ اسلام جي پوريءَ ريت عقلي تشريح موجود هجي. ان کان پوءِ دنيا جي سمورن مذهبن ۽ سندن مقدس ڪتابن جي تحقيق ۽ تطبيق به انهيءَ اصول تي آسان ٿي سگهي ٿي. (ذالک فضل الله يؤتيه من يشاءالله ذوالفضلٍ العظيم) وطن ڏانهن واپسي سنه ۱۹۳۶ع ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس منهنجي واپسيءَ لاءِ ڪوشش ڪئي ۽ منهنجا سمورا دوست ان جي تائيد ۾ ڪوشش ڪندا رهيا. جنهن ۾ سياسي مسلڪ جي اختلاف ۽ اتحاد جو ڪوبه خيال ڪونه رکيو ويو، انهيءَ ڪوشش جو هي نتيجو نڪتو جو مون کي پهرين نومبر ۱۹۳۷ع ۾ وطن واپسي جي اجازت ملي وئي ۽ پهرين جنوري سنه ۱۹۳۹ع ۾ پاسپورٽ ڏيڻ جو فيصلو ٿي ويو پر حج جي موسم مٿان اچي وئي هئي تنهن ڪري حج جي عبادات کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ واپسيءَ جو ارادو آهي. وطن پهچڻ کان پوءِ منهنجو پروگرام قريب قريب هيٺين ريت هوندو: (۱) اسان نيشنل ڪانگريس جا معمولي ميمبر ٿي رهنداسين ته جيئن عدم تشدد جي متعلق اسان جي جوابداري قومي قانون هيٺ اچي وڃي ۽ اسان پريشان دماغ دوستن جي پريشان ڪندڙ حرڪتن کان بچي وڃون. مگر اسان ڪانگريس جي ڪنهن به پارٽيءَ سان عملي حصي ۾ شرڪت ڪانه ڪنداسين. (۲) اسان جو محبوب مشغله امام ولي الله جي تعليم جي اشاعت جو هوندو. اسان علم وارن مان اعليٰ طبقه کي ان ڏانهن متوجه ڪندا رهنداسين جنهن ۾ ديني عالم ۽ جديد تعليم يافته ٻئي مخاطب هوندا، جيڪڏهن ڪوبه غيرمسلم هندو يا عيسائي آزاد خيال وارو انهيءَ فلسفه جو مطالعو ڪرڻ پسند ڪندو ته اسان ان جي پوري امداد ڪنداسين. (۳) جڏهن به حالات سازگار ٿيا تڏهن اسان نيشنل ڪانگريس ۾ فلسفه امام ولي الله جي روشنيءَ ۾ پنهنجي هڪ مستقل پارٽي تيار ڪنداسين جيڪا عام تعليم ۽ اقتصاد جي مسئلن تي قائم هوندي. والله هو الموفق والمعين. منهنجا تجربا ۽ مشاهدا اهو ضروري نه آهي ته انسان جنهن شيءِ جي تمنا رکي، ان جو مقصد جيڪڏهن خواهش واري صورت ۾ ئي پورو ٿئي ته انهيءَ کي ڪامياب سمجهيو وڃي. ڪن وقتن ۾ اهڙيون حالتون به پيش اينديون آهن جو انسان ڪنهن ڳالهه ۾ پاڻ کي ناڪام سمجهندو آهي پر انهيءَ صورت ۾ به جيڪڏهن سندس محنت صحيح ۽ سوچيل سمجهيل پروگرام تي عمل ۾ آئي آهي ته اها ڪڏهن به ضايع نه ٿي وڃي، پر ان تجربي کي حاصل ڪري پوءِ آئنده ٻئي ڪنهن شئي ۾ اهو نقصان پورو ڪري سگهي ٿو ۽ اڳتي انهيءَ قسم جي غلطين کان بچڻ جي هڪ مستقل شڪتي پڻ پيدا ٿي وڃي ٿي جيڪا عظيم الشان نتيجا پيدا ڪري سگهي ٿي. مون پنهنجي زندگيءَ جي مختلف راهن تي ڇا ڇا حاصل ڪيو آهي. اڄ مختصر نموني ۾ ان جي واقفيت ڪرائڻ گهران ٿو. هت جيون جي سفر جي نتيجن جو سمورو ذڪر ڪرڻ منهنجو مقصد نه آهي البته ٿورا اهڙا واقعا ۽ فڪر بيان ڪنداسون جن ۾ هڪ خاص قسم جو سلسلو هوندو جو ايندڙ مسئلن جي حل ڪرڻ ۾ ڪجهه مدد ڏئي سگهندو. مون پنهنجي جيون جي سفر جون اٺ منزلون بڻايون آهن: (۱) گهر ۽ اسڪول جي زندگي (۲) ديني علم حاصل ڪرڻ ۽ ان جي تڪميل ڪرڻ (۳) عملي پروگرام جو تعين ۽ ان کي سوڀارو بڻائڻ جي ڪوشش (۴) ڪابل ۾ قيام (۵) ماسڪو ۾ قيام (۶) استنبول ۾ قيام (۷) مڪي شريف ۾ قيام (۸) وطن ڏانهن واپسي. پهرين منزل: گهر ۽ اسڪول ۾ ۱۲۸۹هه (۱۸۷۲ع) کان ۱۳۰۴هه (۱۸۸۷ع) تائين (۱) اسڪول جي شاگرديءَ جي زماني ۾ تحفة الهند ۽ تقويت الايمان جي لڳاتار مطالعي سان اسلام جي حقانيت جو يقين حاصل ٿي ويو. (۲) سمجهيم ته ڪنهن کي به اسلام جي صحيح تعليم جي ضرورت هجي ته ان کي قرآن ۽ حديث پڙهڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته قرآن ۽ حديث ۾ اصلي تعليم محفوظ آهي. (۳) عام مسلمانن ۾ هندن وانگر غلط رسمون رائج ٿي ويون آهن جن جو اسلام سان لاڳاپو ڪونه آهي. (۴) مولوي محمد لکويءَ جي ڪتابڙي ”احوال الاخرت“ جي پڙهڻ سان عمل ۽ همت ۾ تيزي ايندي وئي. ٻي منزل ديوبند ۽ سنڌ ۾: ۱۳۱۵هه (۱۸۹۷ع) تائين (۱) دارالعلوم ديوبند ۾ شروعاتي علم حاصل ڪرڻ (۲) حضرت مولانا شيخ الهند جي خدمت ۾ حديث ۽ فقهه جي تڪميل (۳) مولانا محمد قاسم رحه جي حڪمت عمليءَ جي واقفيت ۽ محبت (۴) سندس عملي طريقي کي پنهنجو مرڪزي فڪر بڻائڻ (۵) سنڌ ۾ علمي مطالعو ۽ تحقيق (۶) ڪتاب ”حجة الله البالغه“ تي پورو ڀروسو ڪرڻ ۽ ان جي برڪت سان اطمينان حاصل ٿيڻ (۷) ڪتابڙي ”الفوزالڪبير“ جي اصول تي قرآن عظيم تي غور ڪرڻ (۸) حجة الله البالغه جي بنياد تي هر هڪ سورة جي آيت ۾ لاڳاپو پيدا ڪرڻ. (۹) قرآن عظيم جو (اڳين) ”سمورن دينن کي ميٽي ڇڏڻ“ واري حڪمت جو راز کلي پوڻ. ٽين منزل: سنڌ، ديوبند ۽ دهليءَ ۾ ۱۳۳۳هه (۱۹۱۵ع) تائين (۱) حضرت مولانا محمد اسماعيل شهيد ؓ جي اصول تي ننڍين ننڍين جماعتن جي تياري (۲) حضرت مولانا شيخ الهند جي نظام تي جماعت جي اعليٰ فردن جي تياري (۳) سنڌ ۾ دارالرشاد جو بنياد رکڻ (۴) دارالعلوم ديوبند ۾ جمعيت الانصار جو سيڪريٽري ٿي رهڻ (۵) دهليءَ ۾ نظارت المعارف جو برپا ڪرڻ. چوٿين منزل ڪابل ۾ ۱۳۴۰هه (۱۹۲۲ع) تائين (۱) ڪابل ۾ امير حبيب الله جي درٻاري سوسائٽيءَ جو اعتماد حاصل ڪرڻ (۲) عملي سياست جي صحيح واقفيت حاصل ڪرڻ (۳) پوري يقين سان هڪ فڪري انقلاب پيدا ٿي ويو ته جيڪڏهن هن زماني جا مسلمان بادشاهه پنهنجون ڪمزوريون دور ڪري سگهندا ته انهن جي حڪومت جي طرز بهر صورت يورپين هوندي. دهليءَ وارو پراڻو نظام اڄ نه هلي سگهندو. (۴) امير حبيب الله خان هڪ سڌاري پسند ۽ وڏي ارادي وارو بادشاهه هيو. هن جنهن قسم جو انقلاب آڻڻ گهريو ٿي ان جو مون گهرو مطالعو ڪيو آهي. جيتري قدر مون سمجهيو آهي تنهن موجب سندس خيال ۾ يورپ جي نون اصولن تي فوجي طاقت پيدا ڪرڻ جي ضرورت هئي، ان کان بي پرواهي ڪرڻ ناممڪن هئي. انهيءَ ڪري امير حبيب الله يورپ جي پيرويءَ تي مجبور هو. (۵) امير حبيب الله خان جي حڪم يا مشوري سان مان انڊين نيشنل ڪانگريس ۾ شامل ٿي ويس. ڪابل ۾ انقلابي هندو (به) موجود هئا جن اسان کي ڪم ۾ شريڪ بڻائڻ گهريو. (۶) ڪابل جي تفصيلي حالتن سمجهڻ کان پوءِ مون کي خبر پئي ته ديوبندي نظام جيتريقدر هندوستاني مسلمان کي فائدو پهچايو آهي جنهن ڪري هنن پنهنجي مرڪزيت محفوظ ڪري ڇڏي آهي، تنهن کان وڌيڪ فائدا هن (ديوبندي) نظام افغانستان کي پهچايا آهن. افغاني حڪومت ۽ قبيلن جي سردارن ۾ اهڙا ماڻهو تمام ٿورا هوندا جن ديوبند کان فيض حاصل نه ڪيو هوندو. مگر اُهي پاڻ کي ديوبندي ظاهر نه ٿا ڪن. منهنجي آڏو ڪيترن ئي تجربن کان پوءِ جيڪي نتيجا سامهون آيا تن مان هي يقين پيدا ٿيو ته اسان جا نوجوان، ڪاليج ۾ پڙهيا هجن يا ديوبند ۾ هنن جو جيڪڏهن آزاد زندگيءَ جي پروگرام ۾ ڪنهن به ٻي قوم سان مقابلو ٿيندو ته هو ڪنهن به ٻي قوم کان پٺتي نه رهندا. هن ۾ مسلم قومون ۽ يورپين قومون ٻئي هڪ جهڙيون آهن. حقيقت ۾ انهيءَ تجربي منهنجي ذهنيت ۾ هندستانيت جو انقلاب پيدا ڪيو آهي. اڳتي هلي دولت عثمانيه جي شڪست سان اتحادِ اسلام جو مرڪز يا خلافت باقي نه رهي. انهيءَ ترڪن وانگر پنهنجي هندوستاني مرڪز تي اعتماد سيکاريو. (جيئن ترڪن دنيا جي مسلمانن کي ڇڏي پاڻ تي اعتماد ڪيو.) پنجين منزل ماسڪو ۾ ۱۳۴۱هه (۱۹۲۳ع) تائين (۱) انقلاب جي ڪاميابيءَ لاءِ پارٽي ڊڪٽيٽرشپ ضروري آهي. (۲) جنگ يا ٻئي ڪنهن حادثي جي ڪري جيڪڏهن حڪومت ڪمزور ٿي وڃي ته ان حالت ۾ ڪمزور جماعتن کي عوام جي کاڌي جي سوال جو بندوبست سڀ کان پهريائين پاڻ تي کڻڻ گهرجي. ايئن ڪرڻ سان اُها جماعت حڪومت تي قابض ٿي ويندي. (۳) جيڪڏهن هڪ ديندار جماعت، هڪ ظالم طاقت سان ظلم جي پٺڀرائي ڪندي ۽ ان جي مقابلي ۾ ٻي هڪ بي دينن جي جماعت عوام تان ظلم ختم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندي ته اها بي دينن واري ٽولي ديني جماعت تي غالب پئجي سگهي ٿي پر انهيءَ کي اسان بي دينيءَ جو غلبو نه ٿا سمجهون. ڇاڪاڻ جو امام ولي الله دهلويءَ جي اصول موجب پيٽ جي تنگي يا مالي مشڪلاتن واري ظلم جو ملڪ مان دور ڪرڻ سمورن آسماني دينن جو بنيادي مقصد آهي. (۴) ماسڪو جي سوسائٽي جي مطالعي کانپوءِ اسان امام ولي الله دهلويءَ کي سياست ۾ پنهنجو مستقل امام مڃون ٿا (۵) جيڪڏهن ڪنهن به انقلابي بي دين جماعت پاران اسلام تي حملو ٿئي ته اسان امام جي اصول جي پابنديءَ سان نوجوانن کي اسلام جي طرف کان پوري پوري مدافعت ڪرڻ جا طريقا سيکاري سگهون ٿا. ڇهين منزل: استنبول ۾ ۱۳۴۴هه (۱۹۲۷ع) تائين (۱) مون تي هيءَ حقيقت ظاهر ٿي ته هندوستاني مسلمان جي پٺتي رهجي وڃڻ جو اصلي سبب هي آهي ته هو حالتن کان ناواقف رکيا ويا آهن. مان ڏاڍو حيران ٿيس جڏهن ڏٺم ته دارالخلافه جو ننڍو وڏو ماڻهو يورپين زندگي گذاري رهيو آهي ۽ خليفة المسلمين ۽ سندس گهراڻو اٽڪل ٻن سؤ سالن کان يورپ جي مٿانهين سوسائٽيءَ جي رسمن ۽ عادتن جا پابند آهن، پر اسان جي ملڪ ۾ بهترين عالمن جو هڪ طبقو يورپين رهڻي ڪهڻيءَ کي اسلام جي ابتڙ سڏي رهيو آهي. (۲) هڪ اهڙي مسلم (ٿورائيءَ واري) قوم جيڪا غير مسلم اڪثريت جي گهيري ۾ آيل آهي تنهن جو پهريون فرض هي آهي ته: (الف) هن جو هر مرد ۽ عورت تعليم يافته هجي (ب) هن جو هر مرد يا عورت ڪانه ڪا فوجي خدمت ادا ڪرڻ جي مهارت پيدا ڪري. (ج) هو قوم جي غيرمسلمن سان گڏجي رهڻ لاءِ پنهنجي حال آهر هڪ قومي پروگرام ٺاهي. (۳) ڳوٺاڻن کي سندن مادري زبان ۾ تعليم ڏيڻ گهرجي. لکڻ جو طريقو جيستائين ممڪن ٿي سگهي اوترو سؤلو اختيار ڪرڻ گهرجي. اسان جي زماني ۾ رومن ڪيريڪٽر ۽ ٽائيپ رائيٽر جي مدد سان گهڻو ئي ڪجهه آسان ٿي ويو آهي. ان کي انٽرنيشنل پوزيشن حاصل آهي. انهيءَ ڪري ترڪن ان کي اختيار ڪيو. انور پاشا مرحوم فوجين جي جبري تعليم لاءِ لکڻ جو هڪ نئون طريقو ايجاد ڪيو هو. هڪ اهڙو واقعو پيش آيو جو اڻ آزمودگار منشين جي ٿوري غلطيءَ جي ڪري هڪ پوري فوج تباهه ٿي وئي. ان (واقعي) کان پوءِ ان (لکڻ جي نموني) کي ڇڏيو ويو. اسان هتي ويهي، سنڌ ۾ ترڪيءَ (جهڙن) سڌارن جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي: (الف) هن تعميري ڪم واسطي اسان ڊومينين اسٽيٽس جو پروگرام ٺاهيو آهي. (ب) سمورن مذهبي ۽ معاشي جهڳڙن کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان يورپين ازم کي آخري علاج ڪري مڃيو آهي. (ج) بيدينيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان يورپين ازم کي آخري علاج ڪري مڃيو آهي. (ج) بيدينيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان امام ولي الله جي فلسفي کي پنهنجي پارٽيءَ جو بنيادي اصول (ڪري) قبول ڪيو آهي. انڊين نيشنل ڪانگريس ۾ گانڌي ازم جي خلاف هيءُ پهريون ئي آواز آهي، ان کان پوءِ سوشلسٽ آهن. ستين منزل: مڪه معظمه ۾ ۱۳۵۶هه (۱۹۳۹ع) تائين (۱) سڀ کان پهريائين اسان مڪي معظمه ۾ حڪومت سان هڪ ڪانگريسيءَ جي حيثيت ۾ پنهنجو تعارف ڪرايو، جنهن جو اسان کي هيءُ فائدو ٿيو جو هندوستاني مسلمانن جي پاڻ ۾ مذهبي جهڳڙن ۾ اسان غيرجانبدار ليکجڻ ۾ آياسون نه ته مون لاءِ اُتي سخت مشڪلات پيدا ٿي پوي ها. (۲) حرم شريف ۾ مون امام ولي الله جي حڪمت پڙهائڻ شروع ڪئي جنهن ۾ چڱي درجي جا عالم شريڪ ٿيندا رهيا. خاص ڪري جاوي مسلمانن وڌيڪ دلچسپي ڏيکاري. (۳) مون امام ولي الله جي فلسفي جو اونهو اڀياس شروع ڪري ڏنو، سموري قرآن شريف جي تفسير تي نظرثاني ڪندو رهيس جنهن ڪري مون کي پنهنجا جهونا ساٿي به نه ٿا سڃاڻي سگهن. (۴) علامه موسيٰ جارالله آفنديءَ منهنجي تفسيري بيانن کي لکت ۾ آندو آهي، پر مان ان کان پوءِ به لڳاتار غور ڪندو رهيس، وقتاً فوقتاً عجيب عجيب حقيقتون ظاهر ٿينديون رهنديون آهن. افسوس اٿم جو منهنجن پراڻن ساٿين ۾ ڪوبه وڏي همت وارو ڪونه رهيو آهي جو منهنجي مطالعي ۽ ڄاڻ کي ٻڌي. اهڙيءَ ريت پنهنجي سياسي پروگرام ۾ جيڪو يورپ ۾ ڇپجي چڪو آهي ان ۾ به مان گهڻي اصلاح ڪري چڪو آهيان. (۵) مون کي ممڪن نظر نه آيو ته مان هندستان کان ٻاهر ويٺو رهان ۽ منهنجي خيالن کان فقط محدود ٽولي واقف ٿيندي رهي، تنهن ڪري جڏهن وطن واپس اچڻ جو موقعو مليو ته مان اُهي سموريون پابنديون پنهنجي فيصلي مطابق قبول ڪيون جيڪي گورنمينٽ طرفان مون کي پيش ڪيون ويون، اهڙيءَ ريت منهنجي واپسي آسان ٿي وئي. (۶) مون مڪي معظمه مان خط لکيو ته ڪانگريس کان ٻاهر رهي ڪو به سياسي ڪم نه ڪندس. سمجهو ته مسلم ليگ، جمعيت العلماء، احرار، خاڪسار وغيره تحريڪن کان واسطو ٽوڙي ڇڏيم. مان ڪانگريس اندر گانڌي پارٽي کي سرمائيداري ۽ برهمڻ ازم جو مجموعو سمجهان ٿو ۽ ماسڪو واري بي دين پروگرام کان فارع ٿي چڪو آهيان. انهيءَ ڪري ٻنهي پارٽين کي قبول نه ٿو ڪريان ۽ جڏهن ڪو موقعو مليو تڏهن پنهنجي مستقل پارٽي ٺاهيندس. اٺين منزل: وطن ۾ واپسي ۱۹۳۹ع ۾ ۷مارچ ۱۹۳۹ع تي ڪراچيءَ پهتس ۽ ۱۰ ڊسمبر ۱۹۳۹ع تي جمنانربدا سنڌ ساگر پارٽي (ٺاهڻ) جو اعلان ڪيم، اهو اُهو ئي پروگرام آهي جنهن جو خاڪو ترڪيءَ ۾ ٺاهيو هيم، نومبر ۱۹۴۰ع ۾ جامعه مليه (دهليءَ) ۾ شيخ الهند جي ياد ۾ بيت الحڪمت جي ڪوشش شروع ڪئي وئي، انهن ٻنهي تحريڪن جو تفصيلي پروگرام جدا ملي سگهندو. ۲۰ فيبروري ۱۹۴۲ هندي بيت الحڪمت قاسم العلوم لاهور مولانا عبيدالله سنڌي تاريخ ساز شخصيت عرفان ڪريم مغل مولانا محمود الحسن جي شفقت ۾ ڪيترائي عالم اڪابر دارالعلوم ديوبند مان فارغ ٿي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي ويا، انهن مان هڪ مولانا عبيدالله سنڌي پڻ هو. ۱۸۵۷ع جي انقلاب کانپوءِ هندوستان جي مسلمانن جي طاقت ٻن ڀاڱن ۾ ورهائجي وئي، هڪ جو مرڪز عليڳڙھ هو ۽ ٻئي جو مرڪز ديوبند ٿيو، عليڳڙھ مسلم ليگ پيدا ڪئي ۽ ديوبند جمعيت العلماءِ هند پيدا ڪئي. انهن عالمن اڪابرن پوري دنيا ۾ پنهنجي علم جي روشني جي ذريعي انقلاب جي باھ ٻاري ۽ شعور ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪئي، جن ۾ مولانا حسين احمد مدني، مولانا ابوالڪلام آزاد، مولانا عبدالحق، مولانا عبيدالله سنڌي شامل آهن. پنجاب جي علائقي چيانوالي، ضلعي سيالڪوٽ جي سک گهراڻي رامسنگ جي گهر ۾ ۱۰ مارچ ۱۸۷۲ع تي هڪ ٻار پيدا ٿيو، جنهن جو نالو بوٽا سنگھ رکيو ويو، سندس ڏاڏي جو نالو چسپتراءِ، ۽ سندس پڙڏاڏي جو نالو گلاب راءِ هو. سکن جي حڪومت جي دور ۾ گلاب راءِ پنهنجي ڳوٺ جو مختيارڪار هو. سندس خاندان جو اصلي پيشو سونارڪو هو پر ڪنهن وقت کان هڪ حصو سرڪاري نوڪريءَ ۾ لڳي ويو، ۽ انهن ۾ ڪيترا شاهوڪار وياج تي پيسو ڏيڻ جو ڌنڌو ڪندا هئا. بوٽا سنگھ جي ڄمڻ کان چار مهينا اڳ ئي وفات ڪري ويو هو، ٻن سالن کان پوءِ سندس ڏاڏو به گذاري ويو. جنهن بعد بوٽا سنگھ کي سندس والده پنهنجي يتيم ٻارڙن سميت پيڪن جي گهر ڄامپور ضلعي ڊيري غازي ۾ آئي. ننڍڙي بوٽاسنگهھ کي ڇهن سالن جي ڄمار ۾ اسڪول ۾ ويهاريو ويو. هي اسڪول ۾ ذهين ٻار ليکيو ويندو هيو. هن کي ڪتابن پڙھڻ سان ننڍي عمر ۾ شوق هيو. ان وقت پاڻ اٺين جماعت ۾ پڙهندو هو، ۱۸۸۴ع ۾ کيس هڪ دوست ڪتاب“تحفةالهند”نالي پڙھڻ لاءِ ڏنو، جيڪو هڪ نئين مسلمان ٿيل سک جو لکيل هيو. جيڪو اسلامي تعليمات تي لکيل هيو. هن ڪتاب ننڍڙي بوٽاسنگھه جي ذھن ۾ ولولو پيدا ڪري وڌو. اسلام جي توحيد پرستي کيس متاثر ڪيو ۽ وڌيڪ ڪتاب پڙھڻ لڳو. پنجاب مان نڪري سنڌ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڀرچونڊيءَ۾ حافظ محمد صديق سميجي جي هٿ تي بيعت قبول ڪري اسلام جي حلقي ۾ داخل ٿيو، سندس نالو ڪتاب جي مصنف جي نسبت سان عبيدالله رکيو ويو. سندس سنڌ ۾ ڪوئي مٽ مائٽ نه هيو، هن حافظ کي پنهنجو ابو سڏيو ۽ پنجابي قوميت جو چولو لاهي سنڌي قوميت جو پهراڻ بدن تي پهريو، سنڌ کي پنهنجي امڙ بڻايو. ان ڏينهن کانپوءِ تاريخ ۾ شخصيت نمودار ٿي جنهن کي اڄ پوري دنيا ۾ “مولانا عبدالله سنڌي”جي نالي سان سڄاتو وڃي ٿو. سال ۱۹۲۲ع ۾ پاڻ ماسڪو مان ٿيندو ترڪيءَ جي دوري تي ويو، روس جي دوري دوران ڪميونسٽ اڳواڻ لينن سان ملاقات جي حوالي سان ڪجھ مورخ لکن ٿا ته مولانا عبيدالله سنڌي سان ملاقات ٿي هئي ڪي مورخ لکن ٿا لينن بيمار هئڻ جي ڪري ملاقات نه ٿي سگهي. مولانا علم جو ڄاڻو، ذهين شخصيت جو مالڪ هو. روس جي حڪومت مولانا کي پنهنجو معزز مهمان ڪري ڄاتو، ۽ کين مطالعو ڪرڻ لاءِ هر قسم جي سهوليت ڪري ڏنائون، انهيءَ مطالعي جو نتيجو اهو ٿيو، جو مولانا جن پنهنجي مذهبي تحريڪ (جا امام شاھ ولي الله دهلويءَ جي فلسفي تي مبني آهي) کي هن زماني جي لادينيءَ جي حملي کان محفوظ رکڻ لاءِ تدبيرن سوچن ۾ ڪامياب ٿيا. جنهن بعد مولانا انگورا ويا. ترڪيءَ جي سفير ۽ ماسڪو جي وزارت خارجه- ٻنهي گڏجي مولانا لاءِ سفر جو رستو آسان ڪري ڏنو. برطانوي جاسوسن کي انهيءَ راز جي بلڪل خبر ڪانه هئي. مولانا جن ساندھ ٽي سال ترڪيءَ ۾ رهي، تحريڪ اتحاد اسلاميءَ جو تاريخي مطالعو ڪيو. حضرت مولانا يورپ مان ٿيندا مڪه معظمه پهتا، ۽ ساندھ ٻارهن سال مڪه معظمه ۾ رهيا پر حڪومت سان سندن ڪوبه تعلق ڪونه هو، نه وري مولانا جن ڪو سياست ۾ بهرو وٺندا هئا. مولانا جن فرمائيندا هئا ته ’اسان خانه ڪعبه ۾ اچي امن ورتو آهي‘. اتي مولانا صاحب جن ڀوپال جي رباط ۾ رهندا هئا، ۽ پنهنجي هميشه واري دستور موجب توڪل واري زندگي بسر ڪندا هئا. اسلامي دنيا جا ڪيترائي عالم ۽ هندستان جا انگريزي خواندا کانئن قرآن حڪيم جو درس وٺندا هئا. مڪي معظمه جي حرم جو پيش امام ۽ ٻيا علماء ڪرام، جي جامع ازهر جا فارغ التحصيل هوندا هئا، اهي به مولانا مرحوم وٽ قرآن حڪيم جو درس وٺندا هئا. روس جو عالم موسيٰ جارالله جڏهن مڪه معظمه ۾ آيو، ته مولانا جو درس ٻڌي گرويده ٿي پيو ۽ مولانا صاحب کان درس وٺندو رهيو. مولانا صاحب ترڪي جي دوري دوران ۱۹۲۴ع ۾ هڪ مقالو“سرواجيه پارٽي جو منشور”جي نالي سان لکي ڇپائي هندوسان موڪليو، هندوستان جي حڪوت ان جي داخلا تي پابندي لاڳو ڪئي. ان ۾ مولانا عبيدالله سنڌي لکيو ته:موجوده سرمائيداري نظام کي اسين رد ڪريون ٿا، پر ان جي بدران ڪوبه اهڙو نظام قبول نٿا ڪريون جنهن ۾ مذهب لاءِ بلڪل گنجائش نه هجي ۽ اهو ٿوري انفرادي ملڪيت جي اجازت نه ڏيندو هجي. ڇاڪاڻ ته اسان جي ملڪ جي ۷۲ سيڪڙو آبادي پراڻي زرعي سرشتي هيٺ زندگي گذاري ٿي، عوام ۾ مذهبي رسمون سندن معاشرت جو جزو بڻجي چڪيون آهن. جيڪڏهن انهن ڳالهين جو خيال نه ڪري ڪوبه پروگرام ٺاهيو ويو ته آزاديءَ جي تحريڪ گهڻو پوئتي ڌڪجي ويندي. اسان نئون اقتصادي ۽ سياسي نظام پيش ڪرڻ وقت پنهنجي پارٽيءَ جي ميمبرن لاءِ جيڪي آزاد هند جي نئين حڪومت ٺاهيندا. هي شرط لاڳو ڪيو ويو آهي ته هو پنهنجين ذاتي گهرجن ۽ خرچن کي ملڪ جي وچين هاري طبقي کان مٿي نه وڌائيندا. جيئن حڪومت ۾ سرمائيداريءَ جي ڪهڙي ريت به ٻيهر پيدا ٿيڻ جي گنجائش نه رهي ۽ اسان جي پارٽيءَ بابت هي شڪ نه ٿي سگهي ته ان جو پروگرام فقط پاڻ پالڻ آهي يا هڪ سياسي چال جي حيثيت رکي ٿو. جامعه مليه دهلي ۾“يادگار شيخ الهند”جو افتتاحي خطبي ۾ مولانا فرمايو ته:“اسان نظريا ته اُهي ئي مڃيون ٿا جيڪي امام ولي الله دهلويءَ کان وٺي شيخ الهند تائين اسان جن بزرگن مقرر ڪيا پر اڄوڪي انقلابي دور ۾ انهن عظيم مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پورگرام اسان يورپ کان سکڻ ضروري سمجهون ٿا. جيئن سڀني مشرقي ملڪن ۾ هڪ صديءَ کان ٿي رهيو آهي. جاپان، ترڪي ۽ گذريل جنگ کانپوءِ ايران، افغانستان ۽ سڀني عرب ملڪن ۾ آخر ۾ نيشنل ڪانگريس جا رهنما سڀ يورپ کان سکندا رهيا. تنهن ڪري اسان نوجوانن کي پنهنجي علمي نظرين سان گڏجي عملي تجربن سکڻ لاءِ کين يورپين بڻجڻ جي دعوت ڏيون ٿا. ” ڪانگريس جي ضلعي ڪاميٽي ڪانفرنس ۾ افتتاحي تقرير ڪندي مولانا چيو ته؛“مون ٻڌو آهي ته مسلم ليگ جو ڊڪٽيٽر مسٽر محمد علي جناح صاحب بالقابه سنڌي آهي. مان سندد خدمت ۾ آل انڊيا ليڊر جي حيثيت سان نه پر هڪ سنڌي لبرل جنٽيلمين جي حيثيت سان عرض ٿو ڪريان ته جيڪڏهن مون کي ساڻس ملڻ جو موقعو مليو ته مان کيس ٻه ڳالهيون ذهن نشين ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندس. کيس ڪرسي ڇڏي ڌرتيءَ تي ڇو ويهڻ گهرجي؟ فيڊريشن مان اسان جي مراد ڇا آهي؟ مان ڇو فيڊريشن کان سواءِ هندوستان جي ترقي جو ٻيو ڪوبه امڪان ڪونه ٿو سمجهان؟ افسوس آهي جو اسان جي نظر ۾ فيڊريشن کي نه ڪو ڪانگريس ٿي سمجهي ۽ نه ليگ. ڪانگريس کي قائل ڪرڻ لاءِ اسان کي تڪڙ آهي پر ليگ کي پنهنجو نقطه نظر سمجهائڻ اسان ضروري سمجهون ٿا. “ دارالعلوم ديوبند کان موٽي آيا ته مولانا ابوالحسن تاج محمود امروٽي وٽ پهتا، پهريان حافظ محمد صديق ڀرچونڊي وارن ڏانهن ويا جتي خبر پئين ته حافظ محمد صديق فوت ٿي ويو، جنهن بعد مولانا تاج محمد امروٽي وٽ آيا. مولانا ابوالحسن تاج محمود امروٽ کي خيال ڪيو ته مولانا جي شادي ڪرائجي، سو کين سکر ۾ اسلاميه اسڪول جي مولوي ماستر محمد عظيم خان يوسف زئي جي صاحبزاديءَ سان نڪاح ڪرايائون. مولانا جي والده کي به ان وقت گهرايو ويو. ان کان پوءِ سندن والده ساڻن گڏ رهي، ۽ پنهنجي اصلي سک مذهب تي محڪم هئي. مولانا عبيدالله سنڌي پيغام کي عام ڪرڻ جي لاءِ مولانا تاج محمد امروٽي سان گڏجي ماهوار رسالو“هدايت الاخوان”جاري ڪيو. حضرت امروٽي، مولانا جي مطالعي خاطر تمام وڏو ۽ ناياب ڪتبخانو گڏ ڪيو. مولانا جن نهايت ئي اطمينان سان مطالعو ڪندا رهيا، ۽ حضرت جن مولانا کي پنهنجي اولاد وانگر سمجهندا هئا. ڳوٺ پير جهنڊي ضلعي حيدرآباد ۾ راشدي طريقي جي پير صاحبن وٽ ديني علم جو بينظير ڪتبخانو هو. مولانا جن دوران مطالعي ۾ ڳوٺ پير جهنڊي واري پير صاحب ڏانهن به تمام گهڻو ايندا ويندا هئا. مولانا جي مطالعي جي اضافي ۾ ڪتبخاني جو وڏو دخل هو، ان سان گڏ حضرت مولانا جن پير رشيدالدين صاحب جي صحبت مان به مستفيد ٿيا، ۽ ذڪر ”اسماءَ الحسنيٰ”به انهن کان سکيا. هي بزرگ دعوت توحيد ۽ جهاد جو هڪ مجدد هو. حضرت مولانا جن پير ابوالتراب رشدالله صاحب العلم الرابع سان به علمي صحبتون ڪيون. هو صاحب علم حديث جو وڏو عالم ۽ صاحب تصنيف هو. ان کان سواءِ، قاضي فتح محمد نظاماڻي صاحب سان به علمي باري ۾ روح- رهاڻيون ڪيائون. قرآن شريف، حديث ۽ فقه جي تحقيق ۾، حضرت مولانا محمد قاسم صاحب رحه ديوبنديءَ کان ويندي امام شاھ ولي الله رحه دهلويءَ تائين جيڪي به وچ ۾ عالم ٿي گذريا، تن کي مولانا صاحب پنهنجو امام تسليم ڪيو. مولانا صاحب جن ۱۹۱۴ع ۾ دهليءَ ويا، جتي پاڻ ڊاڪٽر انصاري ۽ حڪيم اجمل خان سان گڏجي، ترڪيءَ کي بچائڻ ۽ هندستان کي آزاد ڪرڻ جي تحريڪ ۾ حصو ورتائون. هندستان جو پهريون وزيراعظم جواهر لال نهرو غلاميءَ جي زماني ۾ شايد اٽليءَ ۾ امام سنڌيءَ کي مليو، ان جو ذڪر نهروءَ پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو ته آهي پر ملاقات جو موضوع ۽ تفصيل ڪو نه لکيو اٿس صرف هي لکيو اٿس ته سنڌي صاحب وٽ هر مشڪل مسئلن جو وڏو حل موجود هو. امام سنڌي جڏهن جلاوطني ختم ڪري هندستان واپس موٽڻ لاءِ سعودي حڪومت ۾ برطانيه جي جدي واري قونصل خاني کان ويزا جو مطالبو ڪيو ته قونصلر مولانا جو اهو مطالبو لنڊن موڪليو، انهن لکيو ته هن شرط سان کيس ويزا ڏني وڃي ته هندستان ۾ وڃي ڪو به سياسي عمل نه ڪندو ۽ ان لاءِ ڪو اتان جو ماڻهو بطور ضامن جي به ڏئي ته مولانا اهو شرط قبول ڪيو ۽ ضمانت لاءِ شهيد الله بخش سومرو وزيراعظم سنڌ کي پيش ڪيو. امام سنڌيءَ ڪنفيڊريشن قسم جي صوبائي خودمختياري واري منشور سان نئين پارٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو جنهن کي هو گهڻو هلائي نه سگهيو. ۷ مارچ ۱۹۳۹ع ۾ ۲۳ سالن جي جلاوطني کان واپس اچي ڪراچيءَ پهتو مولانا تان بندش ختم ٿي. ڪراچي بندر تي لٿو سندس استقبال ۾ سنڌ جو وزير اعلى خانبهادر الله بخش سومرو مرحوم گلن جا هار کنيو موجود هو. ۲۳ ورهين جو وڇوڙو ختم ٿيو. وطن واپسي تي ڪراچي ۾ هڪ تاريخي تقرير ڪندي چيو ته:“آءُ انقلاب جو پيغامبر بڻجي هندوستان موٽيو آهيان، اُهو ڏينهن پري ناهي جو برطانيه ۽ آمريڪا وارن کي پاڻ سنڀارڻ مشڪل ٿي پوندو. هن انقلاب کي قيامت کان گهٽ نه سمجهو، مون وڏن وڏن عالمن ۽ وڏن وڏن اميرن کي پنندي ڏٺو آهي، عڳزتن کي لٽجندي ڏٺو اٿم، هي سيلاب ڪو موسمي ڇوپهو ناهي جو آيو ۽ ويو، هي موجوده دور جي تاريخي گهرجن جو قدرتي نتيجو آهي قرآن حق آهي، انجيل حق آهي، تورات حق آهي، جيڪڏهن انجيل کي غلط رنگ ۾ پيش ڪرڻ سان نصارو ڪافر ٿي سگهي ٿو ته هن ملڪ جا مسلمان قرآن پاڪ کي غلط رنگ ۾ پيش ڪرڻ سان ڪيئن ٿا مسلمان رهي سگهن. هاڻي انقلاب جي گحڙي مٿان اچي بيٺي آهي پاڻ سنڀاريو نه ته ميسارجي ويندو. جيڪڏهن زندھ رهڻ گهرو ٿا ته اهڙي فلسفي کي قبول ڪيو، جنهن سان خدا تي ايمان به رهي ۽ غريبن جو ڀلو به ٿئي، جنهن جي ترجماني امام ولي الله دهلوي ڪئي آهي. جڏهن انقلاب غريب جي جهوپڙي کان اٿندو آهي ته اهو اميرن جي محلاتن کي به زمين ۾ ملائي ڇڏيندو آهي، جيڪڏهن اوهان انقلابي بڻجڻ گهرو ٿا ته قرآن ۽ سنت جي طريقي سان انقلابي بڻجو. جيڪڏهن مان مري وڃان ۽ منهنجي مرڻ کانپوءِ ٽن سالن تائين انگريز هندستان مان نه نڪري وڃي ته منهنجي قبر تي اچي چئجو ته انگريز هتي اڃا ويٺو آهي. آءُ توهان کي قبر کان جواب ڏيندس ته مون انگريز جي پاڙ بنياد کان ئي اکيڙي ڇڏي آهي. هنيئر هو هندستان ۾ نه ٿو رهي سگهي ۽ جلد اوهان مون کي ياد ڪندو، آءُ پنهنجي معاملي کي الله جي حوالي ڪيان ٿو. ” وطن واپسيءَ بعد، شاھ ولي الله جي فلسفي جي تشريح ۽ هدايت ڪندو رهيو. ان- فلسفي جي تدريس لاءِ “بيت الحڪمت‘ قائم ڪيائين، “بيت الحڪمت لاهور ۱۹۴۰ع ۾ قائم ٿيو ۽ ۱۵ مارچ ۱۹۴۴ع تي شاھ ولي الله جي فلسفي جي اشاعت- لاءِ “ولي -الله- سوسائٽي لاهور” جو بنياد وڌائين. جلاوطني ختم ڪرڻ کانپوءِ مولانا مسلسل جدوجهد ۾ رهيو، مولانا صاحب جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽي، محمد قاسم ولي الله سوسائٽي، سنڌ ساگر اڪيڊمي، سنڌ ساگر انسٽيٽيوٽ قائم ڪئي. مولانا سنڌي جي ڪتابن ۾“التمهيد في ائمة التجديد“، “شاھ ولي الله ۽ ان جي سياسي تحريڪ”، “شاھ ولي الله- ۽ ان جو فلسفئه محموديه”، “خطبات”، “اردو- شرح حجة الله البالغه ”جلد اول، “مبحث اول و دوئم”، “سلسله تفسير- قرآن” شامل آهن ان کان علاوھ اڪثر مقالا پڻ لکيا. مولانا عبيدالله سنڌي کان انگريز سرڪار ڊنل هئي، جنهن ڪري کيس ڳجهي نموني زهر ڏياريو ويو جنهن جا اثر سندس جسم تي ظاهر ٿيا ۽ رت جون الٽيون اچڻ لڳيون، ۲۲ آگسٽ ۱۹۴۴ع تي پنهنجي ڌيءَ وٽ دينپور تعلقي خانپور(رحيم يار خان) ۾ سندس ساھ جو سڳو ٽٽي پيو، سندس مرڻ کي انگريز قبول نه پئي ڪيو، هڪ ٽيم موڪليائين ته ڏسي اچو ساڳيو شخص ئي پوريو ويو آهي يا هي ٻيو ڪوئي ماڻهو اسان کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ ماريو ويو آهي، ان ڪميٽي رپورٽ ڏني ته واقعي مولانا وفات ڪري ويو آهي، تڏھن وڃي انگريز کي سرير ۾ ساھ پيو هيو. (ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۰ مارچ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل) مولانا عبيدالله سنڌي، سائين عبدالوارث دَل ۽ نياڻين جي تعليم الطاف شيخ منهنجو والد صاحب گل محمد شيخ هڪ عجيب فقير طبيعت جو انسان هو. هو اسان جي ڏاڏي جو اڪيلو پٽ هو... زندگي جا شروع وارا سال هو ڪپڙي پوشاڪ جو شوقين رهيو.... اعليٰ عطر استعمال ڪندو هو، نيرن بعد اوچو سگريٽ وڏي شوق سان ڇڪيندو هو.... پوءِ آمريڪا جي ڪارنيل يونيورسٽي (نيو يارڪ) مان ائگريڪلچر ۾ M. Sc ڪرڻ بعد وڌيڪَ مغربي تهذيب کي فالو ڪرڻ بدران هن مذهبي رخ اختيار ڪيو ۽ بيحد سادگي جي زندگي اختيار ڪئي.... ايتري قدر جو هن ان وقت کان جو کاڌي (هٿ جي اوڄي) جا ڪپڙا پائڻ شروع ڪيا ته ڊپٽي ڪمشنر ٿيڻ جي باوجود هن اها ڊريس قائم رکي. پنهنجي گاڏي نه فقط پاڻ هلائيندو هو پر اسان پٽن سان گڏجي ان کي صاف به پاڻ ڪندو هو. نيڪ ۽ قابل ماڻهن جي هن هميشھ عزت ۽ احترام ڪيو ٿي پوءِ اهي ماڻهو سندس ڪلاس ميٽ سيد غلام مصطفيٰ شاھ ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جهڙا هجن يا اسان جي ٻنيءَ جا غريب هاري الھ رکيو ۽ خانڻن ابڙيجو جهڙا. آچر واري موڪل تي نوڪري تان جڏهن ڳوٺ ايندو هو ته هو پنهنجي ٻني (زمين) تي اسانکي به وٺي هلندو هو..... چوندو هو ته زميندار کي ٻنيءَ تي گهڻي کان گهڻو وقت گذارڻ کپي.... ٻنيءَ لاءِ سڀ کان سٺو ڀاڻ زميندار جي جتيءَ جي دز آهي.... بهرحال اسان لاءِ انهن ڏينهن ۾ ڪار جو چڪر اهم هوندو هو..... پنجين ڪلاس کان وٺي مون ٻنيءَ تي وڃڻ شروع ڪيو هو. ’گل فارم‘ نالي اسانجيون زمينون ۽ باغ هالا ۽ سعيد آباد جي وچ ۾ پڪي رستي تي “ٻاروچي باغ” ڳوٺ کان ميل کن اڳتي “ونجھيرين” جي بس اسٽاپ وٽ آهي. ٻنيءَ جي چڪر بعد بابو اڪثر ڀر وارن ڳوٺن جي وڏيرن، عالمن، ڏاهن ۽ بزرگ شخصيتن سان پاڻ به ملندو هو ۽ اسان پٽن کي به ملائيندو هو. سعيد آباد ڀرسان “ڳوٺ پير جھنڊو” ۾ رهندڙ راشدي پيرن وٽ به ترسندو هو جتي منهنجي ملاقات موجوده گادي نشين پير جھندو سائين عباد الله شاھ جي والد صاحب “پير وهب الله شاھ راشدي” سان ٿي هئي جيڪو منهنجي والد جو هم عمر هو.... اهڙي طرح ڀر وارن ٻين ڳوٺن: شهمير راهو، صابُو راهو، بکر جمالي (جتي جو اڄ ڪلھ وارو اي آئي جي پوليس جمالي صاحب آهي)، وغيره جي ڳوٺن جي ڪن ڪن اهم ۽ والد صاحب جي پسنديده ماڻهن سان ٿيندڙ ملاقاتون اڄ به ياد اٿم. انهن ڏينهن ۾ نه مون وٽ ۽ نه منهنجي والد وٽ ڪئميرا هُئي جو کڻي فوٽو ڪڍجن. ابراهيم منشي نالي بابا جو هڪ دوست جيڪو ٻيلي کاتي جو آفيسر هو، مون فقط ان وٽ ڪئميرا ڏٺي جيڪو اسانجي هالا واري اوطاق تي ايندو هو ته اسان ٻارن جا فوٽو ڪڍندو هو. بهرحال بابا جي ڏينهن وارا من پسند ماڻهو اڄ منهنجي پيءُ وانگر هن جهان ۾ نه رهيا آهن پر انهن جي اولاد سان اڄ به ملاقات ٿيندي رهي ٿي. هتي فقط هڪ، بابا جهڙي سادي طبيعت ۽ نيڪ اخلاق واري انسان مولانا عبدالوارث دَل جو ذڪر ڪرڻ چاهيندس جنهن جي بابا تمام گهڻي تعريف ڪندو هو. آئون به اڄ ڏينهن تائين اهڙن کي نه فقط اهم ۽ نيڪ انسان سمجھان ٿو.... بلڪ عظيم سمجھان ٿو ۽ اهو ئي سوچيان ٿو ته هن جهڙن ماڻهن کي جَسُ هُجي جن گهٽ پگهار ۽ وڏي عيال هوندي به پنهنجن ٻارن کي اعليٰ تعليم جهڙو زيور ۽ اخلاق ڏنو. مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي وانگر سعيد آباد جي هن ماستر عبدالوارث دَل صاحب پنهنجن پٽن سان گڏ نياڻين کي به پڙهايو. هو مولانا عبيدالله سنڌي جو وڏو معتقد هو جنهن جڏهن کيس چيو ته ٻارن کي انگريزي پڙهائڻ ضروري آهي ته هن نه فقط سڀني ٻارن کي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي اعليٰ تعليم ڏياري پر وڏن ٻن ٻارن (نياڻين) کي تعليم ڏيارڻ بعد گهر ۾ ڇوڪرين جو اسڪول هلائڻ لاءِ پڻ چيو. هو هڪ عجيب نيڪ انسان هو جنهن کي مون شروع جي سالن بعدوري سندس زندگي جي آخري سالن ۾ ڏٺو جڏهن سالن جا سال جهاز هلائي، ولايت ۾ نوڪريون ڪري پنهنجي وطن جي مئرين اڪيڊمي ۾ پڙهائڻ آيس ۽ منهنجي رٽائرمينٽ ۾ يعني سٺ سال پورا ٿيڻ ۾ باقي ڪو هڪ سال وڃي بچيو هو. سائين عبدالوارث دَل صاحب هميشه وانگر مولانا عبيدالله سنڌي صاحب جي ڪيل قرآني تفسيرن ۽ ٻين ديني ڪتاب جا بنڊل مٿي تي رکي دڪانن ۽ گهرن ۾ ماڻهن تائين پهچايا ٿي.... هي ڪو هن ڪمائيءَ لاءِ نٿي ڪيو پر بقول اسانجي ڪتابن جي پبلشر علينواز گهانگهري ۽ سنڌ يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر يوسف پرديسيءَ جي ماستر عبدالوارث دَل صاحب جو اهو جهاد يعني (Mission) مِشن هئي.... هو پاڻ به عالم، نيڪ ۽ قرآن جي تعليم جو ڄاڻو هو ۽ هن جي زندگيءَ جي خواهش به اها ئي هئي ته گهر گهر ۾ قرآن جو علم پهچايو وڃي گهر گهر ۾ ديني تعليم عام ڪئي وڃي. هتي ڪجھ سٽون مولانا عبيد الله سنڌيءَ بابت لکڻ ضروري سمجھان ٿو جيئن اڄ جي نوجوانن کي اها ڄاڻ رهي ته هن سنڌي نه هجڻ جي باوجود سنڌ سان واسطو رکيو... هو ڪنهن پير، شاھ، گادي نشين جو ڪو فرزند نه هو جو ماڻهن سندس وڏن ڪري هن جوادب، عزت ۽ فرمانبرداري ڪئي ٿي.... هو ته رام سنگھ زرگر نالي هڪ سک جو پٽ هو جنهن اسلام قبول ڪري ديني تعليم حاصل ڪئي ۽ اسلام جو پيغام ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچايو...... دهلي، لکنؤ، بڙودا کان افغانستان روس تائين... ۽ هن پنهنجي زندگيءَ جو چڱو حصو ماستر عبدالوارث دَل جي ڳوٺ “سعيد آباد” ۾ پڻ گذاريو جتي پير جھنڊو ڳوٺ ۾ “دارلارشاد” نالي مدرسي جي خذمت ڪئي.... اسان جي حڪومتن جي ڪاهلي آهي نه ته هي مدرسو اڄ قاهري ۽ ڪولالمپور جهڙي اسلامي يونيورسٽي هجي ها. مولانا عبيدالله سنڌي سيالڪوٽ جي اُپل کتري سک فئملي ۾ ۱۰ مارچ ۱۸۷۲ع تي رام سنگھ جي گهر ۾ ڄائو. سندس ڄمڻ کان ۴ مهينا اڳ سندس والد گذاري ويو. ڏاڏي ۽ پوءِ ناني کيس نپائي وڏو ڪيو. اسڪول ۾ هو ته هن کي “تفت الهند” نالي هڪ ڪتاب ڪنهن هندو دوست پڙهڻ لاءِ ڏنو. اهو ڪتاب هندو مان مسلمان ٿيل هڪ اسڪالر “مولانا عبيدالله مالرڪوٽلا” جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۽ ان بعد ڪجھ ٻين.... جهڙوڪ “تقويت الايمان” ۽ “احوال الآخرين” مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي ذهن تي وڏو اثر ڇڏيو ۽ پنڌرهن ورهين جي ڄمار ۾ سن ۱۸۸۷ع ۾ هو مسلمان ٿيو. ان ئي سال هو سيالڪوٽ کان سنڌ آيو جتي حافظ محمد صديق ڀَرچونڊيءَ جو شاگرد ٿي رهيو...... ان بعد دين پور ۾ مولانا غلام محمد کان ديني تعليم حاصل ڪئي ۽ پوءِ “دار العلوم ديوبند” ۾ داخلا ورتي جتي فقه، حديث، تفسير ۽ ٻين مذهبي مضمونن جي تعليم ورتي. ۱۸۹۱ع ۾ اتان گرئجوئيٽ ٿيڻ بعد هو سڌو سکر آيو جتي امروٽ شريف ۾ مولانا محمد صديق ڀرچونڊي جي نظر هيٺ.... ۽ ان جي وفات بعد مولانا تاج محمد امروٽي سان گڏ ٻارن کي پڙهائڻ لڳو.... ۱۹۰۱ع ۾ شاديءَ بعد مولانا عبيدالله سنڌي سعيد آباد جي پير جھنڊو ڳوٺ ۾ آيو جتي هن دارلارشاد نالي مدرسو قائم ڪيو ۽ لڳاتار ست سال رهيو. ان بعد هو وري ديوبند هليو ويو. ان بعد هن حڪيم اجمل خان ۽ ڊاڪٽر انصاريءَ سان گڏ دهليءَ ۾ پڻ ڪم ڪيو. پوءِ ڪيترا سال هو ترڪي، روس، افغانستان ۽ ٻين ملڪن ۾ اسلام جي تبليغ ڪندو رهيو ۽ “تحريڪ ريشمي رومال” ۾ به حصو ورتو. مولانا صاحب هڪ عرصو مديني ۾ به رهيو ۽ وچ وچ ۾ سنڌ جي شهرن: سکر، سعيد آباد ۽ ٻين ۾ به ايندو رهيو.... هي اهو دور هو جڏهن مولانا عبدالوارث جوان هو ۽ عبيدالله سنڌيءَ جو معتقد هجڻ ڪري هن سان ملندو رهيو ٿي. مولانا عبيدالله سنڌيءَ ۱۹۴۴ع ۾ وفات کان اڳ ماستر عبدالوارث دَل کي اها تلقين ڪئي ته هو ٻارن کي انگريزي پڙهائي ۽ اها ڳالھ پڻ ذهن نشين ڪرائي ته مسلمانن لاءِ دين سان گڏ جديد سائنسي علم حاصل ڪرڻ پڻ ضروري آهي. مٿي لکي آيو آهيان ته ماستر عبدالوارث دَل صاحب منهنجي پيءُ جو هم عمر هو ۽ سندن وڏي نياڻي ٻار منهنجي عمر جي لڳ ڀڳ هوندي. هي اهو زمانو هو جڏهن ماستر عبدالوارث جي ڳوٺ “خدا بخش دَل” (سعيد آباد کان ۱۵ ڪلوميٽر) ۾ ته ڇوڪرين جو هاءِ اسڪول نه هو پر سعيد آباد يا هالا ۾ به نه هو.... سنڌي مسلمانن ۾ ان وقت به تعليم حاصل ڪرڻ جي ايڏي سجاڳي نه هئي جو ڇوڪريون ته ڇا ڪيترن گهرن جا ڇوڪرا به وڌيڪَ تعليم حاصل ڪرڻ ۾ نه دلچسپي وٺندا هئا ۽ نه ضرورت محسوس ڪندا هئا. جن ڏينهن ۾ آئون هالا جي هاءِ اسڪول ۾ آيس ته ان سال اسانجي شهر جي پوسٽ آفيس جي پنجابي پوسٽ ماسٽر جي ڌيءَ پهريون ٻار هو جنهن اسان جي يعني ڇوڪرن جي اسڪول ۾ داخلا ورتي. اسان جي شهر جي سنڌي سرڪاري ڪامورن توڙي سکين ستابن جون نياڻيون به انگريزي نه پڙهنديون هيون... پڙهن به ڇا جڏهن ته ان وقت نه اسان جي شهر هالا ۾ گرلس اسڪول هئو ۽ نه وري اڄ واري ضلعي شهر مٽياريءَ ۾. حيدرآباد شهر ۾ البت هئا جيڪي هندستان جي ورهاڱي کان گهڻو اڳ انگريزن جي ڏينهن ۾ انگريزن ۽ سنڌي هندن ٺهرايا هئا. اڄ اهو ٿو سوچجي ته سائين عبدالوارث دَل صاحب کي شاباس هجي جنهن مولوي ٿي ڪري پنهنجي سڀني ٻارن خاص ڪري نياڻين کي به انگريزي پڙهائي. جيتوڻيڪ هو فقط هڪ گهٽ پگهار وارو ماستر ماڻهو هو.... ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جو نه پر هڪ هاريءَ جو پٽ هو..... پاڻ سائين عبدالوارث توڙي هن جو اولاد پنهنجي ڏاڏي محمد صالح دَل لاءِ اهو ٻڌائيندي عار نه محسوس ڪندا آهن ته هو هڪ ڪڙمي هو جنهن زمين ٽڪرو پاڻ ئي کيڙيو ٿي ۽ پاڻ ئي پوکيو ٿي. ماستر عبدالوارث دَل کي ڇھ نياڻين بعد ٽي پٽ ٿيا. هن جي وڏين نياڻين: حسن بانو ۽ ذوليخا جيئن ئي سعيد آباد مان پرائمري تعليم مڪمل ڪئي ته هن کين حيدرآباد جي ميران اسڪول ۾ داخل ڪرايو ۽ اتي ئي هاسٽل ۾ رکيو.... اهڙي طرح ٻين نياڻين کي پڻ. ميران اسڪول بعد هنن مڙني حيدرآباد جي زبيده گرلس ڪاليج ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان تعليم حاصل ڪئي. وچ ۾ پئسي جي تنگي ڪري وڏين ٻن ڌيئن کي ڪجھ عرصي لاءِ پڙهائي ڇڏرائي ماستري به ڪرائي ۽ پاڻ به رٽائرمينٽ کانپوءِ مولانا عبيد الله سنڌي جي تفسير جا جُلد ۽ ٻيا اسلامي ڪتاب ڇپرائي وڪڻڻ لڳو. پاڻ ڪڏهن ڪڏهن سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس ۾ پروفيسر يوسف پرديسي جي گهر اچي رهندو هو. انهن ڏينهن ۾ پرديسي صاحب ليڪچرار هو. هي مضمون لکڻ دوران پرديسيءَ کان پڇڻ تي هن مولانا عبدالوارث کي ياد ڪندي چيو ته هو ڇا ته نيڪ ۽ ايماندار ماڻهو هو. “الطاف! مون مولانا عبدالوارث دَل جهڙو محنتي ماڻهو زندگي ۾ نه ڏٺو. ” پرديسي جهڙي شخص کان، جيڪو پاڻ به ’سيلف ميڊ‘ ۽ ’هارڊ ورڪنگ‘ ماڻهو سڏيو وڃي ٿو... ٻئي لاءِ اهڙا رمارڪ ٻڌڻ وڏي ڳالھ آهي.... هن چيو ته: “اڄ به سائين عبدالوارث جن هن جي اکين اڳيان ڦري رهيا آهن. هو مٿي تي پٽڪو ٻڌندا هئا، ان مٿان ڪتابن جي وڏي هڙ رکي مختلف آفيسن ۽ دڪانن تي ماڻهن وٽ هلي ويندا هئا. پوءِ ڪي کيس ڪتابن جي قيمت ڏيندا هئا ته ڪن وٽ پئسو نه هوندو هو ته ماستر صاحب کين مفت ۾ ئي ڪتاب ڏئي ڇڏيندو هو. ” سائين عبدالوارث سن ۱۹۲۲ع ۾ ڳوٺ “خدا بخش دَل” ۾ جنم ورتو. سنڌي فائنل پڙهي هو باگراڻي ڳوٺ ۾ ماستر ٿيو. کين ٻه ڀائر هئا: مٺا خان جيڪو سعيد آباد ۾ درزي هو ۽ ٻيو محمد هاشم جنهن کي شهدادپور ۾ ڪپڙي جو دڪان هوندو هو. سائين عبدالوارث جا مڙئي ٻار ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ پروفيسر ٿيا. سندن پهرين ٻار حسن بانوءَ پوليـٽيڪل سائنس ۾ ماسٽرس ڪئي ۽ ٽيچنگ ۾ رهي ۽ ٻيو نمبر ڌيءَ پروفيسر ذواليخا ڪيمسٽري سبجيڪٽ ۾ M. Sc ڪري سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ئي پڙهايو. ٽيون نمبر خيرالنساءِ بئنڪنگ ۾ آهي ۽ اڄ ڪلھ شايد حيدرآباد ۾ ائگريڪلچر بئنڪ جي مئنيجر ۽ ائڊيشنل ڊائريڪٽر آهي. ان بعد ڊاڪٽر رضيه سلطانا حيدرآباد جي مينٽل اسپتال جي انچارج ميڊيڪل آفيسر آهي ۽ پنجون نمبر ڌيءَ جنهن فارميسي سبجيڪٽ ۾ ايم فل ڪئي آهي اها مهراڻ يونيورسٽي ۾ نوڪري ڪري ٿي. کين هڪ ٻي به ڀيڻ هئي جيڪا ننڍي هوندي گذاري وئي. پوليس ڊپارٽمينٽ جو ڊي آءِ جي ولي الله دَل ڇهن ڀيڻن بعد انهن جو ڀاءُ آهي جنهن بعد حماد الله دل آهي جنهن ڪمپيوٽر انجنيئرنگ ۾ B. E ڪئي آهي ۽ آخري ٻار عبدالقادر دَل جيڪو ايريگيشن ڊپارٽمينٽ ۾ آهي ان مهراڻ يونيورسٽيءَ مان سِول ۾ بي اي ڪئي هئي. هڪ ڳالھ آهي ته غربت ۾ رهي ڪري هر ٻار خوب محنت ڪئي ۽ پڙهائيءَ ۾ نالو روشن ڪيو. عبيدالله سنڌي اچو ته اڄ کيس ياد ڪريون شاھد جتوئي “اچو ته شيڪسپيئر جي ناخوش بادشاهه کان انڪار ڪندي گڏجي ويهون ۽ اعليٰ ۽ عظيم مردن ۽ عورتن جون ڪهاڻيون ٻُڌايون.” اها ڳالهه نامياري آمريڪي ڏاهي “ول ڊيورانٽ” پنهنجي ڪتاب “سورمن جي تاريخ” ۾ هڪ جاءِ تي لکي آهي. ول ڊيورانٽ جي ان ڳالهه جو مطلب اهو آهي ته، جڏهن ڪو ننڍا ۽ بندرا ماڻهو عظمت ۽ وڏائيءَ جا دعويدار ٿين ٿا ته، فڪري بحران پيدا ٿي ويندو آهي، ان بحران مان نڪرڻ لاءِ انهن ماڻهن جو ذڪر ڪرڻ گهرجي، جن جي عظمت کي تاريخ ۽ وقت تسليم ڪيو هُجي. اڄ اهڙي ئي عظيم شخصيت جو ذڪر ڪريان ٿو، جنهن جو جنم ڏهاڙو ۱۰ مارچ تي ملهايو وڃي ٿو. اُها شخصيت آهي مولانا عبيد الله سنڌي، جيڪو آزادي جي تحريڪ جو اڳواڻ ۽ ريشمي رومال تحريڪ جو باني هو. هُو “امام سنڌي” جي نالي سان مشهور آهي. مولانا عبيد الله سنڌي ۱۰ مارچ ۱۸۷۲ع تي سيالڪوٽ جي ڳوٺ چلان والي جي هڪ غريب سک کتري خاندان ۾ پيدا ٿيو. سندس پيدائش کان چار مهينا اڳ ئي ان جو والد بوٽا سنگهه اپل گذاري ويو. سندس پرورش سندن ڏاڏي ڪئي. ڏاڏي جي انتقال کان پوءِ هُو پنهنجي چاچي وٽ سرائڪي وسيب جي موجوده ضلعي راجنپور جي وسندي ڪوٽلا مغلان منتقل ٿي ويو، جيڪا وسندي ڄامپور جي ويجهو آهي. کيس هڪ هندو دوست “تحفته الهند” نالي ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏنو. اهو ڪتاب ملير ڪوٽلا جي هڪ نئين مسلمان ٿيل ديني عالم مولانا عبيد الله لکيو، جيڪو مولانا سنڌيءَ جو همنام هو. اهو ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ مولانا سنڌي کي اسلام سان دلچسپي پيدا ٿي ۽ هُن ٻين ڪتابن جو به اڀياس شروع ڪيو. صرف پندرنهن سالن جي عمر ۾ هُو مسلمان ٿي ويو، ان کانپوءِ علم جي تلاش جو سفر شروع ٿيو. ان کانپوءِ هُو ڀرچونڊي شريف، دينپور شريف کان ٿيندو، ديوبند تائين پهتو. ديوبند سان گڏوگڏ اُن جو امروٽ شريف ۽ دين پور شريف سان گهرو تعلق رهيو. مولانا سنڌي علم حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ آزاديءَ جي تحريڪ جو به سرگرم ڪارڪن بڻجي ويو. هن ريشمي رومال تحريڪ پڻ شروع ڪئي، جنهن جو مقصد اهو هو ته هندوستان ۾ آزاديءَ جي تحريڪ کي ڳُجهي نموني منظم ڪيو وڃي، هن هندوستان جي آزاديءَ لاءِ افغانستان، ترڪي، ايران، روس، جرمني، سعودي عرب ۽ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا دورا ڪيا ۽ اتي جي حڪمرانن ۽ ٻين حلقن جي هندوستان جي آزاديءَ جي تحريڪ لاءِ حمايت حاصل ڪئي. هُن سياسي، مذهبي موضوعن تي ڪئين درجن مقالا لکيا، تن ۾ نئين دور جي هر سوال جو جواب موجود آهي. توڙي جو امام سنڌي ديوبندي مڪتبه فڪر سان واسطو رکندڙ مذهبي شخص هو پر ان جو سياسي ۽ مذهبي فڪر مسلڪ ۽ مذهب جي قيد ۾ نه آيو. هُو سچو آزادي پسند ۽ سامراج دُشمن هو. هُو مٽيءَ سان محبت ڪندڙ شخص هو. سندس فڪر مان مٽيءَ جي سُڳنڌ اچي ٿي. هُو مذهب، فرقي، زبان، نسل ۽ علائقي جي بنياد تي انسانن جي ورڇ جي خلاف هو. اُن جو سياسي شعور تمام گهڻو بلند هو، ديوبند ۾ رهندي هُو ڪُجهه عرصي لاءِ ته هندوستان ۾ “اسلامي انقلاب” برپا ڪرڻ جو حامي رهيو. هُن “پان اسلامڪ موومنٽ” جي پڻ حمايت ڪئي پر ٿوري ئي عرصي ۾ هُو ان تحريڪ کان الڳ ٿي ويو. ڪنهن ديوبندي عالم لاءِ اهو فيصلو ايترو آسان نه هو، پر هُن اهو فيصلو ڪيو. ان جو چوڻ هو ته اها تحريڪ سامراجي قوتن جي مفادن کي پورو ڪري رهي آهي. هُن صرف هندوستان جي آزاديءَ کي ئي بهتر رستو سمجهيو. مولانا سنڌي ڪابل ۾ هندوستان جي جلاوطن حڪومت قائم ڪئي ۽ ان حڪومت جو صدر راجا مهيندرا پرتاب کي بڻايو، جيڪو اتر پرديش سان تعلق رکندڙ حريت پسند صحافي، ليکڪ ۽ مارڪسي انقلابي هو. “هندوستان خالي ڪريو تحريڪ” کي مولانا سنڌي پنهنجي غلطي قرار ڏنو. هُو چوندو هو ته، ڌرتيءَ جي جنگ ڌرتيءَ تي ئي رهي وڙهي ويندي آهي. مولانا سنڌي ڪُجهه آزادي پسندن جي ان تجويز جي زبردست مخالفت ڪئي ته ڪجهه اسلامي ملڪن جي فوج هندوستان ۾ داخل ٿي انگريزن سان وڙهي ۽ هندوستان کي آزادي ڏياري. مولانا سنڌي چيو هو ته، اسان کي ڪوبه حق نٿو پهچي ته اسان ٻين مسلمانن کي پنهنجي ڌرتي تي حملو ڪرڻ لاءِ چئون. پروفيسر محمد سرور پنهنجي ڪتاب “افاديت و ملفوظات مولانا سنڌي” ۾ لکي ٿو ته، جامعه نگر ۾ مولانا جي هڪ ويهڪ هُئي، ڪنهن کانئس پُڇيو ته، مسلمان ۽ هندو گڏجي انگريزن سان وڙهي رهيا آهن، گڏجي جيل وڃن ٿا ۽ تڪليفون برداشت ڪن ٿا، ڇا هندن لاءِ “ڪافر” جو اصطلاح استعمال ڪرڻ درست آهي؟ مولانا سنڌيءَ وراڻيو ته، هندن کي ڪافر چوڻ درست ناهي. اسان جي نبي ڪريم صلعم قيصريت ۽ ڪسرويت کي ختم ڪرڻ لاءِ سڄي زندگي جدوجهد ڪئي، جيڪي پنهنجي وقت جا سامراج هُئا. ان دور ۾ به اسلام کي به اڄ جي قيصريت ۽ ڪسرويت يعني سامراج کي ختم ڪرڻو آهي، جيڪي ماڻهو موجوده سامراج جي خلاف اسان سان گڏجي وڙهي رهيا آهن، پوءِ ڀلي اهي اسان جي مذهب جا نه به هجن، اسان انهن کي پنهنجو ساٿي سمجهنداسين ۽ انهن جي باري ۾ ڪفر جو اصطلاح استعمال نه ڪنداسين. هندوستان جي آزاديءَ لاءِ مولانا سنڌي “سرو راجيه منشور” تحرير ڪيو، جنهن ۾ آزاديءَ کانپوءِ سمورن مسئلن جو حل موجود هو. مولانا عبيد الله سنڌي ڪراچي کان ڪولمبو تائين هڪ فيڊريشن قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي، جنهن ۾ ان خطي جون سموريون رياستون شامل هجن، اهي سموريون رياستون خود مختيار هجن، هُو انهن رياستن کي صوبي جو نالو ڏيڻ، انهن رياستن ۽ ان جي عوام جي توهين قرار ڏيندو هو. مولانا سنڌي مقامي ٻولين ۽ ثقافتن کي ترقي وٺرائڻ جو حامي هو. هُن سرائڪي ٻوليءَ جو پهريون ٻاراڻو ڪتاب ترتيب ڏنو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ به عملي جدوجهد ڪئي. مولانا سنڌي جو اهو به چوڻ هو ته، اسان مسلمانن جو سڀ کان وڏو مسئلو اهو مذهبي لٽريچر آهي، جنهن کي انقلابي روح سان ترتيب ناهي ڏنو ويو. جيستائين ملوڪيت سان ترتيب ڏنل فقه اسان جي بنياد ۾ ويٺل آهي، اسان مان ڪنهن چڱائيءَ جي اُميد نٿي ٿي سگهي. پاڪستان جي موجوده حالتن ۾ ننڍن ۽ بندرن ماڻهن جيڪو بحران پيدا ڪيو آهي، ان مان ڇوٽڪاري لاءِ اڄ مولانا عبيدالله سنڌي جي فڪر سان رجوع ڪرڻ جي ضرورت آهي. (ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۵ مارچ ۲۰۲۳ع تي ڇپيل) امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي عوامي آواز ايڊيٽوريل اڄ مشھور سياسي، سماجي شخصيت انقلابن جي امام مولانا عبيدالله سنڌي جي وصال جو ڏينھن آھي. سندس اصل نالو بوٽا سنگھه ھو. پاڻ سک مذھب جي گھراڻي ۾ پيدا ٿيا ھئا. پاڻ اسلام کان متاثر ٿي ڪري اسلام قبول ڪيائين پر ان کان وڏي ڳالھه جو پاڻ پنھنجو پاڻ کي سنڌي سڏرائڻ لڳو. ان زماني ۾ ملتان ۽ بھاولپور جا علائقا سنڌ ۾ شامل ھئا سنڌ جون حدون ڪشمير تائين ھيون جتان سنڌو درياهه نڪري ٿو ان ڪري ئي اھو سمورو خطو سنڌ ئي سڏبو ھو ۽ اتي رھڻ وارا نمڪ حلال ھئا جو پاڻ کي سنڌي سڏرائيندا ھئا، اھو ئي ڪارڻ ھو جو مولانا عبيدالله پاڻ کي سنڌي سڏرائڻ لڳو. پاڻ مطالعي جو شوقين ھو. شاهه ولي الله دھلوي جي ڪتابن جو مطالعو ڪندي پاڻ به علم جو ڀنڊار بڻجي ويو ۽ مولانا جي نالي سان مشھور ٿي ويو. ھي دور سلطنت عثمانيه جو آخري دور ھو جتي پوري خطي ۾ انگريزن جي خلاف تحريڪون جاري ھيون. مولانا سنڌي به انھيءَ تحريڪ جو حصو بڻجي ريشمي رومال تحريڪ ۾ شامل ٿي ويو جيڪا انگريز سامراج جي خلاف تحريڪ ھئي ۽ اھي ان وقت گوريلا نموني سان ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ تائين رومال تي تحرير لکي پنھنجي ڪارڪنن تائين پھچائيندا ھئا. جئين ڪو شڪ نه ڪري سگھي. رومال ۾ ته ڪجھه به ناھي اھو آساني سان ھڪ کان ٻئي جڳھه تائين پھچايو ويندو ھو. اڃان به وڌيڪ تعليم جي لاءِ ۽ سياسي رابطن جي لاءِ مولانا ان وقت جڏھن روس ۾ سوشلسٽ انقلاب برپا ٿيو ته مولانا سنڌي انھي نظام کان متاثر ٿيو ۽ پنھنجن ساٿين سان گڏجي روس جي دوري تي روانا ٿيا. جتان قوم ۽ قوميت جو پرچار کڻي ٻيھر سنڌ ۾ داخل ٿيا ته پاڻ اتي سنڌي ماڻھن کي نئون فڪر ۽ فلسفو ڏنائين ته سنڌ، سنڌين جي آھي جيڪو سنڌ ۾ رھي ٿو سنڌي ڳالھائي ٿو ته اھو پاڻ کي سنڌي سمجھي ۽ ڌرتي سان وفاداري نڀائي. سندس دل ۾ قومي شعور ۽ قوميت جي پرچار جو حوصلو ڏسي ان جا تمام گھڻا پولڳ پيدا ٿي پيا ۽ مولانا جي فڪر ۽ فلسفي کي عام ڪرڻ لاءِ تحريڪن ھلائڻ لڳا. ته مذھب سان گڏوگڏ پنھنجي ٻولي ۽ ڌرتي جي به حفاظت ڪئي وڃي جنھن به ڌرتي تي رھجي ته اتي غداري نه ڪجي۔ سال ۱۹۴۴ع ۾ پاڻ پڪي علائقي ۾ ھڪ وڏي جلسي کي خطاب ڪندي چيائين ته سنڌيو ھڪ ٿيو. اسان سنڌ ۾ سنڌين جي مستقل طور تي حڪومت ڏسڻ چاھيون ٿا. انھيءَ سلسلي ۾ ڪو به مذھبي سوال پيدا ٿيڻ نه ڏينداسين. اتي مولانا قوميت جي باري ۾ فڪري پھلو ٻڌايا. اسان اڄوڪي دور ۾ ڪيترو اڳتي وڌيا آھيون يا وري سوين سال پوئتي ھليا ويا آھيون. مولانا ته پنھنجو وقت پورو ڪري پنھنجو پيغام فلسفو اسان کي ڏيئي ويو آھي ان تي ڪيتري قدر عمل ٿيو آھي يا اڃان ٿيندو. مولانا جي فڪر کي عمل جو روپ ڏيئي ان کي اڳتي وڌايون. جو ان وقت ۽ حالتن کي ڏسندي مذھب سان گڏ قوميت جي ڳالھه ڪرڻ ۽ وطن سان وفاداري ڪندي پاڻ کي ٻي قوم سڏراڻ بجاءِ سنڌي سڏائڻ وڏي بھادري آھي. واضح رھي ته مولانا جي وفات ۽ آخري آرامگاه سنڌ ۾ئي آھي پر ملڪ جي ٺھڻ ۽ جاگرافيائي ڦير گھير جي ڪري ھن وقت ڊيرا غازي خان ۾ آھي. اتي به مولانا جي پولڳن مولاناعبيدالله سنڌي اڪيڊمي قائم ڪئي آھي ۽ ان تي عملي فڪري ڪم ٿي رھيو آھي جيڪامولانا جي ڪيل ڪم جو نچوڙ آھي جو اڄ به ھي علائقو ھاڻي سنڌ ڌرتي ۾ شامل نه آھي پراتي مولانا سنڌي آھي. ان جانشين به آھن. ۽ اھي به مولانا سنڌي جي مشن کي جاري رکندا اچن. ملڪي ۽ صوبائي سرحدن ته تمام گھڻا ويڇا وڌائي ڇڏيا آھن. نئين ملڪي نظام ۾ اتي ھاڻي سنڌي ٻولي پڙھائي ڪونه ٿي وڃي. پر مولانا جو فڪر اتي موجود آھي ته سنڌ سنڌين جي آھي. سنڌ ۾ انھيءَ فڪر کي اجاگر ڪرڻ ۾ مولانا عزيز الله ٻوھيو وڏو اھم ڪردار ادا ڪندي سنڌ ساگر پارٽي جو بنياد وڌو جنھن جو نظريو منشور مولانا سنڌي جي فڪر تي ھو. مولانا عزيزالله ٻوھيو جيستائين زنده ھو انجي فڪر کي عام ڪندو رھيو ۽ اھا ھڪ سگھاري سياسي پارٽي جي طور تي سنڌ ۾ سڃاتي ويندي ھئي. اڃان به ان جا پولڳ آھن جيڪي سنڌ ساگر پارٽي کي سرگرم ڪندا نظر اچن ٿا. ۽اھا پنھنجو فعال ڪردار ادا ڪري پئي. (ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۹ مارچ ۲۰۲۳ع تي ڇپيل) مولانا عبيدالله سنڌي [ ۱۸۷۲ع – ۱۹۴۴ع ] ميمڻ عبدالغفور سنڌي امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي، خميس ۱۲ محرم الحرام ۱۲۸۹هه مطابق ۱۰ مارچ ۱۸۷۲ع تي سيالڪوٽ (پنجاب) جي ڳوٺ چيانواليءَ ۾ پيدا ٿيو هو. ڄمڻ کان چار مهينا اڳ سندس والد وفات ڪري چڪو هو. ٻن سالن جي وقفي بعد ڏاڏو به گذاري ويس؛ جنهن ڪري يتيميءَ دوران والده پيڪي آندس؛ جتي پنهنجي مامي جي نظر هيٺ پرورش ورتائين – ۱۸۷۸ع ۾ ڄامپور (ديره غازي خان) جي هڪ اردو مڊل اسڪول داخلا ورتائين. دوران تعليم پنهنجي رفيق (آريه سماج سان تعلق رکندڙ اسڪولي شاگرد) وٽ ” تحفته الهند“ ۽ ”تقويتہ الايمان“ نالي ڪتاب ڏٺائين. دل نه رهيس؛ جنهن ڪري کانئس وٺي پڙهڻ لڳو. پاڻ مطالع ۾ ايترو ته محو ٿي ويو، جو کيس ”اسلام“ جي صداقت تي يقين ٿي ويو – ۱۸۸۷ع ۾ ستين درجي ۾ پڙهندي، مسلمان ٿيڻ لاءِ پنهنجن کان جدا ٿي ويو. آخر ديس ڇڏي، سنڌ ۾ پهتو. پهريائين ڀرچنڊيءَ وار بزرگ، حافظ محمد صديق سميجو رح (۱۸۷۲ع – ۱۸۹۰ع) وٽ وڃي حاضري ڀريائين. حافظ صاحب جي صحبت مان فيض حاصل ڪري ۱۹۱۰ع ۾ پير جهنڊي ڳوٺ (حيدرآباد) ۾ ديني مدرسو کوليائين؛ جنهن جو ناظم ۽ نگران به پاڻ ٿي رهيو. پاڻ کي ڀرچنڊي بزرگ جو ديني فرزند ڄاڻي ، سنڌ ۾ مستقل رهڻ جو ارادو ڪيائين ۽ قادري ۽ راشدي طريقن ۾ بيعت به وٽانئس ورتائين. ڪجهه وقت بعد مولانا کي وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ جو شوق ٿيو؛ جنهن ڪري ۱۹ شوال ۱۳۰۸هه (۱۸۹۰ع) ۾ روحاني رهبر جي اجازت سان، سندس خليفي، موالان تاج محمود امروٽي رح (۱۸۴۴ع – ۱۹۲۹ع) جي خدمت ۾ اچي حاضر ٿيو. مولانا امروٽي رح منجهس مڻيا ڏسندي، کيس ماستر محمد عظيم خان يوسفزئيءَ جي صاحبزاديءَ سان نڪاح ڪرايائينس . امروٽي بزرگ کيس اولاد جي برابر سمجهند هو. وٽس وڏو ڪتبخانو موجود هو؛ جنهن مان ۱۳۱۵هه (۱۸۹۷ع) تائين سنڌي صاحب ڪافي استفادو حاصل ڪيو. آخر پير رشيدالدين وٽان ذڪر ”اسماء الحسنيٰ“ به حاصل ڪيائين. پير ابوتراب رشدالله ۽ قاضي فتح محمد نظاماڻي صاحبان سان به روح رهاڻيون ڪندو رهيو. قرآن شريف، حديث ۽ فقہ وغيره جي درس ۾ مولانا محمد قاسم نانو توي ديوبندي رح (وفات ۱۳۹۷هه = ۱۸۷۹) کان شاه ولي الله دهلوي رح (وفات ۱۳۶۶هه = ۱۹۴۷ع) تائين عالمن سڳورن کي پنهنجو استاد مڃيندو هو – ۱۳۲۷هه (۱۹۰۹ع) ۾ ديوبند جي صدر مدرس شيخ الهند ابوالحسن مولانا محمود حسن صاحب کيس گهرايو. پورا چار ورهيه ”جميعت الانصار“ ۾ ڪم ڪندي، ۱۳۳۱هه (۱۹۱۳ع) ۾ دهلي ويو؛ ۽ ”نظارة المعارف“ نالي ادارو قائم ڪيائين. سال بعد ڪابل روانو ٿيو – ۱۹۲۲ع ۾ ترڪي ويندي، ستن مهينن لاءِ روس ۾ رهڻ جو موقعو مليس. آخر آگسٽ ۱۹۲۳ع ۾ انقره پهتو، اتان اڍائي، سالن لاءِ استنبول به ويو. ترڪيءَ ۾ قيام دوران، اتان جي ماحول ۽ مذهبي عقيدن جو غور سان مطالعو ڪيائين – ۱۳۴۵هه (۱۹۲۶ع) ۾ مڪي معظمہ ويو، جتان پهرين نومبر ۱۹۳۷ع تي وطن واپس ورڻ جي اجازت مليس، مگر جيئن ته حج جو موقعو قريب هو؛ انهيءَ ڪري ترسي، مارچ ۱۹۳۸ع ۾ واپس سنڌ ۾ آيو. مولانا سنڌي صاحب جو شروعات کان ئي اهو نظريو هو، ته انگريزن جي خلاف جهاد ڪري، هندستان لاءِ آزاديءَ جي راه هموار ڪجي. انهيءَ جو عملي طرح آغاز ۱۹۱۵ع کان ڪيو هئائين. پاڻ عمر جو وڏو حصو قومي ڪمن ۾ صرف ڪيائين. حالانڪ ڏکن ڏاکڙن جي زندگي به کيس بسر ڪرڻي پئي. بعض اوقات ته کيس خطرناڪ صورتحال سان به منهن ڏيڻو پيو. پاڻ سياسي بيداريءَ سان گڏ تصنيف و تاليف کي به چهٽيو رهيو. هڪ طرف سفر جي تڪليفن کيس هيڻو ڪري ڇڏيو هو؛ ۽ ٻئي پاسي قومي آزاديءَ جو اونو سندس ساه کي سوگهو ڪري ڇڏيو هو. تاهم به پيري ۽ بيماريءَ جي پرواه نه ڪري، صبر سان ويهڻ نه آيس؛ جنهن ڪري ۱۶ جمادي الثاني ۱۳۶۴هه مطابق ۲۲ آگسٽ ۱۹۴۴ع جي سج ۾ لاهور ۾ پنهنجي فرزند وٽ رحلت ڪيائين. وصيت مطابق کيس رحيم يار خان (پنجاب) جي ڳوٺ ”خانپور“ ۾، ڀلارن بزرگن جي قديم قبرسان ۾ دفنايو ويو. حوالا/ حاشيا (۱) – مولانا صاحب اصل ۾ سک خاندان جو هڪ فرد هو. سندس شروعاتي نالو ”بوٽا سنگ“ هو؛ ۽ پتا رامسنگ پٽ چسپتراءِ پٽ گلاب راءِ هو، جيڪو پنهنجي ڳوٺ ۾ مختيارڪار جي عهدي تي رهي چڪو هو. هن خاندان جو بنيادي پيشو ”سونارڪو ڪم“ هو. مگر چند فردن نوڪريءَ کي ترجيح ڏني هئي. منجهن ڪافي آسودا هوندا هئا، جيڪي وياج تي پئسا به ڏيندا هئا [مولانا عبيدالله سندهي اور ان کي ناقد- سعيد احمد، لاهور، ۱۹۴۶ع؛ صفحو ۳۳۳]. (۲) – مولان صاحب جا ناناڻا، ديري غازي خان ”ڄامپور“ ضلعي جا رهاڪو هئا. سندس مامو تپيدا هو. (۳) – ”تحفته الهند“ جو مصنف، پايل (پٽيالا) جو رهاڪو، نو مسلم پنڊت اننترام پٽ منشي ڪوٽيمل، المعروف عبيدالله هو؛ جنهن کان متاثر ٿي، پاڻ کي مسلمانڪي نالي ”عبيدالله“ سان سڏائڻ لڳو [تحفته الهند – مولانا محمد عبيدالله (ديبا چه)، دهلي؛ ۱۳۳۰هه (۱۹۱۲ع)، صفحو ۱]. (۴) – ”تقويتہ الايمان“ جو ليکڪ، شاه اسماعيل شهيد (۱۷۷۹ع – ۱۸۳۱ع) هو، جيڪو عربي ڪتاب ”روالاشرڪ“ جو اردو زبان ۾ ترجمو آهي. (۵) – سچ پچ ته اها ڀرچونڊيءَ واري بزرگ جي برڪت هئي؛ جنهن مولانا کي صحيح الطريقت ۽ راسخ العقيدت مسلمان بڻائي، دين جو ڪم سونپيو هو. هڪ ڀيري حافظ صاحب، مولانا لاءِ فرمايو هو، ته ”عبيدالله، الله ڪارڻ پنهنجا مٽ مائٽ ۽ مذهب ڇڏيو آهي، هاڻي اسان هن جا ديني ماءُ پيءُ آهيون!“ [دائرة المعار اسلاميه (اردو) – دانشگاه پنجاب، لاهور (جلد ۱۲)؛ ۱۹۷۳ع” صفحو ۹۸۴]. (۶) – اهويئ سبب هو جو پاڻ کي ”سنڌي“ سڏائڻ ۾ فخر محسوس پئي ڪيائين [خطبات و مقالات مولانا عبيدالله سندهي – مرتبہ، محمد سرور، لاهور ۱۹۷۰ع؛ صفحو ۱۶۹]. (۷) – هن نيڪ رسم ۾ سندس والده به شرڪت ڪئي هئي، جيڪا پڇاڙيءَ تائين ساڻ گڏ رهي؛ ۽ پنهنجي سک مذهب تي قائم رهي [ سه ماهي ”مهراڻ“ (سوانح نمبر ۳-۴/۱۹۵۷ع)، سنڌي ادبي بورڊ، صفحو ۲۶۷]. (۸) – ”ديوبند“، برصغير ۾ نامور ديني درسگاه آهي. هي اتر پرديش (U.P) جي سهارنپور ۾ هڪ قديم شهر آهي؛ ۽ تعلقي جي حيثيت حاصل اٿس. تاريخي لحاظ کان سندس شروعاتي ذڪر ”آئين اڪبريءَ“ ۾ آيو آهي. ان کانپوءِ سندس احوال اساطيري ۽ رومانوي داستانن ۾ ملي ٿو. ڪسابن کان منجهس وڻن جي گهاٽي جهڳٽي ۾ ديوي جو مندر (تيرٿ گاه) هو؛ جنهن جي نسبت سان مٿس ”ديوي (ديبي) بن“ (ديويءَ جو جهنگل) نالو پيو، جيڪو ڪثرت استعمال سان بگڙي ”ديوبند“ ٿيو. [دائرة المعارف اسلاميه (اردو)، دانشگاه پنجاب، لاهور، جلد ۹، ۱۹۷۲ع، ص ۶۲]. هن وقت سندس آدم شماري ۵۰ هزار آحي. جن ۾ ڪثرت مسلمانن جي آحي. هڪ سؤ مسجدن جي هن سهر کي ”مسجدن جو شهر“ به سڏيو وڃي ٿو. منجهس وڏو ديني درسگاه آهي؛ جنهن جو قيام مولانا محمد قاسم نانوتوي رح (۱۸۳۲ع – ۱۸۸۰ع) جي نگرانيءَ ۾، ۱۵ محرم الحرام ۱۸۶۶هه مطابق ۳۰ مئي ۱۸۶۶ع تي ٿيو. [تاريخ ديوبند – سيد محبوب رضوي، ۱۳۷۲هه، ص ۹۷]. شروعات ۾ مولانا محمود حسن نالي صرف هڪ شاگرد سان، کٻڙ جي وڻ هيٺان مدرسي جي ڪاررواي شروع ڪئي وئي؛ جنهن ۾ پهريون معلم مولانا يعقوب نانوتوي هو [حالات دارالعلوم ديوبند، محمد طيب، ديوبند، ۱۳۷۸هه ص ۸۱] مدرسي ۾ قرآن مجيد، دارا لتفسير، دارالحديث، صرف و نحو، فلسفو، منطق، فقہ ۽ فن وغيره جا شعبا قائم ٿيل آهن. خدا جي فضل سان اڄ دنيا جو ڪو به ملڪ رهيل ناهي؛ جنهن ۾ هتان جو عالم نه پهتو آهي: ]India as I Knew it- (1855-1905)- M.O` Dwyer, London 1925. P.P 177[ مغل سلطنت جي زوال ۽ ۱۸۵۷ع واري انقلاب جي ناڪاميءَ بعد، هنستاني مسلمانن هن قسم جي ديني درسگاه قائم ڪرڻ جي اشد ضرورت محسوس ڪئي [انوار قاسمي – پروفيسر انوارالحسن قاسمي، ديوبند، ۱۹۵۸ع، ص ۴۱۸]. (۹) – مولانا سنڌي جلاوطنيءَ جي زندگيءَ ۾ هينئر ۳۳ سال گذاري چڪو هو. (۱۰) – پنهنجي تقريرن خواه تحريرن ۾ انگريزن خلاف کلم کلا آواز اٿاريائين. نتيجي طور پاڻ تي سخت پهرا به بيهاريائين. هي اُهو وقت هو، جڏهن ”آزاديءَ جي تحريڪ“ شروع ٿي چڪي هئي پوءِ سنڌي صاحب افغانستان هجرت ڪري ويو؛ جتي ڪابل ۾ ”آزاد هندستان جي عارضي حڪومت“ جو پايو وجهي، سربراهي سنڀاليائين – ۱۹۳۲ع ۾ ڇهن مهينن لاءِ روس به وڃڻو پيس آخر ترڪيءَ ۾ وڃي ڪمال پاشا ۽ عصمت انونو کان سياسي امداد به حاصل ڪيائين. ]Ubaid- Allah Sindhi in Turkey- Detleve H. Khalid (Journal of R.C.D)- Tuhran, Vol: No: 1&2: P.P 38[. (۱۱) – رسائل وغيره کان علاوه قرآن پاڪ جو تفسير پڻ لکيو هئائين؛ جنهن ۾ مولانا احمد علي لاهوري ۽ مولانا عبدالحي فاروقي به ساڻس فيض يافته هئا [بيس بڙي مسلمانان – عبدالرشيد ”ارشد“، لاهور ۱۹۶۹ع، صفحو ۴۰۹]. امام عبيدالله سنڌي جي فڪري پرواز عزيز الله ٻوهيو امام سنڌي جلاوطني جي پهرين مرحلي ۾ ۱۹۱۵ع ۾ ڪابل ويا، اتي افغانستان جي بادشاهه امير حبيب الله سان پنهنجي اچڻ جو مقصد انگريزن کان هندستان کي آزاد ڪرائڻ بيان ڪيائون، جنهن تي امير حبيب الله کيس چيو ته اوهان جيڪڏهن اسان جي ملڪ ۾ رهندڙ ٻين ملڪن جي سفيرن سان پنهنجي مقصد لاءِ ملندؤ ته ان لاءِ مناسب ٿيندو ته اوهان انهن سان پنهنجو تعارف هندستان ۾ انهيءَ مقصد لاءِ قائم پارٽي ڪانگريس جو پاڻ کي نمائندو سڏايو. امام سنڌي بادشاهه جي ان تجويز کي اهم سمجهي دهليءَ سان رابطو ڪري ڪانگريس جو ٻاهرين ملڪ ۾ يونٽ قائم ڪرڻ جي اجازت وٺي ورتي، نه صرف ايترو پر آزاد هندستان جي حڪومت جي ٻاهرين باڊي به جوڙي ورتائون. چوويهه سال جلاوطني کانپوءِ جڏهن واپس هندستان آيا ته هت مسلمانن لاءِ جدا ملڪ ٺاهڻ جي هلچل ڏٺائون. امام سنڌي انگريز سامراج خلاف آزاديءَ کانپوءِ به هندستان کي متحد رکڻ ضروري سمجهن پيا. سنڌي صاحب جي بصيرت ٻڌائي پئي ته اسان جيڪڏهن برطانيا کان آزادي حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل به ڪئي پر سامراج جي نفسيات هيءَ هوندي آهي ته هو سڄي دنيا جي ملڪن ۽ قومن جي دولت ڦٻائڻ لاءِ انهن کي نو آبادي طور غلام بنائي رکي، سو انگريز سامراج هڪ ڀيرو هتان وڃڻ کانپوءِ به وري ڪڏهن نه ڪڏهن لوهه کائي وري اچي اسان کي غلام بنائيندو ان ڪري سنڌي صاحب متحده هندستان جا حامي هئا، سنڌي صاحب ڏٺو ته هندستان جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪرڻ وارا سرڪاري بيوروڪريٽ انگريزن جا پاليل نواب قسم جا ماڻهو آهن سنڌي صاحب ڏٺو ته مسلمانن کي مذهب جي نالي الڳ رياست قائم ڪرڻ جو چمڪو پس منظر جي لحاظ سان ته انگريزن ڏنو آهي ان ڪري اها راءِ قائم ڪيائون جو انهن پرکي ورتو ته ٻه قومي وارو نظريو علي ڳڙهه يونيورسٽي جي انگريز پروفيسر جان برائيٽ ئي جوڙيو آهي ۽ سنڌي صاحب جو ڳوٺائي علامه اقبال انگريزن طرفان سر جي خطاب ملڻ جي بدلي ۾ خوامخواهه ان نظريي کي اگهائڻ لاءِ پيو شاعري ڪري. سو مسلم ليگي دانشورن جي مذهبي مسئلي ۽ ٿڏي جو حل به امام سنڌي سوچي روتو ۽ ڪانگريس جي مرڪزي قيادت کي چورايو ته اوهان پنهنجي پارٽي پاليسي طور هيءَ ڳالهه تسليم ڪيو ۽ پاس ڪيو ته هندستان جي آزاد ٿي وڃڻ کانپوءِ برصغير جي آباديءَ جي لحاظ سان مسلم اڪثريت وارن صوبن ۾ اتي مسلم اڳواڻن تي مشتمل حڪومتون قائم ڪنداسون. ان تي ڪانگريس وارن پهريائين اهڙي ڳالهه جناح کان مڃائڻ جو شرط وڌو ته هو اسان جي اهڙي اعلان کانپوءِ جدا پاڪستان ٺاهڻ جي ڳالهه تان هٿ کڻي وڃي ته اسان به سنڌي صاحب جي ان فارمولي کي قبول ڪيون ٿا پر جناح کي مڃائڻ جي ڳالهه محال سمجهيو ويو. پوءِ انهيءَ باوجود سنڌي صاحب ڪانگريس مٿان زور رکايو ته هو ان پاليسي جو هڪ طرفو اعلان ڪن، جناح کي مڃائڻ جو شرط نه وجهن. پوءِ ڪانگريس وارن سنڌي صاحب جو مطالبو مڃيندي پارٽي پاليسي طور اها تجويز پاس به ڪئي، جنهن جو ثبوت هي آهي ته اهي اڄ تائين ڪشمير ۾ مسلم قيادت کي قائم رکيو پيا اچن، جنهن کي پاڪستان وارا ڪٺ پتلي سڏيندا ايندا آهن. ان زماني ۾ جڏهن ڪانگريس وارن سنڌي صاحب جي تجويز کي پنهنجي پارٽي پاليسي طور هڪ طرفو قبول ڪيو هو ته هندستان جي ڪافي علائقن جي مسلم ليگي ليڊرن جناح صاحب سان ملاقات ڪئي ۽ کيس چيائون ته ڪانگريس طرفان مسلم اڪثريتي علائقن ۾ جڏهن هنن مسلمانن جون حڪومتون قائم ڪرڻ جو واعدو ڏنو اٿائون ته اهڙي صورت ۾ ڄڻ ته مسلم ليگ جو مقصد به حاصل ٿي ويو. اسان کي اڳتي لاءِ مذهب جي نالي تي هندستان جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪرڻ جو جواز نٿو نظر اچي. جواب ۾ جناح صاحب بغير ڪنهن دليل جي انهن ماڻهن جي ڳالهه کي ٺڪرائي ڇڏيو، پوءِ اهي ليگي اڳواڻ ليگ کان استعيفيٰ ڏيئي ڪانگريس ۾ شامل ٿي ويا. هيءَ حقيقت مون سان مرحوم ڊاڪٽر احمد حسين ڪمال ڀوپالي بيان ڪئي هئي. امام سنڌيءَ جو هي خدشو ته آزادي وٺڻ کانپوءِ به اڳتي انگريز سامراج وري اسان کي غلام بنائي ٻيهر اسان جي ڌرتيءَ جو ڌن اچي لٽيندو. انهيءَ ڳالهه جو تازو ثبوت ذوالفقار مرزا جو ميڊيا اڳيان قرآن کڻي هي بيان ڏيڻ ته انهن کي ايم ڪيو ايم جي الطاف لنڊن ۾ هڪ ملاقات ۾ ٻڌايو ته امريڪا پاڪستان کي ختم ڪرڻ گهري ٿي. اسان ان جي مدد ڪنداسين ۽ ٻيو ثبوت ته برطانوي جاسوس کاتي جي آفيسر جيمس همفري جي ڊائري جي پراڻي ڇاپي ۾ لکيل آهي ته اڳتي هلي اسان ڪراچيءَ جي ويجهو سمنڊ جي ڪناري تي نئون ملڪ اڏينداسون. همفري جي انهيءَ انڪشاف تي مون سان سردار عطاءُ الله خان مينگل پنهنجو تجزيو هي بيان ڪيو ته ان منجهان مراد هي ملڪ پاڪستان آهي مون سردار صاحب کي چيو ته ڊائري واري ڪتاب ۾ جيڪو هي لکيل آهي ته ان نئين ملڪ لاءِ عوام هندستان کان مائگريٽ ڪري آڻينداسون ۽ هاڻي ايم ڪيو ايم وارن سنڌ جو ڏاکڻيون علائقو سمنڊ تائين مهاجرستان صوبي لاءِ گهريو آهي. انهيءَ منجهان ثابت ٿئي ٿو ته ڊائري واري ڪتاب ۾ سامراج جو جيڪو اڳتي وارو پلان آهي, سنڌ کي ٽوڙي نئين صوبي وارا مطالبا اهي سڀ ان منصوبي جون شروعاتي ڪڙيون آهن، پوءِ ڀلي پاڪستان کي به انهن ڪڙين منجهان پهرين ڪڙي شمار ڪجي ته اها ڳالهه به صحيح چئبي. بهرحال امام سنڌي جو اهو خدشو ته انگريز سامراج وري ٻيهر موٽي اسان کي غلام بنائڻ جو منصوبو اندر ۾ رکي ٿو، ان ڪري سڄي هندستان کي متحد رکي دهلي کي پنهنجو مرڪز بنائي ۽ هر صوبي ۾ جنهن قوم جي اڪثريت هجي اهو صوبو ۽ ملڪ ان قوم جو موروثي وطن تسليم ڪيو وڃي ۽ پاڻ ڪانگريسي هجڻ باوجود 1939ع ۾ جيڪا جدا پارٽي جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽي ٺاهي هئائون ان جو منشور به اهو ئي پاس ڪيو هئائون. گانڌيءَ سان ڪيترن ئي اختلافن باوجود امام سنڌي ان جي متحده هندستان واري سوچ کي ڏاڍو ساراهيندو هو. هندستان کي متحد رکڻ جو نظريو ته سر سيد احمد خان جو به هو، هن ملڪ جي ميڊيا جيڪا سر سيد احمد خان کي نظريي پاڪستان جي بانين منجهان شمار ڪندي آهي اهو سراسر اجايو آهي وٽن اهڙي دعويٰ جو ڪو به ثبوت ڪونهي هائو البت سر سيد احمد خان هندن جي ڀيٽ ۾ مسلمانن جي تعليمي ۽ معاشي طور پوئتي هجڻ تي نهايت فڪرمند هو، جنهن جي حل لاءِ ان مسلم ڪاليج جي نالي سان علي ڳڙهه ۾ تعليمي ادارو کوليو هو. امام سنڌي ۽ امام الهند ابوالڪلام آزاد ٻنهي اڳواڻن سر سيد سان ان جي سياسي سوچن سان اختلاف رکڻ باوجود ان جي مسلمانن لاءِ خدمتن کي ساراهيو آهي. (نوٽ: ياد رهي ته امام عبيد الله سنڌي جي ۲۲ آگسٽ (سڀاڻي) ورسي آهي).
شيخ عزيز صحافت جو استاد، شيخ عزيز، دل جو دورو پوڻ سبب وڇڙي ويو. ڪراچي (رپورٽر) سينيئر صحافي ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو خالق شيخ عزيز، دل جو دورو پوڻ سبب وڇڙي ويو، ۸۰ سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري، سينيئر صحافي کي اڄ ڪراچي ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو. ان حوالي سان ڄاڻ موجب ته ڪالهه سينيئر صحافي شيخ عزيز پنهنجي گھر وارن سان گڏجي شادي تقريب ۾ شرڪت لاءِ ڪراچي کان حيدرآباد وڃي رهيو هو ته کيس رستي ۾ دل جو دورو پيو. جنهن بعد هنگامي بنيادن تي کيس حيدرآباد جي اسپتال ۾ داخل ڪرڻ بعد ڪراچي جي اسپتال نيو ويو. جتي سندس فوري طور تي دل جو آپريشن ڪيو ويو هو. ڪالهه صبح جو سوير سندس طبيعت ٻيهر خراب ٿي پئي، جنهن سبب هُو هميشه لاءِ لاڏاڻو ڪري ويو. شيخ عزيز کي اڄ منجھند جو ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو. سندس لاڏاڻي تي عوامي آواز جي چيف ايڊيٽر ڊاڪٽر جبار خٽڪ، ڊپٽي ايڊيٽر ذلف پيرزادي، اقبال ملاح، سب ايڊيٽر جاويد بوزدار، سارنگ زين چانڊئي، رياض ابڙي، اي پي پي جي عبدالله سروهي، ڪرم علي شاهه ڪرم ۽ ٻين عزيز جي پٽ طارق عزيز شيخ سان ڏک جو اظهار ڪيو آهي. کاٻي ڌُر جي صحافين ۾ شمار ٿيندڙ صحافي شيخ عزيز پونيئرن ۾ بيواھ، ۲ پُٽ ۽ ۲ نياڻيون ڇڏيون آهن. گڏ ڪيل تفصيلن موجب؛ شيخ عزيز صحافت جي شروعات سنڌي اخبار کان ڪئي. جنهن بعد هُو ڪراچي ۾ وڏو عرصو انگريزي اخبار روزاني ڊان سان سلهاڙيل رهيو. سندس قلم جمهوري تحريڪن خاص طور تي ايم آر ڊي دوران اتساهه جو سبب بڻيو. مرحوم شيخ عزيز ڪيترن ئي انگريزي ۽ سنڌي ڪتابن جو مصنف پڻ آهي. هن لاتعداد ڪالم پڻ لکيا. سنڌي توڙي پرڏيهي موسيقي بابت پڻ کيس وڏي ڄاڻ هئي. موسيقي جي موضوع تي سندس هڪ ڪتاب پڻ آهي. ٻئي پاسي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاھ سينئر صحافي شيخ عزيز جي لاڏاڻي تي گھري ڏک جو اظھار ڪيو آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي جاري ڪيل تعزيتي بيان ۾ سوڳوار خاندان سان دلي همدردي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته؛ مرحوم شيخ عزيز هڪ پروفيشنل صحافي ۽ همه گير شخصيت جو مالڪ هو. سياست، ادب ۽ صحافت ۾ سندس خدمتون ايندڙ نسل لاءِ وڏو سرمايو آهن. دعا آهي ته الله تعالي مرحوم جي مغفرت فرمائي، سندس درجا بلند ڪري ۽ پونئيرن کي صبر جي توفيق ڏئي. وڏي وزير پنهنجي جاري ڪيل تعزيتي بيان ۾ چيو آهي ته؛ شيخ عزيز جون خدمتون سدائين صحافتي تاريخ ۾ ياد رکيون وينديون. هوڏانهن تعليم ۽ ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سردار شاهه پڻ شيخ عزيز جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. آهه! شيخ عزيز جو لاڏاڻو!.. سنڌ جو ناميارو صحافي شيخ عزيز لاڏاڻو ڪري ويو. کيس ڪالهه سپر هاءِ وي تي نوري آباد وٽ دل جو دورو پيو، فوري علاج لاءِ حيدرآباد نيو ويو پر اُتي علاج جون مناسب سهولتون نه هجڻ ڪري کيس فوري طور آغا خان اسپتال ڪراچي آندو ويو جتي سندس دل جي اينجيوپلاسي ٿي، اينجيوپلاسيءَ بعد سندس طبعيت ۾ سڌارو اچڻ لڳو پر ڏينهن گذرڻ دوران اوچتو ئي اوچتو سندس دل هلڻ بند ڪري ڇڏيو جنهن سبب هو هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو، رب الڪريم کيس پنهنجي ٻاجهه ۾ رکي. شيخ عزيز ۷۹ سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي، سندس جنم ۹ ڊسمبر ۱۹۳۸ع تي حيدرآباد ٽنڊو آغا علي آباد حيدرآباد جي هڪ خوش پوش ۽ تعليم يافته خاندان ۾ ٿيو هو. ويجھي ماضيءَ ۾ سنڌي صحافت جي شعبي ۾ جيڪي نامياريون شخصيتون پيدا ٿيون آهن انهن ۾ ناميارو صحافي، قلمڪار ۽ گھڻ رخي شخصيت جو مالڪ، شيخ عزيز نمايان حيثيت رکي ٿو. سندس وڏو ڀاءُ شيخ محمد اسماعيل ادب ۽ سنڌ جي قديم آثارن جو ماهر هيو ۽ ٻيو ڀاءُ شيخ محمد ابراهيم ريڊيو پاڪستان جو پروڊيوسر هيو، ٻنهي ڀائرن جي تربيت جو مٿس انتهائي گهرو اثر هو پر شيخ صاحب پاڻ به ذهني طور تي سڄاڻ ۽ سجاڳ انسان هيو، سندن طبعيت ۾ ننڍي هوندي کان ئي علم، ادب ۽ آرٽ طرف لاڙو نمايان هوندو هو جڏهن ته ان سان گڏو گڏ سنڌ جي تاريخ، ننڍي کنڊ جي موسيقي، ڊراما، ٿيٽر ۽ شاھڪار ڪلاسيڪل ادب طرف به سندس لڳاءُ والهانا هيو. شيخ عزيز پنهنجي شروعاتي تعليم حيدرآباد مان حاصل ڪئي، هُن عملي صحافت لاءِ پنهنجي تعليم ٿامس ڪاليج آف جنرنلزم لنڊن مان صحافت ۾ ڊپلوما حاصل ڪري مڪمل ڪئي، ان بعد پنهنجي عملي صحافتي زندگيءَ جو آغاز ڪيائين.