بحلول نهاية العقد، ستأتي واحدة من كل ثلاث ناقلات تحمل الغاز الطبيعي المسال من الولايات المتحدة.
Rusting in Threes
النجم الساحلي-أُقصي نجم الساحل من رهان التصفيات فيما انضم مضيفه شباب بلوزداد إلى الترجي التونسي في ربع نهائي المسابقة.
قم بتنزيل ملف مدير القمار خلف طاولة القمار في الكازينو مجانا الآن! يوفر PIKBEST الملايين من قوالب التصميم الجرافيكي المجاني، صور PNG، ناقلات، الرسوم التوضيحية والصور الخلفية للمصممين. البحث عن المزيد من الصور حول رهان,الرهان,كازينو في Pikbest.com!
حڪيم يوسف کتري خود نوشت ڄم جو نالو ۽ ولديت: محمد يوسف ولد محمد صالح کٽي. بنيادي طور تي اسين ڪڇي قوم سان تعلق رکون ٿا. ڪڇ ۾ اسان جا وڏا مڏئي ۾ رهندا هئا، جيڪو انڊيا جو بندر به هو. اتان کان سال ۱۹۴۵ع ڌاري سعيد پور ٽڪر، پوءِ ماتليءَ ۾ لڏي آيا. آئون ماتلي ۾ ڄايس ۽ سال ۱۹۶۹ع ۾ وري ٽنڊو محمد خان ۾ لڏي آياسين. پرائمري تعليم ۽ ڇهون ڪلاس ماتليءَ ۾ پڙهيس. مڊل تعليم رمضان ميموريل اسڪول ۾حاصل ڪيم. ميٽرڪ ٽنڊو محمد خان هاءِ اسڪول مان پڙهياسين. ايم اي سنڌي ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ڪيم. فارسي خانه فرهنگ ايرن مان ۳ ڪلاس پاس ڪيم. هندي نارائڻ داس ۽ نعيم کان سکيس. هاڻ وسري وئي آهي. شروع کان وٺي، طب سان لڳاءُ هو. ان ڪري اعظم طبيه ڪاليج مان فاضل طب والجرحت جو امتحان پاس ڪيم. ڪتابن گڏ ڪرڻ جو شوق ننڍي هوندي کان هو. ان ڪري مون وٽ بهترين ذاتي لائيبريري آهي. منجھس هر شعبي جا ڪتاب موجود آهن. رسالن ۾ لکڻ جو شوق شروع کان وٺي هو. لطيفيات تي ڪافي لکيم، جيڪي مضمون لطيف ڊائجيست ۽ نئين زندگي ۾ ڇپيا. سڀ کان زياده ٻن مضمونن تمام گھڻي شهرت ماڻي. هڪ ته ڊاڪٽر فهميده حسين جي ڊاڪٽريٽ جي مقالي کي ملي جيڪو ناز سنائي جي رسالي ڪينجهر ۾ ڇپيو. ان کان پوءِ ساڳيو مضمون، طويل عرصي کان پوءِ شايد تاج بلوچ، پنهنجي رسالي سوجھرو ۾ ٽئي قسطون شايع ڪيون. سال ۱۹۸۴ع ڌاري، نئين زندگي ۾ هڪ مضمون شايع ڪرايو هوم. جنوان ھيس؛ غلام شاه ڪلهوڙي جو گلان ڪڃريءَ سان ڪو واسطو نه هو، نه ئي غلام شاه ان جو پٽ هو. اها روايت مير عبدالحسين سانگي ڏني هئي. ان مطابق به غلام شاه ڪلهوڙو، ايران ۾ قيد هو. لطيف ڊائيجيسٽ ۾ ته ڪافي مضمون لکيم. تازو مخمور مهيري جي ڪتاب ٽنڊو محمد خان جي تاريخ تي تنقيدي جائزو ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيم. صحافت جي حوالي سان؛ صحت سرير جي ۸ سال کن هلندو رهيو. ان کان پوءِ ڏات اخبار جاري ڪيم. جنهن تي ٽنڊو آدم ۾ ڪيس داخل ٿيو. پهريون دفعو جيل ياترا ڪري آيس. اڪثر دوست وڪيل هئا، انهن جي چوڻ تي ايل ايل بي ڪيم. اهو ڪم به گڏ هلندو رهي ٿو. بنيادي طور تي منهنجو ڪم ديسي طب تي آهي. جنهن تي ڪافي ڪم ڪيو اٿم. قرابادين لطيفي، جيڪو چئن جلدن ۾ شايع ڪيم. اهڙيءَ طرح جڙي ٻوٽين تي جديد سائنسي بنيادن تي برصغير ليول جو ڪتاب ترتيب ڏئي رهيو آهيان. جن مان چار جلد علم الادويه لطيفي جلد اول، دوم، سوم، چهارم شايع ٿي چڪا آهن ۽ پنجون ۽ ڇهون ڪتاب تيار ٿي چڪا آهن. اهي به ڇپائي نه سگھيو آهيان. باقي جلد شايد شايع نه ڪري سگھان. انهيءَ ڪري ته هاڻ ڪم نٿو پڄي. انهيءَ کان سواءِ، نم جا فائدا، سونفن جا فائدا، مفتاح النبض، جوهر ماهر، حڪيم محمد عثمان جون طبي خدمتون شايع ڪيا اٿم. جيڪي ختم ٿي چڪا آهن. مجربات حسيني، ڪشته جات حسيني به ترتيب ڏئي شايع ڪيا اٿم. ڪتاب مجربات باباءِ طب فريد احمد عباسي بهاولپور مان اردو ۾ شايع ٿيو. اڪثر حڪيم دوست تنگ ڪندا هئا ته ذاتي نسخه، جيڪي هو مون کان خريد ڪندا هئا، اهي مون کي شايع ڪرڻ کپن. زندگي جو ڪو ڀروسو ڪونهي. ڪافي اهڙا نسخه لطيفي دواخاني ۾ موجود آهن، جن بيمارين تي ٻين طبن جو ڪو اثر نٿو ٿئي. ان ڪري انهن جي دل رکڻ لاءِ ڪتاب معمولات و مجربات حڪيم محمد يوسف کتري ۲۴۰ صفحن تي تيار ڪري شايع ڪيو اٿم. اهو اردو ۾ آهي. بهاولپور وارو ڪتاب به اردو ۾ آهي. انهيءَ کان سواءِ ھڪ اردو-سنڌي ۾ رساله ڪينسر، ڊاماهي جا فائدا اردو-سنڌي، بلوچستان ڪي جڙي بوٽيان، سرائڪي علائقي ڪي جڙي بوٽيان، بلوچستان ڪي جڙي بوٽيان، پختون خواه ڪي جڙي بوٽيان، ڪشمير ڪي جڙي بوٽيان، مرڪزي پنجاب ڪي جڙي بوٽيان، ڪتاب تيار آهن. پر ڇپائي لاءِ في الحال سرائيڪي علاقي ڪي جڙي بوٽيان ۽ پختون خواه ڪي جڙي بوٽيان تيار آهي. ڊرگهه موري جي شبير احمد منهنجي بيماري جي ڪري پهرين سنڌ جون جڙي ٻوٽيون ڪتاب ترتيب ڏيڻ ۾ مدد ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي. جڏهن ته برصغير ليول جو ڪتاب جيڪو ڏهن جلدن ۾ آهي ان جا اڃا ۴ جلد مس شايع ٿيا آهن. دوستن جو اصرار آهي ته اهي مڪمل ڪريان. جيڪو خدا کي منظور هوندو اهو ئي ٿيندو. هن وقت دواخاني تي ويٺي ويٺي سوشل ميڊيا تي لکندا آهيون، جنهن ۾ ڪنهنجي پڳڙي لاهيندا آهيون ته اهو به خوف هوندو آهي ته اسان جي به ڪير پڳڙي لاهي سگھي ٿو. ان ڪري هاڻ لکڻ ۾ ميانه روي رکندو آهيان. ادبي مضمون به ڪافي آهن، جن مان ٻه ڪتاب جڙي سگھن ٿا. اهڙيءَ طرح نعيم عرف نعيم داس جو ڪتاب ’تاريخ کان اڳ جو آدم‘ ترتيب ڏئي شايع ڪيم. انعام ٽکڙائي جو ڪتاب ترتيب ڏئي شايع ڪيم. رلي رلي جهان ڏٺم، ۲۰۰ ڪتاب شاعر کڻي ويو. اهي پيسا اهو کائي ويو. باقي ڪتاب وڪڻائڻ ۾ مدد نه ڪيائين. هينئر لطيفي دواخاني ۾ پڙيون ٻڌي، گراهڪن کي ڏيندو آهيان. قانون جي حوالي سان www.tmkbarass.webs.com جي نالي سان خوبصرت ويب سائٽ هلائي رهيو آهيان. ٽنڊو محمد خان بار جو لائيبريري سيڪريٽري ۽ نائب صدر ٻه ٽي دفعا رهيو آهيان. ٽنڊو محمدخان جي تاريخ تي ڪم ڪيم پر ڏٺم ته ڪم وڏو آهي. اهو پنهنجي فيس بڪ جي البمن تي موضوع وار ڄاڻ جمع ڪري رهيو آهيان، جيئن ڪير ڪم ڪري ته ان کي ڪافي مواد ملي سگھي. اجرڪن جو به سٺو ڪاريگر آهيان. تعليم جو خرچ قاضي الله ڏني جي ڪارخاني ۾ مزدوري ڪري ڪندو هوس. مالي حوالي سان وڏا انتهائي امير هئا. اسان انتهائي بک ۾ اکيون پٽيون. هن وقت به پنهنجي مرضي سان زندگي گھارڻ ڪري مشڪلاتن ۾ رهان ٿو. ان ڪري منهنجو نظريو آهي ته شراب خور زاني ۽ حرام خورن جي چمچا گيري ڪري دولتمند ٿيڻ ڪو به ڏوه نه آهي. باقي عزت، غيرت، شرافت اهي ڪنهن ڪم جون نه آهن. نه ئي پيٽ ڀرينديون. انهن شين جي موجودگي ۾ اولاد به نافرمان ٿي وڃي ٿو. باقي ڪوشش ڪري نيڪيءَ جا ڪم ڪندو آهيان. هرو ڀرو ڪوڙ نه ڳالهائيندو آهيان. (فيس بوڪ تان، سندس وال تان کنيل)
ڪشنچند بيوس جديد سنڌي شاعريءَ جو ”وليم ورڊس ورٿ“ ڪي ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا، اهو جملو اسان هميشه ٻڌو آهي. اهڙو ئي هڪ تاريخي ماڻهو ڪشنچند بيوس پڻ آهي، جنهن جديد سنڌي شاعري ۾ موضوع ۽ فڪر جي نواڻ آندي. ڌارين تشبيهن کان منهن موڙي ڏيهي تشبيهون ڪتب آنديون. هن شمع ۽ پرواني جو ذڪر ڪرڻ بجاءِ ٿڌڙي هير جي جهونڪن جو ذڪر ڇيڙيو. هن پنهنجي شاعري ۾ پنهنجي جنم ڀوميءَ جي جهوپڙين، پکين، جيتن ۽ وڻن جو ذڪر ڪيو، جيڪو سندس شاعريءَ جي لهجي کي عام فهم ڪرڻ لاءِ ڪافي هيو نه ته هن جا همعصر يا پهرين وارا شاعر فارسيءَ جا قصه برزبان ياد ڪيون ويٺا هيا ۽ پاڻ لکڻ ۽ پاڻ سمجهڻ جي ريت نڀايون پئي آيا. ان ماحول ۾ بيوس جي شاعري هوا جو اهو جهونڪو بڻجي آئي جنهن ان غلط رخ ۾ لڙهندڙ شاعري جي ٻيڙي کي اصل رستي طرف لاڙيو ۽ تاريخ بڻجي ويو. سنڌي شاعري ءَ ۾ جدت جو ڏيئو ٻاريو، جنهن کي اڳتي هلي شيخ اياز سج جيان روشن بڻايو. ولادت ۽ حسب نسب: سنڌ جو عوامي شاعر ۽ جديد سنڌي شاعريءَ جو باني ڪشنچند تيرٿداس کتري، تخلص ”بيوس” سن ۱۸۸۵ع ۾ لاڙڪاڻي جي زرخيز زمين تي پهرين اک کولي، سندس پڙڏاڏو ملتان مان لڏي اچي لاڙڪاڻي ۾ رهيو هو، ان ڪري ئي سندن ملتان سان ويجهڙو تعلق پڻ رهيو. بيوس کي ٻه ڀينر ۽ ٻه ننڍا ڀائر هيا۽ اولاد ۾ ٻه پٽ ۽ چار نياڻيون اٿس. تعليم ۽ پيشو: ننڍپڻ ۾ ئي سنڌي اسڪول ۾ داخل ٿيو، جتان سنڌي فائنل پاس ڪيائين، انگريزي، فارسي ۽ هندي تعليم پڻ حاصل ڪيائين، استادي پيشو اختيار ڪيائين جنهن سان مرڻ گهڙيءَ تائين نڀايائين. هو هڪ اعلى آدرشي استاد هو، هن رام پنجواڻي ۽ هري دلگير جهڙا شاعر ۽ اديب پيدا ڪيا. گهڻو وقت وليد اسڪول لاڙڪاڻي ۾ تعلقي ماستر ٿي رهيو، پوءِ شاهه محمد اسڪول لاڙڪاڻي جو هيڊ ماستر بڻيو، جتان فيبروري ۱۹۴۰ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. طبيعت ۽ تخلص: نماڻپ ۽ نهٺائي هن جي طبيعت ۾ ننڍپڻ کان ئي شامل هئي، شرميلو ۽ حجابي رهيو، ايتري حد تائين جو جڏهن به کيس ڪنهن شاعرانه محفل ۾ شعر پڙهڻ لاءِ گهرايو ويندو هو ته پاڻ نه ويندو هو پر پنهنجو شعر موڪلي ڏيندو هو.پنهنجو تخلص ” بيوس” شايد ان ڪري به مناسب سمجهيائين جو هن سمجهيو ٿي ته انسان ڪيترو به با اختيار ڇو نه بڻجي وڃي پر فطرت جي آڏو ڪٿ نه ڪٿ بيوس بڻجي ويندو آهي.اهو ئي سبب آهي جو پاڻ کي بيوس، ويچارو، نماڻو، مسڪين ۽ نٻل ڪوٺرايو. سياسي ۽ سماجي لاڙو: بيوس مهاتما گانڌيءَ جو پوئلڳ هو ۽ ڪانگريس سان وابسطه رهيو، گانڌيءَ جي نظريئي موجب هميشه کاڌيءَ جا ڪپڙا پائيندو هو ۽ ديسي شيون استعمال ڪندو هو. گانڌيءَ لاءِ هي شعر چيو اٿس: ”سملي جي اوچائيءَ وارو، اوچو تنهنجو شان گانڌي چوٽ بلنديءَ تي پهچايو، ڪانگريس نشان گانڌي” گانڌيءَ کان پوءِ بيوس رابندرناٿ ٽئگور جي شخصيت مان متاثر هيو، ٽئگور جو ڪتاب ”ساڌنا” سمجهڻ ۽ پڙهڻ خاطر بيوس باوجود وڏيءَ عمر هجڻ جي انگريزي سکيو. هر آچر تي پنهنجي سنگت کي ٽئگور واري سکيا ڏيندو هو ته دنيا جي هر نظاري مان خوشي ۽ آنند ڪيئن حاصل ڪجي، حياتيءَ جي هر پهلوءَ مان راضپو ۽ سک ڪيئن تلاشجي. مصيبتن جو مرڪي مقابلو ڪرڻ جو درس هن طرح ڏنو اٿس: ”اک لڙڪ سان، منهن مرڪ ڀريو ياد ڪنداسين فرحت ڀري دنيا ۾ نه فرياد ڪنداسين.” شوقيه پيشو: استادي کان علاوهه بيوس حڪمت جو ڪم به ڄاڻندو هو، جيڪو کيس ورثي ۾ مليو هو، رٽائرمينٽ کان پوِءِ بيوس ” هوميو پيٿي” طريقي سان حڪمت شروع ڪئي هئي، اڄ جي ڪاسائي ڊاڪٽرن جيان نه هو، غريب غربي جو مفت علاج ڪندو هو. بيوس جو حڪمتي رايو هو ته ڳائو کير کائڻ سان ڪمزور ٿيل نظر ٻيهر تيز ٿي سگهي ٿي، ان کي نظر ۾ رکندي بيوس هڪ ” ڀاڳيا اسڪيم” ٺاهي هئي، جنهن لاءِ لاڙڪاڻي جي ويجهو پلاٽ به خريد ڪيو هئائين پر زندگي جي بي وفائي ان اسڪيم کي اڌ ئي رهيل رکيو. شاعري ڏانهن لاڙو: ڏات ته بيوس جي من اندر اوتيل هئي ۽ ڏانءَ کان روشناس ٿيندو رهيو پر سن ۱۹۰۰ع ۾ ڦوهه جواني کان شاعري جي شروعات ڪيائين، شاگردي دور ۾ هڪ رات برسات جي ڇم ڇم کان متاثر ٿي شعر لکيو هئائين ۽ لکندي لکندي ڪرسيءَ تي ئي ننڊ اچي ويس، جيڪو رات جو ئي هاسٽل سپريڊينٽ پڙهي ورتو ۽ صبح جو پنهنجي آفيس ۾ گهرائي پٺي ٺپيندي چيو هئاينس، ” بيوس! ڪنهن ڏينهن اعلى درجي جو شاعر ٿيندين.” اهو شعر هتي پيش ڪجي ٿو: ”اڄ، مڙي بادل کڙي آيا، ٽڙي ٽانگر به خوب پڻ چڙي ٺاري نڙي، گهر ۾ گهڙي ٿڌڪار ۾.” شاعريءَ جا موضوع: بيوس جي شاعري۾ هر فڪر ۽ خيال سمايل آهي، پر ان وقت جون سماجي ۽ سياسي تبديلين جو اثر پڻ هن جي شعر تي نظر اچي ٿو، هتي انهن مان ڪجهه جو مختصر ذڪر هتي پيش ڪريون ٿا. ۱. قومي جذبو: بيوس جي زماني ۾ خلافت هلچل، ڪانگريس تحريڪ، آزاديءَ جي تحريڪ، هاري حقدار هلچل، هندو مسلم ايڪتا ۽ ٻيون تحريڪون هليون پئي، ان ڪري بيوس جي شعر ۾ پڻ قومي درد جو جذبو موجود آهي. ” اهي مائرون ڀلي مرڪن، جي ٻاروتن ۾ لولي ڏين ته صدقي ديس تان تن من، ڪرڻ جهڙي نه ٻي خدمت. ڇڏي واپار ڌنڌن کي، ڏئي تالا مدرسن کي اچن گڏ ملڪ جي سڏ تي، ڦٽائي عيش ۽ عشرت” ۲. روحانيت ۽ تصوف: بيوس جي ڪافين ۽ ڪتاب ” سامونڊي سپن” ۾ صوفي فڪر تي طبع آزمائي ٿيل آهي ، ”پڃري آدم دي وچ ڪيئن آئين، هئين ته شير خدائي يار هئين ته مرغ هوائي يار” بيوس طبيعتن ڀي فقير منش هو، حقيقي يار جي ڳولا ۽ ان سان ملڻ جي تڙپ هن جي شعرن ۾ نظر اچي ٿي. ” لالڻ لقاءُ تنهنجو، هر جا نظر اچي ٿو، توکي ڏسان ٿو آڏو، دشمن اگر اچي ٿو.” ..... ” گهُر نه هرگز، گهرج اندر ناقصائي جو نشان فڪر بيوس ڪر فنا، طلب و تمنا واسطي.” ۳. جيون ڪوتا: بيوس گرونانڪ جي جيون ڪوتا پڻ رچي، ان کان علاوهه تلڪ مهراج، ڀڳت ڪنور رام، وشنداس قمبر واري، راڻي پرتاب سنگهه ۽ ٻين جي زندگيءَ تي مرثيا ۽شعر چيا اٿس. وشنداس قمبر واري جي پرلوڪ پڌارڻ تي هي: ” هو هليا هنگلاج ڏي، سامي سفر پورو ڪري، ٿو قمبر ڪيهون ڪري، اڄ ڳاٽ ڳوڙهن سان ڀري.” ۴. فطرت: فطرتي منظرن جي عڪسيت يا محاڪات بيوس جي شاعري ۾ چپي چپي نظر اچي ٿي، هتي ڪجهه مثال بيان ڪجن ٿا. ” کير ڌرتيءَ تي وهائي، ٿي سهائي راتڙي” ”سبز پوشي، مخملي تهه، آهه ڌرتيءَ تي چڙهيو.” ”واسينگ ڦڻ پٽن ٿا، هڪ ٻئي سان مڻ مٽن ٿا.””سهڻا لغڙ سدائين ٿو انڊلٺ مان ٺاهين!” ” جڏهن وڻن ۾ واءُ اچي ٿو، پن پن مان پڙلاءُ اچي ٿو.” ” ساهه اندر جو ساهه کڄي ٿو، بيوس من ۾ ناد وڄي ٿو.” ۵. موجي گيت/ٻاراڻي شاعري: حياتيءَ جا پويان ۱۰ سال بيوس ٻاراڻِي شاعري کي ارپيا، ٻارن لاءِ لکيل سندس اهي گيت ايترا ته سولا ۽ ترنم ۽ رڌم سان ڀرپور آهن جو درسي ڪتابن کان وٺي سنڌي گيتن تائين بيوس ئي بيوس نظر اچي ٿو. ”ڦوڪي ڦاڙ نه ڦوڪڻو، منهنجو اهي ملوڪڻو” ”اچو ته ننڍڙي ريل هلايون، باهه ببوءَ ۾ دود دکايون” ”آءُ لهي تون تارا آءُ، مونسان گڏجي ماني کاءُ، ڇو مچڪائين خالي وات، ٽمڪ ٽمڪ تاريلي رات.” ”تارن ۾ تولاءِ گهڙيال، وقت جو جنهن مان جاچين حال.” ”مٺڙا گهوڙا اوري آءُ، خوب خوشيءَ سان داڻو کاءُ.” ”آيو پاڻي ليٽ ڪري، ڪاغذ جي هي ٻيڙي تري، ڪاريگر جي ڪاڻ نه ڪائي، مون هيءَ پنهنجي پاڻ بنائي، ڦوڪ ڏيڻ سان لهرون ٺهنديون، ٻيڙيءَ کي سي اڳتي نينديون، ڪين ڪمائي ڀاڙو ڏيندي، مفت ۾ ايندي ، مفت ۾ ويندي.” ۶. سماجي براين خلاف شاعري: بيوس وياج، زميندار جي داداگيري، جوا، شراب، بيروزگاري، ڌيءُجنم ۽ ٻين سماجي براين کي پڻ پنهنجي شاعري جو موضوع بڻايو آهي. ”خون مسڪيني ٿي چوسيو، سَودخورن ڄور جيان، گهرج جي گهوٻي لڳي ۽ وياج جو وارو وريو.” ”جي زميندار پليا تنهنجي پگهر پورهئي تي، سي سگهيا قدر نه تنهنجو سڃاڻي ڪڙمي.” ”چار پيسا تيل کاتي، چار ڏوڪڙ تيل تي، ٿي لڳي کوٽي کڻت ۾، ٿي بڻيو کوٽو کنڌو.” ”هن طرح حاصل ڪيل، تعليم ڏيوالو ڏنو، مُور موڙيءَ جو ته ڇڏ، پر وياج جو لاهي نه بار.” ”تنهنجي ڄمڻ تي، ٿو وڃي راڪاس گهر گهمي، تنهنجو پلڻ، جيئڻ، نپڻ، جنجار استري.” ”کٽندڙ جو ٿئي، اڌ منهن ڪارو، هارائيندڙ جو سارو ڪارو.” ۷. ناصحانه شاعري: بيوس قدرت جي عام نظارن کي به اهڙي ته دلڪش منظر ۾ تبديل ٿو ڪري جو دل ٿڌڙي هير بڻجي، اسر ويلي باغ ۾ ڇٻر تي پنڌ ڪندي نظر اچي ٿي. قدرتي جيت جڻين جي تمثيل کي جيئرو ڪرڻ ته ڪو بيوس کان سکي. تڏ ۽ ماکيءَ جي تمثيل مان ڏکين ڏينهن لاءِ جمع ڪرڻ جو سبق ڏنو آهي. سندس هڪ ٻيو نظم ” آڱريون ۽ منڊي” پڻ وڏائي نه ڪرڻ جي صلاح ڏئي ٿو. دورانديشي ۽ نياز نوڙت تي لکيل بيوس جا مٿيان ٻئي نطم ناصحانه شاعري جو مثال آهن. ادبي ملڪيت/سرمايو: سندس هيٺيان ڪتاب ملن ٿا. ”شيرين شعر”، ”سامونڊي سپون”، ڦولداني”، ”شعر بيوس”، گرونانڪ جي جيون ڪوتا” جن کي گڏي سيد محمود شاهه بخاري پاران ۱۹۹۱ع ۾ سندس ڪليات ” ڪلياتِ بيوس” جي نالي سان شايع ڪرايو ويو. نثر جا موضوع: بيوس شعر سان گڏوگڏ ڪيترائي ناٽڪ پڻ لکيا. جن ۾ ”سورداس”، ”خوبصورت بلا”، ”پرت پوڄارڻ”، ”هرشچندر” ۽ پرهلادليلا قابل ذڪر آهن، بيوس جا لکيل ڊراما گهڻي قدر هندي ۽ اردو ڊرامن جو ترجمو آهن. بيوس جيڪي به ترجما ڪيا يا نثر لکيو، ان ۾ به سندس ٻولي ٺيٺ سنڌي ۽ انداز شاعراڻو هيو، ايتري حد تائين جو مڪالمن ۾ به تجنيس حرفي جو بار بار استعمال ڪري موضوع ۽ مڪالمي ۾ نئون روح ڦوڪي ڇڏيو. موڪلاڻي: جيون جي پوين سالن ۾ اڪيلائي پسند ٿي ويو، لاڙڪاڻي جو ”گيان باغ” سندس آرام ۽ سڪون جو مسڪن رهيو، پويان ڏهه سال ٻارن لاءُ گيت لکيائين. خلق خدا جو ڀلو سوچيندي آخر ۲۳ سيپٽمبر ۱۹۴۷ع تي پرلوڪ پڌاريائين. جديد سنڌي شاعري جي شروعات: بيوس جا همعصر يا اڳ وارا جيڪي به مشهور ۽ نالي چڙهيا شاعر هيا، تن ۾ سواءِ خليفي گل محمد جي، سڀني جي ترڪيبن، تمثيلن، تشبيهن، استعارن ۽ عڪسن ۾ ايراني شاعري جو رنگ ڪوٽان ڪوٽ ڀريل هو. جن ۾ قاسم، فاضل ۽ حامد ته قابل ذڪر نالاآهن. فارسي شاعريءَ کي افضل سمجهڻ کان وٺي، ان جي اثر ۾ طرحي مشاعرا ڪرڻ ۽ پاڻ کي فارسيءَ جو ڏاهو پيش ڪرڻ واسطي فارسيءَ جا ڏکيا لفظ چونڊي چونڊي پنهنجي شعر ۾ شامل ڪرڻ کي باعثِ فخر سمجهيو ويندو هو. حامد ۽ سانگي وغيرهه سسئي ۽ مارئي ءَ کي ڳائيندي ٿري ۽ لوڪ رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پر پوءِ به ان ۾ ڌرتيءَ جو رنگ شامل ٿي نه سگهيو پر ايرانيت واري ڌاريائپ جي ڌپ پئي آئي. ايراني اصطلاح جهڙوڪ، گل و بلبل، ساقي پيماني، چمن گلستان، باغ و گلشن ۽ محبوب جي خدوخال ۾ مصروف هيا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌي شاعريءَ ۾ ايراني، عربي ۽ ترڪستاني شاعري مان نيون صنفون، خيال، فڪر ۽ خاص علم العروض داخل ٿيو پر ان جو مطلب اهو هرگز نه هجڻ کپي ها ته انهن شيرازي گلستانن ۽ عربي خيابانن ۾ سنڌي شاعر ايترو گم ٿي وياجو کانئن پنهنجي ڀلاري ڀونءِ جو جوڀن، ماروئڙن جا مال، غريبن جون جهوپڙيون جن مان جڏهن صبوح جو سج لڪي ليئا پائي، کوهه ۾ ٻڌل نار، وڻجارن جي ونين جو اڪيلاين سان ونواهه، انبن جي ٻور مٿان ويٺل چَتون، ڪينجهر کان ڪارونجهر جو حسن، ڀٽن تي ٽلندڙ مور پکي ۽ منڇر جي پيٽ ۾ اڏامندڙ پکين جا نظارا سڀ وسري ويا. ان دور جي بيٺل پاڻي ۾ بيوس مسلسل ڪنڪر اڇلي هڪ تحرڪ پيدا ڪيو، جيڪو اڳتي هلي سنڌي شاعري ۾ تبديليءَ جو سبب بڻيو. انگريزي ادب ۾ وليم ورڊس ورٿ ۽ سيميوئل ڪالرج جيئن بيوس به سنڌي ادب جي آبياري ڪئي ۽ ان ۾ تازگي آندي ۽ شعر ۾ قدرتي نظارن کان وٺي مٽيءَ جي خوشبو تائين پنهنجي ئي ڌرتيءَ جو رنگ رچايو. جنهن کي پوءِ شيخ اياز ۽ ان جي همعصرن عروج تي پهچايو. اسان ڪشنچند بيوس کي جديدسنڌي شاعريءَ جو وليم ورڊس ورٿ چئي سگهون ٿا. جديد سنڌي شاعري ءَ ۾ ڪشنچند بيوس جو ڪردار: بيوس سنڌ جو پهريون شاعر آهي، جنهن گل و بلبل جهڙن بي روح ايراني اصطلاحن کي پيرن هيٺان چيڀاٽي وليم ورڊس ورٿ جيان قدرت جي نظارن کي شاعريءَ جو موضوع بڻايو. هن تقليد پرستيءَ جي قطار مان ٻاهر نڪري غير مقلد ٿي ”انالحق” جو علم بلند ڪيو. بيوس جي شروعاتي شعر تي فارسي جو اثر پڻ رهيو پر هن عظيم استاد پنهنجي ڌرتيءَ جي لوڪ رنگ کي پنهنجي موزون شعر ۾ عڪسي نئين روايت قائم ڪئي. جاري روايتي راند جا وکر ٽوڙي فارسي ۽ عربيءَ جي مقلدن جي صف مان ٻاهر نڪري آيو ۽ پنهنجي سنهنجي جو اصول اپنايو. هن جي ئي نغمن کان جديد فطري ۽ قومي شاعري جو دور شروع ٿيو. ان وقت جي وڏن عالمن ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ علامه دائود پوٽي ان کي شعر جي تاريخ جو انقلاب ڪوٺيو. بيوس نقل تان اصل ڏي لاڙو ڪيو. جديد خيالات ۽ ڪي قدر ترقي پسند لاڙا متعارف ڪرايا. بيوس پنهنجي شعر ۾ ادبي خوبين/ فن/ فڪر/ صنعتن تي پڻ ڌيان ڌريو. پراڻي دور واري شاعري سڀ جي سمجهڻ جي وس جي ڳالهه نه هئي بيوس فن جي پختائي کي هلڪو رکندي به خيال جو خاص خيال رکيو، هن جو لهجو اوپرو نه پر پنهنج لڳي ٿو. هن جي شعر ج نرم نرم ڇهاءُ من اندر ۾ لهي وڃي ٿو اهو ئي سبب آهي جو اڄ جا شاعر ڀي بيوس جي ڇهيل موضوعن تي عروضي شعر لکي پنهنجو نانءُ ڪمائن پيا. ڪشنچند ”بيوس“ ميمڻ عبدالغفور سنڌي ديوان ڪشنچند ”بيوس“ پٽ تيرٿ داس کتري، ۷ ڦاڳ سنبت ۱۹۴۱ مطابق ۱۹ مارچ ۱۸۸۵ع تي لاڙڪاڻي شهر جي ”ميمڻ محله“ ۾ ڄائو. سندس پتا حڪيم هو. ننڍپڻ کان ئي هن نينگر جي تربيت نهايت ئي سليقي سان ٿي. مگر پاڻ اڃا سنڌي چوٿون درجو پڙهي رهيو هو، ته سندس پتا پرلوڪ پڌرايو؛ جنهن ڪري هندو نظريي مطابق ڪنهن کان بيک مڱڻ بجاءِ، پاڻ تي انحصار ڪري، سنڌي ورنيڪيولر (فائينل) امتحان پاس ڪرڻ بعد ماستر مقرر ٿيو. ملازمت دوران سکر دادو، جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي جو چپو چپو گهميو. پڇاڙيءَ ۾ تعلقي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ وليد عباسيءَ ۾ رهي، هيڊ ماستر جي عهدي تان ۱۹۴۴ع ۾ رٽاير ڪيائين. ننڍپڻ کان ئي هن نينگر جي طبيعت موزون هئي؛ جنهن ڪري ”بيوس“ تخلص سان ٺهه پهه شعر جوڙيندو رهيو. سندس شاعري اڻامٽ اُصولن تحت ترتيب ڏنل هئي. ”بيوس“ جيتوڻيڪ لاڙڪاڻي جو رهواسي هو، مگر لاڙڪاڻي جي شاعراڻي اسڪول سان سندس وابستگي نه هئي؛ جنهن سان حاجي محمود ”خادم“، نواز علي ”نياز“ جعفري ۽ ٻيا شاعر وابسته هئا. سندس شاعري حالانڪ عروض جي فن ۾ ضرور آهي، پر مضمون ۽ مقصد جي لحاظ کان بالڪل مختلف نوعيت جي نظر اچي ٿي: عروض جي فن کان ”بيوس“ ڪي قدر اڻ واقف هو؛ انهيءَ ڪري سندس شعر ۾ عروضي قاعدن ۽ ضابطن جون اڪثر اوڻايون ڏسجن ٿيون. البته شعر ۾ مضمون جي خيال کان کيس منفرد حيثيت حاصل آهي. هن پنهنجي شعر ۾ پنهنجي وطن ۽ اُن جي مختلف شين جي جاءِ بجاءِ واکاڻ ڪئي آهي ۽ عوام کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ قومي شاعريءَ کي اوليت ڏيندي، عوام جي جذبات ۽ احساسات جي پوري پوري ترجماني ڪئي آهي. اِهوئي سبب آهي جو ”بيوس“ کي ’جديد شاعريءَ‘ جو بنيادي شاعر تسليم ڪيو وڃي ٿو. ديوان ”بيوس“، ايراني شاعريءَ جي تقليد گهٽ ڪري ٿو ۽ ان جي بدران پنهنجي وطن جي شين جون تشبيهون آڻي ٿو. سندس نظمن مان ”جهوپڙي“ هڪ شاهڪار جي حيثيت رکي ٿي. پاڻ علامه اقبال ۱۸۷۷ع – ۱۹۳۸ع) ۽ ڪن ٻين اردو شاعرن جي شعر جا سنڌي زبان ۾ ترجما به ڪيا اٿس. اُن هوندي به سندس شاعري سنڌي شعر جي تاريخ ۾ ”جديد شاعريءَ جو سنگ - ميل“ چئي سگهجي ٿي. ”بيوس“، ڪانگريس ۽ خلافت جي تحريڪن جو به سرگرم ڪارڪن ٿي رهيو. پاڻ مهاتما موهنداس ڪرمچند گانڌي (۱۸۶۹ع – ۱۹۴۸ع) جو بيحد عقيدتمند ۽ شش هجڻ سان گڏوگڏ ”هندو مسلم ايڪتا“ جو حامي پڻ هو. سندس شاگردن ۾ هوند راج ”دکايل“ ۽ پروفيسر رام پنجواڻيءَ جا نالا سر- فهرست آهن. ديس جي شين سان پيار هوس. ولايت جون ٺهيل عمديون شيون به تڇ سمان ڄاڻندو هو. پڇاڙيءَ ۾ پيءُ جي ڇڏيل ورثي (حڪمت) کي باقاعده ڪري ورتائين. مارچ ۱۹۳۳ع ۾ ”سنڌي ساهتيه سميلن“ ۾ سندس ڪارائتن خيالن کي خوب اهميت ملي. سندس ڪلام سنڌ خواهه هند مان نڪرندڙ رسالن ۾ ڪثرت سان ڇپجندو رهيو. ”سيرين ڪلام“ (۱۹۳۳ع) ۽ ”هئملٽ“ (ڊرامو) نصاب طور سنڌ ۾ پاڙهيا ويندا هئا. کيس ۲۳ سيپٽمبر ۱۹۴۷ع تي لاڙڪاڻي ۾ اگني سنسڪار ڪيو ويو. ”محبوب طبع“، ”سامونڊي سپون“، ”ڦولداني“، ”بهارستان“، ”انڊلٺ“، ”پرت پوڄارڻ“ ۽ ”گرونانڪ جيون ڪوتا“ ڪتابن کان علاوه نون ڊرامن جو ليکڪ پڻ هو. هيٺ سندس ڪلام جو نمونو ڏجي ٿو:- رام چئون رحيم چئون، مطلب ته سڌو الله سان آهه، دين چئون يا ڌرم چئون، منشا ته اُنهيءَ جي راه سان آهه، عشق چئون يا پريم چئون، اِنڇا ته اُنهيءَ جي چاه سان آهه، ساڌو بڻون، يا سالڪ ٿيون، مقصد ته دل آ گاهه سان آهه، اکرن جي اوجهڙ ۾ اڙجي مفت نه دل آزاري ڪر؛ جان وجهي بي جان- اکر ۾ ڪجهه مطلب تي ڌيان به ڌر، قومي گيتن کي جنم ڏيڻ ۽ عوامي جذبات ۽ احساسات جي ڀرپور عڪاسي ڪرڻ ۾ ”بيوس“ پيش پيش رهيو آهي. سندس خاص نظمن ۾ ”جهوپڙي“ هڪ شاهڪار جي حيثيت رکي ٿي. ڪشنچند “بيوس” جي ٻارن جي لاء ڪيل شاعري آزاد انور ڪانڌڙو ڪشنچند “بيوس” جو شمار ۲۰ هين صدي جي سنڌي ٻوليءَ جي نامور شاعرن ۾ آهي. کيس جديد سنڌي شاعريءَ جو باني سڏجي ته ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو. ڪشنچند بيوس جا پهرئين کان ڏهين ۽ انٽر تائين سنڌي نصاب ۾ شامل گيت، نظم يا ٻاراڻا ٻول هر سنڌي شاگرد کي اڄ به ياد آهن. اڪثر شاگردن کي انهن گيتن ، نظمن جي خالق شاعر ڪشنچند “بيوس” جو شايد ئي پتو هجي. ڪشنچند “بيوس” ۲۵ فيبروري ۱۸۵۸ع ۾ لاڙڪاڻي جي کتري خاندان ۾ پنهنجي دور جي مشهور حڪيم تيرٿداس کتري جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس امڙ به حڪمت جو ڪم ڪندي هئي. بيوس يارنهن سالن جو مس هو ته سندس والد وفات ڪري ويو ۽ ننڍپڻ ۾ ئي گهر جو بار مٿس پيو. فائنل پاس ڪري سنڌي ماستر ٿيو ۽ ٽريننگ ڪاليج جي تعليم مڪمل ڪري لاڙڪاڻي جي هڪ اسڪول ۾ هيڊ ماستر ٿيو. هن ۱۹۳۵ع لاڙڪاڻي ۾ بيوس شفاخانو کوليو. پاڻ به پنهنجي والد ۽ امڙ وانگر وقت جو سٺو حڪيم هيو. ۱۹۳۷ع ۾ ميونسپالٽي جي اسڪول بورڊ جو صلاحڪار بڻيو. کيس شاعريءَ جو شوق ننڍي هوندي کان هو. بيوس ورهاڱي کان اڳ ۱۹۴۰ع کان ۱۹۴۷ع تائين لاڙڪاڻي جي گيان باغ ۾ هفتيوار ادبي ڪلاس هلايا. هو بنگال جي عظيم شاعر رابيندر ناٿ ٽئگور کان تمام گهڻو متاثر هو ۽ ٽئگور جي شاعريءَ جو سنڌي ترجمو ڪري سنڌين کي ٽئگور جي شاعري ۽ شخصيت سان روشناس ڪرايو. هن ڪيترا ئي ناٽڪ به لکيا. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ شيرين شعر ۱۹۲۹ع، سامونڊي سپون ۱۹۲۹ع، گرو نانڪ جيون ڪٿا ۱۹۳۵ع، موجي گيت ۱۹۳۵ع، ڦولداڻي ۱۹۳۹ع، شعر بيوس ۱۹۵۱ع، بيوس گيتانجلي ۱۹۶۰ع ڇپيل آهن. ڪشنچند “بيوس” ۲۳ سيپٽمبر ۱۹۴۷ع تي ديهانت ڪري ويو. سندس شاگردن ۾ رام پنجواڻي ۽ هوندراج دکايل وڏي مقبوليت ماڻي. گيت ڌڻيءَ جا گڏجي ڳايون گيت ڌڻيءَ جا گڏجي ڳايون! جو ٿو ٿڌڙا مينهن وسائي، باغن ۾ جو انب پچائي، ويس گلن کي جو پهرائي، ان پچائي، گاهه اپائي، عرش ۾ جو تارا ٽمڪائي، تنهن مالڪ کي سڀ ساراهيون، گيت ڌڻيءَ جا گڏجي ڳايون! (سنڌي پهريون ڪتاب ۲۰۱۶ع ) ڌڻيءَ جي وڏائي (حمد) ڏسي دنيا ۾ عجب نظارا، سائينءَ جي سگهه سمجهه پيارا، اڀ ۽ ڌرتيءَ تي اسرار، جوڙيا سائينءَ سڀ جنسار. وڻ ٽڻ ٻوٽا ڌڻيءَ اپايا، قسمين قسمين پن بنايا، گل ڦل ميوا ڪئين گلزار، جوڙيا سائينءَ سڀ جنسار. جبل، نديون ۽ چشما، لاهه، سمنڊ ، تلاءَ ۽ ڍنڍون، واهه، برف، ڳڙا سڀ ڌارو ڌار، جوڙيا سائينءَ سڀ جنسار. اڀ ڏي ٿوري نظر ڪريو، سج چنڊ تي پڻ ڌيان ڌريو، سهڻي تارن سندي قطار، جوڙيا سائينءَ سڀ جنسار. راتين پٺيان ڏينهن اچن، جهڙن پٺيان روز روشن، ڪڏهن چانڊوڪي ڪڏهن ڪار، جوڙيا سائينءَ سڀ جنسار. جڳ جو چرخو عجب چلي، سڀڪو چئي ٿو بَلي بَلي، ڪري نه ڪوئي سگهي شمار، جوڙيا سائينءَ سڀ جنسار. (سنڌي ٽيون ڪتاب ۲۰۱۵ع ) تنهنجي ساراهه سڀ ڪن تنهنجي ساراهه ، قدرت وارا! نرمل جوتي نور نظارا، قدرت وارا! ڪوٽان ڪوٽ بڻايئه ڌرتيون ، سهسين سج چنڊ تارا، جن جو انت نه پارا ، قدرت وارا! گلن اندر سرهاڻ ڌرين ٿو ، موتين سان مهراڻ ڀرين ٿو، هيرا لعل هزارا ، قدرت وارا! جڏهن وڻن تي واءُ اچي ٿو، پن پن مان پڙلاءُ اچي ٿو، ڇم ڇم جا ڇمڪارا ، قدرت وارا! چهنب چتن ۽ چيهن کولي ، بلبل ڪوئل ٻولي ٻولي، مور نچن ناميارا ، قدرت وارا! عجب بنايا بجليون بادل ، بوندون برس برس ڪن بادل، واڄٽ ڪن وسڪارا ، قدرت وارا! ساهه اندر جو ساهه کڄي ٿو، “بيوس” سائينءَ ناد وڄي ٿو، نوبت نيهن نظارا ، قدرت وارا! ڦوڪڻو ڦوڪي ڦاڙ نه ڦوڪڻو، منهنجو آهي ملوڪڻو، ڦاٽي پوندو ، سبي نه سگهبو، کوئنر لئيءَ سان لنبي نه سگهبو، ٽنڪر ڏيندو ٽوٽڻو، ڦوڪي ڦاڙ نه ڦوڪڻو. نرم ڏسين ٿو ڪهڙو آهي، جنسي ريشم جهڙو آهي، هلي هوا ۾ ڌوڪڻو. ڦوڪي ڦاڙ نه ڦوڪڻو. خالي آهي کلڙيءَ جهڙو، منهن وٽ آهي، نلڙيءَ جهڙو، جنهن کي چئجي چوپڻو. ڦوڪي ڦاڙ نه ڦوڪڻو. ڦوڪڻ سان هي گولو بڻندو، ڇڏي ڏيڻ سان سيٽي هڻندو، ڪُوڪُو ڪندو ڪُوڪڻو. ڦوڪي ڦاڙ نه ڦوڪڻو. منهنجو آهي ملوڪڻو. ڦوڪي ڦاڙ نه ڦوڪڻو. ڪاغذ جي ٻيڙي آيو پاڻي ليٽ ڪري، ڪاغذ جي هي ٻيڙي تري، ڪاريگر جي ڪاڻ نه ڪائي، مون هيءَ پنهنجي پاڻ ٺاهي. ڳن نه ڏيندي ، ونجهه نه هڻندي، منهنجي ٻيڙي بار نه کڻندي. توڙي واءُ سڻائو گهلندو، هن ٻيڙي جو سڙهه نه کلندو. ڦوڪ ڏيڻ سان لهرون ٿينديون، ٻيڙيءَ کي سي اڳتي نينديون. بندر هاڻي اوڏو آهي، ٻيڙي کيپ ڇڏيندي آهي. ڪين ڪمائي ڀاڙو ڏيندي، مفت ۾ ايندي مفت ۾ ويندي. (بتاريخ ۱۷ جولاء ۲۰۱۹ع تي، روزاني ڪاوش حيدرآباد ۾ ڇپيل) ڪشنچند بيوس جديد سنڌيءَ جو ورڊس ورٿ صدام جوکيو جديد سنڌي شاعري ۾ قوم ۽ وطن جي تهذيبي ۽ ثقافتي سڀاءَ، ماحول ۽ مزاج جي ماهيت جي عڪاسي سادن، سودن، سولن، سندر ۽ سليس لفظن ۾ ڪندڙ. سنڌ ۽ سنڌي ماحول جا ڏيک، ڏسائون، ماڳ مڪان، ڪردار، ڪنايا، استعارا، تشبيهون ۽ ترڪيبون پنهنجي ڪلام ۾ پيش ڪندڙ، سنڌ جي تهذيب، تمدن، تاريخ ۽ موجوده ماحول منجهان موصوع چونڊي سنڌي شاعريءَ کي جدت جو رنگ ارپيندڙ ۽ جديد سنڌي شاعريءَ جي پيڙهه جو پٿر رکندڙ سنڌ جي عوامي شاعر ڪشنچند بيوس تاريخ ۲۵ فيبروري ۱۸۸۵ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو هو. هن پنهنجو تخلص بيوس چونڊ ڪيو هو. بيوس جي والد جو نالو تيرٿ داس کتري هو، جيڪو پاڻ هڪ بهترين حڪيم هو. بيوس جا وڏا ملتان مان لڏي، لاڙڪاڻي شهر ۾ اچي رهيا هئا. پيءُ جي وفات کان پوءِ بيوس جي ماءُ محترمه گهر ۾ حڪمت ڪرڻ لڳي، کيس پاڙي وارا ”ڏاهي“ ڪري چوندا هئا. بيوس کي ٻه وڏيون ڀينرن ۽ ٻه ننڍا ڀائر هئا، ننڍپڻ ۾ ئي کيس سنڌي اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو، جتان سنڌي فائنل پاس ڪيائين، انگريزي، فارسي ۽ هندي تعليم پڻ حاصل ڪيائين، بيوس پورهيت ماءُ جي خرچ تي پرائمري ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج ۾ پڙهندو هو. تعليم کان پوءِ استاديءَ جو پيشو اختيار ڪيائين، هي هڪ اعلى آدرشي استاد هو. هن ڪيترائي بهترين شاعر ۽ اديب پيدا ڪيا ۽ جدت جي اهڙي لاٽ ٻاريائين جنهن جي روشني تي هلي هوند راج دکايل، هري دلگير، نارائڻ شيام ۽ شيخ اياز جهڙا اعليٰ پايي جا شاعر پيدا ٿيا. جن جديد سنڌي شاعريءَ جي ميدان کي بڻائي ڇڏيو. ڪشنچند بيوس وليد اسڪول لاڙڪاڻي ۾ ماستر جي حيثيت سان وڏو عرصو خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ پوءِ شاهه محمد اسڪول لاڙڪاڻي جو هيڊ ماستر بڻيو، جتان فيبروري ۱۹۴۰ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. بيوس مهاتما گانڌيءَ جو پوئلڳ هو ۽ ڪانگريس سان وابسته رهيو، گانڌيءَ جي نظريي موجب هميشه کاڌيءَ جا ڪپڙا پائيندو هو ۽ ديسي شيون استعمال ڪندو هو. گانڌيءَ کان پوءِ بيوس رابندرناٿ ٽئگور جي شخصيت مان متاثر هيو، ٽئگور جو ڪتاب ”ساڌنا” سمجهڻ ۽ پڙهڻ خاطر بيوس وڏيءَ عمر هجڻ جي باوجود به انگريزي سکيو ۽ لاڙڪاڻي جي گيان باغ ۾ ۱۹۴۰ع کان ۱۹۴۷ع تائين هفتيوار ادبي ڪلاس هلائي، ٽئگور جي شخصيت ۽ شاعريءَ تي ليڪچر ڏيندو هو. استادي کان علاوه بيوس حڪمت جو ڪم به ڄاڻندو هو، جيڪو کيس ورثي ۾ مليو هو، رٽائرمينٽ کان پوِءِ بيوس ”هوميوپيٿي“ طريقي سان حڪمت شروع ڪئي هئي، سندن غريبن ۽ محتاجن جو همدرد هو مفت ۾ علاج ڪندو هو. بيوس جو حڪمتي رايو هو ته ڳائو کير کائڻ سان ڪمزور ٿيل نظر ٻيهر تيز ٿي سگهي ٿي، ان کي نظر ۾ رکندي بيوس هڪ ”ڀاڳيا اسڪيم” ٺاهي هئي، جنهن لاءِ لاڙڪاڻي جي ويجهو پلاٽ به خريد ڪيو هئائين پر زندگي جي بي وفائيءَ سبب ان کي تڪميل نه ملي سگهي. سن ۱۹۰۰ع ۾ ڦوهه جواني کان شاعري جي شروعات ڪيائين، شاگردي دور ۾ هڪ رات برسات جي ڇم ڇم کان متاثر ٿي شعر لکيو هئائين ۽ لکندي لکندي ڪرسيءَ تي ئي ننڊ اچي وئي هيس. هاسٽل جي سپرنٽنڊنٽ سندس اهو شعر پڙهي ورتو هو ۽ صبح جو پنهنجي آفيس ۾ بيوس کي گهرائي سندس ساراهه ڪندي چيائين؛ ”بيوس! تون ضرور هڪ ڏينهن اعلىٰ درجي جو شاعر ٿيندين.“ بيوس جو اهو شعر هي آهي: اڄ مڙي، بادل کڙي، آيا ٽڙي، ٽانـــــــــــــــگر به خوب، پڻ چڙي، ٺاري نڙي، گهر ۾ گهڙي، ٿـــــــــــــــڌڪار ۾. سندس مٿئين خاگرديءَ واري دور ۾ لکيل شعر ۾ فطرت جا سهڻا رنگ سمايل آهن. بيوس جي تصنيفن ۾ ڦولداني، شعر بيوس، گرونانڪ جي جيون ڪوتا، جن کي گڏي سيد محمود شاهه بخاري پاران ۱۹۹۱ع ۾ سندس ڪليات ”ڪلياتِ بيوس“ جي نالي سان شايع ڪرايو ويو آهي. بيوس شعر سان گڏوگڏ ڪيترائي ناٽڪ پڻ لکيا. جن ۾ ”سورداس“، ”خوبصورت بلا“، ”پرت پوڄارڻ“، ”هرشچندر“ ۽ پرهلادليلا قابل ذڪر آهن. بيوس جا لکيل ڊراما گهڻي قدر هندي ۽ اردو ڊرامن جا ترجما ٿيل آهن. بيوس سنڌ جو پهريون شاعر آهي، جنهن گل و بلبل جهڙن بي روح ايراني اصطلاحن جي زنجيرن مان سنڌي شاعريءَ کي آزادي ڏياري. هن وليم ورڊس ورٿ جيان قدرت ۽ فطرت جي نظارن کي شاعريءَ جو موضوع بڻايو ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ نوان موضوع، نوان خيال سادي ۽ عام فهم ٻولي ۽ سنڌي جي ماحول کي متعارف ڪرايو. سندس شعر ۾ هارين ۽ زميندارن ۽ جاگرداري نظام جي حوالي سان مزاحمتي فڪر جي عڪاسي ڪندڙ شاعري هن طرح ملي ٿي. جــــــــي زميندار پليا تنهنجي پگهر پورهئي تـــي، ســـــــي سگهيا قدر نه تنهنجو سڃاڻي ڪــــــــڙمي. جديد سنڌي شاعريءَ جي ميدان ۾ بيوس جو تمام وڏو مقام آهي، ڇاڪاڻ ته هي پهريون شخص هو جنهن روايتي شاعريءَ کان نابري واريندي جديد سنڌي شاعريءَ جو بنياد رکيو. سندس شاعريءَ جو پهريون مجموعو ”شيرين شعر“ جيڪو ۱۹۳۶ع ۾ ڇپيو هو، اُن کي جديد سنڌي شاعريءَ جو پهريون ڪتاب تسليم ڪيو وڃي ٿو. ڪشنچند “بيوس” جديد سنڌي شاعريءَ جو بنيادي شاعر حسيب ناياب منگي ڪشنچند “بيوس” ۽ سندس ڪويتائون سنڌي شاعريءَ جي تاريخ جو نهايت اهم ۽ ڪارگر عنوان آهن. جن تي قلم کڻي پڙهندڙن کي ٻڌائي سگهجي ٿو ته ڪشنچند “بيوس” پنهنجي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ سالن کان وٺي شاعريءَ ۾ رائج رواجن جو رخ پنهنجي ڏات سان تبديل ڪري شاعريءَ جي سج کي اڃان وڌيڪ روشني ڏني. هن پنهنجي اعليٰ لياقتن جو استعمال جن سادن لفظن ۽ عام موضوعن تي لکي ظاهر ڪيو، سا تبديلي ان وقت جي لاءِ نهايت ضروري به هئي ۽ خاص به ثابت ٿي. ڇو جو شاعريءَ کي پنهنجي رنگ ۾ آڻڻ، شاعريءَ ۾ ڌارين لفظن جي استعمال کي ختم ڪرڻ ۽ جذبن ۽ خيالن کي عام فهم ۾ پڙهندڙن تائين پيش ڪرڻ ۾ “بيوس” پاٻ ملهايو. منهنجي دل جا ديوتا! تنهنجو لهان مندر ڪٿي، عشق جو جنهن ۾ اجالو آهه سو اندر ڪٿي. ڪشنچند “بيوس” اڄ جي دور ۾ پنهنجي ڏنل پيغام سبب جنهن نموني حيات آهي ۽ سندس ذڪر ادبي تاريخن ۽ تذڪرن اندر سونهري حرفن سان لکيل آهي ان جو سبب اهو آهي ته ڪشنچند “بيوس” جي ڏات جا جوهر اهڙن موضوعن تي خيالن پيش ڪرڻ لاءِ آماده ٿيا جن جي هر دور ۾ ترجماني ٿيڻ لازمي هوندي آهي. قدرتي نظارن جي خوبصورتي کان وطن جي حب تائين، غريبن جي اَجهن جي تعريف کان سماجي براين جي نشاندهي تائين، پريم جي پٽي پڙهائڻ کان ڪنهن عام عنوان مک ۽ تڏ تائين “بيوس” لکي ڪمال ڪيو. تڏهن ته هو پنهنجي دور جو مضبوط ۽ اهم شاعر ليکيو وڃي ٿو. سدا مشهور عالم ۾ جفا تنهنجي وفا منهنجي، حقيقت ۾ مگر آهي وفا تنهنجي جفا منهنجي. ڪريو سينگار سوَ سائين، ملڻ لئه هوت هرکائين، نه پيرو پر اندر پائين ڏسي گهٽ چاهنا منهنجي. ڪشنچند “بيوس” جو ڪلام ناصحانو به آهي ته ٻارن جي حوالي سان به سرجيل آهي. درسي ڪتابن ۾ به “بيوس” ائين پيو نظر اچي جئين کير سان ڀريل وَٽِيءَ ۾ گلاب جو گل! گيت اهڙا ته سوادي ۽ رڌم سان لبريز جو ويٺو جهونگارجي! روحاني ۽ تصوف سان گڏ سياسي هلچل ۽ مختلف تحريڪن جي حوالي سان به “بيوس” جي سنڌي شاعريءَ تي بادشاهي نظر اچي ٿي. سنڀالي هوش سان سياڻا جوا کان جلد پاسو ڪر، کهائي جا ڪري کوکو ٿي ڪيري نيٺ ڳاٽي ٿي. ــــــ سوچ ڪر سياڻا ڇڏي ڏي شوق شيطاني شراب، جو ڪري ڪارو رکي اخلاق جهڙو آفتاب. ــــــ سخت ڇولي مار ساگر آهه بندر بي منار، هن انڌاري ڏوجهري ۾ روشني رهبر ڪٿي. ڪشنچند “بيوس” پنهنجي فن ۾ پختو ۽ خيال ۾ نرم نظر اچي ٿو هن جي لفظي جوڙجڪ ايتري ته پختي ۽ وڻندڙ آهي جو جلد ئي اثر ڇڏي ٿي. ميمڻ عبدالغفور سنڌي پنهنجي ڪتاب “عظيم سنڌي انسان” ۾ ڪشنچند بيوس جي حوالي سان لکي ٿو ته “شعر ۾ مضمون جي خيال کان کيس منفرد حيثيت حاصل آهي. هن پنهنجي شعر ۾ پنهنجي وطن ۽ ان جي مختلف شين جي جابجا واکاڻ ڪئي آهي ۽ عوام کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ قومي شاعريءَ کي اوليت ڏيندي، عوام جي جذبات ۽ احساسات جي پوري پوري ترجماني ڪئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو “بيوس” کي جديد شاعريءَ جو بنيادي شاعر تسليم ڪيو وڃي ٿو”. روپ نه مالڪ ٿو ڏسي، ڏسي دل جا طاق، اندر اُجالو ٿو کپي، نه “بيوس” رنگ پوشاڪ. ڪشنچند “بيوس” جي شاعريءَ ۾ مختلف عنوانن جا گهڻا ئي نظم تن ڏينهن کان اڄ تائين تمام گهڻا مشهور رهيا آهن. “قدرت وارا”، “سهائي راتڙي”، ۾“ڪاري گهٽا”، “جهوپڙي” ۽ ٻيا اڄ تائين گهڻن ماڻهن کي ياد آهن. اهڙيءَ طرح سندس ڪتاب “شيرين شعر” (آگسٽ ۱۹۲۹ع) ۾ ڇپيل هيٺين ڪويتا کي به پڙهي ڏسو: خاص کٿوري ڀانئيان وطن جي واري، مٽي مٺڙي ملڪ جي مشڪان موچاري، پنهنجي دلبر ديس جي پڻي به پياري، گاهه به گلزاري، بٺ باغيچو ڀانئيان. ـــ وڻ ڪندا ها وڙ وڏو وطن وارن تي، پختي لڙڪي پينگهه ٿي ڏاڍن ڏارن تي، هڪ هوڏ هلي ٿي لوڏ تي، ٻيو وڙهڻ وارن تي، ٻاجهو ٻارن تي، ڇٽن ڇايا سان ڪيون. ـــ جتي جيجل ٿي ڏني جهوليءَ ۾ لولي، ٽڙي ٻنڌڻن ۾ ٻُڌي طوطيلي ٻولي، مٺڙي ٿي مون تان وئي گهڙيءَ ۾ گهولي، ڇلڪي سان ڇولي، “بيوس” وهي وطن ري. ڪشنچند “بيوس” کي جتي ديس لئه اُلڪو آهي اُتي ديس جي ڪڙميءَ جي خوشحاليءَ جي لاءِ آس به آهي. هو لکي ٿو ته : تنهنجي دردن جي هنئر آهه پڄاڻي، ڪڙمي! تنهنجي سورن جي اچي ويل وهاڻي، ڪڙمي! جـــي زمــيــــنـــدار پــــلــــــيا تــنــهــنــــجي پگهر تي، سي سگهيا قدر نه ڪو تنهنجو سڃاڻي، ڪڙمي! هوندارج دکايل لکي ٿو ته “مهان ڪوي بيوس عوامي شاعر ۽ سامانيه لوڪن جو همدرد وڪيل هو. هن پنهنجي واڻي ۽ رچنا سان ماڻهو کي مٿي ۽ مٿي هلڻ جي پريرڻا ڏني توڙي منجهس ساهه ڀريو. هو عقاب وانگر آسمان ۾ اُڏامندو رهيو پر سندس نظر سدائين زمين تي رهي”. ( سڏ پڙاڏو ساڳيو ۱۹۸۴ع ص ۶) سادگيءَ ۽ عاجزيءَ ۾ گذاريندڙ ڪشنچند “بيوس” جا خيال بلنديءَ تي پهتل نظر ٿا اچن. هو ننڍ وڏائيءَ جا فرق ختم ڪرڻ لاءِ به خوب لکي ويو آهي. هن انسانيت جي ڳالهه به تمام گهڻي ڪئي آهي: ڪر دنيا ۾ دل وڏيري تون به رهه مان ڀي رهان، آڻ من ورتيءَ ۾ ڦيري تون به رهه مان ڀي رهان. تنگ مذهب ۾ نه ماپون، قوميت ۾ جاءِ ڏي، ڀائپيءَ، انسانيت، روحانيت ۾ جاءِ ڏي، ڇڏ دئيءَ جي ديد ميري، تون به رهه مان ڀي رهان. “بيوس” جي شاعريءَ ۾ نواڻ ۽ ترقي پسند خيال مان جيڪي به نظم سرجي سامهون آيا اُهي اڄ به ادبي دنيا ۾ اهميت رکن ٿا. هو غلاميءَ جي خلاف ۽ هردم قوميت جي ڳالهه ڪندڙ شاعر هو: جيسين “بيوس” پاند ۾ هوندو هڪ غلام، هڻي سگهندو هام، ڪوبه نه آزاديءَ سندي. ڪشنچند “بيوس” جي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ جيڪي تبديليون اچي رهيو هيون ۽ سنڌ مان اتحاد ۽ ڀلائيءَ جو ڏيئو وسامڻ شروع ٿي رهيو هو، اهڙي نازڪ حالت ۾ هن ڏکايل سماج اندر آٿت جو پيغام ڏنو ۽ ايڪي ۽ اتحاد جو درس شعرن ذريعي ڦهلايو. سڌي ۽ اڻ سڌيءَ طرح هن جي ڪلام ۾ اهڙا گهڻا مثال موجود آهن: ايڪتا جا ديوتا! تنهنجو لهان مندر ڪٿي؟ جنهن ۾ اتحادي اُجالو آهه سو اندر ڪٿي؟ دربدر ٿيو دادلا تو بن اميدن جو جهاز، آس آزاديءَ لاءِ آهي بيٺڪي بندر ڪٿي؟ ڪئن فسادي خون ويندو قوميت جي قلب مان، نبض تي نشتر ڪٿي، شريان تي خنجر ڪٿي؟ جو ملائي مفردن کي مرڪبي ميلاپ ۾، سو حب الوطنيءَ جو “بيوس” جذبو ۽ جوهر ڪٿي؟ ڪشنچند تيرٿداس کتري “بيوس” ۲۵ فيبروري ۱۸۸۵ع تي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو ۽ ۲۳ سيپٽمبر ۱۹۴۷ع تي ديهانت ڪري ويو. سماج جو اعليٰ اخلاق وارو انسان ۽ فرض شناس استاد هئڻ سان گڏوگڏ هو حڪيم به هو. هو سنڌي ادب م لازوال ۽ انمول ڪردار ٿي اڀريو. سندس ڪلام جا ڏيئا هر سماجي پاسي کي روشن ڪندا رهن ٿا. اهو دور پري نه آهي جو “بيوس” جي ڪلام جو پڙاڏو هن هنڌ پوندو ۽ هر هڪ ماڻهو ان مان مثال وٺي زندگيءَ کي روشن بڻائيندو. هڪ صديءَ کان پوءِ شايد سنڌ ۾ ڪو ڪو ڪڻو، شعر خوانيءَ لاءِ گهرندو شعر “بيوس” جو ڪتاب. (ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۵ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل) ڪشنچند بيوس جديد سنڌي شاعريءَ جي علمبردار جي شاعريءَ جو اڀياس رياض ڪلھوڙو سنڌي شاعريءَ صدين جو سفر جھاڳيو آهي. انهيءَ صدين جي سفر ۾ ان پاڻ ۾ ڪيئي لاڙا ۽ نيون روايتون پئي سمايون آهن. سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ دؤر يا هڪ موڙ اهڙو به آيو، جو فقط ايران جي سرزمين ۽ ماحول جون روايتون شعر ۾ بيان ڪيون وينديون هيون. اهڙي شاعري،فقط لفظن جو ڀنڊار ته هئي، پر ان جو سنڌ جي سرزمين سان ڪو به لاڳاپو نه هو. پوءِ اهڙو دؤر به آيو، جو سنڌ جي شاعرن انهيءَ نئين روايتن جو بنياد وڌو. ”جديد ادب جو ڪم بي رحم سچاين کي پيش ڪرڻ آهي، پر ان لاءِ فن Art کي به هٿئون ڇڏڻو نه آهي، نه ئي جمالياتي تاثر تي ڪو سودو ڪرڻو آهي. جديديت جي علمبردارن لاءِ اها هڪ ڏکي ذميواري هئي“.(۱) ان ڏکي ۽ نهايت اهم ذميواريءَ کي نڀائڻ لاءِ هونئن ته لاتعداد شاعرن جا نالا آهن، جن جدت پسند تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو، پر انهن منجهان ڪشنچند ”بيوس“ سڀني کان اڳرو ثابت ٿيو. ڌرتيءَ تي هزارين شاعر جنم وٺن ٿا، پر مڃتا واري منزل تي پهچڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ڪونهي. هر شاعر جي سوچ، ويچار ۽ فڪر ۾ فرق هوندو آهي. جيئن هر ماڻهوءَ جي پنهنجي علمي سگهه آهي، تيئن فني توڙي فڪري لحاظ کان هر شاعر جي پنهنجي اڏام آهي. فني حوالي کان شاعر ڪيترو به مضبوط هجي، پر جيڪڏهن سندس فڪر ۾ اونهائي ۽ گھرائي نه آهي، ته کيس جوڳو مقام ملي نه سگھندو. ڪشنچند بيوس پنهنجي شاعريءَ ۾ زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ موجود فطري نظارن سان گڏ سنڌي سماج جا عڪس چٽيا آهن. ڪشنچند بيوس جي شاعريءَ ۾ ڪمال جي رواني، تجربن جي نواڻ ۽ فڪري گھرائي آهي، انهيءَ ڪري ئي ته علامه دائودپوٽي چيو آهي ته: ”واقعي ڪشنچند ”بيوس“ سنڌ جو هڪ عوامي ۽ انقلابي شاعر تسليم ڪجي ٿو، ڇو ته هن ئي سنڌي شاعريءَ کي نوان اسلوب ۽ موضوع ڏيئي ”جديد سنڌي شاعريءَ“ جو بنياد رکيو“. (۲) ڪشنچند ”بيوس“ لاڙڪاڻي واسي هو. هو پرائمري استاد ٿي رهيو ۽ جڏهن لاڙڪاڻي ۽ پوري سنڌ ۾ عروضي تحريڪ جوڀن تي هئي، ته هي صاحب شاعريءَ ۾ فن ۽ فڪر جي هڪڙي نئين جدت کڻي ميدان ۾ لٿو. ڏسندي ئي ڏسندي سنڌي شعر جي تاريخ تي اڻ مٽ عڪس چٽڻ لڳو. ڪشنچند ”بيوس“ جديد شاعريءَ جو باني آهي. هن ڪيتريون ئي نيون روايتون قائم ڪيون ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ انهن کي مروج ڪيو. بيوس جي جدت ۽ نرالي نانءَ سان سنڌي ادب جي تاريخ ۾ هڪ نئون باب ۽ نئون دؤر شروع ٿيو. بيوس شاعري ڪيئن ۽ ڪڏهن شروع ڪئي؟ تنهن بابت ”ڪُليات بيوس“ جي مرتب لکيو آهي ته: ”جڏهن اڃا سورنهن ورهين جو هو ۽ حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج ۾ پڙهندو هو، تڏهن به شعر چوندو هو. برسات جو نظارو ڏسندي هڪ رات جو پڙهڻ بدران ”برسات“ تي شعر لکي، ميز تي رکيائين ۽ اتي ئي ڪرسيءَ تي کيس ننڊ وٺي وئي. بورڊنگ جي سپرنٽنڊنٽ چڪر هڻندي اچي هن کي ننڊ ۾ ڏٺو ۽ ميز تي رکيل شعر وارو پنو پڙهي، چُپ چاپ واپس هليو ويو. صبح جو کيس گھرائي، سندس پٺي ٺپي چيائين ته: ”بيوس، ڪنهن ڏينهن اعليٰ درجي جو شاعر ٿيندين.‘‘(۳) ڪشنچند بيوس وٽ فن به آهي ته فڪر به آهي. هن شاعريءَ ۾ فن ۽ فڪر جو اهڙو ته سنگم جوڙيو آهي، جو فن کي پرکڻ وارو به سرهو ٿيو وڃي، ته فڪر کي پرکڻ ۽ پرجھڻ وارو به خوش ٿيو وڃي، ڇاڪاڻ ته هن وٽ فن، فڪر کي ٽيڪ ڏئي کنيو بيٺو آهي ۽ فڪر وري فن کي اڀاريون بيٺو آهي. سائنسي فارمولي وانگر ٻئي ٻِٽُ ٿي، هڪ ٻئي سان ملي بيهن ٿا. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، پنهنجي ڪتاب ”ڪٺمال“ ۾ لکيو آهي ته: ”ڪشنچند بيوس جي ٻولي آسان ۽ موضوع مقامي آهن. هن غير وطني ۽ دقيق تشبيهن ۽ سکڻي فارسي نوازيءَ کان پاڻ کي آجو ڪيو. هن سوسن سنبل، ياسمين و نسترن ۽ لاله و نرگس جا نالا کڻڻ بجاءِ فقط ”گل“ چئي پنهنجو مقصد بيان ڪيو“.(۴) شاعريءَ جي صنفن جي لحاظ کان ڪشنچند ”بيوس“ غزل، ڪافي، قصيدو، مثلث، مخمس، مسدس ۽ بيت چيا آهن. هن هڪ ماهر سائنسدان جيان مٿين صنفن ۾فني طور انيڪ تجربا ڪيا آهن. جيئن نظم کي غزل سان هم آهنگ ڪري، هڪ صنف مان ٻه مقصد ورتا اٿس. ساڳئي نموني هُن ڪافيءَ کي غزل جي گھاڙيٽي جو روپ ڏنو آهي. ڏوهيڙي ۾ وري رباعي وارو فن رکيو اٿس. بيت مسدس واري سٽاءَ ۾ لکيا اٿس. نظم ۽ غزل جي سنگم جو هڪڙو مثال پيش ڪجي ٿو. آهي مشهور عالم ۾، جفا تنهنجي، وفا تنهنجي، حقيقت ۾ مگر آهي، وفا تنهنجي، جفا تنهنجي. هزارين چشم روشن سان، اچين تان ستارن تان، تڏهن بي دل ڪدورت کان، نه ٿي آهي صفا منهنجي. نمڪ تنهنجو سدا کائي، نمت تنهنجي نه ڏيان پائي، جڳت ۾ آهه هيءَ هائي، سخا تنهنجي خطا منهنجي. ڪهان ڪهڻي گھڻي سهڻي، رهان رهڻي مگر سکڻي، وڏائي لئه وهم وهڻي، ٿي بيوس واسنا منهنجي“ (۵) ڏٺو وڃي ته هن نظم جو سٽاءُ غزل وارو آهي. مضمون مان ڪافيءَ جي مضمون جهڙو هڳاءُ ملي ٿو. ڪٿي وري نظم ۾ دوهيڙي ۽ ڪافيءَ جي ملاوٽ جو تجربو ملي ٿو. جيئن هيٺيون مثال ئي ڪافي آهي. ”ڪنهن حال تي هلين ٿو، ڪنهن چال تي چلين ٿو، مون کي نه ڳجهه سلين ٿو، پاڻان پري جھلين ٿو، اي آســمــان نــيـلا، تارن سـنـدا وسيلا. تيزي نظر نهارين، ڌرتــيءَ تــي بــاهه ٻــاريــن، ماٺي نگهه سان ٺارين، تون هيٺ کير هارين، تنهنجا ٻــه نيــڻ نيــارا، ســج چنــڊ نانو وارا‘‘.(۶) ڪشنچند ”بيوس“ جي شاعريءَ جا موضوع ، تشبيهون ۽ تمثيلون خالص ڏيهي، عام فهم ۽ سليس آهن. شعر پڙهڻ سان اوپرائپ جو احساس نه ٿو ٿئي. ها البته پنهنجائپ جو احساس هر سٽ مان بکي ٿو. سندس شاعريءَ جي موضوعن ۾ ”بهار‘‘، ”برسات‘‘، ”قدرت وارا‘‘، ”کڙکٻيتو‘‘،“سهائي راتڙي“، ”سنڌ سونهاري‘‘، ”سادگي‘‘، ”همدردي‘‘، ”سچائي‘‘، ”حياتي‘‘، ”ٻار جي سنڀال‘‘، ”غريبن جي جھوپڙي‘‘ ۽ ٻيا شامل آهن. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ادب جي تاريخ‘‘ ۾ ڪشنچند ”بيوس“ جي جدت پسند شاعريءَ بابت لکي ٿو ته: ”جڏهن سندس ڪلام جو پهريون مجموعو ۱۹۳۷ع ۾ شايع ٿيو، ته عروضين ۽ روايتي شعر وارن کيس تنقيد جو نشانو بڻايو، ڇو جو هي ڪلام روايتي وزن ۽ هيئت کان ٻيءَ طرح جو هو“.(۷) ڪشنچند ”بيوس“ جي شاعريءَ ۾ رڳو جدت ناهي، يا هن رڳو جدت کان ڪم ناهي ورتو، پر هن صوفي شاعرن جي روايتن ۽ موضوعن کي به هٿان ناهي ڇڏيو. هن جوڳين ۽ سامين جو ذڪر به ڪيو آهي. جوڳين ۽ سامين جو ذڪر سڀ کان پهرين قاضي قادن ۽ شاهه ڪريم جي ڪلام ۾ ملي ٿو. ان کان پوءِ شاهه عبداللطيف انهيءَ موضوع کي عروج تي رسايو. بيوس به پنهنجي شاعريءَ ۾ جوڳين ۽ سامين جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪو هيٺين ريت آهي: “ساميئڙن اڄ ساهُه، ساڙي منهنجو ساهه سڪايو، دونهان درد جا دم دم دکن ٿا، ڀڙ ڀڙ ڪري ٿي باهه، جوڳين جوڳ جاڳايو. اٺئي پهر اندر ۾، آديسين الله، سامين سُن لڳايو. رام رکيائون روح ۾ رميا مٿي راهه، پورب پنڌ پڇايو. ”بيوس“ بيراڳي ڏسي، گويا ٿيو گمراهه، تنهن پڻ ڪفي ڪمايو.‘‘(۸) فنا ۽ بقا جا مسئلا به اوائلي زماني کان وٺي سنڌيءَ شاعريءَ جو موضوع رهيا آهن. بيوس، فنا ۽ بقا جي موضوع کي به پنهنجي شاعريءَ ۾ سمايو آهي. بيوس جي اهڙي شاعري منجهان ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا: “نه بلبل حسب گل تي ڀل، بهاري بي بقا آهي نزاڪت، رنگ رونق جو، گھڙيءَ کن لئه لقا آهي. ڦڙي ۾ سمنڊ ٿيو ساقي، رهي فاني اندر باقي، ڦري ”بيوس“ ٿيو خاڪي، مگر ذاتي سدا آهي‘‘.(۹) جديد سنڌي شاعريءَ، پنهنجي لاءِ نه رڳو موجوده صديءَ جي تاريخي، سياسي ۽ سماجي تبديلين مان مواد حاصل ڪيو آهي، بلڪ ان پنهنجي فڪري ۽ احساساتي واڌ ويجهه لاءِ سنڌ جي زرخيز مٽيءَ ۾ گھڻي گھرائيءَ تائين، پنهنجون پاڙون پکيڙيون آهن. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ان حوالي سان لکي ٿو ته: ”سندس ڪلام جي مجموعي ”شيرين شعر“ کي سنڌي ادب ۾ اها ئي حيثيت حاصل آهي، جيڪا انگريزي ادب ۾ وليم ورڊس ورٿ ۽ سيموئل ڪالرج جي شعر جي مجموعي ”لئريڪل بئلڊس“ کي حاصل آهي.‘‘(۱۰) اساسي شاعرن جيان ڪشنچند ”بيوس“ جي شاعريءَ ۾ به نيم تاريخي داستانن جا اهڃاڻ ملن ٿا. البته هن سرن ۾ شاعريءَ ناهي ڪئي، پر نيم تاريخي داستانن جو ذڪر ضرور ڪيو آهي. نموني طور ڪجهه شعر هيٺ ڏجن ٿا: سسئـــي ســـور سمــهــڻ کان پــرايــا، جيئري ڏٺائين ڏهاڳ سمهڻ ۾ ڇاهي. (۱۱) سسئي پنهونءَ جو داستان سنڌ ۾ ڪيچ مَڪران جي وچ ۾ هلندڙ واپار ۽ قافلن جي ماحول تي ٻَڌل آهي، جيڪو عربن واري دؤر ۽ پوءِ سومرن واري دؤر ۾، ويندي پنجين صديءَ هجريءَ (يارهين صدي عيسويءَ) تائين قائم رهيو. سنڌ جي اساسي شاعرن کان وٺي عروضي شاعرن تائين ۽ عروضي شاعرن کان وٺي جديد شاعرن تائين سسئي، علامتي ڪردار طور ڳائي وڃي ٿي. سسئي علامت آهي جدوجهد جي، سسئي علامت آهي سچي محبت جي، سسئي علامت آهي ڏکن ۽ سورن جي. سسئي جو نالو کڄي ۽ سور ياد نه پون ائين ممڪن ئي ناهي. مٺي محبت مَٺي ليلان، مڻئي تي ڪيئن مٽڻ گھرجي، پرت جي پاڙ کي پاڻهي، نه پاڙان هئن پٽڻ گھرجي.(۱۲) ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ڪشنچند ”بيوس“ جي شاعريءَ بابت راءِ ڏيندي لکي ٿو ته: ”بيوس آسان زبان ڪم آندي آهي ۽ روايتي شمع، پرواني، گل و بلبل توڙي ساقي ۽ ساغر جا موضوع ڇڏي، فطرت جي رنگينين ۽ عام انسانن جي زندگيءَ بابت لکيو آهي.‘‘(۱۳) بلڪل! اها حقيقت آهي ته بيوس فطري شاعري ڪئي آهي ۽ جدت جا نوان ۽ انوکا رنگ بيان ڪيا آهن.ڊاڪٽر سحر امداد حسيني پنهنجي ڪتاب ”شعور شاعر شاعري“ ۾ جديد ادب لاءِ لکيو آهي ته: ”نئون ۽ جديد اهو آهي جو پنهنجي فن، فڪر، مواد ۽ پيشڪش ۾ نئون ۽ نڪور آهي، جنهن جي فڪر ۾ نواڻ آهي، جنهن جي سوچ ۾ تازگي آهي، جو نئين جو ادراڪ رکي ٿو. جنهن جي پيشڪش جو انداز منفرد ۽ نيارو آهي. جو گھرو آهي، جو بلند آهي، جو نوان پر جٽاءُ دار بنياد رکي ٿو. جو پنهنجي ٻوليءَ کي نوان ۽ صحتمند خيال، خواب ۽ تصور آڇي ٿو. جو مدي خارج ۽ پاروٿو ناهي.‘‘(۱۴) جڏهن ڪشنچند بيوس جي شاعريءَ کي، ڊاڪٽر سحر امداد جي مٿين ڪسوٽيءَ تي پرکيون ٿا ته، اها ان تي پوري لهي ٿي. سندس شاعريءَ ۾ جدت جا عڪس ۽ اولڙا پَسجن ٿا. بيوس شاعريءَ کي نئين موڙ سان نروار ڪيو، پر سندس اسلوب ۾ ڪا به ڪمي نه آهي. عالمن ادائگيءَ جي طريقيڪار کي اسلوب سڏيو آهي اهم ڳالهه اها ناهي ته اسان ڇا چئي رهيا آهيون، پر اسان اهو ڪيئن چئي رهيا آهيون. اردو ادب ۾ اسلوب جو اهو ڪمال حافظ، سعدي، فردوسي، مير ۽ انيس ۽ ... جڏهن ته سنڌي ادب ۾ وري مرزا قليچ، ڀيرومل، ڊاڪٽرگربخشاڻي، پيرحسام الدين، ڏيپلائي، شيخ اياز، جمال ابڙي، شمس الدين عرساڻي، نسيم کرل، امرجليل ۽ ڪجهه ٻيا نمايان نظر اچن ٿا. اسلوب ۾ لفظن جي چونڊ، سندن آواز جو معيار ۽ تازگي ۽ جماليات تمام اھم آھن. اسلوب ۾ خيالن کي رنگين بڻائڻ جي صلاحيت هوندي آهي.غلام محمد گراميءَ پنهنجي ڪتاب ”ويا سي وينجھار“ ۾ لکيو آهي ته: ”بيوس پنهنجي سليس ۽ سلوڻي، عوامي ۽ فطرتي شاعريءَ جو موجد هو.‘‘(۱۵) جهڙيءَ طرح ڪشنچند ”بيوس“ جي سنجيده شاعري، جدت ۽ فڪر سان ڀرپور آهي، اهڙي طرح سندس ٻاراڻي شاعري به جدت جو انوکو مثال پيش ڪري ٿي. کانئس اڳ يا وري پوءِ ڪنهن به شاعر اهڙو شعر ناهي جوڙيو. بيوس جي هن نوعيت جي شاعري سنڌيءَ جي درسي ڪتابن ۾ به شامل آهي، پر ڪو زمانو اهڙو به هو، جو پهرين درجي کان پنجين درجي تائين جي درسي ڪتابن ۾، بيوس جا هن قسم جا حسين شعر پڙهڻ لاءِ ملندا هئا. سڀ ڪن تنهنجي ساراهه، قدرت وارا، نرمل جوتي نور نظارا، قدرت وارا. يا اچو ته ننڍڙي ريل هلايون، باهه ببوءَ ۾ دود دکايون، ڪري واءُ سان واهه جون وايون، ڇهه ڇهه پيسا ٻه ٻه پايون يا مٺڙا گھوڙا اوري آءُ خوب خوشيءَ سان داڻو کاءَ يا ڦوڪي ڦار نه ڦوڪڻو، منهنجو آهي ملوڪڻو. يا کهنبي رتڙي لال ڪنوار! هل ته ڀنڀوري ڀڻون هزار. مطلب ته ڪشنچند ”بيوس‘‘ جي شاعري اڄ به سنڌ ۾ وڏا توڙي ننڍا مٺاس ڀريئي منفرد ٻوليءَ ۾ آلاپيندا رهن ٿا. بيوس کان پوءِ ڪيترن ئي شاعرن اهڙي شاعري لکڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪو به سندس برميچي نه سگھيو. ڇاڪاڻ ته ٻاراڻو ادب سرجڻ لاءِ ٻار ٿيڻو پوي ٿو ۽ اهو سڀ ڪجهه هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه آهي. بيوس جي انهيءَ ڪردار بابت سندس نياڻي پورن ديوي جو چوڻ آهي ته: ”ايتريون ساريون مشغولين هوندي به اسان کي ڪڏهن نه چيائون ته مون وٽ وقت ڪونهي، جيڪا گُھر ڪندا هئاسين، سا پوري ڪندا هئا. رانديون ڪيون ته کيس گھوڙو بڻايون. کيڏندي کيڏندي گيت تيار ٿي ويندو هو.”شاباش منهنجا گھوڙا، تيار، تکي ريل هل رفتار“. ساڻس گڏ ڦوڪڻا ڦوڪي اڏايون ته راڳ تيار ”ڦوڪي نه ڦوڪڻو، منهنجو آهه ملوڪڻو“. هڪ ٻئي جي چولي جي پٺ پڪڙي ريل هلايون ته گيت تيار ”اچو ته ننڍڙي ريل هلايون، ڇهه ڇهه پيسا ٻه ٻه پايون“. پاڻيءَ جي ٿالهه ۾ ڪاغذ جي ٻيڙي تاريون ته نظم تيار ”ٿالهه پاڻيءَ جو آڻيو ڀري، ڪاغذ جي هيءَ ٻيڙي تري“ وغيره“. (۱۶) حقيقت ۾ ٻاراڻو ادب سرجڻ تمام گھڻو مشڪل آهي،پر بيوس وٽ ڪيترو نه سهنجو آهي. ڪنهن به ڪيفيت مان گذري گيت جوڙڻ ۾، بيوس پنهنجو مٽ پاڻ آهي. ڪشنچند بيوس زندگيءَ جي اهم ۽ سماج جي نهايت سنجيده موضوعن تي به قلم کنيو آهي. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌيءَ سندس شاعريءَ متعلق لکيو آهي ته: ”هن پنهنجي شعر ۾ پنهنجي وطن ۽ ان جي مختلف شين جي ساراهه ڪئي آهي ۽ عوام کي سجاڳ ڪرڻ جي لاءِ قومي شعر چيو آهي ۽ عوام جي جذبات ۽ احساسيت جي ترجماني ڪئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو کيس جديد شاعريءَ جو بنيادي شاعر تسليم ڪيو ويو آهي. هو ايراني شاعريءَ جي تقليد گھٽ ڪري ٿو، پر ان جي بدران پنهنجي وطن جون شيون آڻي ٿو“.(۱۷) ڪشنچند ”بيوس“ پنهنجي شاعريءَ ۾ جيڪي موضوع سمايا آهن، انهن ۾ آزاديءَ جي تحريڪ، هاري حقدار هلچل، هندو مسلم ايڪتا، روحانيت ۽ تصوف، گرو نانڪ، تلڪ مهراج، ڀڳت ڪنور رام، وشنداس قمبر وارو، راڻو پرتاب سنگهه، کيرٿر جبل، وڻ ٽڻ ٻوٽا، زميندار جي داداگيري، جوا، شراب، وياج، بيروزگاري، ڌيءُ جو جنم ۽ ٻيا موضوع شامل آهن. ڪشنچند بيوس جي شاعري ۾ تخيل جي اوچي اڏام ۽ فن جي مهارت، سمنڊ ۾ موجود ڇولين جيان نروار آهي. نتيجو: • بيوس پنهنجي شاعريءَ کي ايران جي اثر کان آجو رکيو آهي. پاڻ پارسي تشبيهن کي پاسي تي رکي، نج سنڌي ماحول جا عڪس چٽيا اٿس. اهو ئي سبب آهي، جو عالمن کيس ”جديد سنڌي شاعريءَ جو سنگ ميل“ سڏيو آهي. • ڪشنچند بيوس جي شاعريءَ ۾، حب الوطني جو عنصر به نمايان نظر اچي ٿو. قومي گيت لکي، سنڌ جي ماڻهن کي بيدار بڻائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ورتيون اٿس. • ڪشنچند بيوس روايتي شاعريءَ کي موڙ ڏئي، جديد شاعريءَ جو بنياد وجھندڙ اهو شاعر آهي، جنهن جي شاعريءَ ۾ نج سنڌي ماحول جون تشبيهون، استعارا، ڪنايه، مجاز مرسل، اصطلاح، تلميحون، تمثيلون، چوڻيون ۽ پهاڪا ملن ٿا. سندس شاعري سلاست، فصاحت، بلاغت ۽ جدت سان ڀرپور گلن جو هڪ خوبصورت گلدان آهي. • ڪشنچند بيوس جي ٻارڙن لاءِ لکيل شاعري نصيحت آموز موضوعن تي مشتمل آهي. حوالا: ۱. حسيني، ڊاڪٽر سحر امداد. ”شعور شاعر شاعري“. ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ، ۲۰۰۸ع، ص ۵۰ ۲. بخاري، سيد محمود شاهه، ڊاڪٽر. ”ڪليات بيوس“ لاڙڪاڻو: آزاد پبليڪيشنز، ۱۹۹۱ع، ۳۳ ۳. ساڳيو. ص ۲۰ ۴. جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر. ”ڪٺمال“ ڄامشورو: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ۲۰۰۲ع، ص ۷۶ ۵. بخاري، سيد محمود شاهه، ڊاڪٽر. ”ڪليات بيوس“ لاڙڪاڻو: آزاد پبليڪيشنز، ۱۹۹۱ع، ص ۷۸ ۶. ساڳيو، ص ۸۰ ۷. جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر. ”سنڌي ادب جي تاريخ (جلد ٻيو)“ حيدرآباد: سنڌي لينگئيج اٿارٽي، ۲۰۰۵ع، ص ۵۳۵ ۸. ساڳيو، ص ۵۷ ۹. ساڳيو، ص ۱۱۳ ۱۰. سنڌي، ميمڻ عبدالمجيد، ڊاڪٽر. ”سنڌي ادب جي تاريخ“. لاڙڪاڻو: ڪاٺياواڙ اسٽور، ۱۹۹۳ع، ص ۲۳۶ ۱۱. ساڳيو، ۱۲. ساڳيو، ص ۷۳ ۱۳. جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر. ”سنڌي ادب جي تاريخ (جلد ٻيو)“ حيدرآباد: سنڌي لينگئيج اٿارٽي، ۲۰۰۵ع، ص ۵۳۵ ۱۴. حسيني، ڊاڪٽر سحر امداد. ”شعور شاعر شاعري“. ڄاموشورو: سنڌي ادبي بورڊ، ۲۰۰۸ع، ص ۵۰ ۱۵. گرامي، غلام محمد. ”ويا سي وينجھار“. ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ، ۱۹۹۵ع، ص ۰۳ ۱۶. جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر. ”سنڌي ادب جي تاريخ (جلد ٻيو)“ حيدرآباد: سنڌي لينگئيج اٿارٽي، ۲۰۰۵ع، ص ۴۴ ۱۷. سنڌي، عبدالغفور، ميمڻ. نواز علي نياز جعفريءَ جي شاعري. لاڙڪاڻو: سلاطين پبلڪيشن سولنگي ڳوٺ، ص ۱۱۴ (’لوچي لڌم لال‘ تان کنيل) ڪشنچند بيوس جديد سنڌي شاعريء جي پيڙهائتي شاعر جي ۱۶۶ هين سالگره مبارڪ. مصطفا انڙ ڪشنچند “بيوس” جو شمار ۲۰ هين صدي جي سنڌي ٻوليءَ جي نامور شاعرن ۾ آهي. کيس جديد سنڌي شاعريءَ جو باني سڏجي ته ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو. ڪشنچند بيوس جا پهرئين کان ڏهين ۽ انٽر تائين سنڌي نصاب ۾ شامل گيت، نظم يا ٻاراڻا ٻول هر سنڌي شاگرد کي اڄ به ياد آهن. اڪثر شاگردن کي انهن گيتن، نظمن جي خالق شاعر ڪشنچند “بيوس” جو شايد ئي پتو هجي. ڪشنچند “بيوس” ۲۵ فيبروري ۱۸۵۸ع ۾ لاڙڪاڻي جي کتري خاندان ۾ پنهنجي دور جي مشهور حڪيم تيرٿداس کتري جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس امڙ به حڪمت جو ڪم ڪندي هئي. بيوس يارنهن سالن جو مس هو ته سندس والد وفات ڪري ويو ۽ ننڍپڻ ۾ ئي گهر جو بار مٿس پيو. فائنل پاس ڪري سنڌي ماستر ٿيو ۽ ٽريننگ ڪاليج جي تعليم مڪمل ڪري لاڙڪاڻي جي هڪ اسڪول ۾ هيڊ ماستر ٿيو. هن ۱۹۳۵ع لاڙڪاڻي ۾ بيوس شفا خانو کوليو. پاڻ به پنهنجي والد ۽ امڙ وانگر وقت جو سٺو حڪيم هيو. ۱۹۳۷ع ۾ ميونسپالٽي جي اسڪول بورڊ جو صلاحڪار بڻيو. کيس شاعريءَ جو شوق ننڍي هوندي کان هو. بيوس ورهاڱي کان اڳ ۱۹۴۰ع کان ۱۹۴۷ع تائين لاڙڪاڻي جي گيان باغ ۾ هفتيوار ادبي ڪلاس هلايا. هو بنگال جي عظيم شاعر رابيندر ناٿ ٽئگور کان تمام گهڻو متاثر هو ۽ ٽئگور جي شاعريءَ جو سنڌي ترجمو ڪري سنڌين کي ٽئگور جي شاعري ۽ شخصيت سان روشناس ڪرايو. هن ڪيترائي ناٽڪ به لکيا. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ شيرين شعر ۱۹۲۹ع، سامونڊي سپون ۱۹۲۹ع، گرو نانڪ جيون ڪٿا ۱۹۳۵ع، موجي گيت ۱۹۳۵ع، ڦولداڻي ۱۹۳۹ع، شعر بيوس ۱۹۵۱ع، بيوس گيتانجلي ۱۹۶۰ع ڇپيل آهن. ڪشنچند “بيوس” ۲۳ سيپٽمبر ۱۹۴۷ع تي ديهانت ڪري ويو. سندس شاگردن ۾ رام پنجواڻي ۽ هوندراج دکايل. ڌڻيءَ جي وڏائي (حمد) ڏسي دنيا ۾ عجب نظارا، سائينءَ جي سگهه سمجهه پيارا، اڀ ۽ ڌرتيءَ تي اسرار، جوڙيا سائينءَ سڀ جنسار. وڻ ٽڻ ٻوٽا ڌڻيءَ اپايا، قسمين قسمين پن بنايا، گل ڦل ميوا ڪئين گلزار، جوڙيا سائينءَ سڀ جنسار. جبل، نديون ۽ چشما، لاهه، سمنڊ، تلاءَ ۽ ڍنڍون، واهه، برف، ڳڙا سڀ ڌارو ڌار، جوڙيا سائينءَ سڀ جنسار. اڀ ڏي ٿوري نظر ڪريو، سج چنڊ تي پڻ ڌيان ڌريو، سهڻي تارن سندي قطار، جوڙيا سائينءَ سڀ جنسار. راتين پٺيان ڏينهن اچن، جهڙن پٺيان روز روشن، ڪڏهن چانڊوڪي ڪڏهن ڪار، جوڙيا سائينءَ سڀ جنسار. جڳ جو چرخو عجب چلي، سڀڪو چئي ٿو بَلي بَلي، ڪري نه قُدِرَتَ وارا ڪِشِنچَندُ 'بيوس سَڀُ ڪَنِ تُنۡهِنۡجِي ساراھَ قُدِرَتَ وارا! نِرِمَلُ جوتِي نُورَ نَظارا! ڪوٽانۡ ڪوٽِ بَڻايَئي ڌَرِتِيُونۡ سَهَسينۡ سِجَ، چَنڊرَ، تارا، ڪَتِيُونۡ، جِنِجو اَنتُ نَه پارُ آ قُدِرَتَ وارا گُلَنِ اَندَرِ سُرَهاڻِ ڌَرينۡ ٿو مِوتِنِ سانۡ مَهَراڻُ ڀَرينۡ ٿو هِيرا، لالَ هَزارا قُدِرَتَ وارا! جَڏَهِنۡ وَڻَنِ کي واءُ لَڳي ٿو پَنَ پَنَ مانۡ پَرِلاءُ اَچي ٿو ڇِمِ ڇِمِ جا ڇِمِڪارا قُدِرَتَ وارا! چُهِنۡبَ چَتُنِ ۽ چِيهَنِ کولِي بُلبُل ڪويَلِ ٻولي ٻولِي مورَ نَچَنِ موچارا قُدِرَتَ وارا! عَجَبُ بَڻايَئي بِجِلِيُونۡ بادَلَ بُونۡدُونۡ بَرَس بَرَس ڪَنِ ٿاڌَلِ واڄَٽَ ڪَنِ وَسِڪارا قُدِرَتَ وارا! مُلڪُ مِڙِيوئِي مَندَرُ آھي، آڳو سَٿَجي اندَرِ آهي، ديهُنِ مَنجھِ دُئارا قُدِرَتَ وارا! ساھَ اَندَرِ جو ساھُ کَڄي ٿو، 'بيوَسِ' سائِينۡئَنۡ نادُ وَڄي ٿو، نَؤبَتِ نِينۡهَنۡ نَظارا قُدِرَتَ وارا! مٺڙا گهوڙا ﻣﭡڙﺍ ﮔﻬﻮڙﺍ ﺍﻭﺭﻱ ﺁءُ ﺧﻮﺏ ﺧﻮﺷﻲءَ سان داڻو ﮐﺎءُ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻨﻬﻦ ﺗان ﻻﻫﻪ ﻟﻐﺎﻡ ﺗﺎﺯﻭ ﮔﺎﻫﻪ ﻫﻠﻲ ﭼﺮ ﺟﺎﻡ ﺟﺘﻲ ﭼرڻ ﻻءِ ﺁﻫﻲ ﮔﺎﻫﻪ ﺍﺗﻲ ﻭﻫﻲ ﭤﻮ ﺳﻬﮣﻮ ﻭﺍﻫﻪ ان ﻭﺍﻫﻲ ﻣﺎن ﭘﺎﮢﻲ ﭘﻲءُ ﮂءُ ڪﺮﻱ ﺗﻮﻥ ﮔﺪ-ﮔﺪ ﭤﻲءُ ﺟڏﻫﻦ ﺷﺎﻡ ﺟﻮ ﻭﭴﻨﺪﺍ ﭘﻨﺞ ﺗﻮﺗﻲ ﻭﺟﻬﻨﺪﺱ ﺳﻬﮣﺎ ﺳﻨﺞ ﺳﺌڊﻝ ﺗﻲ ﻣﺎﻥ ﭤﻴﺎﻥ ﺳﻮﺍﺭ ﺗﻮﻥ ٽپ ٽپ ٽاﭘﻲءَ ﺗﻲ ﺗﻴﺎﺭ ﺗﻮڙﻱ ﻫﭣ ۾ ﭼﻬﺒڪ ﮐﮣﻨﺪﺱ ﻣﭡڙﺍ ﺗﻮﮐﻲ ﻣُﻮرُ ﻧﻪ ﻫَﮣﻨﺪﺱ ﺟڏﻫﻦ ڏﺳﻴﻦ ڪﻲ ﻧﻨﮃڙﺍ ﭔﺎﺭ ﻫﻠﻨﺪﻱ ﻫﻠﻨﺪﻱ ڪﺞِ ﻫِﮣڪﺎﺭ ﭔﺎﻟڪ ﭼﻮﻧﺪﺍ ڊﻭڙﻭ ڊﻭڙﻭ ڏﺳﻮ ڪِڪﻲ ﺟﻮ ﺳﻬﮣﻮ ﮔﻬﻮڙﻭ ﺁئون ﻧﻪ ﭘﻮءِ ﻫﻨﻲ ﺗﻲ ﻭﻫﻨﺪﺱ ﺍﭜﻮ ﺭڪﺎﺑﻦ ﺗﻲ ﭤﻲ بيهندﺱ ﻫڪﻞ ڪﺮﻱ ﭼﻮﻧﺪﺱ ﺍﻱ ﭔﺎﺭﻭ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﮔﻬﻮڙﻭ ﺁﻫﻪ ﭜٽارو ﺍﭼﻮ ﺍﭼﻲ ﭜﻞ ﺷﺮﻁ ﭘﭵﺎﻳﻮﻥ ڊﻭڙﻱ ڊﻭڙﻱ ﺁڳ ڪﮃﺍﻳﻮﻥ ﻫﺮ ڪﻮ ڊﻭڙﻱ ﺳﺎﮢﻮ ﭤﻴﻨﺪﻭ ﮔﻬﻮڙﻭ آڳ کٽڻ نه ڏﻳﻨﺪﻭ! پکيءَ جي پُڪارَ تازو تـَري اچي ٿو دل تي اُهو زمانو، جنهن ۾ اَڏيو اَجهو مون، آزاد آشيانو، لامُن تي لوڏَ منهنجي، شاخن تي شادمانو، غُنچن گـُلن ڦـُلن تي، منهنجو هو خاص گانو، موجود ۽ مُيسر هو سيرُ آسماني، چهري تي ٿي خوشيءَ جي نروار ٿِي نشاني. سهڻو صبح سَمو مون گلزار ۾ گذاريو، مُکڙين کي هير ايندي ٿي ننڊ مان اُٿاريو، نازڪ گلن ڦلن کي مُنهن ماڪ ٿي ڌئاريو، ڌرتيءَ جي فرش کي ٿي سبزيءَ کُلي سنواريو، منهنجو اٿڻ، اڏڻ هو پنهنجي وڏي ولر سان، خوش هوس پنهنجي پر ۾ گَد گَد گذاري گهر سان. ڪافي نہ قُوت منهنجي ٿورن ڪچن ڪڻن تي، آزاد ٿي وڃي جي ويهي رهان وڻن تي، چوڳي لئه چهنب منهنجي شايد پوي مڻن تي، خوراڪ آهه خاصي گهاٽن ڇُڳن گهڻن تي، وٺندو وتان خوشيءَ سان مٺڙي هوا چمن جي، مون کي پَڻي پياري پنهنجي پرين وطن جي. وڇڙي وطن وَلَر کان هي حال ٿي رهيو آ، دل غم کي پي رهي آ، غم دل کي پي رهيو آ، جيڪس هي جسم جنسي بي جان جي رهيو آ، هيڻن هڏن بنا ٻيو باقي نه ڪي رهيو آ، پڃري جو قيد مون لئه موجن جو ماڳ ناهي، هيءَ دانهن آهي دردي، آلاپ راڳ ناهي. آجو رهي ٿو ماري ڪيئن پاڻ موج ماڻي، ليڪن نه مون پکيءَ تي ٿو ترس ڪو به آڻي، آزاد جنهن گذاريو سو قيد مان نه ڄاڻي، بانديءَ جي حال دل جو باندي رڳو پڇاڻي، آزاد مون کي ڪر تون او قيد ڪندڙ سائين! مون بي زبان جي ”بيوس“ آسيس کٽ سدائين! غريبن جي جهوُپڙي * جا آهه جائداد نه ورثي وبالَ کان، ٿيندي نه زير بار جا گرويءَ جي خيال کان، اونو نه جنهن کي آهه ڪو جوکي جنجال کان، هلڪي رهي جا هانوَ تي سولي سنڀال کان، جنهن ۾ غرور زر نه سراسر سگهي گهڙي- اَلا! جهُري مَ شالَ غريبن جي جهوپڙي! * جا ونئن وڃي ٿي چيز ڪنهن نازڪ نفيس کان، آجي رَهي جا اوچ گذاري جي ريس کان، پڻ ٿي پناهه ۾ رهي حاسد حريص کان، ڌاري نه خاص خوف ڪو خوني خبيث کان، بي ڪُرف ۽ ڪَڙي رهي سوگهي صندوقڙي- اَلا! جهُري مَ شالَ غريبن جي جهوپڙي! * ڇانگي ڇَنو اڏيائون جو لامن لکن منجهان، سارو اجهو سٽيائون، پراڻن پکن منجهان، ڪاڍو ڪڍيائون ڪڙٻ جي ڪانن ڪکن منجهان، پورهيو پٽيائون پاڻ ۽ سرتن سکن منجهان، مفتي مدد تي آيا مچي مڙس ٿي مِڙي- اَلا! جهُري مَ شالَ غريبن جي جهوپڙي! * جنهن تي نه نقشِ ساز کي ڪو ناز ٿو رهي، رازو، ڊکڻ نه جنهن تي ڪو لوهار ٿو وهي، چوني، پٿر يا سر جو نه سر بار ٿو رهي، ”محصول جاءِ“ ڳاهه جي هيٺان نه جا ڳهي، مسواڙ بي مهار جي آهي نه جا پِڙي- اَلا! جهُري مَ شالَ غريبن جي جهوپڙي! سج، چنڊ واجهه ٿو وجهي جنهن جي وٿين منجهان، تِرڪيو اچن ٿا ترورا تارن ڪتين منجهان، ڀڻڪا ڪندي ڀڄي هوا جنهن جي ڀتين منجهان، ڇڻڪار مينهن ٿو ڪري ڇٽڪي ڇتين منجهان، قدرت سندي ڪمال، صحت لاءِ سوکڙي- اَلا! جهُري مَ شالَ غريبن جي جهوپڙي! * جنهن ۾ جشن مچي، مٺي ڍوڍي جوار تي، سادو گذر وجهي نه طبيبن تنوار تي، پورهيو وجهي ٿو واڌ وڏيري ڄمار تي، غالب پوي نه حرص خوشيءَ جي خمار تي، ”بيوس” جتي جلائي نه چنتا جي چوچڙي اَلا! جهُري مَ شالَ غريبن جي جهوپڙي! (سرءُ، ۱۹۵۵ع) گيت ڌڻيءَ جا گڏجي ڳايون گيت ڌڻيءَ جا گڏجي ڳايون! جو ٿو ٿڌڙا مينهن وسائي، باغن ۾ جو انب پچائي، ويس گلن کي جو پهرائي ان پچائي، گاهه اپائي، عرش ۾ جو تارا ٽمڪائي تنهن مالڪ کي سڀ ساراهيون، گيت ڌڻيءَ جا گڏجي ڳايون! ڌڻيءَ جي وڏائي (حمد) ڏسي دنيا ۾ عجب نظارا، سائينءَ جي سگهه سمجهه پيارا، اڀ ۽ ڌرتيءَ تي اسرار، جوڙيا سائينءَ سڀ جنسار. وڻ ٽڻ ٻوٽا ڌڻيءَ اپايا، قسمين قسمين پن بنايا، گل ڦل ميوا ڪئين گلزار، جوڙيا سائينءَ سڀ جنسار. جبل، نديون ۽ چشما، لاهه، سمنڊ، تلاءَ ۽ ڍنڍون، واهه، برف، ڳڙا سڀ ڌارو ڌار، جوڙيا سائينءَ سڀ جنسار. اڀ ڏي ٿوري نظر ڪريو، سج چنڊ تي پڻ ڌيان ڌريو، سهڻي تارن سندي قطار، جوڙيا سائينءَ سڀ جنسار. راتين پٺيان ڏينهن اچن، جهڙن پٺيان روز روشن، ڪڏهن چانڊوڪي ڪڏهن ڪار، جوڙيا سائينءَ سڀ جنسار. جڳ جو چرخو عجب چلي، سڀڪو چئي ٿو بَلي بَلي، ڪري نه ڪوئي سگهي شمار، جوڙيا سائينءَ سڀ جنسار. ڦوڪڻو ڦوڪي ڦاڙ نه ڦوڪڻو منهنجو آهي ملوڪڻو ڦاٽي پوندو، سبي نه سگهبو کوئنر لئيءَ سان لنبي نه سگهبو ٽنڪر ڏيندو ٽوٽڻو ڦوڪي ڦاڙ نه ڦوڪڻو نرم ڏسين ٿو ڪهڙو آهي جنسي ريشم جهڙو آهي هلي هوا ۾ ڌوڪڻو ڦوڪي ڦاڙ نه ڦوڪڻو خالي آهي کلڙيءَ جهڙو منهن وٽ آهي، نلڙيءَ جهڙو جنهن کي چئجي چوپڻو ڦوڪي ڦاڙ نه ڦوڪڻو ڦوڪڻ سان هي گولو بڻندو ڇڏي ڏيڻ سان سيٽي هڻندو ڪُوڪُو ڪندو ڪُوڪڻو ڦوڪي ڦاڙ نه ڦوڪڻو منهنجو آهي ملوڪڻو ڦوڪي ڦاڙ نه ڦوڪڻو ڪاغذ جي ٻيڙي آيو پاڻي ليٽ ڪري ڪاغذ جي هي ٻيڙي تري ڪاريگر جي ڪاڻ نه ڪائي مون هيءَ پنهنجي پاڻ ٺاهي ڳن نه ڏيندي، ونجهه نه هڻندي منهنجي ٻيڙي بار نه کڻندي توڙي واءُ سڻائو گهلندو هن ٻيڙي جو سڙهه نه کلندو ڦوڪ ڏيڻ سان لهرون ٿينديون ٻيڙيءَ کي سي اڳتي نينديون بندر هاڻي اوڏو آهي ٻيڙي کيپ ڇڏيندي آهي ڪين ڪمائي ڀاڙو ڏيندي مفت ۾ ايندي مفت ۾ ويندي ڳوڙهو ڳوڙهن سان تنهنجي ڳانڍڙ منهنجو به خُون آهي سوداء سر ۾ تنهنجي، منهنجو جُنون آهي تنهنجي بهار کان ئي منهنجي چَمن ۾ چَهه ـ چَهه تنهنجي خزان تي منهنجي حالت زبُون آهي ويو رات کي اکين مان آرام موڪلائي! ڪنهنجو ڪچو ڪنن تي پئڙو پرون آهي هي حال دل جو ”بيوس“ تون پاڻ تان سهي ڪر! آٿت جو آهه تو لئه، مون لئه ستُون آهي!!!! (مصطفا انڙ جي فيسبڪ وال تان ۲۵ فيبروري ۲۰۲۴ع تي کنيل)
راشد مورائي دل جو شهر غلام حسين خاصخيلي ’مان باغي هان، مان باغي هان‘ سنڌي ٻولي جو ناميارو شاعر راشد مورائي جنهن کي باغي شاعر به سڏيو وڃي ٿو. راشد مورائي جي شاعريءَ ۾ سنڌ وطن سان محبت سان گڏوگڏ سنڌ جي حسن ۽ سنڌ ۾ ماڻهن جي مسئلن تي سندس شاعري ۾ گهڻو ڪجهه ملي ٿو. شاعر قومن جا عظيم هيرو هوندا آهن، انهن عظيم شاعرن ۾ راشد مورائي جو نالو به تاريخ ۾ سونهري لفظن سان هر وقت ياد رکيو ويندو. شاعر راشد مورائي وڏي دليريءَ سان شاعري لکندو رهيو. سندس شاعريءَ جي آواز کي سنڌ جي فنڪارن انهن ماڻهن تائين شاعريءَ کي پهچايو، جتي ڪتابي صورت ۾ شاعريءَ کي اُهي ماڻهو پڙهي نٿا سگهن، جيڪي اڻ پڙهيل آهن. سنڌ جي يڪتاري ۽ چپڙي جي مشهور فنڪار جلال چانڊيو جنهن کي شهر توڙي ٻهراڙي جا ماڻهو ڪنهن دور ۾ وڏي چاهه سان ٻڌندا هئا ۽ موجوده ڪمپيوٽر واري جديد دور ۾ جلال چانڊيو جا ڳايل ڪلام موبائل فون يا ڪمپيوٽر تي ٻڌڻ لاءِ ملن ٿا، پر نوجوان نسل جلال چانڊئي کي گهٽ ٻڌي ٿو. پڙهيل لکيل ماڻهو جلال چانڊيو ڀلي نه ٻڌن پر اڄ به ٻهراڙي ۾ ٻڪريون چاريندڙ ڌنار کان ويندي ٻنيءَ ۾ ڪم ڪندڙ هاري اڄ به وڏي چاهه ۽ محبت سان جلال چانڊيو جي آواز ۾ سنڌ جي شاعرن جا ڪلام ٻڌن ٿا. راشد مورائي پنهنجي شاعري جلال چانڊئي جي آواز ۾ به رڪارڊ ڪرائي ۽ سندس اُها شاعري جهرجهنگ ۾ ٻڌي وئي. راشد مورائي سان منهنجي ملاقات اُن وقت ٿي جڏهن اڄ کان ۲۰ سال اڳ سنڌي ادبي سنگت سڪرنڊ جو سيڪريٽري چونڊجي آيس ۽ مون راشد مورائي کي هڪ ادبي پروگرام جي دعوت ڏيڻ لاءِ سندس شهر موري پهتس. راشد مورائي سان موري ۾ ملاقات ٿي ۽ کيس ادبي پروگرام جي دعوت ڏنم. راشد مورائي ملڻ ۾ تمام محبت ڪندڙ ۽ پيار ڪرڻ وارو ماڻهو هو. راشد مورائي کان جڏهن مون اهو پڇيو ته آئون پنهنجو هڪ گيت جلال چانڊئي جي آواز ۾ ڳارائڻ چاهيان ٿو، جنهن تي راشد مورائي دير ئي نه ڪئي ۽ پاڻ اهو چيائين ته جلال چانڊيو اُهو ماڻهو آهي جيڪو ڪنهن به شاعر کي واپس ناهي ڪندو. سندس اُهي جملا ٻڌي جلال چانڊئي سان منهنجي ملاقات ٿي ۽ کيس هڪ گيت لکي ڏنم ۽ اُهو گيت جلال چانڊيو ڳايو: ”دلبر دلبر ڪيڏانهن وئين، ڪو نه آئين ڪو نه آئين.“ اهو ڪلام مون جڏهن رڪارڊ ڪرايو ۽ محفلن ۾ جلال چانڊئي ڳايو ته منهنجي ڪافي حوصلا افزائي ٿي وئي. راشد مورائي جو آئون وڏو احسانمند آهيان، جو سندس اهڙي ڏس تي جلال چانڊئي کان ڪلام ڳارائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس. راشد مورائي پنهنجي ڌرتي سان سچو پيار ڪرڻ وارو املهه ماڻڪ شخص هو. راشد مورائي جنهن جذبي سان دليري سان، بهادري سان شاعري لکندو رهيو. اُن دليريءَ تي سنڌ جا ماڻهو به کيس وڏي محبت ڏين ٿا. راشد مورائي جنهن سنڌ کي شاعريءَ وسيلي گهڻو ڪجهه ڏنو، پر وڏي افسوس سان لکڻو پوي ٿو ته راشد مورائي ڪافي ڏينهن کان ساهه جي تڪليف سبب بيماريءَ جي بستري تي موجود هو. راشد مورائي موري کان نوابشاهه جي پيپلز ميڊيڪل اسپتال ۾ علاج لاءِ داخل هو ۽ اُتي سندس طبيعت وڌيڪ خراب ٿي وئي ۽ سندس پٽ راشد مورائي کي حيدرآباد جي ٿڌين هوائن واري شهر جي اسپتال راجپوتانه کڻائي آيا. حيدرآباد جي ان خانگي اسپتال ۾ راشد مورائي علاج هيٺ رهيو، پر سنڌ جا اُهي ادارا جن جي مٿان اُها ذميواري آهي، ته اُهي شاعرن جي پرگهور لهن، شاعرن جو علاج ڪرائين، انهن راشد مورائي لاءِ ڪجهه به نه ڪيو. زندگي ۽ موت ته خدا جي هٿ ۾ آهي. گهٽ ۾ گهٽ انهن ادارن کي ايترو ضرور ڪرڻ گهرجي ها ته راشد مورائي کي علاج لاءِ حيدرآباد کان ڪراچي جي ڪنهن وڏي اسپتال ۾ منتقل ڪيو وڃي ها ۽ سندس صحيح نموني سان علاج ٿئي ها ته شايد اڃان ڪجهه ڏينهن راشد مورائي جسماني طور اسان وٽ موجود هجي ها. پر هاڻ راشد مورائي جسماني طور اسان کان ايترو پري هليو ويو آهي، جو هاڻ راشد مورائي سان ڪا به ملاقات نه ٿي سگهندي. بس راشد مورائي جون يادون ۽ سندس شاعري اُن وقت تائين موجود رهندي جيستائين هي ڪائنات موجود آهي. راشد مورائي جون هيءَ شاعريءَ جون سٽون اندر ۾ ائين لهي وڃن ٿيون ۽ انهن سٽن کي ڳائڻ يا پڙهڻ سان آسمان تي ڪارن ڪڪرن جي ڪارونڀار سامهون اچي وڃي ٿي. دل جي ويران رڻ تي ڪڪر بانورا ٿورڙو ئي وسين ها ته ڇا ٿي پوي ها. راشد مورائي دل جي ڳالهه ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن ڪارونڀار ڪندڙ ڪڪرن کي به مخاطب ٿئي ٿو ۽ ان شاعريءَ جون تشبيحون جيڪڏهن ٿرپارڪر جي اُڃايل ڌرتيءَ سان ٺهڪي اچن ٿيون ته ڪڪر جيڪڏهن ٿر جي وارياسي ڀٽن مٿان وسي پون ها ته ڇا ٿي پوي ها. راشد مورائي بيماريءَ جي حالت ۾ به پنهنجي علاج لاءِ ڪنهن کي به ڪا اپيل نه ڪئي. هو باقاعده دلير شاعر هجڻ سان گڏوگڏ زندگيءَ کي الوداع ڪندڙ دلير ماڻهو هو. بيماريءَ جي حالت ۾ به گهٻرائڻ وارو نه هو، راشد مورائي حيدرآباد جي خانگي اسپتال ۾ بيهوشيءَ جي حالت ۾ آءِ سي يو ۾ داخل هو. آئون جڏهن کيس ڌسڻ ويس ته مون کي لڳو ته راشد مورائي ڪنهن جي به اڳيان جهڪڻ وارو ماڻهو ناهي. راشد مورائي جون اکيون اهو ئي چئي رهيون هيون ته: ”مان باغي هان، مان باغي هان، تون مارڻ چاهين ٿو، مان باغي باغي هان، مون سان ڪئين باغي آهن“ راشد مورائي پنهنجي ضمير ۾ مطمئن هو، راشد مورائي کي سنڌ ۽ سنڌي قومي تي فخر هو. ان کي سنڌي قوم سان تمام گهڻو پيار هو. راشد مورائي نوابشاهه جي اسپتال ۾ بيماريءَ جي بستري تي سندس آخري لفظ به اُهي هئا ته آئون پنهنجي ضمير مان مطمئن آهيان آئون موت سان مرڪندي مرندس. واقعي راشد مورائي جيئن دليريءَ سان شاعريءَ ۾ حقيقت لکي آهي، تيئن حقيقي زندگيءَ ۾ به دلير شخص هو. راشد مورائيءَ جي پروفائيل تي نظر وجهنداسين ته پاڻ ۵ مارچ ۱۹۴۴ع ۾ ڳوٺ جوڻا لوئي تعلقي مورو ۾ پيدا ٿيو. ۱۹۵۷ع ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪئي ۽ پاڻ پرائمري ماستر هو. راشد مورائي قومي شاعر طور مشهور ٿيو. سندس ڪيترائي شعر مشهور آهن ”مان ڇا ڪريان“ سندس طويل نظمن جا عنوان آهن. ”مان به هڪڙو ماستر آهيان“ اهڙي طرح راشد مورائي جا ڪتاب ”سنڌڙي جو سوداءُ“، ”ميندي سدا گيت“، ”دل جو شهر“، ”گيت غزل ڪافيون“ ۽ نثر جو هڪ ڪتاب ”جهڙي آيس جيئن“ وڏي مڃتا حاصل ڪئي. راشد مورائي کي زندگيءَ ۾ تمام گهڻا ايوارڊ مليا ۽ سمورن فنڪارن سندس گيتن کي ڀرپور نموني سان ڳايو. راشد مورائي ڪتاب ”دل جو شهر“ عنوان ائين لڳي ٿو ته راشد مورائي دل جو شهر اُهو آهي، جنهن ۾ شاعري جون سٽون هر وقت سنڌ ڌرتي، ماروئڙن جو درد ۽ محبت عشق سمايل هو. خاموش ٿو رهان مگر راشد ڪڏهن ڪڏهن رکيل مورائي هو ڪالهه شام آخري هڏڪي ڏئي، اسان سڀني کان موڪلائي ويو. جيتوڻيڪ سندس موڪلائڻ جو وقت نه هئو. اڃا ته هن پنهنجي گيتن جي ساڀيان واري آزاد ۽ خوشحال سنڌ به نه ڏٺي هئي، جنهن جي آجپي لاءِ هن نه رڳو پنهنجي سڄي شاعري ارپي هئي، پر جنهن جي آجپي لاءِ سموري زندگي عملي طور به وڙهندو رهيو ۽ ان ئي آجپي لاءِ هو چيئن بيمارين ۾ ورتل هوندي به موت سان مهاڏو اٽڪائي وڙهندو رهيو ها! هو ڪالهه موت کان پنهنجي ويڙهه هارائي ويو پر هن آڻ نه مڃي، شايد موت اهڙو ويڙهاڪ آهي جنهن کان ڪو به کٽي نه سگهيو آهي. ائين هو به ان کان کٽي نه سگهيو پر اهڙو ويساهه ضرور ٿئي ٿو ته هن آخري گهڙيءَ تائين آڻ نه مڃي هوندي ۽ آخري گهڙي اهو ضرور سندس چپن تي آيو هوندو ته: مون ٻڌو آ ته اڄ هو پڇڻ ٿو اچي، موت ٽارو ڪرين ها ته ڇا ٿي ٿيئي. موت ٽارو نه ڪيو ۽ ساڻس ويڙهه ۾ هو هارائي ويو، جڏهن ته هن زندگيءَ ۾ پنهنجي اصولن ۽ آدرشن لاءِ ڪا به آڻ نه مڃي، ڪو به ڪمپرمائيز نه ڪيو، پاڻ ۾ ڪا به لچڪ نه آندي، سندس ان سخت گيريءَ کيس ڪيترن موقعن تي اڪيلو به ڪيو هوندو پر هن پنهنجي ٻاهران ڪڍيل اصولن جي لڇمڻ ريکا کي ڪڏهن به پار نه ڪي ڪيو. سنڌ سان سدائين دلي توڻي دماغي طور جڙيل هن شخص جو نالو راشد مورائي هئو. مورو سندس ڪرم ڀومي هئي، جنهن کي هن جنم ڀوميءَ جي مڃتا ڏئي، پاڻ کي مورائي سڏرايو، ۽ موٽ ۾ موري جيڪو هن کي مان بخشو اهو سڄي سنڌ جي محبتن تي ڦهليل آهي. سائين راشد، پنجين مارچ اوڻيهه سئو چوئيتاليهن ۾ سنڌوءَ جي ساڄي ڪناري تي دادو ۽ موري جي وچ تي چوڻالوءِ نالي ڳوٺ ۾ جنم ورتو، اوڻيهه سئو ستر واري ڏهاڪي جي وڏي ٻوڏ ۾ سنڌو درياهه ان ڳوٺ کي پنهنجي وهڪري ۾ آندو ته سائين راشد مورو اچي وسايو ۽ پوءِ آخري گهڙيءَ تائين مورائي ٿي رهيو، سندس مورائي سڏائڻ پويان جنهن شخص جو عمل آهي اهو سائين ناصر مورائي آهي. سائين راشد، شاعر ابن شاعر هئو، سندس والد صاحب سيد سعيد علي خادم ”پنهنجي دور جو قادر الڪلام شاعر هئو، سندس ٻئي وڏا ڀائر، سيد روشن علي شاهه ”روشن“ ۽ ”معصوم علي شاهه“ ”نماڻو“ پڻ شاعر هئا. ان ڪري ائين چئي سگهجي ٿو ته هو ڄائي ڄم کان شاعر هئو. هن شاعريءَ جي علم جي الف بي پنهنجي والد سائين سعيد علي شاهه خادم کان سکي، انهيءَ وٽان هن شاعريءَ جا ديوان، پڙهيا، شعوري عمر هو هڪ وقت ذوالفقار علي ڀٽيءَ کان متاثر رهيو، اڳتي هلي. جڏهن سندس قومي تحريڪ جي سرواڻ سائين جي ايم سيد جي سن جو پاڻي پيتائين ته سڄي عمر اهو ئي سندس رت سان گڏ گردش ڪندو رهيو، هو اڳتي هلي سنڌ جو باغي شاعر سڏيو ويو، قومي تحريڪ سان عملي طور ڳنڍيل هجڻ سبب شعوري طور ڪڏهن به مايوسيءَ کي ڀرسان اچڻ نه ڏنائين سندس سٿ جي شاعرن ۾ استاد بخاري، ابراهيم منشي، سرويچ سجاولي ۽ محمد خان مجيدي ڳڻي سگهجن ٿا. سنڌ جي قومي تحريڪ سان جڙيل هجڻ ڪري هن سنڌ جي قومي اسٽيج کي جيڪا جلا بخشي اها تاريخ جي صفحن ۾ محفوظ آهي، هن جا شعر قومي تحريڪ کي روشني ڏيندا رهيا. جڏهن هو اسٽيج تي شعر پڙهندو ته هجوم مان آڳ جا الا اٿندي ڏسبا هئا، سندس مشهور نظر مان، مان باغي هان مان باغي هان، جن به اسٽيج تي شعر پڙهندي ڏٺو ۽ ٻڌو هوندو اهو کيس ڪڏهن به وساري نه سگهندو. هو سنڌي ادبي سنگت سان به آخري گهڙي تائين جڙيل رهيو نه رڳو پاڻ جڙيل رهيو، پر کانئُس پوءِ ايندڙ نئين نسل کي هن جيڪو اتساهه ڏنو ۽ جيڪا رهبري ڪئي، اها اسان سڀني لاءِ اڄ به اوتري اهم آهي جيتري تڏهن هئي. هن ادب جي حوالي ۾ شاعريءَ سان گڏ ڪهاڻيون به لکيون مضمون ۽ مقالا به لکيا ته لڳاتار پنهنجي ڊائري به لکندو رهيو، پوين ڏينهن ۾ خبر ناهي ته هو ڊائري لکندو هئو يا نه پر سندس عادتن مان هڪ اهم عادت ڊائري لکڻ به هئي، ڪنهن وقت هو پن جي ٻيڙي ٿيندو هئو پر آخري ڏينهن ۾ هن اها به ڇڏي ڏني هئي. شهيد عبدالرزاق سومري جي شهادت کان پوءِ سندس نالي سان سان ادبي سنگت جوڙيائين جنهن پاران ڪيترائي ڪتاب ڇپيا سائين قاضي نذير صاحب سان گڏجي موري مان ”باک“ نالي پبليڪيشن جاري ڪئي. جنهن جا ڪيترائي پرچا ۽ ڪتاب نڪتا، ائين سائين راشد سنڌي ادب کي جيڪي ڪتاب ڏنا آهن انهن ۾ ۱ سنڌڙيءَ جو سوداءُ (شاعري) ۲ منڊيءَ سندا گيت (شاعري) 3 دل جو شهر (شاعري) ۴ ديوان راشد (شاعري) ۵ درد ۾ دلجوئي (شاعري) ۶ شعلا شعلا واءَ ۾ (شاعري)۷ ڪافيون گيت غزل (شاعري) 8 پاڻيءَ تي پهرو (ڪهاڻيون) ۹ اڳتي تاڻ امنگ جي (مضمون) ۱۰ خط خوشيءَ مان کول (خط) شامل آهن ۽ لڳ ڀڳ ايترائي ڪتاب سندس اڻڇپيل پڻ آهن، جيڪي ڇپجڻ جي اوسيئڙي ۾ آهن. هاڻ فقط ڪتابن کي اوسيئڙو رهندو، ڇاڪاڻ ته انهن جو ليکڪ سڀئي اوسيئڙا ڇڏي، پاڻ آجو ٿي ويو. پر سنڌ سندس گيتن کي ڪڏهن به نه وساري سگهندي. اڳتي هلي جڏهن به سنڌ پنهنجو پراڻو مان مرتبو ماڻيندي، پنهنجو آجپو ماڻيندي، پنهنجو وقار ماڻيندي، ته ان جي ٿيل جدوجهد ۾ جن ماڻهن کي اعليٰ اعزازا سان نوازيو ويندو انهن ۾ سائين راشد مورائيءَ جو نالو فهرست جي پهرين نالن ۾ شامل هوندو. اهڙي پڪ آهي ڇاڪاڻ ته تاريخ ڪنهن سان به ناانصافي نه ڪندي آهي. جيستائين ائين ٿئي تيستائين فقط اهو احساس آهي ۽ جنهن ۾ هڪ ڏوراپو به آهي جيڪو سائين راشد مورائي جي لفظن ۾ آهي. مون ارادو ڪيو هو پڪو مرڻ جو، شوق جاڳي پيو آ وري جيئڻ جو، مون ٻڌو آ اڄ هو پڇڻ ٿو اچي، موت ٽارو ڪرين هان ته ڇا ٿي ٿيئي. دِل جي ويران رڻَ تي ڪَڪر بانورا....! راجا رشيد ڪنڀر/کپرو ۰۵ مارچ ۱۹۴۴ع ۾ سنڌو درياءَ جي کاٻي ڪپ تي قائم پُرڻ پتڻ لڳ ڳوٺ جوڙالو ۾ سعيد علي شاهه ”خادم“ جي گهر ۾ اک کوليندڙ راشد علي شاهه لکي پڙهي نه رڳو هڪ اُستاد ٿي پاڻ مڃرايو پر پاڻ ادبي کيتر ۾ به وڏو نانءُ ڪمايو. مَٿس ڪَلا جي ديوي هميشه مهربان رهي. دل جو شهر، شعلا شعلا واءُ ۾، ديوان راشد، اڳتي تاڻ اُمنگ جي، درد ۾ دل جوئي، خط خوشيءَ مان کول، ڏات جو ڏيهه، راشد جي رهاڻ ۽ پاڻيءَ تي پهرو“ سميت هڪ درجن کن شاعري، نثر، مقالا، انٽرويو ۽ خطن تي مشتمل ڪتاب لکيائين. قومي نظرئي سان سَلهاڙيل هِي ارڏو انسان ڄڻ سنڌ سان محبت جي علامت بڻيل هو، تڏهن ته پُٽڙن جا نالا به سرمد (جيڪو ڪجهه سال اڳ وڇڙي ويو)، شاهه لطيف ۽ جي ايم سيد رکيائين. راشد مورائي هڪ سُٺو اُستاد، بهترين نثر نويس، باغي قومي شاعر، هڏ ڏوکي سماجي اڳواڻ هجڻ سان گڏوگڏ مهمان نواز پڻ هو، سندس اوطاق تي هر وقت مهمانن جي اچ وڃ هوندي هئي. حيدر بخش جتوئيءَ جي هاري تنظيم جي دورن دوران اسٽيج تي اهڙي نموني ٿي هن جابرن کي للڪاريو، جو کيس اُن وقت باغي شاعر جو لقب ڏنو ويو. علمي، ادبي گهراڻي سان تعلق رکندڙ راشد جو والد سعيد علي ”خادم“، ڀاءُ روشن علي شاهه، معصوم علي شاهه پڻ شاعري سَرجيندا رهيا پر جيڪا راشد کي شاعريءَ ۾ موٽ ملي، اها سنڌ جي گهٽ شاعرن کي نصيب ٿي هوندي. شمشير الحيدري ۽ تنوير عباسيءَ جي همعصر هن شاعر جي شاعريءَ ۾ مزاحمت ۽ انقلاب سان گڏ پيار، پاٻوهه، ميٺ ۽ محبت پڻ سمايل آهي. ايم آر ڊي جي تحريڪ ۽ ون يونٽ واري دور ۾ انقلابي شعرن جو هِي سرجهڻار، سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري پڻ رهيو. سندس شاعري ڪيترن ئي ناليوارن راڳين ڳائي ڳائي آهي. مزاحمت جي علامت بڻيل هن شاعر سنڌ جي حقن جي هر تحريڪ ۾ حصو ورتو. ”پرو“ جي حلوي، هادي جي ”ڇولن“، ”غفاري“ جي مٺائيءَ واري شهر موري جي راشد کي ساهه جي تڪليف سان گڏ سائي، شگر ۽ فالج جو پڻ حملو ٿيو، نوابشاهه جي اسپتال بعد کيس حيدرآباد جي هڪ اسپتال ۾ علاج لاءِ آندو ويو، سندس طبعيت بهتر ٿيڻ بعد وري اوچتو خراب ٿي وئي ۽ کيس آءِ سي يو ۾ داخل ڪيو ويو. لکين سنڌين جي مارچ ڏسڻ بعد جڏهن ڪالهه شهيد مقصود قريشيءَ ۽ شهيد سلمان وڌو جا مڙهه مِٽيءَ ماءُ حوالي ڪيا پئي ويا، ان مهل هن سنڌ جي مزاحمتي شاعر جي ساهه جي تند به ٽُٽي پئي، سندس شاعريءَ ڄڻ چيو پئي ته، مون ڏاڍ جا ڏونگر ڪٽي جا واٽَ آ ٺاهي، اُنَ واٽَ تا گذرين، ته مون کي ياد ڪندو ڪر، جو سبق سچائيءَ جو ڏنو آهه مون راشد، سو سبق جي سمجهين، ته مون کي ياد ڪندو ڪر. سندس لاڏاڻي جي خبر ٽي وي چينلز تي نشر ٿيڻ سان ئي سڄي سنڌ سوڳوار ٿي وئي، ”پيرن کي روڪجي، نيڻن کي ڇا ڪجي“ ڄڻ نيڻ اياڻا ٿي ٻوٽجي ويا. سنڌ هڪ وڏي اديب، شاعر ۽ ليکڪ کان محروم ٿي وئي. موري جي ملڪ ڪالونيءَ کان ويندي کير ٿر کان پارڪر تائين راشد مورائيءَ جي اوچتي لاڏاڻي تي هر ادب دوست انسان جي اک آلي آهي، سنڌ جي هن البيلي مزاحمتي باغيءَ جي موڪلاڻيءَ تي اسين سڀ سوڳوار آهيون، دعا آهي ته، رب پاڪ کيس جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر ۽ همت عطا فرمائي. مزاحمتي شاعر مررائيءَ جو وڇوڙو مصطفيٰ ملاح سنڌ جي مزاحمتي شاعر، خوددار طبيعت جي مالڪ راشد مورائي، جڏهن ۵ مارچ ۲۰۱۴ع تي پنهنجي ۷۰ هين سالگرهه موري ۾ گهر ڀاتين ۽ دوستن سان ملهائي رهيو هو ته، هن کي ڄڻ الهام ٿي ويو هو ته، هِيءَ سالگرهه هن جي زندگيءَ جي آخري سالگرهه آهي، هر ڪنهن مٽ مائٽ يار دوست سان سالگرهه واري ڏهاڙي تي ڀاڪر پائي ملي رهيو هو ۽ اهو ۵ مارچ وارو پورو ڏينهن هن مٽن مائٽن ۽ يارن دوستن سان مصروف گذاريو. مان سمجهان ٿو ته، اها هن جي سالگرهه جو يادگار ڏهاڙو هو پر سالگرهه جي هڪ هفتي کانپوءِ هِي اوچتو بيمار ٿي پيو ۽ هن کي نوابشاهه اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي هن جو ۱۰ ڏينهن علاج هلندو رهيو پر راشد مورائيءَ جو سئوٽ ڪمشنر حيدرآباد سيد جمال مصطفيٰ شاهه راشد مورائيءَ کي حيدرآباد جي اسپتال ۾ داخل ڪرائي اتي علاج ڪرائيندو رهيو، حيدرآباد ۾ صحت جي بهتري ڪونه آئي، گذريل ۵ ڏينهن کان بيهوش پيل هو ۽ آخرڪار هن ڪالهه اسپتال ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. راشد مورائيءَ سان گذريل ٽن سالن کان ملاقاتون ٿينديون رهيون، هو جڏهن به بيمار رهندو هو ته، ڪڏهن به سندس حڪومت کان سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ جو مطالبو ڪونه ڪيو. ٽي سال پهرين هن مونکي اهو ئي چيو هو ته، جيڪڏهن سنڌ سرڪار کي منهنجو ايترو ئي خيال آهي ته، پٽ شاهه لطيف کي نوڪري ڏين ۽ پوءِ ان وقت ڊي جي ثقافت کاتو مونس اياز، راشد مورائيءَ کان ڪاغذ گهرائي ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سسئي پليجو ڏانهن موڪليا، جنهن هن جي پٽ جو آرڊر جاري ڪيو....هڪ ڏينهن پهرين جڏهن منهنجي هن سان ملاقات ٿي، ته هن ڪنهن جي به شڪايت نه ڪئي، بلڪ سنڌ ۽ سنڌ واسين بابت ڳالهيون ڪندو رهيو، چيائين ته، سنڌ سدائين سُورن ۾ آهي، سنڌ واسين کي ڪجهه ڪرڻ گهرجي، سنڌ جي سينڌ سدائين سائي رهي، مان سنڌ جي سونهن سندرتا تي گيت لکندو رهان، سنڌو دريا سدائين مست رهي ۽ مان ان جي لهرن ۾ مڌر موسيقيءَ تي جهومندو رهان، هن کان جڏهن سوال ڪيم ته، زندگيءَ کان ڪهڙيون شڪايتون آهن؟ چيائين ته، ڪابه نه پر مون جيڪو به ڪم ڪيو آهي، ضمير مطمئن آهي، جيڪڏهن موت آيو ته ان جي خوشيءَ مان آجيان ڪندس. هاڻ ڪابه ڳڻتي نه آهي. راشد مورائيءَ جي زندگيءَ ۾ ڪيترائي لاها چاڙها آيا پر پاڻ ڪڏهن به زندگيءَ کان شڪايت نه ڪيائين. سندس زندگيءَ ۾ هن کي ٻن وڏن حادثن جهوري ڇڏيو هو، پهريون صدمو سندس نوجوان پٽ سرمد جو دبئي ۾ حادثاتي موت ٿيو، ان صدمي مان اڃا نڪتو ئي مس هو ته، مٿس ۲۰۰۹ع ۾ اڌ رنگ جو حملو ٿيو، جنهن کيس اپاهج ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر سندس همت ۽ حوصلي ان کي شڪست ڏني. سنڌ جي ڀلوڙ شاعر راشد مورائيءَ کي بيماريءَ دوران ثقافت کاتي جي وزير شرميلا فاروقي راشد مورائي جي پٽ شاهه لطيف سان فون تي سندس پِيءَ جي طبعيت پڇا ڪئي، هن کاتي پاران علاج لاءِ ۲ لک روپين جوچيڪ پڻ موڪليو هو. راشد مورائي سنڌ جو واحد شاعر هو، جنهن جي اوطاق تي هر مڪتبه فڪر جي ماڻهن جو ميڙو متل هوندو هو. قومپرستن سان پاڻ گهڻي ويجهڙائپ رکندو ته، اديبن شاعرن سان ته روزانو ڪچهريون معمول بڻيل هونديون هئس. موري شهر مان جيڪڏهن ڪوبه سنڌ جو شاعر اديب گذرندو هو ته، راشد مورائيءَ جي گهر جو پاڻي ضرور پي پوءِ اڳتي ويندو هو. پاڻ ڪڏهن به زندگيءَ مان مايوس نظر ڪونه آيو. راشد مورائي ۵ مارچ ۱۹۴۴ع تي سنڌو درياهه جي ڪپ ڀرسان ڪچي جي ڳوٺ جوڻالو تعلقو مورو ۾ جنم وٺندڙ راشد مورائيءَ جو اصل نالو سيد راشد علي شاهه آهي، سندس والد جو نالو سعيد علي شاهه آهي، سنڌي ٻولي ۽ شاهه لطيف جو سچو کاهوڙي، ڌرتيءَ سان ٿيندڙ ناانصافين ۽ مٽيءَ سان محبت کيس راشد مورائي بڻائي ڇڏيو، جيڪو پنهنجي شاعريءَ وسيلي سنڌ خلاف اٿندڙ هر ميري اک لاءِ ڪنڊو بڻجي ويو، صوفي منش انسان، طبيعت ۾ خوش اخلاق ننڍي توڙي وڏي سان هڪ جهڙي راشد مورائيءَ جي مزاحمتي شاعريءَ جو مزاج هر محاذ ۽ هر فورم تي ظاهر ٿئي ٿو، سن جي سائين جي ايم سيد سميت تمام قومپرست لڏي سان گهڻي ويجهڙائپ هئڻ سبب سنڌ جي هر ان درد کي هن پنهنجو سمجهيو. راشد مورائي تعليم ۾ بي ايڊ، ايم ايڊ ۽ ۱۹۶۱ع کان پرائمري استاد طور نوڪري ڪيائين ۽ ۲۰۰۴ع ۾ رٽائرڊ ٿيو، هن ۱۹8۲ع ۾ شادي ڪئي، کين ٽن پٽن ۽ ڇهن نياڻين جو اولاد آهي، هن جي ڪلامن جو تعداد 3۰۰ جي لڳ ڀڳ آهي، ۽ ۵۰ کان وڌيڪ هن جي ڪلامن کي فنڪارن ڳايو آهي، سندس ڇپيل لکڻين ۾ کوڙ ساري شاعري، ڪهاڻيون، مضمون ۽ خاڪا وغيره سنڌ جي تقريبن سنڌي رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجي چڪا آهن. راشد مورائي جي شاعري جو نظريو سجاد ظهير سائين راشد مورائي به وڇڙي ويو سائين راشد مورائي ڊگهي عرصي کان بيمار هيو، پر هو ان ڳالهه تي بيٺو رهيو ته ڪنهن به سرڪاري ڪاموري کي پنهنجي علاج واسطي اپيل ڪانه ڪبي. سندس سياسي نظريو سائين جي ايم سيد جي عدم تشدد واري پاليسي جو اپٽار ڪرڻ هو. سائين راشد سنڌ جي مختلف ٽهين جي نمائندگي ڪندو رهيو. سندس شاعري جو محور امن انسانيت ،جمهوريت ۽ سنڌ جي بقا هئي. هو انهن منجهان خاص ماڻهو هيو جن سائين جي ايم سيد کي ويجهڙائي سان ڏٺو. سائين راشد مورائي جي زندگي ۾ ڪيترا ئي لاها چاڙها ايندارهيا پر هو پنهنجن ارادن تي قائم ۽ دائم رهيو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ پهريون وار سنڌ ٻولي تي ٿيو اڳتي هلي ون يونٽ نالي ۾ ان طوفان جڏهن سنڌ جي وحدتن، تمندن ۽ ٻولين جي تڏا ويڙهه شرو ع ڪئي. سنڌين ان جي خلاف وڏي بغاوت ڪئي. سائين جي ايم سيد، باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي ۽ سنڌ جو آواز بڻيل شيخ اياز سنڌ جي دورن تي نڪري پيا سنڌ نالو لکڻ تي سڌو جيل هجي ان ويل مورو جي مين پرائمري اسڪول ۾ جيڪو جلسو ٿيو ان ۾ جيڪي بينر لڳل هئا انهن تي ”مورو سنڌ“ واضح طور لکيل هيو حيدر بخش جتوئي هڪ دم چئي ڏنو ته موري وارن ون يونٽ ٽوڙي ڇڏيو آهي. ان دور جي شاگرد ن قاضي نذير سليمان سولنگي ۽ عظيم سنڌي، سڪندر زمان جهڙن کوڙ سارن کي ان ڳالهه جي سڌ ضرور هوندي. سائين راشد به انهي مانڊاڻ ۾ شامل رهيو.شهيد عبدلرزاق سومرو کي جڏهن حيدر آباد جي ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ شهيد ڪيو ويو ته کيس سنڌي ٻولي جو پهريون شهيد قرار ڏنو ويو سموري سنڌ سڏڪي اٿي. شهيد عبدالرزاق جنهن جو جنم ڀومي مورو هو. هو اڄ به موري جي وچ چوڪ تي آرامي آهي سندس نالي ڪيل چوڪ پڻ ان قومي تحريڪ جي پيڙهه جي پٿر ۾ شمار ٿئي ٿو، راشد مورائي لاءِ عبدالرزاق سومري جي شهادت پڻ هڪ وڏو الميو هو. راشد مورائي ان واٽ کي اڳتي وڌائيندو رهيو. عبدالرزاق سومري جي ياد ۾ هر سال تمام وڏا ميڙاڪا ٿيندا رهيا. راشد وٽ موجودهه دور لاءِ انيڪ سوال هئا. سنڌ جا اهڙا ڪردار ۽ بي مثال شاعر جيڪي خود راشد لاءِ اتساهه جو باعث رهيا انهن ۾، شيخ اياز، شمشير الحيدري محمد خان مجيدي، ابراهيم منشي، ڊاڪٽر تنوير عباسي، استاد بخاري ۽ عبدالحڪيم ارشد سرفهرست هئا ڇاڪاڻ جو انهن جو محور سنڌ هئي .مختلف ڪچهرين دوران هو ان نتيجي تي پهتو هيو جنهن جو اظهار هو ڪندو رهيو ته هن وقت سواءِ نعري بازي جي ڪابه شاعري نه آهي. هن وٽ شاعري جا معيار بين الاقوامي تحريڪن مطابق هئا هوءُ سمجهي پيو ته جيستائين سنڌ ڀوڳي پئي ايستائين انقلابي شاعري ۽ قومي جاڳرتا وارن گيتن جو باب بند نه ٿيڻ گهرجي. هو ڪيترن نوجوانن شاعرن کان متاثر پڻ هيو. اها ئي ڳالهه هئي جو هو اڪثر ڪري انهن مشاعرن ۾ به ضرور ويندو هيو. سائين راشد سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز کان تمام گهڻو متاثر هيو ايتري تائين جو شيخ اياز جي جي ”گيت مان ڏوهي هان“ بنياد بڻائي مان باغي هان لکيائين. اسان سائين راشد کي تمام ويجهو کان ڏٺو هو انڪار کي پسند ڪندو هو پر ڪوڙ سان مرڻ گهڙي تائين ويڙهه ڪندو رهيو. سندس گيت سنڌي نوجوانن لاءَ ٿرين جي همرچن وانگي هئا. هن جي شاعري سنڌ جي بغاوت جو ڪيڏارو به هئي ٻئي طرف امن جي جاکوڙ ڪندڙن لاءِ چارٽر آف ڊيمانڊ پڻ هئي، جنهن جو اظهار ظلم جي خلاف بغاوت جو الم کڻڻ جي تبليغ هئي. ڪجهه شاعرن جو خيال آهي ته شاعر لاءِ نطريو ڪا به اهميت نٿو رکي پر راشد ان ڳالهه تي سڌو ڳالهه ڪرڻ جو عادي هو. هيءُ نظرئي کي شاعرن سميت سمورن ماڻهن لاءِ ضروري سمجهندو هيو، شاعر ڀلي ڪنهن پارٽي ۾ ڪم نه ڪري، پر پنهنجي ڌرتي ۽ عوام سان ڪميٽيڊ رهڻ ضروري آهي، جنهن جو اظهار راشد جي شاعري ۾ ملي ٿو، نظرئي کان بغير شاعر راشد لاءِ حيوان واري زندگي گذارڻ برابر هئا سندس منزل عوامي مسئلن کي سمجهڻ هوندو هيو، جنهن جو اظهار شاعريءَ ۾ بيان ڪرڻ لازمي آهي راشد مورائي ان خيال جو هيو، جنهن جو اظهار سندس شاعري ۾ نظر اچي ٿو. سائين راشد جيڪو اسان منجهه هاڻي نه رهيو آهي سندس فڪر عوام کي سجاڳ ڪرڻ هيو، هو عوام کان ڪن لاٽار ڪرڻ وارن کي غدارن جي لسٽ ۾ رکندو هيو. راشد مورائي مرڻ گهڙي تائين انهي اصول تي قائم رهيو. سندس وقت ڏاڍو قيمتي هو، هو اڪثر ميڙاڪن ۾ پنهنجي پوري وقت تي پڄندو هيو ڪابه محفل وقت تي شروع نه ٿيڻ جي ڪري هو رسي گهر هليو ويندو هو، کيس روڪڻ جي سگهه ڪنهن ۾ به نه هُئي جو، ڪو گستاخي ڪري سائين کي پرچائي سندس اصولن کي ٽوڙڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري .اسان کي ڏک ان ڳالهه جو آهي ته تخليق جي ميدان ۾ انهن هيرن جي پورهئي تي ڳالهائڻ وارا نقاد آهن ئي ڪون جيڪي شاعر جي ان علمي سطح تي پهچي تحقيقي فن سان سندس لکڻين کي پرکين تاريخ ضرور عوام دوست نقاد پيدا ڪندي، جيڪي نالي، ذات، ننڍي وڏي جي ڪنهن به فرق کان مٿاهون ٿي پنهجي قلم جو درست استعمال ڪندا. راشد مورائي جنھن کي سنڌ ياد ڪري ٿي گُل مورو ٿيندي چانڊاڻ هن چوڦير ۾، اچ ته نڪري هلون، جلد منهن ڦير ۾. مهراڻ جي ڪپ ڀرسان ڳوٺ جوڻالي ۾ ۵ مارچ ۱۹۴۴ع تي سائين سعيد علي شاهه “خادم” جي گهرڙي ۾ اک کوليندڙ سائين راشد مورائيءَ کان پنهنجي اباڻي جنم ڀوميءَ جي جوڀن وارن ڏينهن ۾ جڏهن به دنيا جي ريتن رسمن بابت ڪو سوال ڪندو هو ته هڪدم کيس جواب ڏيندو هو ته:- آ دنيا جي رسم ڪين ناراض ٿي، هرڪو ڇاڙپ هڻي ٿو پڪل ٻير ۾! سائين راشد، ۱۹۷۴ع ڌاري موري ۾ سنڌي ادبي سنگت جو بنياد وڌو. سائين جي ايم سيد جي فڪري دان سان قومي عشق جي آلاپن کي پنهنجي گيتن نظمن ۽ واين توڙي تحريرن ۾ سمائي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٻيجل جو آواز بڻجي گونجندو رهيو. سندس ڪڙڪيدار آواز جي گوجن صدين کان پوءِ به قائم رهندي، هن باغي شاعر جو ايمان، سنڌ ۽ سيد هو، وڃن شال وسري وسارڻ جون ڳالهيون، ڪيون اچ ته الفت اجارڻ جون ڳالهيون، وري دل ۾ آڻي ڌنارن جون ڳالهيون، ڌڪاري ڪڍي ڇڏ، ڌڪارڻ جون ڳالهيون، اوهان وٽ مرڻ ۽ مارڻ جون ڳالهيون، اسان وٽ جيئڻ ۽ جيارڻ جون ڳالهيون، سڏي ڪي سڄڻ سان سڄي رات راشد، ڪبيون سنڌڙيءَ جي سنوارڻ جون ڳالهيون. سنڌ جي سنوارڻ جون ڳالهيون راشد جي روح ۾ سمايل هيون، هن ڌرتيءَ سان عشق ڪيو هو، هي ٻوليءَ جو ٻهڳڻو شاعر هو، هي ته موکيءَ جو متارو هو، هونئن به متارا موت کان ناهن ڊڄندا. راشد جي اڏول ڪردار سندس اٽل ارادن ۽ اصولن کيس تمام وڏو ماڻهو بڻائي ڇڏيو هو. دوستن جو دوست، هيڻن جو همدرد، ڌرتي ماتا جي عشق ۾ سرشآر، هر ماڻهوءَ سان محبتون ونڊڻ وارو انسان هو. سندس موري وارو مهمان خانو قومي ورڪرن ۽ قومي سوچ جو درسگاهه هو، اهڙي ئي تصور ۾ پنهنجي غزل ۾ لکيائين ته: پرين پنهنجي عزت جو خيال رکجو، لکن جي ڪارپت جو خيال رکجو. قومي تحريڪ جي سرواڻ سائين جي ايم سيد جي سن واري سفر هميشهه شامل رهيو سڄي عمر اهوئي فڪر سندس رت ۾ گردش ڪندو رهيو. ڪڏهن مايوسي کي ڀرسان اچڻ ئي نه ڏنائين، سائين راشد شاعر ابن شاعر هو، سندس والد صاحب سيد سعيد علي شاهه ‘خادم’ سندس ٻئي وڏا ڀائر سيد روشن علي شاهه “روشن” ۽ معصوم علي شاهه “نماڻو” پڻ شاعر هئا. هن شاعريءَ جي علم جي الف ب به پنهنجي والد صاحب کان سکي ۽ انهيءَ وٽان ئي شاعريءَ جا ديوان پڙهيا، سنڌ جي قومي تحريڪ سان جڙيل هجڻ ڪري، ون يونٽ، ٻولي تحريڪ، ايم آر ڊي، پاڻي جدوجهد پورهيت تحريڪ يعني ته هر تحريڪ ۾ مان باغي هان. مان باغي هان. چوندو رهيو، ماٺ ڄڻ ته هن اڏول انسان لاءِ مهڻو هجي، هن جيڪو اتساهه بخشيو ۽ جيڪا نوجوانن جي رهبري ڪئي اها اسان سڀني لاءِ اڄ به اوتري اهم آهي، ادب جي حوالي ۾ شاعريءَ سان گڏ ڪهاڻيون، مضمون، مقالا به لکيا. سائين راشد، سنڌي ادب کي جيڪي ڪتاب ڏنا آهن تن ۾ (۱) سنڌڙيءَ جو سوداءُ شاعري (۲) مينديءَ سندا کيت شاعري ٻه ڇاپا (۳) دل جو شهر شاعري ٻه ڇاپا (۴) ديوان راشد شاعري ٻه ڇاپا (۵) درد ۾ دلجوئي شاعري (۶) شعلا شعلا واءُ ۾ شاعري (۷) ڪافيون گيت غزل شاعري (۸) پاڻيءَ تي پهرو (ڪهاڻي) (۹) اڳتي تاڻ امنگ جي مضمون خاڪا (۱۰) خط خوشيءَ مان کول، خط (۱۱) ڏات جي ڏيهه ۾ راشد بابت تاثرات (۱۲) راشد سان رهاڻ (راشد جا انٽرويو) (۱۳) سڄڻ جي موڪلاڻي شامل آهن. لڳ ڀڳ ايترائي ڪتاب سندس اڻ ڇپيل پڻ آهن. سائين راشد جي واتان هي لفظ گونجندا هئا ته ڌرتي به زندگيءَ جي سچائي مان هڪ آهي. راشد پنهنجو پاڻ کي سنڌ ڌرتيءَ جي ملوڪ ماڻهن لاءِ ارپي ڇڏيو هو. سندس شاعري توڙي ڪردار ۽ اصولن مان ڌرتيءَ سان ڪميٽ مينٽ جي جهلڪ نمايان نظر اچي ٿي. ايتري قدر جو جڏهن ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سنڌي ادبي سنگت جي ضلعي رابطه سيڪريٽري تان مون گل مورو ۽ ٻين دوستن کي بنا جواز معطل ڪري جعلي شاخون موري نوشهري ۽ ٻين شهرن ۾ کوليون ته پاڻ احتجاجن استعيفا ڏئي ڇڏي. هن مهان شخص کي نه عهدي نه خوشامد جي ڳڻتي هئي هن جو ايمان سنڌ هئي، جدوجهد ۽ جاکوڙ آزادي ۽ آجپي جو حوصلو ڏيندڙ راشد آخري گهڙين تائين ٻيجل بڻجي ٻوليندو رهيو:- اٿو ته ظلم جي خلاف هاڻي علم کوڙجي، ڪو نئون سماج جوڙجي، ڪو نئون جهان جوڙجي. ڪين چريي کي چور چڱو آ، چوري چاڪ چڪائي وجهندين، هوريان ڏاڍيان لوچيان ويٺو، مستقبل تي سوچيان ويٺو، ڏاڍو آءُ ڏکايل آهيان، دوست گهڻو ڪجهه گهايل آهيان. هي گهڻو گهايل هو، ديس جي دردن ۽ سنڌوءَ جي سڪ هن کي نهوڙي ڇڏيو هو. بيماري واري حالتن، پنهنجي جوان پٽ شاهه عنايت جي جدائي، هن جي جيءَ کي جهوري وڌو هو. اهي درد و سور کڻي ۷۱ سالن جي ڄمار ۾ حيدرآباد جي ٿڌڙين هوائن ۾ ٿڌڙا ٿڌڙا ساهه کڻي، خوشبوءِ واري واءَ گهلڻ جيان هليو ويو. راشد مورائي جي مشهور نظمن ۾ ضمير چهنڊڻيون هيون، مون کي ياد ڪندو ڪر، آءٌ وڏو ڏوهاري آهيان، مان باغي آهيان، مان هڪڙو ماستر آهيان عوام ۾ ڏاڍا مشهور آهن. راشد مورائيءَ ۱۹۶۶ کان ڊائري لکڻ جي شروعات ڪئي جيڪا مسلسل لکندو رهيو. سنڌ جو هي انمول شاعر راشد شهيد عبدالرزاق سومري اڪيڊميءَ جو سيڪريٽري، باک رسالي جو ٻانهه ٻيلي، پ ٽ الف سکر ڊويزن جو چيئرمين، ۽ آئيني ڪميٽي جو ميمبر، سنڌي ادبي سنگ سنڌ جو مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ۽ موري شاخ جو سيڪريٽري رهيو. راشدي مورائي جي شاعري ريڊيو ٽي وي تان نشر ٿيندي رهي. سرمد سنڌي جي آواز ۾، دل جي ويران رڻ تي ڪڪر بانورا، آ پهچ سگهو دلدار، ۽ مون ڏاڍ جا ڏونگر ڪٽي بيحد مقبول ٿيا. ان کان سواءِ جلال چانڊئي ۽ سنڌ جي هر فنڪار سندس شاعري ڳائي. هن ڪيترن شاعرن ۽ اديبن جي ڪتابن جا مهاڳ ۽ مضمون پڻ لکيا. راشد مورائي کي ماروي اڪيڊمي ايوارڊ، سنڌي ادبي سنگت مرڪز پاران ايوارڊ، شاهه عبداللطيف آرٽ سرڪل پاران ايوارڊ، ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ نوشهروفيروز پاران گوبند مالهي ۲۰۰۶ ۾ ايوارڊ پڻ مليا سنڌ جو هي عوامي قومي ۽ باغي شاعر آهي هن قومي تحريڪ کي پنهنجي عمل ۽ شاعري جي ذريعي وڏي هٿي ڏني استاد بخاري جيان اسٽيج جو راڻو رهيو. جن ۾ سندس ڪيترا ئي قوامي تحريڪي توڙي ادبي شاگرد اڄ به موجود آهن جن ۾ خاڪي جويو ۽ تاج جويو جا نالا نمايان آهن، سائين راشد مورائي جي اڄ ۷۳هين سالگرهه تي کيس سڄي سنڌ عزت ۽ احترام سان ياد ڪري ٿي. راشد مورائي جي ياد ۾! علي ڏنو جروار سنڌ سونهاري صدين کان ڪيترا اديب، شاعر، ڏاها، عالم ۽ فاضل پيدا ڪيا آهن. راشد مورائي به انهن مان هڪ آهي، جنهن جي سڃاڻپ گهڻ رُخي آهي. راشد مورائي هڪ ئي وقت استاد به هو ته وري شاعر ۽ نثر نويس پڻ. ان کانسواءِ سنڌ جي قومپرست سياست سان به سلهاڙيل رهيو. اڄ سندس چوٿين ورسي آهي. ان حوالي سان ڪجهه سٽون پڙهندڙن آڏو پيش ڪجن ٿيون. راشد مورائي سنڌ جي انهن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن شاعرن مان هڪ آهي جيڪي بحر، وزن، رديف ۽ ڪافيي جا ماهر سمجهيا ويندا آهن. تنهن کانسواءِ راشد انهن مزاحمتي شاعرن مان هڪ آهي جن ون يونٽ واري دور کان وٺي پنهنجون تخليقون پيش ڪيون آهن. ون يونٽ هڪ اهڙو دور هو جنهن ۾ سنڌ سميت باقي صوبن جي آزادي کسي انهن کي هڪ ئي لڙي ۾ پويو ويو هو. يعني ملڪ کي ٻن حصن طور رکيو ويو هو. هڪ اولهه پاڪستان ۽ ٻيو اوڀر پاڪستان. جڏهن ته پاڪستان ٺهڻ وقت ملڪ پنجن صوبن واري ايڪي جي حيثيت سان سامهو آيو. جڏهن سنڌ جي آزاد حيثيت ختم ڪئي وئي، تڏهن کان وٺي شيخ اياز، استاد بخاري، محمد خان مجيدي، سرويچ سجاولي، تنوير عباسي، ابراهيم منشي، سيد اڪبر، نبي بخش همدرد، سوز هالائي ۽ ٻين ڪيترن ئي شاعرن مزاحمتي شاعري تخليق ڪرڻ شروع ڪئي. جيڪا سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڳائجڻ شروع ٿي. هي اهو دور هو جڏهن سنڌ جو نالو وٺڻ ڪاريهر نانگ تي پير رکڻ برابر هو پر ان وقت به سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن پاڻ ملهايو. جيلن کي پنهنجي لاءِ نعمت سمجهيائون ۽ صاف اعلان ڪندي چيائون ته “سنڌڙي تنهنجو نانءُ ورتو، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيو” ته اهڙي قسم جي شاعري سنڌ جي ٻين شاعرن به بهترين انداز ۾ ڪئي آهي. راشد به انهن مان هڪ آهي، جنهن ان وقت جي سنڌ متعلق ڪجهه سٽون هن ريت تخليق ڪيون آهن. جهڙو نقشو سنڌ جو تهڙي تنهنجي سونهن منهنجي روح ورونهن، ڏسڻ پسڻ ٻنهي کي! ان کانسواءِ سندس هي سٽون به پڙهي ڏسو. هُن لکيو آهي ته هڪڙو نقشو سنڌ جو، ٻيو آهين تون، جنين ڪاڻ مون، جيئڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي! ته اهڙي قسم جي شاعري سنڌ جي سڀني سرموڙ شاعرن ان وقت کان وٺي تخليق ڪئي، جيڪا اڄ تائين جاري آهي. ان ۾ اڄ تائين جيڪي به نوان شاعر پيدا ٿيا يا اُڀري رهيا آهن انهن جو به حصو آهي ته وري ۵۵-۱۹۵۴ واري دور ۾ سنڌ جا اديب ۽ شاعر يونيورسٽين ۾ پڙهندا هئا ۽ عملي زندگي ۾ پير پائي رهيا هئا، انهن به سنڌ متعلق شاعري ڪرڻ شروع ڪئي. انهن آخر تائين سنڌ ڌرتي سان پاڻ نڀايو. ان دوران کين ڪيتريون ئي تڪليفون ڏسڻيون پيون. جيلن جون اذيتون ۽ صعوبتون ڀوڳڻيون پيون. ڪيترن کي نوڪرين تان هٿ کڻڻو پيو پر هُنن سنڌ سان عشق ۽ محبت واري تعلق تان ڪنهن به ريت هٿ نه کنيو ۽ اهي پنهنجي ڪِرت ۾ لڳا رهيا. راشد مورائي به انهن ئي ٿورڙن شاعرن مان هڪ آهي جنهن تڪليفون به ڏٺيون، پريشانيون به ڏٺيون پر پوءِ به پنهنجي مقصد سان سچو رهيو ۽ ان کان ڪڏهن به منهن نه موڙيائين. اهو ئي ڪارڻ آهي جو زندگي جي آخري گهڙين ۾ هڪ ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيندي چيائين ته “هِن دل تي ٻيا ته کوڙ سارا داغ آهن پر ندامت جو داغ ڪونهي ڪو” ته انهي قسم جي ارڏائي ۽ سچائي سان زنده رهڻ فقط راشد جهڙن ئي شخصيتن جو ڪمال آهي. راشد ڪيترن ئي هنڌن تي ڪجهه اهڙيون سِٽون به سرجيون آهن، جيڪي پڙهڻ سان جيءُ جهري پوي. هُن ڌرتي توڙي سونهن سان ڀرپور محبت ڪئي آهي. سندس سڄي شاعري توڙي نثر ان جو اُپٽار آهي. سندس هي سٽون پڙهي ڏسو دليون قبرستان بڻجي ويون ماڻهن جون، شهر- خموشان ۾ هڪ تربت جاڳي ٿي! تنهن کانسواءِ سندس هي سٽون به پڙهڻ جهڙيون آهن ته ڀاڳ وارن جا ٿين ٿا يادگار، زندگي ۽ موت ٻيئي شاندار، راشدا! شل موت ٿئي مانائتو، جِئن حياتي آهه گذري پروقار! سو راشد جهڙن شاعرن جي ڪري ئي اڄ اسان جو سنڌي ادب شاعري ۽ ٻولي شاهڪار ليکي وڃي ٿي. راشد جا اڄ تائين جيڪي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، تن ۾ مينديءَ سندا کيت، دل جو شهر، گيت غزل بيت ۽ دوها وغيره شامل آهن. جڏهن ته سندس نثر به ڇپيو آهي، جنهن ۾ هُن جا خط ۽ ڪجهه خاڪا توڙي مضمون شامل آهن. تنهن کانسواءِ سندس گهڻي مقدار ۾ شاعري توڙي نثر اڻ ڇپيل به موجود آهي. جنهن کي ڇپائڻ جي ضرورت آهي. اڄ سندس چوٿين ورسي ملهائي پئي وڃي. جنهن ۾ سندس شاعري جي هڪ ڪتاب “ڳاڙهي باک ڦٽي” ۽ “سڄڻن جا سنيها” جنهن ۾ راشد مورائي ۽ قادر بخش طالباڻي جا هڪٻئي ڏانهن خط آهن. ان جي مهورت به رکيل آهي. اها تقريب راشد مورائي يادگار ڪاميٽي مورو ۽ سنڌي ادبي سنگت مورو پاران منعقد ڪئي پئي وڃي. هن تقريب ۾ سنڌ جا ڪيترا ئي عالم، ڏاها، اديب، شاعر، سياسي ڪارڪن ۽ مفڪر شرڪت ڪندا. راشد مورائي يقيني طور تي سنڌ جي اهڙن آفاقي شاعرن مان آهي، جن جي شاعري جنهن به وقت پڙهبي، ڳائبي ۽ ٻڌبي آهي ته بلڪل نئين نڪور محسوس ٿيندي آهي. راشد جي شاعري سنڌ جي ڪيترن ئي ناليوارن فنڪارن ڳائي آهي. راشد کي پنهنجن ۽ پراون طرفان جيڪي وقت به وقت گهاءَ ملندا رهيا، تن جو نقشو ڪجهه هِن ريت چٽيو اٿائين. مونکي ماري پوءِ منهنجو غم ڪيائون، چڱو ٿيو ڪو ته سهڻو ڪم ڪيائون، مُئي کانپوءِ اچي راشد! قبر تي مونکي ئي حال جو محرم ڪيائون، چوڻ جو مقصد هي آهي ته راشد مورائي سميت سڀني کي ڪنهن نه ڪنهن اهنج ضرور رسيا آهن. جيڪي اهنج رسائڻ ۾ ڌارين کان وڌيڪ پنهنجن جو وڏو ڪردار رهيو آهي. راشد جي هڪ نظم جون سٽون آهن، دل جي ويران رڻ تي ڪڪر بانورا، ٿورڙو ئي وسين ها ته ڇا پئي ٿيئي. آئون ذاتي طور تي انهيءَ خيال جو آهيان ته اسان جا جيڪي به شاعر آهن انهن جو مقصد ساڳيو آهي پر رڳو لفظن ۾ ڪٿي ڪٿي هڪجهڙائي هوندي آهي ته ڪٿي وري اهي مختلف انداز ۾ تخليق ڪندا آهن. اڄ راشد جي ورسي آهي جنهن حوالي سان آئون سنڌ جي سڀني دوستن کي گذارش ڪندس ته راشد مورائي سميت سنڌ جي سمورن شاعرن جي شاعري ڌيان سان پڙهن ۽ ان ۾ جيڪا جدوجهد جاکوڙ جي راهه ڏسيل آهي ان بابت عملي ثبوت ڏين. سيد راشد مورائي سنڌ جو مزاحمتي شاعر ۽ اديب گل مورو ٿيندي چانڊاڻ هن چوڦير ۾، اچ ته نڪري هلون، جلد منهن ڦير ۾. سائين راشد سان راجپوتانه اسپتال ۾ اڃا صبح جو سوير عيادت ڪري چنڊ جي چانڊاڻ جون ساروڻيون ساري کائنس موڪلائي پنهنجي شهر نوشهروفيروز پهتس ته اوچتو مئسيج آيو ته سائين راشد زندگيءَ جي جنگ هارائي ويو آهي. اهو ٻڌي نيڻن مان نير وهڻ شروع ٿي ويا. اڃان سنڌ مورڙي جي ماڳ ڪراچيءَ ۾ شهيد بشير خان قريشيءَ جي ڀاءُ شهيد مقصود قريشيءَ جي جنازي نماز دوران ڳوڙها ڳاڙي رهي هئي ته مٿان وري راشد جي وڇوڙي سڄيءَ سنڌ کي روئاڙي ڇڏيو هو. مهراڻ جي ڪپ ڀرسان ڳوٺ جوڻالي ۾ ۵ مارچ ۱۹۴۴ع سائين سيد خادم علي شاهه “خادم” جي گهرڙي ۾ اک کوليندڙ سائين راشد مورائيءَ کان پنهنجي اباڻي جنم ڀوميءَ جي ڀڪن ۽ آنڀن پچندڙ وارن ڏينهن ۾ جڏهن به دنيا جي ريتن رسمن بابت ڪو سوال ڪندو هو ته هڪدم کيس جواب ڏيندو هو ته:- آ دنيا جي رسم ڪين ناراض ٿي، هرڪو ڇاڙپ هڻي ٿو پڪل ٻير ۾! سائين راشد ۱۹۷۴ع ڌاري موري ۾ سنڌي ادبي سنگت جو بنياد وڌو. سائين جي ايم سيد جي فڪري دان سان قومي عشق جي آلاپن کي پنهنجي گيتن نظمن ۽ واين توڙي تحريرن ۾ سمائي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٻيجل جو آواز بڻجي گونجيندو رهيو. سندس گونجندڙ آواز جي گونج صدين کان پوءِ به قائم رهندي، هن باغي شاعر جو ايمان، سنڌ ۽ سيد هو، ڪڏهن به هن آزاديءَ جي ڪنڊائين واٽ تي هلڻ کان انڪار نه ڪيو. هن کي پنهنجي اولاد کان وڌيڪ سنڌ جي آزادي ۽ آجپي ۾ ايمان رکندڙ فڪري اولاد جو تمام گهڻو فڪر هوندو هو. اهي ساروڻيون هن پنهنجي شاعريءَ ۾ هيئن بيان ڪيون آهن:- وڃن شال وسري وسارڻ جون ڳالهيون، ڪيون اچ ته الفت اجارڻ جون ڳالهيون، وري دل ۾ آڻي ڌنارن جون ڳالهيون، ڌڪاري ڪڍي ڇڏ، ڌڪارڻ جون ڳالهيون، اوهان وٽ مرڻ ۽ مارڻ جون ڳالهيون، اسان وٽ جيئڻ ۽ جيارڻ جون ڳالهيون، سڏي ڪي سڄڻ سان سڄي رات راشد، ڪبيون سنڌڙيءَ جي سنوارڻ جون ڳالهيون. سنڌ جي سنوارڻ جون ڳالهيون راشد جي روح ۾ سمايل هيون، هن ڌرتيءَ سان عشق ڪيو هو، هي ٻوليءَ جو ٻهڳڻو شاعر هو، هي ته موکيءَ جو متارو هو، هونئن به متارا موت کان ناهن ڊڄندا. راشد جي اڏول ڪردار سندس اٽل ارادن ۽ اصولن کيس تمام وڏو ماڻهو بڻائي ڇڏيو هو. دوستن جو دوست، هيڻن جو همدرد، ڌرتي ماتا جي عشق ۾ سرشآر، هر ماڻهوءَ سان محبتون ونڊڻ وارو انسان هو. سندس موري وارو مهمان خانو قومي ورڪرن ۽ قومي سوچ جو درسگاهه هو، اهڙي ئي تصور ۾ پنهنجي غزل ۾ لکيائين ته: پرين پنهنجي عزت جو خيال رکجو، لکن جي ڪارپت جو خيال رکجو. قومي تحريڪ جي سرواڻ سائين جي ايم سيد جي سن جو روح سندس جسم ۾ سڄي عمر اهوئي سندس رت سان گڏ گردش ڪندو رهيو. ڪڏهن مايوسي کي ڀرسان اچڻ ئي نه ڏنائين، سائين راشد شاعر ابن شاعر هو، سندس والد صاحب سيد خادم علي شاهه ‘خادم’ سندس ٻئي وڏا ڀائر سيد روشن علي شاهه “روشن” ۽ معصوم علي شاهه “نماڻو” پڻ شاعر هئا. هن شاعريءَ جي علم جي الف ب به پنهنجي والد صاحب کان سکي ۽ انهيءَ وٽان ئي شاعريءَ جا ديوان پڙهيا، سنڌ جي قومي تحريڪ سان جڙيل هجڻ ڪري، ون يونٽ، ٻولي تحريڪ، ايم آر ڊي، پاڻي جدوجهد پورهيت تحريڪ يعني ته هر تحريڪ ۾ مان باغي هان. مان باغي هان. چوندو رهيو، ماٺ ڄڻ هن اڏول انسان لاءِ مهڻو هجي، هن جيڪو اتساهه بخشيو ۽ جيڪا هن رهبري ڪئي، اها اسان سڀني لاءِ اڄ به اوتري اهم آهي، ادب جي حوالي ۾ شاعريءَ سان گڏ ڪهاڻيون، مضمون، مقالا به لکيا. سائين راشد سنڌي ادب کي جيڪي ڪتاب ڏنا آهن تن ۾ (۱) سنڌڙيءَ جو سوداءُ، شاعري (۲) مينديءَ سندا گيت شاعري ٻه ڇاپا (۳) دل جو شهر شاعري ٻه ڇاپا (۴) ديوان راشد شاعري ٻه ڇاپا (۵) درد ۾ دلجوئي شاعري (۶) شعلا شعلا واءُ ۾ شاعري (۷) ڪافيون گيت غزل شاعري (۸) پاڻيءَ تي پهرو (ڪهاڻي) (۹) اڳتي تاڻ امنگ جي مضمون خاڪا (۱۰) خط خوشيءَ مان کول، خط (۱۱) ڏات جي ڏيهه ۾ راشد بابت تاثرات ۽ (۱۲) راشد سان رهاڻ (راشد جا انٽرويو) شامل آهن. لڳ ڀڳ ايترائي ڪتاب سندس اڻ ڇپيل پڻ آهن. سائين راشد جي واتان هي لفظ گونجندا هئا ته ڌرتي به زندگيءَ جي سچائي مان هڪ آهي. راشد پنهنجو پاڻ کي سنڌ ڌرتيءَ جي ملوڪ ماڻهن لاءِ ارپي ڇڏيو هو. سندس شاعري توڙي ڪردار ۽ اصولن مان ڌرتيءَ سان ڪمٽمينٽ جي جهلڪ نمايان نظر اچي ٿي. ايتري قدر جو هن مهان شخص کي نه عهدي نه خوشامد جي ڳڻتي هئي هن جو ايمان سنڌ هئي، جدوجهد ۽ جاکوڙ آزادي ۽ آجپي جو حوصلو ڏيندڙ راشد آخري گهڙين تائين ٻيجل بڻجي ٻوليندو رهيو:- اٿو ته ظلم جي خلاف هاڻي علم کوڙجي، ڪو نئون سماج جوڙجي، ڪو نئون جهان جوڙجي. ڪين چريي کي چور چڱو آ، چوري چاڪ چڪائي وجهندين، هوريان ڏاڍيان لوچيان ويٺو، مستقبل تي سوچيان ويٺو، ڏاڍو آءُ ڏکايل آهيان، دوست گهڻو ڪجهه گهايل آهيان. هي گهڻو گهايل هو، ديس جي دردن ۽ سنڌوءَ جي سڪ هن کي نهوڙي ڇڏيو هو. بيماري واري حالتن، پنهنجي جوان پٽ شاهه عنايت جي جدائي، هن جي جيءَ کي وڌيڪ جهوري وڌو هو. اهي درد و سور کڻي ۷۱ سالن جي ڄمار ۾ حيدرآباد جي ٿڌڙين هوائن ۾ ٿڌڙا ٿڌڙا ساهه کڻي، خوشبوءِ واءَ گهلڻ جيان هليو ويو. اڄ هو جسماني طرح هت موجود نه آهي پر لطيف ۽ جي ايم موجود آهن. جن ٻنهي جي اکين ۾ سائين راشد وارو تيج ۽ پاڻي آزاديءَ وارو عشق موجود آهي ۽ رهندو. راشد مورائي سنڌ جو مزاحمتي شاعر ساجده چنه ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا ته ڪي وري دانائيءَ جي ڪري مهراڻ جون مالهائون ٿين ٿا. اها مالها جڏهن سمنڊ جي سپنن جيان سدائين سمنڊ ڪناري جرڪندي ۽ مرڪندي رهي ته ڪيڏي نه راحت ايندي هوندي. ايئن ئي ساهتيءَ جو سرموڙ شاعر سائين راشد مورائيءَ جي ٻهڪندڙ آواز ۽ سفيد وارن تي نظر پوندي آهي ته سندس جنم ڀومي جوڻالي ۾ اسريل گيت جهومي پوندا آهن. ساهتي پرڳڻي جي هن مهان قوي راشد مورائيءَ ۵ مارچ ۱۹۴۴ع ۾ مورو ڀرسان سنڌوءَ جي ڪپ تي، ڳوٺ جوڻالي ۾ جنم ورتو. پاڻ شاعر، اديب ۽ نقاد به آهي. اڄ به راشد مورائي ڪيترا ئي گيت سنڌ جا سرجي پيو. هن وقت تائين راشد مورائيءَ جون ڇپيل لکڻيون؛ جنهن ۾ کوڙ ساري شاعري، ڪهاڻيون، مضمون، خاڪا وغيره سنڌ جي سڀني رسالن توڙي اخبارن ۾ اڻ ڳڻيا موجود آهن. 3۰۰ جي لڳ ڀڳ سنڌ جي مختلف فنڪارن سندس گيت، غزل ۽ ڪافيون ڳايون آهن. جڏهن ته ڇپيل ڪتابن ۾ ”سنڌڙيءَ جو سوداءُ“، ”شاعري“، ”مينديءَ سندا کيت“، ”غزلن جو مجموعو“، ”سل جو شهر“ موجود آھن. مختلف صنفن تي ڪيل شاعري؛ ديوان راشد، شعلا شعلا واءَ ۾، اڳتي تاڻ امنگ جي، پاڻيءَ جو پهرو، ڏات جي ڏيهه ۾، راشد جي رهاڻ، انصاف جو گهنڊ، ڳنڍيون منجهه ڳنڍير، سنڌي ادب جي ارتقا، يتيم جذبا، عشق جو آواز، هو جي ٻول ٻريا شامل آهن. جڏهن ته اڃا به سندس ڪيترو ئي تخليقي مواد، اڻ ڇپيل آهي. جنهن ۾؛ خط خوشيءَ مان کول، تعلقي موري جا اديب، سنڌي ادب جي سونهن، جهڙي آيس جيئن، جهڙيون انمول لکڻيون وٽس موجود آهن. راشد مورائي سنڌ جو يگانو شاعر آھي جنهن پرائمري استاد ٿي ڪري علمي، ادبي خدمتون سرانجام ڏنيون آھن. کيس سوين ايوارڊ؛ سنڌي ادبي سنگت، سگا، ڳوٺ سڌار سنگت ۽ ٻين سياسي، سماجي تنظيمن پاران ڏنا ويا آهن. اڄ به سائين راشد، ٽن پٽن ۽ ڇهن نياڻين جو سهارو آهي. کيس نوجوان پٽ، شاه عنايت جي وڇوڙي جهوري ڇڏيو. تنهن جي باوجود مورو ناهي ٿورو ۾، هن مزاحمتي شاعر جي مهمان نوازي ۽ ڌرتيءَ سان عشق ڏسڻ وٽان آهي. ھو اڄ به چوي پيو ته؛ ”مان باغي هان! مان باغي هان!