، ننڍي هوندي کان ئي لکڻ پڙهڻ جي شوق ڪري کيس ان وقت سنڌ جي سڀ کان وڏي اخبار روزاني”عبرت“ ۾ شموليت جو موقعو مليو، ان وقت اخبار جو ايڊيٽر شيخ علي محمد صاحب هيو، شيخ عزيز صاحب پهريان سب ايڊيٽر ۽ پوءِ اسسٽنٽ ايڊيٽر طور خدمتون سر انجام ڏنيون پر عملي صحافت جي شروعات هُن پنهنجي تعليم حاصل ڪرڻ بعد ئي حيدرآباد مان روزاني عبرت، روزاني سنڌ نيوز ۽ روزاني ڪاروان ۾ ڪم ڪري ڪيو، بعد ۾ هُن روزاني حُريت، روزاني جنگ ۽ هفتيوار آبزرور ۾ پڻ ڪم ڪيو. هُن پنهنجي صحافتي زندگيءَ جو ڳچ عرصو روزاني جنگ ڪراچي ۾ پنهنجيون صحافتي ذميواريون سرانجام ڏيندي گذاريو ان بعد هُن انگريزي اخبار روزاني ڊان ۾ نوڪريءَ جو آغاز ڪيو، روزاني ڊان ۾ هُن پنهنجي زندگيءَ جو تمام وڏو عرصو ڪم ڪيو تان جو ۲۰۰۸ع ۾ رٽائر ڪيائين، هُو روزاني ڊان سان ۱۹۸۹ع کان منسلڪ ٿيو هو ۽ زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين ڪم ڪندو رهيو، رٽائر ٿيڻ بعد به هو روزاني ڊان ۾ لکندو رهيو. مرحوم ۽ مغفور شيخ عزيز پنهنجي زندگيءَ ۾ عملي صحافت سان گڏ حيدرآباد پريس ڪلب جو صدر، حيدرآباد يونين آف جرنلسٽ جو صدر ۽ آل پاڪستان نيوزپيپرز سوسائٽيءَ جو جج پڻ رهيو، هُن پنهنجي زندگيءَ ۾ سياست، سماجيات، علم، ادب ۽ موسيقيءَ جي سوين موضوعن تي هزارين مضمون پڻ لکيا ۽ ان سان گڏ هُن ڪيئي ڪتاب پڻ لکيا جن ۾ پوليٽيڪل هسٽري آف پاڪستان، هسٽاريڪل اٽلس آف سومرا ڪنگ ڊم آف سنڌ، ڀٽو- ميموريز ۽ ريمبرينس، اي هسٽري آف سنڌي لٽريچر، اوريجن اينڊ اوليوشن آف سنڌي ميوزڪ سميت عملي صحافت نالي ڪتاب شامل آهن. شيخ عزيز صاحب هڪ عميق ۽ گهري نظر رکندڙ صحافيءَ سان گڏ موسيقيءَ جي وسيع ڄاڻ پڻ رکندو هو. شيخ عزيز سنڌي ادبي بورڊ جو وائس چيئرمين پڻ مقرر ٿيو. سنڌ جي صحافتي تاريخ ۾ جيڪي به شخصيتون پيدا ٿيون آهن انهن مان شيخ عزيز جو نالو سڀني کان مٿاهون آهي جو هو هڪ صحافي هوندي ڄڻ ته پنهنجي وجود ۾ هڪ جامع ادارو هو، جنهن سنڌي صحافت جي شروعاتي ايام ڪاريءَ ۾ ڪيئي سنڌي اخبارن جا نه صرف بنياد رکيا پر انهن کي ڏينهن رات جاکوڙ ڪري ادارن جي صورت ڏني، ڪيئي اخباري ادارن جي قيام ۽ نه فقط بنيادي ڪردار ادا ڪيائين پر ان سان گڏ ڪيئي صحافين جي تربيت پڻ ڪيائين جيڪي اڳتي هلي صحافتي ۽ قومي زندگيءَ جي اعلى معيار کي رسيا. شيخ عزيز صاحب جو لاڏاڻو اسين سمجهو ٿا ته نه صرف سندس ڪٽنب لاءِ هڪ وڏي ڏک جو سبب بڻيو آهي پر ان سان گڏو گڏ سندس لاڏاڻو پوري سنڌي سماج لاءِ انتهائي ڏک ۽ افسوس جو سبب پڻ بنيو آهي، سماج ۾ هر انسان جو پنهنجو پنهنجو ڪردار، اهميت ۽ اثر هوندو آهي، سماج ۾ هر انسان جي پنهنجي سوچ ۽ فڪر هوندو آهي جنهن تحت ئي ان جي زندگي گذرندي آهي، پر اهي انسان جيڪي پنهنجي عملي زندگيءَ جي عرصي ۾ جيڪڏهن ڪنهن سماج تي پنهنجو اثر ڇڏي وڃن ٿا، سماج جي ڪنهن نه ڪنهن شعبي کي ڪو نئون موڙ، ڪا نيئن زندگي، ڪو نئن فڪر يا عمل ڏئي وڃن ٿا، ۽ سندن اهڙين ئي ڪوششن ڪري سماج ترقيءَ جي هڪ وک اڳتي وڌائي ٿو ته سمجهبو ته ان ماڻهوءَ جو هن دنيا ۾ اچڻ سڪارتو ٿيو، نه ته هر روز لکين انسان جنم وٺن ٿا ۽ لکين مرن ٿا، سڀني کي نه ياد ڪيو وڃي ٿو ۽ نه ئي انهن جي لاڏاڻي تي ڪو سمورو سماج ڏکوئتو ٿئي ٿو، سماج فقط انهن ماڻهن کي ياد ڪري ٿو ۽ انهن جي وڇڙي وڃڻ تي ڏک ۽ الم ڪري ٿو جيڪي سماج جا اڏيندڙ ٿين ٿا. شيخ عزيز صاحب سنڌي سماج جي انهن اڻ ڳڻين شخصيتن ۾ شامل آهي جن جي ڪوششن سان سنڌي سماج، سماجن جي تاريخ ۾ پنهنجو ڪو مان ۽ مرتبو ڳڻائي سگهي ٿو، اهو درست آهي ته سماجن کي ادارا جوڙيندا آهن، پر اهو به غلط ناهي ته ادارن کي وري شخصيتون جوڙينديون آهن، جيڪي قومن کي جوڙيندا ۽ جياريندا آهن. شيخ عزيز صاحب جو شمار اهڙن ئي انسانن ۾ ٿئي ٿو جن قومن ۽ سماجن جي تعمير ڪرڻ لاءِ ڪيئي ادارن کي جنم ڏنو، شيخ عزيز صاحب هميشه سنڌي سماج جي ساڃاهه، شعور ۽ فڪر ۾ جيئرو رهندو. سنڌ کي وري به ڪنهن ٻئي شيخ عزيز جي سخت ضرورت آهي. ايڊيٽوريل، ڏيھاڙي عوامي آواز، سومر ۸ آڪٽوبر ۲۰۱۸ع، ۲۷ محرم الحرام ۱۴۴۰ هه شيخ عزيز سڀني جو عزيز مير اعظم علي ٽالپر هن جو پورو نالو شيخ عبدالعزيز هو، پر هو اخباري دنيا ۾ شيخ عزيز جي نالي سان مشهور هو، هن جو جنم حيدرآباد ۾ ۱۹۳۸ع دوران ٿيو پر سندس جواني کان هر ڳالهه ۾ سڃاڻپ اخبارون ۽ صحافت جو ميدان آهي. منهنجي سڃاڻپ ۽ واقفيت سائين شيخ عزيز سان (تاريخ ياد نه آهي) غالبن ۱۹۶۹ع کان ان وقت ٿي هئي، جڏهن کان عبرت ۾ اچڻ وڃڻ ۽ لکڻ جو سلسلو ٻارن جي صفحي ٻارڙن جي ٻاريءَ کان شروع ڪيو هو. ان بعد عبرت جي فلمي صفحي ۽ ان بعد فلم ايڊيشن ۾ لکندي ملاقاتون ٿينديون هيون. سائين شيخ عزيز جن سنڊي ايڊيشن لاءِ به مضمون لکيا، جنهن ۾ خاص ڪري آچر ۲ ڊسمبر ۱۹۷۳ع وارو آرٽيڪل ”ڊبلن جو اغوا“ بهتر هو، شيخ عزيز تي عبرت اخبار لاءِ فلمي صفحو ڪڍڻ لاءِ سائين شهزادي گلفام کي آماده ڪيو هو ۽ ان بعد شهزادي گلفام جو عبرت جو فلمي صفحو فلم ايڊيشن بڻجي ويو ۽ عبرت جي واکاڻ لاهور ۽ ڪراچي فلم انڊسٽري تائين ٿيڻ لڳي هئي. شيخ عزيز کي مَلهه راند سان ڏاڍي دلچسپي هئي، ان لاءِ هو اڪثر محرم سان ملي ملهه ڪرائڻ ۽ ان تي لکڻ پسند ڪندو هو، ان ڪري شير سنڌ مير بحر ۽ ملهه تي عبرت ۾ گهڻو ڪجهه وقت به وقت شايع ٿيندو رهندو هو. ان سلسلي ۾ پروانو ڀٽي به ملهه راند سان شوق رکندو هو. شيخ عزيز عبرت اخبار ۾ ان وقت ڪم ڪيو، جڏهن ڪنهن اخبار کي مواد پهچائڻ لاءِ اڄ جهڙي آسان ٽيڪنالاجي واري سهولت ميسر نه هئي، مواد لاءِ ٽپال يا هٿ سان پهچائڻ جو رستو هو. ان جي باوجود شيخ عزيز عبرت اخبار ۾ ۷۰ع جي ڏهاڪي ۾ شاندار صحافت ڪندي اخبار کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. ڇو ته هي هڪ طرف ايماندار صحافت ڪندڙ هو ته ٻئي طرف نواڻ پسند هو، ان زماني ۾ اخبار کي خبرون ا پ پ (سرڪاري ايجنسي) ڏيندي هئي، پر شيخ عزيز ٿامس ڪاليجه لنڊن مان ڊپلوما واري تجربي ۽ علم کي سنڌي صحافت ۾ ڪم آندو. حالانڪه شيخ صاحب پنهنجي سڄي ڄمار ۾ سرڪاري نوڪري کي اوليت نه ڏني ۽ مختلف اخبارن ۾ ڪم ڪيو، جيئن ڪاروان ۾ ۱۹۵۸ع ان بعد عبرت ۾ سب ايڊيٽر ۽ انچارج ايڊيٽر به ڪم ڪيو ۽ ايڊيشن جو انچارج هو. انکانسواءِ اسسٽنٽ پرنٽر طور به ڪم ڪيو. شيخ عزيز ۱۹۷۶ع کان سنڌ نيوز جو ايڊيٽر ٿيو، جتي راقم کي به گڏ وٺي ويو ۽ فلم ايڊيشن شروع ڪيو، هن سنڌي اردو ڊڪشنري لاءِ حڪومت پاران هلندڙ اسڪيم ۾ لغت لاءِ ڪم ڪيو. ان کانسواءِ سنڌي ادبي بورڊ فوڪ نور ڪليڪشن پروجيڪٽ ۾ ۱۹۵۷ع کان ۱۹۶۰ع تائين مشغول رهيو. هن بطور اعزازي استاد سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪلاس ورتا. ڪي ٿورا ماڻهو قدرتي ڏات جو ڀرپور اظهار ڪندا آهن، اهڙن ماڻهن ۾ شيخ صاحب جو نانءُ نمايان آهي. هُن نه فقط افسانا لکيا، پر صحافت بابت به خوب لکيو. اُن کان علاوه سفرنامو پڻ لکيو. شيخ عزيز جي مختلف ڪتابن ۾ بهترين ڪتاب پراسرار ڪهاڻيون آهي، جيتوڻيڪ سندس ٻين ڪتابن ۾ مختصر ڪهاڻيون، عمل صحافت، مون لينن جو ڏيهه ڏٺو، تقسيم کان تقسيم تائين. شيخ عزيز کي موسيقي جي فن سان به شوق هو ۽ هن هڪ ڪتاب سنڌ جي ساز ”چنگ“ تي تحرير ڪيو آهي، جيڪو سنڌ ثقافت کاتي وٽ اٺن مهينن کان امانت پيل آهي، خبر نه آهي اهو ڪتاب ڪڏهن ڇپبو؟ ان لاءِ سائين سردار شاهه وزير ثقافت کي جلدي ”چارڻ چوريو چنگ“ چورڻ ۽ شيخ عزيز جو اهو چنگ تي ڪتاب شايع ڪرڻ لاءِ تحرڪ وٺڻ گهرجي. بهرحال اڳ عبرت ۾ سڀني جو عزيز هوندو هو شيخ عزيز، جيڪو آخر ۾ جنگ اردو، ان بعد حريت ۽ آخر ۾ ڊان ۾ ڪم ڪندو رهيو ۽ خوب نالو ڪمايو. ”جهان ڀي گئي داستان ڇوڙ آئي“ ۽ سدائين صحافت جي ميدان ۾ بطور استاد سندس نالو زنده رهندو. ڇو ته هو سڀني جو عزيز هو ۽ عبرت اخبار ۾ ڪم ڪندي به بيمار هو کيس روزانا انجيڪشن لڳندي هئي ۽ سندس ڀاءُ شيخ ابراهيم ڪراچي ريڊيو تان رٽائرڊ ٿيڻ بعد جلدي گذاري ويو هو. شيخ عزيز صحافت جو هڪ اصولي باب پورو ٿيو زرار پيرزادو هلندڙ سال ۲۰۱۸ ۾ جيڪي تمام وڏيون شخصيتون لاڏاڻو ڪري ويون آهن تن مان شيخ عزيز صاحب به هڪ آهي. ڄام ساقي، منو ڀائي، رسول بخش پليجو، عاصمه جهانگير، عبدالحڪيم ارشد ۽ هاڻي شيخ عزيز پنهنجن پنهنجن شعبن جا ليجنڊ هيا. ليجنڊ اسان انهن کي چوندا آهيون جن پنهنجي شعبي کي نئون لاڙو، نئون دور ڏنو هجي. شيخ عزيز صاحب هونئن ته گهڻ رخي شخصيت هيا، ادب، سياست، تاريخ ۽ موسيقي سندن لکڻين جا وڏا حوالا هيا پر ”صحافت“ ۾ سندن قد ڪاٺ ”استاد“ ۽ رول ماڊل وارو هو. هو انهن صحافين مان هڪ هو جن جي صحافت کي ڏسي ڪيترن ماڻهن ”صحافت“ کي پيشي ۽ ڪيريئر طور استعمال ڪيو. هو پنهنجي جوهر ۾ ”صحافتي ادارو“ هجي ۽ ان سنڌي صحافت تي هڪ ڪتاب به لکيو جنهن کي نصابي حيثيت مليل آهي. هو رڳو سنڌي صحافين جو ئي رول ماڊل نه هو پر انگريزي ۽ اردو ميڊيا جي صحافين جو پڻ استاد هو. شيخ عزيز صاحب کان متاثر ٿي سندس گهر مان به هڪ صحافي ۽ محقق پيدا ٿيو، جنهن جو نالو آهي ”طارق عزيز شيخ“. طارق جنهن جي سڃاڻپ جو پهريون ۽ وڏو حوالو سندس والد ”شيخ عزيز“ هو، سو هاڻي شيخ عزيز جي ورثي جو وارث بڻجي آڏو آيو آهي ۽ شيخ عزيز کيس پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي اهو ورثو سنڀالڻ جو ڏانءُ اڻ سڌي طرح يعني روڊل ماڊل بڻجي سيکاري ويو ۽ شيخ عزيز صاحب کيس پنهنجي ان علمي، ادبي، صحافتي ۽ تحقيق واري دڳ تي هلندي به ڏٺو. ”صحافت“ جي جيڪڏهن ڪا اخلاقيات آهي ڪو اصول ۽ نظريو آهي ته اها شيخ عزيز جي صحافت هئي. خبر ڪئين لکجي، فيچر ڪيئن لکجي، ايڊيٽوريل، ڪالم ڪيئن لکجي، شيخ عزيز صاحب وٽ سڀ ڏانءُ ۽ ”قالب“ موجود هيا. شيخ عزيز صاحب جو انگريزي اخبار ”ڊان“ ۾ يادگار ڪم سندن لکيل پروفائيل هيا، جيڪي هو لاڏاڻو ڪري ويل شخصيتن تي فوري طور اخباري ضرورت موجب لکندو هو. شيخ عزيز صاحب ۲۰۰۸ع ۾ اهو ڪم جتي ڇڏيو سو وري ڪير به اونئن نه ڪري سگهيو. شيخ عزيز صاحب جي انهن لکيل پروفائيلن تي ٻڌل ڪتاب ڇپجي سگهجي ٿو. جيئن انور پيرزادو صاحب جو ڊان اخبار ۾ هليل سلسلو ”سنڌي پريس ڊائجسٽ“ جنهن جو هو بانيڪار هو سو وري ان معيار جو ڪير نه لکي سگهيو ۽ هاڻي اهو بند ٿي چڪو آهي. ڪالهه ڊان اخبار ۾ اسان جي سنڌي صحافي امتياز عليءَ جو شيخ عزيز صاحب جي لاڏاڻي تي لکيل پروفائيل ڏسي شيخ عزيز صاحب ياد اچي ويو، جنهن جي زمين ۾ ئي امتياز اهو پروفائيل لکيو. شيخ عزيز صاحب جو جنم ويهين صديءَ ۾ ٿيو هو ۽ ان ايڪويهين صدي جي ۱۸هين سال ۾ لاڏاڻو ڪيو آهي.ايئن هن ۲۰هين صدي جي صحافتي قدرن ۽ اخلاقيات کي ۲۱هين صدي ۾ منتقل ڪيو آهي. صحافي ٿيڻ ته سولو آهي پر صحافتي اصولن، نظرين ۽ ان جي اخلاقيات تي هلڻ ڏکيو آهي. سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته شيخ عزيز صاحب جي شڪل ۾ اصولي، نظرياتي ۽ اخلاقي صحافت جو هڪ باب پورو ٿي تاريخ ۾ درج ٿي ويو آهي. شيخ عزيز جي مرتئي تي لکيل تاريخ جو ھڪ پَنو نصير اعجاز ستٽيھه سال اڳ ۱۹۸۱ جي ابتدائي مھينن مان ڪو ھڪ مھينو ھو جڏھن ڪراچيءَ ۾ سنڌ اطلاعات کاتي جي آفيس ٻاھران مرحوم خان محمد پنھور ملي ويو ۽ ملندي ئي چيائين: ”ويھه ڪار ۾ ته خيرپور ھلون، سچل جي ميلي ۾. ھيءَ ڪار ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ موڪلي آھي ته جيئن ڪراچيءَ مان ڪجھه دوستن کي ادبي ڪانفرنس لاءِ وٺي اچان.“ مان تن ڏينھن ۾ ھيس ته واندو جو ھلالِ پاڪستان اخبار مان ۳۵ ملازمن کي برطرف ڪرڻ خلاف ھلچل ھلائڻ تي مان به نوڪري وڃائي ويٺو ھئس، پر نه گھر وارن کي ڪو اطلاع، نه ڪو اضافي لٽو ڪپڙو، سو گھڻو ئي نٽايم پر دوست جي زور آڏو ھڪ نه ھلي. ڪار ۾ چڙھي پھرين ته اورنگي ٽائون وڃي ڪجھه ڪپڙا کنيم جنھن کانپوءِ ڪار ناظم آباد واري پاسي ھلڻ لڳي ته تڏھن خان محمد پنھور ٻڌايو ته شيخ عزيز به اسان جو ھمسفر ھوندو. شيخ عزيز سان ڪجھه ورھين کان نيازمندي ھئي، پر ساڻس سفر ۽ ڪچھريءَ جو اھو پھريون موقعو ھو. سفر ڊگھو ھو پر اسان ٽئي ڪچھريءَ جا ڪوڏيا، سو سفر جي ڊيگھه جي خبر ئي ڪا نه پئي، پر ان سفر جي خاص ڳالھه ھئي سنگيت بابت شيخ عزيز جي ڄاڻ. سندس ئي پسند تي ڪار ۾ استاد منظور علي خان جا ڪلام ھلڻ شروع ٿيا ته ھن اسان کي ھر راڳ ۽ سُر بابت به ٻڌائڻ شروع ڪيو. استاد منظور علي خان جو ھڪ ڪلام ته اھڙو ھو جنھن کي ٻُڌڻ سان اسان روحاني طور ڄڻ ته ڪنھن ريگستان ۾ اُٺن جي قافلن سان گڏ سفر ڪري رھيا ھئاسين جتي رات جي سانت ۾ رُڳو اُٺن جي ڳچين ۾ ٻڌل ٽَلين وڄڻ جا آواز گونججي رھيا ھئا ـ شيخ عزيز جي فرمائش تي اھو ڪلام ورجائي ھلايو ويو ۽ پوءِ اسان اھو سمورو وقت ان راڳ جي سحر ۾ گُم رھياسين. انھيءَ ڏينھن خبر پئي ته شيخ عزيز رُڳو صحافي ڪونه ھو پر کيس سنگيت جي علم تي به دسترس حاصل ھئي. ان يادگار سفر کانپوءِ اسان جون ٻيون به گھڻيون ئي ڪچھريون ٿيون جيڪي رات جو دير تائين مڌ ماٽيون خالي ٿيڻ تائين جاري رھنديون ھيون. شيخ عزيز مون کان گھڻو سينئر، بلڪ منھنجي سينئرس جو به اُستاد ھو، پر ھو کِلڻو، نماڻو ۽ ميٺ محبت وارو انسان ھو جنھن ۾ سينئر ھجڻ وارو ھٺ ڪڏھن محسوس ڪو نه ٿيو. صحافت جي رڻ ۾ ھن وڏو ڊگھو سفر ڪيو ۽ جيئن ته ھن ۱۹۳۸ ۾ جنم ورتو ھو، تنھنڪري پاڪستان ٺھڻ کان وٺي ھن ملڪ اندر جيڪا سياسي اُٿل پٿل ٿي، تنھن جو ھُو ڄڻ ته اکين ڏٺو شاھد ھو. سال ۱۹۶۰ واري ڏھاڪي کان حيدرآباد جي اخبارن ۾ ڪم ڪرڻ دوران کيس ۱۹۶۸ ۾ لنڊن جي ٿامسن ڪاليج آف جرنلزم مان صحافت ۾ ڊپلوما ڪرڻ جو به موقعو مليو ۽ انھيءَ حساب سان شيخ عزيز سنڌ جو پھريون صحافي ھو جنھن پرڏيھي يونيورسٽيءَ مان صحافت جي ڊگري حاصل ڪئي. حيدرآباد ۾ ھن پنھنجي جوانيءَ جا ڀرپور ڏينھن گھاريا جڏھن ۱۹۶۳ ۽ ۱۹۶۶ ۾ ھُو حيدرآباد پريس ڪلب جو صدر به رھيو ته ۱۹۷۴ ۾ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي صدارت به ماڻيائين. صحافت ۾ لنڊن مان ڊپلوما ڪرڻ کانپوءِ شيخ عزيز صحافت بابت ھڪ ڪتاب به لکيو جيڪو سنڌ يونيورسٽيءَ جي صحافت واري شعبي ۾ شاگردن کي به پڙھايو ويندو ھو. جڏھن ۱۹۸۱ ۾ اسان گڏ سچل واري ادبي ڪانفرنس لاءِ سفر ڪيو، تنھن کان ڪجھ ورھيه اڳ ئي شيخ عزيز حيدرآباد کي ڇڏي ڪراچيءَ منتقل ٿي چُڪو ھو جتي ھن اردو اخبارن حُريت ۽ جنگ ۾ ڪم ڪيو ۽ پوءِ ۱۹۸۹ کان انگريزي اخبار ڊان ۾ صحافت شروع ڪيائين جتان ۲۰۰۸ م رٽائر ٿيو پر پوءِ به ھن ڊان لاءِ لکڻ جاري رکيو ـ وڏي ڄمار ھوندي به ھو ماٺ ڪري ڪونه ويٺو ۽ ايتري قدر جو گھر ۾ ھوندي به ھُو ڪم ڪندو رھيو ـ شيخ عزيز جا ڪيترا ئي تحقيقي مقالا ۽ ڪتاب ڇپيل آھن جن ۾ پوليٽيڪل ھسٽري آف پاڪستان Political History of Pakistan اِلسٽرٽيڊ ھسٽاريڪل اٽلس آف سومرا ڪنگڊم آف سنڌIllustrated Historical Atlas of Soomra Kingdom of Sindh ڀُٽو- ميمائرس اينڊ رميمبرنسBhutto – Memoirs and Remembrance ، ھسٽري آف سنڌي لٽريچرHistory of Sindhi Literature ۽ دي اوريجن اينڊ اِوولوشن آف سنڌي ميوزڪThe Origin and Evolution of Sindhi Music شامل آھن. صحافتي دنياط ۾ سندس قدآور شخصيت ھجڻ ڪري کيس اھو اعزاز به حاصل رھيو ته ۱۹۹۸ کان ۲۰۰۴ تائين کيس آل پاڪستان نيوزپيپرس سوسائٽي (اي پي اين ايس) جي جج طور طور به مقرر ڪيو ويو جڏھن ته حياتيءَ جي آخري ورھين ۾ ھن سنڌي ادبي بورڊ جي وائيس چيئرمن جو عھدو به سنڀاليو ـ شيخ عزيز پنھنجي سنگت ۾ اينسائڪلوپيڊيا طور مشھور ھو ـ ڪھڙو به موضوع ھجي، وٽس ڄاڻ جو خزانو ھوندو ھو. مٿي ذڪر ڪيل سندس ڪتاب ته آڱرين تي ڳڻڻ جيترا آھن، پر جيڪڏھن ڊان توڙي ٻين اخبارن ۾ ڇپيل مختلف شخصيتن تي لکيل خاڪن، ملڪي ۽ عالمي صورتحال توڙي ادب ۽ ثقافت تي مضمون گڏ ڪري ڇپرايا وڃن ته ڪيترائي ڪتاب تيار ٿي ويندا. شيخ عزيز پنھنجي حياتيءَ جي آخري ڪجھ ورھين ۾ نھايت ئي اھم ڪم شروع ڪيو ھو ۽ اھو ھو پاڪستان جي سياسي تاريخ تي ڊان ۾ سندس مضمون جيڪي ھُو A leaf From History جي عنوان سان لکندو ھو. انھن مضمونن ۾ صدر غلام اسحاق خان ھٿان محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت جو خاتمو، پاڪستان ۽ دولتِ مشترڪه، بينظير ڀٽو حڪومت خلاف سازشون، وفاقي شريعت عدالت پاران زرعي سُڌارن کي غير اسلامي قرار ڏيڻ، سنڌ ۾ نسلي فساد، سياچن تڪرار، اڳوڻي آءِ ايس آءِ سربراھه حميد گل جون سياسي سرگرميون، بينظير حڪومت کي ڊاھڻ ۾ حميد گل ۽ اسلامي جمھوري اتحاد جو ڪردار، پاڪستان جو ائٽمي پروگرام، سياست ۾ ڪوڙ، بينظير حڪومت دوران سينيٽ ۾ پ پ پ جي شڪست، جھاز جي حادثي ۾ آمر جنرل ضياءَ جي موت بعد ملڪ جي صورتحال ۾ آيل تبديليون، انھيءَ کان اڳ ۱۹۸۵ ۾ جنرل ضياءَ جون ڪرايل غيرسياسي چونڊون، محمد خان جوڻيجي جو وزيراعظم ٿيڻ ۽ پوءِ ضياءَ ھٿان ئي برطرف ٿيڻ، اوجھڙي ڪئمپ وارا ڌماڪا، ملڪ ۾ ٺھندڙ سياسي اتحادن پٺيان لڪل ڪھاڻيون ۽ اھڙا ٻيا انيڪ موضوع شامل آھن جن کي پڙھڻ سان معلوم ٿيندو ته ملڪ جي سياسي حالتن ۽ انھن پٺيان لڪل عوامل تي شيخ عزيز جي ڪيتري ڳُوڙھي نظر ھئي. منھنجي خيال ۾ پاڪستان جي سياسي تاريخ تي جيترو ڳُوڙھي نظر سان شيخ عزيز لکيو آھي، شايد ئي ٻئي ڪنھن لکيو ھجي. جيڪڏھن سندس اھي تحريرون ڪتابي شڪل ۾ اچي وڃن ته ھڪ وڏو اھم تاريخي دستاويز ثابت ٿيندو جيڪو موجوده توڙي ايندڙ وقت جي سياست جي شاگردن لاءِ مطالعي جوڳو ھوندو. شيخ عزيز سان منھنجي آخري ملاقات ڪجھه مھينا اڳ اسان جي ھڪ ٻئي دوست يوسف شاھين جي آفيس ۾ ٿي ھئي جتي ھو ڪڏھن ڪڏھن ساڻس ڪچھريءَ لاءِ ايندو ھو. ڪنھن کي ڪھڙي خبر ته تاريخ جا پنا لکندي لکندي شيخ عزيز پاڻ به تاريخ جو ھڪ پنو ٿي ويندو ۽ پوئتي ھڪ وڏو خال ڇڏي ويندو. شيخ عزيز هڪ بيباڪ قلمڪار درِشھوار مرزا ويجھي ماضيءَ ۾ سنڌي صحافت جيڪي ذھين شخصيتون پيدا ڪيون، ناميارو صحافي، قلمڪار ۽ گھڻ رخي شخصيت جو مالڪ، شيخ عزيز انھن ۾ نمايان حيثيت رکي ٿو. پاڻ ٽنڊو آغا علي آباد حيدرآباد ۾ ماني مڇي واري تعليم يافته خاندان ۾ جنم ورتو. ھڪ اھڙي گھر ۾ جتي وڏي ڀاءُ جي صورت ۾ ھڪ پاسي ادب ۽ سنڌي آّثار قديمه جي ماھر شيخ محمد اسماعيل جي تربيت ته ٻي پاسي، سندن ٻيو ڀاءُ شيخ محمد ابراھيم ريڊيو پاڪستان تي پروڊيوسر ھئا. اھڙي ئي تربيت سبب شيخ عزيز ادب ۽ صحافت ۾ به نالو ڪڍيو. ننڊي ڄمار ۾ ئي نه فقط شيخ عزيز صاحب جو لاڙو صحافت ڏانھن ھئو پر گڏو گڏ سنڌ جي تاريخ، ننڍي کنڊ جي موسيقي ڊراما، ٿيٽر ۽ شاھڪار ڪلاسيڪل ادب سان والھانه لڳاءُ پيدا ٿي ويو. شيخ عزيز صاحب اڃان نو عمرئي ھئا، ته لکڻ پڙھڻ جي شوق سبب کين ان وقت جي سڀ کان وڏي اخبار روزاني”عبرت“ ۾ شموليت جو موقعو ملي ويو. ھي اھو دور ھو جڏھن سنڌ جي صحافت ۾ ھن اخبار جي ڀل ڀلان ھئي ۽ ان جا مالڪ قاضي محمد اڪبر ۽ قاضي عبدالمجيد عابد جھڙا ناميار انسان ھئا، اخبار جو ايڊيٽر شيخ علي محمد صاحب ھئا، شيخ غزيز صاحب ان اخبار ۾ سب ايڊيٽر ۽ پوءِ اسسٽنٽ ايڊيٽر طور خدمتون سر انجام ڏنيون. پاڻ ڇا ڪاڻ ته نوجوان، نئين ذھن جا مالڪ ۽ دنيا جي جديد اخبار نويسي جو گھرو مطالعو ڪندڙ ھئا ان ڪري نھايت جلد سنڌ ۾ جديد طرز جي صحافت متعارف ڪرائڻ ۾ پاڻ ملھائيندا رھيا. ان دوران ستر واري ڏھاڪي ۾ قاضي محمد اڪبر ۽ قاضي سليم اڪبر، گاڏي کاته حيدرآباد مان ”سنڌ نيوز“ اخبار جاري ڪئي ته شيخ عزيز کي ان جو ايڊيٽر مقرر ڪيوويو، شيخ عزيز صاحب نھايت ٿوري وقت اندر پنھجي جونيئر ساٿين سھيل سانگيءَ ۽ امداد چانڊيي جي محنتن سان ھن اخبار کي سڄي سنڌ ۾ مقبول اخبار بنايو. پاڻ ان اخبار ۾ لاءِ فقط وقتائتا اداريه لکيا، پر سنڌ جي ادبي ۽ ثقافتي ادارن ۽ تاريخي ماڳن جي بچاءَ لاءِ به زبردست آواز اٿاريندا رھيا، ھي دور دنيا ۾ جديد صحافت جو دور ٿي اڀري رھيو ھئو ۽ صحافت جي فروغ لاءِ پنجاب ۽ ڪراچي يونيورسٽي ۾ صحافت جي سلسلي جا شعبه قائم ٿي چڪا ھئا، ھن جو مقصد ھئو ته نوجوانن کي عملي صحافت سان گڏ جديد صحافت جا آداب به پڙھايا وڃن. ان ڏس ۾ شيخ عزيز سنڌ جو اھو پھريون سڄاڻ صحافي ثابت ٿيو جنھن سنڌ ۽ صحافت سان دلچسپي رکندڙ يونيورسٽي جي شاگردن لاءِ ڪتاب تحرير ڪيو. جڏهن ۱۹۷۸ ڌاري سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو ۾ صحافت جو شعبو قائم ڪيو ويو ته ان جي لاءِ خان محمد پنھور کي شعبي جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو ۽ شيخ عزيز صاحب سنڌ يونيورسٽي اخبار لاءِ خدمتون سر انجام ڏيڻ سان گڏوگڏ ھن شعبي لاءِ وزيٽنگ پروفيسر جون خدمتون سر انجام ڏيندا رھيا. ۱۹۷۸ ڌاري شروع ٿيندڙ ان شعبي ۾ ھي به سندن ئي تربيت جو اثر ھئو جو سنڌ کي جيڪي تربيت يافته صحافي ۽ براڊ ڪاسٽر ۽ انفرميشن آفيسر ميسر ٿيا انھن ۾ ڪجھ نمايان نالا آھن؛ آغا رفيق، سريش ماکيجاڻي، آفتاب پٺاڻ، محترما رعنا ٽالپر ۽ نصير مرزا شيخ عزيز صاحب جي تربيت ھيٺ رھي چڱو نالو ڪڍيو، سنڌ نيوز اخبار جي بند ٿيڻ بعد شيخ عزيز صاحب ڪراچي شفٽ ٿيا ۽ روزاني جنگ اخبار جي ثقافت صفحي ۽ پوءِ مڊويڪ جنگ ميگزين جا انچارج ٿيا. اتي سندن وڏي ۾ وڏو ڪارنامو اھو ظاھر ٿيو ته پاڻ پھريون ڀيرو اردو ۾ سنڌ جي ثقافت، لوڪ ڪھاڻين، سنڌ جي موسيقي ۽ فنڪارن جي باري ۾ زبردست مضمون ۽ فيچر لکيا. سندن اھي سڀ تحريرون ڪنھن ڪتاب ۾ مرتب ٿيڻ لاءِ اڃا منتظر آھي. جنگ اخبار کان پوءِ شيخ صاحب روزاني ڊان اخبار سان وابسته ٿيا ۽ سنڌي، اردو کان پوءِ انگريزي صحافت ۾ به پنھجو پاڻ مڃرايائون ان اخبار لاءِ سندن وڏو ڪم ھو به ھئو ته پاڻ سنڌ جي تاريخ بابت شاندار مضمون لکيا، گڏوگڏ سنڌ جي نامور علمي ادبي ۽ فني شخصيتن جا خاڪ انگريزي ۾ لکيا، ان کان پھرين ڪنھن به سنڌي صحافي اھڙي خدمت نه ڪئي ھئي. شيخ صاحب جي بي بھا علمي ادبي ۽ صحافت لاءِ ڪيل خدمتن آڌار، کين ڪجھ وقت لاءِ سنڌي ادبي بورڊ اداري ۾ وائيس چيئرمين مقرر ڪيو ويو. پاڻ ويجھي ماضيءَ ۾ سنڌي ادب جي تاريخ انگريزي لکي چڪا آھن زندگيءَ ۾ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جو سيئر ڪري چڪا آھن، سڀ کان اول ته پاڻ لنڊن ويا جتان ۱۹۶۵ ڌاري پاڻ جرنلزم جي سنڌ حاصل ڪيائون. پاڻ ڀارت، سعودي عرب، آمريڪا، جاپان، ٿائيلينڊ، سنگاپور، سريلنڪا، ڪوريا، جرمني، فرانس، ايران، عراق ملڪ گھمي چڪا آھن. روس جي سياحت بعد، شاندار سفرنامو لکيائون. “مون لينن جو ڏيھه ڏٺو” شيخ عزيز صاحب بلاشبه سنڌ جي اھڙي معتبر ۽ نامور ھستي آھن. جن جي ذڪر کان سنڌي صحافت جي تاريخ اڌوري ھوندي. شيخ عزيز ڪڏهن به نه وسرندو حميده گهانگهرو اهي ماڻهو جن جو حوصلو هماليا کان به اوچو پهاڙ کان به مضبوط ڪارونجهر جي قيمتي هيرن وانگر سندن سوچ فڪر ۾ ادبي سرمايو سانڍيل هو، انهيءَ اهم قطار مان هڪ هو شيخ عزيز. شيخ عزيز ڪير نه سڃاڻي ۽ جيڪڏهن ڪير اهو چوي ته شيخ صاحب کي نه سڃاڻيون ته سمجهو انهن صحافت، ادب، آرٽ جي سڃاڻپ کان انڪار ڪيو. شيخ عزيز صحافت جو سرمايو آهي، جنهن پنهنجي صحافتي زندگيءَ ۾ پنهنجي فرض ادا ڪرڻ کان سواءِ ڪيترن صحافين کي آگاهي ڏني ۽ لکڻ جي فن ۾ ماهر ڪيو. شيخ عزيز بغير موڪلاڻيءَ جي وڇڙي ويو ڪن انسانن جي وڇوڙي جي اچانڪ خبر پوي ته موت کي به ميار ڏيڻ تي دل چوندي. اي موت تون ايڏو جلد ڇو آئين، ڪن ماڻهن جون زندگيون اهڙيون قيمتي هونديون آهن جن جي جيئڻ لاءِ هميشه دعائون گهربيون، شيخ عزيز به انهن مان هڪ هو. صحافت، علم، ادب، آرٽ سڀني جو سنگم. شيخ عزيز پهريون دفعو ڏسو ته بلڪل نه محسوس ٿيندو ته هي ماڻهو ايڏو نرم نازڪ ۽ دل ۾ ٻين جي محبتن جذبن کي سانڍڻ وارو سچو کرو بيباڪ صحافي اديب، دانشور ۽ سڀ کان وڌيڪ نظرياتي سوچ جو ارڏو انسان، ڪڏهن به آڻ نه مڃڻ بلڪل صاف گو مصلحت ۽ خود پسنديءَ کان هزارين ميل ڏور رهڻ وارو، محفل جي مجموعي ۾ خوش رهڻ پسند ڪندو هو. هي تمام حساس دل به هو . مون کي ياد آهي نذير عباسي سان شادي ٿئي پئي، نذير هول ٽائمر ڪامريڊ هئو، هن وٽ سامان وٺڻ لاءِ پئسا نه هئا ۽ سهيل سانگي، شيخ عزيز، قاضي سليم ريشم گلي وٺي وڃي ڪجهه پائڻ جا ڪپڙا سامان ۽ بيگ وٺي نذير کي ڏني ته کڻي وڃ، هو ڪامريڊ به هو ته ڪامريڊن جو خيال به ڪندو هو. سندس صحافتي سفر ته عبرت اخبار کان شروع ٿيو، پر جڏهن سنڌ نيوز شايع ٿيڻ لڳي ته سندس صحافتي ڪردار ڪافي نکرجي سامهون آيو ۽ خاص طور سنڌي پڙهندڙ سندس لکڻين کي ساراهيندا هئا. ايڊيٽوريل پڙهڻ جهڙا هئا، سندس لکڻين جي ڏات دل کي ڇهي ڄڻ ماڻهوءَ جي حساس جذبن سان ڳالهائيندو هو، سنڌ نيوز اخبار شروع ٿيڻ کان اڳ سنڌ نيوز جي ٽيم قاضي سليم، شيخ عزيز، سهيل سانگي پوري سنڌ جو دورو ڪيو، ماڻهن کي آگاهي ڏيڻ لاءِ ڪچهريون ڪيون. اخبارن جو معيار تمام بلند ٿيڻ لڳو، قاضي سليم ۽ شيخ عزيز سهيل سانگيءَ کان دير سان واندا ٿي اسان جي گهر آيا، امان کي چيائون ته ڪامريڊ جي گهر واري امڙ جي هٿ جي چانهن پيئنداسون. سيءُ به تمام گهڻو هو، پنهنجائپ وارو خلوص ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي. سنڌ نيوز جي اعزازي ڪاپي اسان جي گهر ايندي هئي ۽ اسين سڀ ڀينر ڀائر ڏاڍي شوق سان پڙهندا هئاسين. سال ۱۹۷۵ع ۾ ڪاليج جي مطالبي ۽ احتجاج دوران هاءِ اسڪول جا شاگرد گرفتار ڪيا ويا جن ۾ مان ادي زبيده ۽ منهنجو بابا به انهيءَ ڏوهه ۾ گرفتار ڪيا وياسين ته ڪاليج لاءِ احتجاج ڇو ڪيو. بابا کي نواب شاهه جيل ۽ اسان ٻنهي ڀينرن کي نارا جيل ۾ رکيو ويو. بيگم نسيم ولي خان بيان ڏنو ته ڇا پاڪستان ڪنهن چئن پلرن تي بيٺل آهي جنهن کي اسڪول جون ننڍيون شاگردياڻيون ڪيرائي ڇڏين ها. مون کي ياد آهي ته آزادي کان پوءِ جڏهن اسين حيدرآباد گاڏي کاتي ٽريڊ يونين آفيس آيوسين ته شيخ عزيز صاحب ۽ قاصي سليم خاص طور همت حوصلي تي داد ڏيڻ آيا. قاضي سليم ۽ شيخ عزيز ۾ ڪا وڏائي نه هئي يا وري اهو سوچڻ ته مزدورن جي آفيس ۾ ماني ڪيئن کائون. نذير عباسي، تاج مري مزدور اڳواڻ بشير ڀائي حيدر چوڪ تان پڪوڙا ماني ۽ نهاري گهرائي جيڪا اسان سڀني گڏجي کاڌي ۽ پوءِ قاضي سليم کي سنڌ آبزرور لاءِ ڪجهه تاثرات وٺڻا هئا، ان کان پوءِ جيل جون ڳالهيون ڪندي مون شيخ عزيز صاحب کي ٻڌايو ته ڪنڊيارو شنوائي کان پوءِ ٻيهر نارا جيل وٺي پيا وڃن ته جيل جي ماڙي تي تلاشي ورتي ويندي آهي، مون وٽ شيخ صاحب جو ڪتاب هو، جيل سپرينٽڊنٽ کي اعتراض ٿيو ته توهان جيل اندر هي ڪتاب نٿا کڻي وڃي سگهو. جيلر حئي قريشي هيو، تنهن چيو هي ڳاڙها ڪتاب آهن جيل ۾ اجازت ناهي.مون هڪدم ڪتاب جو ٽائٽل پنو ڦاڙيو جنهن تي ڳاڙهن اکرن ۾ لکيل هو ”مون لينن جو ڏيهه ڏٺو“ ۽ چيو ته هاڻي ته ڳاڙهو ڪتاب ناهي. حئي قريشيءَ کي منهنجي ان سياڻپ ۽ جرئت تي حيراني ٿي ۽ هلڪي مسڪراهٽ ۾ چيائين خير آ هاڻي ڦاٽل پراڻو ڪتاب ٿي ويو. در اصل آزاد ٿيڻ کان پوءِ خبر پئي ته حيي قريشي ڪنهن زماني ۾ شاگرد يونين ۾ به رهيو هو. بهرحال هنن جي نظر ۾ هي ڦاٽل ڪتاب جيل ۾اسان جي ٽٽندڙ اعتماد ۽ مايوسي کان بچائڻ لاءِ ڏاڍو قيمتي ۽ ڪارگر ثابت ٿيو، ڇاڪاڻ جو هن ۾ ۱۹۱۷ع بالشويڪ انقلاب کان پوءِ جون سڄون حقيقي حالتون ۽ منظر هئو. شيخ عزيز صاحب هڪ جاءِ تي لکي ٿو ته مون ڪنهن ڳوٺ ۾ وڃي هارين جي حالتن کي ڏسڻ چاهيو ته ڏاڍي خوشي ٿي اتان جو هاري به بلڪل خوشحال آهي ۽ هر هلائڻ، لاباري جي تڪليف واري صورتحال ناهي بلڪه ٽريڪٽر ۽ ٿريشر استعمال ڪري هاري محنت کي سولو ڪري ڇڏيو آهي. شايد اهو ئي سبب هئو جو اسان وٽ سستي قيمت ۾ روسي ٽريڪٽر ۽ ٿريشر عام وڪامجڻ لڳو پر هتان جي آبهوا جي ڪري شايد هي مشينري ايترو ڪامياب نه وئي. ان کان پوءِ هڪ جاءِ تي لکيو اٿائين ته ”آئون تاشقند گهمڻ ويس ۽ سوچيم ته ڀلا هتي ڪميونسٽ انقلاب آيل آهي، مسلمانن جا ڪهڙا حال هوندا، مون کي مسجدون بلڪل صاف سٿريون خوبصورت نظر آيون، ڪنهن به مذهب جي ڪا توهين ناهي، هر ماڻهو پنهنجي آزاديءَ سان رهي ٿو. ڪامريڊ لينن جو نظريو ڪنهن مذهب جي خلاف ناهي پر طبقاتي فرسوده نظام جي خلاف ۽ انساني بنيادن تي هر ڪنهن کي حق ڏيڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. مان ڏاڍو خوش ٿي مسجد ۾ اندر داخل ٿيس وضو ڪرڻ ويٺس ته نلڪي جي ٽوٽي غائب هئي، خير وري ٻاهر آيس ته دروازي تي ماڻهو شور پيا ڪن. ڪو ماڻهومنهنجي نئين جتي کڻي پراڻي جتي رکي ويو هو. مون سوچيو ته واهه، مسلمان جتي به هوندو حسب عادت نلڪي جي ٽوٽي ۽ جتي چورائڻ واري رسم کان ڪڏهن به نه ڪيٻائيندو“. شيخ صاحب بلڪل سچ ۽ کرو سچ لکيو آهي جنهن جاءِ تي تنقيد هئي تنقيد به ڪئي آهي جنهن جاءِ تي بالشويڪ انقلاب جا سٺا اثر هئا اهي به بيان ڪيا آهن. مون کي حيرت ان ڳالهه تي آهي ته آخر هن ۾ ڳاڙهي ڪتاب واري ڪهڙي نشاني هئي؟ ها جيڪڏهن ڳاڙهي ڪتاب جي نشاندهي هئي ته اهو هڪ انقلابي ڏيهه جي اکين ڏٺل احوال هو، جيڪو اسان جي ملڪ ۾ اڄ ڏينهن تائين هضم نٿو ٿي سگهي. شيخ اياز چيو آهي ”سچ وڏو ڏوهاري آهي“ سو شيخ عزيز جهڙا بي باڪ ڪردار سچ لکڻ کان ڪڏهن به نه ڪيٻائيندا هئا. توڻي جو کڻي انهيءَ ادب تي به ۱۴۴ جو قلم لاڳو ڪري اديب گرفتار ۽ ادب اسٽورن حوالي ڪيو ويندو هو پر اها خبر نه هين ته قلم ۽ سچو اديب ڪڏهن به قيد ناهي ٿيندو. شيخ عزيز به ڪڏهن قلم ۽ سوچ کي قيد ڪرڻ نه ڏنو بلڪه ساهه جي آخري گهڙيءَ تائين سچائي ايمانداري ۽ بيباڪيءَ جي سوچ کي پاڻ وٽ قيد ڪيو، اڄ هو اسان کان وڇڙي ويو آهي پر سندس علمي ڪتابن جو ذخيرو يادن جو در کولي هڪ هڪ کي سڏ ڏينديون ان وقت سڀني کي شيخ عزيز وڇڙيل نه پر محفل جو مور ٿي اڳيان ايندو. اهڙا ماڻهو ڪڏهن به ناهن وڇڙندا جن جي تاريخ قلم سان لکيل هجي. هي ڪنهن هڪ ڏينهن تي ديڳ جو ڀت کارائي ڪٺو ڪري ياد نه ڪيو ويندو پر جڏهن به صحافت، علم، ادب آرٽ، فن جو ذڪر ٿيندو ته شيخ عزيز زنده نظر ايندو. شيخ عزيز جي نانءُ مهتاب اڪبر راشدي ڏاڍو ڏکيو آهي، ڪنهن پنهنجي ويجهي ترين وڇڙيل ويل لاءِ لکڻ، سچ ته هي آهي ته ادا عزيز شيخ تي لکڻ لاءِ دل سان گڏ اکين کي به سمجهائڻو پئي پيو. جتي دل ڀرجي پئي آئي، اتي اکيون لڙڪ هارڻ لاءِ تيار پئي ٿيون. يادگيرين جو هڪ هجوم آهي، جنهن اندر ۾ هڪ آنڌ مانڌ مچائي ڇڏي آهي. حيدرآباد جو مٺڙو شهر ۽ شهر جو مشهور حيدر چوڪ گاڏي کاتي جي دل، ڪنڊ تي اسان جو گهر، جنهن جي ٻي ڪنڊ تي عبرت اخبار ڏانهن ويندڙ گهٽي جنهن جي ڪنڊ تي وري ڪلو پڪوڙائي ويهندو هو، ان جي پڪوڙن جو مٽ ته ڪٿي به ڪو نه لڀيو اٿم، شايد ننڍپڻ يا عمر جي اوائلي دور جا سڀ ذائقا ذهن ۾ دائمي رهجي ويندا آهن، بلڪه ايئن جيئن پراڻا تعلق، سڃاڻپون ۽ دوستيون به وقت گذرڻ سان گهريون ٿينديون وينديون آهن ۽ اهو تعلق اڳتي هلي ٻئي نسل تائين منتقل ٿي ويندو آهي. ادا عزيز سان به اسان جو اهڙو ئي تعلق هو، اندازو ئي ڪو نه ٿيندو هو ته ادي زيب شيخ جو ڀاءُ ادا اسماعيل شيخ جهڙي ٻوليءَ جي ماهر ۽ محقق ۽ ابراهيم شيخ براڊ ڪاسٽر ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي مشهور پروڊيوسر جو ننڍو ڀاءُ ۽ ڪڪي (زمرد) جو مامو عزيز شيخ پاڻ کان عمر ۾ گهڻو گهٽ، مهر، مهتاب ۽ آفتاب سان انهن جي ذهني سطح تائين لهي کين وڏيون وڏيون ڳالهيون سولائيءَ سان ڪيئن سمجهائي ويندو هو؟ صحافت ڇا ٿيندي آهي ۽ ان جا تقاضا ڇا ٿيندا آهن. ان جو پهريون سبق به شايد عزيز شيخ ئي اسان کي پڙهايو هو. سندن گهر جو ماحول محبت جي مٽيءَ سان ڳوهيل هو، ڀينرون ۽ ڀائر، ڌاڳي ۾ پوئيل مڻين وانگر هڪ ٻئي سان جڙهيل هوندا هئا، ماما ڀاڻيجا ۽ ڀاڻيجيون، ڀينرون ۽ ڀائر ۽ ڀاڄايون، هڪ ٻئي سان ڳنڍيا پيا هوندا هئا. سندن سک به گڏ هئا، ڏک به، ڪنهن گهٽ وڌائي جي خبر ته اوڙي پاڙي تائين به نه پڄندي هئي. ها البته اوڙي پاڙي وارا کين پنهنجو سمجهي ٿوري ٿڪي تي مسئلن جي حل لاءِ ڪنهن نه ڪنهن ڀاءُ تائين پهچڻ ۾ دير ئي نه ڪندا هئا ۽ اڳيان به شيخ خاندان انهن جي مسئلي کي پنهنجو سمجهي حل ڪرڻ ۾ جنبي ويندو هو. ادا اسماعيل شيخ ۽ ممتاز مرزا، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سان گڏ تحقيقي ڪم، لغت ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ تي ڪم جي هر مرحلي ۾ هن جا ساٿي رهيا، سندن ساٿ نه رڳو پيشي جي حد تائين هو بلڪ سندن تعلق ڪم کان وٺي خاندانن تائين پهتل هو، جيڪو اڄ به هڪ نسل کان ٻئي ۽ ٽئين تائين منتقل ٿي چڪو آهي. اسان جي گهر ۾ ادي زيب شيخ، جيڪا ان خاندان جي وڏ-ور نياڻي هئي ۽ پنهنجن ڀائرن جي ساٿ سان علمي ۽ ادبي ذوق رکندي هئي، سا سٺ ۽ ستر جي ڏهاڪي ۾ اخبار ۾ عورتن جو صفحو سنڀاليندي هئي. اسان جي گهر ۾ سڀ کان وڌ اچڻ وڃڻ، ادي زيب، ڪڪي (زمرد) ۽ ادا عزيز شيخ جو ئي ٿيندو هيو. منهنجو مٺڙو ڀاءُ آفتاب اسان جي ته اکين جو ٺار هوندو ئي هو پر ادا عزيز شيخ جو به دل گهريو هو، بلڪل پنهنجي اولاد وانگر، آفتاب جي بي وقت وڇوڙي تي هو ڪيترو دل گرفتار هو، تنهن جو احوال حميده (ادا عزيز جي گهرواري) اڄ به ٻڌائيندي روئي پوندي آهي. مان ادا عزيز شيخ جون ڳالهيون ڪندي پنهنجي ذاتي تعلق ۾ هن جي پيشيوراڻي مهارت کي وسارڻ نه چاهيندس. شيخ عزيز بلاشبه سنڌي صحافت جو وڏو بلڪه صف اول ۾ رکڻ جهڙو نالو آهي، هن جي پنهنجي پيشي سان محبت ۽ ان ۾ مهارت حاصل ڪرڻ جا پنهنجا پيمانا وضح ڪيل هئا، سهيل سانگيءَ جهڙو سينيئر صحافي به شيخ عزيز کي پنهنجو رول ماڊل تصور ڪري ٿو. هو ان کي چنڊ آڱرين تي ڳڻڻ جهڙن اهڙن صحافين ۾ شمار ٿو ڪري، جيڪي پنهنجي دور ۾ دنيا ۾ رائج جديد صحافتي رجحانن کان مڪمل واقفيت رکندو هو. صحافت هن لاءِ رڳو ڊيسڪ تي ويهي رپورٽون ۽ ايڊيٽوريل لکڻ جو نانءُ ڪو نه هو، بلڪ هن جو چوڻ اهو هو ته ”هڪ سٺي صحافيءَ لاءِ (ان وقت جي ضرورت مطابق) هٿ سان اکر جوڙڻ ”پليٽ ٺاهڻ“ ۽ فلم ٺاهڻ جي طريقي ڪار کان واقفيت تمام ضروري هئي، ڇو ته ان زماني ۾ اڃا پري پري تائين ڪمپيوٽر جو نالو نشان ئي ڪو نه هو ۽ اخبارون مٿي ٻڌايل طريقي ڪار ڄاڻڻ سان ئي ڇپائيءَ جي مرحلن مان گذرنديون هيون. هن وٽ صحافت جي ڊگري ته ڪو نه هئي پر سنڌ يونيورسٽي ۾ جڏهن ”ماس ڪميونيڪيشن“ جو شعبو کليو ته اتي شيخ عزيز ”مهمان استاد“ طور ليڪچر ڏيندو رهيو. اهو ۱۹۷۰ع وارو ڏهاڪو هو ۽ ان ئي زماني ۾ هن صحافت تي هڪ ڪتاب لکيو جيڪو هنن جي نصاب ۾ اڄ به شامل آهي. شيخ عزيز وٽ رڳو اخبارن ۾ ڪم ڪرڻ جو ذاتي تجربو ئي نه هو بلڪه هن ۱۹۶۸ع ۾ لنڊن جي ٿامسن ڪاليج آف جرنلزم مان صحافت جي ڊپلوما به حاصل ڪئي هئي. زندگيءَ جو هڪ وڏو عرصو هن حيدرآباد ۾ گذاريو، اٽڪل ٽيهه سال هن سنڌي صحافت کي ڏنا، عبرت اخبار ۾ هن گهڻو عرصو صرف ڪيو، اتي هن جا نائب ۽ هن جي سرپرستي ۾ ڪم ڪرڻ وارا اڄ ”سينيئر صحافي“ بڻجي چڪا آهن. هن جو مزاج ارڏو ضرور هو پر اوترو ئي هو سڀني جو مددگار به هو، ڪم سيکارڻ ۽ راهه ڏيکارڻ ۾ دل جو ڪشادو ۽ هر وقت مدد ڪرڻ لاءِ تيار، عجيب ڳالهه هئي ته هن جو شوق رڳو صحافت تائين ته محدود هيو ئي نه. هو سنڌ جي انهن عاشقن مان هو جيڪي سنڌ.. سنڌ جا نعرا هڻڻ بجاءِ عملي ڪم ڪرڻ ۾ يقين رکندو هو. هن جي ڄاڻ رڳو صحافت سان لاڳاپيل نه هئي پر هن جي سوچ ۽ شوق جي اڏام سنڌ، پاڪستان ۽ بين الاقوامي معاملن تائين پهتل هئي. سنڌ ۾ ٿيندڙ هر ميلي ۾ وڃڻ ۽ ملاکڙي ڏسڻ جو شوق هو. ملهه جا داءَ پيچ ته ڪو شيخ عزيز کان پڇي. ملهه وڙهندڙ ڪهڙو پهلوان مشهور آهي ۽ ڇو آهي ان جا سبب به ادا عزيز کي معلوم هئا، هن جا انداز ڪي ورلي ئي صحيح نه نڪرندا هوندا، سنڌ جي پراڻن ۽ اصلوڪن سازن متعلق معلومات جو به هن وٽ وڏو ذخيرو هو. هن سال ئي جون، جولاءِ ڌاري مون کي فون تي ٻڌايائين ته سنڌ جي سازن متعلق هڪ ڪتاب لکيو اٿم، ان جو ڇا ڪجي؟ مون کيس چيو ته ڪنهن سان ڳالهايان ٿي. ادا مدد علي سنڌي ان سلسلي ۾ مدد ڪئي ۽ مهرباني ڪري ادا عزيز شيخ جي گهر وڃي کانئس مسودو وٺي آيو. ڇو ته ان مهل حڪومت جو مدو پورو پئي ٿيو ان ڪري ڪتاب ته ڇپجي نه سگهين. اميد اٿم ته ثقافت کاتو، شيخ عزيز کي مان ڏيندي اهو ڪتاب ضرور ڇپرائيندو. شيخ عزيز جي دسترس رڳو سنڌ سان متعلق معاملن تي ئي نه هئي پر پاڪستان جي تاريخ ۽ سياست ۽ بين الاقوامي معاملات ئي به هن جي گهري نظر هئي اسان وٽ اهڙي قابليت ۽ اهليت رکندڙ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ئي رهجي ويا آهن. سنڌي اخبارن ۽ صحافت سان سلهاڙيل صحافي ته پنهنجي ئي برادريءَ کان بمشڪل داد وصول ڪري سگهندا آهن، ڇو ته اڄ ڪلهه صحافي ٿيڻ بنهه سولو آهي ۽ اهڙن صحافين لاءِ صحافتي آداب، قدر ۽ عام هئڻ ضروري نه ٿو سمجهيو وڃي.