“ راشد مورائي رکيل مورائي سنڌ جو ارڏو شاعر شائين راشد مورائي، ان سنڌوءَ جي کاٻي ڪپ تي ڄائو، جنهن سنڌوءَ ڪپ تي ويهي دنيا جا قديم ترين ويد لکيا ويا. شايد اهو ئي سبب هئو جو سندس شاعري ۾ توڻي طبيعت ۾ آخر تائين سنڌوءَ واري گجگوڙ رهي. هن جو شعر پڙهڻ سنڌوءَ جي گجگوڙ جو احساس ڏياريندو هئو ۽ هن جي طبعيت جيڪا ڪڏهن غضبناڪ هوندي هئي ته ڪڏهن ڪچي جي چيڪي مٽيءَ وانگر نرم ۽ نفيس. پڪ سان سائين راشد آخر تائين پهنجي مزاج ۾ نرمي توڻي سختيءَ سان نڀاءُ ڪندو آيو. سندس مزاج ان آب هوا ۽ جي علامت هئو، جيڪو اڪثر دريائن جي ڪنارن سان رهندڙ ماڻهن جو هوندو آهي. هن جنهن ڳوٺ ۾ جنم ورتو، ان کي جوڻالوءِ چوندا آهن. شاعر ابن شاعر سائين راشد مورائي، جوڻالوءِ ۾ پيدا ٿيو. جنهن گهر ۾ هن جنم ورتو، ان ۾ علم ادب ۽ شاعري اڳ ئي موجود هئي. ڇاڪاڻ ته سندس والد صاحب ۽ ٻه وڏا ڀائر شاعر هئا. جنهن ڪري ننڍپڻ ۾ ئي هن کي شاعريءَ سان پالو پيو. هن ڪيترا عشق ڪيا، اهو ڳجهه اڄ تائين سندس همعصر سلي نه سگهيا آهن. پر سندن سنڌ سان عشق عالم آشڪار آهي. سندس ڳوٺ کي اهو اعزاز حاصل آهي ته اهو شاعرن جو ڳوٺ هئو، جنهن لاءِ سنڌي ٻولي جي، پنهنجو لهجو رکندڙ شاعر مشتاق باگاڻيءَ لکيو هيو ته سج لٿي کانپوءِ، جرڪيو جوڻالوءِ، ميڙا ٿيا مچ تي. اهو جوڻالوءِ جڏهن سنڌوءَ جي تيز وهڪري هيٺ اچي پنهنجي سڃاڻپ وڃائي ويٺو، تڏهن سائين راشد موري لڏي آيو ۽ سدائين لاءِ موري جو ٿي ويو. موري جيڪو کيس مانُ بخشيو، اهو اڄ سنڌ جي هر لکئي پڙهئي جي آڏو آهي ۽ هن جيڪو موري سان پيار ڪيو اهو به اسين سڀ ڄاڻون ٿا. سائين راشد وطن دوست اديبن ۽ شاعرن جي سٿ جو شاعر هئو. جن سنڌ جي آجپي لاءِ سموري عمر جاکوڙيو ۽ ڪڏهن به طمع جي طلب نه ڪئي. شاعري ۾ هو ان قبيلي جو شاعر آهي، جنهن ۾ عبدالڪريم گدائي، استاد بخاري، ابراهيم منشي، محمد خان مجيدي، سرويچ سجاولي ۽ ٻيا شاعر شامل آهن. هي سڀ اهڙا شاعر آهن، جن جي گيتن ۽ نظمن سنڌ جي قومي تحريڪ کي جلا بخشي. هنن جي نظمن سان قومي جلسن جون اسٽيجون گونجي اٿنديون هيون، سندن وڃڻ سان اهي اسٽيجون ٻسيون آهن. سائين راشد هڪ شاعر طور سنڌ جي اهم شاعرن جي قطار ۾ شامل آهي. هن هڪ پاسي قومي تحريڪ جي اسٽيجن کي سونهن بخشي ٻئي پاسي، سنڌي شاعراڻي ادب کي هڪ درجن جي لڳ ڀڳ ڪتاب ڏنا آهن. ساڳئي وقت سنڌي نثر ۾ پڻ سندس اڌ درجن کن ڪتاب موجود آهن، ان ڪري هن جو ادب ۾ به ايترو ئي حصو آهي، جيترو قومي تحريڪ ۾. ادبي تحريڪ جي حوالي ۾ مورو سندس احسامند رهندو، هن جي اوطاق سموري سنڌ جي اديبن شاعرن لاءِ هڪ گهاٽي بڙ وانگر هئي، جنهن جي ٿڌي ڇانو ۾ اتر کان ڏکڻ ايندڙ توڻي ڏکڻ کان اتر ويندڙ عالم، اديب ۽ شاعر اچي ڏينهن گاريندا هئا ۽ علم ادب ۽ شاعري جو واس وٺي، اڃ اجهائيندا هئا. هيءَ اوطاق اسان لاءِ هڪ درسگاهه جو درجو رکندڙ هئي، جتان اسان ڪيترن ئي علم حاصل ڪيو، اهو سماجي علم هجي، سياسي علم هجي يا ادب جو علم ۽ شاعريءَ جو علم هجي سچ پچ ته اڄ موري ۾ اهڙي ٻي ڪا به جڳهه نه آهي، جنهن سان هن درسگاهه جي ڀيٽ ڪري سگهجي، ها ساڻس ڪيئي سهمتيون/ اسهمتيون رهيون پر مورو اهو ڪئين وساريندو ته ان ۾ هڪ راشد مورائي به رهندو هئو، جنهن موري کي واڌو هڪ سڃاڻپ ڏني ۽ شاعراڻي آواز جو پڙاڏو ڏنو، جيڪو سڄي سنڌ ۾ گونجندو رهيو ۽ اڄ به گونجي رهيو آهي، جنهن گونج ئي کيس سنڌ ۾ باغي شاعر جو اعزاز ڏياريو. اڄ به هو باغي شاعر جي نالي سان سنڌ ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو، پر هو هڪ بيحد ئي رومانوي شاعر به آهي، هو جتي نظم جو باڪمال شاعر آهي، اتي عزل جو به بي مثال شاعر آهي ٻي طرح هن سڀني شاعراڻين صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي، سندس، ڇپيل ڪتاب ۽ انهن کان وڌيڪ سندس اڻ ڇپيل ڪتاب اهڙي شاهدي ڏيندا، جيڪي ڇپجڻ جي اوسيئڙي ۾ آهن، پڪ سان جڏهن اهي ڇپجندا ته سنڌي شاعراڻي ادب جو مرتبو اڃا به وڌندو. ڪتابن جي چپجڻ جو جوڳو بندوبست نه هجڻ سبب ڪي اهم ڪتاب ڇپجڻ کان رهجي وڃن ٿا ۽ ڪيترا ئي غير اهم ڪتاب ڇپجي اها جڳهه ولارين ٿا، جتي اهي هجڻ يا نه هجڻ واري هڪ ئي حالت ۾ موجود هجن ٿا، جيڪي پڙهندڙن لاءِ سڪن ٿا ۽ سائين راشد جي شاعراڻن ڪتابن جو اهو عالم آهي ته اهي ڇپجڻ کان ستت پوءِ پڙهندڙن جي دلين ۽ اکين تائين ته پهچي وڃن ٿا پر مارڪيٽ مان غائب ٿي وڃن ٿا. اهڙو اعزاز سنڌ جي گهٽ شاعرن کي نصيب ٿيو آهي ۽ جن کي پڙهندڙ ن پاران اهڙو مرتبو عطا ڪيو ويو آهي، يقين سان سائين راشد انهن مان هڪ آهي، اڄ سندس ٻي ورسي آهي، جيڪا سموري سنڌ جي الڳ الڳ ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ملهائي ويندي ۽ کيس ڀيٽا ڏني ويندي. کيس ڀيٽا ڏيندي، هيءَ لفظ لکندي هڪ آٿت محسوس ٿي رهيو آهي ته اسان سڀ جن ساڻس عمر جو لڳ لڳ وڏو حصو گذاريو آهي، اڄ کيس پاڻ سان گڏ محسوس ڪريون ٿا، سندس شاعريءَ توڻي طبعيت جي سڀني سختگيرين توڻي نفاستن سان گڏ ٽهڪن توڻي ڳوڙهن سان گڏ! سنڌ تو راشد جهڙا پٽ ڄڻيا. پڪ سندس شعر جي ڀيٽا تو کي به هجي. سنڌ تو کي عظمتون نيبهه هجن! ڇاڪاڻ ته تو اعليٰ عظمتن کي ڇهندڙ شاعر پٽ ڄڻيا، جن تنهنجي سينڌ ۾ پنهنجي گيتن جا ڪيئي گل سجايا آهن ۽ تنهنجي پوتيءَ جي پاند ۾ ڪيترا ئي نظم ستارن جيان سڃايا آهن، جن جي چمڪ ايستائين رهڻي آهي، جيستائين هيءُ جرڪندڙ جڳ آهي، جيستائين سنڌي ٻولي آهي ۽ جيستائين هن ديس جو هڪ به ٻچو سلامت آهي. راشد مورائي الوداع راشد ڪيون ٿا ساٿ کان مظهر خاصخيلي اڄ ۲۴هين مارچ جو ڏينهن آهي. اڄوڪي ڏينهن تي سنڌ ڌرتي کان ارڏو مزاحمتي باغي شاعر راشد مورائي جسماني طور تي وڇوڙو ڪري ويو هو. شايد ان جي لاءِ هن پنهنجن هيٺين سٽن ۾ چيو هو ته، الوداع راشد ڪيون ٿا ساٿ کان زندگي ان موڙ تي پهچي وئي. شاعري ڏات آهي پر هي ڏات به هر شاعر کي پنهنجي ڏانءَ ۽ ٿانوَ جيتري ملي ٿي. ڪٿي اڏ جيتري اوت، ڪٿي واهڙ وارا وهڪرا ته ڪٿي بنهه مهراڻ جون موجون! مطلب ته وس آهر رس ۽ هستي سارو مستي ڏسجي ٿي ۽ شاعر اهو به آهي جو پنهنجي قوم بلڪه سڄي انسان ذات جي زبان بڻجي امن جو آواز اٿاري، ظلم سان جنگ جوٽي ۽ ان جي ڪري شايد جواهر لال نهرو پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته قومن جي سڃاڻپ ۽ زندگي شڪست کائيندڙ ۽ فتح ماڻيندڙ سياستدانن جي ڪري برقرار نه رهندي آهي پر اها شاعرن ۽ فنڪارن جي ڪري زندهه رهندي آهي. ٿي سگهي ٿو ته تاريخ ۾ اهو دور اچي جو نهرو کي ڪو سڃاڻي به نه پر ٽيگور ۽ پريمچند ان دور ۾ به زندهه هوندا ۽ ان جي ڪري اسان پنهنجي سنڌ تي جڏهن نظر وجهون ٿا ته مون کي لڳي ٿو ته راشد مورائي انهن شاعرن جي لسٽ ۾ پنهنجو نالو لکرائي ويو آهي، جنهن کي سنڌ ۽ ان جا رهواسي ڪڏهن وساري يا ڀلائي نه ٿا سگهن ۽ ان جي لاءِ راشد مورائي شايد هيٺيون سٽون چئي ويو آهي، ڀاڳ وارن جا ٿين ٿا يادگار زندگي ۽ موت ٻئي شاندار راشد! شل موت ٿئي مانائتو جيئن حياتي آهه گذري پروقار. ۽ شايد ان جي ڪري آخري ڏينهن ۾ جڏهن هن کي ساهه جي تڪليف سبب نوابشاهه جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، تڏهن هن جا جذبا بيحد اتم هئا. هن چيو پئي ته مون کي موت آيو ته منهنجو ضمير مطمئن هوندو ۽ مان مرڪندي مرڪندي مرندس ۽ ائين ئي هو خوددار شاعر جي حيثيت سان مرڪندي اسان کان موڪلائي هليو ويو، جيئن سندس مشهور غزل آهي، جيڪو سنڌ جي سمورن سريلن فنڪارن ڳايو آهي. تنهنجي محفل مان اٿي هاڻ هليا وينداسين ڀونئر آهيون وٺي سرهاڻ هليا وينداسين پاڻ وڻجارا گهڙي پل مسافر راشد رڳي ڀرجي وهي مهراڻ هليا وينداسين. راشد جو جنم مورو تعلقي جي ڀرسان سنڌوءَ جي ڪنڌيءَ تي ڳوٺ جوڻالي ۾ سنڌ جي ڪافي جي ڀلوڙ شاعر سيد سعيد علي شاهه خادم جي گهر ۾ ۵ مارچ ۱۹۴۴ع تي ٿيو. شاعري ۾ سندس استاد به سندس والد هو ۽ ان جي ڪري راشد مورائي پنهنجي شروعاتي دور کان آخر تائين حسن انقلاب ۽ مزاحمت پنهنجي تخليق جو موضوع بڻايو. هن جو نظريو آدرش ۽ مسلڪ سڀ ڪجهه سنڌ ڌرتي هئي. هن سنڌ جي حُسن ۽ ان جي خوشحالي ۽ آجپي لاءِ لکيو ۽ قدرت راشد سائين کي جتي شعر چوڻ جي ڏات سان نوزايو هو، اتي ساڳئي وقت کين هڪڙو عجب جهڙو مٺڙو ۽ گرجدار آواز ۽ مشاعري ۾ شاعري پيش ڪرڻ جو زبردست ڏانءُ پڻ ڏئي ڇڏيو هو. سندس اهڙي شاعري ۾ برابر ته ڊائريڪٽ شاعري جو نمونو هوندي هئي پر شاعراڻي ترنم، لفظن جي موسيقيت ۽ سٽ سِٽ ۾ سمايل سنگيت سبب مشاعري مان اٿندي مهل هن جون ڪيتريون ئي سِٽون ڄڻ ذهن ۾ دير تائين پڙاڏو ڪنديون رهنديون هيون ۽ ڪو وقت هو جڏهن قومي مشاعرن جي بي پناهه ڀل ڀلان هوندي هئي، تڏهن اهڙي هر مشاعري ۾ ”سرويچ سجاولي“ محمد خان مجيدي، استاد بخاري ۽ راشد مورائي هزارن جي هجوم ۾ مائيڪ تي اچي جڏهن قومي شاعري پڙهندا هئا ۽ خاص ڪري راشد مورائي جڏهن پنهنجا هي نظم پڙهندو هو ته: جهنگ جهر ۾ روشنيون اڀري پون بر پٽن ۾ زندگيون اسري پون ماڻجن جيئري ئي جڳ ۾ جنتون سنڌ جا ڳوٺ جي سڌري پون. ان وقت ماٺ ڇانئجي ويندي هئي. هي قومي نظريي سان سلهاڙيل ارڏو انسان سنڌ سان محبت جي علامت بڻيل هو. تڏهن ته پنهنجي پٽڙن جا نالا به سرمد جيڪو ڪجهه سال اڳ وڇڙي ويو. شاهه لطيف ۽ جي ايم سيد رکيائين. راشد مورائي هڪ سٺو استاد، بهترين نثر نويس، باغي ۽ قومي شاعر، هڏڏوکي انسان، سماجي اڳواڻ هجڻ سان گڏوگڏ مهمان نواز پڻ هو. سندس اوطاق تي هر وقت مهمانن جي اچ وڃ هوندي هئي. حيدر بخش جتوئيءَ جي سنڌ هاري ڪاميٽي جي دور دوران اسٽيج تي اهڙي نموني هن جابرن کي للڪاريو هو جو کيس ان وقت باغي شاعر جو لقب ڏنو ويو ۽ سائين راشد مورائي ۱۹۷۴ ڌاري موري ۾ سنڌي ادبي سنگت جو بنياد وڌو ۽ ايم آر ڊي جي تحريڪ ۽ ون يونٽ جي دور ۾ انقلابي شاعرن جو هي سرجڻهار سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري پڻ رهيو. سندس شاعري ڪيترن ئي سنڌ جي ناليوارن راڳين ڳائي آهي. جڏهن ته سندس شاعري جا ۷ ڪتاب ڇپيل آهن، جن ۾ پهريون سنڌڙيءَ جو سوداءُ ٻيو مينديءَ سندا کيت، ٽيون دل جو شهر، چوٿون شعلا شعلا واءُ ۾، پنجون ديوان راشد، ڇهون ڪافيون گيت غزل، ستون درد ۾ دلجوئي کان سواءِ جڏهن ته نثر ۾ خاڪن جو مجموعو اڳتي تان امنگ جي ڪهاڻين جو، پاڻيءَ تي پهرو خطن جو مجموعو، ’خط خوشيءَ مان کول‘ ڇپيل آهن. سائين راشد مورائي ۱۹۶۲ ۾ پرائمري استاد ٿيو، پنهنجي پوري نوڪري دوران نهايت ئي ايمانداري سان تعليم جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ جاکوڙيندو رهيو. پرائمري استادن جي تنظيم پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن سان سندس گهري وابستگي رهي، جن شخصيتن پ ٽ الف ۾ روح ڦوڪيو تن چند شخصيتن مان سائين راشد مورائي به هڪ هو. پاڻ ۲۰۰۴ ۾ گورنمينٽ مين پرائمري اسڪول موري مان رٽائرڊ ٿيا ۽ ائين سائين راشد پنهنجي پوري عمر علمي ۽ ادبي خدمت ۾ گذاري ۽ ڪيترين ئي ڪميٽين جو ميمبر رهيو. هي جتي به رهيو دل کولي قومي ڪم ڪيائين. سنڌي ماڻهن جو ويساهه بحال رکيائين. هن جيڪو به ڪم ڪيو، پنهنجي دل جي چوڻ تي ڪيو هو، ڪڏهن به ڪنهن جي ڊڪٽيشن تي نه هليو. اهڙي ريت راشد قومي تحريڪ سان سلهاڙيل رهيو ۽ ڪيترو عرصو جيئي سنڌ محاذ ۾ رهي ڪم ڪيائين. دوستن سان گڏجي ڪيترن ئي ڳوٺاڻين ڪچهرين ۾ حصو ورتائين ۽ سنڌ جي آزادي جو پرچار ڪيائين ۽ هن سنڌ جو وڏو حصو پيرن هيٺان لتاڙي، جهرجهنگ جهاڳي سنڌ جو پيغام عام ماڻهن تائين پهچايو. وقت جو انتهائي پابند ڪيترن ئي ڀلن دوستن کيس پنهنجن پروگرامن جون صدارتون ڏنيون پر وقت تي پروگرام نه ٿيڻ جي ڪري راشد اتان هليو ويندو هو ۽ اڄ جڏهن ۲۴هين مارچ جو ڏينهن آهي ته سائين راشد مورائي جون يادون تري آيون آهن ۽ سندس اهي سٽون ورجائڻ تي دل چوي ٿي ته: مون ٻڌو آ ته اڄ هو پڇڻ ٿو اچي موت ٽارو ڪرين ها ته ڇا ٿي ٿيئي. راشد مورائي سماجي تبديلي جو شاعر اظفر ميمڻ انسان پنهنجي فڪري ارتقا ۾ سماج جي حالتن کي سمجهندو رهيو آهي سندس لقاءَ ڏسندي ان جو جائزو وٺندو رهيو آهي سماجي حالتن جو اثر انسان تي تمام گهرو پيو آهي، سماجي اثر انسان جي فڪري ارتقاتي پڻ گهرو اثر ڇڏيو آهي هر دور م فطري طور غير معمولي ماڻهن جو جنم ٿيوآهي جن سماجي حالتن جو جائزو وٺندي پنهنجي فڪري اڏام جي ذريعي سماج کي بدلائڻ جي ڀرپور ڪوشس ڪئي آهي. سنڌ جي مٽي ۵ مارچ ۱۹۴۴ع ڌاري هڪ اهڙي شخصيت کي جنم ڏنو، جنهن جي شخصيت پنهنجي مزاج ۾ اهم حيثيت رکي ٿو. ان شخصيت جو ڇٽيءَ جو نالو “راشد مورائي” سجي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، راشد جنهن دور ۾ پيدا ٿيو ته ان کي ورهاڱو نصيب ٿيو سنڌ جو مڊل ڪلاس هتان لڏي وڃي چڪو هو، سندس تربيت هڪ صوفي گهراڻي ۾ ٿئي ٿي، اڳتي هلي سماجي حالتن جو اثر ۽ سياسي پختگيءَ جي ڪري ترقي پسند فڪر جي اثر هيٺ زندگيءَ جي گاڏي کي گهلي ٿو ڇوته ان سڄي دور جي اٿل پٿل جو دور چئجي ٿو ته وڌاءَ نه آهي. غير معمولي ماڻهو سماجي ۽ سياسي حالتن جو گهرو اثر وٺندا آهن، راشد تي ان دور جي حالتن جو اهڙو ته اثر ٿيو جو هو هڪ ترقي پسند ۽ سماجي سجاڳيءَ جو شاعر ٿي سامهون اڀري آيو، ۽ زندگيءَ جي آخري حصي تائين انهي عمل ۾ پيرا رهيو هن جو پڻ سماجي سجاڳي ۽ سماجي حالتن جو جائزو مقصد بنجي ويو، ساڳئي وقت هي محبِ وطن ۽ انسان دوست شاعر جي صورت سامهون آيو. راشد مورائيءَ جنهن دور ۾ سماجي حالتن جي گهيري ۾ رهيو ۽ پنهنجي شعوري ارتقا سان لکندڙ اياز به هو، جنهن جي فڪري پختگيءَ کان انڪار ڪري ئي نه ٿو سگهجي، انهي دور جا ٻيا فڪري ۽ پختا ڪردار استاد بخاري، نياز همايوني، ابراهيم منشي، امداد حسيني، عبدالڪريم ارشد، مير محمد پيرزادو، تنوير عباسي، شمشيرالحيدري ۽ ٻيا کوڙ سارا مضبوط ماڻهو رهيا، جن جي لکڻين ۾ پڻ هڪ وڏو سحر وهيو آهي، فڪري پختگي ۽ سماجي شعور جي ڳوڙهي اڀياس جي ڪري چمڪندڙ ستارا رهيا آهن، جن جي لکڻين ۾ پڻ سماجي تبديلي طرف حالتن جو جائزو ورتل آهي. اتي راشد مورائي پنهنجي فڪر جون ارتقائي منزلون طي ڪندي، هڪ الڳ جاءِ ٺاهي ٿو. راشد مڃتا جي گهوڙي تي چڙهي جيڪو سير ڪيو آهي اهو گهٽ ماڻهن کي نصيب ٿيندو آهي، راشد انهيءَ دور ۾ پنهنجي حيثيت مڃائيندي اڳتي وڌندڙ رهي ٿو. راشد هارين ۽ پورهتين تي ظلم، جاگيرداري نظام، سنڌي هندن جي لڏپلاڻ،سنڌي ٻولي تحريڪ چوٿين(۴) مارچ جو ڏهاڙو، غربت ، مفلسي، ڏاڍ، جبر ، محڪوم طبقي جي پيڙا، ون يونٽ جو قيام ايم آر ڊي تحريڪ وغيره راشد جي زندگيءَ تي گهرو اثر ڇڏيو اٿن، راشد حساس دل رکندڙ شخص انهن حالتن جو ڳوڙهو مطالعو ڪندي پنهنجي ترقي پسند فڪر سان جيڪا شاعري ڪئي ان سماج ۾ وڏي اٿل پٿل آڻي ڇڏي، ۽ انهن سڀني ظالم ڪردارن کي سڌو طرح حصو رهيا آهن. راشد مورائي جي فڪري اڏام ۾ سنڌ جي عظيم ماڻهو سائين جي ايم سيد جو به هڪ وڏو حصو رهيو آهي جنهن ساب وابستگي جي ڪري هن جي شخصيت ۾ الڳ رنگ ملي ٿو ۽ ائين تمام گهڻين شخصيتن هن جي شعوري سگهه ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي پوءِ اهي شخصيتون زنده هجن يا انتقال ڪري ويل هجن ڇونه ڇو ته راند انتقال ڪري ويل شخصيتن جي لکڻين جي گهرو مطالعو ڪري پنهنجي سوچ ۽ سمجهه ۾ اضافو پئي ڪيو هو۽ زندگيءَ جي آخري وقت تائين اهو عم جاري رهيو. راشد پنهنجي نجي ڪچهرين ۾ پڻ اهڙي قسم جي گفتگو ڪئي آهي، راشد پنهنجي زباني ٻڌايو ته آءُ سنڌي ادب، سياست، تاريخ جو سٺو مطالعو ڪيو آهي ۽ ڪيان پيو، راشد ٻڌائيندي چيو ته آنءُ اردو ۽ روسي ادب جو پڻ چڱو مطالعو ڪيو آهي. جنهن عمل جي ڪري راشد جي زندگي فڪري پختگيءَ سان ڀرپور رهي. راشد جي زندگيءَ توڙي شاعريءَ جا اهم پاسا مضبوط آهن، جن ۾ هڪ آهي مزاحمت ۽ ٻيو آهي ترقي پسند. سندس شاعريءَ جي گهرائيءَ سان مطالعو ڪجي ٿو ته خبر پوي ٿي ته سندس شاعريءَ ۾ ٻين لاڙن رجحانن ۽ فڪرن سان گڏ گهڻي ۾ گهڻو حصو انهن ٻن پاسن جو آهي. مزاحمت صرف اهانه آهي ته ظلم سهي وڃجي يا لٺ ڏڪو کڻي ويڙهه ڪجي، بلڪه مزاحمت جو هڪ ٻيو رخ اسان صوفين ڏسيو آهي، جيڪو آهي جانوراڻي، يا وحشي جبلت خلاف مزاحمت جو انا، اهنڪار، حسد، ڪينو، لالچ ، دغا، هرس، ساڙ خلاف مزاحمت. اهو فڪر پڻ راشد کي ورثي ۾ مليو، ڇوته سنڌ جي مجموعي شعور جو مطالعو ڪرڻ کان پوءِ اسان کي اها ڳالهه واضع طريقي سان سمجهه ۾ اچي ٿو. راشد هڪ باشعور شاعر هو، جنهن جيڪو به لکيو اهو سوچي سمجهي ۽ مقصد سان ڀرپور لکيو، راشد جي شاعريءَ ۾ سچ ۽ ڪوڙ جي ابدي جنگ ملي ٿي، راشد جي شاعريءَ ۾ نظرياتي پختگي ۽ سگهاري سوچ جي عڪس نظر اچن ٿا، راشد جا نظم هن ڌرتي مان ڦٽي نڪتل گلاب جي خوشبوءَ وانگر ٽڙيل نظر اچن ٿا، سندس شاعريءَ ۾ تخليقي ارتقا سان گڏوگڏ جدوجهد جو درس ملي ٿو. راشد جي شاعريءَ جي هر سٽ وڏي معنيٰ ۽ مفهوم رکڻ سان گڏ اتساهه پڻ ڏئي ٿي. اڄ سندس ٻين ورسي آهي، کيس کي ڪجهه سٽون لکي ڀيٽا پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڦل منهنجي محنت جو، منهنجي پوئيرکي مليو ته به ٺيڪ ٿيو مون پنهنجي حياتي منجهه ڏٺو، ميوو نه سهي ڪو ٻور سهي ”راشد“ سائين راشد مورائي جڳ ۾ جيئندس ھمت حشمت سان وزير فرهاد سولنگي سائين راشد مورائيءَ جو جنم ۵ مارچ ۱۹۴۴ع ۾ ڳوٺ جوڻالي تعلقه موري ۾ سيد سعيد علي شاھ “خادم” جي گهر ۾ ٿيو. سندس والد صاحب پنهنجي دور جو سٺو شاعر هيو. اهڙي طرح راشد مورائي کي شاعري به سندس وڏڙن کان ورثي ۾ ملي. پاڻ ۱۹۶۱ع ۾ پرائمري استاد ٿيو. پنهنجي پوري سروس دوران نهايت ايمانداري سان تعليم جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ جاکوڙيندو رهيو. راشد مورائي نه صرف شاعر آهي پر خدا تعاليٰ کيس اڻ ڳڻين خوبين سان مالا مال ڪيو آهي. سندس ذهن جي پختگي جو سبب جي ايم سيد جي شخصيت آهي، جنهن کيس پنهنجي پيار ۽ شفقت جي اثر هيٺ، سندس طبيعت تي انتهائي وڏو اثر ڇڏيو آهي. جنهن ڪري پاڻ هن وقت سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جو عاشق به آهي ته محبوب به آهي. سائين راشد مورائي سٺو نقاد، مقرر، سماجي اڳواڻ، تاريخ جو ڄاڻو هئڻ سان گڏو گڏ ڀلو مهمانواز پڻ آهي. مهمانن جو آڌر ڀاءُ ڪرڻ ته ڪو هن کان سکي. سندس اوطاق تي مهمانن جو سدائين ميلو متل هوندو آهي، جنهن ۾ سڄي سنڌ مان ڪهي آيل سندس چاهيندڙن ۾ سندس مداح، فنڪار، شاعر، اديب، قلمڪار، سياسي، سماجي اڳواڻ ۽ قومي ڪارڪن هوندا آهن. جيڪي هن سان ڪچهري ڪري اتساھ وٺندا آهن. اهي سڀ سندس اوطاق تان محبتون ماڻي پنهنجي ماڳن تي روانا ٿيندا آهن. سائين راشد جو پنهنجي اوڙي پاڙي وارن سان ورتاءُ، انتهائي شفقت وارو هوندو آهي. پاڻ سندن غمين ۽ خوشين ۾ هر وقت ڀاڱي ڀائيوار هوندو آهي. سندس چوڻ هوندو آهي ته جيڪڏهن ماڻهن جي خوشين ۾ شرڪت جي سگھه نه ٿا ساري سگهو ته سندن غمين ۾ ضرور شرڪت ڪندا ڪيو. جنهن تي هو پاڻ به انتهائي ذميواريءَ سان عمل ڪندو آهي. هن سڄي سنڌ جا ڳوٺ، واهڻ، وسنديون گهمي ڏٺيون آهن ۽ هن پنهنجي ڏات جي ذريعي سڄي سنڌ ۾ محبتون ماڻيون آهن. پاڻ ڪيترن ئي ڪتابن جو خالق آهي. جنهن ۾ سندس شاعريءَ جا ست ڪتاب پڌرا ٿي چڪا آهن ۽ ان کان علاوه سندس چار ڪتاب نثر جا ڇپجي چڪا آهن ۽ اڻ ڇپيل مواد تقريبًا ڏهاڪو کن ڪتابن کان مٿي آهي. سائين راشد مورائي پنهنجي اندر ۾ هڪ اداري جي حيثيت رکي ٿو. هي اسٽيج جو بادشاھ شاعر آهي. سندس انقلابي شاعري ۽ رومانوي شاعريءَ کي سڄي سنڌ ۾ تمام گهڻي محبت ۽ مقبوليت ملي آهي. سنڌ جا ماڻهو سندس قلمي پورهئي کي قدر جي نگاھ سان ڏسن ٿا. هڪ ڀيري کانئس نجي ڪچهريءَ دوران پڇيم؛ ”سائين اوهان کي سنڌي ماڻهن کان ڪا شڪايت آهي؟“ پاڻ موٽ ۾ چيائين؛ ”سنڌي قوم منهنجي محبوب آهي ۽ مون کي پنهنجي محبوب کان ڪا به شڪايت نه آهي. سنڌي ماڻهن مون کي تمام گهڻي عزت ۽ محبت ڏني آهي. جنهن کي مان قدر جي نگاھ سان ڏسان ٿو.“ سائين راشد مورائي، سڄي عمر تعليم ۽ سنڌي ادب جي واڌاري ۽ ترقي لاءِ پنهنجون خدمتون ڏئي پنهنجي قوم سان ڀرپور پيار جو اظهار ڪيو آهي ۽ پنهنجي صحت جي ضعيفي حالت هوندي به پاڻ هن وقت تائين سنڌ جي مختلف علمي، ادبي، سياسي، سماجي تقريبن ۾ وڃي سنڌي قوم جي ڏکن سکن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيندو آهي. سائين راشد مورائي پنهنجي سڄي عمر خود داريءَ سان گذاري آهي. هي ڪڏهن به ڪنهن آمر وٽ ناهي جهڪيو. هن سدائين سنڌ جي آزادي ۽ خوشحاليءَ جا گيت پنهنجي قوم کي ارپيا آهن. دعا آھي ته رب پاڪ کيس سالم صحت سان گڏ وڏي ڄمار عطا فرمائي ته جيئن سنڌي قوم کي اڃا به پنهنجا گيت ارپيندو رهي. راشد مورائي سنڌ جو يگانو شاعر خليل عارف سومرو محبت بخشو ماڻهپو، اُنس ڪيو انسان، هيس اڳي حيوان، عشق بڻايو آدمي. مان پنهنجي مٺڙي ماتا جي ڪهڙي ڳالهه ڪيان. جهڙي آ سونهاري سُهڻي، تهڙا آهن هن جا ماڻهو مٺا ۽ ملوڪ. اصل مکڻ جا چاڻا ۽ موتين جا داڻا. دل جهڙي اهڙي ديس کي هن وقت امن، ايڪي، الفت ۽ اتحاد جي ضرورت آهي هينئر وقت جي تقاضا آهي ته سجاڳ ٿيجي ۽ وطن لاءِ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪجي مورو تعلقي جي جوڻالي ڳوٺ ۾ جنم وٺندڙ سائين راشد مورائي جنهن جون جوتون هاڻي ساري جڳ ۾ ڦهلجي ويون آهن ان ارڏي ۽ انقلابي مرد مجاهد سائين راشد کي سلام طور ٻه اکر ڀيٽا طور پيش ڪيان ٿو، شال قبول پون. سچ چوندا آهن مورو ناهي ٿورو اهو ئي مورو ۽ اتي ڳڻن ۾ سڀني کان ڳورو سائين راشد مورائي سنڌ جو سچو عاشق صحيح معنيٰ ۾ سنڌ جو سورمو آهي. سنڌ جو هي سيد ڀٽ ڌڻي وانگي سنڌ جي سڪار ۽ عالم جي آبادي لاءِ دم دم دعاڳو آهي، سائين راشد مورائي سنڌ جي عظيم روايتن کي نه رڳو قائم رکڻ لاءِ جاکوڙي رهيو آهي بلڪه روشن ضميري جي روشني جهڙين انهن روايتن کي جنم به ڏئي رهيو آهي. عطا محمد ڀنڀري سنڌ امڙي جي ٿڃ ملهائيندي ايوارڊ ٺڪرايو موٽ ۾ مٽي کيس مان ڏنو. مريم مجيدي ايوارڊ قبول نه ڪيو قوم کيس سلام پيش ڪيو سائين راشد مورائي ۰۶ آڪٽوبر تي پنهنجي رٿيل رهاڻ ملتوي ڪرائي اهڙي عمل سان ديس واسي سرها به ٿيا سُرها به ٿيا. سائين راشد مورائي سان ۰۶ آڪٽوبر تي ساڃاهه وند سوسائٽي مورو طرفان رهاڻ هئي جنهن جو ڪارڊ سڄي سنڌ وانگر مون تائين به پهچي چُڪو هيو پر سائين پنهنجي جاءِ تي هڪ اهم گڏجاڻي ڪوٺائي اهو چيو ته (سنڌ هينئر تمام ڏکئي وقت مان گذري پئي کيس ٻٽي نظام جي صورت ۾ ٻن حصن ۾ ورهائڻ جي ناپاڪ ڪوشش ڪئي پئي وڃي قوم احتجاج ڪندي روڊن تي نڪري آئي آهي ڌرتي جا ڳڀرو شهيد ٿي رهيا آهن سنڌ جي هن سڏڪندڙ صورتحال ۾ مان پنهنجي رهاڻ نه ٿو ڪرائي سگهان منهنجو ضمير ئي گوارا نه ٿو ڪري ته جيجل جنجل ۾ هجي ۽ مان گلن جا هار پائي اجرڪ اوڍي خوشيون ملهايان.) مون سان اها ڳالهه سائين منظور علي شاهه منظور جڏهن فون تي ڪئي ته منهنجي دل ۾ سائين راشد لاءِ احترام ۽ عزت اڳي کان به اڃان گهڻو وڌي ويو ڇاڪاڻ ته سائين راشد مورائي هن وقت جنهن پير سنيء جي موڙ تي آهي يا سندس بيماري جنهن اسٽيج تي آهي جتي دنيا جو ٻيو ڪوبه ماڻهو هجي ته اهو سوچيندو ته گهڙي پل جو مهمان آهيان جيترو گهڻو کائي سگهان کاوان. ڏسي سگهان ڏسان، گهمي سگهان گهمان مطلب ته وڌ ۾ وڌ خوشي ۽ مزو ماڻيان پر سائين ان جي ابتڙ پنهنجي رهاڻ ٺڪرائي نه رڳو سنڌ پرستي جو ثبوت ڏنو پر پنهنجي ويڙهيچن سان وفا جو وچن ورجائي ڏيکاريو، سائين راشد توکي سلام آهي. ساهه برابر سنڌڙي آهي سنڌڙي راشد جندڙي آهي. سنڌ کي ساهه کان وڌيڪ مٺو ڀائيندڙ سائين راشد پنهنجي ڌرتي سان Committed آهي ماتا تو کان منهڙو موڙي ڪيئن خوش رهندس آءُ سنڌڙي مان ته سڃاپان ئي ٿو تنهنجي نسبت سان اڄوڪي هن دور جي اڳ ڪٿي گهڻو اڳ ۾ ئي ڪئي هئائين هي دور آ بد اخلاقي جو هي دور ڪميڻو دور آهي سنڌڙي جي سيني تي سائين پيا ٿا سَپ سُرن الاڙي هي شل چپ چُرن اسان سنڌي تصوف ۾ يقين رکون ٿا اسان جون سوچون به صوفياڻيون آهن امن پسند ۽ محبت جا متوالا به آهيون پر جڏهن ڌارين، ظالمن، غاصبن جا ڏاڍ ڳچي ۾ پئجي وڃن ته وڙهڻ لاءِ پنهنجا جيڪي لوڪ هٿيار آهن تن جو اظهار به ڏسو. نظر سنڌ ڏي جيڪي بدڪن انهن جي اکين جي ڪڍڻ لاءِ اُماڙي ته آهي نه بندوق ڀالا نه ڪي بم نه گولا وڙهڻ لاءِ راشد ڪهاڙي ته آهي منزل ٿيندي ويجهڙي ، جيئن جيئن پنڌ ڪبو، ڪاميابي حاصل ڪري، اوچو ڪنڌ ڪبو، هڻي هنڌ ڪبو، سج اُڀاري سچ جو. الا سنڌ جيئي، جيئي نظارو نور، اڪن جهليون ڦلڙيون، ٻيرن جهليو ٻُور، چشم بد دور، سدا رهي سنڌ کان. هيئنر ته ڄڻ سڄي دنيا جون بد نظرون سنڌ ۾ کپي ويون آهن ۽ ڏائڻ ماڻهو پنهنجون وحشي نگاهون سنڌ مان ڪڍن ئي ڪون ٿا. ڪجهه ڏينهن اڳ سائين راشد سان ڪچهري ۾ ويٺو هيس ڳالهين ئي ڳالهين ۾ کائنس محبت ۽ سيڪس جي فلسفي بابت پڇيم ته سيد بادشاهه جلالي ۾ اچي ويو چئي ماڻهو پيا ٿا مرن، سنڌ اچي وئي آ سورن ۾ توکي پئي آ محبت ۽ سيڪس جي چڏيو انهي بحث کي جتي هُجو جتي ويهو مائٽن سان، دوستن سان جيڪا ڪچهري ڪيو اها سنڌ بابت هجي سنڌ جي حالتن تي هجي ۽ سنڌ جي سجاڳي لاءِ هجي محبت کانسواءِ جي ويندوء سنڌ کانسواءِ جي نه سگهندوء سندس دڙڪن ۾ به ناصحانه نُڪتا هيا جيڪي مون هيانءُ سان هنڍائي ڇڏيا سندس شعر دل تي تري آيو ته. نئين نسل جي راشد سائين سرت سنواري وينداسين سائين ته شاعري لاءِ به هيئن چوندو آ ته: گل ۽ بُلبُل جي قصي تي پاڻ ڇو جهُومي اُٿون دانهن جي ڌرتي جي هوندي شعر تي وهوا ڪبي جسم ٿو ولوڙجي، ته ذهن ٿو نچوڙجي، اچو نئون سماج ڪو، نئون جهان جوڙجي سائين راشد مورائي جي شاعري سماجي نا انصافين خلاف جنگ جو اعلان آهي، اچو گڏجي دوستو، ڦيرو ڪو آڻيون، عقل علم عمل کي، هڪٻئي سان واڻيون، ريتون پراڻيون، مٽايون هن ماڳ تان جوکي ۾ وڌم جيء، ڪيم جنگ اُمن لاءِ انياءُ سان اٽڪين ته مونکي ياد ڪندو ڪر سڄي سنڌ کي خبر آهي ته سائين راشد مورائي گهڻي وقت کان مسلسل بيمار رهي ٿو منهنجو جڏهن به موري وڃڻ ٿيندو آهي ته سائين جي مزاج پُرسي لاءِ سندن اوتاري تي پيرين پوڻ ضرور ويندو آهيان ۽ ڏسندو آهيان ته هُو لکڻ يا پڙهڻ ۾ مصروف هوندو آهي بيماري جي ان حالت ۾ به سائين وٽ جيتري ڳڻتي مون سنڌ لاءِ ڏٺي آهي اوتري پنهنجي صحت لاءِ به ڪونه اٿس. هو ته ههڙي حال ۾ به لکي ٿو ۽ بجل جي لوڊ شيڊنگ جي پرواهه به نه ٿو ڪري چئي ٿو : بجلي وارن جي مرضي آ گهٽ لکجي ڏيئا جلندو رهه ڳچ تائين لکڻو آ ڇڏ ته ڪوئي نئون نظم ٺاهي وٺان قرض ڌرتي ماءُ جو لاهي وٺان مس کُٽي وئي آ، لکيم ريٽي رت سان باک ڦٽي وئي آ تازي هن صورتحال ۾ به جڏهن سڄي سنڌ سراپا احتجاج آهي تڏهن به سائين راشد قلم سان ۽ پنهنجي عمل سان ميدان تي لٿل آهي وڏي واڪي للڪاريندو رهي ٿو. پنهنجن تي ڪڏهن وار ڪيون ٿئون نه ڪبو بيواجبي تڪرار ڪيو ٿئون نه ڪبو سنڌ جي ڄڻين سان ڪو ليکو نه اٿئون پر بخش ڪو غدار ڪيو ٿئو ن نه ڪبو ڇاڪاڻ ته سندس هي ويچار به آهن ته: تنهنجو منهنجو ٺاهه، شايد ڪڏهن ڪين ٿئي مونکي مٺڙي سنڌڙي، توکي مٺو ساهه، ٿيندو ڪيئن نڀاهه، ڪانئر ۽ ڪنڌار جو سائين راشد مورائي لاءِ محبت ۽ عقيدت جو سمنڊ دل ۾ ڇوليون هڻي رهيو آهي ۽ روح جو آواز هي لکڻ تي مجبور ڪري ٿو ته: راشد مورائي، اهڙا ماڻهو سنڌ ۾ هوندا ٿورائي. راشد مورائي جون کريون ڳالهيون مذهبي انتهاپسندي سنڌ جي دل تائين پهچي وئي آهي! انٽرويو: الهه بخش راٺوڙ سوال: ماضيءَ جي جوش ۽ جذبي واري سياسي ۽ ادبي ماحول جي ڀيٽ ۾ هينئر جيڪا صورتحال آهي، ڇا ان ۾ ساڳيو اتساهه ملي ٿو؟ جواب: ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو فرق آيو آهي، ان دور ۾ جيڪي اتساهيندڙ ڪردار هئا، انهن ۾ محمد خان مجيدي، ابراهيم منشي، ڊاڪٽر تنوير عباسي، شيخ اياز، شمشير الحيدري ۽ استاد بخاري قومي شاعري ڪندا هئا. هينئر اهي اتساهيندڙ ڪردار هن دنيا ۾ نه رهيا آهن، جنهن ڪري ماضيءَ جهڙي شاعري به نه ٿي ٿئي. ٻي ڳالهه ته ڪجهه سرڪاري اديبن قومي شاعريءَ کي نعري بازيءَ جو نالو ڏنو ۽ مخالفت ڪئي. انهن جو موقف هو ته اهو ادب نه آهي، پر نعريبازي آهي. ان جي نتيجي ۾ جيڪي قومي شاعري ڪندا هئا، انهن مان به ڪيترائي مايوس ٿي اها شاعري ڇڏي ويا. منهنجو چوڻ اهو آهي ته جيستائين سنڌ جا مسئلا موجود آهن، تيستائين اها شاعري ڪرڻي آهي، ان کي پوءِ سرڪاري اديب ڪهڙو نالو ڏين ٿا، ان سان ڪو به فرق نه ٿو پوي. جيڪي قومي شاعر يا اديب ان تان هٿ کڻي وڃن ته ان کي ڀاڙيائپ يا بزدلي چئي سگهجي ٿو ۽ اها ڪنهن به صورت ۾ ادبي ديانتداري نه آهي. سوال: اهي ڀاڙيا يا بزدل ڪهڙا سرڪاري اديب هئا، ڪجهه نالا کڻندؤ؟ جواب: انهن جا نالا نه کڻبا، ڇاڪاڻ ته انهن جي وڏي لانڍ آهي، مان توهان کي هڪڙو مثال ڏيان ته ماضي ۾ پ ٽ الف جي هڪڙي هڙتال هئي، سيوهڻ ۾ هڪڙو ڏنڊي وارو مولائي استاد هوندو هو، اهو ڏنڊو لهرائيندي چوندو هو جيڪو به هڙتال ختم ڪندو ان کي منهنجو ڏنڊو سجهي ٿو. ان دوران ويهن استادن جي نمائندن گورنر سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ هڙتال ختم ڪئي وئي. پوءِ مولائيءَ کي چيو ويو ته مولائي هڙتال ته ختم ٿي وئي ۽ تنهنجي ڏنڊي کان ڪو به نه ڊنو، ان تي مولائي چوڻ لڳو ڀائو ڏنڊو هڪڙو، ماڻهو ۲۰ آهن، ڪنهن ڪنهن کي ڊيڄاريان. اڄ به بااخلاق ۽ باڪردار اديب تمام گهٽ آهن، بد ڪردار تمام گهڻا آهن، جيڪي ٻوليءَ جا دشمن آهن ۽ اهي ٻوليءَ کي بگاڙي رهيا آهن. اهي رڳو سرڪار جي تعريف ۾ پورا آهن ۽ عوام جي مسئلن کان وانجهيل آهن. اهي اهڙو تاثر ڏين ٿا ڄڻ عوام جا مسئلا هاڻ رهيا ئي ڪو نه آهن ۽ سنڌ جو ماڻهو آزادي ۽ مزي سان زندگيءَ جا مزا ماڻي رهيو آهي، اهڙا ڪردار جتي ڪٿي اوهان ڏسي سگهو ٿا. سوال: مارشل لا جي دور ۾ اديبن ۽ شاعرن ۾ تمام گهڻو جوش ۽ جذبو هوندو هو ۽ شاعر عوام کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ انقلابي شاعري ڪندا هئا، هينئر اهڙو ماحول به نه آهي ۽ ڪجهه لبرل ماحول آهي. ان صورتحال ۾ توهان ڪهڙي اميد ڪيو ٿا؟ جواب: لبرل ماحول ۾ ته وڌيڪ آزاديءَ سان لکڻ گهرجي، پوءِ اديب ۽ شاعر ڇو نه ٿا لکن، اصل ۾ هو ذهني طور ڀاڙيا آهن، مثال طور جيڪڏهن ڪنهن ننڍڙي اديب کي سرڪار وڏي ڪرسي ڏئي ڇڏي، ته اهڙو ليکڪ ڇو لکندو، اهڙا اديب ڀلا حڪومت جي ڪردار تي تنقيد ڇو ڪندا؟ جڏهن مارشل لا هئي تڏهن به سهڻي، روح رهاڻ ۽ مهراڻ رسالا شايع ٿيندا هئا، اهي رسالا جيڪي ماڻهو ڪڍندا هئا اهي سمورا ختم ٿي ويا. ان ڪري سنڌي ادب ۾ خال پيدا ٿيو آهي. سوال: ماضيءَ ۾ سرڪار کان ايوارڊ وٺڻ کي عيب سمجهيو ويندو هو ۽ هاڻ به سائين عطا محمد ڀنڀري پ پ حڪومت کان ايوارڊ وٺڻ کان انڪار ڪيو آهي، توهان ان عمل کي ڪيئن ٿا ڏسو؟ جواب: مون سائين عطا محمد ڀنڀري کي فون ڪري ايوارڊ نه وٺڻ تي مبارڪ باد ڏني ۽ کيس چيو ته توهان وڏو ڪم ڪيو آهي، ان موٽ ۾ چيو ته سنڌي سمورا قوم پرست آهن، مون هڪ وڏو نالو کڻي چيو ته اهو به قوم پرست آهي؟ چوڻ لڳو ها آهي. ان تي مون وڏا ٽهڪ ڏنا ته چوڻ لڳو پوءِ توهان چنيسر جو ڪو نه پڙهيو آهي، آخر ۾ اهو به وڙهيو هو. اسان سائين کي جس چيو ته اهو هڪ سٺو قدم هو. اهي ڪردار معاشري ۽ سنڌي سماج لاءِ اتساهيندڙ آهن. اهڙن قدمن سان نوجوانن کي اتساهه ملندو. جيڪڏهن اسان ايوارڊن تي خوش ٿي ويهي رهياسين ته نوجوانن کي ڪو به اتساهه نه ملندو. سوال: توهان اهو ٻڌايو ته سرڪار کان ايوارڊ وٺڻ گهرجن يا نه؟ جواب: وقت وقت جي ڳالهه آهي، جيڪڏهن مون کي اهو ايوارڊ ملي ها ته مان اهو چوان ها ته پهريان ڪامريڊ غلام رسول سهتي جا مطالبا پورا ڪريو، ان کان پوءِ ايوارڊ وٺندس. سائين عطا محمد ڀنڀري به ان ڪري ئي چيو ته سنڌ ڏکن ۾ آهي، پهريان ان جا ڏک، سور ختم ڪيو ان کان پوءِ ايوارڊ وٺندس. سائين عطا محمد ڀنڀرو پهريان اهڙي نوعيت جو ايوارڊ وٺي چڪو آهي، ايوارڊ وٺڻ وقت اهو ڏسڻ گهرجي ته اهو ڪنهن جي هٿان ملي ٿو. ماضي ۾ مون سان شام ملهائي وئي ۽ پڇيو ويو ته توهان ڪنهن جي هٿان ايوارڊ وٺندؤ. پوءِ مون جنهن جو نالو تجويز ڪيو ان جي هٿان ايوارڊ ڏنو ويو. انهي ڪري ڏسڻو اهو هوندو آهي ته وقت ڪهڙو آهي ۽ مسئلا ڪهڙا آهن. ان کان پوءِ اهو فيصلو ڪبو ته اهڙو ايوارڊ وٺجي يا نه. منهنجي خيال ۾ ايوارڊ وٺڻ گهرجن، اسان هن ملڪ ۾ رهون ٿا، اسان جو حصو هر ڳالهه ۾ آهي. انهيءَ ڪري اسان کي به پنهنجو حصو ملڻ گهرجي. سوال: سائين کي اهو ايوارڊ وٺڻ گهربو هو يا نه ؟ جواب: سائين ماضيءَ ۾ جيئن مون چيو ته ايوارڊ وٺي چڪو آهي، هن ايوارڊ نه ورتو، ان تي مان کيس سلام پيش ڪيان ٿو، هيءَ به هڪڙي بهادري آهي، سائينءَ به سٺو قدم کنيو آهي، جيڪڏهن سائين ايوارڊ وٺي ها تڏهن به اسان ان جي مذمت نه ڪيون ها، جمهوري حڪومت آهي ۽ اسان جا به ان تي حق آهن، سائينءَ جيڪا ادب ۽ تاريخ جي خدمت ڪئي آهي، ان جي عيوض ايوارڊ ان جو حق هو. سوال: توهان جنهن ماحول ۾ شاعري ڪئي اهو ڏاڍو گرم هو ۽ توهان جهر جهنگ وڃي ماڻهن کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پنهنجي شاعريءَ جي ذريعي جاڳرتا پيدا ڪئي، ڇا اهڙو ماحول ٻيهر جنم وٺي سگهي ٿو؟ جواب: جيترو اسان تي ڏکيو وقت هو اوترا اسان جا جذبا جوان هئا، هينئر ٿورو گهڻو جمهوري دور آهي، جنهن جي ڪري به اديب آرام ۾ آهن، ڪن کي ته وري سرڪاري نوڪريون مليون آهن، ان ڪري هو آواز اٿارڻ لاءِ تيار نه آهن. جيڪڏهن ڏکيو وقت آيو ته پوءِ ظلم جي خلاف سڀئي اٿي پوندا. سوال: توهان جيڪا شاعري ڪيو ٿا، ان ۾ اتساهه جو ذريعو ڪهڙو آهي؟ جواب: مون ٻڌايو ته ماضيءَ ۾ اسان جا قومي شاعر اتساهه جو وڏو ذريعو هئا، جيڪي هاڻ نه رهيا آهن، مان شروع ۾ شيخ اياز، تنوير عباسيءَ، استاد بخاريءَ ۽ ٻين شاعرن جون سٽون پنهنجي ڊائري ۾ لکندو هئس ۽ مون کي اڄ به انهن جا ايترا گهڻا شعر ياد آهن جيترا پنهنجا به ناهن. اتساهه ڏياريندڙ ماڻهو اسان کان وڇڙي ويا آهن، هينئر منهنجو عقيدو ايترو پختو ٿي ويو آهي، جو جيڪڏهن سڄي سنڌ ۾ سڃ ٿي وڃي، پوءِ به منهنجو عشق قائم هوندو. ان ۾ ڪا به ڦير ڦار نه ايندي. سوال: ڇا شاعرن لاءِ به نظريا ضروري آهن؟ جواب: نظريو، شاعرن سميت سمورن ماڻهن لاءِ ضروري آهي، ڪنهن نظرياتي پارٽي ۾ شاعر ڀلي ڪم نه ڪري، پر پنهنجي ڌرتي ۽ عوام سان ڪميٽيڊ رهڻ ضروري آهي، حيوان واري زندگي گذارڻي ڪانهي، عوام جي مسئلن کي سمجهڻو آهي ۽ اهي شاعريءَ ۾ بيان ڪرڻا آهن. عوام کي سمجهائڻو آهي، عوام جي سجاڳيءَ ۽ ڀلائيءَ وارن معاملن کان ڪن لاٽار ڪرڻي نه آهي. جيڪو عوام سان ويساهه گهاتي ڪري ٿو، اهو غدار آهي. سوال: سنڌ جي موجوده صورتحال کي توهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جواب: اسان کي ڀٽائي دلاسو ڏنو ته : هيٺان به ان، مٿان به ان، گري ڪانو پن، وچان ويندا نڪري. هي اهڙا آسرا آهن، جنهن جي سهاري تي جيئون ٿا پيا، ته من ڪا مستقبل ۾ ڀلائي ٿئي ۽ اها اسان کي نصيب ٿئي، مجموعي طور تي اسين آرام ڪرڻ واري قوم آهيون، امن پسند آهيون ۽ جهيڙي مان ڄاڻون ڪو نه، موهين جي دڙي مان سڀ ته شيون مليون، پر ويڙهه ڪو اوزار نه نڪتو، مطلب ته ماضي بعيد کان وٺي هينئر تائين وڙهي نه سگهيا آهيون. سڪندر اعظم جڏهن سيوهڻ آيو ۽ اتان جي قلعي ۾ ويڙهه ٿي، تيستائين سنڌين تلوار نه ڏٺي هئي، سڪندر جا فوجي قلعي مان ٽپي اندر آيا، سنڌي انهن کي ٻک پيا هڻن ته سڪندر جي سپاهين تلوار لهرائي ۽ کين مارڻ شروع ڪيو. پوءِ کين خبر پئي ته هي تلوار ته خطرناڪ آهي. انگريزن سنڌ جي تاريخ ۾ لکيو آهي ته سنڌين انهن تي گهوٻاٽن سان حملا ڪيا. سنڌ جي زرخيزي ۽ امن پسنديءَ جي ڪري ماضيءَ کان سنڌ تي ڪٽڪ ڪاهيندا آيا، سنڌ کي لتاڙيندا ڦريندا رهيا ۽ اسان هميشه لٽبا رهيا آهيون. هينئر سنڌ ۾ سجاڳي ڪافي گهڻي آهي، ماضيءَ ۾ لاڙ ۾ جنگ ٿيندي هئي ته اتر وارن کي ڪا خبر به نه هوندي هئي، اتر ۾ ڌاريجا رهن ٿا، ان جي لاڙ وارن کي خبر ئي ڪا نه هئي، هينئر سموري سنڌ جو ساڳيو مسئلو آهي، توهان کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪهاڙيءَ وارو جهنڊو ملندو. نظريو جتي ڪٿي پکڙيل آهي، جڏهن ته امن پسندي اسان جي خون ۾ شامل آهي، ويڙهه جي عمل ۾ گهڻا باشعور نه ٿيا آهيون ۽ نه ئي وري وڙهڻ جي ٽريننگ آهي، پر نظرياتي طور تي پختگي ايندي ٿي رهي ۽ ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ گهڻا اڳڀرا آهيون. سوال: توهان وٽ ويڙهه جو تصور ڪهڙو آهي ڇا هٿيار کڻي وڙهجي؟ جواب: نه نه! ضروري نه آهي ته هٿيار سان وڙهجي، ڪجهه هٿيارن سان به وڙهڻو پوندو، ڪلاسيڪي شاعر دادن فقير جون ٻه سٽون آهن ته: نه اوڀارو نه لهوارو، لڙي چؤطرف چوڌارو. ان ڪري وڙهڻو چئني ڪنڊن تي آهي، ان ۾ قلم جي جنگ به شامل آهي، هٿيار جي ويڙهه به شامل آهي ۽ زبان جي جنگ به اچي وڃي ٿي، مطلب ته هوشيار قوم ۽ ماڻهوءَ کي هر وقت نظرياتي طور تيار رهڻو آهي. پوءِ هو ڪٿي قلم استعمال ڪندو، ڪٿي زبان استعمال ڪندو ته ڪٿي ڪٿي هٿ به استعمال ڪرڻا پوندا. رسول ڪريم صلي الله عليه واله وسلم، رحمت اللعالمين هئا، پر احد جي جنگ ۾ ويڙهه دوران هڪ ڪافر ماري وڌائون، جيڪڏهن ائين نه ڪري ها ته اهو کين نقصان پهچائي ها، اهو اسلام لاءِ وڏو خطرو ٿي وڃي ها، تنهن ڪري رحمت اللعالمين به هڪڙي ماڻهوءَ کي ماري وڌو. ان ڪري جيڪڏهن اسان جي سر تي اچي وئي ته پوءِ هٿ به استعمال ڪرڻو پوندو. ڇو ته قلم ۽ زبان جي جنگ وقت تي وڙهڻي آهي. قلم ته تلوار کان به تکو آهي، ان جو زوردار طريقي سان استعمال ٿيڻ گهرجي. قلم کي ته ڪجهه ماڻهو سمجهي سگهن ٿا، پر زبان کي هر ٻهراڙيءَ جو ماڻهو سمجهي سگهي ٿو. سوال: توهان ڪيترين ئي نسلن جا شاهد آهيو ۽ هڪڙي جنريشن کي توهان ذهني طور تيار ڪري ميدان ۾ لاٿو، ان جي باري ۾ توهان جو ڇا خيال آهي؟ جواب: سئو سيڪڙو ته اسان جو ڪو به نسل صحيح نه رهيو آهي، پر اڪثريت چڱي پاسي آهي، اسان نئين نسل مان نااميد نه آهيون، اهو چئون ته جن کي پڙهايوسين اهي سئو سيڪڙو صحيح آهن، سا ڳالهه صحيح نه ٿيندي. هڪڙا وڃي روزگار سان لڳا ۽ کين سڻڀي نوڪري ملي وئي ته اتي خوش ٿيا، انهن کان نظريا وغيره سڀ وسري ويا، اهڙا ماڻهو هينئر به موجود آهن. ٻيا اهي جن سٺين نوڪرين کي لت هنئي ۽ اهي فيلڊ ۾ ڪارڪن ٿي ڪم ڪري رهيا آهن، اهڙا ماڻهو به اسان وٽ آهن. نااميديءَ جي ڪا ڳالهه نه آهي. سنڌ جي ڌرتي زرخيز آهي ۽ اها اسان کي بک مرڻ ڪا نه ڏيندي، اسان جو نئون نسل نوان نوان ٻوٽا پوکيندو ۽ ان مان نوان سلا پيدا ٿيندا. اسان پراميد آهيون. سوال: توهان شروع کان وٺي فيلڊ ۾ هئا ۽ توهان کي خبر آهي ته هر جاءِ تي سياست حاوي هوندي هئي، پوءِ اها شاعري هجي، ادب يا وري زندگيءَ جو ڪو ٻيو شعبو، توهان پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌ جي ڏکن سورن کي وڌيڪ بيان ڪندا هئا، ڇا توهان سمجهو ٿا ته توهان ماضيءَ ۾ جيڪو ڪجهه ڪيو اهو صحيح هو؟ جواب: مان پنهنجي زندگيءَ مان تمام گهڻو مطمئن آهيان، جيڪڏهن منهنجو سمورو پورهيو قوم جي اڳيان اچي ته سنڌ ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو هوندا، جن مون جيترو پورهيو ڪيو هوندو. هارين سان گڏ لابارا ڪرڻ، اسٽڊي سرڪل هلائڻ، ماڻهن جي ذهني تربيت ڪرڻ ۽ ٻيا گهڻا ڪم ڪيا تنهن تي مان گهڻو خوش آهيان. مان هينئر به پنهنجي ڳالهه تي قائم آهيان. سائين جي ايم سيد جي شخصيت ئي اهڙي هئي جنهن کان اديب اتساهه حاصل ڪندا هئا، زندگيءَ کان مايوس اديب رات سائين وٽ رهندا هئا ۽ ڪچهري ڪري اتساهه حاصل ڪندا هئا، اهي وري اچي ان اتساهه کي اسان ۾ ورهائيندا هئا. هينئر سائينءَ جي شخصيت به نه آهي جنهن کان اتساهه حاصل ڪجي. هاڻي چڱائيءَ جي چونڊ ڪرڻي پوندي، ۽ جتان ملي اها وٺڻي پوندي. ائين ڪري گهڻي چڱائي گڏ ڪري وٺنداسين. سوال: توهان ماضيءَ ۾ انقلابي ۽ رومانوي شاعري ڪندا هئا، پر هاڻ عمر سان گڏ ڪٿي رومانوي رنگ ته توهان جي شاعريءَ تي حاوي نه ٿيو آهي؟ جواب: نه ائين نه آهي، سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسيءَ وسري. اهي منهنجي شاعريءَ جا محرڪ آهن. اهي جيئن ئي شروع کان وٺي منهنجي شاعريءَ ۾ هئا هينئر به آهن، پيريءَ ۾ ذاتي عشق گهٽجڻ گهرجي، ماروي جڏهن پنهنجي وطن ۾ هئي ته ان جي ذهن ۾ رڳو کيت جو تصور هو ۽ اهو ئي هن جو محبوب هو. جڏهن عمر جي جيل ۾ پئي ته ان جو عشق وسيع ٿي ويو، هن جي سمورن ماروئن ۽ ٿر جي ڀِٽن، ڇيلن، ٻڪرين مطلب ته هر شئي سان محبت ٿي وئي. تيئن، جيئن عمر گذري ٿي عشق مجازيءَ کان حقيقيءَ ڏي وڌي ٿو. سوال: سنڌ جو جيڪو لبرل ۽ صوفي ازم وارو رنگ هو، توهان سمجهو ٿا ته مذهبي انتهاپسنديءَ ان کي به متاثر ڪيو آهي. جواب: ها بلڪل! مذهبي انتهاپسندي اسان جي ڳوٺن تائين پهچي وئي آهي، جيڪڏهن ائين چئجي ته اها سنڌ جي دل تائين پهتل آهي ته غلط نه هوندو. مذهبي انتهاپسند ان ڪري وڌيا آهن ڇاڪاڻ ته اسان جي ترقي پسند تحريڪ ماٺي ٿي وئي ۽ ان گوڏا کوڙي ڇڏيا. سوال: ماضيءَ جي ترقي پسندن جي پاسيري ٿيڻ جا سنڌ جي معاشري تي ڪهڙا ناڪاري اثر پيا آهن؟ جواب: اسان جي ڪامريڊن ۽ ترقي پسندن کي روس جي ٽٽڻ سان گڏ ڀڄڻ نه گهربو هو ۽ کين پنهنجي موقف تي قائم رهڻ گهرجي ها، اهي انتهاپسنديءَ اڳيان بند ٻڌي بيٺا هئا، جيڪو ٽٽي پيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو هاڻ مذهبي انتهاپسند اسان کي جتي ڪٿي ملن ٿا ۽ ان سان سنڌ جي لبرل سوچ به متاثر ٿي رهي آهي. ان ڪري ضروري آهي ته ان سوچ کي ٻيهر اڀارجي ان وقت جڏهن اسان پرڀرا بيٺا هئاسين ته ڪامريڊ يا ڪميونسٽ اڳتي هئا ۽ جڏهن اسان انهن سان ويجهڙائپ ڪئي ۽ ان موقف کي پنهنجو ڪيو ته هو ڀڄي ويا. جنهن ڪري سنڌ کي گهڻو نقصان پهتو آهي، پر اڄ هر سنڌي ماڻهوءَ جي اک ۾ مون کي سنڌ جو نقشو نظر اچي رهيو آهي. راشد مورائي قومي شاعر جي اڄ پنجين ورسي آهي وزير فرهاد سولنگي جڏهن مان ڳوٺ مياڻيءَ کان لڏي اچي موري ۾ رهائش اختيار ڪئي تڏهن منهنجي ڳوٺ جا سنگتي ساٿي، گهر گهٽيون ۽ ڳوٺ جا منظر ڏاڍو ياد اچڻ لڳا. ۽ منهنجي ڳوٺاڻي زندگي جا ساٿي موري اچي مون سان ملي ويندا هئا. انهن ساٿين ۾ مسرور پنائي به مون سان گڏ موري ۾ ملڻ ايندو هيو. هڪ ڀيري سائين مسرور پنائي موري آيو ۽ مون کي ساڻ ڪري سائين راشد مورائي سان منهنجي ملاقات ڪرايائين. هونئن ته سائين راشد مورائي کي مان ننڍپڻ کان ئي سڃاڻندو هيس پر ساڻس ڪڏهن به نويڪلائيءَ ۾ ملاقات ڪرڻ جو موقعو نه مليو هيو، هيءَ ساڻس سان ڪيل پهرئين ملاقات هئي جنهن جو سبب مسرور پنائي هيو. سائين راشد مورائي انهن ڏينهن ۾ جسماني طور گهڻو ڏٻرو هوندو هيو. پر سندس اندر جي ڏات ان کان ابتڙ هئي. گرجدار آواز ۽ خيالن ۾ پهاڙ جيڏي مضبوطي هئي. اهڙي طرح هن جي ڏات به سندس مزاج سان ٽهڪندڙ هئي. هن جي شاعري سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان والهانه پيار جو اظهار هيو. جيڪا هن وقت تائين پنهنجي عروج تي پهتل آهي. راشد مورائيءَ جو جنم ۵ مارچ ۱۹۴۴ع ۾ ڳوٺ جوڻالي تعلقه موري ۾ سيد سعيد علي شاھ "خادم” جي گهر ۾ ٿيو. سندس والد صاحب پنهنجي دور جو سٺو شاعر هيو. ۽ اهڙي طرح راشد مورائي کي شاعري به سندس وڏڙن کان ورثي ۾ ملي. پاڻ ۱۹۶۱ع ۾ پرائمري استاد ٿيو، ۽ پنهنجي پوري سروس دوران نهايت ايمانداري سان تعليم جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ جاکوڙيندو رهيو. راشد مورائي نه صرف شاعر هو، پر خدا تعاليٰ کيس اڻ ڳڻين خوبين سان مالا مال ڪيو ، سندس ذهن جي پختگي جو سبب جي ايم سيد جي شخصيت هئي جنهن کيس پنهنجي پيار ۽ شفقت جي اثر هيٺ سندس طبيعت تي انتهائي وڏو اثر ڇڏيو جنهن ڪري پاڻ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جو عاشق به هو ته محبوب به هو. سائين راشد مورائي سٺو نقاد، مقرر، سماجي اڳواڻ، تاريخ جو ڄاڻون هئڻ سان گڏو گڏ ڀلو مهمانواز پڻ هو. مهمانن جو آڌر ڀاءُ ڪرڻ ته ڪو هن کان سکي. سندس اوطاق تي مهمانن جو سدائين ميلو متل هوندو هو جنهن ۾ سڄي سنڌ مان ڪهي آيل سندس چاهيندڙن ۾ سندس مداح، فنڪار، شاعر، اديب، قلمڪار، سياسي، سماجي اڳواڻ ۽ قومي ڪارڪن هوندا هيا. جيڪي هن سان ڪچهري ڪري اتساھ وٺندا هئا. اهي سڀ سندس اوطاق تان محبتون ماڻي پنهنجي ماڳن تي روانا ٿيندا هئا. سائين راشد جو پنهنجي اوڙي پاڙي وارن سان ورتاءُ انتهائي شفقت وارو هوندو هو، پاڻ سندن غمين خوشين ۾ هر وقت ڀاڱي ڀائيوار هوندو هو سندس چوڻ هوندو هو ته جيڪڏهن ماڻهن جي خوشين ۾ شرڪت جي سگھه نه ٿا ساري سگهو ته سندن غمين ۾ ضرور شرڪت ڪندا ڪيو. جنهن تي هو پاڻ به انتهائي ذميواريءَ سان عمل ڪندو هو. هن سڄي سنڌ جا ڳوٺ، واهڻ، وسنديون گهمي ڏٺيون ۽ هن پنهنجي ڏات جي ذريعي سڄي سنڌ ۾ محبتون ماڻيون. پاڻ ڪيترن ئي ڪتابن جو خالق هيا جنهن ۾ سندس شاعريءَ جا ست ڪتاب پڌرا ٿي چڪا آهن ۽ ان کان علاوه سندس چار ڪتاب نثر جا ڇپجي چڪا آهن ۽ اڻ ڇپيل مواد تقريبا ڏهاڪو کن ڪتابن کان مٿي آهي. سائين راشد مورائي پنهنجي اندر ۾ هڪ اداري جي حيثيت رکندو هو. هي اسٽيج جو بادشاھ گر شاعر. سندس انقلابي شاعري ۽ رومانوي شاعريءِ کي سڄي سنڌ ۾ تمام گهڻي محبت ۽ مقبوليت ملي آهي سنڌ جا ماڻهو سندس قلمي پورهئي کي قدر جي نگاھ سان ڏسن ٿا. هڪ ڀيري سندس کان نجي ڪچهريءَ ۾ پڇيم ته سائين اوهان کي سنڌي ماڻهن کان ڪا شڪايت آهي؟ پاڻ وراڻيائين ته؛ ”سنڌي قوم منهنجي محبوب آهي ۽ مون کي پنهنجي محبوب کان ڪا به شڪايت نه آهي ۽ سنڌي ماڻهن مون کي تمام گهڻي عزت ۽ محبت ڏني آهي جنهن کي مان قدر جي نگاھ سان ڏسان ٿو”. سائين راشد مورائي سڄي عمر تعليم ۽ سنڌي ادب جي واڌاري ۽ ترقي لاءِ پنهنجون خدمتون ڏئي پنهنجي قوم سان ڀرپور پيار جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجي صحت جي ضعيفي حالت هوندي به سنڌ جي مختلف علمي، ادبي، سياسي، سماجي تقريبن ۾ وڃي سنڌي قوم جي ڏکن سکن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيندو هو. سائين راشد مورائي پنهنجي سڄي عمر خود داريءَ سان گذاري، هي ڪڏهن به ڪنهن آمر وٽ نه جهڪيو. سدائين سنڌ جي خوشحاليءَ جا گيت پنهنجي قوم کي ارپيا آهن. سنڌ جو هي عظيم ۽ قومي شاعر ڦڦڙن جي عارضي ۾ مبتلا ٿي ويو جنهن ڪري کيس ساھ جي تڪليف وڌندي وئي ۽ پاڻ نوابشاھ جي آءِ سي يو وارڊ ۾ داخل ٿيو. هڪ هفتو علاج کان پوءِ سندس طبعيت ۾ بهتري نه آئي ۽ راجپوتانه اسپتال حيدرآباد ۾ داخل ٿيو، بيماري سان ويڙهاند ۾ چڙهي نه سگهيو ۽ آخر پنهنجو علمي ۽ ادبي سفر سان گڏ زندگي جو سفر به پورو ڪيائين. پاڻ ۲۴ مارچ ۲۰۱۴ع تي پنهنجي قومي ڪارڪنن ۽ سنڌ واسين کان جسماني طور وڇڙي ويو، اڄ سندس ۵ ورسي جي موقعي تي خراج عقيدت پيش ڪيون ٿا. راشد مورائي خاموش ٿو رهان مگر راشد ڪڏهن ڪڏهن. رکيل مورائي هو ۲۴ مارچ ۲۰۲۱ جي شام آخري هڏڪي ڏئي، اسان سڀني کان موڪلائي ويو. جيتوڻيڪ سندس موڪلائڻ جو وقت نه هئو. اڃا ته هن پنهنجي گيتن جي ساڀيان واري آزاد ۽ خوشحال سنڌ به نه ڏٺي هئي، جنهن جي آجپي لاءِ هن نه رڳو پنهنجي سڄي شاعري ارپي هئي، پر جنهن جي آجپي لاءِ سموري زندگي عملي طور به وڙهندو رهيو ۽ ان ئي آجپي لاءِ هو چئن بيمارين ۾ ورتل هوندي به موت سان مهاڏو اٽڪائي وڙهندو رهيو ها! هو موت کان پنهنجي ويڙھ هارائي ويو پر هن آڻ نه مڃي، شايد موت اهڙو ويڙهاڪ آهي جنهن کان ڪو به کٽي نه سگهيو آهي. ائين هو به ان کان کٽي نه سگهيو پر اهڙو ويساھ ضرور ٿئي ٿو ته هن آخري گهڙيءَ تائين آڻ نه مڃي هوندي ۽ آخري گهڙي اهو ضرور سندس چپن تي آيو هوندو ته: مون ٻڌو آ ته اڄ هو پڇڻ ٿو اچي، موت ٽارو ڪرين ها ته ڇا ٿي ٿيئي. موت ٽارو نه ڪيو ۽ ساڻس ويڙھ ۾ هو هارائي ويو، جڏهن ته هن زندگيءَ ۾ پنهنجي اصولن ۽ آدرشن لاءِ ڪا به آڻ نه مڃي، ڪو به ڪمپرمائيز نه ڪيو، پاڻ ۾ ڪا به لچڪ نه آندي، سندس ان سخت گيريءَ کيس ڪيترن موقعن تي اڪيلو به ڪيو هوندو پر هن پنهنجي ٻاهران ڪڍيل اصولن جي لڇمڻ ريکا کي ڪڏهن به پار نه ڪيو. سنڌ سان سدائين دلي توڻي دماغي طور جڙيل هن شخص جو نالو راشد مورائي هئو. مورو سندس ڪرم ڀومي هئي، جنهن کي هن جنم ڀوميءَ جي مڃتا ڏئي، پاڻ کي مورائي سڏرايو، ۽ موٽ ۾ موري جيڪو هن کي مان بخشو اهو سڄي سنڌ جي محبتن تي ڦهليل آهي. سائين راشد، پنجين مارچ اوڻيھ سئو چوئيتاليهن ۾ سنڌوءَ جي ساڄي ڪناري تي دادو ۽ موري جي وچ تي چوڻالوءِ نالي ڳوٺ ۾ جنم ورتو، اوڻيھ سئو ستر واري ڏهاڪي جي وڏي ٻوڏ ۾ سنڌو درياھ ان ڳوٺ کي پنهنجي وهڪري ۾ آندو ته سائين راشد مورو اچي وسايو ۽ پوءِ آخري گهڙيءَ تائين مورائي ٿي رهيو، سندس مورائي سڏائڻ پويان جنهن شخص جو عمل آهي اهو سائين ناصر مورائي آهي. سائين راشد، شاعر ابن شاعر هئو، سندس والد صاحب سيد سعيد علي خادم “پنهنجي دور جو قادر الڪلام شاعر هئو، سندس ٻئي وڏا ڀائر، سيد روشن علي شاھ “روشن” ۽ معصوم علي شاھ “نماڻو” پڻ شاعر هئا. ان ڪري ائين چئي سگهجي ٿو ته هو ڄائي ڄم کان شاعر هئو. هن شاعريءَ جي علم جي الف بي پنهنجي والد سائين سعيد علي شاھ خادم کان سکي، انهيءَ وٽان هن شاعريءَ جا ديوان، پڙهيا، شعوري عمر هو هڪ وقت ذوالفقار علي ڀٽيءَ کان متاثر رهيو، اڳتي هلي. جڏهن سندس قومي تحريڪ جي سرواڻ سائين جي ايم سيد جي سن جو پاڻي پيتائين ته سڄي عمر اهو ئي سندس رت سان گڏ گردش ڪندو رهيو، هو اڳتي هلي سنڌ جو باغي شاعر سڏيو ويو، قومي تحريڪ سان عملي طور ڳنڍيل هجڻ سبب شعوري طور ڪڏهن به مايوسيءَ کي ڀرسان اچڻ نه ڏنائين سندس سٿ جي شاعرن ۾ استاد بخاري، ابراهيم منشي، سرويچ سجاولي ۽ محمد خان مجيدي ڳڻي سگهجن ٿا. سنڌ جي قومي تحريڪ سان جڙيل هجڻ ڪري هن سنڌ جي قومي اسٽيج کي جيڪا جلا بخشي اها تاريخ جي صفحن ۾ محفوظ آهي، هن جا شعر قومي تحريڪ کي روشني ڏيندا رهيا. جڏهن هو اسٽيج تي شعر پڙهندو ته هجوم مان آڳ جا الا اٿندي ڏسبا هئا، سندس مشهور نظر ۾، “مان باغي هان مان باغي هان، ” جن به اسٽيج تي کيس پڙهندي ڏٺو ۽ ٻڌو هوندو اهو کيس ڪڏهن به وساري نه سگهندو. هو سنڌي ادبي سنگت سان به آخري گهڙيءَ تائين جڙيل رهيو، نه رڳو پاڻ جڙيل رهيو، پر کانئُس پوءِ ايندڙ نئين نسل کي هن جيڪو اتساھ ڏنو ۽ جيڪا رهبري ڪئي، اها اسان سڀني لاءِ اڄ به اوتري اهم آهي جيتري تڏهن هئي. هن ادب جي حوالي ۾ شاعريءَ سان گڏ ڪهاڻيون به لکيون مضمون ۽ مقالا به لکيا ته لڳاتار پنهنجي ڊائري به لکندو رهيو، پوين ڏينهن ۾ خبر ناهي ته هو ڊائري لکندو هئو يا نه پر سندس عادتن مان هڪ اهم عادت ڊائري لکڻ به هئي، ڪنهن وقت هو پن جي ٻيڙي پيئندو هئو پر آخري ڏينهن ۾ هن اها به ڇڏي ڏني هئي. شهيد عبدالرزاق سومري جي شهادت کان پوءِ سندس نالي سان سان ادبي سنگت جوڙيائين جنهن پاران ڪيترا ئي ڪتاب ڇپيا، هن سائين قاضي نذير صاحب سان گڏجي موري مان “باک” نالي پبليڪيشن جاري ڪئي. جنهن جا ڪيترا ئي پرچا ۽ ڪتاب نڪتا، ائين سائين راشد سنڌي ادب کي جيڪي ڪتاب ڏنا آهن انهن ۾ ۱ سنڌڙيءَ جو سوداءُ (شاعري) ۲ منڊيءَ سندا گيت (شاعري) ۳ دل جو شهر (شاعري) ۴ ديوان راشد (شاعري) ۵ درد ۾ دلجوئي (شاعري) ۶ شعلا شعلا واءَ ۾ (شاعري)۷ ڪافيون گيت غزل (شاعري) ۸ پاڻيءَ تي پهرو (ڪهاڻيون) ۹ اڳتي تاڻ امنگ جي (مضمون) ۱۰ خط خوشيءَ مان کول (خط) شامل آهن ۽ لڳ ڀڳ ايترائي ڪتاب سندس اڻڇپيل پڻ آهن، جيڪي ڇپجڻ جي اوسيئڙي ۾ آهن. هاڻ فقط ڪتابن کي اوسيئڙو رهندو، ڇاڪاڻ ته انهن جو ليکڪ سڀئي اوسيئڙا ڇڏي، پاڻ آجو ٿي ويو. پر سنڌ سندس گيتن کي ڪڏهن به نه وساري سگهندي. اڳتي هلي جڏهن به سنڌ پنهنجو پراڻو مان مرتبو ماڻيندي، پنهنجو آجپو ماڻيندي، پنهنجو وقار ماڻيندي، ته ان جي ٿيل جدوجهد ۾ جن ماڻهن کي اعليٰ اعزازا سان نوازيو ويندو، انهن ۾ سائين راشد مورائيءَ جو نالو فهرست جي پهرين نالن ۾ شامل هوندو. اهڙي پڪ آهي ڇاڪاڻ ته تاريخ ڪنهن سان به ناانصافي نه ڪندي آهي. جيستائين ائين ٿئي تيستائين فقط اهو احساس آهي ۽ جنهن ۾ هڪ ڏوراپو به آهي جيڪو سائين راشد مورائي جي لفظن ۾ آهي. مون ارادو ڪيو هو پڪو مرڻ جو، شوق جاڳي پيو آ وري جيئڻ جو، مون ٻڌو آ اڄ هو پڇڻ ٿو اچي، موت ٽارو ڪرين هان ته ڇا ٿي ٿيئي. اڄ سندس ستين ورسي راشدي مورائي يادگار ڪاميتي مورو سنڌي ادبي سنگت موري پاران موري شهر ۾ ملهائي پئي وڃي، جنهن ۾ ڪل سنڌ مشاعرو پڻ رکيو ويو آهي. (ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچي ۾ ۱۳ مارچ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل) راشد مورائي سونهن ۽ سنڌيت جو شاعر اسد چنا سنڌ ڌرتيءَ پنهنجي ڪک مان ڪيترن ئي سچن سپوتن کي جنم ڏنو آهي، جن پنهنجي علم، عقل، ڏاهپ، ڏات سان سنڌ جي سينڌ سنواري آهي، اهڙا ڪيترائي علم جا اڪابرسنڌ جي شهرن، واهڻ وستين ۾ پيدا ٿيندا رهيا آهن جن پنهنجي اظهار جي بهترين ڏانو سان سنڌ، سنڌي ٻولي، سنڌي علم و ادب جي آبياري پئي ڪئي آهي. سنڌ ڌرتي جو ساهتي پرڳڻو (ضلعو نوشهرو فيروز) اهڙن مڻيادار ماڻهن، عالمن، ڏاهن شاعرن، اديبن، سنڌيت جي پروانن دانشورن سان مشهور آهي. سائين منهنجا سنڌ ۾ جيڪڏهن اسان مزاحمتي ادب جي ڳالھ ڪنداسين ته اسان کي شاعري ۾ مزاحمتي شاعري جا جزا شاھ لطيف کان پڪا پختا ملن ٿا، اها مزاحمتي شاعري پڙهندڙن جي دلين کي گرمائيندي ۽ اتساهيندي ملندي، خاص ڪري ون يونٽ واري دور ۾ جتي ون يونٽ جي خلاف سياسي جدوجهد پنهنجا جلوا ۽ جوهر ڏيکاري رهي هئي ان سان گڏوگڏ اسان جي اديبن، شاعرن جي مزاحمتي شاعري، ادب جي تخليق پنهنجو شاندار ڪردار ادا ڪيو. جيتوڻيڪ ان دور ۾ مزاحمتي شاعري جو تاج شيخ اياز جي مٿي تي سونهين پر ٻيا به ڪيترائي سر موڙ شاعر، اديب پنهنجي ڏات وسيلي سنڌ جي نوجوانن جي دلين کي گرمائي ۽ اتساهي رهيا هئا ۽ انهن شاعرن ۾ سائين راشد شاھ مورائي سڀني کان اڳڀرو، مٿڀرو ڪردار ادا ڪيو. سائين راشد مورائي جي پنهنجي بقول ته (منهنجي نظر ۾ پراڻا يا نوان ليکڪ سڀ برابر آهن، محترم صرف اهو آهي جيڪو سوچي سمجهي ٻوليءَ جي دامن ۾ ڪي چار گل وجهڻ چاهي ٿو يا پنهنجي ادب وسيلي ڀٽڪيل ماروئڙن کي ڪا واٽ ڏيکارڻ چاهي ٿو، باقي جيڪڏهن ڪو به ليکڪ پنهنجي ذاتي جذبن جي عڪاسي لاءِ لکي ٿوته پاڻ ڄاڻي اسان ان بابت ڇو ويهي پنهنجو وقت وڃايون). سائين راشد مورائي ۵ مارچ ۱۹۴۴ع ۾ سنڌو جي ساڄي ڪپ تي جوڻالو نالي ڳوٺ ۾ جنم ورتو ۽ ان کان پوءِ ڪن سببن جي ڪري موري شهر ۾ آباد ٿيو ۽ آخري گهڙي تائين مورائي ٿي رهيو. سائين راشد خانداني اديب، شاعر هو، پيشي جي لحاظ کان هڪ قابل استاد هو پاڻ هڪ منفرد ۽ پر وقار شخصيت جو مالڪ، نطم ۽ ضبط جو قائل، وقت جو پابند هو سائين حسن صوفاڻي جي چواڻي ته سائين راشد ايترو ته وقت جو پابند هوندو هو جو ماڻهو کيس ڏسندي پنهنجي گهڙين جو ٽائيم سيٽ ڪندا هئا. سندس شخصيت ۽ شاعري کي پڙهندي اهو چئي سگهجي ٿو ته سائين راشد مورائي نه رڳو پنهنجي علائقي موري جي هڪ دور جي تاريخ آهي پر هو پوري سنڌ جي مستقبل ۾ لکجندڙ ادبي ۽ علمي تاريخ جو هڪ لاجواب حوالو آهي، سائين راشد مورائي جي ڪتابن ۾ ديوان راشد، سنڌڙي جو سوداءُ، مينديءَ سندا گيت، دل جو شهر، گيت، غزل ۽ ڪافيون، درد ۾ دل جوئي ۽ شعلا شعلا واءُ، ڇپيا ۽ پنهنجي مقبوليت سبب مارڪيٽ مان وڪرو ٿي ويا. سائين راشد مورائي بنيادي طور تي غزل جو شاعر آهي پر سندس تخليق ڪيل نظم به پنهنجو مٽ پاڻ آهن، سائين راشد مورائي شاعري جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي ۽ ان سان پاڻ ملهايو، پر جنهن کيس شهرت جي بلندين تي پهچايو، اها سندس قومپرستي، سنڌ دوستي واري انقلابي شاعري آهي، سندس شاعري اسٽيج جي هر پروگرام گهڻي پڙهي ويندڙ شاعري آهي، جيڪا نوجوانن جي دلين کي گرمائي ٿي، سندس انهيءَ انقلابي شاعري جي ڪري کيس باغي شاعر جو لقب مليو. ان باغيانه شاعري ۾ سائين راشد مورائي ظالم، تي غاصب تي لعنت ملامت به ڪري ٿو، ته معاشري جي مظلوم ۽ مجبور طبقي کي نجات حاصل ڪرڻ جو درس ۽ گسُ به ڏئي ٿو. عياش لعنتي اڳيان نه لوئجي نه لوڙجي، اٿو ته ظالمن کي باھ ٿي وڪوڙجي، غريب کي جنجهوڙجي ۽ ننڊ کي نهوڙجي، بجو ڪو ٻوٿ ڏاڍ جي تي راشدا گهروڙجي، اچو ڪو نئون سماج ڪو، نئون جهان جوڙجي، سائين راشد مورائي هڪ جيءَ جيارو ماڻهو هو سندس شاعري مان فڪر مان ۽ سندس پر وقار شخصيت مان پڙهندڙ کي شعور، اتساھ، محبت، سڪ، ۽ ڏاهپ جون هٻڪارون اينديون رهنديون. سائين راشد مورائي سنڌ جو سر موڙ شاعر، محبتن جي مٽيءَ مان ڳوهيل شخص هو، سنڌ جو برک ڏ جامي چانديي سائين راشد لاءِ پنهنجي ڪتاب (سندي جوڳيان ذات) ۾ لکي ٿو ته (هو دل جو بادشاھ هو، سنڌ ۽ ان جي سدورن پٽن تان جند جان گهورڻ وارو هو، سندس دل جي اڱڻ جي ڪائنات ايڏي ته ڪشادي هئي جو سنڌ جو هر سيبتو، سچيت ۽ سلڇڻو اتي پکا اڏي ويهڻ ۾ پاڻ کي سڀاڳو سمجهندو. سندس نسل جا ڪيترائي شاعر شاعري ۾ ته قدآور هئا پر وچين ته روزو ڀڳائون) سائين راشد مورائي پاڻ هڪ جاءِ تي ڪنهن تقريب کي خطاب ڪندي شاعرن بابت چيائين ته (شاعر ٻن قسمن جا آهن هڪ اهي جيڪي شاعر ته ڀلا آهن پر ماڻهو ڀلا ڪونه آهن، ٻيا اهي جيڪي شاعر ته جڏا آهن پر ماڻهو ڏاڍا سيبتا آهن.)سندس ئي لفطن کي جيڪڏهن ڀيٽيون ته سائين راشد مورائي جهڙو سيبتو شاعر اوڏوئي فقير منش محبتي ماڻهو، نهٺو ساڳي جاءِ تي ارڏو ۽ قومي غيرت سان ٽمٽار هڪ سگهارو ماڻهو، هڪ بهترين شاعر، قومي ڪارڪن ۽ مثالي استاد هو. سائين راشد مورائي سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان به پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو۽ نوجوانن جي ڀرپور رهنمائي ڪئي. سندس گهر جو دروازو سڀني اديبن شاعرن جي آجيان لاءِ کليل هوندو هو. سنڌي ادبي سنگت کي ڪجي سرگرم، هل سکر سومرو اڄ ادل ڳولجي. سائين منهنجا، سائين راشد مورائي جيئن ته پاڻ هڪ سرگرم قومي ڪارڪن هو سندس دل ۾ سنڌي قوم جي ڏکن، دردن اهنجن جي آزارن جا انيڪ انواع هئا، ته سندس شاعري به انهيءَ قومي غيرت جي جذبي سان ڀرپور ۽ اتساهيندڙ آهي سندس شاعري سنڌ سان سچي عشق جو چٽو ثبوت آهي. سندس شاعري ۾ ديس لاءِ ڪجھ ڪرڻ جي درس سان ديس جي دشمن لاءِ ٻارڻ ٻاري ڇڏڻ لاءِ پيغام آهي، سندس هنن شعرن ۾ ڏسو ته ڪيئن نه همٿائي پيو. اي سنڌ مون تو سان قول ڪري ڪجهھ پاڙيو آ، ڪجھ پاڙيندس، مون ديس جي دشمن لاءِ ٻارڻ ڪجھ ٻاريو آ، ڪجھ ٻاريندس. سندس لفظ لفظ ۾ان سنڌيت جو عشق جهرڻن جيان ڇلڪي ٿو ۽ سنڌ سان ڪيل عشق کي انجام تي پهچائڻ جو وچن وڏي واڪي ڪري ٿو. ماتا توکان منهڙو موڙي ڪيئن خوش رهندس آءُ، سنڌڙي مان ته سڃاپان ٿو، تنهجي نسبت ساڻ، سائين راشد مورائي جي عشق جي ابتدا به سنڌ آ، ته انتها به سنڌ آ، سندس هنن سٽن مان سندس ان ازلي عشق کي پروڙي سگهجي ٿو. هڪڙو نقشو سنڌ جو، ٻيو آهين تون، جنين ڪارڻ مون، جيئڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي. _ جهڙو نقشو سنڌ جو، تهڙي تنهجي سونهن، منهنجي روح ورونهن ڏسن پسڻ ٻنهي کي. سائين راشد مورائي جو محبوب سنڌ آهي، هو سنڌ جي روشن مستقبل لاءِ پر اميد آهي سندس رڳ رڳ ۾ سنڌ سان اٽوٽ عشق سمايل آهي. سندس شاعري ۾ اسان کي جتي ٻيا انيڪ پهلو ملن ٿا اتي سنڌ جي روشن آئيندي لاءِ لڇندڙ لوري ملي ٿي، هو پنهجي ڌرتي تي ڪو به تاءُ نه ٿو سهي سگهي ۽ ڌرتي لاءِ جاکوڙيندڙ، ان جي سلامت رهڻ جي لاءِ به پر اميد آهي ته جيڪو پنهنجي وطن خاطر مشڪلاتن جو منهن ڏسي ٿو ان جوان کي ڪڏهن به ڪجھ ناهي ٿيڻو اهو هميشه سلامت رهڻو آ، سندس هنن سٽن کي پڙهڻ سان نوجوانن جي دل ۾ هڪ نئون روح ڦوڪجي وڃي ٿو، همٿ ٻيڻي ٿي پوي ٿي. اي سنڌڙي جندڙي سست نه ٿي ڪو توتي تاءُ نه سهڻو آ، جنهن توکي دل سان پوڄيو آ، سو جوان سلامت رهڻو آ، جي ڪوماڻو ڪو گل دستو، خوشبو ٿي ختم پرواھ نه آ، گل تازا آڻي رکبا کڻي، گلدان سلامت آهي اڃا. سندس مشهور نظم (مان باغي هان، مان باغي هان) ۾ سنڌ جي وڏيرڪي نظام کي نندي ٿو، هو انگ اگهاڙن، پيٽ بکايل سانگيئڙن جي ڏکن، سورن، کي جڏهن پنهنجي ڏات جي خوبصورت ڏان سان موتين وانگي پروئي ٿو ته پڙهندڙ جا لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا، سندس هنن سٽن ۾ ڏسو ته ڪيئن نه ظلم، ڏاڍ جي خلاف بغاوت علم کڙو ٿيل آهي. هيءَ ڳاڙهي ماڙي رئيسن جي ۽ سائي جيپ وڏيري جي، مان باغي هان سو باھ ڏئي ٿو ڪريان سڃ لٽيرن جي، هت ٻن ڏينهن کان ٻار بکيا هت توکي تياري نيرن جي، اڄ دنيا ڏسي ڪيئن ٿيندي آ جهڙپ بکايل شينهن جي، مان باغي هان مان باغي هان مان باغي هان مان با غي هان. سائين منهنجا، سائين راشد مورائي جي شاعري جي ٻولي نج سنڌي، عام فهم آهي ٻولي جون اهي سڀ رنگينيون، حسناڪيون اسان کي ملن ٿيون جيڪي هڪ ٻولي جي وڏي عالم وٽ هونديون آهن ۽ وري مٿان انهن جو سهڻو استعمال، ڪيترين جاين تي سنڌي ٻولي جا اصطلاح، پهاڪا اسان کي موزون ۽ وقتائتا استعمال ٿيل ملندا جيئن ته هو پاڻ استاد هو ته هو بهترين طريقي سان انهن سڀني ٻولي جي گڻن کي استعمال ڪرڻ ڄاڻي پيو، هنن شعرن کي ڏسو ته تشبيھ طور استعمال ڪيل اصطلاح ۽ پهاڪا، مروج گفتا ڪيڏي سهڻي نموني استعمال ڪيل آهن. هيئنر ڪل پوي ٿي گهڻي ويهين سئو آ. اڳي عشق جي هئي نه آزار جي سُڌَ. _ لٺين سان پاڻي جدا ڪين ٿيندو، جيئن شال جاني نه، ليڪو وچان ڪُڍ. _ چئون ڪيئن گهنور خان جو کوھ کارو، اگر سچ چوان ها ناراض ٿين ها، ڪٽي کائو ناهيون ڏئي رت سگهون ٿا، نه ٿئي پڪ آزمائي ڏسين ها، سائين منهنجا سنڌ ڌرتي سان عشق، حسن سان چاھ سائين راشد جي زندگي جو سمورو سامان آهن، سندس محبوب سنڌ آهي ۽ حسن جو هو سلامي آهي، سندس شاعري ۾ اهي رنگ نروار آهن. ظلم، ڏاڍ، جبر، نفرت ۽ ان سان گڏوگڏ سنڌ وطن جي خوشحالي جي ڳڻتي سان، حسن پرستي سان، رومانس سان ڀرپور سائين راشد مورائي جي شاعري جدوجهد جو درس ڏئي ٿي، محبت جو درس ڏئي ٿي ۽ انهن مڙني اندر جي ڪيفيتن جي ترجمان شاعري آهي. سائين راشد وٽ سونهن جي پوڄا ۾ حسن کي سجدا ثواب آهن هو سونهن وارن سان ڪچهري کي عبادت سمجهندي حسن تان سر گهوري ڇڏڻ جي ڳالھ ڪري ٿو، سندس هيٺين شعرن ۾ ڏسو ته حسن کي ڪيڏو نه اهم سمجهندي ان جو رتبو ڪيڏو مٿانهون ڪري پيش ڪري ٿو. اي عابد عبادت سندو ڏس نه ڏي، حسن کي ٿو سمجهان مان سجدو ثواب. _ سڄي رات جاڳي عبادت ڪبي، ڪچهري رڳو سونهن بابت ڪبي، راشدا سونهن جي نان تان سر فدا، جي حسن کي کپي ته سر ته گهوري ڏجي. _ ڀرن جا ڀالا دوناليون ديد جون دلبر ڏسو، ڪيئن کنيو ڦرندو وتي همراھ هڪ هٿيار ٻه، _ مون ٻڌو آ ته اڄ هو پڇڻ ٿو اچي، موت ٽارو ڪرين ها ته ڇا ٿي ٿيئي. سائين راشد جي شاعري ۾ اسان کي حسن جي هاڪ، عشق جون مهميزون، فطرت جي رنگن سان گڏوگڏ سماجي مسئلا، سياسي لاها چاڙها به نمايان نظر اچن ٿا، سندس لهجو ڪٿي رعبدار ته ڪٿي انتهائي نفيس، جماليات سان ڀرپور آهي، هو حسن، سونهن جي حضور پنهنجا سڀ تخليقي غزل، گيت هڪ نذراني طور پيش ڪري ٿو. سارا سونهن حضور ۾ راشد، گيت غزل نذرانه آهن، سائين راشد مورائي جي فرزند شاھ لطيف سان ڪچهري دوران هن ٻڌايو ته سائين جي ٻين سڀني سهڻين خصلتن مان هڪ هي به هئي ته هو تمام گهڻ مطالعاتي شخص هو رات جو سمهڻ کان پهريان گهٽ ۾ گهٽ ۷۰، ۷۵ صفحا روزانو ضرور پڙهندو هو. ڀاڳ وارن جا ٿين ٿا يادگار، زندگي ۽ موت ٻئي شاندار، راشدا شل موت ثئي مانائتو، جيئن حياتي آ گذري پروقار، سائين راشد مورائي ڪڏهن به مايوس نه ٿيو، هميشه بهتر مستقبل جي اميد رکي جدوجهد جو درس سندس شاعري ۾ ملي ٿو، نه ئي هن وري ڪنهن حڪومتي ڌر کان پنهنجي بيماري جي علاج لاءِ ڪنهن قسم جي مدد جي گهر ڪئي، ۲۴ مارچ ۲۰۱۴ ع تي بيماري سان جهيڙيندي سائين راشد مورائي هميشه لاءِ موڪلائي ويو، پر سندس شاعري ۾ ڏنل پيغام، درس، سندس پروقار شخصيت هر سنڌ پرست، حسن پرست، جي دل ۾ محفوظ آهي، ۽ جڏهن ڪڏهن به سرمد جي آواز ۾ سندس گيت گوجندو. هو ارادو ڪيو مون پڪو مرڻ جو، شوق جاڳي پيو آ وري جيئڻ جو. ته سائين راشد مورائي اسان کي پنهنجي ويجهو ڀاسندو، هو پنهنجي پڙهندڙن جي دلين ۾، سنڌي ادب افق تي روشن ستاري جيان هميشه جرڪندو رهندو، بقول ڊاڪٽر ام ڪلثوم جي ته (سندس ڪردار وهنوار۽ مڻيادار شاعري، هميشه اسان جي قومي رهبري ڪندي رهندي.) جو سبق سچائي جو ڏنو آ مون راشد، سو سبق جي سمجهين ته مون کي ياد ڪندو ڪر. (ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۴ مارچ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
ڊاڪٽر خير محمد جوڻو سنڌي سماج ۾ نيڪيءَ جو ٻج ڇٽيندڙ ادل سولنگي ڊاڪٽر خير محمد جوڻو تسلسل هيو ڄام جوڻي جي خاندان جو، جنهن ساهتي پرڳڻي جي زميندار گهراڻي ۾ جنم ورتو. قاضي احمد نوابشاهه روڊ تي قائم ڳوٺ مير محمد جوڻي جي نج ٻهراڙيءَ واري فطري ماحول ۾ پلجندڙ، فطرت سان پيار ڪندڙ خير محمد جوڻو، ”خير“ ۽ ”شر“ جي ويڙهاند ۾ سدائين ”خير“ جو طرفدار رهيو. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو نوجوانيءَ ۾ ايل ايم سي ڄامشوري ۾ ميڊيڪل جو شاگرد هجڻ واري زماني ۾ ڪميونزم فلاسافيءَ واري سياست سان سلهاڙيل رهيو، جنهن کي عام اصطلاح ۾ ”کاٻي ڌر“ چيو ويندو آهي. کاٻي ڌر جي سياست ڪندڙ نوجوانن جي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ سان ايترو عشق هوندو هو، جيترو هو انقلاب سان عشق ڪندا هئا. دنيا جي انقلابن کان وٺي، ادب، سماجيات کان ويندي لوڪ ادب ۽ سياسي اٿل پٿل تي گهري نظر رکندڙ نوجوان جن دنيا کي بدلائڻ جا خواب اکين ۾ اُڻي انهن جي ساڀيان لاءِ سموري زندگي جدوجهد ڪندي گذاري. اسان پنهنجي سانڀر ۾ کاٻي ڌر جي سياست ڪندڙن ۾ جيڪي نالا ٻڌا ۽ شخص ڏٺا، انهن ۾ ڪامريد سوڀو گيانچنداڻي، ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ۽ ڄام ساقي اهم نالا ۽ حوالا آهن.. ڪميونزم فلاسافي جي اثر هيٺ ڪم ڪندڙ ڪميونسٽ پارٽي جي شاگرد ونگ ”ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن“ جنهن کي مختصر لفظن ۾ ”ڊي ايس ايف“ چيو ويندو هئو، جنهن ۾ ڊاڪٽر خير محمد جوڻو پير جيلانيِءَ سامهون سرگرم رهيو. ڊاڪٽر خير محمد جوڻي هڪ ڀيري ٻڌايو ته ”من“ اسان ڄامشوري ۾ پڙهائي واري زماني ۾ سياست ڪئي، پر امن ۽ پڙهڻ پڙهائڻ واري سياست جيڪا دليل تي ٻڌل هوندي هئي. ڊاڪٽر خير محمد جوڻي اهو به ٻڌايو هو ته ڄامشوري ۾ جنهن جلسي ۾ نذير عباسي اسٽيج تي ڳالهائيندڙ مقرر حفيظ قريشي جي تفريح دوران اختلاف رکندي کيس ٽوڪيو هو ۽ جلسي ۾ شريڪ، جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي دوستن سان منهن ماري ٿي هئي، تڏهن آءُ به ان جلسي ۾ موجود هئس. تڏهن اسان به اسان هئاسين. مون کي به ور ۾ پستول لڪايل هئو پر فائر ڪرڻ جي ڪا به تڪڙ ڪا نه هئي، ڇاڪاڻ جو اسان معاملن کي ڳالهين ذريعي ٿڌو ڪرڻ جو هنر ڄاڻيندا هئاسين. واقعي به ڪميونزم فلاسافي جي اثر هيٺ ٿيندڙ سياست ۾ ڳالهين، دليلن ۽ منطق جي گهڻي اهميت هوندي هئي يا اهو زمانو ئي اهڙو هئو جو شاگرد سياست ۾ سنجيدگيءَ جا طرفدار گهڻا هئا جو گهڻي ڀاڱي سياسي ٽڪراءَ دشمنيءَ ۾ بدلجڻ کان اڳ ئي دوستيءَ ۾ بدلجي ويندا هئا. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو کاٻي ڌر جي سياسي تربيت ”اسٽڊي سرڪلس“ مان رچي راس ٿيندڙ ماٺيڻو نرم مزاج سنيجدو ۽ روايتي ٻهراڙيءَ جو مڙس ماڻهو محسوس ٿيندو هئو. هو توڻي جو ڊاڪٽر ٿيڻ بعد ملڪ کان ٻاهر هڪ ويڙهاڪ ۽ انقلابي پس منظر رکندڙ ملڪ، لبيا ۾ رهيو پر اتي به سنڌ ۽ ساهتي جو روايتي سنڌي ماڻهو ٿي رهيو، جنهن پنهنجي ڪلچر ۽ قومي روايتن جي پاسداري ڪندي پنهنجو سياسي سفر جاري رکيو. ڊاڪٽر صاحب جي چوڻين. پهاڪن جي آڌار تي ڪيل ڪچهرين مان محسوس ٿيندو هئو ته کيس لوڪ ادب/ لوڪ ڏاهپ جو گهڻو اڀياس، تجربو ۽ مشاهدو حاصل رهيو آهي. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو، نهايت ئي برد بار، سنجيدو ۽ احترام ڏيندڙ اهڙو شخص هئو. جنهن سان پنهنجي دل جون ڳالهيون ڪري سگهبيون هيون ۽ موٽ ۾ ٻاجهه شفقت ۽ هڪ نئين اميد ماڻي سگهبي هئي. سندس زندگيءَ جي سفر ۾ ڪيترائي ڏک ڏاکڙا، غم، درد ۽ تڪليفون آيون هونديون پر اسان پنهنجي زماني ۾ کيس سدائين مرڪون ورهائيندي ڏٺو. منهنجو ڪالم ”سو ديس مسافر منهنجو ڙي!“ کيس وڻندو هئو ۽ ساڳيو ئي ڪالم سائين ديدار حسين شاهه کي به وڻندو آهي. جسٽس ديدار حسين شاهه صاحب، منهنجي ڪالم کي پسند ڪرڻ لاءِ وري سائين ڊاڪٽر خير محمد جوڻي سان فون تي اهڙو اظهار ڪندو هئو، ڊاڪٽر صاحب وري مون کي سڏائي وٺندو هئو. چوندو هئو ”من“ سائين ديدار شاهه توسان ڳالهائيندو. سچ پچ ته ڊاڪٽر خير محمد جوڻي صاحب جو ٻاجهه ڀريو روايتي سنڌي پريمي مڙس وارو ڪردار هوندو هئو. ڪراچي جي ادارن ۾ جتي هر ڪوئي ملازم، ”ميڊم“ ۽ ”سر“ چئي هڪ ٻئي کي مخاطب ٿيندو آهي. اتي ڊاڪٽر خير محمد جوڻو پنهنجي اداري ۾ ڪم ڪندڙ ورڪرن کي ادا، ڀاءُ، ”من“، ادي، ڀيڻ، نياڻي ڪري مخاطب ٿيندو هيو. آءُ عوا مي آواز ۾ ۲۰۰۷ ع کان ۲۰۱۲ تائين ڪم ڪيو، گهرو مجبورين سبب آءُ ۴ سال عوامي آواز اداري کان پري رهيس پر ڊاڪٽر خير محمد جوڻي سان جڏهن به فون تي ڳالهه ٻولي ٿيندي هئي، چوندو هئو ته ” من “ ڪراچي اچين ته مون سان ضرور ملي وڃجانءِ. هڪ ڀيرو آءُ ساڻس ڪراچي ۾ عوامي آواز جي آفيس ۾ مليس، مون کي چيائين ”من“ ڪو به مسئلو اٿئي ته مون کي ٻڌاءِ اخبار ۾ ڪم ڪرين ته تنهنجي لاءِ نوڪري موجود آهي پر منهنجي پنهنجي مجبوريءَ مون کي انهن ڏينهن ۾ نوڪري ڪرڻ نه ڏني. جڏهن مارچ ۲۰۱۶ع ۾ آءُ ٻيو ڀيرو عوامي آواز ۾ آيس ته ڊاڪٽر خير محمد جوڻي منهنجي وڏي مدد ڪئي، ۽ منهنجي لاءِ ماحول کي ساز گار بڻايو. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو. جديد دور ۾ جديد نظرياتي سياست ڪندڙ ۽ جديد تعليم حاصل ڪندڙ اهڙو سٻاجهه شخص هيو، جو هن پنهنجي مزاج ۾ چالاڪي بدران سدائين قديم روايتن ۽ پنهنيج ڏاهپ کي نروار ڪيو ۽ پنهنجي قديم خانداني روايتن جي پاسداري ڪندي، انسان کي انسان سمجهو، ڊاڪٽر صاحب ڪنهن به ننڍ وڏائي ۽ سماجي طبقاتي فرق کان مٿاهون شخص هئو. جنهن جي سموري سماجي وهنوار ۾ هڪ ذميوار ۽ روشن خيال انسان جي تصوير نمايان نظر ايندي هئي. ڪالهه جڏهن ڊاڪٽر صاحب آفيس پهتو ته گرميءَ جي سختيءَ جي ڳالهه پئي ڪيائين ۽ ڀچڻ لڳو ته ”من“ اوهان کي گرمي محسوس ٿئي ٿي. اوچتو سندس طبعيت خراب ٿي ته ترت ئي کيس جناح اسپتال پهچايوويو پر ڊاڪٽر خير محمد جوڻي جي طبيعت ۾ سڌارو نه آيو ۽ اسان کيس اڻ ڏٺي ڏيهه ڏانهن ويندي جي بيوسيءَ مان نهاري رهيا هئاسين. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو شاندار روايتن ۽ سنڌ جي ڪلچر جو ئي ته نمائندو هئو. هڪ روايتي ۽ سنڌي پريي مڙس جو ڪردار ادا ڪندڙ اسان کي زندگيءَ ۾ علم، ادب، عقل، ڏاهپ، سهپ، رواداري، بردباري، سنجيدگي، پيار، محبت، ۽ انسان کي احترام ڏيڻ واريون روايتون قائم ڪري پنهنجي ڏيهه روانو ٿي ويو. جڏهن جڏهن به سنڌ ۾ اهڙين شخصيتن جو ذڪر ايندو، جن پنهنجي سموري ڄمار نيڪي ڪمائيندي گذاري، تڏهن ڊاڪٽر خير محمد جوڻي جو نالو به ضرور ورتو ويندو. جنهن پنهنجي سماج اندر نيڪيءَ جو ٻج ڇٽيو هو. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو پنهنجي سياسي رفيق ۽ نظرياتي دوست ڊاڪٽر جبار خٽڪ سان گڏ ”عوامي آواز“ ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيندي. عوام جي آواز کي ايوانن تائين سگهاري نموني پهچائڻ واري جدوجهد ۾ شامل رهيو. عوامي آواز اخبار کي عوامي تحريڪ بڻائڻ ۽ ”عوامي آواز کي عوامي آواز ميڊيا گروپ“ جي شڪل ڏيڻ وارن سمورن مرحلن ۾ ڊاڪٽر خير محمد جوڻي جون صلاحون، وسيلا ۽ صلاحيتون شامل رهيون. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو ڪراچي شهر ۾ ٿيندڙ مختلف سياسي، سماجي ۽ ادبي ميڙاڪن ۾ ضرور شريڪ ٿيندو هئو. جڏهن به هو ڏسندو هئو ته مرڪندي چوندو هئو ” من“ ڪهڙا حال آهن؟ ۽ موٽ به خوش ٿيندي، کيس وراڻبو هئو ته سرهائي لڳي پئي آهي. اڄ هن جي وڇوڙي تي جيڪا ارهائي ۽ ڏک محسوس ٿئي ٿو. اهو ايئن آهي، جيئن ڪنهن کان ٻاجهه جو ڇانورو کسيو ويو هجي. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو اسان جو ”من“ موڪلائي ويو رزاق عاصي هو سائنسي انسان هجڻ جي باوجود پنهنجي زندگي ۾ صفا ۽ نج سٻاجهڙو سنڌي ۽ سادي ڳوٺاڻي جهڙي زندگي جو قائل هو ، سندس تڪيو ڪلام ”من“ ته ڪيترن ئي ماڻهن جو من موهڻ جو سبب بڻجندو هو جڏهن به آفيس جون ڏاڪڻيون چڙهي استقباليا ته پهچڻ شرط رسپيشن تي ويٺل نياڻي (ڇوڪري) جي مٿي تي هٿ ڏئي اهو ئي چوندو هو ته امان خوش آهين؟ آفيس جو پٽيوالو هجي يا عوامي آواز ميڊيا گروپ جي ڪنهن وڏي ننڍي عهدي تي پنهنجو ن ذميواريون نڀائيندڙ ڪوبه ماڻهو هجي سندس لاءِ رڳو اهوئي لفظ چئي احوال اوريندو هو ته ”من“ خوش آهيو، اسان هن کي ڪم دوران ڪڏهن به مالڪ طور ۽ شيئر هولڊر واري رعبتا به بجاءِ هڪ نماڻي ۽ محبوب سنڌي جيان ڏٺو فطرت جي ويجهو هجڻ ڪري انسان دوستي جو مثال هو، اهڙو هو اسان جو ”من “ ڊاڪٽر خيرمحمد جوڻو ، جنهن جو وڇوڙي جي ڏک نه رڳو اسان جي دل جهوري وڌي آهي پر هن جي نه هجڻ واري احساس ته اسان کي ويتر ان ڪري به پريشان ڪيو آهي ته هاڻ محبتن جو ونڊ ”من“ چئي اسان کي ڪير ڏيندو آهي. وڇڙڻ کان اڳ جڏهن هو معمول موجب آفيس پهتو ته سندس مک تي ئي مرڪ هئي: ايندي ويندي جيڪو به ماڻهو (ورڪر) آفيس ۾هن کي ملندو ورهيو، طبيعت ۾ ناچاڪي هجڻ باوجود به کيس ”من“ چئي اهو ورجائيندو رهيو ته اڄ وڏي گرمي آهي، رات آرام نه ڪر ي سگهيس صبح کان سفر ڪيو آهي ۽ پوءِ اوچتو ئي آفيس ۾ سندس طبيعت خراب ٿي وئي . عوامي آواز گروپ سان منهنجو رشتو ۲۰۱۲ع کان جڙيو، آفيس ۾ ورڪر دوستي جهڙي ماحول جي ڪري ميڊيا جي دنيا ۾ نوان نالا ۽ لاها چاڙها اچڻ باوجود به هن ماحول کان الڳ ٿيڻ تي دل به ناهي چوندي، خير پان اچو ٿا پنهنجي من جي چند يادگيرين ۽ ڪجهه ڪچهرين ڏانهن عوامي آواز ايڊيٽوريل پيج انچارج زرار پيرزادو هئي ڪمري ۾ ويهندا هئا، اڄ اهو ڪمرو ڪيترو اداس هوندو يا زرار پيرزادو کي پنهنجي سيٽ تي ويهي خالي پيل جوڻي صاحب واري سيٽ هن کي ڪيترو اداس ۽ ڏکارو ڪندي هوندي اهڙي ڏک وري به زرار پيرزادي جي دل محسوس ڪري سگهي ٿي، پر اسان وٽ ڊيسڪ تي هلي اچڻ وارو سلسلو به اسان کي اهو احساس ڏياريندو رهندو، اخباري دنيا ۾ اسان کي مالڪن جا رويا اڪثر مالڪ ۽ محڪوم جو فرق واضع ڪندا آهن، پر خير محمدي جوڻو ڊيسڪ جي ڪنهن به مسئلي يا غلطي تي به پنهنجي چيمبر ۾ گهرائي پڇاڻو ڪرڻ بجاءِ اسان وٽ هلي اچڻ تي ڪڏهن به پنهنجي لاءِ ڪا ننڍائي ڪونه سمجهندو هو، چوندو هو من عاصي رات هڪڙي خبر ڏني هئم شايد ڪم گهڻو هجڻ سبب توهان کان وسر ي وئي هوندي پر خبر چڱي هئي لڳي وڃي ها ته بهتر هو، پر هاڻ اڳتي اهڙين خبرن تي ٿورو ڌيان ڏجو. هڪ ڀير ي خوش ٿيندي اچي آفيس پهتو ته مونکي پنهنجي ڪمري ۾ گهرائي چيائين ته من اڄ مون وڏي صحافتي بدمعاشي ڪئي آهي. پڇومانس؛ سر اها ڀلا ڪهڙي؟ چيائين؛ يار پاڻي جو بحران آهي، ٽينڪر وارو هميشه اسان کي ڦري ويندو هو، هن ڀيري ٽينڪر وارو آيو جيڪو اسان کي اڪثر ڪري اڌ پاڻي جو ٽينڪر ڏئي ويندو هو، هن واري جڏهن هي پاڻي لاهڻ لاءِ آيو ته شڪ ٿيو، ٽينڪر تي چڙهي ڏٺم ته هن ۾ پاڻي گهٽ هو، چيومانس ته آءُ صحافي آهيان تون بدمعاشي ڪري اسان کي پاڻي گهٽ ٿو ڏين، تنهنجي خلاف آءُ خبر هلائيندس. پوءِ ”من“ هن کي پنهنجي لڳي وئي، ٽينڪر واري کي ۱۴ سئو رپيا ڏئي اڌ پاڻي پنهنجي ۽ پاڻي پاڙيسري جي گهر لاٿوسين، مون کي حيرت ٿي ته اخباري مالڪ ته ڇاپر هڪ شهر جو لوڪل رپورٽر به پنهنجي علائقي جو بااثر هجي ٿو، پئسا ڏئي پاڻي جو ٽينڪر ڇا پر سرڪاري ٽينڪر رپورٽرن جي گهرن يا ڳوٺن ڏانهن چڱا ڀلا آفيسر پروٽوڪول ڏئي پاڻي موڪليندا آهن، پر هو فقير پنهنجي دل جهڙو اجرو ۽ صاف هو، پنهنجي تڪ جو وڏو آبادگار راڄوڻي طور تي به وڏو ماڻهو هجڻ باوجود هن جي طبيعت اهڙي فقيراڻي هوندي هئي جو آفيس ۾ پيئڻ جي پاڻي لاءِ به کيس ٺڪر جو ٿانوَ هوندو هو، سادگي پسند ايترو جو روائتي ڳوٺاڻو لباس ۽ مٿي تي سنڌي ٽوپي سندس خاص سڃاڻپ هوندي هئي. دل نٿي مڃي ته هاڻ منهنجو قلم ڊاڪٽر خير محمد جوڻي کي مرحوم لکي پر وقت جي عجب ستم ظريفي آهي ته مالڪ ۽ محڪوم ٿي ته انسان ڪيترن ئي اخباري ادارن ۾ اڳ پرچي موڪلي مالڪ سان ملي سگهندا هئاسين پر عوامي آواز ان ڪلچر کي رد ڪري مالڪ هميشه ورڪر سان پنهنجائپ وارو رشتو رکندا آيا آهن. اڄ هي درد هميشه لاءِ اسان جي دل ۾ هڪ زخم جيان تازو رهندو، جڏهن به ڊاڪٽر خير محمد جوڻي جي ڪمري ۾ وڃڻ ٿيندو يا ڪٿان اسان کي لفظ ”من“ ٻڌڻ ۾ ايندو ته اسان جو ”من“ پنهنجي محبوب جهڙي باس کي ساري ڏکارو ٿيندو. عوامي آواز جي سٿ جي سرواڻ ڊاڪٽر جبار خٽڪ سميت سموري سٿ پنهنجي ”من“ کي ساري ڏکاريو آهي. اسين ڊاڪٽر خير محمد جوڻي جي پونئيرن ۽ پاڻ پونيئرن ۾ شامل هجڻ جي ڪري پاڻ تعزيت ڪيون ٿا، سڄي سنڌ کان تعزيت وصول به ڪيون ڪيون پيا، شل صحافتي دنيا جي هر ورڪر کي اهڙا محبوب ”من“ مالڪ ملن جيڪي عزت ڏيڻ کي اولين ترجيح ڏئي، صدائين لاءِ اسان جهڙن سان غريب ورڪرن جي دلين ۾ ”من“ ٿي، محبوب بڻجي زندهه رهن. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو ”مرڻ مون سين آءُ، ته پُٺيءَ تو پنڌ ڪيان“ زرار پيرزادو مان ڊاڪٽر خير محمد جوڻي جي آفيس (ڪمري) ۾ ويهي جڏهن ٻين صحافتي ڪمن سان گڏ هي ڪالم لکندو هيس ته هو اهو ضرور پڇندو هو ته ڪهڙي موضوع تي ٿو اڄ لکين، پر اهو به چوندو هو ته ڇا ٿو لکين، اهو اڄ نه ٻڌاءِ صبح جو مان پاڻ اخبار ۾ پڙهندس، اُن پڙهڻ جو مزو ڪو ٻيو آهي ۽ پوءِ آفيس اچي ان ڪالم تي پنهنجي راءِ ڏيندو هو. اڄ جيتوڻيڪ هو پنهنجي ڪمري ۾ ناهي پر مان ڀر ۾پيل سندس خالي ڪرسيءَ کي ڏسي ان کي ٻڌايان ٿو ته اڄ منهنجي ڪالم جو موضوع ” ڊاڪٽر خير محمد جوڻو“ پاڻ آهي ۽ مون کي ايئن ٿو لڳي ڄڻ هو چوندو هجي ته اڄ نه ٻڌائجان، مان پاڻ سڀاڻي اخبار ۾ پڙهندس. ڪاش! هي ڪالم مان هن ئي مهيني ۾ ۱۲ آگسٽ تي ٿيل سندس سالگرهه جي موقعي تي لکان ها ۽ جيڪر هو پنهنجي زندگيءَ ۾ اهو پڙهي ها پر افسوس ته اهو موقعو گُسي ويو. ٽيون ڏينهن يعني ۲۲ آگسٽ تي مان آفيس آيس ته ڊاڪٽر صاحب مون کان اڳ ڪمري ۾ موجود هو پر ٿڪل پئي لڳو، مان چيو مانس خير ته آهي صبح سوير پهچي ويا آهيو؟ (شام جو پهريون پهر اسان صحافين لاءِ اخباري آفيس جو صبح هوندو آهي ) جواب ڏنائين ته ”يار پير شاهه جيلاني جي ڌيءَ رات جو طوفاني برسات ۾ ڪريل بجلي جي تار ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب گذاري وئي آهي، صبح سوير پير فون ڪئي اوڏانهن ويو هيم“ ۽ اتان هاڻي سڌو آفيس آيو آهيان. منهنجي ذاتي راءِ ۾ معمول واري روٽين کان هٽڻ ڪري سائين جي طبعيت خراب ٿي، ان ڏينهن گرمي به ڏاڍي هُئي. خير آفيس ۾ ته سائين فونون پئي اٽينڊ ڪيون، دوستن کي فون تي پير جيلاني جون خبرون به پئي ٻڌايون، مون سان به ڪچهري ڪند رهيو ۽ معمول موجب ڪرسيءَ تان اٿندي ۽ ڪمري مان نڪرندي چيائين ته ” زرار! تو کي گرمي نٿي لڳي ڇا“ مان چيوته ظاهر آ گرمي ته آهي... ۽ اهو ٻڌي هو ڪمري کان ٻاهر هليو ويو. ڪجهه منٽن کانپوءِ نديم لوڌي نالي دوست ڪمري ۾ آيو ۽ چيائين ڊاڪٽر جبار ڪمري ۾ ڪونهي! خير محمد صاحب ميٽنگ روم ۾ ويٺو آهي ۽ چئي ٿو ته منهنجي طبيعت خراب آهي، ڊاڪٽر جبار کي ٻڌايو... پوءِ مان تڪڙ ۾ ايوب شيخ کي ٻڌايو ۽ ايئن سائين کي جناح اسپتال تائين پهچائڻ جو بندوبست ڪيوسين. ڊاڪٽر خير محمد شخصي طور هڪ مجلسي، قربائتو، ڪچهري جو مور ۽ راڄوڻي مڙس هو. آفيس جي ڪمري کي به ”اوطاق“ بڻائي رکيو هُيائين، جيڪو به مهمان لڙي ايندو هو، سو سندس مهمان نوازي يعني سندس اخلاق، نياز نوڙت ۽ قرب کان ڏاڍو متاثر ٿيندو هو. هڪ اهڙو به وقت آيو، هو جڏهن ڊاڪٽر خير محمد پنهنجي هڪ دوست سان گڏ اداري کي ڇڏڻ تي سوچ ويچار ڪري رهيو هو، تڏهن مون کيس سنجيدگي سان سمجهايو هو جيڪا ڳالهه کين سمجهه ۾ به آئي ۽ ان جو اعتراف وڏي واڪي دوستن سان ڪندو هو ته زرار کي مان ان ڪري به ڀائيندو آهيان جو هن مون کي درست مشورو ڏنو هو، آخري ڀيرو اهڙي ڳالهه ڪجهه ڏينهن اڳ حميده گهانگهرو آڏو به ڪئي هُيائين. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو سان مان دوستن وانگر هجائتو هوندو هيس. ساڻس ڀوڳ چرچا به ٿيندا هُيا. پنهنجي ڪمري جو پنهنجو ئي هڪ الڳ ”ماحول“ ۽ ”رنگ“ هوندو هو. ڪرڪيٽ جي موضوع تي به وڏيون ڪچهريون ٿيندون هيون. ڪالهه ڊاڪٽر جبار، جوڻي صاحب جي ڪمري واري در تي بيهي ان جملي سان مون سان تعزيت ڪئي ته ”جوڻو صاحب تو کي به اڪيلو ڪري ويو !!“ ڊاڪٽر خير محمد جوڻي جي جيڪا سڀ کان عظيم خوبي هئي، جنهن هن کي هر دلعزيز بڻايو، سا هئي، موقعي تي ماڻهوءَ کي پنهنجو ڪرڻ واري خوبي. هو پنهنجي اخلاق، مٺي ۽ حجائتي زبان سان ماڻهن کي پنهنجو ڪري وٺندو هو. ماڻهو دنگ رهجي ويندا هُيا ته ايڏي وڏي اخبار جو مالڪ ۽ ههڙي فقيري، قلندري ۽ درويش صفت طبيعت جو مالڪ..!! ڊاڪٽر خير محمد جوڻو صاحب اسان جي بزرگ ۽ سڀني سنڌ واسين لاءِ ڇپر ڇانو بڻيل جسٽس (ر) ديدار حسين شاهه جي پيرن مرشدن وانگر عزت ڪندو هو، سائين جي بيماريءَ جي کيس ڏاڍي ڳڻتي هوندي هُئي. ڊاڪٽر جبار خٽڪ به ڊاڪٽر خير محمد جوڻي جي ڏاڍي عزت ڪندو هو، اداري جي هر معاملي ۾ ڊاڪٽر جوڻي کي اعتماد ۾ ضرور وٺندو هو ۽ ان ڳالهه جو خاص خيال ڪندو هو ته ڊاڪٽر جوڻو پريشان نه ٿئي. ڊاڪٽر خير محمد جو جيئڻ به ڪمال وارو هو ته سندس زندگيءَ ۽ دنيا کان موڪلائڻ وارو انداز به ڏاڍو باوقار ۽ شانائتو هو. مان خير محمد جوڻي صاحب کي ٽيون ڏينهن پنهنجين اکين سان هن دنيا ۽ زندگيءَ کان موڪلائيندي ڏٺو سلام آهي سندس همت کي. جيتوڻيڪ هو پاڻ ڊاڪٽر هو، دل جو پراڻو مريض هو ۽ پنهنجي حالت کان هو چڱيءَ ريت واقف هو. هو جوانيءَ ۾ جيئن ته ڪرڪيٽر به رهي چُڪو هُئو، اوپننگ بيٽسمين به هو، سو مون کي لڳي ٿو ته هو پاڻ ئي سمجهي رهيو هو ته معمول جو روٽين ڊسٽرب ٿيڻ ڪري يعني غلط شاٽ کيڏڻ سبب هو ” آئوٽ“ ٿي رهيو آهي. مان ڊاڪٽر خير محمد صاحب کي زندگي ۽ دنيا کان انتهائي پرسُڪون ۽ باوقار نموني موڪلائيندي ڏٺو، هو ڪنهن ريت به پريشان نه هو، چهري تي ڪو گهنج به نه هيس، نه ئي جلد اسپتال پهچائڻ جي ڪا پريشاني يا دانهن هيس زبان تي نه ئي موت سان ڪو جهيڙو يا شڪايت!! سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته ڊاڪٽر خير محمد جوڻي ڀٽائي صاحب جي هن سٽ جيان پنهنجي زندگي موت جي حوالي ڪئي ته : ”مرڻ مون سين آءُ ته پُٺيءَ تو پنڌ ڪيان“ ڊاڪٽر خير محمد جوڻو هڪ دلبر دوست جو وڇوڙو جسٽس (ر) ديدار حسين شاهه منهنجو دوست ڊاڪٽر خير محمد جوڻو! هاڻ هن جهان ۾ نه رهيو آهي، سندس کوٽ نه رڳو سندس خاندان وارن کي سدائين محسوس ٿيندي رهندي پر سندس دوستن، يارن ۽ گهڻ گهرن کي به محسوس ٿيندي رهندي. ڊاڪٽر صاحب هڪ رلڻو ملڻو ۽ سدائين مرڪندڙ شخص رهيو، هوُ يارن جو يار ۽ دوستن جو همدرد شخص رهيو، جيڪا خصلت گهٽ ماڻهن ۾ هوندي آهي. هو منهنجو دوست هُئو، هُن جي ڪري ئي، عوامي آواز اخبار ۾ منهنجي آتم ڪهاڻي اخبار ۾ شايع ٿيندي رهندي هئي. ڊاڪٽر صاحب هڪ سرگرم رهندڙ شخص هئو. هُن شروع کان ئي کاٻي ڌر جي سياست ڪئي ۽ سوشلسٽ خيالن جو رهيو هو، ڊاڪٽر ٿيڻ کانپوءِ، ڪيترو ئي وقت ملڪ کان ٻاهر رهيو، شاگردي واري زماني کان کاٻي ڌُر جي سياست ڪيائين ۽ آخر تائين انهن جي ويجهو رهيو. عوامي آواز سان سندس لاڳاپو ٿيڻ کانپوءِ ان جي آفيس ۾ ويهڻ شروع ڪيائين، اسان اڪثر روز گڏجي پنڌ ڪندا هئاسين، اڄ ڏک وچان چوڻو پيو اٿم ته هڪ همسفر ۽ هڪ دلي دوست کان محروم ٿي ويو آهيان. ڊاڪٽر خير محمد جوڻي کي مون ڪڏهن به اداس يا ويڳاڻو ڪو نه ڏٺو، سندس منهن تي سدائين روشن مُرڪ هوندي هُئي، هو پنهنجي خاندان جو وڏو هئو ۽ ڳوٺ راڄ وارو راڄوڻو شخص هيو، ڪراچيءَ ۾ رهندي به هو پنهنجي ڳوٺ کي ساريندو هئو. سندس دوستيءَ جو تعلق جن سان به جڙيون ته انهن سان آخري ساهه تائين نڀايائين، هو غريبن جو ۽ يتيمن جو ڏاڍو همدرد ۽ خوش اخلاق شخص هيو. جنهن زندگيءَ جو پهريون حصو ڊاڪٽري ڪري خدا جي خلق جي خدمت ڪئي ۽ پويون حصو عوامي آواز سان گڏجي، صحافت جي ميدان تي عوام جي خدمت ڪئي، چوڻ جو مقصد ته سندس سڄي ڄمار عوام جي خدمت ڪندي گذري. هُن ڪڏهن به شڪايت ڪا نه ڪئي، پاڻ ڊاڪٽر هئو، دل جي تڪليف به هئس پر سندس چهري تي سدائين مرڪ رهندي هئي. ڊاڪٽر صاحب ملڻ جو سٺو، رک رکاءُ وارو ۽ هڪ مذهب شخص هئو، سندس جهڙا سٺا شخص هاڻ اسان جي سماج ۾ ڳوليا نٿا لڀن، ساڻس ملبو هئو ته ڏاڍو خوش ٿيندو هئو، پاڻ ڪچهرين جو ڪوڏيو شخص هُئو، جنهن ڪري سندس عوامي آواز واري آفيس ۾ سدائين سندس ڪو نه ڪو دوست ساڻس ڪچهري ڪندي ڏسڻ ۾ ايندو هئو. ڊاڪٽر صاحب جي هڪ سٺي عادت ڪتابن پڙهڻ واري به هئي. هو سٺا ڪتاب پڙهندو به هُئو، سانڍي به رکندو هو ته دوستن کي پڙهائيندو به هئو، هو ڏک لڪائڻ وارو شخص هُئو ۽ هاڻ هو اسان سڀني کي ڏکارو ڪري ويو آهي، مون لاءِ هڪ دوست جي وڇڙي وڃڻ جو ڏک سدائين ياد رهڻ وارو آهي، هاڻ مان جڏهن به صبح جو پنڌ ڪرڻ ويندس ته سندس ساٿ نه هوندو پر اڪيلائي ۾ هو مون کي سدائين ياد رهندو، الله سائين سندس درجات بلند ڪري. هر دلعزيز شخص جي موڪلاڻي رکيل مورائي ڊاڪٽر خير محمد جوڻو عوامي آواز اخبار جو مئنيجنگ ايڊيٽر هُئو. صحافت ۽ سياست سندس شوق هئي، جنهن لاءِ سياست جو پوراءُ هن شروعاتي دور ۾ سياسي ڪارڪن ٿي پورو ڪيو ۽ صحافت هن آخري عمر ۾ شروع ڪئي. وچ ۾ هن ڊاڪٽري ڪئي، ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر خاص طور لبيا ۾ هن عرب سڳورن جو علاج ڪيو ۽ ائين ڪري هن ڄڻ ڊاڪٽري جي حوالي انساني خدمت ڪئي ۽ مسلمان جي حوالي ۾ پنهنجي پيغمبر جي پونيئرن کي خوش ڪري ثواب کٽيو جيڪو ڌڻي سائينءَ وٽ اَجُر جي صورت ۾ کيس ملڻو آهي، اهو منهنجو عقيدو آهي، ڊاڪٽر صاحب عقيدن کان پرڀرو هئو. ڇاڪاڻ ته هو سائنسي عملن جو ماڻهو هئو ۽ ان کي ئي سڀ ڪجهه سمجهندڙ هئو، جنهن جو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته هو تعليم کانسواءِ جيڪي ڪتاب پڙهيو، اهي مارڪسي، سياسي سفر ڏانهن وٺي ويندڙ هئا، جن مٿس اهو اثر ڪيو جو هو سنڌ جي مارڪسٽن سان ويجهو ٿيو ۽ پڇاڙيءَ تائين عملي طور خاموش هوندي به نظرياتي طور انهن سان جڙيو رهيو. سندس ٻيو پاسو اهو آهي ته هو نواب شاهه ضلعي جي شهر قاضي احمد ڀرسان ڳوٺ مير محمد جوڻو جو رهواسي هئو ۽ ننڍو زميندار يا آبادگار به هيو جنهن سبب سندس اٿي ويٺي تر جي گهڻن ئي خاندانن سان هئي ته ساڳئي وقت مقامي سماج سڌارڪن توڙي سياسي ڪارڪنن سان به سندس لاڳاپو رهيو، ان ڪري جو هو هڪ خانداني شخص هئو، پڪ سان سندس خاندان جي وڏن جي علم سان به دوستي هوندي جنهن ڪري کيس پڙهائي اعليٰ تعليم ڏياري ڊاڪٽر بڻايائون. هو ڊاڪٽر بڻيو، ڏيهه پرڏيهه ڏٺائين ۽ پوءِ واپس اچي سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچيءَ ۾ رهائش اختيار ڪيائين ۽ واندي ويهڻ کان بهتر سمجهيائين ته ڪو ڪم ڪجي، ائين پنهنجو دوستن سان صلاح مصلحت کانپوءِ سنڌ جي عوام دوست اخبار عوامي آواز ۾ حصيدار ٿيو ۽ باقائدگيءَ سان آفيس ۾ اچي پنهنجو وقت سجايو ڪندو هئو، ائين سياست ۽ صحافت جي ويجهو رهندي به ۽ ڪراچي جهڙي وڏي شهر ۾ رهندي پنهنجي ڳوٺ سان ناتو جوڙي رکيائين ۽ شادي غميءَ ۽ عيد برات تي پنهنجي ڳوٺ وڃي سڪون جا ڏينهن گذاري ايندو هو . سچ اهو آهي ته سندس پنهنجي ڳوٺ سان بيحد گهڻو لڳاءُ هو ايترو جيترو اسان انهن سنڌين ۾گهٽ ڏٺو آهي، جيڪي پنهنجي نوڪرين يا ڪاروبارن سبب پنهنجا ڳوٺ ڇڏي آيا ته وري مڙي پوئتي ڪونه ڏٺائون ته اسانجو ڪو ڳوٺ به آهي ،ڪي مائٽ عزيز به آهن ۽ خاص طور ڪو قبرستان به آهي، جن ۾ سندن پيڙهيون پوريل آهن .جيڪي کين سارين ٿيون. اهي شهرن ۾ سدائين لاءِ گم ٿي ويا ۽ ڳوٺن ۾ مري ويل سمجهي وساري ڇڏيو، ڄڻ هنن جو ڪو تعلق ئي هڪ ٻئي سان ڪو نه هُئو. پر ڊاڪٽر خير محمد جوڻو انهن سلڇڻن ماڻهن مان هئو، جنهن ڪراچيءَ ۾ سڀ ڪجهه هوندي به پنهنجي پنوهارن سان پريت نه ڇني. هن پنهنجي ڳوٺ ۾ ئي پاڻ جيئرو رکيو، شايد هن پاڻ بابت اهو فيصلو ڪري ڇڏيو هئو ته جيئن ته، آخر ۾ مون کي هتي ئي موٽي اچڻو آهي، ان ڪري ڳوٺ سان اهڙو تعلق رکڻ گهرجي، جو جڏهن به ڳوٺ واپس اچجي ته اهو سڃاڻڻ کان انڪار نه ڪري ۽ جڏهن هي سڄو جهان ڇڏي وڃي تڏهن اهو ڳوٺ پنهنجي جهوليءَ ۾ جڳهه ڏئي ۽ ڳوٺ واسي ايئن چون ته ها! هيءُ ته اسان جو پنهنجو آهي. ڪجهه وقت ئي الڳ ٿيو هئو. هو سندس جيئري به آڌر ڀاءُ ڪن ته سندس مئي پڄاڻا به کيس پنهنجي يادگيرين ۾ محفوظ رکن. باقي مٽي ته ماءُ آهي، اها ته پنهنجي سموري اولاد کي پنهنجي جهوليءَ ۾ ويهاريندي آهي، ڏنگي اولاد کي به ته صدوري اولاد کي به! پڪ سان ڳوٺ مير محمد جوڻي جو هيءَ صدورو پٽ هئو جنهن ڳوٺ سان آخر تائين ناتو نڀايو ۽ ائين هن عوامي آواز سان به ناتو نڀايو. دوست زرار پيرزادي جي لکڻ موجب ته هن ڪن موقعن تي عوامي آواز کان پري ٿيڻ لاءِ سوچيو به هئو پر هو ائين ڪري نه سگهيو. سندس حياتيءَ جا آخري پل به عوامي آواز جي آفيس ۾ ئي گذريا. آفيس جي ڪارڪنن سان سندس رويو دوستاڻو هئو، مالڪاڻو بنهه نه! مان نٿو ڀانيان ته اداري جي ڪنهن ڪارڪن کي کانئس رنجَ پهتو هوندو. هو هڪ ڳوٺاڻو مزاج رکندڙ وضعدار شخص هئو. وضعداري سندس خون ۾ شامل هئي. هو ڪچهرين جو ڪوڏيو، خوش طبيعت ۽ ٿڌو مزاج رکندڙ هڪ اهڙو شخص هئو جيڪو هر ڪنهن کي پنهنجو لڳندو هئو ۽ هر ڪنهن کي پنهنجو بڻائي وٺڻ جو ڏانءَ به منجهس هئو، دوستن جو چڱو ئي حلقو رکندڙ هئو ۽ سندس هليو وڃڻ کانپوءِ ڪيتريون ئي اکيون آليون ڏٺيون ويون. ٽيهٺ سال عمر هونئن گهڻي نه آهي ۽ ڊاڪٽر صاحب ڏسڻ وائسڻ ۾ ڪنهن بيماريءَ کان به آجو هئو پوءِ به ايترو تڪڙو وڃڻ جو رازُ ته فقط اهو ئي ڄاڻي ٿو، جنهن کيس هن جهان ۾ موڪليو هئو، وري کيس واپس گهرائي ورتائين. واپس ته هو سڀني کي گهرائي ٿو پوءِ ڪنهن کي سوير ڪنهن کي اوير. پر ڊاڪٽر صاحب کي هن ڪجهه تڪڙ ۾ ئي گهرائي ورتو. شايد هن کي سندس وڌيڪ گهرج هئي، جيتوڻيڪ ڊاڪٽر جنهن ڌرتيءَ جو رهواسي هئو. ان ڌرتيءَ جي ماڻهن کي سندس گهڻي ضرورت هئي ۽ آهي، ڇاڪاڻ ته انهن کي جسماني ۽ ذهني علاج جي ڏاڍي ضرورت آهي. جيڪي ٻئي حڪمتون ڊاڪٽر خير محمد جوڻي وٽ موجود هيون. هو ڊاڪٽر به هئو ته هڪ ذهين شخص به! ڊاڪٽر صاحب جي هلي وڃڻ سان ڀلي عملي صحافت ۾ سندس ڪمي محسوس نه ٿئي، پر هن عوامي آواز اخبار ساڻ هجڻ سبب سنڌ جي مسئلن جي جيڪا اپٽار ڪئي، جيڪا جنگ وڙهي، اها سنڌي ماڻهو ڪڏهن به وساري نه سگهندا. هن پنهنجي ڳوٺ ۾ جيڪي سماجي ڪم ڪرايا اهي اهڙي شاهدي ڏيندا، هن جن بي پهچ ماڻهن جي واهر ڪئي انهن جي دلين ۾ اکين ۾ سدائين موجود رهندو. اڄ هو پنهنجي اباڻي ڳوٺ جي مٽيءَ ۾ مدفون آهي، پڪ آهي ته هاڻ کيس مٽي ماءُ سدائين لاءِ محفوظ رکندي. من موهيندڙ شخص نواز خان زنئور اياز جاني ھڪڙي ڏينھن فون ڪئي ته؛ ”عوامي آواز ٽي وي وارا، منھنجي ڪتاب ’دراوڙ دل جي تنھائي‘ تي ھڪڙي نشرياتي ويھڪ ڪرائڻ چاھين ٿا، ان ۾ توھان شريڪ ٿي منھنجي ڪتاب تي ڳالھايو. اياز جانيءَ کي انڪار ڪرڻ، پنھنجي ئي دل کي انڪار ڪرڻ جيان ھوندو ھو. ان ڪري مون ھڪدم ساڻس پروگرام ۾ شرڪت جي حامي ڀري. ڄاڻايل ڏينھن تي آئون ۽ ڀاءُ قادر بخش ڪراچيءَ روانا ٿياسين. روماسا به اسان سان گڏ هئي. اسان گلشن حديد ۾ اياز جاني وٽ ڏُپھرو ڪيو. جنھن بعد پاسي مان ئي زرار پيرزادي کي وڃي کنيوسين ۽ سڀ گڏجي اڳتي روانا ٿياسين. زرار پروگرام جو ميزبان ھو. آئون، اياز جاني ۽ مسرور پيرزادو مھمان هئاسين. شايد رکيل مورائي به پروگرام ۾ شريڪ ھجي، پر ھن ويل آئون اھا ڳالھه خاطري سان نٿو چئي سگھان. باقي ان ڏينھن جيڪا ڪچھري متي، تنھن ۾ رکيل ڀرپور انداز ۾ شريڪ ھو. اھا ڪچھري ڊاڪٽر خير محمد جوڻي جي آفيس واري بيٺڪ ۾ ٿي هئي. اسان جيئن ئي عوامي آواز جي آفيس ۾ پھتا هئاسين ته اسان کي زرار سڌو ڊاڪٽر خير محمد جوڻي جي دفتر جي ڪمري ۾ آڻي ويھاريو ھو. ان وقت ڊاڪٽر پاڻ موجود نه ھو. سندس ڪرسي خالي پئي هئي. روماسا بنان وقت وڃائڻ جي ان ڪرسي تي وڃي قبضو ڪيو. اسان کيس اتي ئي ڇڏي رڪاڊي ڪوٺيءَ ۾ وڃي ڪتاب بابت ڳالھيون رڪاڊ ڪرايون. پروگرام جي ڀرائيءَ بعد ساڳئي ڪمري ۾ آياسين. روماسا اڃا توڻِي ڊاڪٽر جي ڪرسي تي براجمان هئي. ٿوري دير ۾ ڊاڪٽر آيو ته ھن پنھنجي ڪرسي قبضو ٿيل ڏٺي. ھو بنان ڪنھن چوُن چُران جي اسان جي پاسي ۾ ويھي رھيو. مون روماسا کي اٿڻ جو چيو ته ڊاڪٽر مون کي روڪيندي، کيس ويٺي رھڻ جو چيو. پر مون روماسا تي زور ڀريو ۽ منھنجي چوڻ تي ھن ڪرسي ڇڏي ڏني. مون ڊاڪٽر کي سندس ڪرسي تي ويھڻ جي مؤدبانا گذارش ڪئي. جنھن بعد ھو اُٿي اتي وڃي ويٺو. پر ھاڻي وري ٻيو مامرو ھو. روماسا ڊاڪٽر جي ڪرسي ته ڇڏي، پر اسان واري پاسي خالي پيل ڪرسي تي ويھڻ بدران ميز تي چڙھي ويھي رھي ۽ اتان ھٽڻ کان صاف نابري واريائين. گڏوگڏ ميز تي موجود سامان جھڙوڪ پين رکڻيءَ، پن وزنا (پيپر ويٽ) وغيرھ سندس تصرف ۾ هئا ۽ هوءَ انھن سان راند کيڏي رھي هئي. سچي ڳالھه ھيءَ آھي ته آئون ان سان پريشان پئي ٿيس ته ڊاڪٽر جي ڪم ۾ رخنو پئجي ويو آھي، پر ڊاڪٽر ان مان لطف اندوز پئي ٿيو. ھن پنھنجي سامان سان روماسا کي کيڏڻ ڏنو ۽ ھن لاءِ شيءِ به گھرائي. سندس شفقت ڀريو رويو ماڻھوءَ جو من موھڻ لاءِ ڪافي ھو. اسان شام تائين ڪچھري ڪئي. ايتري ۾ ڀاءُ قادر بخش پارٽي بيان لکي ورتو ھو، جيڪو ھن سندس حوالي ڪيو. ڊاڪٽر اھو بيان پاڻ ھٿن سان کڻي وڃي ڪنھن سب ايڊيٽر جي حوالي ڪري آيو. آئون سندس انھيءَ خلوص، ڪرم نوازي ۽ پنھنجائپ ڀري روش تي پيار ڀري حيراني ۾ پئجي ويو هئس. مون تي سندس شخصيت جا اھي ظاھر ٿيل گوشا اڻ-وسرندڙ ٿي پيا آھن. اڄ جڏھن ھو اسان جي وچ ۾ نه رھيو آھي، تڏھن مون کي سندس انداز، ميل جول، قربائتي ڪچھري، شفقت ۽ سادگي ياد اچي رھي آھي. سنڌي صحافتي دنيا ۾ ھو موتيي جي گل مثل ھو، جنھن جي خوشبو ياد بڻجي ھوائن کي ھٻڪاريندي رھندي. کيس مرزا اسد الله خان غالب جي لفظن ۾ ڀيٽا ڏيان ٿو، ڇو جو مون کي پڪ آھي ته ھو وري ڪنھن موتيي ۽ رابيل ۾ ٽڙي ظاھر ٿيندو. سب کہاں، کچھ لالہ و گل میں نمایاں ہوگئیں، خاک میں کیا صورتیں ہوں گی کہ پنہاں ہوگئیں! ڊاڪٽر خير محمد جوڻو ۽ يادگيريون عبدالخالق جوڻيجو ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج، ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي. اهڙن بهار جي خوشبو پکيڙيندڙ ٿورڙن ماڻهن منجهان هڪڙو ڊاڪٽر خير محمد جوڻو هيو، پنهنجي ڊگهي تاريخ ۾ سنڌ جي سڃاڻپ ايماندار، سچار، وفادار، مخلص، محب وطن، ۽ انسان دوست ماڻهو رهيا آهن، پر ويجهڙائيءَ ۾ ٿيل اٿل پٿل ۽ لڏپلاڻ جي نتيجي ۾ صورتحال ۾ ڪافي تبديلي آئي آهي. هڪ طرف سنڌ جي تهذيبي شخص جي سڃاڻپ وارا ماڻهو لڏي ويا ته ٻئي طرف انهن کان به وڌيڪ تعداد ۾ اهڙا ماڻهو سنڌ ۾ آيا آهن جيڪي ڪوڙ، ٺڳي، منافقي، ڌوڪي، دولاب، چاپلوسي، نسل پرستي جهڙن انسانيت دشمن خاصيتن سان ننهن کان چوڻيءَ تائين ڀريا پيا آهن، جن سنڌ جي خوبصورت ڌرتيءَ جي چهري کي داغدار ڪري ڇڏيو آهي، وڌيڪ افسوس ته انهن کي ڏسندي ڪيترن سنڌي ماڻهن به انهن جو نقل ڪرڻ شروع ڪيو آهي، سندن چوڻ هوندو آهي ته اهڙي طرح اهي ڌارين جو مقابلو ڪري رهيا آهن. اهڙي ماحول ۾ ڊاڪٽر خير محمد جوڻي جهڙن ماڻهن جو وجود گُهٽَ ٻوسٽ ۾ ٿڌڙي هير جيان لڳندو آهي، منهنجي ڊاڪٽر جوڻي سان واقفيت 45 سالن جي هئي. ان دوران ڪڏهن ويجها ته ڪڏهن تمام پري رهياسين. اسان جي واقفيت ان دور ۾ ٿي جيڪو سڄي دنيا وانگر سنڌ ۾ به انقلاب جي اتساهه، جوش ۽ ولولي سان ڀرپور هئو، سنڌ ۾ هلندڙن ان انقلابي لهر جو وڏو مرڪز ڄامشوري جا تعليمي ادارا هئا ۽ اها ئي ڄامشوري جي پٿريلي زمين هئي جتي خير محمد سان منهنجي ملاقات ٿي. هو ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهندو هو ۽ مان انجنيئرنگ ڪاليج جو شاگرد هئس، جڏهن ته يونيورسٽي ٻنهي جي ساڳي يعني سنڌ يونيورسٽي هئي، اها ڄامشوري جي ڌرتي جنهن جي هوائن ۾ حب الوطنيءَ جو هڳاءُ هئو ۽ اها سنڌ يونيورسٽي جنهن جا هال ۽ ورانڊا آزادي ۽ انقلاب جي نعرن سان گونجندا هئا ۽ اِهي اُهي ڏينهن هئا جڏهن سٺا شاگرد ئي سٺا سياسي ڪارڪن ۽ اڳواڻ هوندا هئا. منهنجي خير محمد جوڻي سان ملاقات، واقفيت ۽ دوستي به سياست جي ميدان کان ٿي. اها دلچسپ صورتحال هئي ته هڪ ئي وقت هڪ ٻئي جا سياسي حليف به هئاسين ته حريف به. هو سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن سان واڳيل هو جيڪا ڪميونسٽ پارٽيءَ سان لاڳاپيل هئي جڏهن ته مان جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو ڪارڪن هئس جيڪا سائين جي ايم سيد جي رهنمائيءَ ۾ ڪم ڪري رهي هئي. اهو جيئن ته نظرياتي سياست جو دور هئو ته اسان ۾ نظرياتي طور فرق هئو هنن جي جدوجهد جو مرڪزي نقطو طبقاتي انقلاب هو ۽ اسان قومي جدوجهد کي اوليت ڏيندڙ هئاسين. ان ڪري قلم ۽ زبان سان هڪ ٻئي سان ڏي وٺ ڪندا رهندا هئاسين. ٻئي طرف رياستي جبر ۽ فاشسٽ حربن جو ٻئي ڌريون نشانو بڻبا هئاسين، تنهن ڪري ان خلاف جدوجهد ۾ وري اسان اڪثر گڏ هوندا هئاسين. ان جو هڪڙو مکيه مثال ۱۹۷۲ع ۾ بسنت هال حيدرآباد ۾ ٿيندڙ ۴ مارچ جو جلسو هئو جيڪو جساف ۽ ايس اين ايس ايف گڏجي منعقد ڪيو هئو ۽ جنهن ۾ ٻين کان علاوه سائين جي ايم سيد، سردار عطاءُ الله مينگل ۽ ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ به شريڪ ٿيا هئا. ان کان صرف چند سئو فٽن جي فاصلي تي سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس ۾ پ پ حڪومت جي حامي شاگرد تنظيمن سپاف، ايس ايس ڪو ۽ آزاد ماروئڙا جو گڏيل جلسو ٿيو. اڄ جي نسل جي آڏو ڀٽو حڪومت کي وڏو روشن خيال، عوام دوست ۽ جمهوريت پسند ڪري پيش ڪيو ٿو وڃي پر ان جي اصل حقيقت انهن کان پڇجي جن ان حڪومت کي ڀوڳيو. سياسي مخالفن سان ڪهڙا ڪلور ٿيا اهي تاريخ جي صفحن ۾ في الحال لڪل آهن. ڪميونسٽ ۽ قومپرست ٻئي ان جو شڪار ٿيا تنهن ڪري اهي ان حد تائين حليف هئا. انهن ڏينهن ۾ مختلف ڌريون پنهنجو سياسي پروگرام ڦهلائڻ لاءِ ڪتابي سلسلا جاري ڪنديون هيون، رسالن جو ڊڪليئريشن ملڻ ته ڀٽو حڪومت ۾ محال هئو اڃا به ڪيترن جا ڊڪليئريشن ضبط ۽ رسالا بند ڪيا ويا. اهڙو ئي هڪڙو ڪتابي سلسلو منهنجو هم ڪلاسي ۽ دوست بشير ميمڻ ڪڍندو هئو. (نالو مون کي ياد ناهي رهيو) ان ۾ سندس ساٿاري خير محمد جوڻو هوندو هئو. اهو جوڻي صاحب سان منهنجي تعلق جو هڪڙو وڌيڪ سبب بڻيو. اهو ۱۹۷۲ع جو سال هو. تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ هر ڪو پنهنجي روزگار جي حوالي سان زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ هليو ويو. ڊاڪٽر خير محمد ته ماڳهين مختلف ملڪن ۾ هليو ويو. ان ڪري ميل ملاقات صفا گهٽجي وئي. پوءِ وري نئين صديءَ ۾ جڏهن هو نوڪري ڇڏي ڏيهه موٽي آيو ته اسان جي ملاقاتن جو سلسلو بحال ٿيو. ۲۰۰۳ع ۾ جڏهن جنرل پرويز مشرف نئين سر ڪالا باغ ڊيم جي خلاف مهم شروع ڪئي ته اسان ڪراچيءَ جي پي ايم اي PMAهائوس ۾ سنڌ جي اديبن، دانشورن، ٽيڪنو ڪريٽس، وڪيلن، ڊاڪٽرن ۽ انجنيئرن جو هڪ وڏو اجلاس گهرايوسين ان ۾ ڊاڪٽر خير محمد جوڻو به شريڪ ٿيو. ان اجلاس ۾ متفقه طور ڪالا باغ ڊيم جي خلاف مذمتي قرارداد پاس ڪرڻ سان گڏ اهو ٺهراءُ به منظور ڪيو ويو ته سنڌ جو جيڪو به ماڻهو سڌي يا اڻ سڌي طرح ڊيم جي حمايت ڪندو اهو نائومل، کهڙي ۽ راشديءَ جي صف ۾ بيهندو جنهن جو سنڌي ماڻهن کي سماجي بائيڪاٽ ڪرڻ گهرجي. سنڌ جي اهم قومي مسئلن تي مستقل آواز اٿارڻ لاءِ سيو سنڌ ڪميٽيSave Sindh Committee قائم ڪئي وئي. ان جي اجلاسن يا ڪانفرنسن ۾ ڊاڪٽر جوڻو واري وٽيءَ سان شرڪت ڪندو هئو. آخري دفعو هن 15 فيبروري ۲۰۱۷ع تي ssc طرفان آدمشماريءَ جي مسئلي تي ڪوٺايل ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي ۽ پنهنجا رايا ڏنا. جيئن سڀ ڪو ڄاڻي ٿو ته ڊاڪٽر جوڻو گذريل ۱۵- ۱۶ سالن کان عوامي آواز ۾ مئنيجنگ ايڊيٽر طور ڪم ڪري رهيو هئو. منهنجا مضمون به سڀ کان وڌيڪ عوامي آواز ۾ ڇپبا آهن، اهڙي طرح اهو اڃا هڪڙو وڌيڪ سبب ٿيو اسان جي سٻنڌ جو، ڪڏهن عوامي آواز ۾ روبرو ڪڏهن فون تي ڪچهري ٿيندي هئي. اسان ڪراچيءَ ۾ جيڪي به جلسا، سيمينار يا ڪانفرسون ڪرائيندا آهيون مان انهن جي دعوت کيس لازمي ڏيندو هئس، پوءِ ڪن ۾ هو شريڪ ٿيندو هئو ڪن ۾ نه اچي سگهندو هئو. ۱۷ جنوري ۲۰۱۷ع تي ڪراچي پريس ڪلب ۾ ٿيل سائين جي ايم سيد جي سالگرهه واري جلسي ۾ به شريڪ ٿيو هئو. دعوت لاءِ مان کيس ميسيج به ڪندو هئس ۽ فون به، فون کڻڻ سان ڊاڪٽر جو پهريون جيڪو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو هئو سو اهو ته ”جي ادا“ ڪڏهن ان ۾ واڌارو ڪندي چوندو هئو ته ”جي ادا عبدالخالق“ ماڻهپو ۽ محبت رکندڙ هر ماڻهو سمجهي ۽ محسوس ڪري ٿو سگهي ته جڏهن ڪو ماڻهو گفتگو جي شروعات ئي اهڙي پيار، پاٻوهه ۽ پنهنجائپ واري جملي سان ڪري ته ان سان ڪلام جاري رکڻ ۾ ڪيترو نه سرور ايندو. عوامي آواز ۾ مضمون مان اڪثر ڪري يا ته ڪنهن دوست جي هٿان (جيڪو گهڻو ڪري منهنجو پٽ فدا هوندو آهي) يا ڪڏهن ڪمپيوٽر ذريعي موڪليندو هئس. پر جڏهن ٻن ٽن مهينن گذري وڃڻ سان ڊاڪٽر جي ڪچهريءَ جي ”ٻاڙ“ لڳندي هئي ته پوءِ مضمون پڄائڻ جي بهاني مان پاڻ ويندو هئس. مضمونن جي صفحي جو انچارج جناب زرار پيرزادو ۽ ڊاڪٽر جوڻو ويهندا به هڪ ئي ڪمري ۾ هئا، سو منهنجي لاءِ “هڪ ڌڪ ۾ ٻه شڪار“ پهچڻ سان مضمون ٿيو زرار جي حوالي ۽ مان ڊاڪٽر جي قربائتي ڪچهريءَ جي حوالي، ڪچهريءَ ۾ زرار صاحب به اڪثر حصيدار هوندو هئو. مزي جي ڳالهه ته اسان ٽنهي جي دلچسپيءَ جي هڪڙي مشترڪه ڳالهه ڪرڪيٽ جي راند هئي. ڊاڪٽر ته تمام سٺو ڪرڪيٽر رهي چڪو جنهن پاڪستان جي فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ به حصو ورتو. مون ڪرڪيٽ کيڏي پوري ساري باقي ڄاڻ ۽ دلچسپي گهڻي رکندو آهيان. لڳ ڀڳ ساڳي صورتحال زرار جي آهي. بهرحال ڪرڪيٽ بابت گفتگو ٿيندي ورلي هئي. جيئن توقع ڪري سگهجي ٿي ته اڪثر ۽ گهڻي گفتگو سياست تي ٿيندي هئي جڏهن ته سماجي صورتحال، ماڻهن جا رويا ۽ ڪردار، شهري ۽ ڳوٺاڻو ڪلچر، مختلف شخصيتون، ڪتاب، پراڻيون يادون ۽ ٻيا ڪيترا گڏيل دلچسپيءَ جا موضوع بحث هيٺ ايندا هئا. بحث دوران منهنجي ۽ زرار جي وچ ۾ ڪڏهن ڪڏهن گرما گرمي به ٿي ويندي هئي پر ڊاڪٽر خير محمد مجال آهي جو ڪو تکو جملو ڳالهائي يا منهن ۾ گُهنڊ وجهي. وڌ ۾ وڌ گهڙي کن لاءِ خاموش ٿي ويندو. ڪلاڪن جي ڪچهريءَ دوران سندس چهري جي رونق هڪ جهڙي ۽ گفتگو جو لهجو ساڳيو قربائتو رهندو. مون سان گڏ جيڪڏهن فدا به هوندو ته آفيس جي ملازم کي سڏ ڪري چوندو ته من! اسان ٻنهي (فدا ۽ پاڻ) لاءِ عام ماڻهن واري چانهه ٺاهي آ، هن (يعني مان) لاءِ رڳو ڪوسو پاڻي کڻي آ باقي ”پڙي“ مان پاڻهئي ٿو ڏيانس“، مطلب ته سبز چانهه. آفيس ۾ به اوطاق جهڙي مهمان نوازي پئي هلندي مختلف مهمانن لاءِ انهن جي مزاج مطابق بسڪوٽ وٺي رکندو. مان ويندس ته بسڪوٽن سان گڏ مختلف برنيون کوليندو ويندو، ڪنهن ۾ نمڪو، ڪنهن ۾ سڪل ٻير ته ڪنهن ۾ ڪتل جون ڳڙيون، مان ڪيترن سالن کان مٺين شين کي هٿ به نه لائيندو آهيان پر خير محمد جي قربائتي ڪچهري ايتري مٺي هوندي هئي جو ان جي وچ ۾ ڪتل جي ٻن ڳڙين جو مٺاڻ محسوس ئي نه ٿيندو هئو. مختصر ۾ ائين چئجي ته ڊاڪٽر خير محمد ڪچهريءَ جو ڪوڏيو ۽ محفل جو مور هوندو هئو. ڪچهري ڪندي صالح بِلو جهڙي ڪنهن مشترڪه دوست جي فون اچي ويس ته ان کي ضرور چوندو ته ”عبدالخالق جوڻيجو ويٺو آ، ڳالهائينس، ڪچهري دوران ڪنهن پراڻي دوست جو ذڪر اچي ويو ته فون کڻي ڪوشش ڪندو ته ان سان رابطو تازو ٿي وڃي، هڪڙي معاملي ۾ خير محمد منهنجو دشمن هوندو هئو. وقت مان اڌ ڪلاڪ جو سوچي ويندو هئس ته ڏيڍ ڪلاڪ کائي ويندو هئو. ۲۲ آگسٽ ۲۰۱۷ع تي مان جيئي سنڌ محاذ جي دوستن سان گڏ روپلي ڪولهيءَ جي ورسي ملهائڻ جي سلسلي ۾ مِٺي ويل هئس. پروگرام ڪري رات جو واپس اچي رهياسين. ڪار ۾ مون سان گڏ محاذ جو مرڪزي اڳواڻ ظهور لغاري ۽ ڊاڪٽر جوڻي جو يونيورسٽي ڏينهن جو ايس اين ايس ايف جو ساٿي تاج بلوچ (جيڪو هاڻي جيئي سنڌ محاذ جو اڳواڻ آهي) موجود هئا. اڄ ڪلهه هر ڪنهن جي هٿ ۾ موبائيل فون آهي، اوچتو پوئين سيٽ تان تاج بلوچ جو آواز آيو ته ”سائين“ ڊاڪٽر خير محمد جوڻو گذاري ويو. مون کان اهڙي دانهن نڪتي جو ڊرائيور پريشان ٿي ويو. ان کانپوءِ خاموشي ٿي وئي ۽ منهنجي اکين اڳيان ڊاڪٽر خير محمد جو مرڪندڙ چهرو ۽ ساڻس ڪيل ڪچهريون فلم جي ريل وانگر اينديون ويون. خاص ڪري آخري ڪچهري ڏاڍي ياد آئي جيڪا صرف هڪ هفتو اڳ ۾ يعني 15 آگسٽ تي گوڙاڻي ڊيم بابت پنهنجو مضمون ڏيڻ مان عوامي آواز ويو هئس. ان ڏينهن مان بلڪل تڪڙ ۾ هئس ۽ هر هر اٿڻ جو ارادو پئي ڪيم پر ڊاڪٽر جي قربائتي گفتگو هر دفعي اٿڻ کان روڪي ٿي ڇڏيو. هڪ دفعي ته فدا کي آهستي چيم به ته يار هلڻو آهي پر ڇا ڪجي، نٿا هلي سگهون، ۽ پوءِ اها شايد اسان جي سڀني کان ڊگهي ڪچهري ٿي وئي. شايد ڊاڪٽر کي احساس ٿي ويو هئو ته اها اسان جي آخري ڪچهري هئي. اها به حقيقت آهي ته مان ڊاڪٽر خير محمد جوڻي جو ويجهو ۽ گهاٽو دوست نه هئس پر پوءِ به ان جي وڃڻ سان مان پاڻ کي ايترو محروم محسوس ٿو ڪريان ته جيڪي سندس صفا ويجها ۽ گهاٽا دوست هوندا انهن جو ڇا حال هوندو. گهرڀاتين جي ڏک ۽ محروميءَ جو ته ذڪر ڪرڻ ئي اجايو ٿيندو. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو محبتي ماڻهو محمد شعيب بڪڪ ۲۳ آگسٽ واري رات ۱۱ وڳي منهنجي ماسات ۽ جسقم اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ مون کي فون ڪئي، چيائين ته ادا تو کي خبر آهي؟ مون چيو ته ادا ڇا ٿيو خير ته آهي، چيائين ته سائين ڊاڪٽر خير محمد جوڻو صاحب گذاري ويو آهي. مان جلد اٿي ويهي رهيس، مون چيو ته؛ سائين کي ڇا ٿيو؟ چيائين ته؛ مون کي به ڪنهن دوست فون ڪري ٻڌايو آهي، وڌيڪ ته مون کي خبر نه آهي. سائين ڊاڪٽر خير جوڻي صاحب سان منهنجي پهرين ملاقات ان وقت ٿي، جڏهن مان پنهنجي ڪالم جي سلسلي ۾ عوام آواز آفيس ويس، جيئن ته اسان واري صفحي جو انچارج سائين زرار پيرزادو صاحب آهي انهيءَ ڪري مان زرار سان ملڻ لاءِ سندس ڪمري ۾ ويس. ته اتي منهنجي ملاقات ڊاڪٽر خير محمد جوڻي صاحب سان ٿي. توهان يقين ڪريو ته هو ايڏو محبتي ماڻهو هيو سندس پهرين ملاقات ۾ ايئن لڳي رهيو هيو ڄڻ اسان پاڻ ۾ ڪي ويجها دوست يا مائٽ آهيون. اهڙو پيارو مٺو ۽ محبتي ماڻهو جنهن سان ملي ڪري ايڏي خوشي ٿيندي هئي جو مان توهان کي بيان نٿو ڪري سگهان. مان جڏهن به سائين جي ڪمري ۾ ويندو هيس، سائين سان لازمي ملاقات ٿيندي هئي، سڀ کان پهريان تمام پيار سان ڀاڪر پائي ملندو هيو. پوءِ چوندو هيو ته بابا بڪڪ صاحب پري کان آيو آهي، پهرين سائين کي ٿڌو پاڻي پياريو پوءِ وري چانهه کڻي اچو ۽ وري چانهه سان گڏ بسڪٽ لازمي ڏيندو هيو. پوءِ خبرون چارون شروع ٿينديون هيون. سائين مون کي چوندو هيو ته تون ڪراچي جو اصلوڪو ماڻهو آهين، توکي ڪراچي جي گهڻي ڄاڻ آهي، انهيءَ مان مون کي به ڪا ڄاڻ يا معلومات ڏيو، حقيقت ۾ سائين کي به گهڻي ڄاڻ ۽ معلومات هوندي هئي پر منهنجي همت وڌائڻ لاءِ چوندو هيو ته تنهن جي ڪراچي جي باري ۾ ڄاڻ مون کان وڌيڪ آهي. ڇو ته هو وڏو ماڻهو هيو، هن جي سوچ وڏي هئي. هو چاهيندو هيو ته مان ڪراچي جي مسئلن ۽ خاص ڪري سنڌي ڳوٺن تي لکندو رهان، مون کي چوندو هيو ته ادا شعيب مان جلد تنهن جي ڳوٺ ايندس اُتي ويهي گهڻي ڪچهري ڪنداسين، هي دفتر آهي هتي ڪهڙيون ڪچهريون. سائين ڪچهري جو مور هيو. هر وقت کِل ڀوڳ ۽ منهن تي مٺي مرڪ سائين جي شخصيت کي وڌيڪ نوراني ڪري ڇڏيندي هئي. جڏهن ڪچهري يا ڳالهه ٻولهه شروع ٿيندي هئي ته مون کي چوندو هيو ته بابا پنهنجي ڪالم جي باري ۾ مون کي نه ٻڌاءِ سڀاڻي جڏهن اخبار ۾ ايندو مان پاڻ ئي پڙهندس، ان جو مزو خراب نه ڪر. جيڪڏهن تون پنهنجي ڪالم جي باري ۾ مونکي هينئر ٻڌائيندين ته مون کي پڙهڻ ۾ مزو نه ايندو. انهي ڪري مهرباني ڪري ٻي ڳالهه ڪر. مون کي ياد ناهي ته سائين ڪڏهن ايئن چيو هجي ته مان وڃي رهيو آهيان يا مون کي ڪو ضروري ڪم اهي هميشه مون چيو ته سائين منهنجو پنڌ پري آهي، هاڻي اجازت ڏيو، هميشه اُٿي بيهي ڪري وڏي محبت سان موڪلائيندو هيو. سائين ڪچهري ڪندي لازمي طور زرار صاحب سان ڀوڳ ڪندو هيو، زرار هڪ تمام پيارو ۽ ماٺيڻو ماڻهو آهي، سائين جي ڳالهه تي يا ڀوڳ تي سدائين مرڪندو رهندو هيو، ڪڏهن ڪڏهن تمام سٺو ۽ وقتائتو جواب ڏيندو هيو پوءِ ڪم ۾ مصروف ٿي ويندو هو. جنهن سان محفل ۾ نئون رنگ رچي ويندو هيو، اڄ زرار صاحب جي ڪمري ۾ خاموشي آهي ۽ زرار صاحب جي اها مرڪ به مرجهايل آهي، سائين ڊاڪٽر خير محمد جوڻو صاحب هڪ مڪمل سنڌي مهمان نواز ماڻهو هيو هن کي ماڻهن سان محبت هئي هو ڀوڳ ڀوڳ ۾ تمام وزندار ۽ نصيحت واريون ڳالهيون ڪندو هيو، تنهن ڪري سندس ڳالهين تي ماڻهو ناراض نه ٿيندا هيا. هو عوامي آواز اخبار جي سونهن هيو، سندس هن بي وقت وڇوڙي تي عوامي آواز جي سڄي سٿ سميت اسين سڀ دوست ۽ ساٿي ڏکائتا آهيون، الله سائين سندس گهروارن کي صبر ڏي ۽ سائين کي جنت فردوس ۾ جاءِ ڏي. جکرو جَسَ کرو ٻيا مڙيئي مير، مٽي ان خمير، اصل هئي ايتري. (شاهه) ڊاڪٽر خيرمحمد جوڻو ”من“، محبتن جو سفير هو قاضي آفتاب احمد ڏوڪري تاريخ ۾ سنڌ امڙ جي ڌرتي تي ڪيترن ئي انمول ڪردارن جنم ورتو آهي جن پنهنجي پنهنجي خوشبو سان جڳ کي معطر ڪيو آهي اهڙن انمول ۽ بيمثال ڪردارن مان ڊاڪٽر خير محمد جوڻو به هڪ هو جنهن پنهنجي بهترين ڪردار سان معاشري ۾ خير ۽ نيڪي جو ٻج ڇٽيو.ڊاڪٽر خير محمد جوڻو مڪمل طور محبتن جو سفير هو هن صرف ۽ صرف محبتون ڪرڻ سکيون هيون ڪنهن سان نفرت ڪرڻ جي ته کيس ماءُ لولي ئي نه ڏني هئي. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو سان منهنجي پهرين ملاقات تقريبن 12 سال اڳ خيرمحمد آريجا ۾ ٿي ڊاڪٽر صاحب اتي عوامي آواز جي رپورٽر سيد عطا محمد شاهه پاران ڪوٺايل گڏجاڻي ۾ آيل هو. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو صاحب مون کي ملاقات ۽ ڪچهري دوران چيو ته اوهان پڙهيل لکيل ماڻهو آهيو لکڻ پڙهڻ به ڄاڻو ٿا اوهان جيڪڏهن صحافتي دنيا ۾ اچو ته بهتر ٿيندو ڇاڪاڻ ته اوهان جهڙن نوجوانن جي صحافتي ميدان ۾ سخت ضرورت آهي. جنهن تي مون ڊاڪٽر صاحب کي چيو ته سائين جيڪڏهن توهان همٿ ڏياريو ٿا ته مان رپورٽنگ ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. ان دور ۾ سيد اصغر علي شاهه ڏوڪري ۾ عوامي آواز جو رپورٽر مقرر ٿيل هو. بعد ۾ سيد اصغر شاهه هڪ روڊ حادثي ۾ اسان کان وڇڙي ويو جنهن ڪري ڏوڪري اسٽيشن خالي ٿي.مون ڊاڪٽر خيرمحمد جوڻو سان رابطو ڪيو جنهن مون کي بنا ڪنهن شرط شروط جي عوامي آواز ۾ ڏوڪري لاءِ رپورٽر مقرر ڪري ڇڏيو اهڙي طرح عوامي آواز ۾ ڪم ڪرڻ سبب ڊاڪٽر خيرمحمد جوڻو سان منهنجو تعلق اڃا به گهرو ٿي ويو جيڪو ڊاڪٽر صاحب جي ساهه جي سڳي ٽٽڻ تائين برقرار رهيو. ڊاڪٽر خيرمحمد جوڻو سان ڪراچي ۾ منهنجون تمام گهڻيون ملاقاتون ٿيون جنهن ۾ هن مون کي تمام گهڻو همٿايو بي انتها پيار ڏنو ۽ سمجهايو ته صحافت ڪرڻ ايڏو سولو ڪم نه آهي هي گلن جي نه پر ڪنڊن جي سيج آهي ان ڪري هن ميدان ۾ لاها چاڙها ايندا آهن توهان کي گهٻرائڻ نه گهرجي. ڊاڪٽر خيرمحمد جوڻو جهڙا ماڻهو صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن جن جي اجري ۽ صاف شفاف ڪردار جا اولڙا ايندڙ نسلن تائين پوندا آهن. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو هڪ گهڻ پاسائي شخصيت هو هن مسيحائي پيشي سان نڀائڻ بعد صحافتي ميدان ۾ به هڪ مثالي ڪردار نڀايو.ڊاڪٽر خير محمد جوڻو جي وڇوڙي جي خبر منهنجي دل ۽ دماغ مٿان وڄ جيان ڪڙڪي پئي اعتبار ئي نه پئي آيو ته هو اسان کان ڌار ٿي ويو آهي.ان ڏينهن جڏهن ڊاڪٽر خير محمد جوڻو جي آخري رسمن ۾ شرڪت لاءِ ڏوڪري جي دوستن سان گڏ قاضِي احمد ڀرسان ڳوٺ مير محمد جوڻو پهتاسين ته سڄو ماحول سوڳوار نظر آيو هر پاسي ويراني ڇانيل هئي. دل تي سندس وڇوڙي جي غم جو غبار ڇانيل هو جنازي کڄڻ وقت هر اک آلي هئي ۽ جڏهن مون ڊاڪٽر خير محمد جوڻو جو آخري ديدار ڪيو ته ائين محسوس ٿيو ته هو مسڪرائيندڙ چپن سان اسان جو دل کولي آڌر ڀاءُ ڪري رهيو آهي ۽ مون کي ڄڻ ائين چئي رهيو آهي ته اوهان اداس نه ٿيو پريشان نه ٿيو مان توهان سان روحاني طور گڏ آهيان.توهان پنهنجو صحافتي سفر جاري رکو. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو هڪ وڏو مهمان نواز هو ۽ هن جي اٿڻي ويهڻي مان سنڌ جي ثقافتي روايتن جا رنگ نظر ايندا هئا هو جيترو وڏو ماڻهو هو اوترو هو ننڍن ماڻهن سان پيار ڪندو هو نوجوانن کي همٿائندو هو ڪڏهن ڪڏهن اسان جي موڪليل ڪا خبر عوامي آواز ۾ نه ڇپبي هئي ته اسان کيس فون ڪري شڪايت ڪندا هئاسين ته هو اهڙي پيار ۽ پاٻوهه سان شڪايت ٻڌندو هو جو اسان کان شڪايت ڪرڻ ئي وسري ويندي هئي مطلب ته هو ماکين مصرين جهڙو مٺڙو ماڻهو هو هن سدائين هر هنڌ محبتن جا گلاب پوکيا هو پنهنجن ۽ ڌارين سان به تمام بهتر نموني پيش ايندو هو.ڊاڪٽر خيرمحمد جوڻو جيتوڻيڪ اسان کان جسماني طور جدا ٿي ويو آهي پر سندس ساروڻيون خوبصورت يادون اسان جي دل جي تختي تي اڪرجي ويون آهن جن کي ڪو به مٽائي نه ٿو سگهي اسان ڌڻي در دعاگو آهيون ته ڌڻي ٻاجهارو ڊاڪٽر خير محمد جوڻو کي جنت الفردوس ۽ پوئنرن کي صبر عطا ڪري آمين. خالي رهجي ويل ڪُرسيءَ جو ڏُکُ رکيل مورائي اهو ٻيو ڏينهن هئو ۽ اها ڪرسي کالي پيل هئي، جنهن کي آفيس ۾ اچڻ وارن ڏينهن ۾ خالي پيل گهٽ ڏسڻ ٿيندو هئو. آفيس ۾ گهڙڻ سان نيوز روم ڪراس ڪري پهرئين ان آفيس جو در ايندو، جنهن ۾ ڊاڪٽر خير محمد جوڻو ويهندو هئو. منهنجو پهريون سلام ان دروازي تي ٿيندو هئو. ڇاڪاڻ ته ان ئي ڪمري ۾ زرار پيرزادو به ويهندو آهي. سڄي ڏينهن جي ڍڪ ڊوڙ کان پوءِ هن آفيس جي دروازي جي اندر اچي ئي، چپن تي مرڪ ايندي هئي، جنهن جو سبب ڊاڪٽر خير محمد جوڻو هوندو هئو. سلام سان ئي هُو زرار سان ڪونه ڪو ڀوڳ ڪندو هئو يا مان ڪونه ڪو سبب جوڙيندو هوس، ائين اسان ٽنهي جي چهرن تي تازگي ايندي هئي ۽ پوءِ، سڀني لاءِ پنهنجو پنهنجو ڪم هوندو هئو. جتوڻيڪ ڊاڪٽر خير محمد جوڻو اخبار جو مئنجنگ ايڊيٽر هئو. پر اسان کي ڪڏهن به ائين ڪونه ڀاسيو ته هو مالڪ به آهي، هُو آفيس جي سڀني ڪارڪنن سان ۽ دوستن سان ”من“ ڪري ڳالهائيندو هئو. پر حيرت جي حد تائين مون کي محسوس ٿيندو هئو ته جڏهن به مون کي سڏيندو هئو ته ”ادا رکيل“ چئي سڏي هئو ۽ آفيس ۾ چوندو؛ ”من ويهه“. ائين به آهي ته آڌر ڀاءُ جو اهو نمونو، ساهتي پرڳڻي جو نه آهي، اتر سنڌ جو آهي، پر جوڻي صاحب جي روح ۾ اهو رچي ويو هئو. ٻيءَ طرح سندس سمورو اٿڻ ويهڻ ساهتي پرڳڻي وارو هئو. ساهتي جي ضلعي نواب شاهه ۾ جنم وٺندڙ ۽ زندگي گذاريندڙ ڊاڪٽر خير محمد جوڻو، پوءِ صحافت جي ميدان ۾ آيو اڳ هن سياست جي ميدان ۾ پاڻ کي آزمايو. سنڌ جي کاٻي ڌر جي سياست پنهنجو سفر ڪٿي پورو ڪيو ۽ ڊاڪٽر صاحب ان کان عملي طور ڪڏهن الڳ ٿيو. اهو اهم نه آهي، اهم اهو آهي ته جوڻو صاحب ان سموري ڀڃ ڊاهه مان ڪجهه سکي، سياست کان ڀل عملي طور الڳ ٿي ويو هُئو. پر هو نظرياتي طور، دلي يا دماغي طور ان مان مايوس ٿيو هجي، مون کي ڪڏهن به ائين محسوس نه ٿيو. ڊاڪٽر صاحب توڻي جو سياسي ڪتاب وغيره به پڙهندو هئو. پر سياست تي تفصيلي هن گهٽ ڳالهايو، ادبي ڪتاب پڙهي انهن تي ڪجهه به سرس ئي ڳالهائيندو هئو. هن جن شخصن سان سياست ڪئي، اهي نظرياتي/ کاٻي ڌر جي سياست جا اهم نالا آهن، مثال طور شهيد نذير عباسي جو نالو ڳڻائي سگهجي ٿو، ڄام ساقي ۽ ٻين ڪيترن شخص جا نالا آهن، سندس ان تعلق ئي ممڪن آهي ته ڊاڪٽر جبار خٽڪ صاحب سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي کيس آماده ڪيو هجي. ڊاڪٽر صاحب ايم بي بي ايس ڪرڻ کان پوءِ چڱو ئي عرصو ليبيا ۾ رهيو ۽ پوءِ واپس ايندي ئي، ڊاڪٽريءَ کي الوداع ڪيائين ۽ صحافت جي ميدان ۾آيو ۽ عوامي آواز اخبار ۾پنهنجي جهوني دوست ۽ سياسي همسفر ڊاڪٽر جبار خٽڪ سان گڏجي ويو. حيرت جي حد تائين ڊاڪٽر صاحب مونکي ڊاڪٽر کان وڌيڪ هڪ رڄ چڱو مڙس ۽ راڄوڻو ماڻهو لڳندو هئو، جنهن کي ڄڻ هن شهر جي منصنوعيت ڇهيوئي نه هئو، هن جي ڳالهائڻ جو انداز، اٿڻي ويهڻيءَ جو انداز بلڪل انهن ڳوٺاڻن جهڙو هئو، جيڪي ڳوٺن جي ڇپر ڇانءَ هوندا آهن. هو شهر ۾ رهندي به پنهنجو لهجو، پنهنجو لباس ۽ پنهنجو روح هن شهري آلودگيءَ بچائي سگهيو، اهو جس کيس ڏانهن وڃي ٿو. تفصيل ۾مان شايد ائين چوان ته هو سنڌي ڳوٺاڻي ثقافت جو مجسمو هئو. سڀني وصفين هو اهڙو سنڌي محسوس ٿيندو هئو، جنهن تي سنڌ جي ثقافت به شايد فخر ڪري. مون کي خبر ناهي ته ڪڏهن نوجوانيءَ ۾، شاگرديءَ واري دور ۾ يا ملڪ کان ٻاهر هجڻ واري وقت ۾ هن مغربي لباس پاتو هجي، پر مون جڏهن کان کيس ڏسڻ شروع ڪيو هو ته کيس هڪ مڪمل سنڌيءَ جيان ڏٺو. بيحد سهڻا ٺهيل قميص سلوار ۽ مٿي تي نهايت شاندار سنڌي ٽوپي ڏٺي، جيئن ته سيٺيون سنڌي ٽوپيون مون کي موروثي طور وڻنديون آهن ۽ مان شوق سان پائيندو به آهيان، ان ڪري اڪثر ساڻس ٽوپين جي نسلن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي هئي. ڇو ته ڊاڪٽر صاحب وٽ، سنڌ جي الڳ الڳ حصن ۾ پاتيون ويندڙ ڪيترين ئي ٽوپين جا نمونا موجود هوندا هئا ۽ هو انهن کي شوق سان استعمال ڪندو هئو. ائين به ٿيندو آهي ته ڪي شخص، ٽوپيون يا قيمتي لباس اوڍيندا ته آهن، پر کين اهو پتو نه هوندو آهي ته اهي سندس بيهڪ کي ڪيترو نکاري رهيا آهن، ان حوالي ۾ ڊاڪٽر صاحب کي ٽوپيون ۽ لباس استعمال ڪرڻ ته ايندو هئو، پر اهو سڀ سندس شخصيت ۾ نکار به آڻيندو هئو. جنهن سبب سندس شخصيت وڻندڙ لڳندي هئي ۽ ان وڻڻ کي وڌيڪ وڻندڙ ڪندڙ سندس سڀاءُ هوندو هئو، جيڪو سدائين خوش رهڻ وارو ۽ ٻين کي خوشي ڏيڻ وارو رهيو. يا چوڻ گهرجي ته هو اهڙو شخص هئو، جنهن سان ملي دلي خوشي محسوس ٿيندي هئي. کيس دل جي تڪليف هئي، پر تڪليف جو اظهار هن ڪڏهن به ظاهر ڪو نه ڪيو، ايستائين جيستائين اها کيس مڪمل جواب ڏيئي وئي. هاڻ هو ان دل کي ميار ڏيڻ لاءِ موجود نه آهي پر اسان شدت سان محسوس ڪيون ٿا ته جنهن دل جي، هن بردبار شخص ٽيهٺ سال شڪايت نه ڪئي اها ساڻس اڌ ڪلاڪ کان ڪلاڪ جي وچ واري عرصي ۾ اهڙي بيوفائي ڪري وئي جو اڄ تائين اعتبار نه اچي رهيو آهي، ممڪن آهي ته جن سين سان گهڻو پيار ڪيو ويندو آهي، اهي ائين دوکو ڪنديون هجن.! اهو ته پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته ڊاڪٽر صاحب ان دل سان ڪڏهن به دوکو نه ڪيو هوندو، ڇاڪاڻ ته هو اهڙو شخص نه هئو، هو ته ان مٽيءَ مان جڙيل هئو. جنهن مٽيءَ عالم جي ڏکويل ماڻهن کي به پنهنجي جيءَ ۾ جايون ڏنيون آهن ۽ شخصي طور ڊاڪٽر خير محمد جوڻو ان مٽيءَ مان جڙيل اهڙو شخص هئو جنهن ان فرض کي پنهنجو فرض ڪري سمجهيو ۽ ڪيترن ئي اڙين جو آڌار بڻيو. جنهن جو شاهد منهنجو دوست ۽ خوبصورت شاعر بخشل باغي آهي، جنهن ان ڳوٺ ۾ جنم ورتو ۽ ننڍپڻ گذاريو آهي. جنهن ڳوٺ ۾ هاڻ ڊاڪٽر خير محمد جوڻو مستقل ان ماءُ جي جهوليءَ ۾آرامي آهي، جنهن ماءُ کيس پنهنجي ڀوميءَ جي سڃاڻپ ڏني جيڪا ئي سندس ”جنم ڀومي“ به سڏجي ٿي ته ”ڪرم ڀومي“ به. ڊاڪٽر صاحب ان ڏينهن اسان جي سامهون آيو، آفيس جي ڪرسيءَ تي ويٺو. سلام جو جواب ڏنائين؛ ”من هيڏانهن ته اچجانءِ“ چيائين، ڪي پل ئي چئبا يا پهر ئي چئبا، جيڪي هن گرميءَ سبب بي چينيءَ ۾ گذاريا، سندس بيچين سندس چهري تي ظاهر ٿين لڳي، ٿورن ئي پلن جي وٿي هئي جن ۾ هو، تڪڙو اسپتال پهچايو ويو ۽ اهي پل ئي هئا، جو هو هتان جي سڀ ڪجهه کان موڪلائي، ان ئي انداز سان هليو ويو، جيڪو انداز هن جو پنهنجو نرالو ڏيک ڏيندو هئو. اڄ به زرار پنهنجي ڪرسيءَ تي ڪم ڪري رهيو آهي، آفيس جا سڀ بلب روشن آهن، سمورو ڪاروهنوار جيئن جو تئين آهي، سڀاڻي اخبار به سج اڀرڻ کان پهرئين سنڌ ۾ پڄندي، بس! فقط هڪ ڪرسي آهي، جيڪا خالي پئي آهي ۽ هيءَ اها ڪرسي آهي، جنهن تي هو ٽيڪ ڏئي ويهندو هئو. دوستن سان فون تي ڳالهائيندو هئو. آئي وئي سان ڪچهريون ڪندو هئو، اڪثر اخباري ڪارڪن لاءِ مٿي جي سور، بخار ۽ ٻين تڪڙي علاج وارين گورين جو ڊٻو پاڻ وٽ رکندو هئو. اهو اڄ شخص، جنهن تي ڪنهن به گوري، اثر نه ڪيو ۽ تڪڙو هليو ويو، ساڻس تعلق ۾ رهندڙ سڀ شخص ڪنهن نه ڪنهن طرح پنهنجي ڏک جو اظهار ڪري رهيا آهن ۽ ڪندا رهندا، پر ان ڪرسيءَ جو ڏک ڪير بيان ڪري سگهندو، جيڪا سندس وڃڻ کانپوءِ خالي پئي آهي ۽ اٻاڻڪي آهي، ان خالي رهجي ويل ڪرسيءَ جو ڏک ڪڏهن اظهار پائيندو؟. شايد ڪڏهن به نه....! ڊاڪٽر خيرمحمد جوڻو نه وسرندڙ شخصيت ڊاڪٽر خالد محمود جوڻو اسان جي ڳوٺ مير محمد جوڻو لڳ قاضي احمد ۾ جنم وٺندڙ ڊاڪٽر خيرمحمد جوڻو جيڪوروزاني عوامي آواز جو مئنيجنگ ايڊيٽر ۲۲ آگسٽ ۲۰۱۷ تي عوامي آواز جي آفيس ۾ دل جو دورو پوڻ سبب ۶۳ سالن جي عمر ۾ هن فاني جھان کان لاڏاڻو ڪري ويو. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو، ڪامريڊ ڄام ساقي، شهيد نذير عباسي، احمد خان جمالي ۽ عوامي آواز ميڊيا گروپ جي سرواڻ ڊاڪٽر جبار خٽڪ سان کاٻي ڌر جي سياست ۽ ايس اين ايس ايف ۾ سرگرم رهيو. ايم بي بي ايس ڪرڻ کان پوءِ وڏو عرصو لبيا ۾ نوڪري ڪئي. وطن واپس ورڻ بعد پنهنجي سياسي دوست ڊاڪٽرجبار خٽڪ سان روزاني عوامي آواز اخبار ۾ پنهنجي صحافتي خدمتون سرانجام ڏنيون جتي سندس نالو نروار ٿيو. ۽ آخري گھڙي تائين عوامي آواز ميڊيا گروپ سان سلهاڙيل رهيو. ۱۵ سالن تائين اخبار جي نگراني ڪندو رهيو. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو پنهنجي علائقي جو آبادگار پڻ هو ۽ سماجي سرگرمين ۽ غريب ماڻهن جي مدد ڪرڻ ۾ پاڻ ملهائيندو رهيو ۽ پاڻ هر گھڙي پنهنجي ماروئڙن جي داد رسيءَ لاءِ رُڌل رهندا هئا پاڻ ڀٽائي صاحب جي هن سٽ “تتي ٿڌي ڪاھ ناهي ويل ويهڻ جي” جا مصداق هئا. ڊاڪٽر صاحب جي زندگي هڪ تحريڪ هئي، پاڻ هڪ پاسي صحافتي ميدان ۾ پنهنجا جوهر ڏيکاريندو رهيو ته وري ساڳي طرح پاڻ هڪ متحرڪ سماجي ورڪر ۽ سياسي ليڊر هجڻ سان گڏوگڏ سنڌ جي آبادگار تنظيم سان پڻ جڙيل رهيو، ساڳئي وقت ڪيترين ئي سماجي ڀلائيءَ جي تنظيمن سان نه رڳو جڙيل رهيو، پر سنڌ جي پوئتي پيل ڳوٺاڻن کي پنهنجي عملي زندگيءَ وسيلي انهن کي پنهنجي پيرن تي بيهاريو. اڄ جيئن ته ڊاڪٽر خير محمد جوڻو هن جهان ۾ نه رهيو آهي پر سندس صحافتي ڪردار، سماجي خدمتون ۽ ڏتڙيل عوام سان هن جون همدرديون اڄ به زنده ۽ يادگار آهن، سندس انهن ڪمن ۽ خوبين جي ڪري اهڙا ماڻهو جيتوڻيڪ هن فاني جھان کان لاڏاڻو ڪري ويندا آهن پر حقيقت ۾ هو هزارين نه بلڪ لکين انسانن جي دلين ۾ جيئرا هو ندا آهن، اهڙن ماڻهن جي لاءِ ڀٽائي صاحب جي هي سٽ “مري ٿيا نه مات” يعني مري ڪري به جيئرا هوندا آهن. ان کان سواءِ ڊاڪٽر صاحب جڏهن پنهنجي ڳوٺ ميرمحمد جوڻي ۾ عيد يا ٻئي ڪنهن خوشيءَ جي موقعي تي ايندو هيو ته هر ڪنهن سان پيار پريت ۽ محبت سان ملندو هيو، ان ڪري ڳوٺ وارا کين عزت جي نگاھ سان ڏسندا هئا، جيئن ته آئون به ڳوٺ ٻاهر ڪنهن مصروفيت ۾ هوندو هئس ۽ پاڻ به اڪثر ڪري ٻاهر رهندا هئا جڏهن ملاقات ٿيندي هئي ته نهايت ئي ادب ۽ پيار مان چوندا هئا سائين ڪٿي نظر ئي نٿا اچو، مان به چوندو هئس ته ڊاڪٽر صاحب اوهان به ته نظر نه ايندا آهيو پوءِ چيائون ادا اصل ۾ آئون به ڳوٺ کان ٻاهر پيو رهان. پاڻ خوش مزاج کلڻا ۽ سلڇلڻا هئا. بهرحال ڊاڪٽر صاحب جون ڪهڙيون خوبيون لکي ڪهڙيون لکان.. ڊاڪٽر خيرمحمد جوڻو نه وسرندڙ شخصيت ڊاڪٽر خالد محمود جوڻو قاضي احمد اسان جي سنڌ ڌرتي سوني ڌرتي آهي، جتي معدني ذخيرا ته بي شمار آهن، اتي باڪمال شخصيتن جو جنم به تمام جھجهو آهي. ان حوالي سان سنڌ ڌرتي جو مان ۽ ڳاٽ اوچو آهي. اسان جي سنڌ سوين نه بلڪ هزارين ۽ لکين لعل ۽ هيرا پيدا ڪيا آهن، جن سنڌ جو نالو ڏيھ توڙي پر ڏيھ ۾ روشن ڪيو آهي. اهڙن ئي باڪمال شخصيتن ۾ اسان جي ڳوٺ مير محمد جوڻو لڳ قاضي احمد ۾ جنم وٺندڙ ڊاڪٽر خيرمحمد جوڻو جيڪوروزاني عوامي آواز جو مئنيجنگ ايڊيٽر 22 آگسٽ 2017 تي عوامي آواز جي آفيس ۾ دل جو دورو پوڻ سبب 63 سالن جي عمر ۾ هن فاني جھان کان لاڏاڻو ڪري ويو. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو، ڪامريڊ ڄام ساقي، شهيد نظير عباسي، احمد خان جمالي ۽ عوامي آواز ميڊيا گروپ جي سرواڻ ڊاڪٽر جبار خٽڪ سان کاٻي ڌر جي سياست ۽ ايس اين ايس ايف ۾ سرگرم رهيو. هِن ايم بي بي ايس ڪرڻ کان پوءِ وڏو عرصو لبيا ۾ نوڪري ڪئي. وطن واپس ورڻ بعد پنهنجي سياسي دوست ڊاڪٽرجبار خٽڪ سان روزاني عوامي آواز اخبار ۾ پنهنجي صحافتي خدمتون سرانجام ڏنيون جتي سندس نالو نروار ٿيو. ۽ آخري گھڙي تائين عوامي آواز ميڊيا گروپ سان سلهاڙيل رهيو. 20 سالن تائين اخبار جي نگراني ڪندو رهيو. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو پنهنجي علائقي جو آبادگار پڻ هو ۽ سماجي سرگرمين ۽ غريب ماڻهن جي مدد ڪرڻ ۾ پاڻ ملهائيندو رهيو ۽ پاڻ هر گھڙي پنهنجي ماروئڙن جي داد رسيءَ لاءِ رُڌل رهندا هئا پاڻ ڀٽائي صاحب جي هن سٽ “تتي ٿڌي ڪاھ ناهي ويل ويهڻ جي” جا مصداق هئا. ڊاڪٽر صاحب جي زندگي هڪ تحريڪ هئي، پاڻ هڪ پاسي صحافتي ميدان ۾ پنهنجا جوهر ڏيکاريندو رهيو ته وري ساڳي طرح پاڻ هڪ متحرڪ سماجي ورڪر ۽ سياسي ليڊر هجڻ سان گڏوگڏ هوُ سنڌ جي آبادگار تنظيم سان پڻ جڙيل رهيو، ساڳئي وقت ڪيترين ئي سماجي ڀلائيءَ جي تنظيمن سان نه رڳو جڙيل رهيو، پر هن سنڌ جي پوئتي پيل ڳوٺاڻن کي پنهنجي عملي زندگيءَ وسيلي انهن کي پنهنجي پيرن تي بيهاريو. اڄ جيئن ته ڊاڪٽر خير محمد جوڻو هن جهان ۾ نه رهيو آهي پر سندس ڪيل صحافتي ميدان ڪم ۽ سماجي خدمتون ۽ ڏتڙيل عوام سان هن جون همدرديون اڄ به زنده ۽ يادگار آهن، سندس انهن ڪمن ۽ خوبين جي ڪري اهڙا ماڻهو جيتوڻيڪ هن فاني جھان کان لاڏاڻو ڪري ويندا آهن پر حقيقت ۾ هو هزارين نه بلڪ لکين انسانن جي دلين ۾ جيئرا هو ندا آهن، اهڙن ماڻهن جي لاءِ ڀٽائي صاحب جي هي سٽ “مري ٿيا نه مات” يعني مري ڪري به جيئرا هوندا آهن. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو تسلسل هيو ڄام جوڻي جي خاندان جو، جنهن ساهتي پرڳڻي جي زميندار گهراڻي ۾ جنم ورتو. قاضي احمد نوابشاهه روڊ تي قائم ڳوٺ مير محمد جوڻي جي نج ٻهراڙيءَ واري فطري ماحول ۾ پلجندڙ، فطرت سان پيار ڪندڙ خير محمد جوڻو، ”خير“ ۽ ”شر“ جي ويڙهاند ۾ سدائين ”خير“ جو طرفدار رهيو. ڊاڪٽر صاحب نهايت ئي باخلاق انسان هو ان جو اندازو هن مان لڳائي سگھجي ٿو ته ڪراچي جي ادارن ۾ جتي هر هڪ ملازم، ”ميڊم“ ۽ ”سر“ چئي هڪ ٻئي کي مخاطب ٿيندو آهي. اتي ڊاڪٽر خير محمد جوڻو پنهنجي اداري ۾ ڪم ڪندڙ ورڪرن کي ادا، ڀاءُ، ”من“، ادي، ڀيڻ، نياڻي ڪري مخاطب ٿيندو هيو، ان مام معلوم ڪري سگھجي ٿو ڊاڪٽر صاحب هڪ اعليٰ قسم جو با اخلاق انسان هو. ڊاڪٽر صاحب جون خوبيون ۽ همدرديون لکندي ادل سومرو پنهنجي ڪالم هن طرح اظهار ڪيو آهي:. ”آءُ عوا مي آواز ۾ 2007 ع کان 2012 تائين ڪم ڪيو، گهرو مجبورين سبب آءُ 4 سال عوامي آواز اداري کان پري رهيس پر ڊاڪٽر خير محمد جوڻي سان جڏهن به فون تي ڳالهه ٻولي ٿيندي هئي، چوندو هئو ته ” من “ ڪراچي اچين ته مون سان ضرور ملي وڃجانءِ. هڪ ڀيرو آءُ ساڻس ڪراچي ۾ عوامي آواز جي آفيس ۾ مليس، مون کي چيائين ” من “ ڪو به مسئلو اٿئي ته مون کي ٻڌاءِ اخبار ۾ ڪم ڪرين ته تنهنجي لاءِ نوڪري موجود آهي پر منهنجي پنهنجي مجبوريءَ مون کي انهن ڏينهن ۾ نوڪري ڪرڻ نه ڏني. جڏهن مارچ 2016ع ۾ آءُ ٻيو ڀيرو عوامي آواز ۾ آيس ته ڊاڪٽر خير محمد جوڻي منهنجي وڏي مدد ڪئي، ۽ منهنجي لاءِ ماحول کي ساز گار بڻايو. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو”. ڊاڪٽر صاحب بابت ادل سومرو پنهنجي ڪالم ۾ وڌيڪ ويچار ونڊيندي هن طرح لکي ٿو: ”جديد دور ۾ جديد نظرياتي سياست ڪندڙ ۽ جديد تعليم حاصل ڪندڙ اهڙو سٻاجهه شخص هيو، جو هن پنهنجي مزاج ۾ چالاڪي بدران سدائين قديم روايتن ۽ پنهنجي ڏاهپ کي نروار ڪيو ۽ پنهنجي قديم خانداني روايتن جي پاسداري ڪندي، انسان کي انسان سمجهو، ڊاڪٽر صاحب ڪنهن به ننڍ وڏائي ۽ سماجي طبقاتي فرق کان مٿاهون شخص هئو. جنهن جي سموري سماجي وهنوار ۾ هڪ ذميوار ۽ روشن خيال انسان جي تصوير نمايان نظر ايندي هئي” . ان کان سواءِ ڊاڪٽر صاحب جڏهن پنهنجي ڳوٺ ميرمحمد جوڻي ۾ عيد يا ٻئي ڪنهن خوشيءَ جي موقعي تي ايندو هيو ته هر ڪنهن سان پيار پريت ۽ محبت سان ملندو هيو، ان ڪري ڳوٺ وارا کين عزت جي نگاھ سان ڏسندا هئا، جيئن ته آئون به ڳوٺ ٻاهر ڪنهن مصروفيت ۾ هوندو هئس ۽ پاڻ به اڪثر ڪري ٻاهر رهندا هئا جڏهن ملاقات ٿيندي هئي ته نهايت ئي ادب ۽ پيار مان چوندا هئا سائين ڪٿي نظر ئي نٿا اچو، مون به چوندو هئس ته ڊاڪٽر صاحب اوهان به ته نظر نه ايندا آهيو پوءِ چيائون ادا اصل ۾ آئون به ڳوٺ کان ٻاهر پيو رهان. پاڻ خوش مزاج کلڻا ۽ سلڇلڻا هئا. بهرحال ڊاڪٽر صاحب جون ڪهڙيون خوبيون لکي ڪهڙيون لکان. آخر ۾ ڀٽائي سائين جي هن سٽ “ماڻهو سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنج ڪنهن ڪنهن ماڻهؤَ منجهه بوءِ بهار جي” ڊاڪٽر خير محمد جوڻو جو وڇوڙو ڊاڪٽر خالد محمود جوڻو سنڌ جو سينئر صحافي ڊاڪٽر خير محمد جوڻو ٽيهٺ سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو، هو ساهه جي تند ٽٽڻ تائين عوامي آواز جي پليٽ فارم تان سنڌ جي عوام جي خدمت ڪندو رهيو، جتي هو آخري وقت تائين مئنيجنگ ايڊيٽر جون ذميواريون نڀائي رهيو هو. ڊاڪٽر خير محمد جُوڻو شاگرديءَ جي زماني کان وٺي شاگرد سياست سان لاڳاپيل رهيو، ايم بي بي ايس ڪرڻ کانپوءِ هن ڊاڪٽري ڪرڻ کان وڌيڪ صحافت جي ميدان تان عوام جي خدمت ڪرڻ کي بهتر سمجهيو ۽ عوامي آواز سان باقاعدي ڳنڍجي ويو. ضلعي نوابشاهه جي ڳوٺ مير محمد جوڻو ۾ ڊاڪٽر خير محمد جوڻو، ڳوٺ جو ننڍڙو زميندار پڻ هو، جنهن سبب ضلعي جي آس پاس وارن علائقن ۾ سندس چڱو اٿڻ ويهڻ هو، هوُ سنڌ جي آبادگار تنظيم سان پڻ جڙيل رهيو، ساڳئي وقت ڪيترين ئي سماجي ڀلائي وارين تنظيمن سان نه رڳو جڙيل رهيو، پر هن سنڌ جي پوئتي پيل ڳوٺاڻن کي پنهنجي عملي زندگيءَ وسيلي پاڻ ڀرو ڪيو. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو شروع کان جيئن ئي، سوشلسٽ خيالن کان متاثر ٿيو ته آخري عمر تائين انهن خيالن جو ئي رهيو، سندس ويجهن سياسي دوستن ۾ شهيد نذير عباسي، ڄام ساقي، ڊاڪٽر جبار خٽڪ، احمد خان جمالي ۽ صالح بلو اهم ڄاتا وڃن ٿا، هو شاگرد تنظيم ايس اين ايس ايف ۾ نهايت سرگرم ٿي رهيو، جنهن ۾ پڻ سندس دوستن جو چڱو ئي حلقو رهيو. هُو ويجهي عرصي ۾ عملي سياست کان وڌيڪ وقت پنهنجي صحافتي ڪمن کي ڏيئي رهيو هو. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو پنهنجا نجي ويچار رکندي به سنڌ جي کاٻي، توڻي وطن دوست ۽ روشن خيال سياسي دوستن جو هڪ وڏو حلقو رکندڙ شخص هو. سندس تعلق ڪيترن ئي سياسي اڳواڻن سان به رهيو ته سياسي ڪارڪنن سان پڻ! ساڳي وقت هو سنڌ جي علمي ادبي شخصيتن جو به احترام ڪندڙ شخص هو. ڪتابن سان سندس ويجهڙائپ آخري وقت تائين رهي، هو هر ان سياسي پارٽيءَ جو دوست هو، جيڪا سنڌ دوست ۽ عوام دوست هئي. سندس وڇوڙي تي مختلف پارٽين ۽ ادبي، علمي تنظيمن ڏک جو اظهار ڪيو آهي، ڊاڪٽر خير محمد جوڻي جو وڇوڙو نه فقط عوامي آواز ميڊيا گروپ جو نقصان آهي پر سنڌ پنهنجي هڪ سچي دوست کان محروم ٿي وئي آهي. هيءُ ڏک سموري سنڌ ۾محسوس ڪيو ويو آهي، خاص ڪري سنڌي صحافت جي دنيا لاءِ هي ڏک نه سهڻ جهڙو آهي. اڄ ڊاڪٽر خير محمد جوڻو هن جهان ۾ نه رهيو آهي پر سندس وڇوڙو هڪ ڏک جي لهر پيدا ڪري ويو آهي، جيڪو ڏک سدائين رهڻو آهي. ٽيهٺ سال اڳ ساھتي پرڳڻي ۾ ان وقت ڊاڪٽر صاحب جنم ورتو، جڏهن هن ملڪ جي سياست عوام جي خواهش جي ابتڙ ۽ عوام دشمن قوتن جي هٿ هيٺ هلي رهي هئي ۽ سنڌ جو عوام سخت بيحسيءَ ۾ گذري رهيو هو. اهڙين حالتن ۾ سموري سنڌ جيان ضلعو نوابشاهه به سرگرم هو، ڊاڪٽر خير محمد شخصي طور هڪ مجلسي، قربائتو، ڪچهري جو مور ۽ راڄوڻي مڙس هو، هن وٽ جيڪو به مهمان لڙي ايندو هو، سو سندس مهمان نوازي يعني سندس اخلاق، نياز نوڙت ۽ قرب کان ڏاڍو متاثر ٿيندو هو. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو سان مان دوستن وانگر هجائتو هوندو هيس. ساڻس ڀوڳ چرچا به ٿيندا هيا. پنهنجي ڪمري جو پنهنجو ئي هڪ الڳ ”ماحول“ ۽ ”رنگ“ هوندو هو. ڪرڪيٽ جي موضوع تي به وڏيون ڪچهريون ٿيندون هيون. ڊاڪٽر خير محمد جوڻي جي جيڪا سڀ کان عظيم خوبي هئي، جنهن هن کي هر دلعزيز بڻايو، سا هئي، موقعي تي ماڻهوءَ کي پنهنجو ڪرڻ واري خوبي. هو پنهنجي اخلاق، مٺي ۽ حجائتي زبان سان ماڻهن کي پنهنجو ڪري وٺندو هو. ماڻهو دنگ رهجي ويندا هُيا ته هو هڪ ميڊيا گروپ جي وڏي عهدي تي هوندي به ههڙي فقيري، قلندري ۽ درويش صفت طبيعت جو مالڪ آهي! ڊاڪٽر خير محمد جوڻو صاحب اسان جي بزرگ ۽ سڀني سنڌ واسين لاءِ ڇپر ڇانو بڻيل جسٽس (ر) ديدار حسين شاهه جي پيرن مرشدن وانگر عزت ڪندو هو، سائين جي بيماريءَ جي کيس ڏاڍي ڳڻتي هوندي هُئي. ڊاڪٽر جبار خٽڪ به ڊاڪٽر خير محمد جوڻي جي ڏاڍي عزت ڪندو هو، اداري جي هر معاملي ۾ ڊاڪٽر جوڻي کي اعتماد ۾ ضرور وٺندو هو ۽ ان ڳالهه جو خاص خيال ڪندو هو ته ڊاڪٽر جوڻو پريشان نه ٿئي. ڊاڪٽر خير محمد جو جيئڻ به ڪمال وارو هو ته سندس زندگيءَ ۽ دنيا کان موڪلائڻ وارو انداز به ڏاڍو باوقار ۽ شانائتو هو. جيتوڻيڪ هو پاڻ ڊاڪٽر هو، دل جو پراڻو مريض هو ۽ پنهنجي حالت کان هو چڱيءَ ريت واقف هو. مان ڊاڪٽر خير محمد صاحب کي زندگي ۽ دنيا کان انتهائي پرسُڪون ۽ باوقار نموني موڪلائيندي ڏٺو، هو ڪنهن ريت به پريشان نه هو، چهري تي ڪو گهنج به نه هيس، نه ئي جلد اسپتال پهچائڻ جي ڪا پريشاني يا دانهن هيس، زبان تي نه ئي موت سان ڪو جهيڙو يا شڪايت!! ڊاڪٽر خير محمد جوڻي ڀٽائي جي هن سٽ جيان پنهنجي زندگي موت جي حوالي ڪئي ته: ”مرڻ مون سين آءُ ته پُٺيءَ تو پنڌ ڪيان“ ڊاڪٽر خير محمد جوڻو ھو سدائين ”خير“ جو طرفدار رهيو ادل سولنگي ڊاڪٽر خير محمد جوڻو تسلسل هيو ڄام جوڻي جي خاندان جو، جنهن ساهتي پرڳڻي جي زميندار گهراڻي ۾ جنم ورتو. قاضي احمد نوابشاهه روڊ تي قائم ڳوٺ مير محمد جوڻي جي نج ٻهراڙيءَ واري فطري ماحول ۾ پلجندڙ، فطرت سان پيار ڪندڙ خير محمد جوڻو، ”خير“ ۽ ”شر“ جي ويڙهاند ۾ سدائين ”خير“ جو طرفدار رهيو. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو نوجوانيءَ ۾ ايل ايم سي ڄامشوري ۾ ميڊيڪل جو شاگرد هجڻ واري زماني ۾ ڪميونزم فلاسافيءَ واري سياست سان سلهاڙيل رهيو، جنهن کي عام اصطلاح ۾ ”کاٻي ڌر“ چيو ويندو آهي.کاٻي ڌر جي سياست ڪندڙ نوجوانن جي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ سان ايترو عشق هوندو هو، جيترو هو انقلاب سان ڪندا هئا. دنيا جي انقلابن کان وٺي، ادب، سماجيات کان ويندي لوڪ ادب ۽ سياسي اٿل پٿل تي گهري نظر رکندڙ نوجوان جن دنيا کي بدلائڻ جا خواب اکين ۾ اُڻي انهن جي ساڀيان لاءِ سموري زندگي جدوجهد ڪندي گذاري. اسان پنهنجي سانڀر ۾ کاٻي ڌر جي سياست ڪندڙن ۾ جيڪي نالا ٻڌا ۽ شخص ڏٺا، انهن ۾ ڪامريد سوڀو گيانچنداڻي، ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ۽ ڄام ساقي اهم نالا ۽ حوالا آهن.. ڪميونزم فلاسافي جي اثر هيٺ ڪم ڪندڙ ڪميونسٽ پارٽي جي شاگرد ونگ ”ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن“ جنهن کي مختصر لفظن ۾ ”ڊي ايس ايف“ چيو ويندو هئو، جنهن ۾ ڊاڪٽر خير محمد جوڻو پير جيلانيِءَ سامهون سرگرم رهيو. واقعي به ڪميونزم فلاسافي جي اثر هيٺ ٿيندڙ سياست ۾ ڳالهين، دليلن ۽ منطق جي گهڻي اهميت هوندي هئي يا اهو زمانو ئي اهڙو هئو جو شاگرد سياست ۾ سنجيدگيءَ جا طرفدار گهڻا هئا جو گهڻي ڀاڱي سياسي ٽڪراءَ دشمنيءَ ۾ بدلجڻ کان اڳ ئي دوستيءَ ۾ بدلجي ويندا هئا. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو، کاٻي ڌر جي سياسي تربيت ”اسٽڊي سرڪلس“ مان رچي راس ٿيندڙ ماٺيڻو نرم مزاج سنجيدو ۽ روايتي ٻهراڙيءَ جو مڙس ماڻهو محسوس ٿيندو هئو. هو توڻي جو ڊاڪٽر ٿيڻ بعد ملڪ کان ٻاهر هڪ ويڙهاڪ ۽ انقلابي پس منظر رکندڙ ملڪ، لبيا ۾ رهيو پر اتي به سنڌ ۽ ساهتي جو روايتي سنڌي ماڻهو ٿي رهيو، جنهن پنهنجي ڪلچر ۽ قومي روايتن جي پاسداري ڪندي پنهنجو سياسي سفر جاري رکيو. ڊاڪٽر صاحب جي چوڻين. پهاڪن جي آڌار تي ڪيل ڪچهرين مان محسوس ٿيندو هئو ته کيس لوڪ ادب/ لوڪ ڏاهپ جو گهڻو اڀياس، تجربو ۽ مشاهدو حاصل رهيو آهي. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو، نهايت ئي برد بار، سنجيدو ۽ احترام ڏيندڙ اهڙو شخص هئو. جنهن سان پنهنجي دل جون ڳالهيون ڪري سگهبيون هيون ۽ موٽ ۾ ٻاجهه شفقت ۽ هڪ نئين اميد ماڻي سگهبي هئي. سندس زندگيءَ جي سفر ۾ ڪيترائي ڏک ڏاکڙا، غم، درد ۽ تڪليفون آيون هونديون پر اسان کيس سدائين مرڪون ورهائيندي ڏٺو. ڪراچي جي ادارن ۾ جتي هر ڪوئي ملازم، ”ميڊم“ ۽ ”سر“ چئي هڪ ٻئي کي مخاطب ٿيندو آهي. اتي ڊاڪٽر خير محمد جوڻو پنهنجي اداري ۾ ڪم ڪندڙ ورڪرن کي ادا، ڀاءُ، ”من“، ادي، ڀيڻ، نياڻي ڪري مخاطب ٿيندو هيو. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو. جديد دور ۾ جديد نظرياتي سياست ڪندڙ ۽ جديد تعليم حاصل ڪندڙ اهڙو سٻاجهو شخص هيو، جو هن پنهنجي مزاج ۾ چالاڪي بدران سدائين قديم روايتن ۽ پنهنجي ڏاهپ کي نروار ڪيو ۽ پنهنجي قديم خانداني روايتن جي پاسداري ڪندي، انسان کي انسان سمجهو، ڊاڪٽر صاحب ڪنهن به ننڍ وڏائي ۽ سماجي طبقاتي فرق کان مٿاهون شخص هئو. جنهن جي سموري سماجي وهنوار ۾ هڪ ذميوار ۽ روشن خيال انسان جي تصوير نمايان نظر ايندي هئي. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو شاندار روايتن ۽ سنڌ جي ڪلچر جو ئي ته نمائندو هئو. هڪ روايتي ۽ سنڌي پريي مڙس جو ڪردار ادا ڪندڙ اسان کي زندگيءَ ۾ علم، ادب، عقل، ڏاهپ، سهپ، رواداري، بردباري، سنجيدگي، پيار، محبت، ۽ انسان کي احترام ڏيڻ واريون روايتون قائم ڪري پنهنجي ڏيهه روانو ٿي ويو. جڏهن جڏهن به سنڌ ۾ اهڙين شخصيتن جو ذڪر ايندو، جن پنهنجي سموري ڄمار نيڪي ڪمائيندي گذاري، تڏهن ڊاڪٽر خير محمد جوڻي جو نالو به ضرور ورتو ويندو. جنهن پنهنجي سماج اندر نيڪيءَ جو ٻج ڇٽيو هو. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو ڪراچي شهر ۾ ٿيندڙ مختلف سياسي، سماجي ۽ ادبي ميڙاڪن ۾ ضرور شريڪ ٿيندو هئو. جڏهن به هو ڏسندو هئو ته مرڪندي چوندو هئو ”من“ ڪهڙا حال آهن؟ ۽ موٽ ۾ خوش ٿيندي، کيس وراڻبو هئو ته سرهائي لڳي پئي آهي. اڄ سندس ورسي تي جيڪو ڏک ۽ درد ڏک محسوس ٿئي ٿو. اهو ايئن آهي، جيئن ڪنهن کان ٻاجهه جو ڇانورو کسيو ويو هجي. (ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۲ آگسٽ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل) ڪامريڊ ڊاڪٽر خير محمد جوڻو پهرين ورسي جي نسبت سان صالح بلو ڪامريڊ ڊاڪٽر خير محمد جوڻو کي وڇوڙِو ٿيندي هڪ سال گذري چڪو آهي، سندس ڪراچي ۽ ٻين هنڌن تي ورسيون ڪري يادون تازيون ڪيون ويون آهن، ڪامريڊ خير محمد جوڻجو کل مک يارن جو يار سدائين من جي پيارن لفظن سدان سڀني کي ياد ڪندو رهندو هو، جنهن جا قرب ڀريا وڏا وڏا ڀاڪر وسرڻ جهڙا نه آهن، گهمڻ جو شوقين ٿيندڙ ٽوئرن ۾ اڳيان اڳيان هوندو هو، سندس ڳوٺ مير محمد جوڻو جيڪو قاضي احمد ڀرسان آهي، جتي اوطاق متل هوندي ڊاڪٽر جي پهچڻ جو ٻڌي ننڍا وڏا پهچي ويندا هئا، متو ڄام انڙ جيڪو درويش انسان هو، ساڻس ڀوڳ چرچا پيو ڪندو هو، جنهن کي اڪثر پنهنجي ڪار جي اڳيئن سيٽ تي ويهاري قاضي احمد شهر وڃي مخصوص دڪان تان سامان خريد ڪري ڏيندو جيڪو ٽوپي، رومال، بوٽ هوندو، متو ڄام به ان ۾ خوش، ڪامريڊ خير محمد جوڻو ڪچهري جو ڪوڏيو پيو ڳالهيون هيڏانهن هونڏانهن جون ڪندو رهندو هو، شاگردي زماني کان وٺي ڪرڪيٽ جو شوقين هوندو هو، جيڪو قائم ملاح، عبدالرحمان عرف ادو انصاري، اصغر انصاري، اڪبر مغل، فولادي امجد ۽ ٻين سان گڏ مختلف شهرن ۾ مئچون ڪندا هئا، ناچايز به ساڻن گڏ هوندو هو، جيڪو ڀوڳائي قسم جو انسان هو، استاد رحيم لاکو حاجي ابراهيم پڻ سندس ساٿي هئا، اسان به عيد تي سندس ڳوٺ هوندا هئاسين ۽ راتين جون راتيون ڪچهريون ڪندا رهندا هئاسون، جيڪو ايس اين ايس ايف جي شروعاتي اڳواڻن ۾ هو، بعد ڊي ايس ايف جي مرڪزي اڳواڻن ۾ شامل رهيو، ڪامريڊ نئپ ۾ به رهيو ۽ سنڌ هاري ڪاميٽي جي تقريبن هر پروگرام ۾ موجود هوندو هو، ڪامريڊ سنڌ يونيورسٽي ۾ ٿيندڙ هر تحريڪ ۾ شامل رهيو، جيڪو ايل ايم سي ڄامشورو مان ڊاڪٽري جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ لبيا ۽ ٻين شهرن ۾ نوڪري پڻ ڪئي، جنهن ڪامريڊن ڄام ساقي، شهيد نظير عباسي ۽ ٻين سان هر ڏک سک ۾ شامل رهيو، ڪامريڊ ڊاڪٽر خير محمد ياداشت جو ڏاڍو هوندو هو، سندس ياري به ڪافي ڦليل هوندي هوندي هئي، ٿلهو ٿنڀرو قداور شخص جنهن هر تڪليف کي دل ۾ سانڍي رکيو، ڪنهن سان به ڪا شڪايت نه ڪئي، جڏهن ڪميونسٽ پارٽي ٽٽي ۽ ڪامريڊ گهڻا صحافي بنجي ويا، ڪن اخبارون ڪڍيون ڪامريڊ خير محمد جوڻو به ليبا کان موٽڻ بعد ڪامريڊ احمد خان جمالي جي چوڻ تي عوامي آواز جو شيئر هولڊر بنيو ۽ بعد احمد خان جمالي عوامي آواز کي خير آباد چئي ڇڏيو، ليڪن ڊاڪٽر خير محمد جوڻو، عوامي آواز ۾ آخري وقت تائين مئنيجنگ ايڊيٽر رهيو، جنهن جي ياداشت ڏاڍي تيز هوندي هئي ۽ هر ساٿي کي نالي سان سڃاڻيندو هو، ڪامريڊ ڊاڪٽر خير محمد بحث مباحثي ۾ تيز هوندو هو، ڪامريڊ خير محمد جوڻو سيد رشيد احمد شام قاضي محمد ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ ڄام ساقي، ڪامريڊ نظير عباسي، ناچيز صالح بلو ۽ ٻين جو ساٿي هو، اڪثر شاگردي دوري واريون ميٽنگون سندس ڳوٺ ۾ ٿينديون هيون، سندس ڪيتريون ئي يادون وساري نه ٿيون سگهجن، جيڪو سگريٽن جو موالي ته نه هو ليڪن ڪڏهن ڪڏهن سنگت سان گڏ پي وٺندو هو، مان پن جون ٻيڙيون گهڻيون پيئندو هوس، هڪ دفعي ڪنهن سنگت سان بيٺا هئاسين، انهن سگريٽ پيئڻ لاءِ چيو مون هٿ سگريٽ پي ورتو ته اهو ڦري ورتو چيو ته سگريٽ ڪو نه پيئندو آهي پن جون ٻيڙيون پيئندو آهي، ڊاڪٽر کي چيو ته ڪڏهن ڪڏهن سگريٽ مليو اهو به تو برداشت نه ڪيو مان سنڌ لاڪاليج حيدرآباد ۾ امتحان ڏئي رهيو هوس مون سان گڏ لالا خدائي نظر امتحان ڏئي رهيو هو. جڏهن سابق چيف جسٽس چوڌري افتخار به اتي لا ڪري رهيو هو، ڊاڪٽر خير محمد اسان کي ڪاپي ڪرائي رهيو هو ته چوڌري افتخار به شريڪ ٿيو وڃي ڊاڪٽر خير محمد جوڻو جيڪو اسان سان گڏ پارٽي ڪنوينشن ۾ شامل هو واپسي ۾ اسان ڪوهه مري وياسين برف تان منهنجو پير ترڪي پيو ٿڌ مٿي کي لڳي وئي، مان چوان پيو ته ڊاڪٽر ڀنجو پئجي ويو، ڊاڪٽر کلي چيو جنهن لاءِ مذاق ٿي ويو، خير اسان پنڊي ۾ آياسين ۽ ڊاڪٽر جي هڪ دوست ڊاڪٽر وٽ رهياسين جيڪو ايل ايم سي ۾ پڙهندو هو ۽ منهنجو به وقف هو، مون کي گئس ٿي ڪجهه آواز نڪتا پنجابي ڊاڪٽر کي غيرت اچي وئي، جيڪو موريون کائي آيو پوءِ ته مقابلو شروع هو، جيڪو کٽي ويو اهڙا ڪيئن ڀوڳ ٿيندا رهندا هئا، سکر ۾ سردار علي بخش مهر جي دعوت ۾ هر طعام موجود هو، منهنجي عادت رهي ته گوشت کائندس ته مڇي پلو نه کائيندس مان گوشت کائي ويس ڊاڪٽر کي چيو ته يار پلو ڪو نه هو ڊاڪٽر کلي چيو ته پنهنجي سامهون پلو هيڏو سارو پيو هو ته نه کاڌو خير اسان کي تحفي ۾ ٽوپيون، اجرڪون مليون، اسان سان گڏ سوڍو جوڻو جيڪو ڊاڪٽر جو مائٽ هو، ڪراچي ۾ رهندو آهي اهو به ساڻس بهرحال سردار علي بخش مهر ڏاڍي خدمت ڪئي، جيڪو پڻ وفات ڪري ويو آهي، ڊاڪٽر خير محمد جوڻو جنهن سان به ياري رکندو هو ان سان نڀائيندو هو، جڏهن به ڪنهن سان ڳالهين ۾ ويهندو هو ته وڏي برد باري سان ڳالهائيندو هو، هڪ دفعي مون کيس چيو ته ڊاڪٽر مون کي موٽرسائيڪل سيکار جو روپوشي ۾ وڏو مسئلو ٿئي ٿو، ڊاڪٽر ۽ مان قاضي احمد روڊ سان موٽرسائيڪل تي سوار هئا واري هجي روڊ سان بس اچي پئي هو چوي ڪلچ هلڪو ڪر مان اڃا به وڌايان پيو، مرگو ڪريا هئاسين بس وارا به ڏسندا پيا اجهو ڪريان ته کڻو خير بچي وياسين، جڏهن مارچ ۱۹۷۷ع ۾ صوبائي اسيمبلي نوابشاهه مان اليڪشن ۾ بيٺس ته ڊاڪٽر خير محمد جوڻو سندس مائٽ مرحوم معروف جوڻو سندس ڀاءُ دادو ورڪ ۾ گڏ هوندا هئاسين، رات ڏينهن ڳوٺن ۾ ورڪ ڪندا رهياسين، پنج هزار ووٽ پيا، سيد نذر شاهه سان مقابلو کٽيان ته ڪو نه ها ڪامريڊن بيهاريو هو سو بيٺاسين ڊاڪٽر خير محمد جيڪو نوابشاهه ايندو هو ته يا اڪبر مغل وٽ رهندو هو يا وري مون وٽ رهندو هو، اسان واري اوطاق جيڪا سياسي بنيل هئي، جتي اڪثر ڪامريڊ ايندا هئا ۽ رهندا هئا، ڪامريڊ خير محمد جوڻو جي شادي به ڊاڪٽر زرينه پنهور سان ٿي، جن جا حيدرآباد ڪراچي ڊفينس ۾ بنگلا هئا، مان ڪراچي ويندو هوس ته ڊاڪٽر خير محمد جوڻو وٽ ڊفينس ۾ رهندو هوس، ڊاڪٽر خير محمد جوڻو جيئن عوامي آواز آفيس پهچندو هو ته پهرين مون کي فون ڪندو هو استاد رحيم بخش کي حال احوال ڪندا رهندا هئاسين پر سندس آخري ٽيليفون ان وقت آيو، جڏهن هن ٻڌايو سيد پير شاهه جي نياڻي ڪرنٽ لڳڻ سبب اوڏانهن ويو هو جيڪو بعد ڪنڊيشن خراب ٿيڻ ڪري جناح اسپتال کڻائي ويا، ليڪن ڊاڪٽر خير محمد جوڻو ڄڻ آخري ملاقات ڪئي، جنهن کي اڄ سال پورو ٿي ويو. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو جسٽس (ر) ديدار حسين شاهه عوامي آواز اخبار جو مئنيجنگ ايديٽر، ڊاڪٽر خير محمد جوڻو مُنهنجو دوست هُئو، ڊاڪٽر جوڻو ڪيترين ئي صلاحيتن جو مالڪ هُئو، پر هن جي هڪ خوبي بيحد وڻندڙ هُئي ته هُو يارن جو يار هُئو. هو پنهنجي خاندان جو چڱو مڙس هُئو ۽ هن جي طبيعت ۾ هڪ ڊاڪٽر هجڻ باوجود جيڪا چڱ مڙسي هُئي، اها هن ڪڏهن به پنهنجي هٿان وڃڻ ڪا نه ڏني. ڊاڪٽر خير محمد ۽ مان ڪراچيءَ ۾ اڪثر صُبح جو پنڌ گڏ ڪندا هئاسين ۽ اُن پنڌ دوران ڪيترن ئي ملڪي سنڌ توڻي ذاتي مسئلن تي ڳالهائيندا هُئاسين، اڪثر اسان پنهنجا فيصلا هڪ ٻئي سان صلاح مصلحت لاءِ ونڍيندا هُئاسين. ڊاڪٽر صاحب پنهنجي پيشي جي ڪري ملڪ کان ٻاهر به رهيو ۽ آخري وقت ڪراچيءَ وقت ۾ رهيو پر هن پنهنجي اندر مان هڪ مهمان نواز سنڌيءَ کي ڪو نه ڪڍيو، سندس عوامي آواز واري آفيس توڻي ڳوٺ واري اوطاق تي سدائين سندس دسترخوان ڪشادو رهندو هُئو، جنهن جي ڪري سندس چهري تي جيڪا خوشي پئي ٻهڪندي هُئي اها ڏسڻ وٽان هوندي هُئي اڄ به سندس مُرڪندڙ چهرو اڪثر منهنجي اکين اڳيان اچي بيهندو آهي، جڏهن به مان ڊاڪٽر صاحب جي ڳڻن تي سوچيان ٿو ۽ سندس هلت چلت ۽ گفتگوءَ کي ياد ڪيان ٿو ته ڀٽائي سائينءَ جو هڪ بيت ذهن تي تري اچي ٿو. ماڻهو سڀ نه سُهڻا، پکي سڀ نه هنجهه ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي ڊاڪٽر صاحب سان پنهنجي تعلق ۽ ڪچهرين کي ياد ڪريان ٿو ته من ۾ بهارجي مند اچي وڃي ٿي ۽ سندس ڳڻن ويچاريان ٿو ته اکيون ڀرجي اچن ٿيون، ڊاڪٽر صاحب هڪ ڳڻائتو انسان پنهنجي خاندان ۽ مٽن مائٽن لاءِ فقط نه هُئو، پر پنهنجي يارن دوستن ۽ تعلق وارن سڀنيءَ لاءِ هڪ چڱي مڙس وارو شانائتو مرتبو رکندو هُئو، ساڳئي وقت هو احسان ياد رکڻ وارو شخقص به هُئو. سندس آفيس ۾ سدائين بخار، مٿي جي سور يا اهڙي ڪنهن به هلڪي سلڪي بيماريءَ جي علاج طور ڪيترن ئي قسمن جون گوريون اتي ڪم ڪندڙن لاءِ رکيون هونديون هيون، ڏاڍ سٺا ڪتاب سندس آفيس ۾ رکيل هوندا هئا، جن کي پڙهندو رهندو هُئو، ملڻ يا ڳالهه ٻولهه ۾ ڪجهه وقفو پئجي ويندو هُئو ته پاڻ ئي دوستن کي فون ڪري سندن حال احوال وٺندو هُئو ۽ ڏيندو هُئو. ڊاڪٽر صاحب پنهنجي ڳوٺ قاضي احمد ڀرسان هڪ شاندار مُک دروازو ٺهرايوڳوٺ ڏانهن ويندڙ رستي تي پاڻ مهرباني ڪري ان جو افتتاح مون کان ڪرايائين، ان موقعي تي شريڪ ٿيندڙ دوستن يارن لاءِ عاليشان مانيءَ جو بندوبست ڪيائين، ڳوٺاڻن کي به ماني کارايائين سندس ڳوٺ ۾ سندس مان ۽ مرتبو ڏسي مونکي بيحد خوشي ٿي، پاڻ دروازي ٺهرائڻ جو سڄو خرچ ڪيائين اڪثر عيدن وغيره ۽ ٻين ڏهاڙن تي هو پنهنجي ڳوٺ واري اوطاق ۾ گذاريندو ۽ پنهنجي هارين نارين ۽ دوستن اوڙي پاڙي جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هُئو، اڪثر دوستن جي خوشين توڙي غمين ۾ شريڪ ٿيندو هئو. ڊاڪٽر صاحب سان منهنجي تعلق مونکي اهو فائدو ڏنو هُئو ته مان اڪثر عوامي آواز جي آفيس وڃڻ جي بهاني گهران نڪري ڪي دوستن جون علمي ادبي محفلون به اٽينڊ ڪري وٺندو هوس ۽ يارن دوستن سان ملي به وٺندو هوس هاڻ عمر ۽ بيمارين سبب ٻاهر گهٽ نڪران ٿو، دل چوي ته ٺيڪ هجان ته ڊاڪٽر صاحب جي ڳوٺ سندس ٻارهي تي ضرور وڃان ها پر نه وڃڻ جو قرض هيءُ ٻه اکر لکي لاهي رهيو آهيان شال قبول پون ڇو ٿه ڊاڪٽر صاحب جي وڇوڙي کانپوءِ هڪ دل گهرئي دوست جي نه هجڻ جو ڏک سدائين ڏکوئيندو رهي ٿو. پر چوندا آهن ته جيڪو گهڙو جُڙيو آهي اهو هڪ ڏينهن ضرور ڀڄڻو آهي، انسان به ڄائو آهي ته هڪ ڏينهن ضرور پنهنجي مالڪ ڏانهن واپس موٽڻو آهي. اهو ضرور آهي ته سندس سٺا يا خراب عمل دنيا ۾ سندس ياد ڪرڻ لاءِ رهجي وڃن ٿا، جيڪڏهن هن جا سٺا عمل آهن ته نيڪيءَ طور ياد ڪيو ويندو جيڪڏهن سندس عمل سٺا نه آهن نه بديءَ طور ياد ڪيو ويندو. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو جيئن ته ڀلو انسان هئو ان ڪري هو سٺن لفظن ۾ ياد ڪيو ويندو هِت به ته هُت به ڌڻي تعاليٰ سندس درجات بلند ڪري کيس لاءِ هيءُ بيت ڌيان ٿو. گوڙن ۽ گهوٽن، جيئڻ ٿورا ڏينهنڙا ڪڏهن منجهه ڪوٽن، ڪڏهن راهي رڻ جا نوٽ: مرحوم ڊاڪٽر خير محمد جوڻي جي شخصيت تي سهيڙيل ڪتاب “من موڪلائي ويو” جي اڄ ڳوٺ مير محمد جوڻو ۾ ٿيندڙ مهورتي تقريب جي موقعي تي جسٽس (ر) ديدار حسين شاهه جي خاص لکڻي هتي پيش ڪجي ٿي. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو سنڌي سماج ۾ نيڪيءَ جو ٻج ڇٽيندڙ ادل سولنگي ڊاڪٽر خير محمد جوڻو تسلسل هيو ڄام جوڻي جي خاندان جو، جنهن ساهتي پرڳڻي جي زميندار گهراڻي ۾ جنم ورتو. قاضي احمد نوابشاهه روڊ تي قائم ڳوٺ مير محمد جوڻي جي نج ٻهراڙيءَ واري فطري ماحول ۾ پلجندڙ، فطرت سان پيار ڪندڙ خير محمد جوڻو، ”خير“ ۽ ”شر“ جي ويڙهاند ۾ سدائين ”خير“ جو طرفدار رهيو. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو نوجوانيءَ ۾ ايل ايم سي ڄامشوري ۾ ميڊيڪل جو شاگرد هجڻ واري زماني ۾ ڪميونزم فلاسافيءَ واري سياست سان سلهاڙيل رهيو، جنهن کي عام اصطلاح ۾ ”کاٻي ڌر“ چيو ويندو آهي. کاٻي ڌر جي سياست ڪندڙ نوجوانن جي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ سان ايترو عشق هوندو هو، جيترو هو انقلاب سان عشق ڪندا هئا. دنيا جي انقلابن کان وٺي، ادب، سماجيات کان ويندي لوڪ ادب ۽ سياسي اٿل پٿل تي گهري نظر رکندڙ نوجوان جن دنيا کي بدلائڻ جا خواب اکين ۾ اُڻي انهن جي ساڀيان لاءِ سموري زندگي جدوجهد ڪندي گذاري. اسان پنهنجي سانڀر ۾ کاٻي ڌر جي سياست ڪندڙن ۾ جيڪي نالا ٻڌا ۽ شخص ڏٺا، انهن ۾ ڪامريد سوڀو گيانچنداڻي، ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ۽ ڄام ساقي اهم نالا ۽ حوالا آهن. . ڪميونزم فلاسافي جي اثر هيٺ ڪم ڪندڙ ڪميونسٽ پارٽي جي شاگرد ونگ ”ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن“ جنهن کي مختصر لفظن ۾ ”ڊي ايس ايف“ چيو ويندو هئو، جنهن ۾ ڊاڪٽر خير محمد جوڻو پير جيلانيِءَ سامهون سرگرم رهيو. ڊاڪٽر خير محمد جوڻي هڪ ڀيري ٻڌايو ته ”من“ اسان ڄامشوري ۾ پڙهائي واري زماني ۾ سياست ڪئي، پر امن ۽ پڙهڻ پڙهائڻ واري سياست جيڪا دليل تي ٻڌل هوندي هئي. ڊاڪٽر خير محمد جوڻي اهو به ٻڌايو هو ته ڄامشوري ۾ جنهن جلسي ۾ نذير عباسي اسٽيج تي ڳالهائيندڙ مقرر حفيظ قريشي جي تفريح دوران اختلاف رکندي کيس ٽوڪيو هو ۽ جلسي ۾ شريڪ، جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي دوستن سان منهن ماري ٿي هئي، تڏهن آءُ به ان جلسي ۾ موجود هئس. تڏهن اسان به اسان هئاسين. مون کي به ور ۾ پستول لڪايل هئو پر فائر ڪرڻ جي ڪا به تڪڙ ڪا نه هئي، ڇاڪاڻ جو اسان معاملن کي ڳالهين ذريعي ٿڌو ڪرڻ جو هنر ڄاڻيندا هئاسين. واقعي به ڪميونزم فلاسافي جي اثر هيٺ ٿيندڙ سياست ۾ ڳالهين، دليلن ۽ منطق جي گهڻي اهميت هوندي هئي يا اهو زمانو ئي اهڙو هئو جو شاگرد سياست ۾ سنجيدگيءَ جا طرفدار گهڻا هئا جو گهڻي ڀاڱي سياسي ٽڪراءَ دشمنيءَ ۾ بدلجڻ کان اڳ ئي دوستيءَ ۾ بدلجي ويندا هئا. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو کاٻي ڌر جي سياسي تربيت ”اسٽڊي سرڪلس“ مان رچي راس ٿيندڙ ماٺيڻو نرم مزاج سنيجدو ۽ روايتي ٻهراڙيءَ جو مڙس ماڻهو محسوس ٿيندو هئو. هو توڻي جو ڊاڪٽر ٿيڻ بعد ملڪ کان ٻاهر هڪ ويڙهاڪ ۽ انقلابي پس منظر رکندڙ ملڪ، لبيا ۾ رهيو پر اتي به سنڌ ۽ ساهتي جو روايتي سنڌي ماڻهو ٿي رهيو، جنهن پنهنجي ڪلچر ۽ قومي روايتن جي پاسداري ڪندي پنهنجو سياسي سفر جاري رکيو. ڊاڪٽر صاحب جي چوڻين. پهاڪن جي آڌار تي ڪيل ڪچهرين مان محسوس ٿيندو هئو ته کيس لوڪ ادب/ لوڪ ڏاهپ جو گهڻو اڀياس، تجربو ۽ مشاهدو حاصل رهيو آهي. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو، نهايت ئي برد بار، سنجيدو ۽ احترام ڏيندڙ اهڙو شخص هئو. جنهن سان پنهنجي دل جون ڳالهيون ڪري سگهبيون هيون ۽ موٽ ۾ ٻاجهه شفقت ۽ هڪ نئين اميد ماڻي سگهبي هئي. سندس زندگيءَ جي سفر ۾ ڪيترائي ڏک ڏاکڙا، غم، درد ۽ تڪليفون آيون هونديون پر اسان پنهنجي زماني ۾ کيس سدائين مرڪون ورهائيندي ڏٺو. منهنجو ڪالم ”سو ديس مسافر منهنجو ڙي!“ کيس وڻندو هئو ۽ ساڳيو ئي ڪالم سائين ديدار حسين شاهه کي به وڻندو آهي. جسٽس ديدار حسين شاهه صاحب، منهنجي ڪالم کي پسند ڪرڻ لاءِ وري سائين ڊاڪٽر خير محمد جوڻي سان فون تي اهڙو اظهار ڪندو هئو، ڊاڪٽر صاحب وري مون کي سڏائي وٺندو هئو. چوندو هئو ”من“ سائين ديدار شاهه توسان ڳالهائيندو. سچ پچ ته ڊاڪٽر خير محمد جوڻي صاحب جو ٻاجهه ڀريو روايتي سنڌي پريمي مڙس وارو ڪردار هوندو هئو. ڪراچي جي ادارن ۾ جتي هر ڪوئي ملازم، ”ميڊم“ ۽ ”سر“ چئي هڪ ٻئي کي مخاطب ٿيندو آهي. اتي ڊاڪٽر خير محمد جوڻو پنهنجي اداري ۾ ڪم ڪندڙ ورڪرن کي ادا، ڀاءُ، ”من“، ادي، ڀيڻ، نياڻي ڪري مخاطب ٿيندو هيو. آءُ عوا مي آواز ۾ ۲۰۰۷ ع کان ۲۰۱۲ تائين ڪم ڪيو، گهرو مجبورين سبب آءُ ۴ سال عوامي آواز اداري کان پري رهيس پر ڊاڪٽر خير محمد جوڻي سان جڏهن به فون تي ڳالهه ٻولي ٿيندي هئي، چوندو هئو ته ” من “ ڪراچي اچين ته مون سان ضرور ملي وڃجانءِ. هڪ ڀيرو آءُ ساڻس ڪراچي ۾ عوامي آواز جي آفيس ۾ مليس، مون کي چيائين ”من“ ڪو به مسئلو اٿئي ته مون کي ٻڌاءِ اخبار ۾ ڪم ڪرين ته تنهنجي لاءِ نوڪري موجود آهي پر منهنجي پنهنجي مجبوريءَ مون کي انهن ڏينهن ۾ نوڪري ڪرڻ نه ڏني. جڏهن مارچ ۲۰۱۶ع ۾ آءُ ٻيو ڀيرو عوامي آواز ۾ آيس ته ڊاڪٽر خير محمد جوڻي منهنجي وڏي مدد ڪئي، ۽ منهنجي لاءِ ماحول کي ساز گار بڻايو. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو. جديد دور ۾ جديد نظرياتي سياست ڪندڙ ۽ جديد تعليم حاصل ڪندڙ اهڙو سٻاجهه شخص هيو، جو هن پنهنجي مزاج ۾ چالاڪي بدران سدائين قديم روايتن ۽ پنهنيج ڏاهپ کي نروار ڪيو ۽ پنهنجي قديم خانداني روايتن جي پاسداري ڪندي، انسان کي انسان سمجهو، ڊاڪٽر صاحب ڪنهن به ننڍ وڏائي ۽ سماجي طبقاتي فرق کان مٿاهون شخص هئو. جنهن جي سموري سماجي وهنوار ۾ هڪ ذميوار ۽ روشن خيال انسان جي تصوير نمايان نظر ايندي هئي. جڏهن ڊاڪٽر صاحب آفيس پهتو ته گرميءَ جي سختيءَ جي ڳالهه پئي ڪيائين ۽ ڀچڻ لڳو ته ”من“ اوهان کي گرمي محسوس ٿئي ٿي. اوچتو سندس طبعيت خراب ٿي ته ترت ئي کيس جناح اسپتال پهچايو ويو پر ڊاڪٽر خير محمد جوڻي جي طبيعت ۾ سڌارو نه آيو ۽ اسان کيس اڻ ڏٺي ڏيهه ڏانهن ويندي جي بيوسيءَ مان نهاري رهيا هئاسين. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو شاندار روايتن ۽ سنڌ جي ڪلچر جو ئي ته نمائندو هئو. هڪ روايتي ۽ سنڌي پريي مڙس جو ڪردار ادا ڪندڙ اسان کي زندگيءَ ۾ علم، ادب، عقل، ڏاهپ، سهپ، رواداري، بردباري، سنجيدگي، پيار، محبت، ۽ انسان کي احترام ڏيڻ واريون روايتون قائم ڪري پنهنجي ڏيهه روانو ٿي ويو. جڏهن جڏهن به سنڌ ۾ اهڙين شخصيتن جو ذڪر ايندو، جن پنهنجي سموري ڄمار نيڪي ڪمائيندي گذاري، تڏهن ڊاڪٽر خير محمد جوڻي جو نالو به ضرور ورتو ويندو. جنهن پنهنجي سماج اندر نيڪيءَ جو ٻج ڇٽيو هو. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو پنهنجي سياسي رفيق ۽ نظرياتي دوست ڊاڪٽر جبار خٽڪ سان گڏ ”عوامي آواز“ ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيندي. عوام جي آواز کي ايوانن تائين سگهاري نموني پهچائڻ واري جدوجهد ۾ شامل رهيو. عوامي آواز اخبار کي عوامي تحريڪ بڻائڻ ۽ ”عوامي آواز کي عوامي آواز ميڊيا گروپ“ جي شڪل ڏيڻ وارن سمورن مرحلن ۾ ڊاڪٽر خير محمد جوڻي جون صلاحون، وسيلا ۽ صلاحيتون شامل رهيون. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو ڪراچي شهر ۾ ٿيندڙ مختلف سياسي، سماجي ۽ ادبي ميڙاڪن ۾ ضرور شريڪ ٿيندو هئو. جڏهن به هو ڏسندو هئو ته مرڪندي چوندو هئو ” من“ ڪهڙا حال آهن؟ ۽ موٽ به خوش ٿيندي، کيس وراڻبو هئو ته سرهائي لڳي پئي آهي. اڄ هن جي وڇوڙي تي جيڪا ارهائي ۽ ڏک محسوس ٿئي ٿو. اهو ايئن آهي، جيئن ڪنهن کان ٻاجهه جو ڇانورو کسيو ويو هجي. (ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۲ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
الطاف شيخ عظيم سفرناما نگار، ليکڪ ۽ مئرين انجنيئر جو ادبي ۽ سامونڊي سفر سليمان وساڻ (هو مسلسل لکي پيو، بلڪل ٿڪجي ئي نه ٿو. لکڻ ڄڻ ته هاڻ سندس مقصد بڻجي ويو آهي. هو هن وقت به سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ پڙهيو ويندڙ ليکڪ آهي. ۹۱ کان مٿي ڪتاب لکي چڪو آهي. جن مان لڳ ڀڳ ۸۰ کان مٿي سفرناما آهن. هن اسان کي دنيا گهمائي آهي. ڪي کيس سندباد سڏين ته اڪثر وري کيس سنڌ جو ڪولمبس سڏين. ڪو کڻي کيس ڪهڙي به نالي سان سڏي پر هو سفرنامن جو شهنشاهه آهي. هي مکڻ ماڻهو سان گڏ ملنسار پڻ آهي.) سرزمين هالا ۾ ۱۴ نومبر ۱۹۴۴ع تي ڄمڻ واري هن سفرناما نگار جو پورو نالو الطاف احمد شيخ ۽ قلمي نالو ’الطاف شيخ‘ آهي. الطاف شيخ جي والد جو نالو گل محمد شيخ ۽ والده جو نالو شريفان آهي. ٻنھي جو تعلق پڙهيل لکيل خاندانن سان هو. الطاف شيخ جو والد اڃا ڪلاس ٻئي ۾ هو ته سندس والد يعني الطاف شيخ جي ڏاڏي عبدالرحيم شيخ جي وفات ٿي وئي. ان بعد کين والده مريم ۽ مامي ماستر محمد وريل نپايو. هنن نور محمد هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ ۽ انٽر سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ مان پاس ڪرڻ بعد ائگريڪلچر سائنس ۾ B.Sc پوني (انڊيا جي اڄ جي رياست مهاراشٽرا جي شهر) جي يونيورسٽي مان ڪئي ۽ بعد ۾ M.Sc آمريڪا جي ڪارنيل يونيورسٽي (اٿيڪا شهر) مان ڪئي، جيڪو شهر نيويارڪ رياست ۾ آهي. B.Sc ڪرڻ بعد، الطاف جي والد ڪراچيءَ مان شيخ اياز (مشهور شاعر) سان گڏ، مسلم لا ڪاليج ڪراچي مان قانون جي ڊگري LL.B پڻ حاصل ڪئي ۽ ڪجهه عرصو جسٽس عبدالرحمان مرزا (جسٽس حامد علي مرزا جو والد ۽ الطاف جي نانيءَ جو وڏو ڀاءُ) وٽ وڪالت ڪئي. ان بعد PCS جو امتحان ڏئي، مختيارڪار ٿي رهيا. ۱۹۵۵ع ڌاري، آمريڪا طرفان ٽنڊو ڄام ۾ کوليل ’وليج ايڊ ڪاليج‘ جا هو پرنسپال ٿيا. وليج ايڊ کاتو بند ٿيڻ تي پاڻ وري روينيو کاتي ۾ آيا ۽ ڊپٽي ڪمشنر جي پوسٽ تان رٽائر ڪيائون. کيس پڙهڻ لکڻ جو تمام گهڻو شوق هو جنهن لاءِ هو پنهنجن ٻارن جي به هر وقت همت افزائي ڪندو هو. ايتريقدر جو الطاف جيتوڻيڪ اسڪول يا ڪاليج ۾ اڙدو نه پڙهيو پر کيس گهر ۾ اڙدو پڙهڻ سيکاريو ويو. پاڻ کيس هميشه اهو چوندا هئا ته؛ ”اڙدو اهم زبان آهي، جنهن ۾ تمام گهڻا اسلامي ڪتاب آهن، جن کي پڙهڻ لاءِ اڙدو سکڻ ضروري آهي.“ الطاف جي والد جا خاص سبجيڪٽ ائگريڪلچر ۽ ائنٿروپالاجي هئا ۽ پاڻ مختلف موضوعن تي ڪڏهن ڪڏهن اخبارن ۾ ڪالم به لکندو ھيو ۽ سنڌيءَ ۾ سندن چار ڪتاب پڻ ڇپيل آهن. جهڙوڪ: ماڪوڙي، ماکيءَ جي مک، ڪوريئڙو ۽ گڏهه. ”گڏهه“ ڪتاب الطاف جي والد گل محمد شيخ پنهنجن دوستن ۽ ڪلاس ميٽن: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ اڳوڻي وائيس چانسلر، سيد غلام مصطفيٰ شاهه سابق وي سي ۽ جلباڻي صاحب سان گڏ لکيو. الطاف شيخ جو نانو، سيٺ محمد حسن سومرو، جيتوڻيڪ بزنيس مئن هو. هن حيدرآباد جي ريلوي اسٽيشن ڀرسان تاريخي هوٽل ”سنڌ زميندار“، هلائي ٿي پر کيس ادب سان به شوق هو ۽ پنهنجن ڏوهٽن پوٽن کي پنهنجي گهر جي لئبرريءَ مان ڪتاب کڻي ڏيندو هو ته هو پڙهن. الطاف سندس ڏوهٽن پوٽن ۾ وڏو آهي، جنهن تي هن گهڻو زور ڏنو. ان کان علاوه الطاف، جڏهن پنهنجي ناني جي گهر حيدرآباد ويندو هو ته هن جي اتي مشهور مزاحيه ليکڪ حليم بروهيءَ ۽ عرض محمد شيخ سان به ملاقات ۽ ادبي ڳالهه ٻولهه ٿيندي هئي، جيڪي سندس ناني جي وڏين ڀينرن غلام فاطمه بروهي ۽ زينت شيخ جا پٽ هئا. الطاف شيخ، پرائمري تعليم جا چار درجا هالا جي سرڪاري اسڪول ۾ پڙهيا. جتي جي استادن جي الطاف وقت بوقت پنهنجي ڪالمن ۾ تعريف ڪئي آهي ته اهي محنتي، ايماندار ۽ Devoted هئا ۽ هنن پنهنجن شاگردن جي تعليم سان گڏ تربيت ۽ اخلاق تي پڻ ڌيان ڏنو ٿي. انهن ۾ هڪ ته الطاف جي والد جو مامو ماستر ڄام محمد وريل ميمڻ هو ۽ ٻيا هئا سائين محمد بچل قريشي، محمد اشرف قريشي، يار محمد تورپيو، عبدالهادي شيخ وغيره..... جن لاءِ الطاف لکيو آهي ته هنن درس تدريس کي پيغمبري پيشو سمجھي نڀايو ٿي. پرائمريءَ جا چار درجا پڙهي، الطاف پنهنجي ڳوٺ هالا جي جھوني اسڪول، مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي. انهن ڏينهن ۾ ڏهين ڪلاس بعد نه، پر يارهين ڪلاس بعد مئٽرڪ ٿيندي هئي. چار درجا پرائمريءَ جا جن ۾ صبح جو ۸ کان ۱۲ تائين ۽ وري شامَ جو ٻيھر ۲ بجي کان ۵ تائين اسڪول وڃڻو پوندو هو، ان بعد هاءِ اسڪول ۾ پهرئين درجي انگريزيءَ ۾ داخلا وٺبي هئي ۽ اتي ست سال يعني ستين درجي (مئٽرڪ) تائين پڙهڻو پوندو هو. الطاف انگريزي اسڪول جي ٻئي درجي ۾ پهتو ته ڪئڊٽ ڪاليج کلڻ جو اعلان ٿيو، جنهن ۾ چوٿين درجي ۾ داخلا لاءِ اخبارن ۾ اشتهار آيا هئا. هالا جي هن اسڪول مان الطاف کان هڪ سال سينيئر شاگرد شفيق الرحمان چنا ان ۾ داخلا ورتي جنهن کان موڪلن ۾ ڪئڊٽ ڪاليج جون ڳالهيون ٻڌي الطاف شيخ کي به شوق ٿيو ۽ ٻئي سال ٽيون درجو پاس ڪرڻ بعد ڪئڊٽ ڪاليج ۾ داخلا ورتي. انهن ڏينهن ۾ جيئن ته اڄ واري ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي عمارت اڃا نه ٺهي هئي ان ڪري الطاف ٻه سال ڪئڊٽ ڪاليج جي ميرپورخاص واري عمارت ۾ تعليم حاصل ڪئي. جنهن بعد ۱۹۶۰ع ۾ هي ڪاليج ميرپور خاص کان پيٽارو شفٽ ٿي ويو ۽ الطاف ۱۹۶۱ع ۾ مئٽرڪ ۽ ۱۹۶۳ع ۾ انٽر پاس ڪئي. ۱۹۶۰ع تائين جيئن ته سنڌ ۾ سيڪنڊري بورڊ آف ايڊيوڪيشن وارو سسٽم اڃا شروع نه ٿيو هو ان ڪري الطاف ۽ سنڌ جي ٻين شاگردن کي ان وقت تائين مئٽرڪ جو سرٽيفڪيٽ، سنڌ يونيورسٽي طرفان ئي ملندو رهيو. انٽر پاس ڪرڻ تائين حيدرآباد ۾ بورڊ جي وجود اچڻ ڪري، ۱۹۶۳ع ۾ انٽر جو سرٽيفڪيٽ ”سيڪنڊري بورڊ آف ايڊيوڪيشن“ طرفان ڏنو ويو. سکر وارو بورڊ گهڻو گهڻو پوءِ ٺهيو. الطاف شيخ کي، هالا جي هاءِ اسڪول ۾ به بهترين استاد مليا ۽ بقول سندس جي ته ”انهن جهڙا اڄ به فقط اڌ معيار جهڙا استاد ٿي پون ته سنڌ جي قسمت بدلجي وڃي“. سائين غلام رضا ڀٽو (جيڪو هيڊ ماستر هو ۽ بعد ۾ ڊائريڪٽر ايڊيوڪيشن ۽ ٻين عهدن تي رهيو)، سائين محمود ابڙيجو، عبدالرحيم ارباب، ظفر علي ارباب، دادوءَ جو باغ علي سهاڳ ۽ سائين الله بخش انصاري انهن مان ڪجهه هئا. هالا جو هي اسڪول ۱۹۴۴ع ۾ قائم ٿيو جنهن جو تعليمي معيار اڄ به بهتر سمجهيو وڃي ٿو .... هن اسڪول مان ملڪ جا ڪيترا ئي مشهور تعليمدان (عبدالرحمان ميمڻ مهراڻ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر، عبدالقدوس علوي NED يونيورسٽي جو VC، ڊاڪٽر حسن ميمڻ لياقت ميڊيڪل ڪاليج جو پرنسپال، عبدالرزاق ميمڻ اليڪٽرانڪس ۾ Ph.D ۽ دائود انجنيئرنگ ڪاليج جو پرنسپال، ڊاڪٽر الطاف گاجڻي ميمڻ نيويارڪ جي يونيورسٽي جو ڊين ۽ ٻيا) ڊاڪٽر، انجنيئر، سائنسدان ۽ فوجي تعليم حاصل ڪري نڪتا ۽ هن شهر لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن جي هر گهٽيءَ ۾ هڪ کان وڌيڪَ Ph.D رهي ٿو. اهڙي طرح الطاف خوش نصيب آهي جو هن کي ڪئڊٽ ڪاليج ۾ به سٺا استاد مليا جن الطاف کي groom ڪيو ۽ ادبي دنيا ۾ آڻڻ لاءِ تيار ڪيو. خاص ڪري ڪاليج جي انگريز پرنسپال ڪرنل جي ايڇ ايڇ ڪومبس، ايڊجيوٽنٽ ڪئپٽن عالم جان محسود (جيڪو فوج ۾ جنرل جي پوسٽ تي پهچي رٽائرڊ ٿيو)، انگريزي جو ٽيچر عبدالله خادم حسين جيڪو اڳتي هلي تعليم کاتي جو فيڊرل سيڪريٽري ٿيو ۽ ڪمانڊر اسرار الله وغيرهه جن الطاف ۽ ٻين شاگردن کي گهڻي کان گهڻا ڪتاب پڙهڻ ۽ لکڻ لاءِ زور ڏنو. الطاف مئٽرڪ کان وٺي ان وقت هلال پاڪستان، گلستان، بادل، ڳوٺ سڌار جهڙن رسالن ۾ هلڪا ڦلڪا مضمون لکڻ شروع ڪيا ۽ ڪاليج جي مئگزين جي سنڌي سيڪشن جو ايڊيٽر ٿيو. ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان انٽر ڪرڻ بعد جتي الطاف جي ٻين ڪلاس ميٽن ’پاڪستان نيوي‘ يعني جنگي جهاز جي تربيت لاءِ ڪراچيءَ جي ”پاڪستان نيول اڪيڊميءَ“ ۾ داخلا ورتي اتي هن مرچنٽ نيويءَ (مال برادر ۽ مسافر کڻندڙ جهازن کي هلائڻ) لاءِ ان وقت چٽگانگ (چاٽگام) ۾ نئين کليل ”پاڪستان مئرين اڪيڊميءَ“ ۾ داخلا ورتي. چٽگانگ بندرگاهه بنگلاديش ۾ آهي جيڪو ان وقت مشرقي پاڪستان سڏيو ويو ٿي. الطاف کي چٽگانگ (بنگال صوبي) جي موسم ۽ ماحول سنڌ کان بيحد مختلف لڳو.... چوڌاري ساوڪ ۽ وڻ وڻڪار.... هر وقت جهڙ ۽ مينهوڳي.... جتي ڪٿي درياهه ۽ نهرون جن ۾ هلندڙ آگبوٽ ۽ ٻيڙيون. الطاف پنهنجي بنگالي دوستن کان يڪدم ٿوري گهڻي بنگالي ٻولي سکي ورتي ۽ موڪلن ۾ سندن ڳوٺن ۾ به وڃڻ لڳو. ان بابت هو دلچسپ ڳالهيون ”دريائن جي ديس مان“ هر هفتي مهراڻ اخبار ۽ هلال پاڪستان رسالي ڏي موڪلڻ لڳو. انهن ڏينهن ۾ هلال پاڪستان روزنامه اخبار نه پر ماهوار رسالو هئي. چٽگانگ ۾ الطاف کي ڪيترائي سنڌ جا سنڌي ڳالهائڻ وارا به ملي ويا. هڪ ته سندس ڳوٺائي هالا جو عبدالغفار انصاري انجنيئر هو جنهن جي ۱۹۷۱ع واري لڙائي ۾ گمشدگي اڃان تائين معمو بڻيل آهي. مٽيارين جو صابر شاهه ۽ خاص ڪري چٽگانگ ميڊيڪل ڪاليج جو شاگرد نعيم دريشاڻي جنهن ان وقت کان شاعري ڪئي ٿي ۽ سندس شاعري سهڻي ۽ روح رهاڻ رسالن ۾ ڇپبي هئي. شڪارپور جي هن ڊاڪٽر نعيم دريشاڻيءَ (جيڪو اڳتي هلي ”ڪن، نڪ ۽ گلي جو ماهر سرجن ۽ پروفيسر“ ٿيو) الطاف کي مٿين رسالن جي ايڊيٽرن طارق اشرف ۽ حميد سنڌي سان متعارف ڪرايو ۽ اڳتي هلي جڏهن الطاف جهاز هلائڻ شروع ڪيا ته سامونڊي سفرن جو احوال ۽ ڪهاڻيون عبرت اخبار کان علاوه سهڻي ۽ روح رهاڻ رسالي ۾ پڻ ڏيندو رهيو. سندس سفرنامي جو پهريون ڪتاب ”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“ سهڻي پبليڪيشن وارن سن ۱۹۶۹ع ۾ ڇپرايو جنهن کي ”پاڪستان رائيٽرس گلڊ طرفان“ بيسٽ بڪ آف دي ييئر قرار ڏنو ويو. هن ڪتاب کان اڳ الطاف جو ”اناميڪا“ نالي بنگالي ڪهاڻين جو ترجمو ۱۹۶۵ع ۾ تڏهن ڇپيو جڏهن هو مئرين انجنيئرنگ جي ورڪ شاپ ٽريننگ ڪراچي شپ يارڊ ۾ وٺي رهيو هو. مرچنٽ نيوي جي جهازن هلائڻ ۽ ٺاهڻ جي تعليم لاءِ دنيا جي مئرين اڪيڊمين (يا ميريٽائيم اڪيڊمين) ۾ چونڊيل ڪئڊٽن (شاگردن) جون ٻه برانچون ٿين ٿيون: هڪ ناٽيڪل ۽ ٻي انجنيئرنگ. ناٽيڪل برانچ وارا ڪئڊٽ نيويگيشن، Astronomy، ڪارگو ورڪ، چارٽ ورڪ، Spherical ٽرگناميٽري، Ship Stability جهڙا سبجيڪٽ پڙهن ٿا ۽ مختلف پوسٽن تان ٿيندا آخر جهاز جا ڪئپٽن ٿين ٿا ۽ انجنيئرنگ ڪئڊٽ نيول آرڪيٽيڪٽر، شپ ڪنسٽرڪشن، فيول ٽيڪنالاجي، ٿرموڊائنامڪس، مشين ڊرائنگ جهڙا سبجيڪٽ پڙهن ٿا. تعليم ۽ ورڪ شاپ ٽريننگ بعد هو جهاز تي جونئر انجنيئر (ففٿ انجنيئر) جي رئنڪ سان چڙهن ٿا ۽ هر دفعي مختلف مدي لاءِ (اٽڪل ۲۱ مهينا) لڳاتار سمنڊ تي جهاز هلائڻ بعد ترقي لاءِ مقرر امتحان ڏين ٿا جيڪي دنيا جي ڪيترن ئي بندرگاهن ۾ ورتا وڃن ٿا ۽ هو مختلف ڏاڪا طئه ڪري آخرڪار جهاز جا چيف انجنيئر ٿين ٿا. گهڻو ڪري دنيا جي هر جهاز تي چيف انجنيئر ۽ ڪئپٽن جو ساڳيو يونيفارم ۽ پگهار آهي پر چيف انجنيئر پنهنجي انجنيئرنگ برانچ جو هيڊ آهي ۽ ڪئپٽن نه فقط پنهنجي ڊپارٽمينٽ (ناٽيڪل) جو هيڊ آهي پر هو جهاز جي مالڪ جي به نمائندگي ڪري ٿو. ناٽيڪل ڪئڊٽ ٻه سال مئرين اڪيڊمي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ بعد باقي ٻه سال کن جهاز تي ٽريننگ وٺن ٿا ۽ انجنيئرنگ ڪئڊٽ ٻه سال مئرين اڪيڊمي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ بعد باقي ٽي سال دنيا جي ڪنهن شپ يارڊ ۾ جتي جهاز ٺهندا هجن يا مرمت ٿيندا هجن، اتي پرئڪٽيڪل ڪن ٿا. چٽگانگ جي ٻن سالن جي تعليم بعد الطاف شيخ جا ڪلاس ميٽ جيڪي ناٽيڪل برانچ جا هئا انهن کي مختلف جهازن تي ”ڊيڪ ڪئڊٽ“ ڪري رکيو ويو انهن ۾ جهانگير حبيب نالي هڪ بنگالي ڪلاس ميٽ الطاف جو دوست به هو. هو تعليم دوران ترڻ جي مقابلي ۾ هميشه پهريون نمبر ايندو هو پر قدرت الاهي اها ٿي جو هن جو جهاز هڪ سفر پورو ڪري جڏهن چالنا بندرگاهه (چٽگانگ جي ويجھو) ۾ پهتو ۽ هو موڪل تي وڃڻ لاءِ جهاز جي ڏاڪڻ تان لهي رهيو هو ته هن جو پير ترڪي ويو ۽ سمنڊ ۾ ڪري پيو. هونءَ ته جهانگير تارو به سٺو هو ۽ سندس مدد لاءِ مٿان لائيف بئاءِ (Buoy) به اڇلايا ويا پر خليج بنگال جي خطرناڪ سامونڊي ڪُنن جو هو مقابلو نه ڪندي دم ڏئي ويٺو. سندس ياد خاطر الطاف شيخ ترجمو ڪيل افسانن جو هي ڪتاب ”اناميڪا“ جهانگير حبيب کي منسوب ڪيو آهي. الطاف کي پنهنجي گهر، ڳوٺ جي اسڪول، ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۽ مئرين اڪيڊمي چٽگانگ ۾ ته لکڻ پڙهڻ لاءِ سٺو ماحول مليو پر هن کي نوڪري (سمنڊ تي جهاز) هلائڻ دوران به اهـڙو ئي ڪجهه ماحول مليو.... بلڪه ان کان به بهتر. الطاف جڏهن تعليم ختم ڪري ۱۹۶۸ع ۾ جهاز Join ڪيو ته ان وقت ڪنهن ورلي جهاز تي ڪو پاڪستاني آفيسر هو. هر جهاز تي سڀ گورا (يورپي) هئا. هونءَ ته پاڻي واري جهاز هلائيندڙن کي لکڻ پڙهڻ جهڙين شين لاءِ وقت گهٽ ئي ملي ٿو جو هڪ طرف ڪراچي کان ڪولمبو، چٽگانگ، پينانگ، پورٽ ڪلانگ (ڪوالالمپور) سنگاپور، بئنڪاڪ، هانگ ڪانگ، ٽوڪيو، يوڪوهاما، اوساڪا، نگويا، موجي، پوسان ۽ سيول (يعني پاڪستان کان ڪوريا تائين) ۽ ٻئي طرف ڪراچي کان بندر عباس، عدن، دبئي، دوحا، ڪويت، جدو بندرگاهه وغيره ٻن ٻن يا ٽن ٽن ڏينهن جي سفر تي اچن ٿا ۽ بندرگاهه ۾ جهاز کڻي ٻه چار ڏينهن رهي يا هفتو ٻه.... جهاز جي اٺ ڪلاڪ ڊيوٽي بعد ماڻهو ڪناري جو ئي رخ ڪري ٿو ۽ خريداري نه ته ان بندگاهه جا روڊ رستا، پارڪ سئنيمائون ۽ مشهور جايون گهمڻ ۾ لڳو رهي ٿو.... بندرگاهه ۾ جهاز جي مکيه انجڻ جيڪا جهاز کي هلائي ٿي اها کڻي بند رهي ٿي پر جنريٽر، پمپ، بئائلر ۽ ٻيون مشينون هلنديون رهن ٿيون جن جي ڪري جهاز تي بجلي، ايئر ڪنڊيشن، پاڻي، رڌ پچاءَ لاءِ چلها ۽ سامان لاهڻ چاڙهڻ جي ڪم لاءِ جهاز جون ڊيرڪون (ڪرينون) هلن ٿيون. ان کان علاوه بندرگاهه واري ڊيوٽي ۾ مئرين انجنيئرن کي جهاز جي مقرر مرمت (Routine Maintenance) به ڪرڻي پوي ٿي. سو لکڻ پڙهڻ جهڙن ڪمن لاءِ بندرگاهه ۾ وقت ملڻ مشڪل ٿئي ٿو. سمنڊ تي جڏهن جهاز هلي ٿو ته اتي يڪا ۸ ڪلاڪ ڊيوٽي ڪرڻ بدران هر انجنيئر ۽ نيويگيشن آفيسر کي چار ڪلاڪ ڏينهن جو چار ڪلاڪ رات جو ڊيوٽي ڪرڻي پوي ٿي. سمنڊ تي ڊيوٽي بعد البت ڪجهه وقت مليو وڃي پر بندرگاهه ڇڏڻ بعد پهريان ٽي چار ڏينهن بندرگاهه وارو اهڙو ٿڪ رهي ٿو جو هر هڪ ننڊون پوريون ڪرڻ جي چڪر ۾ رهي ٿو ۽ پوءِ جيئن ٿڪ ڀڄي ٿو ته ٻيو بندرگاهه اچيو وڃي ۽ وري ساڳي هل هلان. هر جهازي (جهاز هلائڻ وارو) اهو ئي چاهي ٿو ته هن جو جهاز هر وقت بندرگاهه ۾ رهي ڇو جو سمنڊ تي جهاز هلائڻ جي ڏکي ذميواري واري ۽ جسماني ۽ ذهني طرح پريشان ڪندڙ ڊيوٽي هڪ طرف آهي ته سمنڊ جا لوڏا ۽ سي سڪنيس بيماري ٻي طرف آهي. الطاف ان معاملي ۾ خوش نصيب نه رهيو جو الطاف شروع وارا سال جنهن به جهاز تي بدلي ٿي ويو ٿي ان جهاز جي ڊگهي روٽ رهي ٿي.... ڪراچي کان لنڊن، ڪراچي کان ڪيوبا، ٽوڪيو کان لاس اينجلس جنهن ۾ هنجي جهاز کي هندي وڏي سمنڊ، ائٽلانٽڪ ۽ پئسفڪ جهڙا وڏا سمنڊ ڪراس ڪرڻا پيا ٿي.... يا وري سندس جهاز روس رومانيا مان سامان کڻي جدي يا دبئي آيو ٿي جيڪو سفر اڄ ڪلهه سئيز ڪئنال کليل هجڻ ڪري هفتي سوا جو آهي پر انهن ڏينهن ۾ يعني سٺ واري ڏهي جي آخري سالن ۽ ستر جي ڏهاڪي جي شروع وارن سالن ۾ سئيز ڪئنال بند هجڻ ڪري الطاف جي جهاز کي سڄي آفريڪا کنڊ جو ڦيرو ڪرڻو پيو ٿي ۽ هن کي هر سفر ۾ ٽيهن کان چاليهه ڏينهن سمنڊ تي گذارڻو پيو ٿي. الطاف ٻڌائي ٿو ته: ”بندرگاهه ڇڏڻ بعد پهريان ٻه ٽي ڏينهن ته ٿڪ ڀڃڻ لاءِ هر جهازي ننڊون ڪندو هو پوءِ هر هڪ منجھيل رهيو ٿي ته وقت ڪئين گذارجي. جهاز جا گورا آفيسر جيڪي اسان جا سينيئر هئا انهن جا سمنڊ تي ٻه شوق هئا. هو جهاز هلائڻ بعد واندڪائيءَ ۾ يا پتي راند کيڏندا هئا يا بيئر يا وسڪي پي سمهي رهندا هئا.“ الطاف هڪ هنڌ لکيو آهي ته هو جڏهن مئرين اڪيڊمي چٽگانگ ۾ ڪئڊٽ (شاگرد) هو ۽ بندرگاهه ۾ بيٺل جهاز تي هلندڙ ڪم ڏسڻ لاءِ هنن کي اڪيڊمي طرفان جهازن تي وٺي ويندا هئا ته اتي جي آفيسرن کي ’ٽرپل فائو‘ جي دٻي مان سگريٽ ڪڍي ڇڪيندو ڏسي يا بيئر جي بوتل پيئندو ڏسي دل چوندي هئي ته هو به جهاز جي نوڪري شروع ڪندا ته ائين ڪندا پر الطاف جي جنهن پهرين جهاز تي پوسٽنگ ٿي ان تي گوهر رحمان نالي اليڪٽريڪل انجنيئر هڪ نيڪ انسان اڳهين موجود هو جنهن کيس پهرين ڏينهن ئي نصيحت ڪئي ته ڇا به ٿي پوي ته سگريٽ يا شراب کي هٿ لائڻو نه آهي. الطاف ٻڌائي ٿو ته ان ڳالهه تان سندس يورپي آفيسرن کي ڏاڍي چڙ ايندي هئي، ايتري قدر جو سمنڊ تي هڪ رات هنن الطاف ۽ گوهر کي هڪ ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو ته صبح تائين هي ٽي چار بوتلون بيئر جون ختم نه ڪندائو ته توهان کي سمنڊ ۾ ڦٽو ڪيو ويندو پر هي پنهنجي عزم تي اٽل رهيا.... ۽ نيٺ گورن آفيسرن هنن کي ڇڏي ڏنو. الطاف ٻڌائي ٿو ته جهاز تي جهازين (جهاز هلائڻ وارن آفيسرن) جي ٻي وندر برج نالي پتي راند هئي جيڪا الطاف کي سمجهه ۾ نٿي آئي جنهن ڪري هن کي ڪنهن به پنهنجو پارٽنر نٿي ڪيو. ٺلهو ڏسڻ لاءِ هو اچي ويٺو ٿي ته ڪنهن سينئر نيويگيشن آفيسر يا انجنيئر کيس بئري کي چانهه آڻن لاءِ ڊوڙايو ٿي يا پنو پين کڻي هنن جي راند ۾ کٽيل Points لکڻ لاءِ چيو ٿي. ان ڪري الطاف انهن ڳالهين کان بيزار ٿي وقت پاس ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڪئبن ۾ ويهي ڪتاب پڙهڻ لڳو ۽ بندرگاهن جون ڳالهيون. خطن ذريعي پهرين دوستن کي ۽ پوءِ عبرت اخبار ڏي موڪلڻ لڳو. هو ٻڌائي ٿو ته هن جي پهرين سفر جي خطن جو مجموعو جڏهن ”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“ نالي ڪتابي صورت ۾ آيو ته ان کي پاڪستان رائيٽرس گلڊ لاهور طرفان Best Book جو ايوارڊ ڏنو ويو. ان وقت هن جي عمر ۲۸ سالَ هئي ۽ هن کي نه فقط ان جي خوشي ٿي پر هن جي همت افزائي به ٿي. پوءِ الطاف لڳاتار لکندو رهيو ۽ سمنڊ تي وقت گذارڻ لاءِ هن ان کي سٺي وندر سمجھيو. اهو ئي سبب آهي جو الطاف کي جڏهن ڪو چوندو آهي ته توهان جا سنڌي ادب تي ٿورا آهن جو توهان ايترو گهڻو لکيو آهي ته هو کلي چوندو آهي ته ”ٿورا ٻورا ڪجهه نه آهن اها منهنجي مجبوري هئي. هيڏن ڊگهن سامونڊي سفرن ۾ جي اهو ڪم نه ڪريان ها ته چريو ٿيان ها يا شرابي موالي.“ سامونڊي نوڪري جي ڪجهه سالن بعد الطاف جي ۱۹۷۱ع ۾ شادي ٿي ۽ انهن ڏينهن ۾ فئملي سان گڏ جهاز تي رهڻ جي اجازت هجڻ ڪري هن جي زال ۽ پوءِ ٻار ٿيڻ تي اهي به لڳاتار ۸ سال جهاز تي رهيا ۽ ساڳي وقت الطاف جن جن جهازن تي بدلي ٿيندو ويو انهن جي روٽ ۾ بندرگاهه گهڻا ۽ سمنڊ وارا ڏينهن گهٽ آيا ٿي پر ته به هو هر صورت ۾ لکڻ لاءِ وقت ڪڍندو رهيو ٿي ۽ اڄ ڏينهن تائين جڏهن ته هو پنهنجي عمر جا ستر سالَ ٽپي چڪو آهي، لڳاتار لکندو اچي. بقول سندس پهرين هن وقت پاس ڪرڻ جي مجبوري کان لکيو ٿي پر هاڻ هو ان ڪري لکي ٿو جو هو ان جو addicted (عادي) ٿي چڪو آهي. هن کي هن عمر ۾ نه ڪنهن سان ملڻ جلڻ وڻي ٿو نه ٽي وي ريڊيو پسند آهي..... ”هر وقت دل چوي ٿي ته ڪجهه لکندو رهان“. جهاز جي سفرن ۾ الطاف ان خيال کان ڀاڳ وارو رهيو جو هو جنهن به جهاز تي بدلي ٿيو ٿي ان جي روٽ مختلف رهي ٿي ان ڪري هن کي نه فقط ڪيترن ئي ملڪن جي بندرگاهن گهمڻ جو موقعو ملي ويو پر هن کي ڪيترن ئي ڏورانهن ٻيٽن: ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ڪيپ وردي ۽ لاس پاماس کان ميڊيٽريئين جي مالٽا، سسلي ۽ سائپرس (قبرص) تائين.... پئسفڪ سمنڊ جي فجي، مارشل ۽ هونو لولو کان ڪئريبين سمنڊ جي ڪيوبا، برمودا، ٽرنيڊاڊ ۽ جئمئڪا ٻيٽن تائين هن جو وڃڻ ٿيو ۽ انهن بابت هن ڪيتريون ئي معلوماتي ۽ دلچسپ ڳالهيون لکيون آهن. الطاف کي سامونڊي زندگي جي شروع وارن ڏينهن ۾ جيتوڻيڪ سي سڪنيس ٿيڻ ڪري مزو نه آيو پر پوءِ جلد ئي هن جي هن زندگيءَ سان اهڙي ته دل لڳي وئي جو هن پاڻ ته جهازن جي نوڪري نٿي ڇڏڻ چاهي پر ٻارن جي وڏو ٿيڻ ۽ اسڪول ۾ داخل ڪرڻ خاطر هن کي پڻ ٻين جهاز هلائڻ وارن وانگر ڪناري جي نوڪري ڏي رخ ڪرڻو پيو. گذريل ڏهاڪو سالن کان نئين قانون موجب پاڻي جي جهازن تي جهاز هلائيندڙن کي لڳاتار جهاز تي رهڻ جي اجازت نٿي ملي پر الطاف جي ڏينهن ۾ جهاز جي سڀني سينئر آفيسرن: ڪئپٽن، چيف انجنيئر، سيڪنڊ انجنيئر ويندي ريڊيو آفيسر کي فئملي سان رهڻ جي موڪل هوندي هئي .... پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪيترين عورتن کان سي سڪنيس برداشت نه ٿيڻ تي سندن مڙسن لاءِ مسئلو ٿي پوندو هو ته هو جهاز کي ڏسن يا زالن جو خيال ڪن. الطاف جي فئملي ساڻس گڏ لڳاتار اٺ سال جهاز تي رهي پر هو ان جهنجهٽ کان بچيل رهيو جو قدرتي هن زال ۽ ٻارن کي ڪڏهن به ’سي سڪنيس‘ نه ٿي. الطاف جي شادي ۲۱ مئي ۱۹۷۱ع تي دادوءَ ۾ پنهنجي ماسات مستوران گهلوءَ سان ٿي. پاڻي جي جهاز تي سفر ڪرڻ واري هر ماڻهوءَ کي ٿورو يا گهڻو سي سڪنيس جو اثر ٿئي ٿو. اها ٻي ڳالهه آهي ته هيءَ بيماري ڪن کي قدرتن نٿي ٿئي ۽ ڪيترن کي برداشت ڪرڻ جي همت ٿئي ٿي. سي سڪنيس ۾ دل ڪچي ٿئي ٿي ۽ اٻڙاڪ ۽ الٽيون اينديون رهن ٿيون. ڪا شيءِ کائڻ تي دل نٿي چوي جيتوڻيڪ Sea Sickness جي حالت ۾ پيٽ خالي نه رکڻ کپي توڙي کڻي کاڌل شيءِ ان وقت ئي الٽي ۾ نڪري وڃي. ڇو جو خالي پيٽ تي اٻڙاڪ (الٽيون) محسوس ٿيڻ تي ڪڏهن ڪڏهن رت به اچي ٿو. گهڻو وقت سي سڪنيس ٿيڻ تي.... يعني ڏينهن ٻه هلڻ تي انسان مايوسيءَ جو به شڪار ٿئي ٿو ۽ هو چاهي ٿو ته ان زندگيءَ کان ته موت بهتر آهي. سي سڪنيس واري حالت سمنڊ تي ڪا روز روز نٿي ٿئي. جڏهن سمنڊ خراب ٿئي ٿو يا طوفاني موسم ٿئي ٿي ته جهاز جي اڳيان پويان يا ساڄي کاٻي لڏڻ ڪري جهاز ۾ سفر ڪندڙ ماڻهن جي اها حالت ٿئي ٿي.... پوءِ اها حالت ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه ڪلاڪن لاءِ رهي ٿي ته ڪڏهن ڪڏهن هڪ ٻه ڏينهن به رهي ٿي جيسين اهو سامونڊي طوفان وڃي ماٺو ٿئي. سمنڊ جي حالت سڌرڻ سان سي سڪنيس جو شڪار ٿيل ماڻهو ان گهڙي ئي نارمل ٿيو وڃي ڄڻ هن کي ڪجهه نه هو ۽ هو ساڳي صحت ۽ سمنڊ جو سهانو سفر enjoy ڪرڻ لڳي ٿو. الطاف ان عنوان تي به گهڻو ئي لکيو آهي ۽ هو ٻڌائي ٿو ته سمنڊ تي اهڙا ڏکيا ڏينهن ڪڏهن ڪڏهن اچن ٿا. ڪڏهن ته پنج ڇهه مهينن جي ڊگهي سفر ۾ ٽي چار سمنڊ لتاڙڻ دوران هڪ ڏينهن به خراب موسم يا خراب سمنڊ نٿو ملي. الطاف سامونڊي نوڪري وارن ٻارنهن تيرهن سالن ۾ چڱو خاصو لکيو، پوءِ ڪنهن سفر ۾ گهٽ ته ڪنهن ۾ وڌيڪَ ان جو مدار موسم ۽ سمنڊ جي حالت ۽ جهاز جي ڪارڪردگي تي رهيو. ايم وي چناب ۽ ايم وي پدما جهڙن پراڻن جهازن لاءِ الطاف ٻڌائي ٿو ته انهن جي انجڻين سان هر وقت اهڙو مسئلو لڳل هو جو هڪ ٿي صحيح ڪئيسين ته ٻي ٿي خراب ٿي ۽ سمنڊ تي هر روز جهڙي ايمرجنسي جي حالت لڳل هوندي هئي ۽ هر انجنيئر کي روزانو نارمل اٺن ڪلاڪن کان وڌيڪَ ڪم ڪرڻو پيو ٿي. ڪڏهن ڪڏهن ته باهه لڳڻ ڪري يا سنگاپور يا جبرالٽر جهڙن سوڙهن سامونڊي لنگهن وٽان گذرڻ وقت (جتي تمام گهڻي ٽرئفڪ رهي ٿي) ستل انجنيئرن ۽ نيويگيشن آفيسرن کي به اٿارڻو پيو ٿي جيئن هو ڊيوٽي تي مقرر جهاز هلائيندڙن جا ٻانهن ٻيلي ٿي هنن جي مدد ڪري سگهن. ساڳي حالت ايم وي شالامار ۽ ايم وي سندر بنس جهڙن نون جهازن تي به ڪنهن ڪنهن سفر ۾ رهي ٿي.... ۽ ڪنهن ڪنهن سفر ۾ جيتوڻيڪ ايم وي پسر ۽ ايم وي رنگامَٽي جهڙا پراڻا جهاز هئا پر موسم ۽ جهاز جون انجڻيون اهڙيون ته پر سڪون رهيون ٿي جو ڪراچي کان لنڊن تائين يا چٽگانگ کان ٽوڪيو تائين هڪ ڏينهن به پريشانيءَ ۾ نه گذريو.... جهاز ڄڻ آرسيءَ مٿان ترڪندو ٿي ويو. اهڙن ڏينهن تي جهاز تي سوار ماڻهن جي ڪيفيت مايوسيءَ ۽ پريشانيءَ بدران ۱۸۰ ڊگريون مخالف طرف يعني پُراميد ۽ خوشحال (Elevated) رهي ٿي ۽ الطاف ٻڌائي ٿو ته هن اهڙن ڏينهن مان ڀرپور فائدو وٺي تمام گهڻو لکيو. انهن سامونڊي سفرن جا گهڻي ڀاڱي ڪتاب تن ڏينهن جي مشهور پبلشر فيروز ميمڻ حيدرآباد مان ’نيو فيلڊس پبليڪيشن‘ طرفان ڇپرايا. جن مان ڪجهه هن ريت آهن: وايون وڻجارن جون، سي ٻيڙيون رکين ٻاجهه سين، سمونڊ جي سيوين، بندر ديسان ديس، ڇا جو ديس ڇا جو وديس، جاني ته جهاز ۾، دنيا آهي ڪاڪ محل، سانڀاهو سمونڊ جو، دنگي منجهه درياهه وغيره. الطاف ٻڌائي ٿو ته سندس شروع جي سامونڊي سفرنامن ۾ هن گهڻو ڪري گهمڻ ڦرڻ ۽ موج مزن جون ڳالهيون لکيون جيئن پڙهندڙ اهوئي سمجهي ته سمنڊ جي نوڪريءَ ۾ مزا ئي مزا آهن. ”اهو ان ڪري جيئن اسان جي سنڌ صوبي جا نوجوان جيڪي چوڌاري سمنڊ هجڻ جي باوجود هن فيلڊ ۾ نٿي آيا اهي ڪشش محسوس ڪن ۽ پاڪستان نيوي ۽ مرچنٽ نيوي جهڙن ادارن ۾ اچن“. الطاف جي اها ڪوشش رائگان نه وئي ۽ تمام گهڻا سنڌي جيڪي طبيعتن ڀر واري ڳوٺ ۾ نوڪري ڪرڻ کان به ڪيٻائيندا هئا سي هن زندگي ۾ آيا ۽ اڄ ڪيترا ئي سنڌي جهازن جا ڪئپٽن ۽ انجنيئر آهن. هونءَ حقيقت اها آهي ته اڄ جا جهاز جيتوڻيڪ تمام گهڻو ماڊرن ٿي ويا آهن. انهن تي رهائش جو به هر سک آهي .... اهي ڄڻ ته فائو اسٽار هوٽلون لڳن ٿيون پر سمنڊ جا سور اڄ به ساڳيا آهن. اڄ به سامونڊي ڪُنن ۽ ڇتين ڇولين جي مقابلي ۾ هي آفت جيڏا لوهي جهاز ڇوڏن مثال آهن ۽ ان کي هلائيندڙ سخت سي سڪنيس محسوس ڪن ٿا ۽ ڪڏهن ڪڏهن وچ سمنڊ تي بي يارو مددگار محسوس ڪن ٿا. جهازن جي ٽڪرائڻ ۽ باهين لڳڻ کان علاوه ٻيا به ڪيترا حادثا سامونڊي زندگيءَ ۾ درپيش اچن ٿا جن جو سربستو احوال الطاف سڀ کان پهرين ”موج نه سهي مڪڙي“ ڪتاب ۾ ڏنو آهي. ان کان علاوه سمنڊ جي صعوبتن جا ڪجهه قصا هن پنهنجي سفرنامن: بوتلن جو سفر، هي ٻيٽ هي ڪنارا، وغيره ۾ پڻ ڪيو آهي. الطاف ڪناري جي نوڪري لاءِ ۱۹۷۵ع ڌاري ڪوشش ڪئي. کيس ڪويت بندرگاهه ۾ چيف انجنيئر جهڙي اعليٰ نوڪري ملي وئي ۽ الطاف پنهنجي ڪمپني PNSC مان سال کن جي موڪل وٺي ڪويت پهتو پر بقول هن جي هن کي عرب دنيا ۾ ڪم ڪرڻ ۾ مزو نه آيو. پنهنجي ڪتاب ’ڪويت ڪنارا‘ ۾ لکي ٿو ته: ”جيتوڻيڪ آئون ڏسي رهيو آهيان ته هتي ڪويت ۾ اسان جا ڪيترائي پاڪستاني ننڍين نوڪرين ۾ به خوش آهن پر اهو شايد ان ڪري جو هو پاڪستان کان سڌو هتي آيا آهن پر آئون جڏهن هتي جي گهٽيل ماحول ۽ عربن جي ڄٽپڻي ۽ اجائي احساس برتري کي جپان، انگلنڊ، آمريڪا جهڙن ملڪن جي کليل ماحول۽ اتي موجود انساني حقن سان ڀيٽيان ٿو ته آئون ڪويت ۾ ذهني طرح پاڻ کي آزاد نٿو محسوس ڪريان.“ الطاف ڪويت ۾ اهي ٽي چار مهينا رهڻ دوران پڻ عبرت اخبار ۾ هفتيوار ڪالم لکندو رهيو جيڪي بعد ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جي ورسٽي پبليڪيشن پاران ”ڪويت ڪنارا“ نالي ڪتاب ۾ شامل ڪري ڇپايا ويا. هي ڪتاب الطاف شيخ ڪئڊٽ ڪاليج جي پنهنجي استاد ۽ ائڊجيوٽنٽ ڪئپٽن (هاڻ جنرل جي پوسٽ تان رٽائرڊ ٿيل) عالم جان محسوس کي منسوب ڪيو. الطاف ٽن چئن مهينن جي نوڪري بعد ڪويت کان موٽي اچي وري پنهنجي ڪمپني جا جهاز هلايا ۱۹۷۹ع ڌاري سندس ڪمپنيءَ جپان کي آٽوميٽڪ جهاز ٺاهڻ جو آرڊر ڏنو ۽ الطاف کي ٽوڪيو (جپان) جي IHI (اشيڪاوا جيما هريما هيوي انڊسٽريز) شپ يارڊ ۾ موڪليو ويو جتي ڪمپني جو پهريون آٽوميٽڪ جهاز ”ايم وي مالا ڪنڊ“ نالي ٺهي رهيو هو. جهاز کي ٺهڻ ۾ ٽي چار مهينا لڳي ويا ان بعد ڪراچيءَ مان جهاز کي هلائڻ لاءِ ٻيو اسٽاف گهرايو ويو ۽ الطاف شيخ ان جهاز کي چيف انجنيئر جي حيثيت سان سال کن هلائيندو رهيو. ان جهاز جي ٺهڻ دوران الطاف جپان جي آئوئي شهر (اوساڪا ڀرسان) مان تيرساڪي ڪمپني طرفان آٽوميشن جو ڊپلوما ڪورس به ڪري ورتو جنهن ڪري هن کي هي جهاز هلائڻ ۾ ڪا خاص دقت پيش نه آئي ۽ بعد ۾ ملائيشيا ۽ پاڪستان جي مئرين اڪيڊمين ۾ نوجوان جهاز هلائيندڙن کي ٻين سبجيڪٽن سان گڏ اهو سبجيڪٽ “Automation & Instrumentation” پڻ پڙهائيندو رهيو. الطاف جي هر جهاز جي جپان ۾ گهڻي اچ وڃ ڪري هو ڪم هلائڻ جهڙي جپاني سکي ويو. ان کان علاوه هو شروع کان جپان جي نيول آرڪيٽيڪچر سوسائٽي ۽ جپان جي مئرين انجنيئرس انسٽيٽيوٽ جو ميمبر پڻ رهيو. سو ٽوڪيو جي شپ يارڊ (IHI) ۾ پنهنجي ملڪ جي جهاز ٺهڻ تي نگهباني دوران هن کي ان شپ يارڊ ۾ نوڪري جي آفر ڪئي وئي ۽ الطاف پاڻ به اهو چاهيو ٿي ته ”هاڻ سمنڊ تي ڌڪا کائڻ بدران هڪ هنڌ رهي پئجي جيئن صبح جو اک کلي ته ساڳي موسم هجي جيڪا سمهڻ مهل هئي ۽ ٻار ٿيلها ڳچيءَ ۾ وجھي اسڪول وڃن“. پر هن ٻڌايو ته اهو جاب هڪ ته فل ٽائيم ڪناري جو نه هو. ان ۾ پنج ڇهه مهينا ٽوڪيو ۾ رهڻو پيو ٿي جنهن دوران نئون جهاز ٺهي راس ٿيو ٿي ۽ پوءِ سال جا باقي ست مهينا گئرنٽي انجنيئر جي حيثيت سان جهاز تي رهڻو پيو ٿي. ٻي ڳالهه ته هن اهو چاهيو ٿي ته ڪنهن اهڙي ملڪ ۾ رهجي جتي اسلامي طريقي جو (حلال) کاڌو ملي ۽ ٻارن کي اسلامي ماحول ملي سگهي. بهرحال سندس ڪمپني جو جهاز ”مالا ڪنڊ“ جيئن ئي تيار ٿيو ته ان تي هن چيف انجنيئر جي حيثيت سان سال کن Sail ڪيو جنهن ۾ هن کي اهو جهاز ايشيا ۽ يورپ جي ملڪن ۾ وٺي وڃڻو پيو. هيءَ ۱۹۸۰ع جي ڳالهه آهي. هي جهاز جيتوڻيڪ ڏهه پندرهن سالن جي مدي لاءِ ٺاهيو ويو هو پر بهتر رکواليءَ ڪري پاڪستان جا انجنيئر هن کي ۲۵ سال کن هلائيندا رهيا. ان بعد هن جهاز کي اسڪريپ لاءِ ڪراچي آندو ويو. بلوچستان جو سامونڊي علائقو گڊاني جهازن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ان مان لوهه، پتل، ٽامي ۽ ڪاٺ جو سامان الڳ ڪرڻ کان مشهور آهي. اتفاق اهڙو جو جنهن ڏينهن هي جهاز جيڪو الطاف شيخ جي نظر اڳيان Keel (هيٺاهين ۽ پهرين لوهي تختي) کان وٺي سڄو مڪمل تيار ٿيو ۽ پوءِ ان کي هلايو.... ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ لاءِ ڪراچي بندرگاهه کان گڊاني ڏي وڃي رهيو هو. الطاف جي KPT پل وٽان ڪار هلائيندي ان تي نظر پيئي ۽ ان نظاري تي هن بيحد Touchyمضمون ”وري يادين ورايو اسان کي“ انگريزي ۽ سنڌي اخبار ۾ لکيو جيڪو بعد ۾ سندس ڪتاب ”ڏيهه پرڏيهه جو سفر“ ۾ پڻ ڏنو ويو جيڪو ڪتاب ناز سنائيءَ ”سنڌي ساهت گهر“ طرفان حيدرآباد مان ڇپرايو آهي. الطاف شيخ هونءَ ته جپان بابت احوال پنهنجن ڪيترن ئي سامونڊي سفرنامن ۾ لکندو رهيو پر هن ڀيري ٽوڪيو جي شپ يارڊ ۾ ڊگهو عرصو رهڻ ڪري هن هڪ سڄو ڪتاب ”جپان جن جي جيءَ سان“ نالي جپان بابت لکيو. ان کان علاوه جپاني گيشسا سان هڪ آمريڪن انجنيئر جي عشق جو ناول پڻ ترجمو ڪيو جيڪو بيحد پسند آيو ۽ ان ترجمي جا ڪيترائي ايڊيشن”ٽوڪيو جي گيشا گرل“ ۽ ”مس سدا بهار چنبيلي“ نالن سان ڇپجي چڪا آهن. ان کان علاوه جپاني ادب سان واسطو رکندڙ جپاني افسانن ۽ جپاني ڳالهين جا الطاف جا ٻه ڪتاب: ”جپان رس“ ۽ ”ڳالهيون تنهن جپان جون“ نيو فيلڊ پبليڪيشن ۽ ”نئين روشني“ پبليڪيشن وارن ڇپيا. ان بعد الطاف هڪ ڊگهي عرصي لاءِ جپان نه وڃي سگهيو. هو ملائيشيا ۽ سنگاپور پاسي پڙهائيندو رهيو يا پاڪستان جي مئرين اڪيڊمي يا سئيڊن ۽ ناروي پاسي رهيو. ان بعد الطاف جو هڪ دفعو وري جپان وڃڻ ٿيو جنهن سفر جو احوال هن پنهنجي ڪتاب ”جپان ۲۵ سالن بعد“ ۾ لکيو آهي. الطاف جي وڏي ڌيءَ مريم گذريل ۲۰ ويهن سالن کان اتي رهي ٿي ان ڪري هن جو اڄ تائين هن سان ۽ پنهنجن ڏوهٽن سان ملڻ لاءِ جپان وڃڻ هڪ طرف ٿيندو رهي ٿو ته ٻي طرف هو وزيٽنگ پروفيسر جي حيثيت ۾ مئرين انجنيئرنگ ۽ نيول آرڪيٽيڪچر تي ليڪچر ڏيڻ لاءِ پڻ ويندو رهي ٿو. انهن سفرن دوران هن ٽي کن ٻيا به جپان تي سفرناما لکيا آهن: ”ڪراچي کان ڪوڪورا“، ”گيشائون ڪي ديس مين“ ۽ ”جپان ڪي دن“. جيڪي ’روشني پبليڪيشن‘ حيدرآباد مان، ’ويلڪم بڪ مارٽ‘ ڪراچيءَ مان ۽ ’جهانگير بڪ ڊپو‘ وارن لاهور مان ڇپايا آهن. مالاڪنڊ جهاز تي سفر دوران هانگ ڪانگ مان نڪرندڙ آمريڪي رسالي ۾ الطاف کي ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾ مئرين اڪيڊمي کلڻ جي خبر پيئي جنهن لاءِ مرچنٽ نيوي جي جهازن جي چيف انجنيئرن ۽ ڪئپٽنن جي ضرورت هئي جيڪي ملائيشيا جي نوجوان ڪئڊٽن کي پڙهائين. انهن ئي ڏينهن ۾ ايران وارن به پنهنجي بندرگاهه ”ڇابهار“ ۾ اهڙي اڪيڊمي کولي. الطاف کي ڪناري جي نوڪريءَ جي ضرورت هئي ۽ هن ٽيچنگ جاب شروع کان پسند ڪيو ٿي. هن ٻنهي هنڌن تي apply ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن مان کيس نوڪري جو آفر ليٽر مليو. الطاف ملائيشيا وڃڻ کي ترجيح ڏني جو هو پاڻ ۽ سندس ٻار ملائيشيا جي بندرگاهن ۾ بار بار اچي ملئي زبان کان واقف ٿي ويا هئا. ان کان علاوه انڊونيشيا، برونائي ۽ فلپين ۽ ٿائلنڊ جي ڏکڻ وارن بندرگاهن ۾ به ملئي ٻولي هلي ٿي جتي پڻ هنن جي جهازن جو وڃڻ ٿيندو رهيو ٿي. ان ڪري هن کي ملائيشيا رهڻ وڌيڪ آسان لڳو. اتفاق اهڙو جو سڄي سامونڊي زندگي ۾ هن جي جهاز جو ڪڏهن به پاڙي واري ملڪ ايران جي ڪنهن به بندرگاهه ۾ وڃڻ نه ٿيو ۽ نه ڪڏهن اسڪول يا ڪاليج ۾ هن فارسي زبان پڙهي هئي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ملئي زبان ۾نه برابر لٽريچر آهي ۽ الطاف کي ملائيشيا ۾ رهڻ دوران ان جي کوٽ ضرور محسوس ٿي.... ۽ گهڻو گهڻو پوءِ، رٽائرڊ ٿيڻ بعد هو جڏهن هوائي جهاز رستي پهريون دفعو ايران گهمڻ ويو ته فارسي زبان ۾ بيحد گهڻو ادب ۽ شعر و شاعري ڏسي ۽ اهو پڻ معلوم ڪري ته فارسي زبان ته ڪا اهڙي ڏکي ناهي جو اسان جي سنڌي توڙي اڙدو جا اڌ کان وڌيڪَ لفظ فارسي جا آهن، هن کي افسوس ٿيو ته ملائيشيا بدران ايران ۾ نوڪري ڪريان ها ۽ ملئي بدران فارسي سکجي ها. ان ڳالهه جو اظهار هن پنهنجي سفرنامي ”ايران ڏي اڏام“ ۾ ڪيو آهي جيڪو اردوءَ ۾ پڻ ڇپيو آهي. هتي اهو به لکندو هلان ته ملائيشيا وارن طرفان الطاف جي چونڊ جيتوڻيڪ ۱۹۸۱ع ۾ ٿي وئي پر بقول الطاف جي هن کي ملائيشيا گهرائيندي گهرائيندي ڏيڍ سال کن لڳي ويو. ان سلسلي ۾ الطاف ٻڌائي ٿو ته: ”ملئي ماڻهو ان معاملي ۾ شروع کان بيحد سست ثابت ٿيا آهن ۽ اڄ جيتوڻيڪ ملائيشيا ٻي ترقيءَ ۾ يورپ ۽ آمريڪا جو مقابلو ٿو ڪري پر ڪنهن به ڳالهه ۾ فيصلو ڪرڻ ۽ ان کي پلاننگ موجب تڪڙو مڪمل ڪرڻ ۾ اڄ به هنن جي اها ئي سست چال آهي. يورپ يا جپان جهڙن ملڪن ۾ توهان نوڪري لاءِ درخواست موڪليندائو ته يڪدم ها يا نه (Regrets) ۾ جواب اچي ويندو پر ملائيشيا جي سرڪاري توڙي ڪنهن خانگي اداري کي خط لکندائو ته توهان کي موٽ ۾ هو اها به ورندي نه ڏيندا ته توهان جو خط مليل آهي اسان ان تي غور ڪري رهيا آهيون. جيڪڏهن هنن کي ڪنهن اداري ۾ ڊاڪٽر يا انجنيئر رکڻ جي ضرورت هوندي آهي ته به ڪو وقت خاموش ويٺا هوندا ۽ پوءِ جڏهن نوڪري جي پڪ (Confirmation) جو خط لکندا ته سگهوئي ٽڪيٽ موڪلي گهرائڻ بدران وري ڊگهي ڪوما ۾ هليا ويندا.... اها ٻي ڳالهه آهي ته ملائيشيا ۾ نوڪري شروع ڪرڻ بعد هنن کي ڪنهن کي نوڪريءَ مان ڪڍڻ ۾ به وقت ٿو لڳي. بهرحال وقت سان گڏ حالتون بدلجي رهيون آهن. ترقي ۽ پئسو اچڻ ڪري ملائيشيا جو ڪلچر ۽ ماڻهپو به بدلجي پهرين کان بهتر ئي رهيو آهي. ۽ ساڳي وقت هنن ۾ مغروري ۽ ملڪ ۾ بد اخلاقي ۽ بد امني وڌي رهي آهي“. ملائيشيا وڃڻ کان اڳ الطاف پنهنجي جهازران ڪمپني PNSC طرفان کوليل ”PNSC مئرين ڪاليج“ ۾ پڙهايو ۽ ان ڪاليج جو پرنسپال پڻ ٿي رهيو. جهازن جي نوڪريءَ لاءِ ٻن قسمن جي تعليم ۽ ٽريننگ ٿئي ٿي هڪ Pre-Sea جيڪا ”مئرين اڪيڊمين“ ۾ انٽر بعد ملڪ جا چونڊيل نوجوان ڪئڊٽ حاصل ڪن ٿا ۽ ٻي Post Sea ٿئي ٿي جنهن لاءِ جهاز جا آفيسر جهازن تي سامونڊي نوڪري جو مدو پورو ڪري (اهو مدو گهڻو ڪري ۲۱ مهينا سمنڊ جا ٿين) امتحان ڏيڻ کان اڳ مختلف ڪورس ڪن ٿا جن لاءِ اسان جي ملڪ جا جهازي آفيسر هن ڪاليج کلڻ کان اڳ انگلنڊ يا ٻين ملڪن ۾ ويا ٿي پر هاڻ اهي ڪورس ۽ سبجيڪٽ هن ڪاليج ۾ پڙهائڻ جو بندوبست ڪيو ويو هو. الطاف ٻڌائي ٿو ته: ”آئون هن ڪاليج ۾ پڙهائڻ دوران بيحد خوش هوس. ٻارن کي به ڪراچي جي DHA ماڊل اسڪول ۽ بعد ۾ ڪلفٽن واري سينٽ پيٽر اسڪول ۾ داخلا وٺرائي ڏني هيم ۽ ملائيشيا وڃڻ جي ڳالهه ڪڏهوڪو وسري وئي هئي ته اتي هڪ ڏينهن.... اٽڪل سال سوا بعد ملائيشيا مان خط آيو ته ٽڪيٽ موڪلي رهيا آهيون توهان ايندڙ هفتي ئي هليا اچو. مون سان گڏ منهنجي هڪ ٻئي ڪلاس ميٽ دوست مرحوم آصف غيور به اتي جي نوڪري لاءِ apply ڪيو هو جيڪو حاجين جي مشهور جهاز سفينه حجاج جو به چيف انجنيئر رهي چڪو هو. هن به ملائيشيا وڃڻ جي ڳالهه وساري سامونڊي زندگي ڇڏي ڪراچي جي مئرين اڪيڊمي (جتي Pre Sea ٽريننگ ٿي ٿي) ۾ پڙهائڻ شروع ڪري ڇڏيو هو ۽ هو به خوش هو ۽ ڪراچي جي زندگي سان Adjust ٿي چڪو هو. سو ظاهر آهي ملائيشيا پهچڻ جي خط هن کي به منجھائي رکيو. اسان ٻئي ڄڻا ان بابت سوچيندا رهياسين ته هاڻ وري ٻارن کي اسڪولن مان ڪڍرائي، لڏو پٽي ڌارئين ملڪ ۾ ڇا هلي ڪجي..... منهنجي دل سست ٿي رهي هئي پر آصف غيور چيو ته ”جي نه هلبو ته ملائيشيا وارا چوندا ته هي پاڪستاني ڪي وڏا ذليل آهن _ دوکو ڏئي ويا .... هنن کان پنهنجون ڪوتاهيون وسري وينديون، سڄو ڏوهه اسان تي ٿاڦيندا.“ آصف جي ڳالهه سمجهه ۾ ضرور آئي پر تنهن هوندي به مون پنهنجي ڪمپني PNSC جي انتظاميه سان صلاح مشورو ڪيو تن اهو سوچي اسان کي ملائيشيا وڃڻ لاءِ همٿايو ته اسان جي وڃڻ ڪري ٻين پاڪستانين لاءِ به راهون کلي وينديون.... ۽ واقعي اڳتي هلي ائين ئي ٿيو.... نه رڳو ملائيشيا جي تعليمي اداري’مئريٽائيم اڪيڊمي‘ ۾ پر سندن جهازران ڪمپني MISC ۾ به اسان جا ڪيترائي جهازي آفيسر اچڻ شروع ٿي ويا.“ بهرحال ملائيشيا ۾ نو سال کن رهڻ دوران الطاف نه رڳو ملائيشيا تي چار پنج ڪتاب (مڪلي کان ملاڪا، ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه، جت جر وهي ٿو جال، ڳالهيون آهن ڳچ..... وغيره) لکيا پر ڀر وارن ملڪن: سنگاپور ۽ ٿائلنڊ باءِ روڊ ڪيل سفرن تي پڻ ڪجهه ڪتاب (سنگاپور ويندي ويندي، سنگاپور ٿو سڏ ڪري، آل ابائوٽ سنگاپور ۽ اي جرني ٽو ٿائلنڊ) سفرناما لکيا. پاڪستان جي سنڌي اخبارن سان گڏ هو ملائيشيا جي انگريزي اخبار ”نيو اسٽرئٽ ٽائيمس“ ۾ به ڪالم لکڻ لڳو ۽ سندس انهن خدمتن ڪري ۱۹۸۹ع ۾ ملائيشيا جي حڪومت کيس PJK (پنگت جاسا ڪَ بَڪتيئان) ايوارڊ ڏنو. الطاف شيخ ملائيشيا تي مٿيان ڪتاب لکيا پر جيئن ته هن جو اڄ ڏينهن تائين وزٽنگ پروفيسر جي حيثيت ۾ ملائيشيا اچڻ وڃڻ لڳو رهي ٿو سو هن ملائيشيا تي بعد ۾ ڪجهه ٻيا به ڪتاب لکيا آهن جيئن: ”اوهريا جي عميق ڏي“، ”ملائيشيا منهنجي من ۾“، ”ملائيشيا ۱۲ سالن بعد“، ”جت جر وهي ٿو جال“، ”هليو آ هليو آ ملائيشيا“، ”مونکي موهيو ملائيشيا“ ۽ اڙدوءَ ۾ ”ملائيشيا ڪي دن“ وغيرهه. الطاف ملائيشيا جيڪو وقت رهيو اهو هو پنهنجي جهازران ڪمپني کان اجازت وٺي Lien تي ئي رهيو. ان ڪري ۱۹۹۱ع ۾ هن کي واپس ڪراچي آفيس ۾ رپورٽ ڪرڻي پئي جتي هن کي جهازن جي مشينري مسئلن کي منهن ڏين لاءِ پهرين ڊپٽي مئنيجر ان بعد مئنيجر جي پوسٽ تي رکيو ويو. ان دوران جهازن جي ٻين ڪئپٽنن ۽ چيف انجنيئرن وانگر الطاف شيخ کي بهM.Sc ڪرڻ لاءِ جهازين لاءِ يونائيٽيڊ نئشنز طرفان ٺهيل خاص يونيورسٽي ”ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي“ موڪليو ويو.هيءَ يونيورسٽي UN جي سمنڊ سان واسطو رکندڙ برانچ IMO (انٽرنيشنل ميريٽائيم آرگنائيزيشن) طرفان مالمو سئيڊن ۾ ٺاهي وئي آهي. الطاف جڏهن جهازن تي هو ته ان وقت به هن جا جهاز نه فقط سئيڊن جي هن ڏاکڻي بندرگاهه مالمو توڙي گادي واري شهر اسٽاڪهوم ۾ ايندا رهيا ٿي پر ڀر وارن ملڪن ناروي، ڊئنمارڪ ۽ فنلئنڊ جي بندرگاهن ۾ به ايندا رهيا ٿي. ۽ هاڻ سئيڊن جي يونيورسٽي طرفان هن کي فيلڊ ورڪ لاءِ انهن ساڳين بندرگاهن ۾ باءِ روڊ يا باءِ ايئر وڃڻو پيو ٿي. الطاف انهن ڏينهن جا قصا بيحد مزاحيه انداز ۾ لکيا آهن جيڪي سندس هنن سفرنامن ۾ ڇپيل آهن: 1. اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا. 2. ملير کان مالمو 3. يورپ جا ڏينهن، يورپ جون راتيون 4. جت برف پوي ٿي جام. 5. ڪراچيءَ کان ڪوپن هيگن ڊسمبر ۱۹۹۳ع ۾ مالمو (سئيڊن) مان موٽڻ بعد، الطاف کي سندس ڪمپني PNSC وري درس تدريس جي ڪم تي رکيو. پاڻ به اهوئي چاهيائين ٿي جو بقول هن جي ٽيچنگ جاب ۾ کيس لکڻ پڙهڻ جو شوق پورو ڪرڻ لاءِ ڪافي وقت ملي ويو ٿي. ساڳي وقت پاڪستان جي مئرين اڪيڊمي ۾ پڙهائڻ لاءِ جهازن جي ڪئپٽنن ۽ چيف انجنيئرن جي ضرورت هئي جيڪا کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ وقت بوقت قومي جهازران ڪمپني PNSC پنهنجا آفيسر موڪليا ٿي. الطاف کي ٽيچنگ جو پراڻو تجربو هجڻ ڪري کيس اتي جي مئرين انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جو هيڊ مقرر ڪيو ويو. الطاف شيخ مئرين اڪيڊمي ڪراچي جي هن نوڪري دوران ٽن مهينن جي موڪل تي ۱۹۹۵ع ۾ پنهنجي عرب دوست ۽ سئيڊن يونيورسٽي جي ڪلاس ميٽ حسن الحاربي وٽ سندس ڳوٺ ينبوع ۾ پڻ وڃي رهيو. ينبوع سعودي عرب جو آڳاٽو بندرگاهه آهي .... بلڪه گذريل صديءَ جي شروع وارن سالن تائين جڏهن اڃان جدو صحيح طرح ماڊرن بندرگاهه نه ٿيو هو ته انڊيا جي سورت ۽ ڪلڪتي بندرگاهن کان اسان جي ننڍي کنڊ جا توڙي آفريڪا ۽ ايشيا جي ٻين ملڪن جا حاجي پاڻي جي جهازن ذريعي ينبو بندرگاهه ۾ ايندا هئا جتان مدينو ايترو سڏ پنڌ تي آهي جيترو هاڻ مڪو شريف جدي بندرگاهه کان. الطاف جي هن عرب دوست کي سئيڊن ۾ گڏ تعليم حاصل ڪرڻ دوران پنهنجي شهر ينبوع ۾ پائيپن جي فئڪٽري لڳرائڻ جو شوق هو. جنهن سلسلي ۾ هن جي ان وقت کان الطاف معرفت جرمني وارن سان ڳالهه ٻولهه جاري هئي. اها هاڻ جرمني کان سعودي عرب پهچي وئي هئي ۽ جيئن ته پاڻ انجنيئر نه پر فائننس جو ماڻهو هو سو ان ڪم ۾ مدد حاصل ڪرڻ لاءِ هن پنهنجي دوست الطاف کي پاڻ وٽ گهرايو. فئڪٽري لڳڻ بعد هن الطاف کي ينبوع ۾ پاڻ وٽ نوڪري ڪرڻ لاءِ ڏاڍو چيو پر الطاف هڪ ته پنهنجي ڪمپني PNSC نٿي ڇڏي ۽ ٻيو ته بقول سندس اتان لکيل اخباري ڪالمن موجب هن کي عربن سان ڪم ڪرڻ تي دل نٿي چاهيو جيتوڻيڪ سندس عرب دوست حسن سندس ايڏو خيال ڪيو جو هن کي پنهنجي گهر ۾ فئملي سان گڏ رهايو هئائين ۽ پگهار به دل وٽان ڏيڻ چاهيس ٿي. ان بابت الطاف جو اهو ئي چوڻ آهي ته جنهن کلئي دماغ ۽ آزادي سان ماڻهو جپان، انگلند، سئيڊن ۽ ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ نوڪري يا ڌنڌو ڪري سگهي ٿو اهو عرب ملڪن ۾ هرگز نه. مجبوري جي ٻي ڳالهه آهي نه ته عرب ملڪن ۾ فقط عبادت لاءِ وڃجي. الطاف شيخ ينبوع جي هن ٽن مهينن جي رهائش دوران جيڪي سنڌ جي اخبارن ۽ رسالن ڏي ڪالم موڪليا اهي فيروز ميمڻ صاحب پنهنجي اداري ”نيو فيلڊس پبليڪيشن“ طرفان ”اي روڊ ٽو مدينا“ نالي ڪتاب ۾ ڏنا آهن. پاڪستان مئرين اڪيڊمي ۾ نوڪري دوران سن ۲۰۰۰ع ۾ الطاف کي حج ڪرڻ جي سعادت پڻ نصيب ٿي جنهن جو احوال هن ”ڀلي پار تان ڀيرو“ نالي سفرنامي ۾ ڏنو جيڪو ڪتاب ’روشني پبليڪيشن‘ جي علي نواز گهانگهري ۽ بعد ۾ امير ابڙو صاحب ’انڊس پبليڪيشن‘ طرفان ڇپرايو. سال ۲۰۰۴ع ۾ الطاف صاحب سٺ سالن جي ڄمار تي پهچڻ تي PNSC کان جنرل مئنيجر جي پوسٽ تان رٽائرمينٽ حاصل ڪئي. ياد رهي ته هو PNSC طرفان ڊپوٽيشن تي پاڪستان مئرين اڪيڊمي ۾ هيڊ آف مئرين انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جي حيثيت ۾ ڪم ڪري رهيو هو. رٽائرمينٽ کان اڄ تائين ڪڏهن ڪڏهن الطاف شيخ پنهنجي ملڪ ۾ يا ملائيشيا، انڊيا ۽ سنگاپور ۾ وزٽنگ پروفيسر جي حيثيت ۾ ويندو رهي ٿو. ليڪچر ڏيڻ کان علاوه هو هڪ دفعي انڊيا پنهنجي ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي اوڏ دوستن جي پٽن جي شادين تي دهلي، آگري، احمد آباد ۽ بڙودا وغيره ۾ اٽڪل ٻه مهينا کن رهيو. ان بعد هو ساڌو واسواڻي جي اداري SVM طرفان پوني ۽ ممبئي يونيورسٽي طرفان ممبئيءَ ۾ هفتو هفتو رهي آيو. انڊيا جي انهن مختلف سفرنامن تي هن جا چار ڪتاب: ”دهليءَ جو درشن“، ”هلي ڏسجي هندستان“، ”بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾“ ۽ ”بنارس کان برمودا“ ڇپجي چڪا آهن. رٽائرڊ ٿيڻ بعد ۲۰۰۵ع ۾ الطاف ڪجهه مهينن لاءِ آمريڪا ۾ پڻ رهيو. هو انهن ساڳين بندرگاهن ۾ ريل ۽ ڪار رستي هليو ويو جتي اڄ کان ۴۵ سال کن اڳ ۱۹۶۸ع کان ۱۹۷۳ع تائين هو پاڻيءَ جي جهازن کي وٺي ويندو هو. ان سفر جو احوال الطاف شيخ ”نيو هالا کان نيويارڪ“ ۽ ”بخشو لغاري کان بالٽيمور“ ڪتابن ۾ لکيو آهي. ان سفر جي باقي حصي جو احوال ”آمريڪا ڙي آمريڪا“ ڪتاب ۾ مڪمل ڪري رهيو آهي. الطاف جو سامونڊي ۽ ڪناري جي نوڪري دوران ڏور اوڀر جي ملڪن مان سڀ کان گهڻو رهڻ يا اچڻ وڃڻ جپان، ملائيشيا ۽ چين ۾ ٿيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته الطاف هانگ ڪانگ بابت گهڻو ئي لکيو آهي، بلڪ هڪ ڪتاب ”وايون وڻجارن جون“ ته سڄو هانگ ڪانگ ۽ سندس ٻئي پاسي ڪولون بابت آهي پر انهن ڏينهن ۾ هانگ ڪانگ ملڪ برطانيه جي حڪومت هيٺ هو. الطاف چين جي سفر تي ايترو گهڻو نه لکيو آهي جيترو جپان ۽ ملائيشيا تي پر هن انهن ٽنهي ملڪن جي ٻولين: جپاني، ملئي ۽ چيني جي پهاڪن جا ٻه ڪتاب: هڪ انگريزيءَ ۾ “Proverbs of Far East” نالي ۽ ٻيو سنڌي ۾ ”رٺي آهي گھوٽ سان“ لکيو آهي. الطاف ٻڌائي ٿو ته هن کي ننڍي هوندي کان پهاڪن پڙهڻ جو شوق هو. هن پهاڪن جو پهريون ڪتاب ”گل شڪر“ پنهنجي والد جي لئبرري مان کڻي تڏهن پڙهيو جڏهن هو پرائمري اسڪول جي چوٿين ڪلاس ۾ هو. الطاف ٻڌائي ٿو ته هن جو اڙدو ۾ لکڻ به هڪ حادثو هو. اڄ کان ۱۵ سال کن اڳ سن ۲۰۰۰ع ڌاري سندس هڪ سنڌي اخبار جو ڪالم ڪنهن ترجمو ڪري انهن ڏينهن ۾ نئين شايع ٿيندڙ روزنامه اڙدو اخبار ’امت‘ ۾ ڏنو جنهن کي بيحد ساراهيو ويو ۽ الطاف کي ان ئي ڏينهن سندس هيڊ آفيس PNSC مان ڪيترن ئي دوستن جا فون اچي ويا. هي اهي دوست هئا جن کي سنڌي پڙهڻ نٿي آئي ۽ هو هميشه الطاف کان پڇندا رهيا ٿي ته هو ڪهڙي موضوع ۽ مواد بابت سنڌيءَ ۾ ڪالم لکي ٿو. الطاف ان بابت چيو ته: ”اڙدو اخبار ۾ مضمون ڇپجڻ تي مونکي ڏاڍي خوشي ٿي. اخبار وارن منهنجي ڪالم کي ايڊيٽوريل صفحي تي بيحد نمايان نموني سان ڏنو هو.... پر مونکي ائين لڳو ڄڻ مون جيڪي ڳالهيون هن ڪالم ۾ لکيون آهن اهي سڀ اڙدو ۾ ان ڀرپور انداز ۾ ترجمو نه ٿيون هجن. ائين محسوس ٿيو ڄڻ ترجمي واري کي سمنڊ ۽ جهازراني جي معلومات نه هجڻ ڪري هو منهنجيون ڪجهه ڳالهيون صحيح طرح سمجھائي نه سگهيو آهي. بهرحال مون ان اخبار جي ايڊيٽر رفيق افغان صاحب کي فون ڪيو ته مونکي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي جو منهنجو ڪالم اڙدو اخبار ۾ ڇپيو آهي ۽ اڙدو اخبار جي گهڻي ريڊرشپ هجڻ ڪري مونکي اڄوڪي ڏينهن ۾ ئي ڪيترا فون آيا آهن پر..... ”پر ڇا؟ چئو پليز“ رفيق افغان چيو. ” ... اهوئي ته ترجمي واري ڪجهه ڳالهيون رهائي ڇڏيون آهن“ ”ته پوءِ ڏسو نه مسٽر الطاف! توهان پاڻ سنئون سڌو کڻي اڙدو ۾ لکو“ ”پر آئون ته سنڌي جو اديب آهيان“ مون چيو. ”ڏسو سائين اديب اديب آهي پوءِ هو ڀلي کڻي ڪهڙي ٻوليءَ ۾ به لکي“ ”پر آئون اڙدو ۾ ڪمزور آهيان جو ڪاليج ۽ اسڪول ۾ فقط سنڌي ۽ انگريزي پڙهيو آهيان.“ الطاف ٻڌائي ٿو ته ان تي رفيق افغان هن جي همٿ افزائي ڪندي چيو ته هو جيئن ڳالهائي رهيو آهي ائين ڪالم لکي موڪلي درستگيون هو ڪرائيندو. ۽ پوءِ اهڙي طرح الطاف شيخ اڙدو ۾ لکڻ شروع ڪيو ته اڄ ڏينهن تائين لکندو اچي ۽ هن جا ڪالم ۽ مضمون نه فقط امت اخبار ۾ پر اڙدو ڊائجسٽ، سرگزشت ڊائجسٽ، اخبار جهان، پاڪستان پوسٽ، دستڪ ۽ ٻين رسالن ۽ اخبارن ۾ به ايندا رهن ٿا. اڄ به الطاف کِلي چوندو آهي ته ”مونکي سنڌيءَ جو اديب آفريڪا کنڊ جي ڊگهن سامونڊي سفرن ڪيو ۽ اڙدو جو اديب ’اُمت‘ اخبار جي ايڊيٽر رفيق افغان ڪيو“. الطاف جا هيستائين ڪيترا ئي اڙدو ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن، جهڙوڪ: سمندر ڪي دن، يورپ ڪي دن، ملائيشيا ڪي دن، ايران ڪي دن، ڪراچي سي ڪوپن هيگن، گيشائون ڪي ديس مين ۽ هاڻ تازو ڪتاب ’مين چلا ممباسا‘، ’جهاز چلاني ڪي دن‘، ’جپان ڪي دن‘ ۽ ’چلو چلين هندوستان‘ وغيرهه ڪراچي جي ويلڪم بڪ پورٽ طرفان ڇپجي چڪا آهن ۽ ٽي ٻيا اڙدو ۾ ۽ چار سنڌيءَ ۾ ڇپجي رهيا آهن. اُنهن مان هڪ ’برونائيءَ کان برازيل‘ خيرپور جي پوپٽ پبليڪيشن طرفان جلد اچڻ وارو آهي. سنڌي ڪتابن جي تعداد ۾ مرزا قليچ بيگ جا کڻي گهڻا ڪتاب آهن پر بقول امر جليل جي صفحن جو تعداد ٿو ڏسجي ته الطاف شيخ سڀني کان گهڻو، بلڪ تمام گهڻو لکيو آهي. الطاف شيخ اڄڪلهه سال جو وڏو حصو ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ گذاري ٿو. هو هر وقت واندڪائيءَ جي ڳولا ۾ رهي ٿو جيئن گهڻي کان گهڻو لکي سگهي. لکڻ کان علاوهه هن جو خاص شغل تعليمي ادارن ۾ ليڪچر ڏيڻ آهي. الطاف شيخ جي هڪ ٻي خوبي آهي فوٽوگرافي هو جتي به ويندو، جنهن سان به ملندو ته سڀ کان اڳ تصوير ڪڍندو ۽ پاڻ به بيهي تصوير ڪڍرائيندو. فيسبوڪ، سوشل ميڊيا ۽ انٽرنيٽ تي سندس گڏ ڪيل هزارين تصويرون مختلف البمس جي صورت ۾ محفوظ آهن، جنهن تائين هر ڪنهن کي آسان رسائي به حاصل آهي. الطاف شيخ جا ڇپيل ڪتاب 1. اناميڪا 2. منهنجو ساگر، منهنجو ساحل 3. پيار جي گُهٽَ 4. وايون وڻجارن جون 5. سي ٻيڙيون رکين ٻاجهه سين 6. دنيا آهي ڪاڪ محل 7. سمونڊ جن ساڻيهه 8. بندر بازاريون 9. سمونڊ جي سيوين 10. سي جوڀن ڏينهن 11. بندر ديسان ديس 12. خبرون کيڙائن جون 13. ڪويت ڪنارا 14. ڇا جو ديس ڇا جو وديس 15. جاني ته جهاز ۾ 16. جپان جن جي جيءَ ۾ 17. ڳالهيون تنهن جپان جون 18. خدا ڏي خط 19. جپان رس 20. سانڀاهو سمونڊ جو 21. موج نه سهي مَڪڙي 22. الطاف شيخ جي نوٽ بڪ تان 23. بهترين سفرناما 24. لنڊن تائين لفٽ 25. ٻارن جون آکاڻيون 26. ٽوڪيو جي گيشا گرل 27. مڪليءَ کان ملاڪا تائين 28. سنگاپور ويندي ويندي 29. ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه 30. ماستر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ 31. دُنگيءَ منجهه درياهه 32. ڏاهي جهرڪي 33. جت جر وهي ٿو جال 34. يادن جي انڊلٺ 35. ڳالهيون آهن ڳچ 36. اي جرني ٽو ٿائلينڊ 37. Proverbs Of Far East 38. اوهريا جي عميق ڏي 39. اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا 40. ملير کان مالمو 41. جت برف پئي ٿي جام 42. ڪراچيءَ کان ڪوپن هيگن 43. ارائونڊ دي ورلڊ 44. رٺي آهي گهوٽ سان 45. يورپ جا ڏينهن راتيون 46. اي روڊ ٽو مدينا 47. هيلسنڪي جي حسينا 48. سنگاپور ٿو سڏ ڪري 49. آل ابائوٽ سنگاپور 50. ملائيشيا منهنجي من ۾ 51. ڀلي ڀار تان ڀيرو 52. هي ٻيٽ هي ڪنارا 53. بوتلن جو سفر 54. سوزيءَ سان پيار 55. جل پريون 56. ملائيشيا ۱۲ سالن بعد 57. تيستائين گڊ باءِ 58. جپان پنجويهه ورهين بعد 59. ڪراچيءَ کان ڪوڪورا 60. دهليءَ جو درشن 61. نيو هالا کان نيويارڪ 62. بخشو لغاريءَ کان بالٽيمور 63. ايران ڏي اُڏام 64. چنڊ چوانءِ سچ 65. هلي ڏسجي هندستان 66. پکي اُڏاڻا پنهنجي ديس 67. ممباسا، شيدي بادشاهه همباشا 68. ڏيهه پرڏيهه جو سفر 69. بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾ 70. هليو آ، هليو آ، ملائيشيا 71. مونکي موهيو ملائيشيا 72. آمريڪا ڙي آمريڪا 73. وسي وڏ ڦڙو 74. نه سي سڙه سُکان 75. بنارس کان برمودا اردو میں 76. سمندر کے دن 77. ملائیشیا کے دن 78. یورپ کے دن 79. کراچی سے کوپن ہیگن 80. ایران کے دن 81. گيشائون کے ديس مين 82. جہاز چلانے کے دن 83. جپان کے دن 84. کنارے کے دن 85. میں چلا ممباسا 86. چلو چلیں ہندوستان الطاف شيخ جا ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي مٿي ڏنل لنڪ تان ڊائونلوڊ ڪرڻ سان گڏ آنلائين به پڙهي سگهجن ٿا. نوٽ : هي مضمون الطاف شيخ جي ڪالمن، ڪتابن، انٽرويوز ۽ ذاتي طور ساڻس ڪيل ڪيترين ئي ڪچهرين ۾ ڪيل سوالن جوابن ذريعي جوڙيو ويو آهي. الطاف شيخ سنڌ جو سيلاني (جنم ڏينهن تي ڀيٽا) محمد سليمان وساڻ جڏهن به ڪنهن سفرنامي جو ذڪر نڪرندو آهي ته مونکي الطاف شيخ ياد اچي ويندو آهي. سفرنامي جي صنف جي حوالي سان مشهور ليکڪ، سنڌي اسڪالر، مئرين انجنيئر ۽ استاد (پروفيسر) الطاف شيخ ۱۴ نومبر ۱۹۴۴ ۾ هالا ۾ ڄائو. سندس پورو نالو الطاف احمد شيخ ولد گل محمد شيخ آهي. انٽر ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان ۱۹۶۳ ۾ ڪرڻ کانپوء مئرين انجينئرنگ جي ڊگري چٽگانگ (هاڻي بنگلاديش، ان وقت اوڀر پاڪستان) مان حاسل ڪيائين. ايم ايس سي ان ميرين سيفٽي ايڊمنسٽريشن وري ورلڊ ميريٽائم يونيورسٽي مان ڪيائين. مڪينيڪل انجينئير امتحان انسٽيٽيوٽ آف انجنئير لنڊن، بي اي ايل ايل بي يونيورسٽي آف سنڌ، ڊپلوما ڊجيٽل ڪمپيوٽر ٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ آف ميرن انجنيئرس لنڊن اينڊ انسٽيٽيوٽ آف نيول ارڪيٽيڪٽ انگلينڊ مان ڪيائين. ان کانسواءِ دنيا جي مختلف ملڪن مان انجنيئرنگ سان لاڳاپيل ڪيترا ئي ڪورس ڪيا اٿس. پاڻ لکڻ جي شروعات ته ۱۳ سالن جي عمر کان ئي گلستان رسالي ۾ لکڻ سان ڪيائين پر باقائدي لکڻ جي شروعات چٽگانگ ۾ مئرين انجنيئرنگ ڪورس دوران هلال پاڪستان لاء لکيل ڪالم “دريائن جي ديس مان” سان ڪيائين. انکانپوء شپنگ ۾ نوڪري دوران هو جنهن به ملڪ ويو، جنهن به شهر ويو ان تي سفرنامو لکي ورتائين. سندس لکڻين خاص ڪري سفرنامن ۾ تفريح سان گڏ انيڪ معلومات پڻ هوندي آهي. دنيا جي ملڪن جي حالتن کي سمجهائڻ لاء هميشه سنڌ جي ڳوٺن، شهرن ۽ بازارن جي ان ملڪ سان ڀيٽ ڪندو آهي ته ملائيشيا جو فلاڻي ڳوٺ جون گهٽيون اسان جي ٽنڊي آدم شهر وانگر پر ويڪريون آهن. سندس لکڻين جو اهو ڏانء کيس ٻين لکندڙن کان الڳ ڪري خاص سڃاڻ بڻجي ويو آهي. سندس ۷۵ کان مٿي ڪتاب ڇپيا آهن. جن ۾ گهڻوڪري سفرنامه ۽ ٻيون ڪهاڻيون ۽ ترجمه آهن. سندس ڪتابن ۾ هيٺيان ڪتاب گهڻو مشهور آهن: بندر بازاريون ۱۹۷۱، جاني ته جهاز ۾ ۱۹۷۲، پيار جي گهُٽ ۱۹۷۳، دنيا آهي ڪاڪ محل ۱۹۷۵، وايون وڻجارن جون ۱۹۷۶، سي ئي جوڀن ڏينهن ۱۹۷۷، ارائونڊ دي ورلڊ ۱۹۷۹، ڪويت ڪنارا ۱۹۸۰، سانباهو سمونڊ جو ۱۹۸۰، هي بيت هي ڪنارا، ملير کان مالمو تائين، ڇا جو ديس ڇا جو وديس، اڇن جي ديس ۾ اسين ڪارا، ماسٽر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ، دهليء جو درشن، سي ٻيڙيون رکين ٻاجھ سين، منهنجو ساحل منهنجو ساگر، سمنڊ جن ساڻيھ، سي ئي جوڀن ڏينهن، بندر ديسان ديس، خبرون خيرن جون، جاني ته جهاز ۾، جپان جن جي جيءَ سين، ڳالهيون تنهن جپان جون، خدا ڏي خط، جپان رس، موج نه سهي مڪڙي، الطاف شيخ جي نوٽ بوڪ تان، بهترين سفرنامه، لنڊن تائين لفٽ، ٻارن جون آکاڻيون، ٽوڪيو جي گيشا گرل، مڪليءَ کان ملاڪا تائين، سنگاپور ويندي ويندي، ڪوللمپور ڪجهه ڪوھ، دنگي منجھ درياھ، ڏاهي جهرڪي ۽ ٻيون آکاڻيون، جِت جر وهي ٿو جال، يادن جي انڊلٺ، ڳالهيون آهن ڳچ، اي جرني ٽو ٿائيلينڊ، اوهريا جي عميق ڏي، جت برف پئي ٿي جام، ڪراچيء کان ڪوپن هيگن، رُٺي آهي گهوٽ سان، يورپ جا ڏيهن ۽ يورپ جون راتيون، اي روڊ ٽو مدينه، هيلنسڪي جي حسينه، سنگاپور ٿو سڏ ڪري، آل ابائوٽ سنگاپور، ملائيشيا منهنجي مَن ۾، سوزيءَ سان پيار، جل پريون، تيستائين گُڊ باء، جپان پنجويهن ورهين بعد، نيو هالا کان نيو يارڪ، بخشو لغاريء کان بالٽيمور، ايران ڏانهن اڏام، چنڊ چوانءِ سچ، اناميڪا، خدا ڏي خط، مس سدابهار چنبيلي، پکي اڏاڻا پنهنجي ڏيهه، ممباسا شيدي باشا هم باشا، هلي ڏسجي هندستان، بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾، ڀلي پار تان ڀيرو وغيره شامل آهن. ان کان علاوه اردو ۾ به سندس ڪجهه سفرناما ڇپيا آهن جهڙوڪ سمندر ڪي دن سمندر کي راتين، مليشيا ڪي دن، يورپ ڪي دن، ڪراچي سي ڪوپن هيگن، ايران ڪي دن. ان کان سواءِ الطاف شيخ جا ڪيترن ئي رسالن، اخبارن م آئي ڏينهن سفر جا قصا ، ڪهاڻيون پيون ڇپجن. جيڪڏهن کيس سنڌي سفرنامي جو سنڌ باد سڏجي ته ان ۾ ڪو به وڌاءُ ڪونهي. الطاف شيخ جي هڪ ٻي خوبي آهي فوٽوگرافي هو جتي به ويندو، جنهن سان به ملندو ته سڀ کان اڳ تصوير ڪڍندو ۽ پاڻ به بيهي تصوير ڪڍرائيندو. فيسبوڪ، سوشل ميڊيا ۽ انٽرنيٽ تي سندس ڪٺي ڪيل هزارين تصويرون مختلف البمس جي صورت ۾ محفوظ آهن، جنهن تائين هر ڪنهن کي آسان رسائي به حاصل آهي. مان سوچيندو آهيان هي شخص جيڪو گهڻو عرصو يا ته سفر ۾ جهازن تي رهيو، يا ملڪ کان ٻاهر رهيو يا وري گهڻو عرصو لکڻ ۾ گذاريائين ان وٽ پنهنجي علائقن ، ڳوٺن ۽ ماڻهن جي ايتري ڄاڻ ڪٿان آئي؟ ڇو ته سندس سفرنامن ۾ بيان ڪيل پنهنجي ئي سنڌ جي گهڻن ڳالهين کان اسان به واقف ناهيون هوندا. الطاف شيخ سنڌ جو اهو ليکڪ آهي جنهن کي شايد سڀ کان گهڻو پڙهيو ويندو آهي، سندس سفرنامن جا ڪيترائي ايڊيشن ڇپيا آهن. هو سنڌ جو اهو ليکڪ آهي جيڪو مسلسل لکندو رهي ٿو. الطاف شيخ هڪ سٺي ليکڪ سان گڏ بهترين ۽ ملنسار انسان پڻ آهي. هو جڏهن به ۽ جتي به مليو آهي سدائين حوصلا افزائي ۽ لکڻ جي صلاح ڏيندو رهيو آهي. دعا آهي ته سنڌ جو هي ڏاهو ڏات ڌڻي سدائين خوش رهي، زندگيءَ جون ڪيئي بهارون ڏسي ۽ دنيا گهمندي اسان کي به گهر ويٺي دنيا جو سير ڪرائيندو رهي. روزانه هلال پاڪستان ۱۴ نومبر ۲۰۱۲ الطاف شيخ سنڌين جي پهرين انٽرنيٽ رکيل مورائي نيڪ خواهشون انهن هٿن لاءِ جيڪي هڪ وقت دعا لاءِ کڄندا آهن ۽ ٻئي وقت لکڻ لاءِ اڄ ان شخص/ ليکڪ جو جنم ڏينهن آهي، جيڪو پنهنجو مثال پاڻ آهي. شايد دنيا جي ادب ۾ اهڙو ٻيو مثال اڄ جي تاريخ تائين ملي نه سگهي، ڇاڪاڻ ته ادب ۾ اڄ جنهن تيزيءَ سان واڌارو آيو آهي، اوترو ئي تيزيءَ سان سائنس جي نين ايجادن پڻ انسان کي معلومات ميسر ڪرڻ شروع ڪئي آهي. اڄ هڪ منٽ جي سٺ سيڪنڊن ۾ اسين سٺ ملڪن بابت معلومات حاصل ڪري سگهون ٿا، پر هڪ اهڙو زمانو به هئو، جنهن کي جديد زمانو ته ڪوٺي سگهجي ٿو پر ان کي ڪمپيوٽر جو زمانو ڪوٺي نه سگهبو، ان زماني ۾ معلومات ايتري تيزيءَ سان نه پهچندي هئي، جيتري اڄ ملي رهي آهي. ها ان دور ۾ دنيا جي معلومات هن جي سفر نامن مان ملندي هئي، اهي سفرناما پڙهي، اسان انهن ملڪن جي ڄاڻ حاصل ڪندا هئاسين جن ملڪن ۾ هو موجود هوندو هئو. اڄ سندس سفرنامن جو انگ هڪ سئو کان ڪجهه گهٽ هوندو ۽ ايترو انگ دنيا جي ڪنهن به ليکڪ جي سفرنامن جو شايد ئي هجي، سنڌ جي آڳاٽي معلومات اسان کي، ابن بطوطا سميت دنيا جي ٻين ڪيترن ئي سياحن جي سفرنامن مان حاصل ٿيندي هئي، ايئن دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن بابت معلومات اسان کي هن جي سفر نامن مان حاصل ٿيندي هئي. اڄ محسوس ٿي رهيو آهي ته ان دور ۾ جيڪو چاليهه سال کن اڳ جو آهي، جڏهن به ڪو سنڌي نوجوانن ٻاهر وڃڻ چاهيندو هئو ته اهو سندس سفرنامن مان گهربل معلومات حاصل ڪندو هئو، بلڪل ايئن جيئن اڄڪلهه گوگل ۽ ٻين ويب سائيٽس تان معلومات حاصل ڪجي ٿي، خود هو به چاهيندو هئو ته سندس سفرنامن ۾ ڏنل معلومات مان سنڌي گهڻي گهڻي معلومات حاصل ڪن، ان ڪري، هو اهڙي ئي نموني تفصيل ڏيندو هئو، ان شخص ليکڪ جو نالو لکڻ لاءِ مان نهايت ادب سان ۽ قلم کي اکين سان لڳائي لکڻ چاهيان ٿو جيڪو آهي، الطاف شيخ! سنڌ شايد خوش نصيب آهي ۽ سنڌي ادب ڀاڳ وارو آهي، جنهن کي شاهه کان پوءِ ٻه شيخ مليا ۽ ٻئي اهڙا آهن جن جي نالي سان ڪنهن مثال، تشبيهه ۽ تمثيل جي گهرج نه آهي. هڪ شيخ اياز آهي ۽ هڪ الطاف شيخ آهي. شيخ اياز پنهنجي شاعريءَ جي معرفت جيڪو سنڌي ادب کي سُڪار بخشيو آهي اهو پنهنجو مٽ پاڻ آهي ۽ الطاف شيخ پنهنجي نثر، خاص طور سفري نثر معرفت سنڌي ادب کي جيڪا خوشحالي ڏني اها به پنهنجو مٽ پاڻ آهي. هن ادبي طور سنڌي نثري ادب کي ته مالامال ڪيو ئي آهي پر ان ادب ۾ هن سنڌي پڙهندڙ کي جيڪا ڄاڻ ڏني آهي اها ايتري گهڻي آهي جو اها اڄ لکت ۾ شال ماپي سگهي. ڪنهن به ادب ۾ ڪي صنفون جڏهن ايجاد ٿينديون آهن ته انهن کي وڌڻ ويجهڻ ۾ چڱو وقت لڳندو آهي، پر سنڌي ادب ۾ سفر نامي کي هڪ صنف طور الطاف شيخ ايترو تيزيءَ سان مٿي کڻي آيو، جنهن جو به شايد مثال ادب ۾ ٻيو نه ملي سگهي. سفر نامو ڇاکي چئجي ٿو. اهو الطاف شيخ جي سفرنامن کي پڙهي سمجهي سگهجي ٿو. جيتوڻيڪ سفرنامن سان گڏ، اڻ سڌي نموني يا سڌي نموني، هن پنهنجون يادگيريون به ڏنيون آهن ته پنهنجا تجربا به، ساڳئي وقت هن جن ملڪن ۾ ڪجهه وقت گذاريو آهي، انهن ملڪن جي ادب/لوڪ ادب/چوڻين ۽ پهاڪن وغيره کي به نه صرف پڙهيو ۽ پروڙيو آهي، پر انهن جي ڄاڻ به سنڌي ماڻهن کي ڏني آهي. ان کان سواءِ سندس ٻيو هڪ ڪم اهو به آهي ته دنيا ۾ رهندڙ ۽ کيس موهيندڙ اديبن جي لکڻين کي ترجمو ڪري اسان کي انهن جي ادب ۽ مزاج کان به واقف ڪيو ۽ اهو سڀ جنهن وقت هن ڪيو، ان وقت اسان وٽ ٻاهران جو ايترو ادب ترجمو نه ٿيندو هئو. معلومات جا وسيلا به بنهه گهٽ هئا. ان وقت الطاف شيخ پنهنجي سفر نامن ۾ اهو به ٻڌايو ته هو جنهن ملڪ ۾ آهي ان ۽ سنڌ ۾ مختلف حوالن سان ڪهڙيون هڪ جهڙايون آهن ۽ ڪهڙيون انفراديتون آهن. جنهن مان ايئن لڳندو هئو ته هن دنيا جي ڪنهن ڪنڊ ۾ هوندي به سنڌ، سنڌي ادب ۾ سنڌي ماڻهن کي نه وساريو آهي. دنيا جي ماڻهن جي خوشحالي ۽ ڏکن سکن سان سنڌ کي ڀيٽيو ۽ ڪي نتيجا سامهون آندا آهن، جن مان سنڌي ماڻهن گهڻو ئي پرايو. ها! مٿيون سڀ ماضي هئو، جنهن جو ذڪر مان ڪري رهيو هوس، ڪڏهن ڪڏهن ماضي فخر لائق هوندو آهي، حال هيڻو هوندو آهي، قومون يا ته ماضيءَ ۾ جيئنديون آهن يا مستقبل جي خوابن ۾! ايئن شخص سان به ٿيندو آهي، پر هيءُ شخص/ليکڪ الطاف شيخ انهن شخصن/ليکڪن مان آهي جنهن ماضيءَ، حال ۽ مستقبل کي ڳنڍي رکيو آهي، هو پاڻ جڏهن کان لکڻ لڳو آهي، جيڪو اسان جو ماضي آهي، اڄ تائين اسان جي حال تائين لڳاتار لکي رهيو آهي. هاڻ هو پنهنجي اڇي سونهاريءَ ۾ نماز جي پنجن وقتن وانگر، لکڻ کي عبادت سمجهي ٿو. هو لکڻ جي معاملي ۾ سچل وانگر جو دم غافل سو دم ڪافر ٿيڻ کان ڪوهين ڏور آهي، ۽ جنهن شخص/ليکڪ لاءِ لکڻ عبادت هجي، ان کان سندس آخري ساهه تائين قلم نٿو ڇڏائجي سگهي. هونئن به اسلام ۾ واهه کوٽائڻ، وڻ پوکائڻ ۽ ڪتاب لکڻ صدقه جاريه آهي ۽ الطاف شيخ پنهنجي حصي کان وڌيڪ ڪتاب لکي پنهنجي ان عبادت کي به دوامُ بخشيو آهي، اڄ سندس جنم ڏينهن آهي ۽ جڏهن ماڻهن جي اڪثريت دعائن مان ويساهه وڃائي ويٺي آهي، ان وقت آئون سندس صحت ۽ عمردرازيءَ لاءِ دعاگو آهيان، خاص طور انهن هٿن جي سلامتيءَ لاءِ جيڪي هڪ وقت دعائن لاءِ کڄندا آهن ۽ ٻئي وقت لکڻ لاءِ تيار ٿيندا آهن. اڻ ميون نيڪ خواهشون سندس جنم ڏينهن تي،کيس مبارڪن سان گڏ ڪجهه لفظن جي ڀيٽا، اميد اٿم ته سندس بارگارهه ۾ قبول پوندي. الطاف شيخ سنڌ جو ڪولمبس ابراهيم لاشاري الطاف شيخ صاحب سنڌ جي سياسي، ثقافتي، سهڻي شهر هالا (مرتضي آباد) جي معزز شخصيت گل محمد شيخ جي گهر منجهه ۱۴ نومبر اڱاري ڏينهن سال ۱۹۴۴ع ۾ پهريون ساهه کڻي جنم ورتو الطاف شيخ صاحب جڏهن پڙهڻ جي عمر جو مس ٿيو ته والدين سندس ڦرهي هٿ منجهه ڏئي کيس اسڪول موڪليو، هن گورنمينٽ پرائمري اسڪول هالا منجهان پرائمري حاصل ڪئي. بعد ۾ هالا اسڪول جي مخدوم غلام حيدر اسڪول منجهان نصابي تعليم ورتائين هالن جي اسڪول ۾ صرف (ٽي درجا) انگريزي تعليم پڙهي ڪيڊٽ ڪاليج ۾ پڙهڻ جو شوق جاڳيس جتان مئٽرڪ ۽ انٽر جا امتحان نهايت هوشياري سان پاس ڪيائين تنهن بعد سونهاري سنڌ جو واحد سنڌي شاگرد هو جيڪو مئرين انجيئيرنگ جي تعليم پرائڻ لاءِ اوڀر پاڪستان هاڻوڪي ملڪ بنگلاديش جي (مئرين اڪيڊمي چٽگانگ) منجهان سند حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. جلدي ئي ان زماني منجهه جهازراني (پاڻي وارن جهازن) جي انجنيئير واري عهدي تي وڃي پهتو. هن نوجوان الطاف شيخ صاحب جو ان زماني ۾ شوق ويو وڌندو مئرين جي وڌيڪ علم ، تعليم حاصل ڪرڻ لاءِميريٽائيم يونيورسٽي مالمو (سويڊن ) منجهان ميريٽائيم ايڊمنسٽريشن انجنيئرنگ ۾ پوسٽ گريجوئيٽ جي ڊگري حاصل ڪيائين بس پوءِ الطاف شيخ صاحب مئرين اڪيڊمي ۾ ملائيشيا جي نوجوانن کي جهاز هلائڻ جا سڀ فن مهارت سان پيو سيکاريندو هو بس پوءِ اتي سکيا کان علاوهه انجنيئرنگ جي مختلف شعبن ۾ مختلف سبجيڪٽن جا درس پيو ڏيندو هو سنڌ جو اديب ۽ سياح صفت سال ۱۹۶۸ع کان وٺي دنيا جي ڪيترن وڏن وڏن سمنڊن ۾ جهاز هلائيندي ملائيشيا، جپان وڃي ڌنگ ڪيائين ۽ سڄي دنيا جي سمنڊن جي ڪنارن جا ديدار پسايا اٿائين، هن سونهن ڀري ڪائنات جي هر خطي کي سياحت ڪندي ڪندي ڏسڻ جو زبردست شرف حاصل آهي. الطاف شيخ کي رب سائين اهڙي ته ڏات سان نوازيو آهي جو هو دنيا جي جنهن به ملڪ ۾ سياحت ڪندي گهميو ان جا نظارا اکين سان ڏٺا آهن هن پنهنجي ڏات ۾ اضافو ڪندي قلم کنيو آهي الطاف شيخ صاحب هر ملڪ جي اتان جي سياسي، سماجي، ثقافتي، زندگي جو گهرائي سان مشاهدو ڪري جيجل سنڌ ڌرتي جي سماجي، سياسي، ثقافتي ڳالهين سان ڀيٽ ڪري سفر ناما لکيا آهن کيس پنهنجي ڌرتي سهڻي نظر اچي ٿي کيس پنهنجي ڌرتي جي ٽقافتي ورثي تي فخر محسوس ٿئي ٿو الطاف شيخ صاحب جي لکڻين سفرنامن جي تحريرن منجهان اها ڳالهه نمايا نظر ٿي اچي ته هو سنڌ جي معاشري کي دنيا جي ٻين معاشرن سان ڀيٽيندو نظر اچي ٿو انهي ڪري هن ملڪ جا ڏات ڌڻي کيس سفرنامن لکڻ جي عيوض کيس سنڌ جو ڪولمبس، سنڌ جو ابن بطوطه ۽ سفرنامن جو بادشاهه جهڙن خطابن سان ياد ڪن ٿا. سنڌ جو هي ڏاهو سياح سنڌي ادب ۾ پهرين تحرير ڪهاڻي جي صورت ۾ ارڙهن ۱۸سالن جي وهي ۾ لکي داخل ٿيو جڏهن هو چٽگانگ اڪيڊمي ۾ تعليم پرائيندو هو، سندس ڪهاڻين جي مجموعي جو نالو (اناميڪا) هو، الطاف شيخ صاحب ٻاهرين ٻولين جي ادب منجهان چونڊ ڪهاڻين جا پنهنجي سنڌي ٻولي ۾ ترجما پڻ ڪيا جن منجهه ڪهاڻي لنڊن تائين لفٽ، سوزي سان پيار، شامل آهن الطاف شيخ صاحب ادبي شروعات ته ڪهاڻيون لکي ڪئي مگر اڳتي هلي هي سهڻو ڏاهو اديب سفرنامي واري صنف جو بادشاهه بڻجي ويو ۽ پنهنجو نالو ڏيهان ڏيهه مشهور ڪرايائين، سندس سفرنامن لکڻ لاءِ هن جي قلم کي ڪڏهن به ننڊ ناهي آئي سنڌي ادب لاءِ سفرناما لکندي لکندي سنڌي ادب جي سونهن ۽ آسودگي ۾ هميشه اضافو ڪندي الطاف شيخ صاحب لڳ ڀڳ ۵۰ کان مٿي ڪتاب سنڌي ادب جي جهول ۾ ڏنا آهن جن منجهان ۴۰ کن ڪتاب سفرنامن سان سرشار لڳا پيا آهن، الطاف شيخ صاحب کي سفرنامن لکڻ جو ڪوڏيو ليکڪ مڃيو وڃي ٿو سندس لکڻي ۾ سلاست ۽ واهه جي بلاغت ۽ روانگي تمام سهڻي ۽ سهنجي لڳي ٿي، الطاف شيخ صاحب پنهنجي لکڻين ۾ نهايت دلفريب ڳالهيون بيان ڪري ٿو ٻين ملڪن جي تاريخ، جاگرافي، ثقافتي، تهذيبي، رنگ، ڳالهين جي نهايت آسان نموني سان بهترين ۽ شاندار ڄاڻ ڏئي ٿو. هن دنيا گهمندي گهمندي دنيا جون مختلف زبانن (ٻولين) جي مهارت رکي ٿو هن ڪيتريون زبانيون سکي اتان جي ملڪن جا دوست ٺاهي انهن سان سندن ئي زبان سان ڳالهائي رلي ملي وڃي ڄاڻ حاصل ڪري سنڌي ادب جي سفرنامي جي صنف کي آسودو ڪري ٿو الطاف شيخ صاحب کي اهو اعزاز پڻ حاصل آهي ته هو چيني، جپاني، ملئي، بنگالي، اردو، انگريزي ۽ سنڌي زبان ماهران طور آساني ڳالها ئي ٿو سندس ۽ دلي لڳاءُ سان سير سفر ڪري سفرنامن ذريعي پنهنجي لکڻين ۾ ڏات ڀري اسان پڙهندڙن کي پاڻ سان گڏ سير ڪرائي ٿو. الطاف شيخ صاحب جي سفرنامن جو پهريون مجھموعو سال ۱۹۷۱ع ڌاري (منهنجو ساگر منهنجو ساحل) نالي سان ڇپجي مارڪيٽ جي سونهن بڻيو تنهن بعد هن جي سفرنامن ڇپجڻ جي برسات وسي پئي، جهڙي طرح سفرنامن ۾ (بندر بازاريون سال ۱۹۷۱) جاني ته جهاز ۾سال ۱۹۷۲ع، پيار جي گهٽ سال ۱۹۷۳ع، دنيا آهي ڪاڪ محل سال ۱۹۷۵ع، سي ٻيڙيون رکين ٻاجهه سين سال ۱۹۷۶ع، وايون وڻجارن جون سال ۱۹۷۶ع، سي ئي جوڀن ڏينهن سال ۱۹۷۷ع، ارائونڊ دي ورلڊ سال ۱۹۷۹ع، ڪويت ڪنارا سال ۱۹۹۸ع، سانبا هو سمونڊ جو سال ۱۹۸۰ع، ڳالهيون تنهن جپان جون سال ۱۹۸۲ع، موج نه سهي مڪڙي سال ۱۹۸۴ع، سينگارپور ويندي ويندي سال ۱۹۸۶ع، دنگيءَ منجهه درياهه سال ۱۹۸۷ع، مڪليءَ کان ملاڪا تائين سال ۱۹۸۷ع، جت جر وهي ٿو جال سال ۱۹۸۸ع، ڳالهيون آهن ڳچ سال ۱۹۸۹ع، سينگارپور ٿو سڏ ڪري، ملائيشيا منهنجي من ۾، اي جرني ٽو ٿائلينڊ، اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا، ڀلي پار تان ڀيرو، رٺي آهي گهوٽ سان (اوڀر جي ملڪن جا پھاڪا ۽ چوڻيون)، يورپ جون راتيون، اي روڊ ٽو مدينه، ڪوالالپور ڪجهه ڪوهه تي، ايران ڏي اڏام، ملائيشيا ڪي دن، سمندر ڪي دن سمندر ڪي راتين، شامل آهن. الطاف شيخ صاحب جي ادبي پورهيي کي سنڌي ادب ۾ تمام گهڻو ساراهيو ويو آهي سندس سفرنامن کي پڙهندڙن جو تعداد به تمام گهڻو آهي الطاف شيخ لاءِ سنڌ جي ڏاهي اديب سان مدد علي سنڌي صاحب پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي لکي ٿو ته سنڌي ٻولي ۾ سفرنامن جي صنف تي جڏهن به تاريخ لکي ويندي ته مورخ جو قلم يقينن الطاف شيخ جي نانءَ تي اچي بيهي رهندو، الطاف شيخ صاحب اهو اڪيلو ليکڪ آهي جنهن سفرنامن ذريعي سنڌي ٻولي کي تمام گهڻو خزانو ڏنو آهي، سنڌ جو هي بهترين سياح هن وقت رٽائرمينٽ واري زندگي پنهنجي گهر وارن سان ڪراچي منجهه گذاري ٿو سندس ادبي قلم سفرنامن لکڻ کان رڪيو ناهي سندس اهو سلسلو اڃان تائين جاري ساري آهي سفرنامن جو هي بادشاهه ۱۴ نومبر ۲۰۱۷ع اڱاري ڏينهن پنهنجي زندگي جو ۷۳هون جنم ڏينهن ملهائي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيندو سندس ادبي لڏي جا سڀئي ساٿي کيس جنم ڏڻ جون مبارڪون پڻ چوندا منهنجي هن ڏاهي سياح اديب لاءِ رب سائين جي بارگاهه منجهه دعائون آهن ته هو وڏي ڄمار سان گڏ سٺي صحت ماڻي ته جيئين پنهنجي ادبي ڪرت سان سنڌي اديب کي آسودو ڪندو رهي. الطاف شيخ سفرنامن جو بادشاهه نسرين الطاف الله تعاليٰ دنيا ۾ جڏهن به ڪنهن انسان کي موڪلي ٿو ته ان جي ذمي ڪو نه ڪو ڪم ضرور رکي موڪلي ٿو. وقت سان گڏ اهي خوبيون ان ماڻهوءَ ۾ ظاهر ٿينديون آهن ۽ الله تعاليٰ بهتر ڄاڻي ٿو ته سندس اهو بشر ضرور سندس اميدن تي پورو لهندو. سچ ته انسان کي خدا تعاليٰ عقل ۽ دانش ڏنو ئي ان لاءِ ته هو هن دنيا جي ڳجهن، ڪائنات جي رنگن کي پسي. انسانن جي ڏکن سکن کي محسوس ڪري. ماڻهو جي دل ۾ سچائي همدرديءَ ۽ محبت جو گهر اڏيل هجي، جنهن مان هو محبتون ميڙي ڪائنات جي هر بشر ۾ ورهائي. خدا تعاليٰ عروج ۽ زوال ٻئي بڻايا آهن. عروج ملڻ تي انسان ۾ تڪبر ٿو اچي يا انڪساري؟ ۽ جنهن انسان ۾ عاجز و نياز نوڙت ۽ انڪساري آهي سچ ته اهو ماڻهو عظيم بڻجي وڃي ٿو. ڪم ڪرڻ پنهنجو پاڻ مڃائڻ انسان جي جبلت ۾ موجود آهي. انهن ماڻهن مان ڪجهه ماڻهو پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ڪندي پنهنجي سماج ۽ معاشري ۾ بهتر نموني حصو وجهندا آهن ۽ هميشه لاءِ امر بڻجي ويندا آهن. انهن امر ڪردارن مان الطاف شيخ به هڪ آهي. پنهنجي سڄي زندگي سمنڊ جا سفر ڪندي گذاريندڙ الطاف شيخ هڪ مشهور اسڪالر، پروفيسر ۽ بهترين سفرناما لکندڙ آهي. الطاف شيخ ۱۴ نومبر ۱۹۴۴ ۾ هالا شهر ۾ ڄائو. هالا جي اوڀر ۾ شهدادپور شهر آهي. پاڙيسري هجڻ جي ناتي ۽ بهترين سفرناما لکڻ ڪري الطاف شيخ سان هميشه روحاني محبت ۽ ويجهڙائپ رهي آهي. پيٽارو مان تعليم حاصل ڪندڙ الطاف شيخ هميشه سمنڊ جي لهرن ۽ موجن ۾ رهيو آهي. سندس دل به سچ ته محبتن جو سمنڊ آهي، جنهن ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهوءَ لاءِ محبت سمايل آهي. سندس ۷۰ کان وڌيڪ سفرنامن کي پڙهڻ سان ڄڻ ته پڙهندڙ پاڻ کي ان سفر جو حصو ٿو سمجهي. بهترين طريقي سان سفر جون سڀئي دلچسپيون، ڏکيائيون سکيائون لفظن وسيلي سفرنامن ۾ سهيڙڻ جو فن الطاف شيخ کي تمام دلفريب ۽ دل لڀائيندڙ انداز ۾ بيان ڪرڻ اچي ٿو. سمنڊ جهاڳي جهاز هلائڻ ته سندس پيشو هو، سندس روزي هئي ۽ سخت نوڪري هئڻ باوجود سندس لکڻيون گهٽيون نه بلڪه وڌيون. سندس چوڻ آهي ته جيئن ڪو نشئي ماڻهو نشي بنا نٿو رهي سگهي، تيئن منهنجي دل هر وقت لکڻ پڙهڻ تي چوندي آهي. الطاف شيخ هڪ سائنسي سوچ رکندڙ ۽ جديد دنيا جي سڀني پئمانن کي پنهنجي سمنڊ جهڙي وسيع دل ۾ سمجهڻ ۽ قبول ڪري دنيا جي کوج ڪرڻ، ان جون جاگرافيائي حالتون پرکي پوءِ ان کي لفظن جو روپ ڏئي سفرنامن ۾ سهيڙي قاريءَ تائين پهچائڻ سندس مقصد رهيو آهي. ان سامونڊي وڻجاري ۾ سگهه آهي جيڪا تخليق جو سفر ڪري واقعن ۽ سفري حالتن جي زنجير ٺاهي خوبصورت لفظن ۽ خيالن جي ماڻڪ موتين جي مالها ۾ پروئي پڙهندڙن تائين پهچائي انهن کي فيضياب ڪري ٿو. ان ڄاڻ کان، انهن حالتن کان جن کي هو محسوس ڪري ٿو. شاهه جي سر سامونڊيءَ ۾ به ته شاهه سائين اهڙن ئي سامونڊين جو ذڪر ڪري ٿو، جيڪي سمنڊ جي خطرناڪ لهرن سان جان جوکي ۾ وجهي وڙهن ٿا. الطاف شيخ به سمنڊ جا سفر اجايا نه ڪيا، بلڪه انهن کي تخليقي روپ ڏئي سجايو ڪيو. کاري کيڙائُو، مَٿي مِٺي موٽيا؛ سَودو ڪَنِ نه سونَ جو، وَڏا وِهائُو؛ موتِي جي مَهراڻَ جا، تِن جا طاماعُو؛ سامُونڊِي سائُو، لَنڪا لوپي آئِيا. الطاف شيخ پنهنجن سفرنامن ۾ سنڌ جي ماڻهن کي سڄي دنيا جي تڏهن ڄاڻ ڏيندو هو، جڏهن انٽرنيٽ ۽ گوگل جو ڪو وجود ۽ تصور نه هو. سمنڊ جو هي وڻجارو پنهنجي طريقي سان سنڌين لاءِ عالمي ڄاڻ جي گهري سمنڊ ۾ ڄاڻ جو خزانو رکندڙ هڪ بهترين ليکڪ آهي. جنهن جي سفرنامن ۾ مثبت ۽ انداز ۾ سندس هر دليل جي شروعات ۾ ئي سنڌ ۽ دنيا جي ڀيٽ ڪيل آهي. جيئن ڪنهن به ملڪ جي لباس، کاڌي يا آبهوا جي ڳالهه ڪيل هوندي. ان جي ڀيٽ سنڌ جي انهن شين سان ڪيل هوندي، جيڪي سنڌ جي ثقافت، حالتن جي نشاندهي هوندي. الطاف شيخ جي سفرنامن جو پهريون پهلو عالمي ڄاڻ، ٻيو پهلو سنڌ سان ڀيٽ، ٽيون پهلو وري ذات نسل رنگ قوم مذهب ۽ هر قسم جي سماجي هيٺائين مٿاهين کي ڇڏي انسانيت تي اڏول رهڻ، سندس سامونڊي سفر جا تجربا سنڌ جي سامونڊي ڪنارن تي اثرانداز ٿين ٿا. سندس لکڻ جي مهارت وقت سان گڏ تمام پختي ۽ مستند آهي. الطاف شيخ جي سفرنامن کي پڙهندي سيلاني ماڻهوءَ جي تشنگي وڌي ٿي. هر ماڻهوءَ جي اندر ۾ گهمڻ ڦرڻ ۽ دنيا جا دلفريب نظارا پسڻ جي خواهش ضرور هوندي آهي پر سڄي دنيا ڏسڻ ۽ پسڻ ان جي وس ۾ نه هوندي آهي. پر الطاف شيخ جا سفرناما سڄي دنيا پسرائين ٿا. يا سفر سان چاهه ۽ نوان ماڳ مڪان ڏسڻ جو اتساهه ۽ شوق پيدا ڪن ٿا. بحري ۽ هوائي جهازن تي نوڪريون ته ڪيترا ئي ماڻهو ٿا ڪن ۽ دنيا به گهمن ٿا پر پنهنجن تجربن ۽ مشاهدن کي بيان ڪرڻ جي ڏات ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه هوندي آهي. لڳ ڀڳ پوري دنيا گهمندڙ، بن بند جهاڳيندڙ، ان جهانگيئڙي نه رڳو پنهنجن تجزين ۽ مشاهدن کي قلمبند ڪيو آهي پر سفرنامن ۾ سنڌ جي ماڻهوءَ لاءِ کوڙ نصيحتون به ڪيون آهن. الطاف شيخ جي سفرنامن جي هڪ خاص ڳالهه ته ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ وارن جو اونو، اڄ جو اونو مستقبل جو اونو، سندس سوچ ۾ اها ڳالهه ۽ جيڪو ان ملڪ ۾ آهي، سو منهنجي سنڌ ۾ ڇو نه آهي، سندس اکين ۾ اهو خواب هوندو آهي ته منهنجي سنڌ به ايئن شاد آباد هجي جيئن هيءَ سرزمين آهي. منهنجي سنڌ جي تعليم، صحت ۽ ادارن جو نظام ايئن هجي جيئن دنيا جي ٻين اسرندڙ ملڪن ۾ آهي. دنيا جو نوجوان نسل اڳتي وڌي پيو ته سنڌ جو نوجوان احساسِ محرومي ۽ بيروزگاريءَ جو شڪار ڇو؟ دنيا جا ماڳ مڪان سياحت جو سياحن لاءِ مرڪز ته پوءِ سنڌ جا ماڳ مڪان جيڪي تمام گهڻي اهميت وارا آهن سي لاوارث ڇو؟ انهن جي وارثي ڇونه آهي. سندس سفرنامن ۾ اهي سڀ بي چينيون محسوس ٿين ٿيون، جيڪي سوال پڻ ڪن ٿيون. سچ ته ان سامونڊيءَ جي دل ۾ هر وقت سنڌ وسيل آهي. سنڌ ان سامونڊيءَ جو مرڪزي نگاهه آهي. هو سنڌ سان بيحد محبت ڪري ٿو. سنڌ سندس مقصد جي حاصلات آهي. هو پنهنجي سفرنامن کي پنهنجي ڌرتي پنهنجي جنم ڀومي جي پيرائن ۽ ڀوڳنائن کي محسوس ڪندي ٻاهرين سماج ۾ فرق ۽ تضاد بابت ڄاڻ ۽ باخبر ڪيو، نه رڳو انهن اوڻائين جي نشاندهي ڪئي، جيڪي سنڌ جو ماڻهو ڀوڳي ٿو پر ان ڄاڻ جي آڌار تي انساني تبديلي ۽ نوان رستا ٺاهڻ جي واٽ به ڏسي ٿو. سنڌي ٻولي ۾ لکڻ ۽ سنڌي ادب کي هڪ نئين صنف ڏيڻ تي الطاف شيخ جس لهڻي. الطاف شيخ جا سڀئي سفرناما منهنجي لائبريريءَ ۾ موجود آهن. جيئن ته مان طبيعتن گهمڻ ڦرڻ جي شوقين آهيان پر مونکي خبر آهي مان دنيا نٿي گهمي سگهان پر الطاف شيخ جا سفرناما پڙهي ڄڻ ته دنيا گهمي ورتي آهي. سندس لفاظي ۽ منظرڪشي سچ ته مونکي انهن ماڳ مڪانن جي تصوراتي دنيا ڏانهن وٺي ٿي وڃي. دعا ته شال الله سائين الطاف شيخ کي همٿ، صحت ۽ تندرستي ڏئي ته هو سنڌ واسين لاءِ اهڙا ڪيترا ئي سفرناما لکي. الطاف شيخ سفرنامن جو برک ليکڪ ڊاڪٽر رابيعه چانڊيو جڏهن کان هي ڌرتي وجود ۾ آئي آهي، تڏهن کان هن ڌرتي جي ڇاتيءَ تي ڪي اهڙا انساني ضرور پيدا ٿيا آهن، جن هن ڌرتيءَ کي سنواريو آهي ۽ تاريخ جو اهم حصو بڻيا آهن. ڪي ماڻهو به گلن وانگر هجن ٿا، جيڪي پنهنجي خوبصورت ڪردار، صلاحيتن، ڏات ۽ ڏانءُ جي خوشبوء سان هن ڌرتيءَ کي مهڪايو آهي؛ جن کي تاريخ ۾سنهري لفظن سان لکيو وڃي ٿو. بيشڪ الطاف شيخ به انهن انمول هيرن مان هڪ آهي، جيڪو پنهنجي خوبصورت ڪردار ۽ جدوجهد سان ٻين لاءِ اتساهه بڻيل آهي. الطاف شيخ هڪ مشهور اسڪالر، وزٽنگ پروفيسر، ميرين انجنيئر، ۽ سفرنامن جو برک ليکڪ آهي. جيڪو ۱۹۴۴ع ۾ پيدا ٿيو ۽ بنيادي تعليم هالا مان ۽ پوءِ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو مان حاصل ڪئي. جنهن بعد ميرين انجنئرنگ جي سکيا ورتي، هي سدا سيلاني مختلف سامونڊي جهازن جو چيف انجنئر رهيو آهي. ان کان علاوه ادب جي دنيا ۾ ۸۰ کن ڪتاب لکيا آهن، جن ۾ سفرناما شامل آهن. الطاف شيخ هر ڪم سان سچو ۽ ڪميٽڊ رهي ٿو. سندس لکيل سفرنامن ۾ مختلف ملڪن جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، جڳھيون، رنگ روپ، ٻولي، ثقافت بيان ڪئي آهي ۽ انهن سفرنامن ۾ اهڙي ته خوبصورتي سان منظرنگاري ٿيل آهي جو ڪو به پڙهندڙ ان سفرنامي ۾ بلڪل سمائجي وڃي ٿو ۽ ايئن محسوس ڪري ٿو جيئن واقعي هو اُن ملڪ جو سير ڪندو هجي. ڪجهه به لکڻ لاءِ ڏات ۽ ڏانءُ جي ضرورت هوندي آهي، جنهن کي ڪنهن به پڙهندڙ جي دل ۾ اتساهه ۽ ڪجهه ڪرڻ جو جوش پيدا ٿئي. اهو ڏات ۽ ڏانءُ الطاف شيخ ۾ موجود آهي، سندس لکيل سفرناما وڏي چاهه منجهان پڙهيا وڃن ٿا. بزرگ توڙي نوجوان وڏي شوق سان سفرناما خريد ڪن ۽ پڙهن ٿا. ويندي اُنهن فردن تائين جيڪي پنهنجي گهرن تائين محدود آهن ۽ جيڪي ڪيترن ئي پريشانين ۽ مايوسين کي منهن ڏين ٿا، سي به الطاف شيخ جا سفرناما پڙهي راحت محسوس ڪن ٿا ۽ ڪجهه ٽائيم لاءِ رليڪس محسوس ڪن ٿا. الطاف شيخ اهڙين خوبصورت لکڻين سان نه صرف سنڌي ادب کي سونهن بخشي آهي، بلڪه تمام وڏو احسان به ڪيو آهي. هن نئين ٽهي کي به ايترو سٺو لکڻ لاءِ همٿ افزائي ڪئي آهي. الطاف شيخ جڏهن به پرڏيهه مان ڏيهه ايندو آهي، تڏهن سنڌ جي يونيورسٽين ۾ ليڪچر ڏيندو آهي، جنهن ۾ هو شاگردن کي مسئلن جو حل ٻڌائيندي وڌ کان وڌ تعليم حاصل ڪرڻ جي نصيحت ڪندو آهي. بقول الطاف شيخ جي، تعليم ئي هر مسئلي جو حل آهي. جيڪي به قومون ڪامياب ۽ اڳيان آهن، سي سڀئي تعليم ۾ اڳيان هجڻ جي ڪري ئي ڪامياب آهن. سندس نصيحتن ۾ اها نصيحت به شامل هوندي آهي ته نوجوانن کي ملڪ کان ٻاهر جي دنيا به ڏسڻ کپي. اتان جي خوبصورتين کان واقف ٿيڻ کپي. اهڙي طرح الطاف شيخ نوجوانن جي همت افزائي ڪري خوشحال زندگي گذارڻ جا درس ڏيندو آهي. هونئن ته سنڌي ادب ۾ ڪيترائي سٺي شخصيت رکندڙ اديب آهن پر الطاف شيخ سڀن کان الڳ ۽ منفرد شخصيت جو مالڪ آهي. الطاف شيخ انيڪ ملڪن ۾ سڃاتو وڃي ٿو، سندس هزارين مداح آهن، جيڪي هن سان ملڻ لاءِ منتظر هوندا آهن ۽ نوجوانن جي لاءِ رول ماڊل آهي پر هن انسان ۾ ڪنهن به قسم جي وڏائي يا غرور ناهي. هي بلڪل سادو ۽ فقيراڻي طبعيت جو مالڪ آهي، هو هر وزٽ تي پنهنجي مداحن سان گڏجي وڏي دلچسپي سان فوٽو ڪڍرائيندو آهي. مان سمجهان ٿي ته اها اسان نوجوانن جي لاءِ خوشقسمتيءَ جي ڳالهه آهي ته اسان الطاف شيخ جهڙي شخصيت جي دور ۾ پيدا ٿياسين ۽ ساڻس ملياسين به. تنهن ڪري اسان نوجوانن کي گهرجي ته سندس ڏسيل صلاحن تي عمل ڪريون، وڌ کان وڌ تعليم حاصل ڪري نه رڳو پنهنجي زندگي خوشحال بڻايون بلڪ پنهنجي سماج ۾ موجود هر فرد لاءِ ڪارائتا ثابت ٿيون. الطاف شيخ نيڪ خواهشون انهن هٿن لاءِ جيڪي هڪ وقت دعا لاءِ کڄندا آهن ۽ ٻئي وقت لکڻ لاءِ رکيل مورائي اڄ ان شخص/ ليکڪ جو جنم ڏينهن آهي، جيڪو پنهنجو مثال پاڻ آهي. شايد دنيا جي ادب ۾ اهڙو ٻيو مثال اڄ جي تاريخ تائين ملي نه سگهي، ڇاڪاڻ ته ادب ۾ اڄ جنهن تيزيءَ سان واڌارو آيو آهي، اوترو ئي تيزيءَ سان سائنس جي نين ايجادن پڻ انسان کي معلومات ميسر ڪرڻ شروع ڪئي آهي. اڄ هڪ منٽ جي سٺ سيڪنڊن ۾ اسين سٺ ملڪن بابت معلومات حاصل ڪري سگهون ٿا، پر هڪ اهڙو زمانو به هئو، جنهن کي جديد زمانو ته ڪوٺي سگهجي ٿو پر ان کي ڪمپيوٽر جو زمانو ڪوٺي نه سگهبو، ان زماني ۾ معلومات ايتري تيزيءَ سان نه پهچندي هئي، جيتري اڄ ملي رهي آهي. ها ان دور ۾ دنيا جي معلومات هن جي سفر نامن مان ملندي هئي، اهي سفرناما پڙهي، اسان انهن ملڪن جي ڄاڻ حاصل ڪندا هئاسين جن ملڪن ۾ هو موجود هوندو هئو. اڄ سندس سفرنامن جو انگ هڪ سئو کان ڪجهه گهٽ هوندو ۽ ايترو انگ دنيا جي ڪنهن به ليکڪ جي سفرنامن جو شايد ئي هجي، سنڌ جي آڳاٽي معلومات اسان کي، ابن بطوطا سميت دنيا جي ٻين ڪيترن ئي سياحن جي سفرنامن مان حاصل ٿيندي هئي، ايئن دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن بابت معلومات اسان کي هن جي سفر نامن مان حاصل ٿيندي هئي، اڄ محسوس ٿي رهيو آهي ته ان دور ۾ جيڪو چاليهه سال کن اڳ جو آهي، جڏهن به ڪو سنڌي نوجوانن ٻاهر وڃڻ چاهيندو هئو ته اهو سندس سفرنامن مان گهربل معلومات حاصل ڪندو هئو، بلڪل ايئن جيئن اڄڪلهه گوگل ۽ ٻين ويب سائيٽس تان معلومات حاصل ڪجي ٿي، خود هو به چاهيندو هئو ته سندس سفرنامن ۾ ڏنل معلومات مان سنڌي گهڻي گهڻي معلومات حاصل ڪن، ان ڪري، هو اهڙي ئي نموني تفصيل ڏيندو هئو، ان شخص ليکڪ جو نالو لکڻ لاءِ مان نهايت ادب سان ۽ قلم کي اکين سان لڳائي لکڻ چاهيان ٿو جيڪو آهي، الطاف شيخ! سنڌ شايد خوش نصيب آهي ۽ سنڌي ادب ڀاڳ وارو آهي، جنهن کي شاهه کان پوءِ ٻه شيخ مليا ۽ ٻئي اهڙا آهن جن جي نالي سان ڪنهن مثال، تشبيهه ۽ تميل جي گهرج نه آهي. هڪ شيخ اياز آهي ۽ هڪ الطاف شيخ آهي. شيخ اياز پنهنجي شاعريءَ جي معرفت جيڪو سنڌي ادب کي سُڪار بخشيو آهي اهو پنهنجو مٽ پاڻ آهي ۽ الطاف شيخ پنهنجي نثر، خاص طور سفري نثر معرفت سنڌي ادب کي جيڪا خوشحالي ڏني اها پنهنجو مٽ پاڻ آهي. هن ادبي طور سنڌي نثري ادب کي ته مالامال ڪيو ئي آهي پر ان ادب ۾ هن سنڌي پڙهندڙ کي جيڪا ڄاڻ ڏني آهي اها ايتري گهڻي آهي جو اها اڄ لکت ۾ شال ماپي سگهي. ڪنهن به ادب ۾ ڪي صنفون جڏهن ايجاد ٿينديون آهن ته انهن کي وڌڻ ويجهڻ ۾ چڱو وقت لڳندو آهي، پر سنڌي ادب ۾ سفر نامي کي هڪ صنف طور الطاف شيخ ايترو تيزيءَ سان مٿي کڻي آيو، جنهن جو به شايد مثال ادب ۾ ٻيو نه ملي سگهي. سفر نامو ڇاکي چئجي ٿو. اهو الطاف شيخ جي سفرنامن کي پڙهي سمجهي سگهجي ٿو. جيتوڻيڪ سفرنامن سان گڏ، اڻ سڌي نموني يا سڌي نموني، هن پنهنجون يادگيريون به ڏنيون آهن ته پنهنجا تجربا به، ساڳئي وقت هن جن ملڪن ۾ ڪجهه وقت گذاريو آهي، انهن ملڪن جي ادب/لوڪ ادب/چوڻين ۽ پهاڪن وغيره کي به نه صرف پڙهيو ۽ پروڙيو آهي، پر انهن جي ڄاڻ به سنڌي ماڻهن کي ڏني آهي، ان کان سواءِ سندس بيو هڪ ڪم اهو به آهي ته دنيا ۾ رهندڙ ۽ کيس موهيندڙ اديبن جي لکڻين کي ترجمو ڪري اسان کي انهن جي ادب ۽ مزاج کان به واقف ڪيو ۽ اهو سڀ جنهن وقت هن ڪيو، ان وقت اسان وٽ ٻاهران جو ايترو ادب ترجمو نه ٿيندو هئو. معلومات جا وسيلا به بنهه گهٽ هئا. ان وقت الطاف شيخ پنهنجي سفر نامن ۾ اهو به ٻڌايو ته هو جنهن ملڪ ۾ آهي ان ۽ سنڌ ۾ مختلف حوالن سان ڪهڙيون هڪ جهڙايون آهن ۽ ڪهڙيون انفرادتيون آهن. جنهن مان ايئن لڳندو هئو ته هن دنيا جي ڪنهن ڪنڊ ۾ هوندي به سنڌ، سنڌي ادب ۾ سنڌي ماڻهن کي نه وساريو. دنيا جي ماڻهن جي خوشحالي ۽ ڏکن سکن سان سنڌ کي ڀيٽيو ۽ ڪي نتيجا سامهون آندا، جن مان سنڌي ماڻهن گهڻو ئي پرايو. ها! مٿيون سڀ ماضي هئو، جنهن جو ذڪر مان ڪري رهيو هوس، ڪڏهن ڪڏهن ماضي فخر لائق هوندو آهي، حال هيڻو هوندو آهي، قومون يا ته ماضيءَ ۾ جيئنديون آهن يا مستقبل جي خوابن ۾! ايئن شخص سان به ٿيندو آهي، پر هيءُ شخص/ليکڪ الطاف شيخ انهن شخصن/ليکڪن مان آهي جنهن ماضيءَ، حال ۽ مستقبل کي ڳنڍي رکيو آهي، هو پاڻ جڏهن کان لکڻ لڳو آهي، جيڪو اسان جو ماضي آهي، اڄ تائين اسان جي حال تائين لڳاتار لکي رهيو آهي، هاڻ هو پنهنجي اڇي سونهاريءَ ۾ نماز جي پنجن وقتن وانگر، لکڻ کي عبادت سمجهي ٿو. هو لکڻ جي معاملي ۾ سچل وانگر جو دم غافل سو دم ڪافر ٿيڻ کان ڪوهين ڏور آهي، ۽ جنهن شخص/ليکڪ لاءِ لکڻ عبادت هجي، ان کان سندس آخري ساهه تائين قلم نٿو ڇڏائجي سگهي. هونئن به اسلام ۾ واهه کوٽائڻ، وڻ پوکائڻ ۽ ڪتاب لکڻ صدقه جاريه آهي ۽ الطاف شيخ پنهنجي حصي کان وڌيڪ ڪتاب لکي پنهنجي ان عبادت کي دوامُ بخشيو آهي، اڄ سندس جنم ڏينهن آهي ۽ جڏهن ماڻهن جي اڪثريت دعائن مان ويساهه وڃائي ويٺي آهي، ان وقت آئون سندس صحت ۽ عمردرازيءَ لاءِ دعاگو آهيان، خاص طور انهن هٿن جي سلامتيءَ لاءِ جيڪي هڪ وقت دعائن لاءِ کڄندا آهن ۽ ٻئي وقت لکڻ لاءِ تيار ٿيندا آهن. اڻ ميون نيڪ خواهشون سندس جنم ڏينهن تي،کيس مبارڪن سان گڏ ڪجهه لفظن جي ڀيٽا، اميد اٿم ته سندس بارگارهه ۾ قبول پوندي. الطاف شيخ دنيا جو وڻجارو اڄ سنڌ جي سپوت، سنڌين کي سڄي جڳ کان سنڌيءَ ۾ واقف ڪرائيندڙ، پاڪستان جي پهرين خودڪار جهاز کي هلائيندڙ مئرين انجنيئر، مليشيا، جپان ۽ ٻين ملڪن ۾ پڙهائيندڙ مانواري الطاف شيخ جو جنم ڏينهن آهي. پنهنجي ذاتي حوالي سان هن سان گڏ سندس وني ۽ ٻه نياڻيون آهن پر قوم کي هن ۷۰ ورهين ۾ ۷۸ ڪتاب ڏئي جيڪو ڪم ڪيو آهي، اهو بي مثل آهي. ان جي پوروڇوٽ ٻيو ڪير به ڪونهي. سنڌ ۾ جڏهن گليور، مارڪو پولو، ابنِ بطوطه، ابن انشا، جي الانا ۽ ٻين جي سفرنامن جي هاڪ هئي، سنڌ دنيا کي انهن سفرناما لکندڙن جي اکين سان پئي ڏٺو، تڏهن حيدرآباد جي پسگردائي جي سڀ کان مشهور شهر ”هالا نوان“ ۾ الطاف شيخ جهڙو املهه ماڻڪ پيدا ٿيو هيو جنهن ”بندر ديسان ديس“ کان پنهنجي جهازي سفر کي شروع ڪري، سنڌ کي پنهنجي دل جي محراب ۾ رکي، انسانيت ۽ فضيلت کي ساڻ کڻي محنت ۽ اورچائي سان دنيا جي گهاٽ گهاٽ جا پاڻي پي اتي جي انسانن، شهر، ماڳن ۽ مڪانن، علم ۽ صحت ۽ ڪهاڻين توڙي چوڻين ۽ سفر جي تڪليفن ۽ لذتن جي باري ۾ لکڻ شروع ڪيو هيو. سنڌ جي نوجوانن ۾ ۷۰ ۽ ۸۰ جي ڏهاڪن ۾ غيرسياسي ادب ۾ فڪشن ۾ جيڪو ڪم امر جليل ۽ نجم عباسي جو سامهون آيو، ٻهراڙي جي ٺيٺ روايتن ۽ سماج کي جنهن نموني نسيم کرل لکيو، استاد بخاري جي عوامي اظهار جا نوان نوان مظهر سامهون آيا هيا، تيئن الطاف شيخ پنهنجي مسلسل محنت سان هڪ وڻجاري، هڪ سائل، هڪ سيکڙاٽ، هڪ چاهيندڙ، هڪ ٻاڏائيندڙ مسافر جيئان در در وڃي، وطن وطن جي ولين جا واس وٺي، سٺي ۽ خراب کي جيئن ڏٺو تيئن قلمبند ڪري ڇڏيو. سفرناما لکندڙ جيڪڏهن ڪنهن ملڪ جو ايجنٽ يا عيوضي ناهي ته پوءِ هو جيڪي ڪجهه ڏسي ٿو، ان جي ”ايئن هجڻ“ جا سبب ڳولڻ بدران جيڪي ڪجهه نظر اچي ٿو، اهو لکي ٿو. مسٽر الطاف شيخ کي پڻ اها سهولت ميسر رهي آهي ته هو پاڪستان مئرين انجنيئر جي حيثيت سان سڄي دنيا ۾ ويو، دنيا کي ڏٺو، گهميو ڦريو، ماڻهن سان رلي ملي ويو. سڄي دنيا جي تهذيبن جي چڱاين جو عرق پنهنجي دماغ ۾ اوتي، ان جو تولو ساڻ کڻي، ان جي خوشبو جا وڻ سنڌين کي سونگهايا، ڏيکاريا ۽ ٻڌايا. هو سياح وانگر سياحت ڪندڙ به آهي ۽ سفر ڪندڙ جيئان مسافر به آهي. هن اها ڳالهه برمودا جي ٽڪنڊي تي به ڪانه ڏٺي هئي ته سندس ڇا ٿيندو ۽ هن آفريقا ۽ آمريڪا ۾ وڃي به نه ڏٺو هيو ته هو ڪٿي پهتو آهي. سڄي دنيا جا عالم ان ڳالهه تي سهمت آهن ته گڏ رهڻ، ساڻ گهمڻ، ڪتاب پڙهڻ سان انساني قدرن جي پروڙ به پئي ٿي ۽ انهن مان جيڪي بهتر آهن سي پاڻ تي لاڳو ڪرڻ جي عادت به پئي ٿي. الطاف شيخ سنڌين کي رڳو دنيا نه ڏيکاري آهي، رڳو دنيا جا قدر نه ڏيکاريا آهن، رڳو دنيا جي عوامن جي محنت باري ۾ نه ٻڌايو آهي، رڳو جپان، چين، مليشيا جي محنتي عوام بابت ئي نه ٻڌايو آهي پر انهن محنتي قومن جي ملڪن وٽ پاڻ کي پڻ مڃايو آهي. هو سنڌ جو اهو سفرناما لکندڙ ۽ مئرين انجنيئر آهي جيڪو ۷۰ ورهين ۾ ڪنهن وقت به جپان طلب ڪيو وڃي ٿو ته ”اسان کي اچي پڙهاءِ“ ۽ اهڙا سڏ پڙاڏا کيس مليشيا ۽ چين مان به اچي سندس ڪنن تي ٻُرن ٿا. انگريز چون ٿا ته ”جيڪو گهمي نه ٿو سگهي اهو سکي نه ٿو سگهي“. چين ۾ چوندا آهن ته ”سفر جون ڏنگايون ۽ چڱايون گهر واپس اچڻ تي پراڻي وهاڻي تي ٽيڪ ڏيڻ واري گهڙيءَ وڌيڪ فرحت بخشين ٿيون“ آمريڪي چون ٿا ته ”جنهن بهتر ملڪ گهميا ته اهو بهتر سکندو پر جنهن جي ڀاڳ ۾ خراب ملڪ گهمڻ ۾ اچي ويا ته مسافر انهن مان لطف وٺي سگهن ٿا.“ جرمني ۾ چوندا آهن ته ”دنيا ۾ پنهنجي وطن کان پري، اڻ واقف شهر ۾ صبح جو اڪيلو اٿڻ جهڙو مزو، ٻيو ڪٿي به ڪونهي.“ الطاف شيخ پنهنجي سڄي ڄمار جيئرو رهڻ جو انتظار ڪرڻ بدران زندگيءَ جي هر گهڙيءَ، هر لحظي ۽ هر لمحي مان مزو به ورتو آهي ۽ جيڪي سکي سگهيو آهي، اهو سنڌين کي لکي ڏنو آهي. هن کي اها خبر آهي ته ويهه ورهيه ڪجهه نه ڪرڻ ۽ ويهه ورهيه پوءِ ان تي پڇتائڻ بدران سڀ ڪجهه اڄ کان ئي شروع ڪرڻو آهي. سنڌ لاءِ الطاف شيخ ”دنيا جو سونهون آهي.“ سنڌي ادب ۾ هو ”سفرنامن جو قليچ بيگ“ آهي. هن ڏيهه ڏيهه جي وڻ وڻ منجهان واسُ وٺي سنڌ کي عطا ڪيو آهي. غربت ماري سنڌ جي زمين جا لکين پڙهيل سندس ٿورائتا آهن، جنهن جي لکڻين جي ڪري اهي نوجوان ۽ هر عمر جا انسان دنيا جي باري ۾ ڄاڻ رکن ٿا. سنڌ، الطاف شيخ جي ڪري اڻ ڄاتي دنيا کي ڄاڻڻ شروع ڪيو آهي. هن جي ڪيل لکين ميلن جي مسافري ۽ سندس هٿن سان لکيل لکين اکرن جا ڪتاب سندس محنت ۽ عظمت جي جيئري گواهي آهن. روزاني ”عوامي آواز“ پاران سنڌ جي سرجڻهار، سامونڊي انجنيئر، پروفيسر، ۷۸ سنڌي، اردو ۽ انگريزي سفرنامن لکندڙ مانواري الطاف شيخ جي ۷۰ سال شروع ٿيڻ تي، سندس جيئري ڀيٽا پيش ڪندي سندس جنم ڏينهن تي لک لک واڌايون ڏيندي پاڻ کي وڌيڪ باعزت سمجهئون ٿا. شال سدا خوش ۽ آباد هجي. ايڊيٽوريل؛ روزاني ”عوامي آواز“ خميس ۱۴ نومبر ۲۰۱۳ع / ۹ محرم ۱۴۳۵ھ الطاف شيخَ کان انٽرويو پروفيسر ڪوثر ميمڻ پاڻي جا جهاز هلائيندڙ ۽ سفرناما لکندڙ مـشهور شخصيت الطاف شيخ هڪ ٽيچر پڻ آهي. هن نوڪريءَ جا آخري ويهه سالَ باقاعدگي سان پڙهايو ۽ مختلف نيول اڪيڊمين ۾ ”مئرين انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ“ جو هيڊ ٿي رهيو. رٽائرمينٽ کانپوءِ به هو اڄ تائين وزٽنگ پروفيسر جي حيثيت سان دنيا جي مختلف يونيورسٽين ۽ تعليمي ادارن ۾ نه فقط جهاز سازي تي پر سنڌي سفرنامي تي به ليڪچر ڏيندو رهي ٿو. الطاف شيخ ۱۴ نومبر ۱۹۴۴ع تي هالا ۾ ڄائو. مئٽرڪ ۽ انٽر ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان ڪرڻ بعد هن مئرين انجنيئرنگ (جهازن جي انجنيري) چٽاگانگ، بنگلاديش (ان وقت مشرقي پاڪستان) مان ڪئي ۽ پوءِ پوسٽ گرئجوئيشن WMU يونيورسٽي، مالمو (سئيڊن) مان ڪئي. ۱۵ سال کن لڳاتار دنيا جي سمنڊن تي، مختلف قسمن جا جهاز هلائڻ بعد هن ملائيشيا ۾ ڪناري جي نوڪري اختيار ڪئي. پاڻ ۷۵ کان مٿي ڪتابن جو مصنف آهي سندس ڪالم پاڪستان ملائيشيا ۽ جپان جي اخبارن ۾ ايندا رهن ٿا. سندس زال مستوران گهلو دادو جي آهي ۽ کين ٻه ٻار مريم (جيجل) ۽ مارئي آهن. هتي گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج نواب شاهه جي ليڪچرر مئڊم ڪوثر ميمڻ جي ڪراچيءَ ۾ساڻن ٿيل ڳالهه ٻولهه جو احوال ڏجي ٿو. (ادارو) ڪوثر:- ڇوڪرين جي تعليم بابت توهان جا ڇا ويچار آهن؟ الطاف:- تعليم هر انسان لاءِ ضروري آهي. تعليم يافته ڇوڪري سٺي ماءُ ٿي ٻارن جي صحت، اخلاق ۽ تعليم جو خيال ڪري ٿي، سٺي زال بنجي مڙس جي ڪمائيءَ موجب سٺي نموني گهر هلائي ٿي ۽ گهر جي ماحول کي خوشگوار بنائي ٿي. ۽ منهنجي تعليم مان اها مراد هرگز نه آهي ته نه ڪاليج اٽينڊ ڪجي نه يونيورسٽي وڃجي، رڳو ڪاپي ڪري ڊگري حاصل ڪجي... جيڪا ڳالهه اسان وٽ عام ٿي پئي آهي. ڪوثر:- ڇا ڇوڪرين کي نوڪري ڪرڻ کپي؟ الطاف:- ضرور ڪرڻ کپي. ان سان هن ۾ اعتماد به اچي ٿو. هن مهانگائيءَ جي دؤر ۾ هوءَ پئسي ڏوڪڙ جي معاملي ۾ به مڙس جي مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي ۽ نوڪري ڪندڙ عورت جي، گهر ۾ توڙي ٻاهر عزت رهي ٿي. پر اسان وٽ اها افسوس جي ڳالهه آهي ته ڪيترون ڇوڪريون ڊاڪٽر ۽ انجنيئر ٿيڻ بعد به نوڪري نٿيون ڪن. هو پنهنجو به نقصان ڪن ٿيون ته غريبن سان به ظلم ڪن ٿيون. اهو هن ريت جو ان کان بهتر هو ته ڪنهن ٻي ڇوڪريءَ کي پڙهڻ ڏين ها جيڪا ڊاڪٽر يا انجنيئر ٿي ملڪ جي خدمت ڪري ها. ڪوثر:- ڪيتريون ڇوڪريون پاڻ ته نوڪري ڪرڻ چاهين ٿيون پر سندن مڱيندا يا مڙس کين نوڪري ڪرڻ کان جھلين ٿا. الطاف:- آئون اهو هرگز نه چوندس ته پنهنجي مڙس جي ڳالهه نه مڃجي يا ان سان ضد ڪجي. پر ايترو آهي ته هو پاڻ يا خاندان جي ڪنهن سلجھيل فرد معرفت هن کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهي ٿي. ڪيترا اهڙا قصا به عام آهن ته شاديءَ مهل مڙس وڏا قرب جتائي زال کي چوندو آهي ته تون گهر ۾ راڻي ٿي رهه ۽ توکي نوڪري ڪرڻ جا ڪا ضرورت ناهي. پوءِ اهو ئي مڙس ڪجهه سالن بعد زال کي ڀنگياڻي به نه سمجھندو آهي. ۽ پوءِ زال پنهنجي ۽ پنهنجي ٻارن جي جياپي لاءِ دربدر ٿيو وڃي. پنج ڇهه سالن جي Gap ڪري کيس نوڪري به نٿي ملي جيڪا هڪ فريش گرئجوئيٽ کي ته سولائيءَ سان مليو وڃي. ڪوثر:- بيروزگاري جو زمانو آهي اسان وٽ ته نوڪري به ڏکي ٿي ملي؟ الطاف:- بلڪل صحيح ٿا چئو. نه رڳو پنهنجي ملڪ ۾ پر ٻاهر ولايت ۾ به اهو حال آهي. جپان، ڪوريا، ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ به انهن جا پنهنجا نوجوان نوڪرين خاطر واجھائيندا وتن. ان هوندي به آئون ڏسان پيو ته اسان جي ملڪ جا پڙهيل ڳڙهيل ولائت ۾ به سٺين سٺين نوڪرين ۾ آهن. انڊيا ۽ بنگلاديش جون ته ڪيتريون ئي ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا ملائيشيا، جپان سنگاپور ويندي عرب ملڪن ۽ آمريڪا ۽ يورپ ۾ سٺن Jobs ۾ آهن. ڪوثر:- ڇو ڀلا اسان جي گرئجوئيٽ کي سٺي ۽ سولائيءَ سان نوڪري نٿي ملي؟ الطاف:- اهو ان ڪري جو اسان جي اسٽوڊنٽ وٽ ڊگري جو ڪاڳر ته آهي پر هن کي ان سبجيڪٽ ۾ نه دسترس آهي ۽ نه تجربو ۽ ڄاڻ. مونکي ياد آهي ته اسي واري ڏهي ۾ جڏهن آئون ملائيشيا ۾ هوس ۽ ملائيشيا تيزي سان وڌي رهيو هو ته هنن ڪيترن ئي اسان جي ڊاڪٽرن کي نوڪريون ڏنيون پر نوي فيصد کان به مٿي موٽي آيا جو هنن کان ڳوٺن ۾ رهي اڪيلي سر ڪم نٿي پڳو. ڊاڪٽري جي ڊگري ۽ هائوس جاب ڪرڻ جو سرٽيفڪيٽ هجڻ جي باوجود هنن کي ڊاڪٽري جي صحيح ڄاڻ نه هئي. نتيجي ۾ هو پاڻ ئي ڀڄي ويا. سندن ان ڪوتاهيءَ ڪري اڄ به ڪيترن ملڪن ۾ رهندڙ اسان جي ملڪ جا بزنيس مان ۽ ڪارخانن جا مالڪ پنهنجن هم وطنين کي نوڪري نٿا ڏين. هو انهن کان وڌيڪ بنگلاديش، انڊيا، سري لنڪا، فلپين ۽ ڪوريا وغيره جي نوجوانن کي ترجيح ڏين ٿا، جيڪي پنهنجي پنهنجي فيلڊ جا ڄاڻو آهن، گهٽ پگهار تي به راضي رهن ٿا، محنتي آهن ۽ ڳالهه ڳالهه تي ڦڏو يا موڪل نٿا ڪن. جنهن ڪري کين نوڪري ڏيڻ وارو مالڪ يا ادارو به خوش ۽ سُڪون ۾ رهي ٿو. ڪوثر:- پنهنجي فيلڊ ۾ سٺو ٿيڻ لاءِ هڪ شاگرد کي ڇا ڪرڻ کپي؟ الطاف:- هن کي پنهنجي پنهنجي سبجيڪٽ ڊاڪٽري، انجنيري، سائنس، I.T، مئٿس يا جيڪو به هجي ان جي تات هجڻ کپي. ان ۾ ماهر ٿيڻ کپي. رڳو ڊاڪٽري يا انجينري پاس ڪرڻ ۽ ڊگري حاصل ڪرڻ ضروري ناهي پر مٿانهين پوزيشن حاصل ڪرڻ اهم آهي. ان لاءِ هن کي سال جو هڪ هڪ ڏينهن محنت ڪرڻ کپي. هڪ مثال ٿو ياد اچيم: ملائيشيا ۾ نوڪرين جي چونـڊ لاءِ اتي جي مڪاني ملئي آفيسرن سان گڏ ڪجهه سال آئون به انٽرويو جي پئنل تي رهيس. ڊاڪٽري ۽ انجنيئري جي نوڪري لاءِ اسان جي ملڪ جا آيل ڪجهه اهڙا به اميدوار ڏٺم جن وٽ ڊاڪٽري يا انجنيئري جي ڊگري ته هئي پر ان سان گڏ M.A انگريزي، هسٽري يا ايڪانامڪس جي ڊگري به هئي.... سا به ساڳي سال ۾ حاصل ڪيل! مون سان گڏ منهنجا ملئي آفيسر دوست به ان ڳالهه تي تعجب کائيندا هئا. مزي جي ڳالهه ته هنن کان کڻي ڊاڪٽري يا انجنيري جو سوال ڪر ته ان جو به بهتر جواب نه ڏئي سگهن! پڇ کڻي هسٽري، انگريزي يا ايڪانامڪس بابت ته ان کان به هو اڻ ڄاڻ. هنن جو سڄو زور حاصل ڪيل ڊگرين جا ڪاڳر ڏيکارڻ تي رهيو ٿي. ياد رکو ته اڄ ڪلهه ڪو به ٺلهين ڊگرين تي نوڪري نٿو ڏئي، هو دلي جي خريدار وانگر ٺوڪي ٺوڪي پوءِ پنهنجي اداري يا ڪارخاني ۾ نوڪري ڏئي ٿو. مالڪ اهو ئي ڏسي ٿو ته فلاڻي يا فلاڻي ماڻهوءَ کي رکڻ سان هو مونکي ڪيترو ڪمائي ڏيندو؟ هن کي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت به آهي يا نه؟ ڪوثر:- تنهنجي معنيٰ ته ڪا ڇوڪري ڊاڪٽري پڙهي رهي آهي ته هوءَ فقط ان سان تعلق رکندڙ ڪتابن کي پڙهي؟ الطاف:- بلڪل صحيح ٿيون چئو. مونکي LUMS جي هڪ شاگرد، غلط سلط انگريزيءَ ۾ اي ميل ڪيو ته؛ ”سائين توهان کي خوشي ٿيندي ته آئون توهان جو فئن (پرستار) آهيان ۽ مون توهان جا سڀ ڪتاب پڙهيا آهن.“ جواب ۾ لکيومانس ته پُٽ مونکي خوشيءَ بدران افسوس ٿيو آهي. منهنجي ڪتابن پڙهڻ پٺيان وقت وڃائڻ بدران پنهنجا ميڊيڪل جا ڪتاب پڙهه ۽ انهن ۾ ڀڙ ٿي ته اها سٺي ڳالهه آهي. فائنل ييئر تائين پهچي ويو آهين پر انگريزيءَ جون ٽي سٽون به صحيح نٿو لکي سگهين. ڪوثر:- دراصل اهو به پرابلم آهي ته اسان وٽ هر ڳالهه انگريزيءَ ۾ هلي ٿي. الطاف:- نه رڳو اسان وٽ پر جتي ڪٿي انگريزي هلي ٿي. ترڪيءَ کان وٺي جپان تائين انگريزيءَ کي مانُ ڏنو وڃي ٿو. اسان اجايو سنڌي سنڌي يا اڙدو اڙدو جي تسبيح پڙهون ٿا. اهي زبانون ته هونءَ به هر ڪو سکيو وڃي. حقيقت اها آهي ته اڄ به ڪورٽ ۾ درخواست ڏيڻي هجي يا ايئر لائن جي هوسٽس يا اسٽيورڊ جو انٽرويو... هر ڪارروائي انگريزيءَ ۾ٿئي ٿي. ڪجهه سالَ اڳ ملائيشيا وارن اسڪولن ۾ پڙهائي جو ميڊيم ملئي زبان ڪيو. ٻن سالن بعد توبهه ڪري وري انگلش ڪيائون ته اها بين الاقوامي زبان آهي. ان جي ڄاڻ ڪري ته ملائيشيا جا ماڻهو دنيا ۾نوڪري ۽ تعليم وٺن ۽ ڏين ٿا نه ته انڊونيشيا به ساڳيو ملڪ آهي جتي انگريزي بدران ڊچ آهي ته هو فقط ۽ فقط هالنڊ وڃي سگهن ٿا جتي ڊچ ڳالهائي وڃي ٿي. ڪوثر:- توهانجو مطلب آهي ته اسان وٽ هر اسٽوڊنٽ کي چاهي هو ميڊيڪل جو هجي يا انجنيئرنگ جو ته پنهنجي بهتر مستقبل لاءِ انگريزي سڌارڻ کپي. الطاف:- جي ها! ڇو جو انٽرويو وٺڻ دوران مون ڪيترا پنهنجي وطن جا اميدوار ڏٺا جيڪي هوشيار هوندي به اها نوڪري حاصل ڪري نه سگهيا جو انٽرويو ۾ پڇيل سوالن جا ڦڙ ڦڙ (Fluent) انگريزي ۾ جواب نه ڏيڻ ڪري انٽرويو وٺندڙن کي متاثر نه ڪري سگهيا. ساڳي وقت سٺي انگريزيءَ ڪري ڪڏهن ڪڏهن بيوقوف ۽ ڇسا فلپيني ۽ سري لنڪن به چونڊجي ويا ٿي. هونءَ اڄ جي اسٽوڊنٽ کي آئون اها نصيحت ڪندس ته ڪمپيوٽر تي وقت نه وڃائين. ڪوثر:- پر ڪمپيوٽر ته اڄ جي دؤر جي اهم شيءِ آهي. الطاف:- بلڪل اهم ۽ ضروري شيءِ آهي جيڪا هر هڪ کي اسڪول جي ڏينهن کان ئي سکڻ کپي. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسان وٽ ڪمپيوٽر جي معنيٰ چئٽ ۽ معاشقو ڪرڻ ٿي پئي آهي، فيس بڪ کولي وهڻ يا خراب ويب سائيٽون ڏسي پنهنجو اخلاق برباد ڪرڻ عام ڳالهه ٿي پيو آهي. رحم جوڳي ڳالهه اها آهي ته اسان وٽ والدين کي نه وقت آهي نه ڪمپيوٽرن جي سٺاين خرابين جي ڄاڻ... ۽ نه پنهنجي اولاد کي Monitor ڪرڻ جي توفيقَ ته هو ڪمپيوٽر کولي ڇا ويٺو ڪري. ڳوٺن ۾ جنهن گهر ويندو آهيان ته گهر جي وڏڙي وڏي فخر سان ٻڌائيندي آهي ته هن جي ٻارن کي ڪمپيوٽر هلائڻ اچي ٿو ۽ پوءِ ويب سائيٽ هسٽري کي Check ڪري ڏسندو آهيان ته شرم ايندو آهي. ٻين ملڪن ۾، ويندي انڊيا ۾ اسان کان وڌيڪ Awareness آهي. اتي جي ٻارن حوالي به ڪمپيوٽر آهن پر ان تي هو تعليمي ۽ ڪم جون ويب سائيٽ ڏي ڌيان ڏين ٿا، فوٽو شآپ جهڙا مختلف پروگرام سکن ٿا، جيئن اهي سندن روزگار جا به ذريعا ثابت ٿي سگهن. محنت ڪري ڏهن ئي آڱرين سان ٽائيپنگ سکن ٿا. سري لنڪا ۽ بنگلاديش ۾ ته ڪيتريون ئي ڇوڪريون اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن لاءِ گهر ويٺي، روزانو ڪيترا ئي صفحا ڪمپوز ڪري گهر جو يا پنهنجي پڙهائيءَ جو خرچ ڪڍن ٿيون. ڪوثر:- توهان جو درس تدريس سان وڏو عرصو واسطو رهيو آهي. توهان جي خيال ۾ سٺي شاگرد لاءِ ڇا ضروري آهي؟ الطاف:- سڀ کان اهم شيءِ آهي ڪلاس ۾ ڌيان سان ليڪچر ٻڌڻ ۽ پوءِ گهر ۾ صحيح وقت تي ان کي پڙهڻ يا ياد رکڻ ۽ اهو ڪم روز جو روز هجڻ کپي. پر اسان وٽ ائين ناهي. ڪيترا ئي اسٽوڊنٽس سڄو سالُ وقت برباد ڪندا رهندا ۽ پوءِ امتحانن کان مهينو اڌ اڳ هڻ وٺ ڪندا. تازو هڪ گهر ۾ وڃڻ ٿيو. امتحان ۾ فيل ٿيندڙ ڇوڪريءَ لاءِ مائٽن کي چيم ته هن پڙهيو نه هوندو. ان تي ڇوڪريءَ جي ڏاڏيءَ امتحان وٺندڙن کي پِٽون ڏيندي ٻڌايو ته امتحانن جي ڏينهن ۾ هوءَ سڄي سڄي رات ويهي پڙهندي هُئي. ”آئون جنهن وقت فجر نماز لاءِ اٿندي هيس ته ان وقت هوءَ ڪتاب ٺپي سمهڻ ويندي هئي.“ هاڻ ان قسم جي اسٽوڊنٽس کي ڪير سمجھائي ته سڄي رات جاڳي پڙهڻ کان بهتر آهي ته سوير سمهي رهجي ۽ فجر مهل اٿي فريش دماغ سان پڙهجي ته بهتر آهي. آئون پنهنجن نيوي جي شاگردن کي هميشه طوطي جو مثال ڏيندو آهيان ته ان کي ڪجهه ياد ڪرائڻ لاءِ فجر مهل پڙهايو ويندو آهي ۽ ٻي ڳالهه ته هن جي دماغ ۾ ڳالهه تڏهن ويهندي آهي جڏهن سندس پيٽ خالي هوندو آهي. هڪ دفعي ڄام شوري ڦاٽڪ واري هوٽل تي رات جي وقت ڪجهه شاگردن کي اڦراٽا تيار ڪرائي کائيندو ڏٺم، هنن ٻڌايو ته ”امتحان جا ڏينهن ويجھا آهن سو هو رات جو دير تائين پڙهن ٿا ۽ بک لڳڻ تي ماني کائڻ اچن ٿا.“ هاڻ ههـڙي ڳري ماني کائڻ وارا ڇا پڙهندا! هو رڳو مائٽن کي دوکو ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿا ته هو وڏي محنت پيا ڪن. هوشيار ۽ نمبر کڻڻ وارا شاگرد امتحانن جي ڏينهن ۾ آرام ڪن ٿا باقي سڄو سال مقرر وقت روزانو پڙهن ٿا. ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ ته روزانو شام جو ساڍي ستين کان ٽي وي تي پَٽي هلائي ويندي آهي ته رات جا اٺ ٿيڻ وارا آهن ٻارن کي سمهاري ڇڏيو. ملائيشيا ۾ هر هنڌ صبح جو ستين بجي اسڪول کلن ٿا ۽ ٻار سج اڀرڻ کان اڳ ننڊ مان سجاڳ ٿين ٿا. جپان ۾ وڏن شهرن ۾ به رهائشي علائقن جي گهٽين جون بتيون نائين بجي بند ٿيو وڃن ۽ ٻار ان کان اڳ سمهيو رهن. هو نه فقط سڄو هفتو سج اڀرڻ کان اڳ اٿن پر آچر ڏينهن ۽ موڪلن ۾ به سوير اٿن ۽ گهٽيءَ ۾ بيهي ڏهن منٽن لاءِ PT ڪن ۽ پنهنجي ڊائري تي گهٽي جي انچارج کان صحيح وٺن ته هو سوير ئي اٿيا. پر اسان مسلمانن جي گهرن ۾ ڇا ٿي رهيو آهي؟ سج مٿي چڙهي ايندو، مکيون پيون پٽينديون پر ٻار موالين وانگر سُتا پيا هوندا. اسڪول وارن ڏينهن ۾ به مائرون رات جو دير تائين ٽي وي ڏسنديون. ٻارن کي به جاڳائي رکنديون، ۽ پوءِ ننڊ پوري نه ٿيڻ ڪري ٻار صبح جو اوٻاسيون ڏيندا اسڪول ويندا آهن ۽ جھوٽا کائيندا گهر موٽندا آهن. هاڻ ٻڌايو ته اهڙين حالتن ۾ هو موڳا نه ٿيندا ته ٻيو ڇا ٿيندا؟ ۽ اهڙين ڳالهين ڏي ڌيان ڌرڻ مائرن جو ڪم آهي. پر هر ماءُ ٻارن جي نڪمي پڻي جو ڏوهه اڪثر مسين (ماسترياڻين) تي ٿاڦيندي نظر اينديون آهن. الطاف شيخَ جي ڳالهين مان ورتل ڪجهه وڌيڪ ٽڪرا، جيڪي اسان جي ملڪ جي مائرن لاءِ سوچڻ جي خوراڪ مهيا ڪن ٿا. · اسان وٽ مائرون ٻارن جي تعليم ۽ سڌاري تي نه ڌيان ڏين ٿيون نه محنت ڪن ٿيون. هنن جي هر وقت اها ڪوشش رهي ٿي ته هوم ورڪ به آفيس مان موٽڻ تي پيءُ اچي ڪرائي. ڪيترن گهرن جا ٻار ٽيوشن لاءِ ماسترياڻيءَ وٽ وڃن ٿا جيڪا اڪثر سندن اسڪول جي مِس هوندي آهي. ٽيوشن تي ٻارن کي سمجھائڻ بدران هنن کي سوالن جا جواب (خاص ڪري مئٿس ۽ سائنس جا) ٻڌائي هوم ورڪ جي آنگ لاٿي ويندي آهي. · اسان وٽ مائرن جو زور رڳو ٻارن کي اوچا ڪپڙا پهرڻ تي آهي. ڪيترن جي گهرن ۾ ويندو آهيان ته حيرت ٿيندي آهي ته مائرون وڏي خرچ تي ورتل اوچا ”برانڊيڊ“ ڪپڙا ٻارن کي پارائي، گد گد پيون ٿينديون آهن ته هنن جا ٻار ڪيڏا ته سهڻا ۽ سمارٽ پيا لڳن! اڙي بابا هنن کي لکڻ پڙهڻ ته سيکاريو. ڪلاس ٽو يا ٿري تائين پهچي ويا آهن پر p کي q پيا لکن... ننڍيون دعائون يا قرآن جون سُورتون به ياد نه اٿن... اها فضيلت نه اٿن ته ويهي کائجي... آرام سان پاڻي پيئجي ۽ وڏن سان ڪيئن ڳالهائجي! ٻار جي سنگهه وهي وات ۾ پئي ويندي، وڏن سان تون تون ڪري پيو ڳالهائيندو پر ان تي مائرون نه ڌيان ڏينديون، نه محنت ڪنديون! باقي رڳو زور جاگر جوتا ۽ اوچا ولائتي ڪپڙا پهرائڻ تي.. ڇو جو انهن ڳالهين تي کين محنت نٿي ڪرڻي پوي، جو مڙس جي حرام جي ڪمائيءَ مان هر شيءِ اچيو وڃي. · اسان وٽ عورتن کي ڪچهري ۽ پرائي پچارن کان فرصت ئي نٿي ملي جو ٻارن کي پاڻ وٽ ويهاري اسڪول ۾ پڙهيل سبق کي ڀيرو ڏيارين ۽ لکرائين، جيئن هنن جي هئنڊ رائيٽنگ به سٺي ٿئي. بلڪ ٻارن کي دڙڪو ڏئي ٻاهر ڪڍي ڇڏينديون ته وڃي گهٽي ۾ ٻين ٻارن سان راند ڪريو. ۽ پوءِ ٻار ٻاهر وڃي ڪنهن ڪوچ جي نظر هيٺ ڪرڪيٽ، والي بال يا ڪا اسپورٽ ڪونه ٿا سکن پر هڪ ٻئي کان گنديون ڳالهيون ۽ گاريون ٿا سکن. سڌريل ملڪن ۾ توهان کي ائين گهٽين ۾ ٻار نظر نه ايندا. هو موڪل واري ڏينهن تي مائرن سان گڏ گڏ نظر ايندا جيڪي هنن کي قدم قدم تي معلومات جون ڳالهيون ٻڌائيندي نظر اينديون. · اسان وٽ جنهن به گهر ۾ وڃ ته مهمان جي آڌر ڀاءَ ڪوڪا ڪولا، پيپسي يا ڪنهن ٻئي ايئريٽيڊ مشروب سان ڪئي وڃي ٿي. خبر ناهي هيءَ وبا سنڌ ۾ ڪيئن آئي. گهر گهر ۾ ڊاڪٽر ٿي ويا آهن پر ڪنهن کي به اهو هوش ناهي ته هي مشروب ڪيڏو خطرناڪ آهي جنهن ۾ هيڪاندي شگر آهي ۽ جنهن جا ٻيا ڪيميڪل انسان جي جسم جو ڪئلشيم ڳاريو ڇڏين. وڏا ته وڏا ننڍا به سڄي سڄي بوتل چٽ ڪريو وڃن. ڪوڪا ڪولا جو يهودي مالڪ سئيڊن جو آهي پر سئيڊن ۾ ان جي قيمت سڀ کان گهڻي رکي وئي آهي جيئن ماڻهو گهٽ واپرائين. سئيڊن جي ماڻهن کان پڇندائو ته هو اهو ئي ٻڌائيندا ته هو سال ۾ هڪ يا ٻه دفعا ٿا پين. آئون جنهن اداري سان سئيڊن ۾ وابسته هوس اتي جي ميس ۾ فقط ڪرسمس ڊي تي ڊنر تي منو گلاس ڪوڪا ڪولا يا سيون اپ جو Serve ٿيندو هو! · پڙهڻ ۾ رڌل رهڻ سان منهنجو مطلب اهو هرگز ناهي ته شاگرد هر وقت ڪتاب کڻيو ويٺا هجن. هنن لاءِ صحتمند راند روند ۽ جسماني ورزش به ضروري آهي پوءِ کڻي اها ڊگهي واڪ هجي يا جاگنگ. ڇوڪريون اها کوٽ گهر ۾ ڪم ڪار ڪري پوري ڪري سگهن ٿيون. ملائيشيا ۾ اسان جي ڳوٺ جي هڪ ڊاڪٽرياڻيءَ کي تمام سٺي نوڪري ملي پر هوءَ جلدي ئي واپس موٽِي آئي! ڇو؟ ڇو جو هن کي ماني پچائڻ نٿي آئي ۽ ملائيشيا جي حڪومت هن کي بورچياڻي آڻڻ جي ويزا نٿي ڏئي سگهي! ڪيڏي حيرت جي ڳالهه آهي! ٻيا ملڪ ته ڇڏيو پر سئيڊن، ناروي، ڊئنمارڪ جهڙن ملڪن جون وڏن عهدن تي فائز عورتون به رڌ پچاءُ پاڻ پيون ڪن. دادو شهر جي هڪ گهر ۾ ويس. ماءُ ۽ پوڙهي ڏاڏي منهنجي اچڻ جي خوشيءَ ۾ ڪڏهن پڪوڙا پيون ٺاهين ته ڪڏهن چانهه وغيره. ۽ سندن فرسٽ ايئر جي ڇوڪري صوفي تي اڌ گابرو ليٽي، لڳاتار ڪنهن کي SMS ڪري رهي هئي ۽ آيل جواب پڙهي خوش ٿي رهي هئي. مون ڇوڪريءَ جو نالو وٺي هن جي ماءُ کي چيو توهان ڇو پيون تڪليف ڪريو پنهنجي ڌيءَ کي اٿاريو ته اٿي چانهه ٺاهي ۽ پاڻي پياري. ”نه سائين اسان نٿا چاهيون ته هن جو پڙهائيءَ کانسواءِ ڪنهن ٻي ڳالهه تي وقت ضايع ٿئي.“ هن وراڻيو. ”ٺهيو! اڄ ڪلهه دنيا جي ملڪن جا ڇوڪرا به پيا رڌ پچاءُ سکن، جو خبر ناهي ته ڪٿي نوڪري ڪرڻي پوي ۽ ڇا حالتون هجن!“ مون دل ئي دل ۾ سوچيو. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسانجي ڇوڪرين کي ڪو هنر سکڻ يا سخت جان ٿيڻ کان روڪيو پيو وڃي! ۽ اسانجي ڇوڪرن جي وري ڪهڙي ڳالهه ڪجي! اهي ته وري اتر ٿا لهن. هنن کان ڇوڪرين جيتري به پڙهائي نٿي پڄي. نه وري ٿا ڪا ذميواري محسوس ڪن. هنن جو هر وقت ڌيان اوچي موبائيل فون رکڻ ۽ ڪَلفُ لڳل ڪپڙا پائي خوابن جي دنيا ۾ رهڻ تي آهي. ڪاش اسانجا اسٽوڊنٽس ترقي يافته ملڪن جپان وغيره، يا ترقي ڪندڙ ملڪن ملائيشيا وغيره، يا ويندي ايران ۽ انڊيا جي ئي شاگردن کي ڏسي ڪجهه سکي سگهن ۽ هو اهو محسوس ڪن ته مقابلي جو دؤر آهي جنهن ۾ ڪاميابي فقط اهي ماڻي سگهندا جيڪي صحيح معنيٰ ۾ تعليم حاصل ڪري امتحان پاس ڪندا سو به مٿانهين پوزيشن ۾، ۽ زندگي ۾ درپيش ايندڙ Challenges کي منهن ڏئي سگهندا. الطاف شيخ جو انٽرويو ڪاوش اخبار طرفان انٽرويو وٺندڙ: رشيد ميمڻ بتاريخ ۲۱ جون ۲۰۱۲ع ادب، تاريخ، ثقافت ۽ تهذيب جي حوالي سان دنيا ۾ سڃاتي ويندڙ سنڌ ڪن اهڙن شخصيتن کي به جنم ڏنو آهي، جن پنهنجي فن، لکڻين، ادب ۽ ڏات ذريعي پوري دنيا ۾ پنهنجو نالو منورڪيو آهي. اهڙين ئي شخصيتن مان هڪ نالو الطاف شيخ جو به آهي، جيڪو سنڌي ٻولي جو سڀ کان وڌيڪ سفر ناما لکندڙ ۽ سنڌ جو درد رکندڙ آهي. ڪاوش اخبار کي انٽرويو ڏيندي هن چيو آهي ته سنڌ ۾ تعليم جو معيار ڏينهون ڏينهن ڪِري رهيو آهي، نوجوانن کي صحيح تعليم ئي نٿي ملي، ان ڪري سنڌ سميت سڄي ملڪ جي نوجوانن جي اهليت ۽ قابيلت تمام گهٽ آهي. ملائيشيا ۾ سنڌ کان به گهڻي وڏيراشاهي هوندي به اُهو ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي، ڇو جو اتي جو هر وڏيرو پنهنجي ڳوٺ ۾ تعليم ۽ صحت جو اعليٰ معيار قائم رکڻ کي پنهنجو شانُ ۽ مانُ سمجهي ٿو، هو پنهنجي ڳوٺ جي ماڻهن کي خوشحال ڏسڻ چاهي ٿو پر هتي اسان وٽ سنڌ ۾ ائين نه آهي. ڪاوش پاران پڇيل سوال ته توهان ڇا ٿا سمجهو ته سنڌ جي نوجوانن ۾ ادب يا لکڻ سان اهو چاهه آهي جيڪو هئڻ گهرجي؟ جي جواب ۾ هن چيو ته بلڪل ناهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته اڄ تمام گهڻا ئي سٺا اديب، شاعر، صحافي ۽ پڙهيل ڳڙهيل نظر اچن ٿا پر جيڪا اڄ سنڌ جي آدمشماري آهي ۽ جيترا تعليمي ادارا آهن، ان جي مقابلي ۾ اهو تعداد بنهه گهٽ آهي. اسان جي گهڻي ڀاڱي نوجوان کي لکڻ ته ڇا پر پڙهڻ جو به شوق ناهي، هن کي صحيح تعليم ئي ڪانه پئي ملي ۽ نه ڪو صحيح پڙهڻ جو ماحول اٿن. نه استادن کي احساس آهي ۽ نه مائٽن کي الڪو آهي. اهو ڀلا ڪيئن؟ جي جواب ۾ هن چيو ته ٻين ملڪن کي ته ڇڏيو توهان رڳو ممبئي يونيورسٽي ۾ هفتو کن رهي ڏسو ته احساس ٿيندو ته اتي جي شاگردن ۽ تعليمي ماحول ۽ اسان ۾ ڪيڏو فرق آهي. اسان وٽ به ڪنهن زماني ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ اهو ماحول هو، جيڪو مون ۶۰ع جي شروع وارن سالن ۾ به ڏٺو، جڏهن منهنجا ڪلاس ميٽ پيٽارو مان انٽر ڪري سنڌ يونيورسٽي ۾ آيا هئا. آئون دنيا جي مخلتف ملڪن ۾ پڙهائڻ لاءِ ويندو رهان ٿو. ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچر ڏيڻ دوران منهنجي دل ۾ هميشه اها خواهش پيدا ٿيندي آهي ته ٻين ملڪن ۾ وڃڻ ۽ رهڻ ته مهانگو آهي پر ڪاش هر مهيني سنڌ يونيورسٽي جي ڪجهه استادن ۽ شاگردن کي هفتي جي ٻن ٽن ڏينهن لاءِ ممبئي يونيورسٽي ۾ مهمان طور رهايو وڃي جيئن هو ڏسي سگهن ته اتي ڪيئن پڙهائي ٿي رهي آهي، صبح شام ڪلاس پيا هلن، ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون رات جو ڏهين تائين لائبريري ۾ ويٺا آهن، ڪو هنگامو ناهي، ڪو جهيڙو ناهي... ته جيئن اسان کي پنهنجين ڪوتاهين جو احساس ٿئي. کوکرا پار کان ممبئي پهچڻ ۽ ممبئي يونيورسٽي جي گيسٽ هائوس ۾ رهڻ جو ڪو خاص خرچ به نه آهي. سفر ناما لکڻ جو شوق توهان کي ڪيئن ۽ ڪڏهن ٿيو، توهان ڪهڙي شيءِ کي ڏسي ان جي شروعات ڪئي؟ واري سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سفرنامن لکڻ کان اڳ مون کي ڪهاڻيون، افسانا ۽ مضمون لکڻ جو شوق هو. ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ جيتوڻيڪ انگريزي ۾ تعليم ڏني ٿي وئي پر ٻين وانگر آئون به اٺين ڪلاس کان انگريزي ناولن ۽ رسالن سان گڏ اڙدو ۽ سنڌي به تمام گهڻا پڙهندو هئس ۽ ڪجهه ڪجهه لکندو به هئس. جهاز جي نوڪري شروع ڪرڻ بعد مون وڌيڪ لکڻ شروع ڪيو، جو انهن ڏينهن ۾ سوئيز ڪئنال بند هو. انگلينڊ، يورپ، آمريڪا يا ڪئناڊا پهچڻ لاءِ اسان کي جهاز کي آفريڪا کنڊ جي چوڌاري ڦيرائي وٺي وڃڻو پيو ٿي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٽيهه چاليهه ڏينهن به سمنڊ تي هلڻو پيو ٿي. وقت پاس ڪرڻ لاءِ مون پڙهڻ ۽ لکڻ تي زور ڏنو ۽ سمنڊ ۽ بندرگاهه تي جيڪي ڳالهيون ٻڌڻ ۽ ڏسڻ لڳس انهن جو احوال لکڻ لڳس. توهان سنڌ جي تاريخي ماڳن، تاريخ جي مسئلن تي ڪهڙي طرح پنهنجي سفرنامن ۾ لکيو آهي يا نه؟ سوال جي جواب ۾ الطاف شيخ چيو ته افسوس جو مون سنڌ جي تاريخي ماڳن، تاريخ يا مسئلن تي نه لکيو آهي، ان ڪري جو مون تعليم به سنڌ کان ٻاهر بنگال ۽ سئيڊن ۾ ورتي ۽ نوڪري به ٻاهر ڪئي، هاڻ جڏهن پوڙهو ٿيو آهيان ته سنڌ جا تاريخي ماڳ ڏسڻ جو شوق ٿيو آهي. جواني جي ڏينهن ۾ جيتوڻيڪ منهنجو خيرپور، سکر، لاڙڪاڻي وغيره تمام گهڻو وڃڻ ٿيو ٿي پر ان وقت ڪوٽڏيجي قلعو، معصوم شاهه جو منارو يا موهن جو دڙو ڏسڻ بدران اتي پنهنجن ڪلاس ميٽن؛ شوڪت جماڻي، نجم قاضي، عاشق شاهه، اختر عباسي وغيره جن سان ملڻ، ڪچهري ڪرڻ يا ڪرڪيٽ کيڏڻ هوندو هو. توهان کي سفرناما لکڻ ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون پريشانيون پيش آيون يا اچن ٿيون؟ جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته هڪ ليکڪ ۽ خاص ڪري هڪ فوٽو جرنلسٽ جي حيثيت ۾ آئون تڏهن ئي صحيح ۽ بهتر لکي ۽ ڄاڻ مهيا ڪري سگهان ٿو جڏهن آئون هر قسم جي ماڻهن ۽ ماڳن تي وڃي پاڻ مشاهدو ڪريان. مون کي سفرنامو لکڻ لاءِ نه فقط مولوين ۽ عالمن سان ملڻو پوي ٿو ۽ نه فقط مسجدون ۽ يونيورسٽيون ڏسڻيون پون ٿيون پر چورن، ڌاڙيلن، سياستدانن، ٻاون، پنڊتن، سدا سهاڳڻين، گيشائن ۽ ماماسانن سان به ملڻو پوي ٿو ۽ پوءِ ڪنهن سدا سهاڳڻ جي ڳالهه ٻڌي ماڻهو مون کي Play Boy سمجهن ٿا. سنڌي ادبي بورڊ وارا ته منهنجو اهڙو سڄو پئراگراف ئي ڪٽيو ڇڏين، جنهن ۾ لفظ سدا سهاڳڻ ٿو اچي ۽ پوءِ ڀلي کڻي ان جي ڪا نصيحت واري ڳالهه هجي. پير پاڳاري سان ملڻ تي ماڻهن کي اهو اعترض ٿيندو هو ته آئون هالا جي مخدومن بدران پير پاڳاري جو مريد ٿيو آهيان. ايران وڃي سفرنامو لکڻ تي ڳوٺ جي هڪ مولوي مون لاءِ اهو مشهور ڪيو ته آئون شيعو ٿيو آهيان ۽ متعي جي شادي کي Justify پيو ڪريان. مون جڏهن کانئس پڇيو ته ڇا هن منهنجي ڪتاب ”ايران ڏي اڏام“ ۾ اهو مضمون ”متعي جي شادي“ پڙهيو آهي ته هن وراڻيو ته ”نه! ڳوٺ جا ماڻهو ٿا چون“. سو بهرحال اسان جهڙو ملڪ جنهن ۾ رڳو نفرتون ئي نفرتون آهن، جتي تعليم ۽ سهپ گهٽ آهي، اتي هر لکڻي تي ڪونه ڪو ناراض ٿئي ٿو ۽ لکندڙ جي پريشاني جو سبب بڻجي ٿو. هڪ پڙهندڙ چيو ته تون جماعت اسلامي جو ماڻهو آهين. وراڻيومانس ته منهنجو ته ڪنهن به سياسي پارٽي سان تعلق ناهي ۽ نه ئي هڪ ليکڪ يا صحافي کي واسطو رکڻ کپي، توهان کي ڪيئن لڳو ته آئون جماعت اسلامي جو ماڻهو آهيان؟ جنهن تي هن چيو ته توهان انهن جي اخبار ۾ لکو ٿا. وراڻيومانس ته آئون پڙهندڙن لاءِ لکان ٿو، ان کان وڌيڪ هلندڙ ڪا اخبار مضمون ڇپي ته آئون ان ۾ به ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. ڪاوش طرفان پڇيل سوال ته سنڌي نوجوانن جي اهليت ۽ قابليت جي ٻين ملڪن جي نوجوانن سان ڀيٽ ڪيئن ٿا ڪريو؟ جي جواب ۾ الطاف شيخ چيو ته سچي ڳالهه اها آهي ته اسان جي سنڌي نوجوانن جي اهليت ۽ قابليت تمام گهٽ آهي. نه صرف سنڌ جي پر اسان جي سڄي ملڪ جي نوجوانن جو اهو حال آهي. ان جي خبر ٻاهرين ملڪن ۾ اچي پوي ٿي، جتي اسان جو نوجوان سريلنڪا ۽ بنگلاديش جي نوجوان کان تعليمي مقابلي ۾ ته هيٺانهون شمار ڪيو وڃي ٿو پر جسماني پورهئي ۾ به سست قرار ڏنو وڃي ٿو. اسان وٽ اڻپڙهيلن ۽ ڪاپي ڪري مٿانهون مارڪون کڻڻ وارن کي نوڪري ملڻ ۽ No Work ڪلچر هجڻ ڪري، اسان جو نوجوان ٻين ملڪن جي نوجوانن جو مقابلو ڪري نٿو سگهي. اهو ئي سبب آهي جو ٻين ملڪن ۾ جيڪي پاڪستانين جا ڪارخانا ۽ فيڪٽريون آهن يا جهاز ران ڪمپنيون آهن، انهن جا مالڪ ۾ به بنگالين ۽ ڀارتين کي ته شوق سان رکن ٿا پر پنهنجي ملڪ جي ماڻهن کي نوڪري ڏيڻ ۾ گريز ڪن ٿا. بهرحال پنج ئي آڱريون برابر به نه آهن. ڪيترائي اسان جا ماڻهو ولايت ۾ سٺين نوڪرين ۾ به آهن ۽ هنن نالو روشن ڪيو آهي پر اهڙن ماڻهن جو تعداد اٽي ۾ لوڻ برابر آهي. ان کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ اسان جي نوجوان کي کپي ته يونيورسٽي جون فقط ڊگريون حاصل ڪرڻ بدران صحيح طرح تعليم حاصل ڪن ۽ پاڻ ۾ محنت جي پڻ عادت وجهن. جاپان جهڙن ملڪن ۾ ته فقط صبح جو آفيس ۾ وڃڻ جو ٽائيم مقرر آهي ۽ موڪل تڏهن ٿي ٿئي جڏهن ڪم پورو ٿئي ٿو ۽ ڪيترا دفعا گهر ايندي رات ٿيو وڃي. سنڌ ۾ تعليم جو معيار ڏينهون ڏينهن ڪِري رهيو آهي، ان کي ڪيئن بهتر ٿو ڪري سگهجي؟ واري سوال جي جواب ۾ الطاف چيو ته اها ڳالهه توهان ائين ڪري رهيا آهيو جيئن جهازن جو مالڪ ڪنهن جهاز تي هڪ ڄٽ ۽ شرابي ڪئپٽن رکي، پوءِ اُهو يا جهاز جا مسافر چون ته جهاز منزل کان ڇو ڀٽڪي رهيو آهي؟ جهاز جي ٻُڏڻ جا ڇو آثار آهن؟ منهنجي خيال ۾ تعليم جو معيار بهتر ڪرڻ لاءِ هر تعليمي اداري جو ڪئپٽن يعني ”سربراهه“ (هيڊ ماستر، پرنسپال، وائيس چانسلر، سيڪريٽري يا وزير تعليم) اهو مقرر ڪيو وڃي، جيڪو تعليمي ماهر، محنتي، ڊسيپلين رکڻ وارو ۽ پنهنجي وطن جي نوجوانن جوهڏڏوکي هجي. سنڌ ۽ ٻي دنيا جي تعليم جي معيار ۾ ڪهڙو فرق آهي، جي جواب ۾ هن چيو ته ڇا توهان سمجهو ٿا ته سنڌ ۾ ڪو تعليم جو معيار آهي؟ هن ڪمپيوٽر ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي دور ۾ ڪنهن کي خبر ناهي ته اسان جي ملڪ جي تعليم جو معيار ڇا وڃي رهيو آهي، خاص ڪري اندروني سنڌ ۾ جتي ڳوٺن جي اسڪولن ۾ گڏهه ۽ ڪتا ٻڌا پيا آهن، جتي کلئي عام ڪاپي پئي ٿئي، جتي جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ شاگرد رڳو داخلا وٺن ٿا پر باقاعدگي سان ڪلاس نٿا هلن، جتي جي يونيورسٽين ۾ جهيڙن جهٽن ڪري خوف ۽ هراس هجي ٿو! ان سلسلي ۾ الطاف صاحب ٻڌايو: ممبئي يونيورسٽي جي سنڌي ڊپارٽمينٽ وارن ”سنڌي سوسائٽي“ تي مون کي جنهن ڏينهن ليڪچر ڏيڻ لاءِ گهرايو هو، ان ڏينهن اتي جي مرهٺي ۽ انگريزي اخبار ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪنهن ٽيچر جي قتل جي خبر ڏنل هئي. ليڪچر بعد سوال جواب واري ڪلاڪ ۾ آئون هر وقت اهو سوچيندو رهيس ته ڪو شاگرد مون کان سنڌ يونيورسٽي بابت سوال نه ڪري ته اها يونيورسٽي جنهن جو وائيس چانسلر سنڌي آهي، انتظاميا سنڌي آهي، پڙهائڻ وارن ۽ شاگردن جي اڪثريت به سنڌي آهي، اتي ڇو هر وقت مار ماران ۽ بدامني لڳي پئي آهي؟ انگريزي اخبار ۾ ڏنل خبر جو هڪ جملو جيڪو هن وقت به منهنجي دل ۾ چڀي رهيو آهي جيڪو هنگامن بابت ۽ يونيورسٽي کي في الحال بند رکڻ بابت هو ته It is nothing uncommon with this university? ڪاوش طرفان پڇيل سوال ته ”هڪ ليکڪ نوجوانن جي يا معاشري جي ڪيئن رهنمائي ڪري ٿو سگهي” جي جواب ۾ الطاف شيخ چيو ته هڪ ليکڪ معاشري ۾ موجود خرابين بابت نشاندهي ئي ڪري سگهي ٿو، باقي ان کي صحيح ڪرڻ لاءِ ته هن وٽ ڪو پوليس فورس ناهي. سنڌ ۾ سفرناما نگار نه هئڻ برابر آهي، ان جو سبب ڇا آهي؟ جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ جي ڪيترن ئي نوجوانن سفرناما لکيا آهن پر اسان وٽ ڇپائڻ جو بندوبست نه هجڻ ڪري ڪيترائي سفرناما اڻڇپيل حالت ۾ آهن. اهو ان ڪري چئي رهيو آهيان، جو مهاڳ ۽ پيش لفظ لکڻ لاءِ ڪيترائي سفرناما منهنجين نظرن مان نڪتا آهن. سفرنامن يا لکڻ ذريعي ڇا مسئلن کي اجاگر ڪري سگهجي ٿو؟ جي جواب ۾ هن چيو ته بلڪل ڪري سگهجي ٿو. ڪاوش طرفان پڇيل ان سوال ته توهان جي نظر ۾ سنڌ جا اهم مسئلا ڪهڙا ڪهڙا آهن؟ جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ جا مسئلا ڪيترائي آهن ۽ تمام ڳنڀير قسم جا آهن پر جي توهان فقط ٻه چار اهم مسئلا پڇڻ ٿا چاهيو ته منهنجي نظر ۾ تعليم، عدل انصاف، امن امان ۽ روزگار آهن. سنڌ ۾ هينئر بلوچستان جهڙي صورتحال پيدا ٿي رهي آهي، ان کي توهان ڪيئن ٿا ڏسو ۽ ان جا نتيجا ڪهڙا نڪرندا؟ جي جواب ۾ هن چيو ته افسوس جو مون کي گهڻي سياسي ڄاڻ نه آهي، ان بابت ڪو سلجهيل سياستدان ئي ٻڌائي سگهي، اسان جي ڄاڻ ٽي وي جي خبرن تائين محدود آهي. ڪراچي جون حالتون بار بار خراب ڇو ٿيون ٿين، جي جواب ۾ هن چيو ته حڪومت جي چاهي ته ان لاءِ امن امان قائم رکڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي. سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي، ان کي ڪيئن ٿا ڏسو؟ جي جواب ۾ هن چيو ته منهنجي خيال ۾ اهو اسان جي چونڊيل نمائندن تي Depend ٿو ڪري ته هنن کي سنڌ ۽ عوام لاءِ ڪيترو درد آهي ۽ سنڌي ماڻهن جي جذبن جو ڪيڏو خيال آهي. اسان جي پڇيل سوال ته سنڌ جا وڏا وڏا آرٽسٽ يا اديب بيماري ۾ بيوس ڇو ٿي وڃن ٿا؟ حڪومت توڙي معاشرو سندن ڪا مدد نٿو ڪري. ڇو؟ الطاف وراڻيو؛ آئون ان خيال جو آهيان ته نه رڳو وڏن آرٽسٽن ۽ فنڪارن جي پر حڪومت کي اهڙو بندو بست ڪرڻ کپي جو هر غريب غربي جي بيماري جو علاج ٿي سگهي جيئن ٻين فلاحي رياستن ۾ ٿئي ٿو. سنڌ جي تاريخ تي تحقيق نٿي ٿئي، ان ۾ تضاد ڇو آهي؟ جي جواب ۾ هن چيو ته اهڙن سوالن جا جواب ته پروفيسر مبارڪ ۽ ڊاڪٽر الانا ئي ٻڌائي سگهندو، آئون ته فقط جهازن ۽ سمنڊ بابت ٻڌائي سگهان ٿو. ڪاوش طرفان پڇيل سوال ته ڇا توهان پوري دنيا گهمي ڏٺي آهي يا ڪو ملڪ رهيل آهي، جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته اسان لاءِ دنيا گهمڻ ائين آهي جيئن هڪ ٽرڪ ڊرائيور لاءِ جيڪو سڄو ڏينهن پيو ٽرڪ هلائي، هن لاءِ ڇا حيدرآباد، سکر يا ڇا ملتان لاهور! اهڙي طرح اسان به ۱۵ سال کن دنيا جي مختلف سمنڊن تي مخلتف جهاز، ڏينهن رات هلائيندا رهياسين. ڪن بندرگاهن ۾ ته هفتن جا هفتا گهمندا رهياسين، ڪن ۾ ته سستي، ٿڪ ۽ بيزاري ڪري جهاز تان هيٺ لهي بندرگاهه جي جيٽي تي واڪ به نه ڪيوسين. ملائيشيا ملڪ سڀ ۾ گهڻو ان ڪري پسند آيو جو اتي سنڌ کان گهڻي وڏيراشاهي هوندي به ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي. ان جو سبب؟ جي جواب ۾ الطاف چيو ته ڇو جو اتي جي هر ڳوٺ جو وڏيرو پنهنجي ڳوٺ ۾ تعليم ۽ صحت جو اعليٰ معيار قائم رکڻ ۾ پنهنجو شان ۽ مان سمجهي ٿو. هو پنهنجي ڳوٺ ۾ ڪارخانا ۽ فيڪٽريون هڻي پنهنجي ڳوٺ جي ماڻهن لاءِ روزگار مهيا ڪري ٿو ۽ هو پنهنجي ڳوٺ جي ماڻهن کي امير ۽ خوشحال ڏسڻ چاهي ٿو. ملائيشيا جو هر سياستدان عام سرڪاري بسن ۾ سواري ڪري ٿو، ولايت وڃڻ بدران ڳوٺ جي اسپتال مان علاج ڪرائي ٿو، نتيجي ۾ ملائيشيا جون بسون ۽ اسپتالون بهتر کان بهتر ٿينديون وڃن. دنيا ۽ ملڪ ۾ سڀ کان سٺا سفرناما نگار توهان جي نظر ۾ ڪير آهن؟ جي جواب ۾ الطاف چيو ته مون کي ڪيترائي پسند آهن. پنهنجن مان آغا سليم، تنوير عباسي، بيگم اختر رياض الدين، ابن انشا، اختر ممونڪا وغيره ۽ ڌارين ۾ جيمس مچنر، طاهر شاهه، وڪرم سيٺ، پال ٿيروڪس، يوني نو گچي، مڪيرو ساساڪي وغيره آهن. توهان سنڌ جي ماڻهن سان ايڏو ڪٽيل ڇو آهيو، تقريبن ۾ نٿا اچو ۽ نه ئي پاڻ ڪو پروگرام ڪرايو ٿا؟ جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ جي ماڻهن کان آئون ڪٽيل هرگز نه آهيان، خط و ڪتابت، اي ميل ۽ فيس بڪ ذريعي منهنجو جيترن سان رابطو رهي ٿو، اوترو شايد ئي ڪنهن جو هجي، هر مهيني اٽڪل ڏهه هزار پڙهندڙن سان منهنجي لفظن جي ڏي وٺ رهي ٿي، جنهن ۾ منهنجا سنڌي ۽ اردو ڪالم پڙهڻ وارن سان گڏِ ملائيشيا ۽ سنگاپور جا دوست، شاگرد ۽ پڙهندڙ پڻ اچي وڃن ٿا، جيڪي منهنجا انگريزي مضمون اتي جي اخبار ۾ پڙهن ٿا. باقي فنڪشن يا شادين مرادين ۾ گهٽ پير ڀريان ٿو، جو هڪ ته ان کي وقت جو زيان سمجهان ٿو ۽ ٻيو ڪجهه سست به آهيان. هونءَ به مون کي تنهائي وڌيڪ پسند آهي. موڊي ماڻهو آهيان، ڪچهري ۱۵ منٽ به مشڪل سان ڪري سگهندس، باقي لکڻ پڙهڻ جو ڪم فقط چانهه جي ڪوپ تي لڳاتار ۱۵ ڪلاڪ به ڪري ويندس. بهرحال اهي منهنجون مجبوريون آهن، آئون اهو نٿو چوان ته اهي ڪي سٺيون ڳالهيون آهن. ڪيترن عالمن جو اِهو رايو آهي ته ڪتاب پڙهڻ کان بهتر ڪچهري آهي. بهرحال ڇا سٺي ڳالهه آهي ڇا خراب، هاڻ ستر ورهين جي ڄمار ۾ آئون پنهنجيون عادتون بدلائي نٿو سگهان. توهان کي متاثر ڪندڙ شخصيتون ڪهڙيون آهن، جي جواب ۾ هن چيو ته ڪيترين ئي شخصيتن سان ملاقات ٿي جن بيحد متاثر ڪيو ۽ منهنجا سفرناما ۽ انهن جا انتساب اهڙن ماڻهن سان ڀريا پيا آهن. توهان کي پنهنجي ڪيريئر ۾ ڪهڙا ڪهڙا وڏا چئلينج درپيش آيا آهن، جي جواب ۾ هن چيو ته منهنجو جيڪو ڪيريئر آهي يعني سمنڊ تي جهاز هلائڻ هميشهه چئلينجن سان ڀريل رهي ٿو. هر وقت مصيبتن ۽ مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، جن جو ڪجهه تفصيل سان احوال ”موج نه سهي مڪڙي“ ۽ اردو ڪتاب ”سمندر ڪي دن“ ۾ ڏئي چڪو آهيان. اسان جا اديب يا ليکڪ سنڌ جي حقن لاءِ ڪو خاص ڪردار ڇو ادا نٿا ڪن؟ جي جواب ۾ الطاف چيو ته ماڻهن جي حقن جو بار نمائندن يعني سياستدانن تي هوندو آهي، اسان وٽ خبر ناهي ڇو هر ڳالهه ۾ اديب ۽ شاعر کي سوگهو ڪيو وڃي ٿو. توهان ادبي سنگت جي ڪردار کي ڪيئن ٿا ڏسو؟ واري سوال جي جواب ۾ الطاف شيخ چيو ته ادا مون کي ڪا ادبي سنگت جي ڪردار جي ڄاڻ نه آهي، منهنجي ته زندگي جو وڏو حصو سمنڊ تي گذري ويو. اڄ کان ۴۵ سال کن اڳ امرجليل ۽ قمر شهباز سان گڏ سائين نوردين سرڪي وڪيل صاحب جي آفيس ۾ سنڌي ادبي سنگت جون ٻه ٽي ادبي ميٽنگون اٽينڊ ڪيون هئم، هاڻ ان جي آڌار تي موجوده سنڌي ادبي سنگت جو ڪاروبار هلائيندڙ ميمبرن تي ويهي ٽيڪا ٽپڻي ڪريان ته اها هڪ چريائپ ٿيندي. الطاف شيخ جو انٽرويو انٽرويو: ڊاڪٽر رام جواهراڻي رام جواهراڻي: توهانجو سنڌ جي ڪهڙي ڳوٺ سان واسطو آهي؟ الطاف شيخ: منهنجو مٽياري ضلعي جي ڳوٺ هالا نوان ۾ ۱۴ نومبر ۱۹۴۴ع تي جنم ٿيو جِتي منهنجو والد ۽ ڏاڏو پڻ ڄائو. هالا نوان جيڪو هاڻ هڪ شهر جي حيثيت رکي ٿو حيدرآباد کان ۶۵ کن ڪلوميٽر اتر ۾ نئشنل هاءِ وي تي آهي. سندس اولهه ۾ ۳ ڪلوميٽر پري سنڌو ندي جي ڪناري تي هالا پراڻا آهي. رام جواهراڻي: منهنجي خيال ۾ توهان جو ڳوٺ هالانوان ٽوئرزم ۽ تعليمي ادارن کان مشهور آهي. الطاف شيخ: جي ها. صحيح ٿا چئو. هالا تاريخي شهر آهي جِتي سنڌ جي مشهور بزرگ ۽ شاعر مخدوم نوح عليه جي درگاهه آهي. هالا دلڪش جنڊي، سوسي، ڀرت ۽ هٿ جي ٺهيل ڪپڙي کان به مشهور آهي. سنڌ جو هي واحد شهر آهي جِتي انگريزن جي ڏينهن کان خانگي هاءِ اسڪول شروع ٿيو. ان ڪري هن شهر ۾ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن جو تعداد تمام گهڻو آهي. رام جواهراڻي: پوءِ توهان جي ڪراچيءَ ۾ ڪيئن رهائش ٿي؟ الطاف شيخ: دراصل آئون ڪراچيءَ گهڻو گهڻو پوءِ اچي رهيس. تيرهن سالن جو هوس ته مون تعليم لاءِ هالا ڇڏيو ۽ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان انٽر ڪري چٽگانگ مشرقي پاڪستان (هاڻ بنگلاديش) پهتس جِتي مئرين انجنيئرنگ (پاڻي جا جهاز هلائڻ جي انجنيئري) پڙهي. ان بعد دنيا جي سمنڊن تي مختلف جهاز هلائيندو رهيس. ان دوران ڪڏهن ڪڏهن جهاز ڪراچي ايندو هو ته به منهنجي رهائش جهاز تي هوندي هئي. بعد ۾ سامونڊي نوڪري ڇڏڻ بعد جڏهن مونکي پاڪستان مئرين اڪيڊمي ۾ رکيو ويو ته منهنجي رهائش ڪراچيءَ ۾ ٿي. رام جواهراڻي: توهان بنيادي تعليم هالا بدران ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان ڇو ورتي؟ الطاف شيخ: انهن ڏينهن ۾ ۱۹۵۰ع واري ڏهاڪي جي آخري سالن ۾ هي پنهنجي نوعيت جو ڪاليج سنڌ ۾ کليو هو جِتي عام تعليم سان گڏ فوجي سکيا، گهوڙي سواري، ترڻ، باڪسنگ، رانديون ۽ تقريرن جو پڻ بندوبست هو. هنن هر سال سڄي پاڪستان مان ۳۰ ڪئڊٽ چونڊيا ٿي. مون به ٽيسٽ ۽ انٽرويو ڏنو ۽ چونڊجي ويس. ۱۹۵۸ع کان ۱۹۶۳ع تائين آئون پيٽارو ۾ پڙهيس. رام جواهراڻي: ان وقت جا ڪجهه ساٿي جيڪي نامور ٿيا؟ الطاف شيخ: لياقت جتوئي سنڌ جو وزير اعليٰ ۽ فيڊرل منسٽر، ايس پي شاهد فوجي جنرل، فاروق رشيد، اظهر حسين، انيس الرحمان سڀ ائڊمرل ٿيا، انبن جو شهنشاهه رفيع ڪاڇيلو، پيٽرول پمپن جو بادشاهه شوڪت جماڻي، ماڊرن ائگريڪلچر رسالي جو ايڊيٽر نور احمد نظاماڻي، مشهور ڊراما ائڪٽر اورنگزيب لغاري ۽ اڪبر بگٽي جيڪو انڪم ٽئڪس ڪمشنر به رهيو، ڪولوراڊو يونيورسٽي جو ڊين ڊاڪٽر رامچند اوڏ وغيره وغيره منهنجا ڪلاس ميٽ هئا يا سال ٻه جونئر. رام جواهراڻي: توهان ڇا ۾ گرئجوئيشن ڪئي؟ الطاف شيخ: منهنجو اهم ۽ پروفيشنل سبجيڪٽ مئرين انجنيئرنگ هو جنهن ۾ چٽگانگ مان گرئجوئيشن ڪرڻ بعد ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي، مالمو (سئيڊن) مان پوسٽ گرئجوئيشن ڪئي. ان کان علاوه سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي سنڌي ۾ ۽ LL.B پڻ ڪئي. رام جواهراڻي: توهان مئرين انجيئرنگ جي چونڊ ڇو ڪئي؟ الطاف شيخ: ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي ڏينهن ۾ اسان کي موڪلن ۾ ڪياماڙي ۽ منهوڙو گهمائڻ وٺي ويندا هئا. ڪياماڙي ڪراچي جي، بلڪه سڄي پاڪستان جي آخري ڪنڊ آهي. ان بعد عربي سمنڊ شروع ٿئي ٿو. منهوڙو ڪياماڙيءَ کي ٽي چار ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ ٻيٽ آهي. اتي بيٺل دنيا جا سهڻن رنگن وارا جهاز ۽ انهن تي موجود سفيد يونيفارم ۾ سمارٽ نيويگيٽر ۽ مئرين انجنيئر ڏسي آئون بيحد متاثر ٿيس ۽ دنيا ڏسڻ جي شوق ۾ مئرين انجنيئرنگ ۾ آيس. انهن ڏينهن ۾ (۱۹۶۳ع) ۾ چٽگانگ ۾ ممبئي جي ڊفرن مئريٽائيم اڪيڊمي جي طرز جي اڪيڊمي کلي هئي. برٽش راڄ ۾ بمبئي ۾ ڊفرن اڪيڊمي ۱۹۲۷ع ۾ کلي هئي جيڪا پوءِ ۱۹۷۲ع ۾ راجندر جهاز تي شفٽ ڪئي وئي ۽ هاڻ ۱۹۹۳ع کان انڊيا وارن هڪ ٻيو وڏو جهاز ”ٽي ايس ڇناڪيا“ کي ڪناري تي هميشه لاءِ رکي ان تي اها اڪيڊمي قائم ڪئي آهي. اهو ممبئي جي بيچ روڊ وٽ آهي. جڏهن آئون چٽگانگ ۾ پڙهندو هوس ته منهنجا ان وقت جا سڀ پاڪستاني نيول آفيسر ڊفرن اڪيڊمي جا پڙهيل هئا جِتان هنن پاڪستان ٿيڻ کان اڳ گرئجوئيشن ڪئي هئي. هِتي اهو به ٻڌائيندو هلان ته ڊفرن اڪيڊمي کان اڳ انڊيا جا نوجوان جهازراني ۽ جهاز سازي جي سکيا ۽ تعليم لاءِ انگلنڊ ويندا هئا. پوءِ هڪ عظيم انڊين دور انديش سر پي. ايس (Pazhamaneri Sundaram) سواسوامي جي ڪوشش سان ممبئي ۾ اها ڊفرن اڪيڊمي کولي وئي. سر سواسوامي ۱۸۶۴ع ۾ ڄائو. هو هڪ ناليرو وڪيل، ائڊمنسٽريٽر ۽ Statesman هو جيڪو ۱۹۰۷ع کان ۱۹۱۱ع تائين مدراس پريزيڊنسي جو ”ائڊوڪيٽ جنرل“ ٿي رهيو. رام جواهراڻي: پنهنجي پهرين نوڪري بابت ٻڌائجو. الطاف شيخ: ۱۹۶۸ع ۾ گرئجوئيشن مڪمل ڪرڻ بعد مونکي پنهنجي ملڪ جي جهازران ڪمپني ”پاڪستان نئشنل شپنگ ڪارپوريشن“ ۾ نوڪري ملي. ان وقت هن ڪمپنيءَ کي ويهارو کن جهاز هئا. مونکي ۴۰۰ رپيا ماهوار پگهار تي ايم. وي اباسين نالي جهاز تي ”ففٿ انجنيئر“ طور رکيو ويو. رهائش ۽ کاڌو پيتو هر جهاز تي مفت آهي ان ڪري منهنجي لاءِ اهو پگهار تمام گهڻو هو جڏهن ته ان وقت سون جو اگهه هڪ هزار رپيا تولو هو ۽ ڊالر جو اگهه چار رپيا هو. هر جهاز تي ”ڊيوٽي فري شاپ“ هو جنهن دڪان تي ڪيتريون ئي شيون: سگريٽ، چاڪليٽ، عطر، بسڪيٽ ۽ هر قسم جي ڊرنڪ فئڪٽري جي اگهه تي ملي ٿي. انهن ڏينهن ۾ ڪوڪ ۽ پيپسي جا دٻا نڪتا هئا جن جو هڪ درجن وارو پئڪ ساڍي ڇهين رپئي (ڏيڍ ڊالر) ۾ مليو ٿي ۽ ڏهين رپئي ۾ بيئر جو ڪريٽ يعني ۲۴ بوتلون هونديون هيون. ۸ رپئي (ٻن ڊالرن) جي بليڪ ليبل وسڪي جي بوتل هئي. رام جواهراڻي: پر مونکي خبر آهي ته توهان ڪنهن به قسم جي شراب کي هٿ نٿا لاهيو. هڪ Sailor لاءِ اها ڳالهه حيرت انگيز نه آهي؟ الطاف شيخ: سائين بلڪل صحيح ٿا چئو. انهن ڏينهن ۾ هن نوڪريءَ ۾ ماڻهو ورلڊ (دنيا گهمڻ) کان وڌيڪَ سستي وائين (شراب) لاءِ آيا ٿي. تعليم دوران جڏهن هر هفتي ڇنڇر ڏينهن چٽگانگ جي بندرگاهه ۾ بيٺل ڪنهن جهاز جي Visit تي ويندا هئاسين ته ان جهاز جي آفيسرن کي ڏسي اسان به دل ئي دل ۾ سَڌون ڪندا هئاسين ته اسان به هنن وانگر ٽرپل فائو سگريٽن جو گول دٻو هٿ ۾ کڻي جهاز جي اَنديءَ (Gunwale) تي بيهي سگريٽ جا ڪش هڻنداسين، يا جهاز جي ڊرائنگ روم ۾ ويهي ٿڌي بيئر جون چشڪيون ڀرينداسين. پر تعليم بعد پهرين ئي جهاز تي منهنجا جيڪي ٻه ڪئبن ميٽ مونکان هڪ سال سينيئر ففٿ انجنيئر هئا اهي صوفي قسم جا هئا. انهن اجائي سجائي چانهه پيئڻ کان به گريز ڪئي ٿي. منهنجي دلچسپي ڏيکارڻ تي هنن مونکي سمجھايو ته سگريٽ ڇڪڻ توڙي ڪنهن قسم جو شراب پيئڻ ۾ نقصان گهڻا آهن ۽ اهي شيون صحت ۽ اخلاق لاءِ هاڃيڪار آهن. دنيا جي ڪا به سڌريل سوسائٽي ان کي سٺو نٿي سمجھي .... وغيره. پهرين ته مونکي سندن ڳالهيون عجيب لڳيون ۽ اهو ئي دماغ ۾ آيو ته پوءِ ماڻهو سامونڊي نوڪري ۾ اچن ئي ڇو ٿا! پر پوءِ آهستي آهستي مونکي هنن جي ليڪچرن ۾ Sense نظر آيو. بهرحال هِتي ڪو آئون Preacher بنجڻ جي ڪوشش نٿو ڪريان ته نشي جي شين کان پري رهو ۽ شراب جهڙين شين کي هٿ نه لايو. اهو هر هڪ جو پنهنجو عمل آهي جنهن لاءِ هو آزاد آهي ته جنهن کي جيڪي بهتر لڳي اهو ڪري. هڪ خوبصورت شعر ياد اچي رهيو آهي: کون ہے جس نے مئہ نہیں چھوئی کون جھوٹی قسم اٹھاتا ہے مئخانے سے جو بچ نکلتا ہے تیری آنکھوں میں ڈوب جاتا ہے رام جواهراڻي: ڀلا لکڻ پڙهڻ جي ”ڪِينئين“ توهان کي ڪيئن ڏنگيو جنهن جي نتيجي ۾ توهان هيڏا ويهي سفرناما لکيا آهن؟ الطاف شيخ: مطالعي جو مونکي ننڍپڻ کان شوق هو. منهنجي ماءُ پي کي به ڪِتابن رسالن پڙهڻ جي عادت هئي ۽ هو مون تي پڙهڻ لاءِ زور ڀريندا رهندا هئا. منهنجو پيءُ جنهن پوني (انڊيا) جي ائگريڪلچر ڪاليج (هاڻ يونيورسٽي) مان B.Sc ڪئي ۽ اٿاڪا (نيويارڪ) جي ڪارنيل يونيورسٽي مان M.Sc ڪئي ۽ جنهن جو ائنٿراپالاجي ۽ Insects دلپسند سبجيڪٽ هئو، اهو پڻ ڪجهه ڪِتابن جو مصنف هو، جهڙوڪ: ماکيءَ جي مک، ماڪوڙي، ڪوريئڙو وغيره. ان کان علاوه هڪ مزاحيه ڪتاب ”گڏهه“ پاڻ ۽ سندس ٽن دوستن: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، سيد غلام مصطفيٰ شاهه ۽ جلباڻي صاحب گڏجي لکيو هو. منهنجو والد مونکي هر وقت سمجھائيندو هو ته: ”فرصت جون گهڙيون لکڻ پڙهڻ ۾ لڳائجن ۽ ان جهڙي ٻي بهتر هابي (وندر) آهي ئي ڪونه.“ سچ اهو آهي ته انهن ڏينهن ۱۹۴۰، ۵۰ ۽ ويندي ۶۰ واري ڏهاڪي ۾، نه هيون ٽي ويون ۽ نه ڪمپيوٽر. اسانجي سڄي شهر ۾ فقط هڪ مهاڻن جي گهٽيءَ ۾ خدا ڏني ميربحر جو ٻيڙيون ٻڌڻ جو دڪان هوندو هو جنهن تي پهريون دفعو چاٻيءَ تي هلندڙ ”فونو“ (گرامو فون) ڏٺوسين جنهن تي اڪثر چندر، جيوڻي ٻائي، الهڏني نوناري، ڀڳت ڪنور رام ۽ ڀڳت جاڙو مل جا رڪارڊ پيا هلندا هئا. پوءِ جڏهن آئون ٻارهن کن سالن جو ٿيس ته اسانجي گهر ۾ ريڊيو آيو جيڪو ڪار جي بيٽري تي هليو ٿي. منهنجو هي سڀ ٻڌائڻ جو مطلب اهو آهي ته اسان جي ننڍپڻ جي ڏينهن ۾ ٻارن جو وقت ڪِتاب ۽ رسالا پڙهڻ ۾ گذريو ٿي. رام جواهراڻي: پوءِ ڀلا توهان لکڻ ڪڏهن کان شروع ڪيو؟ الطاف شيخ: ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ جڏهن آئون مئٽرڪ ۾ پهتس ته پنهنجي ڪاليج جي مئگزين ۽ سنڌي اخبارن جي ٻارن جي صفحي ۽ حيدرآباد مان مقبول ڀٽيءَ جي رسالي ”گلستان“ ۾ ننڍا ننڍا مضمون لکڻ لڳس. انٽر ۾ پهچي آئون پنهنجي ڪاليج جي مئگزين جو ايڊيٽر به ٿيس. سچي ڳالهه اها آهي ته اسانجي ڪاليج جي پرنسپال جو به ان ۾ وڏو هٿ هو. هو (ڪرنل J.H.H ڪومبس) برٽش آرمي جو رٽائرڊ ڪرنل ۽ ٻي جنگ عظيم جو جپاني قيدي (P.O.W) رهيو هو. هو اسان کي هر وقت اها ئي نصيحت ڪندو هو، بلڪه سختيءَ سان ان تي عمل ڪرائيندو هو ته اسان گهڻي کان گهڻا ڪِتابَ پڙهون. هو چوندو هو ته: ”مطالعو ئي هڪ اهڙي هابي آهي جيڪا ماڻهو پيريءَ ۾ به قائم رکي ٿو.“ هو اهو به چوندو هو ته جنهن ماڻهوءَ کي پڙهڻ سان چاهه آهي اهو جنگل ۾ به اڪيلو محسوس نه ڪندو Books are best companions”. رام جواهراڻي: ڀلا اهو ته ٻڌايو ته توهانکي جهاز تي لکڻ لاءِ وقت ڪيئن مليو؟ الطاف شيخ: توهان بلڪل صحيح ٿا چئو. جهاز تي واندڪائي ملڻ ڏاڍو مشڪل آهي ۽ نه وري لڳاتار سڪون جي زندگي ملي ٿي. روز هڪ جهڙي زندگي ۽ روٽين هجڻ بدران ڪڏهن ماڻهو سمنڊ تي جهاز جي انجڻين جي جهنجھٽن ۾ ورتل رهي ٿو ته ڪڏهن ڪناري جي رونقن ۽ پُر سحر نظارن ۾ ڦاٿل رهي ٿو. بندرگاهه جي مشغول زندگي بعد سمنڊ تي اڃان ٻه چار ڏينهن ٿڪ ٿو ڀڃجي ته ٻيو بندرگاهه اچيو وڃي. مونکي سامونڊي نوڪري ۾ لکڻ جو ڪو ارادو نه هو پر مونسان مختلف ڳالهه درپيش آئي. مون جڏهن سامونڊي نوڪري جي شروعات ڪئي ته منهنجي ڪلاس ميٽ ساٿين کي ته ”گلف“ ۽ ”ڏور اوڀر“ جي روٽ جا جهاز مليا جن ۾ بندرگاهه سگها سگها اچن ٿا .... ٻن ٽن ڏينهن ۾. مثال طور ڪراچي کان ڪوريا وڃڻ دوران ڏيڍ ڏينهن بعد ممبئي ٿو اچي پر جي ممبئي ناهي وڃڻو ته وڌ ۾ وڌ ٽن ڏينهن بعد ڪولمبو (سري لنڪا جو بندرگاهه) اچيو ٿو وڃي. ۽ پوءِ اهڙن ٽن ڏينهن بعد ڪولڪتا يا چٽگانگ ، ۽ پوءِ ٽن چئن ڏينهن بعد پينانگ. ان بعد هڪ ڏيڍ ڏينهن بعد پورٽ ڪلانگ (ڪوالالمپور) ۽ اهڙن ٻن ڏينهن بعد سنگاپور .... پوءِ هڪ ٻئي پويان بئنڪاڪ، هانگ ڪانگ، شنگھائي، دائرين (چين)، ٽوڪيو، نگويا ۽ ڪوريا جا بندرگاهه: پوسان ۽ سيول وغيره. پر شروع وارا سال مونکي U.K ۽ يورپ روٽ تي رکيو ويو ٿي يا USA ڪئناڊا روٽ تي .... اهي ٻئي ڊگهن سامونڊي سفرن واريون routes آهن. ويتر انهن ڏينهن ۾ سئيز ڪئنال (جنهن اسان جي ايشيائي سمنڊ بحر احمر (Red Sea) کي يورپ جي ڀؤنچ سمنڊ (Mediterranean Sea) سان ڳنڍيو ٿي، اهو ڪئنال) اسرائيل ۽ مصرين جي لڙائيءَ ڪري پاڻي جي جهازن لاءِ بند ڪيو ويو هو. ۽ اسان کي ڪراچيءَ مان يورپ يا آمريڪا ڏي هلڻ لاءِ سڄي آفريڪا کنڊ جو ڦيرو ڪرڻو پيو ٿي. ان ۾ اسان کي ۱۵ ڏينهن کن وڌيڪَ سامونڊي سفر ڪرڻ ۾ لڳي ويا ٿي. يعني ڪراچي کان ڪوپن هيگن ۾ ۳۰ کن ته ڪراچي کان ڪئناڊا ۴۰ ڏينهن راتيون سمنڊ تي جهاز هلائڻو پيو ٿي. جهاز تي وقت پاس ڪرڻ لاءِ مون به ٻين ساٿين سان برج پتي راند کيڏڻ شروع ڪئي پر جيئن ته آئون ان ۾ هوشيار نه هوس ان ڪري ڪو به مونکي پنهنجو پارٽنر ٺاهڻ لاءِ راضي نٿي ٿيو. سو جهاز هلائڻ بعد مون پنهنجو پاڻ کي پنهنجي ڪئبن تائين محدود رکيو ۽ وقت پاس ڪرڻ لاءِ ناول پڙهڻ لڳس يا پنهنجن دوستن کي پنهنجي ۽ ٻين جي سفر جا مشاهدا ۽ تجربا لکڻ لڳس. منهنجو پهريون سفرنامو ”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“ اهڙن خطن جو مجموعو آهي جيڪو ان ئي سال ۱۹۶۹ع ۾ پاڪستان جي رائيٽرس گلڊ طرفان “Best Book of the year” قرار ڏنو ويو. ان ايوارڊ ۽ عبرت اخبار ۾ ڇپجندڙ ڪالمن جي موٽ ۾ ايندڙ خطن مونکي وڌيڪَ لکڻ لاءِ همٿايو ۽ سمنڊ جي ڊگهن سفرن دوران وقت پاس ڪرڻ لا ءِ اها منهنجي مجبوري به هئي. رام جواهراڻي: ۽ پوءِ ڪجهه سالن بعد توهانکي ڏور اوڀر ۽ گلف جي route تي رکيو ويو. ان بعد ڪناري جي نوڪري شروع ڪيانوَ ته به توهان لکندا رهيائو. الطاف شيخ: دراصل ڪيترائي سال ڏينهن رات لڳاتار لکڻ مونکي لکڻ جو عادي بڻائي ڇڏيو. آمريڪا روٽ تي وقت پاس ڪرڻ خاطر لکڻ منهنجي مجبوري هئي. جپان روٽ تي مشغول هجڻ ۽ وقت جي کوٽ باوجود لکڻ عادت کان مجبوري هئي جو بنا لکڻ جي مزو نٿي آيو. جپان، چين، ڪوريا، سنگاپور، ٿائلنڊ پاسي قصا ڪهاڻيون به کوڙ هيون جن مان ڪجهه جيستائين لکيم نٿي تيستائين مزو نٿي آيو. لکڻ لاءِ وقت نٿي مليو ته گهٽ سمهي به لکڻ جي هابي پوري ڪيم ٿي. ۽ هاڻ ته لکڻ جي عادت اهڙو اونهو گهر ڪري وئي آهي جو جيئن ڪو موالي بنا نشي جي رهي نه سگهي تيئن اسان بنا لکڻ جي رهي نٿا سگهون. اڄ جڏهن آئون ستر سالن جو ڏاڪو به ٽپي ويو آهيان ته به لکڻ خاطر وقت ڪڍڻ لاءِ ماڻهن سان ملڻ جلڻ، دعوتون اٽينڊ ڪرڻ ۽ ٽي وي ڏسڻ جهڙا ڪم به ڇڏي ڏنا اٿم. رام جواهراڻي: توهان جا دلپسند ليکڪ ڪير آهن؟ الطاف شيخ: مختلف دورن ۾ مختلف ليکڪ فئوريٽ رهيا آهن. ڪاليج وارن ڏينهن ۾ ۽ سامونڊي نوڪري دوران سمنڊ تي مونکي گهڻي کان گهڻا ڪِتاب پڙهڻ جو موقعو مليو ۽ ڪيترن اديبن جا ته مون سمورا سيٽ پڙهيا. جيئن ته: رچرڊ گارڊن (ڊاڪٽر سيريز)، ارنيسٽ هيمنگوي، سمرسيٽ ماهم، گرهام گريني، وي ايس. نائپال، جان اپڊائيڪ، البرٽ ڪاموز، وغيره وغيره. رام جواهراڻي: ڪو اهڙو ڪتاب جنهن جون يادگيريون توهانجي دماغ ۾ اڄ به تازيون هجن؟ الطاف شيخ: اوه! رام ڪيترائي ڪِتاب ..... جيڪي مون شاگردي جي ڏينهن ۾ پڙهيا انهن جي سڳنڌ مون کي اڄ به محسوس ٿئي ٿي. دل چوندي آهي ته انهن کي هڪ دفعو وري پڙهان. دل چوندي آهي ته اڄ جا شاگرد يا مطالعي جا شوقين اهي ڪتاب ضرور پڙهن ..... خبر ناهي انهن کي به ايترو مزو ايندو يا نه. انهن ڪتابن مان ڪجهه هن ريت آهن: پرلس ايس بڪ جو Good Earth، والاد مير نبوڪو جو Lolita، بورس پاسٽرناڪ جو ”ڊاڪٽر زهواگو“، ايملي برونٽي جو ”ودرنگ هائيٽس“، هرمن جو ”موبي ڊِڪ“، چارلس ڊڪنس جو ”گريٽ ايڪس پيڪٽيشن“، جين آسٽين جو ”پرائيڊ ائنڊ پريجوڊائس“، ايرڪا جونگ جو Fear of Flight، ۽ خاص ڪري ”باواني جنڪشن“ جيڪو ۱۹۵۴ع ۾ جان ماسٽرس لکيو جنهن جي بنياد تي ۱۹۵۶ع ۾ ڪامياب فلم ٺهي. اها فلم ان هنگاما خيز دور ۾ ٺهي جڏهن انگريز ننڍي کنڊ کي ڇڏي رهيا هئا. ان ۾ يوريشين (Anglo – Indians) جي پريشاني قابلِ ديد آهي. انهن جون وفاداريون هڪ طرف ڇڏي ويندڙ انگريز سان هيون ته ٻئي طرف انڊيا جي اڪثريت آدم شماري سان هيون. فلم ۾ ان وقت جي مشهور ائڪٽريس ”ائوا گارڊنر“ ائنگلو انڊين عورت ”وڪٽوريا“ ٿي آهي جيڪا انڊين آرمي ۾ نوڪري ڪري رهي هئي ۽ فلم ائڪٽر ”اسٽيو وارٽ گرانگر“ ڪرنل روڊني ٿيو آهي. هن فلم جي ڪجهه حصي جي شوٽنگ لاهور ۾ به ٿي هئي جِتي جي هڪ ٻارهن سالن جي ڇوڪريءَ پڻ ان فلم ۾ حصو ورتو هو. بعد ۾ اها ڇوڪري پاڪستان فلم انڊسٽري جي ”نِيلو“ نالي مشهور فلم ائڪٽريس ٿي. نيلو جو اصل نالو ”سنٿيا“ هو جنهن بعد ۾ هڪ پاڪستاني فلمون ٺاهيندڙ ۽ جرنلسٽ رياض شاهد سان شادي ڪئي ۽ پنهنجو اسلامي نالو ”عابده رياض“ رکرايو. ۱۹۶۵ع جي ڳالهه آهي ته شهنشاهه ايران جي پاڪستان ۾ وزٽ تي ان وقت جي مغربي پاڪستان جي گورنر امير محمد خان نيلو کي خاص مهمان اڳيان ڊانس ڪرڻ لاءِ گهرايو. نيلو جي انڪار تي هن کي threat ڏئي ڊيڄاريو ويو ۽ کيس گورنر هائوس ۾ پهچائڻ دوران هن رستي تي خوش ڪشي جي ڪوشش ڪئي ۽ کيس يڪدم اسپتال آندو ويو جِتي ڊاڪٽرن هن جي جان بچائي ورتي. کاٻي ڌر جي مشهور شاعر حبيب جالب ان ظلم تي پنهنجي غم ۽ غصي جو اظهار هن شعر ذريعي ڪيو: تو کہ نا واقفِ آدابِ غلامی ہے ابھی رقص زنجیر پہن کر بھی کیا جاتا ہے بعد ۾ هن جو هي شعر ڪجهه معمولي تبديلين سان فلم ”زرقا“ ۾ استعمال ڪيو ويو. رام جواهراڻي: ڀلا انهن انڊين ليکڪن بابت ٻڌايو جيڪي انگريزيءَ ۾ لکن ٿا؟ توهان کي ڪهڙو پسند آهي؟ الطاف شيخ: حقيقت اها آهي ته ڪاليج جي ڏينهن کان وٺي اڄ تائين مون لاءِ بهترين افسانوي يا غير افسانوي انگريزي ناول اهي آهن جيڪي ننڍي کنڊ جي ماڻهن لکيا آهن يا انهن انگريزن جيڪي انڊيا ۾ ڄاوا يا اتي وڏو عرصو گذاريائون. جيئن ته E.M Foster (ايڊورڊ مورگن فاسٽر) جنهن جو ناول A Passage to India آهي، يا رڊيارڊ ڪپلنگ آهي جنهن جا ڪتاب. منڊالي، ڪِم، گنگادين ۽ Plain Tales from the hill آهن.... جان ماسٽرس جو ڀاواني جنڪشن، وئلري جو ”زميندار“ يا J.G Farrell جو The Siege of Krishanapur آهي. انڊيا جي رهاڪن مان ڪجهه جن جا ناول مونکي تمام گهڻا وڻيا، هن ريت آهن: انيتا ڊيسائي ۽ سندس ڌيءَ ڪرن ڊيسائي، وڪرم سيٺ (A Suitable Boy)، روهنٽن مستري (ٽيلس فرام فيروز شاهه باغ) ۽ (Such a Long Journey) ان کان علاوه ارونڌاتي راءِ جنهن جا سنڌي ترجما سنڌ ۾ تمام مشهور آهن.... مون سندس فقط هڪ ڪتاب The God of Small Things پڙهيو آهي، آر. ڪي ناراين ـــ منهنجو تمام گهڻو دلپسند ليکڪ آهي جنهن جو ڏکڻ هندستان جي شهر ”مال گودي“ جي پس منظر ۾ ناول بيحد مشهور آهي.... نراد چوڌري جنهن جي لکيل هڪ اڻ ڄاتل انڊين جي آتم ڪهاڻي the Autobiography of an Unknown Indian جنهن ۾ دراصل سندس ذات جا ئي تجربا ۽ مشاهدا آهن. رام جواهراڻي: ڀلا انڊين انگريزي شاعرن بابت ڇا خيال آهي؟ الطاف شيخ: منهنجي شاعريءَ ۾ شروع کان ڪا گهڻي دلچسپي نه رهي آهي. بس ڪڏهن ڪڏهن، خاص ڪري سمنڊ تي جڏهن مون وٽ پڙهڻ لاءِ ٻيو ڪجهه نه هوندو هو ته پوءِ شاعري تي به نظر ڦيريندو رهيس ٿي ..... ڪجهه انڊين شاعر جن جي مون انگريزي شاعري پڙهي ۽ ٿوري سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي هن ريت آهن: آرون ڪولاتڪار، Nissim Ezekiel، ڪملا داس، دليپ چتري ۽ انهن ۾ توهان رابندر ناٿ ٽئگور کي به شامل ڪري سگهو ٿا. رام جواهراڻي: منهنجي خيال ۾ توهان ملئي ۽ جپاني ادب به ڪافي پڙهيو آهي. الطاف شيخ: آئون ملائيشيا ۾ تمام وڏو عرصو رهيو آهيان پر افسوس جو ملئي ادب انگريزي، اڙدو يا فارسي وانگر ڪو مالا مال ناهي. ملئي شاعريPantuns پڙهڻ جوڳيون آهن. ۽ جيڪڏهن توهان ملئي ٻولي کان واقف آهيو ته وڌيڪَ Enjoy ڪري سگهو ٿا. پنتون ملئي شاعريءَ جو قسم آهي جيئن رباعي يا چؤسٽو. هن ۾ چار سٽون ٿين ٿيون جن جو رديف قافيوabab فارم ۾ ٿئي ٿو. مثال طور Singapura negri baharu, Tuan Raffles menjadi raja, Bunga melur, Cempaka biru, Kembang sekuntum di mulult naga. سنگاپور هڪ نئون ملڪ آهي جنهن جو حاڪم جناب رئفلز بڻيو جاسمين جو گل ۽ فرنگي پاني ازدها جي منهن ۾ مکڙي مان گل ٿيو. رام جواهراڻي: ۽ جپاني ادب بابت ڇا خيال آهي؟ الطاف شيخ: جي ها. جپاني ٻولي ادب ۾ تمام امير آهي. جپان سان واسطو قائم ٿيڻ کان پهرين آئون اهو ئي سمجھندو هوس ته جپاني ماڻهو Robots وانگر آهن جيڪي فقط ڪَلَ جو سامان ٺاهي سگهن ٿا. هنن کي ڪي به لطيف جذبات يا احساسات نه آهن. پر هاڻ آئون ادب جي شاگردن کي اها ئي صلاح ڏيندو رهان ٿو ته هو جپاني نثر توڙي نظمَ جا ترجما پڙهن. مون پهرين جپاني ناول جو انگريزي ترجمو “A Sailor who fell from Grace with the Sea” پڙهيو هو. مشيما يوڪيو جي هن ناول منهنجي اندر ۾ سندس ۽ ٻين جپاني ليکڪن جي ڪِتاب پڙهڻ جي تانگهه پئدا ڪئي. رام جواهراڻي: توهان جا favorite جپاني ليکڪ ڪير آهن جن لاـءِ ٻين کي به پڙهڻ لاءِ Suggest ڪندائو؟ الطاف شيخ: ”مشيما يوڪيو“ سميت منهنجا ڪيترائي دلپسند جپاني ليکڪ آهن. مشيما جا ڪجهه ٻيا انگريزيءَ ۾ ٽاپ ڪلاس ناول آهن: فاربڊن ڪلرس، “The Temple of the Golden Pavilion”، دي سائونڊ ويوز وغيره. اهڙي طرح نتسومي سوسيڪي (۱۸۶۸-۱۹۱۲) به جپان جو بهترين ناول نِگار آهي جنهن جا ناول ”ڪوڪورو“ (Heart)، ڪُوساما ڪُورا (Three Cornered wall) ۽ خاص ڪري ۹۰۰ کن صفحن جو ناول واگاهائي وا نيڪو دي اَرُو (I am a Cat) جپاني سوسائٽي تي طنز وارو ناول پڙهڻ وٽان آهي. ڪجهه ٻين جپاني ليکڪن جا انگريزي ۾ ترجما ٿيل ناول جن کي پڙهڻ جي صلاح ڏيندس، هن ريت آهن جپان جي نوبل پرائيز جيتڻ واري ياسوناري ڪواباتا ليکڪ جا ناول: سين با زورو (Thousand Cranes)، ياما نو اوتو (The Sound of the Mountain)، ڪيوٽو (The Old Capital)، جوني چيرو تاني زاڪي ليکڪ جا ڪِتاب:The Key ۽ Diary of Old Man ، تيتسو مِي يورا جا ڪِتابَ: Kafka on Shore، نارويجن ووڊ، اي وائلڊ شيپ چيس، The Elephant Vanishes...... وغيره وغيره. رام جواهراڻي: ۽ جپاني شاعري بابت ڇا خيالُ آهي؟ الطاف شيخ: جپاني شاعري وري به مونکي پسند آهي خاص ڪري ”هائيڪو“. هائيڪو (haiku)جپاني شاعريءَ جو مختصر فارم آهي جيڪو اسانجي ٽيڙو يا ٽه سٽو جيئن ٽن سٽن جو ٿئي ٿو پر هائيڪو ۾ مقرر ۱۷ ماترائون ٿين ٿيون. پهرين سِٽَ ۾ ۵، ٻيءَ ۾ ۷ ۽ ٽينءَ ۾ ۵. مثال طور ماتسو باشو جو هڪ مشهور هائيڪو آهي ته: Furuike Ya (فُو ـــ رُو ـــ اِي ـــ ڪي ـــ يا) = ۵ Kawazu tobi Komu (ڪا ـــ وا ـــ زو ـــ تو ـــ بي ـــ ڪو ـــ مو) =۷ Mizu no oto (مي ـــ زو ـــ نو ـــ او ـــ تو) = ۵ ماترائون (هڪ جھونو حوض هڪ ڏيڏر ان ۾ ٽٻي ٿو هڻي پاڻيءَ جي ڇلڪڻ جو آوازُ) رام جواهراڻي: ڪجهه اهم جپاني شاعر جن جي شاعري انگريزيءَ ۾ به ترجمو ٿي هُجي؟ الطاف شيخ: توهان کي ڪيترن ئي شاعرن جا ترجما ملندا. متسو باشو، ڪوباياشي اِسما ۽ يوسا بُوسن .... اهي ٽي جيڪي ايڊو دور جا شاعر آهن بيحد مشهور آهن. انهن جي شاعري اسان وٽ سنڌي ۽ اڙدو ۾ به ترجمو ٿي آهي ۽ انڊيا ۾ ته ڪيترن ئي ٻولين ۾. انهن کان علاوه ڪجهه ٻيا جپاني شاعر جن جو مون انگريزي ترجمو پڙهيو آهي، هن ريت آهي: فُوڪُودا چِيو ني ـــ هائيڪو جي مشهور شاعره تاڪاموري اتسو ـــ هيءَ خاتون شاعره سان گڏ ترقي پسند ليکڪا، تاريخدان ۽ عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙ ڪندڙ به آهي. سائيگيو هوشي، مورا ڪامي ڪيجو ۽ هڪ عورت شاعره جنهن کي جپاني توڙي ڌاريان تمام گهڻو پسند ڪن ٿا اها آهي ”اونو نو ڪوماچي“. مون پنهنجن جپان جي سفرنامن ۾ ڪوماچي ۽ ان جي شاعريءَ بابت تمام گهڻو لکيو آهي. هوءَ ”وَڪا“ جي شاعره هئي. وَڪا (Waka)سيدوڪا، تانڪا، چوڪا، ڪاتا اوتا جپاني شاعري جا قسم آهن جيئن اسان وٽ بيت، ٽيڙو، غزل، ڪافي، رباعي وغيره. وَڪا شعر ۾ ۵ سٽون ٿين ٿيون. جن ۾ ۵،۷،۵،۷ ۽ ۷ ماترائون (Syllables) ٿين. مثال طور: Omoitsutse هن جو ئي سوچي رهي آهيان. Nureba Ya Hito no هن سان ملڻ ڪارڻ، مون ننڊ ڪئي. Meitsuramu هو منهنجي اڳيان ظاهر ٿيو. Yume to Shiriseba منهنجي ڌيان مان نڪري ويو ته اهو خوابُ آهي. Samezara mashi wo نه ته آئون ننڊ مان هرگز سجاڳ نه ٿيان ها.... جپاني معاشرو مائي ڪوماچي جي محبت جي قصن سان ڀريو پيو آهي. سڀ کان عام قصو سندس فوڪا ڪوسا نالي هڪ شهنشاهي درٻار جي ڪاموري سان عشق جو آهي. ڪوماچيءَ هن سان وعدو ڪيو ته جيڪڏهن هو ساڻس لڳاتار سؤ راتين تائين هم بستري جاري رکندو ته پوءِ هوءَ هن کي سچو عاشق مڃيندي. فوڪا ڪوسو هن وٽ باقاعدگيءَ سان هر رات ايندو رهيو پر اچي اچي آخري راتين ۾ همت هاري ويٺو. ان جي ڏک ۾ هو اهـڙو بيمار ٿيو جو وڃي کٽ تي داخل ٿيو ۽ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. هن جي جواني جي موت تي، چون ٿا ته ڪوماچيءَ به ٽي ڏينهن کن سوڳ ملهايو ۽ اهي ٽي ڏينهن هن ٻي ڪنهن مرد جي ويجھو وڃڻ کان گريز ڪئي. ڪوماچيءَ جو شاعريءَ جي دنيا ۾ وڏو مقام آهي ۽ کيس عزت بخشڻ لاءِ جپاني حڪومت جپاني چانورن جي هڪ خاص جنس جو نالو سندس نالي پٺيان ”اڪيٽا ڪوماچي“ رکيو آهي. ساڳي وقت جپان جي اڪيٽا شنڪانسين (بليٽ ٽرين) کي پڻ پيار مان ”ڪوماچي“ سڏيو وڃي ٿو. رام جواهراڻي: انڊو پاڪ کان علاوه توهان ٻيا ڪهڙا ملڪ ڏٺا آهن. الطاف شيخ: اڄ ڪلهه جهاز هلائيندڙن کي بندرگاهه ۾ رهڻ جا تمام گهٽ موقعا ملن ٿا. اهو ان ڪري جو جتي جهاز ماڊرن ٿي ويا آهن اتي بندرگاهن ۾ ڪارگو لاهڻ ۽ چاڙهڻ جو طور طريقا به ايڏو تيز رفتار ۽ ماڊرن ٿي ويا آهن جو سڄي ڀريل جهاز کي هڪ يا ٻن ڏينهن ۾ خالي ڪريو وٺن ۽ جهاز اهو بندرگاهه ڇڏي ٻي منزل ڏي روانو ٿيو وڃي. ان نتيجي ۾ جهاز هلائڻ وارن کي بندرگاهه گهمڻ جو موقعو ئي نٿو ملي. اسان جي ڏينهن ۾ يعني ۱۹۶۰ع ۽ ۱۹۷۰ع وارن ڏهاڪن تائين جهاز ته ماڊرن ٿي چڪا هئا پر بندرگاهن جا حالَ پورا سارا هئا. ڪنٽينر سروس شروع ٿي رهي هئي پر جِتي ڪٿي خاص ڪري آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ ڊاڪ لئبر (مزدور) ان جي مخالفت ڪري رهيا هئا جو ٽرڪن مان سامان لاهڻ چاڙهڻ ۾ هنن کي ڏينهن ٿي لڳا ۽ اوور ٽائيم ٺهيو ٿي. ان کان علاوه هنن کاڌي پيتي جي شين جي چوري الڳ ڪئي ٿي. ڪنٽينر بند بند هجڻ ڪري سامان جي چوري نٿي ٿئي ۽ جهاز تي جلد ئي چڙهيو وڃن. سو اسان جي ڏينهن ۾ جهاز کي بندرگاهن ۾ هفتا ڇا ڪڏهن ته جدي، ڊڪار، دبئي، لاگوس جهڙن بندرگاهن ۾ مهينو ڏيڍ به لڳي ويو ٿي ۽ اسان جهاز هلائڻ وارن کي اهو بندرگاهه وارو شهر ۽ ڀر وارا شهر گهمڻ لاءِ ملي ويا ٿي. جيئن جهاز يوڪوهاما ۾ بيٺو هوندو هو ته باءِ بس يا ٽرين ٽوڪيو هليا ويندا هئاسين. يا ڪوبي ۾ هوندو هو ته ٽرين ذريعي اوساڪا ۽ ڪيوٽو به پهچي ويندا هئاسين. سو اسان جهاز هلائڻ وارن کي انهن ڏينهن ۾ گهمڻ ڦرڻ جا خوب مزا هئا ۽ اها چوڻي صحيح ثابت ٿيندي هئي ته Join the Navy, See the World. آئون ان معاملي ۾ به خوش نصيب رهيس جو مون سڄي نوڪري هڪ روٽ تي نه گذاري. سال ٻه آمريڪا ڪئناڊا روٽ تي هوس ته سال ٻه يورپ ۽ يوڪي روٽ تي. ڪڏهن گلف مڊل ايسٽ ۽ آفريڪا روٽ تي ته ڪڏهن پئسفڪ ۽ فار ايسٽ (جپان، چين، ڪوريا، فلپين ملائيشيا وغيره) تي. اهڙي طرح مونکي هر سمنڊ جا گهڻي کان گهڻا بندرگاهه ڏسڻ جو موقعو مليو ۽ ان سان گڏ ننڍڙا ننڍڙا ٻيٽ پڻ، جيئن ته برمودا، بهاما، مالديپ، ٽرنيڊاڊ، توباگو، ڪيپ وردي، لاس پاماس (ڪَناري) وغيره. اهڙي ريت مونکي لکڻ لاءِ گهڻي کان گهڻو مواد ملندو رهيو. رام جواهراڻي: اڄ تائين توهان ڪيترا سفرناما لکيا هوندا؟ الطاف شيخ: هيستائين منهنجا ۸۲ ڪِتابَ ڇپجي چڪا آهن جن مان ۷۰ کن سفرناما آهن باقي مضمون ۽ ترجما آهن. ٻه ڪِتابَ پهاڪن جا آهن. هڪ انگريزي ۾ Proverbs of Far –East ۽ ٻيو سنڌيءَ ۾ ”رٺي آهي گھوٽَ سان“ انهن ۾ سنڌ ۾ استعمال ٿيندڙ پهاڪن سان گڏ ملئي، چيني ۽ جپاني ٻولين جا به پهاڪا آهن. انهن ٻولين وارا ملڪ: ملائيشيا، چين، هانگ ڪانگ ۽ جپان اهي آهن جِتي منهنجو تمام گهڻو وڃڻ ٿيو. رام جواهراڻي: توهان جي نظرن ۾ توهان جو سڀ کان بهترين ڪِتاب ڪهڙو آهي ۽ ڇو؟ الطاف شيخ: هر ليکڪ کي پنهنجا سڀ ڪِتابَ پنهنجي ٻارن وانگر سٺا لڳن ٿا. پر منهنجي خيالَ ۾ ايران جو سفرنامو، سعودي عرب جا ٻه سفرناما (”اي روڊ ٽه مدينه“ ۽ ”ڀلي پار تان ڀيرو“) ۽ انڊيا جا ٽي سفرناما (”دهلي جو درشن“، ”هلي ڏسجي هندستان“ ۽ ”بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾“) شايد بهترين هجن جو انهن جا ڪيترائي ڇاپا اچي چڪا آهن. مون ملائيشيا ۽ جپان تي به ڪيترائي سفرناما لکيا آهن... گهٽ ۾ گهٽ پنج پنج هر ملڪ تي .... اهي شايد ان ڪري پسند ڪيا وڃن ٿا جو اسانجي ماڻهن جو انهن ملڪن ڏي وڃڻ جو گهڻو رجحان آهي. منهنجي ڪجهه ڪِتابن جون گهڻيون ايڊيشنون شايد ان ڪري به نڪرن ٿيون جو اهي مختلف يونيورسٽين جي B.A ۽ M.A ڪورسن لاءِ رکيل آهن. جيئن ته ”دنگي منجهه درياهه“ ڪراچي يونيورسٽي ۾، ”هي ٻيٽ هي ڪنارا“ سنڌ يونيورسٽي ۾ ۽ ”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾. منهنجو ڪِتاب ”موج نه سهي مڪڙي“ انهن سامونڊي سفرن جو آهي جن ۾ طوفان آيا، خراب سمنڊ مليو، جهازن جا حادثا ٿيا، راهه ڀٽڪي وياسين ۽ ٻيون Tragedies آهن. ٻه سفرناما جن تي مونکي ڪافي محنت ڪرڻي پئي اهي آمريڪا جا آهن: ”نيو هالا کان نيويارڪ“ ۽ ”بخشو لغاري کان بالٽيمور“. هنن ۾ مون انهن بندرگاهن ۽ شهرن جو احوال لکيو آهي جن ۾ ۳۵ سال اڳ آئون جهاز ذريعي ايندو هوس. هنن سفرنامن ۾ ماضي جي حالتن ۽ ماڻهن سان حال جي ڀيٽ ڪئي اٿم. رام جواهراڻي: انهن مهماتي حادثن بابت ٻڌايو جيڪي توهان کي سامونڊي زندگي ۾ پيش آيا. الطاف شيخ: سامونڊي زندگي اڄ به گلن جي سيڄ ناهي. جهاز کڻي ڪهڙا به ماڊرن ٿي ويا آهن پر ته به سامونڊي طوفانن ۽ حادثن جي سَٽ نٿا جھليو سگهن. ۽ جڏهن توهان ڏينهن رات لڳاتار ٻارهن سال دنيا جي مختلف سمنڊن تي جهاز هلائيندا رهو ۽ اهو ئي سوچيو ته توهان کي هر وقت Smooth Sailing ملندي، نا ممڪن ڳالهه آهي. سمنڊ تي جِتي بَهاري وارا ڏينهن ملن ٿا ۽ دل باغ باغ ٿيو وڃي اتي سخت ڏکيا ڏينهن ۽ مايوسيءَ واريون حالتون به اچن ٿيون. ڏٺو وڃي ته اسانکي پگهار اهڙن مشڪلن کي دليري، عقلمندي ۽ تجربي جي آڌار تي منهن ڏيڻ جو ئي ملي ٿو. منهنجا سڀ سفرناما اهڙن کٽن مٺن تجربن جو مجموعو آهن. هاڻ جيتوڻيڪ آئون رٽائرڊ زندگي گذاري رهيو آهيان ۽ جهاز هلائڻ ڇڏي ڏنو اٿم پر پراڻن ڏينهن جون ڳالهيون هر وقت ياد اينديون رهن ٿيون جن کي مختلف رسالن ۽ اخبارن لاءِ لکندو رهان ٿو. رام جواهراڻي: انسانيت جي لحاظ کان توهان کي ڪهڙي ملڪ جا ماڻهو بهترين لڳا؟ الطاف شيخ: هون! ترسو ته ان بابت سوچيان! دراصل اسان ايشين، خاص ڪري ننڍي کنڊ جا رهاڪو هر ڳالهه ۾ بيحد حساس آهيون .... هر ڳالهه ۾ اسان پنهنجو پاڻ کي اعليٰ سمجھون ٿا. اسان کي بنا ڪنهن سبب جي هروڀرو مغرب وارن سان ساڙ ۽ چڙ آهي. هر وقت هنن تي ڏمريا وتون. پر منهنجي خيال ۾ سچائي اها آهي ته مغرب جا گهڻا ماڻهو بهترين آهن. ٻئي جو خيال ڪرڻ ۽ انسان ذات لاءِ عزت ڪرڻ هنن جي اولين ترجيح آهي. ايترقدر جو اسان جهڙا ايشيائي يا آفريڪن ملڪن جا سياح يا پناهه گزين مغرب جي ملڪن ۾ پاڻ کي با حفاظت ۽ آزاد سمجھن ٿا. انهن ملڪن جي امن امان جي حالت توڙي انصاف هر هڪ لاءِ آهي ... ويندي جانورن لاءِ به آهي. ڌارين ملڪن ۾ رهائش دوران سئيڊن، ناروي، ڊئنمارڪ، فنلنڊ .... ۽ ويندي انگلنڊ، هالنڊ ۽ بيلجم جهڙن ملڪن ۾، مون بيحد گهڻو سڪون ۽ شانتي محسوس ڪئي. ان خيال کان اسانجو ايشيائي ملڪ ”جپان“ به هڪ بهترين ملڪ آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اڄ ڪلهه نسل پرستي جو ڀوت جِتي ڪٿي پنهنجو ڳاٽ مٿي ڪري رهيو آهي. پر ان ۾ به آئون ڏسان پيو ته اسان ايشين ۽ آفريڪن جو ڏوهه آهي جنهن ڪري مڪاني ماڻهو اسان سان نفرت ڪن ٿا. اسان جي غير قانوني حرڪتن ۽ منفي سوچن ميزبان ملڪن کي ڊسٽرب ڪري رکيو آهي. اسان جڏهن مغرب جي ملڪن ۾ رهڻ لاءِ پهچون ٿا ته ان وقت اهو ئي بهانو ڪريون ٿا ته اسان پنهنجي ملڪ جي سسٽم ۽ ڪلچر مان خوش نه آهيون .... ٻئي جي ملڪ ۾ رهائش حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترا ته ويندي پنهنجي دين ڌرم جي به شڪايت ڪن ٿا پر پوءِ ڌارئين ملڪ جي شهريت/پاسپورٽ ۽ بنيادي حق حاصل ڪرڻ بعد اسان پنهنجو ڪلچر، رسم و رواج ۽ سوچون مقامي ماڻهن تي ٿاڦڻ شروع ڪريون ٿا. رام جواهراڻي: هڪ دفعي توهان اسپين جي هڪ سنڌي دڪاندار جو احوال لکيو هو ته هن ڪيئن توهان کي بيوقوف ٿي بڻايو. اها ڳالهه وري ٻڌائجو. الطاف شيخ: منهنجي خيال ۾ اهو ڪَناري (Canary) ٻيٽن جي هڪ مشهور ٻيٽ لاس پاماس (Las Palmas)جو واقعو هو. اسپين ۽ پورچوگال بعد اتر ائٽلانٽڪ سمنڊ شروع ٿئي ٿو جيڪو نيويارڪ ۽ ڪئناڊا تائين هليو وڃي ٿو. ڪَناري ٻيٽن جو جھڳٽو هن سمنڊ ۾ آهي جِتي جي سٺي موسم ۽ هر شيءِ ٽئڪس فري هجڻ ڪري ٻارهوئي سياح (ٽوئرسٽ) ايندا رهن ٿا .... خاص ڪري لاس پاماس ٻيٽ تي جيڪو سڀ ۾ وڏو ٻيٽ ۽ بندرگاهه پڻ آهي. اسان به يورپ کان واپس ڪراچي ايندي يا اڳتي آمريڪا ۽ ڪئناڊا ڏي ويندي سفر جو سيڌو سامان ۽ جهاز لاءِ تيل ۽ پاڻي وٺڻ لاءِ پنهنجي جهاز کي لاس پاماس ۾ ضرور لنگر انداز ڪندا آهيون. هن پاسي اچڻ کان اسان پنهنجن سينئر جهازين کان هن بندرگاهه بابت ٻڌو هو ته لاس پاماس خريدارن لاءِ جنت آهي جيئن ڪنهن زماني ۾ (جڏهن اسان اسٽوڊنٽ هئاسين) ته يمن جي بندرگاهه عدن لاءِ اهي جملا ٻڌبا هئا. لاس پاماس گهمڻ مهل مون ۽ منهنجي دوستن سڀ کان پهريون ڪپڙو خريد ڪرڻ ٿي چاهيو. Esclaeritas ايوينيو تي ”ڪُئين وڪٽوريا“ اسپتال جي ڀرسان جيڪو پهريون وڏو دڪان هو ان ۾ گهڙياسين. دڪاندار اسان کي دڪان ۾ ويلڪم ڪندي پڇيو ته آيا اسين ٽوئرسٽ آهيون ياSailor (جهازي)؟ هن اسان کي اسٽولن تي وهاري ڪول ڊرنڪ آفر ڪئي جيئن اسان آرام سان ويهي ڪپڙي جي چونڊ ڪريون. اسان جي گفتگو انگريزي ۾ هلي رهي هئي ۽ اسان ٿڌي ٿڌي ڪولڊ ڊرنڪ ۽ دڪندار جون مٺيون مٺيون ڳالهيون ٻڌي ٺري رهيا هئاسين. ائين ٿي لڳو ته دنيا جي تختي تي هن جهڙو ڪو ٻيو اسان جو همدرد ٿي نٿو سگهي. اسان ڪجهه ساڙهين ۽ ڪچي ڪپڙي جي چونڊ ڪئي ۽ هاڻ جڏهن اسان اگهه کي فائنل ٿي ڪيو ته دڪان جو مالڪ جيڪو اسان کي منهن ڏئي رهيو هو, ٽيليفون جي گهنٽي وڄڻ تي ڪائونٽر تي رکيل فون کي کڻڻ لاءِ اٿيو. ان دوران هن پنهنجي هڪ سيلز مئن کي اشارو ڪيو ته اسان کي ڏسي ۽ پاڻ اسپيني زبان ۾ فون تي پنهنجي ڪنهن پراڻي دوست سان ڪچهريءَ ۾ مَحو ٿي ويو. اسان کي دل ۾ اهو ئي آيو ته هن سيلز مئن کي اسان سان ڪهڙي همدردي .... اهو ته مالڪ هئو جيڪو اسان سان مِٺو مِٺو ڳالهائي رهيو هو ۽ اسان کي اميد هئي ته هو اسان کي ضرور ڊسڪائونٽ اگهه تي بل ڏيندو. اسان هن سيلز مئن مان بلڪل غير مطمئن هئاسين ۽ اسان مان هڪ دوست ته رڙ ڪري باس کي چيو ته “It will be nice if you let us know the final price” (بهتر اهو ٿيندو جي آخري اگهه جو تون ئي فيصلو ڪر.) اها اسان لاءِ بلڪه فقط مون لاءِ بيحد حيرت انگيز ڳالهه ٿي جڏهن دڪان جو مالڪ جيڪو اسان سان صاف انگريزي لهجي ۾ ڳالهائي رهيو هو ۽ پنهنجي دوست يا ساهيڙيءَ سان فون تي اسپيني ۾ گفتگو ڪري رهيو هو تنهن فون تي هٿ رکي اسان جي خذمت ۾ بيٺل سيلز مئن کي نج سنڌيءَ ۾ چيو: ”اڙي لڇو! هي چريا سيلر (Sailors) اٿئي. پئسو جام هوندن ٻه چار پسيتا (اسپيني رپيا) وڌيڪَ ئي هڻجان.“ پنهنجي سيلزمئن کي اهو چوڻ بعد اسان کي انگريزيءَ ۾ چيو: Sir you don’t worry. I have instructed my man to charge you the lowest possible. هن جي اهو چوڻ تي مونکان ٽهڪ نڪري ويو ۽ کيس سنڌيءَ ۾ چيم ته ”سرڪار مون توهان جا راز وارا ڳجھا انسٽرڪشن decipher ڪري ورتا.“ اهو ٻڌي هو تمام گهڻو پريشان ٿي ويو. آخر منٿون ميڙيون ۽ بهانا گهڙي معافيون وٺي اسان کي جنهن آخري اگهه تي وڪيائين اهو واقعي discount اگهه هو. ساڳي وقت هن پنهنجي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ته آئون سنڌ کان آيو آهيان. هو ڪا دير مونکان پنهنجي ڏاڏاڻي ڏيهه سکر ۽ شڪارپور جون خبرون پڇندو رهيو. هن ٻڌايو ته هي پهريون دفعو آهي جو هن جي ڪنهن سنڌي جهازي آفيسر سان ملاقات ٿي آهي. دراصل اها مون لاءِ به خوشگوار حيرت هئي ته سنڌ جا ماڻهو واپار خاطر ڏورانهن ڏيهن کان اچي نڪتا آهن. لاس پاماس جهڙي هڪ ڏورانهين ٻيٽ تي پنهنجو ڌنڌو ڄمائڻ ڪا سولي ڳالهه ته نه آهي. بعد ۾ ان ساڳي سفر (Sea Voyage) جي واپسي تي ائٽلانٽڪ سمنڊ جي هڪ ٻئي ڏورانهين ٻيٽ ”ڪيپ وردي“ تي پڻ منهنجي هڪ سنڌي دڪاندار سان ملاقات ٿي. هي هڪ پورچو گالي ٻيٽ آهي يعني پورچوگال جي قبضي ۾ آهي جيڪو ائٽلانٽڪ سمنڊ جي بالڪل خطرناڪ هنڌ تي آهي جنهن جي ائپروچ به ڏکي آهي يعني بندرگاهه ۾ گهڙڻ واري هنڌ تي سمنڊ اندر ٽڪريون آهن جن سان بيخياليءَ ۾ جهاز ٽڪرائي پرزا پرزا ٿي سگهي ٿو. اسان به امرجنسي جي حالت ۾ هن ٻيٽ ۾ اچي لنگر انداز ٿياسين. اتي جي هڪ سنڌي دڪاندار کان اهو ٻڌي حيرت ٿي ته هن جا وڏا ۱۹۳۰ع ڌاري هن ٻيٽ تي اچي رهيا. انهن ڏينهن ۾ ڪاٺ جي ٻيڙن ۾ هن هنڌ تي پهچڻ وڏي دل گردي جي ڳالهه آهي .... ڇو جو هتي پهچڻ اڄ به خطرناڪ ۽ جوکم جو ڪم سمجھيو وڃي ٿو. بهرحال مٿيان ٻئي ٻيٽ لاس پاماس ۽ ڪيپ وردي وري به يورپ جي ويجھو آهن. انگريزن جي انڊيا تي حڪومت هجڻ ڪري انگلينڊ ۽ يورپ ڏي جهازراني عام هئي. پر حيرت ٿي ٿئي ته ان دور ۾ ڪيترا سنڌي هندو دڪاندار بزنيس خاطر سڄو ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙي آمريڪا ۽ ڪئريبين سمنڊ جي ٻيٽن تي اچي نڪتا هئا. ان ساڳي سفر دوران نيو اورلينس (آمريڪا) کان برازيل ڏي ويندي اسانجو جهاز برمودا واري ٽڪنڊي ۾ خراب ٿي پيو ۽ اسان ان کي برمودا ٻيٽ جي بندرگاهه هئملٽن ۾ وٺي ويا هئاسين. اتي هڪ سنڌي فئملي سان ملاقات ٿيڻ تي مون اچرج جو اظهار ڪيو ته هو واپار خاطر ڪيترو ته پري کان اچي نڪتا آهن. بصرو ۽ بخارا ته وري به ويجھا آهن پر برمودا ۽ بهاما جهڙا ٻيٽ ته ڄڻ دنيا جي ٻي ڪنڊ تي ٿيا! ان تي هن فئملي جي ڪراڙي چيو ته: ”بابا! سنڌي هندو واپاري توهانکي جتي ڪٿي ملندا. هو سمنڊ جي ڇولين ۽ طوفانن کان نٿا ڊڄن.“. ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪجهه سالن اندر مختلف جهازن ۽ مختلف سمنڊن تي رهڻ بعد مون ڏٺو ته ڪولمبو، هانگ ڪانگ، پينانگ ۽ سنگاپور ۾ ڪراچيءَ کان به وڌيڪَ سنڌي دڪاندار نظر آيا. سامونڊي نوڪري دوران منهنجي ڪيترن ئي وڏن وڏن واپارين: هردراني، قيمتراءِ، پوهومل برادرس، چوٽڙمل، چيلارام، واتو مل ۽ ٻين سان جاوا، جپان، جبرالٽر، سوٽا، قبرص، فجي، بالي ۽ برما ۾ ملاقاتون ٿيون. رام جواهراڻي: توهان ان وقت جي اهم سنڌي واپارين جا انٽرويو نه ورتا؟ الطاف شيخ: نه ان وقت اهڙي ڳالهه ڌيان ۾ نه آئي. هينئر توهانجو سنڌي اهم شخصيتن جي انٽرويوئن جو ڪتاب Global Sindhisپڙهي سوچيان پيو ته ان وقت جي همت ڪري ويهه پنجويهه اهم واپارين جا انٽرويو وٺان ها ته اڄ اها Collection بيحد دلچسيپ ۽ تاريخي ثابت ٿئي ها. بهرحال ائين مختلف سفرنامن ۾ ڪجهه جو احوال ضرور اچي ويو آهي جيئن هانگ ڪانگ جي ”ڪي ـــ سيتل“ ۽ ”هري نارومل هريليلا“ جو، ملاڪا جي ”پارواڻي“ ۽ ڪوالالمپور جي ”تان سري ڪِشو“ جو، سنگاپور جي ”هرڪشن ڀوڄواڻي“ ۽ يوڪوهاما (جپان) جي ڪپڙي جي واپاري ”پمو مل“ جو. رام جواهراڻي: توهانجا ڪيترائي دوست مختلف ملڪن ۾ سفير ٿي رهيا آهن. ڇا توهان کي ڪڏهن اهو شوق نه ٿيو ته توهان به مختلف ملڪن ۾ سفير ٿي رهو ها. الطاف شيخ: نه آئون اڄ به Sailor جي حيثيت ۾ دنيا جا ملڪ گهمڻ کي ترجيح ڏيان ٿو. اهو ان ڪري جو سرڪاري نوڪريءَ ۾ گهمڻ ڦرڻ ۽ لکڻ جي آزادي نٿي رهي. اڳتي هلي مون ٽيچنگ اختيار ڪئي .... ان ۾ ته مونکي لکڻ پڙهڻ لاءِ اڃان به وڌيڪ وقت ۽ موقعا مليا. رام جواهراڻي: توهان جڏهن به سفر تي نڪرو ٿا ته سفرنامو لکڻ تي محنت ڪريو ٿو. ڪڏهن توهان سفر دوران آرام ۽ Enjoy ڪرڻ لاءِ به وقت ڪڍيو؟ الطاف شيخ: سچ پڇو ته سفر دوران مون لاءِ اها ئي مزيدار ڳالهه آهي ۽ ان کي enjoyment ٿو سمجھان ته مختلف ماڻهن کان خبر چار پڇندو رهان، تاريخي جاين ۽ مقامي ڪلچر بابت ڄاڻ وٺندو رهان جيئن وطن پهچي سفرنامو لکڻ لاءِ مون وٽ گهڻي کان گهڻو مواد هجي. هڪ دفعي آئون بيمار ٿي پيس ته ڊاڪٽر مونکي مڪمل آرام ڪرڻ لاءِ چيو .... ايتريقدر جو هن مونکي لکڻ پڙهڻ کان به منع ڪئي. پر پوءِ مون ڏٺو ته ائين ڪرڻ سان مونکي وڌيڪَ تڪليف ۽ بيچيني محسوس ٿيڻ لڳي. سو لکڻ پڙهڻ مون لاءِ سزا نه پر خوشي ۽ فرحت آهي. رام جواهراڻي: توهانجي خيالَ ۾ دنيا جا ڪهڙا ملڪ آهن جيڪي رهائش لاءِ بهترين آهن؟ الطاف شيخ: ۱۹۶۳ع ۾ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان انٽر ڪرڻ بعد مون پنهنجو سنڌ صوبو ڇڏيو ته اڄ تائين آئون مختلف ملڪن ۾ رهندو اچان يا گهمڻ لاءِ ويندو رهان ٿو. منهنجي تجربي ۽ سوچ مطابق اُهي ملڪ بهترين آهن جِتي قانون جي بالادستي آهي جِتي هڪ امير توڙي غريب کي انصاف يڪدم مليو وڃي. ڪئناڊا، آمريڪا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾، خاص ڪري Scandinavian ملڪن: جهڙوڪ ناروي، سئيڊن، ڊئنمارڪ ۾ رهندڙ، اسانجي ايشيائي ملڪن جا رهاڪو immigrants توڙي کڻي هنن جو ڪهڙي به مذهب، ٻولي يا ڪلچر سان واسطو هجي، هو پنهنجي ملڪ کان وڌيڪَ پُرسڪون زندگي گذارين ٿا. هو آزاد محسوس ڪن ٿا. ائين ته ڏٺو وڃي ته سخت قانونن ڪري ڪيترن ئي عرب ملڪن جهڙوڪ دبئي، سعودي عرب، ڪويت وغيره ۾ اسان جا ماڻهو خوف بنا زندگي بسر ڪن ٿا. رستي هلندي ڪو هنن جو پرس نٿو ڦري، رات جو ڪو ڀت ٽپي گهر کي صاف نٿو ڪري، اغوائن ۽ قتلن جون وارداتون ائين عام نه آهن جيئن اسان وٽ آهن .... ان ڪري اسانجي ملڪ جو پورهيت توڙي واپاري پنهنجي ملڪ کان وڌيڪَ عرب ملڪن ۾ سڪون محسوس ڪري ٿو. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اعليٰ قسمَ جو انصاف نه آهي. عرب ملڪن ۾ اسان جا ايشيائي ماڻهو ..... خاص ڪري ننڍي کنڊ جا مقامي عربن کان نيچ سمجھيا وڃن ٿا. عربن لاءِ اڇي کل وارا يورپي، انگريز، آمريڪن وري به اتم آهن .... بلڪه ڪجهه زياده ئي اتم آهن. ايشيا جا ٻيا ملڪ: جپان، ملائيشيا، سنگاپور ۽ وڌيڪَ ڏکڻ ۾ آسٽريليا ۽ نيوزيلئنڊ رهائش لاءِ بهتر ملڪ آهن. پر اڄ ڪلهه جِتي ڪٿي وڌندڙ دهشتگردي بيروزگاري، مهانگائي ۽ ثقافتي تعصب ڪري هنن ملڪن ۾ نسل پرستي ڪَرَ کڻي رهي آهي ۽ ننڍي کنڊ جي ماڻهن کي گهٽ سَٺو وڃي ٿو. اڄ کان اڌ صدي اڳ ڪيترن ئي يورپي ملڪن ويندي آمريڪا ۽ انگلنڊ ۾ هميشه لاءِ رهائش اختيار ڪرڻ پاڪستان ۽ هندوستان جي ماڻهن لاءِ آسان ڪم هو. پر هاڻ ته اسان جي ماڻهن کي بنگلاديش ۽ نيپال وارا به رهڻ نٿا ڏين. گهمڻ لاءِ به اڳواٽ ويزا وٺڻي پوي ٿي. ڪيترا ملڪ ته اها به تڏهن ڏين ٿا جڏهن هنن جو پنهنجو ماڻهو اسانکي اسپانسر ڪري .... يعني ذمو کڻي ته هو اسانجي هر ڳالهه لاءِ جوابدار رهندو. هونءَ اسان ماڻهن لاءِ گهمڻ توڙي بزنيس لاءِ وري به ايران ۽ ڪجهه حد تائين انڊيا بهترين ۽ سستا ملڪ آهن. انهن ملڪن ۾ تعليم ۽ ميڊيڪل جو معيار به تمام اتاهون آهي. کاڌي پيتي ۽ سواريءَ جا اگهه به تمام گهٽ آهن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته انڊيا ۾ ڪجهه علائقا آهن جِتي بدامني آهي ۽ هندو مسلم فسادن جون خبرون اچن ٿيون، سرڪاري ڪامورا خاص ڪري پوليس رشوت به وٺي ٿي پر گذريل ڪجهه سالن کان هندستان جي حڪومت انهن براين کي گهٽائڻ جي ڪوشش ۾ لڳل آهي ۽ ڪافي حد تائين ڪاميابي به حاصل ڪئي آهي. مون جهڙو هڪڙو سياح ان جي شاهدي ڏئي سگهي ٿو ته انڊيا گذريل ڏهاڪي اندر تمام گهڻي معاشي ۽ سماجي ترقي ڪئي آهي. دهلي، ممبئي، بنارس، آگره، لکنؤ، امرتسر، پوني ۽ بڙودا جهڙن شهرن ۾ ان ترقي ۽ جديدپڻي جي جھلڪ صاف نظر اچي ٿي. رام جواهراڻي: توهان ويجھڙائيءَ ۾ پوني ۽ ممبئي ۾ رهي چڪا آهيو. توهان جو ان بابت ڇا تجربو آهي؟ الطاف شيخ: آئون پوني واري ٽرپ ڪڏهن به وساري نه سگهندس. ننڍپڻ کان وٺي اسان هن شهر (پوني) جو نالو پنهنجي ڏاڏيءَ کان ٻڌوسين جنهن پنهنجو اڪيلو پٽ (منهنجو والد گل محمد شيخ) پوني جي ائگريڪلچر ڪاليج (هاڻ يونيورسٽي) مانB.Sc ڪرڻ لاءِ موڪليو هو. مونکي خوشي آهي ته مونکي پوني جهڙو تاريخي ۽ تعليمي شهر ڏسڻ جو موقعو مليو .... ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پوني کي Oxford of the East يا ”آڪسفورڊ آف انڊيا“ سڏجي ٿو ڇو جو هِتي تمام گهڻا تعليمي ادارا آهن جن جو تعليمي معيار تمام بلند آهي. آٽو موبائيل ڪارخانن ڪري هي شهر (پوني) Detroit of India پڻ سڏجي ٿو. ۽ هاڻ وڌندڙ انفارميشن ٽيڪنالاجي ڪري پوني شهر کيQueen of Deccan به سڏجي ٿو. منهنجي لاءِ اها به خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته پوني شهر ۾ دادا جشن جو مهمان ٿي رهيس جنهن جا ليڪچر آئون اڪثر سوني T.V تان ٻڌندو آهيان. انهن ڏينهن ۾ پوني ۾ ”صوفي ازم“ تي سيمينار هلي رهيو هو جنهن جي صدارت لاءِ مونکي عزت بخشي وئي. هي پهريون موقعو هو جِتي منهنجي گهڻي کان گهڻن سنڌي اديبن ۽ شاعرن سان ملاقات ٿي جيڪي انڊيا ۾ رهن ٿا ..... جيئن ته: مئڊم ريٽا شاهاڻي، ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي، نند ڇڳاڻي، تارا ميراچنداڻي، مڌن جماڻي، ڪملا بوٽاڻي، ڪيولرام گلراجاڻي، وينا شرنگي، اندرا شبنم، نند لال خوبچنداڻي، ڀڳوان بابلاڻي، هري پنکج، گوبند خوشحالاڻي، ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتي، دادي ساوتري آڏواڻي (مشهور وڪيل هوتچند آڏواڻي جي زال)، ٽيڪچند مست، پروفيسر ايشوري جوتاڻي، ڊاڪٽر لڇمڻ خوبچنداڻي .... ويندي رام ڄيٺملاڻي صاحب سان ملاقات ٿي. ممبئي ۾ هفتو کن رهڻ دوران آئون پروفيسر ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي ۽ جئه موتياڻي طرفان وڏي دل سان پيش ڪيل ميزباني وساري نٿو سگهان. ممبئي يونيورسٽي ۾ هڪ ڏينهن منهنجو ”گلوبل سوسائٽي ائنڊ سنڌي“ عنوان تي ليڪچر جو پڻ بندوبست ڪيو ويو هو. ممبئي ۾ رهڻ دوران مونکي ڪيتريون تاريخي جايون ڏسڻ جو موقعو مليو جيئن ته گيٽ وي آف انڊيا، چرچ گيٽ ريلوي اسٽيسن ڀرسان ڪرافرڊ مارڪيٽ، مٽن روڊ تي شافي مسجد جي سامهون هِتي جي مشهور ”چور بازار“، جُوهو ۽ مئرين ڊرائيو چوپاٽي جا سامونڊي ڪناراBeaches ، مهالڪشمي ڌوٻي گھاٽ، داٻا والا (جيڪي هزارين ماڻهن کي آفيسن ۾ سندن گهران آندل لنچ پهچائين ٿا)، وورلي ڪوسٽ تي حاجي علي جي درگاهه، ايليفنٽا ٻيٽ، فلورا ڦوهارو (دادا ڀائي نائوروجي روڊ تي)، راجا ٻائي ڪلاڪ ٽاور ۽ ڪجهه ٻيون انگريزن جي دور جون آڳاٽيون ۽ تاريخي عمارتون جيئن ته پرنس آف ويلس ميوزيم، ساسون لئبرري، مشهور وڪٽوريا ٽرمينس (V.T) جيڪو اڄ ڪلهه CST يعني چتراپتي شيواجي ٽرمينس سڏجي ٿو، بمبئي هاءِ ڪورٽ وغيره. هي اهي عمارتون، جايون ۽ روڊ رستا آهن جن جا نالا آئون هميشه انگريزي ناولن ۾ پڙهندو هوس يا اڄ به بالي وڊ جي فلمن ۾ ٻڌجن ٿا. منهنجا انڊيا جي سفر تي تازا لکيل ٻه ڪِتاب: ”هلي ڏسجي هندوستان“ ۽ ”بمبئي منهنجي ڀاڪُرَ ۾“ اهڙين جاين بابت تفصيلي احوال آهن. رام جواهراڻي: سنڌ اندر جيڪو وڏيرا راڄ هو، ان ۾ پاڪستان ٿيڻ بعد ڪا تبديلي آئي آهي؟ الطاف شيخ: آئون نٿو سمجھان ته ڪا بهتري آئي آهي. اڄ به عام ماڻهو سورن ۾ آهي ۽ وڏيرن جي رحم ڪرم تي آهي .... ويتر وڏيرا شاهي پهرين کان مضبوط ۽ هاڃيڪار ٿي پئي آهي. هونءَ ته وڏيرا شاهي ايڏو خراب شيءِ به نه آهي .... آخر جپان ۽ ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ به فيوڊلز آهي .... اسان کان به وڌيڪَ .... پر اتي جا وڏيرا پنهنجي ڳوٺ ۽ پنهنجي ماڻهن جو خيال ڪن ٿا. سندن ٻار اعليٰ تعليم يافته ٿين ٿا ۽ هو عوام جي به تعليم، صحت، امن امان جو خيال رکن ٿا. اسيمبلين جا ميمبر وڏيرا پنهنجي تر جي ماڻهن جي سک ۽ سهولت لاءِ هر وقت آواز اٿاريندا رهن ٿا. پر هيڏانهن اسان وٽ سنڌ ۾ اسان جي بدنصيبي آهي جو اسان جي لالچي وڏيرن کي فقط پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جو فڪر رهي ٿو. هو هر سک پنهنجي لاءِ چاهين ٿا. هو اهو ئي چاهين ٿا ته سندن ٻار بنا ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ جي يونيورسٽين جون ڊگريون حاصل ڪن، هو اهو چاهين ٿا ته هنن جا ٻار بنا قابليت جي اعليٰ نوڪريون حاصل ڪن .... ۽ ڪامورا شاهي ۾ به سندن ٻار هجن، اسيمبلين جا ميمبر به اهي هجن، ڪارخانن جا مالڪ به اهي هجن باقي عوام ڀلي بکيو، بيروزگار ۽ بيمار پيو هلي .... هو ڏينهون ڏينهن غربت جي گھاڻي ۾ پيو پيڙهجي .... اهو ئي سبب آهي جو اڄ سنڌ جهڙي جاهليت، غربت ۽ بدحالي آفريڪا جي گئمبيا، ڪانگو، ملاوي ۽ برقينا فاسو جهڙن ملڪن ۾ به نه هوندي. رام جواهراڻي: انگريز راڄ ۾ سنڌ جي سرڪاري ٻولي سنڌي هئي. ورهاڱي بعد اڙدو ٿاڦي وئي آهي. ڇا ان خلاف سنڌين ڪا مخافت ڪئي؟ الطاف شيخ: اڙدو پاڪستان جي سڀني صوبن جي ڪامن ٻولي آهي ويندي چترال، اسڪردو يا گلگت ۾ ڪو پٺاڻ ۽ هزاروي ملي ٿو ته هڪ ٻئي سان اڙدو ۾ گفتگو ڪن ٿا. بلڪه اڙدو جيڪا انڊيا ۾ هندي سڏي وڃي ٿي سڄي ننڍي کنڊ بنگال کان راجستان تائين ۽ تامل نادو کان ڪشمير تائين ته عام طرح ڳالهائي وڃي ٿي پر دبئي، ايران جي ڪنارن وارن شهرن، مالديپ ۽ نيپال ۾ به ڳالهائي وڃي ٿي. سنڌي سنڌ صوبي جي صوبائي ٻولي ليکي وڃي ٿي ۽ اسان وٽ نه رڳو توهان کان پر اسانجي باقي صوبن جي ٻين ٻولين پنجابي، پشتو ۽ بلوچي کان به وڌيڪَ سنڌيءَ ترقي ڪئي آهي جنهن جي Idea سنڌ مان شايع ٿيندڙ سنڌي رسالن، ڪِتابن ۽ ٽي وي چئنلن مان لڳائي سگهجي ٿي. ڪجهه سال اڳ تائين سنڌ ۾ اڙدو ۽ سنڌي جي وچ ۾ رساڪشي لڳي رهي ٿي ته اسڪولن ۾ فقط سنڌي پڙهائي وڃي يا اڙدو پڙهائي وڃي جيئن گذريل صديءَ جي سٺ واري ڏهاڪي ۾ سنگاپور ۾ رهندڙ ملئي، تامل ۽ چيني وڙهندا رهيا ٿي ته سنگاپور جي اسڪولن ۾ فقط ملئي پڙهائي وڃي.... تامل پڙهائي وڃي.... چيني پڙهائي وڃي.... وغيره. پوءِ سنگاپور جي وزير اعظم ’لي ڪُئان يُو‘ چيو ته توهان سڀني جون ڳالهيون اکين تي چيني، ملئي، تامل ۽ انگريزي ميڊيم جا اسڪول کوليا وڃن جنهن کي جيڪا ٻولي وڻي پنهنجي ٻارن کي ان اسڪول ۾ داخل ڪري ..... ۽ پوءِ ڏٺو ويو ته هر هڪ کي پياري ته پنهنجي مادري زبان هئي پر ان کان وڌيڪَ هنن کي پنهنجي ٻارن جو مستقبل هو. انگريزي ٻوليءَ جي اهميت سمجهي هنن سڀني پنهنجن ٻارن کي کڻي انگريزي اسڪولن ۾ داخل ڪرايو .... ويندي انهن تاملن ۽ چينين جيڪي ٻهراڙي ۽ جنگلن ۾ رهيا ٿي .... انهن ڏٺو ته پنهنجي ملڪ توڙي دنيا ۾ نوڪريون يا پورهيا انهن کي ٿا ملن جن کي انگريزي جي ڄاڻَ آهي. سو اڄ ڪلهه آئون ڏسان پيو ته سنڌ جي ننڍن ننڍن ڳوٺن ۾ به مينهن جي کنڀين وانگر جِتي ڪٿي ٽاين وارا (يعني انگريزي) اسڪول اڀري پيا آهن ۽ هرڪو غريب غربو اهو ٿو چاهي ته هن جا ٻار به اهـڙن اسڪولن مان پڙهي پروفيشنل ڪاليجن ۾ داخلا وٺي سگهن .... ولايت ۾ نوڪريون حاصل ڪري سگهن. رام جواهراڻي: جي ايم سيد جي تحريڪ آزادي بابت ڇا چوندائو؟ الطاف شيخ: افسوس جو مون ’جي ايم سيد‘ بابت گهڻو نه پڙهيو آهي ۽ نه هن جون تقريرون ۽ جلسا اٽينڊ ڪيا آهن. مون مئٽرڪ ۽ انٽر ۱۹۶۳ع ۾ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان ڪري سنڌ ڇڏي. وچ ۾ هڪ دفعو ۱۹۸۷ع ۾ ٽن مهينن جي موڪل تي سنڌ آيو هوس ته ٻين سياستدانن، اديبن شاعرن ۽ اهم ماڻهن کان انٽرويو وٺڻ لاءِ مليو هوس ته سائينءَ سان به ملاقات ڪيم. پر خبر ناهي ڇو آئون گهڻو متاثر نه ٿي سگهيس .... يا شايد منهنجي expectation گهڻي هئي. اسان سڪرنڊ موري پاسي کان درياهه ٽپي سائينءَ جي ڳوٺ سَن پهتاسين. سن پهچڻ کان اڳ منهنجي دماغَ ۾ اهو هو ته جيئن ته سائين هڪ طاقتور پير جو درجو رکي ٿو، باعزت ۽ اعليٰ ذات مان آهي، تر جو وڏو ۽ پئسي وارو زميندار آهي، سياست ۾ سندن درجو مٿڀرو آهي ۽ ملڪ جا اهم ماڻهو سياستدانن کان فوجين تائين، سرڪاري ڪامورن کان ڪارخانيدارن تائين سندن عزت ڪن ٿا سو سندن ڳوٺ ”سن“ هڪ مثالي ۽ خوشحال هوندو جِتي گهڙڻ سان انگلنڊ جي شهر مانچسٽر يا ملائيشيا جي شهر ملاڪا وانگر ڪارخانن جون چمنيون نظر اينديون جن مان ڪارو دونهون نڪري رهيو هوندو. ملائيشيا جي وڏيرن وانگر سيد صاحب جي هن ڳوٺ ۾ به اسڪولن، ڪاليجن ۽ اسپتالن جون عمارتون هونديون. ماڻهن جي چهرن تي مرڪ هوندي. پر مونکي اهو ڏسي ڏک ٿيو ته ويجھڙائيءَ ۾ گهمي آيل غريب آفريڪي ملڪن: سوماليا، جبوتي، لائبيريا جهڙي اداسي ۽ لاچاري هئي .... آئون اهو ئي سوچيندو رهيس ته جڏهن اسان جي صوبي جو ڳوٺ سَن ئي اهو اوج نه ماڻي سگهيو آهي ته ٻين ڳوٺن جو ڇا حال هوندو جن جا وڏيرا ۽ ڪرتا ڌرتا ظالم ۽ جاهل آهن. مون ان جو اظهار سائينءَ سان به ڪيو. هن دل ۾ ڪرڻ بدران وڏي دل سان منهنجيون ڳالهيون ٻڌيون. هو مونکي بيحد سخي انسان ۽ عوام لاءِ درد رکندڙ لڳو. ٻين وڏيرن ۽ سردارن وانگر سخت مزاج نه پر بيحد سافٽ اسپوڪن هو. رام جواهراڻي: سنڌ ۾ ايتري بدامني ڇو آهي؟ جو ڪو عزت وارو ماڻهو رات جو اڪيلو گهمڻ لاءِ نٿو نڪري سگهي. هر وقت ڦر ۽ اغوا ٿيڻ جو خوف رهي ٿو. الطاف شيخ: بدامني جو اهو ئي سبب آهي جو قانون جي بالادستي ناهي ۽ ڪجهه حڪومت جي خراب governance ڪري به آهي. سنڌ جي مقابلي ۾ پنجاب صوبي ۾ حالتون بهتر آهن. اتي آئون ڏسان پيو ته ٽوئرسٽ رات جو به لاهور، اسلام آباد، ڪوهه مري، راولپنڊي، فيصل آباد ۾ هلن چلن پيا جيئن انڊيا ۾ ممبئي، دهلي، لکنؤ، آگرو، پوني مدراس آهي. باقي اسان وٽ گھوٽڪي، قمبر، شهدادڪوٽ، ڪشمور، جيڪب آباد ائين آهن جيئن توهان وٽ منيپور، ميزورام، ميگھاليا ۽ ناگا لئنڊ _ جيڏانهن ورلي ڪو ٽوئرسٽ رخ ڪري ٿو. رام جواهراڻي: وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي ڏينهن کان شاگرد امتحان ڪاپي ڪري پاس ڪن ٿا. ڇا اها ڳالهه ملڪ ۽ قوم لاءِ نقصانڪار نه آهي؟ الطاف شيخ: بلڪل صحيح ٿا چئو. هڪ ٽيچر جي حيثيت ۾ ته آئون ان کي اڃان به وڌيڪَ خراب ٿو سمجان جو ان ڪري سٺا شاگرد به دلشڪستا ٿيو پون ۽ محنت ڪرڻ ڇڏيو ڏين. ان کان علاوه اسان جي شاگرد کي هر ڪو شڪ جي نِگاهه سان ڏسي ٿوته هن ڪاپي ڪري ڊگري حاصل ڪئي آهي. ان ئي سبب ڪري اسان جي گرئجوئيٽ کي ولايت ۾ نوڪري به ڏکي ملي ٿي. رام جواهراڻي: انڊيا ۽ پاڪستان جا تعلق سڌارڻ لاءِ توهان ڇا suggest ڪندائو؟ الطاف شيخ : اسان ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي حق ۾ بهتري ان ڳالهه ۾ آهي ته اسان جا پاڻ ۾ سٺا تعلق رهن. ناروي ۽ سئيڊن يا اسپين ۽ پورچوگال وانگر انڊيا ۽ پاڪستان جي ماڻهن ۾ ڪيتريون ئي ساڳيون ڳالهيون آهن، کاڌو پيتو، ڪپڙو لٽو، ٻولي ۽ ڪلچر وغيره. ان جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته ولايت ۾ پاڪستاني ماڻهو جيترو انڊيا جي ماڻهن سان ويجھڙائي محسوس ڪري ٿو اهڙي هو عربن ۽ ايرانين سان به نٿو ڪري. ٻنهي ملڪن جي حڪومتن کي کپي ته هو تعلقات سڌارڻ جي ڪوشش ڪن ۽ هڪ ٻئي جي ماڻهن کي اچڻ وڃڻ جون سهولتون مهيا ڪن جيئن ٻنهي ملڪن جي ماڻهن کي گهمڻ ۽ واپار جي سهوليت سان گڏ تعليم ۽ صحت جو به فائدو رسي سگهي. رام جواهراڻي: توهان انڊيا ڪيترائي دفعا آيا آهيو. سياسي ۽ سماجي طرح توهان کي انڊيا ڪيئن ٿو لڳي؟ الطاف شيخ: گذريل ڏهن سالن اندر انڊيا ۾ وڏي تبديلي آئي آهي. انڊيا سماجي ۽ معاشي طرح تيزيءَ سان ترقي ڪري رهيو آهي .... گهٽ ۾ گهٽ اسانجي ملڪ کان ته گهڻو اڳتي نڪري ويو آهي .... نه ته سالن تائين پاڪستاني ۽ انڊين رپيو برابر هو. اڄ انڊيا جو رپيو مضبوط نظر اچي ٿو. جِتي اسانکي هڪ ڊالر خريد ڪرڻ لاءِ ۱۰۳ رپيا ڏيڻا پون ٿا اتي انڊيا وارا اڄ به ۶۰ رپين ۾ ڊالر خريد ڪن ٿا. انڊيا جون يونيورسٽيون ۽ اسپتالون ڏينهون ڏينهن اعليٰ معيار جون ٿينديون وڃن. ايتريقدر جو يورپين ملڪن ۾ رهندڙ انڊين توڙي ايران ۽ ملائيشيا جهڙن بهتر ملڪن جا ماڻهو به پنهنجا ٻار اعليٰ تعليم لاءِ انڊيا موڪلين ٿا. ڪيترا عرب ۽ يورپي علاج لاءِ انڊيا اچن ٿا. امن امان جي حالت به ڏينهون ڏينهن بهتر نظر اچي رهي آهي ۽ ويندي جپاني ٽوئرسٽ، جيڪي تمام گهڻو خبرداريءَ کان ڪم وٺن ٿا اهي به انڊيا ۾ نظر اچن ٿا. منهنجي خيال ۾ ان معاملي ۾ اسانجي ملڪ پاڪستان کي انڊيا کي فالو ڪرڻ کپي ته هو ڪيئن تعليم ۽ علاج جو معيار وڌائي رهيا آهن .... جيئن ۲۰ سال کن اڳ ملائيشيا وارن سنگاپور کي فالو ڪري پنهنجو معيار وڌايو. رام جواهراڻي: اڄ ڪلهه ڀلا ڪهڙو ڪتاب پڙهي رهيا آهيو؟ الطاف شيخ: اڄڪلهه آئون جپاني ليکڪ ”هائوڪي مُوراڪامي“ جي ناولNoruwei no Mori جو انگريزي ترجموNorweigian Wood پڙهي رهيو آهيان. مون هن ليکڪ جا ڪيترا ئي ناول پڙهيا آهن جن مان هڪ يا ٻن کن سنڌي ۽ اڙدو ۾ ترجمو ڪرڻ جو سوچي رهيو آهيان جيئن اُهي ماڻهو جيڪي جپاني ۽ انگريزي ٻولين کان اڻواقف آهن اهي جپاني ادب جي سونهن ۽ اونهائي کان واقف ٿي سگهن. خاص ڪري هن ليکڪ مُوراڪامي جي لکڻين کان، جنهن جا ڪتاب لکن جي تعداد ۾ ڇپجن ٿا ۽ تامل ۽ عربي ٻولين سميت پنجاهه ٻولين ۾ ترجمو ٿين ٿا. ۱۹۸۰ع تائين به اسانکي هن جپاني اديب جي تخليق ۽ ڏات جو ڪو اهڙو قدر نه هو. ۱۹۷۰ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن آئون جهازن تي هوس ته هن همراهه سان ڪوبي ۽ اوساڪا ۾ ٿيندڙ ”يوٿ لٽرري گئدرنگ“ ۾ ڪيترا ئي دفعا ملاقات ٿي. ان بعد ٽوڪيو ۾ جڏهن هن ”ڪَوڪو بُنجي“ علائقي ۾ Peter Cat نالي ڪافي شاپ کوليو ته اتي پڻ عليڪ سليڪ ٿيندي رهي ٿي. انهن ڏينهن ۾(۱۹۷۹ع ۽ ۱۹۸۰ع واري عرصي ۾) آئون به ٽوڪيو ۾ رهيل هوس جِتي مونکي IHI شپ يارڊ ۾ اسانجي جهازران ڪمپني جي نئين ٺهندڙ جهاز جي نگهباني ۽ بعد ۾ ان کي چيف انجنيئر جي حيثيت سان هلائڻ جي ڪم تي رکيو ويو هو. هي شپ يارڊ ٽوڪيو جي بلڪل صدر واري علائقي گنزا ۾ آهي. هروڪي ماروڪامي عمر ۾ مون کان ٻه سال ننڍو آهي. هو جيتوڻيڪ ڪيوٽو ۾ ڄائو پر هن زندگيءَ جو وڏو عرصو اوساڪا ۾ گذريو جِتي هن جو نانو واپاري هو. هن جا والدين .... ماءُ ۽ پيءُ ٻئي پروفيسر هئا جن ”جپاني ادب“ پڙهايو ٿي. هن جو پاڻ به ٽوڪيو جي وسيدا يونيورسٽي ۾ ”ڊراما“ ميجر سبجيڪٽ هو. تعليم دوران هن جي ملاقات مس يوڪو سان ٿي ۽ گرئجوئيشن کان اڳ شادي ڪئي ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ هنن زال مڙسن مٿيون ڪافي شاپ کوليو .... پر پوءِ ۱۹۸۱ع ڌاري هو آمريڪا لڏي ويا. دراصل هن جپاني اديب مُوراڪامي کي جنهن ڪتاب رات اندر سُپر اسٽار بنائي ڇڏيو اهو هي ڪتاب ”نارويجن ووڊ“ هو. ويجھڙائيءَ ۾ مون هن ناول تي ٺهيل فلم ڪوالالمپور (ملائيشيا) ۾ ڏٺي. اها ۲۰۱۰ع ۾ رليز ٿي هئي جنهن جي ڊئريڪشن فرانس ۾ رهندڙ هڪ ويٽنامي ”ٽران آح هنگ“ ڏني. مُوراڪاميءَ جو پهريون جپاني ناول “Kaze no Uta O Kike” سال ۱۹۷۹ع ۾ ۽ انگريزي ترجمو “Hear the Wind Song” سال ۱۹۸۷ع ۾ ڇپيو. موراڪامي جا ناول جپان توڙي دنيا جي ٻين ملڪن ۾ Best Sellers هوندا آهن. ۱۹۷۰ع واري ڏهاڪي جي شروع وارن سالن ۾ منهنجي هن سان پهرين ملاقات ٿي ته هي به مون وانگر جپاني ليکڪ ”مشيما يوڪيو“ جو پرستار هو. مشيما يوڪيو جنهن ننڍي عمر ۾ هاراڪِري ڪئي (پيٽ چيري) پنهنجو انت آندو ان وقت تائين جپاني ادب ۾ مشيما يوڪيو جوئي وڏو نالو هو. ڪنهن ٿي ڄاتو ته ڏهه ٻارهن سالن بعد مشيما جو هي عاشق ڇوڪرو موراڪامي ايڏو ته مشهور ٿي ويندو جو مشيما به پٺتي رهجي ويندو. رام جواهراڻي: آخر ۾ هي انٽرويو ٻڌندڙن ۽ پڙهندڙن لاءِ ڪو نياپو؟ الطاف شيخ: منهنجي خيال ۾ ته اسان کي پنهنجن ٻارن ۾ ڪِتاب پڙهڻ جي عادت وجھڻ کپي. مطالعو هڪ اهڙي هابي آهي جيڪا اسان پيريءَ ۾ به enjoy ڪري سگهون ٿا. ڪِتاب اسان جا سٺا ساٿي آهن. الطاف شيخ هڪ ڌرتي سونهون وڻجارو ۽ وايون تنهن وڻجاري جون سائينءَ جي سالگرهه لاءِ بيشمار محبتن جي هڪ ننڍڙي موٽ خاص آصف رضا موريو الطاف شيخ موجودهه دور ۾ دنيا جو مشاق ميرين انجنيئر آهي پر سندس سڃاڻپ دنيا جي هڪ وڻجاري مسافر جي آهي جنهن دنيا جو هر ديس پرديس گهمي مختلف ملڪن جي بندرگاهن، سمنڊن، ٻيٽن جو پاڻي، واري ۽ مٽي جهاڳي اتان جي ماڻهن سان رلي ملي، گهٽي گهٽي، گهاٽ گهاٽ، سماجن، تهذيبن، تمدنن جي مٽي ڳوهي اسان ۽ اسان جي ايندڙ پيڙهين لاءِ ڪتابن جا بيشمار اهڙا مجسما جوڙيا جن سنڌ جي ادبي کيتر کي گهڻو مالامال ڪيو آهي. جيڪڏهن ڳالهه سندس بهادري، ترقي ۽ اورچائي جي ڪجي ته سنڌ جي هن سٻاجهي همراهه جا حوصلا دنيا جو ڪوبه دهشتناڪ درياهه هيڻا ڪري ڪونه سگهيو بلڪ ڌرتيءَ جي هر مهاساگر هن جو صبر، هنر ۽ همتون ڏسي جهيڙي جي سٽ نه سهندي کيس پنهنجي سيني مان پيچرا ڏنا. ميرين انجنيئر هئڻ سان گڏ الطاف شيخ هڪ لکاري، استاد، سفرنامه نگار، نقشه نويس، فوٽوگرافر، سماج سڌارڪ وغيره به آهي. سندس شخصيت جي جنهن رخ ۽ رنگ کي غور سان ڏسبو ته هو بنيادي طور تي سڀ ڪجهه نظر ايندو. کيس ڪنهن هڪ طرف بيهاري اسان سندس قد ڪاٺ کي گهٽائڻ جي ڪوشش ئي ڪنداسين نه ته هو گهڻ رخو، گهڻ پاسو،اڻ ميو ۽ هڪ انتهائي وڏو ماڻهو آهي. بيشمار دوست پنهنجي لکڻين ۾ کيس ابن بطوطه، مارڪوپولو. ابو بن اڌم، ميگيسٿينز، فاهيان ۽ سنڌباد سيلاني وغيره ڪوٺيندا رهن ٿا پر الطاف شيخ گهڻي لحاظ کان دنيا جي انهن سڀني آبي ۽ زميني آفتن کان نه رڳو مٿاهون آهي پر هن عملي طور تي به انهن سڀني کان گهڻي دنيا جهاڳي آهي، گهڻا جهاز هلايا آهن ۽ انهن مڙني کان گهڻا ڪتاب پڻ لکيا آهن. الطاف شيخ پنهنجي سفرنامن ۾ زندگي ڀر جي تجربن ۽ مشاهدن جو نچوڙ پيش ڪندو آهي سندس قلم مان نڪتل ڳالهيون انتهائي پر اثر هونديون آهن جن جو مقصد ماڻهن تائين نه رڳو معلومات پهچائڻ هوندو آهي پر پڙهندڙن کي هو پنهنجي سادي سليس لهجي ۾ مختلف ڪردارن ۽ واقعن ذريعي لڀائيندو ۽ پڙهائيندو به نظر ايندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سندس لکيل سفرناما تاريخي ڪتاب به هوندا آهن ته سياسي، جيولوجي، اوشنولوجي، جاگرافيائي، سماجي ۽ تهذيبي معلومات سان لبريز ادبي فن پارا به جن سان پڙهندڙن جي دل ۾ اهي ملڪ، ماڳ ۽ وستيون گهمڻ جو شوق ڪر کڻي اٿڻ سان گڏ انهن جي دلين ۾ الطاف شيخ جهڙو ٿيڻ جو اتساهه پڻ جنم وٺندو آهي. سندس لکيل سفرنامن جي وڏي ۾ وڏي خوبي انهن جو معلوماتي ۽ تفريحي هئڻ آهي. الطاف احمد شيخ جو جنم ۽ خاندان الطاف شيخ جو جنم ۱۴ نومبر ۱۹۴۴ع ڌاري ڳوٺ نئين هالا ۾ ٿيو جيڪو حيدرآباد شهر کان سٺ ڪلوميٽر پري ۽ سنڌو ندي کان ۳ ڪلوميٽر دور اولهه ۾ واقع آهي. سندس والد جو نالو گل محمد شيخ ۽ والده جو نالو مسمات شريفان هيو. سندس والد شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪري هاءِ اسڪول نورمحمد مان ميٽرڪ جو امتحان ڏئي انٽر سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي مان پاس ڪيو. تنهن کان پوءِ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مهاراشٽر جي پونا يونيورسٽي مان ايگريڪلچرل سائنس ۾ بي ايس سي ڪري امريڪا جي ڪارنيل يونيورسٽي اٿيڪا مان پوسٽ گريجويشن ڪئي. ان سان گڏ هن مسلم لا ڪاليج ڪراچي مان ايل ايل بي جي ڊگري پرائي ڪجهه عرصو ڪراچي ۾ وڪالت ڪئي ۽ پاڪستان سول سروس جو امتحان ڏئي مختيارڪار مقرر ٿيو. تعليم سان دلچسپي سبب ڪامورڪي نوڪري ۾ دل ڪونه لڳس تنهن ڪري ۱۹۵۵ع ڌاري ٽنڊوڄام ۾ وليج ايڊ ڪاليج جو پرنسيپل مقرر ٿيو جيڪو امريڪا جي سهائتا قائم ڪيو ويو هيو پر ڪجهه عرصي کان پوءِ اهو ڪاليج بند ڪيو ويو ته گل محمد شيخ پنهنجي پراڻي مختيارڪار واري نوڪري جي سنڀال ڪئي جتي ترقي ڪندي ڊپٽي ڪمشنر جي عهدي تي پڳو. الطاف شيخ جو والد انتهائي پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو هيو جنهن نه رڳو پاڻ سموري عمر علم سان دل لڳائي پر پنهنجي اولاد جي تعليمي تربيت جو گهڻو اونو هئڻ سبب کين بهتر کان بهتر تعليم ڏياري. هو مختلف اخبارن ۾ ڪالم به لکندو رهندو هيو ۽ ڪجهه ڪتاب جهڙوڪ ماکيءَ جي مک، ماڪوڙي، ڪوڙيئڙو ۽ گڏهه وغيرهه پڻ لکيائين. الطاف شيخ جي تعليم الطاف شيخ پرائمري تعليم جا چار درجا هالا جي سرڪاري اسڪول ۾ پڙهيا جتي صبح شام پڙهڻ وڃڻو پوندو هيو يعني صبح اٺين کان ٻارهن وڳي تائين. تنهن کانپوءِ ٻه ڪلاڪ موڪل هوندي هئي ۽ وري ٻه وڳي کان پنج وڳي تائين ڪلاس هلندا هيا. پرائمري چار درجا پاس ڪري الطاف شيخ هالا جي اسڪول مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول ۾ پهرئين انگريزي درجي ۾ داخلا ورتي. ان دور ۾ هاءِ اسڪول مان انگريزي جا ست درجا پڙهي ميٽرڪ ڪبي هئي. الطاف شيخ اڃان انگريزي جي ٻئي درجي ۾ پڙهي رهيو هيو ته نئين کلندڙ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو (پيٽيارو) ۾ چوٿين درجي ۾ داخلا لاءِ اخبارن ۾ اشتهار ڏناويا. الطاف شيخ هڪ سال بعد ٽيون درجو پاس ڪري چوٿين درجي لاءِ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ داخلا ورتي. ان دور ۾ ڪيڊٽ ڪاليج جي شروعاتي عمارت ميرپورخاص جي شاه لطيف ڪاليج جي ڪجهه حصي ۾ واقع هوندي هئي جيڪا بعد ازان پيٽارو ۾ ڪاليج جي موجودهه عمارت ٺهڻ کان پوءِ ايڏانهن تبديل ڪئي وئي. پيٽارو ڪيڊٽ ڪاليج ۾ الطاف شيخ کي داخلا وقت لياقت هائوس ۾ ڪٽ نمبر ۴۷ ملي هئي جتان هن ۱۹۶۰ع ۾ ميٽرڪ ۽ ۱۹۶۳ع ۾ انٽر جو امتحان پاس ڪيو. ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ درسي تعليم سان گڏ فوجي تعليم پڻ ڏيندا هيا جنهن ۾ مختلف رانديون، گهوڙي سواري ۽ ترڻ خاص طور تي شامل هوندو هيو. الطاف شيخ جي دلپسند راند باسڪيٽ بال رهي جنهن جو هو ڪاليج ٽيم جو ڪئپٽن به ٿي رهيو. پيٽارو مان انٽر ڪرڻ بعد الطاف شيخ مرچنٽ نيويءَ لاءِ ان وقت چٽگانگ ۾ پاڪستان مئرين اڪيڊميءَ ۾ داخلا ورتي جتان ۱۹۶۸ع ۾ هن گريجويشن ڪئي. جهازن جو چيف انجنيئر ٿيڻ بعد هن ۱۹۹۳ع ۾ سئيڊن جي ”ورلڊ ميريٽائيم يونيورسٽي مالمو“ مان پوسٽ گريجويشن ڪئي. مئرين انجنيئرنگ جو سڌو سنئون واسطو جهازسازي ۽ جهاز تي ڪم ايندڙ مشينن جي ٺاهڻ، سار سنڀال لهڻ ۽ مرمت سان هوندو آهي. مئرين انجنيئرنگ جي پڙهائيءَ دوران الطاف شيخ جي اڪيڊمڪ سبجيڪٽن ۾ فزڪس، ڪيمسٽري ۽ ميٿميٽڪس سان گڏ نيول آرڪيٽيڪچر، شپ ڪنسٽرڪشن، ايئرڪنڊيشنگ ۽ ريفريجريشن، انسٽرومينٽيشن، بوالرس، اليڪٽروٽيڪنالاجي، فيول ٽيڪنالاجي، آٽوميشن، هِيٽ، هِيٽ انجنس، سروائيول ايٽ سي، ٽربائين، ڊيزل انجن ۽ فائر فائيٽنگ وغيره خاص هيا. چٽگانگ ۾ پڙهائيءَ واري دور ۾ اتان جو موسم ۽ ماحول انتهائي خوبصورت هوندو هيو، چوڌاري چهچ ساوڪ ۽ وڻڪاري جا انيڪ سلسلا، جهڙ ۽ مينهوڳي ڄڻ ته روز جو معمول، درياهه ۽ نهرون چوڌاري نظر ڦير ته اکين اڳيان جن ۾ هلندڙ آگبوٽ ۽ ٻيڙيون ترندي طلسمي ماحول پيدا ڪنديون هيون. الطاف شيخ جهڙي ماڻهو لاءِ اهي منظر من ڀائڻا هيا تنهن ڪري هو شهرن، ڳوٺن، گهٽين ۽ روڊن تي نڪري ويندو هيو ڪجهه لکڻ جهڙو مواد ۽ موضوع ڳولڻ ۽ واپس وري اهي دلچسپ تجربا پراثر انداز ۾ “دريائن جي ديس مان” جي عنوان سان هر هفتي روزاني سنڌي اخبار “مهراڻ” ۽ “هلال پاڪستان” رسالي ڏي موڪليندو رهندو هيو جتي ڇپجڻ بعد سندس مضمون نهايت دلچسپي سان پڙهيا ويندا هيا. الطاف شيخ وٽ سامونڊي نوڪري لاءِ اتساهه الطاف شيخ کي نوجواني واري ڏينهن ۾ ئي سمنڊ جو نيرڙو پاڻي، لامحدود دنيا ۽ ويڪري سيني تي آبي پکين جيان ترندڙ مختلف ملڪن جا خوبصورت ۽ دلآويز جهاز تمام گهڻا وڻندا هيا. مٿان وري جهازن تي ڪم ڪندڙ آفيسرن جون سفيد جرڪندڙ ورديون سندس لاءِ تمام گهڻي ڪشش جو باعث هونديون هيون. ان لاءِ کيس جڏهن به سمنڊ ڏسڻ جو موقعو مليو ته هو ان ۾ ڪوتاهي ڪونه ڪندو هيو جتان واپسي تي کليل اکين سان جهازرانن جي اڇي وردي جا خواب ڏسندو رهندو هيو. ڪيڊيٽ ڪاليج پيٽارو ۾ انٽر ڪرڻ تائين ان شوق سندس من ۾ وڌيڪ پر پکيڙيا جتي معياري پڙهائي سان گڏ والدين جي سرپرستي، استادن، ساٿين ۽ ڪتابن جي سنگت الطاف شيخ کي عمر کان وڌيڪ ميچوئر بڻائي ڇڏيو جنهن سان کيس پنهنجي ايندڙ زندگي جا فيصلا ڪرڻ ۾ آساني ٿي. تنهن ڪري هن فيصلو ڪري پنهنجي خواب جي ساڀيان لاءِ ميرين انجنيرنگ جي شعبي ڏانهن وک وڌائي. الطاف شيخ بنگلاديش جي چٽگانگ ميرين اڪيڊمي مان ميرين انجنيرنگ جي تربيت وٺڻ کان پوءِ ۱۹۶۸ع ڌاري پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن ۾ جونيئر ميرين انجنيئر (ففٿ انجنيئر) طور ڀرتي ٿيو ۽ پوءِ ۱۹۷۶ع ۾ چيف انجنيئر ٿيڻ تائين پاڪستان جا مختلف جهاز هلائڻ جا فرض نڀائيندو رهيو. پي اين ايس سي وٽ ان دور ۾ صرف ويهه ٻيڙا هوندا هيا. الطاف شيخ کي شروعاتي ڏينهن ۾ ۴۰۰ روپيا پي اسڪيل واري پگهار ملندي هئي جڏهن ته جهازن تي اسٽاف جو رهڻ کائڻ مفت هوندو هيو. ان دور ۾ اها تمام وڏي پگهار هوندي هئي جو سون جو تولو ان وقت هڪ هزار روپئي کان به گهٽ ۾ ملندو هيو. سَٺ جي ڏهاڪي واري جنهن دور ۾ الطاف شيخ جهازراني اختيار ڪئي ان دور ۾ سامونڊي نوڪريءَ ۾ سنڌي آفيسر هوندا ئي ڪونه هيا بلڪه ايشيائي به گهٽ هوندا هيا ڇڙو يورپي ملڪن جي گوري آفيسرن جي جهازن جي دنيا تي حڪمراني هوندي هئي جيڪي جهاز هلائڻ کان علاوه ٻه ڪم ٻيا ڪندا هيا. هو تاس راند کيڏندا رهندا هيا يا شراب پي غش ٿي ويندا هيا. الطاف شيخ جي شادي نوڪري ملڻ کان ٽي چار سال پوءِ الطاف شيخ جي شادي ۲۲ مئي ۱۹۷۱ع ڌاري دادوءَ ۾ رهندڙ پنهنجي ماسات مستوران گهلوءَ سان ٿي جنهن مان کيس ٻه نياڻيون مريم جيجل ۽ ماروي عطيه ٿيون. شادي کان پوءِ قريبن اٺن سالن تائين جهازي ۽ سامونڊي زندگي ۾ الطاف شيخ سان سندس گهرڀاتي به جهازن تي گڏ رهندا آيا. ڪجهه وقت کان پوءِ جڏهن هن ڏٺو ته سندس نياڻيون وڏيون ٿي رهيون هيون جن جي تعليم، ذاتي زندگي ۽ مستقبل پنهنجي نوڪري جي ور چڙهندي ڏسي هن پنهنجي محبوب نوڪري کي الوداع چيو. الطاف شيخ پنهنجي نياڻين کي ٻه ٽي سال ڪراچي جي DHA ماڊل اسڪول ۽ بعد ۾ ڪلفٽن واري سينٽ پيٽر اسڪول ۾ پڙهايو، ان بعد ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾، جتي هن کي ڪناري جي نوڪري ملي هئي. الطاف شيخ جي سامونڊي نوڪري ميرين انجنيرنگ جي نوڪري دوران هن دنيا جو هر ملڪ هر بحر و بر گهميو. هو ٻارن جي تعليم خاطر ڪناري جي نوڪري جي ڳولا ڪئي. ۱۹۸۰ع ۾ سامونڊي نوڪري ڇڏي ۱۹۹۰ع تائين مئريٽائيم اڪيڊمي ملائيشيا ۾ مئرين انجنيرنگ پڙهائيندو رهيو. تنهن کان پوءِ وري واپس پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن ۾ مئنيجر ٿي رهيو، جتان کيس پاڪستان ميرين اڪيڊمي ماڙيپور ڪراچي ۾ ميرين انجنيرنگ کاتي جو سربراهه مقرر ڪيو ويو. الطاف شيخ پاڪستان جو پهريون چيف انجنيئر آهي جنهن مالا ڪنڊ نالي پاڪستان جو پهريون آٽوميٽڪ جهاز هلايو. واضع رهي ته جهاز جي ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر جي نه رڳو يونيفارم چئن پٽين واري هڪ جهڙي ٿيندي آهي پر سندن پگهار جو اسڪيل به ساڳو هوندو آهي. الطاف شيخ پاڪستان مئرين انجنيرنگ واري شعبي جو ٻن ڏهائين تائين هيڊ رهيو ۽ ان کان اڳ پندرهن سالن تائين سمنڊ جي وشال سينن تي انيڪ قديم و جديد جهاز هلائيندو رهيو آهي. الطاف شيخ ۱۹۷۵ع وارا ڪجهه مهينا ڪويت جي بندرگاهه جو چيف انجنيئر به رهيو پر کيس عربن جي نوڪري ڪونه وڻي ان لاءِ هو چار مهينن کان وڌيڪ اتي ڪم ڪري ڪونه سگهيو ۽ واپس موٽي وري پي اين ايس سي واري پنهنجي پوسٽ سنڀالي. ميرين انجنيرنگ ۾ الطاف شيخ جي خاصيت شپ چيف انجنيئر ۽ ميرين انجنيرنگ ڊيپارٽمنٽ ميرين اڪيڊمي ملائيشيا جو هيڊ رهي. هن پروفيسر ٿي پڻ پڙهايو ۽ ۳۶ سال دنيا ڀر جي تمام سمنڊن، دريائن، آبي رستن جو پاڻي ڪڇيندي ۽ درس تدريس جو ڪم ڪندي هن ۲۰۰۴ع ۾ سٺ سالن جي عمر تي رسي PNSC مان جنرل مئنيجر طور رٽائرمينٽ ورتي. ان بعد هو مختلف ملڪن جي مئرين اڪيڊمين ۽ انجنيرنگ يونيورسٽين ۾ وزيٽنگ پروفيسر جي حيثيت ۾ ليڪچر ڏيندو رهي ٿو. گهڻي کان گهڻا سفرناما لکڻ ڪري هن کي سنڌ يونيورسٽي، ڪراچي يونيويسٽي ۽ ممبئي يونيورسٽي جا سنڌي ڊپارٽمينٽ پڻ ليڪچر لاءِ گهرائيندا رهن ٿا. نوڪري دوران الطاف شيخ کي جهازن جي محدود دنيا ۽ بي انت سامونڊي سفر تمام گهڻا وڻندا هئا جو واندڪائي هئڻ ڪري لکي پڙهي به جام وٺندو هيو ته انهن ڊگهي سفرن دوران ننڊون به گهڻيون ڪيائين. ميرين انجنيرنگ جي نوڪري وارا شروعاتي سال الطاف شيخ اهڙن جهازن تي رهيو جن جا تمام ڊگها سامونڊي روٽ رهيا ان لاءِ مهينن جا مهينا هل هلان هوندي هئي. ڪيترائي ڀيرا ته پنج ڇهه مهينن جي ڊگهي ۽ اڙانگي سفر ۾ سندس جهاز ٽي چار سمنڊ لتاڙي ويندو هيو. ڪراچي کان چٽگانگ، پينانگ، ڪولمبو، پورٽ ڪلانگ، سنگاپور، ٽوڪيو، بئنڪاڪ، هانگ ڪانگ، يوڪوهاما، نگويا، اوساڪا، پوسان، سيول ۽ سيئول تائين ۽ ٻئي طرف ڪراچي کان عدن، دوحا، بندر عباس، دبئي، ڪويت، جدو، لنڊن، هئمبرگ بندرگاهه وغيره جا سفر سندس لاءِ روز جا قصا هوندا هيا. الطاف شيخ پنهنجا جهاز سئيڊن جي ڏاکڻي بندرگاهه مالمو توڙي گادي واري شهر اسٽاڪ هوم تائين هلائيندو رهيو ته ڀر وارن ملڪن ناروي، ڊنمارڪ ۽ فن لينڊ جي بندرگاهن تي به سندس جهازن جي اچ وڃ جام هوندي هئي. ان سان گڏ ڪراچي کان لنڊن يا ڪيوبا ۽ ٽوڪيو کان لاس اينجلس واري ڊگهي سفر ۾ سندس جهاز هندي وڏي سمنڊ، ائٽلانٽڪ ۽ پئسفڪ جهڙن وشال بحرن کي پوئتي ڌڪيندا نڪرندا هيا. سٺ ستر واري ڏهاڪي ۾ سندس جهاز جڏهن روسي رومانيا مان سامان کڻي جدي يا دبئي ايندو هيو ته انهن ڏينهن ۾ سئيز ڪئنال وارو روٽ بند هئڻ ڪري جهازن کي سموري آفريڪا کنڊ جو چڪر هڻي ڦرڻو پوندو هيو جنهن ۾ ٽيهه چاليهه ڏينهن لڳي ويندا هيا پر هاڻي سئيز ڪئنال کلڻ ڪري اهو سفر هفتي کن ۾ نپٽجي ويندو آهي. جهازي نوڪري دوران الطاف شيخ کي نه رڳو بيشمار ملڪن جون سوين بندرگاهون گهمڻ جو موقعو مليو پر هن کي ڪيترن ئي ڏورانهن ٻيٽن جهڙوڪ ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ڪيپ وردي ۽ لاس پاماس يا ميڊيٽريئين جا مالٽا، سسلي ۽ سائپرس، پئسفڪ سمنڊ جا فجي، مارشل ۽ هونولولو يا ڪئريبين سمنڊ جا ڪيوبا ۽ جميڪا ٻيٽن تائين پنهنجا جهاز هلايا ته دنيا جي تمام ننڍن ۽ گمنام جزيرن جهڙوڪ ٽرنيڊڊ، برمودا ۽ ٽوباگو وغيره تان به ڀيرا ڀري آيو. الطاف شيخ جهڙي هيڏي وڏي پروفائيل واري ماڻهو جي شخصي ڪردار متعلق هيءَ حقيقت نه مڃڻ جهڙي آهي ته هو اخلاقي اعتبار کان به انتهائي معتبر ۽ معصوم رهيو آهي. منهنجا کوڙ سارا دوست جهازن تي نوڪريون ڪندا آهن انهن مان گهڻا تڻا بيشمار علتن ۾ عليل آهن شراب سگريٽ، پتي بازي ته انهن لاءِ بنيادي حق جيان هوندي آهي جو سامونڊي جهاز جي نوڪري گهروارن، دوستن يارن، پنهنجي تر، ڳوٺ ۽ بيشمار شهري آسائشن کان پري هئڻ ڪري سماجي ۽ نفسياتي طور تي تمام ڏکي، الجهيل ۽ اذيتناڪ ٿئي ٿي تنهن ڪري جهازي آفيسر، نوڪر ۽ ڪارندا ڪنهن نه ڪنهن علت يا کوڙ ساري علتن ۾ پنهنجي اڪيلائين جو تحفظ تلاش ڪندا رهندا آهن پر حيرت انگيز ڳالهه آهي جو پنهنجي سموري عمر سامونڊي جهازن، جهازي بندرگاهن، ماڻهن ۽ ماڳن کي ارپيندڙ الطاف شيخ شباب، ڪباب، شراب، گٽڪي، پان ٻيڙي کان به پري رهيوآهي. ڀلي کيس گوهر رحمان ۽ متين ظفر جهڙا انجنيئر ڪيترو به سمجهائين ته اهي شيون خراب آهن. اسان کي هر روز ڪيترائي ماڻهو ڪيترين ئي ڳالهين کان روڪيندا آهن ۽ ڪيتريون ئي ڳالهيون ڪرڻ لاءِ ليڪچر ڏيندا رهندا آهن ته ڇا اسان اهي چڱيون ڳالهيون واپرائيندا آهيون. بنهه نه مان پنهنجي بيشمار دوستن کي شراب ۽ سگريٽ ڇڏڻ لاءِ ڪيترن ئي سالن کان سمجهائيندو رهندو آهيان پر مجال آهي جو هو ان کان مڙن ۽ منهنجي ڳالهه مڃن. حقيقت اها آهي ته الطاف شيخ ذاتي طور تي پاڻ انهن شين کي دلئون برو سمجهي پيو ۽ ٻيو ته ڊگهي سامونڊي مسافرين ۾ هن وٽ شراب سگريٽ کان وڌيڪ مڌوان شي ڪتاب، قلم ۽ ڪجهه اڃان بهتر ڪرڻ جو جذبو هوندو هيو تنهن پڻ کيس انهن علتن کان پري رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. الطاف شيخ جو ننڍپڻ کان پڙهائي سان لڳاءَ جو سبب الطاف شيخ جو سمورو خاندان پيڙهين کان پڙهائي جي معاملي ۾ پنهنجي علائقي ۾ اڳڀرو رهندو پئي آيو سندس والد پنهنجي اولاد کي تمام سٺي تعليم ڏياري. توڙي جو سندس شهر ۾ اردو زبان جي تعليم ڪونه هوندي هئي تنهن هوندي به سندس والد ننڍڙي الطاف جي اردو پڙهڻ جو خانگي طور بندو بست ڪيو. سندس والد مختلف ڪتاب خريد ڪري کين پڙهڻ لاءِ ڏيندو رهندو هيو ته جيئن منجهن ڪتابن سان دلچسپي پيدا ٿئي. ايتري تائين جو مختلف شهرن ۾ پوسٽنگ دوران به سندس والد گل محمد ٻارڙن جي دلچسپي ۽ ڪهاڻين جا ڪتاب وٺي کين وي پي پي ذريعي ڳوٺ جي ايڊريس تي موڪليندو رهندو هيو. الطاف شيخ کي پهاڪا پڙهڻ جو ننڍي هوندي کان شوق هوندو هيو. پرائمري چوٿين ڪلاس ۾ پڙهڻ دوران هن پهاڪن جو پهريون ڪتاب “گل شڪر” پنهنجي والد جي لئبرري مان کڻي پڙهيو هيو جيڪا سندس گهر ۾ هوندي هئي. ان دور ۾ هالا ننڍڙو ڳوٺ هوندو هيو جتي نه سئنيما هوندي هئي نه ان دور ۾ ٽي وي يا ڪمپيوٽر هوندو هيو. ننڍڻ مان اسرندڙ الطاف شيخ کي ڪڏهن ڪڏهن ڳوٺ ۾ هڪ پان ٻيڙيءَ جي مانڊڙي جي سامهون گذرندي گراموفون تي جيوڻي ٻائي ۽ ماسٽر چندڙ وغيره جا گانا ٻڌڻ ۾ ايندا هيا جيڪو مانڊڙي جو شوقين مالڪ هلائيندو رهندو هيو. الطاف شيخ جڏهن ڏهن سالن جو ٿيو ته سندس والد ريڊيو خريد ڪري آيو هيو. الطاف شيخ جو نانو سيٺ محمد حسن سومرو حيدرآباد ۾ سنڌ زميندار هوٽل هلائيندو هيو پر کيس علم و ادب سان به گهڻو لڳائو هوندو هيو تنهن ڪري هن پنهنجي پٽن، پوٽن ۽ ڏوهٽن لاءِ گهر ۾ هڪ ننڍڙي لائيبرري جوڙي هئي جتي هو پاڻ به پڙهندو هيو ته پنهنجي خاندان جي تمام ٻارڙن کي ڪتاب پڙهڻ لاءِ اتساهيندو رهندو هيو. حليم بروهيءَ جهڙو مزاحيه اديب ۽ عرض محمد شيخ جهڙو شاندار انجنيئر، آرٽسٽ، سندس ناني جي وڏي ڀينرن فاطمه ۽ زينت جا پٽ هيا جن سان ٿيندڙ ڪچهرين پڻ ننڍڙي الطاف شيخ جي دل کي ادبي دنيا سان متعارف ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. الطاف شيخ کي پڙهڻ سان ننڍي هوندي کان جيڪا دلچسپي هوندي هئي سا ڪيڊٽ ڪاليج پٽارو ۾ پهچي بالغ ٿي جتي ڪاليج جو انگريز پرنسيپل ڪرنل ڪومبس ۽ ائڊجيوٽنٽ ڪئپٽن عالم جان محسود ۽ ڪمانڊر اسرارالله وغيره پڻ سڀني شاگردن کي ڪِتاب پڙهڻ لاءِ اتساهيندا رهندا هئا. الطاف شيخ استادن جي ان سهولت ۽ محبت مان تمام گهڻو فائدو وٺي پڙهڻ سان گڏ لکڻ به شروع ڪيو. پيٽارو ۾ ئي ميٽرڪ پڙهڻ دوران هو ننڍڙا ننڍڙا مضمون ۽ ڪهاڻيون لکي سنڌي اخبارن ۽ رسالن جهڙوڪ هلال پاڪستان، گلستان، بادل، ڳوٺ سڌار وغيره جي ٻاراڻي صفحن ڏانهن موڪليندو رهندو هيو. ميٽرڪ ۾ پڙهڻ دوران سندس لکڻ جي لياقت ڏسي استادن کيس پيٽارو ڪاليج جي مئگزين جي سنڌي سيڪشن جو ايڊيٽر ڪيوويو. پيٽارو ڪاليج مان الطاف شيخ تمام گهڻو پرايو جتي نه رڳو سندس مطالعو وسيع ٿيو پر هڪ ميگزين جي ايڊيٽر هئڻ ناطي لفظن جي ادبي ۽ هنري ڪاريگري سان به متعارف ٿيو. انٽر پاس ڪري جڏهن هو بنگلاديش پڙهڻ ويو ته ”دريائن جي ديس مان“ جي عنوان تحت اتان جي ماڻهن، سماج، تهذيب، موسم ۽ شهرن تي سفرنامي جي انداز ۾ مضمون لکندو رهيو جيڪي بعد ازان حيدرآباد جي سنڌي عبرت ميگزين، اخبار، بادل، سهڻي ۽ روح رهاڻ وغيره ۾ ڇپجڻ لڳا ته پڙهندڙن کان کيس تمام گهڻي موٽ ملي جنهن ڪري هن ڪهاڻي افساني جي دنيا کان پاسيرو ٿيندي صرف سفرنامي کي لکڻ لاءِ اظهار جو ذريعو بڻايو. ارڙهن سالن جي عمر ۾ سندس پهريون ڪتاب اناميڪا نالي بنگالي ڪهاڻين جو ترجمو تڏهن ڇپيو جڏهن هو مئرين انجنيئرنگ جي ورڪ شاپ ٽريننگ ڪراچي شپ يارڊ ۾ وٺي رهيو هو. ان دور ۾ ئي الطاف شيخ دوستن احبابن کي به خطن ذريعي پنهنجي سامونڊي سفر جي تجربن، مشاهدن ۽ حادثن متعلق سفرنامي جي طرز تي خط لکندو رهندو هيو جن مان ڪجهه روزاني سنڌي اخبار عبرت ۾ ڇپجڻ لڳا. انهن ڪالمن کي ترتيب ڏئي الطاف شيخ پبلشر جي تعاون سان سهڻي پرنٽنگ پريس مان “منهنجو ساگر منهنجو ساحل” نالي سان ڪتاب ڇپرايو جنهن کي ۱۹۶۹ع ۾ پاڪستان رائيٽرس گلڊ لاهور طرفان سال جي بهترين ڪتاب جو ايوارڊ مليو. اٺاويهن سالن جي ڦوهه جوانيءَ ۾ مليل مقبوليت، شهرت ۽ ماڻهن جي سندس لکڻين ۾ دلچسپي آهستي آهستي الطاف شيخ جو حوصلو به وڌائيندي رهي . جهازن تي ڊگهن سفرن دوران به وقت گذارڻ لاءِ سندس بهترين وندر ڪِتاب پڙهڻ ۽ لکڻ هوندي هئي. هن جو جهاز جنهن ساحل تي ترسندو هيو ته اتان ڪجهه ڪِتاب، رسالا يا اخبارون وغيره هٿ ڪري من جي اساٽ جو بندوبست ڪري. ڪڏهن ڪڏهن سامونڊي سفر ايترا ته ڊگها ٿي ويندا هيا جو هن وٽ ڪتابن جو ذخيرو ختم ٿي ويندو هيو. هاڻي جڏهن پڙهڻ لاءِ ڪا شي نه هئي ته پوءِ هن سمنڊ، سامونڊي دنيا، ساحلي معاملن، منظرن، ماڻهن، تهذيبن، شهرن، ماڳن وغيره تي لکڻ شروع ڪيو جيڪا عادت وقت سان گڏ پڙهڻ واري شوق تي به غالب پوندي وئي. لکڻ جي شروعات الطاف شيخ سنڌي ۾ لکڻ جي شروعات سنڌي اخبار عبرت کان ڪئي. ان کان علاوه امرتا، هلالِ پاڪستان، سهڻي ميگزين ۾ به ڇپندو رهندو هيو. هن وقت هو دنيا جي مختلف اخبارن، رسالن ۽ ڊائجسٽن ۾ سنڌي کان علاوه اردو، انگريزي ۽ ملئي ٻولي ۾ به مضمون لکندو رهي ٿو. سندس اردو مضمون اردو روزنامي امت اخبار، اڙدو ڊائجسٽ، سرگزشت ڊائجسٽ، اخبارِ جهان، پاڪستان پوسٽ، دستڪ ۽ ٻين رسالن ۽ اخبارن ۾ به ڇپجندا رهن ٿا. الطاف شيخ ملائيشيا ۽ جاپان جي مختلف انگريزي اخبارن ۽ رسالن ۾ پڻ باقاعدگي سان لکندو رهندو آهي. الطاف شيخ سنڌي، اردو، انگريزي، ملائي، جاپاني ۽ بنگالي ٻوليون آساني سان ڳالهائي، لکي ۽ پڙهي سگهي ٿو. الطاف شيخ جو مڃڻ آهي ته “مونکي سنڌي زبان جو اديب آفريڪا کنڊ جي ڊگهن سامونڊي سفرن ڪيو ۽ اڙدو جو اديب روزاني اردو اخبار امت جي چيف ايڊيٽر رفيق افغان ڪيو”. الطاف شيخ بطور ترجمه نگار دنيا جي ادبي وايومنڊل ۾ ترجمه نگاري هڪ تمام انوکي تخليقڪاري ليکي ويندي آهي. ترجمي جي افاديت اها پڻ ٿئي ٿي ته ان لاءِ دنيا جي بهترين ادب مان اهڙي خوبين وارا ڪتاب چونڊيا ويندا آهن جن پنهنجي ماحول سان گڏ سماجي ۽ معاشي قدرن ۽ نظامن تي ڪي مثبت اثر ڇڏيا هجن. الطاف شيخ دنيا جي بيشمار ٻولين جو ڄاڻونگر آهي جنهن سموري زندگي مختلف ملڪن ۾ ايندي ويندي اتان جو ادب پڙهيو، لکيو ۽ واپرايو. ان سلسلي ۾ هن مختلف ملڪن جي بهترين ڪهاڻين، قصن، داستانن ۽ ناولن کي پڻ پنهنجي ٻوليءَ ۽ پنهنجي ماڻهن ۾ متعارف ڪرايو. اها ٻي ڳالهه آهي ته جاپاني ٻولي ۽ لوڪ ادب سندس رڳ رڳ ۾ سمايل ملي ٿي. الطاف شيخ کي مليل ايوارڊ الطاف شيخ گذريل چار پنج ڏهائين کان دنيا ڀر جي سنڌي، اردو، انگريزيءَ، جاپاني، ملئي وغيره ۾ ڇپجندڙ بيشمار اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪالم لکندو رهي ٿو. سندس ڪارائتي ڪم جي مڃتا طور کيس مختلف طريقن سان سراهيو ويندو آهي ته ايوارڊ به ڏنا ويندا آهن. پاڪستان حڪومت طرفان کيس ادبي خدمتن جي موٽ ۾ تمغه امتياز ڏنو ويو آهي. ثقافت کاتو سنڌ پاران کيس لائيف اچيوميٽ ايوارڊ مليو. حيدرآباد ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران به الطاف شيخ کي لائيف اچيومينٽ ايوارڊ ڏنو ويو. پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس اسلام آباد، رائيٽرس گلڊ، سوجهرو پبليڪيشن پاران به کيس ڪئي دفعا ايوارڊ ڏنا ويا آهن ته سگا وارن به کيس سگا گولڊ ميڊل ايوارڊ ڏنو آهي. سندس ادبي خدمتن جي موٽ طور متحده ميمن جماعت پڻ ايوارڊ ڏنو آهي. ان کان علاوه به الطاف شيخ بيشمار ايوارڊ ماڻيا آهن جهڙوڪ شاهه عبدالطيف ڀٽائي لٽرري ايوارڊ ۽ ڪينجهر ايوارڊ. کيس پٽاريئن ايسوسيئيشن طرفان لائيف ٽائيم اچيومنٽ ايوارڊ پڻ مليو آهي کيس بيشمار ٻين ملڪن طرفان به کيس وقتن فوقتن اعزاز ۽ ايوارڊ ملندا رهندا آهن جن مان خاص ملائيشيا حڪومت طرفان اتان جو وڏي ۾ وڏو سولين ايوارڊ PJK (پنگت جاسا ڪَ بَڪتيئان) جيڪو کيس ملائيشيا جي انگريزي اخبار ”نيو اسٽرئٽ ٽائيمس“ ۾ ڪالم لکڻ جي ادبي خدمتن ڪري ۱۹۸۹ع ڌاري ڏنو ويو. الطاف شيخ جاپان جي ميرين انجنيرنگ سوسائٽي، جاپان جي سوسائٽي آف نيول آرڪيٽيڪچرس، ڪينيڊيئن انسٽيٽيوٽ آف ميرين انجنيئرس، سنگاپور جي سوسائٽي آف نيول آرڪيٽيڪٽس اينڊ ميرين انجنيئرس، برطانيه جي انسٽيٽيوٽ آف ميرين انجنيئرس لنڊن، سنگاپور جي انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ ٽيڪنولوجسٽس، سنگاپور جي چارٽرڊ انسٽيٽيوٽ آف ٽرانسپورٽ ۽ ملائيشيا جي انسٽيٽيوٽ ڪيلائوٽن ميرينرس وغيره جو ميمبر آهي. الطاف شيخ بحري سائنس جي ادارن ۾استاد جهازن جي نوڪري ڇڏي الطاف شيخ پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن ميرين ڪاليج ۾ ليڪچرار ٿيو جتي بعد ۾ پنهنجي قابليت سان پرنسيپل مقرر ٿيو. ٻن سالن کانپوءِ ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾ قائم Akademi Laut ميرين اڪيڊمي هن جون خدمتون حاصل ڪيون جتي اٺن سالن تائين هيڊ آف ميرين انجنيرنگ ڊيپارٽمنٽ رهيو. تنهن کان پوءِ واپس ڪراچي آيو جتي هو پاڪستان ميريٽائيم اڪيڊمي ۾ پروفيسر ۽ بعد ازان هيڊ آف ميرين انجنيرنگ ڊيپارٽمنٽ مقرر ٿيو جتي ۲۰۰۴ع ۾ پنهنجي ريٽائرمنٽ تائين ڪم ڪندو رهيو. دنيا ڀر جي آبي دنيائن سان سلهاڙيل ادارا، يونيورسٽيون ۽ ڪاليج سندس قابليت مان لاڀ حاصل ڪرڻ لاءِ اڄ به الطاف شيخ کي ليڪچر ڏيڻ لاءِ گهرائيندا رهندا آهن خاص طور تي سري لنڪا، ملائيشيا، ممبئي، جاپان ۽ چين جي مئيرين ادارن جو ته الطاف شيخ پسنديده استاد ڀانئيو ويندو آهي جتي هوگذريل ٻن ڏهائين کان وزيٽنگ پروفيسر جي حيثيت ۾ مئرين انجنيئرنگ ۽ نيول آرڪيٽيڪچر جي سبجيڪٽس تي ليڪچر ڏيڻ لاءِ ويندو رهي ٿو. الطاف شيخ ايران جي يونيورسٽين ۾ به وزيٽنگ پروفيسر طور پڙهائيندو رهيو آهي. ان کان علاوه دنيا جو هي انتهائي مصروف رهندڙ ماڻهو وقت ڪڍي پاڪستان ۾ به مختلف سرڪاري نيم سرڪاري توڙي خانگي اسڪولن، ڪاليجن ۽ مختلف ادارن ۾ ملڪ جي معمارن کي پنهنجي تجربن اڌارت ليڪچر ڏيندو رهندو آهي. کيس ڪراچي يونيورسٽي ۽ سنڌ يونيورسٽي انتظاميه به ليڪچر ڏيڻ لاءِ اڪثر گھرائيندي رهندي آهي. ڪجهه عرصو اڳ ممبئي يونيورسٽي، سنڌي ڊپارٽمينٽ جي چيئرمئن ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻيءَ به هفتي کن لاءِ ممبئي گھُرايو هو جتي هن سنڌي، گجراتي، پالي ۽ ڪنهڙ زبانن جي شاگردن کي انگريزيءَ ۾ليڪچر ڏنا هئا. پسنديده ملڪ ۽ اديب جيڪڏهن ملڪن جي ڳالهه ڪجي ته الطاف شيخ کي جاپان، ملائيشيا، ۽ سئيڊن تمام گهڻو وڻندا آهن. ان کان علاوه ٿائيلينڊ، سنگاپور، ڪوريا، هانگ ڪانگ به سندس پسنديدهه علائقا آهن. انهن تمام ملڪن ۾ قائدو قانون، امن امان، انساني حقن جي صورتحال، صحت، وڻج واپار، انڊسٽري، تعليم تمام بهتر ۽ قدرتي نظارا واهه جا آهن. اتان جا ماڻهو به ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ ڪجهه گهڻا مهذب آهن. جيئن ته الطاف شيخ پاڻ اديب ۽ سفرناما لکندڙ آهي ان لاءِ کيس سفرنامي طرز جون ڪهاڻيون، ناول ۽ آتم ڪهاڻيون گهڻيون وڻنديون آهن. سنڌي لکارين ۾ کيس امر جليل، قمر شهباز، انيتا شاهه، اعجاز منگي، جنت منگهاڻي، حسن مجتبى، آغا شهاب الدين، امرسنڌو، جاويد قاضي، منير ڀرڳڙي ۽ فياض سومرو وغيره تمام گهڻو پسند آهن. الطاف شيخ کي مزاحيه اديبن جا ڪتاب به تمام گهڻا وڻندا آهن جڏهن ته کيس امر جليل، حليم بروهي، قمر شهباز ۽ ڊاڪٽر مستوئي جون مزاحيه لکڻيون تمام گهڻو مزو ڏينديون آهن. اڙدو اديبن ۾ کيس ابنِ انشا، بيگم اختر رياض دين ۽ اختر ممونڪا تمام گهڻو پسند آهن. مزاحيه لکڻين ۾ ڊاڪٽر يونس بٽ ۽ مشتاق يوسفي جو لکتون کيس موهينديون آهن. الطاف شيخ رچرڊ گورڊن، ارنيسٽ هيمنگوي، سمرسٽ ماهم ۽ گراهم جي ڪتابن جو تمام گهڻو شيدائي آهي. اهڙي ريت انگريز مزاحيه ليکڪ جارج ميڪش جو طرز بيان کيس گهڻو پسند آهي. افغان لکاري طاهر شاهه جا انگريزي ۾ لکيل سفرناما کيس وڻندا آهن. امريڪي ليکڪن ڪال ٿيروڪس ۽ جيمس البرٽ مچنز جا سفرناما پڻ الطاف شيخ لاءِ اتساهه جو باعث هوندا آهن. ڀارتي لکاري وڪرم سيٺ جو سفرنامو، ٽريولس ٿرو سنڪيانگ اينڊ تبت به کيس سٺو لڳو. الطاف شيخ پنهنجو پاڻ کي جاپاني ادب جو عاشق سڏائيندو آهي شايد اهو ئي سبب آهي جو هن جاپاني ادب مان بهتريون ئي بهترين ڪهاڻيون ۽ ناول سنڌي زبان ۾ ترجما ڪيا آهن. الطاف شيخ جو پسنديدهه جاپاني ليکڪ ماتسوئو باشو ۽ مشيما يوڪيو آهي جڏهن ته هو جاپاني لکاري عورت يوني نوگوچي جا لکيل سفرناما ۽ ڪتاب به شوق سان پڙهندو آهي. جپاني ليکڪ مڪيرو ساساڪي جا لکيل سفرناما ۽ ڪيل شاعري پڻ الطاف شيخ کي تمام گهڻي وڻندي آهي. ننڍپڻ کان وٺي جواني تائين، اسڪول کان ڪاليج تائين ڪتابن جو مطالعو الطاف شيخ جي زندگي ۽ معمولات جو جز رهيو سو جهازن جي نوڪري جي ٽريننگ دوران به همراهي رهيو ته سمنڊ جي سيني کي زندگي جا بيشمار دور ارپيندي به ساٿاري رهيو. وشال ساگر جي دنيائن کي وداع ڪندي جڏهن ڪناري جي زندگي ۾ داخل ٿيو ته به نه ڪتابن هن جو ساٿ ڇڏيو نه ئي قلم. الطاف شيخ سنڌ کي ڪوڙهه جيان ورائيندڙ بيشمار بيمارين جهڙوڪ وڏيرا شاهي، پير پرستي، جاگيرداري ۽ گندي سياست جو سخت مخالف آهي ۽ پنهنجي هر ملاقاتي کي ٿڌا ساهه ڀريندي ملائيشيا، سنگاپور ۽ ٿائيلينڊ وغيره جهڙن ملڪن جا حوالا ڏيندو آهي جيڪي ڪنهن وقت ترقي جي ڊڪ ۾ اسان کان گهڻو پوئتي پيل ۽ بيڪار ڀائنيا ويندا هيا پر اڄ اهي ملڪ سائنسي، سماجي ۽ سياسي ڊوڙ ۾ يورپي ملڪن جا ڏند کٽا ڪري رهيا آهن. الطاف شيخ هڪ شخص هوندي به هڪ انجمن، هڪ ادارو، هڪ تحريڪ ۽ هڪ ماحول آهي. هيڏي ساري نام مقام جي حاصلات ماڻيندي هاڻي هو هڪ فرد نه پر هيڪاندو ۽ اڏول وجود ماڻيندڙ اتهاس بڻجي پوري دنيا ۾ سنڌ ۽ سنڌين جي سڃاڻپ واري علامت بڻجي چڪو آهي جيڪو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وسندڙ سنڌين کي ڳولي ڦولي سارون لهندو نظر اچي ٿو. سندس لاءِ اهو مرتبو ڪيترو نه عظيم آهي دنيا جي هن ڪنڊ کان ٻئي ڪنڊ تائين رهندڙ ساڃاهوند سنڌي کيس نه رڳو سڃاڻن ٿا پر محبت واري ديوتا طور کيس پيار ڪن، پڏائن، پڙهن ۽ ڳالهين تي عمل ڪن ٿا. مان ڀانئيان ٿو ته دنيا ڀر ۾ جيترا دوست الطاف شيخ جا آهن اوترا ڪنهن ٻئي ماڻهو جا مشڪل سان هوندا. ان سان گڏ هيءَ پڻ حقيقت آهي ته سنڌي اديبن متعلق پڙهندڙن جو جيترو وسيع حلقو الطاف شيخ جي حصي ۾ آيو آهي اوترو ڪنهن ٻئي سنڌي اديب وٽ ورلي سان هوندو. هر چوٿين پنجين مهيني سنڌي ادب کي هڪ شاندار ڪتاب ارپيندڙ الطاف شيخ پنهنجي ڪمن جي آئيني ۾ دنيا جو مصروف ترين اديب لڳندو آهي. اعجازمنگي چواڻي ته “الطاف شيخ پنهنجي قلم سان هر ان شهر کي محفوظ ڪيو آهي جنهن ۾ هن ڪجهه ڏينهن يا ڪجهه پل گذاريا. جنهن شهر کيس پناهه ڏني ۽ پيار ڏنو الطاف شيخ ان جو احسان لاهڻ جي ڀرپور ۽ ڪامياب ڪوشش ڪئي ۽ رڳو هر شهر کي نه پر ان شهر ۾ ملڻ واري هر ماڻهو کي هن پنهنجي يادن جي تحريري البم ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي.” سنڌي ادب جو جهول سفرنامي جي صنف متعلق الطاف شيخ جي فنپارن کان اڳ فقير جي ڪستي جيان خالي نظر اچي ٿو شايد تنهن ڪري ئي ان کي هن وقت تائين صنف جو درجو ڪونه ڏنو ويو هيو. الطاف شيخ هڪ اهڙو وڻجارو آهي جنهن وٽ گهمڻ جو ڍنگ آهي ته لکڻ ۽ بيان ڪرڻ جو ڏانوءُ به. هو پنهنجي ڪلهي ۾ لڙڪيل ڪيميرا جهڙو ئي سچو ۽ کرو آهي جو کيس جيڪو ڪجهه جيئن آهي يا جيئن نظر اچي ٿو پاڻ ان کي اهڙي ريت لکي ۽ ڏيکاري ٿو. سندس لکڻ ۽ ڪتابن ڇپجڻ جي رفتار تمام گهڻي تيز آهي جنهن ۾ عمر سان گڏ سستي بجاءِ چستي محسوس ڪئي وئي آهي. مان سمجهان ٿو ته پاڪستان ته ڇا پر دنيا ڀر ۾ اهڙو ڪو وڻجارو، اهڙو ڪو اديب، اهڙو ڪو مئرين انجنير، اهڙو ڪو سياح مشڪل سان هجي جنهن ايترا سفرناما لکيا هجن. بقول مستنصر تاررڙ جي، جنهن جو الطاف شيخ دلپسند ليکڪ آهي ته “الطاف شيخ اسان سڀني کان گهڻا ڪتاب لکيا آهن پر گمنام زندگي گذارڻ ڪري ۽ پاڻ کيLow Profile رکڻ ڪري الطاف شيخ کان ايترا ماڻهو واقف نه آهن جيترا هئڻ کپن.” ۽ بقول امر جليل جي “ڪتابن جو نمبر کڻي مرزا قليچ بيگ جو وڏو هجي پر لفظن ۽ صفحن جو حساب ساربو ته الطاف شيخ جو ٽيڻو چئوڻو ٿيندو ۽ هن جيترو ڪنهن به سنڌيءَ ۾ نه لکيو آهي”. واندڪائي جي وندر مان لکڻ جي شروعات ڪندي پنهنجي مسلسل جدوجهد سان ڪتابن جي هڪ سينچري مڪمل ڪرڻ ڪناري پڄائڻ واري الطاف شيخ جهدِ مسلسل سان پنهنجي اتساهه جي ٻيڙي اهڙيءَ ڪنڌي لاٿي آهي جتي سندس سامهون پڙهندڙ چاهيندڙن جون بيڪران محبتون، شهرتون، عزتون ۽ بيشمار زندگين ڀري هڪ اهڙي منزل آهي جنهن کي ڏسندي مان هن دور کي سنڌي سفرنامي جي نسبت سان الطاف شيخ جو دور سڏيان ته بيجا ڪونه ٿيندو. سندس سفرناما سنڌي نوجوانن ۾ ايترا ته مقبول رهيا جو بقول امراقبال “الطاف شيخ جي سفرنامن کي پڙهي پڙهي سنڌ جي نوجوانن دنيا جي گولي کي پنهنجي آڱر تي ڦيرائڻ شروع ڪيو”. الطاف شيخ کي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ملڻ گهرجي دنيا ڀر جي يونيورسٽين مان پنهنجي نامور، مدبر، مفسر ۽ شاندار لکارين کي انهن جي وشال ادبي پورهئي جي مڃتا طور کين ڊاڪٽريٽ جون اعزازي ڊگريون ڏنيون وينديون آهن. ان پسمنظر ۾ الطاف شيخ جي ادبي، تعليمي ۽ سماجي خدمتن ۾ اڃان ڪهڙي کوٽ آهي جو کيس هن وقت تائين ان اعزاز کان محروم رکيو ويو آهي. يا ائين کڻي چئجي ته اسان جي ادارن ۾ اهڙا نڪما، نابين ۽ بي قدرا ماڻهو سيٽن تي ويٺا آهن جن جي نظر اڃان تائين الطاف شيخ جي شاندار ڪرداري شخصيت، ڪئي ڊزن ڪتابن، لکين ميلن جي مسافرين، دنيا ڀر جي تهذيبن، ملڪن، ماڻهن، ادارن، ماڳن، بحرن، ساحلن وغيره کي پنهنجي قلم سان سنڌين ۾ روشناس ڪرائيندڙ ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سنڌ ۽ سنڌين کي متعارف ڪرائيندڙ هن اتهاسي اديب جي کوجي قلم جي روشنائي کين نظر ئي ڪونه ٿي اچي. مان خاص طور تي سنڌ يونيورسٽي جي وي سي فتح محمد برفت ۽ ڊاڪٽر امير علي ابڙو کي گذارش ٿو ڪيان ته جناب الطاف شيخ کي سندس شاندار ادبي خدمتن جي مڃتا طور ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري ڏني وڃي جيڪو عمل سندس يونيورسٽي لاءِ به باعث عزت ۽ تقريم ٿيندو. الطاف شيخ جا لکيل ڪتاب ۱. اناميڪا ۲. منهنجو ساگر، منهنجو ساحل ۳. پيار جي گُهٽَ ۴. وايون وڻجارن جون ۵. سي ٻيڙيون رکين ٻاجهه سين ۶. دنيا آهي ڪاڪ محل ۷. سمونڊ جن ساڻيهه ۸. بندر بازاريون ۹. سمونڊ جي سيوين ۱۰. سي جوڀن ڏينهن ۱۱. بندر ديسان ديس ۱۲. خبرون کيڙائن جون ۱۳. ڪويت ڪنارا ۱۴. ڇا جو ديس ڇا جو وديس ۱۵. جاني ته جهاز ۾ ۱۶. جپان جن جي جيءَ ۾ ۱۷. ڳالهيون تنهن جپان جون ۱۸. خدا ڏي خط ۱۹. جپان رس ۲۰. سانڀاهو سمونڊ جو ۲۱. موج نه سهي مَڪڙي ۲۲. الطاف شيخ جي نوٽ بڪ تان ۲۳. بهترين سفرناما ۲۴. لنڊن تائين لفٽ ۲۵. ٻارن جون آکاڻيون ۲۶. ٽوڪيو جي گيشا گرل ۲۷. مڪليءَ کان ملاڪا تائين ۲۸. سنگاپور ويندي ويندي ۲۹. ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه ۳۰. ماستر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ ۳۱. دُنگي منجهه درياهه ۳۲. ڏاهي جهرڪي ۳۳. جت جر وهي ٿو جال ۳۴. يادن جي انڊلٺ ۳۵. ڳالهيون آهن ڳچ ۳۶. اي جرني ٽو ٿائلينڊ ۳۷. Proverbs Of Far East ۳۸. اوهريا جي عميق ڏي ۳۹. اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا ۴۰. ملير کان مالمو ۴۱. جت برف پئي ٿي جام ۴۲. ڪراچيءَ کان ڪوپن هيگن ۴۳. ارائونڊ دي ورلڊ ۴۴. رٺي آهي گهوٽ سان ۴۵. يورپ جا ڏينهن راتيون ۴۶. اي روڊ ٽو مدينا ۴۷. هيلسنڪي جي حسينا ۴۸. سنگاپور ٿو سڏ ڪري ۴۹. آل ابائوٽ سنگاپور ۵۰. ملائيشيا منهنجي من ۾ ۵۱. ڀلي ڀار تان ڀيرو ۵۲. هي ٻيٽ هي ڪنارا ۵۳. بوتلن جو سفر ۵۴. سوزيءَ سان پيار ۵۵. جل پريون ۵۶. ملائيشيا ۱۲ سالن بعد ۵۷. تيستائين گڊ باءِ ۵۸. جپان پنجويهه ورهين بعد ۵۹. ڪراچيءَ کان ڪوڪورا ۶۰. دهليءَ جو درشن ۶۱. نيو هالا کان نيويارڪ ۶۲. بخشو لغاريءَ کان بالٽيمور ۶۳. ايران ڏي اُڏام ۶۴. چنڊ چوانءِ سچ ۶۵. هلي ڏسجي هندستان ۶۶. پکي اُڏاڻا پنهنجي ديس ۶۷. ممباسا، شيدي بادشاهه همباشا ۶۸. ڏيهه پرڏيهه جو سفر ۶۹. بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾ ۷۰. هليو آ، هليو آ، ملائيشيا ۷۱. مونکي موهيو ملائيشيا ۷۲. آمريڪا ڙي آمريڪا ۷۳. وسي وڏ ڦڙو ۷۴. نه سي سڙه سُکان ۷۵. بنارس کان برمودا ۷۶. برونائيءَ کان برازيل ۷۷. گهاتو گهر نه آيا ۷۸. جل پريءَ جي اڳڪٿي ۷۹. ڪئمپس جا ڏينهڙا ۸۰. تاريخ جو سفر ۸۱. جيءَ اندر جهاتيون ۸۲. واٽ ويندي.. ۸۳. ڳوٺ جروار کان جپان ۸۴. جپان جپان آهي ۸۵. الطاف شیخ کی اردو کتابیں ۸۶. ملائیشیا کے دن ۸۷. یورپ کے دن ۸۸. کراچی سے کوپن هیگن ۸۹. ایران کے دن ۹۰. گيشائون کے ديس مين ۹۱. جهاز چلانے کے دن ۹۲. جپان کے دن ۹۳. کنارے کے دن ۹۴. میں چلا ممباسا ۹۵. چلو چلیں هندوستان ۹۶. سمندر کے دن الطاف شيخ هاڻي سنڌ جو سفرنامو غير سنڌين کي پڙهايو امام راشدي سنڌ، سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻولي خوش نصيب آهي جو الطاف شيخ جهڙو برجستو ليکڪ موجود آهي. الطاف شيخ گهـُمڻ، لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ ڪڏهن به ٿَڪو ناهي. هِن جو ڪم اهو هرگز ناهي رهيو ته، ”رِلي ڪـُلهي تي ۽ ماني راڄ تي“ هجي. پر هي سراپا عمل ۽ کوجنا وارو ماڻهو رهيو آهي. هن زندگيءَ ۾ جو ڪجهه ڏٺو، جو ڪجهه پڙهيو ۽ جيئن محسوس ڪيو آهي ان کي لفظن جي پوشاڪ پهرائي ڪاغذ تي قلمبند ڪندو رهندو آهي ۽ پوءِ اهي ڪاغذ تاريخ جا ورق بڻجي پَون ٿا ۽ اهڙي طرح دنيا جي تاريخ جـُڙندي رهي ٿي. الطاف شيخ سنڌ جو ورثو آهي. هي دنيا جهان گهُمي ڦِري آيو آهي. هڪ طرف هر خطي جي ماڻهن سان ملي ٿو ۽ هر خطي جي تاريخي، تهذيبي ۽ ثقافتي پاسن سان گڏ اتان جي ماڻهن جي مزاج، طور طريقن ۽ ريتن رسمن جو گهرو مشاهدو رکي ٿو ۽ ٻئي طرف وري سنڌ جي قديم تهذيبي، تاريخي ۽ ثقافتي پهلوئن کي دنيا ۾ روشناس ڪرائيندو رهي ٿو. سندس لکيل ڪتابن مان ملڪن قومن جي ڀرپور ۽ حيرت انگيز معلومات ميّسر ٿئي ٿي. الطاف شيخ دنيا جا مشهور ميوزم، علمي ادبي ادارا، لائبريريون، تاريخي ماڳ مڪان، يونيورسٽيون به ڏٺيون آهن ته عالمن، اديبن، شاعرن، مذهبي پيشوائن ۽ عام ماڻهن سان به مليو آهي. قديم آثار، ڪليسائون، گِرجا گهر، مسجدون، مندر ۽ مقبرن سان گڏ قومن جي عـُروج ۽ زوال جا داستان ٻڌائڻ سان گڏ انهن جي ترقيءَ ۽ تعمير جا راز پڻ ٻڌائي ٿو. الطاف شيخ جا ڪتاب محض سفر ناما يا رپورٽون ناهن بلڪه مختلف قومن جي نسلن جي آگاهي ڏني وئي آهي. الطاف صاحب قومن جي ترقي تعليم سان وابسته ڄاڻائي ٿو ۽ سنڌ جي ترقيءَ کي به جديد تعليم جي تناظر ۾ ڏسي ٿو. الطاف شيخ هڪ سنڌي اديب جي حيثيت ۾ سياح طور سـُڃاتو وڃي ٿو، پر حقيقت ۾ هِن جي حيثيت تاريخدان ۽ دانشور واري به آهي. پاڻ سنڌي نوجوانن جي سـُنهري ۽ بلند و بالا مقام حاصل ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هـُو سنڌي قوم کي اتساهه بخشي ٿو ته اها جديد دنيا جي ترقي يافته قوم بڻجي! سچ اهو آهي ته سنڌ لاءِ الطاف شيخ اتساهه جي علامت بڻجي چڪو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هِن سان سنڌ تمام گهڻو پيار ڪري ٿي. انهيءَ پيار جي بدولت الطاف شيخ مسلسل لکندو رهي ٿو ۽ هاڻي ته الطاف شيخ جي ذڪر کانسواءِ سفرنامن جي تاريخ اڻپوري آهي. الطاف شيخ هينئر سفر نامن جي تحريڪ بڻجي چـُڪو آهي. دنيا جي چَپو چَپو گهمندڙ هِن ماڻهوءَ جو قلم ڪڏهن به ٿـَڪو ناهي. هن پنهنجي قلم جو تقدس برقرار رکيو آهي ۽ انهيءَ قلم سان سنڌ جي نئين نسل جي ذهنن جي آبياري ڪندو رهي ٿو. نئين نسل سان هِن جي محبت ڏسي چئي سگهجي ٿو ته سنڌ جي مستقبل مان مايوس ناهي ٿيو. هِي نوَن ذهنن ۾ مستقبل جي چئلينجز کي مـُنهن ڏيڻ لاءِ تيار رهڻ جا اطلاع ڏيندو رهي ٿو. الطاف شيخ سڄي دنيا جو سير ڪيو آهي تنهن ڪري پاڻ هر ملڪ جي سيرت ۽ صورت کي خوبصورت انداز ۾ بيان ڪندو رهي ٿو. ان لاءِ هن پنهنجي سفر نامن ۾ سنڌ جي ثقافت، تهذيب ۽ تاريخ کي هرگز ناهي وساريو. ڇاڪاڻ ته هي سنڌ کان جدا ناهي ۽ سنڌ هن کان جدا ناهي. الطاف شيخ سنڌ جو عاشق به آهي ته سنڌي قوم جو معشوق به آهي. هـُو دنيا به گهُـميو آهي ته سنڌ جو چَپو چَپو پڻ ڏسي چڪو آهي تنهن ڪري سنڌ جو مٿس حق بڻجي ٿو ته هـُو سنڌ جو هڪ اهڙو سفر نامو لکي جنهن کي دنيا وارن سان گڏ سنڌ وارا به پڙهن ۽ مجبور ٿي سنڌ ڏسن ۽ سنڌ سان پيار ڪن. اهو الطاف شيخ تي سنڌ جو قرض به رهي ٿو ته فرض پڻ بڻجي ٿو. الطاف شيخ جو جنم ڏينهن رکيل مورائي نيڪ خواهشون انهن هٿن لاءِ جيڪي هڪ وقت دعا لاءِ کڄندا آهن ۽ ٻئي وقت لکڻ لاءِ. اڄ ان شخص/ ليکڪ جو جنم ڏينهن آهي، جيڪو پنهنجو مثال پاڻ آهي. شايد دنيا جي ادب ۾ اهڙو ٻيو مثال اڄ جي تاريخ تائين ملي نه سگهي، ڇاڪاڻ ته ادب ۾ اڄ جنهن تيزيءَ سان واڌارو آيو آهي، اوترو ئي تيزيءَ سان سائنس جي نين ايجادن پڻ انسان کي معلومات ميسر ڪرڻ شروع ڪئي آهي. اڄ هڪ منٽ جي سٺ سيڪنڊن ۾ اسين سٺ ملڪن بابت معلومات حاصل ڪري سگهون ٿا، پر هڪ اهڙو زمانو به هئو، جنهن کي جديد زمانو ته ڪوٺي سگهجي ٿو پر ان کي ڪمپيوٽر جو زمانو ڪوٺي نه سگهبو، ان زماني ۾ معلومات ايتري تيزيءَ سان نه پهچندي هئي، جيتري اڄ ملي رهي آهي. ها! ان دور ۾ دنيا جي معلومات هن جي سفر نامن مان ملندي هئي، اهي سفرناما پڙهي، اسان انهن ملڪن جي ڄاڻ حاصل ڪندا هئاسين جن ملڪن ۾ هو موجود هوندو هئو. اڄ سندس سفرنامن جو انگ هڪ سئو کان ڪجهه گهٽ هوندو ۽ ايترو انگ دنيا جي ڪنهن به ليکڪ جي سفرنامن جو شايد ئي هجي، سنڌ جي آڳاٽي معلومات اسان کي، ابن بطوطا سميت دنيا جي ٻين ڪيترن ئي سياحن جي سفرنامن مان حاصل ٿيندي هئي، ايئن دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن بابت معلومات اسان کي هن جي سفر نامن مان حاصل ٿيندي هئي، اڄ محسوس ٿي رهيو آهي ته ان دور ۾ جيڪو اڌ صدي کن اڳ جو آهي، جڏهن به ڪو سنڌي نوجوان ٻاهر وڃڻ چاهيندو هئو ته اهو سندس سفرنامن مان گهربل معلومات حاصل ڪندو هئو، بلڪل ايئن جيئن اڄڪلهه گوگل ۽ ٻين ويب سائيٽس تان معلومات حاصل ڪجي ٿي، خود هو به چاهيندو هئو ته سندس سفرنامن ۾ ڏنل معلومات مان سنڌي گهڻي گهڻي معلومات حاصل ڪن، ان ڪري، هو اهڙي ئي نموني تفصيل ڏيندو هئو، ان شخص/ ليکڪ جو نالو مان نهايت ادب سان ۽ قلم کي اکين سان لڳائي چُمي پوءِ لکڻ چاهيان ٿو جيڪو آهي، الطاف شيخ صاحب! سنڌ شايد خوش نصيب آهي ۽ سنڌي ادب ڀاڳ وارو آهي، جنهن کي شاهه کان پوءِ ٻه شيخ صاحب مليا ۽ ٻئي اهڙا آهن جن جي نالي سان ڪنهن به مثال، تشبيهه ۽ تمثيل جي گهرج نه آهي. هڪ شيخ صاحب اياز آهي ۽ هڪ الطاف شيخ صاحب آهي. شيخ اياز صاحب پنهنجي شاعريءَ جي معرفت جيڪو سنڌي ادب کي سُڪار بخشيو آهي اهو پنهنجو مٽ پاڻ آهي ۽ الطاف شيخ صاحب پنهنجي نثر، خاص طور سفري نثر معرفت سنڌي ادب کي جيڪا خوشحالي ڏني اها پنهنجو مٽ پاڻ آهي. هن ادبي طور سنڌي نثري ادب کي ته مالامال ڪيو ئي آهي پر ان ادب ۾ هن سنڌي پڙهندڙ کي جيڪا ڄاڻ ڏني آهي اها ايتري گهڻي آهي جو اها اڄ لکت ۾ شال ماپي سگهي. ڪنهن به ادب ۾ ڪي صنفون جڏهن ايجاد ٿينديون آهن ته انهن کي وڌڻ ويجهڻ ۾ چڱو وقت لڳندو آهي، پر سنڌي ادب ۾ سفر نامي کي هڪ صنف طور الطاف شيخ صاحب ايترو تيزيءَ سان مٿي کڻي آيو، جنهن جو به شايد مثال ادب ۾ ٻيو نه ملي سگهي. سفر نامو ڇاکي چئجي ٿو. اهو الطاف شيخ صاحب جي سفرنامن کي پڙهي سمجهي سگهجي ٿو. جيتوڻيڪ سفرنامن سان گڏ، اڻ سڌي نموني يا سڌي نموني، هن پنهنجون يادگيريون به ڏنيون آهن ته پنهنجا تجربا به، ساڳئي وقت هن جن ملڪن ۾ ڪجهه وقت گذاريو آهي، انهن ملڪن جي ادب/لوڪ ادب/چوڻين ۽ پهاڪن وغيره کي به نه صرف پڙهيو ۽ پروڙيو آهي، پر انهن جي ڄاڻ به سنڌي ماڻهن کي ڏني آهي، ان کان سواءِ سندس ٻيو هڪ ڪم اهو به آهي ته دنيا ۾ رهندڙ ۽ کيس موهيندڙ اديبن جي لکڻين کي ترجمو ڪري اسان کي انهن جي ادب ۽ مزاج کان به واقف ڪيو ۽ اهو سڀ جنهن وقت هن ڪيو، ان وقت اسان وٽ ٻاهران جو ايترو ادب ترجمو نه ٿيندو هئو. معلومات جا وسيلا به بنهه گهٽ هئا. ان وقت الطاف شيخ صاحب پنهنجي سفر نامن ۾ اهو به ٻڌايو ته هو جنهن ملڪ ۾ آهي ان ۽ سنڌ ۾ مختلف حوالن سان ڪهڙيون هڪ جهڙايون آهن ۽ ڪهڙيون انفرادتون آهن. جنهن مان ايئن لڳندو هئو ته هن دنيا جي ڪنهن ڪنڊ ۾ هوندي به سنڌ، سنڌي ادب ۾ سنڌي ماڻهن کي نه وساريو. دنيا جي ماڻهن جي خوشحالي ۽ ڏکن سکن سان سنڌ کي ڀيٽيو ۽ ڪي نتيجا سامهون آندا، جن مان سنڌي ماڻهن گهڻو ئي پرايو. ها! مٿيون سڀ ماضي هئو، جنهن جو ذڪر مان ڪري رهيو هوس، ڪڏهن ڪڏهن ماضي فخر لائق هوندو آهي، حال هيڻو هوندو آهي، قومون يا ته ماضيءَ ۾ جيئنديون آهن يا مستقبل جي خوابن ۾! ايئن شخص سان به ٿيندو آهي، پر هيءُ شخص/ليکڪ الطاف شيخ صاحب انهن شخصن/ليکڪن مان آهي جنهن ماضيءَ، حال ۽ مستقبل کي ڳنڍي رکيو آهي، هو پاڻ جڏهن کان لکڻ لڳو آهي، جيڪو اسان جو ماضي آهي، اڄ تائين اسان جي حال تائين لڳاتار لکي رهيو آهي، هاڻ هو پنهنجي اڇي سونهاريءَ ۾ نماز جي پنجن وقتن وانگر، لکڻ کي به عبادت سمجهي ٿو. هو لکڻ جي معاملي ۾ سچل وانگر جو دم غافل سو دم ڪافر ٿيڻ کان ڪوهين ڏور آهي، ۽ جنهن شخص/ليکڪ لاءِ لکڻ عبادت هجي، ان کان سندس آخري ساهه تائين قلم نٿو ڇڏائجي سگهي. هونئن به اسلام ۾ واهه کوٽائڻ، وڻ پوکائڻ ۽ ڪتاب لکڻ صدقه جاريه آهي ۽ الطاف شيخ صاحب پنهنجي حصي کان وڌيڪ ڪتاب لکي پنهنجي ان عبادت کي دوامُ بخشيو آهي، اڄ سندس جنم ڏينهن آهي ۽ جڏهن ماڻهن جي اڪثريت دعائن مان ويساهه وڃائي ويٺي آهي، ان وقت آئون سندس صحت ۽ عمردرازيءَ لاءِ دعاگو آهيان، خاص طور انهن هٿن جي سلامتيءَ لاءِ جيڪي هڪ وقت دعائن لاءِ کڄندا آهن ۽ ٻئي وقت لکڻ لاءِ تيار ٿيندا آهن. اڻ ميون نيڪ خواهشون سندس جنم ڏينهن تي،کيس مبارڪن سان گڏ ڪجهه لفظن جي ڀيٽا، اميد اٿم ته سندس بارگارهه ۾ قبول پوندي. الطاف شيخ کي ڪتابن لکڻ جي سينچري مبارڪ هجي سنڌي ادب جي تاريخ کي سئو ڪتاب لکي ڏيڻ جي سينچري تي اسان سينئر ليکڪ ۽ سنڌي سفرنامن جي بادشاهه الطاف شيخ کي گھڻيون واڌايون ڏيون ٿا. الطاف شيخ جي سفرنامن جي حيثيت اسان سنڌين لاءِ لکت ۾ پهرين انٽرنيٽ واري هئي. جڏهن انٽرنيٽ نه هوندي هئي تڏهن سنڌ واسي الطاف شيخ جي سفرنامن تي ٻڌل ڪتاب پڙهي سڄي دنيا جا ملڪ نه رڳو گھمي وٺندا هئا پر انهن متعلق تاريخي، سياسي، سماجي، علمي، ثقافتي، تمدني، مطلب ته روز مرهه جي قيمتي معلومات مان ئي فيضياب ٿيندا هيا. انهن سفرنامن جي اها معلومات هر دور جي شاگردن کي سي ايس ايس جي امتحانن ۾ به ڪم ايندي رهي آهي. سندن تحريرن جي به ڇا ڳالهه ڪجي. پڙهندي ايئن ڀائنبو آهي ڄڻ ماڻهو پاڻ ان دنيا، ان ملڪ ۽ ان جاءِ تي موجود آهي . ڪنهن به لکڻيءَ جي ان کان وڏي ڪاميابي ڀلا ڪهڙي ٻي ليکبي جو اُها تحرير فلم بڻجي اکين آڏو اچي وڃي. اسان الطاف شيخ جي ان قلمي خدمت جو هونئن ئي متعرف رهيا آهيون پر ڪتابن لکڻ جي سينچري ڪرڻ تي اسان جو مٿس فخر ٻيڻو، ٽيڻو ۽ چئوڻو ٿي وڃي ٿو. سؤ ڪتاب لکڻ کي اسان هڪ تاريخي ۽ يادگار واقعو سمجهون ٿا ۽ ان واقعي کي ملهائڻ چاهيون ٿا .ان ڏس ۾ اسان سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ڀٽائي آباد شاخ کي به مبارڪباد ڏيڻ چاهينداسين جن سڀ کان اڳ ۾ الطاف شيخ صاحب کي ڪتابن جي سينچري ڪرڻ تي آجيان ڏيندي، خاص مڃتا پروگرام ڪيو. اسان سنڌي جيڪي ڪڏهن ڪڏهن زنده ۽ مهذب قومن وارا ڪم ڪندا آهيون تن لاءِ اهو پروگرام به آهي جيڪو الطاف شيخ صاحب لاءِ ڪتابن جي سينچري ڪرڻ تي ڪيو ويو. اها تمام سٺي ۽ اتساهيندڙ روايت آهي. اهڙي نوعيت جو هڪ پروگرام سنڌ ثقافت کاتي امر جليل لاءِ به ڪيو هو جڏهن هن جا ادب کي ڏنل پنجاهه سال مڪمل ٿيا هيا ته ان موقعي تي انتهائي وڏي پئماني تي يادگار ۽ شاندار گولڊن جوبلي ملهائي وئي هئي. جنهن تي امر جليل صاحب پڻ خوشگوار حيرت جو اظهار ڪندي چيو هو ته ”اهڙا پروگرام ته اسان اديبن جي مرڻ پڄاڻان ڪندا آهيون سو هن پروگرام کي ڏسندي مونکي ايئن پيو محسوس ٿئي ڄڻ منهنجي ورسي جو ڪو پروگرام هجي“ . سو اسان هاڻي واقعي به مرده پرست هئڻ وارو ليبل پاڻ مٿان لاهي ڇڏيو آهي، هاڻي جيئري مڃتا ڏيڻ جي روايت پئجي چڪي آهي، جنهن تي اسان خوشي ۽ اطمينان جو اظهار ڪيون ٿا . سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ ڀٽائي آباد طرفان الطاف شيخ جي مانَ ۾ ڏنل تقريب کي خطاب ڪندي پ پ اڳواڻ پير مظهر الحق تجويز ڏني ته الطاف شيخ جي ڪتابن جي سينچري واري مڃتا ۾ سنڌ اسيمبليءَ کي ٺهراءُ پاس ڪرڻ گھرجي. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته اها سٺي ۽ اتساهيندڙ تجويز آهي جنهن سان سنڌ اسيمبلي جي پنهنجي عزت ۾ اضافو ٿيندو پر الطاف شيخ، سنڌ اسيمبلي جي ان ٺهراءُ کان به مٿانهون آهي. الطاف شيخ جون سنڌ اسيمبليءَ کان وڌيڪ سنڌ لاءِ خدمتون آهن . الطاف شيخ صاحب سنڌ جي انهن ليکڪن مان هڪ رهيو آهي جن سڄي ڄمار پئي لکيو آهي، جڏهن کان قلم هٿ ۾ کنيو آهي ته وري رکيو ناهي. لکڻ جي اها اسٽيمنا ۽ ثابت قدمي انهن ليکڪن ۾ ملندي آهي جن مقصد طور قلم هٿ ۾ کنيو آهي جن پنهنجي نالي يا پذيرائي، يا ان مان زماني جا فائدا وٺڻ لاءِ ناهي لکيو. انهن بنا پان پڏائڻ ۽ بنا جتائڻ جي پئي لکيو آهي، جيڪي لکڻ سان جيئندا آهن ۽ لکڻ لاءِ ئي جيئندا آهن. جيڪي لکڻ کي لازمي ڪم سمجهندا آهن ۽ لکڻ لاءِ غير ضروري سرگرمين کان پاسيرو رهندا آهن جيڪي وقت ضايع ڪرڻ جا قائل نه هوندا آهن ۽ جيڪي هر ڳالهه، هر شئي کي ان احساس وچان قلمبند ڪندا آهن ته اهي تاريخ کي قلمبند ڪري رهيا آهن. اهڙا ليکڪ ۽ اديب ئي ڪتابن جون سينچريون مڪمل ڪرڻ جو ڪارنامو سر انجام ڏئي سگهن ٿا. الطاف شيخ صاحب کي ذاتي طور تي اهڙن مڃتا پروگرامن جي ضرورت ناهي، اُهي ته اهڙن تعريفي پروگرامن کان لهرائيندا آهن، منع ڪندا رهندا آهن پر اهڙين روايتن جي سنڌي سماج کي ضرورت آهي. جيئن مٿي لکي آيا آهيون ته اهي مهذب ۽ زنده قومن جون روايتون هونديون آهن. سو اسان کي اهو ڏسي خوشي محسوس ڪرڻ گھرجي ته اسين به هاڻي مُهذب ۽ زنده قومن وارا زنده دليءَ جا ڪم ڪرڻ لڳا آهيون جيڪو انتهائي ساراهڻ جهڙو لاڙو آهي. ان لاڙي کي بلڪل همٿائڻ گھرجي، ان سان نئين نسل کي جيڪو صحتمند ادبي، علمي، تاريخي، سياسي ۽ سماجي ماحول ملندو تنهن سان نه رڳو نئين نسل پر خود سنڌ کي به وڏو فائدو رسندو. سنڌي ٻولي، سنڌي ادب، سنڌي ثقافت ۽ سنڌ جي قومي وجود کي نوان جنم ملندا. سنڌ جو ادبي، علمي، سياسي، تاريخي خزانو هر دور جي نئين نسل ڏانهن منتقل ٿيندو رهندو، نه رڳو منتقل ٿيندو رهندو پر نئون نسل اهو به ڏسندو ته ماضيءَ ۾ اسان جي وڏڙن جيڪي فخر جوڳيون روايتون قائم ڪيون آهن تن کي برقرار رکڻ جو اتساهه به وٺندو. اسان سنڌ جي مستقبل کي ڇا ڏئي رهيا آهيون، ڇا ڏيڻ گھرجي ان تي انتهائي سنجيدگي ۽ ذميواريءَ سان سوچڻ گھرجي. اهڙي سنجيدگي ۽ ذميواري جو هڪ وڙ الطاف شيخ صاحب کي سندس ڪتابن جي سينچري مڪمل ڪرڻ تي مڃتا ڏيڻ به آهي. اِهو وڙ اسان هڪ اهڙي دور ۾ ڏيکاري رهيا آهيون جنهن ۾ ڪو ڪرڪيٽ جو بيٽسمين رنسن جي سينچري ڪندو آهي ته ٽي وي چينل ان خبر کي ”بريڪنگ نيوز“ طور ڏيندا آهن پر جن ڪتاب لکڻ جي سينچري مڪمل ڪئي آهي ان خبر کي ڪنهن به ٽي وي چينل ”بريڪنگ نيوز“ طور ناهي ڏنو پر جيڪڏهن اهڙن مڃتا پروگرامن جي روايت برقرار رهي ته پڪ سان اهڙو ڏينهن به ايندو ۽ ضرور ايندو. (ڏيھاڙي عوامي آواز، ۱۱ جنوري ۲۰۲۰ع تان کنيل) الطاف شيخ جا سفرناما يا ڏيھ پرڏيھ جي تاريخ طارق عزيز شيخ سفرنامن جي تاريخ ۾ وڏو نالو ابن بطوطه جو آهي، جنهن ھڪڙو سفرنامو لکيو پر ان سفرنامي سان گڏ مختلف ملڪن جي تاريخ قلمبند ٿي وئي. ابن بطوطه مراڪش ۾ پيدا ٿيو. ادب، مذهب، تاريخ ۽ جاگرافي جي تعليم پرائڻ بعد سياحت تي نڪري ويو. هو عربستان، ترڪي، شام، ايران، فلسطين، افريقه، افغانستان، روس، چين ۽ هندستان مان ٿيندو سنڌ کان واپس وريو. هن ۷۵ هزار ميل سفر ڪري پنهنجو سفرنامو “عجائب السفارتي غرائب الديار” لکيو، جنهن کي لڳ ڀڳ سڄي دنيا جي ٻولين ۾ ترجمو ڪيو ويو، ٻي صورت ۾ پنهنجي پنهنجي ملڪ سان لاڳاپيل تاريخ کي ابن بطوطه جي سفرنامي کان کنيو ويو. سنڌ جو ابن بطوطه، الطاف شيخ جو لقب آهي، جنهن سڄي دنيا جو سفر ڪري سنڌي ٻوليءَ کي هر ملڪ جي تهذيب، تمدن، ماحول، موسم ۽ ماڻهن جي مزاج کان واقف ڪرايو. سنڌ جي نامياري شاعر ۽ اديب ڊاڪٽر نواز علي شوق موجب: “اسان کي جنهن شاگرد کي ادب ڏانهن دلچسپي وٺرائڻي هوندي آهي، ان کي الطاف شيخ جا سفرناما پڙهائي مطالعي جو شوق ڏياريندا آهيون.” الطاف شيخ سوء کان وڌيڪ سنڌي ۽ اردو ٻولين ۾ سفرناما لکيا آهن. هي سنڌ جو وڏي ۾ وڏو سفرنامن جو ليکڪ آهي. دنيا جي مختلف ٻولين ۾ شايد ئي ڪو ايڏو وڏو سفرنامن جو ليکڪ هجي. سنڌي ادب جو اهو اعزاز آهي ته الطاف شيخ هن ادبي صنف کي هٿي وٺرائي نه ته اڱرين تي ڳڻڻ جيترا سفرناما ملن ها. الطاف شيخ اصل هالا جو ويٺل آهي، هو ۱۹۴۴ع ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم هالا مان پرائڻ بعد انٽرميڊيٽ ڪيڊٽ ڪاليج مان پاس ڪيائين ۽ مئرين انجينئرنگ چٽاگانگ مان ڪيائين، جڏهن ته ورلڊ ميري ٽائيم يونيورسٽي سوئيڊن مان پوسٽ گريجوئيشن ڪيائين. الطاف شيخ سفرناما لکڻ جو سلسلو ۱۹۶۸ع کان شروع ڪيو. سندس پهريون سفرنامو”منهنجو ساگر منهنجو ساحل” نالي سان آيو، جيڪو خطن جي روپ ۾ لکيل سفرنامو آهي. الطاف شيخ جو هي سفر يوگوسلاويا ويندي لکيو هو. هي سفرنامو سهڻي پبليڪيشن حيدرآباد پاران ۱۹۶۹ع ۾ ڇپايو ويو. “بندر بازاريون” ۱۹۷۴ع ۾ سفرنامو ٿائيلينڊ، سنگاپور ۽ ملائيشيا بابت آهي. “جاني ته جهاز ۾” ۱۹۷۲ع جي شروعاتي سفرن تي لکيل آهي. “پيار جي گهُٽ” آفريقه ڏانهن ڪيل سفر جي ڪٿا ۽ ڪهاڻين جي شڪل ۾ ۱۹۷۱ع ۾ ڪتاب آيو. “وايون وڻجارن جون” ۱۹۷۰ع کان ۱۹۷۳ع تائين چين ۽ هانگ ڪانگ جو سفرنامو آهي. “نيو هالا کان نيويارڪ” سندس آمريڪا، ڪئنيڊا ۽ ويسٽ انڊيز جي سياحت تي ٻڌل سفرنامو آهي جيڪو هن ۱۹۶۸ع کان ۱۹۷۲ع تائين لکيو. “بندر ديسان ديس” لطاف شيخ جي ابتدائي سفرنامن مان هڪ آهي جيڪو جپان، ڪوريا، هانگ ڪانگ، چين، ٿائيلينڊ ۽ ملائيشيا جي ملڪن جو سفرنامو آهي. “مڪليءَ کان ملاڪا تائين” الطاف شيخ جو ملائيشا جو سفرنامو آهي. “سي ئي جوڀن ڏينهن” الطاف شيخ جو ۱۹۷۷ع ۾ سريلنڪا جو لکيل سفرنامو آهي. “جت جر وهي ٿو جال” ملائشيا جو سفرنامو آهي. “ملائشيا ۱۲ سال بعد” ملائشيا جو سفرنامو آهي. “ڪولالمپور ڪجهه ڪوهه” به ملائشيا جوسفر نامو آهي.”نه سي سڙهه سکاڻ” هندستان ۽ روس جو سفرنامو آهي. “ملير کان مالمو تائين” سئيڊن بابت سفرنامو آهي. “ڇاجو ديس ڇاجو وديس” مختلف ملڪن ۽ شهرن جو ذڪر آهي. “ڏيهه پرڏيهه جو سفر” ڊينمارڪ جو سفرنامو آهي. “وسي ٿو وڏڦڙو” مختلف مضمونن ۽ سفرنامن جو ڪتاب آهي. “هي دو ٻيٽ هيءَ ڪنارا” هيءُ ڪتاب دنيا جي ڏهن وڏن ٻيٽن بابت لکيل آهي جيڪي ڪئناڊا، انڊونيشيا ۽ جپان وغيره جا آهن. “اوهريا جي عميق ڏي” سنگاپور، ملائشيا، بئنڪاڪ ۽ هانگ ڪانگ جي سفر بابت ڪتاب آهي. “ههڙو ڪو ٻيو ڌنڌو” انڊيا، سريلنڪا، سنگاپور ۽ جپان جو سفرنامو آهي. “هلي ڏسجي هندستان”، “بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾” ۽ “دهلي جو درشن” انڊيا جا سفرناما آهن. “ايران ڏي اڏام” ايران جو سفر “هليو آ ملائشيا” ملائشيا جو، “ممباسا شيدي باڇا همباشا” آفريڪا جو، “ اڇن جو ملڪ ۾ اسين ڪارا” سئيڊن جو، “بخشو لغاري کان بالٽيمور تائين” آمريڪا جو، “اي جرني ٽو ٿائيلينڊ” ٿائيلينڊ جو، “اي روڊ ٽو مدينه” ۽ “ڀلي پار تان ڀيرو” سعودي عرب جا، “سنگاپور ويندي ويندي” سنگاپور جو، “ڪويت ڪنارا” ڪويت جو، “جپان جن جيءَ ۾”، “ڳالهيون تنهن جپان جون”، “جپان رس” “جپان ۲۵ ورهين بعد”، “ٽوڪيو جي گيشيا گرل” جپان جا، “ڪراچي کان ڪوپن هيگن” “آفريڪا جو، “ارائونڊ دي ورلڊ” مختلف ملڪن بابت سفرناما آهن. مٿين سفرنامن مان ڪيترائي اردو ٻوليءَ ۾ ترجمو پڻ ٿيا آهن جيڪي “ايران ڪي دن”، ڪراچي سي ڪوپن هيگن”، “ملائشيا ڪي دن” ۽ “سمندر ڪي دن” وغيره شامل آهن. الطاف شيخ سفرنامن کان علاوه اخبار ڪالم، ڪهاڻيون ۽ ترجما پڻ ڪيا آهن. هن لکڻ جي شروعات به ترجمن سان ڪئي هئي. سنڌي ادب ۾ تحريري چاشني جو مزو الطاف شيخ جي سفرنامن مان ملي ٿو. هن جا سفرناما فقط گهمڻ ڦرڻ جو تذڪرو ئي ناهن پر انهن هنڌن جي ڪهاڻي به آهي. الطاف شيخ سڄي دنيا ۾ جتي به ويو آهي اتي هن سنڌ کي ياد ڪيو آهي. هو سنڌ جو سچو سيلاني آهي. پرڏيهه ويندڙ سنڌي سندس سفرنامن مان ڄاڻ ۽ رهنمائي وٺندا آهن. الطاف شيخ جي سفرنامن کي فقط گھمڻ ڦرڻ وارا لمحا قلمبند ڪرڻ نٿا چئي سگهون، ڇاڪاڻ ته ھن وٽ سفرنامي لاءِ نئين ڄاڻ، انھيءَ ھنڌ جي تاريخ سان گڏ وجه شھرت، تھذيب ۽ ماڻھن جي معلومات پڻ ملي ٿي. ڪيترائي اھڙا ملڪ ۽ شھر آھن جيڪي عام ماڻهو گھمي ڦري اچن ٿا. ڪي اديب سفرناما به لکي اچن ٿا پر قومن جي رھڻي ڪھڻي کان وٺي انھن جون ريتون رسمون صرف الطاف شيخ جي سفرنامن ۾ ملي ٿو. سنڌي ادب جي اھا خوش قسمتي آهي، جنھن کي الطاف شيخ جھڙو اديب مليو. جيڪڏهن الطاف شيخ انگريزي يا اردو ٻولين ۾ سفرناما لکي ھا ته ھو عالمي سطح تي پذيرائي حاصل ڪري وٺي ھا، پر هن پنھنجون خدمتون سنڌي ٻوليءَ لاءِ پيش ڪري، اسان جي ادب کي سفرنامي جي صنف سان مالدار بڻايو. (روزاني مومل ڪراچيءَ ۾ آچر، ۱۰ سيپٽمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل) الطاف شيخ جديد سنڌ جو سِنڌباد ڪامران رند الطاف شيخ سنڌيءَ سفرنامي جي روح روان طور پوري سِنڌ ۽ پاڪستان اندر ڄاتو سُڃاتو وڃي ٿو. سندس ادبي خدمتن منجھ سنڌي ادب اندر سفرنامي جي صنف کي باقائده طور سُڃاڻپ ڏيارڻ آھي. الطاف شيخ کي سنڌ جو سيلاني، ابن بطوطه يا وري مارڪو پولو چئجي ته هوند اِن ۾ ڪو وستاءُ ڪو نه ٿيندو. سنڌي سفرنامي کي پڙهندڙن جي هٿن منجھ آڻڻ جو تقريبن زمو ھن ڏانهن وڃي ٿو. سنڌ جي هن پرخلوص سيلاني جو جنم گل محمد شيخ جي گهر ۾ ۱۴ نومبر ۱۹۴۴ع تي ٿيو. بنيادي تعليم ڳوٺ ۾ پرائڻ کان پوءِ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو مان پڻ تعليم حاصل ڪيائين. تنهن بعد مشرقي پاڪستان جي مئرين اڪيڊمي ۾ انجنيئرنگ پڻ پڙهايس. الطاف شيخ پيشي طور مئرين انجنيئر رهيو آهي ۽ تنهن سبب ڪري ئي پوري دنيا گھمڻ جو فطري موقعو مليو اٿس. سنڌ جي هن سُچيتي ليکڪ پنهنجي هر سفر جو برجستو احوال سنڌ سان پئي ونڊيو آهي. سندس لکيل ڪتابن جو ڪاٿو هن وقت ستر کان به مٿي آھي. الطاف شيخ سنڌ جي ادبي کيتر ۾ پهرين اڏام ۱۹۷۱ع ڌاري ڪئي. سندس پهرين ترجمو ٿيل ليک اناميڪا (گمنام) جي نالي سان شايع ٿيو. الطاف شيخ مختلف ناول ۽ ڪهاڻيون پڻ ترجمو ڪيون آھن. سندس پهريون سفرنامو ”جاني ته جهاز ۾“ جي نالي سان شايع ٿيو. امر جليل کان پوءِ گھڻي قدر اھو ڪريڊٽ الطاف شيخ ڏانهن ئي وڃي پيو، جو سنڌ جي نوجوان الطاف شيخ جا سفرنامه پڙهي ڪري سنڌ جي ادبي کيتر ۾ پير پاتو ۽ پاڻ ملهايو. الطاف شيخ سفرنامن لکڻ جي حوالي سان تمام سادي ۽ سولي سنڌي لکڻ پسند ڪئي آهي. اھو ئي سبب آهي جو ٻار توڙي ٻڍا، مرد توڙي عورت سندس ڇپيل ڪتاب تمام شوق سان پڙهن ٿا. امر جليل الطاف جي سفرنامن جي باري ۾ لکي ٿو ته، ”سندس سفرنامن ۾ ڪٿي به ڪا نصيحت يا تبليخ ناهي جا ڳالھ ئي کيس منفرد بڻائي ٿي“. جڏهن ته طارق اشرف چواڻي الطاف جا سفرناما تبليغ سان ڀرپور ۽ نصيحت جو ڪوڙڪي دان آهي تن ٻنهي وڏن ليکارن کان علاوه عبد الرحمان قريشيءَ الطاف شيخ جي سفرنامن کي ٻين سفرناما نويسن کان الڳ ڪري بيهاريو آهي. سندس چوڻ آهي ته، ”الطاف ڪڏهن به ڪو گائيڊ کڻي نه گهميو آهي. هوء جنھن به ملڪ ۾ گهميو آهي ته تنهن ملڪ جي ٻوليءِ، تاريخ ۽ ادب کان روشناس رهيو آهي. الطاف شيخ ملائيشيا، سوئيڊن، سنگاپور، ناروي جهڙي ملڪن ۾ سالها سال رهي ڪري ملئي، چيني، انگريزي، جاپاني ۽ بنگالي ٻوليون خوب سکي ورتيون ۽ روانيءَ سان ڳالهائي پڻ سگهي ٿو. جنهن ڪري ئي جنھن به ملڪ ويو آھي تنهن ملڪ جي تهذيب، تاريخ، ثقافت، جاگرافي ۽ قومي ڪردارن کان پڻ پڙهندڙ کي آگاھ ڪندو رهيو آهي. الطاف شيخ جي سفرنامن جي خاص خوبين ۾ تشبيھ ۽ استعارن جو خالص سنڌي ٻوليءَ ۾ استمعال آھي. ھن پنھنجي لکڻين ذريعي سنڌ شناسائي جو خوب پاٺ پڙھايو آهي. مثلن، پاڻ چوندو ماسڪو کان وولگا درياء ايترو پري آهي جيئن پنهنجي جيڪب آباد کان سنڌوءَ - چٽاڪانگ ۽ ڍاڪا جي وچ ۾ ايترو مفاصلو آهي جيئن ڪراچي ۽ ڪنڌڪوٽ وچ ۾. سندس اهم خوبي ٻوليءَ جو سليس ۽ خالص ھجڻ رهيو آهي. ھي ڪڏهن به پڙهندڙ کي منجھائي ڪون ٿو ۽ صاف، واضع ۽ چٽي لفظن ۾ ڳالھ ڪري ٿو. سندس محاورن، چوڻين، پهاڪن جو استعمال ڏاڍو وڻندڙ ۽ پڙهندڙ لاءِ دلچسپي جو باعث رهيو آهي. مثلاً آفريڪا جي غريب ملڪن تي يورپي ڏاڍي ملڪن جي ايئن هلان رهي آهي جيئن پاڻ وٽ چئجي سُڪي ڍور تي مڇر گھڻا. الطاف شيخ جو اندازِ بيان ۽ تمثيل نگاري تمام جاندار ۽ لڀائيندڙ رهي آهي. سندس منظر نگاري ايتري ته چٽي ۽ دلفريب رهي آهي جو پڙهندڙ اي جرني ٽوپي ٿائيلينڊ ۾ پاڻ کي الطاف شيخ سان گڏ گهمندي محسوس ڪري ٿو. الطاف شيخ سنڌ سان اٿاھ محبّت ڪندڙ ليکڪ آهي. ھي جڏهن سنگاپور، ملائيشيا، ڍاڪا ۽ پٺتي پيل ۽ ڏتڙيل ملڪن جي ترقي جا قصا ٻڌائي ٿو ته خوش ٿيندي وري اُداس ٿي وڃي ٿو ته جيڪر اها ترقي خوشحالي ۽ پنهنجي ڪم سان سچائي جو جذبو سنڌ ۾ سنڌين وٽ به اگهائجي. سنڌ جو سندباد ۽ سيلاني الطاف شيخ تقريبن دنيا جو هر ملڪ گهميو ڦريو آهي ۽ پنهنجي تجربي آڌار تِن ملڪن جون خاصيتون ۽ خاميون پنهنجي پڙهندڙن آڏو آڻيندو رهيو آهي. سندس لکيل ڪجھ سفرنامن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا. جاني ته جهاز ۾، سيئي جوڀن ڏينھن، اي جرني ٽو ٿائيلينڊ، اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا، منهنجو ساگر منهنجو ساحل، بخشو لغاري کان بالٽيمور، اوهريا جي عميق ۾، دهليءَ جو درشن، اي جرني ٽو مدينه، شيدي باشا هم باشا وغيره. سندس ڪجھ ترجمو ٿيل ڪهاڻين جا ڪتاب ۽ ناول پڻ آهن. جي ڪجھ هيٺ ڏجن ٿا. ٽوڪيو جي گيشا گرل، ماسٽر هريا رام جو بئنڪاڪ وڃڻ. سياڻي جھرڪي، خدا ڏئي خط وغيره. الطاف شيخ جو سنڌ ادب ۽ خاص طور سفرنامي جي صنف ۾ ڪيل ڪم تمام لاڀائتو ۽ مؤثر رهيو آهي. الطاف شيخ جھڙا ڪردار ئي حقيقتن ڪنهن به قوم جو سرمايو ھجن ٿا جو اڪيلي سر ڪنهن اداري جيترو ڪم ڪري، پنهنجي ھجڻ کي بامعنيٰ بڻايو ڇڏين. (ڏھاڙي سوڀ ۾ ۱۴ اپريل ۲۰۲۳ع تي ڇپيل) الطاف شيخ سنڌيءَ جو سرواڻ، سفرنامه نگار ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ سفرنامو نثر جي اهم صنف شمار ٿئي ٿو، سنڌي ادب جي سفرنامن جي تاريخ الطاف شيخ جي ذڪر کان سواءِ اڻ پوري آهي. هن واحد سفرناما نگار گهڻي کان گهڻا سفرناما لکي سفرنامي جي صنف ۾ سنڌي ادب کي خود ڪفيل بنائي ڇڏيو. الطاف شيخ ۱۴ نومبر ۱۹۴۴ع، تي هالا۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم هالا۾ وٺڻ بعد هو ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان پڙهيو. ڪرنل ڪومبس جي دورجو اهو پيٽارو ڪئڊٽ ڪاليج سچ پچ ڪئڊٽ ڪاليج هو جتي سندس تعليم سان گڏ تربيت به سٺي ٿي ڪئڊٽ ڪاليج جي زندگيءَ کيس خوداعتماد ۽ محنتي بنايو الطاف شيخ قابل شاگردن مان هو. انجنئيرنگ ۾وڃڻ بعد سنڌکان چٽنگانگ بنگلاديش ويو مئرين انجنيئر طور سڄي دنيا جا ملڪ گھميو آخر۾ چيف انجنيئرٿي رٽائرڊ ڪيائين. الطاف شيخ جا سفرناما دنيا جي وڏي حصي جي معلومات ڏين ٿا. هن تقريبن سڄي دنيا جي اهم ملڪن کي ذڪر ڪيو آهي پر سندس رهڻ گهڻو سينگاپور، ملائيشيا ۽ جپان ۾ ٿيو آهي انهن ملڪن جو ذڪر سندس سفرنامن ۾ گھڻو آهي. “مُنهنجو ساگر مُنهنجو ساحل” سندس پهريون سفر نامو آهي ۽ ٻين ڪتابن ۾ “جاني ته جھاز ۾”، “بندر بازاريون”، “سمونڊ جي سيوين”، “وايون وڻجارن جون”، “جت جروهي ٿو جال”، “دنگي منجهه دريا”، “موج نه سهي مڪڙي”، “سي ئي جوڀن ڏينهن”، “اوهرياجي عميق ڏي”، “سمونڊ جن ساڻيهه”، “سانباهو سمونڊ جو”، “سي ٻيڙيون رکين ٻاجهه سين” ۽ ٻيا سفرناما آهن جن جا عنوان شاهه جي بيتن مان ورتل آهن ۽ گھڻي قدر سرسارنگ ۽سامونڊيءَ مان آهن ۽ ان کان سواءِ “ڪراچيءَ کان ڪوپنهيگن تائين”، “مڪلي کان ملاڪا تائين”، “ڀلي پار تان ڀيرو”، “جپان رس”، “سينگاپور ويندي ويندي”، “بوتلن جو سفر”، “ڪويت ڪنارا”، “پيارجي گھٽ”، “جپان جن جي جيءَ سان” ۽ ٻيا ڪتاب آهن سندس ڇپيل ڪتابن جو ڳاڻيٽو هڪ سئو کان مٿي آهي، جنهن ۾ چار ڪتاب اردو ٻوليءَ ۾ آهن هن ٻارن جون آکاڻيون پڻ لکيون ته اناميڪا عنوان سان پهريون ڪتاب ترجمو ٿيل ڪهاڻين جو پڻ لکيائين. منهنجو ساگر منهنجو ساحل، سفر نامي طور الطاف شيخ جو پهريون ڪتاب خطن تي مشتمل آهي، “منهنجو ساگر منهنجو ساحل”، ڪتاب جو پهريون ڇاپو، وفائي پرنٽنگ پريس ڪراچيءَ مان علي نواز وفائي شايع ڪيو ۽ان کان پوءِ هن ڪتاب جا ٻيا ڇاپا پڻ ڇپيا آهن. هي ڪتاب موجوده وقت چٽاڀيٽيءَ جي امتحان جي سنڌيءَ جي نصاب ۾ شامل آهي، سنگاپور کي الطاف شيخ پنهنجن سفرنامن ۾ گهڻو ذڪر ڪيو آهي، سندس رهائش انهيءَ ملڪ ۾ وڌيڪ وقت رهي آهي، لکي ٿو ته، “سنگاپور” جي زيادهه ڪمائي ٻاهرين ملڪن مان آيل سياحن ۽ جهازن جي ڪري آهي. سنگاپور جهازن جي تيل جو وڏو مرڪز آهي، جاگرافي نقطئه نگاهه کان ڪجهه اهڙي هنڌ تي آهي، جو هر جهاز پئسفڪ وڏي سمنڊ کان، هندي وڏي سمنڊ ڏي ايندي يا ويندي، ڏکڻ چيني سمنڊ مان لنگهندي، سنگاپور وٽان ضرور لنگهي ٿو. تيل جي وڏي مرڪز ۽ فري پورٽ کان علاوه هڪ ٻرندڙ شمع، مثل آهي. جنهن جي چوڌاري پتنگن وانگر جهاز ميڙ ڪيو بيٺا هوندا آهن“. سمونڊ جي سيوين: ۱۹۷۲ع، ۾ ڇپيل آهي، هن سفر نامي جي شروعات شاهه سائينءَ جي هن بيت سان ٿيل آهي. الطاف جي لکيل سفرنامن ۾ شروعاتي دؤر جو ۽ ترتيب مطابق، چوٿون نمبر سفرنامو آهي، ۱۹۵ صفحن جو هيءَ ڪتاب نيويارڪ، لنڊن، آفريڪا، جرمني ۽ پولينڊ جي ملڪن جي ڄاڻ ڏئي ٿو. پولينڊ لاءِ لکي ٿو ته: ”پولينڊ جا رهاڪو مهمان نواز، سچار، صاف دل، خلوص وارا ۽ ايماندار آهن. پولينڊ ۾ قانون جو احترام تمام گهڻو آهي، پولينڊ، روس، رومانيه ۽ بلغاريه ۾ اڪيلي گهمڻ ڦرڻ ۾ ڪو ڊپ ڊاءُ ڪونهي هتي ڌاڙي يا ڦرلٽ جو مثال مشڪل سان نظر ايندو“ وايون وڻجارن جون: الطاف شيخ جي شروع، دور جي لکيل سفرنامن مان هڪ آهي. اپريل ۱۹۷۴ع، ۾، سهڻي پبليڪيشن الهندو ڪچو، جي طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو. انهيءَ کانپوءِ ڇپجندڙ رهيو آهي. ۲۲۰ صفحن جو هيءُ ڪتاب هانگ ڪانگ ۽ ان جي ويجهڙائيءَ جي تفصيلي معلومات تي مشتمل آهي، هن سفرنامي جو انتساب سنڌ جي شهر “هالا” جي نالي آهي. مهاڳ طارق اشرف جيل مان “سفرنامو، جيل نامو” جي عنوان سان لکيو. مڪائو جي لاءِ شيخ صاحب لکي ٿو ته: “هانگ ڪانگ اچي مڪائو نه ڏسڻ ائين آهي، جيئن حيدرآباد اچي ڄامشورو نه ڏسڻ، يا قلندر جي ميلي تي سيوهڻ اچي ڳانا نه خريد ڪرڻ”. ڪراچيءَ کان ڪوپنهيگن تائين: سفرنامو نيو فيلڊس پبليڪيشن ۱۹۹۵ع ۾ پهريون ۽ ۱۹۹۸ع ۾ ٻيو ڇاپو شايع ڪيو آهي. هن ڪتاب جو پيش لفظ محمد علي ڏيپلائيءَ لکيو آهي. ۱۸۹ صفحن جو هيءُ سفرنامو ۷۴ ننڍن بابن تي مشتمل آهي جن جا عنوان دلچسپ آهن. هن سفرنامي ۾ سئيڊن جو بيان آهي. هن سفرنامي ۾ ليکڪ سئيڊن جي موسم سان گڏ ان ملڪ جي ماڻهن، حالتن ۽ وقت جي پابندي، ڪم ڪرڻ جي شوق کي ڄاڻايو آهي، سندن موجب هتي جا ماڻهو محنتي آهن هيءُ سفرنامو هڪ ئي ملڪ ملائيشا جي تيرهن رياستن ۽ سهڻن ٻيٽن ۽ اهم شهرن جي محل وقوع، کان سواءِ سياسي ۽ سماجي ڄاڻ پڻ ڏئي ٿو. هيءُ هڪ معلوماتي سفرنامو آهي، جنهن ۾ نقشن ۽ تصويرن جي مدد سان مختلف هنڌن جي نشاندهي ٿئي ٿي. هن سفرنامي ۾ ليکڪ سوانحي انداز سان ڪجهه شخصيتن جي ذاتي حال احوال سان اتي جي ماحول جي خبر ڏني آهي. دنگي منجهه درياهه: سفرنامي جو پهريون ڇاپو ۱۹۸۷ع، ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن وارن شايع، ڪيو ۱۹۰ صفحن جو هيءُ سفرنامو، مختلف ملڪن جي گڏيل احوال تي مشتمل آهي، جنهن ۾ آمريڪا، سنگاپور، بئنڪاڪ ۽ جپان سان گڏ مختلف ٻيٽن، فجي مئڊا، گاسڪر ٻيٽ ۽ فرانس جي “ٽرسٽان ٻيٽ” جو ذڪر شامل آهي. هن سفرنامي جو مهاڳ نصير مرزا لکيو آهي. ڏيهه کي پرڏيهه سان ملائيندي الطاف شيخ رستن روڊن ۽ گلين سان گڏ شهرن جي ڀيٽ به وڻندڙ ڏئي ٿو. جيئن مثال طور “اسان جي مئرين ٽائيم اڪيڊمي ملاڪا جي وچ شهر کان مفاصلي ۾ ايترو پري آهي، جيترو پيٽاري جو ڪئڊٽ ڪاليج حيدرآباد شهر کان”. “پيٽارو کي الوداع، چئي چٽنگانگ پهچڻ تي پهرين شيءِ جا ياد آئي سا موسم هئي. حيدرآباد پاسي جي ٿڌين راتين جي چٽگانگ جي گهميل راتين سان ڪيئن ٿي ڀلا ڀيٽ ڪري سگهجي؟ ڄامشوري، حيدرآباد ۽ پيٽارو جي شامن ۾ جيڪو نشو ۽ خمار آهي، ان کي ته چاليهه سال اڳ ويل هندو واپاري ۽ انگريز حاڪم به وساري نه سگهيا آهن”. “دنگيءَ منجهه درياهه” الطاف شيخ جو ۱۹۸۷ع، جو سفرنامو مختلف ٻيٽن جي احوال بابت هوندي به دلچسپ آهي. ليکڪ موجب ته؛ هي سفرناما “مون هڪ هنڌ ڪرسيءَ ٽيبل تي چڙهي ويهي ٿورو ئي لکيا آهن، ڪو باب جهاز جي ڊيڪ تي، ڪو لنگر جي رسيءَ کي ٽيڪ ڏئي، ڪو جهاز جي ڪاريڊار ۾، ڪو جهاز جي اوپن ايئر لائونج ۾، ڪو پوسٽ جي دٻي وٽ بيهي”. مٿئين سفر نامي جو عنوان شاهه سائين جي بيت مان کنيل آهي. دهليءَ جو درشن: هندوستان جي احوال تي آڌاريل آهي جو روشني پبليڪيشن ۲۰۰۶ع، ۾ شايع، ڪيو آهي ۴۰ بابن تي مشتمل هن ڪتاب ۾ هندوستان وڃڻ لاءِ ڪي اهم ڳالهيون خاص طور ڪسٽم، نقلي نوٽن کان بچڻ، ڪرنسيءَ ۾ آمريڪي ڊالر ۽ ٿوري هندوستاني ڪرنسي کڻي وڃڻ ۽ دهليءَ جي باري ۾ ڄاڻ تي مشتمل آهي دهليءَ جي جهوني لائبريري دهليءَ جون حويليون، هالي ووڊ جا ڪجهه سنڌي، انڊيا جي رستن تي هلندڙ ڪارون، انڊيا بابت ۽ انڊيا جا رائٽر، دهليءَ جو قطب مينار، هرودا، هندن جو حج، انڊيا ۾ مسلمان وڌيڪ سلامتي سان رهن ٿا ۽ ٻين موضوعن تي ڪل ۴۰ باب آهن. نيويارڪ کان نيو هالا تائين: روشني پبليڪيشن ۲۰۰۷ع ۾شايع ڪيو آهي ۵۳۴ صفحن جي هن ڪتاب تي الطاف شيخ کي بهترين سفرنامي جو ايوارڊ مليو نيويارڪ کان نيو هالا تائين فقط هڪ ئي ملڪ جي مختلف حصن جو بيان آهن جنهن ۾ ليکڪ جيترا گهڻا هنڌ مشاهدي هيٺ آندا آهن ايترو ئي گهڻين شخصيتن سان سندس ملاقاتون پڻ ٿيون آهن جن جو ذڪر هن وڻندڙ ڪيو آهي. الطاف شيخ هڪ اعليٰ تعليم يافته ليکڪ نه فقط پنهنجي وقت ۾ سُٺو شاگرد هو پر بهترين استاد پڻ رهيو. هُن پنهنجي سفرنامن ۾ دنيا جي ڪيترن ئي مُلڪن جي يونيورسٽين ۽ علمي ماحول کي تفصيل سان پيش ڪيو آهي. هُو نوجوان طبقي کي خاص طور اعليٰ تعليم لاءِ اُتساهيندڙ آهي. الطاف جا سفرناما، معياري سفرناما آهن، جن ۾ غير معياري لفظن ۽ واقعن جي ذڪر کان پاسو ڪيل آهي، هن سفرنامن کي ڪمرشلائيز ڪرڻ جي سطحي ڪوشش نه ڪئي آهي. سندس تخليقي قوت، خوش مزاجي ۽ ديس واسين سان محبت تحريرن مان واضح آهي، پڙهندڙن جي اُتساهه سان سندس قلم جي ڏات کي پذيرائي پڻ ملي آهي. انهيءَ ئي ڪري سنڌي ادب سفرنامي جي صنف ۾ خود ڪفيل ٿي ويو. سندس سفرنامن ۾ ملڪن جي تاريخ، جاگرافي، ثقافت، تعليم، ريتن، رسمن ۽ ٻين معلوماتي احوالن سان گڏ ٻوليءَ جو سهڻو استعمال ۽ ادبي رنگ به ملي ٿو. جنهن سبب کان هيءَ سفرناما، نصابي ضرورت هئڻ سان گڏوگڏ، گهرن ۽ ڪتبخانن جي سونهن آهن ته صحت مند ادب جو حصو پڻ. (ڏھاڙي ھمسري حيدرآباد آن لائئن ۾ ۱۶ نومبر ۲۰۲۴ع تي ڇپيل) الطاف شيخ سنڌ جو سچو سيلاني طارق عزيز شيخ سفرنامن جي تاريخ ۾ وڏو نالو ابن بطوطه جو آهي، جنهن ھڪڙو سفرنامو لکيو پر ان سفرنامي سان گڏ مختلف ملڪن جي تاريخ قلمبند ٿي وئي. ابن بطوطه مراڪش ۾ پيدا ٿيو. ادب، مذهب، تاريخ ۽ جاگرافي جي تعليم پرائڻ بعد سياحت تي نڪري ويو. هو عربستان، ترڪي، شام، ايران، فلسطين، افريقه، افغانستان، روس، چين ۽ هندستان مان ٿيندو سنڌ کان واپس وريو. هن ۷۵ هزار ميل سفر ڪري پنهنجو سفرنامو “عجائب السفارتي غرائب الديار” لکيو، جنهن کي لڳ ڀڳ سڄي دنيا جي ٻولين ۾ ترجمو ڪيو ويو، ٻي صورت ۾ پنهنجي پنهنجي ملڪ سان لاڳاپيل تاريخ کي ابن بطوطه جي سفرنامي کان کنيو ويو. سنڌ جو ابن بطوطه، الطاف شيخ جو لقب آهي، جنهن سڄي دنيا جو سفر ڪري سنڌي ٻوليءَ کي هر ملڪ جي تهذيب، تمدن، ماحول، موسم ۽ ماڻهن جي مزاج کان واقف ڪرايو. سنڌ جي نامياري شاعر ۽ اديب ڊاڪٽر نواز علي شوق موجب: “اسان کي جنهن شاگرد کي ادب ڏانهن دلچسپي وٺرائڻي هوندي آهي، ان کي الطاف شيخ جا سفرناما پڙهائي مطالعي جو شوق ڏياريندا آهيون.” الطاف شيخ سوء کان وڌيڪ سنڌي ۽ اردو ٻولين ۾ سفرناما لکيا آهن. هي سنڌ جو وڏي ۾ وڏو سفرنامن جو ليکڪ آهي. دنيا جي مختلف ٻولين ۾ شايد ئي ڪو ايڏو وڏو سفرنامن جو ليکڪ هجي. سنڌي ادب جو اهو اعزاز آهي ته الطاف شيخ هن ادبي صنف کي هٿي وٺرائي نه ته اڱرين تي ڳڻڻ جيترا سفرناما ملن ها. الطاف شيخ اصل هالا جو ويٺل آهي، هو ۱۹۴۴ع ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم هالا مان پرائڻ بعد انٽرميڊيٽ ڪيڊٽ ڪاليج مان پاس ڪيائين ۽ مئرين انجينئرنگ چٽاگانگ مان ڪيائين، جڏهن ته ورلڊ ميري ٽائيم يونيورسٽي سوئيڊن مان پوسٽ گريجوئيشن ڪيائين. الطاف شيخ سفرناما لکڻ جو سلسلو ۱۹۶۸ع کان شروع ڪيو. سندس پهريون سفرنامو” منهنجو ساگر منهنجو ساحل” نالي سان آيو، جيڪو خطن جي روپ ۾ لکيل سفرنامو آهي. الطاف شيخ جو هي سفر يوگوسلاويا ويندي لکيو هو. هي سفرنامو سهڻي پبليڪيشن حيدرآباد پاران ۱۹۶۹ع ۾ ڇپايو ويو. “بندر بازاريون” ۱۹۷۴ع ۾ سفرنامو ٿائيلينڊ، سنگاپور ۽ ملائيشيا بابت آهي. “جاني ته جهاز ۾” ۱۹۷۲ع جي شروعاتي سفرن تي لکيل آهي. “پيار جي گهُٽ” آفريقه ڏانهن ڪيل سفر جي ڪٿا ۽ ڪهاڻين جي شڪل ۾ ۱۹۷۱ع ۾ ڪتاب آيو. “وايون وڻجارن جون” ۱۹۷۰ع کان ۱۹۷۳ع تائين چين ۽ هانگ ڪانگ جو سفرنامو آهي. “نيو هالا کان نيويارڪ” سندس آمريڪا، ڪئنيڊا ۽ ويسٽ انڊيز جي سياحت تي ٻڌل سفرنامو آهي جيڪو هن ۱۹۶۸ع کان ۱۹۷۲ع تائين لکيو. “بندر ديسان ديس” لطاف شيخ جي ابتدائي سفرنامن مان هڪ آهي جيڪو جپان، ڪوريا، هانگ ڪانگ، چين، ٿائيلينڊ ۽ ملائيشيا جي ملڪن جو سفرنامو آهي. “مڪليءَ کان ملاڪا تائين” الطاف شيخ جو ملائيشا جو سفرنامو آهي. “سي ئي جوڀن ڏينهن” الطاف شيخ جو ۱۹۷۷ع ۾ سريلنڪا جو لکيل سفرنامو آهي. “جت جر وهي ٿو جال” ملائشيا جو سفرنامو آهي. “ملائشيا ۱۲ سال بعد” ملائشيا جو سفرنامو آهي. “ڪولالمپور ڪجهه ڪوهه” به ملائشيا جوسفر نامو آهي.”نه سي سڙهه سکاڻ” هندستان ۽ روس جو سفرنامو آهي. “ملير کان مالمو تائين” سئيڊن بابت سفرنامو آهي. “ڇاجو ديس ڇاجو وديس” مختلف ملڪن ۽ شهرن جو ذڪر آهي. “ڏيهه پرڏيهه جو سفر” ڊينمارڪ جو سفرنامو آهي. “وسي ٿو وڏڦڙو” مختلف مضمونن ۽ سفرنامن جو ڪتاب آهي. “هي دو ٻيٽ هيءَ ڪنارا” هيءُ ڪتاب دنيا جي ڏهن وڏن ٻيٽن بابت لکيل آهي جيڪي ڪئناڊا، انڊونيشيا ۽ جپان وغيره جا آهن. “اوهريا جي عميق ڏي” سنگاپور، ملائشيا، بئنڪاڪ ۽ هانگ ڪانگ جي سفر بابت ڪتاب آهي. “ههڙو ڪو ٻيو ڌنڌو” انڊيا، سريلنڪا، سنگاپور ۽ جپان جو سفرنامو آهي. “هلي ڏسجي هندستان”، “بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾” ۽ “دهلي جو درشن” انڊيا جا سفرناما آهن. “ايران ڏي اڏام” ايران جو سفر “هليو آ ملائشيا” ملائشيا جو، “ممباسا شيدي باڇا همباشا” آفريڪا جو، “ اڇن جو ملڪ ۾ اسين ڪارا” سئيڊن جو، “بخشو لغاري کان بالٽيمور تائين” آمريڪا جو، “اي جرني ٽو ٿائيلينڊ” ٿائيلينڊ جو، “اي روڊ ٽو مدينه” ۽ “ڀلي پار تان ڀيرو” سعودي عرب جا، “سنگاپور ويندي ويندي” سنگاپور جو، “ڪويت ڪنارا” ڪويت جو، “جپان جن جيءَ ۾”، “ڳالهيون تنهن جپان جون”، “جپان رس” “جپان ۲۵ ورهين بعد”، “ٽوڪيو جي گيشيا گرل” جپان جا، “ڪراچي کان ڪوپن هيگن” “آفريڪا جو، “ارائونڊ دي ورلڊ” مختلف ملڪن بابت سفرناما آهن. مٿين سفرنامن مان ڪيترائي اردو ٻوليءَ ۾ ترجمو پڻ ٿيا آهن جيڪي “ايران ڪي دن”، ڪراچي سي ڪوپن هيگن”، “ملائشيا ڪي دن” ۽ “سمندر ڪي دن” وغيره شامل آهن. الطاف شيخ سفرنامن کان علاوه اخبار ڪالم، ڪهاڻيون ۽ ترجما پڻ ڪيا آهن. هن لکڻ جي شروعات به ترجمن سان ڪئي هئي. سنڌي ادب ۾ تحريري چاشني جو مزو الطاف شيخ جي سفرنامن مان ملي ٿو. هن جا سفرناما فقط گهمڻ ڦرڻ جو تذڪرو ئي ناهن پر انهن هنڌن جي ڪهاڻي به آهي. الطاف شيخ سڄي دنيا ۾ جتي به ويو آهي اتي هن سنڌ کي ياد ڪيو آهي. هو سنڌ جو سچو سيلاني آهي. پرڏيهه ويندڙ سنڌي سندس سفرنامن مان ڄاڻ ۽ رهنمائي وٺندا آهن. الطاف شيخ جي سفرنامن کي فقط گھمڻ ڦرڻ وارا لمحا قلمبند ڪرڻ نٿا چئي سگهون، ڇاڪاڻ ته ھن وٽ سفرنامي لاءِ نئين ڄاڻ، انھيءَ ھنڌ جي تاريخ سان گڏ وجه شھرت، تھذيب ۽ ماڻھن جي معلومات پڻ ملي ٿي. ڪيترائي اھڙا ملڪ ۽ شھر آھن جيڪي عام ماڻهو گھمي ڦري اچن ٿا. ڪي اديب سفرناما به لکي اچن ٿا پر قومن جي رھڻي ڪھڻي کان وٺي انھن جون ريتون رسمون صرف الطاف شيخ جي سفرنامن ۾ ملي ٿو. سنڌي ادب جي اھا خوش قسمتي آهي، جنھن کي الطاف شيخ جھڙو اديب مليو. جيڪڏهن الطاف شيخ انگريزي يا اردو ٻولين ۾ سفرناما لکي ھا ته ھو عالمي سطح تي پذيرائي حاصل ڪري وٺي ھا، پر هن پنھنجون خدمتون سنڌي ٻوليءَ لاءِ پيش ڪري، اسان جي ادب کي سفرنامي جي صنف سان مالدار بڻايو. (روزاني ايڪتا ڪراچي اڱارو، ۱۴ نومبر ۲۰۲۳)
محمد علي سانگي (مختصر تعارف- فرسٽ فارم منجھ خود نوشت) مان تعلقه لاڙڪاڻه جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ سڄڻ سانگيءَ ۾ ڄائو هيس. ڄمڻ جي تاريخ، اسڪول جي رجسٽر مطابق ۱۹۲۹-۰۴-۰۴ آهي. مون کان اڳ ۾ والد صاحب کي ٽي پٽ ۽ هڪ نياڻي هئي. پٽ ننڍڙي هوندي ئي، هڪ ٻئي پٺيان، لاڏاڻو ڪري ويا ھيس ۽ باقي وڃي هڪ نياڻي بچيس. پٽ جي اولاد لاءِ، الله تعاليٰ کان سوال ڪيا ويا ۽ باسون باسيون ويون. منهنجي ڄمڻ تي دلي خوشي محسوس ڪئي وئي ۽ الله تعاليٰ جا شڪرانا بجا آندا ويا. منهنجو نالو محمد علي رکيو ويو. پر عام طرح مٽ مائٽ راحب سڏڻ لڳا. منهنجو ٻالڪپڻو به ٻهراڙيءَ جي ٻين عام ٻارن وانگر گذرندو رهيو. جڏهن مان اسڪول وڃڻ واريءَ عمر کي پهتس ته مون کي اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو. چار درجا پرائمريءَ جا ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهي، وڌيڪ سنڌي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ، ڪنگا ڳوٺ ۾ ويس. اتي مسٽر باشومل هيڊ ماسٽر هو. ھو چوٿين، پنجين، ڇهين ۽ ستين ڪلاس جي ڇوڪرن کي پڙهائيندو هو. هو ڏاڍو هوشيار ۽ محنتي استاد هو. مان پنجون درجو پاس ڪري، ڇهين درجي مان اسڪول ڇڏي، پنهنجي ئي ڳوٺ ۾ استاد حافظ رحيم بخش صاحب وٽ، قرآن شريف ياد ڪرڻ شروع ڪيو. قرآن شريف ياد ڪرڻ ۾ تقريبن ساڍا ٽي سال لڳا. حفظ ڪرڻ بعد، جناب مولانا قاري خير محمد صاحب جن وٽ، قمبر جي ڀرسان ڇڄڙن جي ڳوٺ ۾، جتي هو مدرسه ۾ پڙهائيندا هئا، پڙهڻ ويس. اهو سال ۱۹۴۵ع جي وچ وارا مهينا هئا. جڏهن قاري صاحب جن انهيءَ مدرسه کي ڇڏيو ته مان به اتان ڇڏي، مدرسه تاج المدارس امروٽ شريف ۾ اچي پڙهڻ لڳس. امروٽ شريف ۾، پهريائين مولانا عبدالعزيز صاحب مارواڙي جن پڙھائيندا هئا ۽ ان کان پوءِ مولانا مظهرالدين صاحب اندڙ جن پڙهائيندا هيا. ميان محمد شاهه صاحب ولد ميان نظام الدين صاحب، جيڪي اڳتي هلي گادي نشين ٿيا، اسان سان گڏ شاگرد هيا، پر اسان کان مٿيان ڪتاب پڙهندا هئا. ۱۹۴۸ع ۾ ميان محمد شاهه جي دستاربنديءَ بعد، مولانا مظهر الدين کي مدرسه مان اجازت ڏني وئي. لهٰذا مان به مدرسو ڇڏي، ڳوٺ هليو آيس. چند ڏينهن بعد، مولانا عبدالله صاحب چانڊئي وٽ گٽهڙ ڳوٺ ۾ پڙهڻ ويس. پر اتي چند ڏينهن رهي موٽي آيس. خيال هو ته مولانا مظهر الدين صاحب ڏي پڙهڻ ويندس، جيڪو شڪارپور کان پرڀرو ميان عبدالغني شاهه جي مدرسه شجراھ ۾ رمضان شريف بعد پڙهائڻ لاءِ اچڻو هو. انهيءَ دوران ۱۹۴۸ع واري وڏي ٻوڏ (سيلاب) اچي وئي ۽ آمدورفت جا رستا بند ٿي ويا ۽ مدرسه تائين پهچڻ مشڪل هو. گهر ۾ واندو ويهي، وقت وڃائڻ مناسب نه پئي لڳو، تنهن ڪري مدرسه اشاعت العلوم لاهوري محله لاڙڪاڻه ۾ داخلا ورتم. هن مدرسه جو مهتمم مولانا محمد صاحب کوکر هو، جيڪو پارسي پڙهندڙ شاگردن کي، پاڻ پڙهائيندو هو. عربي پڙهندڙ شاگردن کي پڻ پڙھائيندو ھيو. مولانا وڏو عالم سٺو مقرر ۽ بهترين شاعر هو. مولانا صاحب، گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻه، موجوده پائلٽ سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻه، ۾ عربيءَ جو استاد پڻ هو. اسڪول کان موٽي، مولانا صاحب صبح جو سوير ۽ ظهر جي نماز بعد عربي ڪتابن جا سبق ڏيڻ مدرسه ۾ ايندا هيا. اهي اسڪول کي وئڪيشن جا ڏينهن هيا. جڏهن اسڪول کليو ته مولانا مون کي صلاح ڏني ته اسڪول ۾ داخلا وٺي انگريزي به پڙهان ۽ معمول مطابق صبح جو ۽ ظهر بعد، عربي ڪتابن جا سبق به وٺندو رهان. مولانا جي ئي ڪوشش سان مون کي اسڪول ۾ داخلا ملي. اسڪول جو هيڊ ماستر فتح محمد قريشي هو. جيڪو نهايت منتظم، قابل لائق ۽ شفيق هيڊ ماستر هو. هوشيار شاگرد کي ڀانئيندو هو ۽ ڪم ڪندڙ استادن کي عزت جي نگاهه سان ڏسندو هو. منهن جو پهرئين درجي ۾ ڪلاس ماستر مسٽر خان محمد مغل هو، جيڪو منهنجو هم عمر هو. تنهن ڪري ٿورن ڏينهن ۾ اسان دوست ٿي وياسون ۽ اڃا تائين دوستيءَ جو رستو هلندو اچي. ڪجهه ڏينهن اسڪول ويندو رهيس ۽ پوءِ آڪٽوبر ۱۹۴۸ع ۾، باقائده نالو داخل ڪيو ويو. مارچ ۱۹۴۹ع ۾ پهرئين درجي جو امتحان، پهرين پوزيشن سان پاس ڪيم. ٻئي درجي ۾ ڪلاس ٽيچر مسٽر محمد نواز اعواڻ هو. ھو نهايت سنجيده، بردبار ۽ سٺو استاد هو. ٽن مهينن بعد ڊبل پروموشن وٺي، ٽيئن درجي ۾ ويس. ٽيئن درجي ۾ جناب واحد بخش خان ڀٽو استاد هو، جيڪو هوشيار استاد ۽ کل مک طبعيت جو ماڻهو هو. ۱۹۵۰ ۾ ٽئين درجي جو امتحان به پھرين پوزيشن سان پاس ڪيم. چوٿين درجي ۾ مسٽر نعمت الله قريشي ڪلاس ماستر هو. جيڪو پوءِ ماستري ڇڏي، وڪالت ڪرڻ لڳو ۽ حيدرآباد ۾ رهڻ لڳو. جتي چڱو نالو ڪڍيائين. مارچ ۱۹۵۱ع ۾ چوٿون درجو پاس ڪيم ۽ پنجين درجي ۾ پڙهڻ لڳس. پنجين درجي ۾ ڪلاس ماسٽر، مسٽر هادي بخش جتوئي هو. ٽن مهينن بعد، ڊبل پروموشن وٺي، ڇهين درجي ۾ ويس. ڇهين درجي ۾ ڪلاس ماسٽر مسٽر ابوطلحه هو، جيڪو نهايت هوشيار، محنتي ۽ سنجيده طبيعت جو ماڻهو هو. ڇهين درجي ۾ ٻيو نمبر پاس ٿيس ۽ امتحان مارچ ۱۹۵۲ع ۾ ٿيو. ستين درجي يعني مئٽرڪ ڪلاس ۾ ڪلاس ماسٽر مسٽر ابوذر صديقي هو. هو صاحب نهايت نيڪ انسان ۽ محنتي استاد هو. مئٽرڪ جو امتحان ۱۵ اپريل ۱۹۵۳ع تي ختم ٿيو. انهيءَ سال کان، اهو معمول هوندو هو ته مئٽرڪ جو امتحان، مارچ مهيني ۾ ختم ٿيندو هو. پرانهيءَ سال ايران جي شهنشاهه رضا شاهه پهلويءَ جي پاڪستان جي پهرئين دفعي دوري تي اچڻ ڪري، امتحان پوئتي ڪري اپريل ۾ ڪيا ويا. نوٽ-: (پاڪستان جو ترانو به پهريون دفعو شهنشاهه جي آمد تي Play on ڪيو ويو هو) نوڪري؛ ۲۴ اپريل ۱۹۵۳ع تي، مونکي سيوهڻ اسڪول ۾ نوڪري ملي. سيوهڻ جو اسڪول، ان وقت ڊسٽرڪٽ ڪائونسل دادوءَ جي انتظام هيٺ هلندو هو. تاريخ ۵ نومبر ۱۹۵۳ع تي، سيوهڻ مان استعفا ڏيئي، مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول هالا ۾ وڃي نوڪري ڪيم. هالا ۾ نوڪري ڪرڻ جو سبب اهو هو جو مون سروري اسلاميه ڪاليج هالا ۾ فرسٽ ايئر آرٽس ۾ داخلا ورتي هئي. تنهن ڪري ڪاليج کي ويجهو هجڻ لاءِ استادن کان مدد وٺڻ خاطر، هالا هاءِ اسڪول ۾ نوڪري ڪرڻي پئي. سال ۱۹۵۴ع ۾، پهريون سال پاس ڪيم. ان وقت فرسٽ ايئر جو امتحان، لوڪل ڪاليجن جي طرفان ورتو ويندو هو. سال ۱۹۵۵ ۾، انٽر آرٽس پاس ڪيم ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ٽيون نمبر آيس. ان وقت ڪاليجن جا امتحان يونيورسٽيءَ طرفان ورتا ويندا هئا. حيدرآباد بورڊ ۱۹۶۰ ۾ وجود ۾ آئي ۽ سکر بورڊ ۱۹۸۰ ۾ وجود ۾ آئي. ۴ سال ڪاليج ۾ ريگيولر رهڻ کان پوءِ، مون عربيءَ ۾ بي اي (آنرس) ڪرڻ لاءِ، سروري اسلاميه ڪاليج هالا ۾ داخلا ورتي. پر ستت ئي يونيورسٽيءَ فيصلو ڪيو ته آنرس جا ڪلاس، يونيورسٽي پاڻ هلائيندي. مان چونڪه سروس ۾ هوس، تنهنڪري يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ڪو نه ورتم پر پرائيويٽ ٽيچر ڪئنڊيڊيٽ جي حيثيت ۾ ۱۹۵۷ ۾ بي اي آنرس عربيءَ جو امتحان ڏنم ۽ يونيورسٽيءَ ۾ ٽيون نمبر آيس. ساڳئي نموني ايم اي عربيءَ ۾ به پرائيويٽ طور ڪيم ۽ يونيورسٽيءَ ۾ ٽيون نمبر آيس. انهيءَ دوران آگسٽ ۱۹۵۸ع ۾ منهنجو تبادلو هالا هاءِ اسڪول کان، مدرسه هاءِ اسڪول نوشهره فيروز ٿيو. هتي هالا هاءِ اسڪول وانگر هاسٽل جو انچارج پڻ رهيس. ٻن سالن بعد يعني آگسٽ ۱۹۶۰ ۾، مونکي پي ٽي ٽريننگ لاءِ حيدر آباد چونڊار ويو. انهيءَ وچ ۾، مون ليڪچرر-شپ جي لاءِ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ درخواست موڪلي ڇڏي هئي. ۲۷ سيپٽمبر ۱۹۶۰ تي ڪراچي باٿ آئلينڊ ۾ منهنجو ڪميشن انٽرويو ورتو ۽ مون کي منتخب ڪيو. جنوري ۱۹۶۱ ۾ مون کي ليڪچرر-شپ جو آرڊري مليو. پي ٽي ٽريننگ تي هجڻ جي ڪري، مون ۲۵ فيبروري ۱۹۶۱ تي جيڪب آباد جي گورنمينٽ ڪاليج ۾ ليڪچرار جي حيثيت ۾ پنهنجي ڊيوٽي وڃي سنڀالي. سڄو وقت انهيءَ ئي ڪاليج ۾ رهيس ۽ ۱۰ فيبروري ۱۹۷۲ع تي پروموشن مليو. عهدو اسسٽنٽ پروفيسر ٿيو. سال ۱۹۷۴ جي آخر ڌاري ٺل ۾ نئون ڪاليج کوليو ويو، تنهنڪري مونکي ان جو پهريون پرنسپال ڪري موڪليو ويو. ۹ نومبر ۱۹۷۴ کان وٺي ۱۷ فيبروري ۱۹۷۷ تائين، ٺل ڪاليج ۾ پرنسپال جي حيثيت ۾ فرائض ادا ڪندو رهيس. ۱۹ فيبروري ۱۹۷۷ تي، گورنمينٽ ڪاليج جيڪب آباد ۾ بحيثيت پرنسپال جي چارج سنڀاليم ۱-۲-۷۸ کان ۱۹ گريڊ مليو ۽ ۱-۱۲-۱۹۷۸ع کان ۲۰ گريڊ ۾ موو اوور ٿي. قريبًا ٻارنهن سال لڳاتار جيڪب آباد ڪاليج ۾ رهيس ۽ ۱-۲-۱۹۸۹ تي ۶۰ سال عمر ۾، ۳۵ سال کان مٿي سروس پوري ڪرڻ تي رٽائر ڪيم. ۲۷ تاريخ جنوري ۱۹۸۹ تي، منهنجي استادن طرفان الوداعي پارٽي ڪئي ويئي. پارٽيءَ جو تمام سٺي نموني انتظام ڪيو ويو، جنهن ۾ شهر جا معززين ۽ استاد حضرات سکر ۽ لاڙڪاڻه ڊويزن جي مختلف ڪاليجن جي پرنسپالن ۽ استاد صاحبن شرڪت ڪئي. ۱۷ جولاءِ ۱۹۸۹ع تي جيڪب آباد کي ڇڏي، لاڙڪاڻو ۾ الله تعاليٰ جي مهربانيءَ سان خوش خوش زندگي گذاري رهيو آهيان. ------ (تفصيلي احوال- ٿرڊ فارم منجھ خود نوشت) لاڙڪاڻه شهر کان اتر طرف نڪرندڙ روڊ کان هڪ ميرو خان ۽ ٻيو رتيديري وڃي ٿو. تن تي هلندي، پنجن ميلن جي فاصلي تي هڪ واھ اچي ٿو جنهن کي همير واهه باشاهه جي ڪَوُر ڪري سڏين ٿا. انهيءَ شاهه جي ڪور جي ڪناري تي ٻنھي روڊن جي وچ تي يعني ميرو خان واري روڊ کان اوڀر طرف ۽ رتيديري واري روڊ کان اولهه طرف، سڄڻ سانگيءَ جي نالي سان آڳاٽي وقت کان آباد آهي. ڪافي عرصو اڳ هتان جا ماڻهو جن جو ڌنڌو کيتي ٻاڙي هو، ڏاندن ۽ مينھن جا شوقين هيا. هتان جا ڀلا ڏاند مشهور ھيا ۽ هتان جون ڪنڍيون مينهون کير جون نديون وهائينديون هيون. هر ڪو ماڻهو، محنت ڪري پيٽ پاليندو هو ۽ ڪو ڪنهن جو محتاج ڪو نه هو. هتان جا ماڻهو، آزاد خيال ۽ حريت پسند هيا. ڇاڪاڻ ته هتي ڪو وڏو زميندار ڪو نه هو، جيڪو ماڻهن کي دٻائي هيسائي، بي همت بڻائي ڇڏي. ڳوٺ جو چڱو مڙس صحيح معنيٰ ۾ چڱو مڙس هو. هو نهايت شريف ۽ با اخلاق انسان هو ۽ پاڻ به هر هلائي پنهنجي روزي ڪمائيندي هو. محنت ۾ عار نه آهي. پنهنجي ڪمائي واري لقمي کائڻ ۾ جيڪا لذت آهي، سا ٻئي جي ڪمائيءَ تي پلجڻ ۾ ڪٿي ٿي ملي. اڄ کان سٺ سال کن اڳ، ڌڻي بخش سانگي نالي هاريءَ جي گهر ۾ پٽ ڄائو جنهن جو نالو سندس والده پنهنجي پيءُ جي يادگيري بحال رکڻ لاءِ محمد علي رکيو پر ٻارڙي جي ناني، کيس راحب جي نالي سڏڻ لڳي. ٻارڙي جي ڄمڻ تي والدين کي نهايت گهڻي خوشي ٿي. جيئن ته هن کان اڳ سندس ٽي پٽڙا ننڍي هوندي ئي هڪ ٻئي پٺيان الله کي پيارا ٿي چڪا هيا. هو الله سائين کي سوال ڪندا ها ته کين گرڙو، سانورڙو، ڪوجهڙو پٽڙو عطا ٿئي. کين هڪڙي ننڍڙي ڌيءُ هئي، جيڪا پڻ پنهنجا پتڪڙا هٿ کڻي، پنهنجي ماءُ سان دعا ۾ شريڪ ٿيندي هئي ته الله تعاليٰ مون کي ڀاءُ ڏي. الله تعاليٰ مهربان آهي ته فبيروريءَ (۱۹۲۹ع) تي اُهو ٻارڙو، هن دنيان ۾ آيو. والدين طرفان خاص طرح، مٽن مائٽن طرفان عام طرح، الله تعاليٰ جا شڪرانا بجا آندا ويا ۽ خوشيون ڪيون ويون. ٻارڙي جا ننڍپڻ جا ڏينهن، پاڙي جي ٻين ٻارن وانگر، راند روند ۾ گذرندا ويا. ڪڏهن ڪڏهن کيس اجرڪ جي ٻوڪي، سياري جي مؤسم ۾، ٻڌل ھوندي ھئي. پنهنجي والد ۽ چاچي سان گڏ، ڳاهه ۾ ٻڌل ڏاندن پٺيان، پنهنجي قد جيترو لڪڻ هٿ ۾ کنيو، ڏاندن کي ”هلھي ملھي، ڳاهه ڳھي“ چوندي نظر ايندو هو. ننڍپڻ ۾ ماسٽر کان کيس ڏاڍو ڀؤ ٿيندو هو. ڇاڪاڻ ته ڏيونداس هڪ هندو ماستر هو. ڳوٺ جي اسڪول جو ماستر، جيڪو مارڻو به ڏاڍو هوندو هو ته پڙهائيندو به سٺو هو. اهو ماستر صبح جو سوير ڳوٺ ۾ گهڙي پوندو هو ۽ ٻارن کي پاڻ سان گڏ سڪول وٺي ويندو هو. جيڪي گوسڙو ٻار هوندا هئا، تن کي ٽنگوٽالي ڪرائي، کڻائي ويندو هو. انهن ڇوڪرن جون رڙيون ٻُڌي، ننڍڙو راحب به ڊپ کان وڃي گهر جي ڪنڊ ۾لڪندو هو. پر جڏهن اسڪول وڃڻ جي عمر کي پهتو ۽ کيس اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو ته ڏاڍي شوق سان پڙهيائين. اجايو، هڪ ڏينهن به اسڪول کان نه گسايائين ۽ هميشه پهريون نمبر رهيو. ڪلاس ۾ چار درجا پنهنجي ڳوٺ سڄڻ سانگيءَ کان ڪرڻ بعد، ڪنگا ڳوٺ، جيڪو سڄڻ سانگيءَ کان (ٻن) ميلن کن جي مفاصلي تي آهي، پڙهڻ ويو. اتي پنجون درجو پاس ڪيائين. ڪلاس ۾ پهريون نمبر آيو. ڇهين درجي ۾ پڙهڻ لڳو. اسڪول جو هيڊ ماسٽر مٽر باشومل هو، جيڪو ڇهون ڪلاس پڻ پڙهائيندو هو. محمد عليءَ کي سندس هوشياريءَ جي ڪري ڏاڍو ڀانئيندو هو ۽ کين چوندو هو؛ ”فائنل پاس ڪر ته تو کي سنڌي ماستري وٺي ڏيان!“ ۱۹۴۱ع ۾، اونهاري جي وئڪيشن جي ڪري، اسڪول بند ٿي ويا ۽ محمد علي پنهن جي ڳوٺ ۾، ٻين ٻارن وانگر چدن کيڏڻ ۽ لغڙن اڏائڻ ۾ وقت گذارڻ لڳو. ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي والد کي ۽ چاچي کي ٻنيءَ تي ماني پهچائڻ به ويندو هو ۽ گهر جو پاڻي ڀريندي ڏسبو هو. ڳوٺ ۾ پاڙي جي مسجد ۾ حافظ سڳورو رهندو هو، جنهن وٽ ڳوٺ جا ۽ ڪي ٻاهر جا ڇوڪرا، ڪي ياد ۽ ڪي ناظره، قرآن پڙهندا هئا. هڪڙي ڏينهن، محمد عليءَ کي به سندس والد چيو؛ ”بابا تون به مسجد ۾ وڃي حافظ کي دور ٻڌاءِ!“ هڪ ٻن دفعن جي چوڻ بعد، محمد علي مسجد ۾ ويو ۽ حافظ کي دور ٻڌايائين. حافظ سڳوري چيس؛ ”بابا تنهن جو دور ته ڪچو آهي. ٿورو ٿورو ڪري پڪو ڪر.“ محمد علي اڳ ۾ اسڪول منجھ، ملان وٽ قرآن پڄائي چڪو هو پر کيس ڪچو ھيو. انهيءَ حافظ جو نالو رحيم بخش ھيو ۽ ذات جو دائود پوٽه هيو، ناڙي بيلٽ جو رهاڪو هو. امروٽ شريف ۾ پڙهيو هو ۽ سڄڻ سانگيءَ ۾ ڪافي سال رهيو. اتان ڇڏي، پوءِ ڳڙهي ياسين جي ڀرسان نوشهري ابڙي ۾ اچي رهيو ۽ اتي وفات ڪيائين. الله مغفرت ڪرين ۽ جوار رحمت ۾ جاءِ ڏئين. محمد علي قرآن شريف جي ننڍين ننڍين سورتن کي ڀيرا ڏئي پڪو ڪري رهيو هو ته انهيءَ دوران هڪ ڇوڪرو آيو، جيڪو قرآن شريف بند ڪري، اٿي بيهي، ادب سان سڀني کي هٿ ٻڌي ياد سبق ٻڌائڻ لڳو. اها محمد علي کي عجيب ڳالهه لڳي ۽ حافظ کي مخاطب ٿي چوڻ لڳو ته؛ ”استاد هي ڇا ٿو پڙهي؟“ حافظ سڳوري وراڻيو؛ ”هيءُ، قرآن ياد ٿو ڪري. اهو ياد سبق ٿو ٻڌائي.“ ”استاد! مان به قرآن ياد پڙهندس.“ محمد عليءَ چيو. ”بسم الله! وٺ سبق!“ حافظ جواب ڏنو. ائين هن قرآن ياد ڪرڻ شروع ڪيو ۽ پهرين ئي ڏينهن صبح جو سبق جي وقت تائين، پاره عم جون، پويون ست سورتون ياد ڪري ويو. اهڙيءَ طرح هو قرآن شريف ياد ڪرڻ کي لڳي ويو. سڪول کلڻ بعد سڪول نه ويو ۽ سنڌي پڙهڻ ڇڏي ڏنائين. هاڻي هو راند روند کي ڇڏي، هڪ-مَنو ٿي، شوق سان قرآن ياد ڪرڻ لڳو. صبح جو مسجد ۾ وڃي سبق ياد ڪري ۽ ٻيو سبق وٺي اچي، پنهنجي گهر جي ڪم کي لڳندو هو. ان وقت گهر ۾ نلڪو نه هئڻ ڪري، پاڻي ٻاهران ڀرڻو پوندو هوس. هو پاڻي به ڀريندو رهندو هو ۽ ٻن دلن واري ڪانواٺي ڪلهي ته رکي، تڪڙو تڪرو هلندو هو ۽ ان سان گڏو گڏ قرآن شريف جو دور به ياد پڙهندو رهندو هو. اڪثر ڪري ٻنيءَ ڏي ماني پهچائڻ به ويندو هو ۽ ساڳيءَ طرح گهمندي گهمندي دور به پڙهندو رھندو هو. ڪم کان واندو ٿي، وري اچي استاد جي خدمت ۾ لڳندو هو. جيئن ته استاد حافظ صاحب، اکين کان نابين هو، تنهن ڪري هن جو تمام گهڻو خيال رکڻو پوندو هوس. ائين وقت گذرندو رهيو. ساڍن ٽن سالن کن جي عرصي ۾ محمد علي قرآن ياد ڪري ورتو ۽ ربيع الاوّل ۱۳۶۴ هه ۾ پڳ ٻڌائين. هاڻي هو حافظ محمد علي نالي سان سڏجڻ لڳو ۽ ماڻهو کيس عزت جي نگاهه سان ڏسڻ لڳا. اهو سيد ڇوڪرو، جنهن کي ڏسي، محمد علي قرآن شريف ياد پڙهڻ شروع ڪيو هو، تنهن جو نالو ڪوڙل شاهه هو. سو قرآن ياد ڪري ڪو نه سگهيو ۽ پڙهڻ ئي ڇڏي ويو. جوانيءَ ۾ پير ماهيءَ جي ميلي تي هڪڙي ماڻهوءَ سان ملهه وڙهڻ سبب، مغز ۾ ڌڪ لڳس ۽ فوت ٿي ويو. انا لله وانا اليہ راجعون. استاد حافظ رحيم بخش صاحب جن وٽ جن ٻين قرآن شريف سڄڻ سانگيءَ ۾ ياد ڪيو تن ۾ حافظ محمد رمضان شيخ، حافظ يار محمد سانگي، حافظ احمد خان سانگي ۽ سندس ڀيڻ ملوڪان زادي ۽ حافظ محمد صالح ڪوري جا نالا قابل ذڪر آهن. انهيءَ وقت عيد ميلادالنبي جي موقعي تي ۱۲ ربيع الاول تي لاڙڪاڻي ۾ عظيم شاهه واري ميدان ۾ جلسه عام ٿيندو هو. جنهن ۾ علماء ڪرام سيرت تي ڳالهائيندا هئا. حافظ رحيم بخش صاحب به محمد علي سان گڏ، تقرير ٻڌڻ ايندو هو. هڪڙي سال جڏهن محمد علي قرآن شريف ختم ڪرڻ وارو هو، تڏهن انهيءَ جلسه ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ آيا. ان وقت هڪڙو مولانا تقرير ڪري رهيو هو. سندس آواز ڏاڍو سهڻو، قرآن ڏاڍي وڻندڙ لهجي ۾ پئي پڙهيائين ۽ پاڻ به نئين وهيءَ ۾ هو. حضرت ابراهيم عليہ السلام جو قصو بيان ڪري رهيو هو. ماڻهن کي ڏاڍو متاثر ڪري رهيو هو. تقرير ختم ڪرڻ بعد مولانا سان ملاقات ڪيائون ۽ تعارف حاصل ڪيائون. مولانا پنهنجي تعارف ۾ ٻڌايو ته سندس نالو قاري خير محمد آهي ۽ مدرسه دارالتوحيد ميمڻ محله ڇڄڙن ۾ تازه دستاربندي کان پوءِ پڙهائڻ شروع ڪيو اٿس. قاري صاحب کي حافظ محمد علي جي دستاربنديءَ جي جلسه جي دعوت ڏني وئي، جيڪا هن قبول ڪئي. کيس عرض ڪيو ويو ته تاريخ جو تعين ڪري، کيس ڇڄڙن ۾ اطلاع ڏنو ويندو. ربيع الاوّل ۱۳۴۶هه ۾ دستار بندي جي تاريخ مقرر ڪئي وئي ۽ قاري صاحب جن شرڪت ڪري پنهنجن هٿن سان دستار فضيلت (ختم قرآن) ٻڌرائي ۽ سهڻي تقرير ڪئي. ---- هاڻي حافظ محمد علي کي مولوي ٿيڻ جو شوق ٿيو. جيئن ته هو قاري خير محمد صاحب کان متاثر هيو، تنهن ڪري ستت ئي ڇڄڙن جي مدرسه ۾ داخل ٿيو. ٿورن ڏينهن بعد حافظ محمد علي جو دوست، سيد عبدالفتاح شاهه جنهن جو والد پڻ وڏو عالم ٿي گذريو هو ۽ ڪافي وڏو ڪتب خانو ڇڏي ويو هو، سو به ڇڄڙن ۾ هن سان گڏ پڙهڻ لاءِ آيو، پر گهڻو رهي نه سگهيو ۽ ٽڪين (پن جي مانين) کيس ڪڪ ڪري وڌو، ۽ پڙهڻ ڇڏي ويو. ڦيڙهي واري آريجن جو رهاڪو هو، هاڻي فوت ٿي ويو آهي. الله تعاليٰ مغفرت ڪريس انا لله و انا اليہ راجعون. ۱۹۴۵ع ۾ نصرپور ۾ مولانا عبدالحق ربانيءَ، آل انڊيا جميعت العماءِ ڪانفرس ڪوٺائي هئي، جنهن ۾ ٻئي، حافظ محمد علي ۽ عبدالفتاح شاهه، مولانا قاري خير محمد صاحب سان گڏ شريڪ ٿيا هيا. حافظ محمد علي، مدرسه دارالتوحيد ڇڄڙن ۾ پڙهندو رهيو ۽ ٽڪين جي مانين کان ڪڪ نه ٿيو. ٽڪين جو نمونو به عجيب هوندو هو. جيترا گهر اوتري قسم جا ٻوڙ. ڪٿان گوشت، ڪٿان مڇي. ڪٿان پلي، ڪٿان پٽاٽا. ڪٿان دال، ڪٿان واڱڻ. انهن سڀني کي عبدالحنيف گهمرو جيڪو مدرسه جو جهونو شاگرد هو، سو هڪ وڏي ٿالهه ۾ وجهي چانورن جي ماني جو وڏو ٽڪر پٽي کڻي جو گهمائيندو هو ته واه واه جو وڃي ٻوڙ جو رنگ بيهندو هو. ٻوڙ جي تقسيم به وري انهيءَ ٽڪر ذريعي ٿيندي هئي. ڇاڪاڻ ته چمچه ته بعد جي پيداوار آهن ۽ مدرسن ۾ اڃا به مفقود آهن. مدرسه ۾ چڱا ئي شاگرد هيا، جن مان عبدالحنيف گهمرو، نصرالله جهتيال، صفي الله ڪنڀر، دوست محمد ڪنڀر، غلام قادر تونيه، عبدالله ۽ حافظ غلام سرور جت شاگرد هيا. عبدالله جو آواز ڏاڍو سريلو هو ۽ سعديءَ جو بوستان ڏاڍي وڻندڙ آواز ۾ پڙهندو هو. مسٽر عبدالهادي سرهيه، جيڪو انهيءَ وقت شڪارپور ڪاليج ۾ پڙهندو هو، سو به ڪجهه وقت لاءِ قرآن سکڻ خاطر، مدرسه ۾ اچي مقيم ٿيو. انهيءَ کان پوءِ وڃي قرآن شريف ياد به ڪيائين ۽ انگريزي تعليم به جاري رکيائين. تعليم کاتي ۾ مختلف عهدن تي رهي، سال ۱۹۸۸ع ۾ پينشن تي هليو ويو. نهايت ديندار، رحمدل ۽ خدا ترس انسان آهن. ۱۹۴۷ع ۾ مولانا قاري خير محمد صاحب جي مدرسه کي ڇڏڻ ڪري، حافظ محمد علي امروٽ شريف هليو ويو ۽ اتي مدرسه تاج المدارس امروٽ ۾ پڙهڻ لڳو. ۱۹۴۶ع جي آخر ۾ مولانا قاري خير محمد صاحب جن کي پهرين نياڻي کان پوءِ فرزند ڄائو، جنهن جو نالو خليل احمد رکيائون. خليل احمد صاحب جن شڪل شباهت ۾ پنهنجي والد صاحب سان تمام گهڻي ۾ مشابهت رکن ٿا. تعليم به دنيوي ۽ ديني ٻنهي کان بهرور ٿيا آهن. ايم اي اسلاميات ۽ مولوي فاضل جا امتحان پاس ڪيا اٿائون ۽ لاهوري محلي ۾ رهن ٿا ۽ پنهنجو ڌنڌو ڪري، نهايت خوشحال زندگي گذاري رهيا آهن. امروٽ شريف ۾ مولوي عبدالعزيز مارواڙي پڙهائيندو هو. مولوي صاحب طبيعت جو سادو پر سٺو عالم هو. بروهڪيءَ ٻولي تي ته چڱو عبور هيس (گهوٽڪي) ۽ ڪوئيٽا جي بروهين کي بروهڪيءَ ۾ عربيءَ جي تعليم ڏيندو هو. ڪجهه وقت بعد حافظ غلام سرور ۽ دوست محمد ڪنڀر پڻ پڙهڻ لاءِ امروٽ آيا. پر اهي گهڻو وقت اتي ڪو نه رهيا. مولانا عبدالعزيز صاحب کان پوءِ، ٻئي سال مولانا مظهرالدين انڍڙ کي مدرسه ۾ تعليم لاءِ آندو ويو. مولانا مظهرالدين وڏو عالم هو ۽ عربيءَ تي سٺو عبور هيس. عربيءَ جي سڀني فنون جو ماهر هو؛ تفيسر، حديث، اصول، فقه، معاني، منطق، فلفه، وغيره تي سٺي دسترس ھيس. انهيءَ وقت ميان محمد شاهه ولد نظام الدين شاهه، جيڪو پوءِ ۱۹۵۰ع ۾ امروٽ جي درگاه جو گادي نشين ٿيو، آخري ڪتاب پڙهندو هو. ۱۹۴۸ ۾ دستار بندي ڪيائين ۽ پوءِ مولانا مظهرالدين کي مدرسه مان رخصت ڪيائون. هن جي امروٽ ڇڏڻ کان پوءِ ستت امروٽ ۾ وڏيري هدايت الله دل کي ڌاڙو لڳو، جنهن ۾ مولوي ڏاڍو آدم بروهي، چاچو وڏيرو نصرالله خان دل ۽ ٻه ٻيا ماڻهو مارجي ويا هيا. انهيءَ وقت اهو وڏي ۾ وڏو ڌاڙو هو، جنهن جي جوابدارن مان عيدو بليدي کي شڪارپور جي لکي در وٽ کلئي عام ڦاسي ڏني ويئي هئي. حافظ محمد علي به ٽپڙ کڻي اچي في الحال گهر ويٺو. پر مولوي صاحب کانئس وعده ورتو ته ايندڙ رمضان کان پوءِ مولانا جنهن مدرسه ۾ به پڙهائڻ ويندو ته هو اتي ضرور ايندو. اهو ته هر جاءِ تي ذڪر ڪرڻ نه ٿو ٺهي ته هوشيار هجڻ ڪري استاد هن کي ڀانئيندا هيا. بهرحال هو گهر ته آيو پر هن کي آرام نه پيو اچي. تنهنڪري هو مولانا عبدالله صاحب چانڊئي وٽ پڙهڻ ويو. جيڪو ان وقت گهٽهڙ ۾، ٻرڙن جي مسجد ۾ پڙهائيندو هو. گهٽهڙ جو پاڻي هن کي پسند نه آيو. جنهن ڪري هو ٻن هفتن کن کان پوءِ، وري موٽي گهر آيو. رمضان شريف جي گذرڻ ۽ مدرسن جي کلڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو. انهيءَ دؤران مولانا مظهرالدين صاحب خط لکي هن کي اطلاع ڏنو ته رمضان، بعد هو شڪارپور کان پريان خانپور ويجهو شجراهن جي ڳوٺ ۾ ميان عبدالغني شاه جي مدرسه ۾ پڙهائيندو. محمد علي به اوڏانهن وڃڻ جي تياري ڪري ڇڏي پر اوچتو ئي اوچتو ۱۹۴۸ع واري وڏي ٻوڏ اچي وئي، جنهن جي ڪري رستا بند ٿي ويا. روڊن رستن کي ته نقصان پهتا ئي پهتا پر ريلوي لائينن کي به ايڏا گھارا پئجي ويا جو ڀرجڻ جا ئي ڪين هيا. ڪجهه وقت انتظار ڪرڻ بعد جڏهن ڏٺائين ته مستقبل قريب ۾ رستن کلڻ جي ڪا راھ نظر نه ٿي اچي ته ڪنهن ويجهي مدرسي ۾ داخلا لاءِ سوچڻ لڳو. آخر مدرسه اشاعة العلوم لاهوري محله لاڙڪاڻه ۾ آيو. اهو مدرسه ڊپٽي ڪليڪٽر جي آفيس جي اولهه ۾، ان وقت وهندڙ گهاڙ واه جي مٿان هو. ڪنهن وقت ته مدرسه وڏي اوج تي هو ۽ وڏا وڏا عالم انهيءَ ۾ معلم ٿي رهيا. سٺا سٺا شاگرد، عالم فاضل ٿي نڪتا. مولانا محمد صاحب کوکر مدرسه جو مهتمم هو. مولانا سٺو مقرر، فارسيءَ جو وڏو ڄاڻو هو ۽ ساده طبيعت انسان هو، نه منھن-شوخي، نه وڏائي. حافظ محمد علي جنهن وقت مدرسه ۾ پڙهڻ آيو، انهي وقت مولانا نورالدين گورنمنٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻه ۾ عربيءَ جو استاد هو. محمد علي، مولانا نورالدين وٽ پڙهڻ شروع ڪيو. مولانا هن کي صبح جو سوير ۽ ظهر جي نماز بعد، سبق ڏيڻ مدرسه ۾ ايندو هو. مولانا نورالدين سٺو شاعر، بهترين مقرر ۽ وڏو عالم هو. مدرسه ۾ قرآن شريف، حافظ سيد حبيب الله شاه ننڍڙن ٻارن کي پڙهائيندو هو. ٻيو مولوي صاحب مولانا محمد رفيق بروهي خوش نويس به ڪن شاگردن کي عربي پڙهائيندو هو. مدرسه جي ڀر سان، اتر-اولهه ۾، ميدان خالي پيو هوندو هو. گهاڙ واه جي ٻيءَ ڀر تي انبن ۽ زيتونن جو باغ ۽ ٻيون ٻنيون هونديون هيون. هاڻي نه گهاڙ واه جو نشان آهي، نه باغ ۾ ڪنهن وڻ جو ڀڙ بيٺو آهي، نه ٻني آهي، نه ميدان آهي. بلڪ انهن جي مٿان شاهنوار سٽيڊيم، وڻندڙ بنگلا ۽ عجيب عمارتون ڪر کنيون بيٺيون آهن. ڪٿي ڪٿي انهن عمارتن جي زينت دوبالا ڪرڻ خاطر يا انهن تي چٿر ڪرڻ خاطر غريبن جون ڪکايون جهوپڙيون ڪنڌ هيٺ ڪيون، دنيا وارن جي لاءِ عبرت جو باعث بڻيل آهن. اهي اسڪولن کي وئڪيشن جا ڏينهن هيا. جڏهن اسڪول کليا ته مولانا نورالدين اسڪول وڃڻ لڳو. صبح جو نماز بعد، جلدي جلدي مدرسه ۾ اچي محمد عليءَ کي عربيءَ ڪتابن جهڙوڪ تفسير جلالين، شرح ذکاية، شرح هدايته، الجلته الجامي، شرح تهذيب، نورالانوار وغيره جا سبق پڙهائي، اسڪول هليو ويندو هو ۽ شام جو وري رهيل ڪتابن جا سبق اچي پورا ڪرائيندو هو. محمد علي رهندو به مدرسه ۾ هو ۽ ٽڪين جي مانين ته ٻين عام شاگردن وانگر گذارو ڪندو هو. ڪجهه وقت بعد، مولوي محمد رفيق صاحب وٽ ٻين شاگردن سان گڏ، صحيح بخاري جو سبق پڻ شروع ڪيائين. اسڪول کلڻ بعد، مولانا نورالدين پاڻ، حافظ تي انگزيزي پڙهڻ لاءِ زور رکيائين. هن به پس و پيش بعد، آمادگي ڏيکاري. مولانا نورالدين ئي ان وقت جي هيڊ ماسٽر، مسٽر فتح محمد قريشيءَ کي چئي، داخلا وٺي ڏني. هاڻي صبح جو عربي ڪتابن جو سبق وٺي، مولانا سان گڏ اسڪول هليو ويندو هو ۽ اسڪول کان موٽڻ بعد، وري عربي ڪتابن جو سبق ۽ قرآن شريف جو دور. اهڙيءَ طرح، هن پڙهڻ شروع ڪيو. رات ۾ صرف چار ڪلاڪ ننڊ ڪندو هو. هن وٽ واچ ڪو نه هئي. هن ريل سان ٽائيم ٺاهي ڇڏيو هو. رات ٻارهين بجي، ڪوئيٽا ميل لاڙڪاڻه کان رواني ٿيندي هئي ته هي سمهي پوندو هو ۽ پوري چئين (۴) بجي، ڪوئيٽا ميل، ڪوئيٽا کان لاڙڪاڻه ايندي هئي ته هو اٿي پڙهڻ ويهندو هو. اونهارو ته ٺهيو پر سياري ۾ گهڻو ڪري بسترو نه وڇائيندو هو. ڳچ ڏينهن لاءِ، مولانا نور الدين، لاهوري ڇڏي، علي گوهر آباد وڃي رهيو ته محمد علي صبح جو نماز پڙهي، ڪتاب ڪڇ ۾ کڻي اتي ويندو هو ۽ پوءِ مولانا سان گڏ اسڪول پهچندو هو. اسڪول ۾ کيس پابنديءَ سان اسيمبليءَ ۾ پهچڻو پوندو هو. ڇاڪاڻ ته محمد علي اسيمبليءَ ۾ قرآن شريف جي ڪا آيت پڙهندو ھو ته مولانا نورالدين صاحب ان جو ترجمو ۽ تشريح بيان ڪندو هو. اهو سلسو هن جي مئٽرڪ جي امتحان ڏيڻ تائين هلندو رهيو. ڪجھ عرصي لاءِ مولانا عبدالله صاحب چانڊيو، لاهورين واري جامع مسجد ۾ اچي رهيو ته محمد عليءَ منطق جھڙوڪ؛ قطبي ۽ مير قطبيءَ جھڙا ڪتاب مولانا وٽ پڙهيا. اسڪول ۾ محمد علي ۲۷ آڪٽوبر ۱۹۴۸ تي داخل ٿيو. ان کان اڳ ۾ عارضيءَ طرح چند ڏينهن ڪلاس ۾ وڃي ويٺو هو. ڪلاس جا ڇوڪرا ته هن جي بنسبت تمام ننڍڙا پئي لڳا پر ڪلاس ٽيچر پڻ هن جو هم عمر هو، جيڪو پوءِ گهرو دوست ٿي ويس ۽ اڃا تائين دوستيءَ جو ناطو هلندو آهي. ڪلاس ٽيچر جو نالو هو مسٽر خان محمد مغل. نهايت هوشيار ۽ انگريزيءَ جو ماهر استاد هو. ڪلاس ۾ چند ڏينهن رهڻ بعد، هڪڙي ڏينهن سنڌ جو گورنر دين محمد شيخ لاڙڪاڻه آيو ۽ اسڪول پڻ ڏسڻ آيو. جڏهن ڪلاس ۾ گهڙيو ته ڪلاس جا ڇوڪرا اٿي بيٺا. محمد عليءَ کي ٻين پتڪڙن جي ڀيٽ ۾ هيڏو سارو قد آور ۽ ڏاڙهيءَ سان ڏسي، پڇڻ لڳو ته هي ڇوڪرو آهي يا ڪنهن ڇوڪري جو پيءُ. تنهن تي هيڊ ماستر صاحب هن کي سمجھايو ته هو قرآن جو حافظ، عربيءَ جو ڄاڻو آهي ۽ هاڻي انگريزيءَ ۾ پڙهڻ چاهي ٿو، جنهن ڪري خاص طرح هن کي اجازت ڏيئي داخلا ڏني وئي آھي. جنھن ۾ ھن گھٽتائي محسوس پڻ نه ڪئي. پر پنهنجي ڪم کي لڳو رهيو. هن کي ڏسي هن جو هڪ دوست عبدالفتاح شاه، جنهن جو ڪجھ ذڪر اڳي اچي چڪو آهي، داخلا وٺي پڙهڻ لڳو پر جيئن ته هن جي زبان ۾ اٽڪ هئي ۽ قد بت ۾ به ماشاءَ الله چڱو ئي هيو، سو ننڍڙن جي وچ ۾ پاڻ کي هلڪڙو محسوس ڪري، پڙهڻ ڇڏي هليو ويو. اسڪول جو انتظام، تمام سٺو هلندڙ هو. هيڊ ماستر صاحب، مسٽر فتح محمد قريشي هڪ ديندار، با اصول، خوددار ۽ خوش خلق انسان هو. پنهنجي اصولن تي سوديبازي ڪرڻ وارو ڪين هيو. جڏهن پروموشن وٺي حيدرآباد ڊويزن جو ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر ٿيو ته ايڊوڪيشنل منسٽر جي مداخلت تي پنهنجي اصولن کي ڪو نه لوڏيائين پر انسپيڪٽري ڇڏي وري لاڙڪاڻه هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر ٿيو. ان کان اڳ جڏهن قاضي فضل الله سنڌ جو وڏو وزير هو، ڪنهن ڇوڪري کي پاس ڪرڻ لاءِ قريشي صاحب کي چيائين. قريشي صاحب جواب ۾ چيس ته؛ قاضي صاحب! دوستي پنهنجي جاءِ تي. نيٺ بدلي ڪري، ميرپور خاص موڪليائونس پر ڇوڪرو پاس نه ڪيائين. اڄ انهن انسانن کي چرئي جي لقب سان نوازيو ٿو وڃي. پر قريشي مرحوم جو نالو به شاگرد ۽ دوست، ادب سان اُچارين ٿا. مارچ ۱۹۴۹ ۾ پهرئين درجه جو امتحان ٿيو ۽ محمد علي پهرئين درجي جي ٻنهي ڪلاسن ۾ پهريون نمبر آيو. اپريل ۴۹ کان مسٽر محمد نواز اعواڻ وٽ ٻيو درجه پڙهڻ لڳو ۽ ٽن مهينن کان پوءِ ڊبل پروموشن کڻي ٽئين درجه ۾ آيو. ٽئين درجه ۾ مسٽر واحد بخش ڀٽو سندس ڪلاس ٽيچر هو. جيئن ته ٽئين درجه جو ڪورس ڪافي ٿي چڪو هو، تنهن ڪري قربان علي بگٽي، جيڪو ان وقت ٽئين درجه ٽئين درجه جو شاگرد هو، انگريزيءَ ۾ محمد عليءَ جي مدد ڪندو هو. بگٽي صاحب، اڳتي ھلي روينيو کاتي ۾ ڪلارڪ ٿيو ۽ بئراج مختيار ڪار جي آفيس ۾ هيڊ منشيءَ جي عهدي تائين پهتو. پوءِ وقت کان اڳي پينشن تي هليو ويو. کيس دل جو عارضو لاحق ٿي پيو. مالڪ حقيقيءَ سان وڃي مليو. انا لله و انا اليہ راجعون. بگٽي صاحب کي ڪتابن خريد ڪرڻ ۽ پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هو. حافظو تمام سٺو هيس. صفحن جا صفحا ياد هوندا هيس. اسڪول جي زماني ۾ پڙهيل درسي ڪتابن مان، ڪيترا پڇاڙيءَ تائين ياد هيس. پڇاڙيءَ ۾ ڪجھ لکڻ به شروع ڪيائين ۽ چند تنقيدي ڪتاب لکيائين، جيڪي ڇپجي بازار ۾ آيا ۽ عوام ۾ چڱا مقبول ٿيا. مارچ ۱۹۵۰ ۾، محمد علي ٽئين درجه جو امتحان ڏنو ۽ ٽئين درجه جي ٻنهي ڪلاسن ۾ پهريون نمبر آيو. چوٿين درجه ۾ مسٽر نعمت الله قريشي ڪلاس ماسٽر هو. نعمت الله صاحب، ڏاڍو هوشيار استاد هو. هو هيڊ ماستر صاحب جو ڀائٽيو پڻ هُيو. انهيءَ دوران هيڊ ماستر قريشي صاحب کي ميرپورخاص بدلي ڪري، ولايت مان پي ايڇ ڊي ڪري آيل ڊاڪٽر غلام حسين جعفريءَ کي اسڪول جو هيڊ ماستر مقرر ڪيو ويو. جعفري صاحب ٿورو وقت اسڪول ۾ رهيو، پر جيڪو وقت رهيو سو به قرار سان ڪرسيءَ تي نه ويٺو. هو مٿي وڃڻ جي ڪوشش ۾ هو. آخر سندس ڪوششون ڪامياب ويون ۽ کيس حيدرآباد ۾ ٽريننگ ڪاليج فار مين جو پرنسپال ۽ ٽريننگ ادارن جو انسپيڪٽر ڪري رکيو ويو ۽ وري قريشي صاحب کي موٽائي هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي جو هيڊ ماستر مقرر ڪيو ويو. ۱۹۵۱ع ۾ محمد علي چوٿون درجه پاس ڪري پنجين درجه ۾ ويو. پنجين درجه جو ڪلاس ٽيچر مسٽر هادي بخش جتوئي هو. ٽن مهينن بيد پنجين جو امتحان ڏئي، ڇهين درجه ۾ هليو ويو. پنجين درجه مان ڇهين درجه ۾ هن سان گڏ وڃڻ وارن ۾ مسٽر نظر محمد شيخ به هو جيڪو هن وقت سيشن جج جي عهدي تي فائز آهي ۽ ٻي هڪ ڇوڪري هئي انيسه، جيڪا هڪ استاد مسٽر جي اي خان جي نياڻي هئي. انيسه هن وقت ڊاڪٽرياڻي آهي ۽ ڪنهن سنڌي ڊاڪٽر سان شادي ڪئي اٿس. مسٽر جي اي خان اڳتي هلي هيڊ ماسٽر ٿيو. پهيائين ٽنڊو ڄام پوءِ نوشهرو فيروز، بعد ۾ سکر ۾. هاڻي فوت ٿي ويو آهي. انا لله و انا اليہ راجعون. مارچ ۱۹۵۲ ۾ محمد عليءَ ڇهون درجه پاس ڪيو ۽ ٻنهي ڪلاسن ۾ ٻيو نمبر آيو. پهريون نمبر مسٽر نواز علي شاهاڻي آيو. نواز علي شاهاڻي، نهايت هوشيار ۽ محنتي شاگرد هو پنجون ۽ ڇهون درجو، ٻئي ڏکيا درجه هئا. تنهن ڪري محنت جي باوجود، محمد علي ٿورڙن مارڪن تي نمبر هارائي ويٺو پر دل ۾ پهه ڪيائين ته مئٽرڪ ۾ نواز عليءَ کي شڪست ڏيندو. ڇهين درجه ۾ اچڻ کان پوءِ، هن کي پنهنجي (مزاج) جا ڪجھ شاگرد مليا جن جي عمرين ۾ ايڏو وڏو تفاوت به ڪو نه هو. انهن مان نواز علي شاهاڻي، الهداد ٻوهيو، بيگ محمد ٻگهيو، نبي بخش ڪؤريجو، حاجي خان مڱڻ، اسد الله پٺاڻ، عبدالعزيز ڪنڀر، محمد صديق چنو ۽ محمد شريف سومرو وغيره هيا. الهداد ٻوهئي سان ته ڀائرن وارو رستو اٿس. ٻوهيو صاحب، الله وڌائين، هاڻي تعليم کاتي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر جي عهدي تي فائز آهي ۽ الله ڪندو ته جلد ئي ڊائريڪٽر ٿيندو. هو هڪ سٺو مقرر، مصنف، ليکڪ، تنقيد نگار ۽ تعليمي ماهر آهي. هو پي ايڇ ڊي پڻ آهي. هن جو شمار، ملڪ جي دانشور طبقي ۾ ٿئي ٿو. ٻوهئي صاحب جون ان تي مهربانيون اٿس. الله اجر ڏيندس. بيگ محمد صاحب به مهرباني ڪري ڀيرو ڪندو اٿس ۽ ٻئي ٽهڪ ڏياري غم غلط ڪري ويندا آهن. نهايت خوش مزاج ماڻهو آهي. ٻين دوستن سان به جيڪڏهن ڪٿي ڪا ملاقات ٿيندي اٿس ته نهايت محبت ۽ عزت سان ملندا اٿس. مئٽرڪ ۾ ڪلاس ٽيچر مسٽر ابوذر صاحب هو. نهايت نيڪ انسان هو. ٻيا استاد جن انهيءَ عرصي دؤران ڪنهن نه ڪنهن ڪلاس ۾ پيرڊ ورتا تن مان مسٽر عبدالڪريم سنديلو، مسٽر حر علي، مسٽر علي حسن ڌاريجو، مسٽر جي اي خان، مسٽر محمد شريف، مسٽر خليل احمد، مسٽر منير الدين قريشي، مسٽر حيدر عباس، مسٽر محمد موسيٰ سومرو ۽ مسٽر پهلومل جا نالا قابل ذڪر آهن. مئٽرڪ جو امتحان همشه مارچ مهيني ۾ ٿيندو هو. مگر ۱۹۵۳ع ۾ شاھ ايران رضا شاھ پهلويءَ جي دوره پاڪستان سبب، امتحان هٽائي پوئتي ڪيو ويو ۽ ۵ اپريل کان ۱۵ اپريل تائين امتحان ٿيو. اپر سنڌ وارن لاءِ سي ائنڊ ايس ڪاليج شڪارپور سينٽر مقرر ڪيو ويو هو. محمد عليءَ جو نمبر ۱۸۵۲ هو. امتحان دؤران شڪارپور ۾ هو مسٽر بشير احمد مورياڻيءَ جي جاءِ ۾ رهيا. مسٽر بشير احمد، ان وقت نيو ايريا هاءِ اسڪول ۾ جونيئر ٽيچر هو. پوءِ ليڪچرار ٿيو ۽ بعد ۾ پي سي ايس پاس ڪري، ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيو ۽ هاڻي ڪجھ وقت نوڪريءَ کان لهڻ بعد وري کيس نوڪريءَ تي چاڙهيو ويو آهي ۽ هوم سيڪريٽريءَ جي عهدي تي ڪم ڪري رهيو آهي. ان وقت بشير مورياڻيءَ جو ڀاءُ، ارشاد مورياڻي جيڪو هن وقت لياقت ميڊيڪل ڪاليج جو پرنسپال آهي، مئٽرڪ جو امتحان ڏئي رهيو هو. ۱۵ تاريخ اپريل ۱۹۵۳ع تي، امتحان پورو ڪري محمد علي گهر موٽي آيو. ٻن ٽن ڏينهن بعد هو مدرسه مان پنهنجا ٽپڙ کڻڻ لاءِ ويو. ڇاڪاڻ جو هاڻي هن مولوي ٿيڻ جو ارادو ترڪ ڪري ڇڏيو هو. هاڻي هن انجنيري پڙهڻ پئي چاهي. پهريائين ڊاڪٽر ٿيڻ جو خيال هوس پر هڪ ڏينهن هو سول اسپتال لاڙڪاڻه ۾ هڪ دوست جي طبع پرسيءَ لاءِ ويو ته اتي جي بوءَ هن جو مٿو چڪرائي ڇڏيو ۽ هن ڊاڪٽريءَ تان هٿ کڻي ڇڏيو. ان کان اڳ، سال ۱۹۵۱ع ۾، هن جو ڀاڻيجو احمد خان سانگي به هن سان گڏ مدرسي ۾ رهڻ لڳو هو ۽ هاءِ اسڪول ۾ انگريزي پڙهندو هو. ٻنهي جي گڏ رهڻ ڪري، پوءِ هنن ٽڪين کي ڇڏي، پنهنجي ماني تيار ڪري کائڻ شروع ڪئي هئي. هاڻي هن جو خيال هو ته مدرسي مان پنهنجا ٽپڙ کڻي اچي ۽ احمد خان کي بورڊنگ هائوس ۾ داخل ڪرائي. قريشي صاحب کي عرض ڪيائين، جنهن احمد خان کي بورڊنگ هاؤس ۾ داخل ڪيو. محمد علي پوءِ مولانا نورالدين سان ملڻ ويو ۽ کيس حقيقت ٻڌايائين. مولانا چيس ته جيستائين ڪاليج کلي، تيستائين نوڪري ڪر. مولانا هن کي وٺي مسٽر شفيع محمد قريشي هيڊ ماسٽر ٽريننگ اسڪول لاڙڪاڻه ڏانهن ويو. قريشي صاحب بوبڪ جو ويٺل هو ۽ نهايت برجسته آفيسر هو. قريشي صاحب جي آڏو مولانا ڪجھ تعريخي الفاظ محمد عليءَ جي متعلق ڪم آندا ۽ نوڪريءَ لاءِ مدعا بيان ڪيائين. قريشي صاحب، پنو ۽ پينسل وڌائي، محمد عليءَ کي ڏنائين ۽ چيائين ته؛ لک! ۽ پوءِ انگريزيءَ ۾ ڏکين لفظن جي ڊڪٽيشن ڏيندو ويو. ۱۵ کن لفظ چئي بس ڪيائين ۽ پنو وٺي ڏسڻ لڳو. الله جي مهربانيءَ سان سڀني جون اسپيلون صحيح هيون. قريشي صاحب تعارفي چٺي لکي ڏني ۽ چيائين ته دادو لوڪلبورڊ ۾ وڃي چيف آفيسر مسٽر محمد حسن ميمڻ سان مل. اها اپريل جي ۲۳ تاريخ ۽ خميس جو ڏينهن هو. مسٽر محمد حسن با اصول ماڻهو هو. هن کان اڳ، ڪوٽڙي هاءِ اسڪول جو هيڊ ماسٽر هو ۽ اتان ڇڏي چيف آفيسر ٿيو هو. گل محمد شاھ سيوهڻ وارو لوڪلبورڊ پريزيڊنٽ هو. محمد علي ۳۴ تاريخ اپريل ۱۹۵۳ جي صبح جو سويل واريءَ گاڏيءَ ۾ چڙهي دادوءِ پهتو. ٽانگي تي چڙهي، لوڪلبورڊ جي آفيس ۾ آيو ته پٽيوالن کان سواءِ ٻيو ڪو به ڪو نه هو. ٿوري دير بعد، چيف آفيسر صاحب آيو، ملاقات ٿي. هن چڱيءَ طرح پڇا ڳڇا ڪئي ۽ تنهن کان پوءِ گهنٽي هڻي پٽيوالي کي گهرائي، پڇيائين ته صديقي صاحب آيو آھي. مسٽر محمد عمر صديقي سيوهڻ جي مشهور صديقي خاندان مان هو. هو بزرگ مخدوم بصرالدين صديقيءَ جو ڏوهٽو هو. ننڍي قد سان، دراز ريش، نهايت ساده انسان هو. لوڪلبورڊ ۾ انجنيئر هو. پٽيوالي ٻڌايو ته؛ صديقي صاحب جن آفيس ۾ ويٺا هيا. چيف آفيسر محمد عليءَ کي وٺي، صديقي صاحب وٽ ويو ۽ قريشي صاحب جي چٺي ۽ پنهنجي پڇاڳاڇا جو احوال ٻڌايائين. صديقي صاحب کي چيائين ته؛ توهان به عربيءَ مان ڪجھ پڇوس. صديقي صاحب قرآن شريف جو رڪوع پڙهايس ۽ عربيءَ جا چند سوال پڇيائينس. تنهن بعد، چيف آفيسر کي چيائين ته ههڙا ماڻهو ڪٿي ٿا ملن. هن کي جلدي آرڊر ڏيو. چيف صاحب مسٽر عبدالقادر ابڙي هيڊ ڪلارڪ کي گهرائي چيو ته هن کي هاڻي جو هاڻي عربيءَ جي استاد جو آرڊر ڪڍي ڏي ته اڄ جو اڄ وڃي سيوهڻ ۾ ڊيوٽيءَ تي چڙهي. هيڊ ڪلارڪ ٺمري هنئي ته سائين شاھ صاحب جن ڪو نه آهن کانئن اپروول ته وٺجي. چيف صاحب زور ڏيئي هن کي چيو ته؛ تون وڃي آرڊر ڪڍي اچ! شاھ صاحب سان هو پاڻ ئي ڳالهائيندو. آخر هيڊ ڪلارڪ ويو ۽ ڪلاڪ کن اندر آرڊر کڻي آڻي، محمد عليءَ کي ڏنائين. هو به هن وقت گاڏيءَ ۾ چڙهيو ۽ اسڪول ۾ وڃي ڊيوٽيءَ تي چڙهيو. اهو جمع جو ڏينهن هو ۽ ان وقت جمع موڪل ڪو نه هوندي هئي. اسڪول ۾ ۵ پنج درجا هيا. فتح خان هيڊ ماسٽر هيو. عزت علي شاھ ولد حاجي موٽيل شاھ، مظفر علي شاھ ولد وريل شاھ، مراد شاھ ولد گل محمد شاھ، پنجين درجي جا شاگرد هيا. جان محمد ولد رجب سولنگي چوٿين درجه جو شاگرد هو. محمد علي انهن کي عربيءَ کان علاوه رياضي، الجبرا، جاميٽري وغيره به پڙهائيندو هو. تاريخ ۱۷ جون ۱۹۵۳ع تي مئٽرڪ جي رزلٽ ظاهر ٿي ته محمد علي فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ٿيو ۽ سڄي اسڪول ۾ ٻيو نمبر آيو. اڌيڪمار، هڪ هنڌو ڇوڪرو، چند مارڪون وڌيڪ کڻي، پهريون نمبر آيو. جڏھن ته نواز علي، ڏهون نمبر آيو. اسڪول مان پاس سرٽفڪيٽ وٺي، جڏهن محمد عليءَ لوڪلبورڊ ۾ ڏنو ته هن جو ڪيڊر بدلائي، عربي استاد مان اسسٽنٽ ماسٽر ڪيو ويو ۽ پگهار ۲+۲۰+۷۵ رپيا کڻندو هو. سيوهڻ ۾ ماني وغيره حاجي موٽيل شاھ وارن وٽ کائيندو ھيو ۽ کيس ٽيوشن به پڙهائيندو هو. جڏهن محمد علي سيوهڻ ڇڏي هالا نوان ۾ ماسٽر ٿيو هو ته عزت علي شاھ ۽ الطاف ساڻس گڏ ويا هئا ۽ هالا هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ پاس ڪيائون. انهيءَ وقت، ڪاليجن کي چار مهينا موڪل ملندي هئي. ۲۱ مارچ کان ڪاليج بند ٿيندا هيا ۽ وري ۲۱ جولاءِ تي کلندا هيا. انهيءَ وچ ۾ امتحان به ٿيندا هيا. رزلٽون به نڪري وينديون هيون ۽ نيون داخلائون به ٿي وينديون هيون. ۲۱ جولاءِ کان ڪلاس به وئڪيشن جي لاءِ بند ٿي ويا ۽ محمد علي موٽي گهر آيو. ڪاليج کلڻ کان ٿورو اڳ، الهداد ٻوهيو ۽ محمد علي پاڻ ۾ مليا ۽ ڪاليج ۾ داخلا متعلق ڳالھ ٻولھ ڪيائون. محمد عليءَ چيو ته هو شڪارپور ڪاليج ۾ پري انجنيئرنگ ۾ داخلا وٺندو. الهداد چيس ته؛ گڏجي ٻيئي سروري اسلاميه ڪاليج هالا ۾ داخلا وٺن ۽ آرٽس پڙهن. حاضريءَ جي، اتي نئين کليل ڪاليج ۾، ڪا خاص پابندي ڪا نه هئي. اها ڳالھ الهداد کي سندس ڳوٺائيءَ سيد جمال شاھ ٻڌائي هئي، جيڪو اڳ ۾ ئي اتي انٽر جو امتحان ڏيئي چڪو هو ۽ بي اي سال اول ۾ داخلا وٺڻ لاءِ تيار ويٺو هو. الهداد، محمد عليءَ کي چيو ته؛ انجينريءَ ۾ خرچ به گهڻو لڳندو، جيڪو گهر وارن تي بار ٿيندو ۽ آرٽس پڙهڻ ڪري نوڪري به پئي هلندي. بهرحال محمد علي به انجنيئرنگ پڙهڻ جو خيال بدلائي، پنهنجي دوست الهداد سان، هالا روانو ٿيو ۽ اتي فرسٽ ائير آرٽس ۾ داخلا ورتائون. سروري اسلاميه ڪاليج هالا، مخدوم غلام حيدر صديقيءَ جي ڪوشش سان وجود ۾ آيو ۽ ايڊوڪيشن سوسائيٽي جي سهاري هيٺ هلي رهيو هو. مخدوم غلام حيدر موجوده مخدوم محمد زمان صاحب جو چاچو هو. هو مئي ۱۹۵۳ ۾ انتقال ڪري ويو هو ۽ انهيءَ کان پوءِ ڪاليج مخدوم محمد زمان صاحب جي سرپرستيءَ هيٺ هلڻ لڳو. ڪاليج اصل ۾ ۱۹۵۱ کان ڪم ڪرڻ شروع ڪيو هو. ڪاليج جو پهريون پرنسپال محبوب علي چنا کي مقرر ڪيو ويو هو. سال ۱۹۵۳ ۾ چنا صاحب، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ استاد ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. تنهن ڪري مسٽر ڪريم بخش چنا کي پرنسپال مقرر ڪيو ويو. محبوب علي چنا صاحب به هفتي ۾ هڪ ڏينهن ڪجھ سنڌيءَ جو پيرڊ وٺڻ ايندو هو. محمد عليءَ ڪاليج ۾ داخلا وٺي اسڪالرشپ جو فارم ڀريو. جيئن ته هو مئٽرڪ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس هو، تنهن ڪري هن کي ۳۰ رپيا ماهوار منظور ڪري ڏني وئي. پر جيئن ته هو نوڪريءَ ۾ هو، تنهن ڪري هن پرنسپال کي اهڙو اطلاع ڪري، ڊائريڪٽر کي لکي اسڪالرشپ بند ڪرائي ڇڏي. اسڪول لکڻ بعد، هو سيوهڻ موٽي آيو ۽ پوءِ مهيني ۾ ٻه چار ڏينهن وڃي ڪاليج ۾ استاد سان ملي ايندو هو ۽ شاگردن کان پڙهيل ڪورس معلوم ڪري ايندو هو. اهو سلسلو آڪٽوبر ۱۹۵۳ جي پڇاڙيءَ تائين هليو. انهيءَ وچ ۾ مسٽر فتح محمد قريشي، پروموشن وٺي حيدرآباد ڊويزن جو ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر مقرر ٿيو هو. ۴ تاريخ ۱۹۵۳ تي هن کي سيوهڻ جو اسڪول ڏسڻو هو. سندس منزل دادوءَ ۾ هئي ۽ اتي ڪجھ انڪوائريون به ڪرڻيون هيس. اسڪول جي ٽائيم تائين هو سڪول ۾ ڪو نه اچي سگهيو پر ماستر شام تائين انتظار ڪندا رهيا. شام جو پتو پيو ته صاحب سيوهڻ ته آيو هو پر اسڪول ڪو نه اچي سگهيو. ۽ ان وقت دادوءَ وڃڻ لاءِ سيوهڻ ريلوي اسٽيشن وڃي رهيو هيو. ساڻس گڏ مسٽر محمد ابراهيم عباسي ڊيپيوٽي ايڊوڪيشن انسپيڪٽر هو. محمد عليءَ اسٽيشن تي وڃي قريشي صاحب سان ملڻ چاهيو ته هيڊ ماستر ۽ ٻيا استاد به ساڻس گڏ ويا ۽ قريشي صاحب سان مليا. قريشي هن کان پڇيو ته هو هتي ڪيئن آيو هو. جواب ۾ محمد عليءَ چيو ته هو سيوهڻ سڪول ۾ ماستر هو. قريشي صاحب هن کي چيو ته هو لوڪلبورڊ جي نوڪري ڇڏي ته کيس گورنمينٽ اسڪول دادوءَ ۾ مقرر ڪري. جنهن تي هن انڪار ڪيو ته قريشي هيڊماسٽر کي چيو ته ٻئي ڏينهن هو محمد عليءَ کي اسڪول مان بي دخل ڪري ڇڏي. هيڊ ماسٽر وراڻيو ته چيف آفيسر ناراض ٿيندو ته هن چڱو ماستر ڇو ڪڍي ڇڏيو. قريشي ذرا بلند آواز ۾ هيڊ ماسٽر کي حڪم ڪيو ته هو ضرور محمد عليءَ کي رليو ڪري ۽ لکي ته اي آءِ جي هدايتن موجب هن کي رليو ڪيو آهي. جيڪڏهن چيف آفيسر هن کان وڌيڪ پڇا ڪئي ته هو لوڪلبورڊ کي ملندڙ گرانٽ بند ڪرائي ڇڏيندو. ان کان پوءِ محمد عليءَ کي حڪم ڪياين ته ڪنهن به صورت ۾ ٻئي ڏينهن هو دادوءَ ريلوي رسيٽ هاؤس ۾ پهچي وڃي، جتي قريشي صاحب منزل انداز هيو. اتي محمد عليءَ قريشيءَ صاحب کي عرض ڪيو ته ڀلا دادوءَ جي بجاءِ کيس هالا هاءِ سڪول ۾ رکيو وڃي، جيئن هو اتي آسانيءَ سان ڪاليج مان انٽر آرٽس ڪري سگهي. جتي هن جي اڳ ۾ داخلا ورتل هئي. قريشي صاحب چيو ته پهريائين هو دادوءَ ۾ ڪم ڪري ۽ پوءِ کيس هالا بدلي ڪيو ويندو. ايتڙي ۾ گاڏي ٽيشڻ تي اچي ويئي ۽ قريشي صاحب، دادو روانو ٿي ويو. هيڊ ماسٽر ۽ ٻيو اسٽاف قريشي صاحب جي پنهنجي شاگردن مٿان مهربانين ۽ شفقتن جو ذڪر ڪندا اسڪول موٽي آيا. ٻئي ڏينهن هيڊ ماستر محمد عليءَ کي رليو ڪرڻ کان نٽائڻ خاطر موڪل تي هليو ويو. فرسٽ اسٽنٽ به موڪل لکي ڇڏي. آخر محمد علي پنهنجي صحيح سان چيف آفيسر کي پنهنجي استعفيٰ ڏياري موڪلي ۽ دادوءَ هليو ويو. مسٽر ڪؤنريجو ان وقت سيوهڻ ۾ اسسٽنٽ ماستر هو ۽ محمد عليءَ سان گڏ هاءِ سڪول لاڙڪاڻه ۾ پڙهيو هو. اڄڪلھ حيدرآباد ۾ وڪالت ڪري رهيو آهي. محمد علي جيئن ئي گاڏيءَ مان لهي ريلوي رسيٽ هاؤس پهتو، جتي قريشي صاحب ترسيل هو ۽ پٽيوالي کي اطلاع لاءِ چيائين ته ڳالهائڻ ٻڌي قريشي صاحب ٻاهر نڪري آيو ۽ چوڻ لڳو؛ ابا اچي وئين. اڄ اتي آهيون. سڀاڻي حيدرآباد هلنداسون. هالا ۾ جاءِ خالي ٿي آهي. سو تو کي اتان جو آرڊر ڏيان ٿو. (نوٽ: آچر ڏينهن موڪل ڪئي ويندي هئي.) مسٽر عبدالوحيد کي حيدرآباد هاءِ اسڪول مان بدلي ڪري، هالا موڪليو هيوسون. هن ايل ايل بي پاس ڪئي آهي، سو استعفا ڏياري موڪلي اٿس ۽ هالا ڪو نه ويو آ. هاڻي هاڻي ٽپال پهتي آهي. هن جي استعفا منظور ڪري، تو کي آرڊر ڪڍي ٿا ڏيون. ٻئي ڏينهن حيدرآباد پهتا ته جمع جي ڏينهن هجڻ ڪري، آفيس ٽائيم ختم ٿي ويو هو. (انهن ڏنهن ۾ جمع موڪل نه هوندي هئي.) بهرحال ڇنڇر ڏينهن آرڊر ڪڍي، محمد عليءَ کي ڏنو ويو ۽ هو هالا روانو ٿي ويو. هالا پهچندي، سڪول ٽائيم ختم ٿي چڪو هو. محمد علي ڪاليج جي هاسٽل ۾ رهي پيو، جتي هن جي اڳ ۾ ئي داخلا هئي. ٻيو ڏينهن آچر جو هو، پر هيڊ ماسٽر مسٽر عبدالواحد چنا صاحب آفيس ۾ ويٺو هو. محمد علي، مسٽر الهداد ٻوهئي سان گڏ هن سان وڃي مليو ۽ آرڊر ڏيکاريائين. چنا صاحب چيو ته اڄ ته اسڪول بند آهي. صبحاڻي اچي ڊيوٽيءَ تي چڙهجو. ٻئي ڏينهن ۹ نومبر ۱۹۵۳ سومر ڏينهن، محمد علي اسسٽنٽ ماسٽر جي حيثيت ۾ ڊيوٽيءَ تي رپورٽ ڪئي. چند ڏينهن بعد، پنجين درجه جو ڪلاس، جيڪو اڳ ۾ مسٽر عبداللطيف ميمڻ هالائي پڙهائيندو هو، ان کي ورهائي، اڌ محمد عليءَ کي ڏنو ويو ان وقت جيڪي شاگرد پنجين درجه ۾ محمد عليءَ وٽ پڙهيا، تن ۾ ڪن جا نالا آھن؛ پروفيسر غلام حسين خاصخيلي، پروفيسر عبدالرشيد انصاري ۽ مسٽر عبداللطيف انصاري وغيره. چند ڏينهن بعد، قريشي صاحب، پنهنجي مرضيءَ سان اسپيڪٽر جو عهدو ڇڏي، لاڙڪاڻه هاءِ اسڪول جو وڃي هيڊماسٽر ٿيو. محمد عليءَ جي مقرريءَ واري آرڊر تي، هيڊ ماسٽر ڏانهن موڪليل ڪاپي تي لکي موڪليائين ته محمد عليءَ کي هاسٽل جو انچارج مقرر ڪيو وڃي. هي سٺو منتظم ۽ ايماندار ثابت ٿيندو. جڏهن اها ڪاپي قريشي صاحب جن جي واپس وڃڻ بعد اسڪول ۾ پهتي ته هيڊ ماسٽر صاحب محمد عليءَ وٽ ڪلاس ۾ ويو. هن چيو ته؛ هو ڪڏهن هاسٽل ۾ رهيو نه آهي ۽ نه هاسٽل جو تجربو اٿس. تنهن ڪري هو هاسٽل جي چارج نه وٺندو. ان بعد هيڊ ماسٽر، مسٽر عبدالواحد چنا، محمد عليءَ کي قريشي صاحب وارا لکيل اکر ڏيکاريا ۽ چيو ته هاڻي ڇا خيال آهي؟ محمد عليءَ واراڻيو ته هاڻي حڪم جي بجا آوري ڪرڻي آهي. خير ۱۲ جنوري ۱۹۵۶ع، تي محمد عليءَ هاسٽل جي چارج به سنڀالي، جيڪا وٽس ۷ آگسٽ ۱۹۵۸ع تائين رهي. جڏهن هو اتان بدلي ٿي نوشهروفيروز هاءِ اسڪول ويو. هالا ۾ رهڻ دؤران، محمد عليءَ انٽر آرٽس جو امتحان ريگيولر شاگرد جي حيثيت ۾ پاس ڪيو ۽ سروري اسلاميه ڪاليج هالا ۾ پهريون نمبر آيو. جيئن ته سنڌ يونيورسٽيءَ، ڪاليجن کان، آنرس جا ڪلاس کسي ورتا. تنهن ڪري محمد عليءَ پاڻ کي ۱۹۵۵ع ۾ پرائيويٽ شاگرد جي حيثيت ۾ يونيورسٽيءَ ۾ رجسٽر ڪرايو ۽ ۱۹۵۷ ۾ B.A (Honurs) جو امتحان ڏنائين، جيڪو عربيءَ ۾ هو. ھو سنڌ يونيورسٽي ۾ ٽيون نمبر آيو. سال ۱۹۵۸ع ۾ M.A(Prev) عربيءَ جو امتحان ڏنائين ۽ ۱۹۵۹ع M.A(Final) عربيءَ جو امتحان ڏنائين ۽ يونيورسٽيءَ ۾ ٽيون نمبر حاصل ڪيائين. اپريل ۱۹۶۰ع ۾، بپلڪ سروس ڪميشن ۾ ليڪچرارشپ لاءِ فارم نوشهروفيروز هاءِ اسڪول مان چونڊيو ويو. جتي ۱۸ آگسٽ ۵۸ کان ۷ آگسٽ ۱۹۶۰ تائين رهيو هو. ۸ آگسٽ ۶۰ تي سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد ۾ B.T ٽريننگ لاءِ داخل ٿيو. ٽريننگ هلندي رهي، انهيءَ دؤران ۲۷ سيپٽمبر ۶۰ ۾ ڪميشن جي سڏ تي ليڪچرار-شپ جو آرڊر مليو، انهيءَ دؤران B.T جا ٽرم پورا ٿي چڪا هيا ۽ هو وڃي جيڪب آباد ۾ ۲۵-۰۲-۶۱ تي ڪاليج ۾ ليڪچرر جي حيثيت ۾ ڊيوٽيءَ تي چڙهيو ۽ پوءِ اچي B.T جو امتحان ڏئي، B.T پاس ڪيائين. تاريخ ۲۵-۰۲-۱۹۶۱ کان وٺي ۱۰-۱۱-۱۹۷۴ تائين گورنمينٽ ڪاليج ۾ ليڪچرر ۽ اسسٽنٽ پروفيسر جي حيثيت ۾ رهيو. اسسٽنٽ پروفيسر جي پروموشن جو آرڊر ۱۰-۰۳-۱۹۷۲ تي نڪتو هو پر محمد عليءَ کي اهو پروموشن پراڻي تاريخ يعني ۱۵-۰۸-۱۹۶۸ کان ڏنو ويو هو. پاڻ ۱۱-۱۱-۱۹۴۷ کان ۱۷-۰۲-۱۹۷۷تائين، ٺل شهر، ضلع جيڪب آباد ۾ نيئن قائم ٿيل ڪاليج ۾ پهرئين پرنسپال جي حيثيت ۾ رهيو ۽ بعد ۾ ۱۹-۰۲-۱۹۷۷ کان ۰۱-۰۲-۱۹۸۹ تائين، گورنمينٽ ڪاليج جيڪب آباد جو پرنسپال ٿي رهيو. انهيءَ عرصي دوران هو پروفيسر ٿيو ۽ ۱۹ گريڊ ۾ پروموٽ ٿيو. ڊسمبر ۸۵ ۾ کيس ۲۰ گريڊ جي پگهار ڏني وئي. آخر ۰۱-۰۲-۱۹۸۹ تي، الله تعاليٰ جي مهربانيءَ سان خير و خوبيءَ سان، عمر جا ۶۰ سال ۽ نوڪريءَ جا ۳۵ سال پورا ڪري، پينشن تي لٿو ۽ هاڻي لاڙڪاڻه جي لاهوري محله پيپلز ڪالونيءَ ۾ زندگيءَ جا باقي ڏينهن گوشه نشينيءَ ۾ گذاري رهيو آهي. محمد عليءَ جو نڪاح، ۲۵ تاريخ شعبان تي ٿيو، انگريزي سن ۱۹۵۴ع هو ۽ سندس شادي ۲۹ رجب تي ٿي ۽ انگريزي مهينو ۽ سال مارچ ۱۹۵۵ع هيا. هن کي پهريون فرزند ڊسمبر ۱۹۵۶ ۾ ڄائو، جيڪو جنوري ۱۹۵۷ ۾ گذاري ويو. ٻيو ٻار نياڻي هئي جيڪا آڪٽوبر ۱۹۵۹ع ۾ پيدا ٿي. ٽيون ٻار پڻ نياڻي هئي، جيڪا ۸ فيبروري ۱۹۶۱ع ۾ پيدا ٿي. ان کان پوءِ ۱۲ جولاءِ ۱۹۶۲ع تي فرزند پيدا ٿيو ۽ هن وقت تعليم کاتي ۾ انگريزي ماستر آهي. ٻيو نينگر آگسٽ ۱۹۶۴ع ۾ پيدا ٿيو، جيڪو ڄمڻ سان گذاري ويو. ان کان پوءِ ۷ سيپٽمبر ۱۹۶۵ع تي فرزند ڄائو، جيڪو هن وقت الله جي مهربانيءَ سان ڊاڪٽر آهي. ان کانپوءِ ۲۵ ڊسمبر ۱۹۶۷ع تي نياڻي ڄائي، جيڪا هن وقت ڊاڪٽريءَ جي آخري سال ۾ پڙهي رهي آهي. جنوري ۱۹۷۶ تي، الله تعاليٰ فرزند عطا ڪيو پر چند ڪلاڪن بعد واپس گهرائي ورتائين. ۲۹ آگسٽ ۱۹۷۹ تي الله تعاليٰ فرزند عطا ڪيو، جيڪو هن وقت ڇهين جماعت ۾ پڙهي رهيو آهي. الله تعاليٰ شال سڀني کي صحت بخشي، چڱو بخت ڪري ۽ نيڪ اعمالن جي توفيق نصيب فرمائي آمين. (ھيءُ ليک بوقت ۰۵:۰۴ بتاريخ ۲۹-۰۹-۲۰۱۰ع، اربع جي شام، لاڙڪاڻو ۾ لکي پورو ڪيو ويو.)