شيخ عزيز جي سامهون پنهنجي اڳئين نسل جا باوقار صحافي به هئا ته سندس هم عصر پڻ. هن سڀني جي تجربن مان به سکيو ۽ پاڻ پورهيو ڪري پنهنجي ايندڙ نسل لاءِ هڪ مثال بڻجي ويو. سياسي معاملن تي هن جا متوازن تجزين ۽ اڻ ڌري صحافت جي پيڙهه وڌي، پاڪستان جي سياسي تاريخ تي سندس ٻن جلدن تي مشتمل ڪتاب ”تقسيم کان تقسيم تائين“ کي اسان جي ملڪي تاريخ جو انتهائي مستند ڪتاب چئي سگهجي ٿو. ان ڪتاب جي پهرين جلد جي مهاڳ ۾ شيخ صاحب انهن ڳالهين کي به واضح ڪيو آهي. جيڪي پاڪستان جي تاريخ کي اڻ ڌريو، ايماندارانه طريقي سان لکڻ ۾ رڪاوٽ بڻيا رهيا. هن جي خيال مطابق ”تاريخ نويسيءَ جي جديد نظريي جهڙيءَ طرح قومن ۾ شعور پيدا ڪيو آهي، سو اسان ۾ ناپيد آهي، اسان اڃا تائين بادشاهن جي فتوحات جي ڳالهين کي پڙهي پاڻ کي تاريخ جا شاگرد چورايون ٿا، يا وري چچ نامي جهڙي ڪتاب کي تاريخ جو هڪ وڏو ماخذ سمجهي ان کي ساراهڻ ۾ لڳا پيا آهيون. اسان جا ڏاها مورخ اڃا تائين سنڌ جي ڪا مستند تاريخ مرتب ڪري نه سگهيا آهيون. سنڌ ڇا پوري ملڪ جا تاريخي ماخذات اڃا تائين مستشرقين جي حوالن تي رکيا ويٺا آهن. حد ته اها آهي ته سنڌيءَ جي صوتيات تي تحقيق ڪرڻ لاءِ اسان کي يورپي ۽ آمريڪي اسڪالرس جي رهنمائي وٺڻي ٿي پئي“. شيخ عزيز صاحب جو هي ڪتاب پاڪستان جي وجود کان وٺي مشرقي پاڪستان جي ”بنگلا ديش ٿي وڃڻ تائين جو هڪ اهم دستاويز آهي، جنهن ۾ اهي سڀئي محرڪات درج آهن، جن جي ڪري هي ملڪ نه حقيقي جمهوريت کان آشنا ٿي سگهيو ۽ نه ئي وري ملڪ سان محبت ڪرڻ وارا بي لوث عناصر ان جي سياست ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي سگهيا. شيخ عزيز کي خون ۾ ذهانت سان گڏ محنت جي سُتي به پيل هئي، هن کي هو پنهنجي پيشي سان جنون جي حد تائين عشق هو، ان ۾ وري سندس مطالعي جي ذوق وڌيڪ گهرائي ۽ مستند معلومات قلمبند ڪرڻ جي سگهه پيدا ڪئي ان کان علاوه سنڌيءَ سان گڏوگڏ اردو ۽ انگريزي زبانن تي عبور مٿس سنڌي کان علاوه اردو ۽ انگريزي اخبارن جا دروازا به کولي ڇڏيا. پنهنجي صحافي زندگي جو سفر حيدرآباد کان شروع ڪرڻ واري شيخ عزيز ۱۹۵۷ع کان وٺي ۱۹۸۰ع تائين انهي ٿڌڙين هوائن واري شهر کي ارپيا ۽ پوءِ جڏهن سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ آيو ته روزناما ”جنگ“ جي ميگزين کي به سنواريائين ته ۱۹۸۷ع ۾ ”حريت“ جي نيوز ايڊيٽر طور به ڪم ڪيائين. ۱۹۹۰ع ڌاري انگريزي اخبار ”ڊان“ ۾ سب ايڊيٽر ٿيو ۽ ۲۰۰۸ع ۾ اتان ايڊيشن انچارج طور رٽائر ٿيو. ڊان اخبار ۾ هن جا سنڌ جي معتبر ماڻهن تي لکيل خاڪا، نهايت مستند ۽ ادبي تاريخي اهميت جا حامل آهن. ۲۰۰۸ع کان ۲۰۱۱ع تائين شيخ صاحب سنڌي ادبي بورڊ ۾ وائيس چيئرمين طور به ڪم ڪيو، اهو منصب شايد سندس پيشه وراڻا زندگيءَ جو آخري منصب هو. هن جي صحافتي خدمتن جي حوالي سان سندس خدمتن جي اعتراف طور ۲۰۰۱ع ۾ هن کي ترقي پسند ادبي ايوارڊ سان نوازيو ويو. ۲۰۰۰ع ۾ صحافت ۾ ايڪسلنس ايوارڊ به کيس ڏنو ويو. هو حيدرآباد پريس ڪلب جو ۱۹۶۳ع کان ۱۹۶۶ع تائين صدر پڻ رهيو، ۱۹۷۴ع ۾ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي صدارت به ماڻيائين. هن جي قلم مان ڪيترائي ڪتاب تحرير ٿيا آهن، جن مان ڪجهه هي آهن، پوليٽيڪل هسٽري آف پاڪستان. ڀٽو ميمورائيس اينڊ رميمبرينسز. سنڌي ادب جي تاريخ ۽ سنڌي موسيقي جي ابتدا ۽ ارتقا. سندس لکيل ڪتابن جي عنوان مان ئي توهان کي اندازو ٿي ويو هوندو ته هو متنوع موضوعات تي طبع آزمائي ڪندو رهيو آهي. اسان ان کي رڳو صحافت تائين محدود نه ٿا رکي سگهون. تاريخ، ادب، موسيقي، ثقافت، سياست ۽ صحافت هن جا موضوع رهيا آهن، اسان هن کي سندس من گهرئي پيشي صحافت جو ناميارو ۽ صف اول جو صحافي تسليم ڪندي، کيس مورخ ۽ ناميارو اديب تسليم ڪرڻ کان به انڪار نه ٿا ڪري سگهون. پنهنجي ٻن لائق پٽن طارق ۽ خرم ۽ قابل نياڻين ڊاڪٽر شهلا ۽ منيزه جو ناميارو پيءُ ان لحاظ کان خوش قسمت هو ته هن خوددار شخص ڏاڍي عزت ۽ مان سان پنهنجي اولاد کي اعليٰ تعليم يافتا ٿيندي ۽ سٺا عهدا ماڻيندي ۽ خوشگوار ازدواجي زندگي گذاريندي اکين سان ڏٺو، سندس بيماريءَ ۾ سندس خاندان پاران ثقافت کاتي کي ”سار نه لهڻ“ جو ڏوراپو به نه ڏنو ويو. هو جيتري وڏي انا وارو خوددار، باعزت ۽ معتبر ماڻهو هو ۽ اوترو ئي شان مان سان هيءَ دنيا به ڇڏيائين ۽ ساڳي طرح عزت ۽ شان سان پنهنجي سادي پر شاندار زندگي به گذاريائين. سندس شادي به ياد اٿم، جڏهن هڪ ڀولي ڀالي گهٽ عمر واري متوسط گهراڻي جي ڇوڪري حميده سندس زندگي ۾ آئي، جنهن کي هن اڳتي پڙهڻ لاءِ همٿايو ۽ هوءَ سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪري ڪراچيءَ جي هڪ ڪاليج مان پروفيسر ٿي رٽائر ٿي. حميده جو شيخ عزيز جهڙي ارڏي شخص سان زندگي گذارڻ، سندس ٻارن کي سٺي تربيت ڏيڻ، سندس خاندان ۽ دوستن سان ناتا رکڻ ۽ نڀائڻ وري هڪ ٻي ڪهاڻي آهي. حميده ته ادا عزيز تي بس اڪن ڇڪن ۽ گهور ويندي رهي آهي. عشق ڇا ٿيندو آهي ۽ ڏکين حالتن ۾ محبوب سان هم قدم ٿي زندگي ڪيئن گذاربي آهي، حميده عزيز شيخ ان جو جيئرو جاڳندو مثال آهي، اهو ئي سبب آهي جو ادا عزيز پنهنجي ڪتاب ”تقسيم کان تقسيم تائين“ جو انتساب سندس نالي ڪندي لکيو آهي ”حميده جي نالي جنهن مون جهڙي اڻ گهڙيي ڪاٺ مان مجسمو ٺاهڻ لاءِ سڄي ڄمار ڳاري ڇڏي“ حميده لاءِ ته باقي زندگيءَ جو سفر اڻانگو ٿيندو پر منهنجو ارڏو البيلو ۽ مٺڙو ادا عزيز شيخ پنهنجو وارو وڄائي ويو. منهنجي ڀاءُ آفتاب کي هنج ۾ ويهاري آڱر پڪڙي هلائڻ ۽ عبرت اخبار جي دفتر ۾ ادا جاني (پير مظهر) سان ڪچهريون ڪندي کيس زندگيءَ جي لاهين چاڙهين کان واقف ڪندو رهيو. آفتاب جي دنيا مان اوچتو لڏي وڃڻ تي هو به اوترو ئي لڇيو هيو جيترو اسان پئي تڙپياسين. پر زندگي اهائي آهي، آخر فنا! ۽ پوئتي رهجي وڃڻ وارن لاءِ بس... جدائي، امتحان ۽ آزمائش! ادا عزيز توهان وڇڙي ته ويا آهيو پر ياد ڏاڍا ايندئو. شيخ عزيز پروفائيل طارق عزيز شيخ پورو نالو، عبدالعزيز شيخ ادبي نالو، شيخ عزيز ولادت جي تاريخ، ۹ ڊسمبر ۱۹۳۸ع، گاڏي کاتو، حيدرآباد ابتدائي تعليم، حيدرآباد جي سرڪاري اسڪولن مان پرائي، صحافتي ذميواري نڀائيندي لنڊن جي نامياري صحافتي اداري ٿامس ڪاليج آف جرنلزم مان ۱۹۶۸ع ۾ صحافت ۾ گريجوئيشن ڪيائين. صحافتي سفر جي شروعات، ۱۹۵۷ع کان روزانه “ڪاروان” حيدرآباد مان سب ايڊيٽر طور ڪئي. روزانه عبرت حيدرآباد، سب ايڊيٽر، ۱۹۵۸ع کان ۱۹۶۱ روزانه عبرت حيدرآباد، سينيئر سب ايڊيٽر، ۱۹۶۱ع کان ۱۹۶۵ع روزانه عبرت حيدرآباد، اسسٽنٽ ايڊيٽر، ۱۹۶۵ع کان ۱۹۷۵ع روزانه عبرت حيدرآباد، اسسثنٽ ايڊيٽر ۽ ميگزين ايڊيٽر، ۱۹۶۶ع کان ۱۹۷۶ع هفتيوار سنڌ آبزرور (انگريزي)، حيدرآباد، ايڊيٽر، ۱۹۷۶ع کان ۱۹۸۰ع روزانه سنڌ نيوز، حيدرآباد، ايڊيٽر، ۱۹۷۷ع کان ۱۹۸۰ع روزانه جنگ (اردو) ڪراچي، اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ ميگزين ايڊيٽر، ۱۹۸۰ع کان ۱۹۸۲ع روزانه حريت(اردو) ڪراچي، ميگزين ايڊيٽر، ۱۹۸۲ع کان ۱۹۸۷ع روزانه حريت(اردو) ڪراچي، نيوز ايڊيٽر، ۱۹۸۷ع کان ۱۹۸۹ع روزانه ڊان(انگريزي) ڪراچي، سينيئرسب ايڊيٽر، ۱۹۸۹ع کان ۱۹۹۰ع روزانه ڊان(انگريزي) ڪراچي، ايڊيشن انچارج ۽ نائيٽ ايڊيٽر، ۱۹۸۹ع کان ۲۰۰۸ع سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، وائس چئرمين، ۲۰۰۸ع کان ۲۰۱۰ع سنڌي، انگريزي ۽ اردو ۾ ٽي هزار کان وڌيڪ آرٽيڪلز لکيا، جيڪي سياسي، سماجي، ثقافتي، تاريخي، موسيقي، ادبي ۽ حالات حاضره جي موضوعن تي آهن. سندس هڪ مقالو “عالمي غلامي” جي عنوان سان سال ۲۰۰۳ع ۾ جوهانسبرگ ۾ ٿيل عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي شايع ٿيو جيڪو بعد ۾ اقوام متحده پنهنجي سرڪاري رڪارڊ جو حصو بنائي ڇڏيو. سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ جرنلزم ڊپارٽمينٽ ۾ ۱۹۷۸ع کان ۱۹۸۰ع تائين وزٽنگ پروفيسر رهيو. تحقيق جي حوالي سان شاھ عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽي پاران ۱۹۹۳ع ۾ “تحقيق جو طريقه ڪار” جي موضوع تي ورڪشاپ ۾ “تحقيق ڪيئن ڪجي” جي عنوان تي ليڪچر ڏنائين جنهن کي بعد ۾ مقالي جي صورت ۾ شايع ڪيو ويو. ساڳئي اداي پاران ۱۹۹۳ع ۾ “ شاھ لطيف تي تحقيق” جي عنوان سان ٿيل ورڪشاپ ۾ پڻ اهم ليڪچر ڏنو هئائين جيڪو بعد ۾ مقالي طور شايع ٿيو. وفاقي حڪومت جي ۱۹۶۰ع ۾ تيار ٿيندڙ سنڌي اردو ۽ اردو سنڌي ڊڪشنرين ۾ ريسرچ اسسٽنٽ طور ڪم ڪيائين آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس پاران ملينيم سال جي موقعي تي سندس پاڪستاني موسيقي تي لکيل مقالو “دي ٽريڊيشز گوز آن “ اداري پنهنجي يادگار ڪتسب ۾ شايع ڪرايو جڏهن ته مختلف وقتن ۾ هلندڙ پروجيڪٽن ۾ ڪم ڪندو رهيو. پاڪستان جوپهريون صحافي هو جنهن صحافتي دنيا ۾ “اوبيچيوري” (ڪنهن به نامياري شخصيت جي وفات تي بر وقت سوانحي خاڪو لکڻ ) جو ڪلچر متعارف ڪرايو. اخباري ميگزين وارو اڄوڪو لاڙو شيخ عزيز سنڌي صحافت ۾ پهريون ڀيرو ۱۹۷۲ع ۾ “سنڊي عبرت” جي نالي سان شيوع ڪيو، هي سنڌ جو مقبول ترين هفتيوار ميگزين هو. اردو اخبار جنگ ۾ ميگزين ايڊيٽر طور “مهراڻ رنگ” جي نالي سان صفحو شروع ڪيائين جنهن ۾ سنڌ جي حوالي سان تحريرون شايع ٿينديون هيون. سندس لکيل ڪتاب هي آهن. ۱ . سنڌ جون پراسرار ڪهاڻيون(سچيون ڪهاڻيون) ۱۹۶۰ع ۲ . الحمرا جا داستان(ترجمو، واشنگٽن ارونگ) ۱۹۶۱ع ۳ . نقش لطيف، مضمون، مرتب ۽ ايڊيٽنگ ڪيل، ۱۹۶۴ع ۴ . عملي صحافت، صحافتي ٽيڪنڪ تي سنڌيءَ ۾ پهريون ڪتاب، ۱۹۷۵ع، ۱۹۷۸ع ۽ ۱۹۹۵ع ۾ واڌاري سان ۵ . مون لينن جو ڏيھ ڏٺو، روس جو سفرنامو، ۱۹۷۶ع ۶ . ملھ، سنڌ جي قومي راند تي ڪتاب، ۱۹۷۸ع ۷. دي ٽربيوٽ، (سنڌ جي ناميارين شخصيتن جا انگريزي ۾ سوانحي خاڪا) ۲۰۰۷ع ۸. تقسيم کان تقسيم تائين، (سياسي تاريخ ڀاڱو پهريون) ۲۰۰۸ع ۹. دي اوريجن اينڊ ايووليوشن آف سنڌي ميوزڪ، (انگريزي ۾ سنڌي موسيقيءَ تي تحقيق) ۲۰۰۸ع ۱۰. اي هسٽري آف سنڌي لٽريچر (انگريزي) سنڌ جي ادبي تاريخ ۲۰۰۸ع ۱۱. سنڌ ڪي محلاتي داستانين، ( اردو) سنڌ جي تاريخ ۲۰۰۹ع ۱۲. نوٽس آن سنڌ (انگريزي) سنڌ جي تاريخ ۲۰۰۹ع ۱۳. ميوزيڪل نوٽس ( انگريزي) موسيقي تي مقالا، ۲۰۰۹ع ۱۴. ڀُٽي کان ضياء تائين، (سياسي تاريخ ٻيو حصو) ۲۰۱۰ع ۱۵. پيليشل ٽيلس فرام سنڌ (انگريزي ) ۲۰۱۲ع ۱۶. کيرٿر ، انگريزي، ايڊيٽنگ، ۲۰۰۶ع ۱۷. ائن السٽريٽڊ ائٽلس آف سومرا رولس ان سنڌ،(انگريزي) ايم ايڇ پنهور، ايڊيٽنگ، ۲۰۰۴ع ۱۸. ننڍ کنڊ ۾ ڊرامي تاريخ، (ايڊيٽنگ) ۲۰۰۷ع ۱۹. راڳ ساگر، مهاڳ، ۲۰۰۴ع ۲۰. ڀٽو، يادگيريون، (ترجمو) ۱۹۹۳ع ايندڙ ڪتابن ۾ “دارون ۽ ڪارون (آتم ڪهاڻي)” ۽ “چنگ” (انگريزيءَ ۾ سنڌ جي قديم ساز تي ڪتاب) شامل آهن. اولاد ۾ ٻه پٽ، ٻه ڌيئرون وفات، ۷ آڪٽوبر ۲۰۱۸ع، آخري آرامگاھ، پهلوان ڳوٺ، ڪراچي. مان جوئي آهيان سوئي آهيان طارق عزيز شيخ ٻالڪپڻيءَ واري ڄمار ۾ ياد اٿم ته اسان جي گهر جو هڪڙو ڪمرو اهم هوندو هو جنهن ۾ عام جام طريقي سان نه وڃي سگهندا هئاسين ۽ اهو ڪمرو منهنجي والد جو هو. هن جو لائيف اسٽائيل پنهنجو هو. پڙھڻ لکڻ کان سواء هر ڪم جو ٽائيم ٽيبل مقرر هو. نيرن صبح ساڍي ستين وڳي، ڏينهن جي ماني منجهند هڪ وڳي ۽ رات جي ماني عام طور تي دير سان. ماني تمام ٿوري کائيندو هو پر مخصوص کاڌو هوندو هو جنهن ۾ سلاد ۽ آچار لازمي هوندو هو. موسيقيءَ جو تمام وڏو ڄاڻو هو. پنهنجي ميزڪ لائبريري ٺاهيل هئس جنهن ۾ سڄي دنيا جي ميوزڪ جي ڪليڪشن موجود هئي، خاص طور تي پڪي راڳ جي اهڙي چونڊ گڏ ڪيل هئس جو شايد ئي ڪنهن وٽ هجي. گهر ۾ شروع کان وٺي اخبارن جا ڍڳ ڏسندا هئاسين. عام طور تي گهرن ۾ اخبار پڙھڻ کان پوء رديءَ جي ڍير تي اڇلائي ڇڏبي آهي پر اسان وٽ اخبار تاريخ گذري وڃڻ بعد به پيل رهندي هئي جيستائين بابا ان جي خبرن ۽ آرٽيڪلز کي ڪٽي ڇانٽي فائيل ۾ نه لڳائيندو هو. اهي فائيل سبجيڪٽ وائيز سنڌ، ملھ، ملڪي سياست، عالمي سياست، شخصيتون، ثقافت، موسيقي، زراعت، ڪرائيم، تاريخ، ادب، ماڳ مڪان ۽ ڪيترا ئي الڳ الڳ موضوع جا ٺاهيندو هو. هن جي زندگي صحافت سان عشق ۾ گذري آهي، هو سنڌي اخبارن جو حليو درست ڪرڻ لاء ڪن اخبارن جي مالڪن کي پڻ صلاحون ڏيندو هو۽ فڪرمند رهندو هو. سنڌي اخبارن جي سٺين خبرن، مضمونن ۽ اشوز کي ساراهيندو به تمام گهڻو هو پر ساڳئي وقت انهن جي لي آئوٽ کان وٺي ايڊيٽوريل پيج تي روز تنقيد به ڪندو هو. سندس چوڻ هو ته اڃا به هڪ اهڙي سٺي اخبار جي کوٽ محسوس ٿئي ٿي جيڪا مڪمل هجي. دنيا جي سمورن ملڪن جي سياست ۽ ملڪي حالتن کان مڪمل باخبر رهندڙ بابا جو مزاج اڄ اسان جي گهر جي روايت بڻيل آهي، سمورا گهر ڀاتي هر ڪلاڪ وارين خبرن کان آگاه رهن ٿا. منهنجي والد صاحب جا هزارن جي انگ ۾ لکيل مضمون جيڪي مختلف موضوعن تي سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ آهن، انهن کي وقت سر گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ آڻڻ جو ارادو آهي. ۷ آڪٽوبر ۲۰۱۸ تي سندس لاڏاڻو ٿيو، ان کان پوء سندس شيلف مان مڪمل ڪتاب مليو جيڪا هن جي آتم ڪهاڻي هئي. هي ڪتاب “دارون ۽ ڪارون” جي نالي سان لکيل آتم ڪهاڻي آهي جيڪا هن ۲۰۱۱ع ۾ لکي پوري ڪئي. هيءَ آتم ڪهاڻي عام ليکڪن جي آتم ڪهاڻيءَ کان قطعي تبديل آهي جيئن ڪو ليکڪ پنهنجي ٻالڪپڻي کان زندگيءَ جي شام ٿيڻ تائين فقط پنهنجي ذات تائين محدود هوندو آهي، هيءَ آتم ڪهاڻي انهن عام رواجي انداز کان بنھ تبديل آهي. ڪجھ عرصي ۾ هي ڪتاب منظر عام تي اچي ويندو. بابا جي هر تحرير جو انداز هونئن به منفرد رهيو آهي. هن پنهنجي زندگيءَ ۾ زماني کي ڪيئن ڏٺو سو بيان ٿيل آهي. بابا ملڪ جي نمبر ون رهندڙ سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارن عبرت، سنڌ نيوز، جنگ، حريت ۽ ڊان ۾ هميشه ڪي پوسٽن تي رهيو پرڪڏهن به ڪنهن جو ٿورو نه کنيائين نه وري ڪو فائدو ورتائين، اهو اسان کي فخر آهي. هو نه ڪڏهن بليڪ ميل ٿيو ۽ نه وري ڪڏهن ڪنهن کي بليڪ ميل ڪيائين. هو بي باڪ ليکڪ هو، سچ لکڻ ۾ دير نه ڪندو هو ڀلي اهڙي سچ چوڻ سان ڪو ڪاوڙجي وڃي يا پاڻ کنڀجي وڃي. هن آخر تائين قلم ۾ ڪوڙ جي مس ڪونه ڀري. مونکي سچل سرمست جي هوبهو هن سٽ مثل لڳو “ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي، مان جوئي آهيان سوئي آهيان. شيخ عزيز عالمي سطح جو صحافي هو قاضي اسد عابد شيخ عزيز سنڌ جي علم، ادب، آرٽ ۽ ڪلچر جو اهم اڳواڻ هو. هن پنهنجي سڄي زندگي صحافت ۽ سنڌ جي عوام لاء جدوجهد ۾ گذاري. بلاشڪ شيخ صاحب جو شمار سنڌ جي انهن شخصيتن ۾ ڪري سگهجي ٿو جيڪي ملڪ ۽ عالمي سطح تي ڀيٽي سگهجن ٿيون. شيخ صاحب کي اهو اعزاز به حاصل هو ته هن کي راڳ جو ۽ راڳ جي استعمال ٿيندڙ اوزارن بابت مڪمل دسترس حاصل هئي. سنڌي صحافت هجي يا انگريزي ۽ اردو، هو هڪ ئي وقت انهيءَ کيتر ۾ نه فقط اهم مقام رکندڙ هو پر رهنما ڪردار ادا ڪيائين. شيخ صاحب جو وڇوڙو سنڌ جو وڏو نقصان آهي جنهن جو پورائو ڪيترن ئي سالن تائين به نه ٿي سگهندو. رب سائين شيخ عزيز کي جنت ۾ جاء ڏيندو ۽ سندس پونيرن ۽ سڄي سنڌ جي نوجوانن کي سندس نقش قدم تي هلڻ جي توفيق ڏيندو، آمين. شيخ عزيز انسائيڪلوپيڊيا جهڙو شخص يوسف شاهين شيخ عزيز ڏاڍو ڏکيو ماڻهو هو. هن زندگيءَ ۾ آرام گهٽ ۽ ڪم گهڻو ڪيو. شيخ صاحب زندگي گذارڻ ۾ به اصول رکيو. سنڌ جو پهريون ماڻهو هو جيڪو لنڊن مان صحافت ۾ ٽرينڊ ٿي آيو هو. هن مون کي برسات مئگزين ڊزائين ڪري ڏنو هو. سندس ٽائيم لائين پرفيڪٽ هوندي هئي. سٺ ستر جي ڏهاڪي ۾ هن ايتري محنت ڪئي جو ان وقت جي صحافين ۾ پاڻ مڃائي ويو. مون جيڪو ڪجھ لکيو آهي ان کان پهرين شيخ عزيز کان پڇيو آهي، هن صحافت ۾ به رهبري ڪئي آهي ۽ باقي ڪجھ لکڻ ۾ به رهبري ڪئي آهي، ان جو ڪريڊٽ سڄو سارو شيخ صاحب کي ٿو وڃي. آئون اهو ڪريڊٽ ٻئي ڪنهن کي ڏيڻ لاء تيار ناهيان، نه شيخ اياز، پليجو ۽ ٻيا ڪيترائي دوست منهنجي ويجها رهيا آهن، توڙي جي ايم سيد به منهنجو دوست رهيو جيتوڻيڪ اهو ڄمار ۾ مون کان ڪافي وڏو هو پر تعلق همعصرن جهڙو رهيو. شيخ عزيز کي مون شروع کان آخر تائين هڪڙي طريقي ۾ ڏٺو، هن ماڻهو هميشه ڪم ڪرڻ تي زور ڀريو. چوندو رهندو هو زندگي ٿوري آهي ڪم وڌيڪ آهي. منهنجي شيخ صاحب سان ايتري نيازمندي هئي جو سندس اندر جون ڳالهيون پڇندوهومانس. هن پنجويھ ڇويھ ڪتاب لکيا پر ڪنهن ڪتاب کي به ڪنهن ماڻهوء لاء ڊيڊيڪيٽ ڪيائين فقط هڪڙو ڪتاب تقسيم کان تقسيم وارو پنهنجي گهر واريءَ جي نالي ڪيائين اهو انهي ڪري جو چيائين مون جهڙي اڻ گهڙئي ڪاٺ کي سڄي عمر برداشت ڪيائين. مون شيخ صاحب ۾ هڪڙي خوبي اها به ڏٺي ته هو لالچي ڪونه هو، ٻيا ڪيترائي ماڻهو زماني جا ڏٺاسين ۽ سڃاتاسين. زندگيءَ جا لاها چاڙها سڀني تي اچن ٿا پر شيخ عزيز صابرين انسان هو. تمام وڏو ماڻهو هو. هن کي مون ڏٺو ته اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ جتي ڌارين جي اجاراداري هوندي هئي اتي هن پنهنجي ڄاڻ ۽ قابليت جي بنياد تي ڪمانڊ ڪئي. انهن ادارن ۾ ويهي قلم ذريعي اڪيلي سر سنڌ جو ڪيس وڙهيائين. مون پنهنجي زندگيءَ ۾ پهريون شخص ڏٺو جنهن کي ڪير ٽوڙي نه سگهيو، نه ته ماڻهو وڪامجندي ويرم ڪونهي. زندگيءَ جي پريشانين ۾ به کيس پريشان نه ڏٺم. مون جڏهن برسات اخبار پئي ڪڍي ان سڄي کي شيخ صاحب سيٽ ڪري ڏنو. ان جو ايڊيٽر شيخ اياز هو. هو سنڌ جا مسئلا سمجهندو هو، سنڌي ماڻهوء جي نفسيات کان واقف هو. مون کيس مڃيو ته هو ذهانت ۾ واقعي اڳتي هو، هو انسائيڪلو پيڊيا جهڙو شخص هو جنهن کان هر موضوع جو سوال ڪري معلومات وٺي سگهبي هئي. هو هر ڪنهن جي ڄاڻ رکندو هو “دي ٽربيوٽ” سندس ڪتاب ان جو وڏو ثبوت آهي. شيخ عزيز تي اسان کي تمام گهڻو لکڻ کپي، هن جي زندگيءَ جا ڪيئي رخ آهن مٿس ٿورو لکيو ويو آهي. شيخ عزيز سنڌ جو ڏاهو ۽ عظيم انسان پير مظهرالحق منهنجو شيخ عزيز سان واسطو تڏهن کان وٺي رهيو جڏهن مان اڃا مس سورهن ورهين جو هوندس. مان عبرت اخبار ۾ هن وٽ صحافت سکڻ آيو هئس. شيخ صاحب مون کي صحافت سيکارڻ سان گڏوگڏ منهنجين صلاحيتن کي سڃاتو ۽ اهي اڀارڻ ۾ به مدد ڪيائين. هن مون کي اهو احساس ڏياريو ته مون ۾ صحافت کان وڌيڪ معاشري جي ڀلائي وارن ڪمن ڪارين جو جذبو آهي، انهي ڪري مون سياسي ۽ سماجي طور ڪاميابيءَ سان اهو ثابت ڪري ڏيکاريو. شيخ صاحب مون کي عبرت اخبار ۾ ٻارن جي هفتيوار صفحي ٻارن جي ٻاريءَ جو انچارج بڻايو ۽ ان کان پوء مان “ماما موجي” جي نالي سان سڃاتو ويس. شيخ صاحب هن صفحي کي وڌيڪ دلچسپ بنائڻ لاء سهڻيون صلاحون ڏيندو هو. انهن ڏينهن ۾ هن مون کي ٻارن جو ميلو لڳائڻ جو به مشورو ڏنو هو ۽ مون ائين ئي ڪيو ميلو ڪامياب ٿيو ۽ پوء هر سال اهو سنڌ ٻالڪ ميلو لڳندو رهيو جيستائين مان عبرت ۾ هئس. منهنجي نظر ۾ شيخ عزيز سنڌ جو ڏاهو، منفرد ليکڪ ۽ عظيم شخص هو. جڏهن مان سنڌي ادبي بورڊ جو چئرمين هئس ته مون هن کي وائس چئرمين بنايو ۽ مٿس اعتماد ڪري پنهنجا سمورا اختيار هن کي ڏئي ڇڏيا هئا جيڪا ڳالھ بورڊ آف گورنرس جي منظوري سان ٿي هئي. مون کي يقين هو ته هو پنهنجون ذميواريون ڀرپور نموني نڀائيندو ۽ اهو هن ثابت ڪيو. شيخ عزيز وڏو ذهين انسان هو هن کان سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جي پريس کي بهتر ڪرڻ ۾ پڻ مدد ورتي هئي. شيخ عزيز صحافت جي اداري مثل شخصيت امداد علي اوڍو هي ڳالهه جنوري ۱۹۷۴ جي آهي جڏهن مان هڪ رات حيدرآباد ۾ سليم قاضي جو مهمان ٿي رهيس، پيپلز پارٽي جي حڪومت هئي سنڌ ۾ ممتاز ڀٽو وڏو وزير هيو. بنگله ديش کان ۲ لک بهارين کي پاڪستان قبوليو هيو. سنڌين کي خدشو هو ته اهي سڀ اچي سنڌ ۾ آباد ٿيندا. بهارين خلاف سنڌ يونيورسٽي ۾ سمورين شاگرد تنظيمن جي گڏيل اتحاد هيٺ زبردست تحريڪ هلي. تحريڪ جي اڳواڻي ڪرڻ جي پاداش ۾ مونکي سنڌ يونيورسٽي مان پنجن سالن لاءِ ريسٽيڪيٽ ڪيو ويو، (ان دور ۾ سيد غلام مصظفيٰ شاهه وائيس چانسلر هيو) ڊفينس پاڪستان رولز (ڊي پي آر) ۽ ۱۳ ڊي تحت ڪيس داخل ڪيا ويا. روپوشي دوران منهنجي غير موجودگي ۾ ۲۰ آڪٽوبر ۱۹۷۳ ۾ سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو مرڪزي ڪنوينشن جيڪب آباد ٿيو جنهن ۾ مونکي صدر ۽ شهيد نذير عباسي کي جنرل سيڪريٽري، نائب صدر خيرمحمد جوڻو ۽ آصفه رضوي، جوائنٽ سيڪريٽري سهيل سانگي کي يڪراءِ چونڊيو ويو. مرڪزي صدر جي حيثيت ۾ خدا بخش جمالي جي فرضي نالي ۾ سموري سنڌ ۾ انڊر گرائونڊ سرگرميون جاري رکيون. ان سلسلي ۾ ان وقت پوسٽ ڪارڊ وسيلي برانچ کي آگاه ڪيو ويندو هيو، خط جي عبارت خفيه هوندي هئي جنهن ۾ لکيو ويندو هيو ته مولوي صاحب فلاڻي تاريخ تي توهان جي شهر جي فلاڻي مسجد پهچندو جتان توهان هن سان ملاقات ڪندا. ائين حيدرآباد جي دوستن کي به منهنجي دوري جي پروگرام کان پوسٽ ڪارڊ لکي آگاهه ڪيو ويو. جڏهن مان مقرر تاريخ تي ٻڌايل مسجد وٽ پهتس ته مونکي وٺڻ وار ڪير به نه هيو. مان ڪافي انتظار کان پوءِ سليم قاضي کي فون ڪري آگاه ڪيو، هو اچي مونکي پنهنجي گھر وٺي ويو. (سيلم قاضي ايس اين ايس ايف جي ٿنڪ ٽينڪ جو ميمبر هيو) هن جي گھر تي ترسڻ دوران تقريبن سموري رات ڪچهري ٿي، ڪچهري دوران هن ٻڌايو ته هو سنجيدگي سان سنڌ دوست روزاني اخبار ڪڍڻ لاءِ پلاننگ ڪري رهيو آهي ان حوالي سان هو صحافت جي شروعات انگريزي ويڪلي ميگ “سنڌ آبزرور” سان ڪري رهيو آهي. ان جو ايڊيٽر به شيخ عزيز کي مقرر ڪري چڪو آهي. جيڪو اڳتي هلي روزاني اخبار “سنڌ نيوز” جو به پهريون ايڊيٽر مقرر ٿيو. صبح جو ناشتي جي ٽِبل تي قاضي سليم جي والد قاضي اڪبر سان به ڪچهري ٿي. (نوٽ بهارين خلاف هلايل تحريڪ جو نتيجو اهو نڪتو جو ٻن لکن جي بجاءِ ۵۰ هزار بهاري اچي سگھيا، ذوالفقارعلي ڀٽي سنڌ ۾ شاگردن جي هلندڙ تحريڪ سبب باقي ڏيڊ لک بهاري وٺڻ کان انڪار ڪيو) ۱۴ مارچ ۱۹۷۶ تي سليم قاضي جو خط پهتو ته مئي مهيني جي پهرين هفتي کان روزاني سنڌ نيوز ڪڍي رهيا آهيون جنهن ۾ توهان کي هر اها شيءَ ملندي جنهن جي سنڌي اخبارن ۾ کوٽ محسوس ڪئي پئي وڃي. هن اخبار ۾ اسين سنڌ جي اڀرندڙ مسئلن ۽ عام ماڻهن جي مسئلن کڻڻ سان گڏوگڏ سنڌ جي نئين نسل جي امنگن ۽ جذبن جي ترجماني ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. هن اخبار ۾ ممتاز سياسي اڳواڻن جا تبصرا، انٽرويو، ٻارڙن، عورتن، شاگردن جا صفحا، ادبي ايڊيشن، سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت تي خاص مضمون هوندا. ان سلسلي ۾ اسين سنڌ جي دوستن سان ملڻ جو پروگرام ٺاهي رهيا آهيون، جيڪب آباد به اچبو وڌيڪ روبرو ڪچهري ڪبي. ۳۰ مارچ ۱۹۷۶ تي سليم قاضي، شيخ عزيز، اخبار جو سول ايجنٽ ۽ باقي سنگت جيڪب آباد پهتي ۽ اخبار متعلق تفصيلي ڪچهري ٿي. شيخ عزيز سان هي پهرين ملاقات هئي. اخبار بابت هو جيڪب آباد جي سنگت کي تفصيل ٻڌائي رهيو هو. مونکي ياد آهي ته سماج ۾ صحتمند تبديلي لاءِ سگھاري صحافت بابت دليلن سان دوستن ڪچهري ڪري رهيو هيو. هن جي ڳالهين ۾ سچائي سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي اهميت تي زور هيو. شيخ عزيز جي ڪچهري کان سنگت ڏاڍو متاثر ٿي، شيخ عزيز جي اسرار تي مون سنڌ نيوز ضلعي جيڪب آباد جي نمائندي قبول ڪئي. اهڙي طرح سڄي سنڌ ۾ ايس اين ايس ايف جي جيڪا سنگت هئي ان مان اڪثر نمائندا مقرر ڪيا ويا، جيئن نواب شاه لاءِ صالح بلو، خيرپور لاءِ غلام قادر ميراڻي (منصور ميراڻي) وغيره. سنڌ نيوز کي جاري ڪرڻ لاءِ وڏي جوش ۽ جذبي سان تياريون جاري هيون. جرمني مان جديد پرنٽنگ جون مشينو گھرايون ويون. جرمن انجنيئر مشينون فٽ ڪرڻ لاءِ حيدرآباد ۾ ترسيل هيو. مشينن جي فٽنگ کان پوءِ قاضي سليم جرمن انجنيئر کي حيدرآباد کان ڪراچي ايئر پورٽ جرمني روانو ڪرڻ لاءِ پئي ويو ته سنڌ هاءِ وي تي حادثي دوران قاضي سليم اسان کان هميشه لاءِ وچڙي ويو، هي نقصان قاضي فيملي سان گڏ کاٻي ڌر جو به ٿيو ۽ سنڌ هڪ لائق ۽ صحافت وسيلي سنڌ جي تقدير بدلائڻ واري نوجوان کان محروم ٿي وئي. حقيقت اها آهي ته جيڪڏهن قاضي سليم ۽ شيخ عزيز جي رهنمائي ۾ سنڌ نيوز نڪري ها ته اسانکي عوامي آواز ڪڍڻ جي ضرورت ڪونه ٿئي ها. منهنجي هت هي سموري ڳالهه ڪرڻ جو مقصد اهو هو ته جديد صحافت ۾ شيخ عزيز جي جيڪا اهميت هئي اها سليم قاضي پرکي ورتي ۽ جديد صحافت وسيلي سنڌ ۾ جيڪا تبديلي آڻي سگھجي ٿي ان لاءِ هن شيخ عزيز جو انتخاب ڪيو. سليم قاضي جي خواب جي پورائي لاءِ ۽ واقعي سنڌ ۾ جديد صحافت جي حوالي سان هڪ اهڙي اخبار جي ضروت هئي. ان مقصد جي پورائي لاءِ مون ۱۹۸۸ جي آخر ۾ ڪراچي مان روزاني عوامي آواز جو ڊڪلريشن حاصل ڪيو ۽ جنوري ۱۹۸۹ کان تجرباتي بنيادن تي اخبار پنهنجي گھران لياري مان شروع ڪئي ڇهن مهينن جي لڳاتار ڪوششن کان پوءِ دوستن جي مدد سان مون جولاءِ ۱۹۸۹ ۾ باقائدگي سان پهرين ڪميوٽرائيز اخبار ڪراچي مان جاري ڪئي. اخبار جي شروعات ۾ مون شيخ عزيز سان ڪافي ملاقاتون ڪيون ۽ هن جي مفيد صلاحن سان اخبار جاري ڪئي. اهڙي طرح عوامي آواز علم، ادب ۽ صحافت جي اهم ساٿين کي هڪ پليٽ فارم تي گڏائي شروعات ڪئي انهن ۾ انور پيرزادو، فقير محمد لاشاري، سهيل سانگي، عبدالرحمان نقاش، محمد خان سولنگي، صالح بلو، منصور ميراڻي، فتح چند ڪارڙا سميت سموري سنڌ ۾ ايس اين ايس ايف جي دوستن ٽيم جنهن اخبار کي پنهنجي ڪاوشن ۽ محنتن سان ڪاميابين جي بلندين تي پهچائي ڇڏيو. سنڌ جي هي واحد اخبار هئي جيڪا بنا سرمائي جي شروع ڪئي وئي ( ان بابت تفصيل مون پنهنجي ڪتاب جل مشعل جل ۾ ڏني آهي ) مون جڏهن عوامي آواز اخبار ڪڍي ته شيخ عزيز کي به اڳواڻي لاءِ سٿ ۾ شامل ٿيڻ جي گذارش ڪئي هئي پر شيخ صاحب معذرت ڪئي ۽ پر پنهنجي طرفان مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو هيو ۽ اڪثر شيخ صاحب کان رهنمائي حاصل ڪندو رهندو هيس. شيخ صاحب عوامي آواز جي ڪاميابي کي هڪ معجزي کان گھٽ نه سمجهندو هيو. شيخ عزيز جديد صحافت ۾ گريجوئيشن ٽامس ڪاليج آف جرنلزم انگلينڊ مان حاصل ڪيائون. نئين نسل جي ڄاڻ ۽ تربيت لاءِ صحافت جي تعليم لاءِ ڪتاب “عملي صحافت ۱۹۷۵ ۽ ٻيو چاپو ۱۹۷۸ ۾ ڇپيو ۽ ٽيون ڇاپو واڌو بابن سان ۾ ۱۹۹۵ع آيو. پاڻ صحافت سان گڏ ادب جي کيتر ۾ به وڏو ڪم ڪيائون. هن ڪافي ڪتاب ۽ مختلف اخبارن ۾ ليک لکيا. ڪتابن ۾ مون لينن جو ڏيهه ڏٺو (سفر نامو ۱۹۷۵) سنڌ جا پراسرار داستان، سنڌ جي تاريخ ۽ انگريزي ۾ A History of Sindhi Literature شامل آهن. شيخ عزيز عملي صحافت جي ابتدا ۱۹۵۷ ۾ روزاني اخبار ڪاروان سان ڪيائون، روزاني عبرت ۾ سب ايديٽر، اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ ايڊيتر طور ڪم ڪيائون. روزاني سنڌ نيوز جو پايو وجهندڙ ايڊيٽر ۱۹۷۶ کان ۱۹۸۰. روزاني جنگ ۾ ميگزين ايڊيٽر ۱۹۸۰ کان ۱۹۸۲ ميگزين ايڊيتر روزاني حريت ۱۹۸۲ کان ۱۹۸۷ ۽ نيوز ايڊيٽر حريت ۱۹۸۷ کان ۱۹۸۹. سب ايڊيٽر ڊان ۱۹۹۰ کان ۱۹۹۳. ڊان جو ڊيلي ايڊيشن ۽ شفٽ انچارج ۱۹۹۳ کان آخر تائين. پاڻ صحافت جي شعبي ۾ عملي تعليم وزيٽنگ پروفيسر طورڊپارٽمنٽ آف جنرنلزم سنڌ يونيورسٽي ۱۹۷۸ کان ۱۹۸۰ ڏنائون. شيخ عزيز ۾ اها خوبي يا صلاحيت هئي جو صحافت ۾ هن کي سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين تي عبور حاصل هيو. هن جون اردو توڙي انگريزي ۾ لکيل مواد کي ڏسبو ته سندس صلاحيتن تي فخر ٿيندو. موقعي جو فاعدو وٺندي اها گذارش ڪندس ته شيخ عزيز جي اڻ چپيل سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ لکيل ايڊيٽوريل، آرٽيڪل ۽ ٻي مواد کي محفوظ ڪجي ان سلسلي ۾ سنڌ ثقافت کاتي، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌي ٻولي اٿارٽي، سنڌالاجي ۽ سنڌيڪا کي اڳتي اچڻ گھرجي. شيخ عزيز پنهنجي زندگي ۾ جيڪو سرمايو ٺاهيو اهو ان جو علمي پورهيو ۽ ذخيرو آهي ان کي هر صورت ۾ محفوظ ڪرڻ گھرجي. هي هڪ تاريخ آهي ۽ هي سنڌ جو آئيندو آهي ۽ اسانجي نئين نسل جي اڳتي وک وڌائڻ جو ذريعو به آهي. شيخ عزيز سنڌ جو اثاثو شوڪت حسين شورو شيخ عزيز سنڌ جي صحافين ۾ ھڪ يگاني حيثيت رکندڙ ھو. جيتوڻيڪ صحافت ھن جو روزگار ھو، پر ھو فقط ھڪ صحافي ڪونہ ھو بلڪہ گھڻ رخي، غير معمولي شخصيت ھو. ھن کي ٻين علمن تي عبور حاصل ھو، جن ۾ موسيقي، ادب، تحقيق، تاريخ، ثقافت، آثار قديمہ شامل آھن. انھن علمن جي مختلف موضوعن تي سنڌي ۽ انگريزي ٻولين ۾ لکيل سندس مضمون توڙي ڪتاب مستند ۽ معياري ھجڻ سبب مڃتا ماڻي چڪا آھن. ھن وٽ ڄاڻ جو ھڪ وڏو خزانو ھو جيڪو سنڌ جي لاء ڪنھن عاليشان اثاثي کان گھٽ نہ ھو. ان ڪري ئي ھن جي لاڏاڻي جو نقصان ڪنھن بہ ريت ڀرجڻ جو ڪونھي. منهنجو آئيڊيل استاد نصير مرزا شيخ عزيز صاحب منهنجو آئيڊيل ۽ محبوب استاد هئو. مون سندن نقش قدمن تي هلي منزل ماڻي. هي سندن ئي تربيت ۽ سکيا جو نتيجو آهي جو آئون، ريڊيو پاڪستان جو ريجنل ڊائريڪٽر ۽ قلم ڌڻي بڻجي ويس. مون ساڻن بي پناه پيار ڪيو ۽ جيڪا مسلسل شفقت ڏيندا رهيا ان بنياد تي چوندو رهندو آهيان؛ آئون ٻئي جنم ۾ به شيخ عزيز جو ئي شاگرد ٿيڻ پسند ڪندس. ستين ۷ آڪٽوبر جو ڏينهن منهنجي لاء شديد صدمي جو سبب بڻيو. مان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ صحافت جي شعبي جوسندن لاڏائو شاگرد هئس. مولا سندن بخشش فرمائيندو. شيخ عزيز جديد سنڌي صحافت جو بانيڪار همسفر گاڏهي ۸۰ع جي ڏهاڪي جا پڇاڙڪا سال جڏهن اڃا مونکي مُڇن جي ساوَل به مَس هئي تڏهن حيدرآباد جي ٽنڊو آغا کان واقف ٿيس- ٿيو ايئن جو ۸۸ع - ۸۹ع ۾ پهريون ڀيرو وڏو ڀاءُ بشير احمد چيچ مان وٺي ڪراچي گهمائڻ آيو، پوءِ ڪراچيءَ ۾ رهڻ دوران منهنجي شناسائي شيخ عزيز جي موڀي پُٽ طارق عزيز سان ٿي، جيڪا اڳتي هلي اهڙي ته گهاٽي سنگت ۾ تبديل ٿي وئي جو اسان هڪٻئي جا گهرڀاتي ٿي وياسين. طارق وارن جو ڪراچي کانسواءِ حيدرآباد جي ٽنڊي آغا ۾ پڻ گهر آهي. حيدرآباد ايندي ويندي منهنجو ٿاڪ وڃي طارق وارن جو گهر بڻيو. ٽنڊو آغا دراصل آغا اسماعيل شاهه جي نالي پٺيان سڏجي ٿو، جيڪو ايران جي شهر اصفهان ۾ لڏي اچي هتي آباد ٿيو هو، آغا اسماعيل شاهه منهنجي نهايت دلبر دوست آغا ڪرم علي شاهه جي وڏڙن مان هڪ هو. ٽنڊو آغا جيڪو پنهنجي دور جي قدآور، علم ۽ ادب دوست شخصيتن جو آستان رهيو آهي. خاص طور تي ممتاز مرزا، مراد علي مرزا، احسن ڪربلائي، ابن حيات پنهور، مشتاق مغل، منظور مراد، آغا عبدالعلي شاهه، لسانيات، علم، ادب ۽ موسيقي جو ڄاڻو شيخ محمد اسماعيل ۽ شيخ عزيز صاحب جو بنيادي تعلق به ٽنڊي آغا سان ئي هو. سياسي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن سان ميل ملاقاتون ته جام هيون پر پهريون ڀيرو علم، ادب، موسيقي ۽ صحافت سان واڳيل بزرگ مهربانن سان منهنجون ملاقاتون هتي ئي ٿيون. شيخ محمد اسماعيل، شيخ عزيز جو وڏو ڀاءُ هو. ساڻس ٽنڊي آغا ۾ ڪيئي ڪچهريون ٿينديون رهيون. چاچا شيخ عزيز سان حيدرآباد ۽ ڪراچي ٻنهي هنڌن تي وقفي وقفي سان قرب ڪچهريون پيون ٿينديون هيون ۽ کانئس سکڻ جو موقعو پيو ملندو هو. شيخ عزيز گاڏي کاتي حيدرآباد ۾ جنم ورتو، پوءِ ورهاڱي وقت سندس وڏڙا اچي ٽنڊي آغا ۾ آباد ٿيا. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته هن پنهنجي صحافتي ڪيريئر جي شروعات به اُتان ئي “عبرت” اخبار کان ڪئي جنهن جي آفيس تڏهن به گاڏي کاتي ۾ هئي ۽ هاڻي به اُتي ئي آهي. هن جوانيءَ ۾ ئي صحافت ۾ پير پاتو، پوءِ اسڪالر شپ تي انگلينڊ به ويو پر آخر تائين صحافت سان خوب نڀايائين. هو هڪ ڪميٽيڊ، کرو ۽ ترقي پسند صحافي هو. ان ڪري جتي به رهيو اوچي ڳاٽ سان رهيو. ترقي پسند خيال رکڻ سبب پورهيتن سان کيس خاص اُنسيت رهي، پوءِ اهي پورهيت اخبار جا هجن يا فيڪٽرين جا. هن اڳتي هلي کاٻي ڌر جي هڪ ٻئي ڪامريڊ سليم قاضي جي اخبار سنڌو ۾ پڻ ايڊيٽر طور ذميواريون نڀايون. ڪيترائي ترقي پسند فڪر سان واڳيل سياسي ڪارڪن سهيل سانگي، سيف ٻنوي، صالح بلو، منصور ميراڻي، جاويد مرزا ۽ ٻيا ساڻس ساٿ ۾ رهيا. ٻين لفظن ۾ ايئن چئجي ته شيخ عزيز سندن فڪري ۽ صحافتي استاد هيو ته وڌاءُ نه ٿيندو. اسان وٽ عام طور تي اهو سمجهيو ويندو آهي ته جديد سنڌي صحافت جا بانيڪار انور پيرزادو ۽ ف-م لاشاري آهن، يقيني طور تي انهن ٻنهي سرموڙ صحافين جو جديد سنڌي صحافت ۾ تمام وڏو ڪردار آهي. اهي ٻئي محترم صحافي منهنجا ته صحافتي استاد به رهيا، ف – م لاشاري بهترين ايڊيٽوريل لکڻ ۽ کري صحافي هجڻ جي حوالي سان شهرت رکندو هو ته انور پيرزادو هڪ ڪميٽيڊ ۽ پروفيشنل صحافي طور سڃاتو ويندو هو. حقيقت ۾ هر ماڻهو جو پنهنجو قلمي ۽ علمي پورهيو هجي ٿو، ڪنهن جي ڪنهن سان ڀيٽ نٿي ڪري سگهجي. باقي ان لحاظ کان ڏٺو وڃي ته شيخ عزيز سنڌي صحافت جو بانيڪار هو. هن پراڻ پسند سنڌي صحافت ۾ نوان لاڙا متعارف ڪرايا، نه رڳو اهو پر هن پروفيشنلزم کي پڻ هٿي وٺرائي. سندس اردو ۽ انگريزي صحافت ڏانهن منتقلي کان پوءِ جيڪي به صحافي آيا اُنهن اُن جدت ۽ پروفيشنلزم کي اڳتي وڌايو. شيخ عزيز جي صحافتي پورهئي کي مانُ ڏيندي ناميارو صحافي حسن مجتبيٰ لکي ٿو: “اهو درست ناهي ته جديد سنڌي صحافت جو دور سوويت يونين ٽٽڻ سان يا سنڌ ۾ ايم آر ڊي تحريڪ کانپوءِ شروع ٿيو جڏهن پڙهيل لکيل نوجوانن ۽ کاٻي ڌر سان تعلق رکندڙ سياسي ڪارڪنن جي وڏي انگ شوق ۽ جنون ۾ سنڌي اخبارن جو رخ ڪيو. منهنجي خيال ۾ جديد سنڌي صحافت جو بانيڪار شيخ عزيز ئي سمجهيو ويندو، جنهن جي اصل شروعات سليم قاضي جي خواب کان ٿئي ٿي، جڏهن سنڌ جي ڪجهه باغين ۽ بي چين روحن کي سليم اڪبر قاضي پنهنجي اخبار جي آفيس جي هڪ ئي ڇت هيٺان شيخ عزيز جي ادارت ۾ گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ان جاءِ جي ويجهو جتي گاڏي کاتي وارو ٽانگا اسٽينڊ هو.” شيخ عزيز جنگ اخبار جي “مهراڻ رنگ” ايڊيشن سنڀالڻ کان وٺي مختلف اردو اخبارن ۾ ڪم ڪرڻ کان ويندي انگريزي اخبار “ڊان” تائين ڪميٽيڊ صحافت ڪئي، هميشه سچ جي پاسي بيٺو رهيو. سنڌ ۾ ايم آر ڊي تحريڪ دوران هن سڄي سنڌ جهاڳي، ان تحريڪ دوران ماڻهن سان ٿيندڙ بيداد ۽ ظلم کي رپورٽ ڪيو، 83ع ۽ 86ع جي “ڊان” جا اهي پرچا يقيني طور تي يادگار آهن جن ۾ شيخ عزيز تاريخ وار واقعا رپورٽ ڪندو رهيو هو. هن اڳتي هلي ايم آر ڊي تحريڪ دوران سنڌ جي عوام سان ٿيل ظلم ۽ بيداد جي حوالي سان اکين ڏٺي احوال تي ٻڌل سنڌي ۾ هڪ ڪتاب پڻ لکيو، جيڪو نهايت اهم دستاويز آهي پر بنا نالي جي ڇپيل آهي. مون سندس حال حيات هوندي کانئس جڏهن ان جو سبب پڇيو تڏهن سندس جواب ڪجهه هن ريت هو: “دراصل ايم آر ڊي کي رپورٽ ڪرڻ لاءِ مون کي “ڊان” وارن موڪليو هو، ان لحاظ کان اهو مواد ان اداري جي ملڪيت آهي، ان ڪارڻ مون نالو ناهي ڏنو.” شيخ عزيز صاحب جو اهو پروفيشنل عذر پنهنجي جاءِ تي ليڪن منهنجي خيال ۾ ايم آر ڊي تحريڪ جي اها واقعاتي تاريخ ڏاڍي اهم ۽ تاريخي دستاويز آهي جيڪو هڪ ڀيرو ٻيهر سندس ئي نالي سان ڇپجڻ گهرجي، جنهن لاءِ جيڪڏهن ڪو پبلشر همت ڪري ته مواد هٿ ڪري ڏيڻ ۾ مدد ڪري سگهجي ٿي. شيخ عزيز جو سنڌي علم، ادب، موسيقي ۽ صحافت ۾ تمام وڏو ڪنٽريبيوشن رهيو. هن “عملي صحافت” نالي ڪتاب لکيو جيڪو سنڌ يونيورسٽي ماس اينڊ ڪميونيڪشن ڊپارٽمينٽ ۾ پڙهايو پڻ وڃي ٿو، جنهن جا هينئر تائين ٽي ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن، اهو ڪتاب ايندڙ ڪيترن ئي نسلن لاءِ سونهون رهندو. ان کانسواءِ “تقسيم کان تقسيم تائين” پاڪستان جي سياسي صورتحال جي پسمنظر ۾ لکيائين. ان جو ٻيون ڀاڱو “ڀٽي کان ضيا تائين” جي عنوان هيٺ پڌرو ٿيو، جڏهن ته انهيءَ سيريز جو ٽيون ڪتاب “آمريت کان آمريت تائين” اڻ ڇپيل آهي. “ملهه سنڌ جي قومي راند” “مون لينن جو ڏيهه ڏٺو” روس جو سفر نامو، “نقش لطيف” The Tribute، موسيقيءَ تي ڪجهه انگريزيءَ ۾ ڪتاب لکيائين، هن سندس آٽو بايو گرافي به مڪمل ڪري ورتي هئي جيڪا اڻ ڇپيل آهي، سندس آخري علمي پورهيو “چنگ” ساز تي لکيل ڪتاب آهي، جيڪو پڻ ڇپجي نه سگهيو. نهايت ٻاجهاري ۽ نماڻي هن شخص منهنجي ڪتاب “سنڌ جي ڏاهپ کان انٽرويو” جي ٻئي ايڊيشن جو مهاڳ پڻ لکيو جيڪو ڪتاب پيڪاڪ پبلشرز طرفان شايع ڪيو پيو وڃي ۽ ترت توهان جي هٿن ۾ هوندو. شيخ عزيز “ڊان” اخبار ۾ ڊگهي عرصي تائين نوڪري ڪرڻ کان پوءِ هاڻي رٽائرمينٽ واري زندگي گذاري رهيو هو. اڪثر ماڻهو رٽائرمينٽ کان پوءِ غير سرگرم ٿي ڪا ڪُنڊ وٺي ويهي رهندا آهن پر شيخ عزيز صاحب مختلف ماڻهو هو. هو آخري لمحي تائين قلم ۽ ڪاغذ سان سلهاڙيل رهيو. سنڌ جي ڪنهن به فنڪار، ڪلاڪار، سياسي اڳواڻ يا علمي، شخص، لسانيات جي ماهر جي لاڏاڻي تي “ڊان” ۾ کين ٽريبوٽ پيش ڪرڻ جو سلسلو هُن آخر تائين جاري رکيو. سنڌ جو واحد صحافي هو جنهن جو ڌاڙيلن تي به تمام گهڻو ڪم ٿيل هو، جيڪو اڄ به سندس لائبريري ۾ محفوط آهي. سندس لائبريري هڪ علمي خزانو آهي جنهن ۾ موسيقي، آرٽ، سياست، لسانيات، لطيفيات تي نه رڳو علمي نسخا بلڪه آڊيو ۽ وڊيو جي صورت ۾ پڻ وڏو خزانو موجود آهي. ان ڪري علمي ۽ ادبي سرڪاري ادارن کي ڍنگرن تي اٽو هارڻ بدران هڪ اهڙي علمي، ادبي، ڏاهي صحافي جي علمي پورهئي کي يڪجا ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ گهرجن، جنهن مان ايندڙ ڪيئي نسل فيضياب ٿي سگهن ٿا. انهي سلسلي ۾ لاڳاپيل علمي، ادبي ۽ ثقافتي ادارن کي گهربل سهڪار پڻ مهيا ڪيو ويندو. شيخ عزيز سنڌ جو جيڏو وڏو صحافي ۽ لکاري هو ان جي جيڪڏهن علاج ۾ ڪوتاهي نه ٿئي ها ته شايد هو اڄ به اسان جي ساٿ جي سرواڻي ڪندو هجي ها. ليڪن ٿيو ان جي ابتڙ، نوري آباد ۾ دل جو دورو پوڻ کان پوءِ جڏهن کيس NICVD حيدرآباد نيو ويو ته اُتي به ڪاريءَ وارا ڪک هئا، مجبور ٿي کيس NICVD جناح اسپتال ڪراچي آندو ويو، جتي ايمرجنسي ۾ مريض داخل ڪرڻ جي گنجائش ئي نه هئي. ايئن پوءِ کيس آغا خان نيو ويو، دل جي خطرناڪ دوري پوڻ کان پوءِ مريض جا ڇهه ڪلاڪ ضايع ڪيا ويا، جيڪڏهن ايئن نه ٿئي ها ته شايد سندس حياتي بچي پوي ها. جيتوڻيڪ NICVD ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي جي اشتهارن جي حد تائين ته واهه واهه لڳي پئي آهي پر عملي صورتحال اها آهي ته جناح ۾ دل جا مريض فوٽ پاٿ تي پيا آهن، کين داخلا به نٿي ملي. ان ڪري سنڌ حڪومت کي انهي پاسي ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرجي، جيئن مستقبل ۾ ڪنهن به انسان جي زندگي لاپرواهي ۽ علاج جي سهولتن جي کوٽ جي ور چڙهڻ کان بچي سگهي. بهرحال شيخ عزيز پنهنجي دور جو غير معمولي، ڪميٽيڊ صحافي ۽ ليکڪ هو، سندس علمي، صحافتي ۽ فڪري پورهيو ورهين تائين ياد رهندو ۽ نئين نسل لاءِ سونهون رهندو. شيخ عزيز سنڌ جي گهڻ رخي شخصيت نور سنڌي آئون اڃان جڏھن ۹ درجي جو شاگرد ھئس ته صحافت جو شوق ٿيو. صحافتي زندگي جو آغاز ته عاجز منگي جي معرفت ٽه روزه الفقراءُ سانگھڙ کان ڪيو ان بعد جڏھن روزنامه اخبار ۾ ڪم ڪرڻ جو. شوق ٿيو ته آئون عبرت پھتس ۽ اخبار جي مالڪ قاضي عبدالمجيد عابد سان ملاقات ڪئي پاڻ ڏاڍي شفقت سان مليو حال احوال ورتو ۽ پاڻ مونکي اھو مشورو ڏنو ته بابا ھي عمر اوھان جي تعليم حاصل ڪرڻ جي آھي صحافت، تعليم مڪمل ڪرڻ بعد ڪجان ان بعد آئون ان دور ۾ حيدرآباد ۾ ريشم گلي وٽان روزنامه سنڌ نيوز پھتس ان وقٿ سنڌ نيوز جو ايڊيٽر مشھور صحافي شيخ عزيز ھو. آئون جڏھن ان سان مليس ته ڏاڍي پاٻوھ سان مليو ۽ حال احوال ورتو ان بعد پاڻ به قاضي عبدالمجيد عابد صاحب واري ڳالھ ڪئي جڏھن دل جي خواھش پوري نه ٿي ته آئون روئاڻڪو ٿي ويس منھنجي اھا حالت ڏسي اندر جو آواز محدوس ڪندي شيخ عزيز مونکي پنھنجي ڪنھن وڏي وانگر سمجھايو ليڪن مونکي ان وقت صحافت جو جنون ذھن تي سوار ھو منھنجي اھا حالت ڏسي مون کي چيو اوھان پنھنجي ڳوٺ ملدسي جون خبرون ڀلي موڪليو اوھان سمجھو سنڌ نيوز جا اعزازي نمائينده آھيو. اھو دور شايد ۷۸ع جو ھو ان بعد ملدسي مان جيڪي خبرون موڪليندو ھئس اھي شايع ٿينديون ھيون جڏھن ته مون نه صرف ملدسي ۽ آسپاس پر تعلقي شھدادپور ھالا جي ڳوٺن تي ”سنڌڙي تنھنجا شھر وسن ڳوٺ وسن“ جي سري ھيٺ مختلف ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال حل طلب مسئلن تي مضمون موڪلڻ شروع ڪيا جيڪي باقاعده شايع ٿيڻ لڳا.جنھن جي شيخ عزيز نه صرف ساراھ ڪندو هو پر اصلاح به ڪندو هو. هن پاڻ ھڪ دفعي چيو نور ھن عمر ۾ تنهنجا ليک پڙھي اندازو ٿئي ٿو ته اڳتي ھلي تون سٺو صحافي سٺو ليکڪ ثابٿ ٿي سگھين ٿو آئون جڏھن ساڻس ملندو ھئس ته ادب وچان کين دعا لاءِ چوندو ھئس پاڻ مرڪي چوندا ھئا الله سائين توکي زندگي ۾ ڪاميابيون عطا ڪري. چند سالن بعد ۾ جڏھن پاڻ سنڌ نيوز مان ڇڏي جنگ ۾ ويو ته آئون به سنڌ نيوز کي ڇڏي روزنامه آفتاب حيدرآباد جو رپورٽر وڃي ٿئس. شيخ عزيز ۹ ڊسمبر ۱۹۳۸ع ۾ حيدرآباد جي مشھور علائقي گاڏي کاتي ۾ ھڪ استاد ھڪ علمي شخصيت احمد شيخ جي گھر ۾ جنم ورتو. احمد شيخ ملڪ جي آزادي واري جدوجھد ۾ به حصو ورتو ۽ قائد اعظم جو مداح هو. شيخ عزيز، مشھور اديب، لطيف جي پارکو، آثار قديمه جو ماھر ۽ پ ٽ الف جي باني اڳواڻ شيخ محمد اسماعيل ۽ ريڊيو پاڪستان جي نامياري پروڊيوسر شيخ محمد ابراھيم جو ڀاءُ ھو. انھن جي تربيت ۾ رھڻ ڪري ننڍي ھوندي کان علم ادب موسيقي سان سندس چاھ رھيو. پاڻ تعليم پرائمري تعليم گاڏي کاتي جي ھڪ پرائمري اسڪول مان ۽ مئٽرڪ نورمحمد ھاء اسڪول حيدرآباد مان ڪيائين. سڄي سنڌ ۾ ٽاپ پوزيشن اچڻ ڪري، اسڪالرشپ تي پڙھڻ لاءِ پرڏيھ مان صحافت ۾ ڊپلوما جي ڊگري لنڊن جي ٿامس ڪاليج آف جرنلزم مان حاصل ڪئي. شاگردي دور کان صحافت ۾ اچي مثالي صحافي بنجڻ جو شوق رکندو ھو. پاڻ صحافت جي شروعات روزانه ڪاروان حيدرآباد ۾ تقريبن ۵۷ع ۾ سب ايڊيٽر طور ڪئي، جڏھن ته روزنامه عبرت جي ايڊيٽر شيخ علي محمد ھن کي عبرت ۾ بحيثيت سب ايڊيٽر آندو. بھترين ڪارڪردگي ڪري ايڊيشن انچارج ٿيو ان بعد اسسٽنٽ ايڊيٽر رھيو تقريبن ۷۶ع ۾ عبرت کي خئرباد ڪري انگريزي اخبار ھفتيوار سنڌَ آبزرور حيدآباد جو ايڊيٽر ٿيو. ۷۷ع ۾ روزنامه سنڌ نيوز حيدرآباد جو پهريون ايڊيٽر ٿيو، ۸۰ع ۾ جنگ اخبار ۾َ سب ايڊيٽر ٿي ويو جتي مختلف حيثيث ۾َ ڪم ڪيو. بعد ۾ جنگ ميگزين جو اسسٽنٽ ايڊيٽر ٿيو. ۸۲ع ۾ روزنامه حريت ۾ ميگزين ايڊيٽر ٿيو. ۸۹ع ۾ ملڪ جي مشھور انگريزي اخبار روزنامه ڊان ۾ سب ايڊيٽر ٿيو. بعد ۾ ڊان ۾ ايڊيشن انچارج ٿيو ۽ ڊان مان ئي پنجٽيھ سال ڪم ڪرڻ بعد رٽائيرڊ ٿيو پر ان بعد به ھڪ ڪالمسٽ ۽ فيچر رائيٽر طور ڊان لاءِ مستقل طور آرٽيڪل لکندو رھيو. شيخ عزيز بھترين صحافي ليکڪ موسيقي جو ڄاڻو ھو، سندس لکڻين ۾ وڏي ڄاڻ ھوندي ھئي. پاڻ ھر موضوع تي سياست، شخصيات، سماجيات، لطيفيات، ادب، فن، ثقافت، تاريخ، ڪلاسيڪل، نيم ڪلاسيڪل موسيقي، سنڌ جا ساز، ماڳ مڪان، ھنر ۽ ھنر مندن، ملھ پهلوانن، ڌاڙيلن کان وٺي ھر موضوع تي لکيو. جئين لطيف سائين عام طبقي ۽ مثالي ڪردارن کي پنھنجي شاعري ۾ آڻي امر بنائي ڇڏيو اھڙي ريت شيخ عزيز به سنڌ جي عام ۽ منفرد ڪردارن تي لکي انھن کي امر بنائي ڇڏيو. ھن اهڙن موضوعن کي وڌيڪ ترجيح ڏني جن تي تمام گھٽ يا بلڪل نه لکيو ويو آھي سندس فنڪارن سگھڙن سازيندن، ھنر مندن سان محبت به ھوندي ھئي، ھن جن موضوعن جن ڪردارن تي لکيو انھن تي لکڻ ايترو آسان نه ھو اھي موضوع ٽيبل اسٽوري وانگر نه ھئا، اھو تحقيقي ڪم ھو ان لاءِ شيخ عزيز محنت ڪئي قلم ذريعي سندس پورهيو شاندار رھيو. ھن مختلف اردو، سنڌي، انگريزي اخبارن ۾ ھزارين ڪالم، فيچر، آرٽيڪل لکيا، سيمينارن ۾ مقالا پڙھيا، ريڊيو ٽي وي جا اسڪرپٽ لکيا، خاص طور ڊان ۾ ادب، فن، ثقافت، تاريخ منفرد پُراسرار ڪردارن تي لکي ان بابت دنيا کي ڄاڻ ڏني. شيخ عزيز جو اھو ڪردار به سنڌ جي تاريخ ۾ ياد رکيو ويندو ته ھن ملڪ جي جمھوري تحريڪن خاص طور ايم آرڊي تحريڪ ۾ ھڪ صحافي ليکڪ طور قلم ذريعي شاندار ڪردار ادا ڪيو. پاڻ حيدرآباد پريس ڪلب، يونين آف جنرلسٽس جو صدر، آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي جو جج، سنڌ يونيورسٽي ۾ قائم مرزا قليچ بيگ چيئر جو بورڊ آف گورنرس جو ميمبر به رھيو. پاڻ سنڌ يونيورسٽي جي صحافت واري شعبي ۾ ڪافي وقت وزٽنگ پروفيسر به رهيو. شيخ عزيز جو اھو به ڪردار رھيو ته ھن سنڌ ۾ بھتر صحافي پئدا ڪيا. ھن صحافين کي تربيت به ڏني. شيخ عزيز کي سنڌ جي تاريخ ڊراما ٿيٽر، موسيقي، ڪلاسيڪل ادب پراسرار ۽ منفرد ڪردارن، آرٽ سان شوق رھيو. پاڻ حساس طبيت جو هو، هر معاملي تي گھري نظر رکندو ھو. جڏھن ڪراچي ۾ جنگ کان وٺي ڊان ۾ رھيو ته گھڻو ڪري جڏھن به ڪراچي وڃڻ ٿيندو ھو ته ڪوشش رھندي ھئي ته وٽن حاضري ڀرجي، ڪجھ سکجي. سندس شھدادپور جي سياسي شخصيت فقير محمد بخش خاصخيلي سان دوستي ھوندي ھئي ڪافي دفعا وٽس شھدادپور به آيا ڪراچي واري فليٽ تي به ايندا ھئا اتي به ساڻن ملاقاتون رھيون. پاڻ ھيڏي پائي جو صحافي ليکڪ ھئڻ جي باوجود سادو انسان ھو، سندس ڳالھائيڻ جو انداز منفرد ھوندو ھو مختصر پر بھترين ڳالھائيندو ھو، سندس ادب ۽ صحافت ۾ خدمتن عيوض ڪافي ايوارڊ مليا جن ۾ ٻين ايوارڊ کان سواءِ ايڪسيلنس ايوارڊ آف جرنلزم ۲۰۰۰ع، لٽريسي ايوارڊ ۲۰۰۱ع به آھن. پاڻ ۲۰۱۱ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو وائيس چئرمئن به رھيو. پاڻ صحافت، سياست، سماجيات، علم، ادب، تاريخ سميت منفرد ڪردارن ۽ ٻئن موضوع تي تقريبن ۲۵ کان وڌيڪ انگريزي اردو ۽ سنڌي ۾ ڪتاب لکيا جن ۾ ٻئن ڪتابن کان سواءِ سنڌ جون پراسرار ڪھاڻيون، الحمرا جا داستان، عملي صحافت، مون لينن جو ڏيھ ڏٺو، تقسيم کان تقسيم تائين، کير ٿر، سنڌ جي تاريخ، سنڌي موسيقي، ننڍي کنڊ جي ڊرامن جي تاريخ، ڀٽو جون يادگيريون، ڀٽو کان ضياء تائين، پاڪستان جي سياسي تاريخ، سنڌي ادب جي تاريخ ۽ ٻيا ڪتاب شامل آھن جڏھن ته اڻ ڇپيل ڪتابن جو وڏو تعداد ڇڏي ويا آھن. سنڌ جي مشھور ساز چنگ تي لکيل ڪتاب پنهنجي زندگيءَ ۾ ڇپائڻ لاءِ ثقافت کاتي کي ڏنو، اميد ته اھو ڪتاب ثقافت کاتو جلد ڇپائي پڌرو ڪندو. شيخ عزيز نه صرف موسيقي مان وڏي ڄاڻ رکندو ھو، پر پاڻ ستار وڄائڻ جي مهارت پڻ هوندي هئس. جڏھن موڊ ۾ ھوندو ھو ته خود به جھونگاريندو ھو سندن وڌيڪ پسند جي فنڪارن ۾ استاد منظور علي خان، روشن آرا بيگم، اقبال بانو، استاد امانت علي خان، فريده خانم، بسم الله خان شھنائي نواز، ذاڪر طبلي نواز ھئا. استاد منظور علي خان سان سندس ھجت پڻ ھوندي ھئي. پاڻ جڏھن سٺي موڊ ۾ ھوندا ھئا ته استاد منظور علي خان جو ڪلام ”ويندس يار مري او مري، تنھنجي درد فراق ۾“ ڳائيندو ھو. شيخ عزيز ڪچھرين جو ڪوڏيو ھوندو ھو، جڏھن ڪنھن به موضوع تي ڳالھائيندو ھو ته ٻڌندڙن ۾ خاموشي ڇائنجي ويندي ھئي. لطيف سائين سان وڏي عقيدت رکندو ھو. لطيف سائين جي فڪر تي جڏھن فلسفانه انداز بجاء سادن لفظن ۾ ڳالھائيندو ھو ته اديب دانشور مفڪر حيران ٿي ويندا ھئا. ھن ڀٽ ڌڻي جي راڳ تي تحقيقي مقالا به لکيا لطيف جي راڳ تي وڏي تحقيق ڪئي، ڪيترا ئي غير ملڪي اسڪالر محقق جيڪي لطيف سائين جي تحقيق ڪندا ھئا اھي شيخ عزيز سان ملي رھنمائي ۽ ڄاڻ وٺندا ھئا مشھور اسڪالر محقق خاتون پي لنگ جڏھن سنڌ اچي لطيف سائين جي فڪر ڪلام تي ڪم ڪيو ته ھي ڪيترا ئي ڀيرا شيخ عزيز سان ملي ھئي. ان پنھنجي مقالي لطيف جو راڳ تي لکيل مقالي ۾ اھڙو ذڪر ڪيو آھي. پاڻ ۶ آڪٽوبر تي ڪراچي کان حيدرآباد گھر وارن سان گڏ شادي جي ھڪ تقريب ۾ وڃي رھيو ھو رستي ۾ کيس دل ۾ سور ٿيو. فوري طبي امداد لاءِ حيدرآباد جي اين آئي سي وي ڊي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو جتان کيس فائدو نه ٿيو ته ڪراچي موڪليو ويو جتي آغا خان اسپتال ۾ سندس دل جو آپريشن ٿيو ۽ سندس صحت سڌري رھي ھئي ليڪن وري سندس طبيت اچانڪ خراب ٿي وئي ۽ پاڻ ۷ آڪٽوبر تي دم ڌڻي حوالي ڪيو. کيس پھلوان ڳوٺ واري قبرستان ۾ ڌرتي ماءُ جي ھنج حوالي ڪيو ويو. سندس فرزند طارق عزيز شيخ صحافي ۽ ليکڪ آھي والد جي تربيت ڪري بھترين لکي ٿو. شيخ عزيز سنڌ جي ادب فن ثقافت تاريخ صحافت سماجيات جو ھڪ اثاثو ھو سندس مختلف شعبن ۾ ڪيل خدمتون اڻ وسرندڙ ۽ قابل تعريف آھن. (روزاني سوڀ حيدرآباد، ۱۵ آڪٽوبر ۲۰۱۸ع) شيخ عزيز صحافت جو روشن ستارو جاويد مرزا منجهند جا تقريبن ۱۲ ٿيا هئا ته طارق عزيز جو فون آيو ته بابا گذاري ويو آهي. ڇا ٿيو چاچا کي مون پريشاني مان پڇيو. حيدرآباد ۾ ڪٿي شادي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ويو هو رستي ۾ طبيعت خراب ٿي پئي پوءِ حيدرآباد سول اسپتال ۾ خرم وٺي ويو پر اُتي طبيعت بهتر نه ٿي، اُن کانپوءِ آغا خان اسپتال ڪراچي وٺي آياسين ۽ اُتي پاڻ دم ڌڻي حوالي ڪيو. طارق ٻڌايو ته آئون فورن پنهنجي گهرواري گُلبدن سان گاڏي ۾ ڪراچي روانو ٿيس، رستي ۾ مون طارق سان رابطو ڪيو ته هن ٻڌايو ته شهلا (چاچا جي وڏي نياڻي) لنڊن ۾ آهي، هو ٻئي ڏينهن ڪراچي پهچندي، اُن ڪري تدفين ٻئي ڏينهن ٿيندي. گاڏي هلندي رهي ۽ آئون سوچيندو رهيس اها شخصيت اسان کان اڄ جدا ٿي وئي آهي، جيڪو سنڌي انگريزي توڙي اردو صحافت ۾ وڏو نالو هو، جنهن جا ڪيترائي شاگرد مختلف شعبن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن ۽ نمايان ڪاميابيون ماڻي چڪا آهن، چاچا عزيز جي وڏي ڀاءُ چاچا شيخ محمد اسماعيل سان منهنجي والد ممتاز مرزا سان دوستي نه پر برادري وارو رشتو هو، مطلب ته اسان جو هڪڙو ئي ڪٽنب هو، جڏهن چاچا عزيز جي فيملي گاڏي کاتي کان اسان جي پاڙي ٽنڊو آغا ۾ لڏي آئي ته منهنجو سندس گهر ۾ ڪم ڪار جي سلسلي ۾ گهڻو اچڻ وڃڻ رهندو هو، چاچا عزيز اُن وقت عبرت اخبار ۾ ڪم ڪندو هو، ٻڌائيندو هو ته آفيس ۾ گهڻو ڪم هوندو آهي، چاچا عزيز پنهنجي ڪم ۾ مهارت رکندو هو، ڪمپوزنگ جي ڪم کان وٺي ڇپائي تائي هر ڪم جو ڄاڻو هو، هو پنهنجو ڪم ايمانداري ۽ ذميواري سان ڪندو هو، جيستائين ڪم مڪمل نه ٿيندو هو تيستائين ويٺو رهندو هو، پوءِ ڀلي هن کي رات ڇو نه ٿي ويندي هئي پر هو پنهنجو ڪم مڪمل ڪري پوءِ ايندو هو، ڪنهن جي پرواهه نه ڪندو هو، صرف پنهنجي ڪم سان سچو هوندو هو، جيڪا ڳالهه دل ۾ هوندي هئس اها چئي ڏيندو هو، چاهي ڪنهن کي وڻي يا نه وڻي، هو اُن جي پرواهه نه ڪندو هو، هن جو رويو ساڻس ڪم ڪندڙن سان تمام سٺو هوندو هو پر جيڪڏهن ڪنهن غلطي ڪئي ته سختي سان سمجهائيندو هو، جيئن اهو اڳتي اهڙي ڪابه غلطي نه ڪري. چاچا عزيز يارن جو يار هو، سندس آفيس ۾ ڪيترائي دوست ايندا رهندا هئا ۽ ڪڏهن به اُنهن کي ماني کارائڻ کانسواءِ نه ڇڏيندو هو ۽ جيڪو به ڪم هوندو اهو ڪرائي ڏيندو هو، چاچا عزيز راڳ جو ڄاڻو هو، هو بانسري وڄائيندو هو ته دل چاهيندي هئي ته ويٺو ٻڌجي، هو ٻيا ساز به وڄائي ڄاڻندو هو. ملهه جو شوقين هوندو هو، مشهور پهلوان سندس آفيس ۾ ايندا رهندا هئا، پاڻ ملاکڙا ڏسڻ لاءِ به ويندو هو ۽ ملهه پهلوانن جي هر ممڪن مدد ڪندو رهندو هو. اوچتو چاچا عزيز سخت بيمار ٿي پيو، کيس قلعي تي آپا امينه اشرف (قاضي محمد اڪبر صاحب جي صاحبزادي) جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي سندس اهليه چاچي حميده ۽ آئون ساڻس گڏ هئاسين، چاچا جي طبيعت ڏاڍي خراب هئي ۽ پاڻ تمام ڪمزور ٿي ويا هئا پر پاڻ همت نه هاري ۽ بهادري سان ان بيماري جو مقابلو ڪيو ۽ صحتياب ٿي گهر آيو. چاچا عزيز ڪافي وقت اسپتال ۾ رهيو، قاضي محمد اڪبر سندس عيادت ڪرڻ لاءِ آيو هو ۽ ٻيا ڪيترائي دوست عيادت ڪرڻ لاءِ اسپتال ۾ ايندا رهندا هئا. چاچي حميده چاچا عزيز جي هر ڏکي ۽ سکي مرحلي ۾ گڏ هوندي هئي، خاص طور تي چاچا کي وقت تي دوا ڏيڻ، سندن ڪپڙن، کاڌي پيتي جو خيال رکڻ ۽ لکڻ دوران چاچا کي پرسڪون ماحول مهيا ڪرڻ، مطلب ته سندس هر قسم جو خيال رکندي هئي. ايتري قدر جو تقريبن ۾ به چاچا سان گڏ گڏ هوندي هئي، چاچا آفيس ۾ هوندو ته چاچي وقت تي پاڻ دوائون کڻي ويندي هئي ۽ کيس کارائيندي هئي. چاچي جي عظمت کي سلام هجي جو هن پاڻ کي پوئتي رکي چاچا جي وڏي خدمت ڪئي، چاچا کي ڪامياب شخصيت بڻائڻ ۾ به چاچي جو وڏو ڪردار يهو، ڌڻي تعاليٰ کيس پنهنجي ٻارن طارق، خرم، شهلا ۽ مونا سان هميشه خوش ۽ آباد رکي. جڏهن چاچا جي طبيعت ڪجهه ٺيڪ ٿي ته روزانه سنڌ نيوز جو افتتاح ٿيو، قاضي محمد اڪبر ان وقت جي وڏي وزير رئيس غلام مصطفيٰ جتوئي کان افتتاح ڪرايو، چاچا عزيز اُن جو ايڊيٽر مقرر ٿيو، آئون ساڻس گڏ ايندو هئس ۽ سندس کاڌي پيتي ۽ دوائن جو خيال رکڻ منهنجي ذميواري هوندي هئي، جو چاچي مون کي سمجهائيندي هئي ته ڪهڙي دوا ڪهڙي وقت ڏيڻي آهي، چاچا عزيز جي نگراني ۾ مون صحافت جي تربيت ورتي، پاڻ منهنجو رهنما ۽ اُستاد هو، ڪجهه وقت کانپوءِ اخبار جون حالتون صحيح نه رهيون ۽ پوءِ چاچا حيدرآباد کي ڇڏي ڪراچي هليو ويو ۽ آخري عمر تائين اُتي ئي رهيو، پاڻ روزانه جنگ ۾ آخر ۾ روزانه ڊان سان وابسته رهيو، جتي هن بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري سندس ڪتاب ۽ لکڻيون اڄ به نمايان حيثيت رکن ٿيون، جيڪي هميشه کيس زندهه رکنديون، پاڻ اسان کان جسماني طور تي جدا ٿي ويو آهي پر پنهنجي لکڻين ۾ اسان وٽ هميشه زندهه رهندو. شيخ عزيز جو وڇوڙو منفرد جنهن جو صحافت ۾ مقام، سو حوالو ڄڻ اڌورو ٿي ويو، ”شيخ صاحب“ جي وڇوڙي ساڻ ڄڻ نظرئي جو دور پورو ٿي ويو. (ياسر قاضي) ڀلوڙ صحافي شيخ عزيز جي ياد ۾ محمد حيات بلوچ شيخ عزيز جو نالو مون ستين درجي ۾ انگريزي ۾ ٻُڌو هو، اسڪول مان واپسي تي اڪثر هوٽل يا دڪان تي ويٺل ماڻهو سڏي چوندا هئا ته بابا هي اخبار ته پڙهي ٻڌاءِ، ان زماني ۾ معلومات جو ذريعو واحد اخبار هوندي هئي، ريڊيو عام نه ٿيو هو، ٽي وي جو ته نالو نشان ئي نه هو، اخبار به گهڻو ڪري ”عبرت“ هوندي هئي ۽ ان ۾ اڪثر شيخ عزيز جي نالي سان مضمون شايع ٿيندا هئا، اتفاق سان اسان جي اسڪول ۾ هڪ نئون هيڊ ماستر بدلي ٿي آيو، نالو هئس شيخ عزيز، شاعر به هو، مشاعرن ۾ ترنم سان پنهنجا شعر ٻڌائيندو هو، سوچيم شاعر سان گڏ اديب به هوندو ۽ اهو ئي اخبار وارو شيخ عزيز ٿي سگهي ٿو، مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري روزگار جي تلاش شروع ڪئي، نصيب ۾ شايد روزگار به عبرت اخبار ۾ ئي لکيل هو، سو وڃي اتي پهتس، سو هاڻ عبرت ۾ حقيقي شيخ عزيز وٽ اچي پڳس، تعليم هن جي به مئٽرڪ منهنجي به مئٽرڪ پر انگريزي جي حوالي سان اسان ٻنهي ۾ زمين آسمان جو فرق هو، هو انگريزي سٺي ڳالهائيندو هو. ڳالهائيندو آئون به هوس پر يس ۽ نو جي حد تائين، ڪيڏي مهل زبان مان جي به نڪري ويندو هو، شيخ عزيز انگريزي مان سنڌي ۾ رواني سان ترجمو ڪري ويندو هو، ترجمو آئون به ڪري ويندو هوس پر ڳيتون ڏئي ڏئي، پوءِ به درستي عزيز صاحب کي ئي ڪرڻي پوندي هئي، حالانڪه مئٽرڪ ۾ انگريزي جيڪا مون پڙهي عزيز صاحب به اها پڙهي يعني انگريزي زبان جي ابي شيڪسپيئر جي فائيو ٽيلس آف شيڪسپيئر، دي ٽيمپيسٽ، مچ اڊو ابائوٽ نٿنگ، ونٽرس ٽيل، ايز يو لائڪ اٽ وغيره، لڳي ٿو ته عزيز صاحب اها انگريزي هينئن سان هنڊائڻ تحت پڙهي ۽ مون امتحان پاس ڪرڻ لاءِ، جيئن ته محسوس ٿيو ته اخباري نوڪري يا ڊيوٽي ۾ انگريزي ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته گهڻيون خبرون انگريزي مان ترجمو ڪرڻيون پونديون هيون، ان ڪري مون وڃي سچل ڪاليج ۾ داخلا ورتي ۽ شيخ عزيز کي به چيوسون تون به مٿي داخلا وٺ، چيائين تعليم کاتي ۾ جاهل ويٺا آهن، مون کي پنهنجو وقت برباد ناهي ڪرڻو، پوءِ خبر نه آهي ڇا ٿيس جو وڃي داخلا ورتائين، ميڊيم انگريزي کنيائين، اسان کي پڪ هئي ته امتحان ۾ شروعاتي نمبرن ۾ نه به آيو ته به فرسٽ ڪلاس ۾ ضرور پاس ٿيندو، کيس به اها پڪ هئي، نتيجو آيو نمبر سيڪنڊ ڪلاس ۾ هو، اسان تي ڪاوڙجي پيو چيائين ته مون توهان کي چيو هو نه ته هتي جاهل ويٺا آهن، اهي منهنجي انگريزي سمجهي ئي ڪونه سگهيا، بس ائين ئي مارڪون ڏيندا ويا، اڳتي هو ڪونه پڙهيو پر سندس لکيل ڪتاب اڄ به ايم اي جرنلزم جي شاگردن لاءِ مشعل راهه بنيل آهي، خدا جي ڪرڻي جو برطانيه جي هڪ اخباري اداري سان تعلق رکندڙ فرم کيس ڊپلوما لاءِ اسڪالرشپ آڇي ۽ هو لنڊن روانو ٿي ويو، هوائي اڏي تي اسان کيس رخصت ڪيو، ڪورس ٽن مهينن جو هو يا ڇهن مهينن جو شيخ عزيز اتان پنهنجي انگريزي وڌيڪ سون بنائي واپس پهتو، اداري ۾ ڊيوٽي دوران سينيئر يا جونيئر جو تفاوت نه هوندو هو، هڪٻئي سان کِل مذاق هوندي هئي ۽ ڪم به پيو ڪبو هو، ائين هڪڙي ڏينهن ٽپال ۾ منهنجي لاءِ هڪ ايئر ميل لفافو آيو، کوليم جيڪو منهنجي ڪلاس فيلو الطاف شيخ موڪليو هو، الطاف شيخ انگريزي جا چار درجا مون سان گڏ پڙهيا، پوءِ وڌيڪ تعليم هن ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ حاصل ڪئي، اتان فارغ ٿي اهو مرچنٽ نيوي سان منسلڪ ٿي ويو، شايد کيس اطلاع ملي چڪو هو ته مون وارو ڄٽ ڪلاس ميٽ صحافي ٿي ويو آهي، تنهن ڪري خوش به ٿيو ۽ خط ۾ الائي ڇا ڇا تفصيل لکي موڪليائين، مون اهو خط پڙهي کيسي ۾ ٿي وڌو ته سامهون ويٺل شيخ عزيز چيو ڪهڙي ملڪ مان خط آيو اٿئي، چيومانس ته منهنجي ڪلاس ميٽ الطاف شيخ خط موڪليو آهي ۽ جيڪو لکيو اٿس اهو مون کي به سمجهه ۾ نٿو اچي، عزيز مون کي چيو خط مون کي ڏي ڏسان، مون خط ڏنو مانس پڙهي چيائين ته هي ته زبردست سفرنامو آهي اهو پاڻ اخبار ۾ شايع ڪنداسين، اهو ئي هو منهنجي ۽ هُن جي سوچ جو فرق! عبرت ۾ سنڊي ايڊيشن الڳ نڪرندو هو جنهن ۾ سچيون ڪهاڻيون شايع ڪبيون هيون، الطاف شيخ جو سفرنامو به ان ۾ شايع ڪيو ويو، الطاف کي به شايد اطلاع مليو ته عبرت ۾ تنهنجو سفرنامو شروع ٿي ويو آهي پوءِ هو ائين سفرناما موڪليندو رهيو، اسان شايع ڪندا رهياسين، سندس سفرنامن جو پهريون ڪتاب عبرت ۾ شايع ٿيل سفرنامن جو مجموعو هو، هاڻ ته الطاف سفرنامن جي ذري گهٽ سينچري اچي مڪمل ڪئي آهي، اسڪول مان هڪٻئي کان جدا ٿيڻ کان پوءِ الطاف سان ڏهه ٻارنهن سال پهرين فقط هڪ ڀيرو عبرت آفيس ۾ ئي ملاقات ٿي هئي، ڪئميرا هٿ ۾ هئس، همراهه به گڏ هئس، ڏاڍا فوٽو گڏ ڪڍرايائين، چيائين حيات تنهنجا ته وار اڄ به گهاٽا آهن، آئون ته صفا گنجو ٿي ويو آهيان. شيخ صاحب کي پهريون فرزند ٿيو، نالو رکيائينس طارق، اسان کي چيائين منهنجو پٽ طارق اڳتي هلي فوج جو سربراهه ٿيندو، خدا جي ڪرڻي طارق فوجي ته نه بڻيو پر هوش سنڀالڻ سان قلم هٿ ۾ کنيائين، آرٽيڪل لکيائين، محنت ڪري ڪتاب لکيائين، پيءُ وٽ آيو، چيائين ڪتاب لکيو اٿم ڇپرائي ڏي، شيخ عزيز ٺپ جواب ڏنائينس ته تون ڄاڻ تنهنجو ڪتاب ڄاڻي، طارق همٿ نه هاري ڪتاب ڇپرائي ورتائين، هاڻ معاملو آيو رونمائي تقريب جو، دل ۾ سوچيائين بابا جا وڏا وڏا اديب دوست آهن، انهن کي فون ڪندو ته هو خوشي سان اچي شريڪ ٿيندا، نالن جي لسٽ کڻي پنهنجي والد وٽ آيو، چيائينس ته انهن کي فون اوهان ڪريو ڪارڊ آئون ٿو موڪليان ته جيئن تقريب شاندار ٿي وڃي، شيخ عزيز جو ساڳيو جواب ته بابا آئون ڪنهن کي به فون ڪونه ڪندس تون ڄاڻ تنهنجو ڪم، باقي ٽائيم هوندو ته تقريب ۾ شرڪت ضرور ڪندس. بهرحال رونمائي تقريب ٿي ۽ وڏي پئماني تي، شيخ عزيز جو مقصد اهو ئي هو ته جيڪڏهن آئون ڪا مدد ڪندوسانس ته هن ۾ خوداعتمادي پيدا ٿي نه سگهندي ۽ هميشه ٻين جي مشورن تي ڀاڙيندو رهندو، اهڙو ئي سلسلو مون سان به ٿيو عبرت اخبار ۾ ڪجهه تبديليون آيون، ايڊيٽر شيخ علي محمد اداري کان الڳ ٿي ويو، سينيئر ٽي هئا، شيخ عزيز، خيرمحمد کوکر، مقبول صديقي، مالڪ فيصلو ڪري ڪونه سگهيا، ٽنهي جو نالو ايڊيٽوريل بورڊ ۾ هلندو هو، اهو سلسلو شايد سال ٻه هليو نيٺ مالڪن کي ڪنهن کي نه ڪنهن کي ايڊيٽر مقرر ڪرڻو ئي پيو، مقابلي ۾ ٻه ڄڻا هئا ٻنهي پنهنجو حق پئي سمجهيو اهي هئا شيخ عزيز ۽ خيرمحمد کوکر، قاضي سعيد اڪبر جو لاڙو شيخ عزيز ڏانهن هو جڏهن ته سندس والد قاضي محمد اڪبر جي چوائس خيرمحمد کوکر هئي، سو خيرمحمد کوکر نئون ايڊيٽر ٿي ويو، بهرحال کيس انهيءَ تي راضي ڪيو ويو ته جيسين ڪو نئون نيوز ايڊيٽر مقرر ٿئي تيسين ايڊيٽر واري ذميواري سان گڏ هو رات جو نيوز ايڊيٽر جا فرض به سرانجام ڏئي، ڪجهه وقت اهو سلسلو جاري رهيو، اڳتي هلي خيرمحمد کوکر رات واري ڊيوٽي کان جواب ڏئي ڇڏيو، مجبوري ۾ شيخ عزيز کي ڊبل ڊيوٽي ڪرڻي پئجي وئي، رات جي ڊيوٽي ۾ جيئن آئون خيرمحمد کوکر جو اسسٽنٽ هيس تيئن شيخ عزيز جو به اسسٽنٽ رهيس، شيخ عزيز مون کي هيڪانديون خبرون ترجمي ۽ ٺاهڻ لاءِ ڏيندو هو، ويهن پنجويهن ڏينهن کان پوءِ شيخ عزيز مون کي چيو ابا ڪرسي سنڀال مون نه ڪئي، چيائين پاڻ ۾ خوداعتمادي پيدا ڪر، ڪا مشڪل ڳالهه ڪانهي ۽ تون بلڪل ذميواري سنڀالي سگهين ٿو، مون به بسم الله ڪئي ۽ پوءِ وري پوئتي مڙي نه ڏٺو، ايڊيٽر نه ٿيڻ جي باوجود شيخ عزيز پنهنجي ڊيوٽي سان سچو رهيو، ايڊيشن به پاڻ ئي ڪڍندو هو، ان دوران قاضي خاندان جو هڪ نوجوان فرد قاضي سليم اڪبر اخباري دنيا ۾ آيو، انگريزي اخبار آبزرور شروع ڪيائين ۽ ڪو وقت شام جي اخبار طور نڪرندڙ سنڌ نيوز اخبار کي روزاني اخبار ڪري مارڪيٽ ۾ آڻڻ جو پروگرام جوڙيائين، شيخ عزيز کي پاڻ ڏانهن وٺي ويو، سڀ تياريون مڪمل ٿي چڪيون هيون، پريس لاءِ مشينري اچي وئي، آفيس قائم ٿي وئي قدرت خدا جي قاضي محمد اڪبر جو هي نوجوان فرزند قاضي سليم اڪبر سپر هاءِ وي تي ڪراچي ويندي روڊ حادثي ۾ گذاري ويو، بهرحال شيخ عزيز پنهنجو وچن نڀايو اخبار مارڪيٽ ۾ آندي، افتتاحي تقريب ۾ ان وقت جو وزيراعليٰ غلام مصطفيٰ جتوئي شريڪ ٿيو، جيئن ته اصل دلچسپي رکندڙ فرد هي جهان ڇڏي چڪو هو، ان ڪري باقي ٻين جي دلچسپي آهستي آهستي گهٽجندي وئي، اهڙي طرح شيخ عزيز به اداري کي خيرباد چئي ڪراچي منتقل ٿي ويو، هيري جي ڄاڻ جوهري کي هوندي آهي سو جيئن ئي شيخ عزيز ڪراچي ۾ سيٽل ٿيو ماتري کيس پنهنجي اخبار حريت ۾ ڇڪي ويو ايڊيشن سندس حوالي ٿيا ان ۾ به هن سنڌ کي ئي اوليت ڏني، مير خليل الرحمان ڪنهن به اردو اخبار کي پاڻ کان وڌڻ ڪونه ڏيندو هو، هي جو حريت سنڌ ۾ مقبوليت حاصل ڪرڻ لڳي ته هڪدم شيخ عزيز کي ڇڪي پاڻ ڏانهن جنگ گروپ ۾ کڻي آيو، اتي به هن پنهنجو فرض ايمانداري سان نڀايو، ڪجهه وقت کان پوءِ حميد هارون به ڪوشش ڪئي ته کيس پنهنجي اخبار ڊان ۾ وٺي ويو، اها ان جي آخري اخبار هئي، وچ ۾ پير مظهرالحق وزير تعليم جي حيثيت ۾ شيخ عزيز کي سنڌي ادبي بورڊ ۾ سيڪريٽري ڪري رکيو ۽ پروانو ڀٽي کي به ان ئي اداري ۾ نوڪري ڏنائين، شيخ عزيز صحافت جي ٽنهي شعبن سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ پاڻ مڃايو ۽ پنهنجو نالو ڪڍيو، سنڌي هو سنڌ سان محبت هيس، سنڌ جي ريتن رسمن کي مضمونن جي صورت ۾ اخبارن جي زينت بنايائين. بهرحال، شيخ عزيز پنهنجي ڊيوٽي ايمانداري سان ادا ڪندو هو، تصور اهو ئي هوندو هو ته ڄڻ هو ڪو پنهنجو فرض ادا ڪري رهيو آهي، بيماري ۾ به موڪل نه ڪندو هو، هي مثال هن کان وڌيڪ ٻيو ٿي نٿو سگهي ته شيخ عزيز جي امڙ گذاري وئي، قبرستان ۾ پنهنجي هٿن سان پنهنجي امڙ کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪري قبرستان کان سڌو عبرت آفيس ۾ اچي پنهنجي ڊيوٽي تي ويٺو، اهو هو شيخ عزيز، جيڪو ورلي ملندو. شیخ عزیز ہمہ گیر شخصیت رفیق شیخ استاد محترم، اڑتیس سال پہلے کا منظر سندھ یونیورسٹی شعبہ صحافت اور آج کا منظرحیدرآباد پریس کلب کا بالائی ہال، اڑتیس سال پہلے استاد محترم شعبہ صحافت کے کلاس روم میں لیکچر دے رہے ہیں اور آج حیدرآباد پریس کلب کے ہال میں استاد محترم کی تصویر پھولوں کے درمیاں ہے اور ان سے محبت کرنے والے اور عقیدت رکھنے والے ان کی شخصیت پراظہار خیال کررہے ہیں۔ مہیش کمار نے یہ اڑتیس سال ایک فلم کی مانند بندآنکھوں سے دماغ کے پردے پر چلا دیے کچھ کثر باقی رہی تو آغارفیق اور نصیرمرزانےپوری کردی۔پیرمظہر،مجاہد بریلوی، قاضی خادم، ظہیر احمد نے کچھ اور مناظرسے پردہ اٹھایا۔ اس کے باوجود اس فلم کے کئی مناظر اوجھل رہے۔ واقعی استاد محترم شیخ عزیزکی شخصیت کے کئی پہلو ہنوزاوجھل ہیں جتنے بڑے وہ صحافی تھے استاد تھے سیاسی، سماجی اور ثقافتی دانشور تھے،موسیقار تھے، مصنف تھے اس قدر ہم انھیں خراج عقئدت پیش نہیں کر سکے۔ کثرالجہتی شخصیت کے مالک شیخ عزیزتقریباّ اسّی برس کی عمر میں گزشتہ اکتوبر میں جہان فانی سے کوچ کر گئے نصف زندگی انھوں نے اپنے آبائی شہر حیدرآباد اور نصف زندگی کراچی میں گزاری۔ جنم لیا حیدرآباد میں اور دفن ہوئے کراچی میں۔ یہ اس بات کی علامت بھی ہے کہ شیخ عزیز نے دیہی سندھ سے علمی، صحافتی، ثقافتی اور تحریر سے رشتے کاجو سفرشروع کیا تھا وہ شہری سندھ تک کسی تعصب اور غرض کے بغیرانجام کو پہنچا اور ثبوت کے طور دہی سندھ کے وجود کوشہری سندھ کے حوالے کرگئے۔ حیدرآباد کی صحافتی برادری کہ کچھ دوستوں نے انھیں خراج عقیدت پیش کرنے کے لیے حیدرآباد پریس کلب میں ،،شیخ عزیز تعزیتی ریفرنس،، رکھا حیدرآباد پریس کلب کے سابق صدر سینئر صحافی مہیش کمارنے اپنے دوستوں فاروق سومرو،امدادچانڈیواور دیگر کے ساتھ صحافی دوست گروپ کے پلیٹ فارم سے اس تعزیتی ریفرنس کا انعقاد کیا،ریفرنس میں حیدرآباد سے جہاں ان کے دوست احباب شاگرد شریک ہوئےوہیں کراچی سے سینئر صحافی اور اینکر مجاہد بریلوی جن کا شیخ عزیز کے ساتھ برسوں کا تعلق رہا جی این مغل حیدرآباد اور کراچی میں شیخ صاحب ساتھی رہے، سابق صدر کراچی پریس کلب طاہرحسن خان جنھیں شیخ عزیز کے ساتھ ایک کمرے میں ساتھ کام کرنے کا اعزاز حاصل رہا ہے اور میں،جو دو فیض حاصل کرنے والوں شامل رہا یعنی سندھ یونیورسٹی کے جرنلزم ڈیپارٹمنٹ میں شیخ عزیز سے باقاعدہ صحافت کی تعلیم حاصل کی اور کراچی میں عملی صحافت کے دورمیں ان سے راہنمائی لیتا رہا پیر مظہرالحق گزشتہ تیس سال سے پارلیمانی سیاست کا اہم کردار رہے کئی انتخابات جیتے صوبے کے وزیربنے انھوں نے بھی اپنی عملی زندگی صحافت سے شروع کی اور شیخ عزیز کے بستہ بند شاگرد بنے۔وہ بھی ناسازی طبع کے باوجود استاد محترم کو خراج عقیدت پیش کرنے پہنچے۔سینئر صحافی اور حیدرآباد پریس کلب کے سابق سیکریٹری ظہیر احمد، سینئر صحافی اور سابق سیکریٹری حفیظ عابد ،سینئرصحافی فاروق سومرو،صحافی اور انسانی حقوق کے سرگرم راہنما امداد چانڈیو نے بھی اپنے سینئر ساتھی اور استاد کو اپنی یادوں کے حوالے خراج عقیدت پیش کیا آغا رفیق جو سندھ یونیورسٹی ماس کمیونیکشن ڈیپارٹمنٹ کے چئرمین رہے اور نصیرمرزا جوریڈیوپاکستان کے ریجنل ڈائریکٹر رہے، میری طرح شیخ صاحب کے یونیورسٹی میں شاگرد تھے یہ ان شاگردوں میں تھے بقول آغا رفیق جنھیں شیخ صاحب کے اس کمرے تک رسائی حاصل تھی جہاں ان کے بچے بھی نہیں جاسکتے تھے یعنی چہیتے،لاڈلے ۔۔ان کا کہنا تھا کہ شیخ صاحب نے انھیں جو تعلیم دی جس طرح تربیت کی اس کے نتیجے میں ان سمیت شیخ صاحب کے کئی شاگرد جس بھی پروفیشن میں گئے اس کی ٹاپ پوزیشن تک پہنچے پروفیسر قاضی خادم حسین جوسندھ یونیورسٹی کے سندھی شعبہ کے استاد ہونے کے ساتھ صحافت سےبھی دہائیوں سے وابستہ رہے انھوں نے بھی اپنے ساتھی کو دل کی گہرائیوں سے خران تحسین پیش کیا۔تعزیتی ریفرنس میں شیخ عزیز کے صاحبزادگان طارق عزیز شیخ اور خرم شیخ بھی شریک تھے جنھوں نے اپنے والد کے ساتھ گزری یادوں کو حاضرین کے ساتھ شئرکیا،۔شیخ عزیز تاریخ،سیاست،صحافت اورموسیقی کی کئی کتابوں کے مصنف ہونے کے ساتھ ساتھ ایک متحرک عملی صحافی بھی رہے َ۔انّیس سوپچاس کی دہائی کے آخر میں سندھی صحافت سے آغاز کیا روزنامہ عبرت اور سندہ نیوز حیدرآباد سے طویل عرصہ وابستہ رہے پھر روزنامہ جنگ کراچی بعد ازاں روزنامہ حرّیت کراچی سے وابستہ ہوکراردوصحافت میں نام کمایا ڈیلی ڈان کراچی سے بھی وابستگی آخری دم تک رہی یوں انگریزی صحافت میں بھی نمایاں مقام حاصل کیا۔شیخ عزیز حیدرآباد پریس کلب کے سیکریٹری بھی رہے سندھی ادبی ہورڈ کے بھی وائس چئرمین رہے۔شیخ عزیز تمام عمر ایک متحرک صحافی کے طور پر کام کرتے رہے ۔حیدرآباد کے صحافیوں نے انھیں خراج عقیدت پیش کرنے کے لیےتعزیتی ریفرنس کے ساتھ ساتھ شیخ عزیز ایوارڈ کا اجرا بھی کیا یہ ایوارڈ ہر سال جونئر،سینئر صحفیوں کو دیے جائیں گے۔شیخ عزیز کو خراج عقیدت پیش کرنے لیے حیدرآباد پریس کلب اس ہال کو جہاں تعزیتی ریفرنس ہوا شیخ عزیز کے نام سے منسوب کردیا جائے۔ شيخ عزيز گھڻ پاسائي شخصيت سرويچ حيدر اوڍو صحافي دوست گروپ پاران پريس ڪلب حيدرآباد ۾ جديد صحافت جي بانيڪار ۽ موسقي جي ڄاڻو شيخ عزيز جي ياد ۾ تعزيتي ريفرنس ٿي گذريو. انهي موقعي تي شيخ عزيز جي گھڻگھرن، دوستن ۽ ان شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. آيل مهمانن جي آجيان ڪندي سنڌ ايڪسپريس جي ايڊيٽر فاروق سومرو چيو ته هي اڄوڪو ميڙاڪو صحافتي ڏاهي، هڪ وڏي اسڪالر شيخ عزيز کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ اسان گڏ ٿيا آهيون. شيخ عزيز صحافت کي ترقي پسند رخ ڏنو. شيخ صاحب ۱۹۶۳ ۽ ۱۹۶۶ ۾ پريس ڪلب حيدرآباد جو صدر رهيو ۽ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جو به صدر رهيو. صحافي سنگت فيصلو ڪيو آهي ته هن سال وانگر هر سال شيخ عزيز ايوارڊ ڏنا ويندا جيئن ان جي يادگيري به رهي ۽ ايوارڊ ماڻيندڙ شيخ صاحب جي ڏسيل واٽ تي هلڻ جي به ڪوشش ڪن. هن سال لائيف اچيومنٽ ايوارڊ سينيئر صحافي جي اين مغل کي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ جن ٻين کي اڄوڪي پروگرام ۾ ايوارڊ ڏنا ويندا انهن ۾ سنڌ ايڪسپريس جي سينيئر رپورٽر اسحاق مڱريو، ڊان گروپ سان واڳيل صحافي محمد حسين خان، جنگ جي رپورٽر محمد قاسم هاليپوٽو، ڪاوش جي رپورٽر عظمت ڪنڀر، ابتڪ ٽي وي جي رپورٽر حفيظ مگسي، ۽ ايڪسپريس جو رپورٽر دانش نفيس شامل آهن. ان موقعي تي شيخ عزيز جي فرزند طارق شيخ عزيز چيو ته شيخ عزيز نه صرف اسانجو پر سڄي سنڌي صحافت جو اثاثو هيو، هو پنهنجي شخصيت ۾ ادارو هيو، صبح کان رات تائين جستجو ۾ هوندو هيو ته نيوز جي دنيا ۾ ڇا پيو هلي. هن کان توهان ڪنهن به وقت ڪهڙي به موضوع تي ڳالهارائي يا لکرائي سگھو ٿا. هن کي موسقي سان وڏو لڳاءٌ هيو. هن ۱۹۶۲ ۾ عبرت ميگزين جو بنياد رکيو. هن صحافت جي ابتدا ۱۹۵۶ ۾ ڪئي ۽ ۱۹۵۸ ۾ عبرت جوائن ڪيائين ۽ ۱۹۷۶ تائين عبرت سان واڳيل رهيو. عبرت ۾ نيوز، ميگزين ۽ ايڊيٽوريل پيج سميت هر شعبي ۾ جديديت روشناس ڪرايائون. هن جي شاگردن صحافت ۾ وڏو نالو پيدا ڪيو. پاڻ جڏهن روزاني جنگ جوائن ڪيائون ته مهراڻ رنگ جي نالي سان صفحو شروع ڪيائون جنهن ۾ سنڌ جا سمورا رنگ شامل هوندا هيا. اهڙي طرح جنگ جي معرفت سنڌ جي هر پهلو کي اجاگر ڪيائون. اڳتي هلي روزاني ڊان جوائين ڪيائون. اتي سنڌ بابت ڪالم لکندا هيا. اهڙي طرح جنگ ۽ ڊان معرفت سموري دنيا ۾ سنڌي ڪلچر، ٻولي ۽ تاريخ بابت ڄاڻ ڏنائون بقول يوسف شاهين جي ته شيخ عزيز علم جو انسائيڪلوپيڊيا هيا. هن جو سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ لکيل جھجھي انگ ۾ يادگار ۽ تاريخي مواد اسان وٽ پيل آهي. روزاني مهراڻ جي ايڊيٽر فقير منٺار مڱريو چيو ته شيخ عزيز سنڌي ٻولي ۽ صحافت جي جيڪا خدمت ڪئي آهي مان ان تي کيس خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. روزاني ڌرتي جي ايڊيٽر ظهير ميراڻي چيو ته شيخ عزيز جهڙا ماڻهو صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن. منهنجي صحافت جي ابتدائي ڏينهن ۾ جڏهن شيخ صاحب سان ملاقات ٿي ته مان ان کان ڏاڍو متاثر ٿيس. عوامي آواز ۽ سنڌ سجاڳ ميگزين لاءِ شيخ صاحب کان انٽرويو وٺڻ واري ٽيم ۾ مان به شامل هيس. شيخ صاحب سنڌي صحافت سان گڏ اردو ۽ انگريزي ۾ به وڏو نالو ڪمايو، پاڻ سنڌي قوم جو اثاثو آهن. اڳوڻي شاگرد اڳواڻ، هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان سنڌ جي انچارج امداد چانڊيو تقرير ڪندي چيو ته منهنجي زندگي جو ڳچ حصو سياست ۾ گذريو ۽ ايترو ئي وري استاد جي حيثيت ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون مان خوشنصيب آهيان ته مون صحافت جي ابتدا شيخ عزيز جي ادارت ۾ نڪرندڙ اخبار سان ڪئي. ان زماني ۾ مون شيخ صاحب جي پائي جو يا ان جو مٽ ڪو صحافي ڪونه ڏٺو. هو وڏو پڙهيل لکيل ماڻهو هيو. هن اسان کي سيکاريو ته عملن صحافت ڪيئن ڪبي آهي هن صحافت کي ڊرائينگ روم مان ڪڍي عوام تائين پهچايو. اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته با صلاحيت صحافي پيدا ڪريون جيڪي شيخ عزيز جي نقش قدم تي هلن. روزاني سنڌ جي ايڊيٽر ڪامريڊ مهيش ڪمار چيو ته مان جڏهن ساٿي ٻارڙا سنگت جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري هيس ته ان وقت شيخ عزيز مون سان ملڻ ڳوٺ آيو هيو. ۲۰۱۰ ۾ جڏهن مان حيدرآباد پريس ڪلب جو صدر ٿيس ته شيخ صاحب اڪثر ڪلب ايندو هيو ان جي صلاحن سان اسان پريس ڪلب ۾ هڪ فارمولي تحت ڀائيچاري وارو ماحول پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿياسون. شيخ صاحب اڪثر چوندو هيو ته صحافي کي پروفيشنل هجڻ گھرجي تڏهن ئي ايمانداري سان اڻڌري صحافت ڪري سگھجي ٿي. هن چيو ته مان پنهنجي طرفان منهنجي نياڻي برکا جي نالي تي قائم پبليڪيشن پاران شيخ صاحب جو هڪ ڪتاب شايع ڪرڻ جو اعلان ڪريان ٿو ۽ ڪلچر کاتي سميت ٻين اشاعتي ادارن کي اپيل ڪندس ته شيخ صاحب جو سنڌي، اردو ۽ انگريزي وارو اهم ۽ سانڊڻ جهڙو مواد پيل آهي ان کي محفوظ ڪرڻ ۽ ان کي نئين نسل تائين پهچائڻ لاءِ ڪتاب شايع ڪيا وڃن. شيخ عزيز جي شاگرد آغا رفيق چيو ته شيخ صاحب اسانکي ٻه شيون سيکاريون ته هڪڙا اهي هوندا آهن جيڪي پئسي جي ڪڍ مرندا آهن. ٻيا اهي هوندا آهن جيڪي مقصد لاءِ مرندا آهن. هن صحافت جو بنيادي اصول سيکاريو ته صحافت هڪ مشن آهي صحافت ڌنڌو ناهي هوندو. اسان جڏهن اخبار جي آفيس ۾ ڪم ڪندا هياسون ته اسان کي خبرون ٺاهڻ لاءِ ملنديون هيون ته هن جي نصيحت هوندي هئي ته پنهنجي ضمير موجب ڪم ڪيو، جيڪا شي سمجهو ته جائز ۽ حق تي آهي پوءِ ان تي بهجي وڃو، ان تي ڪمپرومائيز نه ڪريو، ڪنهن جو به خيال نه ڪيو، اهائي اصولن واري صحافت آهي ۽ توهان تاريخدان آهيو ان ڪري اهو ڪجهه لکو جيڪو توهان جو ضمير چوي ٿو ڇو ته جڏهن تحقيق ٿيندي ته توهان جون لکيل شيون رفرنس طور ڪم اينديون ان ڪري سچ لکو ۽ ان تي بيهي رهو. پروفيسر ذوالفقار قريشي چيو ته منهنجو خاندان ستن پيڙهين کان گائڪي سان واڳيل رهيو آهي. مون شيخ عزيز جي صحبت کان گھڻو ڪجهه سکيو هن مونکي وائي ۽ ڪافي ۾ فرق سمجهايو ۽ ڌنون ڪيئن خوبصورت بنائي سگھجن ٿيون اهو به مون شيخ صاحب کان سکيو. سماج سڌارڪ اڳواڻ سليمان جي ابڙي چيو ته شيخ عزيز صحافت ۾ نوان گس ۽ موڙ ڏنا. هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته اسان اسلام آباد ۾ ڪچهري ۾ ويٺل هياسون اتي آغا سليم ٻڌايو ته شيخ عزيز جا سنڌي موسقي ۽ ڪلچر بابت ڊان اخبار ۾ اهڙا ته تحقيقي ۽ معلوماتي ليک اچن ٿا اسان ان مان ڪافي پرايون ٿا ۽ اهي اسان جي وڏي ڪم جا ثابت ٿين ٿا. ان ان وقت شيخ عزيز جي شخصيت بابت معلوم ٿيو ته هو ڪيڏو نه وڏو ماڻهو هيو. هن جو اهو ڪارائتو مواد شايع ٿي مارڪيٽ ۾ اچڻ گھرجي جيئن ان مان اسان جو نئون نسل مستفيض ٿي سگھي. رفيق شيخ چيو ته ۳۸ سالن جون يادون تازيون ٿي ويون آهن شيخ صاحب جيترو وڏو صحافي هيو اوترو ئي سٺو دوست هوندو هيو. هو پنهنجي آمدني جو وڏو حصو دوستن تي ۽ ڪچهرين ۾ خرچ ڪندو هيو. جڏهن پاڻ سنڌ يونيورسٽي ۾ هوندو هيو ته سڄو ڏينهن چانهه پيٽيس جو سلسلو پيو هلندو هيو. سينيئر صحافي جي اين مغل چيو ته شيخ عزيز صحافت جو وڏو اثاثو هيو. هن چيو ته جيڪا صحافت اخلاقيات تي مبني ناهي ان کي صحافت نٿو سمجهان. شيخ عزيز صحافتي اصولن جي سهڻي نموني پاسداري ڪئي. قاضي خادم چيو ته شيخ عزيز جي پائي جا ماڻهو مون گھٽ ڏٺا آهن. بيباڪ صحافي، دوستن جو دوست، پڙهڻ ۽ موسقي جو شوقين. هن ڪلچر، تاريخ ۽ ميوزڪ تي سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ گھڻو لکيو. هن جي اها خوبي هئي ته هو سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين تي هڪ جهڙو عبور رکندو هيو. هن ٽنهي ٻولين جي وڏين اخبارن ۾ ڪم ڪيو. هن پريس ڪلب انتظاميه کان مطالبو ڪيو ته هن هال جو نالو شيخ عزيز هال رکيو وڃي. اڳوڻي صوبائي وزير پير مظهرالحق چيو ته شيخ عزيز اصولن واري صحافت ڪئي، پاڻ خوددار شخصيت جو مالڪ هيو. هن زندگي ۾ مسلسل نواڻ ۽ تحقيق تي ڪم ڪيو. هن صحافي دوست گروپ جي دوستن کي سارهايو جو انهن شيخ صاحب کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ هي پروگرام رکيو آهي. هن چيو ته اسان مرده قوم آهيون جيئري شيخ صاحب کي خراج پيش ڪيو وڃي ها ته ڪيڏو نه سٺو ٿئي ها. هن چيو ته شيخ صاحب ۾ جيتريون خوبيون ۽ صلاحيتون هيون هو اوترو ئي نوڙت ۽ سادگي سان زندگي گذاريندو هيو. انهي موقعي تي عبدالحفيظ عابد، ظهير احمد جن تقريرون ڪيون.پروگرام جي آخر ۾ تقريب ۾ آيل مهمانن شيخ صاحب جي تصوير آڏو گلن جي ورکا ڪري ميڻ بتيون ٻاري کيس ڀيٽا ڏني. اهڙي طرح سنڌ جي هن انمول هيري کي ڀيٽا ڏيڻ وارو پروگرام پنهنجي پڄاڻي تي پهتو. مان هڪ دفعو صحافي دوست گروپ جي دوستن کي واڌايون ڏيندس جو انهن شيخ عزيز کي ياد ڪيو ۽ ان کي ڀيٽا پيش ڪئي. اهڙي طرح اها ڪوشش جاري رهڻ گھرجي. صحافت جي ميدان ۾ کوڙ سارا ڪردار موجود آهن جن اصولن جي صحافت ڪئي. اهو ضروري به آهي ته اسان جي نئين نسل کي صحافت جي کيتر ۾ ڪم ڪندڙن جي زندگين بابت ڄاڻ حاصل ٿي سگھي. شيخ عزيز صحافت، ادب ۽ موسيقيءَ جو پارکو رمضان نومڙيو ۲۰۱۸ع جو سال ان حوالي سان انتهائي ڳرو آهي جو هن سال سنڌ ۽ ملڪ جون اهم شخصيتون اسان کان وڇڙي ويون، سال جي شروع ٿيندي ئي انساني حقن جي علمبردار ۽ مسڪينن ۽ غريبن جو آواز عاصمه جهانگير اوچتو دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري وئي، جنهن خبر پڻ هن ملڪ جي پوئتي پيل غريب عوام کي وڏو ڌچڪو پهچايو، سنڌ جي حوالي سان سينيئر سياستدان ۽ سنڌ جي حقن لاءِ پاڻ ملهائيندڙ رسول بخش پليجي جو وڇوڙو به سنڌ جي لاءِ وڏو الميو آهي، جنهن جي وڇوڙي سنڌ جي حقن جي سياست ۽ ڊيمن خلاف اٿندڙ آواز کي ڪاپاري ڌڪ هنيو، اڄ جيڪڏهن پليجو صاحب زندهه هجي ها ته اڄ گهٽ ۾ گهٽ چيف جسٽس جي ڊيمن خلاف هلندڙ مهم کي چڱي ريت جواب ڏي ها، ڇاڪاڻ ته هو هڪ ناميارو ۽ سينيئر وڪيل به هو، جيڪو وڌيڪ قانون کي ڄاڻندڙ هو ۽ سنڌؤ درياهه جو جهڙي نموني هو ڪيس وڙهيو، اهو اڄ ٻيو ڪو نه وڙهي سگهي ها، ساڳئي طرح سنڌ جي هڪ ٻئي به قومپرست شخصيت ۽ سنڌ جي سياست ۽ جمهوريت جو موڙ ڄام ساقي به هن ئي سال لاڏاڻو ڪري سنڌ کي ننڌڻڪو ڪري ويو. ۰۷ آڪٽوبر ۲۰۱۸ع تي به سنڌ لاءِ ڄڻ ته هڪ خبر آسماني بجلي ٿي ڪري، جڏهن سنڌ جو سينيئر ترين صحافي، دانشور ۽ اديب سائين شيخ عزيز لاڏاڻو ڪري ويو، شيخ صاحب جديد صحافت جو ته ابو سڏجي ٿو پر سندس قلم جهڙيءَ طرح جمهوريت، استعماري قوتن ۽ آمرن خلاف جنگ جوٽي ان جو مثال ملڻ ڏاڍو مشڪل آهي، ڪجهه سال اڳ منهنجو انگريزي اخبار ”ڊان“ ۾ ڪنهن ڪم سانگي وڃڻ ٿيو، اتي منهنجي دوست زوار مرزا مون کي چيو ته مون سان گڏ هل ته توکي شيخ صاحب سان ملائي اچان، جيئن ته آئون نئين ٽهي جو صحافي هئس ۽ مون کي شيخ صاحب کي ”ڊان“ اخبار ۾ لکيل مضمونن ۽ خبرن تمام گهڻو متاثر ڪيو هو ۽ ساڻس ملاقات لاءِ تڪڙا تڪڙا پير ڀري سندس ڪمري ۾ پهتاسين، شيخ صاحب ڪمپيوٽر تي پنهنجي ڪنهن خبر يا مضمون جي ڪمپوزنگ ۾ مصروف هو ۽ مون کي ڏسي ڪمپيوٽر تي سندس هٿ بيهي رهيا، پاڻ اٿي تمام پاٻوهه سان مون سان مليو ۽ مون کيس چيو ته آئون حيدرآباد مان آيو آهيان ۽ توهان جي فرزند طارق عزيز شيخ جو ڪلاس فيلو به رهيو آهيان ۽ صحافت سان به وابسطا آهيان، شيخ صاحب مون کي نهايت ئي کل جهڙي انداز ۾ ڀليڪار چئي ۽ ڪجهه گهڙيون ساڻس ڪچهري به ڪئي، مون سندس ڳالهين مان ائين محسوس ڪيو ته هي پنهنجي ڪم سان ڪميٽيڊ ماڻهو آهي ۽ سندس ڳالهين ۽ سندس سوچ مان اندازو لڳايم ته هي انتهائي وڏو ماڻهو آهي، بعد ۾ ڪراچيءَ ۾ وري به منهنجي دوست طارق عزيز سان ملڻ دوران گهر ۾ ساڻس هڪ ٻه دفعا ملاقات به ٿي، ان ۾ به شيخ صاحب مون سان ملي ڏاڍو خوش ٿيندو هو، پر هڪ خاص ڳالهه جيڪا مون شيخ صاحب ۾ نوٽ ڪئي سا اها ته هو پنهنجي ڪم ۾ ايترو ته مشغول ۽ مصروف هوندو هو جو هڪ ته گهٽ ڳالهائيندو هو ۽ گهڻو وقت پنهنجي ڪم طرف ڌيان ڏيندو هو. تازو شيخ صاحب جون ڪيتريون ئي قسطون مون ”ڊان“ جي سنڊي پيج ۾ لڳاتار پڙهي وڏي معلومات حاصل ڪئي، جنهن ۾ هن شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي عروج ۽ زوال کي نهايت ئي ناول واري طريقي سان لکيو ۽ سمجھايو، سندس ان ڪالم ۾ جنرل ضياءَ الحق جون ارهه زورايون، مارشل لا جون ڪاريون راتيون ۽ ظلم نهايت ئي تسلسل سان پڙهڻ لاءِ مليا، شيخ صاحب ان سڄي ڪهاڻيءَ کي (الف) کان (ي) تائين اهڙي ته نموني قسط وار سمجھايو جو نه رڳو هن ملڪ جو سياسي شعور رکندڙ ماڻهو ملڪ جي ماضي جي سياسي صورتحال کان واقف ٿيو پر اڄ جي شاگرد طبقي کي به ان جي ڪالم وڏي معلومات حاصل ٿي. ان کانسواءِ شيخ صاحب پنهنجي زندگيءَ ۾ سياست، سماجيات، علم، ادب ۽ موسيقيءَ جي سوين موضوعن تي به هزارين مضمون پڻ لکيا ۽ ان سان گڏ هن ڪيترائي ڪتاب پڻ لکيا، جن ۾ پوليٽيڪل هسٽري آف پاڪستان، هسٽاريڪلر ايٽلس آف سومرا ڪنگڊم آف سنڌ، ڀُٽو- ميموريز ۽ ريمبرنس، اي هسٽري آف سنڌي لٽريچر، اوريجن اينڊ ايووليوشن آف سنڌي ميوزڪ سميت عملي صحافي نالي ڪتاب شامل آهن، شيخ عزيز صاحب هڪ گهري نظر رکندڙ صحافي سان گڏ موسيقي جو وسيع ڄاڻ پڻ رکندو هو، شيخ صاحب سنڌي ادبي بورڊ جو وائيس چيئرمين پڻ مقرر ٿيو، مرحوم حيدرآباد پريس ڪلب جو صدر، حيدرآباد يونين آف جرنلس جو صدر ۽ آل پاڪستان نيوز پيپر سوسائيٽيءَ جو جج پڻ رهيو، ۰۹ ڊسمبر ۱۹۳۸ع ۾ حيدرآباد جي علائقي ٽنڊو آغا علي آباد ۾ جنم وٺندڙ شيخ عزيز صاحب ۰۷ آڪٽوبر ۲۰۱۸ع تي ۷۹ سالن جي ڄمار ۾ اسان کان وسري ويو، شيخ صاحب نه رڳو اخبار ڊان پر روزاني حريت، روزاني جنگ ۽ هفتي وار آبزرور ۾ پڻ ڪم ڪيو، هن پنهنجي صحافتي زندگيءَ جو ڳچ عرصو روزاني جنگ ڪراچيءَ ۾ به پنهنجيون صحافي ذميواريون سر انجام ڏيندي گذاريون، بعد ۾ ۱۹۸۹ع کان ۲۰۰۸ع تائين هو ڊان سان منسلڪ رهيو ۽ رٽائرڊ ٿيو، ان کانپوءِ به شيخ صاحب آخري گهڙيءَ تائين ڊان ۾ ڪنهن نه ڪنهن موضوع تي ڪم ڪندو رهيو ۽ آخري دم تائين ڊان سان ئي سندس قلم بند ٿيو، اسان لاءِ شيخ صاحب مشعلِ راهه آهي، جنهن سنڌي صحافت ۽ هڪ سنڌي صحافي هجڻ جي ناتي جيڪي صحافت جا وڏا پنڌ ڪيا، اهي شايد شيخ صاحب جي ئي ورثي ۾ آيا، سندس صحافتي، ادبي ۽ موسيقي لاءِ ڪيل خدمتون ڪڏهن به وساري نٿيون سگهجن. ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي روزاني سوڀ، ۱۵ آڪٽوبر ۲۰۱۸ع شيخ عزيز سنڌ جو املھ موتي - سنڌ جي ارڏي صحافي کي ٻي ورسيءَ تي ڀيٽا مھيش ڪمار سنڌي صحافت کي جدت بخشيندڙ شيخ عزيز اسان کان هڪ سال اڳ وڇڙي ويو. سندس صحافتي ڪم فقط سنڌي اخبارن لاءِ يادگار ناهي، بلڪه اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ به سندس خدمتون هميشه ياد رکڻ جهڙيون آهن. شيخ عزيز جي قابليت انهيءَ ڳالھ مان پرکي سگهجي ٿي ته جڏهن سٺ واري ڏهاڪي ۾ پرڏيھ مان جرنلزم جي ڊگري حاصل ڪري آيو هو، تڏهن سنڌ جو هي پهريون صحافي هو جيڪو پرڏيھ مان مڪمل تعليم ۽ تربيت وٺي آيو هو. هن جي سچائي اها هئي جو ان زماني ۾ کيس ملڪ جي وڏي انگريزي اخبار ۽ پرڏيهي ريڊيو جي نيوز سيڪشن مان آڇون اچڻ باوجود پاڻ جديد عالمي صحافتي تجربا سنڌي اخبار لاءِ استعمال ڪيائين ۽ سنڌي اخبار ’عبرت‘ کي صحافت جي عالمي انداز ۾ ٺاهيائين. شيخ عزيز پنهنجي زندگيءَ جو وڌيڪ وقت صحافت کي ڏنو. ڌارين ٻولين جي اخبارن ۾ جڏهن ميگزين ايڊيٽر، نيوز ايڊيٽر، ايڊيشن انچارج ۽ ايڊيٽر جهڙن عهدن تي رهيو تڏهن سمورن ڪارڪنن نيوز ڊيسڪ، رپورٽرن ۽ ٽيڪنيڪل عملي کي هر ڏينهن ايمرجنسيءَ واري حالت جيان ڪم ۾ جنبيل رکيائين. وقتائتو ۽ ٻرندڙ اشو وائکو ڪرڻ هن جو مقصد رهيو. نئين ڏينهن سان نئون جذبو کڻي منجهند کان اڌ رات تائين بهتر کان بهتر ڪري، وڌيڪ معلوماتي مواد شامل ڪرڻ جي جستجوءَ ۾ رهندو هو. ايستائين ڪم ۾ مصروف رهندو هو جيستائين ڪاپي ڊائون نه ٿئي. سندس هر اخبار ۾ گذاريل وقت ڪامياب ترين رهيو ۽ تڏهن اها اخبار سڀ کان وڌيڪ سرڪيوليشن واري اخبار رهي. عبرت، جنگ، حريت ۽ ڊان اخبارن جي مٿي چڙھڻ ۾ شيخ عزيز جو به هٿ رهيو. هن سدائين سنڌ جي حق ۾ ڪيس کي اڳتي وڌايو. عوامي، سياسي، تاريخي توڙي ثقافتي حوالي سان پاڻ هزارين مضمون پڻ لکيائين. اها گهٽ ماڻهن ۾ خدائي ڏات رهي آهي ته جنهن ڏينهن ڪو وڏو واقعو رونما ٿيو آهي انهيءَ ڏينهن انهيءَ واقعي يا گذاري ويل اهم شخصيت تي بر وقت مضمون اچي وڃي. اها خوبي شيخ عزيز ۾ هئي. شيخ عزيز سنڌ جو سرمايو هو. هن جي لکڻين سان ايوانن کان وٺي مختلف کاتن ۾ هلچل مچي ويندي هئي. سنڌي صحافت جي ھن روشن ستاري کي سدائين سٺن لفظن ۾ ياد ڪيو ويندو. اسان شيخ عزيز جي ڪيل صحافتي خدمتن کي ڪڏهن به نه وسارينداسين ۽ سندس ياد ۾ پروگرام ڪرائي ڀيٽا پيش ڪندا رهنداسين. شيخ صاحب صحافت سان نڀايو ۽ اسان اڄ اهو وچن ٿا ڪريون ته سنڌ جي صحافين کي سندس تعليمات مان فيضياب ڪندا رهنداسين. سنڌ جي حوالي سان پرڏيھ انگريزي ٻوليءَ ۾ سنڌ جي نمائيندگي ڪندڙ شيخ عزيز هو. هن عالمي سطح تي سنڌ جي تاريخ، علم، ادب، ثقافت ۽ سياست کي پنهنجي قلم جي طاقت سان بيان ڪيو. شيخ عزيز سنڌي صحافت جي استاد صحافي طور مڃيو ويندو هو. هن جا تربيت ورتل ڪيترا ئي اخباري ڪارڪن پنهنجي وقت جا ڪامياب صحافي بڻيا. اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ نالي وارين شخصيتن ۾ سندس لائق شاگرد ڪامياب نظر آيا. پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ جرنلزم شعبي جو وزيٽنگ پروفيسر پڻ رهيو ۽ سندس صحافتي ٽيڪنڪ تي لکيل ڪتاب ’عملي صحافت‘ آھي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جو به پهريون صحافتي ٽيڪنڪ جو ڪتاب آهي، يونيورسٽين ۾ ڪورس جو حصو بڻيل آهي. هيءُ ڪتاب عالمي انداز ۾ ائين لکيل آهي جو صحافت جي وضاحت، تاريخ، ڄاڻ، طريقو ۽ صحافتي قانون قاعدا سادي انداز ۾ ڏنل آهن. جرنلزم جي جنھن شاگرد ’عملي صحافت‘ ڪتاب نه پڙھيو ڄڻ صحافت جي ٿيوريءَ کان رهجي ويو. شيخ عزيز جا باقي ڪتاب پڻ سنڌي، انگريزي ۽ اردوءَ ۾ سياسي، تاريخي، ثقافتي ۽ ادبي موضوعن تي لکيل آهن، جيڪي پنهنجو مٽ پاڻ آهن. اسان شيخ عزيز جي ڪيل خدمتن کي ڪڏهن به نه ٿا وساري سگهون. انگريزي ۽ اردو صحافتي دنيا ۾ سنڌ جي نمائندگي ڪيائين. سندس حياتيءَ جو سڄو احوال "دارون ۽ ڪارون" آتم ڪھاڻيءَ ۾ ملي ٿو جيڪو سندس وفات بعد ڪتاب شايع ٿيو. هن جي تحريرن ۾ سندس وجود محسوس ڪريون ٿا. انهيءَ حوالي سان هو هميشه اسان سان گڏ رهندو. شيخ صاحب نظرياتي فڪر ۽ فهم رکندڙ شخص هو. سندس نظرئي موجب اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪنداسين. هن پنهنجي ڪردار ۽ عمل ۾ سنڌ کي ساڻ رکيو آهي ۽ سنڌ به پنهنجي سپوت کي ڪڏهن نه وساريندي. شيخ صاحب جي وڇوڙي کان پوءِ سندس ياد ۾ سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ ڪيترا ئي مضمون لکيا ويا، جيڪي سندس فرزند طارق عزيز شيخ سهيڙيا آهن ۽ "يادون ۽ ڳالھيون" جي سري ھيٺ آهي. شيخ عزيز جي يادن تي ٻڌل ھيءُ مجموعو ساڻس محبت ۽ عقيدت جو ثبوت آهي. سنڌي، انگريزي ۽ اردوءَ ۾ ٽن هزارن کان وڌيڪ آرٽيڪلز، فيچرز، تحقيقي مقالا ۽ اڻ ڳڻيا ايڊيٽوريلز لکيائين، جيڪي سياسي، سماجي، ثقافتي، تاريخي، موسيقي، ادبي ۽ حالات حاضره جي موضوعن تي آهن. سندس هڪ مقالو ”عالمي غلاميءَ“ جي عنوان سان سال ۲۰۰۳ع ۾ جوهانسبرگ ۾ ٿيل عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي شايع ٿيو، جيڪو بعد ۾ اقوام متحده پنهنجي سرڪاري رڪارڊ جو حصو بنائي ڇڏيو. سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري ۾ جرنلزم ڊپارٽمينٽ ۾ ۱۹۷۸ع کان ۱۹۸۰ع تائين، تڏهوڪي وائس چانسلر شيخ اياز جي چوڻ تي وزٽنگ پروفيسر رهيو. ان ڏس ۾ يونيورسٽي جي شاگردن کي صحافت پڙھائڻ جي نوعيت سان "عملي صحافت" ڪتاب لکيائين جيڪو اڄ تائين ڪورس جو حصو آهي. سندن ڪيترن ئي شاگردن مستقبل ۾ ميڊيا جي دنيا ۾ شھرت ماڻي. ڪجھه شاگرد سندن ايترو ويجھو ٿي ويا جو زندگيءَ جي آخري ڏينهن تائين انھن لاء نھايت شفقت ۽ عزت سان ذڪر ڪندو ھو، تن ۾ نصير مرزا، آغا رفيق ۽ ڪرم الاهي چنا شامل آھن. تحقيق جي حوالي سان شاھه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽي پاران ۱۹۹۳ع ۾ ”تحقيق جو طريقه ڪار“ جي موضوع تي ورڪشاپ ۾ ”تحقيق ڪيئن ڪجي“ جي عنوان تي ليڪچر ڏنائين جنهن کي بعد ۾ مقالي جي صورت ۾ شايع ڪيو ويو. ساڳئي اداي پاران ۱۹۹۳ع ۾ ”شاھه لطيف تي تحقيق“ جي عنوان سان ٿيل ورڪشاپ ۾ پڻ اهم ليڪچر ڏنو هئائين جيڪو بعد ۾ مقالي طور شايع ٿيو. وفاقي حڪومت جي ۱۹۶۰ع ۾ تيار ٿيندڙ سنڌي اردو ۽ اردو سنڌي ڊڪشنرين ۾ ريسرچ اسسٽنٽ طور ڪم ڪيائين. آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس پاران ملينيم سال جي موقعي تي سندس پاڪستاني موسيقيءَ تي لکيل مقالو ”دي ٽريڊيشز گوز آن“ اداري پنهنجي يادگار ڪتسب ۾ شايع ڪرايو جڏهن ته مختلف وقتن ۾ هلندڙ پروجيڪٽن ۾ ڪم ڪندو رهيو. پاڪستان جو پهريون صحافي هو جنهن صحافتي دنيا ۾ ”اوبيچيوري“ (ڪنهن به نامياري شخصيت جي وفات تي بر وقت سوانحي خاڪو لکڻ ) جو ڪلچر متعارف ڪرايو. ان سلسلي ۾ سنڌ جي شخصيتن کي خاص طور تي ڀيٽا پيش ڪيائين. سندس لکيل ڪتاب هي آهن. ۱. سنڌ جون پراسرار ڪهاڻيون (سچيون ڪهاڻيون) ۱۹۶۰ع ۲. الحمرا جا داستان (ترجمو، واشنگٽن ارونگ) ۱۹۶۱ع ۳. نقش لطيف، مضمون، مرتب ۽ ايڊيٽنگ ڪيل، ۱۹۶۴ع ۴. عملي صحافت، صحافتي ٽيڪنڪ تي سنڌيءَ ۾ پهريون ڪتاب، ۱۹۷۵ع، ۱۹۷۸ع ۽ ۱۹۹۵ع ۾ واڌاري سان. ۵. مون لينن جو ڏيھه ڏٺو، روس جو سفرنامو، ۱۹۷۴ع ۶. ملھه، سنڌ جي قومي راند تي ڪتاب، ۱۹۷۸ع ۷. دي ٽربيوٽ، (سنڌ جي ناميارين شخصيتن جا انگريزيءَ ۾ سوانحي خاڪا) ۲۰۰۷ع ۸. تقسيم کان تقسيم تائين، (سياسي تاريخ، ڀاڱو پهريون) ۲۰۰۸ع ۹. دي اوريجن اينڊ ايووليوشن آف سنڌي ميوزڪ، (انگريزيءَ ۾ سنڌي موسيقيءَ تي تحقيق) ۲۰۰۸ع ۱۰. اي هسٽري آف سنڌي لٽريچر (انگريزي) سنڌ جي ادبي تاريخ ۲۰۰۸ع ۱۱. سنڌ ڪي محلاتي داستانين، ( اردو) تاريخ ۲۰۰۹ع ۱۲. نوٽس آن سنڌ (انگريزي) تاريخ ۲۰۰۹ع ۱۳. ميوزيڪل نوٽس (انگريزي) موسيقيءَ تي مقالا، ۲۰۰۹ع ۱۴. ڀُٽي کان ضياءَ تائين، (سياسي تاريخ، ٻيو حصو) ۲۰۱۰ع ۱۵. پيليشل ٽيلس فرام سنڌ (انگريزي ) ۲۰۱۲ع سندس وفات کان پوءِ ۱۶. ”دارون ۽ ڪارون (آتم ڪهاڻي)“ ۲۰۱۹ع ۾ شايع ٿيو. جڏهن ته ايندڙ ڪتابن ۾ ”چنگ“ (انگريزيءَ ۾ سنڌ جي قديم ساز تي ڪتاب) ۽ شيديز آف سنڌ (شيدين جي نسل جي تاريخ تي انگريزي ۾ ڪتاب) شامل آهن. بابا جا هزارن جي انگ ۾ لکيل مضمون جيڪي مختلف موضوعن تي سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ آهن، انهن کي وقت سر گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ آڻڻ جو ارادو آهي. ان ڏس ۾ مانوارو دوست ھمسفر گاڏھي پڻ مددگار بڻيل آهي. صحافت، علم، ادب ۽ موسيقيءَ سان لڳاءُ رکندڙ سنڌ جي ھن عظيم شخصيت پنھنجي حياتيءَ جون اسي بھارون ڏسڻ کان پوءِ، ۶ آڪٽوبر ۲۰۱۸ع تي، ڇنڇر واري ڏينهن ڪراچيءَ کان حيدرآباد ويندي دل جي دوري پوڻ بعد ڪراچيءَ جي آغا خان اسپتال ۾ ۷ آڪٽوبر تي آچر ڏينهن دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. سندن آخري آرامگاهه ڪراچي جي پھلوان ڳوٺ واري قبرستان ۾ آهي. (روزاني سنڌ حيدرآباد - اربع ۰۷ آڪٽوبر ۲۰۲۰) شيخ عزيز ڀلوڙ صحافي - پهرين ورسيءَ جي مناسبت سان محمد حيات بلوچ شيخ عزيز جو نالو مون ستين درجي ۾ انگريزيءَ ۾ ٻُڌو هو، اسڪول مان واپسيءَ تي اڪثر هوٽل يا دڪان تي ويٺل ماڻهو سڏي چوندا هئا ته بابا هي اخبار ته پڙهي ٻڌاءِ، ان زماني ۾ معلومات جو ذريعو واحد اخبار هوندي هئي، ريڊيو عام نه ٿيو هو، ٽي وي جو ته نالو نشان ئي نه هو، اخبار به گهڻو ڪري “عبرت” هوندي هئي ۽ ان ۾ اڪثر شيخ عزيز جي نالي سان مضمون شايع ٿيندا هئا، اتفاق سان اسان جي اسڪول ۾ هڪ نئون هيڊ ماستر بدلي ٿي آيو، نالو هئس شيخ عزيز، شاعر به هو، مشاعرن ۾ ترنم سان پنهنجا شعر ٻڌائيندو هو، سوچيم شاعر سان گڏ اديب به هوندو ۽ اهو ئي اخبار وارو شيخ عزيز ٿي سگهي ٿو، مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري روزگار جي تلاش شروع ڪئي، نصيب ۾ شايد روزگار به عبرت اخبار ۾ ئي لکيل هو، سو وڃي اتي پهتس، سو هاڻ عبرت ۾ حقيقي شيخ عزيز وٽ اچي پُڳس، تعليم هن جي به مئٽرڪ منهنجي به مئٽرڪ پر انگريزيءَ جي حوالي سان اسان ٻنهي ۾ زمين آسمان جو فرق هو، هو انگريزي سٺي ڳالهائيندو هو. ڳالهائيندو آئون به هوس پر يس ۽ نو جي حد تائين، ڪيڏي مهل زبان مان جي به نڪري ويندو هو، شيخ عزيز انگريزي مان سنڌي ۾ رواني سان ترجمو ڪري ويندو هو، ترجمو آئون به ڪري ويندو هوس پر ڳيتون ڏئي ڏئي، پوءِ به درستي عزيز صاحب کي ئي ڪرڻي پوندي هئي، حالانڪه مئٽرڪ ۾ انگريزي جيڪا مون پڙهي عزيز صاحب به اها پڙهي يعني انگريزي زبان جي ابي شيڪسپيئر جي فائيو ٽيلس آف شيڪسپيئر، دي ٽيمپيسٽ، مچ اڊو ابائوٽ نٿنگ، ونٽرس ٽيل، ايز يو لائڪ اٽ وغيره، لڳي ٿو ته عزيز صاحب اها انگريزي هينئن سان هنڊائڻ تحت پڙهي ۽ مون امتحان پاس ڪرڻ لاءِ، جيئن ته محسوس ٿيو ته اخباري نوڪري يا ڊيوٽي ۾ انگريزي ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته گهڻيون خبرون انگريزي مان ترجمو ڪرڻيون پونديون هيون، ان ڪري مون وڃي سچل ڪاليج ۾ داخلا ورتي ۽ شيخ عزيز کي به چيوسون تون به مٿي داخلا وٺ، چيائين تعليم کاتي ۾ جاهل ويٺا آهن، مون کي پنهنجو وقت برباد ناهي ڪرڻو، پوءِ خبر نه آهي ڇا ٿيس جو وڃي داخلا ورتائين، ميڊيم انگريزي کنيائين. اسان کي پڪ هئي ته امتحان ۾ شروعاتي نمبرن ۾ نه به آيو ته به فرسٽ ڪلاس ۾ ضرور پاس ٿيندو، کيس به اها پڪ هئي، نتيجو آيو نمبر سيڪنڊ ڪلاس ۾ هو، اسان تي ڪاوڙجي پيو چيائين ته مون توهان کي چيو هو نه ته هتي جاهل ويٺا آهن، اهي منهنجي انگريزي سمجهي ئي ڪونه سگهيا، بس ائين ئي مارڪون ڏيندا ويا، اڳتي هو ڪونه پڙهيو پر سندس لکيل ڪتاب اڄ به ايم اي جرنلزم جي شاگردن لاءِ مشعل راهه بڻيل آهي، خدا جي ڪرڻي جو برطانيه جي هڪ اخباري اداري سان تعلق رکندڙ فرم کيس ڊپلوما لاءِ اسڪالرشپ آڇي ۽ هو لنڊن روانو ٿي ويو، هوائي اڏي تي اسان کيس رخصت ڪيو، ڪورس ٽن مهينن جو هو يا ڇهن مهينن جو شيخ عزيز اتان پنهنجي انگريزي وڌيڪ سون بنائي واپس پهتو، اداري ۾ ڊيوٽي دوران سينيئر يا جونيئر جو تفاوت نه هوندو هو، هڪٻئي سان کِل مذاق هوندي هئي ۽ ڪم به پيو ڪبو هو، ائين هڪڙي ڏينهن ٽپال ۾ منهنجي لاءِ هڪ ايئر ميل لفافو آيو، کوليم جيڪو منهنجي ڪلاس فيلو الطاف شيخ موڪليو هو، الطاف شيخ انگريزي جا چار درجا مون سان گڏ پڙهيا، پوءِ وڌيڪ تعليم هن ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ حاصل ڪئي، اتان فارغ ٿي اهو مرچنٽ نيوي سان منسلڪ ٿي ويو، شايد کيس اطلاع ملي چڪو هو ته مون وارو ڄٽ ڪلاس ميٽ صحافي ٿي ويو آهي، تنهن ڪري خوش به ٿيو ۽ خط ۾ الائي ڇا ڇا تفصيل لکي موڪليائين، مون اهو خط پڙهي کيسي ۾ ٿي وڌو ته سامهون ويٺل شيخ عزيز چيو ڪهڙي ملڪ مان خط آيو اٿئي، چيومانس ته منهنجي ڪلاس ميٽ الطاف شيخ خط موڪليو آهي ۽ جيڪو لکيو اٿس اهو مون کي به سمجهه ۾ نه ٿو اچي، عزيز مون کي چيو خط مون کي ڏي ڏسان، مون خط ڏنومانس پڙهي چيائين ته هي ته زبردست سفرنامو آهي، اهو پاڻ اخبار ۾ شايع ڪنداسين، اهو ئي هو منهنجي ۽ هُن جي سوچ جو فرق! عبرت ۾ سنڊي ايڊيشن الڳ نڪرندو هو، جنهن ۾ سچيون ڪهاڻيون شايع ڪبيون هيون، الطاف شيخ جو سفرنامو به ان ۾ شايع ڪيو ويو، الطاف کي به شايد اطلاع مليو ته عبرت ۾ تنهنجو سفرنامو شروع ٿي ويو آهي، پوءِ هو ائين سفرناما موڪليندو رهيو، اسان شايع ڪندا رهياسين، سندس سفرنامن جو پهريون ڪتاب عبرت ۾ شايع ٿيل سفرنامن جو مجموعو هو، هاڻ ته الطاف سفرنامن جي ذري گهٽ سينچري اچي مڪمل ڪئي آهي، اسڪول مان هڪٻئي کان جدا ٿيڻ کان پوءِ الطاف سان ڏهه ٻارنهن سال پهرين فقط هڪ ڀيرو عبرت آفيس ۾ ئي ملاقات ٿي هئي، ڪئميرا هٿ ۾ هئس، همراهه به گڏ هئس، ڏاڍا فوٽو گڏ ڪڍرايائين، چيائين حيات تنهنجا ته وار اڄ به گهاٽا آهن، آئون ته صفا گنجو ٿي ويو آهيان. شيخ صاحب کي پهريون فرزند ٿيو، نالو رکيائينس طارق، اسان کي چيائين منهنجو پٽ طارق اڳتي هلي فوج جو سربراهه ٿيندو، خدا جي ڪرڻي طارق فوجي ته نه بڻيو پر هوش سنڀالڻ سان قلم هٿ ۾ کنيائين، آرٽيڪل لکيائين، اخبارن ۾ شايع ٿيا ته والد سندس همت افزائي ڪئي ۽ مضمون نويسي ۾ پٽ جي تربيت ڪيائين، محنت ڪري ڪتاب لکيائين، پيءُ وٽ آيو، چيائين ڪتاب لکيو اٿم ڇپرائي ڏيو، شيخ عزيز ٺپ جواب ڏنائينس ته تون ڄاڻ تنهنجو ڪتاب ڄاڻي، طارق همٿ نه هاري ڪتاب ڇپرائي ورتائين، والد کي ڏيکاريائين ته نهايت خوش ٿيو ۽ پٽ کي شابس ڏنائين. هاڻ معاملو آيو رونمائي تقريب جو، دل ۾ سوچيائين بابا جا وڏا وڏا اديب دوست آهن، انهن کي فون ڪندو ته هو خوشي سان اچي شريڪ ٿيندا، نالن جي لسٽ کڻي پنهنجي والد وٽ آيو، چيائينس ته انهن کي فون اوهان ڪريو ڪارڊ آئون ٿو موڪليان ته جيئن تقريب شاندار ٿي وڃي، شيخ عزيز جو ساڳيو جواب ته بابا آئون ڪنهن کي به فون ڪونه ڪندس تون ڄاڻ تنهنجو ڪم، باقي ٽائيم هوندو ته تقريب ۾ شرڪت ضرور ڪندس پر پوءِ ساڻس مڪمل مدد ڪيائين، ڪراچي پريس ڪلب ۾ شاندار نموني سان رونمائي تقريب ٿي ۽ وڏي پئماني تي، شيخ عزيز جو مقصد اهو ئي هو ته جيڪڏهن آئون ڪا مدد ڪندوسانس ته هن ۾ خوداعتمادي پيدا ٿي نه سگهندي ۽ هميشه ٻين جي مشورن تي ڀاڙيندو رهندو. ڪي سينيئر پوئتي ٿي جونيئر کي اڳتي وڌڻ لاءِ خود اعتمادي پيدا ڪندا آهن، شيخ عزيز اهڙن ماڻهن مان هو. اهڙو ئي سلسلو مون سان به ٿيو عبرت اخبار ۾ ڪجهه تبديليون آيون، ايڊيٽر شيخ علي محمد اداري کان الڳ ٿي ويو، سينيئر ٽي هئا، شيخ عزيز، خير محمد کوکر، مقبول صديقي، مالڪ فيصلو ڪري ڪونه سگهيا، ٽنهي جو نالو ايڊيٽوريل بورڊ ۾ هلندو هو، اهو سلسلو شايد سال ٻه هليو، نيٺ مالڪن کي ڪنهن کي نه ڪنهن کي ايڊيٽر مقرر ڪرڻو ئي پيو، مقابلي ۾ ٻه ڄڻا هئا، ٻنهي پنهنجو حق پئي سمجهيو، اهي هئا، شيخ عزيز ۽ خير محمد کوکر، قاضي سعيد اڪبر جو لاڙو شيخ عزيز ڏانهن هو، جڏهن ته سندس والد قاضي محمد اڪبر جي چوائس خير محمد کوکر هئي، سو خير محمد کوکر نئون ايڊيٽر ٿي ويو، بهرحال کيس انهيءَ تي راضي ڪيو ويو ته جيسين ڪو نئون نيوز ايڊيٽر مقرر ٿئي، تيسين ايڊيٽر واري ذميواري سان گڏ هو رات جو نيوز ايڊيٽر جا فرض به سر انجام ڏئي، ڪجهه وقت اهو سلسلو جاري رهيو، اڳتي هلي خير محمد کوکر رات واري ڊيوٽي کان جواب ڏئي ڇڏيو، مجبوري ۾ شيخ عزيز کي ڊبل ڊيوٽي ڪرڻي پئجي وئي، رات جي ڊيوٽي ۾ جيئن آئون خير محمد کوکر جو اسسٽنٽ هيس تيئن شيخ عزيز جو به اسسٽنٽ رهيس، شيخ عزيز مون کي هيڪانديون خبرون ترجمي ۽ ٺاهڻ لاءِ ڏيندو هو، ويهن پنجويهن ڏينهن کان پوءِ شيخ عزيز مون کي چيو ابا ڪرسي سنڀال مون نه ڪئي، چيائين پاڻ ۾ خوداعتمادي پيدا ڪر، ڪا مشڪل ڳالهه ڪانهي ۽ تون بلڪل ذميواري سنڀالي سگهين ٿو، مون به بسم الله ڪئي ۽ پوءِ وري پوئتي مڙي نه ڏٺو، ايڊيٽر نه ٿيڻ جي باوجود شيخ عزيز پنهنجي ڊيوٽي سان سچو رهيو، ايڊيشن به پاڻ ئي ڪڍندو هو، ان دوران قاضي خاندان جو هڪ نوجوان فرد قاضي سليم اڪبر اخباري دنيا ۾ آيو، انگريزي اخبار آبزرور شروع ڪيائين ۽ ڪو وقت شام جي اخبار طور نڪرندڙ سنڌ نيوز اخبار کي روزاني اخبار ڪري مارڪيٽ ۾ آڻڻ جو پروگرام جوڙيائين، شيخ عزيز کي پاڻ ڏانهن وٺي ويو، سڀ تياريون مڪمل ٿي چڪيون هيون، پريس لاءِ مشينري اچي وئي، آفيس قائم ٿي وئي قدرت خدا جي قاضي محمد اڪبر جو هي نوجوان فرزند قاضي سليم اڪبر سپر هاءِ وي تي ڪراچي ويندي روڊ حادثي ۾ گذاري ويو، بهرحال شيخ عزيز پنهنجو وچن نڀايو اخبار مارڪيٽ ۾ آندي، افتتاحي تقريب ۾ ان وقت جو وزيراعليٰ غلام مصطفيٰ جتوئي شريڪ ٿيو، جيئن ته اصل دلچسپي رکندڙ فرد هي جهان ڇڏي چڪو هو، ان ڪري باقي ٻين جي دلچسپي آهستي آهستي گهٽجندي وئي، اهڙي طرح شيخ عزيز به اداري کي خيرباد چئي ڪراچي منتقل ٿي ويو، هيري جي ڄاڻ جوهري کي هوندي آهي سو جيئن ئي شيخ عزيز ڪراچي ۾ سيٽل ٿيو، کيس پنهنجي اخبار حريت ۾ ڇڪي ويو، ايڊيشن سندس حوالي ٿيا ان ۾ به هن سنڌ کي ئي اوليت ڏني، مير خليل الرحمان ڪنهن به اردو اخبار کي پاڻ کان وڌڻ ڪونه ڏيندو هو، هي جو حريت سنڌ ۾ مقبوليت حاصل ڪرڻ لڳي ته هڪدم شيخ عزيز کي ڇڪي پاڻ ڏانهن جنگ گروپ ۾ کڻي آيو، اتي به هن پنهنجو فرض ايمانداري سان نڀايو، ڪجهه وقت کان پوءِ حميد هارون به ڪوشش ڪئي ته کيس پنهنجي اخبار ڊان ۾ وٺي ويو، اها ان جي آخري اخبار هئي، وچ ۾ پير مظهرالحق وزير تعليم جي حيثيت ۾ شيخ عزيز کي سنڌي ادبي بورڊ ۾ سيڪريٽري ڪري رکيو ۽ پروانو ڀٽي کي به ان ئي اداري ۾ نوڪري ڏنائين، شيخ عزيز صحافت جي ٽنهي شعبن سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ پاڻ مڃايو ۽ پنهنجو نالو ڪڍيو، سنڌي هو سنڌ سان محبت هيس، سنڌ جي ريتن رسمن کي مضمونن جي صورت ۾ اخبارن جي زينت بنايائين. بهرحال شيخ عزيز پنهنجي ڊيوٽي ايمانداري سان ادا ڪندو هو، تصور اهو ئي هوندو هو ته ڄڻ هو ڪو پنهنجو فرض ادا ڪري رهيو آهي، بيماري ۾ به موڪل نه ڪندو هو، هي مثال هن کان وڌيڪ ٻيو ٿي نٿو سگهي ته شيخ عزيز جي امڙ گذاري وئي، قبرستان ۾ پنهنجي هٿن سان پنهنجي امڙ کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪري قبرستان کان سڌو عبرت آفيس ۾ اچي پنهنجي ڊيوٽي تي ويٺو، اهو هو شيخ عزيز، جيڪو ورلي ملندو. شيخ عزيز جديد سنڌي صحافت جو بانيڪار ھمسفر گاڏھي ۸۰ع جي ڏهاڪي جا پڇاڙڪا سال جڏهن اڃا مون کي مُڇن جي ساوَل به مَس هئي تڏهن حيدرآباد جي ٽنڊو آغا کان واقف ٿيس. ٿيو ايئن جو ۸۸ع – ۸۹ع ۾ پهريون ڀيرو وڏو ڀاءُ بشير احمد چيچ مان وٺي ڪراچي گهمائڻ آيو، پوءِ ڪراچيءَ ۾ رهڻ دوران منهنجي شناسائي شيخ عزيز جي موڀي پُٽ طارق عزيز سان ٿي، جيڪا اڳتي هلي اهڙي ته گهاٽي سنگت ۾ تبديل ٿي وئي جو اسان هڪٻئي جا گهرڀاتي ٿي وياسين. طارق وارن جو ڪراچي کانسواءِ حيدرآباد جي ٽنڊي آغا ۾ پڻ گهر آهي. حيدرآباد ايندي ويندي منهنجو ٿاڪ وڃي طارق وارن جو گهر بڻيو. ٽنڊو آغا دراصل آغا اسماعيل شاهه جي نالي پٺيان سڏجي ٿو، جيڪو ايران جي شهر اصفهان ۾ لڏي اچي هتي آباد ٿيو هو، آغا اسماعيل شاهه منهنجي نهايت دلبر دوست آغا ڪرم علي شاهه جي وڏڙن مان هڪ هو. ٽنڊو آغا جيڪو پنهنجي دور جي قدآور، علم ۽ ادب دوست شخصيتن جو آستان رهيو آهي. خاص طور تي ممتاز مرزا، مراد علي مرزا، احسن ڪربلائي، ابن حيات پنهور، مشتاق مغل، منظور مراد، آغا عبدالعلي شاهه، لسانيات، علم، ادب ۽ موسيقي جو ڄاڻو شيخ محمد اسماعيل ۽ شيخ عزيز صاحب جو بنيادي تعلق به ٽنڊي آغا سان ئي هو. سياسي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن سان ميل ملاقاتون ته جام هيون پر پهريون ڀيرو علم، ادب، موسيقي ۽ صحافت سان واڳيل بزرگ مهربانن سان منهنجون ملاقاتون هتي ئي ٿيون. شيخ محمد اسماعيل، شيخ عزيز جو وڏو ڀاءُ هو. ساڻس ٽنڊي آغا ۾ ڪيئي ڪچهريون ٿينديون رهيون. چاچا شيخ عزيز سان حيدرآباد ۽ ڪراچي ٻنهي هنڌن تي وقفي وقفي سان قرب ڪچهريون پيون ٿينديون هيون ۽ کانئس سکڻ جو موقعو پيو ملندو هو. شيخ عزيز گاڏي کاتي حيدرآباد ۾ جنم ورتو، پوءِ ورهاڱي وقت سندس وڏڙا اچي ٽنڊي آغا ۾ آباد ٿيا. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته هن پنهنجي صحافتي ڪيريئر جي شروعات به اُتان ئي “عبرت” اخبار کان ڪئي جنهن جي آفيس تڏهن به گاڏي کاتي ۾ هئي ۽ هاڻي به اُتي ئي آهي. هن جوانيءَ ۾ ئي صحافت ۾ پير پاتو، پوءِ اسڪالر شپ تي انگلينڊ به ويو پر آخر تائين صحافت سان خوب نڀايائين. هو هڪ ڪميٽيڊ، کرو ۽ ترقي پسند صحافي هو. ان ڪري جتي به رهيو اوچي ڳاٽ سان رهيو. ترقي پسند خيال رکڻ سبب پورهيتن سان کيس خاص اُنسيت رهي، پوءِ اهي پورهيت اخبار جا هجن يا فيڪٽرين جا. هن اڳتي هلي کاٻي ڌر جي هڪ ٻئي ڪامريڊ سليم قاضي جي اخبار سنڌو ۾ پڻ ايڊيٽر طور ذميواريون نڀايون. ڪيترا ئي ترقي پسند فڪر سان واڳيل سياسي ڪارڪن سهيل سانگي، سيف ٻنوي، صالح بلو، منصور ميراڻي، جاويد مرزا ۽ ٻيا ساڻس ساٿ ۾ رهيا. ٻين لفظن ۾ ايئن چئجي ته شيخ عزيز سندن فڪري ۽ صحافتي استاد هيو ته وڌاءُ نه ٿيندو. اسان وٽ عام طور تي اهو سمجهيو ويندو آهي ته جديد سنڌي صحافت جا بانيڪار انور پيرزادو ۽ ف-م لاشاري آهن، يقيني طور تي انهن ٻنهي سرموڙ صحافين جو جديد سنڌي صحافت ۾ تمام وڏو ڪردار آهي. اهي ٻئي محترم صحافي منهنجا ته صحافتي استاد به رهيا، ف – م لاشاري بهترين ايڊيٽوريل لکڻ ۽ کري صحافي هجڻ جي حوالي سان شهرت رکندو هو ته انور پيرزادو هڪ ڪميٽيڊ ۽ پروفيشنل صحافي طور سڃاتو ويندو هو. حقيقت ۾ هر ماڻهو جو پنهنجو قلمي ۽ علمي پورهيو هجي ٿو، ڪنهن جي ڪنهن سان ڀيٽ نٿي ڪري سگهجي. باقي ان لحاظ کان ڏٺو وڃي ته شيخ عزيز سنڌي صحافت جو بانيڪار هو. هن پراڻ پسند سنڌي صحافت ۾ نوان لاڙا متعارف ڪرايا، نه رڳو اهو پر هن پروفيشنلزم کي پڻ هٿي وٺرائي. سندس اردو ۽ انگريزي صحافت ڏانهن منتقلي کان پوءِ جيڪي به صحافي آيا اُنهن اُن جدت ۽ پروفيشنلزم کي اڳتي وڌايو. شيخ عزيز جي صحافتي پورهئي کي مانُ ڏيندي ناميارو صحافي حسن مجتبيٰ لکي ٿو: “اهو درست ناهي ته جديد سنڌي صحافت جو دور سوويت يونين ٽٽڻ سان يا سنڌ ۾ ايم آر ڊي تحريڪ کانپوءِ شروع ٿيو جڏهن پڙهيل لکيل نوجوانن ۽ کاٻي ڌر سان تعلق رکندڙ سياسي ڪارڪنن جي وڏي انگ شوق ۽ جنون ۾ سنڌي اخبارن جو رخ ڪيو. منهنجي خيال ۾ جديد سنڌي صحافت جو بانيڪار شيخ عزيز ئي سمجهيو ويندو، جنهن جي اصل شروعات سليم قاضي جي خواب کان ٿئي ٿي، جڏهن سنڌ جي ڪجهه باغين ۽ بي چين روحن کي سليم اڪبر قاضي پنهنجي اخبار جي آفيس جي هڪ ئي ڇت هيٺان شيخ عزيز جي ادارت ۾ گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ان جاءِ جي ويجهو جتي گاڏي کاتي وارو ٽانگا اسٽينڊ هو. شيخ عزيز جنگ اخبار جي ”مهراڻ رنگ“ ايڊيشن سنڀالڻ کان وٺي مختلف اردو اخبارن ۾ ڪم ڪرڻ کان ويندي انگريزي اخبار “ڊان” تائين ڪميٽيڊ صحافت ڪئي، هميشه سچ جي پاسي بيٺو رهيو. سنڌ ۾ ايم آر ڊي تحريڪ دوران هن سڄي سنڌ جهاڳي، ان تحريڪ دوران ماڻهن سان ٿيندڙ بيداد ۽ ظلم کي رپورٽ ڪيو، ۸۳ع ۽ ۸۶ع جي ”ڊان“ جا اهي پرچا يقيني طور تي يادگار آهن جن ۾ شيخ عزيز تاريخ وار واقعا رپورٽ ڪندو رهيو هو. هن اڳتي هلي ايم آر ڊي تحريڪ دوران سنڌ جي عوام سان ٿيل ظلم ۽ بيداد جي حوالي سان اکين ڏٺي احوال تي ٻڌل سنڌي ۾ هڪ ڪتاب پڻ لکيو، جيڪو نهايت اهم دستاويز آهي پر بنا نالي جي ڇپيل آهي. مون سندس حال حيات هوندي کانئس جڏهن ان جو سبب پڇيو تڏهن سندس جواب ڪجهه هن ريت هو: “دراصل ايم آر ڊي کي رپورٽ ڪرڻ لاءِ مون کي ”ڊان“ وارن موڪليو هو، ان لحاظ کان اهو مواد ان اداري جي ملڪيت آهي، ان ڪارڻ مون نالو ناهي ڏنو.” شيخ عزيز صاحب جو اهو پروفيشنل عذر پنهنجي جاءِ تي ليڪن منهنجي خيال ۾ ايم آر ڊي تحريڪ جي اها واقعاتي تاريخ ڏاڍي اهم ۽ تاريخي دستاويز آهي جيڪو هڪ ڀيرو ٻيهر سندس ئي نالي سان ڇپجڻ گهرجي، جنهن لاءِ جيڪڏهن ڪو پبلشر همت ڪري ته مواد هٿ ڪري ڏيڻ ۾ مدد ڪري سگهجي ٿي. شيخ عزيز جو سنڌي علم، ادب، موسيقي ۽ صحافت ۾ تمام وڏو ڪنٽريبيوشن رهيو. هن ”عملي صحافت“ نالي ڪتاب لکيو جيڪو سنڌ يونيورسٽي ماس اينڊ ڪميونيڪشن ڊپارٽمينٽ ۾ پڙهايو پڻ وڃي ٿو، جنهن جا هينئر تائين ٽي ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن، اهو ڪتاب ايندڙ ڪيترن ئي نسلن لاءِ سونهون رهندو. ان کانسواءِ ”تقسيم کان تقسيم تائين“ پاڪستان جي سياسي صورتحال جي پس منظر ۾ لکيائين. ان جو ٻيون ڀاڱو ”ڀٽي کان ضيا تائين“ جي عنوان هيٺ پڌرو ٿيو، جڏهن ته انهيءَ سيريز جو ٽيون ڪتاب ”آمريت کان آمريت تائين” اڻ ڇپيل آهي. ”ملهه سنڌ جي قومي راند“ ”مون لينن جو ڏيهه ڏٺو“ روس جو سفر نامو، ”نقش لطيف“The Tribute، موسيقيءَ تي ڪجهه انگريزيءَ ۾ ڪتاب لکيائين. هن سندس آٽو بايو گرافي به مڪمل ڪري ورتي هئي جيڪا اڻ ڇپيل آهي. سندس آخري علمي پورهيو ”چنگ“ ساز تي لکيل ڪتاب آهي، جيڪو پڻ ڇپجي نه سگهيو. نهايت ٻاجهاري ۽ نماڻي هن شخص منهنجي ڪتاب ”سنڌ جي ڏاهپ کان انٽرويو“ جي ٻئي ايڊيشن جو مهاڳ پڻ لکيو جيڪو ڪتاب پيڪاڪ پبلشرز طرفان شايع ڪيو پيو وڃي ۽ ترت توهان جي هٿن ۾ هوندو. شيخ عزيز ”ڊان“ اخبار ۾ ڊگهي عرصي تائين نوڪري ڪرڻ کان پوءِ هاڻي رٽائرمينٽ واري زندگي گذاري رهيو هو. اڪثر ماڻهو رٽائرمينٽ کان پوءِ غير سرگرم ٿي ڪا ڪُنڊ وٺي ويهي رهندا آهن پر شيخ عزيز صاحب مختلف ماڻهو هو. هو آخري لمحي تائين قلم ۽ ڪاغذ سان سلهاڙيل رهيو. سنڌ جي ڪنهن به فنڪار، ڪلاڪار، سياسي اڳواڻ يا علمي، شخص، لسانيات جي ماهر جي لاڏاڻي تي “ڊان” ۾ کين ٽريبوٽ پيش ڪرڻ جو سلسلو هُن آخر تائين جاري رکيو. سنڌ جو واحد صحافي هو جنهن جو ڌاڙيلن تي به تمام گهڻو ڪم ٿيل هو، جيڪو اڄ به سندس لائبريري ۾ محفوط آهي. سندس لائبريري هڪ علمي خزانو آهي جنهن ۾ موسيقي، آرٽ، سياست، لسانيات، لطيفيات تي نه رڳو علمي نسخا بلڪه آڊيو ۽ وڊيو جي صورت ۾ پڻ وڏو خزانو موجود آهي. ان ڪري علمي ۽ ادبي سرڪاري ادارن کي ڍنگرن تي اٽو هارڻ بدران هڪ اهڙي علمي، ادبي، ڏاهي صحافي جي علمي پورهئي کي يڪجا ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ گهرجن، جنهن مان ايندڙ ڪيئي نسل فيضياب ٿي سگهن ٿا. انهي سلسلي ۾ لاڳاپيل علمي، ادبي ۽ ثقافتي ادارن کي گهربل سهڪار پڻ مهيا ڪيو ويندو. شيخ عزيز سنڌ جو جيڏو وڏو صحافي ۽ لکاري هو ان جي جيڪڏهن علاج ۾ ڪوتاهي نه ٿئي ها ته شايد هو اڄ به اسان جي ساٿ جي سرواڻي ڪندو هجي ها. ليڪن ٿيو ان جي ابتڙ، نوري آباد ۾ دل جو دورو پوڻ کان پوءِ جڏهن کيس NICVD حيدرآباد نيو ويو ته اُتي به ڪاريءَ وارا ڪک هئا، مجبور ٿي کيس NICVD جناح اسپتال ڪراچي آندو ويو، جتي ايمرجنسيءَ ۾ مريض داخل ڪرڻ جي گنجائش ئي نه هئي. ايئن پوءِ کيس آغا خان نيو ويو، دل جي خطرناڪ دوري پوڻ کان پوءِ مريض جا ڇهه ڪلاڪ ضايع ڪيا ويا، جيڪڏهن ايئن نه ٿئي ها ته شايد سندس حياتي بچي پوي ها. جيتوڻيڪ NICVDڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي جي اشتهارن جي حد تائين ته واهه واهه لڳي پئي آهي پر عملي صورتحال اها آهي ته جناح ۾ دل جا مريض فوٽ پاٿ تي پيا آهن، کين داخلا به نٿي ملي. ان ڪري سنڌ حڪومت کي انهي پاسي ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرجي، جيئن مستقبل ۾ ڪنهن به انسان جي زندگي لاپرواهي ۽ علاج جي سهولتن جي کوٽ جي ور چڙهڻ کان بچي سگهي. بهر حال شيخ عزيز پنهنجي دور جو غير معمولي، ڪميٽيڊ صحافي ۽ ليکڪ هو، سندس علمي، صحافتي ۽ فڪري پورهيو ورهين تائين ياد رهندو ۽ نئين نسل لاءِ سونهون رهندو. شيخ عزيز گمناميءَ ۾ گذاري ويل – سنڌ جو وڏو ماڻهو مجاهد بريلوي شام جي ڪنهن پهر ۾ خبر آئي ته سنڌ جو هڪ وڏو ماڻهو جيڪو ورهين تائين صحافت ۽ آرٽ جي دنيا تي ڇانيل رهيو، ڊگهي بيماري سبب گمناميءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. اهو شخص جنهن لاءِ هر صبح جو اُٿڻ شرط “ڊان” اخبار جا صفحا اُٿلائڻ پٿلائڻ لڳندو هئس ۽ پوءِ چوٿين صفحي تي ڪنهن نه ڪنهن اهم شخصيت جي obituary اڳيان اچي ويندي هئي، جنهن ۾ ان شخص جي سموري حياتيءَ جو احاطو ٿيل هوندو هو. اها obituary اهڙي ته دلپذير انداز ۾ لکيل هوندي هئي جو اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي اينديون هيون. ابراهيم منشي هجي يا فقير محمد لاشاري، خيرالنساءَ جعفري هجي يا موهن ڪلپنا، عبدالرحمان نقاش هجي يا خديجه دائودپوٽو، علي نواز وفائي هجي يا علڻ فقير، جلال چانڊيو هجي يا فقير عبدالغفور، انهن سمورن ڪردارن کي ڀرپور ڀيٽا رڳو هن شخص جو قلم ئي ڏئي سگهندو هو. تاريخ ۱۷ آڪٽوبر ۲۰۱۸ع تي جڏهن شيخ عزيز جي رسامي جي خبر منهنجي اڳيان آئي ته اَسي ۽ نوي جي ڏهاڪي جي سمورن کلمک چهرن جي قطار لڳي وئي. سڄي ڏينهن جي قلمي پورهئي ڪرڻ کان پوءِ هڪ هڪ ڪري ڪراچي پريس ڪلب جي ڏاڪڻين جا ڏاڪا پيو چڙهندو هو- ڪارڊ روم ۾ هر ڪرسي الڳ هوندي هئي ۽ بازاري زبان ۾ “داروهي” گڏجي ويهندا هئا. هڪ پاسي اقبال جعفري هٿ ۾ بليڪ ليبل کنيو ويٺو آهي ته ٻئي پاسي صبيح الدين غوثي موجود آهي. ايئن پوءِ اي بي ايس جعفري، سليم عاصمي جو به اچڻ وڃڻ پيو جاري رهندو هو. هڪ ٻي ڪنڊ ۾ عبدالحميد ڇاٻڙا نوجوانن کي لنڊن وڃڻ جا پيو گُر ٻڌائيندو هو. گڏوگڏ اهو به چوندو هو ته: “جنهن لنڊن ناهي ڏٺو اهو ڄڻ پئدا ئي ناهي ٿيو.” اڃا پهريون پهر به نه گذرندو هو ته شيخ عزيز اوچتو جهومندو پنهنجي ڪرسيءَ تان اُٿندو هو ۽ پنهنجي پتلون جي کيسي مان “واٽ ون” جي شيشي ڪڍي ميز جي هيٺان رکي ڇڏيندو هو، ايئن پوءِ هڪ پيگ کان پوءِ ٻيو پيگ، ٽيون پيگ- بس پوءِ شيخ عزيز جي زبان به کُلي پوندي هئي. مونکي خبر هوندي هئي ته ان دوران هن تياري ڪري ورتي آهي ۽ سندس نشاني تي ڪير هوندو، پوءِ هوريان هوريان نشو لهي ويندو هو. اڳئين ڏينهن منجهند جو خبر پوندي هئي ته اقبال جعفري، صبيح الدين غوثي سان هلڪي ڦلڪي جهڙپ ڪري پنهنجو نشو پورو ڪري ورتو. ليڪن شيخ عزيز “واٽ ون” جي سڄي بوتل ختم ڪرڻ کان پوءِ اهو چئي اُٿي ويو “يار شام ۽ واٽ ون ٻئي خالي ٿي ويا پر مون سان سنڌي صحافت جي زوال تي ڪنهن به اختلاف ئي نه ڪيو....!” اسان جي صحافت اقبال جعفري کان بهتر ڪو پوليٽيڪل ۽ اڪانامڪ رپورٽر اڄ ڏينهن تائين ناهي ڏٺو. جيتوڻيڪ شيخ عزيز صاحب ڏهاڪو کن سال اڳ “ڊان” مان رٽائر ٿي ويو ليڪن سندس قلم سان رشتو ڪڏهن به نه ٽٽو ۽ آخري دم تائين قلم هن جي هٿ ۾ رهيو، لکندو رهيو ۽ لکندي لکندي کيس ننڊ اچي وئي. هاڻي سوچيان ٿو ته سٺو ٿيو جو شيخ صاحب ۽ سندس قبيلو پنهنجي طبعي عمر کان اڳ ئي ڪوچ ڪري ويو.... نه ته ڪو “صحافتي ڊينڊڙو” جيڪو پنهنجي قد کان مٿاهين ڪرسي تي ويٺو آهي، اهو کيس نوٽيس ڏئي رهيو هجي ها، ته اهو ادارو جيڪو شيخ صاحب جهڙن قلم ڌڻين ۽ قلم جي جنونين جي رت ۽ پگهر جي پورهئي سان ميڊيا ايمپائر بڻيو، هاڻي اُن کي سندس وڌيڪ ضرورت نه آهي...! هڪ دور هو جڏهن اسان جا ميڊيا هائوسز، يونينون ۽ ڪلبون اسانجي استادن ۽ عظيم ماڻهن جي ڪري سڃاتيون وينديون، نثار عثماني ۽ برنا صاحب جو ٻيو نالو PFUJ هو. عبدالحميد ڇاٻڙا جهڙا ڪردار، پريس ڪلب جي سڃاڻپ هئا پر اڄ پريس ڪلب تي اهڙن ماڻهن جو غلبو آهي جن کي شايد پاڙيسري به نه سڃاڻندا هجن. ياد نه ٿو اچي ته شيخ عزيز جهڙي وڏي صحافي جي پريس ڪلب سان واڳيل ڪنهن ماڻهو obituary لکي هجي. ويجهڙ ۾ ابوالحسنات ۽ ادريس بختيار به ڏوراهين ڏيهه اڏامي هليا ويا آهن، سندن اخبارن ۾ خبر ته هئي پر obituary نه- ڀلا لکي به ڪير ها، هاڻوڪن ڪلب سان لاڳاپيل صحافين جي دماغ ۾ ڪمپيوٽر جو اهو خانو ئي خالي آهي جنهن مان علم ۽ تجزئي جو خزانو ڇلڪندو هو! A سان ايپل، B سان بيٽ جو علم رکندڙ صحافي شيخ عزيز جو رُتبو ڇا ڄاڻين! اڄ ئي ڏسي رهيو هئس ته جنهن اخبار سان شيخ صاحب ٽيهن سالن تائين لاڳاپيل رهيو، ان ۾ سندس تعزيتي پروگرام جي خبر به نه هئي. شايد سڀاڻي هن تعزيتي ميڙاڪي جي خبر به شايع نه ٿئي! ليڪن اڄ شيخ صاحب کي ياد ڪرڻ وارا به ٻه چار ماڻهو ويٺا آهن، جڏهن اهي به لاڏاڻو ڪري ويا ته معذرت سان ٿو چوان ته مڙهه کي ڪلهو ڏيندڙ به ڪُرڪندي نظر ايندا! (پندرنھوار افيئر نيوز مئگزين، آڪٽوبر ۲۰۱۹ع) شيخ عزيز عملي صحافي يوسف سيف شيخ عزيز صحافت جي ميدان ۾ اهڙو ڪردار هو، جنهن هڪ ئي وقت سنڌي، اردو ۽ انگريزي صحافت ۾ پاڻ مڃرايو. پاڻ ادب، تاريخ، صحافت، ثقافت، تحقيق، ترجمي، موسيقيءَ ۽ لوڪ ڏاهپ تي دسترس رکندو هو. هن ڪيترائي ڪتاب سنڌي ادب جي جهوليءَ ۾ پڻ وڌا. سنڌ ۾ صحافت جا بنياد رکيا، عملي طور صحافت ۾ پاڻ ملهايو. شيخ عزيز جي هڪ انفراديت اها به آهي ته هن حادثاتي طور نه پر شعوري طور تي صحافي ٿيڻ جي رٿابندي ڪئي هئي ۽ ان تي مڪمل طور عمل پڻ ڪري ڏيکاريو. ايڊيٽر کان وٺي پروف ريڊر تائين ھر ڪم تي نظر رکندو ھو. اھڙيءَ ريت ڪمپازيٽر(ھاڻي ڪمپيوٽر آپريٽر) کان وٺي فور مين تائين اخبار سان لاڳاپيل سمورن جزن ۾ مھارت رکندو ھو. ايستائين جو اخبار جي ڇپائيءَ واري مشين جي به مڪمل معلومات رکندڙ ھو. ھڪ طرح سان انجنيئرنگ ڪندو ھو. اخباري ڪاغذ کي ھٿ لڳائڻ سان ان جو گرام ٻڌائي ڇڏيندو ھو. ھن پنهنجي ڪتاب “عملي صحافت” ۾ لکيو آهي ته هڪ صحافي کي “ننڍڙو عالم” هئڻ گهرجي. جنهن جي وضاحت ڪندي اهو پڻ سمجهايو آهي ته ننڍڙي عالم کي پنهنجي ٻوليءَ، سماج، تهذيب، تاريخ ۽ پنهنجي ادب بابت بنيادي ڄاڻ هئڻ گهرجي. ۱۹۹۰ع کان پوءِ ڪمپيوٽر تي سنڌي لکي سگهڻ ڪري صحافت جي ميدان ۾ اخبارن ۽ رسالن جي وڏي ٻوڏ اچي وئي، جنهن ڪري بيروزگارن جو وڏو انگ صحافت ۾ داخل ٿي ويو، ان کانپوءِ ۲۰۰۰ع ۾ وري انٽرنيٽ جو سرشتو عام ٿيو، نجي سطح تي ٽيليويزن شروع ٿيا ته هر ڪنهن ٽيليويزن شروع ڪري ڏنو. ڪرڙ ڪانڊيرو به ان ۾ کپي ويو پر ۱۹۹۰ع کان وٺي تاحال، اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جو انگ وڌي ويو آهي پر ان ڀونچال ۽ هڙا هڙيءَ ۾ صحافتي اصول، ضابطا ۽ قاعدا لتاڙجي ويا. اليڪٽرانڪ توڙي پرنٽ ميڊيا مقابلي جي ميدان ۾ سمورا ليڪا لتاڙي ڇڏيا. ۱۹۹۰ع ۾ صحافي معاشري جو مثبت ڪردار هو، ان کانپوءِ “صحافي” جي معنيٰ ئي بدلجي وئي. شيخ عزيز صاحب پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکيو آهي ته هن صحافت جي چونڊ ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي مزاج کي منظم ڪرڻ لاءِ رٿابندي ڪئي، جنهن ۾ هن پنهنجي مطالعي جو وقت وڌائي ڇڏيو هو. اخباري ڊيوٽي دوران رات جي وقت ماني کائڻ ڪري ننڊ تنگ ڪيو ته پاڻ ماني کائڻ ڇڏي ڏني. سندس مزاج ۽ رويا گهڻا منظم ۽ سنجيده هئا. پاڻ هڪ ئي وقت مختلف شعبن ۾ ڪم لاءِ وقت کي ورهائيندو هو ۽ ان تي عمل پڻ ڪندو هو. جوانيءَ جي ڏينهن ۾ هو صبح جو سوير جاڳنگ ڪندو هو. شام جو موسيقي جا ڪلاس وٺندو هو. هر موضوع تي ڪتاب به پڙهندو رهندو هو. سندس منظم مزاج، مثبت لاڙي هن جي لاءِ هر شعبي ۾ منزل آسان بڻائي ڇڏي هئي. هو سدائين لکندڙ، ٻهڪندڙ، خوش مزاج، خوش لباس ۽ جهونگاريندڙ شخص هو. شايد ئي سنڌ جو ڪو اهڙو موضوع هجي جنهن تي هن قلم نه کنيو هجي. پاڻ رواجي مضمونن توڙي لطيف فن جي مختلف مضمونن جو گهرو مطالعو رکندو هو. هن موسيقي، رقص، ڀرت ۽ لطيفيات جهڙن نفيس موضوعن تي پڻ لکيو آهي. شيخ صاحب وٽ سنڌ خود وڏو موضوع هئي. سنڌ جي ثقافتي راند “ملهه” سنڌ جي ذائقيدار مڇي “پلي”، سنڌ جي ھنرن، سنڌ جي هر علائقي، ٻوليءَ ۽ لهجي کي پنهنجي قلم ۾ بند ڪيو آهي. شيخ عزيز صاحب پنهنجي دور جو گهڻو قدآور شخص هو. سندس زندگيءَڪيترن ئي دلچسپ واقعن سان ٽمٽار آهي. هڪڙو ڀيرو سنڌ سرڪار جي اطلاعات کاتي تي ذميواري پئجي وئي ته اها محترمه بينظير ڀٽو لاءِ لطيف تي مضمون لکرائي. جيڪو محترمه کي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي عرس جي موقعي تي پڙهڻو هو. ياد رهي ته محترمه بينظير ڀٽو تڏهن وزارت اعظميٰ جي عهدي تي فائز هئي. ثقافت کاتي جي سيڪريٽري مھتاب اڪبر راشدي، شيخ عزيز صاحب سان ان سلسلي ۾ رابطو ڪيو. تڙ تڪڙ ۾ شيخ صاحب اهڙي تقرير لکي، جنهن تي محترمه بعد ۾ تڏهوڪي وزيراعليٰ سنڌ کي حڪم ڪيو ته اهڙي قابل شخص کي پنهنجي ٽيم جو حصو بڻايو وڃي. ان زماني ۾ شيخ عزيز سنڌي تقرير انگريزي ۾ (رومن، جھڙي ريت اڄ موبائل تي انگريزي ۾ سنڌي اردو ٻولين ۾ ميسيج ڪجي ٿو) لکي ڏني ھئي. شيخ عزيز صاحب سنڌ حڪومت جي اهڙي آڇ تي محترمه جا ٿورا مڃيا ۽ سنڌ سرڪار جي اختيارين وٽ پنهنجي ڳالهه پيش ڪيائين ته جڏهن به منهنجي ضرورت پوندي ته مان حاضر آهيان باقي نوڪري مون کي لکڻ پڙھڻ واري آهي. اھڙيون شخصيتون سنڌ کي ورلي ملن..... . (ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۷ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل) شيخ عزيز سنڌ جو اَملھه ماڻڪ پير مظھر الحق شيخ عزيز ھڪڙو صحافي ڪونه ھو، جيڪو مون ھن کي پرکيو پنھنجي ننڍي عمر کان، جڏهن مان عبرت ۾ ڪم ڪندو ھئس. انھيءَ وقت منھنجو سياست جي پاسي ڪوبه ڌيان ڪو نه ھو. عزيز شيخ منھنجو ان وقت نيوز ايڊيٽر ھو ۽ مان ھڪڙو نئون ماڻهو ھئس، جنھن کي رکيئون، اپپرينٽس ڪري. اپپرينٽس کي سنڌي صحافت ۾ پگھار به گھٽ ملندي هئي ۽ ڪم ان کان ھرڪو ورتو ويندو هو. پروف ريڊنگ کان ويندي، ھيڊنگس ٺاھڻ، ترجمو ڪرائڻ، آرٽيڪلس لکڻ ۽ ڪڏهن رپورٽر موڪل تي آهي ته ان جي جڳھ تي رپورٽنگ ڪرائڻ تائين. مقصد ھر قسم جي ٽريننگ ان ۾ ملندي ھئي. خوشقسمتيءَ سان مون کي عزيز شيخ جھڙو استاد مليو، جنهن مون کي ٿورو سختيءَ سان ڪم سيکاريو. انھيءَ وقت مان سمجھي نه سگھيس ته ڇو ايڏي سختي ٿو ڪري، پر حقيقت ۾ اھا منھنجي لاءِ مددگار ثابت ٿي. ڇاڪاڻ ته انھيءَ سان صحافت جا سڀ لاھا چاڙھا سکي ويس، پوءِ وري ان سان باقاعدي دوستانه تعلقات قائم ٿي ويا. عزيز شيخ حقيقت ۾ بقول حميد ھارون جي، جڏهن مان ڊان اخبار ويو ھئس، عزيز شيخ سان ملڻ تڏھن مان سياست ۾ ھئس ته حميد ھارون سان به مليو ھئس. حميد ھارون مون کي چيو هو ته سنڌي صحافت ۾ مان جيڪڏهن ڪنهن کي مڪمل صحافي سمجهان ٿو ته اھو رڳو عزيز شيخ آهي. منھن تي نه چيائينس، سندس پرپٺ مون کي چيائين. صحافيءَ جي جيڪا ڊيفينيشن آهي، ھو ان تي پورو لهي ٿو. شيخ صاحب لنڊن مان ڊپلوما به ڪري آيو ھو، انھيءَ لحاظ کان ڪواليفائيڊ به رھيو. مان جيڪو پوڻا ست سال عبرت اخبار ۾ رھيس ته اتي مون کي ٻارن جي ھفتيوار صفحي جو انچارج ڪيائين. مون پڇيومانس ڇو؟ چيائين ھن کي اوھان ئي صحيح نموني ھلائي سگھندؤ. جڏهن ته مان پاڻ ان وقت سورنھن سترنھن سالن جو ھئس. ڪجھه عرصي بعد وري صلاح ڏنائين ته ھاڻي ٻارن جو ھڪڙو پروگرام ڪراءِ، ان سان دائرو اڃا وڌندو. رڳو ٻارن جي ميمبرشپ ڪافي ناھي، انھن جا مضمون ڪافي ناھن، ٻارن کي فزيڪلي دعوت ڏئي، سڄي سنڌ مان گھرائجي. ان وقت سٺ واري ڏهاڪي ۾ اسان جو ھڪڙو مسئلو ھو ته سنڌ کي سابق سنڌ ڪري چوڻو پوندو ھو، ون يونٽ ۾ سنڌ کي شامل ڪيو ويو ھو. سنڌ جو نالو وٺڻ ڄڻ ڏوھ ھوندو ھو. ايتري قدر جو عبرت اخبار جو جيڪو بوتو ھو، ان مان سنڌ جو نقشو به ڪڍرايو ويو ھو. اشتھار به بند ڪيا ويا ھئا عبرت جا. بھرحال اھو ايوب خان جو ڏکيو دور ھو، جنھن ۾ سنڌ نالو وٺڻ جرم ھو. تنھن وقت ٻارن کي صدارتي ايوارڊ پڻ ملندا ھئا، پر اھي فقط بنگالي، ٻيو اردو ۽ ٽيون انگريزيءَ ۾. ھاڻي انگريزي ته اسان جي نيشنل لينگويج ڪونه ھئي. باقي سنڌي ٻوليءَ کي ان ۾ شامل ڪونه ڪيو ويو ھو، جڏھن ته سنڌي ٻوليءَ جي به پنھنجي الڳ حيثيت ھئي. اسان جي پنھنجي الفابيٽ آهي. اسان وٽ اسڪولن ۾ سنڌي پڙھائي ويندي ھئي، ٻين صوبن ۾ ته سندن ٻولين ۾ ڪونه پڙھايو ويندو هو. ان وقت عزيز صاحب ھڪڙي صلاح ڏني ته اسان پاڻ ڇونه اھڙو پروگرام ڪريون جو ٻارن جو ميلو ھر سال ڪرايون. ان لاءِ پوءِ مون کي صلاح ڏنائين ته قاضي سعيد صاحب کي چئو، اھو سندس دوست به ھو ۽ ڪلاس فيلو به ھو شايد. چيائين ان کان پئسا منظور ڪرائي توکي ڏئي ڇڏيندو، مون کي ڪونه ڏيندو. پوءِ ٻه ھزار روپيا ان پروگرام جا مليا. ان کان پوءِ مون کي آمريڪن سينٽر ۾ وٺي ھليو. ڇاڪاڻ ته مفت ۾ به ڪرائڻو ھو. آمريڪن سينٽر ان ڪري وياسين جو ان وقت ٻيو ڪو ھال اھڙو ڪونه ھو، جتي اھڙي پئماني جو پروگرام ڪرائي سگھجي. آمريڪن سينٽر جو نظام صاحب دوست ھوندو ھئس. ان کي چيائين ھن کي آڊيٽوريم ڏئي. ٽي چار نشستون اتي ئي ڪيونسين. ڪل ٻار سنڌ ڪنوينشن جي عنوان سان اھو ميلو ٿيو. ان ۾ تقريري مقابلو ٿيو، جنهن ۾ ٽاپڪس به پاڻ مقرر ڪيائين. ان ۾ قائدِ ايوان ھوندو آھي ۽ ٻيو حزب اختلاف ٿيندو آهي. مون کي ٻڌايائين ته ائين ڪر. مون کي ايتري خبر ڪانه ھئي، انھيءَ ڪري سڀ ڪجھ پاڻ ترتيب ڏئي مون کي سمجھايائين. تمام زبردست پروگرام ٿيو ھو اھو، جنهن ۾ پنھنجي وقت جا ناميارا عالم مولانا گرامي صاحب، آگرو صاحب ۽ شيخ علي محمد صاحب جيڪو اسان جو ايڊيٽر ھوندو ھو، سڀ وڏا وڏا نالا ھوندا ھئا. مصطفيٰ قريشي صاحب به آيو ھو ان پروگرام ۾ خاص مھمان ٿي، جيڪو ٻارن جي ٻاري، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو ان وقت انچارج ھو. عبدالڪريم بلوچ، عبدالحق ابڙو اھي سڀ مشھور ماڻھو ھئا، جيڪي آيا ھئا. ھڪڙو يادگار ۽ بھترين قسم جو فنڪشن ٿيو ھو، جن ٻارن ان ۾ شرڪت ڪئي، سي مستقبل ۾ وڏا وڏا پروفيسر، سي ايس ايس آفيسر، جج، اسيمبلي جا ميمبر ۽ منسٽر به بڻيا. ميلي ۾ چٽاڀيٽي جا مقابلا به ٿيا، مضمون به لکيا ويا. جيڪي ڪامياب ٿيا تن کي انعام ڏنا ويا ۽ پوءِ ھو فخريه انداز ۾ ڏيکاريندا ھئا. آخر ۾ بسنت ھال ۾ ورائٽي پروگرام ٿيو. عزيز شيخ صاحب مون کي پھريون دفعو سيکاريو ۽ چيائين ھاڻي اھو ھر سال ڪرڻ کپي. ھن ميلي جو ريسپانس تمام سٺو مليو. سڄي سنڌ ۾ ھڪڙي قسم جي سجاڳي پيدا ٿي. سڄي سنڌ ۾ عبرت جي طرفان اسان برانچون کوليون، پوءِ انھن جون چونڊون به ڪرايونسين. اھڙا علمي، نظرياتي ۽ انقلابي ڪم پئي ٿيا. منھنجي اھا ٽريننگ پئي ٿي، مون کي خبر ئي ڪونه پئي. حقيقت ۾ سياست ۾ اچڻ جو منھنجو ارادو ڪونه ھو، پر پوءِ ٿي ويو. جڏهن وري الله جي شڪر سان سياست ۾ آيس ته اتي تنظيمي ڪم، تقرير، ماڻھن سان لھ وچڙ ۾ اچڻ، ٽوئر ڪرڻ سڀ ڪم آيا. شيخ عزيز صاحب سان ان وقت گڏ ھوندو ھئس، تڏھن ارڙھن سال عمر ھئي منھنجي، جو سڄي سنڌ گھمي، نمائندن سان ملاقاتون ڪرڻ دوران سڀني کي چوندو ھو ته سھڪار ڪريو. محرم علي ڀٽي ھوندو ھو نوابشاهه ۾، ان سان ڪوآرڊينيٽ ڪئي. ھالا ۾ رشيد قريشي ۽ جيڪي دوست ھئا، اھڙي طرح دادو ۾ اعجاز قريشي ۽ صلاح الدين پنھور ۽ شجاع جوڻيجو جيڪو سيڪريٽري ٿيو. ھاڻي سوچيان ٿو ته عزير صاحب فقط ھڪڙو صحافي ڪونه ھو، ھڪڙو اديب نه ھو، ليکڪ نه ھو، ھو ھڪڙو ادارو ھو. ادارو ان کي چئبو آهي جيڪو ماڻهو پيدا ڪري. ھن کي وري موسيقيءَ جي ڏسو ته ڪيتري ڄاڻ ھئي. تمام گھڻو ان تي ڳالھائي ويندو ھو، مضمون ۽ ڪتاب لکندو ھو ۽ پاڻ به بانسري وڄائي ويندو ھو. ستار، تنبورو، طبلو، پيانو ۽ ھارمونيم وڄائي ويندو ھو. ھر قسم جي ميوزڪ ۽ خاص طور تي ڪلاسيڪل ميوزڪ تي ھن کي وڏو عبور حاصل هو. اھڙي طرح ھن کي شاھ لطيف تي به وڏي ڄاڻ هئي. شيخ عزيز صحافت جي دنيا ۾ نواڻ آندي. ھن سنڌي صحافت جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو ستر واري ڏهاڪي ۾ ھفتيوار مئگزين شروع ڪيو، ان کان اڳ ڪڏهن به روزاني اخبار سان گڏ ھفتيوار مئگزين نه نڪرندو هو، پهريون ڀيرو عبرت سنڊي جي نالي سان جاري ڪيائين، جيڪو بي انتھا ڪامياب ٿيو. اھڙيءَ طرح عورتن جو صفحو، فلمي صفحو، ادبي صفحو، شاگردن جو صفحو، زراعت جو صفحو، اھي سڀ روايتون عزيز شيخ متعارف ڪرايون. ان وقت عبرت کي جيڪا مقبوليت حاصل ٿي، ان ۾ اسان جو ايڊيٽر شيخ علي محمد، خير محمد کوکر، محمود يوسفاڻي، محمد حيات بلوچ، عبدالرحمان جوڻيجو، مقبول صديقي، عبدالغفور جوڻيجو، جيڪو بعد ۾ انڪم ٽيڪس جو ڪمشنر ٿيو ھو، ته اھڙيون قدآور شخصيتون عبرت ۾ ھيون. اھو سڄو ٽيم ورڪ ھو. عزيز شيخ انھن مان ھڪ نرالي شخصيت ھئي، جنھن صحافت کي نه ڇڏيو، ٻين گھڻن ڇڏي الڳ الڳ شعبا اختيار ڪيا، آئون وڪيل وڃي ٿيس. شيخ عزيز، خير محمد کوکر، پروانو ڀٽي اھي اھڙيون شخصيتون ھيون جيڪي آخر تائين صحافت سان جڙيل رھيون. ھو مون کي به چوندا ھئا ته صحافت نه ڇڏجانءِ پر مون کي قسمت ٻئي پاسي وٺي وئي. ڪنھن سياستدان کي چئجي ته ڪنھن صحافيءَ تي ڳالھائي، ان لاءِ اھو ڏاڍو ڏکيو ٿيندو پر منھنجي لاءِ آسان آھي، ڇاڪاڻ ته مون انھن سان گڏ ويھي ڪم ڪيو آهي، ھڪڙي ڊيسڪ تي ويھي. وري اھو وقت آيو جڏهن شيخ صاحب ڊان جو ايڊيشن انچارج، نائيٽ شفٽ انچارج ٿيو، ته منھنجو پٽ دانش انھن ڏينھن ۾ امتحان پاس ڪري فارغ ويٺو ھو، مون کيس تڏهن صلاح ڏني ته واندي ويھڻ کان ڪو ڪم ڪر. سو عزيز صاحب وٽ وٺي وڃي ڇڏيومانس ته ھتي ويھي ڪم سک. سو شيخ صاحب مون کي چيو ھتي اھو قاعدو آھي ته ايڊيٽر کي ان جو چوڻو پوندو. مان ايڊيٽر علي احمد خان صاحب وٽ ھلي ويس ۽ درخواست ڪيم ته فيلڊ ۾ ھوندو ته ڪجھ سکندو. اھو به کيس چيم ته عزير صاحب جي شاگرديءَ ۾ ڏيوس. ان تي ٿورو حيران به ٿيو پر ٻڌايومانس ته مان پاڻ به عزيز صاحب جو شاگرد آھيان، انڪري ٿو چوان. سو اجازت ڏنائين. دانش اخبار نه پڙھندو ھو پر پوءِ روز صبح جو اخبار کڻي اھي خبرون پيو ڳوليندو ھو، جيڪي عزيز صاحب کيس ڏيندو ھو ته ھنن جون ھيڊنگس ٺاھي، سبنگ ڪر، ايڊيٽنگ ڪر ۽ پوءِ ھن کي ائين اخبار پڙھڻ جو شوق به پيدا ٿي ويو، جيڪو اڄ تائين ائين آھي. عزيز شيخ جھڙا ماڻھو صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن. ھاڻي ريوارڊ ڪيئن ڏجي. مون کي چوندو ھو تون اڻ گھڙيو ڪاٺ آھين ۽ واقعي مان اڻ گھڙيل ڪاٺ ھئس، جنھن کي عزيز شيخ ٽريننگ ڏئي گھڙي سيکاريو. ھن کي به خبر ڪونه ھئي ته ڪو مان سياست ۾ ويندس پر ھڪڙي ڳالھ مڃڻ جي آهي ته جيڪو ماڻھو صحافت ۾ ويندو آهي، اھو پوءِ ھر فيلڊ ۾ ڪاميابيءَ سان ھلي سگھي ٿو. صحافت ۾ به مون کي پروف ريڊنگ وارو سيڪشن تمام ڪم آيو، جو اڄ تائين مان ھڪ ھڪ ڪاغذ پڙھي چڪون پڪڙيندو آھيان. جڏهن مان وڪالت دوران چڪون پڪڙيندو ھئس ته ججن کي ڏاڍو خراب لڳندو ھو. ڪابه پٽيشن داخل ڪرڻ وقت به ھڪ ھڪ اکر پڙھي ڪم اڳتي وڌائيندو آھيان. اھي سڀ ننڍيون ننڍيون ڳالھيون آهن جيڪي زندگيءَ ۾ تمام ڪم اينديون آهن. جڏهن مون کي تعليم جي وزارت ملي ته مون سوچيو ڪيئن مان عزيز شيخ کي راضي ڪريان. ان حوالي سان چيومانس ته مان سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين آھيان، اوھان اتي وائس چيئرمين ٿيو. مان پنھنجا پاورس ھينڊ اوور ڪري ڇڏيندس. ھتي ھر جڳھ تي سياست لڳي پئي آهي، سڀ اعتراض ڪندا ته عزير صاحب کي چئرمين ڪيو اٿس. سو انھي مان فائدو اھو ٿيو جو سيڪريٽري تعليم جيڪو ميمبر ھو بورڊ جو اھو ڪڏھن ايندو ئي ڪونه ھو، منھنجي ڪري ان کي به اچڻو پيو. عزيز صاحب کي نيٺ مون راضي ڪري وزيراعليٰ کان آرڊر ڪرايو. ان کان اڳ اھڙو آرڊر نه ٿيو ھو. پوءِ اتي ئي بنگلو به مون الاٽ ڪرائي ڏنو ھو ۽ چيئرمين جي گاڏي سميت سموريون سھولتون ڏنم. ان سان اھو فائدو ٿيو جو فل ٽائيم وائيس چيئرمين موجود رھندو ھو. عزيز شيخ ان دوران ڪافي محنت ڪئي ۽ ادبي بورڊ کي بھتر بڻايو. ھن اتي ايف ايم ريڊيو کولڻ سميت ڪافي پروجيڪٽ ھئا، جن تي ڪم ٿيڻو ھو. پر وچ ۾ اھڙو انقلاب اچي ويو جو مون کي چيئرمين شپ ڇڏڻي پئي ۽ جنھن سائينءَ کي چيئرمين ڪيو ويو، انھيءَ کي اھو وائس چيئرمين قابل قبول نه ھو. شيخ عزيز به رھي نه سگھيو. ادبي بورڊ ۾ ڇپائيءَ جو سلسلو شروع ڪيائين، جيڪو ذري گھٽ ختم ٿي ويو ھو. ڊگھي عرصي وارا عارضي ملازم ھئا، تن کي مون کان مستقل ڪرايائين. اھڙيءَ ريت ادبي بورڊ ۾ ڊسپيلين پيدا ڪرايائين. ٻارن جو ادبي ميلو جيڪو عبرت ۾ مون کان ڪرايائين، اھڙو وري ھڪ ڀيرو ڪرايائين. عزيز شيخ ھڪڙو ڪم ڪندڙ ماڻهو ھو، ڪيترائي ڪتاب لکيائين. سندس اولاد شيخ عزيز جي اڻ ڇپيل ڪتابن کي به ڇپايو. سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي کي گھرجي ته سندس ڪتاب ڇپائي. ھڪ املھ انسان ھو، جنھن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگھجي. (ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۷ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل) شيخ عزيز جنهن کي موت مات نه ڏئي سگهيو ڪرم علي شاھ ڪرم سنڌ هميشه سياسي، سماجي ۽ تهذيبي شعور جو مرڪز رهي آهي، جتي هر دور ۾ علم ۽ دانش جي جوت جلائڻ وارا ڏاها پيدا ٿيندا رهيا آهن، جن فنون لطيفه جي هر شعبي ۾ ڪمال جا ڪارناما سرانجام ڏنا آهن. جيڪڏهن صحافت، ادب ۽ موسيقي جي ٽن مختلف شعبن ۽ انهن جي ماهرن جي ڳالهه ڪبي ته يقينن انهن ٽن مختلف شعبن جي ڌار ڌار حيثيت آهي ۽ انهن ۾ مهارت رکندڙ به ڌار ڌار شخصيتون ئي هونديون آهن پر اسان اڄوڪي ڏينهن تي هڪ اهڙي شخصيت کي ياد ڪري رهيا آهيون، جيڪو هڪ ئي وقت صحافي، اديب ۽ موسيقي جو ماهر هو. اها شخصيت شيخ عزيز آهي، جيڪو واقعي به ڪمال هو، جنهن انهن ٽنهي شعبن ۾ بهترين ڪارناما انجام ڏنا ۽ نه فقط ڏيهه پر پرڏيهه ۾ پاڻ ملهايو. شيخ عزيز جو پورو نالو عبدالعزيز شيخ ولد احمد شيخ هو. سندس ولادت ۹ ڊسمبر ۱۹۳۸ع تي گاڏي کاتي حيدرآباد ۾ ٿي. ابتدائي تعليم، حيدرآباد جي سرڪاري اسڪولن مان پرائي، صحافتي ذميواري نڀائيندي لنڊن جي نامياري صحافتي اداري ٿامس ڪاليج آف جرنلزم مان صحافت ۾ گريجوئيشن ڪيائين. شيخ عزيز جتي سنڌي صحافت کي جديد لاڙا ڏنا، اتي هن ادب ۽ فن جي دنيا ۾ به خوبصورت طبع آزمائي ڪئي. صحافت کي جمود مان ڪڍيائين ۽ ان کي ترقي پسند سوچ ۽ فڪر تي آندائين. پاڻ سنڌي صحافت کان صحافت جي شروعات ڪيائون، جنهن بعد اردو جنهن کانپوءِ انگريزي صحافت جو رخ ڪيائون، جتي پڻ وڏو نالو ڪيائون. شيخ عزيز ملڪ جي وڏي انگريزي اخبار ۾ صحافتي فرض نڀايا ۽ مختلف اشوز تي بهترين آرٽيڪلز تحرير ڪيا، جن کي وڏي مڃتا حاصل رهي. ناليوارين شخصيتن تي شيخ عزيز کان بهتر اڄ ڏينهن تائين ڪو نه لکي سگهيو آهي. شيخ صاحب ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف پڻ آهي، ڪتابن جي صورت ۾ هو اڄ به اسان جي وچ ۾ موجود آهي. سندس صحافت تي سنڌي ڪتاب “عملي صحافت” ناياب ڪتاب آهي، جنهن صحافت جي شاگردن جي هڪ وڏي ضرورت ۽ مشڪل حل ڪري ڇڏي. شيخ صاحب سنڌ يونيورسٽي ۾ صحافت جو شعبو قائم ڪرڻ ۾ به وڏو ڪردار ادا ڪيو ۽ خان محمد پنهور سان گڏجي صحافت جو شعبو کولائڻ لاءِ ڪوششون پڻ ورتائين. شعبو قائم ٿيڻ کانپوءِ پاڻ اتي ڪلاس به وٺندو هو. سندس ڪيترن ئي شاگردن اڳتي هلي صحافت سميت مختلف شعبن ۾ وڏو نالو ڪيو. اهڙي ريت اخباري فيلڊ ۾ به سندس ڪيترائي شاگرد هئا. ميوزيڪل انسٽرومينٽس تي سندس ڪتاب موجود آهن، جيڪي انگريزي ۽ سنڌي ۾ آهن، تازو ئي سندس “چنگ” تي انگريزي ۾ لکيل ڪتاب جو مهورت پڻ ٿيو آهي. شيخ صاحب ملڪ جو پهريون صحافي هو، جنهن صحافتي دنيا ۾ “اوبيچيوري” (ڪنهن به نامياري شخصيت جي وفات تي بروقت سوانحي خاڪو لکڻ) جو لاڙو متعارف ڪرايو. سندس وڏي فرزند ۽ ناليواري ليکڪ ۽ صحافي طارق عزيز شيخ موجب اخباري ميگزين وارو اڄوڪو لاڙو شيخ عزيز سنڌي صحافت ۾ پهريون ڀيرو ۱۹۷۲ع ۾ “سنڊي عبرت” جي نالي سان شروع ڪيو. اردو اخبار جنگ ۾ مئگزين ايڊيٽر طور “مهراڻ رنگ” جي نالي سان صفحو شروع ڪيائين، جنهن ۾ سنڌ جي حوالي سان تحريرون شايع ٿينديون هيون. شيخ عزيز صحافتي سفر جي شروعات روزاني “ڪاروان” حيدرآباد مان سب ايڊيٽر طور ڪئي. هو روزاني عبرت حيدرآباد، هفتيوار سنڌ آبزرور حيدرآباد (انگريزي)، روزانه سنڌ نيوز حيدرآباد، روزانه جنگ (اردو) ڪراچي، روزانه حريت (اردو) روزانه ڊان انگريزي ڪراچي ۾ سب ايڊيٽر، سينيئر سب ايڊيٽر، اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ نيوز ايڊيٽر ۽ ايڊيٽر جي عهدن تي رهيو، هو روزاني سنڌ نيوز حيدرآباد جو ايڊيٽر هو ۽ ايم آر ڊي جي آمريت مخالف تحريڪ جي دور ۾ سندس سرواڻي ۾ ان اخبار انتهائي جرئت ڀريو ڪردار ادا ڪيو. ان دور جي اها وڏي ۾ وڏي اخبار هئي. جڏهن ته ۱۹۸۹ع کان ۲۰۰۸ تائين روزانه ڊان ڪراچي، ايڊيشن انچارج ۽ نائيٽ ايڊيٽر رهيو. ۲۰۰۹ع ۾ جڏهن پير مظهرالحق سينئر وزير تعليم بڻيو ته هن سنڌي ادبي بورڊ جو وائيس چيئرمين شيخ عزيز کي بڻايو، جتي ۲۰۱۱ع تائين رھيو. شيخ عزيز سنڌي، انگريزي ۽ اردو ۾ ٽن هزارن کان وڌيڪ آرٽيڪلز لکيا. جيڪي سياسي، سماجي، ثقافتي، تاريخي، موسيقي، ادبي ۽ حالات حاضرا جي موضوعن تي آهن. شيخ صاحب جي لکليل ڪتابن ۾ سنڌ جون پراسرار ڪهاڻيون (سچيون ڪهاڻيون) ملهه، الحمرا جا داستان (ترجمو، واشنگ ارونگ)، نقش لطيف، صحافتي ٽيڪنيڪ تي سنڌي ۾ پهريون ڪتاب، ۱۹۷۵، ۱۹۷۸ ۽ ۱۹۹۵ع ۾ واڌاري سان، “مون لينن جو ڏيهه ڏٺو” (روس جو سفرنامو)، “دي ٽربيوٽ” (سنڌ جي ناليوارين شخصيتن جا انگريزيءَ ۾ سوانحي خاڪا)، “تقسيم کان تقسيم تائين” (سياسي تاريخ، ڀاڱو پهريون)، “دي اوريجن اينڊ ايووليوشن آف سنڌي ميوزڪ” (انگريزيءَ ۾ سنڌي موسيقي تي تحقيق سميت ٻيا ڪتاب لکيا. شيخ صاحب جي هن عظيم سفر ۾ سندس شريڪ حيات حميده عزيز شيخ جو به ڀرپور ساٿ رهيو، جيڪا سندس ڏک سک جي ساٿي هئي، جنهن کيس هميشه همٿايو ۽ ڪڏهن پريشان ٿيڻ نه ڏنو، پير مظهر صاحب جي چواڻي ته جيڪڏهن ادي حميده نه هجي ها ته شيخ عزيز هيڏا وڏا ڪم سرانجام نه ڏئي سگهي ها. شيخ عزيز ۷ آڪٽوبر ۲۰۱۸ع تي هي فاني جهان ڇڏي ويو. سندس آخري آرامگاهه پهلوان ڳوٺ ڪراچي ۾ آهي. (ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۷ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل) شيخ عزيز صحافتي سفر - ٽئين ورسيءَ جي موقعي تي طارق عزيز شيخ سنڌي، اردو ۽ انگريزي صحافت جي ميدان ۾ ڇھه ڏھاڪا ارپڻ واري شخصيت ۽ منھنجي والد شيخ عزيز جي اڄ ٽئين ورسي آهي. سندن ولادت جو سال ۱۹۳۸ع ۽ ھنڌ گاڏي کاتو، حيدرآباد آهي. حيدرآباد جي سرڪاري اسڪولن مان تعليم پرايائين، سڄي شھر ۾ سڀني شاگردن کان وڌيڪَ مارڪون حاصل ڪيون ھئائين ۽ اسڪالر شپ تي پرڏيهه مان اعلي تعليم حاصل ڪري آيو. پاڻ حيدرآباد مان ئي نڪرندڙ روزاني “ڪاروان” اخبار ۾ ۱۹۵۷ع کان سب ايڊيٽر طور، ڪم جي شروعات ڪري پير پاتائين، يعني ۱۹ ورھين جي ڄمار ۾ صحافتي قلم ھٿ ۾ کنيائين. انگريزي ۾ تمام ذھين ھو تنھنڪري خبرن جي ترجمي واري ذميواري کيس ملي. ۱۹۵۸ع ۾ “عبرت” اخبار ۾ آيو ۽ پوءِ ھڪ ڊگھي عرصي تائين اتي ئي رھيو. تعليم گڏوگڏ جاري رکڻ ڪري ان وچ ۾ اسڪالرشپ تي ٿامسن يونيورسٽي آف جرنلزم، لنڊن ھليو ويو ھو. ھيء پھريون سنڌي ھو جنھن باقاعده صحافتي تعليم ۽ تحقيق جي عالمي ڊگري حاصل ڪئي ھئي. چئن ورھين کان پوءِ واپس اچي وري پنھنجي ساڳئي اداري ۾ ڪم کي لڳي ويو پر ھن ڀيري ڪم ۾ جدت ۽ تبديلي اچي وئي. ھن عالمي سطح تي رائج صحافتي ٽرينڊز جا تجربا ڪيا، جنھن سان سنڌي صحافت کي نئون روپ مليو. سنڌي صحافت ۾ پھريون ڀيرو اخبار سان گڏ ھفتيوار ميگزين جاري ڪيائين. مختلف ھفتيوار صفحا، جديد ايڊيشنز، نوان سلسلا ۽ عالمي انداز جا لي آئوٽ متعارف ٿيا. ھو ان زماني کان وٺي پرڏيهي رسالن لاءِ به مضمون لکندو هو. سنڌ جي حوالي سان پڻ ستر واري ڏهاڪي ۾ ڪيترائي انگريزي مضمون ۽ فيچر تحرير ڪيائين. اھڙي ريت ھن روزاني “سنڌ نيوز” حيدرآباد ۾ به محنت ڪئي. ھيء اخبار ۱۹۷۸ع ۾ جديد سنڌي صحافت جي ٽائيٽل سان نالو ڪڍيو. مون کي ياد آهي “سنڌ نيوز” اخبار جي دفتر ۾ آئون پنھنجي ٻاراڻي وهيءَ ۾ ويندو ھئس ته شام جي پھر ۾ لڳندو هو ڄڻ ايمرجنسي جي صورتحال ھجي. بابا ھر سيڪشن، خبرن کان وٺي ڇپائي جي مشينن جي ڪم ۾ رڌل رھندو ھو. “سنڌ نيوز” اخبار جو ڪردار سنڌي صحافتي تاريخ ۾ غيرجانبدار پاليسي ۽ اظھار جي آزاديءَ وارو رھيو. ۸۰ واري ڏهاڪي ۾ اردو صحافت جي شروعات ڪيائين ۽ ملڪ جي سڀ کان وڏي اردو اخبار “جنگ” ۾ ميگزين ايڊيٽر بڻيو. آمريت جي ھن دور ۾ جڏهن ڀٽائي سائين جي ڪلام ۾ جدوجھد، مزاحمت ۽ سجاڳيءَ وارن سرن ۽ بيتن جي نشر و اشاعت تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي ھئي، انھن ڏينھن ۾ اردو ٻوليءَ ۾ ڌاڙيل فيڪٽر، تاريخ، بھادري، مزاحمت ۽ ثقافت جي زمري ۾ لاتعداد مضمون لکيائين. سنڌ جي حوالي سان “مھراڻ رنگ” نالي ھفتيوار صفحو جاري ڪيائين، جنھن ۾ سنڌ جي اديبن، عالمن ۽ صحافين کي لکڻ جو موقعو مليو. ۱۹۸۷ع کان ۱۹۸۹ع تائين ھڪ ٻي اردو اخبار روزاني “حريت” ۾ پھرين ميگزين ايڊيٽر ۽ پوءِ نيوز ايڊيٽر بڻيو پر پوءِ ساڳئي گروپ جي انگريزي اخبار “ڊان” ۾ ۱۹۸۹ کان وٺي ۲۰۰۸ع تائين سينئر سب ايڊيٽر، ايڊيشن انچارج ۽ نائيٽ شفٽ ايڊيٽر طور ذميواريون سنڀاليائين. ايم آر ڊي تحريڪ دوران ھن سنڌ جا ضلعي سطح تي دورا ڪري انگريزيءَ ۾ مضمون لکيا، جيڪي تاريخ جي اھميت رکن ٿا. عام چونڊن دوران جيڪي سياسي تجزيا لکندو ھو، اھي درست ثابت ٿيندا ھئا. انگريزي اخبار ۾ سنڌ جي بھترين نموني نمائندگي ڪيائين. ۱۹۹۵ع ۾ ھڪ خبر ڇپجڻ جي پاداش ۾ کيس کنڀيو ويو ھو، جيڪا خبر ھن پاڻ به نه لکي ھئي. ان معاملي تي جڏھن ڏيھي پرڏيهي صحافتي تنظيمن، نشرياتي ۽ اشاعتي ادارن احتجاج ڪيو ته ٻئي ڏينهن کيس آزاد ڪيو ويو. ۲۰۰۹ع ۾ جڏهن پير مظهرالحق سينئر وزير تعليم بڻيو ته هن سنڌي ادبي بورڊ جو وائيس چيئرمين بابا کي بڻايو، جتي ۲۰۱۱ع تائين رھيو. ادبي بورڊ ۾ ڇپائي جو نظام بھتر ڪرڻ، اديبن کي سندن علمي پورھئي جو اجورو ڏيڻ، عارضي ملازمن کي مستقل ڪرڻ، آل سنڌ ٻالڪ ميلو ڪرائڻ سميت اداري کي متحرڪ ڪيائين. پنھنجي ڪم سان ديانتداري ۽ دلي لڳاءُ رکڻ وارا ماڻهو اڄ جي دنيا ۾ نالي ماتر ھوندا، مون کي فخر آهي ته انھن مان بابا ھو. ڪم جي نوعيت سان ايتري قدر سچو ھوندو ھو جو اسان جو گھر به اخباري دفتر لڳندو هو. ٻالڪپڻي