تاجل بيوس بحيثيت شاعر محمد سليمان وساڻ خيرپور جي ڪچي ۾ ڳوٺ پير حيات شاهه ۾ تاج محمد سمون ۲۲ سيپٽمبر ۱۹۳۸ع ۾ جنم ورتو. ڪنهن کي به اها خبر نه هئي ته هي ننڍڙو ٻار وڏو ٿي تاجل بيوس بڻبو ۽ سندس ڪلام؛ ”سنڌ منهنجي امان! سونهن تنهنجيءَ مٿان، ڇا لکي ڇا لکان!“ سندس سڃاڻ بڻجي ويندو. سندس والد مرحوم محمد جعفر ڪو وڏو ماڻهو ته ڪونه هو پر ان باوجود هن پنهنجي پٽ کي سٺي تعليم ڏياري. تاجل بيوس ايم اي ته معاشيات ۾ ڪئي، پر هن جي اندر ۾ ننڍپڻ کان وٺي هڪ ڏات ڌڻي لڪل هو، جيڪو گيت تخليق ڪندو رهندو هو. اهو ئي سبب هو جو تاج محمد ادب جي دنيا ۾ تاجل بيوس ٿيڻ کي پسند ڪيو. سندس سنڌ لاء ڳايل شاعري جيڪا سنڌ جي تراني طور ڳائي ويندي آهي. سنڌ منهنجي امان! سونهن تنهنجيءَ مٿان، ڇا لکي ڇا لکان يا ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادت تي چيل تون ته ملندو رهندين خوابن ۾، ڪو ڪيئن ٿو چوي، ڪو ڪيئن ٿو چوي. يا وري ”منهنجي لاء مارو هو رنا ڪيئن نه هوندا، پَلوَ پاند تن جا، دامن تنين جا يار ڀنا ڪيئن نه هوندا“ جهڙا لازوال ڪلام تخليق ڪيا. تاجل بيوس جي وڏي ڳاله اها آهي ته هن سنڌ جي وستين ، واهڻن ، ڪوهستان ، ٿر، بر، ڪاڇي، اتر ، سري ، وچولي ، ڪچي ۾ رهندڙن جي درد کي ئي نه ڏٺو، پر هو جڏهن ۷۰ع واري ڏهاڪي ۾ ڪراچيءَ ۾ لڏي آيو ته هن ڪراچي جي ڀوائتي صورتحال تي به قلم کي وهايو ڪراچي کي ڪير؟ واڳن جيئن ويڙهي ويا وجهي وات وڻن ۾، چمڙن جيئن چوڦير گهاتو، پڄو گهير، ٿيا سڏ ساڻيهه جا سنڌ جي سونهن کي ڳائن جو سندس انداز سندس ڪلام جتي ليار پيرون پٽن تي پچن ٿا اتان منهنجا مارو، ميارون مڪن ٿا مان چٽو پيو نظر اچي جيتوڻيڪ هو وڏن سرڪاري عهدن رجسٽرار آف ڪمپنيز ۽ ناڻي کاتي ۾ وفاقي جوائنٽ سيڪريٽريءَ جهڙن اهم عهدن تي به رهيو، پر پوءِ به اهي نوڪريون کيس “بيوروڪريٽڪ ڪلچر” جو حصو بڻائي نه سگهيون ۽ سندس سڄي زندگي شاعراڻي سادگيءَ ۾ گذري . شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جو هڪ سال تائين صلاحڪار پڻ رهيو. معيشت جي ماهر هجڻ ڪري تاجل بيوس هڪ اسٽاڪ ڪميشن جو چيف ايگزيڪيوٽو به رهي چڪو، پر ان باوجود هن سنڌي ادب، خاص ڪري شاعري ڪرڻ، ڪتاب ڇپرائڻ، پروگرامن ۾ وڃڻ واري ڪرت جاري رکي. تاجل سنڌيء سان گڏ اردو حلقي ۾ مشهور هيو. پاڻ شاعريء سان گڏ نثر ۾ به بهترين ڪم ڪيو اٿن تاجل بيوس جا ڇپيل ڪتاب (۱) جڏهن ڀونءِ بڻي (شاعري) ۱۹۸۲ع، (۲) انبن جهليو ٻور (شاعري) ۱۹۸۳ع، (۳) سرجيندڙ ساڻيهه جا (شاعري) ۱۹۸۵ع، (۴) سنڌ منهنجي امان (شاعري) ۱۹۸۹ع، (۵) ڪاڇي مٿان ڪونج (شاعري) ۱۹۹۰ع، (۶) ڪنڌيءَ ڪونئر ترن (شاعري) ۱۹۹۱ع، (۷) ڪنڌيءَ اڪ ڦلاريا (شاعري) ۱۹۹۲ع، (۸) ڏور به اوڏا سپرين (هند جو سفرنامو) ۱۹۹۲ع، (۹) سرخ گلابون ڪئ موسم مين (اردو شاعري) ۱۹۹۴ع، (۱۰)صحرا ستر جن (شاعري) ۱۹۹۵ع، (۱۱) تنهنجا نيڻ غزل (شاعري) ۱۹۹۶ع، (۱۲) وڏا وڻ وڻڪار جا (شيخ اياز سان گڏ شاعري) ۱۹۹۷ع، (۱۳) انداز بيان اور (اردو شاعري) ۱۹۹۷ع، (۱۴) ڏوريان ڏوريان مَ لهان (شاعري: ۹ مجموعا گڏ) ۱۹۹۷ع، (۱۵) آريجن کان الهاس نگر (هند ۽ سنڌ جي اديبن جا خط) ۱۹۹۷ع، (۱۶) اديون ڙي اوهان ڇا ڏٺو! (هند جو سفرنامو)۲۰۰۲ع، (۱۷) ڏک سکن جي سونهن (آتم ڪٿا:ڀاڱو پهريون) ۲۰۰۳ع، (۱۸) ڏک سکن جي سونهن (آتم ڪٿا:ڀاڱو ٻيو) ۲۰۰۳ع، (۱۹) ڏک سکن جي سونهن (آتم ڪٿا:ڀاڱو ٽيون) ۲۰۰۳ع، (۲۰) چپ انجيل جي حاشين جهڙا (شاعري) ۲۰۰۳ع، (۲۱)جهڄان پسي جهوڪ (ڪهاڻيون) ۲۰۰۷ع، (۲۲) سج چنڊ تارا ڪتيون (شخصيتن جا خاڪا) ۲۰۰۴ع، (۲۳) سامي سودو پريم جو (ساميءَ جي بيتن جي واين ۾ تبديلي) ۲۰۰۳ع، (۲۴) انگريزي شاعريءَ جي مختصر تاريخ ۲۰۰۴ع، (۲۵) پکي ساڳي پار جا (شاعري) ۲۰۰۴ع، (۲۶) سون سريکا چار سين (شخصيات) ۲۰۰۴ع، (۲۷) گل ڇنو گرنار جو (ڪافيون) ۲۰۰۶ع، (۲۸) تاجل بيوس جو رسالو (شاعري) ۲۰۰۶ع، (۲۹) ملير جي مارئي (شهيد بينظير ڀٽو کي منظوم خراج) ۲۰۰۸ع انکانسواء سندس ڪيترا ئي ڪتاب ڇپائيء هيٺ آهن تاجل بيوس سنڌي ادب سان گڏ اردو ادب تي به ڪم ڪيو. تاجل بيوس رڳو سنڌ نه پر هند ۾ رهندڙ سنڌي ڪميونٽي ۽ اديبن ۾ چڱي سڃاڻپ رکندڙ هو، جنهن ڪري هندستان جي سنڌي اديبن کيس ڪيترن ئي اهم ايوارڊن سان پڻ نوازيو. کيس ۱۹۹۶ع ۾ نارائڻ شيام گولڊ ميڊل مليو. سنڌي ادبي سڀا پاران کيس فرسٽ ڪلاس ايوارڊ، پروفيسر رام پنجواڻي گولڊ ميڊل کانسواءِ ۲۹ سيپٽمبر ۲۰۰۱ع ۾ کيس ڀارت ۾ مارئي ايوارڊ دهلي پڻ ڏنو ويو. تاجل بيوس لڳ ڀڳ ۱۲ اهم ايوارڊ، گولڊ ميڊل حاصل ڪيا. ايتري قدر جو کيس سهيوگ فائونڊيشن ممبئي وارن ۱۹۹۹ع ٻيو ڀيرو نارائڻ شيام ايوارڊ ڏنو. تاجل بيوس سنڌي شاعريء جي سڀني صنفن تي طبغ آزمائي ڪئي آهي جن ۾ سندس گهڻو ڪم وائي ۽ ڪافي وارو آهي. تترن جون ٻوليون، بانسري جي دل موهيندڙ آواز، عورت جي مظلومي، غلامي، ارتقا، انتظار، ڪارونجهر جي ڪور کان وٺي هن هر موضوع تي بيت ، گيت ، غزل ۽ نثري نظم ، چئو سٽا ، ٽه سٽا ۽ طويل نظم گهڻو مشهور آهن. جيتوڻيڪ هن جي اها معصوم خواهش رهي، ته سنڌ ۾ کيس اياز کان پوءِ سڀ کان وڏو شاعر تسليم ڪيو وڃي، جنهن جي رد عمل ۾ مٿس تنقيد به ٿي ته کيس حد کان وڌيڪ نظر انداز به ڪيو ويو، پر ان کان ڪنهن به ريت انڪار ممڪن نه آهي ته هو اياز کان پوءِ ڳڻجندڙ شاعرن جي مالها جو هڪ نظر ايندڙ ۽ محسوس ٿيندڙ گُل آهي. مان نثري نظم جو کيس اياز کان به وڏو شاعر تسليم ڪندو آهيان. سندس ڪتاب “انبن جهليو ٻور “ ان جو مثال آهي. سندس بيتن مان ڪجه چونڊ بيت هيٺ ڏجن ٿا : هَلُ ڪڪوريل ڪاڪ تي، جتي نيهنن نظامُ آهي ننڊ حرام، جاڳڻ سوڀ سرير جي * ڇڻندا سڱر سوڪ، ڇڻ، ڇڻ ڪري ڇڻ تي مارُن وٽان موڪ، صبح اينديون سوکڙيون * آيا اُتر پار کان، ڪڪر ڪاريءَ رُوءَ وَٺا مينهن مندائتا، جرڪي پيئي جُوءِ کاهڙ جي خوشبوءِ، ڄڻ ڪا اوت عنبير جي * ڪنڌيءَ ڪنايو، آيا سانوڻ ڏينهڙا اِجهو ڪو آيو، کڻي ڪرس ڪٺار تي * سَرجي نڪتا “سنڌ” مان، ملير ۽ مارُون ڪيون جن ڪَتيءَ ۾، اُٺي اُڪارُون جَڙيل آهن جن سان، تن، من جون تارُون تڙ، تڙ تنوارُون، سُڻان تان سرَهي ٿيان * آڇيو حُور اياز کي، جنت وارو جام اوري لڌائين عشق مان، شاهه، سچل ۽ شيام ڪيائين ڪلتار کي، صبح جو سلام پٺيان مريدڻ جت هو، اڳيان ڄام نظام سمن جو سردار ۽، ڄامن سندو ڄام ڪيائين ڪلام، سنڌيءَ ۾ سلطان سان تاجل بيوس پنهنجي تخليق ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو پوئلڳ رهيو. اهو سبب هو، جو تاجل بيوس آخري ايامن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي جيان پنهنجو “تاجل جو رسالو” پڻ لکي مارڪيٽ ۾ آندو. تنقيد ته هر اديب تي ٿيندي رهندي آهي ۽ تاجل بيوس به ان تنقيد جو ٿورو گهڻو ضرور نشانو بڻيو، پر هن ۾ اها مايوسي نه هئي، جيڪا اڪثر ڪري تخليقڪارن کي مايوس ڪري ڇڏيندي آهي. ڪراچي ۾ زندگي جو وڏو عرصو گذاريندڙ تاجل بيوس “تاجل جو رسالو” پنهنجي پيءُ، ماءُ ۽ ان گهر واريءَ نالي ڪيو، جنهن کي هو مٺڻ سڏيندو هو. ۴ ڊسمبر ۲۰۰۸ تي نصير سومرو جي ڪتاب “جل تي ڪنول جيئن “ جي مهورتي تقريب اڪيڊمي آف ادبيات ڪراچيء جي آفيس ۾ ٿي رهي هئي. شام جو ساڍي چئين بجي تاجل کي تقرير لاء سڏيو ويو ۽ تاجل پنهنجي کيسي مان لکيل ڪاغذ ڪڍي ڳالهائڻ شروع ڪيو ته بجلي هلي وئي ۽ تاجل موبائل جي ٽارچ جي روشنيء ۾ پنهنجي تقرير پڙهي پوري ڪئي ء کيس مٿي ۾ سور پئجي ويو ۽ هو اتي ئي بيهوش ٿي ويو. جتان کيس جناح اسپتال نيو ويو ٻن ڏينهن کانپوء ٻڌايو ويو ته کيس فالج جو حملو ٿيو آهي پوء کيس اتان لياقت اسپتال نيو ويو پر تاجل ٻيهر هوش ۾ ڪونه آيو ۽ ۱۳ ڊسمبر تي پاڻ اسان کان موڪلائي ويو. تاجل بيوس چوڪنڊيءَ جي ان تاريخي قبرستان ۾ آرامي ٿيو، جنهن ۾ دفن ڪرڻ جي به هن پاڻ وصيت ڪئي هئي. تاجل بيوس جديد ڪلاسڪيل شاعر رکيل مورائي اڄ سنڌ جي ثقافتي سونهن جي شاعر تاجل بيوس جي ڄمڻ جو ڏينهن آهي، تاجل بيوس سنڌي شاعريءَ ۾ پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ رکندڙ شاعر هُئو. اڄ جي جديد شاعريءَ ۾ هُن سنڌ جون اصلي صنفون بيت، وائي ۽ ڪافيءَ کي نئين زندگي ۽ تازگي ڏني، هڪ اهڙي تازگي جنهن کان مٿيون صنفون گهڻو عرصو وانجهيل هيون. تاجل بيوس بنيادي طور صوفي مزاج رکندڙ هڪ اهڙو شخص هو، جنهن کي شهري ڳوٺاڻو روح عطا ٿيل هئو ۽ سندس خمير ۾ سچل سرمست جي مٽيءَ جي خوشبو هئي، جنهن ڪري هو پنهنجي شاعريءَ ۾ سدائين سچل سائينءَ کي ويجهو رهيو. ان جا ڪيترا ئي سبب آهن، هڪ ته هو سچل جي نگريءَ ڀرسان سوڀي ديري لڳ جنهن ڳوٺ ۾ ڄائو، نپنو ۽ وڌيو ويجهيو، ان ۾ هڪ درگاهه پير حيات شاهه جيلاني هئي، جنهن تي راڳ ويراڳ مسلسل هلندو رهندو هو، جنهن ۾ تاجل سائين ننڍي عمر ۾ ئي ويندو رهندو هو. ان کان اڳ سندس امڙ پڻ صوفي مزاج رکندڙ خاتون هئي، اڳتي هلي جنهن شخص سان سندس پهريون تعلق جڙيو، اهو استاد الهندو جتوئي، پڻ صوفي مزاج رکندڙ، شاهه لطيف، سچل سرمست ۽ غالب وغيره جي شاعريءَ کان واقف هو، شعوري عمر ۾ سندس تعلق ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جهڙي شاعر سان جڙيو، جنهن کانپوءِ شمشير الحيدريءَ سان سندس ويجهڙائي ٿي. ايئن هو شعوري ۽ ادبي طور اڳتي آيو، پر جيئن ته ننڍپڻ ئي راڳ ويراڳ جي محفلن ۾ سندس وڃڻ ٿيندو هو. ان ڪري موسيقي سندس روح ۾ رچي ويئي هئي. جنهن ڪري هو پهرين عمر ۾ اهڙي ئي شاعري ڪندو هو، جنهن کي آسانيءَ سان ڳايو وڃي. سندس ان عمل سندس شاعريءَ کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. هُن جي شاعري سنڌيءَ جي لڳ ڀڳ سڀني وڏن راڳين بيحد سهڻي نموني ڳائي آهي. اڄ به سندس ڳايل شاعري ٻڌجي ٿي ته سڄي سنڌ جو صوفياڻو مزاج ۽ واڌو سنڌ ٻوليءَ ۽ ثقافت جي سونهن اکين اڳيان تري ايندي آهي، جڏهن سندس تعلق ڊاڪٽر تنوير سان جڙيو ته هو ادب ڏانهن لڙي آيو. ايئن سندس شاعريءَ ۾ اهم تبديلي آئي ۽ هو هڪ سنڌي فڪر رکندڙ جديد شاعر ٿي اڀريو. جيتوڻيڪ هُن پنهنجي شاعريءَ لاءِ صنف توڙي ٻوليءَ جي چونڊ ۾ ڪلاسيڪل صنف ۽ ٻوليءَ کي وڌيڪ پسند ڪيو. ائين هُن انهيءَ ٻوليءَ کي نئين سونهن ڏني. سنڌي ادب ۾ هو هڪ نهايت سنڌپرست ليکڪ طورآخري گهڙي تائين رهيو. هو سنڌ جو اهڙو عاشق شاعر هو، جنهن ۾ سموري سنڌ جي سونهن نظر ايندي هئي. سندس پهريون ڪتاب “جڏهن ڀونءِ بڻي” جڏهن ڇپيو ته ادبي حلقن ۾ ان جي چڱي آجيان ڪئي وئي، جنهن کيس اتساهه ڏنو ۽ هن نهايت تيزيءَ سان لکڻ شروع ڪيو. ساڳئي وقت سندس ڪتاب پڻ تيزي سان ڇپجڻ لڳا، ڏسندي ڏسندي سندس ٻن درجنن کان وڌيڪ ڪتاب شايع ٿيا. شاعريءَ کانسواءِ هن نثر ۾ لکڻ شروع ڪيو، جنهن جا پڻ اڌ درجن ڪتاب سنڌي ادب جو حصو بڻيا. تاجل سائين هونئن ته دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ڏانهن سفر ڪيا، پر هُن فقط انڊيا جي سفرن جا سفرناما لکيا، جن جو انگ چار آهي. آخري ڏينهن ۾ هن چئين جلدن ۾ پنهنجي آتم ڪٿا پڻ لکڻ شروع ڪئي، جنهن جا ٽي جلد سندس زندگيءَ ۾ شايع ٿيا. ايئن سندس جيئري توڙي وفات کانپوءِ کيس بابت به چڱو ئي لکيو ويو آهي، خاص طور انڊيا جي اديبن ڊاڪٽر جڳديش جو لکيل اهم ڪتاب “ڏور به اوڏا سپرين” آهي جيڪو شاهه لطيف، اياز ۽ تاجل سائين بابت آهي. تازو ئي هند جي هڪ ٻئي اديب هولا رام هنس “عظيم شاعر تاجل بيوس” نالي ڪتاب لکيو آهي، جيڪو ڊسمبر ۾ ئي سندس ورسيءَ جي پروگرام ۾ پڌرو ڪيو ويندو. تاجل سائين پنهنجي زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين لکندو رهيو ۽ سنڌ سان عشق ڪندو رهيو.پر هو ادبي طور اسان سان پنهنجي ڪتابن وسيلي گڏ آهي، جيڪو ڪڏهن به جدا ٿيڻو نه آهي. اڄ اسان کيس سندس جنم ڏينهن تي ياد ڪري ڄڻ سنڌي ادب جي روشن مستقبل ڏانهن واجهائي رهيا آهيون، سنڌ کي ۽ سنڌي ادب کي سندس جنم ڏينهن مبارڪ! تاجل بيوس هميشه زندهه رهڻو آ... اسد چنو سائين منهنجا شاعري اندر جي اظهار جو اعلي،پر اثر ذريعو آهي سنڌ ڌرتي پنهنجي ڪک مان اهڙا ڪيترا ئي هيرا لعل ۽ گوهر ڄڻيا آهن جن پنهنجي ڏات جي ڏانءَ سان سنڌ جي سينڌ سجائي آهي، ٻولي جي ادب جي خدمت ڪئي، سنڌ جي سور ۽ سنڌ واسين جي پيڙائن جي پنهنجي شاعري ذريعي ترجماني ڪئي، آهي سائين منهنجا سنڌ سان پنهنجي محبت۽عقيدت جو اظهارلڳ ڀڳ مڙني قلمڪارن پنهنجي تخليقن ۾ ڪيو آهي هر ڪنهن پنهنجي ڏات پنهنجي وت ،۽ وس آهر سنڌ جي حسناڪين کي بيان ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪئي آهي هر ڏات ڌڻي جو انداز نرالو ۽ وڻندڙ آهي، سنڌي جديد شاعري ۾ اسان کي ڪيترا ئي وڏا نالا ملن ٿا جن سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ميدان ۾ شاعري جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪندي پاڻ خوب ملهايو آهي، جديد سنڌي ساعري جي افق تي ترقي پسند خيال جا ٻه وڏا نالا شيخ اياز ۽ استاد بخاري پنهنجي ڏات سان ڀرپور چمڪندي نظر اچن ٿا،پر مان جيڪڏهن انهن ٻن نالن سان گڏ هڪ ٻيوسنڌي شاعري جو نالو ڳنڍيان ته غلط نه ٿيندو جيڪو شيخ اياز، ۽ استاد بخاري جو هم عصر هجڻ سان گڏوگڏ، سنڌ جي مڙني حسناڪين جو پنهنجو مٽ پاڻ شاعر آهي، مان ڳالهھ ڪيان پيو سنڌ ڌرتي جي ٻهڳڻي، مصور شاعر تاجل بيوس جي جنهن جي شاعري ۾ اسان کي سنڌ جي مٽيءَ جي سڳنڌ مهڪندي ملي ٿي،ته سنڌو جي ڇولين جو شور به ملي ٿو، سندس شاعري جي گيتن، بيتن، نظمن، واين ۾ سنڌ سان بي انتها پيار جو اظهار ملي ٿو. مان جيڪڏهن ائين چوان ته غلط نه ٿيندو تاجل بيوس جي شاعري سنڌ ڌرتي جو سينگار آهي، تاجل بيوس جي شاعري ۾ اسان کي سنڌ سان اڻ ٽٽ پيار جي انيڪ رنگن جو وسيع ڦهلاءُ ملندو آهي، سندس شاعري جي ٻولي، اسلوب، استعمال ڪيل اصطلاح، محاورا، ۽ سندس شاعري جا ڪردار سڀ ڪمال جي درجي جا آهن، تاجل بيوس جي شاعري ۾ استعمال ٻولي ڏاڍي سادي سلوڻي، عام فهم، آهي سندس شاعري ۾ فطرتي منظرحقيقت جي بلڪل ويجهو آهن جيڪي سندس شاعري جي سونهن سوڀيا کي وڌائين ٿا، سنڌ سان محبت جو ثبوت پنهنجن گيتن، بيتن، واين هر شاعر ڏنو اهي پر جهڙي طرح تاجل بيوس پنهنجي شاعري ۾ سنڌ ڌرتي سان پنهنجي محبت،عقيدت، سڪ جو اظهار ڪندي جنهن خوبصورت، انداز سان ڀيٽا پيش ڪئي آهي اهرو انداز ڪنهن به ٻئي شاعر وٽ ڪونه ثو ملي سندس مشهور معروف نظم جيڪو سائڻ عابده پروين ڳايو آهي،جيڪو هر سنڌ واسي جي دل جي ترجماني ڪري ٿو سنڌ منهنجي امان سونهن تنهجيءَ مٿان ڇالکي ڇالکان،ڇا لکي ڇا لکان هڪ قلم هڪڙو مان ڪيئن پورو پوان ڇا لکي ڇا لکان، ڇا لکي ڇا لکان مان سمجهان ٿو تاجل بيوس پنهنجي مٿان سنڌ امڙ جي ٿڃجو قرض لاهي ويوسندس شاعري ۾ ڪيڏيون نه دل کي ڇهندڙ، تشبيهون تلميحون ڏنل آهن جو پڙهندڙ جا لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا، سندس ٻولي ايتري ته سادي۽ ڳوٺاڻي انداز واري آهي ،۽ اهي نج پج سنڌي ڳوٺاڻي سماج جي صبح جا خوبصورت منظر پنهنجي سڀني حسناڪين سان پڙهندڙ جي دل ۽ دماغ تي ڇانئجي وڃن ٿا پڙهندڙ يا ٻڌندڙ جا مٿان هڪ جادوئي سحر تاري ٿي وڃي ٿو هوءَ جا بيوس بکن تي مڙهي منڊ ٿي اڄ به جوٽي اسر جو اٿي جنڊٿي جا گرم کير ۾ پئي گڏي کنڊ ٿي ان سهاڳڻ کي مان ڪئين نه سجدو ڪيان تاجل بيوس پنهنجي شاعري ۾ جيڪي لفظن جي موتين سان منظرن جا خوبصورت محل جوڙيا آهن اهي ڪڏهن به نه وسرڻ جهڙا آهن، شيخ اياز تاجل بيوس کي مصور شاعر سڏيندي لکيو ته: تاجل بيت ۽ وائي جو پنهنجي ٽهي ۾ وڏي ۾ وڏو شاعر آهي،سنڌي ٻولي جي وڏي شاعر نارائيڻ شيام تاجل جي لاءِ لکيو ته؛ شاھ لطيف کان پوءِ تاجل جي شاعري ۾ ڳوٺاڻو ھڳاءُ،شيخ اياز کان به وڌيڪ آهي. ڊاڪٽر تنوير عباسي هڪ جاءِ تي تاجل بيوس لاءِ لکيو ته؛ تاجل بيوس سنڌ جي ٻهراڙي جو شاعر آهي سندس تشبيهون، تلميحون ۽ ٻولي سنڌ جي ماحول جون عڪاسي آهن. تاجل بيوس جي شاعري کي پڙهڻ سان بخوبي ان ڳالھه جو اندازو ٿئي ٿو ته هو ٻين مڙني خوبين سان گڏ مشاهداتي شاعر پڻ هو. سندس شاعري ۾ سنڌ جا کيت، بر، بحر، پهاڙ، مالوند مارو، ڏوٿي، سنڌو جون لهرون، پکا، جنڊ جوٽيندڙ گهر ڌياڻي جا عڪس، چٽا نظرايندا، تاجل بيوس شاعري جي هر صنف تي طبع آزما.ئي ڪئي سندس بيت، گيت، ڪافيون، قطعا، لوڪ گيت، غزل، نظم، آزاد نظم پنهنجي جاءِ تي شاعراڻي تخليق جي مٿاهين سطح تي آهن تاجل نه صرف سنڌ جي سونهن تي لکيو پر سنڌ جي سياسي، سماجي، توڙي معاشي حالتن کي به پنهنجي شاعري ذريعي منظرعام تي آندو تاجل بيوس پنهنجي بيتن ۾ وڏي واڪي سنڌ جي دشمن کي للڪاري ٿو ۽ اعلان ڪري ٿو؛ کولي ڪن ٻڌي ڇڏ آيل سنڌ ۾ رهندا سنڌ جا ڄايل خوشحال سنڌ جا مالڪ سنڌي ماروئڙا جڏهن پنهنجي ديس ۾ ئي معاشي بدحالي جي ور چڙهيل رهن ٿا ۽ پيٽ بکايل رهن ٿا ته تاجل بيوس انهن جي انهن اهنجن، تڪليفن جو اظهار به ڪيو آهي انهن مارئوڙن جي جذبن جي عڪاسي ڪندي تاجل بيوس جو هي شعر سواليه نشان آهي ديس وارا دم ڏين ٿا ڇا ڪجي. پيٽ سان پاهڻ ٻڌن ٿا ڇا ڪجي. تاجل بيوس جي شاعري جو محور ۽ مرڪز سنڌ ڌرتي، سنڌ واسي انهن جا ڏک، درد، تڪليفون، اهنج، ۽ انهن سان ساڻس بي لوث پيار آهي. ۽ تاجل بيوس پنهنجي شاعري ۾ هميشه ان الڪي ۾ رهندي محسوس ٿئي ٿو ته جيڪو ناتو سنڌ سان سنڌ واسين سان آهي اهو تعلق شال مان نڀائي سگهان ڪينجهر ۽ ڪارونجهر جا، سنڌوءَ کي سور سڻايان مٺڙي تنهنجو کير پياريل، مرڪي شال ملهايان سنڌڙي منهنجي سائنڻ تو سان ناتو شال نڀايان تاجل بيوس جو سنڌ سان اهڙو ته ناتو جڙيل آهي جيڪو ڪڏهن به نه ختم ٿيندڙ آهي تاجل سنڌ جي چيڪي مٽيءَ مان ٺهيل سنڌ جو سچو عاشق هو، جنهنجي سنڌ سان عشق جي ڪا حد مقرر نه آهي. تاجل بيوس جو اصل نالو ته تاج محمد سمون ولد جعفر سمون آهي سندس جنم ۲۲ سيپٽمبر۱۹۳۸ع، تعلقي سوڀي ديري جي ڳوٺ پير حيات شاھ ۾ ٿيو تاجل سندس ادبي نالو ۽ (بيوس) تخلص آهي تاجل بيوس بنيادي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪندي مال به چاريو، تاجل بيوس اڪنامڪس ۾ ماسٽرس ڪئي ۽ مختلف سرڪاري نوڪريون ڪندي رجسٽرار آف ڪمپنيز جي عهدي تان ۱۹۹۸ع۾ رٽائر ٿيو، جنهن کان پوءِ پاڻ شاھ لطيف يونيورسٽي خيرپور جي وائيس چانسلر جو صلاحڪار جي حيثيت سان خدمتون سر انجام ڏيندو رهيو تاجل بيوس کي شاعري جو شوق استاد حڪيم الله آندي جتوئي سان صحبت جي ڪري ٿيو سندس شاعري جا ۽ نثر جا ڪيترا ئي ڪتاب ڇپيل آهن تاجل نه صرف سنڌي ۾ بلڪ اردو ٻولي کي به پنهنجي اظهار جو ذريعو بڻايو سندس اردو شاعري جو ڪتاب ”انداز بيان اور“ جي نالي سان ڇپيل آهي جنهن جو مهاڳ اردو زبان جي تمام وڏي نالي واري شاعر محسن ڀوپالي جو لکيل آهي، هڪ ٻيو اردو ڪتاب ”سرخ گلابون ڪي موسم ۾“ پڻ ڇپيل آهي،تاجل بيوس جي شاعري ڪلاسيڪيت۽جديديت جو بهترين سنگم آهي تاجل بيوس ۱۳ ڊسمبر ۲۰۰۸ع تي هميشه جي لاءِ سنڌ امڙ جي هنج ۾ ابدي آرامي ٿيو سندس آخري آرام گاھ سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچي جي قديمي قبرستان چوکنڊي قبرستان ۾آهي نه ڪي پارس نه ڪي سون چاندي مان سنڌ جي مٽيءَ منجهان جڙيل آهيان مان تاجل هميشه زنده رهڻو آ پنهنجن گيتن ۾ ، سنڌ جي هوائن ۾ سنڏو جي لهرن ۾ سنڌ جي مٽيءَ جي خوشبوءَ ۾ تون ته ملندو رهندين خوابن ۾. تاجل بيوس سنڌ جي ڀلوڙ شاعر جي يادگيري ابراهيم لاشاري سنڌ جو هي خوبصورت شاعر، اديب تاجل بيوس خميس ڏينهن ۲۲ سيپٽمبر ۱۹۳۸ع ڌاري پنهنجي زندگي جو سفر محمد جعفر سمون جي گهر ڳوٺ پير حيات شاهه تعلقي سوڀيديرو ضلعي خيرپور ميرس کان ڪئي. سندس تعليم جي ابتدا والد صاحب ڦرهي هٿ ۾ ڏئي نورپور پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو ٿوري عرصي بعد ڀونڀٽ پور جي پرائمري اسڪول ۾ ٻيو درجو پڙهي رهيو ته سندس زندگي جو سهارو ۽ زندگي جي ڇپر ڇانءَ يعني والد جو وڇوڙي زندگي جا سمورا سک کسي ورتا. والد جي وڇوڙي کانپوءِ ترت تعليم پرائڻ کان به هٿ ڪڍي، ڪلهي تي لٺ کڻي مينهن جو ڌنار واري ڪرت سان سلهاڙجي ويو مسلسل زندگي جا ٽي سال جهنگ جو منهن ڪري مينهن جو ڌنار بڻجي مينهن کي هون مان هون مان جا ٻول پيو ڪاٽيندو هو. نيٺ سال ۱۹۴۹ع ڌاري مينهن جي ڌنارئپ پنهنجي مٺڙي امڙ پناهه خاتون جي چوڻ تي ڇڏي پڙهائي جو وري شوق من ۾ جاڳي پيس، ثانوي تعليم گمبٽ هاءِ اسڪول منجهان پاس ڪيائين ۽ گريجوئيشن جي سند سنڌ يونيورسٽي منجهان پڻ حاصل ڪيائين، هن تعليم منجهان هٿ نه ڪڍيو وڌيڪ تعليم پوسٽ گريجوئيٽ (اقتصاديات) به سنڌ يونيورسٽي مان ڊگري ورتائين، پوءِ تاجل بيوس صاحب ترت ٻاهرين ملڪن آمريڪا، جپان، ٿائيلنڊ منجهان به تعليم جا ڪافي ڪورس ڪري پوءِ پنهنجي ملڪ پياري پاڪستان واپس موٽي اچي پڙهڻ پڙهائڻ واري ڪرت سان سلهاڙجي ويو. تعليم کاتي منجهه سيڪنڊري استاد جي حيثيت سان سرڪاري ملازمت ۱۹۶۰ع ڌاري اختيار ڪيائين . تاجل بيوس صاحب مسلسل ۸سالن تائين درس تدريس جي شعبي ۾ وڏي محنت سان پنهنجا فرض سر انجام ڏيندو رهيو، سال ۱۹۶۸ع ڌاري پيغمبري پيشي کي ڇڏي تاجل بيوس صاحب هڪ نئين نوڪري ايڪسپورٽ پروموشن بيورو ۾ (اي سي او) جي عهدي انويسٽيگيٽر تي ڪم ڪندو رهيو اهڙي طرح تاجل بيوس کي انهي زماني ۾ گڏيل قومن (اقوام متحده) پاران (فيلوشپ) منظور ٿيڻ کان پوءِ جپان جي شهر (ٽوڪيو) ويو جتان واپس موٽي اچي سال ۱۹۷۳ع ڌاري (فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن) جي امتحان ۾ ڪامياب ٿيڻ يعني ٻيهر چونڊجي وڃڻ بعد حڪومت پاڪستان جي خزاني جي وزارت منجهه (ڪارپوريٽ لا اٿارٽي جي اسسٽنٽ چيف) جو عهدو ماڻيائين اهڙي طرح تاجل بيوس وقت به وقت سرڪاري مختلف عهدن تي پنهنجا فرض سرانجام ڏيند ي ڏيندي سندس سرڪاري عمر جي حد پوري ٿيڻ، بعد ۲۱سيبٽمبر سال ۱۹۹۸ع تي رٽائرمينٽ ورتائين، تنهن بعد سنڌ جي هي ڀلوڙ شاعر، اديب شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور منجهه ڪجهه ٽائيم لاءِ وائيس چانسلر جو (صلاحڪار) مقرر ٿيو. تاجل بيوس کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته هو سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر پڻ رهيو. تاجل بيوس سنڌ ڌرتي جو خوبصورت شاعر کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته هن جي شاعري ڇپي گهٽ آهي ۽ ڳائي زيادهه وئي آهي، همعصرن شاعرن منجهان شيخ اياز ۽ سونهن جي پوڄاري شاعر استاد بخاري کان پوءِ تاجل بيوس جو درجو شاعرن جي ٽئين نمبر تي پڻ آهي، شاعري جي چڻنگ مال چاريندي ٻاراڻي طبيت کائين محسوس ڪيائين سندس شاعري ڪرڻ جا سڀ گر حڪيم استاد فقير الهندي جتوئي جي صحبت ۾ رهندي حاصل ٿي، تاجل بيوس کي علمي، ادبي، ثقافتي ڪچهرين ۾ رهندي صوفياڻي شاعري ۽ عارفاڻا ڪلام ٻڌندي، شاعري ڪرڻ جو وڌيڪ شوق جاڳيو، پوءِ ٿورڙي ئي عرصي منجهه پنهنجو شاعري ۾ تخلص (بيوس) اختيار ڪري ادبي دنيا ۾ نالو نروار ڪرايائين. سندس شاعري کي سنڌ جي ڪيترن ئي فنڪارن ريڊيوپاڪستان ۽ ٽيليويزن تي ڳايو ويو ۽ زبردست موٽ پڻ ملي. تاجل بيوس هڪ لاجواب شاعر جنهن جي شاعري منجهان جديد توڙي قديم سڀني صنفن جا رنگ نروار آهن، هن شاعري جي مڙني صنفن۾ پاڻ ملهايو جهڙوڪ وايون، بيت، قطعا، گيت، لوڪ گيت، ڪافيون، غزل، آزاد نظم ۽ نثري نظم تي طبع آزمائي ڪري آساني سان ۽ عوامي انداز سان شاعري ادبي دنيا آڏو پيش ڪئي ۽ وڏي مڃتا ماڻيائين، سنڌ جي مهان شاعر شيخ اياز کيس (مصور شاعر) جي خطاب سان نوازيو تاجل بيوس پنهنجي شاعري وسيلي الله تعالي جي ثنا ۽ سنڌ ڌرتي لاءِ دعاڳو آهي ۽ پنهنجي من اندر لڪيل آواز عام ماڻهن جي آڏو هن طرح پيش ڪري ٿو اول عالم جو ڌڻي، خالق خلقڻهار، ملي ڪايا ڪين کي، جڏهن ڀونءِ بڻي، اڳي جي احسان جي، هئي گهرج گهڻي، بيوس جڏهن ڀونءِ تي، ڦيري رب ڦڻي، ماڻهون ملڪ ملير جا، ٿڪا کوڙ کڻي، واحد جا وڻي، سا سونهن ڏنائين سنڌ کي. تاجل بيوس سنڌ جي عظمتن جو شاعر ادل سولنگي ميرن واري خيرپور جي ڪچي واري علائقي جي ڳوٺ حيات شاهه ۾ ۲۲ آڪٽوبر ۱۹۳۸ع تي محمد جعفر سمي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ تاجل (تاج محمد سمون) بيوس بڻجي، شاعريءَ جي ميدان ۾ ڏات جا ڪيترا ئي ڏيئا روشن ڪري ڌرتيءَ مٿان ڇائنجندڙ اونداهه کي ڌڪارڻ لاءِ پنهنجي شاعراڻي هنر/ ڏات، ڏانو، مهارت ۽ علم جون ڪيتريون ئي مشعلون ٻاري ڇڏيون. جنهن جي روشنيءَ ۾ سنڌ پنهنجي سمورين حسناڪين سان ڏسڻ ۾ اچي ٿي. جڏهن ”ڀونءَ بڻي“ ڪتاب، ۾ ڏنل شاعريءَ مان هن آدم- حوا، سان گڏ، پاڻي، ماني، پورهيت ۽ کيت ڏيکاريا آهن. سنڌ منهنجي امان! سونهن تنهنجيءَ مٿان، ڇا لکي ڇا لکان، ڇا لکي ڇا لکان. هڪ قلم هڪڙو مان، ڪيئن پورو پوان، ڇا لکي ڇا لکان، ڇا لکي ڇا لکان. هن ڪنڌيءَ تي ڪڏيو جو اڀم ٻار آ، ڪنهن ته جيجل جو جاني اکين _ ٺار آ، هي جو ٻالڪ سڀاڻي جو معمار آ، اِن جي ٻوليءَ ۽ لوليءَ تان صدقي وڃان. تنهنجي ماڻهن کي سيني ۾ سانڍيو وتان، تنهنجي لاڻن لَون کي به چند ن چوان، شال تنهنجي ئي ڪُک مان پيو هرهر ڄمان، کير تنهنجو پيان، وَير تنهنجو وٺان. هوءَ منڇر کُٽي ڪيئن جا کٽڻي نه آ، هوءَ ڪينجهر رُسي ڪيئن جا رُسڻي نه آ، هوءَ سنڌو سُڪي ڪيئن جا سُڪڻي نه آ، ڪَرُ کڻي ڪالهه آئي جا ڪيلاش کان. ٿر جي ٿوهر مٿان، جهنگ جهر تي لکان، مينهن جي بوند تي، سائي سَرَ تي لکان، ڏاٽي، ڪوڏر، کُرئي، گهوٻي هر تي لکان، تنهنجو نالو وٺي تو تي لکندو رهان. هوءَ جا ”بيوس“ بُکن تي مڙهي منڊ ٿي، اڄ به جوٽي اسر جو اُٿي جنڊ ٿي، جا گرم کير ۾ پئي گڏي کنڊ ٿي ، اُن سهاڳڻ کي مان ڪيئن نه سجدو ڪيان. سنڌ منهنجي امان، سونهن تنهنجيءَ مٿان ڇا لکي ڇا لکان.. ڇا لکي ڇا لکان، جهڙا نظم لکندڙ سنڌ جو عاشق تاجل بيوس جيڪو پنهنجي ٻالڪپڻي کان وٺي جوانيءَ تائين راڳ- ويراڳ، علم، ادب، تهذيب، ثقافت، قديم، ماڳن، مڪانن کان جديد دنيا جي جديد، شهرن تائين، سفر ڪري اندر جي اڃ اجهائڻ لاءِ سدائين لوچ پوڇ ۾ رهندڙ روح جو رولاڪ ۽ راڻو هئو، اهڙو راڻو جنهن شاعراڻي ڪاڪ محل ۾ پنهنجي منزل جي مومل ماڻڻ لاءِ راتين جا اوجاڳا ڪري منڌ جي مهرين تي چڙهي، مومل ماڻڻ جا جتن ڪيا. تاجل بيوس جنهن ڀٽ ڌڻي جي ڀر ۾ ويهي سندس تند جي تنوار کي نه رڳو ڪنايو پر پنهنجي هانوَ سان هنڊايو. هن شاهه سائين جي تنبوري کي پنهنجي ڏات ۽ ڏانو جو محور ۽ محرڪ بڻايو، جنهن جي آڌار تي تاجل بيوس سنڌ ڌرتيءَ مٿان پنهنجي فن ۽ فڪر جي ڇانيل گهاٽن ڪڪرن مان محبتن ۽ عظمتن جا مينهن وسايا. جڏهن هن جي شاعريءَ جي ”انبن ٻور جهليو“ هو تڏهن هن جي من ۾ سرهائي محسوس ٿي هئي. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ پورهيتن کي گهڻو مان ڏنو، جنهن اهڙو اظهار ڪندي ٻڌايو ته پورهيت ئي ”سرجيندڙ ساڻيهه جا“ آهن، جن جي هٿن کي مان ۽ مرتبو ڏنو وڃي، هن ڌرتي جي قديم تاريخ واري زماني کان سِرجندڙ شاعريءَ جي مٽن کي پنهنجي اندر ۾ اوتيندي، ڌرتيءَ جي عظمتن جا گيت لکندي، چيو ته ”سنڌ منهنجي امان“ ۽ هن پنهنجي سمورين سچائين سان سنڌ کي علم، ادب ۽ شاعريءَ جي ميراث ارپي ڇڏي. هن پنهنجي شاعريءَ کي پکين جهڙي اڏار ڏيندي ”ڪاڇي مٿان ڪونج“ جو مشاهدو ڪرايو، هن جو مشاهدو هن جي شاعريءَ مان ليئا پائيندو نظر ايندو رهيو آهي، ”ڪنڌيءَ ڪونئرترن“ کان ”ڪنڌيءَ اڪ ڦلاريا“ تائين، تاجل مسلسل مشاهدو ماڻيندي اڳتي وڌندو رهيو، جڏهن هو هند جي سفر تي ويو ته محسوس ڪيائين ته ”ڏور به اوڏا سُپرين“، ورهاڱي جا وڍ سهندڙ سنڌي اديبن، شاعرن جي روح رچندين جو پيرائتو احوال ڏيندي، انتهائي سرهائي محسوس ڪندو رهيو. تاجل بيوس روايتي سماج جو غير روايتي انسان هيو، جنهن پنهنجي ڳوٺاڻي سڀاءَ سان شهر جي ماحول ۾ ڳوٺاڻي خوشبوءِ پکيڙي هئي. هن جو گهر سنڌ جي اديبن لاءِ ڪنهن اجهي ۽ پناهه کان گهٽ نه هيو، هي سنڌ جو سدا ملوڪ شاعر نهايت ئي ٻاجهه ڀريو، خوش اخلاق ۽ آئي کي آڌر ڏيندڙ، اهڙو شخص هيو، جنهن جي ڪشادي دسترخوان تي ڪيترن ئي مهمانن جي ميزباني ڪئي ويندي هئي، ننڍپڻ ۾ يتيم ٻار جي زندگي گذاريندڙ، تاجل جڏهن پنهنجيءَ سمجهيءَ وارو ٿيو، تڏهن هن پنهنجي وڏي عيال/ آڪهه کي انتهائي پيار مان، اميرن جهڙي زندگي گذارڻ واريون سموريون سهولتون ڏنيون. تاجل پنهنجي غريبي، مسڪين، لاچاريءَ ۽ اڻ هوند جا قصا به فخر وچان ٻڌائيندو هيو، ان حوالي سان ”ڏک سکن جي سونهن“ جي سري سان پنهنجي آتم ڪهاڻي لکي پاڻ کي سڄي دنيا آڏو ظاهر، نروار ۽ چٽو ڪيو. هي ”سُرخ گلابن جي موسم جهڙو“ پيارو ۽ خوبصورت انسان پنهنجي اندر اور ۾ به ايترو ئي خوبصورت ۽ پيارو، انساني قدرن جو رکپال ۽ لفظن جو لجپال شاعر ۽ اديب هيو، جنهن وٽ سهپ، رواداري، سنگت ساٿ، سان توڙ نڀائڻ وارا گڻ موجود هيا، سندس ئي زماني ۾ ڪيترائي ٻيا تخليقڪار، شاعر ۽ اديب وڏي مان مرتبي ۽ سماجي حيثيت وارا به هوندا هئا پر اُهي تاجل وانگيان نه ڳوٺاڻا هئا، نه عوامي هئا، ۽ نه وري هن جهڙا سادا هئا، هي فقيرمنش پنهنجي زندگيءَ جي حاصلاتن کي پنهنجي ذاتي ٽجوڙي ۾ بند ڪرڻ وارن ٻين ”بيوروڪريٽ اديبن“ جيان نه هيو، جن پنهنجي ”بيوروڪريٽ ادبي“ لڏي کان سواءِ ٻئي ڪنهن به اديب ۽ شاعر کي پنهنجي ويجهو اچڻ ئي نه ڏنو. هن جڏهن ٿر جي زندگيءَ جو مشاهدو ڪيو، تڏهن هن جي اندر مان ”صحرا سَترجن“ جهڙا آلاپ سِرجي، سنڌ جي واهڻ ۽ وسندين ۾ اُڏارون ڪندي محسوس ٿيا. هو ڄام تماچيءَ جو پونيئر هيو. جنهن جي اندر ۾ عشق جون اُهي مشعلون به ٻرنديون رهنديون هيون. هن جڏهن به خوبصورت ۽ گهائيندڙ نيڻ ڏٺا، تڏهن بي اختيار چئي ڏنائين ته ”تنهن جا نيڻ غزل“ جنهن ۾ هن انهن غزل جهڙن نيڻن جو ذڪر ڪندي اندر جي آنڌ مانڌ کي آٿت بخشيو، ۽ انهن اکين جو تخليقي ۽ تخيلاتي اظهار ڪيو. تاجل بيوس جنهن زماني ۽ جنهن دور جو شاعر ۽ اديب هيو، ان زماني ۾ ادب جو کيرٿر بڻيل ته مهاڪوي شيخ اياز نظر اچي رهيو هيو. تڏهن هن چيو ته ”سينو سير سمونڊ جي، ڪُلها ڪارونجهر“ ۽ هي ڪارونجهر جهڙو سگهارو ڏات ڌڻي نه رڳو اياز سان دوستي ڪندي نظر آيو پر هن سان ”پنهنجو شاعراڻو بر ميچيندي“ به نظر آيو، جنهن جو پيار ۽ پنهنجائپ وارو اظهار، هن ”وڏا وڻ وڻڪار جا“ جي سري سان شاعريءَ واري ڪتاب وسيلي ڪيو ۽ سنڌي ادب ۾ مڃتا ۽ قبوليت ڏانهن تڪڙيون وکون کڻندي نظر آيو. اهو پيار جو سندس ”انداز بيان اور“ هيو، جنهن اڳتي هلي ”ڏوريان ڏوريان مَ لهان“ واري منزل ماڻي. هن جي ”شاعريءَ جو محور سنڌ، سنڌ ۽ فقط سنڌ هئي“، جنهن تان هن پاڻ واريندي ڌرتيءَ جي ڏکن، سورن، اهنجن، ايذائن، پيڙائن، پڇاڻن، پڇتائن، قدامتن، عظمتن، مزاحمتن ۽ حسناڪين، سورمن، سورمين، ڏاتارن ۽ متارن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ اهم موضوعاتي حيثيت ڏني. هن پنهنجي پر انهين پار، سرحد جي هن پار واري سنگتين سان پنهنجو قلمي ۽ علمي ساٿ ڪڏهن به نه ڇنو، هن جي اندر ۾ جيڪا انهن جي لاءِ اُڪير هئي، سڪ هئي، يا انهن کي جيڪا هن لاءِ اُڪير هئي، سِڪ هئي، ان جي شاهديءَ لاءِ هن ”آريجن کان اُلهاس نگر تائين“، جو قلمي سفر ڪيو. تاجل پنهنجي هند جي ٻئي سفر جو اظهار هن لفظن ۾ اظهار ڪيو ته ”اديون ڙي اوهان ڇا ڏٺو“ جنهن لطيف سائين جي سٽن کي کڻي، پنهنجي جذبن جو اظهار انتهائي احساساتي نموني ڪندي، ورجايو ته ”جيڪي ڏٺو سو مون“، جڳ جهان جون تتيون ٿڌيون سَهندڙ، انساني احساسن جي پوئترتا ۽ ڪوملتا بيان ڪندي، بي اختيار چئي، ويٺو ته ”چپ اِنجيل جي حاشين جهڙا“ انساني خوبصورتيءَ جو هيءُ شاعراڻو اظهار ئي تاجل جي حاصلات رهيو آهي. هن پنهنجي اوسي پاسي ۾ ٿيندڙ آمراڻين ڪارروائين جو تمثيلي انداز ۾ اظهار ڪيو ته ”جهڄان پسي جهوڪ“ ڪنهن زماني ۾ شاهه سائين اهڙي ماحول ۾ چيو هيو ته: نه سي وونئڻ وڻن ۾ نه سي ڪاتياريون، پسيو بازاريون، هينئڙو مون لوڻ ٿئي. تاجل پنهنجي دور پنهنجي زماني جي سموري سياسي، سماجي، ادبي اٿل پٿل جو شاهد ۽ مشاهدو ماڻيندڙ اهڙو اديب ۽ شاعر هيو، جنهن پنهنجي اوسي پاسي رهندڙ اُنهن املهه ڪردارن کي پنهنجي لکڻين جو موضوع بڻايو ۽ انهن کي امرتا بخشيندي کين ”سج، چنڊ، تارا، ڪتيون“ ڪوٺيندي پنهنجي لکڻين وسيلي نه رڳو ياد ڪيو پر انهن کي مڃتا ڏني ۽ ايندڙ نسلن لاءِ کين ڪتابي شڪل ۾ آڻيندي هڪ دستاويزي حيثيت ڏني، تاجل، شاهه، سچل ۽ ساميءَ جي سوچ، فڪر، ڏات ۽ ڏانو کان نهايت ئي متاثر رهيو. جنهن جي ڪري سندس مزاج ۽ لکڻين ۾ اسان جي انهن ڪلاسيڪي ادب جي معمارن جو گهڻو تڻو اثر نظر ايندو رهيو آهي. تاجل، ساميءَ جي شاعري کي نئين نرالي لکت وسيلي عام ڪيو ۽ چيو ته ”سامي سودو پريم جو“ پيار، پريم ۽ پنهنجائپ وارو ماحول رچيندڙ تاجل، عالمي ادب ۽ شاعريءَ جي حوالي سان به پنهنجو ڪردار ادا ڪندي نظر اچي ٿو، جنهن انگريزي شاعري جي مختصر تاريخ لکي انگريزي شاعريءَ کي به سنڌي ادب جي جهول ۾ وڌو، جنهن مان ڪيترن ئي نوجوان اديبن، شاعرن، ڪاليج ۽ يونيورسٽين جي شاگردن کي تمام گهڻو لاڀ پلئه پيو آهي. شاعريءَ جي سفر ۾ تاجل جو نهايت ڊگهو، اڻانگو ۽ مسلسل سفر رهيو، هن لوڪ شاعريءَ کان ويندي جديد شاعريءَ جو نه رڳو گهرو مطالعو ڪيو، پر ان کي پنهنجي شاعريءَ لاءِ فڪري ۽ فني محرڪ، محور، سگهه ۽ سونهن طور ڪتب به آندو. تڏهن هن چيو هيو ته ”پکي ساڳي پار جا“ واقعي به هيءُ ان ڏات واري ڏيهه ۽ پرينءَ جي پار جي پکين جي سڃاڻ رکندڙ سپورنج شاعر ۽ اديب هيو، جنهن ڪافيءَ جهڙي قديم صنف کي نئون ۽ موڙ نئين شڪل، شبيهه ڏيندي سِرو ڏنائين ته ”گل ڇنو گرنار جو“. تاجل مختلف ادبي، سماجي، سياسي، شخصيتن بابت ڪيترا ئي سُر لکيا، جنهن ۾ شهيد بينظير ڀٽو، بخش علي لاکو، استاد جمن ۽ ٻيا کوڙ سارا اهڙا ڪردار هن پنهنجي شاعريءَ ۾ آندا آهن، جن کي تاريخ سدائين ياد رکندي. ملير جي مارئي هجي يا ڪراچي سنڌ جي مارئي هجي، ڪلاچيءَ جو ڪن هجي يا ڪلاچيءَ ڪن ۾ رهندڙ مانگر مڇ تاجل پنهنجي شاعريءَ ۾ انهن کي خوب چٽيو آهي، هن شاهه سائين جي نه رڳو ادبي روايتن جي پاسداري ڪئي پر ان روايت جي تسلسل ۾ ”تاجل جو رسالو“ به تخليق ڪيو. تاجل ڪيڏو وڏو اديب، شاعر ۽ وڏو ماڻهو هيو، اهو سندس رهڻي ڪهڻي، اٿي ويٺي، ڳالهه ٻولهه ۽ ادبي وهنوار مان چٽي ٿي سامهون اچي ٿي، اهو هيو اسان جو تاجل جنهن کي اڄ ياد ڪيون ٿا. سنڌي، اردو ۽ انگريز ٻولين ۾ ادب تخليق ڪندڙ، جيڪو سٺو کاڌو کائيندڙ، سٺو ڪپڙو پهريندڙ، سٺي گهر ۾ رهندڙ، سٺو پاڻي پيئندڙ، نازڪ ۽ نفيس، يار ويس، مهمان نواز، گفتي جو گوهر، ڪچهرين جو ڪوڏيو، محفلون مچائيندڙ، مست الست ٿي گيتن، لاڏن ۽ جمالن تي وجد ۾ اچي هٿ کڻندڙ، ڳائيندڙن ۽ سازيندڙن مٿان گهورون گهوريندڙ تاجل بيوس، جيڪو وفاق ۽ سنڌ سرڪار ۾ اعليٰ عهدي وارو آفيسر رهيو. هن جي ڪنڌ ۾ ڪڏهن به بيورو ڪريسيءَ واري ڪلي لڳل نظر ڪا نه ايندي هئي. هن جي اندر ۾ انساني احساسن جو سمنڊ ڇوليون هڻندڙ هيو، جنهن پنهنجي سموري زندگي اعليٰ انساني قدرن جي رکوالي ڪندي گذاري، هي ڏات جي ڏيهه جو ڏاتار، پنهنجي لفظن جون مالهائون ڌرتيءَ کي ارپي پاڻ ڌرتي ماءُ جي هنج ۾ وڃي آرامي ٿيو، اڄ اسان هند ۽ سنڌ واسي کيس ياد ڪريون ٿا، مٿس لفظن جي گلابن جي ورکا ڪيون ٿا ۽ پنهنجي نسلن ڏانهن، هي قومي ورثو منتقل ڪريون ٿا، ان اميد سان ته اسان جو پويون نسل سنڌ جي عظيم روايتن جي پاسداري ڪندي، پنهنجي هيروز، عالمن، اڪابرن، ڏاهن، ڏات ڌڻين، شاعرن ۽ اديبن کي مڃتا واري موٽ ڏئي کين سدائين ياد ڪندو رهندو. تاجل بيوس جنهن کي اُڀن شاهه جي ٽڪريءَ تي قومي مزاحمتي شاعريءَ پڙهڻ تي سائين جي ايم سيد ڀاڪر ڀري ڳراٽڙي پائي شاباس ڏني هئي، سچ ته تاجل بيوس پنهنجي سموري ڄمار ۾ سائين جي ايم سيد جي پاتل ان ڀاڪر مان ٻاهر نه نڪري سگهيو. هن گيت، غزل، نظم، آزاد نظم، نثري نظم، ڪافيون، وايون، ترائيل، ڪهاڻيون، سفرناما، خط، اڀياس، مهاڳ، پروفائيل، خاڪا، فلمي اسڪرپٽ لکي سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ لفظن جا واهڙ وهائي ڇڏيا، اسان جو تاجل بيوس وس واري سماجي حيثيت ۾ هجڻ باوجود پاڻ کي بيوس سڏائي جيڪو مان ۽ مريادا ماڻي آهي، اسان کي اهڙي حاصلات تي نهايت ئي سرهائي رهي آهي، ۽ سدائين رهندي. تاجل چوٿين ڊسمبر ۲۰۰۸ع ۾ نصير سومري جي ڪتاب ”جلتي ڪنول جئين جي مهورتي تقريب ۾ ڳالهائيندي، فالج جي حملي جو شڪار ٿي پيو کيس ترت ئي جناح اسپتال آندو ويو پر کيس ڪو به فائدو ڪو نه ٿيو ان کانپوءِ کيس لياقت نيشنل اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي آئون رکيل مورائي گڏجي کانئس طبيعت پڇڻ لاءِ ويا هئاسين، کيس ڏٺو هو ۽ سندس هٿن تي هٿ رکيا هئا، ۱۳ ڊسمبر تي هن جي لاڏاڻي جي خبر آئي، چپيل سن سٽي ڀرسان واري گهر تي سندس تڏي تي پهچي سندس آخري سفر ۾ ڪلهي ڪانڌي ٿي، چوڪنڊي قبرستان ۾ کيس مٽيءَ ماءُ حوالي ڪري آياسين، جنهن جاءِ تي کيس لحد ۾ لاٿو ويو، اها جاءِ مهينو کن اڳ تاجل دوستن کي ڏيکاري آيو هئو. سڀاڻي ڌرتيءَ جي شاعر تاجل بيوس جي اٺين ورسي ملهائي ويندي. ديس جي بيروزگار ماڻھوءَ جو درد ڊاڪٽر عزيز ٽالپر ڏاڍو شوق هئم ته ڪو وڏو ڪامورو ٿيان. ڪو ايس پي يا ڊي سي ٿيان. منهنجي اڳيان پٺيان پوليس جون موبائلون هجن. پر نصيب اهڙو ڦٽل، جو پٽيوالي به ڪانه ملي. وري دعا گهريم ته ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جي گهران شادي ٿئي ته ڏاج ۾ ڪا ڊگهي ڪار ۽ وڏو بنگلو ملي. کوٽ ٽوٽ ۾ زال کي موڪليان ته پڻس کان ٻه ٽي لک ڦري اچي. فليٽ، بنگلا ۽ پراپرٽيون ملن. پر نصيب خراب! بُکين ۾ شادي ٿي. ماسيءَ ناٿيءَ نانگڻ جي ڇتي ڌيءَ طوطن ماءُ اهڙي مٿي ۾ لڳي، جو اصل جنم ٽيپ اچي وئي. اباڻي ملڪيت ۾ به نه ڪو باغ مليو، نه ٻني، نه هوٽل، نه دڪان، نه ٽريڪٽر، نه ٿريشر، نه پلنگ، نه پينگهو. ملڪيت اها ملي جو هڪ ڪکائون ڀونگو، منڊڙي گڏهه، ڦلي ڪڪڙ، ڀونڪڻي ڪتي گلرن سميت، مَٽ، دِلو، دانگي، ديڳڙي ۽ ٻيا ابا جا کنيل سيٺين جا قرض ورثي ۾ مليا. هل ڙي نصيب تنهنجون ڦٽاڻيون! ٻيو ته ڪجهه ڪونه مليو، باقي الله جي مهربانيءَ سان مونکي عقل جام مليو. دماغ جي دٻليءَ ۾ عقل جون اهڙيون ويرون پيون لهن چڙهن، جو ڄڻ ته ڪينجهر ٿي اٿلي. مون سي اين جي گئس جي سلينڊر وانگر دماغ جي دٻليءَ تي ميٽر هڻائي ڇڏيو، جيئن ٿورو ٿورو ڪري کپايان. باقي عقل جا ڀريل ڀانڊا ڏکئي وقت لاءِ بچائي رکان. مٿان اليڪشن جو اعلان ٿيو. اسانجو ڳوٺ کورواهه جي ڀرسان اهڙي هنڌ هو، جتي بدين، سجاول ۽ ٽنڊي محمد خان جون حدون اچي ٿي مليون. منهنجو ڀونگو ضلعي بدين ۾ ٿي آيو. مون تپيدار تنون تپاڻي سان ڏي وٺ ڪرائي ضلعي بدين جو شناختي ڪارڊ ٺهرائي ورتو. وري ڀونگو پٽي، سجاول جي حد ۾ هڻي، سجاول مان ٻيو شناختي ڪارڊ ٺهرايم. وري اتان ڀونگو پٽي ٽنڊي محمد خان جي حد ۾ هڻي ٽيون شناختي ڪارڊ ٺهرايم ۽ ٽنهي ضلعن جي ووٽر لسٽن ۾ پنهنجو ۽ طوطن ماءُ جو نالو درج ڪرائي ڇڏيم. اليڪشن ويجهي آئي ته ڀوتار ميدان ۾ لهي ويا. چئو طرف اٽي، لٽي ۽ اجهي جا اعلان هجن. نعرن جي ڌم لڳي پئي هجي. ووٽ وٺڻ لاءِ ايلاز، هٿ جوڙ ۽ منٿ ميڙ جا ٺڪاءُ هجن. مون کڻي بوسڪيءَ جو پٽڪو ٻڌو ۽ مڇون وٽيون. منهنجي ائين پئي لانگ لڳي، جهڙوڪر ڪي ٻه ٽي هزار ووٽ منهنجي کيسي ۾ پيا هجن. جڏهن ته اها پڪ هيم ته شل طوطن ماءُ به منهنجي چوڻ تي ووٽ ڏي. هڪڙي ڀوتار مون کي ڳراٽڙي پائي چيو ته تو واري برادريءَ جا ووٽ مونکي ڏيار ته توکي ڀانڊو ڪڻڪ جو ڀري ڏيان، ست کوڙيون سارين جون اڱڻ تي راڳائي ڏيان، سئو تاڪيا زناني ۽ مرداني ڪپڙي جا وٺي ڏيان ۽ ستن ڪمرن وارو پڪو گهر ٺهرائي ڏيان. معنيٰ ته مڪمل اٽو، لٽو ۽ اجهو. ٻئي ڀوتار وري مختيارڪار جي نوڪريءَ جو آسرو ڏنو. ٽئي ڀوتار وري طوطن ماءُ لاءِ انڪم سپورٽ جو ڪارڊ ۽ پوليو جا ڦڙا پيارڻ واري نوڪري ڏيارڻ جو پڪو واعدو ڪيو. آئون به ليکي تي لڳي ويس. اليڪشن واري ڏينهن بديڻن واري ڀوتار ٽوٽي خان کي صبح ساڻ ووٽ ڏنم، منجهند جو سجاول واري ڀوتار سونٽي خان کي ووٽ ڏنم ۽ شام جو ٽنڊي محمد خان واري ڀوتار کوٽي خان کي ووٽ ڏيئي، سندن بنگلن تي حاضري ڀري، مارڪون ٺاهي آيس. اليڪشن کانپوءِ ٽيئي ڀوتار ائين روپوش ٿي ويا، جهڙو ڪنهن خون ۽ ڌاڙي جا جوابدار هجن. منهنجا انهن جي بنگلن تي پنڌ هجن، ڀوتار ملن ئي نه. قصو ڪوتاهه، مونکي نه اٽو مليو، نه لٽو، نه اجهو، نه انڪم سپورٽ ڪارڊ، نه ڪا نوڪري. ڏک ۾ منهنجو منهن اهڙو ٿي ويو، جهڙو ڪنيءَ ۾ رڌل ڪو بِهه هجي. بيروزگاري جي ڪري گهر ۾ عزت ٽڪي جي به ڪانه رهي. طوطن ماءُ صفا هوش مان نڪري ويئي. ڏنئورن تي ڏوئي، ٽڪڻ تي ٽڦڻي ۽ سٿرن تي سئونٽي روز جو معمول بنجي ويئي. حالتون اهڙيون خراب ٿي ويون، جو پاڻ واري گورنر وانگي رات ڏينهن وينٽيليٽر تي پيو هئس. پوءِ مون پنهنجي دماغ جي دٻليءَ جو ميٽر فُل کولي ڇڏيو. پنهنجي ڏک، پيڙاءُ ۽ محروميءَ کي ڪاوڙ ۽ جوش ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. مون ڀوتارن خلاف شاعرين جا دفتر ڀري ڇڏيا. جتي به جنهنجو به ڪو سيمينار، ڪو ميڙاڪو، ڪا شام، ڪا مهورت، ڪا ڪانفرنس يا ڪو جلسو ڏسان ته وڃيو ڪڙڪو ڪريان. وي آءِ پي گنج ۽ ڍڳي جيڏيون اکيون ڏيکاريندڙ نائين نمبر جي عينڪ جي ڪري همراهه مونکي ڪو عالم، اسڪالر، اڪابر سمجهيو کڻيو اسٽيج تي ويهارين ۽ تقرير ڪرائين. تقرير ڪرڻ کان اڳ آئون فل ڪاوڙ ۽ جوش ۾ اچي، مڇون ڦڙڪايان. تتر وانگر رڦان ۽ تپي اهڙو ڳاڙهو ٿيو وڃان، جهڙو سرهاڙيءَ جي سانڊي کي ڇوڪرن پٿر هنيا هجن. ڀوتارن جي خلاف اهڙي جوشيلي ۽ دونهيدار تقرير ڪريان جو ايڪو سائونڊ وارا لائوڊ ٻه اڌ ۽ ڊائيس مڪن سان چار ٽڪر ٿيو وڃي. هڪ دفعي خبر پئي ته ڀوتارن جو سردار بديڻن ۾ ٿو اچي. سو صبح سوير ڍوڍو ۽ بصر جي ڳنڍ ٻڌي آئون وڃي بديڻن پهتس. شاهنواز چوڪ تي مون اچي گوڙ ڪيو. چيم ته آئون ۱۹۷۱ع کان وٺي اهڙو بدنصيب جيالو آهيان، جنهن کي نه اٽو مليو، نه لٽو مليو، نه اجهو مليو، نه نوڪري ملي. ٻيو ته ٺهيو طوطن ماءُ کي به نه انڪم سپورٽ ڪارڊ مليو، نه پوليو جا ڦڙا پيارڻ واري نوڪري! ابا منهنجي گوڙ تي صاحب سڌو مون ڏانهن هليو آيو ۽ منهنجي آواز بند ڪرڻ لاءِ منهنجي منهن ۾ هٿ وڌائين. هڪ پاسي آڱوٺو، ٻئي پاسي چار آڱريون، اهڙي چپ ڏنائين جو زبان ٻاهر نڪري آئي ۽ اکين جا دوڏا نڪري آيا. ذري گهٽ ساهه ٿي نڪتم. منهنجي وات مان گڦ وهڻ لڳي ته اهڙي زور سان جهٽڪو ڏيئي هٿ ڪڍيائين جو منهنجي مڻڪي مان ٺڪاءُ نڪتا. پوءِ چيائين: ”گوڙ نه ڪر! ڊسٽرب نه ڪر! ڪراچي اچ ته توکي نوڪري ٿا ڏيون.“ اهو ٻڌي آئون ٺري پيس، مون صبر سان سڀني ڀوتارن جون ٿرڊ ڪلاس تقريرون ٻڌي فرسٽ ڪلاس تاڙيون وڄايون. ورندي ڏينهن مون پنهنجا ٻه ٽي ڀلوڙ گلر اڌ موڙيءَ ۾ وڪڻي، ڀاڙو هٿ ڪيو ۽ وڃي ڪراچي پهتس. دل ۾ خوش ته ڄاڻ مختيارڪار ٿي ٿو موٽان ۽ ماڻهن جي زمين جي کاتن ۾ ٿو ٽاڪوڙا وجهان. پر ادا نصيب ڦٽل! خبر پئي ته صاحب اسلام آباد ويل آهي. مون وٺي گوڙ ڪيو. صاحب جو صلاحڪار ڪو ڪانگ ماڻهو، تنهن ڏٺو ته طوطن پيءَ هاڻي ماڳهين اڳڙي ٿو کڻي. سو مونکي ڳراٽڙي پائي، آفيس ۾ وٺي ويو. کير پتي چانهه، نان خطايون ۽ کارا بسڪيٽ کارائي اسلام آباد لاءِ جهاز جو ٽڪيٽ، فائيو اسٽار هوٽل ۾ رهائش جو ليٽر ۽ پنج هزار خرچ جا کيسي مان ڏيئي روانو ڪيائين. آئون پنهنجي هڙ ڪلهي تي رکي ايئرپورٽ آيس. جهاز ۾ ڪجهه ليٽ هئي، سو لائونج ۾ ويهي رهيس، اتي پيل اخبارون پڙهيم ته ڇرڪ ڀري اٿيس. لکيل هو ته اسان واري ايئر لائين وارن ٻن انجڻ واري جهازن جي هڪ انجڻ خراب هوندي آهي ته هڪ انجڻ تي جهاز اڏاريندا آهن. جنهن جو گيئر باڪس به اهڙو خراب هوندو آهي، جو ٽاپ گيئر هڻبو آهي ته ريورس گيئر لڳي ويندو آهي، جيستائين انجڻ هلي، جتي به انجڻ خراب ٿئي ته اتي جهاز وڃيو ڦهڪو ڪري. باهه جا شعلا! هڙ مسافر چٽ! اهو پڙهي مون سوچيو ته مون وارو جهاز به جي ڪري ٿو ته آئون جيئرو سڙي ويندس. سو مون جهاز جي سفر تان ئي هٿ کنيو. ٽڪيٽ اڌ قيمت ۾ وڪڻي، آئون چنگچي ڪرائي تي ڪري آيس اسلام آباد. چاليهين ڏينهن پهتس. اسلام آباد ۾ خبر پئي ته صاحب واپس ڪراچي هليو ويو آهي. شام ٿي وئي. آئون پڇائون ڪري وڃي بڪنگ واري فائيو اسٽار هوٽل تي پهتس. مئنيجر صاحب ڪونه هو، سو آئون لائونج ۾ ويهي اخبار پڙهڻ لڳس. اهو پڙهي منهنجا وار اڀا ٿي ويا ته وڏين هوٽلن ۾ نه باهه وسائڻ جو انتظام آهي، نه ڀڄي ساهه بچائڻ لاءِ ڪو ايمرجنسي گيٽ آهي. ڪراچيءَ جي هڪ وڏي هوٽل ۾ به باهه لڳڻ ڪري پنج سينئر ڊاڪٽر، ٻه نرسون ۽ ڪئين ماڻهو سڙي ڪوئلو ٿي ويا. اهو پڙهي مون هوٽل جي ڪمري ۾ رهڻ تان هٿ کنيو. هيٺ لان ۾ پاڻي جي ٽانڪيءَ مٿان، جُتي سيرانديءَ ڏيئي، هڙ مان رلي ڪڍي، اوڍي سمهي رهيس. وڏي فجر جو مونکي محسوس ٿيو ته ڪو جيئرو وجود منهنجي رليءَ ۾ گهڙي آيو آهي، ننڊ ۾ مون ڀانيو ته آئون پنهنجي گهر ۾ ستل آهيان ۽ طوطن ماءُ، طوطن کي سمهاري، اچي ستي آهي. نيٺ صبح ٿيو، سج نڪتو، مونکي محسوس ٿيو ته ڪير منهنجو منهن پيو چٽي. آئون جاڳي پيس، ڏسان کڻي ته مون سان گڏ طوطن ماءُ نه پر هڪ گلر ستو پيو آهي. مون کيس سيءَ کان بچايو هو، ان ڪري پيار مان، مونکي پنهنجي ماءُ سمجهي منهن پيو چٽي. سامهون ڏسان ته اسان ٻنهي تي ڪئين ڪئميرائون فوڪس ٿيون پيون آهن. خبر پئي ته انهيءَ هوٽل ۾ اڄ جانورن جي حقن جي باري ۾ انٽرنيشنل ڪانفرنس ٿيڻ واري آهي. ان ڪري سڄي دنيا جا اسڪالر لٿل آهن، ان جي ڪوريج لاءِ نيشنل ۽ انٽرنيشنل ميڊيا به پهتل آهي. تن صبح ساڻ گلر جهڙي مسڪين جانور جي زندگي بچائڻ لاءِ اسانجو منظر ڏٺو ته اهڙو فلمايائون، جو سڄي دنيا جي ٽيوين ۽ فيس بڪ تي آئون ڇانيل هجان. ڪانفرنس جا منتظمين اهڙا متاثر ٿيا جو مونکي ڪانفرنس جي خاص مهمان جي دعوت ڏيئي ويا. پنهنجي اهڙي لئه ڏسي دل ۾ چيم ته چڱو ٿيو، جو مونکي جاڳ ڪانه ٿي، نه ته هن گلر کي آئون لٺيون هڻي ڊوڙائي ڪڍان ها ۽ پوءِ مون واري، اڄوڪي لئه ڌوڙ ٿي وڃي ها. پوءِ ته آئون به گلر کي سچ پچ ڀانئڻ لڳس، کيس کير پياريم، چڪن تڪا، پيزا، ٻوٽي ڪباب ۽ گلاب جامن کارايم. گلر به ڪو ڏينهن کان بکايل هو، سو هڙ چٽ ڪري ويو. خوشي ۾ پڇ پيو لوڏي. نيٺ گلر سميت وڃي ڪانفرنس هال ۾ پهتس. تاڙيون وڄائي منهنجو شاندار استقبال ڪيو ويو. سڄي دنيا جي اسڪالرن جانورن جي حقن جي باري ۾ ڳالهايو. آخر ۾ آئون تقرير لاءِ اٿيس ته سڄو پنڊال اٿي بيٺو ۽ تاڙيون وڄائڻ لڳو. مون تقرير شروع ڪئي. چيم: آئون بيروزگار ماڻهو آهيان ۽ درد وندي ديس سنڌ مان آيو آهيان. سڄي دنيا جي ملڪن ۾ جييترا جانورن کي حق مليل آهن، ايترا منهنجي ديس جي ماڻهن کي مليل ناهن. منهنجي ديس ۾ محمد راهمون جهڙا بزرگ کنڀيا وڃن ٿا ۽ نذير بگٽي جهڙا جوان ڪٺا وڃن ٿا، منهنجي ديس ۾ فضيلائون هميشه لاءِ اغوا ٿي وڃن ٿيون، منهنجي ديس ۾ سنڌو، ڪائنات ۽ درشنا بجير جهڙيون نياڻيون لڄالٽ جو شڪار ٿين ٿيون. منهنجي ديس ۾ تيرهن چوڏهن سالن جون نياڻيون پئسن عيوض وڪرو ڪري ستر اسي سالن جي پوڙهن سان پرڻايون وڃن ٿيون. منهنجي ديس ۾ مينهن جي قيمت ٻه لک روپيا آهي پر منهنجين گلاب جي گلن جهڙين نياڻين، حوا جي ڌيئرن جو ملهه چاليهه هزار روپيا آهي. اهو چئي آئون وڌيڪ ڳالهائي نه سگهيس، زارو قطار ڍڍڪيون ڏيئي روئڻ لڳس ۽ روئندو روئندو هال مان ٻاهر نڪري آيس. جڏهن پنهنجي ديس پهتس ته نئين اليڪشن جون سرگرميون شروع هيون. ڀوتارن اٽي، لٽي ۽ اجهي جا آسمان ڏاريندڙ اعلان پئي ڪيا. مون پنهنجن ٻنهي ڪنن ۾ ڪپهه وجهي ڇڏي، ان ڪري جو اهي سکڻا اعلان ۽ ڪوڙا ڏٽا گذريل ۴۵ سالن کان ٻڌندو پيو اچان. تاجل بيوس تاج محمد سمون- هڪ مقبولِ عام عوامي شاعر احمد علي صابر چانڊيو هڪ غريب محمد جعفر سمون جي گهر ۾ جڏهن تاج محمد سمون ڄائو اها شام ۲۲ سيپٽمبر ۱۹۳۸ع جي گرم شام هئي. محمد جعفر لاءِ پٽ جي آمد تي سرهائي ته هئي پر سڀ ڏک اچي ڄڻ گڏ ٿيا هئس، لبڙن تي مرڪ ۽ اکين ۾ وري لڙڪ هئا، انگريز سرڪار جو ڪٺور دؤر هئو. هڪ طرف هيمون ڪالاڻي ٻئي طرف ڀڳت سنگهه آزاديءَ جا ورلاپ ورائي رهيا هئا. ڪي غدار ۽ غاصب وري سامراجيت جا ڀرجهلا هئا. ڌرتيءَ تي آزاديءَ جي گهڻگهرن کي قيد ڪيو ٿي ويو. افراتفريءَ جو عالم هئو، گهر ۾ چار داڻا به ڪين هئا جو کڻي ڇٺيءَ تي مائٽن ۾ ورهائجن. تاج محمد سمون (تاجل بيوس) ڄڻ غريب والدين جي الجهن جو سبب بنيل هئو. امان پناهه خاتون، ٻالڪ جي مٿي تي هٿ ڦيري چوندي هئي ته هي اسان جي سکن جو ڪارڻ بڻجندو، هن ڪري مان سنڌ ڌرتيءَ تي سڃاتي ويندس. پير حيات شاهه جو ڳوٺ سوڀوديري ضلعي خيرپور ۾ هئو، جتي تاجل بيوس جا وڏڙا ڪرت ڪري پيٽ جو پورائو ڪندا هئا. تاجل ٻالڪپڻي کان وٺي هوشيار هئو، هن ۾ قدرت ڪا خاص مڻيا ڀري هئي. هڪ طرف ڌرتيءَ جو سھڻو شاعر هئو، ٻئي طرف اقتصاديات ۾ ماسٽر ڪيائين ۽ ٽئين طرف جڏهن کيس سنڌ جي ناميارن فنڪارن جو ڳايو ته تاجل جو نانءٌ ڪنجهي جي ٿانءَ وانگر وڄڻ لڳو هئو. ”سنڌ منھنجي امان تنھنجي سونھن مٿان ڇا لکي ڇا لکان.“ جڏهن سنڌ ڌرتيءَ جي ٻھڳڻي فنڪاره عابده پروين جي آواز ۽ مور فقير جي آواز ۾ گونجيو ته ڌرتيءَ تي تاجل جي نانءَ جي هٻڪار ڦھلجي وئي. امان پناهه خاتون پنھنجي سھيلين جي وچ ۾ ويھي تاج جي واکاڻ ڪندي هئي ته تاجل هاڻي انگريزي ماستر بنجي ويو اٿم ڏک سور لھي ويا، سک هاڻي اچي ڀيڙا ٿيا آهن. وقت کيس هٿ ۾ ٻٻر جي لٺ ڏئي مال چارايو پر الله جي مھر سان منھنجو تاجل هڪ وڏو شاعر بنجي ويو آهي. مايون جڏهن مونکي ڏسن ٿيون ته چون ٿيون تاجل جي امڙ ٿي وڃي! جڏهن تاجل اڃان اٺن نون سالن جو مس ٿيو هئو ته سندس جو والد لاڏاڻو ڪري ويو هئو. هڪ طرف گهرو اخراجات ٻئي طرف يتيميءَ وارو دؤر، ٽئين طرف تعليمي ويچار، هنن غريبن جون وايون ئي منجهي ويون هيون. اهڙين حالتن ۾ تاجل بيوس ڪيئن پڙهيو هوندو. ملازمت ڪيئن حاصل ڪئي هوندي، ڀائرن ۽ ڀينرن سان يا مٽن مائٽن سان ڪھڙيءَ ريت نڀايو هوندو. ۽ جڏهن ان غريب گهراڻي جو فرد ملازمت ٿو ماڻي ته واقعي ان جي ماتا مرڪي اٿي هوندي. تاجل بيوس کي ”مٽيءَ جو ماڻھو“ به سڏيو ويندو هئو ۽ کيس مِٽيءَ جو رنگ به بيحد پسند هوس. گيت ته مٽيءَ لاءِ لکيائين. امان پناهه خاتون ۵۵ سال تائين پٽ جي مھر مروت جو پاڇولو بني. تاجل بيوس، مون وانگر غريب گهراڻي ۾ جنم ورتو ۽ دنيا جو سئر ڪيو، ڪڏهن جاپان ته ڪڏهن هانگ ڪانگ، ڪڏهن ٿائيلينڊ ته ڪڏهن آمريڪا ۽ جرمني ٿي واسيائين. ڀارت جا پڻ چڪر ڪاٽي آيو هئو. ترقي مٿي ترقي ماڻيائين، رجسٽرار آف ڪمپنيز تائين پھتو. ان دوران منھنجي ملاقات اسلام آباد ۾ ٿي هئي. هڪ حادثي ۾ کيس ڄنگهه ۾ ڌڪ لڳو هئس جو لنڱائي ٿي هليو. مان پنھنجي پھرين ڪتاب جو تحفو کيس ڏنو. ايتري ته پيار سان مليوجو مان پاڻ کي هڪ لڱا ته گهڻو ڀاڳ ڀليرو ڀائڻ لڳو هوس، ايڏي نالي واري انسان مونکي دوست ڪوٺيو هئو. شھدادڪوٽ سان کيس گهڻو پيار هئو. سندس دوستي منھنجي مائٽن سان هوندي هئي. مونکي ڏاڍو ڀائڻ لڳو هئو. ۲۰۰۷ع جي سرد راتين ۾ استاد پيرل جي ورسيءَ تي مونکي ايوارڊ به ڏنائين ۽ چيائين ته ايندڙ ڪتاب ”ڪاڪَ ڪڪوريءَ آءُ“ جي مھورت ۾ مان پاڻ ايندس. پر افسوس جو کيس ۲۴ تاريخ کان اڳ ۾ ئي هن فاني دنيا کي ڇڏڻو پيس. تاجل بيوس کي سنڌ ڌرتيءَ سان پيار هئو ۽ ڌرتي ڌڻي به هن سان پيار ڪندا هئا. تاجل بيوس کي سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن پاران ۱۹۸۳ع ۾ گولڊ ميڊل، پاڪستان رائيٽرز گلڊ طرفان فرسٽ پرائيز به ان ئي سال مليو. جڏهن ته نارائڻ شيام ايوارڊ “Award of Great Poet” ۱۹۹۴ع ۾ مليو، نه صرف ايترو بلڪ کيس ڪينجهر ايوارڊ، سلور جوبلي جشن ۾ سگا طرفان ۱۹۹۷ع ۾ گولڊ ميڊل به مليو. تاجل بيوس تي لطيفي رنگ چڙهيل هئو. هن وٽ ڏات جا خزانا هئا. تاجل بيوس جو نالو سنڌ ۽ هند جي سنڌين لاءِ ڪو نئون ۽ اوپرو ڪينھي، تاجل بيوس هڪ مڻيادار ۽ محبتي انسان هئو. سندس جا ڪيترائي مجموعه لئبريرين جي سونھن بڻيا پر هڪ بھترين ڪتاب ”ڏوريان، ڏوريان مَ لھان“ جيڪو سندس جي ۹-مجموعن کي گڏائي ترتيب ڏئي سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سھڪار سان تاجل بيوس اڪيڊمي ڇپرايو جنھن ۾ ۱۹۸۳ع کان ۱۹۹۷ع تائين جي ڪيل شاعري شامل ڪئي وئي آهي تن ڪتابن کي گڏائي ”ڏوريان ڏوريان مَ لھان“ جي صورت ڏني وئي تن ڪتابن ۾ ”صحرا ستر جن“، ”تنھنجا نيڻ غزل“، ”ڪنڌيءَ اڪ ڦلھاريا“، ”ڪنڌيءَ ڪونئر ترن“، ”ڪاڇي مٿان ڪونج“، ”جڏهن ڀون بڻي“، ”سرجيندڙ ساڻيھه جا“، ”سنڌ منھنجي امان“ ۽ ”انبن جهليو ٻُورُ“ شامل آهن. تاجل جا ٻيا به ڪيترا ئي ڪتاب اچڻ جي انتظار ۾ آهن جن ۾ ”شاهه جي ٿر جي تاريخ“، ”ليمان انب انجير“، ”ڀرين کان ڀوپال“، ”شاهه جي شاعريءَ جو تاريخي پسمنظر“، ”چاسر کان چوراسي تائين“، ”مائي مرادان (ڪھاڻيون)“، ”چپ انجيل جي حاشين جھڙا (ترائيل)“، سونھن نگر جا سرجڻھار (مھاڳ) ۽ آريجن کان الھاس نگر (خط) وغيره. تاجل، لطيف جي لطافت جو ڄاڻو هئو، هند ۽ سنڌجي اديبن جو دلدار ٻھڳڻو شاعر هو، اکيون لال ڪنواريون ڏٺيون ڪنھن نه هونديون، اوهان جي اولاريون ڏٺيون ڪنھن نه هونديون. انعام شيخ، کيس لفطنجو لڄپال شاعر ڪوٺيو آهي. واقعي تاجل بيوس اکرن ۽ لفظن کي ساهه بخشيو آهي. تاجل بيوس جي شاعري ڪا عام رواجي ٻولي ڪانھي، هن جي ٻولي مٿئين طبقي جي سوچ جا پيرا کڻندڙ ٻولي آهي. لطيف، سامي، سچل، استاد ۽ اياز کان پوءِ بيوس ئي آهي جو ان صف ۾ بيھي ٿو. تاجل هڪ مٺڙو انسان، سٻاجهڙو ۽ مروت جھڙو ماڻھو هئو، هن تي سنڌ فخر ڪندي. تاجل کي سندس جي الفاظن جي درسني ۾ پرکڻ گهرجي؛ ڦٽن گاهه پيا ڦوڳ ڦولارجن وڄون ڪَنِ جي وسڪا ته ڀونگا ڀِڄن، بنا انگ اوڇڻ ڊَڀن جي مٿان، ڪري ٻانھه ٻيڻي سڀاڳيون سمھن. تاجل بيوس، شاهه، سچل، سامي، استاد، اياز وانگر ڌرتيءَ تي مرتبو ماڻي چڪو آهي. سنڌ ڌرتيءَ جي قدآور شخصيت طور سامھون آيو آهي. فن ۽ فڪر جي ماٿر تي مڃتا ماڻي چڪو آهي. تاجل ۶۹ سالن ۾ ۸ سال ٻالڪپڻيءَ ۾ گهاريا، ۸ سال نڌڻڪائپ ۽ يتيميءَ ۾ گهاريا. ۱۲ سال تعليمي جھاد لاءِ ارپيا ۽ باقي گذريل زندگي پيار ۽ پاٻوهه ۾ گهاري. تاجل ڌرتي ۽ انسان سان پيار ڪندڙ هئو. تاجل جو قد ڏات جي ڏيھه ۾ تمام اوچو آهي، صديون گذرنديون پر تاجل جي مڃتا کي زنگ ڪين لڳندو. هو پرکنا ماٿر جو شاهوڪار سرجڻھار ۽ مانائتو فلسفي قرار پائيندو رهندو، هن زندگيءَ جي وهڪري ۾ هزارين ڏک ڏٺا پر سڀ جا سڀ سور وساري پيار ورهائڻ لڳندو هئو. سندس چھري تي هر وقت تبسم جي لھر ڊُڪ ۽ ڊوڙ پائيندي رهندي هئي. مان کيس ٻه لڙڪ اکين ۾ تڏهن ڏٺا جڏهن سندس جي جگر جو ٽڪر ٻالڪپڻيءَ ۾ هن کان موڪلايو هئو ۽ جڏهن سنڌين جي وسندي ڌارين هٿان ڊاٿي وئي هئي. تاجل بيوس کي ڌرتيءَ جو جهوراڻو ته هيو پر ڌرتيءَ جي مٿان بدتھذيبي ۽ ڏوجهرا کيس گهاوَ ڏيندڙ هئا. هن کي ماءُ ۽ پٽ جو وڇوڙو به ڏاڍو ستائيندو هئو. هن جو مقصد ڌرتيءَ ۽ انسانيت سان پيار ڪرڻ هئو، هو ڌرتيءَ تي انسان کي ڌوڪيبازن جو غلام ڏسڻ پسند ڪين ڪندو هئو. هن کي ظلم ۽ ڏاڍ کان نفرت هوندي هئي، هو محبتي انسان هئو ۽ اهڙي طرح تاجل بيوس، بيوسيءَ جي لوئي لاهي امرتا جو لباس اوڙهي ڇڏيو. ديس ڌڻيءَ کي جيءُ جيءُ هردم، دشمن سِرَ تي ڀالو رکجانءِ، مان جوڙ جُڳن ۾ رهندس سائين مون لئه نيڻ نه آلو رکجانءِ، ڀل ته گذرن صديون صابر پنھنجو يار حوالو رکجانءِ. تاجل بيوس سنڌ جي سونهن جا گيت لکندڙ جي ورسي اسد رڏ سنڌ ثقافتي تنظيم سنڌ پاران خيرپور جي ڳوٺ مٺڙي ۾، ناليواري اديب، شاعر تاجل بيوس جي اٺين ورسي ملهائي وئي. جنهن صحافين سميت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، انهي موقعي تي تاجل بيوس جي ڪتاب ”سنڌ جي تاريخ جو ڪيڏارو“ جي مهورت پڻ ڪئي وئي. ورسي تقريب جي صدارت ريڊيو پاڪستان خيرپور اسٽيشن جي ڊائريڪٽر سيد اڪبر شاهه ڪئي، جڏهن پروفيسر ساجد سومرو، پروفيسر شاهه محمد لهراڻي ۽ اختر درگاهي مهمان خاص هئا، انهي موقعي تي سنڌ ثقافتي تنظيم سنڌ جي چيرمين ممتاز علي رڏ خطاب ڪندي چيو ته تاجل بيوس سنڌ جو انمول هيرو هيو، هو جيڏو ڀلو شاعر هئو، اوترو ئي ڀلوڙ شخص به هئو، هن جو ڪتاب ”سنڌ جي تاريخ جو ڪيڏارو“ ايندڙ نسلن ۽ تاريخ جي شاگردن لاءَ سنڌي دردناڪ تاريخ بابت رهنمائي ڪندو. تاجل جي قول ۽ فعل ۾ ڪو فرق نه هوندو هو، تاجل وائي ۽ ڪافيءَجو وڏو شاعر هو، تاجل پنهنجي زندگي جو پهريو شعر بزم صوفياءِ سنڌ، سائين جي ايم سيد جي تنظيم جي پهرئين اجلاس ۾ پڙهيو هو، اهو اجلاس ڪوٽڏيجي ۾ واقع اڀن شاهه جي درگاهه جي احاطي ۾ ٿيو هو، جنهن ۾ شيخ اياز، تنوير عباسي، اميد خيرپوري ۽ ٻين اديين شرڪت ڪئي هئي، سيد اڪبر شاهه پنهنجي خطاب ۾ چيو ته تاجل بيوس سنڌي قومي شاعريءَ جي گلدستي جو اهو گل آهي، جنهن جي سدا بهار خوشبوءَ سنڌي قوم جي قومي شعور حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجي حقن جي حاصلات لاءَ جهدوجهد جو درس ڏنو، سنڌ جي هن جديد فڪرجي صوفي شاعر جي شخصيت هڪ همه گير شخصيت آهي، هن جي ادبي پورهئي کانسواءَ سنڌ جي تاريخ اڻ پوري آهي، پورفيسر ساجد سومري پنهنجي خطاب م چيو ته تاجل بيوس عام لوڪن جي دردن سان سلهاڙيل هو، هن جي هر لکڻي سنڌي عام ماڻهن جي اهنجن سورن جو آواز آهي، پروفيسر شاهه محمد خطاب ڪندي چيو ته اسان جو ادبي سخصيتون اسان جو سرمايو آهن، انهن جي ڏنل فڪر ۾ سنڌ جو آجپو آهي. حبدار جاگيراڻيءَ چيو ته تاجل جي زندگي هميشه سنڌي قوم جي لاءِ جاکوڙيندي گذري، هن جو علمي ادبي پورهيو، شاعري توڙي نثر باڪمال آهي، تقريب کي اختر درگاهي، سيد شيراز شاهه، مير صوبيدار سعيد، ذوالفقار بڙدي، مير ساجد رڏ، امجد مهيسر، شازيه سمون ۽ ٻين خطاب ڪيو ۽ آخر ۾ راڳ رنگ جي محفل ٿي گذري. تاجل بيوس سنڌيءَ جو ٻهڳڻو شاعر رکيل مورائي ڪن ڪن شخصن سان پنهنجي ويجهن رشتن جيان جذباتي لڳاءُ ٿيندو آهي، پڪ سان اهڙو ئي جذباتي لڳاءُ منهنجو سائين تاجل بيوس سان هئو، تڏهن کان جڏهن سندس پهريون شاعراڻو ڪتاب ”جڏهن ڀونءِ بڻي“ ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو هُئو ۽ مون پيار سان پڙهيو هُئو. ان کانپوءِ سندس ڪيترائي شاعراڻا ڪتاب آيا، ساڳئي وقت سندس ڪيترا ئي نثراڻا ڪتاب پڻ الڳ الڳ وقتن تي شايع ٿيندا رهيا، جن ۾ سندس چار ڪتاب سفر نامن تي ٻڌل آهن، جيتوڻيڪ سائين تاجل بيوس پنهنجي عُمر ۾ ڪيترائي ٻاهرين ملڪن جا سفر ڪيا پر هن سفر ناما صرف انهن چئين سفرن جا لکيا جيڪي هن هند جي الڳ الڳ شهرن جا ڪيا، جن مان سندس ٻن سفرن ۾ منهنجي پڻ ساڻس شراڪت رهي. ياد رهي ته سندس پهريون سفر ۱۹۹۰ع ۾ مها ڪوي شيخ اياز سان گڏ ٿيو هئو، جيڪو فقط ممبيءَ جي دائري ۾ هئو، جنهن سفر کي هُن”ڏور به اڏوا سپرين“ جي سري هيٺ لکيو ۽ سنڌيڪا اڪيڊميءَ ان کي ڇاپيو. جيئن ته هيءُ سندس پهريون سفر نامو هُئو ان ڪري فطري طور هن ۾ جذبي کان وڌيڪ جذبات جو عمل دخل هُئو، اڄ جڏهن مان انهن سفر نامن بابت ڪجهه لکي رهيو آهيان جن جي ٻن سفرن ۾ مان پاڻ به شامل هوس، ڪوشش ڪندس ته لکڻ جو جذبو سلامت هجي پر جذبات کان پاسي هجان ڇاڪاڻ ته ادب تي لکڻ وقت جذبات جو ڪو به عمل ادب لاءِ ٺيڪ نه آهي. ورهاڱي وقت سنڌي ادب، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي جاتيءَ جو ٻن حصن ۾ ورهائجي وڃڻ هڪ سانحو ته هُئو، پر ادبي دائري ۾ اسان ٻنهي پاسي جي لکندڙن ان سانحي بابت لکڻ وقت ڪجهه جذبات کان ڪم به ورتو آهي، ايئن محسوسڻ کان وڌيڪ اسان ٻوليءَ کان ڪم ورتو آهي ۽ ٻوليءَ جي لفظن ۾ آيل سمورو ڏک اسان انهن لکڻين ۾ اوتيو آهي ۽ هر مسئلي يا معاملي کي پهريون ۽ آخري ڀيرو سمجهي ٽريٽ ڪيو آهي ۽ ايئن هنن سفر نامن ۾ به آهي. خاص طور پهرئين سفر نامي ”ڏور به اوڏا سپرين“ ۾. اهو فطري ان ڪري به آهي يا لڳي ٿو جو سائين تاجل جو اهو هند جو پهريون ڀيرو سفر هُئو ۽ ڪنهن به شخص جو اهڙو سفر جذباتي ئي ٿئي ٿو. ٻيو سبب اهو آهي ته تيستائين هو هند جي تخليقي ادب سان ايترو روشناس پڻ ڪو نه هُئو، هيءُ پهريون ڀيرو هُئو جو سندس ناتو هند جي اديبن سان جڙيو ۽ اتان جو ادب سندس مطالعي هيٺ آيو، نتيجو اهو نڪتو جو ان سفر نامي ”ڏور به اوڏا سپرين“ ۾ ان وقت جي هنڌ جي سنڌي ادب جي گهڻي معلومات نه آهي جنهن ڪري اهو سفر نامو جذبات سان پُر هوندي به گهڻي ادبي ڄاڻ ڏيڻ کان رهجي ويو آهي. هي سفر نامو اهڙو آهي، جنهن سائين تاجل جو هند ۾ هڪ شاعر طور واڌو نثر نيوس طور حلقو ويڪرو ڪيو، خاص طور انهن اديبن/شاعرن ۾ جيڪي جذباتي طور سنڌي ادب کان وڌيڪ سنڌ وطن ڏانهن صادق جذبو رکندڙ هُئا، ۽ واڌو سنڌين جو اهو حصو جن جي سنڌي موسيقيءَ سان دلچسپي هئي، ٻيءَ طرح هيءَ ئي موقعو هُئو جڏهن هند جي لکندڙن جي هڪ چڱي موچاري حصي شخصي سڀاءَ ۽ تعلق کي پڻ گهڻي اهميت ڏني ۽ هر سطح تي انهن جي جذبن جو خيال اسانجي هن سٻاجهي سرجڻهار رکيو، لکڻ ۾ يا عمل ۾. سائين تاجل بيوس جي هن سفر منجهس جيڪا تبديلي آندي اها هيءَ هئي ته هن ادب پڙهڻ ڏانهن وڌيڪ ڌيان ڏنو ۽ خاص طور نثر لکڻ لاءِ منجهس اتساهه پيدا ٿيو. جنهن بعد هن شاعريءَ سان گڏ نثر ڪجهه وڌيڪ لکيو ۽ ان نثر جا ڪتاب پڻ ڇا پيا ويا. ڪيئن به سندس زندگيءَ ۾ هن سفر ۽ ان بابت لکيل سفر نامي گهڻو لاڙو آندو اهو سچ آهي. ائين هند جي هر ياتراتي هن هڪ سفر نامو لکيو. جنهن سان ادبي طور اهو فائدو ٿيو ته سندس ٻئي نمبر سفرنامي ”اديون ڙي اوهان ڇا ڏٺو“ ۾ ڪجهه وڌيڪ ريئلٽي آئي، جنهن مان محسوس ٿيو ته هن ڪجهه وڌيڪ کليل اکين سان ڏٺو ۽ ڪجهه گهٽ جذبات سان محسوس ڪيو، ساڳئي وقت لکڻ ۾ پڻ هن گهڻو احتياط ڪيو ۽ لڳاتار پنهنجي پوين ٻن سفر نامن ”اديون ڙي اوهان ڇا ڏٺو“ ۽”مورتين جو ديس هندستان“ ۾ هو وڌيڪ کان وڌيڪ سنجيده ٿيندو ويو، جنهن سنجيدگيءَ ۾ سندس هند جي ڪتابن پڙهڻ جو به عمل دخل هُئو، ڇاڪاڻ ته انهن جي وڏي حصي ۾ ويچار وڌيڪ، جذبات گهٽ هُئي. پوءِ به مان پنهنجي يقين سان چوان ٿو ته سندس پسند جو ادب/ اديب اهو هُئو جنهن پنهنجي لکڻ/ عمل ۾ سنڌ سان جذباتي لڳاءُ ٿي ڏيکاريو، گنوسامتاڻي، هريش واسواڻي، آنند کيماڻي، لعل پشپ يا پرم اڀيچنداڻي جهڙا ذهين اديب سندس پسندگيءَ کان ٻاهر هُئا جنهن جو اهم سبب ”سنڌ“ لفظ هُئو جيڪو ان ديس جو نالو هُئو جنهن جي هر نسبت کيس عزيز هئي، ان بابت ويچارڻ جي گنجائڻ بنهه گهٽ هُئي، انهيءَ چوڻ/ لکڻ جي شاهديءَ ۾ اهي سڀ شعر آڻي سگهجن ٿا جيڪي هُن پنهنجي هند ۾ رهندڙ علمي، ادبي دوستن بابت لکيا آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن مان ڪجهه جو سنڌي تخليقي/ تحقيقي توڻي تنقيدي ادب ۾ ڪو خاص حصو نه آهي پر جئين ته اهي سنڌي آهن ۽ سنڌ جا ڄاوا آهن ان ڪري ساڻن پيار يا همدردي اوس جاڳي ٿي. جيڪا سنڌ جي هر اديب/ شاعر کي هند ۾ رهندڙ هر اديب/ شاعر لاءِ آهي. تاجل سائين جي سفر نامن ۾ حيرت جي حد تائين ڪنهن به شخص لاءِ نگيٽو / نفي راءِ نه آهي، جيتوڻيڪ جن سفرن ۾ مان ساڻس گڏ هوس انهن ۾ پڻ چڱيون ئي اڻ وڻندڙ ڳالهيون ٿيون جن تي اسان پاڻ ۾ گفتگو ته ڪندا هئاسين پر هُن ڀلمانس لکيڪ مڙني واقعن يا عملن مان ڪو به نفي واقعو / عمل لکت ۾ نه آندو آهي، جن واقعن/عملن کي اڄ به ياد ڪري ذهني تڪليف ٿيندي آهي. اڄ جڏهن انهن واقعن ۽ عملن تي ٻيهر سوچيان ٿو ته باوجود ذهني اذيت جي تاجل بيوس صاحب مونکي شاهه سائينءَ جي هيٺين سٽ جو هڪ هزار پرسينٽ پوئلڳ ٿو لڳي ته: پريان سندي پار جي، مڙئي مٺائي ڪانهي ڪڙائي، چکين جي چيت ڪري ۽ جڏهن ان ويچار سان سندس سفرنامن جو جائزو وٺجي ٿو ته يقين ٿئي ٿو ته هو شخصي طور به وڏو ماڻهو هُئو ۽ ليکڪ طور به وڏو ليکڪ هُئو، ان ڳالهه ۾ ڪنهن به قسم جو شڪ ڪرڻ گناهه آهي، مان پنهنجي لاءِ ائين سمجهان ٿو. ڪيئن به تاجل سائينءَ جا سفر ناما ور-ور ڪري جذباتي ڪيفيتن سان ڀريل آهن، جنهن کان کيس ڪجهه پاسيرو هئڻ گهربو هُئو پر جيئن مون مٿي چيو آهي ته هو ”سنڌ“ ۽ ”سنڌي“ لفظن تان قربان ويندڙ ليکڪ/ شخص هُئو. پر ادب، خاص ڪري سفر نامي جون ٻيون به ڪجهه گهرجون آهن، جن جو پوراءُ ڪرڻ گهرجي ها! ۽ هاڻ هنن سفر نامن کانپوءِ جڏهن اسانجو ڪو به اديب/ شخص هند گهمڻ ويندو ۽ جذبات کان آجو ٿي سفر نامو لکندو ته گهڻو ڪجهه مختلف نظر ايندو. وڏو سچ دنيا جو اهو به آهي ته دربدري جذبات کي گهٽائيندي آهي ته ائيندي به آهي ڇو ته اها حالتن جي آمهون سامهون هوندي آهي، حالتون اڪثر ڪڙاڻ ئي اندر ۾ اوتينديون آهن، اهو تجربو انهن جو وڌيڪ هوندو جن دربدري ڀوڳي آهي. هند جي سنڌين دربدري ڀوڳي آهي ان ڪري هو جذبات کان وڌيڪ سچ جي ويجهو آهن. اسان دربدري ڀوڳي نه آهي ان ڪري جذبات جي ويجهو آهيون اهو منهنجو مشاهدو آهي. تاجل بيوس ھڪ مصور شاعر ابراھيم لاشاري سنڌ جو خوبصورت شاعر ۽ اديب تاجل بيوس جو پروفائل انتهائي منفرد آهي. هن ۲۲ سيپٽمبر ۱۹۳۸ع ڌاري محمد جعفر سمون جي گهر، ڳوٺ پير حيات شاهه تعلقي سوڀيديرو ۾ جنم ورتو، اڃان ٻئي درجي ۾ ئي هو ته سندس والد وفات ڪري ويو ۽ والد جي وڇوڙي کانپوءِ ترت تعليم مان هٿ ڪڍي، ڪلهي تي لٺ کڻي مينهون چارڻ واري ڪرت سان سلهاڙجي ويو. نيٺ سال ۱۹۴۹ع ڌاري پنهنجي ماءُ پناهه خاتون جي چوڻ تي ڌنار واري ڪرت ڇڏي پڙهائي شروع ڪيائين ۽ پوسٽ گريجوئيٽ (اقتصاديات) سنڌ يونيورسٽي مان ڪيائين، پوءِ ترت ٻاهرين ملڪن آمريڪا، جاپان، ٿائيلنڊ مان تعليم جا ڪافي ڪورس ڪري واپس ڏيهه اچي پڙهائڻ واري ڪرت سان سلهاڙجي ويو. تاجل بيوس مسلسل ۸ سالن تائين درس تدريس جي شعبي ۾ وڏي محنت سان پنهنجا فرض سر انجام ڏيندو رهيو، سال ۱۹۶۸ع ڌاري هن هڪ نئين نوڪري ايڪسپورٽ پروموشن بيورو ۾ (اي سي او) جي عهدي انويسٽيگيٽر تي ڪم ڪندو شروع ڪيو. اهڙي ريت، تاجل بيوس کي ان زماني ۾ گڏيل قومن پاران فيلوشپ ملي ۽ هو ٽوڪيو ويو جتان واپس اچي سال ۱۹۷۳ع ڌاري هن فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ناڻي وزارت ۾ ڪارپوريٽ لا اٿارٽي جو اسسٽنٽ چيف بڻجي ويو. ايئن مختلف عهدن تي رهڻ بعد ۲۱ سيپٽمبر سال ۱۹۹۸ع تي رٽائرمينٽ ورتائين. تنهن بعد ڪجهه وقت لاءِ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ وي سي جو صلاحڪار رهيو، جڏهن ته سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر به رهيو. سنڌ ڌرتي جي هن خوبصورت شاعر کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته هن جي شاعري ڇپي گهٽ آهي ۽ ڳائي وڌيڪ وئي آهي، همعصرن شاعرن منجهان شيخ اياز ۽ استاد بخاري کان پوءِ تاجل بيوس جو درجو ٽئين نمبر تي پڻ آهي. کيس شاعري ڪرڻ جو شوق مال چاريندي ئي ٻاراڻي وهي ۾ ٿيو، شاعري جا گر حڪيم استاد فقير الهندي جتوئي جي صحبت ۾ رهندي سکيا، تاجل بيوس علمي، ادبي، ثقافتي ڪچهرين ۾ رهندي صوفياڻي شاعري ۽ عارفاڻا ڪلام ٻڌندي کيس، شاعري ڪرڻ جو شوق جاڳيو، پوءِ ٿورڙي ئي عرصي شاعري جي افق تي تاجل “بيوس” جو نالو اڀري سامهون آيو. سندس شاعري سنڌ جي ڪيترن ئي فنڪارن ڳائي آهي. تاجل بيوس جي شاعري ۾ جديد توڙي قديم صنفن جا رنگ نروار آهن. هن شاعري جي سڀني صنفن ۾ پاڻ ملهايو، جهڙوڪ وايون، بيت، قطعا، گيت، لوڪ گيت، ڪافيون، غزل، آزاد نظم ۽ نثري نظم وغيره. سنڌ جي مهان شاعر شيخ اياز کيس مصور شاعر جي خطاب سان نوازيو هو. تاجل بيوس ڀلوڙ شاعر سان گڏ هڪ مڻيادار ماڻهو، بهترين انسان به هو. سنڌي اديبن ۽ شاعرن جي فهرست ۾ نالو سندس انتهائي احترام سان ورتو ويندو آهي. شاعري کانسواءِ هن نثر ۾ به پاڻ ملهايو. سندس ادبي پورهي تي نظر وجهبي ته هن سنڌي ادب جي جهول ۾ ۴۴ کان به مٿي ڪتاب ڏنا آهن. سندس ادبي ۽ تخليقي پورهئي مان ۳۴ ڪتاب ڇپجي مارڪيٽ ۾ پهتا آهن. تاجل بيوس سنڌي زبان کانسواءِ اردو ۽ انگريزي زبان ۾ پڻ لکيو آهي. کيس شهرت جي آسمان تي پهچائڻ جو وڏو سبب هڪ لکيل گيت “سنڌ منهنجي امان، سونهن تنهنجي مٿان ڇا لکي ڇا لکان” آهي، جيڪو ڪلاسيڪل فنڪاره عابده پروين ڳايو آهي. سندس شاعري جو پهريون مجموعو “جڏهن ڀونءِ بڻي” سال ۱۹۸۲ع ڌاري ڇپجي پڌرو ٿيو. ان کانسواءِ سندس اردو شاعري جو مجموعو “انداز بيان اور” به ڇپيل آهي. ان ڪتاب جو مهاڳ اردو زبان جي بهترين شاعر ۽ ادب جو پارکو محسن ڀوپالي لکيو آهي. ان کانسواءِ انبن جهليو ٻور (شاعري)، سرجيندڙ ساڻيهه جا (شاعري)، ڪنڌيءَ ڪنئور ترن (شاعري)، ڪنڌيءَ اڪ ڦلاريا (شاعري)، تاجل جو رسالو (شاعري)، سرخ گلابون ڪي موسم (شاعري)، ڏوريان ڏوريان م لهان (۹ شعري مجموعا گڏ)، تنهنجا نيڻ غزل (هڪ سئو غزل)، چپ انجيل جي حاشين جهڙا (هڪ سئو غزل)، ڪاڇي مٿان ڪونج (نثري نظم)، ڏور به اوڏا سپرين (سفرنامو)، آريجن کان الهاس نگر، پکي ساڳئي پار جا، سون سريکا چارسن، صحرا ستر جن، ڏک سکن جي سونهن، سج چنڊ ڪتيون تارا ۽ ان کان سواءِ هڪ ڪتاب انگريزي شاعري جي مختصر تاريخ نالي به ڇپيل اٿس . پنهنجي ادبي پورهي عيوض کان مٿي مڃتا طور ايوارڊن سان نوازيو ويندڙ سنڌ جو هي حساس ۽ ڪومل طبيعت جو شاعر ۴ ڊسمبر جي تي فالج جي حملي ۾ سخت بيمار ٿي پيو ۽ ۱۳ ڊسمبر ۲۰۰۸ع تي دماغ جي رڳ ڦاٽڻ سبب ۷۰ سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. تاجل بيوس جو آخري آرامگاهه ڪراچي جي چوڪنڊي مقام ۾ آهي. اڄ سندس ۱۱ ورسي ملهائي پئي وڃي. هتي تاجل بيوس کي اسين سندس ئي سٽن جي ڀيٽا پيش ڪريون ٿا. سنڌ منهنجي امان. سونهن تنهنجي مٿان ڇا لکي ڇا لکان، ڇا لکي ڇا لکان هڪ قلم هڪڙو مان، ڪيئن پورو پوان ڇا لکي ڇا لکان، ڇا لکي ڇا لکان تاجل بيوس سنڌ جي ثقافتي سونهن جو شاعر رکيل مورائي اڄ سنڌ جي ثقافتي سونهن جي شاعر تاجل بيوس جي وڇڙڻ جو ڏينهن آهي، تاجل بيوس جو وڇڙڻ سنڌي شاعريءَ لاءِ هڪ اپسوڻ آهي، هُن جي هلئي وڃڻ سان سنڌ جي ڪلاسيقي شاعراڻي ٻوليءَ جو هڪ جديد شاعر سنڌ کان ۽ سنڌي شاعريءَ کان موڪلائي ويو. ساڳئي وقت سنڌي ڪلاسيقي صنف، بيت ۽ وائي جو هڪ بيمثال تخليقڪار اسان وٽان هليو ويو. تاجل بيوس سنڌي شاعريءَ ۾ پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ رکندڙ شاعر هُئو. اڄ جي جديد شاعريءَ ۾ هُن سنڌ جون اصلي صنفون بيت، وائي ۽ ڪافيءَ کي نئين زندگي ۽ تازگي ڏني، هڪ اهڙي تازگي جنهن کان مٿيون صنفون گهڻو عرصو وانجهيل هيون. تاجل بيوس بنيادي طور صوفي مزاج رکندڙ هڪ اهڙو شخص هو، جنهن کي شهري ڳوٺاڻو روح عطا ٿيل هئو ۽ سندس خمير ۾ سچل سرمست جي مٽيءَ جي خوشبوءِ هئي، جنهن ڪري هو پنهنجي شاعريءَ ۾ سدائين سچل سائينءَ کي ويجهو رهيو. ان جا ڪيترا ئي سبب آهن، هڪ ته هو سچل جي نگريءَ ڀرسان سوڀي ديري لڳ جنهن ڳوٺ ۾ ڄائو، نپنو ۽ وڌيو ويجهيو، ان ۾ هڪ درگاهه پير حيات شاهه جيلاني هئي، جنهن تي راڳ ويراڳ مسلسل هلندو رهندو هو، جنهن ۾ تاجل سائين ننڍي عمر ۾ ئي ويندو رهندو هو. ان کان اڳ سندس امڙ پڻ صوفي مزاج رکندڙ خاتون هئي، اڳتي هلي جنهن شخص سان سندس پهريون تعلق جڙيو، اهو استاد الهندو جتوئي، پڻ صوفي مزاج رکندڙ، شاهه لطيف، سچل سرمست ۽ غالب وغيره جي شاعريءَ کان واقف هو، شعوري عمر ۾ سندس تعلق ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جهڙي شاعر سان جڙيو، جنهن کانپوءِ شمشير الحيدريءَ سان سندس ويجهڙائي ٿي. ايئن هو شعوري ۽ ادبي طور اڳتي آيو، پر جيئن ته ننڍپڻ ئي راڳ ويراڳ جي محفلن ۾ سندس وڃڻ ٿيندو هو. ان ڪري موسيقي سندس روح ۾ رچي ويئي هئي. جنهن ڪري هو پهرين عمر ۾ اهڙي ئي شاعري ڪندو هو، جنهن کي آسانيءَ سان ڳايو وڃي. سندس ان عمل سندس شاعريءَ کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. هُن جي شاعري سنڌيءَ جي لڳ ڀڳ سڀني وڏن راڳين بيحد سهڻي نموني ڳائي آهي. اڄ به سندس ڳايل شاعري ٻڌجي ٿي ته سڄي سنڌ جو صوفياڻو مزاج ۽ واڌو سنڌ ٻوليءَ ۽ ثقافت جي سونهن اکين اڳيان تري ايندي آهي، جڏهن سندس تعلق ڊاڪٽر تنوير سان جڙيو ته هو ادب ڏانهن لڙي آيو. ايئن سندس شاعريءَ ۾ اهم تبديلي آئي ۽ هو هڪ سنڌي فڪر رکندڙ جديد شاعر ٿي اڀريو. جيتوڻيڪ هُن پنهنجي شاعريءَ لاءِ صنف توڙي ٻوليءَ جي چونڊ ۾ ڪلاسيڪل صنف ۽ ٻوليءَ کي وڌيڪ پسند ڪيو. ائين هُن انهيءَ ٻوليءَ کي نئين سونهن ڏني. سنڌي ادب ۾ هو هڪ نهايت سنڌپرست ليکڪ طورآخري گهڙي تائين رهيو. هو سنڌ جو اهڙو عاشق شاعر هو، جنهن ۾ سموري سنڌ جي سونهن نظر ايندي هئي. سندس پهريون ڪتاب “جڏهن ڀونءِ بڻي” جڏهن ڇپيو ته ادبي حلقن ۾ ان جي چڱي آجيان ڪئي وئي، جنهن کيس اتساهه ڏنو ۽ هن نهايت تيزيءَ سان لکڻ شروع ڪيو. ساڳئي وقت سندس ڪتاب پڻ تيزي سان ڇپجڻ لڳا، ڏسندي ڏسندي سندس ٻن درجنن کان وڌيڪ ڪتاب شايع ٿيا. شاعريءَ کانسواءِ هن نثر ۾ به لکڻ شروع ڪيو، جنهن جا پڻ درجن کن ڪتاب سنڌي ادب جو حصو بڻيا. تاجل سائين هونئن ته دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ڏانهن سفر ڪيا، پر هُن فقط انڊيا جي سفرن جا سفرناما لکيا، جن جو انگ چار آهي. آخري ڏينهن ۾ هن چئين جلدن ۾ پنهنجي آتم ڪٿا پڻ لکڻ شروع ڪئي، جنهن جا ٽي جلد سندس زندگيءَ ۾ شايع ٿيا. ايئن سندس جيئري توڙي وفات کانپوءِ کيس بابت به چڱو ئي لکيو ويو آهي، خاص طور انڊيا جي اديبن ڊاڪٽر جڳديش جو لکيل اهم ڪتاب “ڏور به اوڏا سپرين” آهي جيڪو شاهه لطيف، اياز ۽ تاجل سائين بابت آهي. تازو ئي هند جي هڪ ٻئي اديب هولا رام هنس “عظيم شاعر تاجل بيوس” نالي ڪتاب لکيو آهي، جيڪو نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچيءَ پاران شايع ڪيو ويو آهي. تاجل سائين پنهنجي زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين لکندو رهيو ۽ سنڌ سان عشق ڪندو رهيو. اڄ سندس ورسيءَ جو ڏينهن آهي، پر هو ادبي طور اسان سان پنهنجي ڪتابن وسيلي گڏ آهي، جيڪو ڪڏهن به جدا ٿيڻو نه آهي. (ڏھاڙي عوامي آواز، ۱۳ ڊسمبر ۲۰۱۹ع) تاجل بيوس ھڪ مصور شاعر ابراھيم لاشاري سنڌ جو خوبصورت شاعر ۽ اديب تاجل بيوس جو پروفائل انتهائي منفرد آهي. هن ۲۲ سيپٽمبر ۱۹۳۸ع ڌاري محمد جعفر سمون جي گهر، ڳوٺ پير حيات شاهه تعلقي سوڀيديرو ۾ جنم ورتو، اڃان ٻئي درجي ۾ ئي هو ته سندس والد وفات ڪري ويو ۽ والد جي وڇوڙي کانپوءِ ترت تعليم مان هٿ ڪڍي، ڪلهي تي لٺ کڻي مينهون چارڻ واري ڪرت سان سلهاڙجي ويو. نيٺ سال ۱۹۴۹ع ڌاري پنهنجي ماءُ پناهه خاتون جي چوڻ تي ڌنار واري ڪرت ڇڏي پڙهائي شروع ڪيائين ۽ پوسٽ گريجوئيٽ (اقتصاديات) سنڌ يونيورسٽي مان ڪيائين، پوءِ ترت ٻاهرين ملڪن آمريڪا، جاپان، ٿائيلنڊ مان تعليم جا ڪافي ڪورس ڪري واپس ڏيهه اچي پڙهائڻ واري ڪرت سان سلهاڙجي ويو. تاجل بيوس مسلسل ۸ سالن تائين درس تدريس جي شعبي ۾ وڏي محنت سان پنهنجا فرض سر انجام ڏيندو رهيو، سال ۱۹۶۸ع ڌاري هن هڪ نئين نوڪري ايڪسپورٽ پروموشن بيورو ۾ (اي سي او) جي عهدي انويسٽيگيٽر تي ڪم ڪندو شروع ڪيو. اهڙي ريت، تاجل بيوس کي ان زماني ۾ گڏيل قومن پاران فيلوشپ ملي ۽ هو ٽوڪيو ويو جتان واپس اچي سال ۱۹۷۳ع ڌاري هن فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ناڻي وزارت ۾ ڪارپوريٽ لا اٿارٽي جو اسسٽنٽ چيف بڻجي ويو. ايئن مختلف عهدن تي رهڻ بعد ۲۱ سيپٽمبر سال ۱۹۹۸ع تي رٽائرمينٽ ورتائين. تنهن بعد ڪجهه وقت لاءِ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ وي سي جو صلاحڪار رهيو، جڏهن ته سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر به رهيو. سنڌ ڌرتي جي هن خوبصورت شاعر کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته هن جي شاعري ڇپي گهٽ آهي ۽ ڳائي وڌيڪ وئي آهي، همعصرن شاعرن منجهان شيخ اياز ۽ استاد بخاري کان پوءِ تاجل بيوس جو درجو ٽئين نمبر تي پڻ آهي. کيس شاعري ڪرڻ جو شوق مال چاريندي ئي ٻاراڻي وهي ۾ ٿيو، شاعري جا گر حڪيم استاد فقير الهندي جتوئي جي صحبت ۾ رهندي سکيا، تاجل بيوس علمي، ادبي، ثقافتي ڪچهرين ۾ رهندي صوفياڻي شاعري ۽ عارفاڻا ڪلام ٻڌندي کيس، شاعري ڪرڻ جو شوق جاڳيو، پوءِ ٿورڙي ئي عرصي شاعري جي افق تي تاجل “بيوس” جو نالو اڀري سامهون آيو. سندس شاعري سنڌ جي ڪيترن ئي فنڪارن ڳائي آهي. تاجل بيوس جي شاعري ۾ جديد توڙي قديم صنفن جا رنگ نروار آهن. هن شاعري جي سڀني صنفن ۾ پاڻ ملهايو، جهڙوڪ وايون، بيت، قطعا، گيت، لوڪ گيت، ڪافيون، غزل، آزاد نظم ۽ نثري نظم وغيره. سنڌ جي مهان شاعر شيخ اياز کيس مصور شاعر جي خطاب سان نوازيو هو. تاجل بيوس ڀلوڙ شاعر سان گڏ هڪ مڻيادار ماڻهو، بهترين انسان به هو. سنڌي اديبن ۽ شاعرن جي فهرست ۾ نالو سندس انتهائي احترام سان ورتو ويندو آهي. شاعري کانسواءِ هن نثر ۾ به پاڻ ملهايو. سندس ادبي پورهي تي نظر وجهبي ته هن سنڌي ادب جي جهول ۾ ۴۴ کان به مٿي ڪتاب ڏنا آهن. سندس ادبي ۽ تخليقي پورهئي مان ۳۴ ڪتاب ڇپجي مارڪيٽ ۾ پهتا آهن. تاجل بيوس سنڌي زبان کانسواءِ اردو ۽ انگريزي زبان ۾ پڻ لکيو آهي. کيس شهرت جي آسمان تي پهچائڻ جو وڏو سبب هڪ لکيل گيت “سنڌ منهنجي امان، سونهن تنهنجي مٿان ڇا لکي ڇا لکان” آهي، جيڪو ڪلاسيڪل فنڪاره عابده پروين ڳايو آهي. سندس شاعري جو پهريون مجموعو “جڏهن ڀونءِ بڻي” سال ۱۹۸۲ع ڌاري ڇپجي پڌرو ٿيو. ان کانسواءِ سندس اردو شاعري جو مجموعو “انداز بيان اور “ به ڇپيل آهي. ان ڪتاب جو مهاڳ اردو زبان جي بهترين شاعر ۽ ادب جو پارکو محسن ڀوپالي لکيو آهي. ان کانسواءِ انبن جهليو ٻور (شاعري)، سرجيندڙ ساڻيهه جا (شاعري)، ڪنڌيءَ ڪنئور ترن (شاعري)، ڪنڌيءَ اڪ ڦلاريا (شاعري)، تاجل جو رسالو (شاعري)، سرخ گلابون ڪي موسم (شاعري)، ڏوريان ڏوريان م لهان (۹ شعري مجموعا گڏ)، تنهنجا نيڻ غزل (هڪ سئو غزل)، چپ انجيل جي حاشين جهڙا (هڪ سئو غزل)، ڪاڇي مٿان ڪونج (نثري نظم)، ڏور به اوڏا سپرين (سفرنامو)، آريجن کان الهاس نگر، پکي ساڳئي پار جا، سون سريکا چارسن، صحرا ستر جن، ڏک سکن جي سونهن، سج چنڊ ڪتيون تارا ۽ ان کان سواءِ هڪ ڪتاب انگريزي شاعري جي مختصر تاريخ نالي به ڇپيل اٿس. پنهنجي ادبي پورهي عيوض کان مٿي مڃتا طور ايوارڊن سان نوازيو ويندڙ سنڌ جو هي حساس ۽ ڪومل طبيعت جو شاعر ۴ ڊسمبر جي تي فالج جي حملي ۾ سخت بيمار ٿي پيو ۽ ۱۳ ڊسمبر ۲۰۰۸ع تي دماغ جي رڳ ڦاٽڻ سبب ۷۰ سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. تاجل بيوس جو آخري آرامگاهه ڪراچي جي چوڪنڊي مقام ۾ آهي. اڄ سندس ۱۱ ورسي ملهائي پئي وڃي. هتي تاجل بيوس کي اسين سندس ئي سٽن جي ڀيٽا پيش ڪريون ٿا. سنڌ منهنجي امان. سونهن تنهنجي مٿان ڇا لکي ڇا لکان، ڇا لکي ڇا لکان هڪ قلم هڪڙو مان، ڪيئن پورو پوان ڇا لکي ڇا لکان، ڇا لکي ڇا لکان تاجل بيوس بحيثيت شاعر ۱۳ ڊسمبر ۲۰۲۰ع خيرپور جي ڪچي ۾ ڳوٺ پير حيات شاهه ۾ تاج محمد سمون ۲۲ سيپٽمبر ۱۹۳۸ع ۾ جنم ورتو. ڪنهن کي به اها خبر نه هئي ته هي ننڍڙو ٻار وڏو ٿي تاجل بيوس بڻبو ۽ سندس ڪلام؛ “سنڌ منهنجي امان! سونهن تنهنجيءِ مٿان، ڇا لکي ڇا لکان!” سندس سڃاڻ بڻجي ويندو. سندس والد مرحوم محمد جعفر ڪو وڏو ماڻهو ته ڪونه هو پر ان باوجود هن پنهنجي پٽ کي سٺي تعليم ڏياري. تاجل بيوس ايم اي ته معاشيات ۾ ڪئي، پر هن جي اندر ۾ ننڍپڻ کان وٺي هڪ ڏات ڌڻي لڪل هو، جيڪو گيت تخليق ڪندو رهندو هو. اهو ئي سبب هو جو تاج محمد ادب جي دنيا ۾ تاجل بيوس ٿيڻ کي پسند ڪيو. سندس سنڌ لاءِ ڳايل شاعري جيڪا سنڌ جي تراني طور ڳائي ويندي آهي.سنڌ منهنجي امان! سونهن تنهنجيءِ مٿان، ڇا لکي ڇا لکان يا ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادت تي چيل تون ته ملندو رهندين خوابن ۾، ڪو ڪيئن ٿو چوي، ڪو ڪيئن ٿو چوي. يا وري”منهنجي لاءِ مارو هو رنا ڪيئن نه هوندا، پَلوَ پاند تن جا، دامن تنين جا يار ڀنا ڪيئن نه هوندا” جهڙا لازوال ڪلام تخليق ڪيا. تاجل بيوس جي وڏي ڳالهه اها آهي ته هن سنڌ جي وستين، واهڻن، ڪوهستان، ٿر، بر، ڪاڇي، اتر، سري، وچولي، ڪچي ۾ رهندڙن جي درد کي ئي نه ڏٺو، پر هو جڏهن ۷۰ع واري ڏهاڪي ۾ ڪراچيءِ ۾ لڏي آيو ته هن ڪراچي جي ڀوائتي صورتحال تي به قلم کي وهايو ڪراچي کي ڪير؟ واڳن جيئن ويڙهي ويا وجهي وات وڻن ۾، چمڙن جيئن چوڦير گهاتو، پڄو گهير، ٿيا سڏ ساڻيهه جا سنڌ جي سونهن کي ڳائن جو سندس انداز سندس ڪلام جتي ليار پيرون پٽن تي پچن ٿا اتان منهنجا مارو، ميارون مڪن ٿا مان چٽو پيو نظر اچي جيتوڻيڪ هو وڏن سرڪاري عهدن رجسٽرار آف ڪمپنيز ۽ ناڻي کاتي ۾ وفاقي جوائنٽ سيڪريٽريءِ جهڙن اهم عهدن تي به رهيو، پر پوءِ به اهي نوڪريون کيس “بيوروڪريٽڪ ڪلچر” جو حصو بڻائي نه سگهيون ۽ سندس سڄي زندگي شاعراڻي سادگيءِ ۾ گذري. شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جو هڪ سال تائين صلاحڪار پڻ رهيو. معيشت جي ماهر هجڻ ڪري تاجل بيوس هڪ اسٽاڪ ڪميشن جو چيف ايگزيڪيوٽو به رهي چڪو، پر ان باوجود هن سنڌي ادب، خاص ڪري شاعري ڪرڻ، ڪتاب ڇپرائڻ، پروگرامن ۾ وڃڻ واري ڪرت جاري رکي. تاجل سنڌيءِ سان گڏ اردو حلقي ۾ مشهور هيو. پاڻ شاعريءِ سان گڏ نثر ۾ به بهترين ڪم ڪيو اٿن.تاجل بيوس سنڌي ادب سان گڏ اردو ادب تي به ڪم ڪيو. تاجل بيوس رڳو سنڌ نه پر هند ۾ رهندڙ سنڌي ڪميونٽي ۽ اديبن ۾ چڱي سڃاڻپ رکندڙ هو، جنهن ڪري هندستان جي سنڌي اديبن کيس ڪيترن ئي اهم ايوارڊن سان پڻ نوازيو. کيس ۱۹۹۶ع ۾ نارائڻ شيام گولڊ ميڊل مليو. سنڌي ادبي سڀا پاران کيس فرسٽ ڪلاس ايوارڊ، پروفيسر رام پنجواڻي گولڊ ميڊل کانسواءِ ۲۹ سيپٽمبر ۲۰۰۱ع ۾ کيس ڀارت ۾ مارئي ايوارڊ دهلي پڻ ڏنو ويو. تاجل بيوس لڳ ڀڳ ۱۲ اهم ايوارڊ، گولڊ ميڊل حاصل ڪيا. ايتري قدر جو کيس سهيوگ فائونڊيشن ممبئي وارن ۱۹۹۹ع ٻيو ڀيرو نارائڻ شيام ايوارڊ ڏنو.تاجل بيوس، سنڌي شاعري جي سڀني صنفن تي طبغ آزمائي ڪئي آهي جن ۾ سندس گهڻو ڪم وائي ۽ ڪافي وارو آهي. تترن جون ٻوليون، بانسري جي دل موهيندڙ آواز، عورت جي مظلومي، غلامي، ارتقا، انتظار، ڪارونجهر جي ڪور کان وٺي هن هر موضوع تي بيت، گيت، غزل ۽ نثري نظم، چئو سٽا، ٽه سٽا ۽ طويل نظم گهڻو مشهور آهن. جيتوڻيڪ هن جي اها معصوم خواهش رهي، ته سنڌ ۾ کيس اياز کان پوءِ سڀ کان وڏو شاعر تسليم ڪيو وڃي، جنهن جي رد عمل ۾ مٿس تنقيد به ٿي ته کيس حد کان وڌيڪ نظر انداز به ڪيو ويو، پر ان کان ڪنهن به ريت انڪار ممڪن نه آهي ته هو اياز کان پوءِ ڳڻجندڙ شاعرن جي مالها جو هڪ نظر ايندڙ ۽ محسوس ٿيندڙ گُل آهي. مان نثري نظم جو کيس اياز کان به وڏو شاعر تسليم ڪندو آهيان.تاجل بيوس پنهنجي تخليق ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو پوئلڳ رهيو. اهو سبب هو، جو تاجل بيوس آخري ايامن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي جيان پنهنجو “تاجل جو رسالو” پڻ لکي مارڪيٽ ۾ آندو. تنقيد ته هر اديب تي ٿيندي رهندي آهي ۽ تاجل بيوس به ان تنقيد جو ٿورو گهڻو ضرور نشانو بڻيو، پر هن ۾ اها مايوسي نه هئي، جيڪا اڪثر ڪري تخليقڪارن کي مايوس ڪري ڇڏيندي آهي. ڪراچي ۾ زندگي جو وڏو عرصو گذاريندڙ تاجل بيوس “تاجل جو رسالو” پنهنجي پيءِ، ماءِ ۽ ان گهر واريءِ نالي ڪيو، جنهن کي هو مٺڻ سڏيندو هو.۴ ڊسمبر ۲۰۰۸ تي نصير سومرو جي ڪتاب “جل تي ڪنول جيئن “ جي مهورتي تقريب اڪيڊمي آف ادبيات ڪراچيءَ جي آفيس ۾ ٿي رهي هئي. شام جو ساڍي چئين بجي تاجل کي تقرير لاءِ سڏيو ويو ۽ تاجل پنهنجي کيسي مان لکيل ڪاغذ ڪڍي ڳالهائڻ شروع ڪيو ته بجلي هلي وئي ۽ تاجل موبائل جي ٽارچ جي روشنيءَ ۾ پنهنجي تقرير پڙهي پوري ڪئي ته کيس مٿي ۾ سور پئجي ويو ۽ هو اتي ئي بيهوش ٿي ويو. جتان کيس جناح اسپتال نيو ويو ٻن ڏينهن کانپوءِ ٻڌايو ويو ته کيس فالج جو حملو ٿيو آهي پوءِ کيس اتان لياقت اسپتال نيو ويو پر تاجل ٻيهر هوش ۾ ڪونه آيو ۽ ۱۳ ڊسمبر تي پاڻ اسان کان موڪلائي ويو. تاجل بيوس چوڪنڊيءِ جي ان تاريخي قبرستان ۾ آرامي ٿيو، جنهن ۾ دفن ڪرڻ جي به هن پاڻ وصيت ڪئي هئي. (ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچي ۾، ۱۳ ڊسمبر ۲۰۲۰ع تي ڇپيل) تاجل بيوس سنڌي ٻوليءَ جي جھولي ڀريندڙ شاعر رضوان گل جيئن هر گل جي الڳ الڳ خوشبو هجي ٿي تيئن هر انسان ۾ به پنهنجو پنهنجو سڳنڌ هوندو آهي، سنڌ جي زرخيز مٽيءَ تي ڪيترائي اهڙا مهَا پُرش جنميا جن پيار، امن، ڀائيچاري ۽ محبت واري روَيي ۽ روشن سان ماڻهن جي دلين ۾ جايون جوڙيون آهن، اهڙن پيارن، مانوارن ڏاهن ۽ ڏات ڌڻين ۾ تاجل بيوس جو شمار پڻ ٿئي ٿو جنهن سموري ڄمار محبت، پيار، امن ۽ ايڪتا جا گيت لکيا. تاجل بيوس جو اصل نالو تاج محمد سمون هو، جيڪو خيرپور جي ڳوٺ پير حيات شاهه ۾ ۲۲ آڪٽوبر ۱۹۳۸ع تي محمد جعفر جي گھر ۾ پيدا ٿيو. سندس تعلق غريب گھراڻي سان هو پر سندس والد کيس سٺي تعليم ڏياري، تاجل بيوس ايم اي معاشيات ۾ ڪئي، پر سندس شوق ۽ ذوق شروع کان ئي ادب سان هو، کيس ادبي ڪتابن پڙهڻ سان ڪافي دلچسپي هئي خاص طور شاعريءَ جا ڪتاب سندس ڪمزوري هئا، شاعريءَ ۾ نالو تاجل تخلص ”بيوس“ استعمال ڪيائين، هو هڪ سنڌ پرست شاعر هو جنهن جي هر سٽَ ڌرتيءَ سان محبت ۽ عقيدت ۾ ٽمٽار هئي، سنڌ جي مختلف علائقن جي ٻولي ۽ استعارا سندس شاعريءَ ۾ تمام خوبصورتيءَ سان استعمال ٿيل آهن. سنڌ جي ڪيترن ئي گلوڪارن سندس شاعري ڳائي آهي، جڏهن عابده پروين سندس سٽون آلاپي ٿي ته منَ ۾ جل ترنگ وڄڻ لڳن ٿا پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت جي حوالي سان لکيل سندس هي سٽون ڏسو: سنڌ منهنجي امان، سونهن تنهنجي مٿان، ڇا لکي ڇا لکان. هڪ قلم هڪڙو مان ، ڪيئن پورو پوان، ڇا لکي ڇا لکان. تاجل بيوس ٻهراڙي جي ماحول ۾ به رهيو هو پاڪستان جي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ به رهيو، ته سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ جي شهري ماحول ۾ پڻ، ۱۹۷۰ع واري ڏهاڪي ۾ هو مستقل طور ڪراچي لڏي آيو جتي کيس ڪراچيءَ جي صورت حال ڏسي پريشاني به ٿي جو اهو دؤر ڪراچيءَ جي حالتن خراب ٿيڻ وارو ابتدائي دور هو، هن ڪراچيءَ جي اهڙين حالتن جي حوالي سان به ڪيتريون ئي سٽون لکيون جيڪي ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ ظلمن، زيادتين ۽ ناانصافين جي منظوم تاريخ پڻ آهن، شاعر وٽ مختلف ڪيفيتون ٿين ٿيون جن جو اظهار هو مختلف وقتن تي ڪندو رهي ٿو، جڏهن تاجل بيوس پنهنجي ڌرتيءَ واسين کي ڌڪا کائيندي ۽ ڌارين جي داداگيرين کي پنهنجي اکين سان ڏسي ٿو ته سندس منَ اندر ۾ هن قسم جا جذبا جنم وٺن ٿا: ڪراچي کي ڪير؟ واڳن جيئن ويڙهي ويا، وجهي وات وڻن ۾، چمڙن جيئن چوڦير، گهاتو، پڄو گهير، ٿيا سڏ ساڻيهه جا. شاعر جھڙيءَ ريت ڪوري ڪاڳر تي پنهنجي دور جي تاريخ پينٽ ڪن ٿا سا ايندڙ نسلن لاءِ سچ جي سج وانگر هجي ٿي، سرڪاري ۽ درٻاري تاريخن کان بلڪل مختلف هوندي آهي ڪنهن به شاعر يا ڪهاڻيڪار جي ڪابه لکڻي! ڇا لاءِ ته ڪوبه سچو قلم ڪار هميشه پنهنجي ضمير جو آواز ئي ٻڌندو آهي ۽ ان تي ئي آخر تائين اٽل رهندو آهي، دنيا جي تاريخ ان ڳالهه جي شاهد آهي ته دنيا ۾ جيڪي به انقلاب آيا آهن انهن ۾ شاعرن ۽ اديبن جو تمام وڏو ۽ اهم ڪردار رهيو آهي. تاجل بيوس به اهڙو ئي ڪردار نڀايو جنهن سان کيس سڃاڻپ جوحوالو مليو، اهڙو حوالو جنهن سان هو صدين تائين جيئندو رهندو. تاجل بيوس جي شاعريءَ جي اها خوبي هئي جو هن ڌرتيءَ جي سونهن ۽ نظارن کان ويندي آسمان تي اڏامندڙ رنگ برنگي پکين تائين سڀني تي قلم کنيو آهي، کيس لايون، لڻيون، پپر، ٻاٻيها، ٿوهر، ڪنڊا، گل، گؤنچ ۽ ڏُڌَ مکڻ به نظر آيا آهن ته سنڌ جي فصلن کان سواءِ گاهه ۽ ٿر جي ريگستان کان ويندي جابلو سلسلا پڻ، جن کي هن پنهنجي شاعريءَ جو موضوع بڻايو آهي ڇاڪاڻ ته هو سنڌ جي چپي چپي سان پيار ڪندڙ ڪوي آهي، سندس شاعريءَ جي خاص خوبين ۾ ٺيٺ سنڌيءَ جي تشبيهن جو خوبصورت استعمال پڻ آهي هن پنهنجي شاعريءَ ۾ اهڙيون تشبيهون به استعمال ڪيون آهن جيڪي اسانجي ٻهراڙين مان به هاڻي ختم ٿي چڪيون آهن يا موجوده ٽهيءَ جي نوجوانن کي انهن بابت ڪا سُڌ ناهي رهي، انهيءَ حوالي سان هن سنڌي ٻوليءَ جي جھولي ان ريت پڻ ڀري آهي. تاجل جي پسند جون صنفون وائي ۽ ڪافي رهيون آهن پر مجموعي طور هن هر صنف ۾ پاڻ ملهايو آهي. جيتوڻيڪ تاجل ڪافي وقت ڪراچيءَ ۾ رهيو پر سندس ڳالهائڻ جو لهجو ٺيٺ سنڌي ڳوٺاڻي ٻوليءَ جون سڪون لاهيندڙ هو، هن جي دوستيءَ جو حلقو نه فقط سنڌي پر اردو اديبن سان پڻ رهيو، ڪراچي ۾ رهندي هن ڪيترائي اردو ڳالهائيندڙ سٺا دوست ٺاهي ورتا جن سان هو اڪثر ڪچهريون به ڪندو هو، اردو ادب ۾ به ڪم ڪيائين، هندستان جي سنڌي اديبن سان سندس گھري وابستگي رهي خاص طور حياتيءَ جي پڇاڙڪن سالن ۾ جو هو ان کان اڳ هندستان جو دورو به ڪري آيو هو، اتي کيس ڪيترائي پنهنجا پراڻا دوست يار به مليا جيڪي ورهاڱي بعد هتان لڏي ويا هئا، هندستان جي اديبن سان سندس خط ۽ ڪتابت آخري وقت تائين مسلسل جاري رهي، کيس هندوستان مان ڪيترا ئي ادبي ايوارڊ پڻ مليا، جن ۾: ۱۹۹۶ع ۾ نارائڻ شيام گولڊ ميڊل (ٻه ڀيرا)، سنڌي ادبي سڀا پاران فرسٽ ڪلاس ايوارڊ، پروفيسر رام پنجواڻي گولڊ ميڊل ۽ ۲۰۰۱ع ۾ مارئي ايوارڊ شامل آهن. ان کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي انعام ۽ ايوارڊ کيس مختلف سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن ۽ تنظيمن پاران ڏنا ويا. تاجل ڀٽائي جو پوئلڳ هو کيس حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي سان بيحد عقيدت هئي، شاهه جو رسالو سندس پسنديده ڪتابن مان هڪ هو جنهن کي هو سيني ۾ سانڍيندو رهيو، جڏهن هن پنهنجي ڪلام جي ڪليات جو نالو ”تاجل بيوس جو رسالو“ رکيو ۽ ان کي ڇپرائي مارڪيٽ ۾ آندو ته کيس ادبي حلقن مان تنقيدي رايا به ٻڌڻ لاءِ مليا پر هو ڪڏهن به مايوس نه ٿيو جو هُن سڄي حياتي اهو ئي ڪيو هو جيڪو سندس مَن چيو، دل جي ڳالهه کي هن هر راءِ کان وڌيڪ اهميت ڏني. تاجل هندستان کان واپس ٿي سفرنامو به لکيو جنهن ۾ هن پنهنجي زندگيءَ جون ڪيتريون ئي يادگيريون سهيڙيون، پاڻ سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي تيز ۽ ترش ڪالم به لکندو رهيو، سنڌ جي سهڻي شاعر شمشيرالحيدري سندس وڇوڙي بعد سندس ياد ۾ منعقد ٿيل هڪ تقريب ۾ کيس ياد ڪندي چيو هو ته: ”تاجل جو وڇوڙو هونئن ته سڄي سنڌ جو نقصان ۽ سڀني سنڌ واسين جو گڏيل ڏک آهي پر مونکي سندس وڇوڙي جو احساس ان ڪري به اڃا وڌيڪ ٿئي ٿو جو هو منهنجو نه فقط دوست ۽ ساٿي هو پر ذاتي طور مٽي مائٽي جو حوالي سان به اسان پاڻ ۾ تمام ويجها هئا سين، ڏک ان ڳالهه جو به آهي ته هن جو وڃڻ ڪُه مَهلو هو جو هن هٿ ۾ ڪجهه اهڙا ڪم کنيا هئا جيڪي اڃا اڌ ۾ هئا، سندس چاليهارو کن ڪتاب رِٿيل هئا جن مان ڪجهه ته ڇپيا پر ٻيا اڃا رهيل آهن اهو ڪم جيڪر مڪمل ٿي پوي ها ته سنڌي ٻوليءَ جو ڀلو ٿي پوي ها“. تاجل بيوس سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ جو هڪ تسلسل به هو جو سندس شاعريءَ جي ٻولي ۽ لفظن جي خوبصورتي جيڪڏهن جديد شاعرن ۾ ڳولهجي ٿي ته ورلي ئي ملي ٿي، سندس ڊڪشن پنهنجي الڳ سڃاڻپ جو اهم حوالو هو. سنڌيت سندس لفظ لفظ ۾ تسبيح جي داڻن جيان پويل هئي. 4 ڊسمبر تي مٿس فالج جو حملو ٿيو جنهن کان پوءِ هو ڪوما ۾ هليو ويو ۽ آخرڪار انهيءَ حملي ۱۳ ڊسمبر ۲۰۰۸ع تي هي پيارو ماڻهو اسان کان هميشه لاءِ کسي ورتو، جنهن جون اڄ به سنڌ جي جھر جھنگ ۾ ڪيتريون ئي سٽون گونجي رهيون آهن، هو پنهنجي وصيت مطابق چوڪنڊي جي تاريخي مقام ۾ آرامي آهي. نٿو نبري نينهن جوڳي منهنجا جوءِ مٽي ويا ويا اهڙي ملڪ، جتي رات نه ڏينهن جوڳي منهنجا جوءِ مٽي ويا. تاجل بيوس محبوب! وري تنهنجي ياد جا ڏينهن وري آيا رکيل مورائي وري اتر واءُ وريو، وري سياري جي مند موٽي، وري ڊسمبر آيو، وري سورن جي مند سنڌ لاءِ شروع ٿي، وري اسان کي پنهنجا پرين پيارا ياد پيا، جيڪي ويا ته وري نه وريا. جيڪڏهن وري ته فقط سندن ياد ئي وري، جنهن وري جيءَ کي جهير ڏيڻ شروع ڪيا آهن. هيءُ ڊسمبر جو مهينو ئي آهي، جنهن ۾ جهانُ سال جا ليکا چوکا لاهي، سڄي سال جو پوتا ميل ٺاهيندو آهي ۽ اسين شاعر اديب به پنهنجي سالن جي ليکن چوکن کان آجا ٿي نٿا سگهون، گهٽ ۾گهٽ هن ڊسمبر تائين سنڌ ڪيترا سور سٺا آهن. انهن جو انگ هروڀرو ڳڻائڻ ضروري ڪونهي، پر اسان کان اهو ڪڏهن به ڪو نه وسرندو ته ڊسمبر ئي اسان کان شيخ اياز کسيو، بينظير ڀٽو کسي ۽ تاجل بيوس کسيو، ان ڪري جڏهن به ڊسمبرايندو آهي ته اسان ڪنهن امڪاني ڏک ۾ وٺجي ويندا آهيون ۽ هاڻ ته شايد ڏکن تي ايترو هري ويا آهيون، خوشيءَ جو احساس ماڻڻ کان به لاچاري ڏيکارڻ لڳا آهيون، ڄڻ چوندا هجون ته سکن واري سڌ، متان ڪامون سين ڪري. اهو به اڀاڳو ڏينهن ڊسمبر جو ئي هئو، جڏهن ڪراچيءَ کان اڍائي سئُه ميل ڏور، صبح سوير جنهن موبائيل جي ميسيج ننڊ مان ڇرڪ ڀرائي اٿاريو هئو، اهو ميسيج شايد باقي حياتي مون کان نه وسري سگهي. ميسيج ته اڀاڳو ضرور هو پر ان دوست جو به آءُ سڄي حياتي احسان مند رهندس، جنهن مون کي ميسيج ڪري، مون کي آخري ڀيرو پنهنجي محبوب دوست ۽ شاعر جو آخري ديدار ڪرڻ جو اطلاع ڏنو هئو ۽ ائين آئون سج اڀرئي کان اڳ اتان نڪتو هوس ۽ قسم سان چوان ٿو ته سفر جو سمورو وقت مون پنهنجي اکين سان ٻيو ڪجهه ڏسڻ نٿي چاهيو، فقط پنهنجي محبوب دوست ۽ شاعر تاجل بيوس جو آخري ڀيرو چهرو ڏسڻ ٿي چاهيو، جنهن لاءِ شايد مون وٽ ڀٽائيءَ جو اهو تاثر هئو ته نيرا نائي نيڻ، نيئي آڇ پريئَن کي ستر کاڌا اکيڻ، جي ڏٺو منهن محبوب جو، هن گهڙيءَ ته مون لاءِ اهو سوال به هئو ته اهو چهرو، جيڪو چهرو وري زندگيءَ ۾ ڏسي نه سگهندس. ان کي ڏسڻ لاءِ هيءُ ڪجهه ڪلاڪ ئي آهن ۽ انهن کانپوءِ هڪ ڊگهو وڇوڙو، ايستائين جيستائين انسان هن حياتيءَ جي قيد کان آزاد ٿئي ۽ ان کانپوءِ به نه ڄاڻان ٻيهار، ڪير ملندو ڪنهن سان؟ ۽ ائين آءُ ڊگهو سفر ڪاٽي پنهنجي گهر پهتو هوس ۽ اتان پنهنجي ٻارڙن سان گڏ ان وقت سندس گهر پهتو هوس، جڏهن هو به پنهنجي آخري سفر لاءِ پنهنجي گهران نڪري چڪو هو. ان وقت مون کي محسوس ٿيو هو، منهنجو پيءُ شايد ٻيو ڀيرو مون کي يتيم ڪري رهيو آهي، منهنجو دوست ڄڻ مون کي پنهنجي دوستيءَ کان لاتعلق ڪري رهيو آهي، منهنجو محبوب ڄڻ منهنجي اڻ مئي پيار ڪرڻ جي سزا ڏيئي رهيو آهي، منهنجو ڀاءُ ڄڻ مون کي پنهنجو ننڍ ڀاءُ مڃڻ کان انڪار ڪري رهيو آهي ۽ اهي رشتا هن مون سان ڪراچيءَ جي ۲۳ سالن جي زندگيءَ ۾ نڀايا ۽ ائين نڀايا جيئن نڀائبا آهن. هو خوش ٿيو، رنج ٿيو، ڪاوڙيو، پيار ڪيائين پر انهن سڀني رشتن پويان هن کي اهو احساس رهيو ته هي منهنجا پنهنجا آهن، ساڻس آخري سفر ۾ گڏ هوندي ڪيئي روح رهاڻيون ٿيون. جيڪي لکي به سگهجن ٿيون ۽ نه به لکي سگهجن ٿيون. جيڪي لکي سگهجن ٿيون انهن لاءِ هي صفحا گهٽ آهن ۽ جيڪي نٿيون لکي سگهجن، انهن کي سيني ۾ سانڍي، پهرئين پيار جيان زندگيءَ ۾ انهن سان ڪيئي اورون، اوري سگهجن ٿيون، اڄ سندس ياد کي تازو ڪرڻ لاءِ وري هڪ نئين ڏک جي سامهون ٿيڻو پيو آهي، شايد ڀٽائيءَ تڏهن ئي چيو هو ته: ڏيکاريس ڏکن، گوندر گس پريئَن جو. ڏک جيڪو هن جي ڪيترن ئي دوستن کي آهي، ڪيترن ئي چاهيندڙن کي آهي، سندس گهروارن کي آهي، سندس نياڻين کي آهي، جن سان هو پٽن کان وڌيڪ پيار ڪندو هو ۽ انهن کي هڪ نج سنڌيءَ جيان سڀاڳ جي علامت سمجهندو هو. سندس وني (جنهن کي هو ستن ڌيئرن ۽ پنهنجن پٽن جي ماءُ سڏيندو هو) جنهن کي اڻ مئي آدر سان، مان شان سان پاڻ سان رکيائين، مون کي ڪڏهن ڪڏهن گمان ٿيندو آهي ته اهو سچ آهي ته مرد کي ٺاهڻ ۾ عورت جو هٿ وڌيڪ هوندو آهي، تاجل سائينءَ کي شاعر بڻائڻ ۾ ڀلي ٻين شخصن جو هٿ هجي پر هن کي سٺي شخص ۽ ڪامياب شخص بڻائڻ ۾ امان مٺڻ خاتونءَ جو هٿ ئي هئو ۽ مان ساڻن ويجهڙائيءَ جي بنياد تي چئي سگهان ٿو ته هُن جي ڪيفيت آخر تائين پروين شاڪر جي هن شعر وانگر رهي، وو جهان بهي لوٽا تو ميري پاس آيا، يه هي تو بات هي اڇي ميري هرجائي ڪي هن ڪيترائي عشق ڪيا هوندا پر هن پنهنجي ونيءَ جو مان مٿاهون رکيو، هن ڳوٺاڻي، شهر جي مصنوعي سونهن ڏسي، سيڻ نه مٽايا، هن ڪائنات جو سفر گهر جي اڱڻ مان شروع ڪيو ۽ پنهنجي گهر جي اڱڻ ۾ ئي ختم ڪيو ۽ ائين پنهنجي گهر کي هڪ مقدس پڻي جي سند ڏئي ويو، فرق رڳو اهو هئو، جو هن جنهن گهر مان سفر شروع ڪيو هئو، اهو هڪ جهوپڙيءَ نما پير حيات شاهه جو ڳوٺاڻو گهر هئو ۽ جتي سفر پورو ڪيائين، اهو هن ملڪ جي هڪ وڏي شهر جو، وڏو گهر هئو ۽ وچ ۾ هئو، هن جو سفر! جنهن کيس ڪٿي کان ڪٿي کان پڄايو. اڄُ دنيا جي هڪ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين، جتي سنڌي ماڻهون رهي ٿو، اتي ”تاجل بيوس“ نالو اوپرو نه لڳندو. ان کان وڌيڪ هن جهان ۾ ماڻهون ڪيترو ڌنُ ڪمائي سگهن ٿو؟ ۽ تاجل منهنجا محبوب! تو ايترو ۽ اهڙو ڌن ڪمايو، جنهن لاءِ اسان جي مرشد ڀٽائي چيو هئو ته: سئُه سرن پائي، جي تند برابر توريان، ته اٽل اوڏاهين ٿئي، جيڏانهن ٻيجل ٻرائي سکڻو هڏ آهي، سِر ۾ سڄڻ ناهي ڪين. تاجل بيوس جي وفات ۱۳ ڊسمبر ۲۰۰۸ع ۾ ٿي. تاجل بيوس ۽ قرب ڀريون ڪچهريون رزاق سھتو سال ۱۹۹۱ع ڌاري آصف اسڪوائر ايڪسٽيشن سهراب ڳوٺ ڪراچي مان لڏي معمار ڪامپليڪس جي فليٽ نمبر پي ٽو آبلڪ ٿري ۾ گھروارن سميت اچي بسيرو ڪيو. رمضان نول کان پري ٿي پيس ڇو ته هو به آصف ايڪسٽينشن ۾ رهندو هئو. پر شام جو ڏيهاڙي رمضان پنڌ ڪري جيڪو ڏيڍ ڪلوميٽر تي محيط هو. ملڻ ايندو هئو ڪراچيء جي رهواسين جي اڪثريت شام جو سمنڊ ڪناري يا ڪنهن ٻي جاءِ تي محبوبن سان ڪچهري ڪندا آهن۔ مان وري رمضان سان ڪراچيءَ جون اڪثر شامون گذاري ڇڏيون. سندس لاءِ واڪ ضروري هئي جوشگر جي سوغات مليل هئس. بلڊ پريشر گريبيءَ ۾ مليو هئس. رمضان جي ڪيهر شوڪت سان ڏاڍي لڳندي هئي. منهنجو فليٽ ٻي ماڙيءَ تي هوندو هئو. رمضان مٿي ڪڏهن چڙهي ايندو هئو يا وري هيٺان ئي ڳوٺاڻن وانگر سڏ ڪندو هئو. “هوـــ رزاق” سندس اهو انداز ڏاڍو وڻندو هئو. ائين لڳندو هئو اباڻي ڳوٺ ۾ پيو رهان گھٽيءَ منجھان ڪوئي ڳوٺائي نالو کڻي پيو سڏ ڪري. مان ٻي ماڙجي گيلريءَ ۾ بيهي کيس ديدار ڪرائيندو هيس ته خاموش ٿي ويندو هئو. هڪ ڀيري سڏ ڪيائين ته جيئن ئي گيلريءَ ۾ بيٺس ته رمضان سان گڏ هڪ ٻيو همراهه به نظر آيو. هيٺ لٿس ملاقات ٿي. تعارف ٿيو ته خبر پئي ڪيهر شوڪت آهي. گڏجي هلياسين. چيم “ڪيڏانهن هلڻ جوارادو آهي.” چيائون؛ “انعام شيخ سان ڪچهري ڪرڻ ٿا هلون.” چيم؛ “ڪٿي رهندو آهي؟” چيائون؛ “هنن ئي فلينٽن ۾ گرائونڊ فلور تي گيٽ جي ڀرسان ئي سندس فليٽ آهي.” ڪيهر جي شخصيت وڻي. سهڻي هاٺي، وڏيون مڇون ۽ وار جنهن جي ڪهاڻين کي رسالن ۾ پڙهبو هئو۔ سو گڏ پئي هليو. انعام شيخ جي باري ۾ نه ڪڏهن پڙهيو هئو. نڪي ملاقات هئي. سندس ڪالم ۽ مضمون ترجمان اخبارن رسالن ۾ پڙهيا هئا. انعام جي فليٽ تي آياسين. دروازو ناڪ ڪيوسين ته انعام نڪري آيو. اندر وڃي صوفن تي ويٺاسين. ڪيهر، انعام پڪا دوست هئا. ڪچهري شروع ٿي. تن ڏينهن يعني نوي جي ڏھاڪي ۾ سي اين اين جي ٽي وي تي نشريات هلڻ شروع ٿي هئي. انعام بيٺي پير ڌيان سان ڏسي رهيو هئو ۽ هر هر ڪچن يعني رڌڻي ۾ وڃي رهيو هئو. اڪيلو رهيو پيو هئو. سندس فيملي لاڙڪاڻي ويل هئي۔ سو کائڻ لاءِ ڪا شيءِ پچائي رهيو هو. ڪيهر ۽ انعام پاڻ ۾ نالن کڻڻ کانسواءِ پئي ڳالهايو ته انعام چيو پئي؛ “يار بروهي صاحب ڦاسائي ڇڏيو. کيس ڪير سمجھائي ته هن وٽ نوڪري ڪرڻ سان منهنجا مخالف ڪجھ به ڪري سگھن ٿا. علي احمد بروهي سان انڪار به نٿو ڪري سگھان. کيس ڪئين انڪار ڪيان. اهي جيڪي هچائون آهن. انهن کي سڌ پئي ته منهنجون ٻئي نوڪريون چٽ ڪرائي ڇڏيندا.” مون گھڻي دير کان سندس ڳالهيون پئي ٻڌيون. ڪجھ پروڙيم سو اوهان جي گوش گذار ڪيان ٿو. انعام شيخ کي علي احمد بروهي شيخ سلطان ٽرسٽ ۾ نوڪري ڏني هئي، جڏهن ته پاڻ اڳ ئي سرڪاري نوڪري ڪندڙ هو. کيس خوف هئو ته سندس مخالف جن کي هچائون ڪري پئي سڏيائين، انهن کي خبر پوندي ته مشڪل پيدا ٿي پوندي. سي هچائون ڪير هئا؟ سا نڪي رمضان کي خبر نڪي مونکي خبر هئي. اسان اکيون ڦاڙي پئي ٻنهي کي ٻڌو. گھڻي بحث کانپوءِ انعام کي ڪيهر چيو ته؛ “پريشان نه ٿي. سڀاڻي بروهي صاحب وٽ ويندس. کيس ڳالهه سمجھائيندس. تنهنجو مسئلو حل ٿي ويندو.” انعام کيس چيو؛ “يار ائين ته ڪر منهنجي جان ڇڏاءِ بروهي صاحب کي تون ئي مطمئن ڪري سگھين ٿو. مان ته کيس جواب نٿو ڏئي سگھان. خير انعام رڌو پڪو ڪري ورتو. چيائين؛ “ماني ڪير ڪير کائيندا ته اوترا نان وٺي اچان.” رمضان ۽ مون ته انڪار ڪيو. باقي ڪيهر ها ڪئي. ماني به کاڌائون پئي ۽ وري وري ساڳئي موضوع تي ڳالهائيندا رهيا. انعام سخت پريشان هئو، ايتري تائين جو مان نئون آيو هئس حال احوال به ڪون ورتائين نڪي تعارف ٿيو. بس کيس هچائن جي ڳڻتي هئي. انعام، ڪيهر، رمضان جي پاڻ ۾ اڳ ئي ملاقاتيون هيون. ماني کائڻ کانپوءِ چانهه جو وارو آيو ته رمضان چيو؛ “انعام چانهه مان ٺاهيان ٿو.” ائين چئي رڌڻي ۾ هليو ويو. رمضان رڌ پچاءُ ۾ ڀڙ هيو. رات جو مانيءَ جي ويلي تي ڇڙا رهندڙ سندس فليٽ تي رڳو ماني کائڻ ايندا هئا. هي فقير ماڻهو دل ۾ ڪون ڪندو هئو. هر آيل ماڻهونءَ جي دل سان خدمت ڪندو هئو. ڪيهر مخاطب ٿيندي چيو؛ ”توهان ڪهاڻيون لکندا آهيو. ڪٿي ڇپيون آهن.” چيم؛ “هلال پاڪستان جي ادبي صفحي ۾ ڇپيون آهن.” چيائين؛ “ڪوشش ڪري ڪنهن رسالي ۾ ڪهاڻي ڇپائيندا ڪيو. اهو رڪارڊ تي رهي ٿو. اخبار جي ته هڪ ڏينهن جي زندگي آهي.” تنهن دور ۾ تمام پيارو شخص شڪور نظاماڻي هلال پاڪستان جو ادبي صفحو سنڀاليندو هئو. س ا س ڪراچي جي گڏجاڻين ۾ ايندو هئو. کيس گڏجاڻيءَ ۾ کوڙ مواد ملي ويندو هئو. رئوف نظاماڻي، شڪور نظاماڻي ۽ حسن منصور ٽئي ڀائر آهن. حسن منصور ته ويجھڙائيءَ ۾ الله کي پيارو ٿي ويو. سندن خاندان ڪراچيءَ جو اصل رهاڪو آهي. وري ڪيهر پڇيو ته؛ “ڪهڙا ڪهاڻيڪار پڙهيا اٿو.” کيس ٻڌايم ته چيائين؛ ملڪ آگاڻي کي پڙهيو اٿو. چيم؛ “نه” زور ڀريائين ته هن کي ضرور پڙهو. سندس ناول نيرولي جو ڪن جي گھڻي تعريف ڪيائين. ڪجھ مهينن کانپوءِ پڙهڻ لاءِ آڻي به ڏنو هئائين. پڙهيو هئم. ضياءُ جي مارشلا جي پسمنظر ۾ لکيل هئو. رمضان چانهه ٺاهي کڻي آيو ته وري خاموشي ٿي وئي. انعام ڳالهيون ٻڌيون پئي. تنهن چيو ته “پيارا سڀاڻي تاجل وٽ استاد بخاري پيو اچي. صبح جو اچي وڃ جو ڪيهر کي چوڻ کانپوءَ رمضان کي چيائين پوءِ مونکي چيائين توهان به اچجو.” ائين ڪچهري ختم ٿي. ٻاهر نڪتاسين ته پيارو رمضان اتان ئي گيٽ وٽان موڪلايو. ڪيهر ۽ مان پنهنجي گھرن ڏانهن روانا ٿياسين. ٻئي ڏينهن صبح جو انعام جي گھر گڏ ٿياسين. اتان تاجل جي گھر روانا ٿياسين. مون کانسواءِ ٽئي همراهه تاجل جي گھر ويندڙ هئا. منهنجي ملاقات تاجل سان ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ ٿيل هئي. پهريون ڀيرو کيس جڏهن سلوار قميص جي جوڙي ۾ ويسڪيٽ پاتل کيسي ۾ ڳاڙهو رومال. مٿان پاسي تي سينڌ نڪتل. گھاٽا وار، ڏاڍو وڻيو هئم. ان ڪري به گھڻو خوش هئم جو سندس نالو سوڀوديري ۾ ڏاڍو ٻڌو هيم. سندس اباڻو ڳوٺ اتي ئي ڀرپاسي جي ڳوٺ حيات شاهه ۾ هئو. جتي پاڻ تعليم حاصل ڪرڻ جي ڏينهن کي هيئن ياد ڪيو اٿائون. “مان جڏهن اٺن سالن جي عمر جو هئس ته هر روز اڍائي ميل پنڌ ڪري ڀروارن ڳوٺن، جي ٻارن سان گڏجي ڀونڀٽ پور پڙهڻ ويندو هئس. ڀونڀٽ پور گمبٽ تعلقي ۾ انبن ڀرسان سڳين ۽ نواڙي جي اتر ۾ ڪچي جي کاٻي ڪلهي تي جَھلي بند هيٺان هڪ پراڻو ڳوٺڙو آهي. محراب واهه تي ٻنڌ يا ڪاٺي نه هئڻ ڪري گوڏ ڪلهي تي رکي. اسانکي واهه جي چيلهه تي ايندڙ پاڻيءَ مان لنگھڻو پوندو هو. اهو زمانو ۱۹۴۶ع وارو هئو.” تاجل بيوس سيلف ميڊ ماڻهو هئو. ننڍپڻ ۾ پيءُ جي فوت ٿيڻ کانپوءِ غربت جا ڏينهن گھاريائين. پڙهڻ ۾ هوشيار هئو. ساڻس استاد الهندو مالي سهڪار ڪندو رهندو هئو. جنهن ڪري هو پڙهي سگھيو. سندس زندگيءَ جي سڦلتا ۽ اعلي عهدي تي پهچڻ ۾ سندس ماءُ جي دعائن جي قبوليت هئي. نج ٻهراڙي جو ڪچي ۾ مينهون چاريندڙ تاج محمد سمون ڦري تاجل بيوس بڻجي سنڌي ادب ۽ ٻين ٻولين ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪيائين. مان اهي تاجل وارا پڊ ڏسي آيو آهيان. سوڀيديري ۾ اسان جا مائٽ آهن۔ جتي ڪَتل ۽ انبن جي مند ۾ اتي وڃي مهينو کن رهندو هيس. مامو عرس جيڪو گھڻو پڙهيل ته ڪو نه آهي پر شاعريءَ سان لڳاءُ هوندو هيس. منهنجي به دلچسپي هوندي هئي پوءِ تاجل بابت ٻڌائيندو هئو ته جڏهن هتان لڏيون پئي ويو ته هي ڪلام لکيو هئائين جيڪو ريڊيوپاڪستان تي به جام هلندو هئو. ڇڏي شهر تنهجو مٺا اڄ وڃون ٿا. هزارن ڏکن کان ڇٽا اڄ وڃون ٿا ڪڏهن ڪون اچبو اوهان جي شهر ۾ نه ماکيءَ کي ڇڏبو ملائي زهر ۾ لکي شعر مٺڙا رٺا اڄ وڃون ٿا. گھڻو ياد ڪو نه اٿم ان طرح جو ڪلام هئو. وري اسان جي ڳوٺ منهنجي ڀيڻيويي محمدصالح جي دعوت تي سندس کاتي جو آفيسر ايندو هئو. نجف علي مرزا وڏو قوم پرست ۽ سنڌ پرست هوندو هئو. ان دور ۾ اسان جي ڳوٺ ۾ بجلي ڪو نه ھوندي ھئي سو پاڻ سان گڏ ٽيپ رڪارڊر آڻيندو هئو ۽ سيل وجھرائي ايندو هئو. پوءِ عابده پروين جي آواز ۾ تاجل جو ڪلام؛ سنڌڙي منهنجي امڙ تو سان ناتو شال نڀايان ناتو شال نڀايان الا جھولي چنڊ جھلايان. مون ۾ تون موجود ازل کان بيوس ڪيئن سڏايان. پورو ياد ناهي پر اهو ڪلام رات ڏينهن جيترو وقت اسان وٽ مهمان طور رهندو هئو ٻڌندو رهندو هئو. تاجل جا ڪيترائي قومي گيت مشهور هئا. مثلن (منهنجي لاءِ مارون رنا ڪيئن نه هوندا. پلو پاند تن يار ڀنا ڪيئن نه هوندا) اهو ڪلام ذوالفقارعلي ڀٽي جي ڦاسيءَ کانپوءِ لکيائين. ساڻس ڪچهريءَ لاءِ سندس گھر پئي ويس ڏاڍي خوشي پئي ٿي. هونئن تاجل بيوس جي اباڻي ڳوٺ ۽ اسان جي ڳوٺ ۾ ڪوئي چاليهن ميلن جو مفاصلو هئو. آچر يعني موڪل جو ڏينهن هو۔ اسان اچي تاجل جي گھر اي ـــ ٿري پائيونر هومز جنهن جي در تي تختيءَ تي لکيل هو؛ تاجلس نيسٽ. بيل ڪئيسين ته سندس پٽ نديم تاج آيو. چيائين اچو اچو بابا جن مٿي ويٺا آهن. ڪار پورچ مان ئي مٿي ڏاڪڻ نڪري پئي. مٿي چڙهي وياسين. سڄو آڳر خالي هو ڪنڊ تي وڏو ڪمرو هئو. جنهن ۾ داخل ٿياسين ته تاجل اٿي آڌرڀاءُ ڪيو. ويٺاسين مون ڪمري جو جائزو ورتو. ڀتين سان چوڌاري ڪتابن جا شيلف هئا. هيٺ ويهڻ جو اهتمام هئو. هيٺ خوبصورت ڪارپيٽ وڇايل هئو جنهن تي اسان ويٺا هئاسين، ڪمرو وڏو ڪشادو هئو. ڳالهيون پئي ڪيونسين ته نديم، استاد بخاري ۽ عبدالغفار تبسم کي وٺي آيو. ملياسين. ڇا ته استاد بخاريءَ جي شخصيت هئي. توڻي پوڙهائپ ۾ هيا پر چهري تي تازگي ۽ ڪشش موجود هئي. خوش خير عافيت کانپوءِ حال احوال شروع ٿيا ته استاد ٻڌايو ته؛ “ڪينٽ جي طرف هوٽل ۾ رهيل آهيان. ڪجھ سنگتين سان ملاقات ٿي آهي، ڪجھ سان ڪرڻي آهي. تبسم کي شابس آهي ڪراچي ۾ گڏ گڏ پيو گھمي. شهر کان گھڻو واقف ناهيان. جڏهن به ڪراچي اچڻ ٿيندو آهي ته تبسم کي تڪليف ڏيندو آهيان. ائين ڳالهايون پيا ته رکيل مورائي ۽ شان ڏهر آيا. پري کان ٻانهون ٻڌي سلام ڪري ويهي رهيا. ڪچهري جاري هئي. ان ڪري ملڻ جو رخنو ڪون وڌائون. هونئن به استاد، رکيل کي ته چڱي طرح سڃاڻي پيو. سنڌي ادب تي ڳالهه ٻولهه هلندي رهي. وقت گذرڻ جو احساس ئي ڪون ٿيو. ايتري ۾ نديم تاج اچي تاجل بيوس کي ڪن ۾ ڪجھ چئي هليو ويو. استاد بخاري ڳالهايو پئي. جڏهن ٺاپر ٿي ته تاجل بيوس چيو ته؛ “ٻه ٽي گرهه ماني ٿي وڃي باقي ڪچهري بعد ۾ ڪيون.” سڀني گڏجي ماني کاڌي. پوءِ ڀرپور مشاعري جي تياري شروع ٿي ته تاجل سائين ٻڌايو ته سندس شاعري جو ڪتاب “ڪنڌي ڪونئر ترن” ڇپجي اچي ويو آهي. هتي آيل سڀني دوستن کي هڪ هڪ ڪاپي ڏيندس. کيس سڀني مبارڪون ڏنيون. پاڻ ڏاڍو خوش هئو. ايتري ۾ نديم تاج ڪتاب جون ڪاپيون کڻي آيو. رکيل مورائي سندس مدد ڪري رهيو هئو. هڪ هڪ ڪتاب تاجل سائين کي ڏيندو ويو. پاڻ ڪتاب تي ڪجھ لکي واري واري سان ڏيندو ويو. ڪاپي جا مونکي ڏنائين تنهن تي لکيل هئو. (پيار ۽ پاٻوهه سان نوجوان دوست شاعرــــــ رزاق سهتي لاءِ.... تاجل بيوس تاريخ ۱۳.۱۲.۹۱) جڏهن سڀني ۾ ڪتاب ورهائجي پورا ٿيا ته شاعري پڙهڻ جو مرحلو شروع ٿيو. جيئن ويٺا هئاسين ته واري سان شاعري ٻڌائڻ شروع ڪئي. منهنجو وارو آيو ته مون بحر وزن کان آجو هي غزل پڙهيو. ڪاش هوا جو جھوٽو هجان ها تنهنجي ڇاتيءَ تان پوتي چُڻان ها ڪنڌ رکين ها گوڏن تي ۽ مان تنهنجي وارن ۾ گل وجھان ها. هر هڪ چپ تي ٻول هجن ها ڪاش ڪو اهڙو گيت لکان ها. جيون جا ارمان اڌورا رهجي ويا ڇو ڪاش ڪنهن ڪارڻ جڳ ۾ مان ته جيان ها. آخر ۾ تاجل سائين ۽ استاد بخاري وڃي بچيا. تاجل ته ميزبان هيو سو استاد کي وارو ڏنائين. شام ٿي چڪي هئي. سج لهڻ ۾ ڪو باقي وقت بچيو هئو. استاد جو به تازو ئي شاعريءَ جو ڪتاب “ڌرتي سرتي” آيو هئو ان مان هڪ طويل نظم پڙهڻ شروع ڪيائين. اهو پورو ڪيائين ته وري ڊائريءَ مان ٻيو، وري ٽيون پڙهندو رهيو. نديم... تاجل سائين ڏي پنڌ شروع ڪيا. پر استاد سائين بس ئي ڪون ڪري، سڀ چپ. استاد بخاري ڪوئي اڍائي ڪلاڪ کن شاعري پڙهي. پوءِ به اهو چيائين “ٿڪا ته ناهيو.” ساهي پٽيائين ته تاجل چيس؛ “گھروارن کي مائٽن جي تقريب ۾ وڃڻو آهي.” ته استاد چيو “تون به ويندين ڇا.” تاجل ها ڪئي. چيائين؛ ”بس! آخري نظم پڙهان پوءِ اٿون ٿا.” جڏهن پڙهي پورو ڪيائين ته تاجل چيو؛ “هاڻ آنءُ شاعري ڪون ٿو پڙهان بس ڇيهه ٿي ويو.” استاد چيو؛ “جيڪي هي نوجوان ويٺا آهيو سڀني جا پني تي نالا لکي ڏيو. رکيل اهو ڪم ڪيو. ڪچهري مشاعري تي پڄاڻيءَ تي پهتي. لُڏي پئي لام، پر نه پکيئڙا ڏار تي اسان پڻ اتامرا، اجھا ٿي اڏام هاڻوڪا هشام، ڪير نه پسندو ڪڏهن. (تاجل بيوس) (منھنجي آتم ڪٿا جو باب؛ تاجل بيوس جي وڇوڙي جي ڏينھن تي کيس آتم ڪٿا مان باب کڻي ياد ڪيان ٿو.) (رزاق سھتو جي فيسبڪ تي ۱۳ ڊسمبر ۲۰۲۴ع تي رکيل پوسٽ)
نقش ناياب منگي ھن شخص جي ڪھڙي ڳالھ ڪجي خليل مورياڻي سن ۱۹۷۴ع کان ۱۹۸۰ع تائين ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ نوڪري ڪرڻ کانپوءِ جڏھن شڪارپور واپس آيس ته گھڻو ڪري سڄي سنگت شڪارپور کي ڇڏي، ڪراچي اسلام آباد ۽ ٻين شھرن ۾ وڃي آباد ٿي چڪي ھئي. ھتي صرف ڪجھ دوست ۽ ساٿي وڃي باقي رھيا ھيا، جن مان عزيز ساگر سان ڪڏھن ڪڏھن ميل ملاقات پئي ٿيندي ھئي، جنهن به پنهنجيون ترجيحون بدلائي وڃي مسجد وسائي ھئي ۽ باقي وقت حڪمت جي ڪرت ۾ مشغول ٿي چڪو ھيو. انهيءَ ڪري مان سخت اڪيلائي ۽ ويڳاڻپ جو شڪار رھيس. انهيءَ دوران سڌ پئي ته حاجي غلام رسول ميمڻ رحيم يار خان صادق آباد کانپوءِ سکر کي به ڇڏي اچي شڪارپور جا وڻ وسايا آھن ۽ ھتي گھگھراڻي گھٽيءَ ۾ ماڊرن پريس قائم ڪري چڪو آھي. گھڻو ڪري آفيس ٽائيم کانپوءِ جڏھن اتي وڃڻ لڳس ته پريس تي ڪجھ نوان چھرا نظر آيا جن کي روزانو اتي موجود ڏٺم. انهن ۾ نقش ناياب منگي صاحب مکيہ ماڻھو ھيو جيڪو پريس جي سڄي ڪارونهوار ۾ مشغول ھوندو ھيو ۽ سندس خدمت چاڪريءَ ۾ ھڪ سنهڙو ۽ ڦڙتيلو نوجوان انور فگار ھَڪڙو ھوندو ھيو. نالن ۽ تخلص مان اھو ڀانيم ته شاعر ۽ اديب آھن. اتي ئي ڪڏھن ڪڏھن ٻين شخصن سان پڻ ملاقات ٿيندي رھندي ھئي. انهن ۾ خاص ڪري رئيس غلام مصطفيٰ خان ڀيو، جنهن کي اسان علامه ڀيو صاحب چوندا ھياسين ۽ ٻيو شخص ڊاڪٽر عبدالخالق راز سومرو صاحب ھو جيڪو ان وقت خانپور ھاءِ اسڪول ۾ استاد ھيو ۽ ڳوٺ حاجي خان ڪلھوڙي ۾ رھندو ھو. ڊاڪٽر صاحب گھڻو ڪري ھر آچر ڏينهن، شڪارپور سنگت سان ملڻ ايندو ھو. اتي ئي گھڻو ڪري روزانه ڀاءُ نعمت اللھ ڀٽو سان به ملاقات ٿيندي ھئي، جيڪو مھراڻ جنرل ناليج جي ڇپائيءَ وغيرھ جي سلسلي ۾ ايندو ھو. اھڙو ادبي ماحول ڏسي، دل کي ڪجھ آٿت مليو. آھستي آھستي ميل جول وڌيو ته ويجھڙائپ ٿي، جيڪا پوءِ سڀني سان ڀائپيءَ ۾ بدلجي وئي. ان وقت حاجي غلام رسول ميمڻ جي طرفان قائم ڪيل اداري مھراڻ پبليڪيشن طرفان ڪيترا ئي ڪتابي سلسلا جاري ھيا، جن ۾ ”اسان جا اديب اسان جا شاعر“، ”سنڌي انسائيڪلوپيڊيا“ کان سواءِ ”معلومات مھراڻ“ خاص اھميت رکندا ھيا. انهن مان ”اسان جا اديب اسان جا شاعر“ کي نقش ناياب منگي مرتب ڪندو ھيو. مون اُتي منگي صاحب کي ھميشه ڇپائيءَ جي ڪمن، خاص ڪري مواد کي سھيڙن، پروف ڏسڻ، مختلف اديبن شاعرن سان لک پڙھ کان علاوھ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ڏانهن موڪلڻ لاءِ VPP پارسل تيار ڪرڻ ۾ مصروف ۽ مشغول ڏٺو، ساڻ ساڻ پان ۽ چانھ جو دور پڻ پيو ھلندو ھو. جيئن جيئن ساڻس ويجھڙائپ ٿي ته مون محسوس ڪيو ته منگي صاحب کي شڪارپور شھر ۽ ضلعي جي تاريخ ۾ تمام گھڻي دلچسپي آھي. ان سلسلي ۾ ڪيترن انگريزي، اردو ۽ سنڌي ڪتابن وغيرھ جا ريفرنس پيا ڏيندا ھئا. جيئن ته منهنجو ان وقت تائين پڙھڻ جي حوالي سان واسطو صرف ڪھاڻين، ناولن، سفرنامن ۽ سياسي ڪتابن سان ھيو، ان ڪري تاريخ جي ڪتابن سان ان کان اڳ ۾ واسطو ڪو نه پيو ھيو. ڇاڪاڻ ته ان کي خشڪ موضوع سمجھي، ويجھو ڪو نه ويندو ھيس، مگر منگي صاحب جي صحبت ۾ رھي، تاريخ جي ڪتابن ۾ ڪجھ دلچسپي وڌي. مونکي اھو ٻڌائيندي فخر ٿو محسوس ٿئي ته ان ڳالھ جو سھرو منگي صاحب ڏانهن وڃي ٿو، ور نه ته اسان ھسٽاريڪل سوسائٽي قائم ڪري يا شڪارپور بابت ايترا ڪتاب وغيرھ ڇپائي ڪو نه سگھون ھا. اتي وري ھڪ ٻي ڳالھ اھا آھي ته نقش ناياب منگي صاحب کي پنهنجي ذاتي شھرت يا پنهنجو نالو پيدا ڪرڻ جو ڪو شوق ڪونه ھيو. مون پنهنجي گنهگار اکين سان ڏٺو ته؛ وڏيون وڏيون ڊگريون رکڻ وارا کانئس پنهنجين لکڻين ۾ ۽ خاص ڪري تحقيقي مقالن ۽ مضمونن ۾ درستگيون ڪرائڻ لاءِ وٽس کڻي ايندا ھيا، جن تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ۽ ڪيترا دفعا ڏينهن جا ڏينهن بحث مباحثا به ٿيندا ھيا. انهن بحث مباحثن ۾ مون ھميشه منگي صاحب کي ٺوس دليلن ۽ ثبوتن سان ڪيترن ڪتابن جا حوالا وغيرھ ڏيندي ڏٺو ۽ آخر ۾ ائين ٿيندو ھيو ته انهن ڊگري يافته محققن کي پنهنجي مھينن جي محنتن سان لکيل مضمونن وغيرھ کي منگي صاحب سان سھمت ٿيندي، انهن ۾ تبديلي ڪرڻ لاءِ مجبور ٿيڻو پوندو ھو. ھڪ شاعر جي حيثيت ۾ به مون نقش ناياب منگي صاحب کي استاد شاعر محسوس ڪيو. علم عروض جي کيس مڪمل ڄاڻ ھئي. اڄ مان محسوس ڪريان ٿو ته سندس وفات کانپوءِ شڪارپور ۾ انهيءَ پائي جو استاد شاعر شل ڪو بچيو ھجي. جيتوڻيڪ سندس شاعريءَ جو مجموعو ھن وقت تائين ڇپجي نه سگھيو آھي. سندس گھڻي شاعري ڪيترن ئي رسالن، اخبارن وغيرھ ۾ ٽڙي پکيڙي پئي آھي. سندس مڪمل شاعريءَ کي ڇپائڻ، وقت جي اھم ضرورت آھي. ان کان علاوھ سندس ڪيتريون نثري تخليقون پڻ ٽڙيل پکڙيل صورت ۾ موجود آھن، جيڪي پڻ ڪتابي صورت ۾ ڇپجڻ جي انتظار ۾ آھن. منگي صاحب جتي ڪهنه مشق شاعر ۽ ناميارو نثر نويس ھيو، اتي تمام سٺي ترجمي نگار جي حيثيت ۾ سندس ناماچار رھيو آھي. انهيءَ ترجمي واري ڪم ۾ مشھور انگريزي عملدار ايف جي گولڊ سمڊ جو اڻويھين صديءَ ۾ لکيل ڪتاب Memoirs on Shikarpur پڻ خاص اھميت رکي ٿو. ھن وقت تائين سندس ھڪ ڪتاب، ”شڪارپور: ھڪ اڀياس“، روشني پبليڪيشن طرفان ۲۰۰۴ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿي چڪو آھي، جنهن ۾ منگي صاحب جا ڇھ مضمون شامل آھن. ھن وقت تائين شڪارپور بابت شايع ٿيل ڪتابن ۾ ھيءُ پھريون ڪتاب آھي جنهن ۾ شڪارپور بابت گھڻي ڀاڱي مضمون جديد تحقيق جي بنياد تي لکيل آھن. ھي ھيو منگي صاحب جي لکيل تخليقن جو مختصر وچور. ان کان علاوھ ھڪ استاد جا پيدا ڪيل شاگرد به ڄڻ ته ھن جي تخليقن جي حيثيت رکندا آھن. نقش ناياب منگيءَ لاءِ اسان وٽ چيو ويندو آھي ته؛ اعليٰ تعليمي يافته ڪو نه ھيو يا وري وٽس ڪنهن يونيورسٽي وغيرھ جي ڊگري ڪو نه ھئي. اُتي مان اھو چوندي ڪو به عار محسوس ڪو نه ٿو ڪريان ته منگي صاحب وٽ جيتوڻيڪ ڪا به ڊگري وغيرھ ڪو نه ھئي پر پوءِ به اسان جي آڏو، سندس ھڪ شاگرد جي حيثيت ۾ اھڙي تخليق موجود آھي، جنهن تي کيس وڏو فخر ھيو. اھو شاگرد آھي، ڊاڪٽر انور فگار ھڪڙو. پنهنجي ان تخليق تي، پنهنجين لکيل تخليقن کان وڌيڪ، محنت ڪيائون. ھن جي پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪرڻ تائين، منگي صاحب جو وڏو ڪردار رھيو آھي. دامي، درمي ۽ سخني سندس ھر وقت نه صرف مدد ڪيائون پر ھميشه ھمٿ افزائي پڻ ڪندو رھيس. ڊاڪٽر انور فگار ھڪڙي تي ايتري محنت ڪيائون ۽ محبت ڏنائون جيتري ڪو مائٽ پنهنجي اولاد تي، به ڪو نه ڏيندو آھي. انهيءَ مان منگي صاحب جي سخاوت جو چڱيءَ ريت اندازو لڳائي سگھجي ٿو. ساڻس روبرو آخري ملاقات، سندس گھرواريءَ جي وفات جي موقعي تي جون مھيني ۾ نمازِ جنازھ کان اڳ ۾ ٿي ھئي، جڏھن منگي صاحب کي وھيل چيئر تي نماز ۾ شرڪت لاءِ وٺي پئي آيا. وڌي ساڻس ڀاڪر پائي مليس ته مونکي ڪو نه سڃاڻي سگھيا. ڇاڪاڻ ته وڏو وقت بيمار رھڻ سبب سخت ڪمزور ٿي چڪا ھيا ۽ سندس نظر به جھيڻي ٿي چڪي ھئي. جڏھن کيس پنهنجو نالو ٻڌايم ته يڪدم روئي ويٺا. منهنجي به اکين مان ڳوڙھا وھي نڪتا ۽ سڏڪا ڀري روئي ويٺس. اکين مان وھي نڪتل گرم ڳوڙھن جي آلاڻ کي اڄ به محسوس ڪري رھيو آھيان. ان کانپوءِ به ساڻس فون ذريعي ڳالھ ٻولھ ٿيندي رھندي ھئي. وفات کان ھڪ ھفتو اڳ، موبائل تي رابطو ٿيو. رسمي ڳالھ ٻولھ کان پوءِ سڏڪا ڀري روئندو رھيو. مان کيس آٿت ڏيندو رھيس ته جلد ئي وٽس اچي حاضر ٿيندس. بدقسمتيءَ سان وٽس وڃي نه سگھيس، جنهن جو ڏک ھميشه رھندو. جيئن ته ھي دنيا فاني آھي انهيءَ ڪري ھر ڪنهن کي اڄ نه سڀاڻي ھي جھان ڇڏڻو آھي، اھڙيءَ ريت ۷ ڊسمبر ۱۹۴۸ع تي جنم وٺندڙ حق نواز منگي ۷ آڪٽوبر ۲۰۱۱ع، ۶۲ سال، ۱۰ مھينا عمر ماڻي ۶۳ سالن جي ڄمار ۾ اسان کان موڪلائي اھڙي جوءِ وڃي وسائي جتان ڪو به واپس نه وريو آھي. جيڪڏھن ڏٺو وڃي ته ۶۳ ورھين جي عمر پيغمبري عمر آھي. ڇاڪاڻ ته اسان جي پياري نبي ڪريم صلعم جن به ۶۳ سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪيو ھو. ان کان علاوھ منهنجي خيال ۾ سنڌ جي لاکيڻي لطيف به اٽڪل ۶۳ ورھين جي ڄمار ۾ رھلت فرمائي ھئي. اھڙيءَ ريت منهنجو پيارو دلبر دوست حق نواز نقش ناياب منگي به اھڙي سعادت حاصل ڪري پنهنجي مالڪ حقيقي سان وڃي مليو. ڌڻيءَ در دعا آھي ته مولا پاڪ کيس جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏيندو (آمين). حق نواز نقش ناياب منگي ڪوڙي ڇانو ڪڪر جي غلام رسول ميمڻ ياد آئي آھ ڪنھن جي اي ستمگر آسمان خون جا ڳوڙھا ڇو منھنجي نيڻن مان آهن روان اسان جو پيارو دوست، ھڏ ڏوکي، ھمدرد ۽ شڪارپور جو مشھور شاعر، اديب، محقق ۽ صحافي حق نواز نقش ناياب منگي شڪارپور ۾ ۷ آڪٽوبر ۲۰۱۱ع تي گذاري ويو. سندس وڇوڙي واري صدمي جھوري ڇڏيو آھي. ھن سان گذاريل ھر گھڙي ماضيءَ جو سير ڪرائي ٿي. جنھن سان آئون وڌيڪ ڏکارو ٿي وڃان ٿو. اڄ جڏھن اُھي يادون اُڀري اچن ٿيون ۽ اُھي دل گھريا دلبر سامھون نه ٿو ڏسان ته غمزدھ ٿي وڃان ٿو. ڪشمور ۾ ورڪشاپ تي ۱۹۶۲ع ۾ جڏھن حق نواز جي وڏي ڀاءُ علي نواز سان گڏ ڪم ڪندو ھئس تڏھن اسان ھڪ ئي ڪالوني ۾ رھندا ھئاسين ۽ اُتي اڪثر حق نواز منھنجي ڪوارٽر تي اخبارن ۽ رسالن جي مطالعي لاءِ ايندو ھو. مان کيس ھفتيوار ناظم اخبار (جيڪا شڪارپور مان نڪرندي ھئي ۽ باقاعدھ ھر ھفتي مون وٽ ايندي ھئي) ۽ ماھوار نئين زندگي جا پرچا پڙھڻ لاءِ ڏيندو ھئس. انھن جو مطالعو ڪندي ڪندي ھن به پنا ڪارا ڪرڻ شروع ڪيا. حق نواز جي ادب سان دلچسپي ڏسندي مان ماھوار نئين زندگي، ڳوٺ سڌار ۽ سھ ماھي مھراڻ جا پرچا ھن لاءِگڏ ڪرڻ شروع ڪيا، جيڪي سندس مطالعي لاءِ نھايت ڪارآمد ثابت ٿيا. انھن ئي ڏينھن ۾ ھن جي ذھانت کي ڏسندي سندس استاد آذر ناياب بدايونيءَ کيس علم عروض سيکارڻ شروع ڪيو. آذر ناياب پاڻ به اردو، فارسي ۽ سنڌي ۾ شاعري ڪندو ھو. سندس قابليت جو چرچو ھوندو ھيو. مشاعرن ۾ اسٽيج تي ويٺي ويٺي شاعرن جي شاعري مان علم عروض جي کوٽ واڌ ۽ گرامر جي غلطين کي ظاھر ڪندو ھو. ڪشمور ھاءِ اسڪول ۾ آذر ناياب وٽ سنڌي شاعرن جو به اچڻ وڃڻ ٿيندو ھو، جن ۾ شعبان بخت، رشيد احمد لاشاري، عبدالڪريم گدائي، فيض بخشاپوري ۽ ٻيا شامل ھوندا ھئا. تن سان حق نواز جي ملاقات ڪرائيندو ھو. بشير مورياڻي جن ڏينھن ۾ تعليم کاتي ۾ ھوندو ھو ته اڪثر ڪشمور ھاءِ اسڪول ۾ انسپيڪشن تي ايندو ھو. ھر دفعي آذر ناياب صديقي کان ھجائتو ٿي پڇندو ھو ته؛ ”گھڻا ڇوڪرا تيار ڪيا ٿي؟“ آذر ناياب ھر ڀيري جيڪي شاگرد سندس سامھون آڻيندو ھو، انھن ۾ منگي صاحب سر فھرست ھوندو ھو. حق نواز به ننڍپڻ کان ھوشيار ھو. انگريزي، تاريخ ۽ رياضي ان وقت کان سندس پسند جا موضوع ھيا. اسڪول مان ڪڏھن ڪڏھن پين يا ڊڪشنري انعام ۾ ماڻي ايندو ھو ته مون کي ڏيکاريندو ھو ۽ خوشي ۾ نه ماپبو ھو. ۱۹۷۷ع ۾ جڏھن شڪارپور جي بجاج گھٽيءَ ۾ مون پريس کولي ته منگي صاحب سان گڏ شڪارپور جو ناليوارو اديب، شاعر، صحافي ۽ فرض شناس اُستاد حبيب اللھ ڀٽو به ھر روز شام جو اچي مون وٽ گڏبا ھئا ۽ پوءِ اسان ٽئي پريس بند ڪري سموري بازار لتاڙيندي علمي ادبي ڪچھرين ۾ محو ٿي، سائين حبيب اللھ کي واڌو مارڪيٽ وٽ ڇڏيندا ھئاسين ۽ پاڻ دادوائي روڊ تي پھچي، ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيھي ادب جي واڌ ويجھه ۽ ادبي سيريز لاءِ موصول ٿيل مواد تي گفتگو ڪندا ھئاسين. ڪڏھن ڪڏھن اسان موضوع تان ھٽي پنھنجي گھر جي مسئلن تي به ڳالھائيندا ھئاسين، ڇو جو ھاڻي منگي منھنجو دوست نه پر گھر جو ڀاتي بڻجي چڪو ھو. مرحوم حبيب اللھ، منگي صاحب کي ڊاڪٽر قيوم طراز ۽ بدر اُڄڻ سان ملرايو ھو. انھن ڏينھن ۾ ڊاڪٽر قيوم طراز شڪارپور ۾ شھر جو دادلو شاعر تسليم ڪيو ويندو ھو. بدر اُڄڻ به انگريزي ادب ۽ تنقيد نگاريءَ جي حوالي سان گھٽ نه ھو. جڏھن ٽئي اچي گڏجن ته شعر و شاعريءَ ۽ تنقيد نگاريءَ تي بحث مباحثا ڪن. ڊاڪٽر قيوم طراز ته منگي صاحب کي تمام گھڻو مان ڏيندو ھو ۽ سندس ذھانت جو اسان سان اعتراف ڪندو ھو. ان وچ ۾ ”اسانجا اديب، اسانجا شاعر‟ جي ترتيب ۽ خط وڪتابت جي سلسلي ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي شاعرن ۽ اديبن سان سندس تعلقات وڌندا رھيا. سندس دوستن جو حلقو وسيع ٿيندو ويو. مرحوم حبيب اللھ ڀٽي جڏھن شاھ محمد ثاقب منگي سان نقش ناياب منگي جي ملاقات ڪرائي تڏھن اسان جي محفلن ۾ اڃا وڌيڪ رونق اچي وئي. شاھ محمد ثاقب به ڀلوڙ شاعر، نثر نويس ۽ موسيقيءَ جو ڄاڻو ھوندو ھو. ڪڏھن ڪڏھن شاھ لطيف جي شاعري تي منگي صاحب سان ڪافي بحث ڪندو ھو. اسان ٻنھي جي وچ ۾ نه پوندي اھو چئي جان ڇڏائيندا ھئاسين ته؛ ”منگي آھيو ٺھي ويندؤ“. تاريخ جي ڄاڻوءَ جي حوالي سان مون حق نواز کي شڪارپور واري سنگت ۾ مٿانھون محسوس ڪيو. ھو ھڪ نقطي کي بيان ڪرڻ لاءِ به غلام مصطفي ڀيي وانگر حوالا ۽ دليل لاءِ ڪتابن جا ڍير سامھون رکي ڏيندو ھو. حوالن مٿان حوالا پيش ڪري جڏھن سرسي حاصل ڪندو ھو ته منھنجي من ۾ ايئن خوشي محسوس ٿيندي ھئي جيئن ڪو پنھنجي ٻچي جي ڪاميابي تي سرھو ٿيندو ھجي. اسان وٽ جڏھن نقش ناياب منگي تاريخ جي موضوع تي گفتگو ڪندو ھو ته مشڪل سان ڪو ھڪ يا ٻه اديب سندس گفتگو ۾ شامل ٿيندا هئا. ڇو جو اسان جي سموري سنگت ۾ ڪو به تاريخ جو ماڻھو نه ھو. ان اھڙي ماحول ۾ جڏھن اسان وٽ منگي صاحب آيو ته کيس ڏسندي ڏسندي اسان جي سنگت به ڊائجسٽن ۽ ناولن مان جند ڇڏائي ۽ تاريخ جھڙي اھم موضوع ۾ دلچسپي ورتي. حقيقت ۾ منگيءَ ئي اسان کي تاريخ ۽ تاريخي ڪتابن کان روشناس ڪرايو. ان جو ھڪ مثال منھنجي دوست خليل مورياڻي جي شڪارپور ھسٽاريڪل سوسائٽي جو بنياد آھي جيڪا وڌي وڻ ٿي چڪي آھي. ھڪ سٺي تاريخ جي ڄاڻوءَ کان علاوه سٺي اديب، مترجم ۽ شاعر جون خوبيون به منجھس شامل ھيون. ھن ادب جي ميدان ۾ ڪيترا ئي نوجوان شاگرد تيار ڪيا. کيس اھڙي محنت ڪندي ڏسندو ھئس ته هن جو ادبي سفر منھنجي اڳيان ايندو ھو. منگي صاحب کي ادب ۾ ان منزل تي ڏسي خوشيءَ ۾ نه ماپبو ھئس. تڏھن ئي دل ۾ خيال آيو ته ڇو نه سندس خدمتن جي اعتراف ۾ ڪو رسالو يا اخبار جاري ڪريان. ان سان منھنجو صحافت وارو شوق به پورو ٿيندو ۽ منگي صاحب جي خدمتن جو اعتراف به ڪري سگھندس. تڏھن شڪارپور مان لکيدر تان سندس تخلص سان ”ھفتيوار ناياب‟ ۱۷ جون ۱۹۹۱ع تي جاري ڪئي ۽ ڪڏھن اخبار ته ڪڏھن رسالي جي صورت ۾ پڌري ڪري، سلسلي کي ھلائيندا رھياسين. ناياب جي ايڊيٽري مون وٽ ھئي. جڏھن خبر پئي ته ماھوار نئين زندگي حيدرآباد جو جوائنٽ ايڊيٽر شعبان بخت رٽائرڊ ڪري ڪشمور ۾ پنھنجو ادبي ڪم سرانجام ڏئي رھيو آھي، تڏھن منگيءَ جي ادبي رھبر شعبان بخت کي شڪارپور گھرائي ھفتيوار ناياب جي ايڊيٽري سونپيسين، جيڪا ھن بخوبي نڀائي ۽ ”ناياب“ کي چار چنڊ لڳرايا. حق نواز جي سڀ کان وڏي خوبي جا ھر ڪنھن ۾ ناھي ھوندي، ھو نيت جو صاف ۽ دل جو ڪشادو ھو. ڪنھن جي به ڪڏھن به گلا نه ڪيائين. ھن پريس جي ڪمن کي به اھڙيءَ طرح سنڀاليو جيئن ڪو پنھنجي گھر جو ڀاتي، پنھنجي ئي ڪاروبار کي سنڀاليندو آھي. ھر مسئلي کي غور سان ٻڌي پوءِ مسئلي جو حل ڪڍي، ھر ممڪن مدد ڪندو ھو. ٻنھي جو ھڪ ٻي جي ڏک سک ۾ ساٿ ڏيڻ وارو دور تيسين ياد رھندو جيسين دم حياتي آھي. ۲۵ سيپٽمبر ۲۰۱۱ع تي اسان واري يار خليل مورياڻي شڪارپور جي مشاھيرن تي پروگرام ڪرايو. مٿان وري شرڪت جو زور به رکيائين. پروگرام تي حسيب سان گڏ وڃڻ کان اول، ڏيڊ ڪلاڪ منگي صاحب وٽ ويٺو رھيس. پنھنجي دور جي پراڻين ڳالھين کي ياد ڪندا رھياسين. مون کي ڪھڙي خبر ھئي ته ھيءَ ملاقات نقش سان آخري ملاقات ثابت ٿيندي. ۷ آڪٽوبر ۲۰۱۱ع تي صبح جو فون ڪري سندس پٽ انيس الرحمان اطلاع ڏنو ته ڌرتي پيرن ھيٺيان نڪري وئي. منگي صاحب جو ننڍپڻ، ڦوھ جواني ۽ پڇاڙي، اکين اڳيان ڪنھن فلم جيان ھلندي رھي. ھن سان گھاريل ڏينھڙن کي ڪھڙي طرح سھيڙيان؟ ھن سان گڏ کل، خوشي ۽ غم وارو سفر سدا ياد رھندو. نقش ناياب منگي حسيب ناياب منگي اهو ۱۹۶۳ع جو زمانو هو، جڏهن پاڻ ڪشمور ۾ تعليم پرائڻ دوران پنهنجي استاد آذر ناياب بدايوني جي رهبريءَ ۾ لکڻ شروع ڪيائون. سنڌي ۽ اردو، توڙي سرائيڪي زبانن ۾ نه صرف لکڻ لڳو پر ڇپجڻ به لڳو. انهن ڏينهن ۾ ڪشمور جي علمي ۽ ادبي ماحول تي آذر صاحب جو اثر ڇانيل هو. وٽس شعبان بخت، فيض بخشاپوري، عبدالڪريم گدائي، رشيد احمد لاشاري توڙي ٻيا پڪا پختا شاعر اچي ڪٺا ٿيندا هئا ۽ علمي ادبي محفل ڪڏهن تنقيدي رخ اختيار ڪري ويندي هئي ته ڪڏهن بياض کلي ويندا هئا ۽ مشاعرو شروع ٿيندو هو تان جو پيشيءَ جو شاعر گهر روانا ٿي وڃن، محفل پئي هلندي هئي. اهڙي ماحول ۾ رهندي، سنڌ جي ويدانتي ڪوي ساميءَ جو پاڙيسري ڀلا ڪٿي خاموش ٿي ويهي سگهيو ٿي. سو پاڻ به شعر پڙهندو هو ۽ انهن ناليوارن ڪوين جا رايا دل سان تسليم به ڪندو هو. تن ڏينهن جا شاعر به تنقيدي راءِ اهڙي پيش ڪندا هئا جو سکڻ وارو سکي وٺندو هو. ان جي برعڪس اڄ اهڙو به ڪٿي ڪٿي ماحول ڏسون ۽ ٻڌون پيا جو رهبري ڪرڻ وارو تنقيدي راءِ اهڙي ته پيش ٿو ڪري جيڪا تنقيد جي علم واري اصولن ۾ شامل ئي نٿي ٿئي. تڏهن ئي ته اڳي گهڻا ئي شاگرد ناليوارن استادن جي رهبريءَ ۾ عالم، اديب، شاعر ۽ علم دوست بڻجي ادب جي دنيا ۾ اڀري آيا، جن جا تذڪرا پاڻ ويٺا ڪريون ٿا. اهي اُهي ڏينهن هئا جن ڏينهن ۾ سنڌي زبان جا ماهوار نئين زندگي ۽ مهراڻ جهڙا مشهور رسالا مطالعي هيٺ اچڻ کانپوءِ پڙهندڙن کان به اُجرا احساس قلمبند ڪرائيندا هئا. ساڳيءَ روايت تي هلندي ”نقش“ ناياب منگي نه صرف مهراڻ ۽ نئين زندگي جو مطالعو ڪندو هو پر نئي دهلي مان بيسوين صدي به پابندي سان گهرائي پڙهندو هو. تنهن اردو رسالي ۾ ته سندس مواد پڻ وڏي عرصي تائين ڇپيو. انهن ڏينهن ۾ حق نواز اي مجيد جي نالي سان لکندو هو. يا ۱۹۶۸ع ۾ روهڙي جا وڻ وسايائين ته مستانه شڪارپوري ٿيو، پوءِ جڏهن محسوس ڪيائين ته شاعريءَ جي ڏات برسات جيان ٽمي منهنجي زندگي کي شعور آڇي رهي آهي، تڏهن پنهنجي استاد آذر ناياب کي اهميت ڏيئي ”نقش“ تخلص سان ناياب ڳنڍي، سنڌ ۽ هند جي مشهور ادبي رسالن ۾ پنهنجون ڪويتائون ۽ نثري رچنائون شايع ڪرائڻ لڳو. ”نقش“ ناياب منگيءَ جي سُڃاڻپ جو حوالو ته تحقيق آهي، ان ڳالهه ۾ به ڪو شڪ ڪونهي ته روهڙي ۽ سکر کي خير آباد چئي، جڏهن پنهنجي اباڻي شهر شڪارپور واپس وريو ته هتي جي علمي ادبي ماحول ۾ سندس سڪو ڄمي ويو. هو ناولن ۽ ڊائجسٽن مان دوستن جي جند آجي ڪرائي، شڪارپور جي تاريخ تي ڪم ڪري ڏيکارڻ لاءِ ڪوشان رهيو. تعليم حاصل ڪرڻ دوران، پاڻ جيڪي سنڌي، انگريزي، اردو، فارسي، عربي، ديوناگري ۽ ٻين ٻولين ۾ ڪتاب، رسالا ۽ مئگزينون گڏ ڪري رکيون هيون تن کي دوستن آڏو نروار ڪيائين. دوستن کي لکڻ لاءِ آماده ڪندو هو ۽ تحقيق جي شعبي ۾ پاڻ ڪيترا ئي شاگرد پيدا ڪري ويو. جن سندس چيچ پڪڙي صحيح طرح سان شڪارپور تي ۽ انهن سان وابسته اهڙن موضوعن تي ڪم ڪري ڏيکاريو جيڪو ڪم اڳ ماضي ۾ نه ٿيو هو. اها منگي صاحب جي ئي علمي سخا هئي جو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي لکيل يا انگريزي واري مواد جو ترجمو ڪيل مقالي تي، ٻين جي نالي جو گفٽ پيپر به ويڙهي ڇڏيندو هو. اها به سخا چئجي يا علم ادب سان چاهه رکندڙ هن شخص جو ڪمال! جو سندس ڪتبخاني جا دروازا هميشه ڪم ڪندڙ شخص لاءِ کليل رهيا، جيڪي واقفڪار دوست يا کڻي اجنبي به وٽس اچي مدد وٺندا هئا ته انهن اڳيان ڪتابن جا ڍير آڻي رکندو هو، گهربل مواد مهيا ڪري ڏيندو هو. ساڳيءَ طرح، جي ڪنهن کي ڪو ڪتاب يا تاريخي مواد گهربل هوندو هو ته فوٽواسٽيٽ ڪرائي ڏيندو هو ۽ ان تي آيل خرچ به پاڻ ڀريندو هو. دوستن جي خاطر مُدارات ۾ به پٺتي نه رهندو هو. مهمان هڪڙو هجي يا پاڻ سان گهڻا ئي وٺي آيو هجي، گهران ماني ٽڪي پچرائي دوستن آڏو رکندو هو. اهڙا سنڌي ادب جا ڪي گهڻ گهرا گهٽ ئي ڏسڻ ۾ ايندا جهڙا شڪارپور جو ناياب نقش چٽي ويو آهي. ڪتابن سان گهڻو چاهه هئس. سنڌ جي علمي، ادبي، تاريخي ۽ سياسي موضوعن توڙي صحافت ۽ شخصيتن جي متعلق خاص طور تي شڪارپور جي حوالي سان اهڙو ته ناياب مواد گڏ ڪري ويا آهن، جو اهڙو مواد گهڻي ڀاڱي ٻئي هنڌ ملڻ مشڪل آهي. ان ڏس ۾ به اگر ڏسجي ۽ الله لڳ ڳالهه ڪجي ته اهو اظهار به ڪرڻو پوندو ته گهڻا ئي ڪردار اهڙا به وٽس اچي گڏ ٿيا جيڪي پنهنجي علمي اڃ اُجهائڻ خاطر ته سندس لائبريري جو گهڻو سهارو وٺندا هئا پر کڻي ويل ڪتاب واپس موٽائڻ لاءِ آسرو به ڪين ڏيندا هئا. جهڙيءَ طرح چڱن ڀلن سان اهڙيون جُٺيون ٿيون آهن، تهڙيءَ طرح جون هن علم ادب جي خاموش خادم جي حصي ۾ به آيون، جو سندس علمي خزانو گهڻوتڻو ٻين جي لائبريرن جي زينت بڻيل آهي. پر پوءِ به وٽس جيڪو علمي، ادبي يا نڪ پڪو ماڻهو، جنهن وٽان ڪتاب واپس ورڻ مشڪل لڳي تنهن کي به نوازيندو رهندو هو ۽ اهو چوندو هو ته علم کي عام ڪرڻ گهرجي. ”نقش“ ناياب منگي، پنهنجي ذات ۾ اداري کان گهٽ نه هيو. هر روز شام جو هاٿيدر يا لکيدر تي جيڪا ڪچهري قائم ڪندو هو ته نه صرف استاد وٽس اچي ڪري پرائي ويندا هئا، پر صحافي به ۽ وڏيون ڊگريون رکڻ وارن عالمن توڙي اديبن جا ته تحقيقي مقالا ڏينهن جا ڏينهن ۽ هفتن جا هفتا درست ڪرڻ ۾ محنت ڪندو هو. شڪارپور جي ادبي محفل ۾ شاعر طور به سُڃاتو ويندو هو. بشير مورياڻي جي غزلن کانپوءِ شڪارپور ۾ سندس ئي غزلن کي اوليت حاصل رهي آهي. اهو ته روز جو معمول هو ته وٽس سيکڙاٽو شاعر اچي علم عروض سکندا هئا. شاعرن کي بحر وزن ٻڌائي، پنن تي لکي سمجهائي، لکيل شعرن جي تقطيع ڪري مشڪلاتون دور ڪندو هو. مشق جا اهڙا ڪلاس ته اڄ ڪو ادارو به نه هلائي سگهندو. افسوس ان ڳالهه جو به آهي ته هيري جو قدر جوهري کانسواءِ ٻيو ڪري به ڪير ٿو سگهي؟ سو سالن جا سال ”نقش“ ناياب منگي سان گڏ گذارڻ وارا ڪجهه شخص پنهنجي ٻيائي، تعصب ۽ غرض جي ڪري سندس ڏات جي ڏهين حصي تي به پهچي نه سگهيا. اُهي اڄ ساڙ منجهان اهو فيصلو ٿا ڪن ته ڪهڙي درجي جي شاعري کيس ايندي هئي ۽ ڪنهن ۾ مهارت نه رکندو هو. جنهن جو جهڙو وڙ هوندو سو اهڙو ئي ڪردار ادا ڪري ڏيکاريندو. ”نقش“ ناياب منگي پنهنجو ڪردار ادا ڪندي، اسان آڏو عڪس پڌرا ڪري ويو آهي. هاڻي اهو اسان تي ڇڏيل آهي ته پنهنجي حصي جو ڪم، سچائيءَ سان ادا ڪندي تاريخ ۽ تحقيق، توڙي ٻولي ۽ ادب جي خدمت ڪندي، ڪي نتيجا ڏيون ۽ پنهنجي بزرگن جي ڏسيل واٽ تي هلي، پنهنجون راهون روشن ڪريون. هن هيٺ مرحوم نقش ناياب منگي جا ڪجهه چوسٽا پڙهندڙن آڏو پيش ڪجن ٿا: پوک پاڻي تي پچي ۽ ماڻهو نيت تي وڌي، ڦل چڱو ان کي ملي ٿو، جو چڱائي ٿو ڪري، جنهن جي نيت صاف ناهي، سو سڙي ٿو ساڙ ۾، در بدر ۽ خوار آهي، جو لڱائي ٿو ڪري. ــــــــــــــــــــــ لوڀ لالچ ۽ طمع دل ۾ رکي، قوم جو همدرد ٿيو هڪ مطلبي، غمگساري ۽ حمايت ۾ لڪل، خود فريبي آهي ۽ خود مطلبي. ــــــــــــــــــــــ زبان هوندي به گونگي گانءِ وانگر زندگي گهاريان، اوهان وٽ يار ڀانيان ٿو ته ڪو انصاف ئي ڪونهي، رڳو منهن ۾ مٺا ليڪن اندر ۾ هو اوهين ڪارا، ٿئي محسوس ٿو ڄڻ، دل اوهان جي صاف ئي ڪونهي. ــــــــــــــــــــــ نقش ناياب منگي جنھن شڪارپور کي پنھنجي فڪر ۾ چٽيو حسيب ناياب منگي شڪارپور سنڌ جو تاريخي شهر هئڻ سان گڏ هڪ موضوع به آهي، جنهن تي گذريل ۷۰ سالن کان وٺي تحقيقي ڪم ٿيو آهي، تنهن ڪم تي نظر رکجي، ته تاريخ ۽ ادب جي شاگردن لاءِ اهو تحقيقي پورهيو هڪ وڏي هٿي ثابت ٿيو آهي. ان سموري ڪم ۾ نقش ناياب منگي جو تحقيقي پورهيو گلاب جي پتين جيان ٽڙيل ته آهي، پر ان جي سرهاڻ اڄ به قائم آهي، جيستائين هن شهر جي تاريخ لکجندي رهندي، تيستائين تاريخ جي ورقن ۾ سندس حوالو مستند سند طور ايندو رهندو. ڇو جو سندس پورهيو ادبي حلقي ۾ اهڙي مڃتا تڏهن ماڻي چڪو هو، جڏهن سندس تحريرون ڪتابي صورت ۾ به پڌريون نه ٿيون هيون. هو ادارا ساز شخصيت مڃيو ويو، ڇو جو اهڙا ته عملي قدم کنيائين ۽ ساٿين کي همٿايائين، نوجوانن جي ادبي تربيت ڪيائين جو هر هڪ سندس رنگ ۾ رڱجي ويو ۽ تاريخ جهڙي موضوع ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو. ايئن به چئجي ته جيڪو وٽس علمي اڃ اجهائڻ لاءِ آيو ڪامياب ٿي ويو، ته ان ۾ ڪوبه وڌاءُ ناهي. اهي به همسفر مليا، جي ڀٽڪن پيا سر منزل، ڪئي منزل به منزل مون گهڻن جي رهبري آهي. شڪارپور جي تاريخ ۽ نقش ناياب منگي ٻئي هڪٻئي سان جڙيل آهن، شهر جي حوالي سان ڪو اهڙو ڪتاب نه هوندو جيڪو سندن مطالعي هيٺ نه آيو هجي، انگريزي، فارسي ۽ اردو زبانن ۾ شڪارپور جي تاريخ ۽ ان سان سلهاڙيل موضوع تي ڪوبه ڪتاب بچيل نه هوندو، سندس لائبريري جو اڌ حصو آهي ئي شڪارپور! شهر جي تاريخ، شهر مان نڪرندڙ اخبارون، رسالا، اهي ڪتاب ۽ مضمون توڙي مقالا جيڪي ڪنهن نه ڪنهن حوالي شڪارپور سان وابسته آهن، سي سڀ فائيل ٿيل آهن. پنهنجي شهر جي صديون پراڻي تاريخ کي محفوظ ڪرڻ جو تمام گهڻو شوق هئس. اهي ڪتاب ۽ ڪٽنگس فائيل پاڻ تائين ڪٿي محدود رکيائين؟ يونيورسٽين جي شاگردن کي شل نه شڪارپور تي ڪم ڪرڻ جو حڪم ٿئي، شاگرد وٽس ايندا هئا ته ننڊ سندس ڦٽي ويندي هئي، ڪٻٽن مان ڪتابن جا ڪتاب لهي ويندا هئا، سنگتين کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ صلاحون ۽ مشورا پيو ڏيندو هو، ڪنهن تاريخي حوالي تي ڏينهن جا ڏينهن بحث پيا ٿيندا هئا، مقالو لکجي ويندو، پوءِ سڪون حاصل ٿيندو. اها به پرواهه ڪونه ڪندو هو ته ڪنهن پنهنجي پاران ۾ سندس شڪريو به ادا ڪيو يا نه! ڊاڪٽر قاضي منظر حيات چوندو آهي ته “ڪڏهن ڪڏهن سندس سموري محنت تي ڪنهن ٻي جي نالي جو گفٽ پيپر به ويڙهيل ڏٺو”. ڪو تاريخي ڪاغذ ڪا گزٽ ڪنهن کي گهرجي ته آساني سان ساڻس رابطو ٿي ويندو هو، ڏانهس حجت رکندي ادبي ساٿي اچي پيش پوندا هئا، فوٽو اسٽيٽ جي خرچن کان وٺي ماني، چانهه، پان ۽ سگريٽ تائين پاڻ خرچ ڪندو هو. شڪارپور تي موضوع ڏيئي دوستن کان مضمون ۽ مقالا لکرائيندو هو، ڪتابن جي مدد ڪندو هو، سندن ڪچين ڦڪين تحريرن ۾ تبديليون ڪري ڄڻ ته روح وجهي ڇڏيندو هو. اهو ئي سبب آهي جو نياز همايوني مرحوم لکي ويو ته “نقش سان ملي ايئن محسوس ٿيندو آهي ڄڻ شڪارپور جي شاهي باغ جي توتن بهاري ڏئي ڇڏي هجي”. شڪارپور جي بهترين شاعرن مان هڪ هو، علم عروض جو به ماهر هو، غزل سندس پسنديده صنف هئي، ماهوار نئين زندگي، ماهوار پيغام، ٽه ماهي مهراڻ سميت مشهور رسالن ۽ اخبارن ۾ سندس شاعري ڇپي. شڪارپور مان نڪرندڙ ۲ اخبارن ۾ حالات حاضره تي چوسٽا به لکندو هو. نئين دهلي جي “بيسوين صدي”، ڪراچي جي “شمع”، حيدرآباد جي “نئي قدرين” سميت ڪيترن ئي اردو رسالن ۽ اخبارن ۾ سندس اردو نظم ۽ غزل شايع ٿيندا هئا. هو شڪارپور ۾ عبدالمجيد منگي جي گهر ۾ ۷ ڊسمبر ۱۹۴۸ع ۾ ڄائو، انٽر پاس ڪري آبپاشي کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪيائين. ٻن ڇپيل، ۴ اڻڇپيل ڪتابن جو خالق، گهڻن ئي ڇپيل ڪتابن جو مرتب ۽ معاون هو. سچ ته اهو به آهي ته عمر جي آخري عرصي ۾ بيمار ڇا ٿي پيو، جن جي مدد ڪندي نه ٿڪبو هو، تن سرڪار کان سندس علاج واسطي اپيلون ڪرڻ شروع ڪيون. ڏاڍو ڏکارو ٿي ويو هو، هڪ خوددار شخص لاءِ اهو وڏو امتحان هو، لوچ پوچ ۾ اهي ڏينهن گذاريائين، ان ڏک واري حالت ۾ اهي دوست به ساٿ ڇڏي. ۷ آڪٽوبر ۲۰۱۱ع تي وفات ڪري ويو. افسوس جي ڳالهه آهي ته جن کي گهڻو ڪجهه سيکاري، سمجهائي ۽ ڏئي وٺي ويو هو، سي سندس وفات کانپوءِ ادبي مقام کي به ڇيهو رسائڻ لاءِ اهو چوندا رهيا ته ڪلاسيڪي شاعري سمجهه ۾ نه ايندي هئس. ڪلاسيڪي شاعرن جي ادبي آبياري ڪرڻ واري ڪردار لاءِ مرڻ کانپوءِ به اهي لفظ چوڻ اهو ثابت ٿا ڪن ته استاد کي چڱائي ۽ رهبري جي موٽ ۾ مئي پڄاڻان به درد ۽ ايذاءُ کانسواءِ ٻيو ڪجهه نٿو ملي. علمي ۽ ادبي خدمت ڪندي نقش ناياب منگي پنهنجو مقام پيدا ڪري ويو، پنهنجي شهر سان محبت جي اظهار ۾ هن جيڪي به تحريرون لکيون آهن سي سڀ جي سامهون آهن. اهڙا ڪردار جيڪڏهن پيدا ٿي پون ته سنڌ جي تاريخ جا ڪيترائي باب مڪمل ٿي سگهن ٿا. نقش ناياب منگي هڪ ”نقش“ هزار يادون... حسيب ناياب منگي هي هلندڙ سال ۲۰۱۱ع ته ڪيترن ئي ماڻهن لاءِ خوشيون کڻي نروار ٿيو هوندو پر سنڌي ادب لاءِ ڪيترا ئي خال پيدا ٿيڻ جو وڏو سبب به بڻيو آهي. سنڌي ادب جا ڪيترا ئي روشن چهرا، جن پنهنجي قلم سان سنڌي ادب جي جهولي کي مالا مال ڪري ڇڏيو، هن ئي سال وفات ڪري ويا. شڪارپور جي وشال ڌرتيءَ جو اهم سپوت ”نقش“ ناياب منگي ۰۷ آڪٽوبر ۲۰۱۱ع تي هن جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو. سچ پچ ته شڪارپور پنهنجي تاريخ جي هڪ اهڙي محقق کي وڃائي ويٺي آهي، جنهن شڪارپور تي تحقيق ڪرڻ جا نوان ڏس ڏسيا. تحقيق جي شاگردن جي راهه هموار بڻائڻ ۾ به پٺتي نه رهيو. هڪ اهڙي دؤر ۾ جڏهن ڪيترا ئي شاعر، اديب پنهنجا ڪتاب گهر کان ٻاهر ڪڍڻ کان لنوائيندا هئا، تڏهن هن پنهنجي مختصر لائبريري جا دروازا کولي نه صرف شاگردن جي همت ۽ حوصلا افزائي ڪئي پر کين گهربل مواد جي فوٽو اسٽيٽ به فراهم ڪري ڏيندو هو. منهن تي مرڪ سجائي، سڀني سان ملڻ سندن طبيعت ۾ شامل هو. سائين نياز همايوني مرحوم هڪ هنڌ لکيو هو ته؛ ”ناياب ثاني، روايتي لحاظ کان شڪارپور جو شان آهي. سندس قربداري ۽ ڪچهري، شڪارپور جي تاريخ ۽ تهذيب جون سڪون لاهيندي آهي. جڏهن منگي صاحب جهڙا دوست ملندا آهن ته دل ايئن ٺري پوندي آهي ڄڻ شاهي باغ جي توتن بهاري ڏئي ڇڏي. اسان جو منگي صاحب اهو گل آهي، جيڪو توتن جي کاري مٿان گلاب جي گلن وانگي خوشبو پکيڙيندو رهندو آهي.“ ڪشمور ۽ روهڙي کي خيرآباد چئي، جڏهن اباڻي شهر شڪارپور جا وڻ وسايائون ته شڪارپور جي ادبي محفلن ۾ سندن لياقتن جو اعتراف ٿيڻ لڳو. مختلف ادبي تنظيمن سان، سندن جا وابستگي رهي تن تنظيمن جو رڪارڊ سندن قابليت ۽ محنت کي ظاهر ڪري رهيو آهي. انهن تنظيمن جي پروگرامن جي ترتيب ۽ خصوصا اشاعتي پروگرامن ۾ سندن اهم ڪردار ادا ٿيل آهي. مان پنهنجي شعور وارن ڏينهن ۾ اهو به ڏٺو ته؛ سنڌي ادب جي نامور ليکڪن جو قلمي پورهيو، مهينن جا مهينا، درست ڪندي گذاريائون. علم ابجد جي ماهر هجڻ سان گڏوگڏ، علم عروض جي بندشن کان انهن ڏينهن ۾ واقف هئا، جڏهن انگريزي تعليم وٺڻ لڳا هئا. علم ابجد جي حوالي سان سندن استاد مولوي رفيق احمد ڪشمور ۾ کين ايتري ته محنت سان مشق ڪرائي جو ڪنهن شخص جي نالي منجهان ان جي والده جو نالو معلوم ڪري وٺندا هئا. ان شخص جي نالي منجهان ئي ان شخص جي تڪليف جو علم حاصل ڪري وٺندا هئا. علم عروض ۾ ”آذر ناياب“ بدايوني ۽ شعبان ”بخت“ جهڙن پختن شاعر استادن جي رهبريءَ کيس ايترو اڳتي آندو جو ڪيترا ئي شاعر، علم عروض تي ساڻن بحث ڪندا هئا. نوجوان شاعرن جي جنهن نموني منهنجي والد اصلاح ڪئي، تنهن طريقي سان شايد ئي ڪو شاعر، جونيئر شاعرن جي اصلاح ڪندو هجي. ان جا ڪيترا ئي مثال نثر ۽ تحقيق جي حوالي سان، جيتري منهنجي رهبري ڪيائون تنهن جو مثال ئي ڪونهي. اڄ مان جيڪي ڪجهه آهيان، پنهنجي والد جي رهبري ڪري آهيان. مون کي سندن رهبري حاصل نه ٿئي ها ته مشڪل سان ئي ڪجهه لکي سگهان هان ۽ تحقيق جي فيلڊ ۾ پير پائي سگهان ها. شڪارپور جي تاريخ ۽ ادب جي حوالي سان سندن لکيل تحقيقي مقالا ۽ مضمون ٻن چئن مهينن نه پر سالن جي تحقيق جو نتيجو آهن. سالن جا سال، هڪ موضوع تي تحقيق ڪرڻ، انگريزي، اردو ۽ سنڌي ڪتابن توڙي رسالن جو مطالعو ڪرڻ، مليل معلومات جي آڌار تي شهر جي تاريخي جاين ڏانهن رخ ڪرڻ ۽ وڃي جائزو وٺڻ، لاڳاپيل جاين جي تڪن جي نقشن تان مدد وٺي مقالو تيار ڪرڻ، وري ان رف مقالي کي سياري اچڻ تائين سانڍي رکڻ. سياري ۾ اُس تي ويهي مقالو فيئر ڪري ڇپرائڻ، سندن زندگيءَ جو خاص مشغلو رهيو. جهڙيءَ طرح پاڻ ادبي ڪم ڪندا هئا اسان وٽ ايترو آهستگيءَ سان شايد ئي ڪو قلمڪار ادبي ڪم ڪندو هجي. شڪارپور ۾ نصب ٿيل مسجدن، مقبرن ۽ ٻين جاين تي فارسي، هندي ۽ انگريزي ڪتبن جي حوالي سان سندن تحقيق نرالي آهي. هڪ ڀيري اونهاري ۾ پنهنجي دوستن سان گڏ جڏهن مسجدن مقبرن ۽ ٻين جاين جو رخ ڪيائون تڏهن مان به ساڻن گڏ هئس. ڪتبن جي فوٽوگرافي ڪرائي، ڪتبن کي نوٽ ڪري، مضمونن جي تياري لاءِ مواد گڏ ڪندا رهيا. انهن ئي ڏينهن ۾، پير اسماعيل شاهه جي مزار تي لڳل فارسي ڪتبن کي نوٽ ڪري آيا. اها مزار شڪارپور جي اسٽوئرٽ گنج ۾ آهي. اتفاق سان اهي ڪتبا، مختلف جاين تان ٽٽل هئا ۽ لکيل عبارت صحيح نموني پڙهي نه پئي وئي. پاڻ پنهنجي استاد مرحوم آذر ناياب صديقي بدايوني ۽ محسن دوست مرحوم نياز همايوني سان خط و ڪتابت ڪري، فارسي جي ٻنهي ماهرن کان انهن ڪتبن کي اهڙيءَ طرح مڪمل ڪرايائون، ڄڻ اهي ڪتبا انهن ٻنهي جا لکيل هجن. انهن ڪتبن کي مڪمل ڪرائڻ وارا اهي ٻئي پنا مون وٽ محفوظ آهن، جن کي وقت اچڻ تي ظاهر ڪبو. ان کان علاوه سندن تحقيقي ڪم ۾ ”شڪارپور جا کوهه ۽ کوهيون“، ”شڪارپور جا مندر ۽ مڙهيون“، ”شڪارپور جا قديمي مقبرا ۽ قبرستان“ ۽ ”شڪارپور جا پاڙا ۽ حويليون“ توڙي ٻيا ڪيترا ئي موضوع اڌ ۾ رهيل آهن. جن جا تفصيل وري ڪنهن ٻئي ڀيري پيش ڪبا. سندن ادبي ۽ تحقيقي ڪمن جو اڌ ۾ رهجي وڃڻ جو وڏو سبب، سندن طبيعت جي ناسازي هو. ۱۹ ڊسمبر ۲۰۰۵ع تي فاليج جي اٽيڪ کان پوءِ پنهنجي ادبي ۽ تحقيقي ڪم کي مڪمل نه ڪري سگهيا. ان ڪم کي مڪمل ڪرڻ منهنجو فرض آهي ۽ مان سندن اڌ ۾ ڇڏيل تحقيقي ڪم کي مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس. سندن اڻ ڇپيل ڪتابن جي ترتيب ۽ ڪمپوزنگ جو ڪم هلندڙ آهي، جيڪي جلد منظر عام تي اچي ويندا. نقش ناياب منگي سنڌي ادب تي ”ناياب نقشَ“ ڇڏيندڙ قلمڪار ياسر قاضي اسان شاعرن، اديبن، ساهتڪارن جو ذڪر ته ڪندا آهيون... پر انتهائي محدُود انگ ۾... انهن جي ورسيُن ۽ جنم ڏينهن تي کين ياد ته ڪندا آهيون، پر سڀني کي نه! اسان روايت تحت ساهت ــ ديس جي ڪجهه درجن سُونهنِ کي ئي ياد ڪري پنهنجي فرض ادائيءَ جو پُورائو سمجهندا آهيون، جڏهن ته هزارن جي تعداد ۾ قلمي قبيلي جا اهڙا سپاهي، اسانکي ياد ئي ناهن پوندا، جن جو پنهنجي پنهنجي ادبي ڪرت ۾، پنهنجي پنهنجي خطي ۾، ۽ پنهنجي پنهنجي حلقي اندر تمام اهم ۽ اڻ وسرندڙ ڪردار رهيو هوندو آهي، پر انهن ڪڏهن پنهنجي تشهير جو انتظام ڪري، ان ڪم جو هوڪو ناهي ڏنو هوندو، جنهن ڪري سندن ڪم ۽ قلمي ڪارنامن کان پڙهندڙن جو وڏو حلقو اڻ واقف هوندو آهي. اڄ اسان ياد ڪريون ٿا، هڪ اهڙي ئي سجيلي شاعر، نرالي نثر نويس ۽ مستند مؤرخ ۽ محقق کي، جنهن پنهنجي پُوري حيات نه رڳو قلم رستي سنڌي ادب جي جهولي ڀري، بلڪه تنظيم سازيءَ جي مدد سان به سنڌي ادب ۽ تاريخ جي اهم ۽ ڳڻائڻ جوڳي خدمت انجام ڏني، جيڪا فراموش نٿي ڪري سگهجي. سنڌي ٻوليءَ جي ان اهم شاعر، نثر نگار ۽ محقّق جو نالو آهي ــ نقش ”ناياب“ منگي. نقش ”ناياب“ منگيءَ، ۷ ڊسمبر ۱۹۴۸ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو. سندس اصل (مائٽاڻو) نالو ’حق نواز‘ هو، جڏهن ته کيس ’امام بخش‘ جي عرفيت سان به سڏيو ويندو هو. سندس رسمي تعليم انٽر آرٽس هئي. ’نقش‘ پنهنجي روزيءَ ۽ روزگار جي سلسلي جو آغاز آبپاشي کاتي ۾ ملازمت سان ڪيو. جڏهن ۱۷ سالن جو ٿيو ته ۱۹۶۵ع ڌاري ادبي کيتر ۾ پير پاتائين، جيڪا وابستگي سندس پوئين ساهَه تائين سندس سُڃاڻپ رهي. ’نقش‘، بنيادي طور تي شاعر هو ۽ هُو مزاجاً به شاعر ئي لڳندو هو، پر نثر ۾ مضمون نويسيءَ، ڪالم نگاريءَ ۽ خاڪا نويسيءَ کان علاوه، تحقيق ۾ پڻ پنهنجي قلمي خدمتن سان سنڌي ادب جي جهولي ڀريائين. تحقيق جي حوالي سان هُن نه رڳو پاڻ شڪارپور ضلعي جي عمُومي ۽ شڪارپور شهر جي خصوصي طرح تاريخ تي لکيو، پر شڪارپور جي تاريخ بابت ٻين اديبن جي لکڻين کي پڻ سهيڙي شايع ڪرايو، اهو ئي سبب آهي، جو سندس ڇپيل ۵ ڪتابن منجهان ۴ ڪتاب رڳو شڪارپور جي تاريخ تي ٻڌل آهن، جن ۾ ”شڪارپور ــ هڪ اڀياس“ سندن طبع زاد تحقيق آهي، جڏهن ته ”شڪارپور سيمينار“ تحقيقي ڪتاب جي سهيڙ جو سهرو سندس سِرَ تي آهي ۽ ”شڪارپور ــ صدين کان“ ڪتاب ۾ سندن معاونت شامل رهي. ”شڪارپور ـ تاريخ جي آئيني ۾“ سندن چوٿون ڪتاب آهي، جيڪو سندن وفات کانپوءِ ڪجهه ورهه اڳ سندس فرزند، حسيب ناياب منگيءَ سهيڙي ”شڪارپور ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سُوسائٽيءَ“ پاران پڌرو ڪرايو آهي. سندن پنجون ڪتاب ”اسانجا اديب، اسانجا شاعر“ جي سَري هيٺ سنڌي اديبن ۽ شاعرن جي تعارفن توڙي سندن تخليقن تي ٻڌل، متعدد ڪتابن تي ٻڌل ڪتابي سلسلو آهي، جنهن ۾ هن پنهجي پڳ مَٽ يارَ، ۽ نامياري اديب ۽ صحافيءَ، غلام رسول ميمڻ سان معاونت ڪندي هن منفرد ادبي ڊائريڪٽريءَ کي پنهنجي دؤرَ جي شهره آفاق ادبي سلسلي طور مڃتا ڏياري، جڏهن ته سندس اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ ”جيءَ جيارا ماڻهو“ (خاڪا، مضمون ۽ مقالا) ۽ ”ايندي خزان کانپوءِ بهار“ (شاعري) شامل آهن. سندس شاعريءَ جي ڪتاب کي سُتت پڌري ٿيڻ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته شاعر جي حيثيت ۾ ’نقش‘ جي اظهار جا نقشَ، ايڏا اثرائتا آهن، جن کي سنڌي ادب جي پڙهندڙن تائين ضرور پهچڻ گهرجي. سندس ڪلام پڙهندي اڄ به اهو احساس ٿو ٿئي ته سندس شاعري هن دؤرَ جو آواز به آهي. چوي ٿو: هن اقتصادي دؤرَ ۾ هر وقت اي يارو! انسان کي انسانَ جو احساس ٿو مارَي هن مهانگائيءَ ۾ ٿي ظاهر خانَ جِي خانِي ڀوتارَ کي مهمانَ جو ارمان ٿو مارَي اشياء تي وڌ نرخَ وٺَي سيٺ جو نوڪر، پر سيٺ کي چالانَ جو امڪان ٿو مارَي ”ناياب“ کي شعر و ادب جِي ڄاڻ آ ڪهڙي، بس! ’نقش‘ کي اوزانَ جو ارڪان ٿو مارَي سندس غزل ۾ رُومان جي رنگ سان گڏوگڏ، انساني اوصاف جا اُوچا معيار به بيان ٿيل آهن، جن رستي هو پنهنجي پڙهندڙ سان انسانيت جي عزم جو پرچار ڪندي نظر اچي ٿو: جنهن بدگُمان کي مخلص، دشمن نظر اچي ٿو روشن ضمير تَنهنجو مدفن نظر اچي ٿو تاريڪيُون پسن ٿا اُوندهه اکين ۾ پائي، مُونکي وطن جو تارو روشن نظر اچي ٿو مُون لاءِ آهي سڀ ڪجهه، منهنجي وطن جي ڌرتِي هر ذرّو مونکي ان جو ڪُندن نظر اچي ٿو سرشار نيٺ ٿيندا سڀ نقشَ نينهَن وارا، ساقي سلُوڻو ڏاڍو محسن نظر اچي ٿو ناياب جو غزل، رڳو سنڌي روايتي غزل جي رنگ ۾ رڱيل، فارسيءَ جي اثر هيٺ ئي نظر نٿو اچي، بلڪه جڏهن جديد سنڌي شاعريءَ جي مُندَ مَٽي، ته ناياب جي اظهار به جدّت جو ويس ڍڪيو ۽ سندس شاعريءَ منجهان تازي هوا جي جُهوٽي جو احساس به آيو. سندس اهڙا غزلَ نه رڳو ننڍي بحر ۾ لکيل سليس ۽ سلوڻو اظهار کڻي آيا، بلڪه انهن ۾ اظهار جي اُڻت جو انداز به نواڻ مائل هو: شهر اجنبي ۽ فضا اجنبي سُڃاتل به چهرا لڳا اجنبي رهِي آهه باقي شهرَ ۾ وفا عجب آ شهرَ ۾ دغا اجنبي سڙِي ويو هتي آرزُو جو چمن، گُهلِي آهه جنهن ڏينهن هوا اجنبي پريشانيءَ جو آهه عالم عجيب، مصيبت ۾ آ مُبتلا اجنبي وفا تي هيو ’نقش‘ کي ڀروسو، مگر دلرُبا ڪئي جفا اجنبي نقش ”ناياب“ منگيءَ جي نه رڳو مختلف علمي، ادبي ۽ تحقيقي تنظيمن توڙي انجمنن سان گهري وابستگي رهي، بلڪه هن ڪيترين ئي تنظيمن جو پاڻ بنياد رکي، انهن کي سرگرم ڪرڻ ۾ پڻ پنهنجو اهم ترين ڪردار ادا ڪيو، جنهن جو سڀ کان روشن مثال ”شڪارپور ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سُوسائٽي“ آهي، جنهن جو پاڻ باني ميمبر ۽ ان سٿ جو اهم ساٿي رهيو، جن پنهنجو رتُ، ستُ ڏئي، تاريخ جي سهيڙَ جي ڏس ۾ جوڙيل هن اهم تنظيم جو پايو وڌو، جيڪا اڄ سُوڌو شڪارپور جي تاريخ جي سهيڙ جو ڪم احسن طريقي سان انجام ڏئي رهي آهي. رڳو ايترو ئي نه، بلڪه هُو ”سنڌي ليکڪ يادگار ڪميٽيءَ“، ”مهراڻ پبليڪيشن، شڪارپور“ ۽ ”ڪتاب محل پبليڪيشن، شڪارپور“ جو باني ميمبر پڻ رهيو. نقش ”ناياب“ منگي پنهنجيءَ ذات ۾ هڪ فقير منش، سادو، يار ويس، ملنسار ۽ هر ڪنهن کي جيءَ ۾ جايُون ڏيندڙ دلبر ماڻهو هو، جنهن جي سنگت ۽ صحبت ۾ شڪارپور جا سندس همعصر، همعمر توڙي جونيئر ساهتي، ايئن گڏ ٿي ويندا هئا، جيئن گل کي ڀؤنرَ مڙي ايندا آهن. چاچا غلام رسُول ميمڻ جي لکيدر تي قائم ’ماڊرن پرنٽنگ پريس‘ هجي، يا هاٿيدر تي ’اقبال سوئيٽ هائُوس‘،’نقش‘ ناياب جتي ويٺو، اتي يارن جو ميڙو مچي ويندو هو ۽ سچا ٽهڪ پيا گُونجندا هئا. اها ڳالهه ٻولهه رڳو عام موضوعن تي ٻڌل نه هوندي هئي، بلڪه علمَ، ادب، تاريخ، تهذيب، تمدّن ۽ ٻوليءَ سميت گهڻ رُخن موضوعن تي مشتمل اها گفتگو، هر اڀرندڙ توڙي سينيئر لکاريءَ لاءِ ڪنهن پُر مغز ليڪچر کان گهٽ ڪانه هوندي هئي. ادب جو هي خاموش مجاهد، قلمي توڙي تنظيمي محاذ تي ”جان جان هُيو جيئرو“، مُور ”وِرچي نه ويٺو“ ۽ مختصرعلالت کانپوءِ اڄ کان ٺيڪ هڪ ڏهاڪو اڳ، ۷ آڪٽوبر ۲۰۱۱ع تي هن جهان مان لڏي، عدم جو راهي ٿيو ۽ ”وڃي ڀُونءِ پيٺو...“، پر ادب، تحقيق ۽ تاريخ جي ميدان ۾ سندس ڇڏيل ”ناياب نقشَ“ وقت گذرڻ سان ميساربا هرگز ڪونه، بلڪه ويتر چٽا ٿيندا ويندا. (ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۸ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل) نقش ناياب منگي تاريخ ۽ تحقيق جو وساريل نرالو ڪردار عديل علوي فلسطين جي شاعر رسول حمزه توف جو چوڻ آهي ته “جيڪڏهن اوهان ماضي کي پستول هڻندا ته مستقبل توهان کي توپ هڻندو” اهڙو ئي رويو تاريخ ۽ تحقيق توڙي ادبي دنيا جي اهم ڪردار نقش ناياب منگي جي شخصيت سان رکيو ويو آهي. هن جي تحقيق جو محور شڪارپور هئي. شڪارپور جي سرزمين تي سوين عالم، اديب، استاد ۽ شاعر ته پيدا ٿيا پر سندن ذهني اوسر ۾ جن هٿن ۽ تخيل پنهنجو پاڻ کي ظاهر نه ڪندي ڪيئي ڪردار بڻايا، تن ۾ “نقش” ناياب منگي جو شمار به ٿئي ٿو. هن علمي، ادبي ۽ صحافتي دنيا ۾ شڪارپور اندر جيڪو شاگردن جو وسيع حلقو تيار ڪيو، تن تي پنهنجي تخليقن جيان محنت ڪندو رهيو. افسوس ان ڳالهه جو آهي ته استاد جي در تان فيض وٺڻ کانپوءِ استاد سان شاگرد نڀائڻ وساري ويٺا. شڪارپور جي تاريخ کي سهيڙڻ ۾ صلاحون ڏيندڙ، دوستن جي تحقيقي مقالن کي درست ڪرڻ ۾ پنهنجو قيمتي وقت لڳائيندڙ هڏڏوکي ساٿي به پنهنجي دوستن وساري ڇڏيو. شڪارپور جي علمي سي اينڊ ايس ڪاليج صحتي ادارن راءُ بهادر اوڌوداس تاراچند اسپتال ۽ سر هينري هالينڊ اکين واري اسپتال جي تاريخ کي پهريون ڀيرو جديد انداز ۾ رقم ڪرڻ واري محقق کي انهن ادارن به ڪڏهن ياد ناهي ڪيو. “نقش” ناياب منگي شڪارپور جي تاريخ تي جيترو قلم هلائي نه سگهيو، اوتريون اديبن جون لکڻيون درست ڪري سندن منهن مٿانهون ڪرڻ ۾ سوڀارو ثابت ٿيو. اهو به سچ آهي ته جن ادارن ۽ تنظيمن توڙي شخصيتن مٿان سندس هٿ رهيو، انهن پنهنجو نانءُ ڪڍي ڏيکاريو. سندس وڇوڙي کانپوءِ ڪيترن ئي ادارن ۽ تنظيمن جو غير فعال ٿي وڃڻ اهو ثبوت آهي ته منگي صاحب جون خدمتون شڪارپور ۽ شڪارپور وارن خاص ڪري تاريخ جي شاگردن لاءِ ڪيتريون نه ڪارائتيون ثابت ٿيون. هن جون ٽي “شڪارپور سيمينار” (۱۹۸۵ع)، “شڪارپور هڪ اڀياس” (۲۰۰۴ع) ۽ “شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾” (۲۰۱۷ع) جهڙيون ڪاوشون ڇپجي سامهون آيون آهن. “شڪارپور صدين کان” ڪتاب ۾ مرتب سان معاون ٿي رهيو. شڪارپور جي تاريخ، آدمشماري، تاريخي ڪتبن، شڪارپور تي راڄ ڪندڙ گورنرن سميت علمي ادبي پورهئي جي تنقيدي اڀياس سميت ننڍي کنڊ ۾ شڪارپور نالي وارن شهرن جي تاريخ تي گهڻو ئي مواد ڇپيل ملي ٿو. ان کان علاوه شڪارپور جي مندرن، مڙهين، کوهن، کوهين، پاڙن، حويلين ۽ ٻين موضوعن تي لاتعداد مواد ٽڙيل پکڙيل موجود آهي. “نقش” ناياب منگي ٻوليءَ جو ڄاڻو ۽ ادب جي خاموشيءَ سان خدمت ڪندڙ هو. سندس مختلف ٻولين مان سنڌيءَ ٻولي ۾ ڪيل ترجما به اهميت جوڳا آهن. افسوس جو اسان جي علمي ادبي ادارن ۽ فردن جي نظر کان هي ڪردار ايترو گسي ويو جو ڪنهن به ادبي تاريخ جو حصو نه بڻجي سگهيو آهي. هن جو سنڌي، اردو ۽ سرائڪي ٻولين ۾ لکيل ڪلام به اڄ تائين ڪتابي صورت ۾ نه ڇپجي سگهيو آهي نه ئي ڳايو ويو آهي. الائجي ڪڏهن اسان جا ادارا ۽ فرد پنهنجي قوم جي فرض شناس ڪردارن کي يا سندن پورهئي کي مان ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا نقش ناياب منگي جو سوانحي خاڪو سنڌ جو مشهور شاعر، اديب، محقق، مترجم ۽ صحافي “نقش” ناياب منگي شڪارپور ۾، ۷ ڊسمبر ۱۹۴۸ع تي عبدالمجيد منگيءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس خاندان جا فرد انگريز سرڪار جي دور ۾ پوليس انسپيڪٽر، مختيارڪار ۽ ٻين اهم عهدن تي رهي چڪا هئا. ڪجهه کي ته برٽش گورنمينٽ طرفان ٽائيٽل ۽ تمغه به مليا هئا. اهڙيون نشاندهيون ۽ تذڪرا “تاريخ سکر” کان علاوه “هوز هو”، “سنڌ آفيشل رڪارڊ” ۽ “سنڌ سول لسٽ” جهڙن انگريزي ڪتابن ۾ به ملي ٿو. “نقش” ناياب جو اصل نالو حق نواز آهي. گهر ۾ کيس امام بخش جي نالي سان سڏيندا هئا. ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول هاٿيدر مان حاصل ڪري مئٽرڪ جو امتحان گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪشمور مان پاس ڪيائين. انٽر آرٽس گورنمينٽ اسلاميه ڪاليج سکر مان پاس ڪري آبپاشي کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪيائين. ڊيوٽي دوران هو سکر، ڪشمور ۽ جيڪب آباد ۾ پنهنجا فرض سرانجام ڏيندو ۲۰۰۸ع ۾ پينشن تي پهتو. ۱۹۶۳ع ۾ بدايون (هندستان) مان لڏي آيل اردو ۽ سنڌي جي قابل استاد آذر ناياب صديقي ۽ ماهوار نئين زندگي رسالي جي ايڊيٽر رهندڙ شعبان بخت جي صحبت ۾ شعر چوڻ شروع ڪيو. سندس شاعري سنڌ ۽ هند جي مشهور ادبي رسالن کان علاوه اخبارن ۾ ڇپي. سندس نثري تحريرون ۱۹۷۰ع کان شايع ٿيڻ لڳيون. ڪشمور ۽ روهڙي ۾ رهڻ دوران صحافت به ڪندو رهيو. تاريخ ۽ تحقيق سان دلچسپي رکندي هن نه صرف فردن جي رهنمائي ڪئي پر “شڪارپور هسٽاريڪل سوسائٽي”، “مهراڻ پبليڪيشن”، “سنڌي ليکڪ يادگار ڪاميٽي” وغيره جو باني ميمبر پڻ هو. ۱۹۷۷ع ۾ شادي ڪيائين. ۱۹۸۰ع ۾ شڪارپور جي صحافي ۽ پبلشر غلام رسول ميمڻ سان گڏ “اسان جا اديب اسان جا شاعر” جو ڪتابي سلسلو شروع ڪيائين. ۱۹۸۵ع ۾ سندس ترتيب ڏنل “شڪارپور سيمينار” شايع ٿيو. ۱۹۸۸ع ۾ شڪارپور صدين کان ڪتاب جي سهيڙ ۾ معاون ٿي رهيو. ترجمي، ترتيب ۽ تخليق ۾ هن اڻ مٽ نقش ڇڏيا آهن. ۷ آڪٽوبر ۲۰۱۱ع تي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو. مرحوم جا ٻه ٻيا ڪتاب “شڪارپور هڪ اڀياس” ۽ “شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾” ڇپيل آهن. سندس اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ “شڪارپور جي تاريخ”، “جيءَ جيارا ماڻهو”، “ايندي خزان کان پوءِ بهار” وغيره سندس پوين وٽ محفوظ آهن. سندس هڪ پٽ حسيب ناياب منگي سندس ادبي وارث ۽ بين الاقوامي سطع تي تاريخ، تحقيق ۽ تخليقي پورهئي کي ڇپرائڻ ۾ ڪامياب ٿيندو نظر اچي ٿو. (ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۰۷ ڊسمبر ۲۰۲۰ع تي ڇپيل) نقش ناياب منگي شڪارپور جو جاکوڙي فرد فقير محمد سنڌي. سونهن جي سنسار ۾ گم ٿو ٿيان، مان انھي ويچار ۾ گم ٿو ٿيان. (منٺار سولنگي) سڄي سماج ۾ حسناڪيءَ جو محور فطرتي طور تي انسان ئي آهي، جنهن بيابان کي زندگيءَ جي حسين روپ ۾ بيهاريو آهي. اهڙو ئي شعور وند فرد شڪارپور جو نقش ناياب منگي به پڻ آهي جنھن وقت کي تاريخ بنائڻ جو ڏانءُ پيش ڪرڻ جو اتم نمونو منظر عام تي آڻڻ ۾ ڪاميابي ماڻي آهي. نقش ناياب منگي هن دنيا ۾ موجود نه هوندي به موجود آهي، ڇو جو وقت جي دامن کي تاريخ جو حسين زيور آڇي امر بڻجي ويو آهي. نقش ناياب منگي رات جي پيٽ ۾ امر ڪونه بڻيو آهي، هن جيڪو ڪم سرانجام ڏنو آهي اهو ڪم ڪشالو ٿو گھري، سچائي ٿو گھري ۽ تاريخ سان پنھنجا احساس جوڙڻا ٿا پون، تڏهن تاريخ پنهنجي ڀڪ ۾ بيھڻ ٿي ڏئي. شاعر، اديب، صحافي ۽ محقق ايترا حوالا نقش ناياب منگيءَ جي حصي ۾ آهن ۽ ايترا رکڻ ڪو سولو ڪم ڪونھي ان لاءِ هن دنيا ۾ سائنس، فطرت ۽ انساني ضابطن کي سمجھڻ کان پوءِ ئي ڪنهن مقام تي پهچي سگھجي ٿو. نقش ناياب منگي شڪارپور سان گڏ سنڌ جو سرچشمو آهي، جنهن پنهنجي علمي خدمت سان انمول ڪتاب ترتيب ڏنا جنهن ۾، “شڪارپور هڪ اڀياس”، “شڪارپور صدين کان”،( معاونت )، “شڪارپور سيمينار”( ترتيب )، “شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾”( مقالا ۽ مضمون )۽ “اسان جا اديب، اسان جا شاعر”( معاونت ) طور پيش ڪيا. ھوڏانھن نقش ناياب منگيءَ جا شاعريءَ ۾ به حوصلا بلند آهن، تڏهن شاعريءَ ۾ بي ساخته چئي ٿو. ڀلي ڀت ارادن ۾ آ پختگي، گذاريان ٿو همت ڀري زندگي. اڃان ساڻ آ عزم ۽ حوصلو، وفا ۾ اڃا آهي برجستگي. آ پيري ۾ ڀي دل جوان دوستو، ڪري نقش ناياب ٿو دل لڳي. نقش ناياب منگي پنهنجي زندگيءَ ۾ پر اميد رهڻ وارو انسان ٿو محسوس ٿئي ۽ جيڪو پر اميد هوندو آهي اهو ئي فرد حقيقت پسند هوندو آهي، نقش ناياب منگي به پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪيترا ئي پر اميد نقش ڇڏيا آهن، اُهي نقش سنڌي ادب جا فرد سوجهري جي بنياد طور استعمال ڪري سگھن ٿا، بس ٿوري پرک جي ضرورت آهي. جيئن شاعرن جي سرتاج شاھ لطيف فرمايو آهي ته : ايڪ قصر در لک ڪوڙين ڪڻس ڳڙکيون، جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن صاحب سامهون. نقش ناياب منگيءَ معاشري کي، تاريخ کي ۽ شاعريءَ کي پرکيو تڏهن ته هر ادب وند فرد نقش جي ڳالھ دل جي حضور سان ڪري ٿو. نقش ناياب منگيءَ جي زندگيءَ جو مختصر خاڪو: اصل نالو حق نواز عرف امام بخش، ادبي نالو نقش ناياب منگي، ۷ڊسمبر ۱۹۴۸ع تي عبدالمجيد منگيءَ جي گھر جنم ورتو. نقش ناياب منگي تعليمي سلسلي ۾ انٽر اسلاميه ڪاليج سکر مان ڪئي. ڪرت جي حوالي سان ايريگيشن کاتي ۾ ملازمت ڪئي. ادب سان وابستگيءَ جو سلسلو ۱۹۶۵ع کان جڙيو. نقش ناياب منگيءَ کي اولاد ۾ ٽي پٽ، حفيظ الرحمان، انيس الرحمان، حسيب الرحمان ۽ هڪ نياڻي پڻ آهي. ادبي سفر ۾ نقش ناياب منگي جن ادارن سان وابستا رهيو انھن ۾، شڪارپور هسٽاريڪل سوسائٽي، باني ميمبر. سنڌ ليکڪ يادگار ڪاميٽي، باني ميمبر. ۽ ڪتاب محل پبليڪيشن شڪارپور، باني ميمبر، طور پنهنجا فرض نڀايا. نقش ناياب منگي شاعري، نثر ۽ تحقيق ۾ پاڻ موکيو جنهن ۾ ڪافي ڪتاب ترتيب به ڏنائين ۽ ڪجھ مواد اڃان شايع ٿيڻ جي اوسيئڙي ۾ آهي. انساني وجود ۾ جڏهن ڀڄ ڊاھ جو عمل شروع ٿئي ٿو، تڏهن ئي ڪا نئين شيءَ ايجاد ڪري ٿو، يا ڪنھن سياسي، سماجي ۽ ادبي سوچ ويچار کان پوءِ هن نموني جون سٽون لکڻ لاءِ ڪوي کي آماده ڪن ٿيون. شيخ سعدي جو گلستان مائل فرياد ٿيو، پير رومي جي مقدس مثنوي خطري ۾ آ، شاهه، سامي ۽ سچل سان رکان ٿو واسطو، ملڪ منهنجي ۾ اُها وابستگي خطري ۾ آ. ڀٽائي سرڪار لاءِ نقش ناياب منگيءَ جا احساس ڪجهه هن طرح آهن ته : سر زمين سنڌ جو حافظ به تون جامي به تون، واديءِ مهراڻ جو توکي ئي سعدي ٿا چئون، سنڌ ۽ سنڌي زبان کي جڳ ۾ تو ممتاز ڪيو، اي ڀٽائي گهوٽ توکي سنڌ جو رومي ٿا چئون. ڪشمور ۾ نقش ناياب منگي تعليم دوران پنهنجي درسي استاد، آذر ناياب صديقي ۽ ناليواري شاعر، اديب ۽ صحافي شعبان بخت منگيءَ جي صحبت ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪئي. شاعريءَ جي عشق نقش ناياب بڻائيندي کيس استاد شاعرن جي صف ۾ اچي بيهاريس. شڪارپور کي شاعريءَ جي سورمن سامي ۽ شيخ اياز تي ناز آهي، انهن ۾ نقش ناياب منگي، خليل مورياڻي ۽ انهن جي ٽهي تي سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ کي صدين تائين ناز رهندو. ايمرسن جو خيال آهي ته :”فطرت هڪڙو مندر آهي جنھن جون ديوارون نشانن سان ڀريل آهن” اهڙئي طريقي سان شڪارپور جو علم ادب جون ديوارون ۽نشان به اونچا آهن. نقش ناياب منگيءَ جون سٽون به رومانس جي پنڌ ۾ برجستيون آهن. خواب ۾ جلوو پسائي پاند ڪو اٽڪائي ويو، پل گهوڙيءَ ۾ ڌار ٿي جيءَ کي ته جهوري لائي ويو. هت سڪون قلب لٽيو مان رهان ٿو بيقرار، زندگيءَ ۾ درد ڏيئي باھ ڀڙڪائي ويو. نقش ناياب منگي جي جيتري حياتي هئي ان سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ لاءِ جاکوڙ جاري رکي، شاعري، تحقيق ۽ تاريخ ڄڻ نقش ناياب منگي جي زندگيءَ جو وظيفو هئي. نقش ناياب منگي ۶۳ ورهين جي ڄمار ۾ ۷ آڪٽوبر ۲۰۱۱ع تي راھ رباني ورتي آخري آرام گاهه چڻنگي جي قبرستان شڪار پور ۾ اٿس. آخر ۾ نقش ناياب منگي لاءِ شاھ لطيف جون هي سٽون ته : اڄ پڻ اکڙين سڄڻ پنهنجا ساريا، ڳلن تان ڳوڙهن جون بوندون بس نه ڪن، سندي سڪ سپرين لوڪ ڏٺئي نه لھي. (ڏھاڙي عوامي ڪوشش لاڙڪاڻو ۾، ۷ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل) “نقش” ناياب منگي سندس سنڌي ۽ اردو شاعري جو مختصر جائزو نسيم بخاري سنڌ جي شڪارپوري اديب نقش ناياب منگي جي جڏهن مون شاعري پڙهي ته پنهنجو پاڻ تي افسوس ٿيڻ لڳو ته اهڙي شاندار تخليقي پورهئي کي منهنجي اکين اڳ ڇو نه ڏٺو هو ۽ دل شعر جي سحر کان ڳچ وقت پهرين ڇو نه لطف اندوز ٿي هئي. ’نقش‘ ناياب منگي جي شاعري بنيادي طور تي هڪ عاشق جي “آهه” آهي. درد جو اهڙو سمنڊ آهي جنهن ۾ لهڻ کانپوءِ ان جو احساس نه رڳو ٻاهر نڪرڻ ناھي ڏيندو پر ماڻهو خود به انهيءَ مان نڪرڻ نه چاهيندو آهي. شعر ۾ وزن بحر جي ته پختگي آهي ئي آهي پر فني اڏام به پنهنجي عروج تي پهتل آهي. ويتر جو ان کي انتهائي سادو ۽ سلوڻو ٻوليءَ جو ويس ڍڪيل آهي ته اصل واهه واهه ٿي وڃي ٿي. مثال طور هي خيال ڏسو: سڄڻ ياد تنهنجي ٿي هر دم ستائي، مٺا وڃ تون هڪ وار جلوو پسائي، پري “نقش” کان ڇو رهين دلربا ٿو، سندس دل ۾ رهه دوست ديرو ڄمائي. سڪ تڙپ ۽ اڪيلائي جي احساسن ۾ جڏهن دل بدران ماڻهو دماغ سان سوچيندو آهي ته ڪجهه بغاوت به اندر ئي اندر ۾ بلند ٿيندي آهي. تنهن باغي احساسن جي جهلڪ سائين نقش ڪجهه هن طرح سان بيان ڪري ٿو: شب فرقت نه مون کي راس آئي ته ڇا ٿيندو، خيالن ۾ صنم جي زلف لهرائي ته ڇا ٿيندو، کڻي تون نيڻ پنهنجا “نقش” ڏي جنهن دم نهارين ٿو، اها ساعت اگر مون کي نه راس آئي ته ڇا ٿيندو. مٿين شعر ۾هڪ ميار آهي وصال ناهي وڇوڙو آهي. اهو وڇوڙو جيڪو هونئن ته هر عاشق کي وک وک تي وڍ ڏيندو آهي پر اهو عاشق وري شاعر به هجي ته اڃان تڪليف ٻيڻي ٽيڻي ٿي وڃي ٿي. خود اهو اعتراف “نقش” ناياب منگي پاڻ ڪري ٿو: جدائي جو لمحو آ مون لئه عذاب، نه ڏي زندگي جي دعا تون نه ڏي. ـ ـــــــ دور خزان ۾ پنهنجي گذاري ڄمار مون، فصلِ بهار آئي سهاني ڪڏهن ڪڏهن. عاشقاڻي ۽ شاعراڻي معصوميت واري خيال جي جهلڪ منگي صاحب ڪجهه هن طرح قلمبند ڪري ٿو: ڪيو مون پيش دلبر تو اڳيان آ دل جو نذرانو، قبولي مون کي تون پنهنجو بڻائيندين ته ڇا ٿيندءُ. خواهش ۽ خواب کي جڏهن حقيقتن جي ڌرتي نصيب نه ٿي ٿئي ته تلخ تجربن جي روشني ۾ شاعر کي اهو اقرار ڪرڻو ٿو پوي ته: وفا تي هيو “نقش” کي ڀروسو، مگر دلربا ڪئي جفا اجنبي. “نقش” ناياب منگي پنهنجي شاعري ذريعي ڌڙڪندڙ جوان دلين تي جيڪي درد سان ڀرپور نقش چٽي ويو آهي، اهي ان وقت تائين سدا بهار رهڻا آهن، جيستائين هن ڌرتيءَ تي محبت قائم ۽ دائم رهڻي آهي. اهو ئي سبب آهي ته “نقش” جو شعر زندهه آهي ۽ زنده رهڻو آهي. ڇو ته هن پنهنجي شاعريءَ ۾ انساني جذبن ۽ امنگن جي عڪاسي ڪئي آهي. هن اڌمن کي اظهار جو روپ بخشيو آهي. هن جي سوچ ۽ لوچ هڪ فرد نه پر هڪ احساس جي علمبردار آهي. اهو احساس جيڪو تنهنجو ۽ منهنجو آهي. ائين نه آهي ته “نقش” ناياب نه رڳو رومانوي شاعري ڪئي آهي. پر هو عوامي زندگي تي به لکندو آيو آهي. اهڙي درد جو اظهار سندس هن قطعي مان ڪري سگهجي ٿو ته: اڄ سرِ بازار پوڙهو پيٽ خاطر پيو نچي، ناچ مفلس جو ڏسي پيو هر تماشائي اچي. هن گراني دور ۾ هر فرد پيو واھ واھ ڪري، هڪ ته پيري ٻي گراني ٽئين پئي غربت نچي. هڪ پوڙهي پورهيت جي درد جو داستان حقيقت ۾ ان منظر ڪشي جو شاهڪار اظهار آهي جيڪا اسان گهر گهٽي ۾ پيا ڏسون. جيڪا اسان جي عوام جي اڪثريتي تقدير آهي. جيڪا هر صورت ۾ دور ٿيڻ کپي. پر “نقش” ناياب جي نصيحت تي ڪير ڪٿي ٿو هلي. اهو ئي سبب آهي ته هو ڏاڍي عاجزي ۽ معصوميت سان نماڻو ٿي چوي ٿو ته: مرڪي مرڪي دل جو نذرانو ڪيو مون پيش پر، بي رخيءَ سان هو ستمگر دل کي ٺڪرائي ويو. ڳالهه محبوب جي هجي يا عام ماڻهو جي، پر جي اها بي رخي آهي ته دل رنجائي ٿي، ڏکائي ٿي ۽ تڙپائي ٿي. “نقش” ناياب منگي جي سنڌي شاعري جيان اردو شاعري به ڪمال جي آهي. هونئن ڀلي هر ڪمال کي زوال ايندو هجي پر شاعري جي ڪمال کي زوال ناهي ايندو. ائين چئجي ته ان ۾ ذري برابر به وڌاءُ نه ٿيندو ته “نقش” پنهنجي دل پڙهندڙ جي هٿ جي تريءَ تي شاعري جي صورت ۾ رکي ڇڏي آهي. ڇا ته غضب جي شاعري آهي. ان جا وري اردو جلوا ته پنهنجو مٽ پاڻ آهن. مثال طور لکي ٿو ته: گواره جدائي نه تهي جن کو پل بهر، وهي آج هم سي جدا هوگئي هين. شاعري ۾ ڪنهن عاشق پاران محبوب تي تشدد واري ترڪيب گهٽ ۾ گهٽ مون اردو ۽ سنڌي شاعري ۾ سواءِ نقش ناياب جي ٻئي ڪنهن جي شاعري ۾ نه پڙهي آهي. لفظ تشدد نثر جو آهي پر اهو جڏهن “نقش” شعر ۾ استعمال ڪري ته ان کي به نغمگي ٿي ملي وڃي. اوهان پاڻ پڙهي ڏسو: صنم ايک بي بس په اتنا تشدد! همين ديکهه هم کيا سي کيا هو گئي هين. “نقش” سائين جو هيٺيون اردو نظم نه رڳو ماضيءَ جي ترجماني ٿو ڪري پر حال جو به عڪاسي آهي ۽ مستقبل جون به چغليون هڻي ٿو: بهائي بهائي سي هي تنگ، ديکهو دنيا کا يه رنگ. دنيا ڪي سب رشتي چهوڻي، چهوڻا هي اب انگ سي انگ. عرياني کا آيا دور، جس کو ديکهو ننگ دهڙنگ. ناصح سي هي اپنا بير، واعظ سي هي اپني جنگ. اپنون کو بهي سمجهين غير، دل اپنا آلوده زنگ. پاپي جگ مين پاپي لوگ، جن کا اپنا اپنا رنگ. دور هي رهنا ان سي اچها، “نقش” نا کرنا ان سي سنگ. منهنجي وس ۾ هجي ته مان سائين جو مٿيون نظم اخبارن جي پهرين صفحي تي اشتهار جي صورت ۾ ڇپرايان ها. اهو نظم هر ٽي. وي چينل جي خبر کان اڳ هلرايان ها. ٻيو ته ڇڏيو پر ريڊيو، ڪيبل ۽ ويب چينلن سميت يوٽيوب تي به رکرايان. ڇو ته ان ۾ قهر جي سچائي آهي. منافقي، مطلب پرستي، مفاد پرستي ۽ مصلحت پسنديءَ جا اصل مهانڊا ڏيکاريا ويا آهن. حقيقت اها آهي ته شڪارپور جو نثار بزمي هجي يا “نقش” ناياب انهن کي سندن زندگي ۾ توڙي مرڻ پڄاڻان اوتري اهميت ميسر نه ٿي سگهي آهي جيتري وڏي علمي ادبي قد ڪاٺ جا هو ماڻهو آهن. مٿين ٻنهي شاعرن ڪيترا ڪامياب شاگرد ڇڏيا پر بدقسمتيءَ سان انهن کان استاد جي عظمت جو عملي اقرار وسري ويو آهي. ۽ شايد اهو ئي سبب آهي ته اهڙن همعصرن بي فيض انسانن کي پس منظر ۾ رکندي سائين نقش چئي ويو ته: “نقش” اپني داستان ان کو سناتا جا ضرور، ياد ماضي پر کبهي تو شرم ان کو آئيگي. “نقش” جي ذهن، زبان ۽ دل مان مٿيون شيون جڏهن شعري سانچي ۾ گهڙي تيار ٿيون هونديون، تڏهن خود کيس انهن احساسن جي تلخي ڪيتري تلخ لڳي هوندي. جن احساسن جي اظهار لاءِ ڪتب آيل لفظ شرمندگي کي پڙهندي خود اسان کي الائي ڇا ٿو ٿئي. “نقش” ناياب جي من تي پيڙا جا جيڪي نقش چٽيل آهن، انهن جي اذيت واري احساس تي سوچجي ٿو ته روح رنجيدو رهي ٿو. سائين “نقش” ناياب منگي وڏو خوشنصيب آهي، جو نه رڳو ڪامياب شاعر، محقق ۽ اديب آهي پر هن جي اولاد به صالح آهي ۽ نينگرن مان حسيب ناياب سندس ادبي واٽ جي وارثي نه رڳو ايمانداريءَ سان ڪندو پيو اچي پر پاڻ به هن جون وکون ادبي کيتر ۾ اڳتي کڄي رهيون آهن. اميد آهي ته تمام جلد پنهنجي پيءُ جو شعري مجموعو به مارڪيٽ ۾ آڻيندو. بلڪل ائين جيئن هن شڪارپور تي سندس مضمونن ۽ مقالن تي مشتمل ڪتاب “شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾” ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. نيڪ ۽ پيار ڪندڙ اولاد به الله جي وڏي نعمت هوندي آهي، جيڪا هر ڪنهن جي حصي ۾ نه ايندي آهي. ڇا ٿيو جو سائين “نقش” ناياب منگي کي بيحس ماڻهن ۽ ادارن وساري ڇڏيو. تاريخ ته ان جا گڻ ڳايا آهن ۽ ڳائيندي رهندي. ڇو ته اها ڪڏهن به ڪنهن جو تر جيترو به پورهيو نه وڃائيندي آهي. ان ڪري دير يا سوير “نقش” جي به هر تحرير تاريخ جو حصو بڻجڻي آهي، اهي ادارا به اڳ يا پوءِ جاڳڻا آهن، جن تي نقش پنهنجي تحقيق جا نقش ڇڏيا آهن ۽ جن جي تاريخ رقم ڪري ان انهن جي بڻ بنياد کان هر عام خاص کي آگاهي ڏني آهي. (ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۸ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل) استاد غلام رسول ميمڻ ۽ سائين حقنواز نقش ناياب منگي منظور پرواز ھي شڪارپور جي سونھن ٻه دوست ٻه ساٿي سائين استاد غلام رسول ميمڻ ۽ سائين حقنواز نقش ناياب منگي آھن جيڪي ٦۰ کان ۲۰۲۰ جي ڏھاڪي تائين علم ادب سماج سان لاڳاپيل رھيا ۽ شڪارپور جا سچا عاشق ٿي رھيا پڪ ڄاڻو ته ھو اسانجا ٻه ادارا ھيا جن ڪافي نوجوانن کي رھنمائي ڏئي اڳتي آندو. ھنن جون ذاتيون به ميم سان آھن تنھن ڪري محمد صلعم مٺڙي جو سايو سندن سرن تي سدا قائم رھيو ۽ ھنن ڏکن سکن سان محنت مشقت ڪري پاڻ نباھيو ان ڪري سوسائٽيءَ ۾ پنھنجو ڪردار سدا مومن بڻجي ادا ڪندا رھيا. مون ته پنھنجي وقت ۾ ائين ڏٺو ته ھنن ڪيترن ئي نوجوانن کي ٿوم مان زعفران بڻايو پر ڪي ھنوقت سندن نالو کڻڻ تي ذھني طور مفلوج ٿي وڃن ٿا پر پتو نٿو پوي ته ان جا پٺيءَ پٺيان ڪھڙا سبب آھن اھا خبر مالڪن کي ٻي رب سائين کي ھونئن به توھان ڏٺو ٻڌو ھوندو ته دنيا جو وڏو حصو محسن ڪش ئي رھيو آھي ان ڪري بھتر اھو آھي ته ڪنھن جو به ڏک نه ڪجي ۽ جيترو جيون آھي پنھنجي حصي جو ڪم ڪري ماڻھو اڳتي رمندو رھي. نقش ناياب منگي ٿورڙي سونھاري رکندڙ ھو ۽ پان تمام گھڻو کائيندو ھو ۽ ننڍي سرڪاري نوڪري اريگيشن کاتي ۾ ھو سٺو شاعرھيو ۽ شڪارپور جي تاريخ ۽ علم ادب تي ڪافي ڪم ڪيو ۽ ڪجھ ڪتاب به لکيل مرتب ٿيل اٿس ۽ غلام رسول ميمڻ پڪي عمر تائين سونھاريءَ کان آجو رھيو ۽ آخري عمر ۾ ٿوري بيمار ٿيڻ کانپوءِ مٺ کن ڏاڙھي رکيائين ۽ پاڻ ناظم پريس جي ڪمپازيٽريءَ کان شروع ٿي ماڊرن پريس جو مالڪ ٿيو ۽ ٻه اخبارون به ڪڍيائين؛ ھڪ قرباني ۽ ٻي ناياب. جن ۾ شھر جا مسئلا، علمي ادبي سرگرميون ۽ بين الاقوامي حالات جو، ڀرپور اظھار ھوندو ھو. سال ۱۹۸۱ ۾ ٺھندڙ يونائيٽيڊ ميمڻ جماعت شڪاپور جو به باني ميمبر ۽ صلاحڪار ھيو ۽ جسٽس عبدالحفيظ ميمڻ به سندس وڏي عزت ڪندو ھو. دوست اڪثر ڪري کيس استاد غلام رسول ميمڻ، ان ڪري سڏيندا ھيا جو ھو تنظيمي ڪمن جو ڏاھو ھو ۽ سنگت جي ھر ساٿيءَ کي ڪجھه ھڙئون ڪجھه وڙئون ڪجھه نه ڪجھ ضرور سندن مدد ۽ رھنمائي ڪندو ھو. انشاءَالله ٻنھي جوانن جي تفصيلي ڪم تي جدا جدا احوال جلد رکبو پر بنيادي طور ٻئي علم، ادب، شاعري، ميڊيا، پريس ۽ سماجي علمي ادبي تنظيمن سان وابسته رھيا ۽ سندن دوستن جو به ھڪ وسيع حلقو ھيو. نقش سائين ۲۰۱۱ ۾ ۽ غلام رسول سائين ۲۰۱۴ ۾ ھن فاني دنيا کي ڇڏي، مالڪ حقيقيءَ جي حوالي ٿيا ۽ پاڻ لوڪ کان ان ڪري نه وسريا آھن جو ھنن ڌرتيءَ تي نه ڪو تڪبر ڪيو، نه ڪنھن کي نقصان پھچايو ۽ نه ڪنھن تي رعب تاب رکيو. جيڪو ٿي سگھيُن، سڀن جي ڪم آيا ۽ سڀني ۾ پيار، محبت، سچائي ۽ سونھن جا گل ورھائيندا آيا جو اڄ به اسان انھن جي خوشبوءِ کان معطر ٿي رھيا آھيون. رب مٺڙي کين سدا جنت ۾ جاءِ ڏني ھوندي آمين. -- -- -- -- -- -- غلام رسول ميمڻ ۽ نقش ناياب منگي قاضي منظر حيات ٻئي پنهنجي ذات ۽ ڏات ۾ سچا ۽ کرا، مخلص ۽ بي لوث ڪردارَ. سماج سيواڪار ۽ محبتي/ محنتي....هر ڪنهن سان اُنس ۽ الفت، هر واسطيدار سان اهڙو ورتاءُ جو هر ڪو ڀانئي ته منهنجو دوست. منهنجي خوشنصيبي جو انهن ٻنهي شخصيتن سان وڏڙن جي ويجھڙائيءَ ڪري مان سندن فيض ۽ رهنمائي حاصل ڪئي ۽ ويجھو ڄڻ گھرڀاتي ٿي گھاريم. شڪارپور ماڊرن پريس ڄڻ بنيادي سکيا گھر رهيو، جتي علم، ادب، صحافت، پريس جا سڀ مرحلا، اڃا وڌيڪ جيون جي عملي واڌ ويجهه ۽ نوڪريءَ جي گنڀير مسئلن ۾ به ڏس ۽ ڏانءَ اُتي، انهن ٻنهي محبوب ماڻهن وٽان مليا. هي جيڪو ڪچو ڦڪو هٿ-هنر يا سوچ-شعور جو ڪو ڍنگ آهي، انهيءَ ۾ استاد غلام رسول ۽ نقش’ناياب‘ منگي جي محبتن ۽ محنتن جو اثر به ضرور آهي. اهي مون وانگر الائي ڪيترن ئي سيکڙاٽن جا سونهان ۽ رهنما رهيا آهن. مون کي اهو چوڻ ۾ ڪا به اٽڪ نه ٿي ٿئي ته سندن صحبت ۸ رهي ڪيترا شاعر، اديب، صحافي، ڊاڪٽر بڻجي پيا ۽ هو پنهنجي سادگيءَ سبب پنهنجي انهيءَ هنڌ تي سواءِ ڏيکاءَ ۽ نمائش جي پنهنجي راهه وٺي هلندا رهيا.....هو فياضي ۽ سخا جا وکر ورهائي مسڪينيءَ ۾ مُرڪندا ۽ خودداريءَ سان جيئندا رهيا. کين ڪنهن به غرض ۽ لالچ يا خودنمائيءَ جي ڪڏهن به ڪا ئي ضرورت محسوس نه ٿي. ادب، علم ۽ شڪارپور سان سندن جنون جي حد تائين عشق رهيو ۽ سدائين نڪور عملي ڪمن سان پنهنجي اهميت ۽ حيثيت مڃرائي. شڪارپور مان اخبارون، رسالا ڪڍڻ کان وٺي ڪيترا ئي تاريخي ميڙاڪا، سيمينار، شاگردن جي جاڳرتا لاءِ ڪوچنگ ڪلاسَ، صحافتي سکيا جا عملي سبقَ سندن ڪريڊٽ تي آهن..... ٻنهي تاريخ ساز شخصيتن کي ياد ڪندي اوهان سچ پڇ شڪارپور جي مُک ڪردارن کي ڀرپور ڀيٽا ڏني آهي! نقش ناياب منگي سندس فن ۽ فڪر ۾ موجوده دور جو عڪس حسيب ناياب منگي شاعري قدرت طرفان عطا ٿيل ڏات آهي، جيڪا فني ۽ فڪري گهرائيءَ سان لکي وڃي ٿي تنهن ۾ حسين خيالن جو اظهار به ڪيو وڃي ٿو ته ڪنهن ٻي عام موضوع تي به لکي پنهنجي من جو بار هلڪو ڪري سگهجي ٿو. شاعري جو رنگ ۽ ڍنگ جيڪو اڄڪلهه استعمال ٿئي ٿو سو شاعريءَ کي شاعري واري فريم ۾ نٿو آڻي، شاعري ته ڪيفيت ۽ احساس جي اظهار جو نالو آهي، ڪي چار سٽون بنا ڪنهن مقصد جي لکڻ ڪمال ناهي ها مگر هڪڙو شعر مقصد ۽ مطلب وارو چوڻ ڪمال آهي جنهن کي ٻڌڻ يا پڙهڻ سان ڪي ڪيفيتون نازل ٿين ۽ ڪجهه خيال جنم وٺن، ڪي سوچون من ۾ اٿن ۽ پنهنجو اثر ڇڏين تنهن کي ئي شعر چئي سگهجي ٿو. شاعريءَ ۾ اظهار به اهڙو سادو ۽ سهڻي انداز جو هجي جو چئي سگهجي ته شعر جي طاري ٿيل سحر مان نڪري نه سگهيا آهيون.، ڪا تخليق اگر اهڙي سامهون اچي ٿي ته اها ئي شاعري علم ۽ حڪمت جو جوهر مڃي وڃي ٿي. دنيا جي عالمن ۽ فاضلن ان روايت کي تسليم ڪيو آهي ته شاعر اهو ئي آهي جيڪو انسانيت جو ترجمان آهي، هو رڳو وارن جي چڳن ۽ سونهن سندرتا تي لکڻ جو قائل ئي نه هجي، اهو به نه هجي جو صرف وطن جي نظارن ۽ خوبصورتي مٿس اثر ظاهر ڪيو هجي پر زندگي ۾ آيل سک ۽ آسائش، خوشي ۽ راحت سان گڏ درد، غربت، ناانصافي ۽ سماجي عڪس کي به پنهنجي اندر جي حقيقي تصوير جو عنوان بڻائي لکندو رهي، اها قدرتي ڏات جن به قلم ڌڻين جي حصي ۾ آئي آهي، سي پنهنجي ڏات جي چمڪ جي ڪارڻ اڄ به شاعريءَ جي تذڪرن ۾ ستارن جيان ٽمڪي رهيا آهن. ”نقش“ ناياب منگي به اهو شاعر آهي، جنهن وٽ پيار ۽ محبت سان گڏ ڌرتيءَ جي رهواسين جي درد جي هڪ آهه موجود آهي. ديس جي پهاڙن ۽ خوبصورت نظارن، دريائن ۽ ماڳن مڪانن جي تعريف آهي ته مزدور ۽ هاري جي ڏکن جو احوال به آهي، پاڻ وٽ رائج داستانن جي جهلڪ به آهي ته غريبي ۽ اميريءَ جي فرق جا مثال به موجود آهن، چنڊ جي چاهه واري چٽائي جو ذڪر آهي ته سج جي تپش جو به ٻڌائي ويو آهي، ڏکن تي زارو زار رنو به آهي ته آٿت جو دامن به وسيع ڪندي دلجاءِ ڏيندي نظر اچي ٿو، سادن خيالن ۽ آسان بيان سان سندس خيالن جي نغمگي فطرت جي حقيقي رنگ جو راز ٻڌايو آهي. اسان جي آڏو موجوده وقت ۾ گهڻا ئي مثال موجود آهن جو غريب محنت ڪندي به پورو نٿو ٿي سگهي جڏهن ته ٻين جي پئسي تي پلجڻ وارو خوش گذاري ٿو، محنت ڪش پنهنجي ٿوري اجرت تي ڏاڍو پريشان گذاري ٿو ۽ مشڪل سان پنهنجي بنيادي ضرورتن کي پورو ڪري سگهي ٿو ته وري ٻئي پاسي شاهوڪارن جي درن تان چاپلوس پلجي عيش ۽ عشرت جي زندگي گذارين ٿا. ”نقش“ ناياب منگي ٻڌائي ٿو ته: هڏ هڻڻ وارن جو ناهين پيٽ ڀي پورو مگر، خوش رهن ٿا پير ۽ پينار پنهنجي ديس ۾. صبح سان ئي در وڏيرن جو وٺن ٿا چاپلوس، اوبرون کائي ٿين ٿا تار پنهنجي ديس ۾. شاعري انسان جي ضمير جو آواز ٿيندي آهي، شاعر مٿان لازم آهي ته هو وقت ۽ حالتن کي سامهون رکي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري، اکين جي آڏو جيڪي به حالتون اچن ٿيون تن کي بيان ڪندو رهي، اڄ جي دور ۾ هڪ انسان کي ٻئي انسان جو خيال رکڻ وارو جذبو گهٽ نظر اچي ٿو، جيڪڏهن ڪو ڪنهن جي مدد ڪري ٿو ته ان کي ٿورو تسليم ڪيو وڃي ٿو، اهڙي ريت واضح ٿئي ٿو ته انسان هر وقت ٻئي انسان کي احسان جو احساس ڏياريندي ان جي مدد ڪرڻ کان بعد ۾ عزت نفس کي مجروح ڪندو رهي ٿو، نقش به لکي ٿو ته: هن اقتصادي دور ۾ هر وقت اي يارو! انسان کي انسان جو احسان ٿو ماري. شاعريءَ کي سرجڻ کان بعد ۾ سريلي خيال جو جتي نالو ڏنو وڃي ٿو اتي شاعري سماجي انڪشاف جو عجيب آئينو به ٿئي ٿي. جنهن ۾سچائي ۽ صداقت چٽي نظر اچي ٿي، اڄ جي دوستيءَ جي مطلب واري چادر جي هيٺان اچي پنهنجي اصلوڪي حيثيت وڃائي چڪي آهي، قدم قدم تي دوکو ۽ هر وقت فريب دوستيءَ جي رنگ کي دشمني ۾ پيش ڪيو آهي، شاعر وٽ لفظن جي چونڊ سان خيالن جي بهتري ۽ ادائگيءَ جو نرالو انداز موجود آهي، هو چوي ٿو ته، هو روپ دوستيءَ جو پر رنگ دشمنيءَ جو، قاصد کي آزمايم دشمن آ دوستي جو. نقش ڳالهه کي اتي ئي ختم نٿو ڪري هو اڳتي اڃان وڌيڪ لکي ٿو ته اڄوڪي زماني ۾ پنهنجي وطن مان اتفاق هلي ويو آهي، دوستي موڪلائي چڪي آهي، رشتا به ختم ٿيندا نظر ٿا اچن، يار به هڪ ٻئي کان پري ٿي ويا آهن، هيءَ دور اهڙو اچي ويو آهي جو طرفداري ته ٺهيو پر هر ڪنهن کي ايذاءَ ڏيڻ ۾ ماڻهو خوشي محسوس ڪن ٿا. اتفاق باهمي ويندي رهي، مخلصانه دوستداري ختم ٿي. ڀائرن ۾ آ وفاداري ڪٿي؟ ڏس ته يارن مان ڀي ياري ختم ٿي. دور آ ايذا رساني جو فقط، منصفي ۽ پاسداري ختم ٿي. ”نقش“ ناياب منگيءَ جي نظمن ۽ غزلن ۾ ئي نه پر چوسٽن ۾ به موجوده دور جي حالتن جو عڪس موجود نظر اچي ٿو، هن وٽ لکڻ جو ڍنگ هئڻ سان گڏوگڏ حالتن جي عڪاسي ڪرڻ جو به فن هو، پاڻ پنهنجي ڪلام ۾ بنا ڪنهن رک رکاءَ جي کليو لکيو اٿائين، علامت نگاريءَ جي حوالي سان اگر سندس شاعريءَ تي لکبو ته به ظاهر ڪري سگهجي ٿو ته هو ڏاڍ ۽ ظلم جي خلاف آهي، نصيحت ڪندي سماج ۾ غلط لاڙن جي نشاندهي به ڪري ٿو ۽ انهن جي پاڙ پٽڻ جو طريقو پڻ ٻڌائي ٿو، بک، بدحالي، بيروزگاري ۽ مفلسيءَ جي جهلڪ ڏيکاري ٿو ته پنهنجي سنڌڙي جي روشن مستقل جي لاءِ پر اميد به نظر اچي ٿو، سو ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ”نقش“ کي ”ناياب“ سمجهي ادب ۾ وسارڻ واري روايت ختم ڪري کيس محقق ۽ اديب کان علاوه شاعر جي روپ ۾ به پڌرو ڪيو وڃي. مون لاءِ آهي سڀ ڪجهه منهنجي وطن جي ڌرتي، هر ذرو ان جو مون کي ڪندن نظر اچي ٿو. (ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۷ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
رزاق مهر ڌيرج وند دوست منظور ڪوھيار سال ۱۹۷۴ جي روح رهاڻ ادبي سنگت، جيڪا ان زماني جي وات ڳاڙهن ڇوڪرن تي مشتمل هئي. تن لاڙڪاڻي جي ادبي حلقن ۾ هلچل مچائي ڇڏي. اڃا به ائين چئو ته ڌوڙ ڌڪا مچائي ڇڏي. پوءِ ان ادبي سنگت جي ميمبرن مان سواءِ هڪ اڌ جي، هڙ جو هڙ ڀلوڙ ليکڪ ۽ صاحبِ ڪتاب ٿيا. هر هڪ جون لکڻيون منفرد ۽ انداز الڳ. جن ۾ مرحوم افضل قادري، مرحوم ڪيهر شوڪت، مرحوم ملڪ آگاڻي، مرحوم واجد، مرحوم رزاق مهر؛ مرحيات سليم ڪورائي، مرحيات زيب سنڌي، مرحيات منظور ڪوهيار ۽ مرحيات محمد علي پٺاڻ، مرحيات ممتاز ابڙو جن قابلِ ذڪر آهن. توهان هروڀرو پريشان نه ٿيو. اھا ڪن زود رنج ماڻھن ان جي معنى، اڌ-مئو، اڌ-ڪٺل يا نيم زنده لکي آھي. جڏھن ته عبدالوهاب سهتي جي ’لوڪ آ، ٻوڪ‘ ڊڪشنري مطابق مرحيات جو اشتقاق آھي؛ مر + حيات. جنھن ۾ مر معنيٰ آھي؛ سدا، ڀلي. جيئن چوندا آھن؛ سڄڻ ھجن ساڻ، پوءِ مَرُ پيا مينھن وسن. جڏھن ته حيات جي معنيٰ آھي؛ جيئرو، زندھ. ھاڻي مرحيات جي معنى ٿي؛ سدا حيات، سدا جيئرو. سندس چوڻ مطابق ته لاڙڪاڻي جي چئن اديبن جي ته جيئري ئي ورسي ٿيڻ گھرجي. جن ۾ مرحيات عنايت ميمڻ، مرحيات منظور ڪوهيار، مرحيات محمد علي پٺاڻ ۽ مرحيات سليم ڪورائي. ڇو ته مئي کان پوءِ ماڻهو هٿ جي ٿا هڻن يا مبالغي آرائي ٿا ڪن. بهرحال جڏهن سهتو صاحب ان پروگرام کي آخري شڪل ڏيندو، ته اسان کيس گذارش ڪنداسي، ته پهريائين سليم ڪورائي جي ورسي ملهائي وڃي، جو سينئر ۽ روح رهاڻ ادبي سنگت جي بانين مبانين منجھان آهي. اسان کي به پهريائين سندس تعريف ۽ توصيف ڪرڻ جو يا ڇوڏا لاهڻ جو موقعو ملندو، ته ان ۱۹۷۹ ۾ روح رهاڻ جھڙي سرگرم ادبي سنگت مٿان، تماچي هوٽل ۾، هڪ ’جن جي ڀاءُ‘ سان ويهڻ کي ڇو ترجيح ڏني؟ منهنجو اشارو سمجھڻ وارا سمجھي ويا هوندا. وڌيڪ کول ورسي تي ڪبي، حالي في الحالي ته بابا ولي؛ ڍڪي ڀلي. ان دؤر کي تصور جي اک سان ڏسجي ٿو، ته گول دائري ۾ روح رهاڻ ادبي سنگت جون گڏجاڻيون؛ لاڙڪاڻي جي علي گوهر آباد محلي ۾، افضل قادري جي گھر جي ڪوٺي تي، وڇايل تڏن مٿان ٿي رهيون آهن. وڏن وارن وارو هڪ خوبرو نوجوان رزاق مهر پنهنجو شعر پڙهي رهيو آهي: پريم نگر جو پنڇي آهيان، نفرت جي پڃري ۾ پاپي، ڇو ٿا مون کي قيد ڪيو، آزاد ڪيو، آزاد ڪيو. رزاق مهر جو هي پهريون شعر هيو ۽ اهو به ڀرپور. ادبي حوالي سان رزاق مهر پهريائين شاعر جي طور تي پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي، پوءِ اوچتو هڪ طنز و مزاح سان ڀرپور ڪهاڻي، ”ڪرشن هاٿيءَ اڳيان“ لکي، نثر ۾ ڪهاڻيڪار جي حيثيت سان اُڀريو، ڪهاڻي کي سورنهن سينگار ڪرائيندي، ’اَجھل هوا‘ جھڙي ڪلاسيڪل ڪهاڻي لکيائين. باوجود سليم ڪورائي جي تنقيد جي، کيس نثر اهڙو رس ۽ چس ڏنو، جو ڪهاڻين سان گڏ ڊرامه لکڻ شروع ڪيائين. ڏسندي ڏسندي اسٽيج ڊرامن ۽ ٽي وي ڊرامن جي حوالي سان سنڌ جو سڄاڻ ۽ سرموڙ ليکڪ بڻجي ويو. ائين ناهي ته رزاق مهر شاعري صفا ڇڏي ڏني هئي، پر شرارتن ’نيما ڪوثر‘ جي نالي سان به ڪڏهن ڪڏهن شعر لکندو هو. جيڪي اخبارن ۽ ادبي پرچن جي زينت بڻبا هيا. جنهن کي اڳتي هلي ڊاڪٽر عبدالمجيد جھڙي محقق پنهنجي لکيل ڪتاب ’لاڙڪاڻو تاريخ جي آئيني ۾‘ لاڙڪاڻي جي سٺين شاعرائن ۾ جڳھ ڏني. اهو سلسلو هن تڏهن بند ڪيو، جڏهن هڪ وڏي اديب کيس خوبصورت ساڙهي وٺي موڪلي ۽ خط ۾ پنهنجي والهانه محبت جو اظهار ڪندي ساڻس ملڻ جي خواهش ظاهر ڪئي.تڏهن رزاق مهر چيو، ته ’يار، منظور! هاڻي اها مذاق ڳچيءَ ۾ ٿي پوي‘. منهنجي ان مذاق ۾ صرف ايترو هٿ هيو، جو ’نيما ڪوثر‘ جو نالو مون تجويز ڪيو هو. زيب سنڌيءَ جو خيال هيو، ته اها سنڌ جي انٽيلڪچوئل ٿي اُڀري. ان زماني ۾ نيما ڪوثر جا تنقيدي خط به ڏاڍا مشهور ٿيا، جن ڪيترن جون کلان لاهي وڌيون. ڪافي اديب نيما ڪوثر کي اسان جي سامهون ويهي گھٽ وڌ ڳالهائيندا هيا ۽ اسان ڪڇي نه سگھندا هياسين. ڪڏهن ڪڏهن زيب سنڌي، نيما ڪوثر جو پاسو کڻندو هيو، پر رزاق ويٺو مشڪندو هيو. تنقيد جو ذڪر هليو، ته ادبي حلقن ۾ روح رهاڻ ادبي سنگت جي تنقيد جو ڏاڍو ڊيڄاريندڙ ۽ خطرناڪ تاثر ويٺل هو. پر پٺ ان دؤر جي رقيبِ رو سياهن ڇا ڇا نه هلائي ڇڏيو، اها هڪ الڳ ڪٿا آهي. پر اها انهن جي هڪ حوالي سان مهرباني به هئي، جو ڪافي ماڻهو تجسس وچان ٻڌڻ ايندا هيا ۽ ٻڌڻ کانپوءِ ٻي دفعي اچڻ جي آرزو ڪندا هيا. برابر ڊگھا بحث ٿيندا هيا، پر حوالن ۽ دليلن سان. خلافت، ملوڪيت، جھموريت، فاشزم ۽ ڪميونزم جي حوالي سان بحث ٿيو، ته ڊاڪٽر طٰحٰه حسين مصري، مولانا مودودي، علامه مشرقي، مولانا ابوالڪلام آزاد، مارڪس، اينگلس، ولفرڊ پريٽو جا حوالا اچي ويندا هيا. جي ناولن جي اسلوب تي بحث ڇڙيو، ته ميخائل شولوخوف کان وٺي ايملي زولا تائين. جي ڪهاڻين جو موضوع ڇڙيا، ته موپاسان کان هلندي دنگ اچي منٽو تي ڪندا. شاعري جو ذڪر اذڪار هليو ته سانڊور پٽوفي کان شيخ اياز تائين. جي ادبي تنقيد جو تجزيو ٿيو، ته پلاٽو کان وٺي، رسول بخش پليجي جي ’سندي ذات هنجن جي‘ ۽ قربان علي بگٽي جي ڪتاب تائين. اهي بحث لاڙڪاڻي ۾ ايڏا مشهور ٿيا، جو مختلف نظرياتي دانشور ۽ اديب سعيو ڪري اچي ٻڌندا هيا. ان مان اندازو ڪيو، ته روح رهاڻ ادبي سنگت جي گڏجاڻي ۾ علامه مشرقي جو ننڍو فرزند ظهيرالدين اظهر اچڻ لڳو ۽ ان جي بازگشت ’پنجابي سنگت لاهور‘ جي واءِ ايم سي هال مان ٻڌڻ ۾ آئي، جو هو ان جو سيڪريٽري هيو.بحيثيت مهمان جي جيڪو ان منهنجو اتي تعارف ڪرايو، اهو منهنجو نه پر روح رهاڻ ادبي سنگت جو هيو. لاڙڪاڻي جي ترقي پسند مصنفين اردو جا اديب جن ۾ رمز شاهجھان پوري جھڙا ڪهنه مشق شاعر، محمود شرف صديقي ۽ سليم صديقي جھڙا ڪيترا ئي نوجوان اديب ايندا رهندا هيا. هاڻي ئي ويجھڙ ۾ يعني ۱۲ مارچ ۲۰۱۶ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ۾ قادري قلم قبيلي جي طرفان پارسي جي ڪلاسيڪل شاعر ’سعيد ابو الاخير‘ جي شاعري جي حوالي سان ڇپايل ڪتاب تي، مونکي به ڳالهائڻ لاءِ موقعو ڏنو ويو. مون جيڪو ڪجھ ڳالهايو، اهو پنهنجي جاءِ تي. پر جڏهن مون ڳالهائي بس ڪئي ۽ اسٽيج تان هيٺ لٿس ته هڪ همراه اچي سيني سان لڳايو ۽ چيو؛ ”منظور! يار آپ ني تو روح رهان والي جلوي دکا ديئي، ڪيا حال هئي هماري همنام ڪا اور رزاق ڪا؟“ پهريان ته مون نه سڃاتو. پوءِ مونکي اندازو ٿيو، ته هي سليم صديقي آهي. مان چيومانس؛ ”رزاق دل مين تو هئي، مگر اس دنيا مين نهين، باقي سليم ڪورائي ڪي هماري طرح سانسين چل رهي هئين.“ سليم صديقي جون اکيون آبديده ٿي ويون ۽ ’غالب‘ جو اهو مشهور شعر سندس زبان تي اچي ويس: ”سب کہاں؟ کچھ لاله و گل ميں نماياں ہو گئيں، خاک ميں کيا صورتيں ہونگيں، که پنہاں ہو گئيں ياد تھيں ہم کو بھی رنگا رنگ بزم آرائياں ليکن اب نقش و نگارِ طاقِ نسياں ہو گئيں“ نه صرف اهي دوستَ، پر بزم سچل جو باني و مشهور طنز و مزاح جو منفرد شاعر لقمان حڪيم ۽ نظرياتي دوست عطاءُالله انڙ ۽ مظفر شاھ جھڙا قوم پرست شاعر به ايندا هيا. بحث برابر جارحانه ٿيندا هيا. پر حوالي ۽ دليل کانسواءِ ڳالهائڻ کي ڇسائپ سمجھيو ويندو هيو. فرق صرف لهجي ۽ انداز جو هوندو هيو. ڪو تيز لهجي ۾ ته ڪو ڌيمي لهجي ۾ ڳالهائيندو هيو. ڳالهائيندو ڀلو هيو. پر سڀن کان وڌيڪ متوازن ۽ معتبر لهجو رزاق مهر جو هيو. سندس ڳالهائڻ ۾ ٺهراءُ، ڌيرج، سنجيدگي، بردباري مٿانهين درجي جي موجود هئي. ڪهاڻي، مضمون يا شعر جي ٻنهي پاسن تي ڳالهائيندو؛ اوڻاين پوڻاين تي به، ته خوبصورت پهلوئن تي به. نه ڪنهن کي طنز جا تيز نشتر هڻي. نه ڪنهن جي بي جا تعريف ڪري.نه بغاغو، نه هنبوشي. سچ پڇو ته لاڙڪاڻي ۾، اها طوفانِ بد تميزي تڏهن ڪاهي پئي. جڏهن ادبي حوالي سان لاڙڪاڻي ۾ برَ جون بلائون ڪاهي پيون. جن وٽ نه تميز، نه فضيلت، رڳو گھوگھ. ان حوالي سان هڪ واقعو ذهن تي تري اچي ٿو. رزاق مهر جي ٽي وي ڊرامو ”جياپو“ سنڌ اندر وڏي مشهوري ماڻي. سنڌي ادبي سنگت نئين ديرو شاخ جي سيڪريٽري ’منٺار سولنگي‘ رزاق مهر جي ان ڊرامي تي هڪ شايان شان ويهڪ ڪرائي. جنهن جي صدارت ’سهڻي‘ ميگزين جي ايڊيٽر ۽ ڪهاڻيڪارطارق اشرف پئي ڪئي، خاص مهمان ناول نگار ۽ ڪهاڻيڪار غلام نبي مغل هيو. مون کي ۽ محمد علي پٺاڻ کي اعزازي مهمان ڪري ويهاريو ويو. نئين ديري جي دوستن، خاص ڪري منٺار سولنگي پنهنجي دل سان ان ڊرامي بابت ڳالهايو ۽ چيو ته ’رزاق مهر‘ جي ان ڊرامي جو نه صرف گھرن ۾ هر هفتي انتظار ٿيندوآهي، پر ٻاهر هوٽلن تي به هشام ماڻهن جا بيٺا هوندا آهن‘ هڪ بر جي بلا اُٿي ۽ چوڻ لڳي؛ ”مان به ڳالهائيندس.“ اخلاقن کيس ڳالهائڻ ڏنو ويو. اُن گوهر افشاني ڪندي ٻڌايو، ته ”هڪ ته اهو لفظ ڊرامو نه پر ڊامو آهي. ان ڪري جن ڳالهائيندڙن به اهو لفظ ڊامي کي ڊرامو ڪري اچارن ٿا. تن کي ڪا خبر ئي ناهي. سي غلط آهن، جاهل آهن، ڄٽ آهن. مان انهن کي چيلينج ٿو ڪيان.“ سڀئي ان انڪشاف تي وائڙا ٿي ويا. منٺار سولنگي پڇيس؛ ”ڪهڙي ڊڪشنري ۾ ڄاڻايل آهي، ته اهو لفظ ڊرامو نه پر ڊامو آهي، ڪو حوالو ته ڏي؟“ وڏي نڪ جي پڪائي سان وراڻيائين؛ ”مان پاڻ ڊڪشنري آهيان.“ منٺار سولنگي کيس جواب ڏيڻ چاهيو، ته رزاق مهر کيس هٿ کان وٺي هيٺ ويهاريندي چيو، ”ڇڏيس، ايمڻان مٽيو تيل ٿي پيو ڇا؟“ خير ڊرامي تي سڀن سٺو ڳالهايو ۽ رزاق مهر کي داد مليو. ڊرامي جي حوالي سان اهو نتيجو ڪڍيو، ته هي ڊرامو سنڌ اندر نجي جيلن ۾ ٿيندڙ عقوبتن جو ڪچو چٺو آهي، جنهن ڏسندڙ جي ذهن ۽ ضمير کي جھنجھوڙيو آهي. جي هر ذي شعور ماڻهو هن زنگيل معاشري ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ته گھڻو ڪجھ تبديل ٿي سگھي ٿو. مون ’سماجي شعور جي هڪ ڪڙي‘ جي عنوان سان تبصرو پڙهيو، پوءِ اهو عوامي آواز ۾ ڇپجندڙ پنهنجي ئي هفتيوار ڪالم ”لٽ لاهيندو ڪير“ ۾ پيش ڪيو ۽ پنهنجي ۲۰۰۸ ۾ ڇپيل ڪالمن جي ڪتاب ’فڪر ڦرهي‘ ۾ به ڏنل آهي. پروگرام ختم ٿيڻ کانپوءِ مون رزاق کان پڇيو؛ ”تو منٺار کي ڇو جھليو؟“ رزاق مهر وراڻيو؛ ”اها بر جي بلا چاهي ئي اهو پئي، ته گند ٿئي. جيئن اردو جي شعر جي هڪ سٽ آهي، ته ’بدنام هونگي تو ڪيا نام نه هوگا‘ ۽ ڏسجانءِ ته جيئن جيئن اهي بر جون بلائون پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿينديون، ته لاڙڪاڻي ۾ علمي بحثن جي بجاءِ ڪج بحثي شروع ٿي ويندي. اديب دست و گريبان ٿي ويندا. “ پوءِ ٿيو به ائين؛ لاڙڪاڻي جي ادبي ڪچهرين ۾ گار گند به ٿيو ۽ ڪرسيون به اُڀيون ٿيون. اها هئي، رزاق مهر جي معامله فهمي. نه صرف معامله فهم هيو، پر جھان ديده ۽ جهان فهم به هيو. هر ڪنهن سان هر ڪنهن جي طبيعت ۽ نفسيات کي سامهون رکي پيش ايندو هو. ان ڪري هر ماڻهو اهو سمجھندو هيو، ته رزاق سندس دلي دوست، هم راز ۽ حال محرم آهي. مان جي پنهنجي ڳالھ ڪيان، ته ان مان به سندس تنقيد ڪرڻ جو ڏانءُ اوهان کي معلوم ٿي ويندو. ۱۹۸۹ ۽ ۱۹۹۰ع ۾، هلال پاڪستان اخبار ۾ منهنجي ڪالمن جو سلسلو ”فڪر ڦرهي هٿ ۾‘ جي عنوان سان هلندڙ هيو.ان ۾ ٽي ڪالم ڇپيا. انهن ڏينهن ۾ منهنجي ملاقات ساڻس ’افضل قادري‘ جي سائيڪلن واري دوڪان تي ٿي. اتي به سمجھو ته ڄڻ غير دستوري گڏجاڻي پئي هلندي رهندي هئي. ٻه اديب مليا، ته ادبي ڪچهري شروع، ’جهان دو بوتلين رک دو، وهين ميخانه هوتا هئي‘ وارو جھان ٿي ويندو هو. خير و عافيت پڇڻ کانپوءِ چيائين؛ ”يار، تنهنجيون هلال پاڪستان ۾ ڇپجندڙ ٽي ڪهاڻيون زبردست هيون. بالڪل نئين انداز ۾ لکيل. عام زندگي جي ڪردارن ۽ بين الاقوامي ڪردارن ملائي ڳالھ ڪرڻ ۾ تو خوب نڀايو آهي“ مان حيران ٿي وراڻيو؛ ”رزاق، اهي ته ڪالم هيا.“ ”اهو ته تون ٿو چئين، نه. پر مان ٿو چوان ته اهي مختصر مختصر ڪهاڻيون آهن، جن کي تو گڏائي لکيو آهي. پر لکيو تو ڪمال جو آهي.“ مون پڇيو؛ ”ڪي حوالا يا علمي دليل؟“ پوءِ هن به حوالا ۽ دليل ڏنا، مون به ڏنا. ان وقت اتي افضل قادري جا ڪجھ سياسي دوست اچي ويا. مون بحث کي مؤخر ڪندي چيو؛ ”ڪي علمي بحث ڊگھا ۽ طويل ٿيندا آهن، مان هاڻي هيئن ڪندس، جو انهن کي ڪهاڻين طور ڪهاڻين جي مجموعي ۾ شامل ڪندس ۽ ڪالمن جي ڪتاب ۾ ڪالم طور پيش ڪندس. پڙهندڙ ۽ نقاد وڏا منصف آهن، ڏسئون ته اهي ان کي شرف قبوليت ڪيئن ٿا ڏين“ رزاق مهر چيو؛ ”اها نِيتِ آ“ مان هڪڙي ڳالھ واضح ڪندو هلان ته اسان جي دؤر ۾ ڪج بحثي نه هوندي هئي. اسان علمي بحثن کي علمي بحث ڪري کڻندا هياسي ۽ علمي بحث طويل ٿيندا آهن.ان لاءِ تڪڙ يا هوڙيائپ جي ضرورت ناهي هوندي. خير، جن کي رزاق مهر ڪهاڻيون پئي سڏيو ۽ مان ڪالم، اهي ڪهاڻي طور تي اڪادمي ادبيات جي چونڊ سنڌي ڪهاڻين واري سيڪشن ۾ ڇپيل ڏٺم. مون دل ئي دل ۾ رزاق مهر جي فهم جو اعتراف ڪندي چيو؛ ”رزاق، تون صحيح هئين.“ نه صرف رزاق معياري تنقيد ڪري ڄاڻندو هيو، پر معياري تنقيد ڪندڙن جو قدردان به هو. رزاق جي ڪهاڻي هجي يا ڊرامو هجي، ڇپائڻ يا آن ايئر وڃڻ کان اڳ اهڙن دوستن کان راءِ وٺي، مطمئن ٿي پوءِ موڪليندو هو. جڏهن مان سکر نوڪري ڪندو هيس، ته هڪدفعي رزاق جي فون آئي. اتفاقن مان آفيس ۾ نه هيس، خيرپور ويل هيس. ٻي ڏينهن تي موٽي آيس، ته پي اي ٻڌايو؛ ”سائين، رزاق مهر جي حوالي سان چار فونون آيون هيون.“ ٿوري دير کانپوءِ گھران فون آئي، وڏي پٽ بالاچ ٻڌايو، ته ”ابو! چاچا رزاق مهر جي ٽي چار دفعا فون آئي آهي.“ مون پڇيو؛ ”ڪو ڪم ٻڌايائين؟“ ”نه!“ مون چيو؛ ”فون اچي ته ٻڌائجوس، ته مان شام جو پنجين وڳي گھر پهچي ويندس.“ مان اڍائي وڳي منجھند جو سرڪاري وين ڪڍي نڪتس. چئين ڌاران لاڙڪاڻي پهتس. وين ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ بيهاريندو هيس. ان وقت ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ سهيل مڪاني گيمس انچارج به هيو. اتي پهتم ته سهيل ماني کائي رهيو هو. ٻه گرھ مون به کنيا، چانھ پيتي. سهيل ٻڌايو، ته ڪرڪيٽ جون نيون بيٽون گھرايون آهن، ڏس ڪيئن آهن؟“ مون چيو؛ ”اڳو پوءِ ٻاهر ڪڍين، ته پچ تي آزمايون.“ پچ تي مون بيٽنگ پئي ڪئي، سهيل بالنگ. ميونسپل هاءِ اسڪول جي ڪرڪيٽ اِليون جي رانيگرن فيلڊنگ، ڳالھ ئي وسري وئي ته پنجين وڳي گھر پهچڻو آهي. ڇهين وڳي ڌاران، رزاق مهر ۽ بالاچ سهڪندي پهتا. رزاق چوڻ لڳو: ”شابس ٿي، گھر پنجين وڳي جو چئي، هتي بيٺو راند ٿي کيڏين. تو واري پٽ ٻڌايو ته ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ گاڏي بيهاري پوءِ ايندو آ. اتي متان چاچا سهيل سان ڪچهري ڪندو هجي.“ مان شرمندو ٿي ويس، چيم؛ ”يار ڇا ڪيان، اندر جو ٻار اڃا ٽپي ڪڏي ٿو. تون ٻڌاءِ خير ته آهي، ايتريون فونيون؟“ ”ها، خير آ، هي ’ايف آءِ آر‘ جي نالي سان آرٽ ڊرامو لکيو اٿم!“ هن هٿ ۾ جھليل پنا مون ڏانهن وڌائيندي چيو. ”چانهن پاڻي پي ته پوءِ پڙهونس ٿا.“ ”پڙهڻ وارو ڪم تون ڪر، پاڻي ۽ چانهن پيئڻ وارو ڪم مان ٿو ڪيان. اهو اسڪرپٽ ممتاز ابڙي کي اڄ جو اڄ ڏيڻو آهي، جو کين ريهرسل شروع ڪرڻي آهي، تون او ڪي ڪر ته ڏيانس.“ بالاچ گھر واپس موٽيو. سهيل مڪاني ڇوڪري کي پريل هوٽل واري ڏانهن چانھن ۽ بسڪوٽ کڻي اچڻ جو چيو. پوءِ اچي سهيل مڪاني جي آفيس ۾ ويٺاسي. مون اسڪرپٽ پوري ڌيان سان پڙهيو.پڙهڻ کانپوءِ مون کيس چيو؛ ”رزاق ڪا گنجائش ڪونهي. هاڻي ته منهنجي به دل چوي ٿي، ته آرٽ ڊرامه لکان“ چيائين؛ ”وارو ڪر. مان ممتاز ابڙي کي چوان ٿو ته منظور جو ڊرامن لکڻ تي موڊ ٿيو ٿي، پٺيان لڳيس“ اهو ئي اتساه هيو جو مون ۶ آرٽ ڊرامه لکيا. جنهن جو ذڪر مون پنهنجي ڊرامن جي ڪتاب ’راج ڪرتھ‘ ۾ تفصيل سان ڪيو آهي. رزاق مهر ۾ ريس، هوس، ساڙ، حسد واري ڪا شيءِ ئي ڪو نه هئي. هو اُتساه ڏيندڙ شخصيت هئي. سندس صحبت ائين هئي جيئن مولانا روم جو مشهور شعر آهي: صحبت صالح، ترا صالح کند، صحبت طالح، ترا طالح کند. اها ئي سندس صحبت هئي، جنهن محمد علي پٺاڻ کي سڃي سون ڪري ڇڏيو. نه ته سچ پڇو ته محمد علي پٺاڻ کي ڪو رڍون چارڻ لاءِ به نه ڏي ها.جيڏو هي طبيعتن تڪڙو هيو، سڀ وڃائي اچي ها. جي مالڪ پڇنس ها، ته ڪيڏانهن ڪيئي؟، ته چوين ها، ته نڀاڳيون تڪڙيون ئي نه پيون هلن، ته مان ڇا ڪيان. واٽ تي بگھڙ کي پارت ڪري آيو آهيانِ، اُميد آ ته هڪ نه هڪ ڏينهن پهچي وينديون. ائين نه هو، ته ڪو محمد علي پٺاڻ ٽيلينٽيڊ نه هيو يا کيس ادب جي الف ب جي خبر نه هئي. پر تڪڙي ڪتي به ايڏا گلر ناهي ڄڻيندي، جيترا هي ڄڻي ڍنگھرن تي اڇلائيندو هيو. جيئن ته رزاق مهر ڌيرج وان هيو، تنهن کيس صبر سيکاريو، ته تخليق کي ڪيئن ذهني گرڀ ۾ پالجي ۽ پورا مهينا ٿين ته پوءِ ڪڍجي. ڪچا نه ڪيرائجن. هن جي طبعيت ۾ جيڪو ٿورو ٿڪو صبر جو ذرو ڏسو ٿا، سو رزاق مهر جي عنايت آهي. رزاق مهر جي متوازن تنقيد ۽ مزاج، محمد علي پٺاڻ جي طبيعت ۽ تخليق ۾ توازن آندو. باقي اردو ٻوليءَ جي مشهور ڪهاوت ته سڀني ٻڌي هوندي (سڀني سنڌي پٺاڻن کان معذرت ڪندي) ته ’پٺان ڪا پوت؛ ڪڀي ولي، ڪڀي ڀوت.‘ ائين ناهي، ته دوستي هڪ طرفي هوندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن رزاق مهر ٿڌي مٽ جھڙو به ٿي ويندو هو. پڇبو هوس ته؛ ”ڇا ٿا لکو؟“ چوندو هو ته؛ ”دل ئي نه ٿي چوي لکڻ تي؟“ وري ٻن ٽن ڏينهن کانپوءِ خبر پوندي هئي، ته ڊرامو لکي رهيو آهي. ان جو سبب سندس پٺيان، محمدعلي جو ٻاريل اهو ڍينڍو هوندو هو، ته ’لک يار، لک! وارو ڪر، دير نه ڪر!‘ جنهن رزاق مهر کي پئي گرمايو ۽ لکرايو. ان کانسواءِ رزاق مهر سان محمد علي پٺاڻ جيڪي ڳن وڍ ڏنا، مڃڻ مراد آ. آنڌي مانجھي، سردي گرمي،ڪراچي لاڙڪاڻو، ٻئي گڏ. اصلي نيبون آن دا جوڙا. رزاق مهر جو اوچتو وڇڙڻ سنگت لاءِ وڏو ڌچڪو هيو، جو هڪ متوازن شخصيت سنگت مان هلي وئي، جيڪو سڀن کي ٿڌيون ٿائيون وجھندو هيو. پر اسان ڏٺو، ته محمد علي پٺاڻ بنھ اڌ ٿي پيو. اهي هاءِ بلڊ پريشر ۽ ٻيون بيماريون سيماريون به هن کي پوءِ لڳيون؛ نه ته پريم جو پيالو هنيون، پن جي ٻيڙي سان ’باه ڀڀوءَ جا دونهان دکايون، ڇھ ڇھ پيسا ٻه ٻه پايون ڪندو، هلندو وتندو هو. ڪو پڇندو هوس؛ ’ڪاڏي؟‘ ته وراڻيندو هو، ’مراد واهڻ‘. وچ تي پنهنجي مرضيءَ سان ڪنهن اسٽيشن تي ڇنڊ ڪيائين، ته ٺيڪ، نه ته اهو ٿو وڃيوَ تيزگام لڳو. سندس آخري اسٽيشن رزاق مهر جو گھر هوندو هيو. جتي هو ويهي سندس لکيل ڊرامو پڙهندو، اتاريندو ۽ صلاحون ڏيندو ويندو هوس يا کيس پنهنجي تازي ڪوتا يا ڪهاڻي ٻڌائي راءِ به وٺندو هوس. جيتوڻيڪ رزاق مهر جي وفات کانپوءِ ۾ محمد علي پٺاڻ نيم بسمل هيو. انهيءَ حالت ۾، نفسياتي طور تي ماڻهو جي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت تي برو اثر پوندو آهي. ماڻهو اڪثر راه فراريت اختيار ڪندا آهن. لکڻ پڙهڻ ڇڏي ڏيندا آهن. پر هن ان غم جي گھرائي کي به پنهنجي تخليقي صلاحيتن ۾ ڪتب آندو. هٿ هٿ تي رکي نه ويٺو، قلم جي گھوڙي کي، ادبي کيتر ۾ چؤتال ڀڄايائين. ڪالم، ڪهاڻي، ڊرامو، شاعري، ناول، مضمون، سفرنامه؛ مطلب ته ادب جي چُرندي رڳ نه ڇڏيائين. محمد علي پٺاڻ، اڄ نه صرف سنڌي ٻولي جو وڏو اديب آهي، پر اردو ۽ انگريزي ادب ۾ به ڪنهن جھڙي تهڙي کي وٺ ئي نه ٿو ڏي. رزاق مهر سان منهنجي آخري ڊگھي ڪچهري ۳ اپريل ۲۰۰۲ ۾ تڏهن ٿي هئي، جڏهن جنرل پرويز مشرف وارو ريفرينڊم پئي ٿيو. پرزائيڊنگ آفيسر جي حيثيت سان ايم اي کهڙو اسپورٽس ڪامپليڪس سچل ڪالوني لاڙڪاڻي ۾ عملي سان گڏ آيل هو. جتي ’اسٽنٽ ڊائريڪٽر اسپورٽس‘ ۽ ’اسٽنٽ ڊائريڪٽر ٽائون پلاننگ ڊپارٽمينٽس‘ جون آفيسون گڏهيون. نالي جو ريفرينڊم هيو. ووٽ ڏيڻ لاءِ ڪو ماڻهو ئي ظاهر نه پئي ٿيو. ٻارنهين وڳي کانپوءِ پوليس ٽريننگ سينٽر مان بسون ڀرجي آيون، پوليس وارا اچي جنرل پرويز مشرف کي وڌيڪ پنج سال صدر ٿي رهڻ جو مينڊيٽ ڏئي هليا ويا. ٻي وڳي کانپوءِ رزاق مهر واندو ٿيو، ته مون سان ڪچهري ڪرڻ آيو. مشڪندي چيائين؛ ”هي ملڪ جنرلن، وڏيرن ۽ سرمائيدارن جو آ. ڪوڙيون اليڪشنون، ڪوڙا ريفرينڊم، ڪوڙيون اسيمبليون، ڪوڙا اڳواڻ. خبر ناهي ته سچ جو وارو ڪڏهن ورندو؟“ منهنجي ۽ سهيل مڪاني جي، اڍائي وڳي پٽيوالو ماني کڻي ايندو هيو. ان سان منهنجو چئن سالن جو ننڍو پٽ شيراز به گڏيو ايندو هيو. گڏجي ماني کاڌيسين. زماني جي ٻين گفتن سان گڏ ريفرينڊم جو به ذڪر پئي هليو. شيراز ڪن ڏئي ٻڌندو رهيو ۽ پوءِ چوڻ لڳو، ته ”ابو، ريفرينڊم ڪيئن ٿيندو آ؟“ ”اڙي بابا، ريفرينڊم ڏسڻ جھڙي شيءِ ناهي“، مون کيس سمجھائيندي چيو. ”نه مان ڏسندس!“ ”ها، بابا مان ڏيکاريانءِ ٿو.“ رزاق مهر مشڪندي وراڻيو. چانھ پيئڻ کان پوءِ شيراز کي هٿ کان وٺي، هڪ بوٿ تي آيو. پولنگ آفيسر کان بيلٽ پيپر ۽ ٺپو وٺي، شيراز جي هٿ ۾ ڏنائين ۽ اِنڪ پيڊ ڏانهن اشارو ڪري چيائينس ته؛ ”ان ۾ ٺپي کي ٻوڙي ڪاغذ تي هڻ ۽ پوءِ دٻي ۾ وجھ!“ شيراز جو پيو ته ٺپو ٻوڙيندو ويو ۽ بيلٽ پيپر تي هڻندو ويو. ڀرسان اسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر به بيٺو هيو، سو پريشان ٿي چوڻ لڳو؛ ”سائين، ننڍڙي ته بيلٽ پيپر جو مهڪارو ڪري ڇڏيو. مسئلو ته نه پيدا نه ٿيندو؟“ رزاق مهر وراڻيس؛ ”ڪو ته هجي جيڪو انهن جو مهڪارو ڪري، اسان ته نوڪري جي ڪري مصلحتن جا شڪار آهيون. باقي تون پريشان نه ٿي. ووٽنگ لسٽ ۾ شيراز نالي يا منظور نالي همراه تي ٽِڪ ڪري ڇڏ. اهو نالو نه ملئي ته رزاق جي نالي کي ٽڪ ڪري ڇڏجانءِ. هڪڙو ووٽ خارج ڪري رزلٽ ٺاهي ڇڏبي.“ شام جو پنجين وڳي ريفرينڊم جو ٽائيم ختم ٿيو ۽ رزاق مهر موڪلائي هليو ويو. مون کي ان وقت ضياءُالحق جو ريفرينڊم ياد پئي آيو، جيڪو ۱۹ ڊسمبر ۱۹۸۴ تي ٿيو هيو. مان خيرپور ميرس ۾ لقمان پاڙي جي پولنگ اسٽيشن تي پرزائيڊنگ آفيسر هيس. ڪل ووٽ ۱۲ پيا هيا. جڏهن رزلٽ کڻي اليڪشن آفيس ۾ آيم، ته اتي ايس ڊي ايم ۱۲ کي ۱۲۰۰ ڪري ڇڏيو ۽ مونکي قهر آلود نظرن سان ڏسندي چيائين؛ ”مارائيندي ڇا؟“ پوءِ رات جو ٽي وي تي وڏي فخر سان ٻڌايو پئي ويو، ته ۶۲.۲ في صد ماڻهن ووٽ وڌا. جن ۾ ۹۸.۵ ماڻهن جنرل ضياالحق جي اسلامي پاليسين جي حمايت ڪئي ۽ باقين مخالفت. اهڙي طرح مشرف واري ريفرينڊم جو به نتيجو اهو نڪتو، ته ۹۷.۹۷ في صد ماڻهن روشن خيال جنرل پرويز مشرف جي حق ۾ ووٽ وڌا ۽ باقي ۲.۳ في صد ماڻهن مخالفت ۾، جن کي سرڪاري ٻولي ۾ ’مُٺي ڀر آدمي‘ سڏيو ويند آهي. سچ پڇو ته هاڻي جڏهن لکڻ ويٺو آهيان، ته رزاق مهر جي حوالي سان ذهن ۾، نه کٽڻ جيتريون ڳالهيون ۽ قصا شروع ٿي ويا آهن. جنهن مان اندازو ٿئي ٿو، ته سندس ويجھن ۽ عزيزن وٽ ڇا هوندا؟ برابر موت بر حق آهي. پر زندگي جي وچ رستي ۾ وڇڙي وڃڻ جو درد ڌوڏي ڇڏي ٿو. گھر وارن، پاڙي وارن، دلي دوستن ۽ مداحن کي وائڙو ڪري ڇڏي ٿو. اهڙي قسم جي حيرانگي وارا سوال ۽ احوال هر ڪنهن جي زبان تي هجن ٿا: ”يار ڪلھ ته مليو هو!...ٽيون ڏينهن ته ڪچهري ڪئي هيائين.... چوٿون ڏينهن ته چيائين پئي، ته وري ملنداسين!“ ۱۵ آگسٽ ۲۰۰۲ جي على الصباح رزاق مهر جي وفات جي خبر ٻڌي، مون کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ زمين پيرن هيٺان کسڪي وئي هجي. دل مان از خود دانهن نڪتي، ته ’اهو شخص به هليو ويو، جيڪو سڄي سنگت کي پنهنجي مٺڙي مزاج سان سڳي ڌاڳي ۾ پويون ويٺو هو!؟.... سچ ته اهو ڏينهن ڏاڍو ڏکوئيندڙ ڏينهن هيو. جڏهن اسان مراد واهڻ سندس گھر جي ٻاهران ڪلهي ڪانڌي ٿيڻ جو انتظار پئي ڪيو. ذهن ۾ ڄڻ ساڻس گهاريل گھڙيون ڪنهن ڊرامه سيريل جيان هلڻ لڳيون هيون. ڪنهن کي ڏک ڪيترو ٿيو هوندو، ان جو اندازو ته نه ٿو لڳائي سگھجي. پر جيترو سندس وني ۽ ٻچڙن کي ٿيو هوندو يا سليم ڪورائي کي، بحيثيت سڳي ماسات جي؛ تنهن جي ڪٿ ڪرڻ ناممڪن آهي. پر قصو ڪوتاه، ته جيستائين زندگي آهي، ته ماڻهو بي قدرو آهي. ڪنهن سٺي دوست يا احباب جي وڃڻ کانپوءِ احساس ٿئي ٿو، ته ’هائو ٻيلي! هم راز، حال محرم ۽ حال ڀائي جي حيثيت ڇا آهي.‘ ۽ خواجه فريد جي ان شعر جي گھرائي ۽ گيرائي جي به پوءِ پروڙ پوي ٿي: ’ڪيا حال سڻاوان دل دا، ڪو ئي محرم راز نه ملدا.‘ رزاق مهر انور پيرزادو رزاق مهر لاڙڪاڻي لڳ هڪ ننڍڙي شهر مراد واهڻ جو رهندڙ آهي. هن پنهنجي مختصر زندگيءَ ۾ جاکوڙ ۽ تخليقي عمل سان لاڙڪاڻي جي ادبي زندگيءَ کي ڪافي متاثر پئي ڪيو آهي. رزاق مهر ترقي پسند سنڌي ڪهاڻيءَ جو نوجوان ليکڪ آهي. هن جي ڪهاڻين ۾ ستايل ڪردارن ۽ غريبن سان نه رڳو همدرديءَ جو اظهار ڪيل آهي پر انهن کي ”هيرو“ ڪري پڻ پيش ڪيو ويو آهي. رزاق پنهنجي ڪهاڻين ۾ غير جانبدار نه آهي. ڦورو ۽ پرماري ڪردارن کان نفرت هن جي ڪهاڻين ۾ برابر موجود آهي. رزاق سنڌي هيٺئين/ وچولي طبقي جو هڪ اهڙو فرد آهي جنهن پنهنجي زندگيءَ ۾ ڏکن ڏوجهرن، محرومين، ۽ خواهشن جي قتلام جهڙن ڪيترن ئي ظلمن جو مقابلو ڪيو آهي. ذهني دٻاء، قديم سنڌ وڏيرڪي قدرن سان جڙيل فيملي، ان جون پراڻيون روايتون ۽ هن نئين ٽهيءَ جي نوجوان جون نيون حرڪتون. ٽڪراءُ لازمي هو. سيڪس ۽ مذهب ۾ به اهڙا عنصر آهن جيڪي اڄ جي نوجوان کي ڌونڌاڙي، هن کي مصيبتن ۾ وجهي، هن جي روحاني قوت جي آزمائش ڪندا آهن. نارمل سنڌي نوجوان مذهب يا سيڪس تان ڪاوڙبو ۽ باغي ٿي ويندو. سو رزاق به مذهبي ڪٽرپڻي ۽ پابندين واري سماجي ۽ جنسي زندگيءَ کان بيزار ٿي ڪجهه سوچڻ لڳو ۽ پوءِ انهن سوچن کي لفظن جو روپ ڌارڻ واري علم يعني ادب جي تلاش ۾ لڳي ويو. رزاق جي لکڻين جي سونهن تڏهن چڱيءَ طرح محسوس ٿي سگهي ٿي جڏهن لاڙڪاڻي مان نڪرندڙ ”نئين دنيا“ رسالي ۾ لکيل هن جا ايڊيٽوريل پڙهيا ويندا. ايبسٽريڪٽ، فيلسوفانا، اُتساهه ڏيندڙ حقيقتون، اُگهاڙيون ۽ علامتي انداز سان جارحانا حملا ۽ سماجي تنقيد، بي ڊپائي، باغي ۽ جوشيلي اسٽائل. رزاق، سريش ۽ واجد وارو سٻنڌ لاڙڪاڻي جي ادبي حلقن ۾ چڱيءَ طرح ڄاتل سُڃاتل آهي. هي ۽ ڪجهه ٻيا دوست جهڙوڪ ڪيهر شوڪت، ملڪ آگاڻي، زيب سنڌي، ممتاز ابڙو ۽ امان شيخ انٽيليڪچوئل ماحول ۾ جوشيليون ۽ انتهاپسند (ڪڏهن ڪڏهن) لهرون اُڀاريندا رهيا آهن. رزاق پنهنجي زندگيءَ ۾ ٻين باشعور سنڌي نوجوانن وانگي اڄ جي دنيا ۾ رائج مڙني ادبي ۽ سياسي نظرين جي ڄاڻ رکندڙ آهي پر پنهنجي فن ۽ تخليق جي سلسلي ۾ رزاق آبجيڪٽوٽي يا معروفيت جو قائل آهي. لاڙڪاڻي جي هڪ مشهور ادبي روايت يعني اسٽيج ڊرامن ۽ ٿيٽرن لاءِ پڻ رزاق مهر ڊراما لکيا ۽ جڏهن زندگيءَ جي طرف کان ڏکايل ۽ سنجيدي اديب جي قلم مان طنز ۽ مزاح جنم ورتو ته ائين پئي لڳو ڄڻ ڏسندڙ به کلي رهيا هئا ۽ هنن جون اکيون ڳوڙهن سان تر به لڳيون پيون هيون. رزاق لاڙڪاڻي ۾ سرگرم ادبي تنظيمن جو خاص ميمبر آهي. سنڌي ادبي سنگت جيڪا سنڌي اديبن جي سڀ کان پراڻي ۽ بالغ تنظيم آهي اُن کي لاڙڪاڻي ۾ آرگنائيز ڪرڻ جي سلسلي ۾ رزاق جون خدمتون اهميت واريون آهن. هونئن به لاڙڪاڻي جي نوجوان اديبن ۽ ليکڪن کي اهو Natural Previlege آهي. اتي سوڀي گيانچنداڻيءَ، جمال الدين بخاريءَ ۽ ا ح جئسنگهاڻي جهڙا دانشور رهن ٿا. انهن جي صحبت مڪمل زندگيءَ لاءِ اُتساهه ڏياري ٿي. رزاق اڄڪلهه لاڙڪاڻي کان گهڻو ڏور لاڙ طرف پبلڪ اسڪول ميرپور خاص ۾ ليڪچرار آهي. رزاق کي اڃا تائين انٽيليڪچوئل ماحول ميسر آهي. هن ۾ لکڻ جو ڏانءُ ۽ فن موجود آهي. جاکوڙ ڪرڻ، مطالعو وسيع ڪرڻ ۽ مشاهدي سان رزاق سنڌي افساني جو بيسٽ سيلر ٿي سگهي ٿو. انور پيرزادو ۱۸هين جنوري ۱۹۸۳ع ڳوٺ ٻلهڙيجي لڳ موهن جو دڙو ڪتاب ”سڪون ڪٿي آھي“ تان ورتل.. رزاق مهر هڪ سج جيڪو الهي ويو! مير نادر علي ابڙو سال ۱۹۸۷ع ڌاري، مون ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ داخلا ورتي. خبر پئي ته؛ پاڪستان ٽيلي ويزن تي مشهور ڊرامه لکندڙ رزاق مهر هتي ليڪچرار آهي. وڏي شوق سان وڃي ساڻس مليس. طبيعتًا ماٺيڻو ماڻهو، صبر تحمل وارو، ٿڌي زبان استعمال ڪندڙ، ڪچهريءَ ۾ رڳو ادب تي پئي ڳالهايائين. ويٺس ته اٿڻ تي دل ئي ڪو نه پئي چيو. سندس مٺڙي ڪچهريءَ پيرن ۾ ڄڻ زنجير وجهي ڇڏيا. اهڙيون ڪچهريون ساڻس ڪاليج ۾ تعليم دوران ٿينديون رهيون. آخرڪار مون به تعليم مڪمل ڪري، لاڙڪاڻي ۾ ئي وڪالت شروع ڪئي ۽ پوءِ جلد ئي وري اينٽي ڪرپشن ۾ سرڪل آفيسر ٿي ويس. هڪ دفعي مون وٽ رات جو رزاق مهر اچي پهتو ۽ چيائين ته؛ ادا اسٽيٽ لائيف انشورنس ۾ ڪم ڪري رهيو آهيان. اوهان جيئن ته سرڪل آفيسر آهيو ۽ اوهان جا لاڙڪاڻي ۾ ذاتي واسطا تمام گهڻا وسيع آهن. تنهنڪري مهرباني ڪري پنهنجن دوستن يارن کي چوندا ته؛ مون کي پاليسيون ڏين. انهيءَ سلسلي ۾ مون کيس ڪجهه دوستن ڏانهن موڪليو، جن سندس مدد ڪئي. مطلب ته رزاق مهر ڏينهن رات پنهنجي حلال جي روزي ڪمائڻ ۾ رڌل رهيو. رزاق مهر، سنڌ جي سياسي، سماجي، ادبي ۽ تاريخي شهر لاڙڪاڻي ۾ ۲۰ جولاءِ ۱۹۵۴ع تي مراد واهڻ محلي ۾ ڄائو. رزاق مهر ڪنهن جاگيردار سرمائيدار گهراڻي جو ڪو نه هو، پر غريب گهراڻي سان تعلق رکندڙ هو. پنجن سالن جي عمر ۾ سندس والد فوت ٿيو، جنهن بعد سندس چاچا سندس مٿان شفقت جو هٿ رکندا آيا. پنهنجي محنت ۽ شوق ڪري ئي، هو ليڪچرار ٿيو. هن ننڍپڻ ۾ ڏاڍا ڏکيا ڏينهن به ڏٺا، انهي ڪري هن هڪ دفعي ننڍپڻ ۾ خودڪشي جي ڪوشش به ڪئي پر وڏڙن جي سمجهائڻ تي هن زندگي سان وري پيار ڪرڻ شروع ڪيو ۽ زندگي ۾ محنت ڪيائين ۽ پنهنجي محنت جي زور تي ئي هن شخص ننڍي عمر ۾ ئي وڏي شهرت حاصل ڪري ورتي. سندس ادب سان بيحد پيار هو. هن پهرين ڪهاڻي ۱۹۷۴ع ڌاري لکي. رزاق مهر کي پنهنجي ڌرتي جي غريب پيڙهيل طبقي سان وڏي محبت هئي. اهو ئي سبب هو جو هن پنهنجي ڪهاڻي ۾ سنڌ ۽ سنڌين سان ٿيندڙ ناانصافين کي پيش ڪري هڪ تاريخي ڪم ڪيو. رزاق مهر پهرين ڪهاڻي ”ڪرشن هاٿي جي اڳيان“ لکي ۽ سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”سڪون ڪٿي آهي“ ۱۹۸۳ع ۾ ڇپيو. هن کي ننڍپڻ ۾ ئي فلمن ڏسڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. تنهن شوق ئي هن کان اسٽيج لاءِ به ڪيترا ئي ڊراما لکرايا. ٽي وي لاءِ هن ۱۹۸۴ع کان ڊراما لکڻ شروع ڪيا. سندس لکيل ڊراما سيريل ”جياپو“ سڄي سنڌ ۾ مشهور ٿي. سندس ٻي ڊراما سيريل ”وڇوٽيون“ بادل جمالي پيش ڪئي. ٽين ڊراما سيريل ”پاتال“ هئي ۽ چوٿين ڊراما سيريل ”نبيرو“ جيڪا پڻ مشهور ٿي. هن ۵۰ جي لڳ ڀڳ ڪهاڻيون لکيون ۽ ۳۵ جي لڳ ڀڳ آرٽ پلي لکيا. ”ڏسي ڏکوئين کي“ جي عنوان تحت ڪالم پڻ لکيا. سندس هڪ ناول ”ٽارچر ڪئمپ مان نڪرندڙ دانهن“ اڻ ڇپيل آهي. سنڌي ادبي بورڊ پاران ڪهاڻي ”آڙاهه“ ڪلچر ايسوسيئيشن پاران ڊرامي ”جياپي“ تي کيس ايوارڊ ملي چڪا آهن. هن جا ٽي وي ڊراما؛ ۱. زندگي ڏانهن ڦيرو، ۲. ڇوٽڪارو ۽ ۳. راهه جو پٿر، به تمام گهڻا مقبول ٿيا. هن ئي سنڌ ۾ پهريون وڏيرن طرفان قائم ڪيل نجي جيلن کي وائکو ڪيو، جنهن کان پوءِ ئي ڪيترن وڏيرن جا نجي جيل ظاهر ٿيا. سندس ڊرامو ”فاصلو“، ڪراچي سينٽر تان رڪارڊ ٿيو آهي. اردو ڊرامو سيريل ”تاريڪ راهون ڪي مسافر“ به رڪارڊ ٿيو آهي، جيڪو پڻ جلد پيش ٿيندو. رزاق مهر جي سنگت تمام گهڻن ماڻهن سان هئي. جڏهن رزاق مهر ايندو هو ته محمد علي پٺاڻ ساڻس ضرور گڏ هوندو هو. محمد علي پٺاڻ، منهنجي والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي زندگي تي هڪ مضمون لکيو هو ۽ رزاق مهر کي به شوق هو ۽ چوندو ھيو ته؛ ”اوهان جي والد تي مان به هڪ تفصيلي مضمون لکندس.“ مگر حياتيءَ وفا نه ڪيس ۽ هيءُ سنڌ جو نوجوان اديب، شاعر، ڊراما نويس ۽ يارن جو يار، ايترو جلد اسان کان جدا ٿي ويو جو اهو وهم گمان ۾ به ڪو نه ٿو اچي. اڄ رزاق مهر اسان جي وچ ۾ ڪو نه رهيو آهي پر، هن جي ادب ۽ ٽيليويزن تي ڪيل خدمت، هميشه هن کي زنده رکندي ۽ هن جو سنڌ جي تاريخ ۾ هميشه نالو سنهري لفظن ۾ زنده رهندو. ”موت شل موت پوئي اهڙا پيارا ماڻهو سنڌ کان جلد کسيو ڇڏين.“ (سچ، تعمير سنڌ، عبرت، هلال پاڪستان، مهراڻ، هلچل، عوامي آواز، سنڌ) رزاق مهر (۲۰ جولائي ۱۹۵۴- ۱۵ آگسٽ ۲۰۰۲ع) رضوان گل موت، ڪڏهن ڪڏهن ڪي اهڙا پيارا ماڻهو کسي ويندو آهي، جن جي جدائي جيءُ جهوري وجهندي آهي. محبت، دوستي، خلوص، پنهنجائپ ۽ ڪَسُ کائڻ وارا ماڻهو ڏاڍا گھٽ هوندا آهن. دوستن تي سِرُ ڏيڻ وارن ۽ رشتن جي نزاڪتن کي ڄاڻڻ وارن اهڙن ئي محبتي انسانن مان رزاق مهر به هڪ هو. رزاق مهر ۲۰ جولاءِ ۱۹۵۴ع تي لاڙڪاڻي جي مراد واهڻ محلي ۾ رانجهو خان مهر جي گھر جنم ورتو. پرائمري تعليم مراد واهڻ جي پرائمري اسڪول ۽ مئٽرڪ گورنمينٽ ڊي سي هاءِ اسڪول مان ڪيائيـن. بي اي آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي مان ۱۹۷۴ع ۾ ۽ ايم اي سنڌي ادب ۱۹۷۹ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. ملازمت جي شروعات، بلڊنگ ڊپارٽمينٽ لاڙڪاڻي مان، ڊرافٽسمين جي حيثيت سان ڪيائين. جنهن کان پوءِ پبلڪ اسڪول ميرپور خاص ۾ سنڌي جو ليڪچرار ٿيو ۽ ۱۹۸۹ع ڌاري ليڪچررشپ لاءِ ڪميشن جو امتحان پاس ڪيائين. جنهن بعد سندس پوسٽنگ جوهي، قمبر ۽ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور رهي. هو آخر تائين، پڙهڻ پڙهائڻ جي شعبي سان وابسته رهيو. کيس لکڻ جو شوق ۱۹۷۴ع ڌاري پيدا ٿيو. هن پهرين ڪهاڻي ”ڪرشن هاٿيءَ جي اڳيان“ لکي. جنهن بعد هن باضابطا طور ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون. جن تي کيس ڀرپور موٽ ملي ۽ انهيءَ همت افزائي جي نتيجي ۾ هن ڊرامن ڏانهن پڻ لاڙو ڪيو. رزاق مهر جو پهريون ٽي وي ڊرامو ”زندگيءَ ڏانهن“ آهي. جڏهن پي ٽي وي تي رزاق جا ڊراما هلڻ شروع ٿيا ته کيس تمام گهڻو ساراهيو ويو. سندس ڊرامو ”جياپو“ هن جي خاص سڃاڻپ بڻيو. جڏهن ”جياپو“ پي ٽي وي تان نشر ٿيندو هو ته ماڻهو دڪانن ۽ هوٽلن جي ٻاهران به ڊرامو ڏسڻ لاءِ بيهجي ويندا هئا ۽ سنڌ جي وڏيرڪي ڏاڍ ۽ ظلم خلاف روڊن تي نعرا هڻڻ لڳندا هئا. رزاق مهر ان ڊرامي ۾ پهريون ڀيرو خانگي جيلن تي قلم کڻي هڪ سماجي ناسور تان پردو کنيو، جنهن تي بعد ۾ ٻين به ڪيترن ئي ليکڪن ڪهاڻيون ۽ ڊراما لکيا. ان کان علاوه ”وڇوٽيون، ”پاتال“، ”زخم زندگيءَ جا“، ”اعتراف“، ”ڦيرو“، ”ڇوٽڪارو“، ”راهه جو پٿر“ ۽ سندس ٻيا ڊراما به تمام گهڻو مقبول ٿيا. جنهنڪري رزاق مهر جي هڪ تمام برجستي ڊرامي نگار طور به سڃاڻپ ٿيڻ لڳي. هن جا اسٽيج ڊراما ”بدحواس ڪلارڪ“، ”ٽي خانداني بي روزگار“، ”مولوءَ مت وڃائي“ ۽ ”ايف آءِ آر“ پڻ ڪافي مقبول ٿيا. سال ۱۹۸۲ع ڌاري رزاق مهر جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”سڪون ڪٿي آهي“ پڌرو ٿيو. جنهن ۾ موجود اڪثر ڪهاڻين جو موضوع سماجي حقيقت نگاري تي مشتمل آهي. هن فرد جي انفرادي احساسن تي به ڀرپور ڪهاڻيون سرجيون آهن. سندس اڪثر ڪردار جيئرا جاڳندا اسان جي ارد گرد گهمندڙ ڦرندڙ آهن. هن هروڀرو خيالي ڪردارن کي جنم ناهي ڏنو. سندس ڪهاڻين جو هيرو غريب ماڻھو آهي. ڪهاڻين ۽ ڊرامن کان علاوه پاڻ هڪ ناول ”ٽارچر ڪئمپ مان نڪتل دانهن“ به لکيائين، جيڪو اڃا تائين شايع ٿي ناهي سگهيو. رزاق مهر فقط ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار ۽ ناول نويس ئي نه، پر شاعر ۽ ڪالم نگار پڻ هيو. شاعريءَ ۾ اصلاح امير علي چانڊيو کان ورتائين. غزل، نظم ۽ آزاد نظم جي صنفن ۾ طبع آزمائي ڪيائين ۽ خاص طور تمام خوبصورت نظم ۽ آزاد نظم پڻ لکيائين. پاڻ ۱۹۷۶ع ۾ لاڙڪاڻي مان نڪرندڙ رسالي ماهوار ”نئين دنيا“ ۽ ماهوار ”ڪونج“ لاڙڪاڻو جي ايڊيٽر طور به ڪم ڪيائين. جنهن ۾ ڏاڍو ڪارائتو مواد ڏئي ۽ ڀرپور ايڊيٽوريل لکي، پاڻ کي هڪ سيبتي ايڊيٽر طور به مڃرايائين. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”سڪون ڪٿي آهي“ ڪهاڻيون ۽ ”ڊهندڙ ليڪا“ ڪهاڻيون شامل آهن. رزاق مهر جي ڪهاڻي ”آڙاهه“ کي ۱۹۸۷ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران بهترين ڪهاڻيءَ جو ايوارڊ ڏنو ويو ۽ سندس ڊرامي ”جياپو“ کي سنڌ ڪلچرل ائسوسيئيشن پاران ايوارڊ ۽ ڊرامي جي مڪمل ٽيم کي آجياڻو پڻ ڏنو ويو. ڪيترين ئي ادبي، سماجي ۽ ڪلچرل تنظيمن پاران رزاق مهر سان رهاڻيون رچائي کيس مانُ ڏنو ويو. رزاق مهر جي ڪهاڻين، ڊرامن، ڪالمن ۽ ٻين لکڻين ۾ سماج جي نظر انداز ڪيل طبقي جي نمائندگي ٿيل آهي. هن غريب کي ڪنهن سِرَ ڦِريي سردار يا مير کان وڌيڪ مانائتو ڏيکاريو آهي. هن جا لکيل لفظ، ظالم ۽ جابر لاءِ باهه جا شعلا به آهن، ته ڪنهن مسڪين ۽ محتاج لاءِ آٿت به آهن. سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي لکيل سندس ڪالم، هڪ دؤر جي تاريخ ۽ سچائي پيش ڪن ٿا. سندس قلم ڌمڪي ۽ دڙڪي کان ڊڄڻ وارو نه، پر سماج لاءِ ناسور بڻجي ويل رشوت خورن ۽ بدمست وڏيرن لاءِ تلوار بڻيل رهيو. مون کي خوشي آهي ته مان سندس حياتيءَ جي آخري ٻن سالن ۾، ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾، ساڻس گڏ استاد رهيس. سندس ڀاڪر وجهي ملڻ جي انداز ۽ ڪچهرين مان، ڪڏهن به ائين محسوس نه ٿيو ته؛ آءٌ ڪو کانئس ادبي عمر ۾ ننڍو آهيان. هو دوستن جي وچ ۾ اختلافن کي اُڀرڻ نه ڏيندو هو. دوستن جي درميان، سندس ڪردار پُل جهڙو هو. هو هڪ بهترين ليکڪ سان گڏ تمام وڏو ماڻهو هو، جنهن وٽ پيار ۽ پنهنجائپ هئي. کيس اوچتو دل جي تڪليف ٿي ۽ ۱۵ آگسٽ ۲۰۰۲ع تي بي رحم موت هن کي ڇني، اسان کان ڌار ڪري ڇڏيو. پر اسان جي دلين ۾ سندس يادون ۽ محبتون هميشه تازيون آهن. رزاق مهر نامياري ڪهاڻيڪار جي ياد ۾ ابراهيم لاشاري سنڌي ادب جي تاريخ ۾ پنهنجي علمي ۽ ادبي خدمتن جي ڪري ڪي ماڻهو علم ۽ و ادب جو روشن مينار هوندا آهن. جيڪي پري کان ئي پنهنجي روشني جي وسيلي واٽون پيا ڏسيندا آهن، جيڪي وقت بوقت خوبصورت سوچن ۽ حسين منظر نگاري کي لفظن جي مالها ۾ پوئي سموئي، دلڪش لفظن کي جملن جي تريب ڏئي سماج جي عڪاسي کي دلفريب ڪهاڻين جو روپ ڏئي لاجواب ادب تخليق ڪندڙ ۾ لاڙڪاڻي جي مراد واهڻ محلي ۾ رانجهي خان مهر جي گهر ۾ ۲۰ جولاءِ ۱۹۵۴ع اڱاري ڏينهن مطابق ۱۸ شوال ۱۳۷۳هجري ۾عبدالرزاق مهر پنهنجي زندگي جو سفر شروع ڪيو. رزاق مهر کي ننڍپڻ کان پڙهڻ جو وڏو شوق هيو، سندس والد کيس ڦرهي هٿ ۾ ڏئي مراد واهڻ لاڙڪاڻي جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو. ابتدائي پنج درجا مراد واهڻ منجهان پاس ڪري وڌيڪ تعليم لاءِ مئٽرڪ (ڊي سي هاءِ اسڪول) لاڙڪاڻي منجهان امتيازي نمبرن ۾ پاس ڪيائين تنهن بعد انٽر سائنس جو امتحان پاس ڪري، بي اي آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻو مان سال ۱۹۷۴ع ۾ پاس ڪيائين. رزاق مهر صاحب تعليم منجهان هٿ نه ڪڍيو وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو منجهان سال ۱۹۷۹ع ڌاري ايم اي سنڌي ادب جي ڊگري به حاصل ڪري ورتي. رزاق مهر صاحب بلڊنگ ڊپارٽمينٽ لاڙڪاڻو منجهان ڊرافٽس مين جي حيثيت سان ملازمت اختيار ڪئي، ڪجهه عرصي بعد ان نوڪري مان هٿ ڪڍي هي درس ۽ تدريس جي شعبي سان سلهاڙجي ويو، ۽ رزاق مهر صاحب پبلڪ اسڪول ميرپورخاص ۾ سنڌي جو ليڪچرر مقرر ٿيو. ٿوري عرصي بعد رزاق مهر سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو سال ۱۹۸۹ع امتحان پاس ڪري سنڌي ادب جو ليڪچرر مقرر ٿي ويو. سندس سنڌ جي مختلف شهرن جي ڪا ليجز جوهي ڊگري ڪاليج، قمبر ڪاليج، ۾ ليڪچرار ٿي رهيو ۽ آخر ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور تعليم ۽ تدريس سان لاڳاپيل رهيو، رزاق مهر کي ڪهاڻين لکڻ جو شوق سال ۱۹۷۴ع ۾ ٿيو هن پهريان پهريان ڪهاڻي (ڪرشن هاٿي جي اڳيان) لکي ادبي دنيا ۾ پير پاتو، سندس ان وقت ڪهاڻين کي گهڻي موٽ ملي. هن کي وڌيڪ لکڻ جو شوق جاڳيو، ان سلسلي ۾ (سڪون ڪٿي آهي، آڙاهه، وئرٿ زندگي، ٽٽل انسان، جنم جلي، هڪ شخص جو موت، شڪست، پيڙا جي ڪوهيڙن ۾، اهم ۽ نراليون ڪهاڻيون آهن. سندس ڪهاڻين جا ڪردار سماجي بي وسي اڪيلائي جو احساس، وغيره جو شڪار هوندا آهن هن اڳتي هلي ڊراما لکڻ طرف قلم کنيو، ۽ پنهنجي دور ۾ ڪيترائي زبردست شاهڪار ڊراما لکيائين. رزاق مهر ڊراما نگاري جي شروعات اسٽيج ڊراما لکڻ سان ڪئي، جن ۾ (بدحواس هيڊ ڪلارڪ، ٽي خانداني بيروزگار، ايف آءِ آر، مولوءَ مت وڃائي جهڙا زبردست لاجواب ڊراما سنڌي ادب کي ڏنا. رزاق مهر صاحب پاڪستان ٽيليويزن لاءِ به ڪيترا ئي ڊراما لکيا جيڪي اڪثر قسطوار نشر ٿيا. رزاق مهر صاحب جي پي_ ٽي_ وي جي ڊرامن منجهان جهڙوڪ جياپو، وڇوٽيون، پاتال، زندگي ڏانهن، ڦيرو، ڇوٽڪارو، راهه جو پٿر، سفر، زخم زندگي جا، اعتراف، ڌرتي ڌڻي، ۽ درد، واقعي پنهنجو مٽ پاڻ ڊراما آهن. رزاق مهر جو پهريون ڊرامو جيڪو پي ٽي وي تي نشر ٿيو سو هو (زندگي ڏانهن) رزاق مهر جا ٽيليويزن تي جڏهن ڊراما نشر ٿيا ته سندن مقبوليت ۾ بي پناهه واڌارو ٿيو. سندس پي_ ٽي_ وي تي ڊرامي (جياپو) رزاق مهر جي سڃاڻپ ۾ بي انتها اضافو ڪيو. جياپو ڊرامي سال ۱۹۹۱ع ۾ نشر ٿيو سنڌ جي هر ننڍي وڏي ڳوٺ ۽ شهر مطلب ته جهر جهنگ ۾ مشهوري ماڻي. سندس ٻي سيريل (وڇوٽيون سال ۱۹۹۴ع ۾ ٽيليڪاسٽ ٿي، جنهن ۾ هن زندگي ۾ ملندڙ جلندڙ ڪهاڻي ڏيکاري وئي، هڪ شڪي مزاج شخص پنهنجي نوڪري ڪندڙ زال تي شڪ رکي ٿو. نتيجتن هو زال کي تمام گهڻو پريشان ڪري ٿو، ۽ خود کي به سڪون نٿو مليس. سندس ٽيئن سيريل (پاتال) جيڪا سال ۱۹۹۶ع ۾ نشر ٿي، هن ڊرامي ۾ هيروئن ڪلچر ۽ وياج خوري جهڙن سماجي مسئلن تي لکي ڪردارن کي نروار ڪيو آهي. ان کان علاوه رزاق مهر صاحب فقط ڊرامانگار، ڪهاڻيڪار، ناول نويس نه هو مگر ان سان گڏ هن شاعري به ڪئي ڪالم نگار ٿي سوين موضوعن تي سماجي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ قلم وسيلي مضمون لکڻ ۾ ڪا به ڪمي نه ڇڏي هن شاعري جي مختلف صنفن جهڙوڪ نظم، آزاد نظم، غزل ۾ پڻ طبع آزماني ڪئي، عمومن هن نظم ۽ آزاد نظم لاجواب نموني لکي سنڌي ادب جي زينت ۾ اضافو ڪيو، نموني طور سندس شاعري پيش ڪجي ٿي منهنجن گيتن ۾ آ بک، گهربا آهن توکي سک، منهنجا گيت روئاري توکي، ڏيندا رهندا هر دم ڏک. رزاق مهر صاحب سال ۱۹۷۶ع ۾ لاڙڪاڻي منجهان ماهوار شايع ٿيندڙ رسالي (نئين دنيا پبليڪيشن) ۽ ماهوار (ڪونج) رسالي لاڙڪاڻي جي ايڊيٽر طور فرض سرانجام پڻ ڏنا. رزاق مهر جي ڪهاڻي (آڙاهه) کي سال ۱۹۸۷ع ڌاري سنڌي ادبي بورڊ طرفان بهترين ڪهاڻي جي ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو. رزاق مهر بهترين ليکڪ ڊراما نگار ۽ ڪهاڻيڪار کان علاوه بهترين انسان پڻ هو. هي عظيم انسان ۱۵ آگسٽ ۲۰۰۳ع دل جي تڪليف سبب لاڏاڻو ڪري، هميشه هميشه لاءِ ڦوهه جوانيءَ ۴۹ ۾ سال ۲۶ ڏينهن زندگي جا گذاري جمعي جي ڀلاري ڏينهن پنج نياڻيون، هڪ پٽ، ۽ هزارين دوستن کي سوڳوار ڪري اسان کان ڌار ٿي ويو. سندس اڄ لاڙڪاڻي شهر ۾ ۱۴هين ورسي وڏي شان شوڪت سان ملهائي پئي وڃي، سنڌ جا مختلف اديب، شاعر، ڪهاڻيڪار سندس فن ۽ ڪيل ادبي پورهئي تي روشني وجهي کيس زبردست ڀيٽا پيش ڪندا. عبدالرزاق مھر انور ابڙو ادا رزاق مهر، ڏاڍا ياد اچو ٿا. اُهي ادبي ڪچهريون، محمد علي پٺاڻ سان ڀوڳ، لاڙڪاڻي جي جيلس بازار ۾ چاچا قادريءَ سان اوهان، محمد علي ۽ منٺار سولنگيءَ سان گڏجي ڪيل ڪچهريون، لاڙڪاڻي شهر ۾ عبدالحميد ابڙي سان ٿيل گڏيل ڪچهريون، ڪينجهر ڍنڍ تي اوهان جي هڪ ڊرامي جي رڪارڊنگ دوران (جنهن جو پروڊيوسر بادل جمالي صاحب هو) اوهان سان گڏجي هلي ان جي رڪارڊنگ ڏسڻ، ۽ اهڙيون بيشمار يادگيريون، ڄڻ ته ڪلهه جي ڳالهه آهن. اوهان جڏهن ۱۹۹۳ع جي هڪ ڏينهن ريگل چوڪ، ڪراچيءَ تان نئين ڪئميرا ورتي هئي ته ان وقت مِينهن وسي رهيو هو ۽ اوهان ان ۾ ڀڄِندا ۽ ڀَڄندا، ڀرسان ئي الفلاح مارڪيٽ ۾ اسان جي روح رهاڻ رسالي واري آفيس آيا هئا، جتي اوهان وڏي خوشيءَ مان اها ڪئميرا ڏيکاري هئي. ان وقت گهڻو ڪري اوهان جا ٻه ننڍڙا پٽ آصف ۽ ٻيو به اوهان سان گڏ هئا. اُتي جامي چانڊيو صاحب به اچي ويو هو، ۽ پوءِ اسان اوهان جي ان نئين ڪئميرا سان پنهنجون ڪجهه تصويرون ڪڍيون هيون. انهن مان هڪ تصوير اُها به آهي، جيڪا هِتي ڏني وئي آهي. هڪ رمضان جي مهيني ۾ سهراب ڳوٺ واري پاسي (گهڻو ڪري معمار ڪامپليڪس) اوهان، محمد علي ۽ مان اوهان جي هڪ مائٽ ڏي هليا هئاسين. پوءِ گڏجي، اُتي ڀرسان ئي ڪيهر شوڪت جي فليٽ تي هليا هئاسين، هو پاڻ ته نه هو، پر اُتي اسان بک کان آنا پچائي اهي سلائس سان کاڌا هئا. اوهان جڏهن شانتي نگر ۾ ڪا سيريئل لکڻ لاءِ صلاح الدين تنيي جي گهر ۾ اچي اسماعيل چانڊيي سان گڏ رهندا هئا ته اُتي صبح جو چانهه مون سان گڏ اچي پيئڻ پسند ڪندا هئا، ڇو ته مان به انهن ڏينهن ۾ اُتي رهندو هوس. ۽ ادا، اوهان ئي ته ۱۹۸۰ع جي ڏهاڪي جي آخر ۾ هڪ ڏينهن مون کي چيو هو ته، ”شاعري بدران ڪهاڻيون لک.“ پوءِ مون ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون هيون. پي ٽي وي تي به ڊراما لکڻ لاءِ اوهان ۽ محمد علي پٺاڻ مون کي همٿايو هو. اوهان منهنجي وڏي ڀاءُ وانگر هئا، پر جلدي هليا ويا. اڄ اوهان جو جنم ڏينهن آهي، ۽ اسان سمجهون ٿا ته اوهان اسان سان اڄ به گڏ آهيو، سو جنم ڏينهن مبارڪ ادا. رزاق مهر سنڌي ٽيلي ناٽڪ ۾ حقيقت جا رنگ ڀريندڙ - ۲۸ اپريل ۲۰۱۹ع ڊاڪٽر قاسم راڄپر پاڪستان ٽيلي ويزن لاءِ “جياپو” جهڙو سماجي ۽ مقصدي ڊرامو لکڻ واري رزاق مهر جو واسطو لاڙڪاڻي سان آهي. هن ۲۰ جولاءِ ۱۹۵۴ تي لاڙڪاڻي جي مراد واهڻ پاڙي ۾ رانجهو خان مهر جي گھر جنم ورتو. پرائمري تعليم مراد واهڻ جي پرائمري اسڪول ۽ مئٽرڪ گورنمينٽ ڊي سي هاءِ اسڪول مان ڪيائيـن. بي اي آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي مان ۱۹۷۴ع ۾ ۽ ايم اي سنڌي ادب ۱۹۷۹ ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. نوڪري جي شروعات بلڊنگ کاتي لاڙڪاڻي ۾ ڊرافٽس مين جي حيثيت سان ڪيائين، جنهن کان پوءِ پبلڪ اسڪول ميرپور خاص ۾سنڌي جو ليڪچرار ٿيو ۽ ۱۹۸۹ ۾ ڪميشن پاس ڪري سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو. هن سنڌ جي مختلف علائقن ۾ استاد جي حيثيت سان ٻار پڙهايا. هن پنهنجي حياتيءَ جا آخري ڏهاڙا گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور گذاريا. رزاق مهر کي لکڻ جو شوق ۱۹۷۴ ڌاري پيدا ٿيو. هن پهرين ڪهاڻي “ڪرشن هاٿيءَ جي اڳيان” لکي. ۱۹۸۲ع ۾ رزاق مهر جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو “سڪون ڪٿي آهي” پڌرو ٿيو، جنهن ۾ موجود اڪثر ڪهاڻين جو موضوع سماجي حقيقت نگاري تي مشتمل آهن.هن جي ڪهاڻين جو ٻيو مجموعو “ڊهندڙ ليڪا” جي نالي سان شايع ٿيو. رزاق جو لکيل ناول “ٽارچر ڪئمپ مان نڪتل دانهن” اڃا تائين شايع ٿي ناهي سگهيو آهي، ڪهاڻين جي مجموعي “سڪون ڪٿي آهي” ۾ سندس ڪهاڻين جو جائزو مرحوم انور پيرزادي هن ريت ورتو هو. “رزاق مهر ترقي پسند ڪهاڻيءَ جو نوجوان ليکڪ آهي. هن جي ڪهاڻين ۾ ستايل ڪردارن ۽ غريبن سان نه رڳو همدرديءَ جو اظهار ڪيل آهي، پر انهن کي هيرو ڪري پڻ پيش ڪيو آهي. ڦورو ۽ پرماري ڪردارن کان نفرت هن جي ڪهاڻين ۾ برابر موجود آهي”. رزاق مهر سنڌ جو وڏو ڪهاڻيڪار ته هو پر کيس شهرت ٽيلي ويزن ناٽڪن وسيلي ملي. هن پهريون ٽي وي ڊرامو “زندگيءَ ڏانهن” جي نالي سان لکيو. جيڪو ۱۹۸۶ع ۾ پروڊيوسر ذوالفقار نقوي پيش ڪيو. هن سماجي حقيقتن تي ڊراما لکي، سنڌي ٽي وي ناٽڪ کي نئون موڙ ڏنو. جنهن کانپوءِ گهڻن ليکن سماجي مسئلن تي قلم کنيو. هونئن ته رزاق پنهنجي سمورن ڊرامن ۾ نج عوامي مسئلن کي بحث هيٺ آندو آهي، پر “جياپو” اهو ڊرامو هو، جنهن کيس شهرت جي بلندن تائين رسايوجڏهن “جياپو” ٽي ويءَ تان نشر ٿيندو هو ته ماڻهن جا انبوهه دڪانن ۽ هوٽلن جي ٻاهران به ڊرامو ڏسڻ لاءِ بيهجي ويندا هئا ۽ سنڌ جي وڏيرڪي ڏاڍ ۽ ظلم خلاف روڊن تي نعرا هڻڻ لڳندا هئا. رزاق مهر ان ڊرامي ۾ پهريون ڀيرو خانگي جيلن تي قلم کڻي هڪ سماجي ناسور تان پردو کنيو. جبري پورهئي خلاف سنڌ ۾ اهو پهريون ناٽڪ هو. سندس لکيل ان ڊرامي سنڌي سماج ۾ هڪ تبديلي آندي ۽ ان کان پوءِ سنڌ ۾ جبري پورهئي ۽ خانگي جيلن جي خلاف جدوجهد شروع ٿي. سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ پوليس خانگي جيلن تي ڇاپا هڻي جبري پورهيو ڪندڙ هاري آزاد ڪرايا. سندس مڪالمن ۾ انسانن جو درد هو. هن وڏيرڪي سماج جا اهڙا ته ڇوڏا لاٿا، جو تنهن دور ۾ وڏيرن ان ڊرامي سخت اعتراض واريندي پريس ڪانفرنسون ڪيون. اها سندس پورهئي جي مڃتا هئي. رزاق ڪجهه مقصدي اسٽيج ڊراما به لکيا، جن ۾ “بدحواس هيڊ ڪلارڪ”، “ٽي خانداني بي روزگار”، “مولوءَ مت وڃائي” ۽ “ايف آءِ آر” گهڻو مقبول ٿيا. رزاق مهر جو ويجهو دوست ڪيهر شوڪت هڪ هنڌ لکيو آهي ته “ويجهي ڏهاڪي ۾ جيڪڏهن ڪنهن معياري اسٽيج ناٽڪ ڏنا آهن ته انهن ۾ رزاق مهر ئي شايد سنڌ جو اڪيلو اسٽيج ناٽڪ ڪار آهي. جنهن سطحي ۽ بازاري ناٽڪن کان هٽي گهرائيءَ ۽ سنجيدگيءَ سان ناٽڪ لکي پيش ڪرايا آهن. هن جو لکيل ناٽڪ (بدحواس هيڊ ڪلارڪ) اڄ جي اسٽيج جي گدلي سينور ۾ ڪنول جو گل آهي”. رازق مهر نه رڳو سٺو ڪهاڻيڪار پر سٺو شاعر ۽ ايڊيٽر هو، سندس ايڊيٽ ڪيل رسالو “نئين دنيا” پنهنجي دور جو بهترين رسالو هو. جنهن ۾ سندس لکيل ايڊيٽوريل ڪافي مشهور ٿيا.سنڌ جو هي ڀلوڙ ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نگار ۱۵ آگسٽ ۲۰۰۲ ع تي دل بيهڻ سبب وفات ڪري ويو. سنڌ جي هن منفرد ناٽڪ نويس جي ٽيلي ناٽڪن ۾ زندگيءَ ڏانهن، ڇوٽڪارو، راهه جو پٿر، سفر، جياپو (سيريل) زخم زندگيءَ جا، وڇوٽيون (سيريل) اعتراف شامل آهن. رزاق مهر سنڌي ٽيلي ناٽڪ ۾ حقيقت جا رنگ ڀريندڙ ڊاڪٽر قاسم راڄپر پاڪستان ٽيلي ويزن لاءِ “جياپو” جهڙو سماجي ۽ مقصدي ڊرامو لکڻ واري رزاق مهر جو واسطو لاڙڪاڻي سان آهي. هن ۲۰ جولاءِ ۱۹۵۴ تي لاڙڪاڻي جي مراد واهڻ پاڙي ۾ رانجهو خان مهر جي گھر جنم ورتو. پرائمري تعليم مراد واهڻ جي پرائمري اسڪول ۽ مئٽرڪ گورنمينٽ ڊي سي هاءِ اسڪول مان ڪيائيـن. بي اي آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي مان ۱۹۷۴ع ۾ ۽ ايم اي سنڌي ادب ۱۹۷۹ ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. نوڪري جي شروعات بلڊنگ کاتي لاڙڪاڻي ۾ ڊرافٽس مين جي حيثيت سان ڪيائين، جنهن کان پوءِ پبلڪ اسڪول ميرپور خاص ۾سنڌي جو ليڪچرار ٿيو ۽ ۱۹۸۹ ۾ ڪميشن پاس ڪري سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو. هن سنڌ جي مختلف علائقن ۾ استاد جي حيثيت سان ٻار پڙهايا. هن پنهنجي حياتيءَ جا آخري ڏهاڙا گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور گذاريا. رزاق مهر کي لکڻ جو شوق ۱۹۷۴ ڌاري پيدا ٿيو. هن پهرين ڪهاڻي “ڪرشن هاٿيءَ جي اڳيان” لکي. ۱۹۸۲ع ۾ رزاق مهر جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو “سڪون ڪٿي آهي” پڌرو ٿيو، جنهن ۾ موجود اڪثر ڪهاڻين جو موضوع سماجي حقيقت نگاري تي مشتمل آهن.هن جي ڪهاڻين جو ٻيو مجموعو “ڊهندڙ ليڪا” جي نالي سان شايع ٿيو. رزاق جو لکيل ناول “ٽارچر ڪئمپ مان نڪتل دانهن” اڃا تائين شايع ٿي ناهي سگهيو آهي، ڪهاڻين جي مجموعي “سڪون ڪٿي آهي” ۾ سندس ڪهاڻين جو جائزو مرحوم انور پيرزادي هن ريت ورتو هو. “رزاق مهر ترقي پسند ڪهاڻيءَ جو نوجوان ليکڪ آهي. هن جي ڪهاڻين ۾ ستايل ڪردارن ۽ غريبن سان نه رڳو همدرديءَ جو اظهار ڪيل آهي، پر انهن کي هيرو ڪري پڻ پيش ڪيو آهي. ڦورو ۽ پرماري ڪردارن کان نفرت هن جي ڪهاڻين ۾ برابر موجود آهي”. رزاق مهر سنڌ جو وڏو ڪهاڻيڪار ته هو پر کيس شهرت ٽيلي ويزن ناٽڪن وسيلي ملي. هن پهريون ٽي وي ڊرامو “زندگيءَ ڏانهن” جي نالي سان لکيو. جيڪو ۱۹۸۶ع ۾ پروڊيوسر ذوالفقار نقوي پيش ڪيو. هن سماجي حقيقتن تي ڊراما لکي، سنڌي ٽي وي ناٽڪ کي نئون موڙ ڏنو. جنهن کانپوءِ گهڻن ليکن سماجي مسئلن تي قلم کنيو. هونئن ته رزاق پنهنجي سمورن ڊرامن ۾ نج عوامي مسئلن کي بحث هيٺ آندو آهي، پر “جياپو” اهو ڊرامو هو، جنهن کيس شهرت جي بلندن تائين رسايوجڏهن “جياپو” ٽي ويءَ تان نشر ٿيندو هو ته ماڻهن جا انبوهه دڪانن ۽ هوٽلن جي ٻاهران به ڊرامو ڏسڻ لاءِ بيهجي ويندا هئا ۽ سنڌ جي وڏيرڪي ڏاڍ ۽ ظلم خلاف روڊن تي نعرا هڻڻ لڳندا هئا. رزاق مهر ان ڊرامي ۾ پهريون ڀيرو خانگي جيلن تي قلم کڻي هڪ سماجي ناسور تان پردو کنيو. جبري پورهئي خلاف سنڌ ۾ اهو پهريون ناٽڪ هو. سندس لکيل ان ڊرامي سنڌي سماج ۾ هڪ تبديلي آندي ۽ ان کان پوءِ سنڌ ۾ جبري پورهئي ۽ خانگي جيلن جي خلاف جدوجهد شروع ٿي. سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ پوليس خانگي جيلن تي ڇاپا هڻي جبري پورهيو ڪندڙ هاري آزاد ڪرايا. سندس مڪالمن ۾ انسانن جو درد هو. هن وڏيرڪي سماج جا اهڙا ته ڇوڏا لاٿا، جو تنهن دور ۾ وڏيرن ان ڊرامي سخت اعتراض واريندي پريس ڪانفرنسون ڪيون. اها سندس پورهئي جي مڃتا هئي. جياپو ڊرامي جو هڪ منظر رزاق ڪجهه مقصدي اسٽيج ڊراما به لکيا، جن ۾ “بدحواس هيڊ ڪلارڪ”، “ٽي خانداني بي روزگار”، “مولوءَ مت وڃائي” ۽ “ايف آءِ آر” گهڻو مقبول ٿيا. رزاق مهر جو ويجهو دوست ڪيهر شوڪت هڪ هنڌ لکيو آهي ته “ويجهي ڏهاڪي ۾ جيڪڏهن ڪنهن معياري اسٽيج ناٽڪ ڏنا آهن ته انهن ۾ رزاق مهر ئي شايد سنڌ جو اڪيلو اسٽيج ناٽڪ ڪار آهي. جنهن سطحي ۽ بازاري ناٽڪن کان هٽي گهرائيءَ ۽ سنجيدگيءَ سان ناٽڪ لکي پيش ڪرايا آهن. هن جو لکيل ناٽڪ (بدحواس هيڊ ڪلارڪ) اڄ جي اسٽيج جي گدلي سينور ۾ ڪنول جو گل آهي”. رازق مهر نه رڳو سٺو ڪهاڻيڪار پر سٺو شاعر ۽ ايڊيٽر هو، سندس ايڊيٽ ڪيل رسالو “نئين دنيا” پنهنجي دور جو بهترين رسالو هو. جنهن ۾ سندس لکيل ايڊيٽوريل ڪافي مشهور ٿيا.سنڌ جو هي ڀلوڙ ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نگار ۱۵ آگسٽ ۲۰۰۲ ع تي دل بيهڻ سبب وفات ڪري ويو. سنڌ جي هن منفرد ناٽڪ نويس جي ٽيلي ناٽڪن ۾ زندگيءَ ڏانهن، ڇوٽڪارو، راهه جو پٿر، سفر، جياپو (سيريل) زخم زندگيءَ جا، وڇوٽيون (سيريل) اعتراف شامل آهن. ناليواري ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار ۽ شاعر رزاق مهر بابت اديبن جا تاثرات سهيڙ: رضوان گل رزاق مهر ترقي پسند سنڌي ڪهاڻيءَ جو نوجوان ليکڪ آهي. هن جي ڪهاڻين ۾ ستايل ڪردارن ۽ غريبن سان نه رڳو همدرديءَ جو اظهار ڪيل آهي پر انهن کي ”هيرو“ ڪري پڻ پيش ڪيو ويو آهي. رزاق پنهنجي ڪهاڻين ۾ غير جانبدار نه آهي. ڦورو ۽ پرماري ڪردارن کان نفرت، هن جي ڪهاڻين ۾ برابر موجود آهي. رزاق سنڌي هيٺئين/ وچولي طبقي جو هڪ اهڙو فرد آهي، جنهن پنهنجي زندگيءَ ۾ ڏکن ڏوجهرن، محرومين، ۽ خواهشن جي قتلام جهڙن ڪيترن ئي ظلمن جو مقابلو ڪيو آهي. ذهني دٻاءَ، قديم سنڌ وڏيرڪي قدرن سان جڙيل فيملي، ان جون پراڻيون روايتون ۽ هن نئين ٽهيءَ جي نوجوان جون نيون حرڪتون. ٽڪراءُ لازمي هو. سيڪس ۽ مذهب ۾ به اهڙا عنصر آهن جيڪي اڄ جي نوجوان کي ڌونڌاڙي، هن کي مصيبتن ۾ وجهي، هن جي روحاني قوت جي آزمائش ڪندا آهن. نارمل سنڌي نوجوان، مذهب يا سيڪس تان ڪاوڙبو ۽ باغي ٿي ويندو. سو رزاق به مذهبي ڪٽرپڻي ۽ پابندين واري سماجي ۽ جنسي زندگيءَ کان بيزار ٿي، ڪجهه سوچڻ لڳو ۽ پوءِ انهن سوچن کي لفظن جو روپ ڌارڻ واري علم يعني ادب جي تلاش ۾ لڳي ويو. (انور پيرزادو ــ ڪتاب ”سڪون ڪٿي آهي“ تان ورتل) جيتوڻيڪ سنڌ رزاق مهر کي هڪ ڪهاڻيڪار ۽ ايڊيٽر جي روپن ۾ سڃاڻي ٿي ۽ هن پيش لفظ ۾ مون کي ڇڙو رسم ۽ روايت طور هن جي ڪهاڻين تي ئي لکڻو آهي پر هن جا ٻيا به روپ آهن. هن سٺيون ۽ خوبصورت ڪهاڻيون ۽ معياري رسالو ”نئين دنيا“ ئي نه ڏنو آهي پر هن تمام سٺي شاعري به ڪئي آهي ته ويجهي ڏهاڪي ۾ جيڪڏهن ڪنهن معياري اسٽيج ناٽڪ ڏنا آهن ته انهن ۾ رزاق ئي شايد سنڌ جو اڪيلو اسٽيج ناٽڪ ڪار آهي جنهن سطحي ۽ بازاري ناٽڪن کان هٽي گهرائيءَ ۽ سنجيدگيءَ سان ناٽڪ لکي پيش ڪرايا آهن. هن جو لکيل ناٽڪ بدحواس هيڊ ڪلارڪ اڄ جي اسٽيج جي گدلي سينور ۾ ڪنول جو گل آهي ۽ هڪ وڏو جتن پڻ جنهن سان شايد سنڌي ناٽڪ اُردو سطحي ناٽڪن ۽ فارمولائي پنجابي فلمن جي نقالي ڇڏي وري پنهنجي پراڻي شاندار روايت (ورهاڱي کان اڳ واري) تي هلڻ شروع ٿو ڪري. اوور ٽائيم رزاق مهر جي اها ڪهاڻي آهي جنهن پهريون ڀيرو ادبي پارکن جو ڌيان ڇڪائي وڌو ۽ ان ئي ڪهاڻيءَ سان رزاق پهريون ڀيرو سيکڙاٽ ڪهاڻيڪارن جي ڊگهيءَ قطار مان ٻاهر نڪري نروار ٿيو ۽ نه رڳو سجاڳ پڙهندڙن جي دل ۾ جاءِ جوڙي ورتائين پر ان ڪهاڻيءَ سان سنڌ جا سڄاڻ ڪلاڪار به هن کي عزت ۽ اُميد جي نظرن سان ڏسڻ لڳا. رزاق جي لکڻين جي سونهن تڏهن چڱيءَ طرح محسوس ٿي سگهي ٿي جڏهن لاڙڪاڻي مان نڪرندڙ ”نئين دنيا“ رسالي ۾ لکيل هن جا ايڊيٽوريل پڙهيا ويندا. ايبسٽريڪٽ، فيلسوفانا، اُتساهه ڏيندڙ حقيقتون، اُگهاڙيون ۽ علامتي انداز سان جارحانا حملا ۽ سماجي تنقيد، بي ڊپائي، باغي ۽ جوشيلي اسٽائل. رزاق، سريش ۽ واجد وارو سٻنڌ لاڙڪاڻي جي ادبي حلقن ۾ چڱيءَ طرح ڄاتل سُڃاتل آهي. هي ۽ ڪجهه ٻيا دوست جهڙوڪ ڪيهر شوڪت، ملڪ آگاڻي، زيب سنڌي، ممتاز ابڙو ۽ امان شيخ انٽيليڪچوئل ماحول ۾ جوشيليون ۽ انتهاپسند (ڪڏهن ڪڏهن) لهرون اُڀاريندا رهيا آهن. رزاق پنهنجي زندگيءَ ۾ ٻين باشعور سنڌي نوجوانن وانگي اڄ جي دنيا ۾ رائج مڙني ادبي ۽ سياسي نظرين جي ڄاڻ رکندڙ آهي پر پنهنجي فن ۽ تخليق جي سلسلي ۾ رزاق آبجيڪٽوٽي يا معروفيت جو قائل آهي. ( ڪيهر شوڪت ــ ڪتاب ”سڪون ڪٿي آهي“ تان ورتل) رزاق مهر سان منهنجو ويجھو تعلق رهيو اسان هڪ ئي ڪاليج ۾ گڏجي ڪم سين، هو هڪ محبوب شخصيت رکندڙ پيارو انسان هو، هن پنهنجي محبتي رويي جي ڪري ماڻهن جي دلين ۾ جايون جوڙيون. سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ به اسان گڏ رهيا سين جن ۾ رزاق مهر، ڪيهر شوڪت، سليم ڪورائي، واجد، افضل قادري، عنايت ميمڻ، ڪيهر شوڪت ۽ ٻيا دوست شامل ٿيندا ها. ان ئي دور ۾ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ۽ انيس انصاري به انهن گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندا ها. هن زندگيءَ ۾ ڏاڍا ڏک ڏٺا، سندس مزاج ۾ برداشت تمام گھڻي هئي، دوستن کي گڏ کڻي هلڻ وارو ماڻهو هو سندس شاعري به اهميت رکندڙ آهي. سندس ڪهاڻين ۾ حقيقت نگاري جو رنگ نمايان آهي هن جا ڊراما تمام گھڻا مقبول ٿيا هن بيباڪي ۽ بي ڊپائي سان لکيو. قلم سان سندس ناتو آخري ساهن تائين رهيو سنڌي ادب ۾ سندس نالو اڻ مٽ لڪير جيان آهي. (ڊاڪٽر بشير احمد شاد) رزاق مهر وڇڙي ويو آهي پر هو هر وقت اسانکي ياد آ. ستر واري ڏهاڪي ۾ منهنجي ساڻس دوستي ٿي جيڪا ڀائپي ۾ تبديل ٿي وئي. هو منهنجي وڏي ڀاءُ جيان هو، هن جيون جي تلخ حقيقتن کي تمام ويجھو کان ڏٺو يتيم هو ۽ يتيم واري زندگي گذاريندي به هو ايڪٽو رهيو. واجد، ڪيهر شوڪت، ملڪ آگاڻي ۽ رزاق مهر اسان سڀ گڏجي ڪچهريون ڪندا هئا سين. ڪيهر شوڪت جي ڳوٺ آگاڻين ۾ زيتونن جي باغن جي وچ ۾، ڍنڍن جي ڪنارن تي، لوڪ ڏاهپ تي ڳالهائيندي اسان تمام گھڻو خوبصورت وقت گذاريو. اهي سڀ تجربا رزاق مهر پنهنجي ڪهاڻين ۾ ڏنا. هو تمام وڏو ۽ شاندار ڪهاڻيڪار هو، هو سڪون جي ڳولها ۾ ئي رهيو. رزاق جڏهن ڊرامو ”جياپو“ لکيو ته ڊرامي جي حوالي سان هو تمام وڏي ڏاڪي تي پهچي ويو. هن جديد ڊرامه لکيا نون موضوعن کي ڇُهيو. (اخلاق انصاري) رزاق مهر هڪ انتهائي مهربان، شفيق ۽ پرخلوص دوست هو، هن جا ليکڪ طور ڪيترائي ئي حوالا آهن. هن لکڻ جي شروعات شاعري سان ڪئي، سندس پهريون شعر ”سهڻي“ رسالي ۾ ڇپيو. جنهن کانپوءِ هو ڪهاڻي طرف آيو، سندس پهريون ڪهاڻيون امر جليل جي رنگ ۾ لکيل آهن جنهن کانپوءِ هن پنهنجي رنگ ۾ لکڻ شروع ڪيون ”ڪرشن هاٿيءَ جي اڳيان“ سندس پهرين ڪهاڻي آهي. رزاق مهر جو پهريون ڪتاب ”سڪون ڪٿي آهي“ ۾ بهترين ڪهاڻيون شامل آهن. رزاق مهر جو ڪهاڻيڪارن ۾ قد تمام اتاهون آهي.سندس ڪهاڻيون ”سڪون ڪٿي آهي“، ”جنم جلي“، ”پيڙا جي ڪوهيڙن ۾“، ”هڪ شخص جو موت“، ”شڪست“ ۽ ٻيون ڪافي ساريون ڪهاڻيون سنڌي ادب جون بهترين ڪهاڻيون آهن، سندس ٻيو ڪتاب ”ڊهندڙ ليڪا“ مون پنهنجي ڪوششن سان ڪاڇو پبليڪيشن کان ڇپرايو، ان ۾ اٺ ڪهاڻيون شامل آهن جيڪي پڻ انتهائي شاندار ڪهاڻيون آهن. هو هڪ ٽرينڊ سيٽر ڪهاڻيڪار هو. رزاق ڊرامن جي شروعات سولو پليز کان ڪئي، هن پهريون ڊرامو ”زندگيءَ ڏانهن“ لکيو جيڪو پي ٽي وي تان نشر ٿيو هو جنهن کانپوءِ ”سهرو“، ”راهه جو پٿر“ ۽ کوڙ سارا ڊراما لکيا ”جياپو“ سندس ڊرامه سيريل هو هن جياپو لکي خانگي جيلن جي نشاندهي ڪئي. سندس ٻيو ڊرامه سيريل ”وڇوٽيون“ ٽيون سيريل ”پاتال“، چوٿون سيريل ”نبيرو“ هو. رزاق جو اڃا به ڪيترو ئي مواد موجود آهي سندس اڻ ڇپيل مواد کي ڇپرائڻ گھرجي. مان هڪ دوست جي حيثيت ۾ ساڻس ٽيهه سال گڏ گذاريا هاڻي مونکي زندگيءَ جي هر وک تي سندس ڪمي محسوس ٿيندي آهي. (محمد علي پٺاڻ) رزاق مهر منهنجو انتهائي ويجھو دوست هو، هن خاموش ٿي ڪم ڪيو هو هڪ فل ٽائيم ليکڪ هو. هن پنهنجي سموري زندگي ادب کي ارپي ڇڏي هئي. هن جي شاعر وارو حوالو پڻ اهم آهي. هن ڀرپور ڊرامه لکيا. زندگي هن سان ساٿ نه نڀايو وقت کان گھڻو اڳ ۾ هو اسان کان وڇڙي ويو. هن ڪاميابين جا سفر تيزيءَ سان طئي ڪيا هن سنجيدگيءَ ۽ محنت سان ڪم ڪري مڃتا ماڻي. اسان رزاق کي مري ويل نه ٿا سمجھون هو اسان جي دلين ۾ زنده آهي. هو بهترين ڪهاڻيڪار به هو ته تمام بهترين انسان ۽ پيارو دوست به هو. (عنايت ميمڻ) رزاق مهر خاموش طبع انسان هو، سندس اها خوبي هئي ته هر ماڻهو کيس پنهنجو ويجھو دوست سمجهندو هو، هن جي تڏي تي هر ماڻهو جي اک آلي هئي، هو هڪ مخلص ماڻهو هو. سندس ڪهاڻيون پڙهي احساس ٿيندو هو ته هو ڪيڏي بلند پايي جو ڪهاڻيڪار هو. اسان جو اسٽيج سان تعلق هو رزاق صاحب جا به اسٽيج ڊرامه ٿيندا هئا، مان پاڻ کي رزاق مهر جي پيٽرن تي هلائڻ جي ڪوشش ڪندو هيس مان کانئس متاثر هيس هو هڪ بيباڪ ليکڪ هو. سندس ڪهاڻين جا موضوع سماجي حقيقت نگاري تي مشتمل هئا. (احمد علي صابر چانڊيو) رزاق کي مان دوست جي حيثيت ۾ ائين محسوس ڪيو ته هو هڪ معصوم ٻار جيان هو، سندس مزاج ۾ حساس پڻو شدت سان موجود هو، اسان اڄ به رزاق جي ڪمي محسوس ڪريون ٿا، هو هڪ هڪ دوست هو جيڪو هر پل صلاحن مشورن ۾ شامل رهندو هو. هن هڪ ٽو ايڪٽ ڊرامو ”بد حواس ڪلارڪ“ لکيو جنهن کي مان ڊائريڪٽ ڪيو اهو ڊرامو مزاحيه انداز ۾ لکيل هو. رشين ليکڪن جا ڪتاب اسان هڪ ٻي کي پڙهائيندا هئا. اسان هڪ وڊيو فلم ”رڻ جو مسافر“ ٺاهڻ لاءِ به ڪوشش ورتي هئي جيڪا ڪن حالتن سبب اسان کان نه ٺهي سگھي. رزاق جون محبتون سڀني سان هيون پر مونسان سندس پيار بي انتها هو. واجد، انور پيرزادو، رزاق ۽ مان راتين جون راتيون ويهي ڪچهري ڪندا هئا سين جنهن جو اڪثر موضوع ادب هوندو هو. منهنجي جيون ۾ سندس ڪردار هڪ راهه ڏيکاريندڙ وارو رهيو اهو ئي سبب آهي جو مان اڄ به سندس ڪمي شدت سان محسوس ڪري رهيو آهيان. (ممتاز ابڙو) رزاق مهر جھڙا ماڻهو وڇڙندا ضرور آهن پر وسرندا ناهن، اهو ئي سبب آهي جو هيڏا سال گذرڻ باوجود به هو اسان جي دلين ۾ ڌڙڪي ٿو، هن جون يادون، هن جون لکڻيون اسان وٽ موجود آهن اهي ڪتابي صورت ۾ هجن يا ڊرامي جي صورت ۾ هجن اسان انهن کي پڙهون به ڏسون به ٿا. هو ٻاجھاري طبيعت جو انسان هو سندس اهم خوبي اها هئي ته هو دوستن جي وچ ۾ پُل وارو ڪردار ادا ڪندو هو دوستن جون رنجشون ختم ڪري محبتن سان گڏ ويهاريندو هو. سندس ڪتاب ”سڪون ڪٿي آهي“ ڇپيو ته کيس هڪ ٽرينڊ سيٽر ڪهاڻيڪار واري سڃاڻپ ملي، سندس ڪهاڻين جو بنياد سماجي حقيقت نگاري آهي. سندس ڪهاڻيون ”سڪون ڪٿي آهي“، ”تڏي تي ويٺل ماڻهو“، ”اَجھل هوا“، ”هڪ شخص جو موت“، ”ڊهندڙ ليڪا“ اهڙيون ڪهاڻيون آهن جن جا موضوع سماج جي ڪک مان جنم وٺن ٿا، هن اڇوتن موضوعن تي ڪهاڻيون ۽ ڊرامه لکي پاڻ مڃرايو. هن جيڪي اسٽيج ڊراما لکيا اهي پڻ ان زماني ۾ تمام گھڻا مقبول ٿيا بعد ۾ هن پي ٽي وي تي ڊرامه لکيا جن جو ماڻهو پورو هفتو انتظار ڪندا هئا، رزاق صاحب کي هڪ ڊرامه نگار طور سڄي سنڌ ۾ تمام گھڻي مقبوليت ملي ۽ ”جياپو“ ڊرامي کانپوءِ ساڻس سڄي سنڌ ۾ رهاڻيون ملهايون ويون هيون اسان به سچل ادبي مرڪز پاران ساڻس رهاڻ رچائي هئي. 13 آگسٽ تي ڪاليج ۾ ٿيل هڪ گڏجاڻي ۾ مان ساڻس آخري ڀيرو مليو هيس اسان هڪ ئي ڊپارٽمينٽ ۾ گڏجي ڪم ڪيو سين، رزاق مهر جڏهن گذاري ويو هو ته ائين محسوس ٿيو هو ته ڄڻ وقت بيهجي ويو آهي پر وقت ظالم آهي اهو هلندو رهي ٿو. (ڊاڪٽر احسان دانش) ڪجهه ماڻهن جي وڇڙڻ بعد به اهو احساس هوندو آهي ته اهي ڪنهن سفر تي ويل آهن ۽ وري واپس اچي اسان سان ملندا رزاق مهر جي وڇڙڻ بعد به ئين ئي محسو ٿيندو آهي ته هو اسان سان واپس اچي ملندو. هن جي شخصيت ۾ نماڻائي، صبر ۽ بردباري هئي هو جنهن سان به ملندو هو ان جو دوست ٿي ويندو هو. رزاق صاحب جونيئر لکندڙن کي اتساهه ڏيندو هو. حقيقت نگاري جي حوالي سان سندس لکيل ڪهاڻين جا ڪردار درد جي علامت آهن انهن ڪردارن جون ڪيفيتون پڙهندڙ کي محسوس ٿيڻ لڳن ٿيون هن جي قلم مان نڪتل لفظ گھرو اثر ڇڏيندڙ آهن. (ڊاڪٽر فياض لطيف) رزاق مهر جو انداز ۽ لهجو پيار ڀريو هوندو هو، سندس لکيل ڊرامي ”جياپو“ تي تما گھڻا سوال اٿيا، ماڻهن چيو ته شايد اهو تصوراتي ڪهاڻي تي مشتمل آهي پر پوءِ اهڙا ظالم وڏيرا بي نقاب ٿيا ۽ الائي ڪيترا خاندان خانگي جيلن مان آزاد ٿيا جنهن جو ڪريڊٽ رزاق مهر ڏانهن وڃي ٿو. (انور ڏنگڙائي) رزاق مهر جو ڪم ۽ ڪردار ڀرپور رهيو آهي ليکڪ جي تحرير ڳالهائيندي آهي اها تحرير ئي اصل ۾ ليکڪ جي زبان هوندي آهي هن جي ڪهاڻين جي ڪردارن جي گفتگو سماج جي مجموعي دردن جي ڪٿا آهي. رزاق صاحب پنهنجو آواز ان دور جي واحد ميڊيا پي ٽي وي تي ڊرامن ذريعي اٿاريو ۽ اهڙن موضوعن تي لکيو جيڪي ان دور جي اڀرندڙ مسئلن جي نشاندهي ڪندڙ هئا. (رياضت ٻرڙو) رزاق صاحب پنهنجي لکڻين ۾ هڪ منفرد ليکڪ هو هن پاڻ کي نکارڻ لاءِ نه لکيو پر هن سماج ۾ موجود مسئلن کي نروار ڪرڻ لاءِ لکيو. جيڪو ماڻهو دل سان ڪم ڪري ٿو ان کي موٽ به ملي ٿي هن دل سان ڪم ڪيو ۽ کيس بهترين موٽ ملي. هن جا ڪردار معصوم، نهٺا ۽ عام طبقي سان تعلق رکندڙ آهن هن پنهنجي پذيرائي نه چاهي پر هن سماجي اجتماعي ڏکن کي قلم جي ذريعي بيان ڪري پنهنجو فرض نڀايو. (عزيز منگي) موت، ڪڏهن ڪڏهن ڪي اهڙا پيارا ماڻهو کسي ويندو آهي، جن جي جدائي جيءُ جهوري وجهندي آهي. محبت، دوستي، خلوص، پنهنجائپ ۽ ڪَسُ کائڻ وارا ماڻهو ڏاڍا گھٽ هوندا آهن. دوستن تي سِرُ ڏيڻ وارن ۽ رشتن جي نزاڪتن کي ڄاڻڻ وارن اهڙن ئي محبتي انسانن مان رزاق مهر به هڪ هو. سندس ڊرامو ”جياپو“ هن جي خاص سڃاڻپ بڻيو. جڏهن ”جياپو“ پي ٽي وي تان نشر ٿيندو هو ته ماڻهو دڪانن ۽ هوٽلن جي ٻاهران به ڊرامو ڏسڻ لاءِ بيهجي ويندا هئا ۽ سنڌ جي وڏيرڪي ڏاڍ ۽ ظلم خلاف روڊن تي نعرا هڻڻ لڳندا هئا. رزاق مهر ان ڊرامي ۾ پهريون ڀيرو خانگي جيلن تي قلم کڻي هڪ سماجي ناسور تان پردو کنيو جنهن تي بعد ۾ ٻين به ڪيترن ئي ليکڪن ڪهاڻيون ۽ ڊراما لکيا. ان کان علاوه ”وڇوٽيون، ”پاتال“، ”زخم زندگيءَ جا“، ”اعتراف“، ”ڦيرو“، ”ڇوٽڪارو“، ”راهه جو پٿر“ ۽ سندس ٻيا ڊراما به تمام گهڻو مقبول ٿيا، جنهنڪري رزاق مهر جي هڪ تمام برجستي ڊرامي نگار طور به سڃاڻپ ٿيڻ لڳي. هن جا اسٽيج ڊراما ”بدحواس ڪلارڪ“ ، ”ٽي خانداني بي روزگار“، ”مولوءَ مت وڃائي“ ۽ ”ايف آءِ آر“ پڻ ڪافي مقبول ٿيا. رزاق مهر جي ڪهاڻين، ڊرامن، ڪالمن ۽ ٻين لکڻين ۾ سماج جي نظر انداز ڪيل طبقي جي نمائندگي ٿيل آهي. هن غريب کي ڪنهن سِرَ ڦِري سردار يا مير کان وڌيڪ مانائتو ڏيکاريو آهي. هن جا لکيل لفظ ظالم ۽ جابر لاءِ باهه جا شعلا به آهن، ته ڪنهن مسڪين ۽ محتاج لاءِ آٿت به آهن. سندس سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي لکيل ڪالم هڪ دؤر جي تاريخ ۽ سچائي پيش ڪن ٿا. سندس قلم ڌمڪي ۽ دڙڪي کان ڊڄڻ وارو نه، پر سماج لاءِ ناسور بڻجي ويل رشوت خورن ۽ بدمست وڏيرن لاءِ تلوار بڻيل رهيو. مون کي خوشي آهي ته مان رزاق مهر سان سندس حياتيءَ جي آخري ٻن سالن ۾ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ساڻس گڏ استاد رهيس. سندس ڀاڪر وجهي ملڻ جي انداز ۽ ڪچهرين مان ڪڏهن به ائين محسوس نه ٿيو ته آءٌ ڪو کانئس ادبي عمر ۾ ننڍو آهيان. هو دوستن جي وچ ۾ اختلافن کي اُڀرڻ نه ڏيندو هو، دوستن جي درميان سندس ڪردار پُل جهڙو هو. هو هڪ بهترين ليکڪ سان گڏ تمام وڏو ماڻهو هو، جنهن وٽ پيار ۽ پنهنجائپ هئي. (رضوان گل) سائين رزاق مهر جنهن دور ۾ لکڻ شروع ڪيو ان دور تي امر جليل جا تمام گھڻا اثرات هئا، پر جڏهن اسان رزاق مهر جا افسانا پڙهون ٿا ته سواءِ هڪ اڌ جي هن جو پنهنجو ڊڪشن ۽ پنهنجو انداز آهي سندس موضوع ۽ انهن ۾ پيش ڪيل ڪردارن جي اذيت، زندگي ۾ انهن سان پيش ايندڙ واقعا ۽ انهن ڪهاڻين جو ڪلائيميڪس جيڪو رزاق مهر ڏيکاريو آهي اهو ڏاڍو اميد ڏيندڙ ۽ اتساهه ڀريو آهي، سندس اڪثر ڪردار ڀوڳنائن ۾ ورتل آهن جيڪي زندگيءَ ۾ ويساهه گهاتين جو شڪار آهن ۽ تذليل ۾ زندگي گذارن ٿا، هن انهن ڪردارن جي اندر جو درد ايڏي مهارت سان بيان ڪيو آهي جو انهن ڪردارن سان پڙهندڙ وٽ همدردي جو جذبو پيدا ٿي پوي ٿو. رزاق جون ڪهاڻيون پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکندڙ آهن انهن تي ڪنهن جي به ڇاپ نه آهي. رزاق صاحب جي ڊرامي ”جياپو“ کان پوءِ کيس مستقبل جي ليکڪ طور سڃاڻپ ملي جو هن انهن مسئلن تي قلم کنيون جيڪي مستقبل ۾ سامهون اچڻا آهن يا ته لڪيل آهن جن کي هن ڊرامن ۽ ڪهاڻين ذريعي اجاگر ڪيو. هن خودڪشي جي به ڪوشش ڪئي پر پنهنجي لکڻين ۾ وري به سماج کي اتساهه ڏنو. (ممتاز لوهار) جن ماڻهن زندگيءَ کي تمام ويجھڙائيءَ سان ڏٺو ۽ زندگيءَ جي تلخين ۽ شيرينين جي ڪٿ ڪئي رزاق مهر انهن ليکارين منجھان هيو. هن جي سمورين لکڻين، پوءِ اهي ڪهاڻيون هجن يا ڊراما، اخباري ڪالم هجن يا ادبي رسالي جا ايڊيٽوريل، انهن لکڻين ۾ زندگيءَ جون سموريون سچايون پنهنجي مڪمل تاثر سان ملن ٿيون. ڇو ته رزاق پنهنجي نجي زندگيءَ ۽ فن ۾ هميشه سچائيءَ ۽ حقيقت پسنديءَ سان قربت رکي. هن پنهنجي فڪشن ۾ به زندگيءَ جي ٺوس سچائين کي پنهنجي فن جي ڪمال انداز سان اهڙي طرح چٽيو آهي جو انهن منجھان تلخ حقيقتن جي ڪڙاڻ شدت سان محسوس ٿئي ٿي. جنهن جو مثال هن جا ڊراما (خاص طور اسٽيج ڊرامو ”ايف آءِ آر“ ۽ ٽي وي ڊراما سيريل ”جياپو“) ۽ سندس ڪهاڻيون آهن. رزاق مهر پنهنجي ذاتي لڳ لاڳاپن ۾ به انهيءَ ساڳي سچائيءَ ۽ حقيقت پسنديءَ جو قائل رهيو، انڪري هو اڄ ڏينهن تائين دوستن جي دلين ۾ زندھ رهي ٿو، مرشد ڀٽائيءَ جي هنن سٽن وانگر ته؛ جڏهان ڪر ٿيام، ساڃاھ سپرين سين، تڏهان ڪر تر جيترو، وير مَ وسريام، اندر روح رهيام، سڄڻ اوطاقون ڪري. (قاسم ڪيهر)