واري ڄمار ۾ ياد اٿم ته اسان جي ٽنڊي آغا واري گهر جو هڪڙو ڪمرو اهم هوندو هو، جنهن ۾ عام جام طريقي سان نه وڃي سگهندا هئاسين ۽ اهو ڪمرو منهنجي والد جو هو. هن شخصيت جو لائيف اسٽائيل پنهنجو هو، جيڪو شروع کان آخري ڏينهن تائين ساڳيو رھيو. پڙھڻ لکڻ کان سواءِ هر ڪم جو ٽائيم ٽيبل مقرر هو. صبح ساجھر اخبارن پڙھڻ ۽ جاچڻ سان ڏينھن جي شروعات. نيرن ساڍي ستين وڳي، ڏينهن جي ماني منجهند هڪ وڳي ۽ رات جي ماني عام طور تي دير سان. ماني تمام ٿوري کائيندو هو پر مخصوص کاڌو هوندو هو، جنهن ۾ سلاد ۽ آچار لازمي هوندو هو. موسيقيءَ جو تمام وڏو ڄاڻو هو. پنهنجي ميوزڪ لائبريري ٺاهيل هئس جنهن ۾ سڄي دنيا جي ميوزڪ جي ڪليڪشن موجود هئي، خاص طور تي پڪي راڳ جي اهڙي چونڊ گڏ ڪيل هئس جو پاڪستان ۾ شايد ئي ڪنهن وٽ هجي. گهر ۾ شروع کان وٺي اخبارن جا ڍڳ ڏسندا هئاسين. عام طور تي گهرن ۾ اخبار پڙھڻ کان پوء رديءَ جي ڍير تي اڇلائي ڇڏبي آهي پر اسان وٽ اخبار تاريخ گذري وڃڻ بعد به پيل رهندي هئي جيستائين بابا ان جي خبرن ۽ آرٽيڪلز کي ڪٽي ڇانٽي فائيل ۾ نه لڳائيندو هو. اهي فائيل سبجيڪٽ وائيز سنڌ، ملڪي سياست، عالمي سياست، شخصيتون، ثقافت، رانديون، ملھ، موسيقي، زراعت، ڪرائيم، تاريخ، ادب، ماڳ مڪان ۽ ڪيترا ئي الڳ الڳ موضوعن جا ٺاهيندو هو. ڪنڊ ۾ ميز تي قينچي، بليڊ، کونئر، فائيل، پينون، پينسلون ۽ نيوز پرنٽ ھڪ ترتيب سان رکيل ھوندا ھئا. هن جي زندگي صحافت سان عشق ۾ گذري. هو ھميشه سنڌي اخبارن جو حليو درست ڪرڻ لاءِ ايڊيٽرن ۽ مالڪن کي پڻ صلاحون ڏيندو هو ۽ فڪرمند رهندو هو. سنڌي اخبارن جي خبرن، مضمونن ۽ اشوز کي ساراهيندو به تمام گهڻو هو پر ساڳئي وقت انهن جي لي آئوٽ کان وٺي ايڊيٽوريل پيج تي روز تنقيد به ڪندو هو. سندس چوڻ هو ته اڃا به هڪ اهڙي سٺي اخبار جي کوٽ محسوس ٿئي ٿي جيڪا مڪمل چئي سگهجي. پاڻ لنڊن، روس، ايران، چين، جپان، دبئي ۽ سعودي عرب سرڪاري توڙي نجي پرڏيهي دورا پڻ ڪيائون. سندن نظريو کاٻي سان لاڳاپيل ھو. انسانيت کي اوليت ڏيندڙ صوفي منش طبع ھو. ترقي پسنديءَ ۽ روشن خياليءَ کي ھميشه ھٿي وٺرايائين. سنڌي، انگريزي ۽ اردوءَ ۾ ٽن هزارن کان وڌيڪ آرٽيڪلز، فيچرز، تحقيقي مقالا ۽ اڻ ڳڻيا ايڊيٽوريلز لکيائين، جيڪي سياسي، سماجي، ثقافتي، تاريخي، موسيقي، ادبي ۽ حالات حاضره جي موضوعن تي آهن. سندس هڪ مقالو “عالمي غلاميءَ” جي عنوان سان سال ۲۰۰۳ع ۾ جوهانسبرگ ۾ ٿيل عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي شايع ٿيو، جيڪو بعد ۾ اقوام متحده پنهنجي سرڪاري رڪارڊ جو حصو بنائي ڇڏيو. سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري ۾ جرنلزم ڊپارٽمينٽ ۾ ۱۹۷۸ع کان ۱۹۸۰ع تائين، تڏهوڪي وائس چانسلر شيخ اياز جي چوڻ تي وزٽنگ پروفيسر رهيو. ان ڏس ۾ يونيورسٽي جي شاگردن کي صحافت پڙھائڻ جي نوعيت سان “عملي صحافت” ڪتاب لکيائين جيڪو اڄ تائين ڪورس جو حصو آهي. سندن ڪيترن ئي شاگردن مستقبل ۾ ميڊيا جي دنيا ۾ شھرت ماڻي. ڪجھه شاگرد سندن ايترو ويجھو ٿي ويا جو زندگيءَ جي آخري ڏينهن تائين انھن لاء نھايت شفقت ۽ عزت سان ذڪر ڪندو ھو، تن ۾ نصير مرزا، آغا رفيق ۽ ڪرم الاهي چنا شامل آھن. تحقيق جي حوالي سان شاھه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽي پاران ۱۹۹۳ع ۾ “تحقيق جو طريقه ڪار” جي موضوع تي ورڪشاپ ۾ “تحقيق ڪيئن ڪجي” جي عنوان تي ليڪچر ڏنائين جنهن کي بعد ۾ مقالي جي صورت ۾ شايع ڪيو ويو. ساڳئي اداي پاران ۱۹۹۳ع ۾ “شاھه لطيف تي تحقيق” جي عنوان سان ٿيل ورڪشاپ ۾ پڻ اهم ليڪچر ڏنو هئائين جيڪو بعد ۾ مقالي طور شايع ٿيو. وفاقي حڪومت جي ۱۹۶۰ع ۾ تيار ٿيندڙ سنڌي اردو ۽ اردو سنڌي ڊڪشنرين ۾ ريسرچ اسسٽنٽ طور ڪم ڪيائين. آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس پاران ملينيم سال جي موقعي تي سندس پاڪستاني موسيقيءَ تي لکيل مقالو “دي ٽريڊيشز گوز آن” اداري پنهنجي يادگار ڪتسب ۾ شايع ڪرايو جڏهن ته مختلف وقتن ۾ هلندڙ پروجيڪٽن ۾ ڪم ڪندو رهيو. پاڪستان جو پهريون صحافي هو جنهن صحافتي دنيا ۾ “اوبيچيوري” (ڪنهن به نامياري شخصيت جي وفات تي بر وقت سوانحي خاڪو لکڻ ) جو ڪلچر متعارف ڪرايو. ان سلسلي ۾ سنڌ جي شخصيتن کي خاص طور تي ڀيٽا پيش ڪيائين. سندس لکيل ڪتاب هي آهن. ۱. سنڌ جون پراسرار ڪهاڻيون (سچيون ڪهاڻيون) ۱۹۶۰ع ۲. الحمرا جا داستان (ترجمو، واشنگٽن ارونگ) ۱۹۶۱ع ۳. نقش لطيف، مضمون، مرتب ۽ ايڊيٽنگ ڪيل، ۱۹۶۴ع ۴. عملي صحافت، صحافتي ٽيڪنڪ تي سنڌيءَ ۾ پهريون ڪتاب، ۱۹۷۵ع، ۱۹۷۸ع ۽ ۱۹۹۵ع ۾ واڌاري سان. ۵. مون لينن جو ڏيھه ڏٺو، روس جو سفرنامو، ۱۹۷۴ع ۶. ملھه، سنڌ جي قومي راند تي ڪتاب، ۱۹۷۸ع ۷. دي ٽربيوٽ، (سنڌ جي ناميارين شخصيتن جا انگريزيءَ ۾ سوانحي خاڪا) ۲۰۰۷ع ۸. تقسيم کان تقسيم تائين، (سياسي تاريخ، ڀاڱو پهريون) ۲۰۰۸ع ۹. دي اوريجن اينڊ ايووليوشن آف سنڌي ميوزڪ، (انگريزيءَ ۾ سنڌي موسيقيءَ تي تحقيق) ۲۰۰۸ع ۱۰. اي هسٽري آف سنڌي لٽريچر (انگريزي) سنڌ جي ادبي تاريخ ۲۰۰۸ع ۱۱. سنڌ ڪي محلاتي داستانين، ( اردو) تاريخ ۲۰۰۹ع ۱۲. نوٽس آن سنڌ (انگريزي) تاريخ ۲۰۰۹ع ۱۳. ميوزيڪل نوٽس (انگريزي) موسيقيءَ تي مقالا، ۲۰۰۹ع ۱۴. ڀُٽي کان ضياءَ تائين، (سياسي تاريخ، ٻيو حصو) ۲۰۱۰ع ۱۵. پيليشل ٽيلس فرام سنڌ (انگريزي ) ۲۰۱۲ع سندس وفات کان پوءِ ۱۶. “دارون ۽ ڪارون (آتم ڪهاڻي)” ۲۰۱۹ع ۾ شايع ٿيو. ۱۷. “چنگ” (انگريزيءَ ۾ سنڌ جي قديم ساز تي ڪتاب) ويجھڙائي ۾ ثقافت کاتي پاران شايع ٿيو آهي. جڏهن ته سندس ايندڙ “شيديز آف سنڌ” (شيدين جي نسل جي تاريخ تي انگريزي ۾ ڪتاب) ڇپائيءَ جي مرحلي ۾ آهي. صحافت، علم، ادب ۽ موسيقيءَ سان لڳاءُ رکندڙ سنڌ جي ھن عظيم شخصيت پنھنجي حياتيءَ جون اسي بھارون ڏسڻ کان پوء، ۶ آڪٽوبر ۲۰۱۸ع تي، ڇنڇر واري ڏينهن ڪراچيءَ کان حيدرآباد ويندي دل جي دوري پوڻ بعد ڪراچيءَ جي آغا خان اسپتال ۾ ۷ آڪٽوبر تي آچر ڏينهن دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. سندن آخري آرامگاهه ڪراچي جي پھلوان ڳوٺ واري قبرستان ۾ آهي. (روزاني مومل ڪراچيءَ ۾ ۷ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل) شيخ عزيز يگانو ’عالِم صحافي‘ ياسر قاضي سنڌ ئي نه بلڪه ملڪ جي ٽن اهم ٻولين جي صحافت ۾ پنهنجو نمايان ۽ منفرد روايت ساز مقام رکندڙ، باصلاحيت ۽ گھڻ رُخي صحافي، محقّق، سنگيت جي ماهر ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جي مصنف ۽ دانشور، شيخ عزيز جو نالو ويجھي ماضيءَ جي صحافتي اتهاس ۾ اڻ مٽ نقش جيان رقم ٿيل آهي، جيڪو هميشه جرڪندو رهندو. شيخ عزيز، ۱۲ ڊسمبر ۱۹۳۸ع تي سنڌ جي ثقافتي راڄڌانيءَ حيدرآباد ۾ هڪ علمي ادبي گھراڻي ۾ جنم ورتو. سندس هڪ ڀاءُ، شيخ محمّد اسماعيل، معتبر محقّق ۽ ٻوليءَ جو ماهر هو، جڏهن ته ٻيو ڀاءُ، شيخ محمّد ابراهيم، معرُوف براڊڪاسٽر هو، جيڪو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ تان پنهنجي دؤر جي ڊرامي جي مشهُور پروڊيُوسر طور ڄاتو سُڃاتو ويو. شيخ عزيز پنهنجي بنيادي کان انٽرميڊيٽ تائين جي تعليم، حيدرآباد مان ئي حاصل ڪئي، جڏهن ته گريجوئيشن، لنڊن جي “ٿامس ڪاليج آف جرنلزم” مان ۱۹۶۸ع ۾ ڪيائين. هن پنهنجي صحافتي زندگيءَ ۾ عملي سفر جي شروعات، ۱۹۵۷ع ۾ اردو اخبار روزاني ’ڪاروان‘ حيدرآباد ۾ سب ايڊيٽر جي حيثيت سان پنهنجيون خدمتون انجام ڏيڻ سان ڪئي. هو ۱۹۵۸ع کان ۱۹۶۱ع تائين، سنڌيءَ جي ماضيءَ جي مشهور اخبار، روزاني ’عبرت‘ حيدرآباد جو سب ايڊيٽر رهيو. ۱۹۶۱ع کان ۱۹۶۵ع تائين، ان ئي اخبار جو “سينيئر سب ايڊيٽر” رهيو. ۱۹۶۵ع کان ۱۹۷۵ع تائين ساڳئي ئي اخبار ۾ “اسسٽنٽ ايڊيٽر” ۽ مئگزين ايڊيٽر رهيو. ۱۹۷۶ع ۾ هن انگريزي صحافت ۾ پير پاتو ۽ انگريزيءَ جي هفتيوار اخبار ’دي آبزرور‘ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. ۱۹۷۷ع کان ۱۹۸۰ع تائين ان زماني جي مشهور سنڌي اخبار ’سنڌ نيُوز‘ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. ۱۹۸۰ع ۾ هُو اردُو اخبار، روزاني ’جنگ‘ جو اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ ميگزين ايڊيٽر مقرر ٿيو، جڏهن ته ۱۹۸۲ع کان ۱۹۸۷ع تائين روزاني ’حُريّت‘ ڪراچيءَ جو ميگزين ايڊيٽر رهيو ۽ ۱۹۸۷ع کان ۱۹۸۹ع تائين، اُن ئي اخبار ۾ نيوز ايڊيٽر جي حيثيت سان ذميواريون انجام ڏيندو رهيو. ۱۹۸۹ع ۾ هو مشهور انگريزي اخبار، روزاني ’ڊان‘ جو “سينيئر سب ايڊيٽر “ ۽ “نائيٽ شفٽ انچارج” مقرر ٿيو، جڏهن ته ۲۰۰۰ع کان ۲۰۰۸ع تائين ’ڊان‘ ۾ ئي ايڊيشن انچارج ۽ نائيٽ انچارج رهيو. شيخ عزيز جو نالو سنڌي، اردو ۽ انگريزي صحافت ۾ ان ڪري منفرد آهي، جو هن روايتي صحافتي قدرن کان هٽي ڪري صحافت ۾ نوان لاڙا متعارف ڪرايا. ’خبر‘ جي ساخت ۽ سُرخي ٺاهڻ کان، ايڊيٽوريل صفحي جي مضمونن ۽ ڪالمن تائين، لکڻيءَ جي نئين طرز متعارف ڪرائي، جنهن ۾ خبر جي تصديق ۽ تحقيق کان، خبر ٺاهڻ تائين جي غيرجانبداريءَ تائين، اهي سمورا فني عنصر شامل هئا، جنهنڪري سندس ادارت ۾ نڪرندڙ اخبارن جي خبر، ان دؤر جي سمورين اخبارن جي خبرن کان پڙھڻ ۾ منفرد ۽ معياري لڳندي هئي. ايڊيٽر جي حيثيت ۾، شيخ صاحب جو پنهنجي اخبار جي “گيٽ اَپ” ۽ “لي آئُوٽ”جي انفرادي سونهن تي پڻ زور هوندو هو. ادبي تحقيق جي حوالي سان پڻ شيخ عزيز جي خدمتن کي وساري نٿو سگھجي. هو ۱۹۵۶ع کان ۱۹۵۷ع تائين، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشوري پاران تيار ٿيندڙ جامع سنڌي لغت جي ايڊيٽوريل ٽيم ۾ “ريسرچ اسسٽنٽ” طور “سنڌي ڊڪشنري اسڪيم” جو حصو رهيو ۽ ناليواري عالم ۽ محقّق، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي نگرانيءَ هيٺ تيار ٿيندڙ هن لُغت جي تياريءَ ۾ پنهنجو تحقيقي ڪردار ادا ڪيائين. ان عرصي دؤران شيخ عزيز، وفاقي سرڪار پاران سهيڙي ويندڙ “سنڌي ــ اردُو ڊڪشنريءَ” جي تياريءَ ۾ به “ريسرچ اسسٽنٽ” طور پنهنجيون تحقيقي خدمتون انجام ڏنيون. ۱۹۵۷ع کان ۱۹۶۰ع تائين هو سنڌي ادبي بورڊ جي هڪ ٻئي اهم ادبي اسڪيم، “سنڌي لوڪ ادب پروجيڪٽ” ۾ به “ريسرچ اسسٽنٽ” جي حيثيت ۾، هڪ ڀيرو ٻيهر ڊاڪٽر بلوچ جي نگرانيءَ ۾ پنهنجيون ذميواريون نباهيندو رهيو. ۱۹۷۸ع ۾ هن “رائيز اينڊ فال آف رائيٽنگ اسٽڊيز ان هيُومن ڪميُونيڪيشنز” (انساني رابطن ۾ تحقيقي لکڻين جو عرُوج ۽ زوال) جي موضوع تي انگريزيءَ ۾ هڪ بيمثال تحقيقي مقالو (مونوگراف) لکيو، جنهنکي بي پناه موٽ ملي. شيخ عزيز جي اهم ادبي تصنيفن ۾ (۱) ’سنڌ جُون پُراسرار ڪهاڻيون‘ (شايع: ۱۹۶۰ع)، (۲) ’الحمرا جا داستان‘ (۱۹۶۱ع)، (۳) ’انتخاب‘ (سنڌي ڪهاڻين جي ترتيب ــ ۱۹۶۳ع)، (۴) ’نقشِ لطيف‘ (شاهه لطيف جي زندگي ۽ شاعريءَ تي لکيل مقالن جي ترتيب ــ ۱۹۶۴ع)، (۵) ’پريفيس ٽو دي ڪيٽلاگ آف بُڪس‘ (انگريزي ــ ۱۹۷۲ع)، (۶) ’عالمي صحافت‘ ــ ۱۹۷۵ع)، (۷) ’مون لينن جو ڏيهه ڏٺو‘ (رُوس جو سفرنامو ــ ۱۹۷۶ع)، (۸ ’ڀُٽو ــ ميمرِيز اينڊ رميمبرنسز‘ (انگريزي ــ ۱۹۹۳ع)، (۹) ’راڳ ساگر‘ (۲۰۰۴ع)، (۱۰) ’کيرٿر‘ (انگريزي ــ ۲۰۰۶ع)، (۱۱) ’ڪمپينڊيم آف دي پوئٽري آف شاهه لطيف اِن فور لينگويجز وِد ايپروپريئيٽ ميُوزيڪل نيريشنز‘ (موسيقيءَ جي موزُون بيانيي ساڻ چئن ٻولين ۾ ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو) (انگريزي ــ ۲۰۰۶ع)، (۱۲) ’ننڍي کنڊ ۾ ڊرامي جي تاريخ‘ (۲۰۰۷ع)، (۱۳) ’دي ٽريبوٽ‘ (خراج) (انگريزي ــ ۲۰۰۷ع)، (۱۴) ’تقسيم کان تقسيم تائين‘ (پاڪستان جي سياسي تاريخ ــ ۲۰۰۸ع)، (۱۵) ’اي هسٽري آف سنڌي لٽريچر‘ (انگريزي ــ ۲۰۰۸ع)، (۱۶) ’دي اوريجن اينڊ ايوليُوشن آف سنڌي ميُوزڪ‘ (سنڌي موسيقيءَ جو بُڻ بنياد ۽ ارتقا) (انگريزي ــ ۲۰۰۸ع)، (۱۷) ’سنڌ ڪي محلاتي داستانين ‘ (اردُو ــ ۲۰۰۹ع)، (۱۸) ’نوٽس آن سنڌ‘ (سنڌ بابت مضمون) (انگريزي ــ ۲۰۰۹ع)، (۱۹) ’برِّصغير ۾ موسيقي لکڻ جي روايت‘ (۲۰۱۰ع)، (۲۰) ’ميُوزيڪل نوٽس‘ (انگريزي ــ ۲۰۱۰ع)، (۲۱) ’ڀٽو کان ضياءَ تائين‘ (۲۰۱۲ع)، (۲۲)’دارُون ۽ ڪارُون‘ (آتم ڪٿا ــ ۲۰۱۸ع) وغيره شامل آهن. شيخ عزيز پنهنجي آخري دم تائين اڻ ٿڪ قلمي پورهيو ڪندو رهيو ۽ مسلسل لکندو رهيو. سندس ٽن زبانن، سنڌي، اردُو ۽ انگريزيءَ ۾، ۳۰۰۰ کان وڌيڪ مضمون، مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيا. نئين ملنيم جي حوالي سان پاڪستاني سنگيت تي’دي ٽريڊيشن گوز آن‘ (روايت جاري رهندي آهي!) جي عنوان سان لکيل سندس شاندار تحقيقي مقالي کي آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس ڪراچيءَ فخريه طور تي پنهنجي يادگار ڪتابن جي ببليوگرافيءَ ۾ شامل ڪيو. شيخ صاحب جو ’عالمي غلاميءَ‘ جي عنوان سان لکيل هڪ ٻيو مقالو ۲۰۰۳ع ۾ جهانسبرگ ۾ منعقد ٿيل عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي شايع ٿيو، جيڪو بعد ۾ گڏيل قومن پنهنجي سرڪاري ريڪارڊ جي حصّي طور محفوظ ڪيو. سنگيت جي ماهر جي حيثيت سان شيخ صاحب جا ڪئين تحقيقي مقالا اهم عالمي جريدن ۽ ريسرچ جرنلز ۾ پڻ شايع ٿيندا رهيا. شيخ عزيز، عملي صحافت ڪرڻ سان گڏوگڏ مختلف صحافتي ۽ ادبي تنظيمن ۽ ادارن جي سربراهي به ڪندو رهيو ۽ اهم عهدن تي فائز رهيو. هُو حيدرآباد پريس ڪلب جو صدر (۱۹۶۳ع کان ۱۹۶۶ع)، حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جو صدر (۱۹۷۴ع)، سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي صحافت واري شعبي جو “وزيٽنگ پروفيسر” (۱۹۷۸ع کان ۱۹۸۰ع)، سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ قائم مرزا قليچ بيگ چيئر جي بورڊ آف گورنرس جو رڪن (۲۰۰۸ع) ۽ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشوري جو وائيس چيئرمين (۲۰۰۸ع کان ۲۰۱۱ع تائين) رهيو. شيخ عزيز سنگيت جو پڻ وڏو ڄاڻو هو. کيس لوڪ، ڪلاسيڪي ۽ نيم ڪلاسيڪيءَ سميت سنڌي سنگيت جي سمورين صنفن جو گهرائيءَ سان علم هئڻ سان گڏوگڏ، ننڍي کنڊ جي سنگيت بابت پڻ ڳُوڙهي ڄاڻ ۽ وسيع مطالعو هو. پاڻ شوقيه هارمونيم ۽ بانسري به وڄائيندو هو. سندس ذاتي ميُوزڪ ڪليڪشن ۾ سنڌ جي راڳ سان گڏوگڏ دنيا جي موسيقيءَ جو پڻ عظيم خزانو، ايم پِيز، اسپُولس، آڊيو ڪيسيٽس، سي ڊيز ۽ ڪمپيوٽر تي محفوظ هو. شيخ عزيز صاحب، ۵ سال، ٻه مهينا اڳ، ۷ آڪٽوبر ۲۰۱۸ع تي، لڳ ڀڳ ۸۰ ورهن جي ڄمار ۾، ڪراچيءَ کان حيدرآباد طرف سفر ڪندي، دل بيهڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو. کيس پهلوان ڳوٺ ڪراچيءَ جي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ڪيو ويو. هن پنهنجي جديد صحافتي طرز سان ابلاغ جي دنيا ۾ پنهنجو الڳ انداز متعارف ڪرايو، جيڪو “شيخ عزيز جي مڪتبِ فڪر” طور مڪاني صحافت ۾ هڪ ڊگھي عرصي تائين ياد رکيو ويندو ۽ صحافتي تاريخ سندس تذڪرو رڳو هڪ صحافيءَ نه پر ’عالم ــ صحافيءَ‘ طور ڪندي رهندي. (ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد ۾ ۱۲ ڊسمبر ۲۰۲۳ع، ۲۷ جمادي الاول ۱۴۴۵ هجريءَ تي ڇپيل) شيخ عزيز مڪاني صحافت کي عالمي معيار ڏيندڙ صحافي ياسر قاضي ڪالهه سنڌ جي گُڻائتي صحافيءَ شيخ عزيز کي اسان کان وڇڙي ۶ ورهه گذريا، جنهن ۷ آڪٽوبر ۲۰۱۸ع تي سنڌ کان طبعي طور موڪلايو. شيخ عزيز نه رڳو عملي صحافت ڪئي ۽ صحافت پڙهائِي، پر سنڌ کي عالمي صحافتي قدرن سان متعارف پڻ ڪرايو. شيخ عزيز رڳو پيشي جي لحاظ کان صحافي ڪونه هو، پر ”خبر“ سندس خمير ۾ هئي. هو اهڙو ڪل وقتي پيشاورانه پترڪار هو، جيڪو ڄڻ ته سوچيندو ئي خبر جي انداز ۾ هو، جنهن کي نيرن ڪرڻ وقت گرهه کڻڻ سان جيڪڏهن اخبار جي ’پيپر پرنٽ‘ جي هُٻڪار نه اچي، ته کيس نيرن ڪانه وڻندي هئي. سنڌ جا گھٽ صحافي اهڙا هوندا، جيڪي صحافت جي عالمي اصولن جو مڪاني تناظر ۽ وسيلن جي آڌار اطلاق ڄاڻندا هجن. انهن ئي اصولن تحت هن سنڌ يونيورسٽيءَ جي صحافت واري شعبي (جيڪو بعد ۾ ’ماس ڪميونيڪيشن‘ ڊپارٽمينٽ بڻيو) ۾ ڪاميابيءَ سان صحافت پاڙهي به ته صحافت رستي نه رڳو سياسي خبر جي اشاعت تي زور ڏنو، بلڪه سنڌ جي موسيقيءَ، ثقافت، فن، اينٿراپالاجيءَ کي ان مهارت سان پڙهندڙ تائين پهچايو، جو ڄڻ ته انهن موضوعن کي نئين سُڃاڻ ملي. اردو صحافت کان پنهنجو سفر شروع ڪندڙ شيخ صاحب، سنڌي صحافت ۾ ”سنڌ نيوز“ جهڙا ادارا ٺاهي، جڏهن انگريزي صحافت ۾ قدم رکيو ته ڄڻ سنڌ جي اشُوز کي قومي انگريزي ميڊيا ۾ مالڪي ملي وئي. اهي ٽئي ٻوليون اسان مان ڪم و بيش هر پڙهيل لکيل ماڻهو لکي، پڙهي، سمجھي ۽ ڳالهائي سگھي ٿو، پر انهن ٽنهي ۾ لکڻ جو ڏانءٌ الڳ الڳ آهي ۽ انهن ٽنهي جي صحافت جا ٽيڪنيڪل ماڻَ ته بنهه ڌار ڌار آهن. انهن ٽنهي ٻولين ۾ نه رڳو مهارت سان لکڻ ۽ صحافت ڪرڻ، بلڪه ٽنهي ٻولين جي صحافت ۾ نوان ٽرينڊ متعارف ڪرائي، خبر جي ابلاغ جو مهانڊو مَٽائي ان کي جدت بخشڻ، فقط شيخ عزيز جو ئي خاصو هو. انڪري اهو ڪم آيو به فقط ان جي ئي حصي ۾! صحافت ڇا ٿيندي آهي ۽ ان جا تقاضا ڇا ٿيندا آهن. ان جو پهريون سبق به شايد عزيز شيخ ئي اسان کي پڙهايو هو. سندن گهر جو ماحول محبت جي مٽيءَ سان ڳوهيل هو. ڀينرون ۽ ڀائر، ڌاڳي ۾ پوئيل مڻين وانگر هڪ ٻئي سان جڙهيل هوندا هئا. ادا اسماعيل شيخ ۽ ممتاز مرزا، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سان گڏ تحقيقي ڪم، لغت ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ تي ڪم جي هر مرحلي ۾ هن جا ساٿي رهيا.“ ته سندس صحافتي شاگرد ۽ سنڌ جو ناميارو براڊڪاسٽر نصير مرزا، شيخ صاحب جي سنڌ يونيورسٽيءَ ۽ ”سنڌ نيوز“ اخبار جُون سارُوڻيون سليندي چوي ٿو: ”سنڌ نيورسٽي امشوري جي سٽيٽسٽِڪس ڊپارٽمينٽ جي فرسٽ فلور تي شيخ صاحب ڪلاس روم ۾ بليڪ بورڊ جي ڀر سان بيٺل آهي ۽ ان نئين شروع ٿيندڙ شعبي ۾ ٻڌايائون پئي خبرَ، اخبارَ، صحافت جي نفسيات... ”ماڻهو صبح جو اخبار ان لاءِ پڙھندو ۽ ريڊيو، ٽي وي ان لاء کوليندو آهي ته ڏسان آئون جي بچي ويو آهيان، ته باقي دنيا ڇا پئي ڪري!“ پوءِ انهيءَ شام ’سنڌ نيُوز‘ ۾ پريڪٽيڪل... اتي به شيخ صاحب جا شاگرد پروانا موجود... سهيل سانگي، امداد چانڊيو، اسرار شام ۽ فور مئن استادگلبابا.“ هي اهو ئي شيخ عزيز آهي، جنهن بابت سنڌ جو هڪ ٻيو ناميارو صحافي، تاريخدان ۽ مترجم نصير اعجاز لکي ٿو: ”شيخ عزيز مون کان گھڻو سينيئر، بلڪه منھنجي سينيئرس جو به اُستاد ھو، پر ھو کِلڻو، نماڻو ۽ ميٺ محبت وارو انسان ھو، جنھن ۾ سينيئر ھجڻ وارو ھٺ ڪڏھن محسوس ڪو نه ٿيو. صحافت جي رڻ ۾ ھن وڏو ڊگھو سفر ڪيو ۽ جيئن ته ھن ۱۹۳۸ع ۾ جنم ورتو ھو، تنھنڪري پاڪستان ٺھڻ کان وٺي ھِن ملڪ اندر جيڪا سياسي اُٿل پٿل ٿي، تنھن جو ھُو اکين ڏٺو شاھد ھو. ۱۹۶۰ع واري ڏھاڪي کان حيدرآباد جي اخبارن ۾ ڪم ڪرڻ دؤران کيس ۱۹۶۸ع ۾ لنڊن جي ’ٿامسن ڪاليج آف جرنلزم‘ مان صحافت ۾ ڊپلوما ڪرڻ جو به موقعو مليو ۽ انھيءَ حساب سان شيخ عزيز سنڌ جو پھريون صحافي ھو، جنھن پرڏيھي يونيورسٽيءَ مان صحافت جي ڊگري حاصل ڪئي. حيدرآباد ۾ ھن پنھنجي جوانيءَ جا ڀرپور ڏينھن گھاريا. جڏھن ته ۱۹۶۳ع ۽ ۱۹۶۶ع ۾ ھُو حيدرآباد پريس ڪلب جو صدر به رھيو ته ۱۹۷۴ع ۾ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي صدارت به ماڻيائين. صحافت ۾ لنڊن مان ڊپلوما ڪرڻ کانپوءِ شيخ عزيز صاحب صحافت بابت ھڪ ڪتاب به لکيو، جيڪو سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي صحافت واري شعبي ۾ شاگردن کي به پڙھايو ويندو ھو.“مٿي جنهن ڪتاب جو ذڪر نصير اعجاز صاحب ڪيو آهي، اهو سنڌيءَ ۾ صحافت جي عملي تربيت تي ٻڌل اهو منفرد ۽ واحد پيشاورانه ڪتاب آهي، جنهن ۾ اخباري توڙي اليڪٽرانڪ (ريڊيي ۽ ٽيليويزن) جي صحافت جا گُرَ، بين الاقوامي معيارن مُوجب سمجھايا ويا آهن. ان معيار جا ڪتاب مون انگريزيءَ ۾ ته ڏٺا آهن، پر سنڌيءَ ۾ اهڙو ڪتاب منهنجي نظر مان ٻيو ڪونهي گذريو، جنهن ۾ نه رڳو صحافتي قدرن ۽ ڪاريگرين جو تفصيل سان بيان هجي، ان جي اصطلاحن ۽ تڪنيڪ بابت پيرائتي ڄاڻ هجي، خبر جي اشاعت جي ڌار ڌار مرحلن کي انجام ڏيڻ جي سربستي طريقي جو بيان هجي ته گڏوگڏ هر موضوع جي آخر ۾ ان سان سلهاڙيل لفظن جي لغت به ڏنل هجي، ته ان تڪنيڪ ۾ استعمال ٿيندڙ آلن، اوزارن توڙي عملي ڏاڪن کي فني ٻوليءَ جي لحاظ کان ڇا چيو ويندو آهي.شيخ عزيز سنڌ جي جديد صحافت، ثقافتي تاريخ، فن جي منفرد تفهيم ۽ خبر جي پيشڪش جي ان يڪتا باب جو نالو آهي، جنهن جي قلمي ڪارنامن جِي پرکَ گذرندڙ وقت سان وڌندِي ويندِي ۽ جنهن جي صحافتي ’پيٽرن‘ جِي تقليد ايندڙ زمانا پيا ڪندا. (ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۷ آڪٽوبر ۲۰۲۴ع تي ڇپيل) شيخ عزيز بيباڪ ۽ ارڏو صحافي - (جنم ڏڻ جي موقعي تي) ڊاڪٽر عابد مظھر شيخ عزيز جيڏو وڏو صحافي ھو، اوڏو ئي وڏو دانشور ۽ ڏاھو ھو. ھن شخصيت سان ڳالھائيندي سنڌي ادب ۽ ادبي تاريخ جي ڪافي معلومات بہ ملندي ھئي، ڄاڻ ۽ سکيا بہ ملندي ھئي. ان سان گڏ ايڏي پنھنجائپ جو ڄڻ اسان ھن جا صفا ويجھا عزيز دوست ھجون. مان سندس نارٿ ناظم آباد واري گھر ۽ گشن اقبال واري گھر جڏھن به ويندو ھئس ته ھن جي چھري جا تاثرات خوشيء ۾ مونکي ڏسي مھڪي پوندا ھئا. اھا ڳالھ شيخ عزيز سان ھر ملندڙ ڪندو ھو ته شيخ صاحب ھر ملڻ واري کي پنھنجائپ جي ساء سان پنھنجو ڪري ھميشه لاء پنھنجو دوست بنائي ڇڏيندو ھو. ھن ۾ ھڪ خاص خوبي اھا به ھئي ته پنھنجي اولاد جي دوستن کي به پنھنجي ٻچن جيان ڀائيندو ھو. مون سان واقفيت صحافت جي حوالي سان ته حيدرآباد کان وٺي ھئس، جڏھن پاڻ عبرت اخبار جا جوائنٽ ايڊيٽر ھئا. اھو دور ستر کان اسي وارو ڏھاڪو ھو، جڏھن مان گاڏي کاتي جي بخش علي گھٽيء ۾ سائين نثار حسيني جي آگم پبلشنگ آفيس ۾ روزانو ويندو ھئس. سنڌ يونيورسٽي ڪالوني کان سائين نثار حسيني جي آفيس ۾ ان وقت جي نئين ٽهيءَ جي اديبن ۽ سينيئرن سان ڪچھري ڪري ڪجھ نه ڪجھ پرائڻ ايندو ھئس. نصير مرزا ۽ طارق عالم سان منھنجي دوستي آگم پبلشنگ آفيس ۾ ٿي ھئي. شيخ صاحب کي انھي گھٽيء مان عبرت پريس ويندي ڏسندي سلام دعا ڪري پيو گد گد ٿيندو ھئس ته ھڪ وڏي صحافي سان منھنجي ڄاڻ سڃاڻ آھي. پاڻ اٺھتر ڌاري سنڌ يونيورسٽيء جي صحافت جي شعبي ۾ وزيٽنگ پروفيسر طور به پڙهائيندا ھئا. ان وقت جي سندس مشھور شاگردن ۾ نصير مرزا، آغا رفيق، ڪرم الاھي چنا، سريش ماکيجاڻي ۽ ڪي ٻيا شامل ھئا. مان ايڪاسي ٻياسي ۾ مان ڪراچي ھليو آيس، اتي ڪراچي يونيورسٽي ۾ آيس ۽ سنڌي شعبي ۾ داخلا اچي ورتي ھئم. جتي اتفاق سان ٻن اھم عورت شخصيتن سان منھنجي ملاقات ٿي جيڪي پڻ ايم اي سنڌيء جي امتحان جي تياري لاءِ ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ اينديون ھيون. انھن مان ھڪ شيخ عزيز صاحب جي گھر واري ھئي ۽ ٻي ان وقت جي پيپلز پارٽيء سان سلهاڙيل ڊاڪٽر ڪامل راڄپر جي گھر واري ھئي. ھنن کي جڏھن خبر پئي ته مان ھن شعبي جي ھوشيار شاگردن مان آھيان ته ھنن ڀينرن سان ڀائپي جو رستو جڙي ويو ۽ کين گھر وڃي پڙھائيندو ھئس، جنھن ۾ منھنجو اھو فائدو ٿيو جو شيخ عزيز سان صفا پنھنجائپ وارو رشتو جڙي ويو. ھيء اديون مون وٽان سکنديون ھيون ۽ مان شيخ عزيز کان تمام گھڻو ڪجھه پرايو. ادب، موسيقي جي ڄاڻ جي مڪمل يونيورسٽي ھو. سندس ڪيترا ئي ڪتاب پڙھيم جيڪي ھن اڻگريزي، اردو ۽ سنڌيء ۾ لکيا ھئا. ان وقت پاڻ ملڪ جي وڏي ۾ وڏي انگريزي اخبار ڊان سان سلهاڙيل ھئا، جنھن ۾ گھڻو ڪري سنڌ بابت ڪافي معلوماتي، سياسي، ثقافتي ۽ تحقيقي مضمون لکندو ھو. اخبار جا مالڪ سندس ڏاھپ کان متاثر ھئا نہ صرف مالڪ پر ڊان اخبار سان لاڳاپيل صحافي سندس حد کان وڌيڪ، ھڪ استاد جيان جھڪي عزت ڏيندا ھئس. سندن تحريرون ھميشه بيباڪ ھونديون ھيون، پاڻ ڪڏهن به ڪنھن جي دٻاءَ ۾ رھي پٺتي نه ھٽيو. ائين اسان جھڙا ڪيئي سائين شيخ عزيز جا شيدائي ھئا. مان ته سندس گھر جو فرد ٿي ويس، سندس پٽ ۽ نياڻيون مون کي ماما ڪري پنھنجائپ سان سڏينديون ھيون، جيڪو رشتو اڃا تائين شيخ عزيز جي گھر وارن سان قائم آھي. لکڻو تہ گھڻو ڪجھ آھي سائين بابت پر اڄ سندس جنم ڏھاڙو آھي، پاڻ اڄ اسان جي وچ ۾ ناھن پر سندن سار سدائين اسان وٽ قائم دائم رھندي. مان ان حوالي سان سندس گھر واريءَ منھنجي ڀيڻ ادي حميدہ عزيز ۽ سندس گھر جي سڀني ڀاتين کي جنم ڏينهن مبارڪ ڏيان ٿو، خاص طور شيخ عزيز صاحب جي ادبي ۽ صحافت جي وارث طارق عزيز شيخ کي سندس والد جي جنم ڏڻ جي مبارڪ دل جي گھراين سان ڏيان ٿو. (روزاني مومل ڪراچيءَ ۾ ۹ ڊسمبر ۲۰۲۴ع تي ڇپيل) شیخ عزیز تین زبانوں کے منجھے ہوئے منفرد صحافی، محقق و مصنف یاسر قاضی اس ملک میں صحافی تو بہت پیدا ہوئے ہیں، جن میں سے کئی ایک عظمت کے رتبوں پر بھی فائز ہوئے، مگر شیخ عزیز صاحب جیسے کثیر اللسانی، با صلاحیت اور ہمہ جہت صحافی، صاحب قلم، محقق، ماہر موسیقی اور کئی کتب کے مصنف کی صحافیانہ و قلمی خدمات کو یہ ملک ہرگز با آسانی فراموش نہیں کر سکتا۔ نامور و ممتاز صحافی اور قلم کار، شیخ عزیز نے، ۹ دسمبر ۱۹۳۸ء کو سندھ کے دوسرے بڑے شہر اور سندھ کے ثقافتی دار الحکومت، حیدر آباد میں آنکھ کھولی۔ شیخ عزیز کا تعلق ایک علمی و ادبی خانوادے سے تھا۔ ان کے ایک بھائی، شیخ محمد اسمٰعیل، سندھی زبان و ادب کے معروف محقق تھے، جب کہ دوسرے بھائی، شیخ محمد ابراہیم، معروف براڈ کاسٹر گزرے ہیں، جو ریڈیو پاکستان حیدر آباد اور کراچی سے اپنے دور کے ڈرامے کے معروف پروڈیوسر کے طور پر جانے پہچانے گئے، اور دونوں اسٹیشنز کے ”پروگرام مینیجر“ بھی رہے۔ شیخ عزیز نے اپنی ابتدا تا انٹرمیڈیٹ تعلیم، حیدر آباد ہی سے حاصل کی۔ جب کہ گریجوایشن، لندن کے ”تھامس کالج آف جرنلزم“ سے ۱۹۶۸ء میں کیا۔ انہوں نے اپنی صحافتی زندگی میں عملی سفر کا آغاز، ۱۹۵۷ء میں روزنامہ ’کاروان‘ حیدر آباد میں سب ایڈیٹر کی حیثیت سے کیا۔ وہ ۱۹۵۸ء تا ۱۹۶۱ء، سندھی کے ماضی کے نامور اخبار، روزنامہ ’عبرت‘ حیدر آباد کے سب ایڈیٹر رہے۔ ۱۹۶۱ء تا ۱۹۶۵ء، ’عبرت‘ ہی میں ”سینیئر سب ایڈیٹر“ رہے۔ ۱۹۶۵ء تا ۱۹۷۵ء اسی اخبار میں اسسٹنٹ ایڈیٹر اور میگزین ایڈیٹر رہے۔ ۱۹۷۶ء میں انہوں نے انگریزی صحافت کا آغاز کیا اور انگریزی کے ہفت روزہ اخبار ’دی آبزرور‘ کے ایڈیٹر مقرر ہوئے۔ ۱۹۷۷ء تا ۱۹۸۰ء سندھی کے روزنامے ’سندھ نیوز‘ کے مدیر مقرر ہوئے۔ ۱۹۸۰ء میں وہ اردو کے معروف اخبار، روزنامہ ’جنگ‘ کے اسسٹنٹ ایڈیٹر اور میگزین ایڈیٹر مقرر ہوئے۔ جب کہ ۱۹۸۲ء تا ۱۹۸۷ء روزنامہ ’حریت‘ کراچی کے میگزین ایڈیٹر کی حیثیت سے خدمات انجام دیں، اور ۱۹۸۷ء تا ۱۹۸۹ء، اسی اخبار میں نیوز ایڈیٹر کی حیثیت سے ذمہ داریاں نبھائیں۔ ۱۹۸۹ء میں وہ پاکستان کے سب سے اہم اور بڑے انگریزی اخبار، روزنامہ ’ڈان‘ کے ”سینیئر سب ایڈیٹر“ اور ”نائٹ ایڈیٹر“ مقرر ہوئے، جب کہ ۲۰۰۰ء تا ۲۰۰۸ء ’ڈان‘ ہی کے ایڈیشن انچارج اور نائٹ انچارج رہے۔ شیخ عزیز کا نام سندھی، اردو اور انگریزی صحافت میں، اس لئے انفرادیت کا حامل ہے، کہ انہوں نے فرسودگی کا دامن چھوڑ کر، صحافت میں نیا ڈھب متعارف کرایا۔ ’خبر‘ کی ساخت اور سرخی سازی سے لے کر، ایڈیٹوریل پیج کے مضامین اور کالم تک، نیا طرز تحریر دیا۔ جس میں خبر کی تصدیق اور تحقیق سے لے کر، خبر بنانے والے کی غیر جانبداری تک، اس کے انداز ابلاغ کی آسانی سے لے کر، اس کو طوالت سے بچانے تک کے وہ تمام عوامل شامل تھے، جن کی بدولت شیخ عزیز یا ان کے عملے کی بنائی ہوئی خبر، اس دور کے تمام اخبارات کی خبروں سے پڑھنے میں منفرد لگتی تھی۔ ساتھ ساتھ ایڈیٹوریل پیج پر شائع شدہ مضامین کا بھی انداز نوشت ممتاز ہوا کرتا تھا۔ متعدد اخبارات کے مدیر یا مدیر اعلیٰ کی حیثیت سے، شیخ صاحب کا اپنے اخبار کے ”گیٹ اپ“ اور ”لے آؤٹ“ کے انداز پیشکش میں انفرادیت پر بھی زور ہوا کرتا تھا، جس کی وجہ سے شیخ صاحب کی ادارت میں نکلنے والا ہر اخبار، مواد خواہ اشاعت کے لحاظ سے بے نظیر ہوا کرتا تھا، اور اس دور کے مختلف معروف اخبارات کے مالکان کی کوشش ہوا کرتی تھی، کہ شیخ صاحب ان کے اخبار کو سنبھال کر اسے یکتائی سے سجائیں۔ اور مارکیٹ میں اسے ممتاز مقام دلوائیں۔ ادبی تحقیق کے حوالے سے بھی شیخ عزیز کی خدمات کو فراموش نہیں کیا جا سکتا۔ وہ ۱۹۵۶ء سے ۱۹۵۷ء تک، سندھی ادبی بورڈ جامشورو کی جانب سے تیار کی جانے والی جامع سندھی لغت کی تدوینی ٹیم میں ”ریسرچ اسسٹنٹ“ کی حیثیت سے ”سندھی ڈکشنری اسکیم“ کا حصہ رہے، اور اس ملک کے مایۂ ناز عالم، تاریخ نویس، محقق اور دانشور، ڈاکٹر نبی بخش خان بلوچ کی زیر نگرانی، اس ”جامع سندھی لغت“ کی تیاری میں اپنا تحقیقی کردار ادا کرتے رہے۔ اس اہم تحقیقی کام میں ان کے بھائی، شیخ محمد اسمٰعیل اور ان کے دوست اور سندھی ثقافت کی ایک اہم اور قابل فخر پہچان، ممتاز مرزا بھی ان کے تحقیقی رفقا رہے۔ اسی عرصے کے دوران میں شیخ عزیز نے حکومت پاکستان کی جانب سے ترتیب دی جانے والی ”سندھی اردو ڈکشنری“ کی تیاری میں بھی ”ریسرچ اسسٹنٹ“ کی حیثیت سے اپنی تحقیقی خدمات انجام دیں۔ ۱۹۵۷ء تا ۱۹۶۰ء وہ سندھی ادبی بورڈ جامشورو کی ایک اور انتہائی اہم ادبی اسکیم، ”سندھی لوک ادب پروجیکٹ“ میں بھی ”ریسرچ اسسٹنٹ“ کی حیثیت سے، ایک بار پھر ڈاکٹر این۔ اے۔ بلوچ کی زیر نگرانی اپنی ذمہ داریاں نبھاتے رہے۔ ۱۹۷۸ء میں انہوں نے ”رائز اینڈ فال آف رائیٹنگ اسٹڈیز ان ہیومین کمیونیکیشنز“ (انسانی روابط میں تحریر تحقیقات کا عروج و زوال) کے موضوع پر انگریزی میں ایک بے مثال تحقیقی مقالہ (مونوگراف) تحریر کیا، جسے بے پناہ ستائش ملی۔ شیخ عزیز کی اہم ادبی و تحقیقی تصانیف میں مندرجہ ذیل قابل ذکر ہیں: ۱۔ ’سندھ جوں پراسرار کہانڑیوں‘ [سندھ کے پر اسرار افسانے ] شائع: ۱۹۶۰ء ۲۔ ’الحمرا جا داستان‘ [الحمرا کی داستانیں ] شائع: ۱۹۶۱ء ۳۔ ’انتخاب‘ (سندھی افسانوں کی ترتیب) شائع: ۱۹۶۳ء ۴۔ ’نقش لطیف‘ (شاہ لطیف جی زندگی ائیں شاعریٔ تے لکھیل مقالہ۔ ترتیب) [شاہ عبداللطیف بھٹائی کی حیات و پیغام کے حوالے سے لکھے گئے مقالہ جات کی ترتیب] شائع: ۱۹۶۴ء ۵۔ ’پریفیس ٹو دی کیٹلاگ آف بکس‘ [کتب کی تفصیلی فہرست کا دیباچہ] (انگریزی) شائع: ۱۹۷۲ء ۶۔ ’عالمی صحافت‘ (شائع: ۱۹۷۵ء) ۷۔ ’موں لینن جو ڈیہہ ڈٹھو‘ [میں نے لینن کا دیس دیکھا] (روس کا سفرنامہ) شائع: ۱۹۷۶ء ۸۔ ’بھٹو میموریز اینڈ رمیمبرنسز‘ [شہید ذوالفقار علی بھٹو کی یادیں اور باتیں ] (انگریزی کتاب) شائع: ۱۹۹۳ء ۹۔ ’راگ ساگر‘ [راگ کا سمندر] شائع: ۲۰۰۴ء ۱۰۔ ’کھیرتھر‘ (انگریزی کتاب) شائع: ۲۰۰۶ء ۱۱۔ ’کمپینڈیم آف دی پوئٹری آف شاہ لطیف ان فور لینگویجز ود ایپروپری ایٹ میوزیکل نیریشنز‘ [موسیقی کے موزوں بیانیے کے ساتھ، چار زبانوں میں شاہ لطیف کی شاعری کا ایک مجموعہ] (انگریزی کتاب) شائع: ۲۰۰۶ء ۱۲۔ ’ننڈھے کھنڈ میں ڈرامے جی تاریخ‘ [بر صغیر میں ڈرامے کی تاریخ] شائع: ۲۰۰۷ء ۱۳۔ ’دی ٹریبیوٹ‘ [خراج] (انگریزی کتاب) شائع: ۲۰۰۷ء ۱۴۔ ’تقسیم کھاں تقسیم تائیں‘ (پاکستان جی سیاسی تاریخ) [تقسیم تا تقسیم۔ پاکستان کی سیاسی تاریخ] شائع: ۲۰۰۸ء ۱۵۔ ’اے ہسٹری آف سندھی لٹریچر‘ [تاریخ سندھی ادب] (انگریزی کتاب) شائع: ۲۰۰۸ء ۱۶۔ ’دی اوریجن اینڈ ایولیوشن آف سندھی میوزک‘ [سندھی موسیقی کی بنیاد اور اس کا ارتقا] (انگریزی کتاب) شائع: ۲۰۰۸ء ۱۷۔ ’سندھ کی محلاتی داستانیں‘ (اردو کتاب) شائع: ۲۰۰۹ء ۱۸۔ ’نوٹس آن سندھ‘ [سندھ سے متعلق مضامین] (انگریزی کتاب) شائع: ۲۰۰۹ء ۱۹۔ ’برصغیر میں موسیقی لکنڑ جی روایت‘ [بر صغیر میں موسیقی لکھنے کی روایت] شائع: ۲۰۱۰ء ۲۰۔ ’میوزیکل نوٹس‘ [باتیں موسیقی کی] (انگریزی کتاب) شائع: ۲۰۱۰ء ۲۱۔ ’بھٹو کھاں ضیاء تائیں‘ [بھٹو سے ضیا تک] شائع: ۲۰۱۲ ع ۲۲۔ ’داروں ائیں کاروں‘ [علاج اور حیلے ] (خود نوشت) شائع: ۲۰۱۸ء وغیرہ شیخ عزیز کی قلمی مشقت، تا دم مرگ، کبھی نہیں رکی اور انہوں نے عبادت سمجھ کر لکھا اور لکھتے رہے۔ ان کے تین زبانوں، سندھی، اردو اور انگریزی میں، ۳۰۰۰ سے زائد مضامین، مختلف اخبارات میں شائع ہوئے۔ نئے میلنیئم کے حوالے سے پاکستانی موسیقی پر ’دی ٹریڈیشن گوز آن‘ (روایت جاری رہتی ہے) کے عنوان سے تحریر شدہ ان کے شاندار تحقیقی مقالے کو آکسفورڈ یونیورسٹی پریس کراچی، نے فخریہ طور پر اپنی یادگار کتب کی فہرست میں شامل کیا۔ شیخ صاحب کا ایک اور مقالہ، بعنوان ’عالمی غلامی‘ ۲۰۰۳ء میں جاہنسبرگ میں منعقدہ بین الاقوامی کانفرنس کے موقع پر شائع ہوا، جو بعد ازاں اقوام متحدہ نے اپنے سرکاری رکارڈ کے حصے کے طور پر محفوظ کیا۔ ایک ماہر موسیقی کی حیثیت سے ان کے متعدد تحقیقی مقالے بیرون ملک کے انتہائی اہم جرائد اور ریسرچ جرنلز میں بھی شائع ہوتے رہے۔ شیخ عزیز، عملی صحافت کے ساتھ ساتھ مختلف صحافتی اور ادبی تنظیموں خواہ اداروں کی سربراہی بھی کرتے رہے۔ اور متعدد اداروں میں اہم عہدوں پر بھی فائز رہے۔ جن کی کچھ تفصیل درج ذیل ہے: ۱۔ صدر، حیدر آباد پریس کلب ( ۱۹۶۳ء تا ۱۹۶۶ء) ۲۔ صدر، حیدر آباد یونین آف جرنلسٹس ( ۱۹۷۴ء) ۳۔ وزیٹنگ پروفیسر، شعبۂ صحافت، سندھ یونیورسٹی، جامشورو۔ سندھ ( ۱۹۷۸ء تا ۱۹۸۰ء) ۴۔ رکن، بورڈ آف گورننس، میرزا قلیچ بیگ چیئر، یونیورسٹی آف سندھ، جامشورو۔ سندھ (۲۰۰۸ ء) ۵۔ نائب صدر نشین (وائس چیئرمین)، سندھی ادبی بورڈ، جامشورو ( ۲۰۰۸ء تا ۲۰۱۱ء) شیخ عزیز کو ان کی صحافتی، ادبی اور تحقیقی خدمات کے اعتراف میں، جامعہ سندھ جامشورو کی جانب سے ۱۹۹۸ء میں ملنے والے ”سلور جوبلی ایوارڈ آف ایکسیلنس“، جامعہ کراچی کی جانب سے ۱۹۹۹ء میں ملنے والے ”لٹرری ایکسیلنس ایوارڈ“، ۲۰۰۰ء میں ملنے والے ”ڈیپلائی ایکسیلنس ایوارڈ آف جرنلزم“ اور ۲۰۰۱ء میں ملنے والے ”ترقی پسند ادبی ایوارڈ“ وغیرہ سمیت کئی ایک اہم اعزازات سے نوازا گیا۔ موسیقی، شیخ عزیز صاحب کا صرف تحقیق و تحریر کی حد تک ہی مرغوب موضوع نہیں رہا، بلکہ وہ بذات خود موسیقی کی وسیع معلومات رکھنے والے، سروں کے دل دادہ تھے۔ ان کو لوک، کلاسیکی اور نیم کلاسیکی سمیت نہ صرف سندھی موسیقی کی تمام اصناف کا گہرائی سے علم تھا، بلکہ برصغیر کی موسیقی، موسیقاروں اور گویوں کے بارے میں وسیع معلومات تھیں۔ انہوں نے تمام اہم مقامی گلوکاروں کے ساتھ ساتھ مغربی موسیقی کو بھی تفصیلاً سن رکھا تھا اور اس کے بارے میں بغور پڑھ رکھا تھا۔ وہ خود ہارمونیم اور بانسری بجا بھی لیتے تھے۔ ان کے ذاتی میوزک کلیکشن میں سندھ کی موسیقی کے ساتھ ساتھ برصغیر، مشرق وسطیٰ اور یورپ کی موسیقی کا عظیم خزانہ، ایم پیز، اسپولس، آڈیو کیسیٹس، سی ڈیز اور کمپیوٹر پر محفوظ تھا۔ وہ انمول موسیقی کا خزانہ سنبھالنے والے اس ملک کے چند گنے چنے شائقین میں سے تھے۔ شیخ عزیز صاحب، تقریباً ۸۰ برس کی عمر پا کر، دو برس قبل، ۷ اکتوبر ۲۰۱۸ء کو، کراچی سے حیدر آباد کی طرف سفر کرتے ہوئے، حرکت قلب بند ہونے سے اس دار فانی سے کوچ کر گئے، اور اب کراچی ہی میں، پہلوان گوٹھ کے شہر خموشاں میں ابدی آرمیدگی ہیں۔ انہوں نے جو انداز صحافت متعارف کرایا، اس طرز کے مقلدین کی ایک کثیر تعداد (جن میں بہتات خود ان کے شاگردوں اور پیروکاروں کی ہے) اس جدید صحافت کے ڈھب سے ابلاغ کی دنیا میں شمعیں روشن کر رہی ہے۔ اور یہ انداز، نسل در نسل آنے والے ادوار تک زندہ رہے گا اور ”شیخ عزیز کے مکتب فکر“ کی پہچان کے طور پر جاری رہ کر، انہیں ایک طویل عرصے تک زندہ رکھے گا۔