دادي ليلاوتي تلسي داس هرچنداڻي ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ تعارف دادي ليلاوتي تلسي داس هرچنداڻي جو جنم ۲۰ ڊسمبر ۱۹۱۷ع تي سنڌ جي شهر حيدرآباد ۾ ٿيو. داديءَ جو خاندان پڙهيل لکيل آهي. سندن ڀاءُ واڌواڻي تيرٿ داس مشهور شخص هو ۽ هوتچند مولچند گربخشاڻي وارا سندن پڦيءَ جا پٽ هئا. هن سڄي خاندان کي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ سان وڏي عقيدت آهي. دادي راڳ جي ڄاڻو، شاهه جي شيدائي ۽ رسالي جي پارکو آهي. هوءَ شاهه صاحب جون ڪافيون ۽ بيت اُڪير سان ڳائيندي آهي، کين مرحوم عثمان علي انصاري ريڊيو تي متعارف ڪرايو ۽ داديءَ سنڌ جي ڪيترين ئي نينگرين کي پنهنجو فن منتقل ڪيو آهي، جن ۾ روبينا قريشي ۽ جيجي زرينه بلوچ جا نالا اهم آهن، سندن خدمتون سنڌ جي نياڻين جي تعليم ۽ تربيت جي سلسلي ۾ اهم آهن. دادي ليلا جي دور ۾ عورتن جي تعليم ايتري عام ڪونه هئي. هن مشهور ڪندن مل گرلس اسڪول مان پڙهيو. عامل خاندان جي ديوانن مان آشا/ غلام فاطمه شيخياڻي (اسلام قبول ڪرڻ کانپوءِ جو نالو) ساڳئي اسڪول مان پڙهندڙ هئي ۽ پوءِ ڊاڪٽر شمس عباسي ۽ پوپٽي هيراننداڻي پڻ ساڳئي اسڪول مان پڙهيون هيون. انهيءَ اسڪول جون ماسترياڻيون داديءَ چواڻي ته Oxford جون پڙهيل هيون. دادي متي، دادي جگو ۽ ٻين کي انگريزي ٻوليءَ تي عبور حاصل هو. دادي ليلا ميوزڪ جي ڊگري پڻ حاصل ڪئي ۽ بي اي ۽ ايم اي (سنڌي) فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. اپوا، ريڊ ڪراس، روٽري ڪلب، لئميڪ ۽ ٻين ادارن معرفت هن ڪيترائي سماجي ڀلائيءَ جا ڪم ڪيا آهن. هوءَ سماج سڌارڪ ۽ تعليمي ماهر ۽ فنڪار جي حيثيت ۾ سڃاتي وڃي ٿي. ٽريننگ ڪاليج فار وومين جي پرنسپال کان سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر (ٽي سال) ٿيڻ تائين پاڻ ڪيترن ئي ادارن جي سربراهي سنڀالي، سندس خدمتن جي عيوض هند توڙي سنڌ مان کيس ايوارڊن ۽ انعامن سان نوازيو ويو آهي. چند سال اڳ کيس صدارتي ايوارڊ عطا ٿيو. اڄ نوي سالن کان به وڌيڪ ڄمار هوندي دادي ليلا پنهنجي جنم ڀوميءَ سنڌ ۽ سنڌين جي خدمت کي افضل ڄاتو آهي. مون سندس گهر ٻه دفعا هرچنداڻي مينشن ڀرڳڙي روڊ هيرآباد تي ملاقات ڪئي ۽ کانئس انٽرويو وٺڻ چاهيم، پر داديءَ رسمي انٽرويو کان وڌيڪ جيڪا روبرو ڪچهري ڪئي، اها تمام اثرائتي هئي، جنهن جا اهم نقطا هن ريت آهن: ۱ . نياڻين جي تعليم تي تمام گهڻي توجهه ڏيو ۽ کين ڪڏهن به بوجهه نه سمجهو، عورت جي عزتِ نفس کي مٿانهون رکو. ۲ . پنهنجي ماءُ، پنهنجي ٻولي ۽ پنهنجي ڌرتيءَ کي سدا اهميت ۽ عزت ڏيو، اهي ٽيئي توهان جون مائرون آهن. 3 . دان ڏيو، مالَ جو، علم جو ۽ جان جو ۽ هر هڪ جي ڪم اچو. ۴ . سنڌ جي تعليمي معيار ڪرڻ جو اهم سبب اڄ استاد، استاد نه رهيو آهي ۽ شاگرد، شاگرد نه رهيو آهي. استاد غير ذميوار ۽ شاگرد لاپرواهه هئڻ سبب تعليم تباهيءَ جي ڪناري تي بيٺل آهي ۽ جڏهن ڪنهن قوم ۾ علم ۽ ادب نه رهندو، تڏهن انهيءَ قوم جي هستي آهستي آهستي ختم ٿي ويندي. ٻوليءَ ۽ قوم کي جيئارڻ لاءِ اڳيان وڌو. قوم جي ڀلي لاءِ سچو جذبو ۽ سچي دل کپي ۽ سنڌي سماج تڏهن ترقي ڪندو، جڏهن قوم تعليم يافته ٿي هن ڌرتيءَ جي خدمت ڪندي. ۵ . عورت جي آزاديءَ جي حق ۾ مان بلڪل آهيان، پر ان لاءِ هڪ دائرو هجي ۽ ان دائري ۾ رهي ڪم ڪجي. پنهنجي حيثيت، عزت ۽ علميت کي وڌائڻ عورتن لاءِ اُتم آهي. ۶ . شاهه صاحب جي ڪلام کي پرکيو، پروڙيو، عمل ڪريو ۽ عام ڪريو. داديءَ جو سنڌي نثر ۾ ڪم مضمون نويسيءَ ۾ آهي. تعليم جي موضوع تي تمام گهڻا مضمون لکيا اٿن. انهيءَ کانسواءِ کين شاعريءَ جو شوق آهي. داديءَ سنڌي عورتن جي لاءِ هيءُ پيغام ڏنو: اي سنڌوءَ جي سگهڙ سياڻي، تنهنجي هوندي ڇو سنڌڙي ويڳاڻي، تون ته ناز و ادا کان نياري، تون ته بيشڪ آهين نوري نماڻي. ........... اي سنڌوءَ جي سگهڙ سجاڳ ٿي، هيءُ وقت اٿئي هوشيار ٿي. هيل تائين ڪيڏو نه تون سٺو آهه، هاڻي جهالت جي جن کي تو ڀڄايو آهه. دادي ليلا اڄ سؤ سالن جي ٿي وئي نصير مرزا سنڌ اڄ شادمانا ملهائي. اسان ۽ توهان جي دادي، هير آباد حيدرآباد واسي، تعليمدان، دادي ليلا خيرن سان اڄ سئو سالن جي ٿي چڪي. هيپي برٿ ڊي ٽو يُو دادي صاحبه ۽ ڇا ته خوش نصيب شهر هي حيدرآباد، جنهن ۾ رهندڙ محمد ابراهيم جويي صاحب کانپوءِ، علم ادب ۽ تعليم جي دنيا جي، هي ٻي اهم ترين هستي دادي ليلا، جنهن اڄ حياتيءَ جا سئو سال پورا ڪري ورتا آهن، اي ڪاش! هن ڪالم جي اشاعت بعد، سنڌ جا علمي ادبي ۽ تعليمي ادارا، گلن، گلدستن ۽ سوکڙين پاکڙين جا انبار کڻي، ميرن جي قبن سامهون، هيرآباد جي ان پِيلي محل جي دروازي تي وڃي رکي اچن، جتي اندر هڪ آرامده پلنگ تي، سنڌ جي نياڻين کي تعليم يافته ڪندڙ هيءَ ملڪه اڄڪلهه خاموش زندگي گذاري رهي آهي. جتي سندس اڪيلو فرزند ڊاڪٽر پرديپ، ننهن ۽ ڪي نرسون، ڏينهن رات سندس ديک ريک ۾ مصروف آهن. بيشڪ، سئو ساله دادي ليلا صاحبه سفيد اڇي پهراڻ ۽ لينگي ۾ هن وقت ڄڻ ته مقدس سرسوتي ديويءَ جو روپ آهي، پر هڏڙين جي مُٺ، نحيف ۽ ڪمزور هوندي به ۽ هن ڄمار ۾ به طرح طرح جا راڳ، ڀڄن، ٻاڻيون ۽ بزرگن جا صوفياڻا ڪلام کيس ازبر آهن. ها! سندس ازبر به حافظو ٿورو ٿورو جواب ضرور ڏئي ويو آهي ۽ قوت سماعت پڻ گهڻي گهڻي مجروح ٿي وئي اٿس پر ٿورو وڏ سري آواز ۾ پڇيومانس ته، دادي! اوهان جي ولادت ڀلا ڪٿي ٿي؟ ته ٻڌايائين: ”سئو سال اڳي حيدرآباد جي ڇوڏڪي گهٽيءَ، پوليس اسٽيشن واري چاڙهيءَ ڀرسان ماڙيءَ واري هڪ گهر ۾ ڄائي هيس. پتا جو نالو، هوتچند واڌواڻي هو، هڪڙي ڀيڻ ديوي ڪماري، ڇهه ڀائر..... جن منجهان سهجرام واڌواڻي، اُهو ته مشهور ميوزڪ ڊائريڪٽر ٿيو ۽ مشهور موسيقارن سي ارجن ۽ بلوسي رائيءَ جو پڳ مٽ يار هو. ٻيو ايڊووڪيٽ تيرٿ داس..ماهر قانوندان، شاهه لطيف شناس، جنهن تصوف تي ڪيترائي انگريزيءَ ۾ مضمون لکيا. ۱۹۲۶ع ڌاري، پتا جو سارو پريوار، هن موجوده هنڌ هيرآباد عامل ڪالوني لڳ اچي رهيو. الاس!! هڪ هڪ ٿي سڀني جون ارٿيون هاڻي ته چتا تي چڙهي ويون آهن، رهي نانءُ رب جو.“ پوءِ دادي ٻڌائڻ لڳي: ”اسان جو سارو پريوار پڙهيل هو، پر منهنجي ماتا به ايتري ته اکر شناس هئي جو ڪم ڪار ۽ رسوئي جي وندر مان واندي ٿي، گهر ۾ ايندڙ روزاني اخبار کولي ويٺي پڙهندي هئي. هاڻي پرديپ ٻڌائيم ٿو ممي، شروع کان ئي چُست ڦڙت، گهٽ خوراڪ، ويشنو، گوشت ماس کان نهايت پري ۽ ابتدا کان ئي اورچ هئي ۽ جيتوڻيڪ گهر ۾ نوڪر چاڪر ۽ سک آرام به موجود هو پر رسوئي ۾ بيهي ڦلڪا پچائڻ، ٻوڙ رڌڻ هن جي روز مرهه جي ڪرت ۾ شامل هوندو هئو. وٽس جيڪو به ان وقت ملڻ جلڻ لاءِ ايندو هو ته ان کي ضرور چوندي هئي ته نياڻين کي ضرور پڙهايو، ائين هُو چالاڪ ۽ مڪار مردن هٿان ٺڳجڻ کان بچي وينديون.“ پوءِ دادي خود ٻڌائڻ لڳي، ”اسان هندن ۾ هر نياڻيءَ کي ٻيو ڪجهه سيکارجي يا نه، پاپڙ ويلڻ، پاپڙ ترڻ ۽ پاپڙ ٺاهڻ جي تربيت هر حالت ۾ ڏني ويندي آهي ۽ ڪنهن کي اِهو فن نٿو اچي ته اهو هن جي عيب ۾ شمار ڪبو هو.“ پوءِ ٻڌائڻ لڳي، ”جن جن نياڻين، مون کان پاپڙ ٺاهڻ سکيا، انهن ساهراڻي گهر تي راڄ ڪيو، حڪم هلايا ۽ پنهنجي گهوٽن جون اُهي دل گهريون ڪنوارون ثابت ٿيون.“ پرديپ هرچنداڻي مون کي آگاهه ڪيو: ”ممي پرائمري تعليم گُلي ٻائي اسڪول مان حاصل ڪئي، جيڪو حيدرآباد واري تلڪ چاڙهيءَ لڳ هوندو هو. پوءِ هو جامع عربيه ۽ نور محمد هاءِ اسڪول ۾ به ميٽرڪ تائين پڙهي، جتي ڪو ايجوڪيشن هوندي هئي.“ ان تي دادي ٻڌائڻ لڳي، ”منهنجا هڪ جيڏا هندو مسلمان ڇوڪرا محض ان ڪري به دل لڳائي پڙهندا هئا، جيئن استادن آڏو ۽ ڇوڪرين جي سامهون، بي عزت ٿيڻ کان بچيا رهن.“ پرديپ ٻڌايو: ”هائير ايجوڪيشن دادي صاحبه گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موريءَ مان حاصل ڪئي، جنهن کي پڻ ايندڙ سال ۲۰۱۷ع ۾ سئو سال پورا ٿيندا.“ انسائيڪلوپيڊيا ۾ مون دادي ليلا صاحبه جي پروفائيل ۾ جهاتي پاتي.. لکيل هو: ”هُوءَ ننڍپڻ کان ئي خوش گُلو هئي، تيز فهم ۽ هوشيار، ۽ ٻالڪپڻ کان ئي شديد ميوزڪ پسند. ان ڏس ۾ ساڌو ٽي ايل واسواڻي جي آشرم مان به هُن گهڻو ئي پرايو. سوين ڀچن ڀاو ياد ڪيا. ان دور جي ميوزڪ ۽ باجي ماستر مسٽر جوشيءَ کان هن هارمونيم وڄائڻ سکيو. پوءِ ۱۹۴۰ع ڌاري ٽريننگ ڪاليج فار مئن ۾ ميوزڪ ٽيچر جي آساميءَ لاءِ انٽرويو ڏيڻ وئي، ته سائين جي ايم سيد ۽ سائين ميران محمد شاهه، هڪ تعليم يافته سنڌي نياڻيءَ کي اهڙو زبردست هار مونيم وڄائيندي ۽ شاهه، سچل جا صوفياڻا ڪلام ڳائيندي ٻڌو ته دنگ رهجي ويا.“ دادي پاڻ مون کي ٻڌائڻ لڳي: ”بابا، تنهنجي پدر بزرگوار قليچ بيگ کي اٺن ڏهن ورهين جي ڄمار ۾ سندس غزل ”دنيا ۾ دل جو مطلب پورو ٿيو ته ڇا ٿيو“ اسڪول فنڪشن ۾ ڳائي ٻڌايو ته، دعا ڏنائين؛ ”اي ننڍڙي نينگري راڳ وديا ۾ تنهنجو وڏو نالو ٿيندو“ مون هڪ ڀيرو ٻيهر داديءَ جي جيون ۾ جهاتي پاتي، لکيل مليو: دادي ليلا صاحبه ۱۹۵۱ع ۾ بي ٽي ڪئي، ۱۹۶۸ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪئي. ۱۹۵۸ع ڌاري پاڻ ڊپٽي انسپيڪٽر اسڪول مقرر ٿي، گڏ ميران هاءِ اسڪول جي هيڊ مسٽريس پڻ ۽ ان کان اڳ ميرپور خاص جي هڪ هاءِ اسڪول ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين. ۱۹۵۸ع ۾ ئي بلبل مهراڻ روبينه صاحبه کي ريڊيو حيدرآباد تي پنهنجي شاگردياڻيءَ جي حيثيت ۾ متعارف ڪرايائين. بعد ۾ دادي صاحبه، انسپيڪٽريس آف اسڪولس جو عهدو ماڻيو. ۱۹۷۲ع ۾ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر مقرر ٿي. ۳۵ ورهين جي پخته ڄمار ۾، دادي صاحبه جي شادي سينٽرل جيل حيدرآباد جي ڊاڪٽر ڊاڪٽر تلسي داس هرچنداڻي سان ٿي ۽ ان بعد دادي ليلا سڏجڻ لڳي، ”ليلا وتي هرچنداڻي“... اولاد ۾ داديءَ بس هڪ ئي پُٽ ڄڻيو، پرديپ ڪمار... جيڪو هاڻي پنهنجي ئي گهر جي هڪ ڪنڊ ۾ ”دادي ڪلينڪ“ هلائيندو آهي. ۱۹۵۲ع کان دادي صاحبه ريڊيو ڪراچي تان ڳائڻ جا به ڪي پروگرام ڪيا. ۱۹۷۵ع ڌاري ريٽائرمينٽ بعد ڊاڪٽر آپا شمس عباسي صاحبه سان گڏجي، سنڌ جي ٻهراڙين ۾ سوين ڪميونٽي سينٽر قائم ڪيا، جتي نياڻين جي تعليم ۽ ان جي واڌاري لاءِ ڪئين دلچسپ پروگرام ترتيب ڏنا. ۱۹۸۵ع تائين اقليت جي حوالي سان پنهنجي ڪميونٽيءَ جي نمائنده طور به هن ڪم ڪيو. سائين جي ايم سيد، ميران محمد شاهه، علامه آءِ آءِ قاضي، مرزا قليچ بيگ، شاهه جو شارح غلام محمد شهواڻي، پروفيسر دادا منگها رام ملڪاڻي کي دادي صاحبه اکين سان ڏٺو. محفلن ۾ انهن سان گڏ اُٿي ويٺي ۽ کين پنهنجا راڳ ٻڌايا ۽ وندرايو. سندس گهر ۾ مون چوطرف نگاهه ڦيرائي هر طرف ايوارڊ ۽ شيلڊون سينگاريل نظر آيم ۽ انهن سڀني جي وچ ۾ چوڏهينءَ جي چنڊ وانگر چمڪندڙ هو ”تمغه امتياز حڪومت پاڪستان“. تڏهن ان وقت اٿڻ کان اڳ مون کيس وينتي ڪئي ته دادي! پنهنجي حياتيءَ جون ڪي يادگار ۽ سٺيون سٺيون ڳالهيون ٻڌايو. چوڻ لڳي: ”اري بابا، اڳي اسان جي سانڀر ۾ حيدرآباد ۾ هر گهٽيءَ جو هڪڙو نالو هوندو هو. ان ڪري هر ماڻهوءَ کي خط پٽ سولائي سان اچي ملندو هو، هاڻي ته گهٽين جي سوڙهه ايڏي آهي جو، ڏسندي ئي ساهه ٻوساٽجڻ ٿو لڳي“. پوءِ ٻڌائڻ لڳي، ”ٽيهارو کن سال اڳ ڀارت ياترا تي آئون ويئي هئس. هڪڙي ڏينهن ميزبانن مون کي هڪ اهڙي رنگا رنگ تقريب ۾ پهچايو، جتي سنڌي نياڻين اڃان جهومي جهومي ڳايو مس ته ”راڻا تو مان راڄ ٿيندا، راڻا تو مان لک ٿيندا“...ته بس محفل ۾ اوچتو وٺ وٺان شروع ٿي وئي. پوليس جو ڊنبلو اسٽيج تي چڙهي آيو...بابا خير...بابا خير... چيائون اري ظلم ڙي ظلم.. هي ته خانداني منصوبي بندي وارن جو پبلسٽي پروگرام آهي، جن جو مول متو ئي آهي ته ”ٿورا ٻار، پيار ئي پيار“ ...۽ هي مايون وري اسان جي پروگرام کي تباهه ڪرڻ لاءِ ڳائين پيون ..... راڻا تو مان راڄ ٿيندا، راڻا تو مان لک ٿيندا....“ پوءِ ان ڏينهن دادي هي به ته ٻڌائڻ لڳي هئم: ”ان وقت ڀارت ۾ رهندي اڃان ڪي ٿورا ئي ڏينهن ٿيا هوندا، جو ناچاڪ ٿي پيس، تڏهن لڳم...بس چل چلاءَ قريب آهي، سو وٺي گهوڙا گهوڙا ڪئم. چيم...ڀائي! مون کي جلد از جلد پنهنجي جنم ڀومي، ماتر ڀومي سنڌ پهچايو.. ڇا جي لاءِ، جو هتي منهنجو ديهانت ٿي ويو، ته هي ته منهنجي رک کي گنگا ۾ لوڙهي ڇڏيندا. سو چاهيان ٿي ته پويان پساهه به پنهنجي سنڌ ۾ ئي وڃي کڻان، جيئن منهنجون هاٺيون سنڌوءَ جي امر جل ۾ سماپت ڪيون وڃن.“ اهڙي پراڻي ساروڻي ٻڌائيندي ٻڌائيندي داديءَ تي اوچتو هڪ زبردست ڪيفيت طاري ٿي وئي ۽ جيئن نه ڪا ماءُ لاڏلي پُٽ جي ڪاڄ ۾ ٻانهون مٿي کڻِ جهمريون هڻندي آهي، دادي ليلا به جهومي جهومي اسان کي ٻڌائڻ لڳي، ”اري بابا، هاڻي موت جو فرشتو مون کي وٺڻ ايندو، ته آئون ائين ئي نچندي ڪڏندي ان سان گڏ هلي وينديس! سدائين سدائين جي لاءِ....“ دادي ليلان سؤ ورهين جي ڄمار ۾ داخل حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) ننڍي کنڊ جي نامياري تعليمي ماهر دادي ليلان ۱۰۰ ورهين جي ڄمار ۾ داخل. سالگرهه جي تقريب. اديبن پاران دادي ليلان کي گلدستا پيش. سنڌ حڪومت کان حيدرآباد ۾ دادي ليلان جي نالي سان ميوزيڪل اسڪول قائم ڪري، سندس نالي سان منسوب ڪرڻ جو مطالبو. تفصيل موجب ننڍي کنڊ جي نامياري تعليمي ماهر دادي ليلان ۱۰۰ هين سال جي ڄمار ۾ داخل ٿي وئي آهي. ڪالهه حيدرآباد جي علائقي هيرآباد ۾ سندس رهائشگاهه تي سندس سالگرهه ملهائي وئي. سالگرهه جي موقعي تي سنڌ جي اديبن؛ نصير مرزا، گل ڪونڌر، قاضي خادم، موهن مدهوش ۽ ٻين رهائشگاهه تي پهچي دادي ليلان کي گلدستا پيش ڪري کيس سالگرهه جون مبارڪون ڏنيون. ان موقعي تي اديبن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته دادي ليلان کي سندس زندگيءَ ۾ ئي مڃتا ڏيڻ لاءِ، ان جي نالي سان حيدرآباد ۾ ميوزيڪل اسڪول جو قيام عمل ۾ آندو وڃي ۽ ان کي دادي ليلان جي نالي سان منسوب ڪيو وڃي. سالگرهه جي تقريب ۾ دادي ليلان جي پٽ ڊاڪٽر پرديپ ڪمار پڻ موجود هو. (روزاني عبرت ۲۱ ڊسمبر ۲۰۱۶ع تان کنيل) دادي ليلان سندس خدمتون غلام حسين خاصخيلي سنڌ جي تاريخي شهر حيدرآباد جي ٿڌين هوائن واري علائقي هيرآباد ۾ جنم وٺندڙ دادي ليلان تعليم جي دنيا ۾ تمام وڏي خدمت ڪئي آهي. نياڻين جي اسڪولن کولرائڻ ۽ تعليمي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ جيڪا جدوجهد ڪئي. ان جدوجهد تي حيدرآباد سميت پوري دنيا جا ماڻهو کيس سلام پيش ڪري رهيا آهن. اهڙين شخصيتن کي هر ماڻهو سلام ڪندو آهي. دادي ليلان نياڻين جي تعليم لاءِ تمام وڏو ڪم ڪيو آهي پاڻ به اسڪول ۾ نياڻين کي تعليم ڏيندي هئي. اسڪولن ۾ نياڻين جي تعليم سان گڏوگڏ هنر جي سکيا ڏيڻ لاءِ اسڪولن ۾ باقاعدي سان ڪلاس هلايا ويندا هئا. موجوده وقت ۾ به دادي ليلان وانگر تعليم لاءِ جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي. دادي ليلان تعليمي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ سيمينار به ڪرايا، انهن سيمينارن ۾ تعليم جي اهميت بابت والدين کي سمجهايو ويندو هو. تعليم بنا انسان اڻپورو آهي، نياڻين لاءِ تعليم تمام ضروري آهي نياڻين کي پنهنجو گهر وسائڻو هوندو آهي. پڙهيل لکيل ماءُ پنهنجي اولاد جي لاءِ تعليمي شعور کي اڳتي وڌائي ٿي، دادي ليلان جو چوڻ آهي ته علم حاصل ڪرڻ سان انسان وٽ تمام وڏي طاقت تمام وڏو هٿيار آهي. جنهن وٽ علم جو هٿيار موجود آهي. اهو گهر وڌيڪ مضبوط طاقتور آهي. نياڻين کي تعليم ڏياريو. نياڻين کي پڙهائڻ سان معاشري ۾ علم جا ڏيئا وڌيڪ روشن ٿين ٿا، علم جي ڏئي ٻرڻ سان دنيا جي گهرن ۾ وڌيڪ روشني پيدا ٿئي ٿي. اهڙي روشني ۾ طاقت هوندي آهي. علم جي روشني جيتري طاقت ور هوندي، معاشرو اوترو وڌيڪ طاقت ور هوندو آهي. داديي ليلان جي اهڙي جدوجهد کي سلام ڪندي اسان کيس ڀيٽا ڏئي رهيا آهيون. اهڙين شخصيتن جو نالو هميشه روشن هوندو آهي. دادي ليلان هينئر به علم ادب جي لاءِ جدوجهد واسطي هر ماڻهوءَ کي سبق ڏيندي رهندي آهي، دادي ليلان هر ماڻهوءَ کي پنهنجي پهرين جملي ۾ اهو پڇندي آهي ته ڇا توهان پنهنجي نياڻين کي پڙهايو ٿا. هر ماڻهوءَ کي اهو چوي ٿي، بابا پنهنجي نياڻين کي پڙهايو. نياڻين کي پڙهائڻ سندن والدين جي اولين ذميواري آهي. جنهن گهر ۾ نياڻي اڻ پڙهيل آهي. اهو گهر پريشانيءَ واري حالت ۾ هوندو آهي. اهڙي پريشانيءَ کان بچڻ لاءِ نياڻين کي علم ڏياريو. دادي ليلان پنهنجي وقت ۾ اسڪولن ۾ نياڻين کي تعليم ڏيارڻ سان گڏوگڏ هنر جي سيکا به ڏياريندي هئي. نياڻين کي ڀرت ڀرڻ، گهر جو ماحول بهتر رکڻ جهڙن مسئلن تي نياڻين کي سکيا ڏيارڻ لاءِ پريڊ هلايا ويندا هئا. هنر ۽ علم جي لاٽ ٻرندي رهندي هئي. دادي ليلان تعليم جي اهڙي بهتر ماحول سبب سندس جدوجهد کي هند توڙي سنڌ ۾ وڏي مڃتا ڏني پئي وڃي. اهڙين شخصيتن وانگر هر ماڻهو جدوجهد ڪري ته هر گهر تائين تعليم پهچي سگهي ٿي. اهڙي تعليمي جاڳرتا پيدا ڪرڻ واسطي دادي ليلان جي ٻاريل ڏيئن کي وڌيڪ روشن رکڻ لاءِ اسان سڀني کي دادي ليلان جي ساٿ ۾ ساٿ ڏئي سڏ ۾ سڏ ملائي هرهنڌ علم جا ڏيئا روشن ڪرڻ لاءِ جدوجهد جي راهه کي تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. دادي ليلان جي اهڙي جدوجهد ڪاميابي جي منزل ڏانهن قدم آهي. اسان سڀ قدم کي قدم سان ملائي هلڻ جي ضرورت آهي. دادي ليلان ته اڄ به اهو چوي ٿي ته سنڌ بزرگن اوليائن جي ڌرتي آهي. جنهن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست کان وٺي ڪيترائي اهڙا هيرا پيدا ٿيا آهن. جن جدوجهد ڪندي علم جي ڏيئن کي روشن ڪيو آهي. سنڌ ڌرتي علم جي حوالي سان پوري ۾ دنيا ۾ سڃاتي وڃي ٿي. اهڙي سهڻي ثقافت رکڻ واري ڌرتي تي هاڻ اسڪولن جي بند پيل هئڻ جون ڳالهيون ٻڌي اکين ۾ لڙڪ اچي وڃن ٿا. اسان سڀني کي گڏجي علم جي ڏيئن کي روشن ڪرڻو پوندو اهڙي علم جي جاکوڙ لاءِ جدوجهد ڪرڻ واسطي پنهنجي گهر، محلي، علائقي، شهر، يوسي، تعلقي، ضلعي، صوبي ۽ ملڪ ۾ علم جي ڏيئي کي روشن رکڻ واسطي سچائي سان قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. دادي ليلان جي اهڙي تعليمي جدوجهد کي روزاني عبرت طرفان شخصيتن کي ڀيٽا ڏيڻ واسطي ملهايل هفتي جي حوالي سان ڀيٽا پيش ڪري رهيا آهيون. دادي ليلان مهان شخصيت آهي. کيس سلام پيش ڪريو ٿا ۽ دعا آهي ته سندس جدوجهد تعليم لاءِ اڃان سگهاري بڻجي وڃي. دادي ليلان ڏيهه جي ڏاهي ڏاڏي به ديهانت ڪري وئي گل مورو دادي ليلان سنڌوءَ جي اها سگهڙ سياڻي نوري نماڻي هئي جنهن ٻهراڙيءَ جي عورتن جي تعيلمي آبياري ڪرڻ لاءِ پنهنجي سفر دوران سوين ڳوٺن ۾ پنڌ، ڏاند گاڏين، گڏهه گاڏن، بسن ۽ ڇڪڙن ۾ چڙهي ديس جي دردوندن جي درن تي وڃي حقيقي سماج واد بڻجي عورتن کي حقن جي آگاهي ڏني کين شعور ڏنو ۽ فرسوده سماج جي انڌيري مان ڪڍڻ لاءِ وهمن، وسوسن ۽ ڀرمن مان ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي. هن تعليم جي شعور سان گڏ هنرن جي به تربيت ڏني ته جيئن ٻهراڙيءَ جون عورتون معاشي طور تي پاڻ ڀريون ٿي سگهن پنهنجي بکئي پيٽ کي ڀري سگهن ۽ ڪنهن جي آڏو هٿ نه ٽنگين ۽ کين شعوري تعليم ڏيڻ جو به اهو ئي مقصد هو ته نه رڳي پاڻ جهالت واري زندگيءَ کان جان آجي ڪن پر پنهنجي ايندڙ نسل معصوم نينگرن توڙي نينگرين کي علم جي ذريعي پنهنجي وطن پنهنجي ڌرتي جي فڪري سوچ ڏئي سگهن ته جيئن سماج مان جاهلياڻين رسمن جو خاتمو اچي سگهي. انهيءَ علمي سوچ جي آبياري لاءِ دادي ليلان ديس جي دردوندن، بکايلن، ستايلن ۽ انگ اگهاڙن معصوم ٻارڙن جي جهڳين ۾ وڃي ڏاڏي بڻجي ڏاهي ڏاڏي وارو فرض نڀائيندي علمي آکاڻيون ٻڌايون، روح جون رهاڻيون رچايون ۽ پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري سنڌ جي وستين، واهڻن ۾ جڏهن پهچندي هئي ته سنڌ جون سٻاجهون نياڻيون دادي کي رحمت جو فرشتو سمجهنديون هيون. هن عورتن جي اهميت تعليم ۽ هنر بابت ڪيتريون ئي راڳڻيون ۽ لوريون تيار ڪرايون جنهن ۾ مارئي جي حب الوطني، سسئي جي جدوجهد ۽ نوري جي محبت جون علامتون اڄ به موجود آهن. هيءَ ڏيهه جي ڏاهي ڏاڏي دادي ليلان ئي هئي جنهن تعليم کاتي ۾ ۵۸ سالن تائين پنهنجي فرض شناسي سان نڀايو انهيءَ عرصي دوران به تعليمي جاڳرتا لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيائين ۽ مينڌري جي مومل بڻجي رڃ ۽ اڃ ۾ به راڻو راڻو ڪندي رهي. هن ڪڏهن به مذهبي متڀيد کي اهميت نه ڏني، هن جو هڪڙو ئي منشور ۽ دستور هو ته سنڌ جي اٻوجهه نياڻي علمي اڀياس حاصل ڪري، تڏهن ئي سماج ۾ تبديلي اچي سگهي ٿي. حقيقت ۾ ته هن اصلي سنڌ جو درشن ڏيهه جي ڏوٿيئڙن وٽ وڃي ڪيو کين چاهه ۽ چاهت جون چميون ڏئي اهو درس ڏنو ته “علم پرايو، نياڻيون پڙهايو”. دادي ليلان جهالت جي خاتمي لاءِ يونيسيف جي تعاون سان سنڌ جي سوين ٻهراڙي وارن ڳوٺن ۾ ڪميونٽي سينٽر قائم ڪرايا جتي اڄ به نياڻين جا پرائمري، سيڪنڊري ۽ هاءِ اسڪول هلي رهيا آهن، جڏهن دادي ٽن ضلعن حيدرآباد، ٺٽي ۽ بدين جي ڊي اي او هوندي ايڊيشنل ڊائريڪٽر هئي ته ان عرصي دوران به هن مٿان ڪڏهن به ڪو ڪرپشن جو الزام ئي نه لڳو، ڪيترين بيواهن مسڪين عورتن کي تعليم ڏياري روزگار ڏياريو جيڪي آفيس توڙي سندس گهر اچي دعائون ڏينديون هيون. هيءَ اها دادي هئي جنهن ديس جي محبت ۾ ورهاڱي دوران اڪثر سنڌي هندن کي ڪڍيو پئي ويو ته هن وطن مان بي وطن ٿيڻ قبول نه ڪيو ۽ سنڌ ۾ ئي رهي ڌرتي جي نياڻين جي نيڻن مان نه رڳي نير اگهيو پر تعليمي شعور لاءِ عملي قدم کڻي سنڌ جي سونهن ۽ سڀيتا کي دان ۽ مان ڏيڻ لاءِ سندرو ٻڌي نڪري پئي ۽ جهانسي راڻي جيان عملي جهاد ۾ جنبي وئي. هيءَ راڳ کي روح جي غذا ۽ عبادت سمجهندي هئي ڇو ته هن پنجن سالن جي معصوم عمر ۾ ڀڄن ڳائڻ شروع ڪيا هئا. هي اها دادي راڳ جي راڻي هئي جنهن گڏيل هندوستان واري وقت ۾ دهليءَ ۾ ۱۴ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي ڳائڻ واري مقابلي ۾ حصو ورتو هو انهيءَ راڳ واري مقابلي ۾ سندس عمر ۲۰ ورهين جي هئي، دادي ليلان ان وقت هي ميران ٻائي جو مشهور ڀڄن ڳايو هو. ميرا تو گر ڌر گوپال دوسرا نه ڪوئي ري دادي اهو ڪلاسيڪل انداز ۾ ڳائي سڀني کي ميدان ماري پهريون نمبر حاصل ڪيو هو. دادي جي جيون تي حقيقت ۾ شاهه لطيف سنڌ توڙي هند جي سنت صوفين جي فڪر جو گهرو اثر هو. حالانڪه هن پنجن ورهين جي عمر ۾ ڳائڻ حاصل ڪيو ستن ورهين جي عمر ۾ پراٿنا جا گيت ڳائيندي رهي پر جڏهن سندس سنڌ جي عظيم صوفي شاعر شاهه لطيف جي شيدائي ساڌو ٽي ايل واسواڻي سان سٻنڌ ٿيو ته ان ڏينهن کان سندس مٿان شفقت ڀريو هٿ اهڙو ته ڪرشمو بڻجي پيو جو هن جو نصيب نيارو ٿي ويو. هن سنڌي نياڻين کي تعليمي خدمتن دوران شاهه، سچل، سامي، ٽي ايل واسواڻي، نوري، مرزا قليچ بيگ ۽ ٻين ڪيترن ئي اهم شاعرن جا ڪلام ياد ڪرائڻ سان گڏ کين سنڌي تعليم ۽ هنرن بابت پنهنجا ۽ پروفيسر ناگراڻي جا تيار ڪيل گيت پڻ سيکاريا ۽ نياڻين کي وطن دوستي، علم ۽ هنر جي اهميت وارا گيت ۽ نظم سيکاريا ۽ جڏهن ۱۹۴۰ ۾ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جيڪو ديوان ڪوڙي مل چندن مل جي برصغير ۾ وڏي ۾ وڏي نياڻين جي يونيورسٽي ليکي ويندي هئي ته دادي کان نوڪري لاءِ موسيقي جي استاد ٿيڻ لاءِ سائين جي ايم سيد، ميران محمد شاهه، ڊاڪٽر دائود پوٽي ۽ ٻين عالمن ستن ڏينهن تائين انٽرويو ورتو هو ۽ ان ۾ هوءَ ڪامياب بڻي. نه رڳي اهو پر جڏهن هن ئي ٽريننگ ڪاليج ۾ ان وقت جي ممبئي جي گورنر مودي جي گهرواري سنڌ ياترا ڪرڻ آئي هئي ته خطاب ڪندي چيو هيائين ته دادي نه رڳي سنڌ جي پر پوري برصغير جي دادي آهي ۽ جيڪڏهن هي هند هلي اهو ئي علمي درس ڏئي ته اسين کيس سڄي هند ۾ سندس علمي درسگاهون کولي ڏيڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏينداسين پر ڏٺو وڃي ته هتي تعليم جي فقدان هوندي به علمي اڀياس لاءِ جيڪي هن کان حاصل ڪرڻو هو اهو نه رياست حاصل ڪري سگهي نه وري اسين ۽ نه وري ان جي واٽ وٺي سگهياسين. هونئن به ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ ۾ ڏات هوندي آهي پر دادي جي خاندان ۾ نه رڳي راڳ جي ڏات ۽ ڏانءُ هو پر علمي ۽ فڪري سوچ جي پختگي به هئي جو سندس امڙ لال هندوري ۾ به لوريون ڏيندي هئي ۽ سندس پيءَ اسٽيج ڊرامن ۾ ڀڳتن جا ڀڄن پيش ڪري ديس جي دردوندن جون ڪهاڻيون سڻائيندو هو ۽ دادي انهيءَ روايت کي برقرار رکندي روح رهاڻيون رچايون تڏهن سنڌ جون نوريون نماڻيون جهومي پونديون هيون. اڄ ڏاڏيءَ جي ديهانت تي نه رڳي هيرآباد جون ٿڌڙيون هوائون گهٽجي گهٽجي ساهه کڻي ٿڌا شوڪارا ڀريندي ڄامشوري جي چنچل هوائن جي ڳلڙن تان ڳوڙها اُگهي رهيون آهن پر هند توڙي سنڌ ۾ اگني سنسار جي سڳنڌ جو واس وٺي هر ڏيهه ڌڻي اهو چئي ۽ روئي رهيو آهي ته ديس جي دادي به ديهانت ڪري وئي. دادي ليلاوتي هرچنداڻي سندس وڇوڙو تاج جويو سنڌ جي نامياري تعليمدان ۽ سماجي خدمتگار دادي ليلاوتي هرچنداڻي، هوتچند واڌواڻيءَ جي گهر ۾، هيرآباد، حيدرآباد ۾، ۲۰ ڊسمبر ۱۹۱۶ع تي جنم ورتو. داديءَ جو والد حيدرآباد جو هڪ معزز شخص هو، جيڪو اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ جو ائڊوائيزر به رهي چڪو هو. داديءَ وارا پاڻ ۾ ٻه ڀينرون ۽ ڇهه ڀائر هئا، جن مان هڪ ڀيڻ ۽ چار ڀائر داديءَ کان وڏا هئا. داديءَ جو سڀ کان وڏو ڀاءُ ڊاڪٽر ’بولچند هوتچند واڌواڻي‘ بصري (بغداد) ۾ پرئڪٽس ڪندو هو، جتي هُو ۲۰ سال رهيو ۽ ۱۹۵۰ع ۾ وفات ڪيائين. داديءَ جو ٻيو ڀاءُ تيرٿداس هوتچند واڌواڻي، ۴ جون ۱۹۰۶ع ۾ ڄائو، بي.اي، ايل.ايل.بي تائين تعليم حاصل ڪيائين. پهرين مختيارڪار ۽ بعد ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيو. رٽائرمينٽ کان پوءِ وڪالت ڪيائين ۽ سندس شمار ڪرمنل ڪيسن جي حوالي سان، سنڌ جي ناميارن وڪيلن ۾ ٿيندو هو. تيرٿداس صوفي منش هو، شاهه لطيف جي فڪر ۽ شاعريءَ سان خاص اُنس هئس. هن شاهه لطيف جي زندگيءَ پيغام ۽ شاعريءَ تي انگريزيءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا. داديءَ جو ٽيون ڀاءُ سهجرام واڌواڻي پڻ وڪيل هو، گڏوگڏ هُو حيدرآباد شهر جو مشهور ’ميوزڪ ڊائريڪٽر‘ هو. شهر جي اڪثر دَرسگاهن ۽ مکيه فنڪشنن ۾ موسيقيءَ جا اسم سندس نگرانيءَ ۽ هدايتن هيٺ ترتيب ڏنا ويندا هئا. سندس چوٿون ڀاءُ لالچند واڌواڻي، پهريون سنڌي هو، جيڪو ۱۹۳۵ع ۾، آمريڪا ۾ انجنيئرنگ پڙهڻ ويو ۽ ٻن سالن کان پوءِ، والده جي وفات جي صدمي هيٺ، انجنيئرنگ جي چوٿين سال جي تعليم حاصل ڪرڻ دوران ۱۹۳۷ع ۾ اُتي ئي گذاري ويو. داديءَ جي ٻن ننڍن ڀائرن مان هڪڙو ڀيرومل واڌواڻي واپاري هو ۽ ٻيو دولترام واڌواڻي، ڪالٽيڪسCaltex ڪمپنيءَ ۾ انجنيئر هو. سندس والد ۱۹۵۳ع ۾ وفات ڪئي. دادي ليلاوتيءَ جو خاندان سُکيو ستابو ۽ مڇيءَ مانيءَ وارو هو. اُن زماني ۾ کين پنهنجي موٽرڪار ۽ هيرآباد ۾ ٽي جايون هيون، جيڪي داديءَ کي ماءُ، ۱۹۳۷ع ۾ حوالي ڪيون. سندس والده عامل خاندان مان هئي، هن مختصر تعليم حاصل ڪئي هئي ۽ اخبار پڙهي ويندي هئي. دادي ليلا جي خاندان کي راڳ ڳائڻ جي خداداد ڏات حاصل هئي. سندس اَمڙ مٺي آواز ۾ شبد ۽ لوليون ڳائيندي هئي. سندس والد جو آواز به ڏاڍو مٺو هوندو هو ۽ ننڍي هوندي ڊرامن ۾ حصو وٺندو هو ۽ اُتـي ڳائيندو به هو. دادي ليلا، گُلي ٻائي پرائمري اسڪول، تلڪ چاڙهي حيدرآباد ۾ ڇهه درجا پڙهيا ۽ ساڳئي ئي اسڪول مان ورنيڪيولر فائينل ڏنائين. ۱۹۳۵ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد (جيڪو هاڻي نور محمد هاءِ اسڪول سڏجي ٿو) مان مئٽرڪ ڪيائين. هن ۱۹۴۰ع ۾ ڊي. جي. گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد مان بي. اي پاس ڪئي. دادي لـيلاوتي، ۱۹۴۰ع ۾ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ مـوسيقيءَ جي استاد مقرر ٿي. هن پوسٽ لاءِ داديءَ کان جي. ايم. سيد، ميران محمد شاهه، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي ۽ ٻين ستن عالمن لاڳيتو ست ڏينهن ڌار ڌار انٽرويو ورتو. دادي ليلا، ۳۵ روپيا ماهوار پگهار تي ’ميوزڪ ٽيچر‘ مقرر ٿي. هوءَ نياڻين کي دلي لڳاءَ، پيارَ، پاٻوهه ۽ پنهنجائپ سان راڳ سيکاريندي هئي. داديءَ کي راڳ جي سکيا لاءِ هڪ پاسيرو ڪلاس ڏنو ويو هو، باوجود اُن جي ڪيتريون ڇوڪريون پاڻيءَ پيئڻ يا ٻئي ڪنهن بهاني سان نٽائي، اچي سندس ’راڳ جي ڪلاس‘ ۾ شريڪ ٿينديون هيون. هن نياڻين کي وطن دوستيءَ، تعليم ۽ هُنر جي اهميت وارا ڪيترا گيت ۽ نظم سيکاريا. اُن زماني ۾ حيدرآباد کي تعليمي لحاظ کان ڪراچيءَ کان به وڌيڪ اهميت حاصل هئي. ممبئيءَ جي گورنر مسٽر موڊيءَ جي بيگم، جڏهن ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جي هڪ فنڪشن ۾ شرڪت ڪئي ۽ داديءَ ۽ سندس تيار ڪيل شاگردياڻين کان راڳ ٻڌائين ته ايڏو ته خوش ٿي، جو ڪاليج جي ’وزيٽرس بُڪ‘ تي داديءَ جي ساراهه ۾ هڪ ڀرپور نوٽ لکيائين. دادي ليلا ’ميوزڪ ٽيچر‘ طور وڏي عزت ۽ مانُ ماڻيو. داديءَ جو ڀاءُ سهجرام ميوزڪ ڊائريڪٽر، ڪاليج جي پروگرامن ۾ سندس وڏي مدد ڪندو هو. ڪاليج ۾ ڊراما ٿيندا هئا، ان لاءِ به دادي راڳَ تيار ڪرائيندي هئي ۽ سڄي شهر جا ناميارا شهري هنن پروگرامن ۾ شريڪ ٿيندا هئا. دادي ۱۹۴۷ع تائين حيدرآباد ۾ ميوزڪ ٽيچر طور خدمتون سرانجام ڏنيون. ميوزڪ ٽيچر واري ملازمت دوران يا ان کان پوءِ تعليم کاتي ۾ ملازمت ڪندي هن سنڌي نياڻين کي شاهه، سچل سرمست، سامي، ٽي. ايل واسواڻي ’نوري‘، قليچ بيگ ۽ ٻين ڪيترن اهم شاعرن جا ڪلام ياد ڪرائڻ سان گڏ، کين سنڌي تعليم ۽ هنرن بابت پنهنجا ۽ پروفيسر ناگراڻيءَ جا تيار ڪيل گيت پڻ سيکاريا. دادي ليلاوتيءَ کي موسيقيءَ ۽ راڳ سان دلچسپي گهرَ کان ئي ورثي ۾ ملي. داديءَ چئن ورهين جي عمر ۾ ڳائڻ شروع ڪيو. ستن ورهين جي عمر ۾ پرائمري پهرئين درجي ۾ هارمونيم تي ڌڻيءَ جي ساراهه ۽ پرارٿنا جا گيت ڳائيندي هئي. اٺن ورهين جي ڄمار ۾ سندس واسطو سنڌ جي عظيم سنت، صوفي ۽ شاهه لطيف جي شيدائي ساڌو ٽي. ايل واسواڻيءَ سان پيو، جنهن کي سچو گُرو ۽ سنت ڪري مڃيندي هئي. ساڌو واسواڻيءَ سندس سِرَ تي شفقت جو هٿُ رکيو. کيس هندستان جي ’عظيم موسيقار‘ King of Musicians ’وشنو ڊگمبر‘ جي به آسيس حاصل رهي. دادي ليلا هر آچر تي ٿياسافيڪل لاج (بيسنت هال، حيدرآباد) ۾ راڳ جي سکيا وٺڻ ويندي هئي. هن ڪلاسيڪل راڳ جي ڄاڻ به حاصل ڪئي. جڏهن هوءَ انٽر جي شاگردياڻي هئي، تڏهن ۱۹۳۶ع ۾ ڊي جي گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد، سنڌ ۾ هڪ ’آل انڊيا ميوزڪ ڪامپيٽيشن‘ ٿي، جنهن ۾ سڄي هندستان جي ۲۰ ورهيه ڄمار وارن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين شرڪت ڪئي. هن مقابلي ۾ سنڌ ۽ هندستان جي مختلف شهرن- بڙودا، بيڪانير، نينيتال، ڪلڪتي، دهليءَ وغيره مان ۱۴ ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن حصو ورتو. داديءَ اُن موقعي تي ميران ٻائيءَ جو مشهور ڀڄن ’ميرا تو گرڌر گوپال، دوسرا نه ڪوئي وي‘، ڪلاسيڪي انداز ۽ رنگ ۾ ڳائي پهريون نمبر حاصل ڪيو. برصغير جي ورهاڱي کان پوءِ جڏهن گرلس اسڪولن ۾ پڙهائيندڙ اڪثر هندو سنڌي ماسترياڻيون، حالتن جو شڪار ٿي هندستان لڏي ويون، ته داديءَ کي ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ اسسٽنٽ ٽيچر ڪري رکڻ سان گڏ ’ليڊي سپرنٽيڊنٽ‘ جي جاءِ ڏني وئي. هن وطن مان بي وطن ٿيڻ نه قبوليو ۽ سنڌ ۾ رهي، نياڻين جي تعليمي خدمت ڪئي. اُستاد بنجڻ کان پوءِ سندس ’ڪئريئر‘ Career ۾ وڏي تبديلي آئي ۽ هن راڳ ڳائڻ ڇڏي ڏنو، ڇو ته سندس نظر ۾ راڳ کي روح جي غذا ۽ عبادت سمجهڻ وارا ئي نه رهيا هئا ۽ عام ماڻهن ڳائڻ کي عزت واري نگاهه سان نه ٿي ڏٺو. داديءَ ۱۹۵۱ع ۾ ڪراچيءَ مان بي ٽيءَB.T جو امتحان ڏنو ۽ ۱۹۵۴ع ۾ سندس هيڊ مسٽريس طور ترقي ٿي. هوءَ ساڍا ٽي سال گرلس هاءِ اسڪول ميرپورخاص ۾ هيڊ ماسترياڻي رهي ۽ هن گرلس هاءِ اسڪول ميرپورخاص کي وڏي اوج تي رسايو. ميرپور خاص ۾ هر اُهو خاندانُ داديءَ کي عزت جي نگاهه سان ڏسندو هو، جنهن خاندان جون نياڻيون سندس اسڪول ۾ تعليم پرائينديون هيون. هن تعليمَ سان گڏ نياڻين ۾ موسيقيءَ، ڊرامن، تقريري مقابلن ۽ ٻين سرگرمين ۾ حصي وٺڻ جو وڏو چاهه پيدا ڪيو. جڏهن ۱۹۵۷ع ۾ داديءَ کي ميران هاءِ اسڪول حيدرآباد جو پرنسپال بنايو ويو. دادي ليلاوتيءَ ايم. اي سنڌي، سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪري ٻيو نمبر حاصل ڪيو. ۱۹۵۸ع ۾ داديءَ جي امريڪا جي اسڪالرشپ منظور ٿي، کيس ٻاهر وڃي تعليم حاصل ڪرڻ جو شوق وڏو هو، ڪافي خرچ به ڪيائين، پر کيس آمريڪا جي ويزا نه ملي ۽ سندس اسڪالرشپ رد ٿي وئي، جنهن جو ڏک کيس آخري وقت تائين رهيو. ۱۹۵۸ع جي آخر ۾ داديءَ جي ڊپٽي انسپيڪٽريس آف گرلس اسڪولس طور ترقي ٿي ۽ سندس هٿ هيٺ پنج ضلعا: حيدرآباد، ٿرپارڪر، دادو، سانگهڙ ۽ ٺٽو ڏنا ويا. داديءَ کي ۱۹۶۴ع ۾ ڪلاس ون ۾ ترقي ڏئي انسپيڪٽريس گرلس اسڪولس سنڌ بنايو ويو، جتي ۱۹۷۲ع تائين ان عهدي تي رهي. هن عورتن جي تعليم ۾ وڏا سڌارا آندا. ۱۹۷۲ع ۾ جڏهن ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسرسD.E.Os جون پوسٽون مقرر ٿيون ته ٻين سمورن ضلعن لاءِ هڪ هڪ D.E.O مقرر ڪيو ويو، پر داديءَ کي D.E.O مقرر ڪري، کيس ٽي ضلعا (حيدرآباد، ٺٽو ۽ بدين) ڏنا ويا، ان مان سندس انتظامي ۽ تعليمي صلاحيتن ۽ قابليت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ان عرصي دوران ائڊيشنل ڊائريڪٽر اسڪولس جي چارج به وٽس رهي. هن هر پوسٽ کي چئلينج سمجهي نڀايو. ايمانداري، محنت ۽ دلي لڳاءَ سان ڪم ڪيو. داديءَ جي ايامڪاريءَ ۾ ڊائريڪٽوريٽ ۾ ٽَڪو به رشوت نه ورتي وئي. هن آفيس جي ڪلارڪن تي ڪرڙي نظر رکي، منجهن بچت جو مادو پيدا ڪيو، ايتريقدر جو ڪلارڪن جي زالن کي جڏهن مُڙسن جا پگهار پورا مليا ته داديءَ وٽ اچي کيس دعائون ڏنائون. داديءَ ماسترياڻين کي سهوليتن وارا اسڪول ۽ رعايتون ڏنيون. سرڪاري گرانٽ جو صحيح استعمال ڪيو ۽ الاٽمينٽ دوران بچت ڪري ڪيتريون رٿائون مڪمل ڪرايون. داديءَ تعليم کاتي مان جولاءِ ۱۹۷۵ع ۾، ۵۸ سالن جي عمر ۾ رٽائر ڪيو. دادي ليلا پنهنجي زندگيءَ ۾ ۱۹۸۱ع کان ۱۹۹۱ع واري دور کي پنهنجي زندگيءَ جو انتهائي ڪارگر ۽ مثالي دور سڏيندي هئي. رٽائرمينٽ کان پوءِ واري هن عرصي ۾ دادي ليلاوتيءَ، يونيسيف ۽ بيورو آف ڪريڪيولم، ڄام شوري جي سهڪار سان سنڌ جي ٻهراڙين ۾ سوين ’ڪميونٽي سينٽر‘ قائم ڪرايا، جن ۾ اڄ ڇوڪرين جا پرائمري، سيڪنڊري ۽ هاءِ اسڪول هلي رهيا آهن. داديءَ، ٻهراڙي جي هن سفر دوران سوين ڳوٺن ۾ عورتن ۾ تعليم ۽ هنر لا ءِ وڏو چاهه پيدا ڪيو. هن سچي ۽ اصلي سنڌ اُن دور ۾ ئي ڏٺي. هوءَ پنڌ، ڍڳي گاڏين، گڏهه گاڏن، اٺ گاڏن، بسن ۽ ڇڪڙن ۾ چڙهي سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ پهتي. هن هڪ سڌارڪReformer جو ڪردار ڪري عورتن کي سماجي حقن جي آگاهي ڏني، کين وهمن، ڀرمن، وسوسن ۽ سَنسن مان ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي. منجهن تعليم جي شعور سان گڏ هُنرن لاءِ دلچسپي ۽ گهرداريءَ جي ساڃاهه پيدا ڪئي. هوءَ پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري ڳوٺن ۾ پهچـنـدي هـئي. عـورتـون، داديءَ کـي رحـمـت جـو فـرشـتو سمجهـنديون هـيـون. هن انهي عرصي ۾ عورتن جي اهميت، تعليم ۽ هنرن بابت ڪيترا راڳ تيار ڪرايا، جيڪي کين ڳائي ٻڌائيندي هئي ۽ سندن همت وڌائيندي هئي. ’اي سنڌوءَ جي سگهڙ سياڻي‘ ۽ ’ڏي سنڌي عورت ساک سچي!‘ جهڙا گيتَ داديءَ ته ان ئي عرصي ۾ لکيا ۽ ڳاتا. سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو: اي سنڌوءَ جي سگهڙ نياڻي، تنهنجي هوندي ڇو سنڌڙي ويڳاڻي، تون ته ناز و ادا کان نياري، تون ته بيشڪ آهين نوري نماڻي. پهرين اپريل ۱۹۸۱ع تي سنڌ ۾ پهرين ’عورت ڪانفرنس‘ ڪراچيءَ ۾ ڪوٺائي وئي هئي، جنهن ۾ داديءَ پنهنجي ٽيم سان ان جو مُکيه گيتTheme Song تيار ڪري ڳايو، جنهن جا ٻول هئا: ’ڏي سنڌي عورت ساک سچي!‘ دادي ليلاوتي اپوا، ريڊ ڪراس، روٽري ڪلب، لئميڪ ۽ ٻين ادارن معرفت ڪيترائي سماجي ڀلائيءَ جا ڪم ڪيا. داديءَ کي هڪ پٽ ڊاڪٽر پرديپ ڪمار آهي، جنهن جو ڪوڏاڻو نالو ’چاند‘ آهي. سندس نُنهن ’ڊاڪٽر ڪُسم پرديپ‘ به ڊاڪٽر آهي ۽ کين ٻه ٻار آهن. تازو ڪجهه سال اڳ اسپتال ڀيڙي ٿي، جڏهن روڊ حادثي ۾ کيس ڌڪ لڳا هئا، نه ته جسماني بيماري، مٿي جي سور ۽ بخار ۾ به ڪڏهن مبتلا نه رهي، اُن جو سبب دادي جو صحت جي نيمن جو پالن ڪرڻ، سادو کاڌو کائڻ ۽ سادگيءَ سان زندگي گذارڻ جو طور طريقو هو. دادي ليلاوتيءَ کي صدارتي اوارڊ ۽ ٻيا ڪيترا اوارڊ مليا. دادي ليلاونتي ۱۳ سيپٽمبر جي رات جو لاڏاڻو ڪري ويئي. سندس اعليٰ خدمتن تي کيس صدين تائين سنڌ ياد رکندي. هڪڙي هئي هيرآباد جي دادي ليلان امداد سومرو ڏهاڪو کن سال اڳ هن وٽ ڪهي وڃڻ کانپوءِ سوچيم پئي ته هن وٽ ڪڏهن هيرآباد مان گذرندي طبع پرسيءَ لاءِ وڃان تان جو موت جو گهوڙو بنا رڪاب جي آيو ۽ هن کي کڻي ويو. هڪ صديءَ جي عمر رکندڙ دادي ليلان جو موت شخصيت کان وڌيڪ سنڌ جي هڪ صديءَ جو موت آهي. دادي ليلان جيڪڏهن واقعي به سنجيدگيءَ سان يادگيرين تي ٻڌل ڪتاب لکي ها ته اهو سنڌ جي هڪ صديءَ جي تاريخ هجي ها جنهن ۾ ٻين ڪتابن جا حوالا نه پر پنهنجا اکين ڏٺا مشاهدا هجن ها. ننڍڙي سان فرانسيسڪو جهڙو شهر ڪيئن لٽيرن جي ور چڙهيو، اهو دادي ليلان کان وڌيڪ ڪير پئي ڄاڻي سگهيو. حيدرآباد جي هيرآباد واري علائقي ۾ سنڌ جي ڪنهن دور جي ناليواري تعليمدان، ايجوڪيشن شعبي جي ڊائريڪٽر، صوفي شاعره ۽ ڪنهن وقت جي سرگرم خاتون پارليامينٽرين دادي ليلان جو گذريل رات ديهانت ٿي ويو. هوءَ عظيم صوفي دانشور ۽ شاعر ساڌو واسواڻي جي مريدياڻي ۽ شاگردياڻي هئي. شاهه عبدالطيف جي شاعريءَ سان عشق هن کي ساڌو واسواڻي کان مليو. هوءَ عمر جي آخري گهڙي تائين ٽن شين کي وساري نه سگهي جن ۾ شاهه لطيف، سنڌ ۽ سنڌي ٻولي ۽ ساڌو واسواڻي شامل آهن. ۱۰۲ سالن جي ڄمار ۾ ديهانت ڪندڙ دادي ليلان ورهاڱي جي ڏک ۽ تڪليفن کي اکين سان ڏٺو. لڏپلاڻ دوران هنن ڪيترن ئي لڱ ڪانڊاريندڙ واقعن کي ڏٺو جيڪي هن جي ذهن تي نقش ٿي ويا پر ان باوجود هن ڌرتي ۽ پنهنجي هيرآباد کي نه ڇڏيو. هيرآباد ۾ هن جو گهر به ساڌو واسواڻي جي گهر ڀرسان آهي. هيرآباد ۾ اهو پپر جو وڻ اڃا به موجود آهي جتي ساڌو واسواڻي جو گهر هو. شايد اڃا به هن جي گهر جي لڪڙيءَ جي بالڪوني جابجا موجود هجي. دادي ليلان جو گهر ساڌو واسواڻيءَ جي گهر ۽ ميران اسڪول ۽ ليڊيز ڪلب هيرآباد جي وچ تي آهي. وچ هيرآباد ۾ دادي ليلان جو گهر هو جتي هن جي پونئيرن گهر سان گڏ ڪلينڪ پڻ کولي هئي. وڏي ڳالهه ته ان هڪ صديءَ جي گهر ۾ ڪا به تعميراتي تبديلي نه ڪئي وئي هئي ۽ اهو گهر اڄ به ساڳي ريت جڙيل آهي ۽ موجود آهي. مون کي ۱۹۹۸ع جي هڪ شام جو داديءَ ٻڌايو هو ته هن ليڊيز ڪلب هيرآباد ۾ راڳ رقص جي سکيا ورتي هئي جيڪو ان وقت اليٽ هندن جي عورتن جو ڪلب هوندو هو. ان ڪلب ۾ ڪلڪتي جا ڪٿڪ ڊانس ماسٽر ڇوڪرين کي ڪٿڪ سيکاريندا هئا ۽ ٻيو راڳ جي سکيا ڏيندا هئا. اهو ڪلب پوءِ بلڊر مافيا جي قبضي کان ذري گهٽ بچيو هو. اتي هاڻ هڪ اسڪول هلي ٿو بس. ان جي ئي ڀر ۾ ميران اسڪول آهي. شاندار ڳاڙهسري عمارت.. پر جيئن ورهاڱي کانپوءِ هر شيءِ جا نالا مٽايا ويا ميران اسڪول جو نالو بدلائي ان کي مسلمان ڪيو ويو. جسم سان گڏ روح به بدلجي ويا. مون کي ڪي سال اڳ ان عمارت جي ورانڊي ۾ ساڌو واسواڻيءَ جي تصوير نظر آئي هئي، پتو ناهي ته اڄ اها تصوير اتي موجود به آهي الائي نه. دادي ليلان سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ هميشه ڪوشان رهي ۽ ان وقت به جڏهن سنڌي ٻوليءَ کي پوئتي ڪرڻ جا ڪيئي طريقا آزمايا ويا. دادي ليلان جڏهن عزيزن وٽ ڀارت ويندي هئي ته اتي سنڌي هندن جي نئين نسل کي سنڌي ٻوليءَ جي سکيا توڻي سنڌي ٻولي لکڻ ۽ ڳالهائڻ لاءِ تلقين ڪندي رهندي هئي. هوءَ چوندي هئي ته مون کي ڀلي ٻين ٻولين تي دسترس هجي پر منهنجي ماءُ ٻولي رڳو سنڌي آهي. هوءَ صوفي مزاج اسڪالر هئي ۽ ڪنهن لاءِ به ڀيد ڀاو نه رکندڙ نسل جي نمائنده خاتون هئي. اها ٽهي هاڻ اسان وٽان تيزيءَ سان گم ٿي وئي آهي. دادي ليلان سنڌ سان گڏ پنهنجي شهر حيدرآباد جي عروج ۽ زوال جي پڻ اکين ڏٺي شاهد هئي ته ڪيئن هيءُ شهر اجاڙيو ويو. هوءَ هيرآباد جي جن گلاب ڌوتل رستن تي گهمي هئي اتي پوءِ لڏپلاڻ وقت فسادن دوران رت وهندي پڻ ڏٺو. ڪيئن سنڌي هندن جي گهرن تي راتين جو راتاها لڳندا هئا ۽ ڪيئن خوف شهر تي ڇانيل رهندو هو، هن اهي سڀ وارتائون پاڻ ڏٺيون هيون. هوءَ سنڌي، هندي ۽ انگريزي شاعريءَ تي هڪ جيترو عبور رکندي هئي پر هن جو لاڙو گهڻو تڻو سنڌي شاعري طرف هو. هوءَ ساڌو واسواڻي جا ڀڄن به دل سان ڳائيندي هئي. جڏهن سندس طبعيت اڃا چڱي هئي تڏهن شام جو هن جي گهر مان رستي ويندڙن کي هارمونيم جي سرن تي ڀڄن ٻڌندي ملندا هئا. هوءَ شاهه لطيف جا تقريبن سر خاص ڪري سر مارئي ڏاڍي اڪير سان ڳائيندي هئي. دادي ليلان وڏي تعليمدان هئي. ان دور ۾ جڏهن عورت تعليم جو ڪلچر بنهه نه هجڻ برابر هو تڏهن هن نه رڳو اعليٰ تعليم حاصل ڪئي پر پوءِ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جوائن ڪري خاص ڪري نياڻين جي تعليم لاءِ ڪافي ڪم ڪيو. دادي ليلان درسي ڪتاب پڻ لکيا ته شاعري جا پڻ ڪتاب لکيا. ڪيئي سال اڳ مان هن جي گهر ڪهي ويو هوس ته هن منهنجي خاطر تواضع پاپڙن ۽ چانهه سان گڏ ساڌو واسواڻي جي انگريزيءَ ۾ لکيل شاعري، شاهه لطيف جي سر مارئي جي انگريزي ترجمي سان ڪئي هئي. هن ان شام جو لوڪ گيت به ته ڳاتا هئا ۽ هارمونيم پڻ. ڪي سال لنگهي وڃڻ کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر مان تڏهن وٽس لنگهي ويو هوس جڏهن هڪ ٽي وي چئنل لاءِ ميران اسڪول تي ڊاڪيومينٽري پئي ڪيم. هوءَ تڏهن به ساڳي اڪير سان ملي هئي. هوءَ ان ڏيهاڙي به عظيم صوفي دانشور ساڌو واسواڻي ۽ شاهه لطيف کي ياد ڪري رني هئي. هن ان ڏينهن به هارمونيم کنيو ۽ ڪجهه ڳائڻ لڳي هئي. هوءَ ان ڏيهاڙي به رني هئي. (شايد آخر ۾ زندگيءَ جي ميڙي چونڊي پوءِ بس ڳوڙهن جي صورت ۾ بچي ٿي). دادي ليلان رٽائرمينٽ کانپوءِ وارا زندگيءَ جا باقي ۴۲ سال به ساڳي دل سان انهن ئي آدرشن سان جيئندي رهي جيڪي هن جي مرشد ۽ استاد ساڌو واسواڻي کيس امانت طور سونپيا هئا. هن وٽ ورهاڱي کان اڳ واري سنڌ جون ڪيئي ڳالهيون، مشاهدا ۽ ساروڻيون هيون جيڪي هوءَ پاڻ سان گڏ کڻي قديمي مساڻ ڀيڙي ٿي. پر هڪ ڳالهه جيڪا هن جي سهري تي وڃي ٿي سا آهي ته هن پنهنجي جنم ڀومي، شهر ۽ پاڙي کي نه ڇڏيو. هن ويندي گهر ۾ مرمتي تبديلي به ڪرڻ نه ڏني ڇو ته ان ئي گهر ۾ هن ننڍپڻ گذاريو هو ته جواني ۽ پيرسني به. هن جو ديهانت سنڌ جي هڪ صديءَ جي جيئري جاڳندي تاريخ جو نقصان آهي. هيرآباد ۾ جيڪي هاڻ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا قديم گهر بچيا آهن انهن ۾ دادي ليلان جو گهر سرفهرست آهي. ”مان ان وقت اسڪول ۾ پڙهندي هيس. سهميل هيس. رات جو گهرن ۾ لٽيرا اچي هندن کان گهر خالي ڪرائيندا هئا يا پئسو زيور ڦريندا هئا“، هن مون کي ٻڌايو هو:”مان هنن کان نه ڄندي هيس ۽ دروازو بند ڪري ويٺل هوندي هيس ته جي ڪو ڦورو آيو ته گهٽ نه ڪنديمانس“. اهو چئي هوءُ ٻارن وانگر پنهنجي کل روڪي نه سگهي هئي. هوءَ ڄڻ گارشيا مارڪئيز جي ناولن جهڙي دادي هئي جنهن وٽ قصن ڪهاڻين جي املهه ميراث کانسوا پونئيرن لاءِ ڪو نه هو. اها املهه ميراث ئي ڪنهن به ماڻهو، ڪنهن به ڌرتيءَ ۽ نسل جي اصل ميراث هوندي هئي. ڪتابن ۾ ڪجهه به محفوظ هجي، پر اصل تاريخ سينا به سينا منتقل ٿيندي رهي ٿي. ٽيليڪميونيڪيشن جي هن ايج ۾ ان جي سارسنڀال ڪير ٿو لهي! ان ڪري دادي ليلان گهڻو تڻو اسان جي سماج ۾ اڻ ڳاتي رهجي وئي. ايئن ٿيڻ نه گهربو هو. دادِي لِيلاوتي هرچنداڻي حيدرآباد جي ھير محمود مغل دادِي لِيلاوتي هرچنداڻيءَ جهانُ ڇڏيو. علم و ادب جو هڪ استعارو، موسيقي، سِکيا، جاڳرتا، ماڻهپي ۽ سوچ جو هڪ چوکو رنگُ، اجل جي ڌنڌ ۾ گم ٿي ويو. دادي وڃي چڪي آهي. هڪ طويل ساٿُ رهيو داديءَ سان. ڊسمبر ۱۹۹۳ع ۾ ڪيل سندن ٽيليوزن انٽرويوءَ کان جو سلسلو شروع ٿيو، ته ڄڻ فقير گهرڀاتي بڻجي ويو ۽ ۲۴ سال اها نسبت قائم رهي. جيتوڻيڪ ميل ملاقات جو جهانُ ڪو گهڻو آباد نه رهيو، پر بهرحال اهو ڏَڍُ ته ”دادي آهي“، هن پاڙي ۾ سندس خوشبو وسي ٿي، جِيءَ ۾ جايون جوڙيندڙ هو. هيرآباد، هيرآباد لڳندي هئي. دادي جو اتي رهندي هئي. اُن هيرآباد سان سندس جِيءُ جَڙيل هو. داديءَ سڄي عمر اُتي ڏني ۽ آخري پساهه به اتي پورا ڪيائين. کيس پنهنجي وچن کي نڀائڻ جو ڏانءُ هو. ۲۰ ڊسمبر ۱۹۱۶ع تي حيدرآباد شهر ۾ چيف اڪائونٽنٽ هوتچند واڌواڻيءَ جي گهر هڪ نياڻيءَ جو جنم ٿيو، جنهن جو نالو لِيلاوتي رکيو ويو. تعليمي گهراڻي سان تعلق رکندڙ هن نياڻيءَ بنهه ننڍپڻ کان ڪتابي علمَ ۽ علمِ موسيقيءَ سان ساهه سانڍيو. ۸ سالن جي عمر کان هن هارمونيم وڄائڻ شروع ڪيو ۽ باقاعده راڳ جي سکيا به حاصل ڪيائين. سندس گهر ۾ خوش گُلُو فردن جو انگُ وڌيڪ هيو. هُوءَ پاڻ به ڳائيندي هئي ۽ ٻين سان موسيقيءَ جي حوالي سان شراڪت به ڄڻ سندس اندر جو حصو هو. ۱۹۴۰ع ۾ گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ سُتت ئي کيس پنهنجي حياتيءَ جي پهرين سرڪاري نوڪري ملي هئي ۽ هُن ”ميوزڪ ٽيچر“ جي حيثيت سان پنهنجي عملي حياتيءَ جو آغاز ڪيو. ”منهنجو آواز ننڍپڻ کان ئي ڏاڍو سٺو هو.“ ڊسمبر ۱۹۹۳ع ۾، پاڪستان ٽيليوزن جي پروگرام ’اڄ جو مهمان‘ ۾ هن فقير کي انٽرويو ڏيندي هُن ٻُڌايو هو، ”پر پوءِ مون کي سُتت ئي لڳو ته ماڻهو ڳائڻ کي سُٺي نظر سان نٿا ڏسن، ڳائڻو يا ڳائڻي ٿا سڏين. مون کي ٿيڻو هو استاد...هاڻي چوڻ ته اها ڳائڻي استاد آهي...سو اها ڳالهه مون کي نه وڻي، پر پوءِ مون ڳائڻ وري به ڪونه ڇڏيو. نجي محفلن ۾ ڳائيندي هئس. جنهن زماني ۾ بِي ٽِي ڪندي هئس، تنهن زماني ۾، ريڊيو تي منهنجا مهيني ۾ ۴ پروگرام هوندا هئا ۽ تنهن کان سواءِ ”هِز ماسٽرس وائيس ڪمپنيءَ“ منهنجا چار لانگ پلي رڪارڊز به ٺاهيا هئا.“ اسڪرين تي سندس مُشڪ ۽ نيڻن جي جرڪَ موهيندڙ آهي. مان انٽرويوءَ کي ٽرانسڪرائب ڪندي، سندس وجود جي مهڪ محسوس ڪيان ٿو. ”مون اسڪولن ۾ ته انگلش ۽ مئٿاميٽڪس تي زور ڏنو، ڇاڪاڻ ته ان زماني ۾ نياڻين ۾ انهن سبجيڪٽن کي سمجهڻ جي ڏاڍي ڪمزوري هئي ۽ انسپيڪٽريس آف اسڪولس جي حيثيت سان سڄيءَ سنڌ جا دورا ڪيم ۽ انهن سبجيڪٽن تي زور ڏنم. مان ايڊيشنل ڊائريڪٽر اسڪولس، اسٽيٽسٽيڪل آفيسر ۽ اڪائونٽس آفيسر به رهيس. مٿان وري مون تعليمِ بالغان تي به وڏو زور رکيو.“ ڀيروي، مالڪوس، آساوري ۽ ڀيم پلاسي پسند ڪندڙ دادي، اسڪول جي اسيمبليءَ ۾ دعا ۽ تراني ڳائڻ ۾ هارمونيم پاڻ وڄائيندي هئي. هُوءَ ڪهاڻيڪاره، شاعره، نثر نگار ۽ اعليٰ درجي جي منتظم هئي. کيس عورتن بابت بيحد ڳڻتي هوندي هئي ۽ اهڙو اظهار، سندس سِٽُن ۾ به واضح نظر اچي ٿو. اَي سنڌُ جي سُگهڙَ سياڻي، تون ته ڏاڍي آهين مون کي پياري تنهنجي رَڌَپچاءَ ۾ رَسُ آ، تنهنجي ڏوئيءَ ۾ ڪيڏو نه ڏسُ آ تنهنجي چانوَرَ جي چِلڙَي ۾ چَسُ آ، تنهنجي پَلَي ۽ آنِيءَ جي آس آ تنهنجي جَوئر جي ڍوڍَي ۾ جَسُ آ، تنهن هوندي به مُنهن ڇو لٿل آ تنهنجي سَيبَي ۽ ٽوپَي ۾ سونهَن آ، تنهنجي ڀرتَ ۽ گجَ ۾ ڪشِش آ تنهنجي سڳيُن ۽ سُوسيُن ۾ سهاڳُ آ، تنهنجي اجرڪَ ۽ ٽوپيءَ ۾ شان آ اَي سنڌُ جي سُگهڙَ سياڻي، تون ته ڏاڍي آهين مون کي پياري دادي لِيلان، پنهنجي زماني جي هڪ سخت منتظم ليکي ويندي هئي. اهو زمانو هو جڏهن تعليم جي ميدان ۾ دادي لِيلان، آپا شمس عباسي، محترمه حميده حيدر جهڙين خواتين جا نالا، سروس بورڊس تي چمڪندا هئا ۽ ملاقاتين جو جهڙو ساهُه سُڪي ويندو هو. ”هئس سخت...بلڪل هئس“ هُوءَ مرڪي ٿي، ”ٿيڻو پوي ٿو دادا...نياڻين جو معاملو آ...ڳوٺن ۾ آرڊر ڏيڻ کان پهرين، ڇوڪريءَ جي ماءُ کان پڇندي هئس، ته تون ويندينئس گڏ؟...اتي رهندينءَ؟ پوءِ ان کان پڪ ڪري ٻنهي کي گڏ موڪليندي هئس. ڪانٽيجنسيءَ مان اهڙو ڪو انتظام ڪندي هئس، جو تقريبن هڪ پٽيواليءَ جيترو پگهار ارينج ٿي سگهي. ان جو بندوبست ماءُ لاءِ ڪندي هئس، پر ٻُڌائيندي نه هئس. متان هُوءَ پاڻ کي انفيرئر سمجهي ته ڌيءَ ماسترياڻي، مان پٽيوالي...پر اک سڀني تي ڪَرڙِي رکندي هئس.“ دادِي، ۱۹۸۵ع کان ۱۹۸۸ع تائين سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر رهي ۽ اتي به سندس آواز سدائين جيان بلند رهيو. ”مون جيڪِي به مدد ڪئي، جيڪا به نوڪري ڏنم، اهو حال سارُو ڪيم. جنهن جو حال اڀرو رهيو، مون ان جو هٿُ ڪڏهن نه ڇڏيو.“ ”توهان جي خيال ۾ دادِي اسان جي تعليم ترقي ڪئي آهي يا تنزل جو شڪار آهي؟“ منهنجي سوال تي، هيل تائين ڪڙڪي سان ڳالهائيندڙ دادِيءَ جو ڪنڌ جُهڪي ٿو، سندس چهري تي عجيب لڄ اچي ٿي. شرمساري واضح طور پڙهي سگهجي ٿي. هُوءَ جهيڻي آواز ۾ وراڻي ٿي، ”دادا...ترقي نه ڪئي آ...“ تعليم کي پنهنجي حياتيءَ جي اڌ صدي ارپيندڙ مهربان وجود تقريبن ۲۴ سال اڳ به اها ورندي ڏئي ٿو ۽ شايد اها ئي سوچ هئي، جو انٽرويوءَ جي پڄاڻيءَ ۾ پيغام ڏيندي هُن چيو هو، ”مالڪ شل مهربان ٿئي...بس سڀ پاڻ سان سچا ٿين...بس، پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي قوم سان سچا ٿين.“ سندس لهجي جي اُڪير، دعا جي طلب ۽ ايندڙ وقت ۾ آسرو صاف ڏسڻ ۾ اچي ٿو. خميس ۱۴ سيپٽمبر ۲۰۱۷ع تي حيدرآباد شهر سان بيپناهه محبت ڪندڙ دادي لِيلاوتي هرچنداڻيءَ کي هتي ئي اگني سنسڪار جو موقعو مليو. هن سڄي عمر هن شهر سان والهانه محبت ڪئي هئي ۽ جنهن گهر ۾ پرڻجي آئي هئي، اُتان ئي سدائين لاءِ رخصت ٿي. دادِي، اهو ڊاڪٽر چاند هجي...اوهان جو رَتَ ڄائو يا ڀاڀي ڪُسم، اوهان جي نُنهن...اوهان جا پوٽا پوٽيون هجن يا اسين سڀ...اوهان جي محبت، عنايت، سِڪَ ۽ اُڪيرَ ۽ اسان سڀني لاءِ علم، حلم، سٺي حياتي گذارڻ ۽ سٺي ڪردار لاءِ سوچڻ تي اوهان جا ٿورا ادا ڪيون ٿا. ذاتي حوالي سان هڪ ڀيرو ڪچهري ڪندي هُن چيو هو، ”هيرآباد ۾ منهنجو رڳو بُت ناهي، ساهُه به آهي. اهي رڳو لفظَ ناهن ڇوڪرا، منهنجي اندر ۾ هيرآباد جي هِيرَ هُري ٿي. مان نه هونديَس ته اها پئي منهنجيون پُڇائون ڪندي.“ هاڻي جڏهن هُوءَ پنهنجي سفر تي رواني ٿي وئي آهي ته هيرآباد جي هيرَ، ڪنهن کان به ڪجهه پُڇڻ نٿي چاهي. کيس خبر آهي ته جوابَ قدردانن وٽان ئي ملندا آهن ۽ دادِي لِيلان جهڙو قدردان هرڪو ناهي هوندو. جهالت جو جِنُ ۽ ليلاوتي وسعت الله خان ورهاڱي کان اڳ سنڌ ۾ شهر جي وصف اها هئي ته ايترا خيراتي شفاخانا ۽ تعليمي ادارا هجن جو ڪنهن کي مايوس ٿي نه موٽڻو پئي. ان ڪم لاءِ سرڪار جو انتظار نه ڪيو وڃي پر جنهن وٽ به درد رکندڙ دل ۽ پئسا هجن، اڳتي اچي ته جيئن ٻيا به ان جي مدد لاءِ اڳتي اچن. ان وصف تي ٽي چار شهر ئي پورو لهندا هئا. شڪارپور جتي راءِ بهادر اڌاداس تاراچند اسپتال سڀني لاءِ هئي. عاجزيءَ جي حد اها هئي جو راءِ بهادر اسپتال جي ڏاڪڻ تي پنهنجو نالو اهڙي نموني لکرايو ته جيئن ان تي پير ڏيڻ بنا اسپتال ۾ داخل ٿي نه سگهجي. عورتن لاءِ هيرانند گنگا ٻائي ليڊيز اسپتال الڳ هئي، سنڌ ۾ ڇوڪرين لاءِ پهريون ايشوريا گرلز هاءِ اسڪول، قاضي محلا (نادر وارو) بوائز اسڪول ۽ پهريون ڪاليج چيلا سنگهه سيتل داس جي نالي سان شڪارپور ۾ قائم ٿيو. سٺ سيڪڙو شڪارپوري مسلمانن ۽ چاليهه سيڪڙو هندن لاءِ، هي سڀئي فلاحي ادارا، ڀائي بند واپاري هندن ان دور ۾ قائم ڪيا. جڏهن شڪارپورين سوشل ريسپانسبلٽي جو اصطلاح اڃا ايجاد ئي نه ٿيو هو. اهو حال ڪراچيءَ جو به هو، جتي هندو ۽ پارسي سرنديءَ وارن، تعليمي ادارا ۽ اسپتالون، ان جذبي سان قائم ڪيون. حيدرآباد ۾ اهو ئي ڪم عامل هندو ڪميونٽيءَ ڪيو. سنڌ ۾ جيتوڻيڪ مسلمان اڪثريت ۾ هئا پر فلاحي ڪمن ۾ غيرمسلم اڳتي هئا. اهم ڪارڻ هي هئا ته اڪثر مسلمان آبادي، ٻهراڙي ۽ غيرمسلم آبادي شهري هئي. واپاري شهري ملازمتن جي حوالي سان پئسو ۽ خواندگيءَ جي وڌيڪ شرح هئڻ سبب، مسئلن ۽ انهن جي حل تي سندن وڌيڪ ڌيان هو. فضول خرچي ۽ ڏيکاءَ کان بچندي ڪميونٽيءَ جا وڏا، پنهنجي ٻارڙن جي تربيت به اجتماعي بهتريءَ واري سوچ سان ڪندا هئا. سو مستقبل ۽ ترقيءَ جي حوالي سان سندن سوچ ۽ نگاهه وڌيڪ عميق هئي. جيتري تائين مسلمانن جو معاملو آهي ته بعضي بعضي ڪنهن رقم لاءِ، عددي اڪثريت مان حاصل ٿيندڙ تحفظ جو احساس به پنهنجن يا ٻين لاءِ پري ڊگهي سوچ واري رفتار به سست ڪري ڇڏيندو آهي ۽ جي وري سياسي طاقت به پاڻ وٽ هئڻ جو احساس هجي ته حساسيت ويتر گهٽ ٿيو وڃي ٿي. ڪجهه ڪسر وري اهي ملا حضرات به پوري ڪندا رهيا آهن، جيڪي حالتن کي پرکڻ ۽ پروڙڻ بنا، مسلمانن کي ٻڌائيندا رهيا ته تعليم بس ايتري ئي ڪافي آهي جو قرآن پاڪ پڙهي سگهجي ۽ دنيا ته بس عارضي آهي، اصل سيڙپ ته آخرت لاءِ آهي. تعليم خاص ڪري عورتن لاءِ نظريو هي هو ته جي ڇوڪرين کي اسڪول موڪليندا ته انهن ۾ اخلاقي خرابيون پيدا ٿينديون. پر اهي شايد اهو ٻڌائڻ وساري ويٺا ته اسلام ۾ انسانيت جي فلاح، صحت ۽ صفائي گهٽ حيثيت ۽ مستحقن جو خيال رکڻ تي ڪيترو نه زور ڀريو ويو آهي. ڇو جو دنيا سنوارڻ بنا عاقبت نه ٿي سڌري سگهي. سو جن مسلمانن کي انسانيت جي فلاح جو پيغام سمجهه ۾ آيو تن ان جو ثبوت به ڏنو، مثال طور ٽنڊي باگي ۾ مير غلام محمد ٽالپر جو گرلس اسڪول، ويم گهر ۽ دائي تربيتي مرڪز، حيدرآباد ۾ نور محمد هاءِ اسڪول، خان بهادر محمد صديق جو مدرسة النبات هاءِ اسڪول، سردار بهادر محمد بخش شيخ جو حمايئت الاسلام گرلز اسڪول، ويمن هيلٿ سينٽر، ميٽرنٽي هوم ۽ ڪراچي ۾ سنڌ مدرسة الاسلام وغيره. ورهاڱي کان اڳ، سنڌ ۽ ننڍي کنڊ جي ٻين علائقن جي مجموعي سماجي تصوير هي هئي جو غير مسلم شهري برادرين ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي تعليم تي هڪ جيترو زور هو ۽ مسلمان برادرين ۾ پراڻن جاگيرداراڻن ۾، قدرن مضبوط هئڻ ڪري، ڇوڪرين جي تعليم تي گهڻو ڌيان نه هو. ڇوڪرين کي اعليٰ تعليم ڏيارڻ جو عام طرح ته ڪو تصور ئي ڪين هو. ان سڄي پس منظر ۾ دادي ليلاوتي واسواڻي سنڌ جو آخري تهذيبي ڪردار آهي، جيڪا چار ڏينهن اڳ هڪ سئو ٻه ورهين جي ڄمار ۾ موڪلائي وئي. ليلاوتي ويهه ڊسمبر اڻويهه سئو سورنهن ۾ حيدرآباد جي هڪ آسودي عامل خاندان ديوان هوت چند تيرٿ داس واڌواڻي جي گهر ۾ جنم ورتو. ڪندن مل اسڪول مان ميٽرڪ ڪئي، رواج موجب ڀڄن گائيڪي جي تعليم چئن سالن جي عمر ۾ ئي استاد جوشيءَ کان حاصل ڪئي. انهن ڏينهن ۾ ڇوڪرين لاءِ سرڪاري هاءِ اسڪول جي سهولت ميرپورخاص، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۽ ميٽرڪ کان مٿي پڙهائي ۽ امتحان جي سهولت صرف ڪراچيءَ ۾ ميسر هئي. اڻويهه سئو چاليهه ۾ جنهن سليڪشن بورڊ ليلاوتيءَ کي ٽريننگ اسڪول فار ويمن لاءِ موسيقي جي استاد طور چونڊيو، ان ۾ وزير تعليم جي ايم سيد ۽ سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر ميران محمد شاهه به شامل هئا. زندگي درست نموني هلي رهي هئي جو ستن سالن کان پوءِ ورهاڱي جو شور اٿيو ۽ آر پار لڏپلاڻ شروع ٿي وئي. ليلاوتي جا ٻئي ڀائر ڀارت لڏي ويا پر ليلاوتي انڪار ڪري ڇڏيو، هن جي گرو ساڌو ٽي ايل واسواڻي سمجهيو ٿي ته نئين ملڪ کي اسان جي ضرورت آهي، هن کي محمد علي جناح جي قيادت تي مڪمل يقين هو. جناح صاحب لاڏاڻو ڪري ويو ته گرو جي ورت رکيو ۽ گيتا جي تلاوت ڪندو رهيو. ٿوري عرصي ۾ ئي حالتون اهڙيون تنگ ٿي ويون جو خود گرو کي به ڪوچُ ڪرڻو پيو. پر هو ليلاوتي کي نصيحت ڪري ويو ته پوري ڪوشش ڪجانءِ ته مٽيءَ سان ڳنڍيل رهين ۽ ڌرتيءَ جي خدمت ڪندي رهين. ليلاوتي اڻويهه سئو ٻاونجاهه ۾ ڪراچيءَ جي اين جي وي اسڪول مان بيچلر آف ٽيچنگ جي ڊگري حاصل ڪئي. تعليم دوران ريڊيو پاڪستان ۾ ڪجهه عرصو گلوڪاري به ڪندي رهي. اڻويهه سئو چوونجاهه ۾ سول سرجن تلسي داس هرچنداڻي سان شادي ٿيس، هڪڙو پٽ پرديپ ڪمار اٿس. جنهن ليلاوتي کي باقي سنڌ ”دادي ليلان“ جي نالي سان سڃاڻي ٿي تنهن جو آدرشي سفر ميرپور خاص کان شروع ٿيو، جڏهن هوءِ هاءِ اسڪول جي هيڊ ماسترياڻي ٿي. هن ڏٺو ته اسڪول ۾ گهڻو ڪري هندو ڇوڪريون آهن. ميرپورخاص ۽ ٿرپارڪر ۾ ڳوٺ ڳوٺ ۾ وڃي مسلمان خاندانن کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پنهنجي نياڻين کي اعليٰ تعليم ڏيارين. بقول ليلاوتيءَ جي؛ انهن خاندانن کي سڀ کان وڏو خوف، جنهن تي مان کلندي هيس، هي هو ته جي انهن ڇوڪرين لکڻ پڙهڻ سکي ورتو ته پوءِ اهي لڪي لڪي ڇوڪرن کي پيار جا پتر لکنديون ۽ اڻ پڙهيل والدين کي خبر ئي نه پوندي. پر جنهن جنهن خاندان جو اهو وهم ليلاوتي ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي، تنهن ليلاوتيءَ جي بي لوثيءَ تي اعتبار ڪندي، پنهنجي ڌيئن کي اسڪول موڪلڻ شروع ڪري ڇڏيو. جڏهن ليلاوتيءَ جي بدلي ٿي ته ان وقت تائين هاءِ اسڪول ۾ پنج سؤ مسلمان ڇوڪريون داخل ٿي چڪيون هيون. نامياري صحافي ليکڪ ۽ شاعر حسن مجتبيٰ جي هڪ مضمون مطابق هڪ ڳوٺ ۾ جڏهن ليلاوتي وئي ۽ ڪو هوائي جهاز مٿان گذريو، ڪجهه عورتون ڊڄي ويون، جن آيو جن آيو جو شور شروع ٿي ويو. ليلاوتي هڪ نظم لکيو، جنهن جو نچوڙ هي هو ته؛ اي سنڌ جون ڌيئرون! اوهان ايتريون بي جند ۽ نا خواندي ڇو آهيو؟ تعليم حاصل ڪري جهالت جو جن ڇو نه ٿيون ڀڄايو. هڪ ڀيرو ليلاوتي ٽنڊي آدم ريلوي اسٽيشن تي، ريل جو انتظار ڪري رهي هئي. هڪ اڻ پڙهيل عورت، کيس ٽڪيٽ ڏيکاريندي چيو ته ان تي قيمت ڪيتري لکيل آهي؟ ليلاوتي کي خبر پئي ته بڪنگ ڪلارڪ ان عورت کان وڌيڪ پئسا ورتا آهن. سو هن ڪلارڪ کي پوليس جي ڌمڪي ڏني، اضافي پئسا واپس ڪرايا ۽ عورت کي چيو ته جي تون پڙهي سگهين ها ته ائين نه ٿئي ها. پنهنجين نياڻين کي اسڪول موڪل ته جيئن انهن سان ائين نه ٿئي. ليلاوتي ان عورت جي ڳوٺ وئي ۽ هن جي نياڻين کي اسڪول آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. ليلاوتي ويمن ٽريننگ ڪاليج جي پرنسيپال رهي. جڏهن انسپيڪٽر آف گرلز اسڪولز جي عهدي تي هئي ته بقول سندس هڪ ڏينهن ميهڙ جو هڪ وڏيرو ڪجهه هٿياربند ماڻهو ساڻ ڪري سندس آفيس ۾ گهڙي آيو ۽ ڌمڪي ڏني ته جي هن سندس علائقي ۾ اسڪول کوليو ته چڱي نه ٿيندئي. مان انهن سڀني کي چيو ته اوهان ايڏو ڊگهو سفر ڪري آيا آهيو، ويهو ٿڌو پاڻي پيئو. ان کان پوءِ مان کين سمجهائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس ته اهي صرف توهان جون نه هن قوم جون به نياڻيون آهن ۽ اسان کي اڻ پڙهيل ڌيئن جي بار جي نه پر تعليم سان مالامال نسل جي ضروت آهي، جيڪي پنهنجي حفاظت پاڻ ڪري سگهن. اڻويهه سئو ڇاهٺ ۾ ليلاوتي ڊپٽي ڊائريڪٽر ايجوڪيشن جي عهدي تان رٽائر ٿي وئي، پر واندي ويهڻ واري ڪاٿي هئي. گرلز گائيڊ جي ڊپٽي ڪمشنر طور ڊگهي عرصي تائين تحريڪ جي رهنمائي ڪندي رهي. ڪميونٽي سينٽري ويمن انڊسٽريل هوم هلائيندي رهي. سماجي ڪارڪن طور به همت نه هاريائين. عورتن جي تنظيم ”ناري سڀا“ جاري رکيائين. هيرآباد ۾ چتربائي جوت سنگهه طرفان عطيي طور ڏنل خانداني زمين تي قائم ليڊيز پارڪ جي زمين هڪ بلڊر طرفان ڦٻائڻ جي ڪوششن خلاف تحريڪ کي منظم ڪيو. اڻويهه سئو پنجاسي ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر بڻي. مٿس واحد الزام اسيمبليءَ ۾ اقليتي ميمبرن طرفان هي لڳو ته پنهنجي ڪوٽا جون اڪثر نوڪريون هندو نوجوانن بدران مسلمانن ۾ ورهائي ڇڏيون. ليلاوتي جو جواب هو مسلمانن ۾ بيروزگاري گهڻي آهي ۽ جڏهن عورتون پيرين اگهاڙي پنهنجي اولاد لاءِ نوڪريون گهرڻ اينديون ته مان ڪيئن انڪار ڪنديس. پڇاڙڪن سالن ۾ يادداشت ڪمزور ٿي وئي هئس، پر هارمونيم تي گرو ٽي ايل واسواڻي ۽ ڀٽائيءَ جو ڪلام روزانو ڳائڻ نه وسريس. تعليم جي شعبي ۾ وڌندڙ ڪرپشن کيس ڏکي ڪري وڌو. چوندي هئي؛ مان ته اڄ تائين پنهنجي پيءَ جي گهر ۾ رهان ٿي پر تعليم کاتي جي آفيسرن ۽ ماسترن راتو رات ڪئين محل اڏي ڇڏيا ۽ تعليم جون عمارتون ويهنديون پيون وڃن. بقول دادي ليلاوتي؛ ”دنيا ۾ دل جو مطلب پورو ٿيو ته ڇا ٿيو“. سٻاجهي نياڻيءَ کان محروم ٿي ويل سنڌ! گل مورو دادي سنڌوءَ جي اها سگهڙ سياڻي نوري نماڻي هئي جنهن ٻهراڙيءَ جي عورتن جي تعيلمي آبياري لاءِ پنهنجي سفر دوران سوين ڳوٺن ۾ پنڌ ڪيا ۽ ديس جي دردوندن جي درن تي وڃي حقيقي سماج واد بڻجي عورتن کي حقن جي آگاهي ڏني، کين شعور ڏنو ۽ فرسوده سماج جي انڌيري مان ڪڍڻ لاءِ وهمن ۽ وسوسن مان ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي. هن تعليم جي شعور سان گڏ هنرن جي به تربيت ڏني ته جيئن ٻهراڙيءَ جون عورتون معاشي طور تي پاڻ ڀريون ٿي سگهن، پنهنجي بکئي پيٽ کي ڀري سگهن ۽ ڪنهن جي آڏو هٿ نه ٽنگين ۽ کين شعوري تعليم ڏيڻ جو به اهو ئي مقصد هو ته نه رڳي پاڻ جهالت واري زندگيءَ کان جان آجي ڪن پر پنهنجي ايندڙ نسل معصوم نينگرن توڙي نينگرين کي علم جي ذريعي پنهنجي وطن، پنهنجي ڌرتي جي فڪري سوچ ڏئي سگهن ته جيئن سماج مان جاهلياڻين رسمن جو خاتمو اچي سگهي. انهيءَ علمي سوچ جي آبياريءَ لاءِ دادي ديس جي دردوندن، بکايلن ۽ ستايلن معصوم ٻارڙن جي جهڳين ۾ وڃي ڏاڏي وارو فرض نڀائيندي علمي آکاڻيون ٻڌايون، روح جون رهاڻيون رچايون. پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري سنڌ جي وستين، واهڻن ۾ جڏهن پهچندي هئي ته سنڌ جون سٻاجهون نياڻيون دادي کي رحمت جو فرشتو سمجهنديون هيون. هن عورتن جي اهميت تعليم ۽ هنر بابت ڪيتريون ئي راڳڻيون ۽ لوريون تيار ڪرايون جنهن ۾ مارئي جي حب الوطن، سسئي جي جدوجهد ۽ نوريءَ جي نوڙت جون علامتون اڄ به موجود آهن. هيءَ ڏيهه جي ڏاهي دادي ليلان ئي هئي، جنهن تعليم کاتي ۾ ۵۸ سالن تائين پنهنجي فرض شناسيءَ سان نڀايو. انهيءَ عرصي دوران به تعليمي جاڳرتا لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيائين ۽ مينڌري جي مومل بڻجي رڃ ۽ اڃ ۾ به راڻو راڻو ڪندي رهي. هن ڪڏهن به مذهبي متڀيد کي اهميت نه ڏني. هن جو هڪڙو ئي منشور ۽ دستور هو ته سنڌ جي اٻوجهه نياڻي علمي اڀياس حاصل ڪري، تڏهن ئي سماج ۾ تبديلي اچي سگهي ٿي. حقيقت ۾ ته هن اصلي سنڌ جو درشن ڏيهه جي ڏوٿيئڙن وٽ وڃي ڪيو. دادي جهالت جي خاتمي لاءِ يونيسيف جي تعاون سان سنڌ جي سوين ٻهراڙيءَ وارن ڳوٺن ۾ ڪميونٽي سينٽر قائم ڪرايا، جتي اڄ به نياڻين جا پرائمري، سيڪنڊري ۽ هاءِ اسڪول هلي رهيا آهن. جڏهن دادي ٽن ضلعن حيدرآباد، ٺٽي ۽ بدين جي ڊي اي او هوندي ايڊيشنل ڊائريڪٽر هئي ته ان عرصي دوران به هن مٿان ڪڏهن به ڪو ڪرپشن جو نشان ئي نه لڳو ڪيترن بيواهن مسڪين عورتن کي تعليم ڏياري روزگار ڏياريو، جيڪي آفيس توڙي سندس گهر اچي دعائون ڏينديون هيون. هيءَ اها دادي هئي جنهن ديس جي محبت ۾ ورهاڱي دوران اڪثر سنڌي هندن کي ڪڍيو پئي ويو ته هن وطن مان بي وطن ٿيڻ قبول نه ڪيو ۽ سنڌ ۾ ئي رهي. ڌرتيءَ جي نياڻين جي نيڻن مان نه رڳي نير اگهيو پر تعليمي شعور لاءِ عملي قدم کڻي سنڌ جي سونهن ۽ سڀيتا کي دانُ ۽ مانُ ڏيڻ لاءِ سندرو ٻڌي نڪري پئي ۽ جهانسي راڻي جيان عملي جهاد ۾ جنبجي وئي. هي راڳ کي روح جي غذا ۽ عبادت سمجهندي هئي. ڇو ته هن پنج سالن جي معصوم عمر ۾ ڀُڄن ڳائڻ شروع ڪيا هئا. هي اها دادي راڳ جي راڻي هئي جنهن گڏيل هندوستان واري وقت ۾ دهلي ۾ ۱۴ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين ڳائڻ واري مقابلي ۾ حصو ورتو هو، انهيءَ راڳ واري مقابلي ۾ سندس عمر ۲۰ ورهين جي هئي. هن دادي ليلان ان وقت هي ميران ٻائي جو مشهور ڀُڄن ڳايو هو. ميرا تو گر ڌر گوپال دوسرا نه ڪوئي وي دادي اهو ڪلاسيڪل انداز ۾ ڳائي سڀني کي ميدان ماري پهريون نمبر حاصل ڪيو هو. دادي جي جيون تي حقيقت ۾ شاهه لطيف ۽ سنڌ توڙي هند جي سنت صوفين جي فڪر جو گهرو اثر هو. حالانڪه هن پنجن ورهين جي عمر ۾ ڳائڻ سکيو، ستن ورهين جي عمر ۾ پراٿنا جا گيت ڳائيندي رهي پر جڏهن سندس سنڌ جي عظيم صوفي شاهه لطيف جي شيدائي ساڌو ٽي ايل واسواڻي سان سٻنڌ ٿيو ته ان ڏينهن کان سندس مٿان شفقت ڀريو هٿ اهڙو ته ڪرشمو بڻجي پيو جو هن جو نصيب نيارو ٿي ويو. هن سنڌي نياڻين کي تعليمي خدمتن دوران شاهه، سچل، سامي، ٽي ايل واسواڻي، نوري، مرزا قليچ بيگ ۽ ٻين ڪيترن ئي اهم شاعرن جا ڪلام ياد ڪرائڻ سان گڏ کين سنڌي تعليم ۽ هنرن بابت پنهنجا ۽ پروفيسر ناگراڻي جا تيار ڪيل گيت پڻ سيکاريا ۽ نياڻين کي وطن دوستي، علم ۽ هنر جي اهميت وارا گيت ۽ نظم سيکاريا ۽ جڏهن ۱۹۴۰ ۾ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جيڪو ديوان ڪوڙل مل چندن مل جي برصغير ۾ وڏي ۾ وڏي نياڻين جي يونيورسٽي ليکي ويندي هئي ته دادي کان نوڪري موسيقي جي استاد ٿيڻ لاءِ سائين جي ايم سيد، ميران محمد شاهه، ڊاڪٽر دائود پوٽي ۽ ٻين عالمن ستن ڏينهن تائين انٽرويو ورتو هو ۽ ان ۾ ڪامياب بڻي. نه رڳي اهو پر جڏهن هن ئي ٽريننگ ڪاليج ۾ ان وقت جي ممبئي جي گورنر مودي جي گهرواري سنڌ ياترا ڪرڻ آئي هئي ته خطاب ڪندي چيو هيائين ته دادي نه رڳي سنڌ جي پر پوري برصغير جي دادي آهي ۽ جيڪڏهن هي هند هلي اهو ئي علمي درس ڏئي ته اسين کيس سڄي هند ۾ سندس علمي درسگاهون کولي ڏيڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏينداسين پر ڏٺو وڃي ته هتي تعليم جي فقدان هوندي به علمي اڀياس لاءِ جيڪي هن کان حاصل ڪرڻو هو، اهو نه رياست حاصل ڪري سگهي نه وري اسين ۽ نه وري ان جي واٽ وٺي سگهياسين. هونئن به ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ ۾ ڏات هوندي آهي پر دادي جي خاندان ۾ نه رڳي راڳ جي ڏات ۽ ڏانءُ هو پر علمي ۽ فڪري سوچ جي پختگي هئي جو سندس امڙ لال هندوري ۾ به لوريون ڏيندي هئي ۽ سندس پيءُ اسٽيج ڊرامن ۾ ڀڳتن جا ڀڄن پيش ڪري ديس جي دردوندن جون ڪهاڻيون سڻائيندو هو ۽ دادي انهيءَ روايت کي برقرار رکندي روح رهاڻيون رچايون. تڏهن سنڌ جون نوريون نماڻيون جهومي پونديون هيون. دادي ليلان سنڌ جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ فهميده جروار سماج سڌارڪ عورتن جي حقن ۽ تعليم لاءِ جاکوڙيندڙ سئو سالن کان مٿي جي ڄمار ماڻيندڙ دادي ليلان سنڌ ۾ عورتن جي حقن ۽ عورتن جي تعليم لاءِ اڄ به هو نوجوان نسل لاءِ اتساهه جو سبب بڻيل هئي، جڏهن ته هن پيرسني سبب سماجي پروگرامن ۾ پنهنجو اچڻ وڃڻ ڇڏي ڏنو هو، هوءَ پيرسني واري ڄمار جي باوجود روزاني پنهنجي صبح جي شروعات ڳائڻ سان ڪري ٿي، ڀڄن، شاهه لطيف، سچل سامي ۽ پنهنجي گرو ساڍو واسواڻي جي شاعري ڳائڻ هن جو روزاني جو معمول بڻيل آهي، پر ڪجهه عرصي کان عمر جي ضعيفي سبب هارمونيم وڄائڻ کان قاصر هئي، هوءَ هڪ ئي وقت ريڊيو اسٽيج تي ڳائڻ، نچڻ ڊراما ۽ اداڪاري ڪرڻ، ميوزڪ جون ڌنون جوڙڻ ۽ مختلف پروگرام ڪرڻ سان گڏوگڏ عورتن جي حقن ۽ تعليم جي حاصلات لاءِ جاکوڙيندر رهي هئي، جڏهن سنڌ جي بهراڙين جي ماڻهن ۾ اسڪولن ۾ پڙهڻ، خاص تي نياڻين جي پڙهائي جو رواج صفا گهٽ هو، ان وقت ٻهراڙي جي ماڻهن ۾ نياڻين کي تعليم ڏيارڻ جو مشن هٿ ۾ کڻن سبب پنهنجون ذاتي مصروفيتون ڳائڻ، وڄائڻ ۽ ريڊيو تي ثقافتي ۽ ٻيا پروگرام ڪرڻ پڻ گهٽائي ڇڏيائين ۽ پنهنجو سمورو وقت نياڻين کي تعليم ڏيارڻ ۾ لڳائي ڇڏيائين، جڏهن ته دادي ليلان جو جنم حيدرآباد جي مسونپل واري علائقي ۾ رهندڙ ڊاڪٽر هوتچند واڌواڻي جي گهر ۾ ۲۰ ڊسمبر ۱۹۱۶ع ۾ ٿيو، سندس والد هوتچند واڌواڻي ۱۹۲۲ع ۾ ميونسپل واري علائقي کي ڇڏي ان وقت جي حيدرآباد جي ٿڌي هوائن واري علائقي هيرآباد ۾ گهر وٺي رهڻ لڳو ۽ انهي هيرآباد واري گهر ۾ ۱۹۵۳ع ۾ ديهانت ڪري ويو، دادي ليلان پاڪستان کي اکين سان ٺهندي ڏنو ۽ ان جا سمورا لوڏا لمحا به پنهنجي اکين سان ڏٺا، ورهاڱي دوران سندس ۶ ڀائر ۽ هڪ ڀيڻ هندستان هليا ويا، پر سندس والد هوتچند واڌواڻي سنڌ ڌرتي جي سهڻي شهر حيدرآباد جي ٿڌين هوائن، سنڌو درياءَ جي مٺي پاڻي، اڻ ڳڻين دوستن ۽ هيرآباد واري گهر کي ڇڏي هندستان لڏي نه ويو، اهو ئي سبب هو جو دادي ليلان هندستان لڏي وڃڻ بدران پنهنجي والد ۽ سنڌ ڌرتي جي خدمت ڪرڻ کي پنهنجي لاءِ وڌيڪ اهم سمجهو، ايتري قدر جو هندستان کان مهاجر ٿي لڏي آيل ماڻهن جي گهر گهر وڃي نياڻين کي تعليم ڏيارڻ لاءِ سمجهائيندي ۽ انهن جي تعليم جي حوالي سان مالي مددد ڪندي هئي، دادي جڏهن به ڀائرن سان ملڻ لاءِ هندستان ويندي هئي ته اتي گهڻو عرصيو ان ڪري نه رهندي هئي ته متان سنڌ ڌرتي کان پري موت نه اچي وڃي، اهو ئي سبب آهي جو هوءَ آخري ڀيرو ۱۹۹۸ع ۾ ڀائرن سان ملڻ هندستان وئي، جنهن کانپوءِ ڀائرن سان نه ملي، جڏهن ته هيرآباد وارو گهر ۱۹۲۲ع کان اڄ ڏينهن تائين دادي ليلان جو گهر بڻيل آهي، جنهن ۾ دادي ليلان، ڊاڪٽر تلسيداس ميرچنداڻي سان ۱۸ اپريل ۱۹۵۴ع ۾ ڦيرا پائي وهانءُ رچايو، سندس گهر وارو ۵۵ سالن جي ڄمار ۾ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر طور ۱۹۶۷ع ۾ رٽائرڊ ٿيو، دادي ليلان کي اولاد ۾ صرف هڪ پٽ ڊاڪٽر پرديپ ڪمار آهي، ڊاڪٽر پرديپ ڪمار پنهنجي ڪٽنب سميت دادي سان گڏ هيرآباد واري گهر ۾ رهي ٿو، جيڪو ايل ايم يو ۾ نوڪري ڪندڙ هو، جيڪو ٽن مهينن کان رٽائر آهي، گذريل ڏهن سالن کان هو پنهنجي امڙ دادي ليلان جي خدمت ۾ هر وقت حاضر رهندڙ آهي، دادي ليلان سئو سالن کان مٿي جي ڄمار هوندي به حيدرآباد جو هيرآباد جي اوج وارو دور اڄ به دل سان ياد ڪري ويٺل هئي، هوءَ اڄ جي ڳالهه وانگر ياد ٻڌائيندي ئي ٿي ته مارڪيٽ ٽاور کان جيل روڊ تائين صبح شام ۲ دفعا روڊ کي ڌوتو ويندو هو، هن وٽ حيدرآباد جي پراڻي دور کان وٺي اڄ جي دورن جون ڪئين يادون دل جي ڪاڳر تي لکيل آهن، انهيءَ عرصي تائين جيتوڻيڪ تبديل ٿي ويل قدر به هوءَ انتهائي گهرائي سان ڏسندي ۽ محسوس ڪندي رهي آهي پر هوءَ هڪ عملي سماجي ورڪر ۽ تعليمي ماهر هئڻ جي ناتي ڪنهن سان به ڪا شڪايت ڪرڻ بدران عملي طور تي فقط پنهنجو ڪم ڪرڻ ۾ کي دلچسپي وٺندي رهي آهي، هن چئن سالن جي ڄمار ۾ ڳائڻ شروع ڪيو ۽ ستن سالن جي ڄمار ۾ هارمونيم وڄائڻ سکي، هن جي ٽريننگ ڪاليج فار وومين جي پروگرام ۾ راڳ ٻڌائڻ کانپوءِ ان جي دور جي تعليم واري وزير سائين جي ايم سيد کيس ميوزڪ ٽيچر طور مقرر ڪيو، چون ٿا ته هن جي ميوزڪ ٽيچري واري نوڪري لاءِ سائين جي ايم سيد، ميران محمد شاهه، ڊاڪٽر عمر بن دائود پوٽي سميت ستن تعليمي ماهر ست ڏينهن ۾ مختلف تائين تي کائنس انٽرويو دوران ڳائڻ ٻڌو، جنهن تي هوءِ پهرين ذهني تڪليف ۾ پڻ آئي پر پوءِ ان قسم جي سخت انٽرويو کي پنهنجي لاءِ بهتر سمجهائين، ۱۹۴۲ع ۾ هن کي ۳۵ رپيا ماهوار پگهار تي ميوزڪ جي ليڊي ٽيچر طور مقرر ڪيو ويو، راڳ ۽ ميوزڪ هن کي ورثي ۾ مليو هو، هن جي ماءُ پڻ ڀڄن گهر ۾ ڳائيندي هئي، جڏهن ته دادي جو ٻيو ڀاءُ سمجرام واڌواڻي ميوزڪ ڊائريڪٽر هو، ان ڪري دادي راڳ کان وٺي اسٽيج جي پروگرامن ۾ اڳڀرو رهندي آئي، هن اسٽيج جي پروگرامن کي سماج ۾ سماجي سجاڳي لاءِ ڀرپور استعمال ڪيو، هوءَ سنڌ جي راڳ جي راڻين جي جي زرينه بلوچ ۽ روبينه قريشي جي پڻ استاد هئي، هن ٻنهي کي نه رڳو راڳ جي سکيا ڏني پر ان دورجي ريڊيو ڊائريڪٽر کي چئي ٻنهي راڳ جي راڻين کي ريڊيو تي راڳ لاءِ ٽائيم پڻ وٺي ڏنائين، هن ماسٽر چندر ۽ پريتم داس سان گڏ ڳايو هو جڏهن ته ڀڳت ڪنور رام جي ڀڳتين ۾ ويهڻ جو هن کي موقعو مليو هو، ساڳيئ ريت هن ٻنهي راڳ جي راڻين جي گهر ڀاتين کي پڻ ريڊيو تي ڳائڻ لاءِ موڪل پڻ وٺي ڏنائين، ورهاڱي کانپوءِ ليڊي ٽيچرس جي وڏي کوٽ پيدا ٿي ته تعليم کاتي پاران دادي ليلان کي ميوزڪ ٽيچر جي بدران تعليمي شعبي ۾ شامل ٿيڻ جو چيو ويو، دادي ان ڪم کي پڻ چئلينج سمجهي ڪيو، هن ان لاءِ ايم اي پڻ ڪئي، هوءَ جڏهن تعليم کاتي ۾ٽيچر ٿي ته هن وڏو عرصو ميرپورخاص جي هاءِ اسڪول ۾ پڙهائڻ ۾ گذاريو، هوءَ جڏهن انهي اسڪول ۾ وئي ته فقط چند ڇوڪريون گرلس اسڪول ۾ ايندڙ هيون پر دادي ان لاءِ ماڻهن جي گهر گهر وڃي سندن نياڻين کي اسڪول موڪلڻ لاءِ آماده ڪيو، اهو ئي سبب هو جو جڏهن ڪجهه سالن کانپوءِ هن جي پوسٽنگ هيرآباد جي ميران هاءِ اسڪول ۾ ٿي ته ان وقت انهي اسڪول ۾ پنج سئو شاگردياڻيون پڙهي رهيون هيون، هن ۱۹۷۵ع ۾ ڊائريڪٽر تعليم تان رٽائرڊ ٿي، ان کانپوءِ هو ريٽائرڊ ٿي گهر ۾ نه وٺي پر ان کانپوءِ ۱۹۸۱ع کان ۱۹۹۱ع تائين يونيسيف ۽ سينٽرز وارا اسڪول قائم ڪرڻ واري ڪم ۾ شريڪ ٿي هن انهي ڪم کي پڻ چئلينج سمجهي هٿ وڌو، هوءَ شهري خاتون هئڻ جي باوجود سنڌ جي ٿر ڪاڇي، ڪوهستان ۾ پهچي اهڙا ڪم ڪيا، هن جي چواڻي مون اصل سنڌ انهي ڪم دوران ڏٺي هوءَ اهڙن ڳوٺن ۾ اٺن، گڏهه گاڏي، ڍڳي گاڏين تي چڙهي هئي، ڳوٺ ڏسي اسڪول قائم ڪرايا، ساڳي ريت هن انهن اسڪولن لاءِ نياڻيون پڙهائڻ لاءِ ڳوٺن ۾ مائٽن کي منٿيون ڪيون ۽ ماسترياڻين لاءِ پڻ انهن جي مائٽن سان ملي نوڪري لاءِ آماده ڪيو، ۽ اسڪول کي ڪامياب بڻايو، هن سنڌ جي نياڻين جي پڙهائي بابت پنهنجي تجربي تي مبني ٽي ڪتاب لکيا آهن، جيڪي پڻ ڇپجي نه سگهيا آهن، هن جا ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي ۶ ڪلام پڻ رڪارڊ ٿيا، پر اهي قديم رڪارڊ ڪيل ڪلامن جو سندن ڪٽنب وٽ ڪو به رڪارڊ موجود ناهي، دادي ليلا پهرين هندو پارليامينٽرين هئي ۱۹۸۵ع ۾ هو ايم پي اي پڻ بڻجي، جنهن دوران هن نه رڳو تعليم جي واڌاري جون رٿائون پاس ڪرايون پر هن غريب ۽ ذهني نوجوانن کي نوڪريون پڻ ڏياريون، جن ۾ هن ۵۰ اهڙين ذهين نوجوانن کي نوڪرين ان دور ۾ ڏياريون، جن ۾ ۶ هندو نوجوان پڻ شامل هئا، هوءَ هندو پنچائت جي ڪمن ۾ پڻ وڏي دلچسپي وٺندي هئي، بمبئي بيڪري جي مالڪ سرگواسي ڪمار ٿڌاڻي جي ڏنل فنڊ تي سماجي اڳواڻ ۽ وڪيل ايم پرڪاش ۽ هن گڏجي نياڻين جي پڙهائي ۽ غريب نياڻين کي ڏاج ڏيڻ وارو ڪم پڻ خوش اصلوبي سان هلايو، هوءَ اڄ به سنڌجي عورت جدوجهد لاءِ وڏي اتساهه جو سبب بڻيل آهي، هوءَ هڪ ئي وقت ميوزيڪ ٽيچر کان وٺي سنڌ جي ڳوٺن تائين اسڪول کولرائڻ تائين وارو ڪم وڏي شوق ۽ سنڌ جي ڳوٺاڻي عورتن کي اڳتي آڻڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رهي هئي، اهو ئي سبب آهي جو هوءَ اڄ به سنڌ ۾ عورتن جي جدوجهد جي علامت بڻيل آهي. نوٽ: هي مضمون ڪجهه وقت اڳ روزاني سنڌ ۾ شايع ڪيو ويو هو، داداي ليلان جي ديهانت بعد ٻيهر شايع ڪيو پيو وڃي.
مسڪين جهان خان کوسو ٿر جو سچو سماجي خدمتڪار ڀارومل امراڻي سنڌي ادب ۾ اهڙو ڪو ناول نگار نه آهي، جيڪو هالينڊ جي عظيم مصور ونسينٽ وان گوگ جي زندگي تي ارونگ اسٽون جي لکيل ناول ‘اُڃ’ جهڙو ‘مسڪين جهان خان’ تي ناول لکي. مسڪين جهان خان پورهيتن، مزدورن، ڪولهين، ڪڙمين کي چوندو ته: “غربت ۾ انسان جو شعور ڪڏهن مرندو نه آهي، پر ضمير وڌيڪ ڦڙت بڻبو آهي ۽ هن جي روح کي وسعت عطا ٿيندي آهي. اسان کي غربت جو مقابلو کليل دل سان ڪرڻ گهرجي.” مسڪين، ٿر ۾ هڪ ‘اسڪول آف ٿاٽ’ جو نالو آهي. مسڪين، غريبي ۾ گذاريو هو. خلق جي خدمت عبادت سمجهندو هو. اڄ ڏينهن تائين مسڪين جي ڪم ڪو جانشين پيدا ٿي نه سگهيو آهي. مسڪين جي ٿر سان مارئي جهڙي محبت هئي. مسڪين، ٿر جي ڏڪار بابت انگن اکرن سان ڳالهائيندو هو. هو ٻڌائي سگهندو هو ته ٿر جي ڪهڙي ڳوٺ ۾ ڪيترا گهر آهن. ڪيترو چوپايو مال آهي. ڪيترا ماڻهو ڏڪار ۾ متاثر ٿيا آهن. ٿر جي سياست، سماجيات ۽ اقتصاديات تي بهتر نموني ڳالهائي ويندو هو. هن نه صرف فلاحي ڪمن تي توجهه ڏني پر هن جي اندر جي آرزو هئي ته نظام تبديل ٿئي. سياسي ورڪر به هو. انسان دوست ۽ نظرياتي سياستدانن سان گڏجي سياست ڪئي. هن پاليسيون ٺاهيندڙ ادارن تي پريشر پيدا ڪرڻ جي لاءِ ايڊووڪيسي ڪئي. اخبارن ۾ ايڊيٽوريل لکرايا. مسڪين وٽ رضاڪار دوست هوندا هئا، پر پهرين پاڻ پوليس جي نوڪري ڇڏي اڪيلو نڪتو هو. پوءِ قافلا ٺهندا ويا. ڪنهن سان ظلم ٿيندو هو. اتي مسڪين پهچي ويندو هو. هن هيومن رائٽس جي ورڪر جو ڪردار ادا ڪيو. مسڪين جي نوڪري ڇڏڻ جو واقعو به غريبن سان ظلم ٿيڻ جي واقعي سان جڙيل آهي. مٺيءَ ٿاڻي تي ڏڪار ورهيه ۾ ننگرپاڪر کان بئراج ويندڙ ڪولهين جي قافلي کان رشوت گهري ويئي، غريب ماڻهو پئسا ڏين ڪٿان؟ هجن ته ڏين! ٻيو ڏين به ڇا جا؟ پئسا نه ڏيڻ تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو. مسڪين جهان خان ان ٿاڻي تي سپاهي هو، جيئن مسڪين کي پتو پيو ته غريبن سان اچي مليو. حال حقيقت معلوم ڪري پنهنجي اعليٰ آفيسر کي احتجاجن پوليس جي نوڪري وارو ‘پٽو’ ۽ بندوق واپس ڏيئي نوڪري کي الوداع ڪيو. محمد بخش مجنون مسڪين جي نوڪري ڇڏڻ جو سال ۱۹۳۷ع لکي ٿو. جڏهن ته وليرام ولڀ پنهنجي هڪ ليک ۾ ۱۹۳۵ع ڄاڻائي ٿو. اهو ڏينهن تڏهوڪو ڏينهن مسڪين غريبن جي حقن جي لاءِ نڪري پيو. ڪڏهن ننگرپارڪر جا وانڊيا ته ڪڏهن ميرپورخاص جي عثمانيه هوٽل، ته ڪڏهن حيدرآباد ۾ اخباري دفتر. مسڪين جيترا ڪنهن پنڌ به نه ڪيا هوندا، مسڪين ڪڏهن اڃ ۽ بک جي پرواهه نه ڪئي. مسڪين ڳوٺان نڪرندو هو ته ڏينهن جا ڏينهن ٿي وينداهئا مسڪين واپس نه ورندو هو. گهر وارا مسڪين جي منهن جي لاءِ سڪندا هئا! ڳوٺ ۾ ڪو مرڻو پرڻو ٿيندو هو، مسڪين جي ڪنن ڪٿان سڌ پئي ته پوءِ اچي حاضر ٿيندو هو نه ته ٿيو مڙئي خير. غريبن جي مسئلن جي حل جي لاءِ مظاهرا ڪندو هو. ‘مفت اسٽامپ وينڊر’ بڻجي درخواستون لکي گڏجي وڃي ڏيندو هو. مسڪين، ٿر جي ڪيترن ماڻهن کي روزگار تي به لڳايو. ماڻهن کي هِتان هُتان ڪري معاشي مدد به ڪئي پر هي سڀ لڪيل خيرات هوندي هئي. هن ڪڏهن پنهنجي ڪم کي اشتهار نه بڻايو. هن ڪڏهن ‘ڊالر’ ۽ ‘ڊونر’، ‘پروجيڪٽ پروپوزل’ جي ٻولي نه ٻولي. هن وٽ ماڻهن جي خدمت ڪرڻ جو اٿاهه جذبو هو. جنهن جذبي تحت هن رضاڪار ٿر جي سچي خدمت ڪئي. مسڪين جهان خان جي ان پورهئي جي ڪري جديد سنڌي شاعريءَ جي وڏي نانءُ شيخ اياز پنهنجي آتم ڪهاڻي ‘ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر’ ۾ لکيو آهي ته: “مون کي مسڪين ڏسي يڪدم حافظ جو هي شعر ياد اچي ويو: خاڪساران جهان را به حقارت منگر توچه داني که دراين خاک سُواري باشد (جهان جي خاڪسارن کي حقارت سان نه ڏس، تون ڇا ڄاڻين ته متان ان خاڪ ۾ ڪوئي سوار هجي ) لفظ ‘جهان’ جي بدران جيڪڏهن حافظ ‘جهان خان’ شعر ۾ لفظ وجهي ها ته شعر جو وزن ته ضرور ڪري ها پر ان جي معنيٰ ڳري ٿي وڃي ها. مسڪين جهان خان کوسي ۾ انڪساري، خودداري، هڪ ظلم تي ٻڌل ڪامورڪي نظام لاءِ بي انتها نفرت ۽ پنهنجي مظلوم عوام لاءِ بيحد محبت هئي، مجنون کان بهتر هُن تي ڪير ٿو لکي سگهي!مسڪين جهان خان ست درجا سنڌي پڙهيل هو، هو خود مصنف نه هو ۽ هن جي سوانح حيات هڪ مختيارڪار محمد بخش مجنون پنهنجي مخصوص انداز ۾ لکي آهي. پر مسڪين جي نسبت به فقط ‘خاڪ ’ سان نه هئي، پر ‘عالم پاڪ’ سان به هئي، جي انسان ذات جي بي لوث خدمت، رنگ، نسل، قوميت ۽ مذهب جو خيال نه رکي ڪئي وڃي ۽ ماڻهو سان دک درد بنان ڪنهن غرض يا مطلب جي ورهايو وڃي ته ان کان بهتر عبادت ٻي نه آهي ۽ انسانيت لاءِ احترام کان وڌيڪ ٻي وڏي عظمت جي نشاني نه آهي. بين القوامي سطح تي البرٽ شوائيٽرز ۽ قومي سطح تي مسڪين اهڙا ماڻهو آهن. جن جي زندگيءَ جي لاءِ لانگ مارچ مائوءَ کان بنهه مختلف آهي. انهن ڪنهن کي دک نه ڏنو آهي. فقط سٺو آهي.” شيخ اياز پنهنجي دل جي گهرائي سان مسڪين کي ڀيٽا ڏني آهي. مسڪين تمام وڏو ماڻهو هو. سچا شاعر پنهنجي عظيم ماڻهن کي ائين ڀيٽا ڏيندا آهن. ۽ اهو سچ آهي محمد بخش مجنون کان ڪوئي بهتر هن وقت تائين مسڪين تي لکي نه سگهيو آهي. ۸ آگسٽ ۱۹۶۷ع تي حيدرآباد ۾ مولانا غلام محمد گرامي جي صدارت ۾ مسڪين سان يادگار شام ملهائي ويئي. ان موقعي تي محمد بخش مجنون جي ڪتاب جي مهورت ٿي. ڪتاب تي تمام تعريفي تبصرا آيا. اديبن کليل دل سان مسڪين کي ڀيٽا ڏني. محمد بخش مجنون جو لکيل ڪتاب ‘مسڪين جهان خان کوسو’ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ نصاب طور پڙهايو وڃي ٿو. مسڪين جي ڪردار تي سنڌ يونيورسٽيءَ کي نوجوانن کان پي ايڇ ڊي ڪرائڻ گهرجي. ٿر جي نوجوانن لطيف ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان ڪتاب جي تحفي ۾ ‘مسڪين جهان خان’ ڪتاب ڏيڻ جو رواج وڌو آهي. سچ ته ڏاڍو سٺو سنئوڻ آهي. ۱۹۸۰ع جي ڏهاڪي ۾ لکيل ڊاڪٽر محمد خان سميجي جي ناول ‘رت ريجالا سپرين’ جا ڪردار مسڪين جهان خان کوسو، سائين سچل جنجهي ۽ ٻيا ان وقت جا تبديلي پسند ڪردار آهن. هي ناول اڻ لڀ ٿي ويو آهي. ٻيهر ان جو ڇاپو اچي نه سگهيو آهي. ناليواري اديب، ناول نگار، ناٽڪ نويس، صحافي عثمان ڏيپلائي ڏڪارن ۾ مسڪين جي جدوجهد کي پنهنجي هڪ ناٽڪ ڏڪار ۾ بهتر انداز ۾ پيش ڪيو آهي. ڪتاب ‘ماڻهو ميگهه ملهار’ ۾ ناليواري دانشور عبدالواحد آريسر جو مسڪين تي لکيل خاڪو سڻئي ڦل جهڙي سهڻي نثر جو روپ آهي.مسڪين جهان خان کوسي ننگرپارڪر جي ڳوٺ سامي ويري جي رئيس بجرخان کوسي جي گهر ۾ ۹ جولاءِ ۱۹۰۹ع تي جنم ورتو. مسڪين جو شجرو ننڍي کنڊ جي مزاحمتي ڪردار شهيد شادي خان کوسي سان ملي ٿو، ميمڻ عبدالغفور سنڌي پنهنجي هڪ ليک ۾ لکيو آهي ته: “مسڪين جهان خان ولد رئيس بجار خان بن ميرحسن خان بن خانبهادر سردار خان بن شهيد شادي خان کوسو بلوچ”، ننگر جي سماجي اڳواڻ تاريخ جي ڄاڻو مانائتي الهه رکيي کوسي به ان شجري جي تصديق ڪندي چيو ته: “شادي خان انگريز سامراج سان لڙيو هو”. چارڻ ڪوين شادي خان جي سورهيائي ڳائيندي چيو آهي ته: اڙٻنگ عزت خان رو، شادي ونڪو شير. _ ڏونگر تون ڪئين ڏهڪڻو، تو ۾ رهي کوسو شادي خان. مسڪين، ٿر جي تاريخ ۽ لوڪ ادب جو به ڄاڻو هو. ٿر جي ڳوٺن، ڍاڻين ۽ وانڊين ۾ رهڻ دوران رات جو ڪچهري ۾ لوڪ ادب جي وکر جي سگهڙن، سياڻن سان ڏي وٺ به ٿيندي هئي. ٿر جي ڪولهي، ڀيل ۽ غريب لوڪن مسڪين تي لوڪ گيت سرجي ڳايا، اڄ به خوشي جي منڊپ ۾ مسڪين تي جڙيل گيت گونجن ٿا: مانري گهر آويو، مسڪين اوتاري، منگل هون گائون، جائون ٻلهاري. (منهنجي گهر مسڪين اوتاريءَ آيو آهي، آئون خوشي جا گيت ڳائي آجيان ڪري، هن تان ٻلهار وڃان) _ مانري آنگڻيئي مسڪين پڌاريو، هاٿان ري وادڙ ڪران ڇايا. (منهنجي اڱڻ مسڪين پڌاريو آهي، آئون هٿن سان بادل جهڙي ڇانو ڪريان) مانرا مسڪين ويرا مزماڻ رهو وانڊئي اجوڻي رات ڪران ٻيسي من ري بات، آج اماري ڏونگر ني ڏيکيو، روپي پاڇي روح پي سڪيو، ڪوئي راوت سور نهين سڻيو ڏيٺو نهين ڪو جگ ۾ ڏاتار امارو بڻيو ڇي تون آڌار. (اي منهنجا مسڪين ڀاءُ! تون مهمان بڻجي اڄوڪي رات منهنجي وانڊئي (ڳوٺ) ۾ اچي رهه، آئون تو سان ويهي من جون ڳالهيون ڪريان. (توکي ڏسي) اڄ مون پنهنجي ڏونگر ڏانهن نهاريو آهي. روپي کان پوءِ روح سڪي رهيو هو، ڪوئي بهادر سورهيه نه ٻڌو ، نه ئي جڳ ۾ ڪوئي ڏاتار ڏٺو، تون اسان جو آڌار بڻيو آهين) مسڪين تي لوڪ گيت ٻڌندي مون کي روسي لوڪ گيت ياد آيا، جيڪي اتان جي لوڪن لينن سان مخاطب ٿي چيا آهن.ننڍي کنڊ جي لوڪ ادب کي سهيڙيندڙ ديويندر ستيارٿي پنهنجي ڪتاب ‘ڌرتي گاتي هي’ ۾ ڏنا آهن. انهن مان هڪ گيت هتي ڏجي ٿو؛ تون ئي اهو پهريون شخص هئين، جنهن اسان کي انسان سڏيو. تو ئي اونداهه ۾ رهندڙ انسانن کي هن پرڪاش ۾ آندو. تو ئي اسان کي سپني مان جاڳايو مسڪين، ٿر بابت ننڍا ننڍا ليک پڻ لکيا. ٻين ليکڪن، اديبن ۽ صحافين کي ٿر بابت معلومات به ڏني. هن ٿر جي هڪ رهنما طور ڪم ڪيو. ٿر جي مسئلن بابت اخبارن کي خبرون پهچائيندو هو. ان دور ۾ رابطي جا ذريعا محدود هئا، پوسٽ تار يا روبرو پهچ ٿيندي هئي. مسڪين ۱۹۳۰ع کان ٿر بابت خبرن ۽ ليکن واريون اخبارون ۽ رسالا ميڙي رکيا.ٿر جي تروٽي پٽيلن پاران مسڪين جهان خان تي ڪوڙا ڪيس به داخل ٿيا. هر طرح تنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي، پر هُو جهڪي ڪيئن ٿو سگهي!؟ هن ڪارونجهر کان پختگي ورتي هئي. هڪ ڀيري مسڪين کي جيل ياترا به ڪرائي وئي، جنهن تي قائد ملت فاطمه جناح پنهنجي ذاتي وڪيل ذريعي هاءِ ڪورٽ مان ضمانت ڪرائي آزاد ڪرايو. ٿر جي نوجوان ليکڪ پرديپ ڀاناڻي پنهنجي هڪ ليک ‘مسڪين مظلومن جو آواز هو’ ۾ لکيو آهي ته: “مسڪين جي بي لوث خدمتن عيوض سنڌي ادبي سنگت ميرپور شاخ پاران کيس “مُحب سنڌ” جو لقب ڏنو ويو.” مسلسل پنڌ، اوجاڳن، بک ۽ اڃ جي پيڙائن ۾ هلندي مسڪين بيمار ٿي پيو. سول اسپتال ڄامشوري ۾ داخل ٿيو. پر بيحسي جي بارش ۾ ٻڏي ويل سماج مسڪين جي خاطر خواه سنڀال نه ڪئي. ۲۳ جولاءِ ۱۹۸۰ع تي ڪارونجهر جو هي عظيم ڪردار هن فاني دنيا کي الوداع ڪري ويو. چون ٿا ته مسڪين جو لاش ٻين مسڪينن وانگر ٻن ڏينهن تائين اسپتال جي سرد خاني ۾ پيل رهيو. منهنجون مسڪين جي سڪيلڌي پٽ بجار خان سان ننگرپارڪر ۾ پياري دوست ناشاد سمي، ساگر خاصخيلي ۽ سليم کوسي جي معرفت ڪافي ڪچهريون ٿيون. مسڪين جي وفات کان پوءِ بجارخان ڪوشش ڪري هر سال ورسي جو ڏهاڙو ملهائيندو هو. گوڙهيار ۾ سنڀومل هميراڻي جي ورسي ۾ بجار خان مليو، تڏهن طبيعت چاڪ نه هئي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ٻڌوسين ته مسڪين جيان بجارخان کي به مفلسي ريڙهي ويئي. پنڌ نه کٽو، پر پانڌيئڙو مارڳ ۾ موڪلائي ويو. مسڪين جي سماجي خدمتن عيوض يو ايس اي جي هڪ اداري پاران “گولڊن ڪارڊ آف اچيومينٽ” ايوارڊ ڏنو ويو، پر سندس پٽ بجار خان غربت سبب وٺڻ لاءِ وڃي نه سگهيو. سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي پاران ۲۰۱۵ع ۾ ننگرپارڪر جي هائير سيڪنڊري اسڪول جو نالو مسڪين جي سماجي خدمتن جي مڃتا طور منسوب ڪيو. مسڪين جهان خان کوسو سندس ايمانداري ۽ انسان دوستي محمد بخش ”مجنون“ بلوچ مسڪين جي امانت داريءَ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! هڪ سياري جي رات، ڀريءَ ننڊ ۾ ستو پيو هوس ته آڌيءَ رات جو گهر جو ٻاهريون دروازو کڙڪيو. وڃي ڏٺم ته مسڪين! چيائين؛ ”سڀاڻي ڳوٺ وڃان ٿو، سو موڪلائڻ آيو آهيان.“ دل ۾ چيم ته ”ٻيلي! تو ڪئي ته بنهه زورآوري! ناحق ننڊ مان اٿاري مون کي سرديءَ جي سڙهه تي کڻي چاڙهيو اٿيئي!“ پر منهن تي خواهه مخواهه جي مرڪ آڻي، پڇيومانس؛ ”ٻيو حڪم!“ چيائين؛ ”ٻيو سڀ خير!“ موڪلائي وري اچي گرم بستري ۾ پيس. پر ننڊ هڪ دفعو جا ڦٽي، سا نڌڻڪي ڪٿي ٿي ٻيهر سولائيءَ سان اچي! پاسا ورائيندي، اڃا اک مس لڳي هيم ته وري در تي ”دٻيڙ، دٻيڙ!“ جل تون جلال تون! هيءُ وري ٻيو ڪهڙو مسڪين؟! وڃي ڏسان ته ساڳيو سڄڻ سامهون! پڇيومانس؛ ”مسڪين! تو سان وري خير؟“ چيائين ته؛ ”هڪ امانت اوهان لاءِ ملي هيم. آئون صبح جو وڃان هليو ها ته امانت، مون وٽ رهجي وڃي ها. الله جو ڏوهاري ٿيان ها.“ مون هٿ ڊگهيڙي چيومانس ته؛ ”مون کي ڏي امانت!“ مشڪي چيائين: ”سانوڻ خان، اوهان لاءِ سلام ڏنا هئا، سي اوهان کي ڏيان ٿو. حاجي صاحب مون کي خدا ڪارڻ جو واسطو وڌو هو.“ هاڻي ڀلا حساب لڳايو، مسڪين جي امانت داريءَ جو!! هڪ دفعي هاءِ ڪورٽ جي شنوائي تان موٽندي مسڪين حيدرآباد ۾ هڪ رات ”هاري حقدار“ آفيس جي اڳيان ستل هو ته رات جو اٽڪل ٽين وڳي مهل ڀرسان هڪ ٻه ماڙ جڳهه ڪري پئي. جاءَ ڪرڻ جي زبردست ڌماڪي ۽ ان ۾ دٻيل ماڻهن جي چيخ و پڪار تي مسڪين جي اک کلي. ڀڄي وڃي بر وقت سر زمين تي پهتو. اوڏي مهل ڪرندڙ جڳهه ۾ ڪير ٿو وڃي؟ پر مسڪين پهريون ئي ماڻهو هو جوپنهنجي جان کي خطري ۾ وجهي گهڙي پيو جڳهه ۾ دٻجي ويل ۽ زخميل ماڻهن کي سهارو ڏئي ٻاهر ڪڍندو رهيو. زخمي ماڻهن کي ٻاهر ڪڍڻ کان پوءِ وري ڀر واري گهر مان ڪوڏر ۽ تغاري وٺي کوٽائي جي ڪم ۾ جنبي ويو. نهايت ئي چستي ۽ هوشياري سان ملبو هٽائيندو رهيو ته متان ڪو دٻيل زنده ماڻهو وڌيڪ ملبي ڪرڻ ڪري يا ڪوڏر لڳڻ ڪري وڌيڪ زخمي نه ٿي پوي. ملبي جي کوٽائي ۽ تغاري ۾ کڻي ٻاهر اڇلائڻ ۽ جڳهه ۾ پيل سامان ۽ ڪريل ڪاٺ جو ذور ذرو کڻي ٻاهر جدا رکڻ جو ڪم مسڪين اها باقي رات ۽ورندو سڄو ڏينهن ويندي سج لٿي تائين ڪيو. انهيءَ وچ ۾ کيس ماني پاڻي حرام. انهيءَ منحوس جڳهه جي هيٺان ۱۹ ماڻهو دٻجي مري ويا ۽ اڄ ڏينهن تائين اها کنڊ رات جي حالت ۾ پئي آهي، شايد ڪو به ان نڀاڳي هنڌ تي نئين اڏاوت ڪرڻ لاءِ خواهان ڪونهي. مسڪين ۽ ٻين کوٽيندڙن سان صبح جو اٽڪل ۹ بجي مهل پنج سئو کن سينٽرل جيل جا قيدي به اچي کوٽائي جي ڪم ۾ شامل ٿيا. مسڪين ڪم ڪندي مٽي ۾ ڀڀوت ٿي ويو هو ۽ سڃاڻپ کان پري هو، مگر مير رسول بخش خان جي عقابي نگاهن کيس انهيءَ حالت ۾ به سڃاڻي ورتو. ٻين به هزارين ماڻهن جون نظرون مسڪين ۾ کتل هيون جنهن نهايت ئي تيزي سان ۽ جوشيلي نموني دنيا و مافيه کان بي نياز ٿي پنهنجو ڪم پئي ڪيو. ايڏو ڪم ڪندي ڏسي، فرط جوش ۾ مير صاحب وڃي کيس ڀاڪر پاتو ۽ کيس چيائين ته فقط پنج منٽ ڪم بند ڪري ٻاهر نڪر. اوڏي مهل اتي ڪمشنر، ڪليڪٽر ۽ ٻيا هزارين آفيسر ۽ پبلڪ جا ماڻهو اچي ڪٺا ٿيا هئا. مير صاحب مسڪين کي انهيءَ ئي ڀڀوتي حالت ۾جڏهن ڪوڏر سندس ڪلهي تي ۽ تغاري هٿ ۾ هئي ڀاڪر پائي تعارف ڪرائيندي چيو ته هن شخص جي انسان ذات لاءِ محبت اوهين پنهنجي اکين سان ڏسي رهيا آهيون ۽ جنهن جوش خروش سان رات کان وٺي جيڪو هي ڪم ڪري رهيو آهي، اهو اوهان کي بخوبي معلوم آهي ۽ اوهان کي اهو ٻڌي عجب لڳندو ته هي اهو شخص آهي جنهن کي غنڊا ائڪٽ ۾ ٻه سال سخت پورهئي سان سزا ڏني وئي آهي. مسڪين جهان خان کوسو اياز علي لغاري ٿر جي تتل واري ۽ پارڪر جي پٿرن تي پيرين اگھاڙي انگريزن خلاف لڳاتار سورھن سالن تائين ڏڦن، ڀالن، ڪاترن، غليلن ۽ ٻين ھٿراڌو ھٿيارن سان ويڙھ ڪندڙ روپلي ڪولھي جي سرزمين ننگر پارڪر جو ھڪ وساريل ڪردار، جنھن جي اڄڪلھ جي نوجوانن ته ٺھيو پر گھڻن وڏن کي به شايد خبر ھجي، اھو آھي ”مسڪين“ جھان خان کوسو. ھي ڪو وڏو سردار، ڀوتار يا امير ته ھيو ڪونه جو تاريخ جي حوالن ۾ اچي. پر جي اسان ان کي وساريو، ڄڻ ته سنڌ جي ھن عظيم سماجي ڪارڪن سان ناانصافي ڪئيسين. مسڪين ۹ جولاءِ سن ۱۹۰۹ع تي ننگرپارڪر جي ھڪ ننڍڙي ڳوٺ سامي جي ويري ۾ پيدا ٿيو. سندس ڳوٺ جا اڪثر ماڻھو پوليس ۾ ايئن ڀرتي ٿيندا ھئا ڄڻ ته ڪو باقائدي رواج پيل ھجي. مسڪين کي به پوليس جي نوڪري ورثي ۾ ملي. پر ھي ٻين پوليس وارن کان گھڻو الڳ طبع ھوندو ھيو. ڳوٺ جي وڏيري سان جھيڙو ٿيڻ جي ڪري ھن پنھنجي نوڪري تان استعفيٰ ڏئي پنھنجي زندگيءَ کي ھڪ اھڙي ڪم لاءِ وقف ڪري ڇڏيو جنھن ۾ خودي خاڪ ۾ مليو وڃي ۽ ڌڻي طرفان ڀلائي جا ڀاڙا ملڻ شروع ٿيو وڃن. محمد بخش ”مجنون“ بلوچ، مسڪين جي سوانح لکندي سندس تعارف لاءِ جيڪو خاڪو پيش ڪيو آھي اھو ڪجھ ھن ريت آھي: ”ڪرڙوڍ، قد درميانو، جسم جو جانٺو، موڪري منھن تي سفيد سھڻي چاپنئي سونھاري اڇي جھڙي ٻُوھ، مٿو اڪثر اگھاڙو، سياري ۾ اڪثر ملن واري برقعي ٽائيپ ٽوپي يا ڪڏھن ڪڏھن گرمين ۾ کجي واري مولانا ڀاشاني ٽوپي، مليشا جا ڪپڙا سي به ميل ۾ ڪِچ، ھڪ دفعو پائڻ کانپوءِ سج کٽي يا ٻج کٽي، پاڻھيئي ڳري سڙي پنھنجي جان ڇڏائين ته واھ نه ته ٻيو ٿيو خير، ساڄي ڪلھي تي پٺارڪ ڪتابن ۽ اخبارن جي، کاٻي ڪڇ ۾ ٻه ٽي سير اخبارن جو پلندو، ان سان گڏ ٻاوري جو گيڏيو، ھٿ ۾ مس ڪپڙي، کڙيون ڀڄي سپاٽا ٿيل سليپرن سان کرت کرت ڪندو، مٽي جي اڻمئي کِھ اڏائيندو، ٿرين جا ولرن جا ولر پويان لايو ڪنھن آفيس ڏانھن واڪيندو ڪو ماڻھو ويندو ڏسو ته پڪ سمجھو ته اھو مسڪين جھان خان کوسو!“ مسڪين جي پنھنجي ٿر جي محبت جو اندازو ان مان لڳائي سگھجي ٿو ته ھو ٿر ۽ ٿرين کي سکيو ستابو ڏسڻ لاءِ سرڪار کان مختلف طريقن سان گھرون ڪندو رھندو ھو، ڪتاب ڇپرائي اختياري وارن ۽ اسيمبلي جي ميمبرن ۾ ورھائيندو، اخبارن ۾ ليک لکندو ۽ حڪومت کي پنھنجون تجويزون سدائين پيو موڪليندو ھو. پر مسڪين جي ھمٿ جا اصلي جوھر ته ٿر جي ڏڪار وارن ڏينھن ۾ ظاھر ٿيندا ھئا. جيئن ئي ٿر ۾ ڏڪار منھن ڪڍندو، مسڪين پنھنجو ھيڊڪوارٽر وڃي ميرپورخاص کي ٺاھيندو ھو، ڇو ته انھن ڏينھن ۾ سڄي ٿر جون ضلعي ۽انتظامي آفيسون ميرپورخاص ۾ ھونديون ھيون. اتان پاڻ پنھنجي مھمن جي شروعات ڪندو. سندس ھيڊڪوارٽر آفيس ته ھميشه سندس ڪڇ واري گبري ۾ ھوندي ھئي، جنھن ۾ سڄي سنڌ جون اخبارون، ڏڪار بابت مليل اطلاع، ڪجھ ڪتاب ۽ اڇا پنا ھوندا ھئا، لکڻ لاءِ مس ڪپڙي ۽ قلم سندس ھٿ ۾ ھوندا ھئا. شام جو ميرپورخاص ريلوي اسٽيشن جو در وڃي جھليندو ھو. جنھن به ٿري تي نظر پوندس، پاٻوھ منجھان ان سان ڀاڪر پائي ملندو، ان کان ٿر جا حال احوال وٺندو، رات جو ويھي انھن ڏڪار سٽيلن جون درخواستون لکندو، جنھن ۾ ٿرين جي لڏپلاڻ، فصل ۽ پاڻي جي اڻھوند، ٻارن جي بيمارين، موت، مال جي مرڻ جا احوال قلمبند ڪندو، ڏڪار دوران سرڪاري اناج جي ورھاست بابت آڏي پڇا ڪندو، ڪٿي ڪا گڙٻڙ معلوم ٿيس ته ان خلاف درخواستون لکندو، جيڪي واپاري ۽ دڪاندار ڏڪار جي مجبوري ۾ ماڻھن کي ڦريندا لٽيندا، انھن جا احوال ھٿ ڪري انھن خلاف شڪايتون لکندو، رات جي پيٽ ۾ مختلف اخبارن جي دفترن جا دورا ڪري، اھي خبرون سربستيون اخبارن ۾ ڇپرائيندو ھيو. مسڪين صبح جي شروعات به ريلوي اسٽيشن کان ڪندو، جيئن ئي اسٽيشن تي پھچندو ته پليٽفارم تي ۽ آس پاس جي ھوٽلن تي غريبن، ڏتڙيلن جا انبوھ سندس انتظار ۾ ويٺا ھوندا ھئا جيڪي چقمق وانگر ڏانھنس ڇڪبا ايندا ۽ جلوس جي صورت ۾ سندس پويان پويان ھلڻ شروع ڪندا ۽ ويندا سڌو ڪليڪٽر جي آفيس. جتي مسڪين مسڪينن لاءِ مفت درخواستون لکڻ ۽ انھن جي پيروي ڪري، ڪامورن کان ڪارروايون ڪرائي، کين اناج جون پرمٽون وٺرائي ڏيندو، پوءِ نوجوانن جي ولر کي ساڻ ڪري، مختلف آفيسن جا چڪر لڳائيندو ۽ آفيسرن، بيوروڪريٽن ۽ ڪامورن کي منٿ ميڙ ڪندو ته من ڪنھن جوان کي ڪا ڪچي پڪي بيلداري، مقدمي، ٽنڊيلي يا چوڪيداري جھڙي نوڪري ملي پوي. انھن خفن کان جيڪڏھن جھٽ به فرصت مليس ته سڄي شھر جي ميڊيڪل اسٽورن تي وڃي پڄندو ۽ انھن کان ڏڪار سٽيل ٿرين جي لاءِ مفت دوائن جي صدا ھڻندو. ميڊيڪل اسٽورن وارا به سندس سچائي ۽ ايمانداري جا شاھد ٿي ڪري نه فقط ڪيتريون ئي دوائون کيس مفت ۾ ڏيندا، پر وقت ڪڍي انھن جي استعمال جا طريقا به کيس ٻڌائيندا، جيڪي اچي ھو ٿرين ۾ ورھائيندو. ڪجھ عرصو پوليس ۾ نوڪري ڪرڻ جي ڪري ڪيترن ئي پوليس وارن ۽ ڪامورن سان واسطا ھئس، غريب ٿرين جو ھڏڏوکي بڻجڻ خاطر انھن واسطن جو ڀرپور فائدو وٺندو ھو. ڪنھن غريب جي چوري چڪاري ٿيندي ته يڪدم اتي پھچندو، پوليس ۽ ٻين عملدارن جي مدد سان چوريون واپس ورائيندو ھيو. جيڪڏھن کيس ٿرين جو والي وارث چئجي ته ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو. ڪن حاسدن کيس عوام جي خادم بدران ڪولھين جو خادم چوڻ کان به ڪين ڪيٻايو، پر ان ۾ عيب به ڪھڙو؟ مسڪين ٿر جي جنھن علائقي ۾ ڄائو نپنو ان علائقي ۾ آھن ئي اسي سيڪڙو ڪولھي ته پوءِ انھن جي خدمت ڪرڻ ۾ ڪو عيب سُجھي؟ گھران نڪرندو ته مھينن جا مھينا واپس ڪو نه ورندو. غريبن جي خدمت مان فرصت ملي ته پنھنجي ذات ڏانھن ڏسي. ھن پنھنجي عمر جا اٽڪل ٽيتاليھ ورھيه انسانذات جي جيڪا خدمت ڪئي سا ڳڻڻ ۽ لکڻ کان وڌيڪ آھي. ۲۳ جولاءِ سن ۱۹۸۰ع تي نھايت مسڪيني جي حالت ۾ مسڪين جھان خان ھن فاني جھان کان، جنھن دردناڪ حالت ۾ موڪلاڻي ڪئي، اھا لکندي منھنجا ھٿ ڏڪن ٿا. اياز علي لغاري ولد استاد لغاري، ڇپيل روزاني عبرت، هلال پاڪستان، سوڀ، جيجل ۽ مهراڻ ۾، اڱارو بتاريخ ۲۳ جولاء ۲۰۱۹ع تي، ليکڪ جي فيس بڪ وال تان کنيل.) مسڪين جهان خان کوسو [ ۱۹۰۹ع – ۱۹۸۰ع ] ميمڻ عبدالغفور سنڌي مارئيءَ جي ملڪ ”ٿر“ لاءِ محبت رکندڙ ۽ حب الوطنيءَ جو عديم النظير دنيا آڏو مثال پيش ڪندڙ، مسڪين جهان خان ولد بجار خان بن رئيس مير حسن خان (رئيس مير حسن، سنڌ پوليس ۾ انسپيڪٽر جي عهدي تي فائز هو؛ ۽ لاڙڪاڻي ۾ (۱۸۲۱ع ۾) شهيد ٿيو هو. [مسڪين جهان خان کوسو؛ محمد بخش ”مجنون“، ۱۹۶۷ع، صفحو ۲۸].) بن خانبهادر سردار خان بن شهيد شادي خان کوسو بلوچ، (بلوچن ۾ ”کوسا“ مشهور ذات ليکجي ٿي. هو سنڌ ۾ ڪلهوڙن سان گڏجي آيا هئا. وڏا جنگجو ۽ بهادر سڏجن ٿا. ڪلهوڙن جي زوال بعد (۱۸۷۲ع ۾) سنڌ ڇڏي مارواڙ ۽ ڪڇ جي صحرائي حصن ۾ ٺڪاڻا ٺاهي رهڻ لڳا. تتيءَ ٿڌيءَ جا عادي ۽ بهادريءَ جا بهترين جوهر ڏيکاريندي، ٿر ۾ پنهنجو ناماچار ڪڍيائون. ڏسو؛ Memoirs on the Thar & Parker -Capt: Stanley Napier Raikes: ۱۸۵۶, P.P۶۸) هڪ عظيم انسان ٿي گذريو آهي. سندس ولادت ۱۲ صفرالمظفر ۱۳۳۸هه مطابق ۹ جولاءِ ۱۹۰۹ع تي ننگرپارڪر ۾ ٿي هئي. ننڍپڻ کان ئي رحمدل، سلڇڻو ۽ ماٺيڻي طبيعت جو مالڪ هو. ”کوسا“ ۽ ”مسڪين“! سچ پچ ته متضاد صفتون آهن، ڇاڪاڻ جو کوسا، حالانڪ پئسي پنجڙ ۾ مسڪين (غريب) به ڇو نه هجن، بلڪ طبيعت ۾ هو مسڪين ٿي هرگز نٿا سگهن!! کوسا، کٽل ته به ”خان“ جي ڏک ڏيندا. پير ۾ جتي نه به هوندن، تاهم به جوش ۾ سيٽيل ضرور نظر ايندا. سندن گهر ۾ ڀل چار ڏينهن دانگي نه به چڙهي، مگر سندن ٻاهر ڳالهائڻ جو انداز اميراڻو پيو معلوم ٿيندو. وات جي کڙڪي ۾ هو اهڙا ته کرا آهن، جو اڳلو کين ائين سمجهندو، ته ”مڙسن جو شايد لک تي مٿو ٿو ڌوپي!!!“ مطلب ته کوسن جي ٻاهرين بناوت اهڙي ته ڀرجهلي ڏسڻ ۾ ايندي آهي، جو سندن اندر کوکلي هجڻ جي هوند کڙڪ به محسوس ڪري نه سگهبي آهي. مگر هت ته قصوئي انهيءَ جي برعڪس آهي، ته جهان خان جهڙو جوڌو جوان؛ جنهن کي پوليس جي ملازمت به ورثي ۾ مليل هجي، تنهن جي طبيعت ۾ ايتري قدر ته حسين امتزاج موجود ملي، جو سندس سيرت، بلوچن جو ناز بڻجي پوي. خدا ڄاڻي ڪهڙي اچي دل ۾ پيس؛ جنهن کان پاڻ کي ئي جوانيءَ ۾ ئي ”مسڪين“ سڏائڻ لڳو. ”مسڪين“، ۱۹۳۷ع کان ملازمت ترڪ ڪرڻ بعد، غريبن جي خدمت لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو هو. ايتري تائين جو مهينن جا مهينا مسڪينن جي مدد لاءِ گهر کان ٻاهر رهيو. پوءِ ڀل ٻچا پيا سندس صورت لاءِ ترسن. سندس گهر موٽڻ جو سبب، مٽ مائٽ جو موت يا زوري غريبن جي گهيري مان کنڀي کڻي اچڻ هوندو هو. ورنه پاڻمرادو موٽڻ مشڪل هوس. پڇاڙيءَ ۾ هڪ ڊگهي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي پيو؛ جنهن ڪري ۹ رمضان المبارڪ ۱۴۰۰هه مطابق ۲۳ جولاءِ ۱۹۸۰ع تي وفات ڪيائين. اڪثر هٿ ۾ گيڏيو (ٿري لڪڻ) هوندو هوس. مليشيا جو لباس سندس جسم جي سونهن سمجهبو هو. وٽس ”سماجڪ سڌار جذبو“ پڇاڙيءَ تائين قائم رهيو. پٺ پڌري اٿس. کيس زندگيءَ ۾ ته سک نصيب نه ٿيو، پر مرڻ وقت به سندس ڪو اوهي واهي نه ٿيو. ڄامشوري اسپتال ۾ (وارڊ ۶) لاوارثن جيان باقي حياتيءَ جا سج ڳڻيندي، آخري ۷۰ سالن جي عمر ۾ ”مسڪين“ موڪلايو. اها ڪيڏي نه قومي بي حسي آهي، جو برابر ٻه ڏينهن سندس لاش اسپتال جي سرد خاني ۾ پيو رهيو. آخر ڊاڪٽرن جي ذاتي دلچسپي، ٿرپارڪر جي انتظاميه تائين پهچائي، کيس سپرد خاڪ ڪرايو ويو. وٽس ورثي ۾ ۱۹۳۰ع کان روزانه اخبارن جا مڪمل فائيل رکيل آهن. کيس ”ٿرپارڪر جي گشتي تاريخ“ سڏجي ته بيجاءِ نه ٿيندو. دنيا ۾ ڪيترا ئي قومي ڪارڪن، سوشل ۽ پبلڪ ورڪر ٿي گذريا آهن، مگر مسڪين کوسي جهڙا جذباتي ۽ جنون رکندڙ ورلي لڀندا. مسڪين، هڪ اعليٰ ۽ بهادر بلوچ خاندان جو چشم چراغ هو. ميراڻي دور ۾ سنڌ ۽ مارواڙ جي هڪ وڏي حصي تي کين حڪومت حاصل هئي. مسڪين کوسي جي ٿر لاءِ محبت انهيءَ اعليٰ ۽ ارفع دائري ۾ داخل ٿي چڪي هئي؛ جنهن ۾ مارئيءَ جو بي چين ۽ ڀٽڪيل روح ورهين کان وٺي ٿر جي ڀيانڪ ڀٽن جو واس وٺندو رهيو آهي. انهيءَ عفت ماب ۽ اعليٰ ڪردار، غيرتمند مارئيءَ جي روح کي يقياً تسڪين ڏني هوندي؛ جنهن سندس حب الوطنيءَ جي جذبي کي زنده جاويد رکڻ لاءِ ”مسڪين“ جهڙو مرد مجاهد، سندس ئي ڏاڏهي ڏيهه ۾ پاڻ پتوڙيو هو. انهن ئي نيڪين عيوض کيس ”ٿر جو گانڌي“ به سڏيندا هئا. ٿر ۾ رهندڙ اقليتي فرقا ته کيس ”پير“ ڪري سمجهندا هئا. مسڪين جهان خان کوسو الله جڙيو شاد/جهڏو روپلي ڪولهيءَ جي ننگر پارڪر جي ڌرتيءَ جي هڪ ڳوٺ ۾ پيدا ٿيندڙ جهان خان کوسو جو شمار عظيم سماجي ڪارڪنن ۾ ٿئي ٿو. سندس وڏڙا پوليس جي نوڪري ڪندا هئا ۽ پاڻ به ۱۸ سالن جي عمر ۾ پوليس کاتي ۾ ڀرتي ٿيو پر جلدي ئي ڳوٺ جي وڏيري سان وڙهي پيو ۽ نوڪريءَ کي خير باد چئي، اچي غريبن جي ڪمن کي لڳو. بعد ۾ پاڻ کي جهان خان مان مسڪين جهان خان کوسو سڏائڻ لڳو. مسڪين جهان خان اڪيلو هو ۽ اڪيلي ئي ڪشالا ڪاٽيائين. ان ۾ سندس عظمت ان ڪري به آهي، ته مسڪين کي ڪوڙا ڏَٽا ڏيئي، غريب ٿرين کان ووٽ وٺي ويندڙن تي ڀروسو ڪونه هو. ساڳئي وقت مسڪين ووٽ وٺي خدمت ڪرڻ واري راهه کي غلط سمجهيو. ڇاڪاڻ ته هن جي اکين اهڙا تجربا ڏٺا هئا، ته اختيار اچي وڃڻ سان نيت بدلجيو وڃي. انڪري هن ٻي ڪا واٽ نه ڏسي ٿر واسين جي خدمت جو بار پنهنجي ڪلهن تي کنيو ۽ هن ۴۵ سال انسانذات جي خدمت ڪئي. مسڪين جهان خان کي تَر جي وڏيرن غُنڊا ائڪٽ تحت جيل اُماڻي ڇڏيو ۽ بنا ڪنهن سبب جي هن کي ٻه سال سزا آئي ۽ هن هڪ سال سزا ڪاٽي آزادي ماڻي. مسڪين جهان خان کوسو ٿري هو، سندس رَڳ رَڳ ۾ ٿر رچيل هو، سندس جيئڻ به ٿر لاءِ ۽ مرڻ به ٿر لاءِ هو. مسڪين جهان خان کوسو ڄڻ ته ٿر پارڪر جي گشتي تاريخ هو. هن سڄي حياتي ٿري ماروئڙن جا مسئلا نبيرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو ۽ پوري زندگي ٿرين لاءِ وقف ڪري ڇڏيائين. مسڪين جي ٿر لاءِ محبت جي اها انتها هئي، جو هو پنهنجي ههڙي برپٽ بيابان کي به جنت سمجهندو هو. ٿر ۾ ڪابه مصيبت آئي، ڏُڪار آيو يا ڪا بيماري وغيره منهن ڪڍيو، ته مسڪين جو سُک ڦِٽي ويندو ۽ ٿرين جي مصيبت کان آگاهه ڪرڻ لاءِ اختيارين کي ننڊ مان اٿارڻ لاءِ پيو ڪوششون ڪندو هو. مسڪين جهان خان کي آمريڪا جي هڪ اداري طرفان سماجي خدمتن جي حوالي سان عالمي مڃتا طور انعام پڻ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جيڪو سندس پٽ جي معاشي حالت ڪمزور هئڻ سبب ملي نه سگهيو. مسڪين جهان خان جي زندگيءَ تي هڪ ڪتاب پڻ ڇپرايو ويو آهي. آخري ڏينهن ۾ لاڳيتو بيماريءَ سبب هو ذهني توازن وڃائي ويٺو هو ۽ ڪنهن کي به ڪونه سڃاڻندو هو ۽ بيماريءَ سبب تمام گهڻو ڪمزور ٿي ويو هو، پر هي ظالم زمانو مسڪين کي بچائي ڪو نه سگهيو ۽ تڙپي تڙپي هو ۲۳ جولاءِ ۱۹۸۰ع ۾ سول اسپتال ڄامشوري ۾ اسان سڀني کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويو. مسڪين جهان خان کوسو ٿر جو امر ڪردار مير نادر علي ابڙو ٿر جو نالو وٺڻ سان ذهن جي آغوش تي پراڻي يادن جي ڊائري جا ورق ڪنهن ماضي وانگي اچي بيهي رهندا آهن ۽ مون کي اياز جون اهي سٽون ياد پونديون آهن ته: جت لڪ لڳي جتي اڪ پچن، سو ديس مسافر منهنجو ڙي! اڄ ۲۳ جولاءِ انهي ٿر ڄائي ڪارونجهر جي رکوالي مسڪين جهان خان کوسي جي ورسي جو ڏينهن آهي پر اسان سڀ معاشرتي تنگ نظري سبب کيس وساري ويٺا آهيون، ڪنهن کي ياد ڪونهي، ته ڪو اڄ ۲۳ جولاءِ تي مسڪين جهان خان کوسي جي ورسي آهي ۽ نه وري منهنجي ناليج تائين اهڙو ڪو سنڌ ۾ ڪٿي پروگرام رکيو ويو آهي، اها اسان جي ڪيڏي بدنصيبي آهي، جو اسان پنهنجي محسن کي وساريندي پراڻيون روايتون ڇڏيندي رڳو مفادن جي جنگ پويان پيل آهيون. مون کي ياد پوي ٿو ته جڏهن منهنجو والد ڪامريد تاج محمد ابڙو ميرپورخاص ضلعي جو ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج هو، ته انهي وقت مٺي ۽ عمرڪوٽ ضلعا ميرپورخاص سان سلهاڙيل هئا. ميرپورخاص ۾ رهندي والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو واتان خبر پيم، ته هن علائقي جو هڪ وڏو سماج سڌارڪ آهي جيڪو پاڻ کي مسڪين ٿو سڏائي. منهنجي والد مسڪين جهان خان کوسي جي حوالي سان کوڙ ساريون ڳالهيون ٻڌايون جنهن کي ٻڌڻ بعد دل ۾ خيال آيو ته مسڪين جهان خان کوسي سان ضرور ملبو. انهي نيت هيٺ ميرپورخاص ريلوي اسٽيشن لڳ موجود عثمانيه مسافر خانو جتي ٻڌو هيم ته مسڪين جهان خان کوسو رهندو آهي اتي وڃڻ ٿيو، بعد ۾ خبر پئي ته پاڻ ننگر پارڪر ڏي ويل آهن. هوٽل تي ويٺل هڪ پيرسن سان مسڪين جهان خان کوسي جي حوالي سان حال احوال اورياسين ته هن هڪ کٽ ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته اها کٽ مسڪين جهان خان کوسي جي حوالي ٿيل آهي. پاڻ سڄو ڏينهن اتي آرام ڪندا آهن ۽ وٽن ٿر مان لا تعداد ٿريا ڪم لاءِ ايندا آهن. پاڻ بغير ڪنهن لوڀ لالچ جي آفيسن ۾ وڃي انهن جا ڪم ڪرائي ڏيندو آهي. هن پيرسن ٻڌايو ته سندس سماجي خدمتن جي سبب هوٽل مالڪ مسواڙ به ناهي وٺندو. تنهن بعد بابا سائين جي ميرپورخاص مان بدلي ٿيڻ ڪارڻ مسڪين جهان خان کوسي ساڻ ملاقات جو خواب اڌورو رهيو پر سندس شخصيت جي حوالي سان جيڪي ڪجهه ٻڌو، تنهن کي ٻڌڻ بعد ذهن چڪرائجي ويو، دل ۾ اهو خيال آيو ته ڪو ٿر جهڙي پٺتي پيل وارياسي علائقي مان سنڌ جي ايڏي سڄي تاريخ ساز شخصيت به جنم وٺي سگهي ٿي. جيڪر ٿر مان مسڪين جهان خان کوسي جو نالو ۽ ڪارونجهر جو پرچار ڪٽجي ته ٿر ۾ باقي ڇا وڃي رهندو. مسڪين جهان خان کوسو بنيادي طور فقير صفت انسان هو، هن ٿرين جي هر قسم جي سار لڌي انهيءَ وقت ۾ جڏهن ٿر جي اندر پٽيل راڄ جو داٻو هو، مسڪين جهان خان کوسي کان غريبن جي حالت ڏٺي نه ٿيندي هئي هو انهن جي اکين ۾ آيل ڳوڙهن کي برداشت نه ڪري سگهندو هو، اهو ئي سبب هو جو جڏهن ٿر ۾ ڀيانڪ ڏڪار آيو ۽ ٿريا ماني ڳڀي لاءِ پريشان هئا، ته انهي وقت ۾ مسڪين جهان خان کوسي پنهنجا سمورا غم وساري پنهنجي سموري ملڪيت کپائي سمورو پئسو غريب ٿرين ۾ تقسيم ڪري ڇڏيو. جڏهن ته ان وقت ۾ مسڪين جهان خان کوسي جو شمار ٿر جي امير ماڻهن ۾ ٿيندو هو، مسڪين جهان خان کوسي جي سماجي خدمتن ۽ انسان دوست رويي سبب کيس آمريڪا جي هڪ تنظيم آمريڪن بايو گرافيڪل انسٽيٽيوٽ پاران مڃتا ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو، اهڙو اطلاع مسڪين جهان خان کوسي جي پٽ مسڪين بجر خان کوسي کي تنظيم جي اختيارن هڪ ليٽر ذريعي ڏنو پر هو غربت سبب آمريڪا نه وڃي سگهيو نه ئي ايوارڊ وصول ڪري سگهيو پر ان وقت جي عمرڪوٽ جي ايس پي سيد احسان شاهه راشدي پوليس جي پگهارن ۾ ڪٽوتي ڪئي ۽ مسڪين بجر خان کوسي کي ڏوڪڙ ڏنا، ته هو آمريڪا وڃي پنهنجي والد جو مڃتا ايوارڊ وٺي اچي، پر اهي به ڏوڪڙ آمريڪا وڃڻ لاءِ ناڪافي هئا. جڏهن ته انهي آڙ ۾ عمرڪوٽ جي چند سفيد پوش ماڻهن چندا پڻ ڪيا، جيڪي ڏوڪڙ مسڪين جهان خان کوسي جي پٽ بجر خان کي نه مليا. بعد ۾ پريس ڪلب عمرڪوٽ جي اندر پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مسڪين بجر خان کوسي چيو ته هاڻ هو ايوارڊ وٺڻ لاءِ ڪنهن جي آڏو هٿ نه ڦهلائيندو، پوليس واري ڊيوٽي کان رٽائرمينٽ وٺڻ بعد انهن پئسن مان آمريڪا وڃي مسڪين جهان خان کوسي کي مليل مڃتا ايوارڊ وٺي ايندو پر سپنو هن جو ساڀيان نه ٿي سگهيو. هو پوليس واري ڊيوٽي تان ته رٽائرڊ به ٿيو ته وري به ڏوڪڙن جي کوٽ ان لاءِ مسئلو بڻيل هئي. اڄ انهي ٿرين جي هڏ ڏوکي انسان مسڪين جهان خان کوسي جي ورسي جو ڏينهن ۲۳ جولاءِ آهي، پر وري به ڏک ان ڳالهه جو آهي ته اسان هن مهان انسان لاءِ ڪجهه به ناهيون ڪري سگهيا، هن جا خواب اڌورا رهجي ويا اڄ ٿر ۾ ٿرين جي نالي تي کوڙ اين جي اوز ڪم ڪن پيون پر اهي اهڙو ڪوبه انقلاب نه آڻي سگهيون، نڪو وري انهن اهڙو ڪو ٿرين کي شعور ڏنو آهي، جيڪو مسڪين جهان خان کوسي ڏنو هو. منهنجي سنڌ حڪومت کي اها وينتي آهي، ته ٿرپارڪر ضلعي ۾ هر ۲۳ جولاءِ تي مسڪين جهان خان کوسي واري ورسي واري ڏينهن عام موڪل جو اعلان ڪيو وڃي ۽ سرڪاري طرح سان ٿرپارڪر ضلعي جي هيڊ ڪوارٽر يا ننگر پارڪر ۾ ورسي ملهائي وڃي، مختلف شخصيتن جن پنهنجي فيلڊ ۾ نانءُ ڪمايو آهي، تن کي مسڪين جهان خان کوسو ايوارڊ ڏنا وڃن ۽ مسڪين جهان خان کوسي جي نالي تي ٿر ۾ ڪاليج، يونيورسٽي، اسٽيڊيم ۽ ميوزيم وغيره قائم ڪيا وڃن. ائين ڪرڻ سان اسان دنيا جي اڳيان اهو چورائڻ جي لائق ٿي وينداسين ته اسان پنهنجن محسنن جي تهه دل سان عزت ڪيون ٿا. (خبرون، سنڌو ڊائجسٽ، هلچل، عوامي آواز، مقدمو، سوڀ، هلال پاڪستان، سنڌ، مهراڻ، سنڌو، سڪار، عبرت، فيصلو، تعمير سنڌ) مسڪين جهان خان کوسو سنڌ جو هڪ کاهوڙي ڪردار فقير حاجن نظاماڻي رب سائينءَ جي هن دنيا ۾ ڪيترائي انسان اهڙا پيدا ٿيا آهن، جن پنهنجي زندگيءَ کي انساني ڀلائيءَ جو مقصد بڻايو. اهڙن نيڪ دل انسانن مان مسڪين جهان خان کوسو به هڪ هو. هو ۱۹ جولاءِ ۱۹۰۹ع تي ڳوٺ سامي ويري ۾ ڄائو، ۱۹۸۰ع ۾ وفات ڪيائين. مسڪين جهان خان کوسي جي شخصيت تي محمد بخش مجنون ڪتاب لکي عملي ڪردار ادا ڪيو آهي، جنهن سببان سندس شخصيت جي ڪم کي ساراهيو ويو، نه ته ڪا به خبر نه پوي ها. هن دلير شخصيت جهڙا ڪيترائي سنڌ جي ڌرتيءَ جا اهڙا جُوڌا، جوان پيدا ٿيا آهن، جن جا نالا نشان ڪنهن به واضح ناهن ڪيا، جن بنا لالچ جي عوامي ڪم ڪيا آهن، جيڪي خدا جي مخلوق سان محبت ۽ شفقت ڪندا رهيا، جن پنهنجي زندگي رب سائينءَ جي مخلوق کي ارپي ڇڏي، انهن ۾ حاجي اشرف ٿيٻو بدين وارو به آهي، جنهن جي زندگي تي ڪيترائي ڪتاب لکي سگهجن ٿا. هُن هميشه غريبن جي مدد ڪندي پنهنجي زندگي گذاري هئي. جيڪو مسڪين جهان خان وانگر ته نه هو، ڇو ته امير ماڻهو هو، ڪيترائي سؤ ايڪڙن جو زميندار هو، پر زندگي غريب ماڻهن جي حوالي ڪري ڇڏي هئي. غريبن جي نياڻين جون شاديون ڪرائڻ، اناج جي خيرات ٻارهن ئي مهينا ڪندو رهندو هو. اهڙن مثالي ڪردارن ۾ پير محمد جڙيل عرف جڙيو ڀٽ شاهه، جنهن جي ٻارهن سؤ ايڪڙ زمين هئي پر گهر ۾ جيڪي ڪجهه هوندو هو، غريبن کي ڏئي ڇڏيندو هو. گهر ۾ ڪڏهن ڪڏهن ويلا پئجي ويندا هئا، ان کان علاه گهوڙا به بنا کاڌي جي بيٺا هوندا هئا، پر مجال آهي جو محمد جڙي پير جو گهوڙو بک تي دانهن ڪري. ماڻهو ڳالهيون ڪندا آهن ته پير محمد جڙيو گهوڙن سان مخاطب ٿي چوندو هو ته اسان جي ماني پوءِ پهرين اوهان جي ڪُتر يا گاهه جو بندوبست ڪيو ويندو، پر دانهون نه ڪجو ته گهوڙا خاموش ٿي ويندا هئا. سوين مريد، سوين ايڪڙ زمين سان گڏ ڀٽ شاهه جي اهم شخصيت هوندو هو پر توڪل صرف رب سائينءَ تي هوندو هو. غريبن جي لاءِ هر وقت مددگار هوندو هو. ڪپڙن ۾ کيسو به نه هوندو هئس، جيڪي ملي رب جي راهه ۾ ڏيئي ڇڏيندو هو. اهڙن مثالي ڪردارن تي ڪم گهٽ ٿيو آهي. رئيس حاجي حيدر خان نظاماڻي به هڪ اهڙي ئي انمول شخصيت هئي، جيڪو ملڪان ملڪ مشهور هو. سندس سخاوت جي هاڪ پوري سنڌ ۾ ته هئي پر جڏهن حاجي حيدر خان نظاماڻي سعودي عرب حج جي سعادت ادا ڪرڻ ويو ته اُتي جي بادشاهي مهمان خاني ۾ سندس سخاوت جي ڪري رهايو هو. ڏينهن هجي يا رات مسافر اٺن وارا هجن يا ڪي وري مسافري وارا، انهن جي رهائش جو مڪمل بندوبست ٿيل هوندو هو. اسڪول جي لحاظ کان سندس ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻي مشهور هو، حاجي حيدر خان نظاماڻي مهمان خاني ۾ هڪ سو کان وڌيڪ مسافر ٻاهر رهندا هئا، جن جي سار سنڀار حاجي حيدر خان نظاماڻي صاحب پاڻ ڪندو هو. غريبن جي مدد ڪرڻ تي خوشي محسوس ڪندو هو. مسافر شاگردن کي کاڌي پيتي کان وٺي ڪپڙا خرچي سندس ذمي هوندي هئي. ان کان علاوه به خرچي ڏيندو هو. استادن جي مڪمل رهائش به سندس ئي ذمي هوندي هئي. سندس ئي خاندان جي حاجي شفيع محمد نظاماڻي مدرسي کي ۽ اسڪول کي ٽي سو ايڪڙ زمين ڏني، جيڪي هن وقت تعليمي نظام کي وقف ڪيل آهن. جيڪا منصورا جي مدرسي کي زمين مليل آهي پر هنن عظيم شخصيتن کي محمد بخش مجنون نه ملي سگهيو، جيڪي هنن جي ڪردار کي اُجاگر ڪري سگهي. ڀلي ڳالهه آهي جو محمد بخش مجنون، مسڪين جهان خان کوسي کي مليو، جنهن مٿس ڪتاب لکي هُن جي ڪردار کي محفوظ ڪيو. الغرض اهڙن مثالي ڪردارن بابت لکڻ گهرجي، جنهن جو رجحان اسان وٽ گهٽ آهي. ليکڪن کي پنهنجي اردگرد جي ماحول ۾ رهندڙ سخي مردن، بيباڪ ماڻهن جي تاريخ تي لکڻ گهرجي. ڪي ٽي ڏينهن اڳ ميرپورخاص اجرڪ ڪلب ۾ مسڪين جهان خان کوسي جي ڪردار تي ٿيل سيمينار ۾ ڪافي دوستن اهم ڳالهيون ڪيون،ان جو ظاهري مثال هڪ آئون ڏيان ته مسڪين جهان خان کوسي جي ڏوهٽي علي بخش کوسي جي شرڪت ٿي پر ان کي ڪنهن سيڪشن جي صدارت نه ڏني ويئي هئي، جنهن جو مونکي ذاتي ڏک ٿيو. آئون پڻ ان سيمينار ۾ شريڪ ٿيو هئس. ان ۾ انتظاميه جو ڪو معاملو به ٿي سگهي ٿو پر جيڪا حقيقت آهي، اُها اوهان جي سامهون آهي. اسان تي هڪ ٺپو به لڳل آهي ته اسان مرده پرست آهيون، مرڻ کان پوءِ ڳالهين جي پرچار ڪجي ته ڪهڙو فائدو. آئون وري جس ٿيو ڏيان جيڪي ڪجهه نه ڪجهه ڪم ڪن ٿا، ڪي تنظيمون ته رڳو ڪاغذن جو پيٽ ڀرڻ ۾ پوريون آهن. هن سيمنار ۾ ڪافي ڳالهيون سکڻ لاءِ به مليون، پر اسان جي شوق جو صرف مقام پنهنجي پاڻ تائين نه هئڻ گهرجي. اسان جي سوچ غريب عوام لاءِ هئڻ گهرجي، جيڪي صرف الله جي سهاري انسان آهن، انهن انسانن جو به خيال رکڻ گهرجي. جيئن مسڪين جهان خان کوسو خيال رکندو هو. چون ٿا ته ريلوي اسٽيشن تي وڃي ويهندو هو، اُتي ايندڙ ماڻهن کان، انگ اکر پڇندو هو ته ڪيترا ماڻهو ڏڪار جي ڪري گس ۾ اوهان کي مليا هئا، ڪيترو مال اوهان مئل ڏٺو؟ اُهي انگ اکر گڏ ڪري، وري انهن مٿان آرٽيڪل لکي، عبرت اخبار ۾ شايع به ڪرائيندو هو. ڇا ته هي انسان هئا، غريبن جي مدد بنا لالچ جي ڪندا هئا. ماڻهن وري سياست جي حوالي سان سمجهي هن فقير صفت انسان کي جيل جو منهن به ڏيکاري هو، پر اهڙين ڳالهين جي هن فقير صفت انسان کي ڪا به پرواهه ڪانه هوندي هئي. ڇو ته پوليس جي نوڪري به خلقِ خدمت جي ڪري اڳ وڃائي چڪو هو. ڪيترائي سندس دشمن هئا، پر پنهنجي ڪم ۾ اڳي کان اڳرو هوندو هو. هر قسم جي متڀيد کان عاري هي فقير سدائين ميگهواڙن، ڀيلن جي مدد ڪندو به ائين ئي ڪندو هو، جيئن مسلمانن جي ساهتا ڪندو هو. هن دولهه دلير انسان کي جس هجي، پنهنجي حياتي ٿر جي غريب بي سهارا ماڻهن جي لاءِ ارپي ڇڏي هئي. ٿر سنڌ جو پسمانده علائقو ضرور آهي پر هتي ڪي اهڙيون شخصيتون ٿي گذريون آهن جن جي ڪم کي بلڪل وساري نٿو سگهجي. مسڪين جهان خان کوسو جون ڳالهيون ٻڌي مولانا جلال الدين رومي جي شعر جو مفهوم ياد اچي ٿو ته خدا جي طرف ڪيترائي رستا وڃن ٿا پر مون خدمتِ خلق وارو رستو اپنايو آهي. الله جي مخلوق سان پيار ڪرڻ ئي رب سائينءَ سان پيار ڪرڻ جو اظهار آهي، جيڪي ماڻهو رب جي مخلوق جي خدمت ڪن ٿا، انهن کي جيڪو سڪون رب سائينءَ نصيب ڪري ٿو، اهو دنيا جي ڪنهن به ڪرت ۾ نٿو ملي، نه بنگلا نه ماڙيون، نه لگزري گاڏين مان، نه ئي وري ڪنهن لذت واري ڪم ۾ اها ڪيفيت موجود هوندي آهي. هڪ ڳالهه جي صلاح ضرور ڪندس ته مسڪين جهان خان کوسو جيڪو ڪم ڪيو آهي، انهيءَ ڪم کي مدِنظر رکندي ان جي مشن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ سرڪاري طور ادارو سندس ئي نالي تي قائم ڪيو وڃي، جيڪي ٿري ماڻهن کي مشڪلاتون پيش ان وقت اينديون هيون، اُهي اڄ به آهن، پر مسڪين جهان خان کوسو ڪو به ڪونهي ڪو، امداد لاءِ ٻني ٻاري لاءِ غريبن جي سهائتا لاءِ هڪ جامع ادارو ڪم ڪري، جيڪي مقامي انتظامي نظام جي هيٺان هلي، جنهن سان غريبن جي مدد ٿيندي ۽ مسڪين جهان خان کوسو جو روح پرسڪون ٿيندو. (ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۳ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل) مسڪين جهان خان کوسو ٿر جو مسيحا ناشاد سمون ٿرپارڪر جي ننگرپارڪر تعلقي جي هندستاني سرحد جي ويجهو ڳوٺ سامي جي ويري جي روايتي ٻروچ بجر خان کوسي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ان ٻالڪ جي باري ۾ ڪنهن ٿي ڄاتو ته کوسا خاندان جو هوندي پاڻ کي مسڪين سڏائيندو ۽ مظلومن، محڪومن، مسڪينن جو سهارو بڻبو، جيڪو ڏتڙيل ڏيهه واسين جي حقن لاءِ ڏاڍن سان ٽڪرون کائي ڪارونجهر جيئن ثابت قدم ٿي بيٺل رهندو، مسڪين جهان خان کوسو جنهن کي ٿر جا ماڻهو مسڪين جي نالي سان ياد ڪندا آهن، اهو هڪ شخص نه هو هڪ سماجي خدمت ۽ انساني محبت جو اهڙو ادارو آهي جنهن جي ڪردار جي وجو د کي دائمي بقا آهي ۽ تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ اها ڪٿا آهي جنهن جي پڙهڻ کانسواءِ سماجي خدمت جي دعويٰ ڪرڻ پاڻي تي ليڪي برابر آهي، رڳو پڙهن ئي نه پر اپنائڻ جي به ضرورت آهي. مسڪين جنهن قبيلي ۾ جنم ورتو ۽ روايتن کي ٽوڙي پاڻ مسڪين بڻيو اها اڻ ٿيڻي هئي، ڇو ته بقول محمد بخش مجنون جي “کوسو ۽ مسڪين، کوڙو ئي ڪو نه لڳي”، محمد بخش مجنون مسڪين جهان خان کوسي جي زندگي ۽ ڪردار تي بهترين ڪتاب لکيو آهي، جنهن پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته کوسو معاشي طور تي غريب ڀلي هجي پر ظاهري روپ ۾ اهو ئي رعب ۽ دٻدٻو هوندس. مسڪين انهن سڀني روايتن کي ڇڏي فقيري طبيت اختيار ڪندڙ پهريون شخص هو، جنهن ٿر جي ڏکن ماريل ماروئڙن سان اها محبت ڪئي جيڪا صدين تائين نٿي ميسارجي سگهي، جن جي جيون ۾ هر اڀرندڙ سج جا پهريان ڪرڻا وڏيرن ۽ رئيسن جي اوطاقن ۾ ٻهاريون ڪڍندي ۽ ٿاڻن تي ڪاٺيون ۽ پاڻي پهچائيندي اکين تي پوندا ها، ۽ هر شام سڄي ڏينهن جي سخت ڪاڙهي ۾ ڪڙهي ٿاڻن ۽ وڏيرن جي بيگرون ڪرڻ کانپوءِ ڪچي ۽ ڪکائين جهوپڙي جي اداس اڱڻ ۾ جهڪيل ڪنڌ سان ڇنل کٽ تي سليماني چانهه جا گرم ڍڪ ڀريندي مس گذرندي هئي ته شام ٿيڻ سان پوليس وارا صوبيدار جي آيل خاص دوستن جي گهوڙن جي تيمارداري ڪرڻ لاءِ گهر جي گهٽي تي اچي سڏيندا هئا ۽ ائين انهن غريبن جون ڪيئي راتيون به ٿاڻن ۾ گهوڙن جي چاڪري ڪندي گذر ٿي ويندوين هيون، جڏهن ٿر سڀني سهوليتن کان محروم ۽ جدتن کان وانجهيل هو ۽ تعليم جو تناسب نه هئڻ برابر هو، شعور جو ڏڪار هو، غريب ٿر واسي وڏيرن رئيسن ۽ پوليس جي رحم ڪرم تي هئا، اظهار جي آزادي لاءِ چپن تي مهرون مڙهيل هيون، ڪڇڻ ڪافر ٿيڻ برابر هو ۽ محافظن هٿان مسڪين ماڻهن جو بي ڏوهه گرفتار ٿيڻ ۽ وڏيرن رئيسن جو چوڻ نه مڃيندڙ ٻي معني ۾ ونگارون نه وهندڙن جي بدن تي پوليس جي لٺين جو وسڻ عام هو ۽ ۽ ان ظلم ۽ ناانصافي جي روڪٿام لاءِ ڪنهن جو آواز جو اٿڻ به مشڪل هو ته ان وقت ڪنهن مسيحا جونه اچڻ به اڻٽر هو، اهو ئي وحشتن ۽ ظلمتن جي دور هو، جڏهن مسڪين پوليس جي نوڪري کي لت هڻي اچي غريبن مظلومن سان گڏ بيٺو ۽ سندن حقن جي آواز ۾ هم آواز ٿيو مسڪين جي ٿر ۽ ٿر واسين سان محبت ۽ سماجي خدمتن کي ڪنهن ماپ ۽ پيماني جي ضرورت ئي ناهي هن ته پنهنجو پاڻ انهن ڌڪاريل ماڻهن ۾ سمائي ڇڏيو هو ۽ انهن جي ڏکن دردن کي پنهنجو درد سمجهي ورتو هو، سندن سڀني انساني حقن جي لتاڙ ۽ پلئه پوندڙ بي واجبين جي کيس بخوبي خبر هئي، مسڪين جهان خان کوسو انهن مسڪينن لاءِ ڄڻ ته مسيحا هو، جنهن محبت ۽ آٿت جو ڇانورو آڙهر بڻيل زندگين لاءِ پناهه جيئن هو. مسڪين جو هڪ هڪ ٿر جي تتل ريت تي پيرين پنڌ ڪيل ڊگهو سفر ڪنهن ٺلهي هام هڻدڙ نام نهاد اين جي اوز جي وڏي پراجيڪٽ کان مٿي آهي، هن ته انيڪ ٺار ٺريل ڏيل ڏڪائيندڙ سرد راتيون ميرپورخاص جي فوٽ پاٿن تي غريب ٿر واسين سان گڏ گذاريون مسڪين ٿر جي ماروئڙن جي مسئلن جي حل لاءِ ڪيئن ڏينهن رات ڪوششون ڪندو هو ۽ ڪهڙي رٿابندي تحت مختلف شعبن ۾ ورهائي رکندو هو، ان سڄي ڪٿا کي هڪ ته وڏڙا ٻڌائي سگهن ٿا، جن جي دلين ۾ اهي ڏينهن اڻ وسرندڙ ياد بڻجي سمايل آهن، ٻيو محمد بخش مجنون جي ڪتاب مسڪين جهان خان کوسو جي صفحن ۾ پڙهي سهگجي ٿو. مسڪين وٽ مذهب، ذات ۽ رنگ نسل جي فرق کان بلڪل فراريت هئي ۽ ڪائنات جي ڪل رنگي ۽ انساني ڀائپي برابري واري سوچ هئي اهو ئي سبب هو جو ڏاڍن جي ستايل مظلوم ڪولهين جا ولر مسڪين جي پويان هوندا هئا ۽ هي ڪنهن ديومالائي ڪردار جهڙو شخص ميرن ڪپڙن ۾ (گيڏيو) ننڍڙي لٺ هٿ ۾ اخبارون، مسئلن بابت درخواستون ۽ ڪورن ڪاڳرن جون ڀريون ڪڇ م کنيو سرڪاري آفيسن جا چڪر پيو ڪاٽيندو هو ۽ ٿر کان هر ايندڙ ويندڙ کان پيو پڇندو هو ته ٿر ۾ ڏڪار جي صورتحال ڪيئن آهي امدادي ڪاراويون ڪيئن پيون هلن، ٿر واسين جو حال ڪيئن آهي؟ مسڪين ٿر جي سماجي ۽ شعوري تبديلي لاءِ جيڪو خواب ڏٺو هو ته يا جنهن مقصد لاءِ جدوجهدو ڪئي هئي اها هڪ تاريخ آهي ۽ تاريخ ڪڏهن به تاريڪ ناهي ٿيڻي مسڪين زندگي جو وڏو عرصو ننگرپارڪر شهر ۾ گذاريو، ننگرپارڪر شهر ۾ مسڪين ۽ سندس خاندا ن جو ڪو هڪ به پلاٽ ناهي.! اڃا به ٿر جي ٻهراڙي انيڪ مسئلن ۾ جڪڙيل آحي ۽ وحشتن جي وات ۾ اڃا ڪات اچي نه سگهيو آهي، بااثر وڏيرن رئيسن سياسي ڌرين جي قبضا گيري قائم آهي، ۽ مسڪين جا مسڪين ماروئڙا موت جهڙي حالتن ۾ حياتي جا زهر ٿيل پل گذارن ٿا، اڄ به پوليس ۽ پٽيلن جو اهو ئي ڳٺ جوڙ آهي، ۽ مظلومن سان اها ئي ڪار ڪئي وڃي ٿي اڄ نه تپيدار پنهنجي مرضي سان سرڪاري حڪم نه هئڻ باوجود ٻيڻون ڍلون لاپا ۽ رشوتون وٺي وڃن ٿا، ڇا اڄ مسڪين هجي ها ته ماٺ رهي ها ڪڏهن به نه. دنيا جي نامياري ناول نگار هيمنگوي لکيو آهي ته سج اڀريو۽ لهي ويو، مسڪين جهان خان کوسو به ايئن سامي جي ويري جي ڪنهن ڀٽ جي اوٽ مان سج جيان اڀريو ۽ لهي ويو، پويان ڪو به ڏيئو ناهي جيڪو ذري برابر به روشني جي جرئت ڪري ۽ ٻاٽ جي ٽڪساٽ کي ٽوڙڻ لاءِ وک وڏائي اڄ جڏهن ان عظيم انسان جي ابدي وڇوڙي جو ڏينهن آهي. هونئن تہ پوري سنڌ جي آدرشي ماڻهن جي مسڪين سان محبت ۽ عقيدت وڏو اعزاز آهي پر آمريڪا ۾ ڪنهن اداري طرفان مسڪين جهان خان کوسو کي سماجي خدمت جو ايوارڊ ڏنو ويو پر سندس فرزند ڪسمپرسي جي ڪري آمريڪا وڃي اهو ايوارڊ وصول نه ڪري سگهيو.! (ناشاد سمون جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۳ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي کنيل) مسڪين جھان خان کوسو ٿر جو گانڌي - ۲۳ جولاء ورسي جي ڏهاڙي تي کيس پيار ڀري ڀيٽا پروفيسر ستار سومرو ٿر، اسان جي ڀلاري ڀونءِ، وادي مهراڻ جي سون ورني ڌرتئ جو اهو خطو رهيو آهي جتي هميشه سڪ، محبت، پيار امن ۽ آشتتي پلبا آهن. جنهن خطي جون خاص نشانيون لک عزتون ڏيڻ، سادگي ۽ سچتيائيءَ ۾ پاڻ حوالي ڪري ڇڏڻ، آئي جو کلي دل سان آڌرڀاءُ ڪرڻ اڻ ڄاتل مهمان کي به دل ۽ روح جي سمورين سچاين سان جيءَ ۾ جايون ڏيئي رهيو آهي. جتان جا سادڙا، سٻاجھڙا، اٻوجھڙا، ڪوجھڙا، ماروڙا، اڪيلڙا، گھيلڙا، سانگئڙا، ماروئڙا، ڏوٿيئڙا، جھانگيئڙا، جن جا گھرڙا، پکڙا، جھوپڙا، اجھڙا، ته ڪبوترن جي کڏن جيا ننڍڙا هوندا آهن. پر انهن جون پيار ڪندڙ دليون ڌرتي ۽ آسمان جيان وسيح ۽ ڪشاديون هونديون آهن. جيڪي هزارين سالن کان وٺي پنهنجي تهذيب، ثقافت، علم، ۽ ادب، تاريخ ۽ ٿر جي ڀنل ڀٽن جا وارث ۽ محافظ آهن. جيڪي پنهنجن عزتن، غيرتن، لڄن ۽ ننگن جا رکوالا ۽ سنڀاليندڙ آهن. اهو ئي سبب آهي جو لطيف جي شاعريءَ جا پورا ٽي سر، سرمارئي، سر ڏهر ۽ سر سارنگ ٿر تي ئي رچيل آهن جن ۾ ٿر ۽ ٿري ماڻهن جي اٿڻي ويهڻي، رهڻي ڪهڻي، ريتن رسمن جي خوبصورت انداز ۾ ترجماني ٿيل آهي. ان ٿر جا خوبصورت منظر ۽ حسين نظارا ڏسڻ کان پوءِ خوابن ۾ به ايندا آهن خاص ڪري جڏهن ملهار وسندو آهي ته ٿر ڌرتيءَ جي جنت ڪشمير بڻجيو وڃي. ٿر جي مهڪندڙ مٽيءَ مان ساوا گاهه ڦٽي نڪرندا آهن پوءِ ته ٿر سڄو سرسبز ۽ شاداب ٿي ويندو آهي. چوڏس ساوڪ ئي ساوڪ پکڙي پئي هوندي آهي جيڪا دماغ، دل، ۽ روح کي تازگي بخشي ڇڏيندي آهي. روهيڙي جا رنگ برنگي ساوا، پيلا ۽ سونهري گل ٻوٽا ۽ وليون به ڪنهن ٿر جي ناريءَ جي جوڀن جي موهيندڙ اٿل جيان ڦٽي پوندا آهن جن مٿا من موهن ٿي پوندو آهي. ٿر جا هاري ناري همرچو جھڙا گيت ڳائي خوشي منجھ جھمريون پائيندا آهن، تاڙو به تنواريون آهي، تتر تيز اڏارون ڪندي نظر ايندا آهن ته مور به پنهنجا سهڻا پر کولي مستن جيان رقص ڪندو آهي. ان ٿر کي وڏو شرف اهو به حاصل آهي ته اتان جي مهڪندڙ ۽ تاريخي سر زمين مان ڪيترن ئي تاريخ ساز انسانن جنم ورتو آهي جن پنهنجي ڏات، ڏانءُ، فن فڪر، عقل ۽ فهم ذريعي پنهنجي پاڻ ملهايو آهي ۽ هن نڌڻڪي قوم جو ڦٽل نصيب سنوارڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي ۽ اتان جي مظلوم ۽ محڪوم قوم جي بي غرض ۽ بي لوث خدمت پڻ ڪئي آهي. ان ٿر جي خوشبو ۽ کستوري ڏيندڙ مٽيءَ مان سانگھڙ جھڙي قومي ۽ انقلابي ناول جي خالق اديب ۽ ڏاهي محمد عثمان ڏيپلائي جنم ورتو آهي ته مشهور ڊراما نويس ۽ اديب عبدالقادر جوڻيجي به جنم ورتو آهي. سنڌ ۽ سيد جي فڪر جي عاشق سياستدان ۽ دانشور عبدالواحد آريسر جنم ورتو آهي ته ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻ ڄام ساقي به جنم ورتو آهي. ٿر جي ڪوئل، لوڪ گيتن جي راڻي مائي ڀاڳي جنم ورتو آهي ته شاهه لطيف جون جھر جھنگ وستي واهڻ وايون جھونگاريندڙ (سرتيون اوهين ته وڃوڙي وڃو لا، منهنجو ته ليک لڪن سين) موهن ڀڳت به جنم ورتو آهي. سنڌ جي قومي سورمي جنهن انگريزي کي ٽوٽا چٻائي ڇڏيا ۽ رازن تان پردو نه هٽائڻ جي ڪري پنهنجن ڏندن سان ئي پنهنجي زبان کي چچرڇڏيو هو. اهڙي اڙٻنگ، بهادر ۽ قومي اڳواڻ روپلي ڪولهي به هن ئي ڀونءِ مان اکيون پٽيون، ان کان علاوه شاهه لطيف جي قومي سورمي مارئي پڻ ان ئي مٽيءَ جي پيداوار آهي جيڪا عزت، عصمت، غيرت، حب الوطني ۽ محبت جو اوچو مينار آهي جنهن جا نرالا مثال اڄ به دهرايا ٿا وڃن. اهڙي ڪارونجھر جي ڪور ۽ مارئي واري ٿر مان هڪ انتهائي مسڪين ۽ غريب شخص پيدا ٿيو، جيڪو هنج ۽ مور جھڙو صپيارو، اٻوجھ ۽ پيڙهيل طبقي جي ماڻهن جھڙو سادو ۽ سٻاجھو، بيواهن، مجبورن، لاچارن، محتاجن، غريبن ڏکويلن، ستايلن، ڏتڙيل، مظلوم ۽ محڪومن جو محسن ۽ همدرد انهن جي ڏکن ۽ سورن جو ويڄ ۽ مسيحا، ساري ٿر جو خير خواه، جنهن ٿر کي خوشحال ڪرڻ لاءِ رات ڏينهن پئي سپنا ڏٺا. کاهوڙڪي کيتوريءَ جھڙن عظيم ڪردارن جھڙو بيباڪ، اڏول مضبوط ۽ بهادر مسڪين جھان خان کوسو به هڪ آهي. مسڪين جھان خان لاءِ محمد بخش (مجنون ) پنهنجي ڪتاب مسڪين جھان خان کوسي لاءِ محمد بخش مجنون پنهنجي ڪتاب مسڪين جھان خان کوسو ۾ لکي ٿو ته (ڪرڙوڍ، قد درميانو، جسم جو جانٺو، موڪري ماٺيڻي منهن تي سفيد سهڻي چاپونئي سونهار اڇي جھڙي ٻوهه، مٿو اڪثر اگھاڙو، ڪڏهن ڪڏهن سياري ۾ ملڻ واري برقعي ٽائيپ ٽوپي يا اونهاري ۾ کجيءَ واري مولائا ڀاشاني ٽوپي، مليشا جا ڪپڙا، سي به ميل ۾ڪچ کٽي، هڪ دفعو پائڻ کان پوءِ سج کٽي يا ٻج کٽي پاڻيهي ڳري سڙي پنهنجي جان ڇڏائين ته واهه نه ته ٻيو ٿيو خير. ساڄي ڪلهي تي پٺارڪ ڪتابن ۽ اخبارن جي کاٻي ڪڇ ۾ ٻه ٽي سير اخبارن جو پلندو ۽ ان سان گڏ ٻاوريءَ جو گيڌيو هٿ ۾ مس ڪپڙي کڙيون ڀڄي ويل، سپاٽا ٿي ويل سليپرن سان کرت کرت ڪندو مٽيءَ جي اڻ مئي که اڏائيندو ٿرين جا ولرن جا ولي پويان لاَ يوَ ڪنهن نه ڪنهن آفيس ڏانهن واڪيندو ڪو ماڻهو ڏسو ته پڪ سمجھو ته اهو مسڪين جھان خان کوسو آهي. ) مسڪين لاءِ شيخ اياز به پنهنجي جيون ڪهاڻيءَ ؛ڪٿي ته ڀڃو ٿڪ مسافر؛ ۾ لکي ٿو ته؛ مسڪين جھان خان کوسو ست درجا سنڌي پڙهيل هو، هو خود مصنف نه هو ۽ هن جي سوانح حيات هڪ مختيارڪار محمد بخش مجنون؛ پنهنجي مخصوص انداز ۾ لکي آهي، پر مسڪين جي نسبت به فقط (خاڪ) سان نه هئي، پر عالم پاڪ سان به هئي، جي انسانذات جي بي لوث خدمت رنگ نسل، قوميت ۽ مذهب جو خيال رکي نه ڪئي وڃي ۽ ماڻهو سان دک درد ڪنهن مطلب بنا ورهايو وڃي ته ان کان بهتر عبادت ٻي ڪانه آهي ۽ انسانيت لاءِ احترام کان وڌيڪ ٻي ڪا وڏي عظمت جي نشاني نه آهي، بين الاقومي سطح تي الرٽ شوائييزر ۽ قومي سطح تي مسڪين جھان خان اهڙا ماڻهو آهن، جن جي زندگي جي لانگ مارچ مائوءَ کان بنهه مختلف آهي، انهن ڪنهن کي ڏک نه ڏنو آهي، فقط سٺو آهي، مسڪين اعلي گھراڻي ۽ بهادر حاڪماڻي خاندان مان هڪ هو، جنهن خاندان سنڌ جي ماروڙ جي هڪ وڏي علائقي تي ميرن جي بادشاهي تخت سوين سالن تائين حڪومت ڪئي. پاڻ ڪلهوڙن صاحبن جي حڪومت کان وٺي سنڌ ۾ رهائش پذير هئا. سندن سنڌ ملڪ ۾ پنهنجون جاگيرون هيون، ڪلهوڙن جي پوئين حڪمرانن سان تڪرار ٿيو جنهن ڪري کين پنهنجو ملڪ ڇڏڻو پيو، وري جڏهن ميرن جي صاحبي ٿي ته انهن سان گڏ حڪومت ڪرڻ لڳا. ننگر پار جي ڳوٺ سامي ويريءَ ۾ مسڪين جھان خان کوسو جو جنم ٿئي ٿو، جتان جا ٻه ڌنڌا مشهور هوندا هئا، هڪ پوليس جي نوڪري ۾ ٻيو چوري، اتان جا ماڻهو تقريبن پوليس ۾ ملازم يا چور هوندا هئا. مسڪين جو ڏاڏو مرحوم رئيس مير حسن خان به سنڌ پوليس ۾ انسپيڪٽر هو، جيڪو لاڙڪاڻي ۾شهيد ٿيو هو. مسڪين جو والد بزرگ رئيس بجار خان پڻ سنڌ پوليس ۾ جمعدار هو، جنهن نوڪري پوري ڪري رٽائرڊ ڪيو هو، اهو ئي خاص سبب هو جو مسڪين به پنهنجي اباڻي روايتن کي برقرار رکيو ۽ پوليس ۾ ئي ڀر تي ٿيو. سندس شروع کان ئي آزادانه ۽ فقيراڻه طبيعت هئي، جو ايڏانهن آمائده ٿي نه سگھيو، سندس حساس ۽ درد مندانه دل پوليس جا غريبن مٿان ڪيل ظلم، زور زبردستيون سمجھي نه سگھي. اهڙي ماحول مان جان ڇڏائڻ خاطر ڪافي بهانا پئي ڳولهيائين، نيٺ وڃي ڪنهن سان تڪرار ڪري نوڪري کان آزاد ٿي غريبن ۽ مسڪينن جي ڪمن ۾ ائين گم ٿي ويو جو پنهنجي وجود کان به بي خبر رهندو هو، نه لٽي ڪپڙي سان ڪو چاهه رهيس نه ئي کائڻ پيئڻ سان ڪا دلچسپي، مطلب ته پنهنجا سمورا مفاد وساري ذاتي خواهشون ۽ ذاتي گھرجون ڦٽيون ڪري خلق خدا جي خدمت ۾ ائين جنبي ويو جو ڄڻ ته ڄائو ئي انهن لاءِ هو، گھران نڪرڻ کان پوءِ گھر به تڏهن موٽندو هو جڏهن ڪو مرڻو پرڻو ٿئي نه ته مڙيئي خير. مسڪين پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به آرام جي خواهش جو اظهار نه ڪيو. ڪڏهن به سک جوساهه نه کنيائين. بس تتي ٿڌي ڪاهه ڪانهين ويل ويهڻ جي واري فڪر جي ويٽ وٺي رهندو هو. اهو کاهوڙي جو پيرين پنڌ ڪندي مسڪين ڪڏهن به ٿڪو نه هو، هڪ ڪم ختم ڪري ٻي ڪم جي شروعات ڪندو هو. مسڪين کي اندر ۾ هڪ درد هو، محبت هئي پيار هو، جيڪو هُو ٿر ۽ ٿري عوام سان ڪندو هو، دردر دانهين ٿيندو، ڪڏهن ڪتابن جا ڪتاب چورائي اختياري واري ميمبرن ۾ ورهائيندو هو ته ڪڏهن اخبارن ۾ وڏا وڏا بيان ڇپرائيندو هو ته ڪڏهن ڪورٽن ۽ ٿاڻن جا چڪر لڳائي انهن کي پنهنجون تجويزون ڏيندو هو ته من ڪو ٿر جو اوهي واهي نڪري پئي ته. جيئن ٿر مٿان ڏولائيءَ جا ڏينهن ڏور ٿين ۽ ساڻيهه سک جو ساهه کڻي. مسڪين جي وڏي ۾وڏي خوبي اها هئي ته مسڪين نه ته ڪو سياسي ماڻهو هو ۽ نه ئي ڪنهن سياسي جماعت سان واسطو رکندو هو، پر مسڪين انسان دوست هو، بلڪه ائين چوان ته مسڪين خود هڪ پارٽيءَ جو نانءَ آهي، هڪ فرض شناس اداري جو نانءَ آهي. مسڪين الله پاڪ جو نيڪ ۽ پرهيزگار بندو ۽ بزرگ شخص هو، هن کي هميشه ٻه ڪتاب گڏ هوندا هئا، هڪ قران پاڪ ۽ ٻيو شاهه جو رسالو، اتان بخوبي اهو اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته انهن ٻنهي عظيم ڪتابن جو مسڪين جي طبيعت تي ڪيڏو نه اثر رهيو هوندو، مسڪين علي الفجر، صبح صادق ٿيڻ سان ئي خلق خدا جي خدمت ۾ لڳي ويندو هو، مسڪين جي ڪم جي شروعات روزانو ريلوي اسٽيشن کان ٿيندو هئي، اتان جي ماڻهو جا مسئلا ٻڌي وس وارن تائين پهچائيندو هو، مسڪين ٿرين جون پاڻ درخواستون لکي سرڪار تائين کڻي ويندو هو، پنهنجا مطالبا منظور ڪرائڻ لاءِ مقامي ليڊرن سان حال اوريندو هو، باقي جيڪڏهن ڪو ٽائيم بچندو هو، مفت اسٽور تائين پهچندو هو، اتان مفت دوائون آڻي بيمارن کي ڏيندو هو. شابس آ انهن اسٽور وارن کي جيڪي سوين روپين جون دوائون مسڪين کي مفت ۾ ڏيندو هئا، اهو سڀ ڪجھ مسڪين جي سچائي ۽ ايمانداريءَ جو نتيجو هو، انهن سڀني ڪمن کان فارغ ٿي جڏهن مسڪين گھر ايندو هو ته گھر وارا چوندا هئس ته پاڻي گھر ۾ گھڻو آهي، تون تڙ تڪڙ ڪري ڪپڙا لاهي ڏي ته ڌوئي وٺئون. مسڪين جو کين اهو جواب هوندو هو ته آئون ڪپڙا ڌورايان ۽ گھر ۾ ويهي رهان ته منهنجا مسڪين ٿري ته رلي ويندا. انهن جو مون کان سواءِ ٻيو ڪير آهي. اهڙو خلق خدا جي خدمت جي انهيءَ جذبي تحت مسڪين ميرو رهڻ به قبول ڪندو هو. مسڪين جي اها سچائي، سادگي ۽ ٿرين سان بي انتها محبت جي ڪري سندس هڪ قدر شناس دوست کيس (ٿر جو گاندي) ڪري سڏيو آهي ڇو ته مسڪين جون حڪمت عمليون گانڌيءَ جھڙيون ئي هيون. بلڪه ان کان به ٻه چار وکون اڳتي سياست ۾ نه سهي پر غريبن ۽ مسڪينن جي بي لوث خدمت ۾ مسڪين گانڌيءَ کي ته ماري ويو آهي. گانڌي پنهنجي غريب نوازي ڏيکارڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ دهلي جي هڪ ڀنگي ڪالونيءَ ۾ رهندو هو پر مسڪين ويچارو اٺئي پهر ڪولهين جي واهڻن ۾ گذريندو هو. ماني به پنهنجو پاڻ پچائي کائيندو هو. گانڌي پنهنجي پويان کوڙ ساري ملڪيت ڇڏي هوندي پر مسڪين هڪ ٽيڊي پائي به نه. مسڪين پنهنجي پنجاهه سال واري عمر ۾ سڀ ڪجھ ختم ڪري ڇڏيو. گانڌي جيڪڏهن جيلن جون سختيون سٺيون آهن ته مسڪين به جبلن ۾ گذاريو آهي. مسڪين جي ايڏين خدمتن جي ڪري ٿر ۾ايڏي وڏي کيس ئي اهميت ملي هئي. ماڻهو مسڪين کي ته پوڄيندا هئا. ڪولهي مسڪين کي ته (اوتار) ڪري تسليم ڪندو هئا. مينگھواڙن جو ته اهو عقيدو ته مسڪين پير پٿوري جو نئون جنم آهي. ڀيلن وٽ مسڪين جهان جي ٽانيءَ جودرجو رکندو هو. ڪي اڇوٽ اهڙا به آهن جيڪي مسڪين کي عقلمندي منجھان چوندا هئا ته ( مسڪين) تم هي همارا ڀگوان هو. اهي ته آهن انهن جا رايا، جن مسڪين جيئري ڏٺو ۽ سمجھيو. مان مسڪين جهان خان کوسي کي جڏهن پڙهيم حيران ٿي ويم ته ههڙو شخص به ٿر جي مٽيءَ مان پيدا ٿيو آهي! اتان مان اهو اندازو لڳايو آهي ته جنهن شخص پنهنجي ٿر جي اٻوجھ، مسڪين ۽ غريب عوام ۾ سماجي شعور سياسي سجاڳي ۽ بيماري جو انقلاب آندو جنهن پنهنجي سر تي ڪيتريون ئي تڪليفون ۽ سختيون سهي ڪري ڏک ڏاکڙي کڻي خلق خدا جي خدمت ۾ پنهنجي ساري ڄمار حوالي ٿو ڪري ڇڏي. اهي انسان صدين پڄاڻان پيدا ٿيندو آهي. جيڪو انسان جي درجي کان فرشتو بڻجيو وڃي. اهڙا خلق خدا جي خدمت ڪندڙ مسڪين جي واقعي ڪهڙي ڳالهڙي ڪجي جيڪو کير ٿر ۽ ڪارونجھر جيان وڏو ۽ اڏول ماڻهو هو، جنهن جي ڪور تي پهچڻ لاءِ اسان کي مسڪين جي فڪر جي واٽ اسان کي وٺڻي پوندي، جيڪا واٽ اسان جي انسانيت جو صحيح گس ۽ رستو ٿي ڏيکاري، جنهن تحت اسان ڪڏهن به اوجھڙ ڪين پونداسين. مسڪين جھڙا موتي مڻيادار ما ڻهو اسان کان جسماني طور ته ڌار ٿي سگھن ٿا، پر روحاني طور ڪڏهن به نه. اهي فرشتا صفت ۽ ناياب انسان هن جھان ۾ عارضي زندگي جو سفر گذاري پنهجو دائمي مقام ٺاهي پنهنجون نه وسرندڙ يادون اسان وٽ ڇڏي هليا ويندا آهن، جيئن شاهه لطيف چيو آهي ته؛ لاهي حاج هتان ويا مارو ٿر اڪري، الله عبداللطيف چئي ٿي ته وڃي ٿر ٿيا، رهجي ڳڻ ويا ڪي مارو جا ملير ۾! (ستار سومرو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۳ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل) مسڪينن جو مسڪين جهان خان واگهومل ميگهواڙ ٿر جي ڀرڀانگ ڀٽن کي پار ڪندي، پارڪر جي ڪنڌيءَ تي آباد ننڍڙي ڳوٺ سامي جي ويري جا اهي تڙ، اهي ويڙها ۽ وستيون ڪيڏيون نه خوش قسمت آهن، جن جو سمورو ماحول ئي فطرت جي سونهن سان سلهاڙيل آهي. اتر ڪنڌي واري جي ڀٽن جون اڻ کٽ قطارون، ڏکڻ طرف ڪڇ ۽ ڏکڻ اولهه طرف ڪارونجهر جون ڪورون، اهڙي ئي حسناڪ علائقي ۾ ۱۹۰۹ع ۾ جنم وٺندڙ جهان خان کوسو ڪنهن ڄاتو هو ته وڏو ٿي هو مسڪين بڻجي ويندو. سندس جيون ساگر جو سفر ٿر جي ڀڙڀانگ ڀٽن جي اڙانگن سفرن، ڏولاون ۽ پنڌ جي پيچرن ۾ پورو ڪندو، جيڪو مسڪين پاڻ مسڪينن سان آخري گهڙين تائين اڙانگي سفر ۾ ساڻ رهيو ٿر جتي لڪون لڳن، اڪ تپن، ڏوڪار جا ڏولاوا، اهڙين ڏکيائين جي ڏيهه جو هي ماڻڪ موتي نوجوان پوليس سپاهي ۱۹۳۷ع تان استيعفٰي ڏئي غريبن ۽ مسڪينن جي ڏک کي پنهنجي سمهي کڙيو (ڳوٿري جنهن ۾ کاڌي پيتي جو سامان کڻجي) ڪلهي تي کڻي ڏکن جي سفر جو ساٿي ٿيو، تڏهن ڪنهن به ڄاتو نه ته اها هستي ڏتڙيل سماج لاءِ هڪ رول ماڊل ڪردار طور سامهون ايندي. سامان جي ڳوٿري ڪلهي تي ۽ اخبارن جا بنڊل بغل ۾ کڻي، ڏڪار جي حالت ۾ روينيو جي آفيسن ۾ لهي پوندو هو. ڪٿي ڪو غريب اڃ ۽ بک وگهي مئو، ڪٿي ڪنهن مسڪين کي راشن نه مليو، پاڻ پيٽ بکئي وڃي سرڪاري ڪامورن ۽ عملدارن جي پٺيان پوندو هو. سندس سفر راتين جون راتيون ڏينهن جا ڏينهن اڻ کٽ ۽ سسئي جي ڪردار وانگي اڙنگو هوندو هو. ڏکوئلن جي ڏيهه جو اهو شخص غريبن لاءِ ڇا! ڇپر ڇانوءُ هو. کيس ملندڙ ٻاجهري جي ماني هجي توڙي، ٻاجهري جي رٻ لسي هجي توڙي کي پر سڀ کان پهرئين هو غريبن ۽ مسڪينن کي ورهائي ڏيندو هو. ٿر ۾ چوپائي مال جي چوري چڪاري ۽ پٽيلن جي ڪردار کان چڱي طرح واقف هو، ڪٿي به شل ڪنهن غريب جي ڪا به ٻڪري چوري ٿئي وٽس پهچي ويندو هو ۽ چورن وٽ پهچڻ تائين دير نه لڳندي هئس سردين توڙي گرمين ۾ غريبن لاءِ سفر ڪندڙ اهو شخص سرڪار توڙي وقت جي حڪمرانن کان لاوارث ٻڻيل علائقي ٿر لاءِ ڄڻ ڪو والي هو. هن لاءِ ماروئڙن ۽ مڪينن جا اهنج پنهنجا هوندا هئا. هو بنا متڀيد ۽ بنا فرق جي پوري ٿر جي هر مسئلي کي پنهنجو سمجهي ڪامورن جي پٺيان لڳي ويندو هو. جيسئن وڃي مسئلو حل ٿئي تيستائين ساهه نه پٽيندو هو. وڏيرن جي ڪرتوتن ۽ پوليس جي ڪردار جو اصل مخالف هي پوڙهو جُهور شخص جنهن سندس مال متاع غريبن لاءِ وقف ڪري ڇڏيا، سماج سڌارڪ جي اهڙي ڪردار کي اسان نه صرف ٿر جو وهائو تارو چئي سگهون ٿا پر هن کي اسان سماج جو املهه هيرو به چئي سگهون ٿا. اهڙو هيرو ڄامشوري جي پٿريلي علائقي واري اسپتال ۾ هن سماج جي بي حسي جي ڪري ڪيتروئي وقت بيماري جي بستري رهيو پر ڪنهن به سندس سار نه لڌي ۽ آخرڪار ۲۳ جولاءِ ۱۹۸۰ع ۾ ڪارونجهر جي هنج واري شهر ننگرپارڪر ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. سندس سماج لاءِ ڪيل خدمتون هميشه لاءِ امر رهنديون. اهڙي ئي ڪردار ۽ خدمتن جي مڃتا تي کيس مرڻ کانپوءِ يو ايس اي جي بايواگرفيڪل انسٽيٽيوٽ طرفان گولڊن ڪارڊ آف اچيومينٽ ايوارڊ سان نوازيو ويو. سندس نالي تي ننگرپارڪر ۾ هڪ لائبريري پڻ قائم آهي. مسڪين جھان خان کوسو ڪارونجھر جو اڏول ۽ ديومالائي ڪردار دولترام کتري چون ٿا ته دنيا جا ليجنڊ ڪردار گهڻو ڪري انھن علائقن مان جنم وٺندا رھيا آهن جتي دک درد بک ۽ افلاس جو اگھاڙو راڪاس راڄ ڪندو آهي. سنڌ جي صحرائي علائقي ٿر ۾ بجرخان کوسو جي گھر ۾ جنم وٺندڙ “سامي ويري” جي ڀٽن تي بابنبڙا پائيندڙھن ٻروچاڻي ٻار کي تاريخ ھڪ اھڙي موڙ تي بيھاريو جيڪو اڳتي ھلي ھو مسڪين ۽ غريب ماڻهن جو آواز بڻجي ويو. پارڪري ڪولھين جي ھن“ديومالائي ڪردار”کي سنڌ جي تاريخ “مسڪين جھان خان” جي نالي سان ياد ڪري ٿي. سنڌ جي ھن کاھوڙي ڪردار پنهنجي سموري ڄمار رضاڪارانا طور بي سهارا ۽ بي پهچ ماڻهن جي خدمت ڪندي گذاري. ۹ جولاءِ ۱۹۰۹ع ۾ سامي ويري ۾جنم وٺندڙ مسڪين جھان خان کوسي جو شجرو شھيد شادي خان کوسي سان ملي ٿو جيڪو ننڍي کنڊ جو ھڪ“ مزاحمتي ڪردار ”ھو شادي خان کوسو مسڪين جو تڙ ڏاڏو ھو جنھن جي نالي پويان ننگر پارڪر ۾ کوسن ھڪ وڏو پاڙو “شادياڻي پاڙو ” موجود آهي. مسڪين جھان خان جاوڏا پوليس کاتي ۾ نوڪري ڪندا رھيا آهن. مسڪين کي پڻ ۱۹۲۷ ع ۾ ۱۸ سالن جي عمر ۾ پوليس کاتي ۾ نوڪري ملي ھئي. ۱۹۷۰ کان پوءِ سامي ويري جا کوسا اتان لڏي ننگرپارڪر ۾ آبادي ٿيا ھئا. گول مھانڊو سانورو رنگ ھلڪي ڏاڙھي مٿي تي اڇي ٽوپي ھٿن ۾ ڪاغذن جا دستا کنيل سماجي خدمتن جو شوق رکندڙ ھي اڙٻنگ شخص جڏهن پارڪر جي ڳوٺن ۾ نڪرندو ھو تڏهن ھن جي سادگي ۾ غريب ماڻهن سان محبت پئي بکندي ھئي. ھوٿر جي راڄ ڀاڳ ۾غريبن (خاص طور تي پارڪر جي ڪولهين) جو ڀرجهلو هو تڏهن ته پارڪر جا ڪولهي چوندا هئا. ته “مسڪين مارو ديوتا سي. ” پارڪر جي، علائقي جا اھي ڪولهي اڄ به مسڪين کي ساريندا رھن ٿا. ٿر جي هن انسان دوست ڪردار، انهي دور ۾ بي سهارا ۽ بي پهچ ماڻهن جي خدمت ڪرڻ شروع ڪئي هئي. جڏهن ٿر ۾ روڊ رستا ڪو نه هئا، ڪچا رستا هئڻ ڪري، ٿر ۾ سواري جي سهولت تمام گهٽ هوندي هئي. ٿر جي ڳوٺن ۽ شهرن تائين اڪثر ماڻهو اٺن تي سفر ڪندا هئا. ڪجهه ڳوٺن ۽ شهرن تائين ڇڪڙن جي سواري هوندي هئي، انهي دور ۾ ميڊيا به ڪاترقي ڪونه ڪئي هئي. ماڻهن جي هڪ ٻئي تائين رسائي به ڪو نه هئي، اھڙي دور ۾ مسڪين جهان خان ٿري ماڻهن جي هڙان وڙان مدد ڪندو ھو، جيڪڏهن ڪومقامي پٽيل وڏيرو ڪنهن غريب ڪولھي يا مسڪين ٿريي سان ظلم ڪندو ھوته مسڪين انھي مظلوم سان گڏ بيھندو ھو. پوليس ۾ نوڪري ھوندي به ھو بي پهچ ماڻهن جو ڀرجهلوٿيندو ھو ۽ ماڻهن کي درخواستون لکي ڏيڻ ۽ غريب ماڻهن جا مسئلا سرڪاري دفترن ۽ اخباري ادارن تائين پهچائڻ واري ڪم ۾ پنهنجو ڪرداراداڪندورھو. مسڪين جھان خان غريبن جي مدد ڪرڻ کي پنهنجو آدرش سمجهندوهو. جڏهن پارڪر جامقامي وڏيرا پٽيل ۽ پوليس جا عملدار مسڪين ڪولھين تي ظلم ڪندا هئا تڏھن ھو مظلوم ڪولھين سان گڏ بيھندو ھو ۽ ھو وڏيرن خلاف آواز اٿاريندو ھو اھا ڳالھه مقامي وڏيرن ۽ پٽيلن کي تمام گهڻي ڏکي لڳندي ھئي. مقامي وڏيرا ھن کي ھيسائڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ڪندا ھئا. ھڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته ننگرپارڪر کان بيراجي علائقي ڏانھن ويندڙ ڪولھين جي ھڪ قافلي کان مقامي پوليس رشوت گھري نه ڏيڻ جي صورت ۾ پوليس ٿاڻي تي انهن ڪولھين خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو. جڏهن اھا خبر مسڪين جھان خان کي پئي تڏهن ھو ڪولھين سان گڏ بيٺو ۽ پوليس جي اعليٰ عملدارن خلاف آواز اٿاريو. مسڪين جي ھن احتجاج کان پوءِ مقامي پوليس عملدارن ۽ وڏيرن ھن کي تمام گهڻو تنگ ڪيو، نيٺ ھن تنگ ٿي۱۹۳۷ ع ۾ پنهنجي نوڪري تان استعفيٰ ڏئي ڇڏي بعد ۾ ھن پنهنجي سماجي ڪم کي جاري رکيو. مٺي ۾ ھو چاچي رتن مالھي جي ھوٽل تي ترسندو ھو ۽ اتي وڃي ٿڪ ڀڃيندو هو، ٽي چار ڏينهن ڪشالا ڪڍي جڏهن هوميرپورخاص پهچندو هو، تڏهن هو ريلوي اسٽيشن لڳ قائم“عثمانيه مسافر خاني” ۾ رھي ضلعي جي سرڪاري دفترن ۾ وڃي اتي ماڻهن جا مسئلا حل ڪرائيندو هو. انھن ڏينهن ۾ اولڊ ٿرپارڪر جو ضلعي ھيڊڪوارٽر ميرپورخاص ھوندو ھو. ٿر ۾ جڏهن ڏڪار پوندا ھئا ته ھي کاھوڙي شخص بالا آفيسرن سان خط ڪتابت ڪندو ھو ۽ ڏڪارن جا احوال ميڊيا ۽ اخباري دفترن تائين پھچائيندو ھو. ۱۹۷۷ع ۾ جڏهن ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اولڊ ٿرپارڪر ايٽ ميرپورخاص ضلعي ۾ سيشن جج ٿي آيوهو، تڏهن مسڪين جهان خان کوسو، ڪامريڊ تاج محمد ابڙي وٽ به ٿر جي مظلوم ماڻهن جامسئلا کڻي ويندو هو ۽ اتي ڪامريڊ مسڪين جهان خان کوسي کي ڀر ۾ ويهاري انهي جا مسئلا ٻڌندو هو ۽ ٿرين جي مسئلن کي حل ڪرائڻ ۾هو مسڪين جهان خان کوسي جو ساٿ به ڏيندو هو. انهن ڏينهن ۾ مسڪين جهان خان کوسو حيدرآباد وڃي ٿر جي ماڻهن جي مسئلن ۽ درد ڪهاڻين جون خبرون پڻ اخباري دفترن تائين پهچائيندو هو. حيدرآباد جي اخباري دفترن ۾ ھومحمد عثمان ڏيپلائي سان لھه وچڙ ۾ ايندو ھو. حيدرآباد ۾ ڪڏهن ڪڏهن ھو فوٽ پاٿن تي پڻ رھي پوندوھو. ھن وٽ ڪڏهن ڪڏهن ڀاڙي۽ ماني جا پئسا پڻ ڪونه ھوندا هئا. سماجي ڪمن ۾ ھن پنهنجو پاڻ کي ارپي ڇڏيو هو. مطلب ته مسڪين جهان خان ٿر جي وجود جو هڪ اهڙو واس هو، جنهن پنهنجي سماجي خدمتن عيوض “انساني دوستي” کي ترجيح ڏئي پنهنجو پاڻ ارپيو ۽ بنا ڪنهن لوڀ لالچ ۽ بنا ڪنهن مذهبي فرق جي ھوٿر جي مسڪين ماڻهن جي رضاڪاراڻا طور خدمت ڪندورهيو. مسڪين جي زندگي جا آخري ڏينهن ڪسمپرسي واري حالت ۾ بيماري جي بستري تي گذريا ھئا. ٿر جو ھي مسيحائي ڪردار ۲۳ جولاءِ ۱۹۸۰ع ۾ وفات ڪري ويو. اڄ تاريخ جي ھن ديومالائي ڪردار جي ورسي جو ڏھاڙو پڻ آهي پر ڪنهن به سماجي اداري ھن جي ورسي ملھائڻ لاءِ ياد ناھي ڪيو. مسڪين جي وفات کان پوءِ مسڪين جھان خان جي سماجي خدمتن عيوض آمريڪا جي ھڪ اداري پاران “گولڊن ڪارڊ آف اچيومينٽ ايوارڊ ”پڻ ڏنو ويو ھو. جڏهن ته ۲۰۱۵ع ۾ تعليم کاتي سنڌ مسڪين جھان خان جي ڪردار کي سامهون رکندي ننگرپارڪر جي ھائير سيڪنڊري اسڪول کي مسڪين جھان خان کوسي جي نالي سان منسوب ڪيو ويو ۽ تازو ثقافت کاتي سنڌ پاران ننگرپارڪر ۾ ڪلچرل ڪامپليڪس جي ميوزيم کي پڻ مسڪين جھان خان جي نالي سان منسوب ڪيو ويو آهي. سنڌ ۾ هن وقت ۾ سماجي خدمتن جو هڪ وڏو فقدان نظر اچي رهيو آهي. جيڪو سماجي ڪم مسڪين جهان خان، رضاڪارانه طور ڪندو هو. اهو ڪم اڄ جا دوست لکين روپيا پگهارون کڻڻ جي باوجود به نٿاڪري سگهن. وقت جي دز ۾ اسان جا آدرشي ڪردار پڻ وڃائجي ويا آهن. مسڪين جهان خان ٿر جو انسان دوست ۽ آدرشي ڪردار هو، مسڪين جهان خان جهڙن ماڻهن جو وڏو ظرف بنا ڪنهن لالچ جي سچائي ۽ ايمانداري سان ڪم ڪرڻ هو. سندس زندگي جو مقصد انسانيت جي خدمت ڪرڻ شامل هو. هن وقت سنڌ کي مسڪين جهان خان کوسي جهڙن انسان دوست ڪردارن جي ضرورت آهي. (ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۳ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل) مسڪين جهان خان کوسو ٿري مفلس پر مخلص شخص ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ “مسڪين جهان خان کوسو” عنوان وارو ڪتاب مجنون بلوچ لکيو آهي، جو پاڻ روينيو کاتي ۾ مختيارڪار هو پر کيس ادب سان دلچسپي رهي ۽ سندس لکڻ جو نوع نرالي هئڻ ڪري لکيل مضمون پڻ وڻندڙ آهن. هن ڪتاب کي پسند ڪرڻ ۽ اُن مٿي تنقيدي، تاثراتي ۽ تعريفي مضمون جن شخصيتن لکيا، انهن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، شيخ عبدالحليم جوش، ڊاڪٽر شيخ ابراهيم خليل، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، لطف الله بدوي، قاضي عبدالمجيد عابد، احمد خان آصف مصراڻي، ڪريم بخش خالد، نجم عباسي، حميد سنڌي، م.ع ڏيپلائي ۽ ٻيا شامل آهن. ڪيترين اخبارن ۾ هن ڪتاب جي تعريف ۾ ڪالم آيا، جنهن سان اهو مختصر ڪتاب ڪافي مقبول ٿيو ۽ يونيورسٽيءَ جي نصاب ۾ پڻ مقرر ٿيو، جو انهيءَ کان اڳ هن قسم جو سوانحي احوال موجود نه هو. ليکڪ جي حسن بيان ۽ حسن انتخاب هن ڪتاب کي نه فقط مشهور و معروف ڪيو پر رائيٽرس ڪلب جو انعام يافته ڪتاب پڻ قرار ڏنو ويو ۽ هڪدم ڪتاب جو ٻيو ڇاپو ڇپيو، جنهن ۾ اهي رايا ۽ مضمون پڻ شامل ڪيا ويا، جيڪي مٿين ليکڪن هن ڪتاب تي لکيا هئا. ”مسڪين جهان خان کوسو” ڪتاب هڪ ٿري مفلس پر مخلص شخص جي حياتيءَ جو زوردار ۽ اثرائتو عڪس آهي. هيءَ سوانح فقط ڄم ۽ موت جي رسمي تاريخ ۽ زندگيءَ جي سلسليوار بيان جي ڪٿا نه آهي، بلڪه ليکڪ هن ڪتاب ۾ مسڪين جهان خان جي دلي جذبن، پنهنجي ڏتڙيل ٿرين جي ڏکين حياتين تي آب هاريندڙ اکين کي فوٽو گرافر جيان چٽيو آهي. ننگرپارڪر تعلقي جي ڳوٺ سامي ويري ۾ ۹ جولاءِ ۱۹۰۹ع تي کوسن جي خاندان ۾ جنم وٺندڙ، جهان خان فطري طور مسڪين طبع پر اندران فولاد هو. سندس پيءُ رئيس بجار خان پوليس ۾ صوبيدار هو ته چاچو پڻ پوليس ۾ هو. کيس پڻ گهر وارن پوليس ۾ ڀرتي ڪرايو پر هو پوليس کاتي جي ظلمن ۾ غريبن کي تڙپندو ڏسي نه سگهيو ۽ نوڪري ڇڏي سڄي حياتي غريبن جي خدمت کي ارپي ڇڏيائين. هيءُ بلوچ بهادر ۽ نڊر هو. انهيءَ ڪري ڪنهن به بالا آفيسر سان ملڻ ۾ ڪڏهن به حجاب نه ڪندو هو. بلڪه کين ڳولهي وڃي لهندو هو ۽ پنهنجي هٿ ۾ ٻڌل فائيل جنهن ۾ ڳوٺاڻن جي سورن جا داستان هوندا هئا (يعني مختلف مسئلن جون درخواستون) سي آفيسرن جي اڳيان پيش ڪري سادن سودن ٿرين جا ڪم ڪرائيندو هو، بغير ڪنهن اُجوري ۽ محنت جي. ڏڪار جي ڏينهن ۾ ڊوڙ ڊڪ ڪري ٿرين لاءِ اناج ۽ ٻين سهولتن جو بندوبست ڪندو هو. حڪومت کي ٿر لاءِ تعميري تجويزون لکي درخواستون موڪليندو هو ته ڪتابچا ڇپرائي اختياريءَ وارن ڏي موڪليندو هو. هن نه ڪڏهن سردي جي پرواهه ڪئي ۽ نه ڪڏهن گرمي جي. فائيلن جا انبار کڻي آفيسن جي در در تي رلندو هو ۽ تيستائين سڪون سان ڪونه ويهندو هو، جيستائين اهو ڪم ٿي نه وڃي. جمال ابڙو پنهنجي آتم ڪٿا ۾ ٿر ۱۹۳۳ع ۾ وڃڻ جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته، “مسڪين جهان خان بلڪل فقير منش، ننڍي سفيد ڏاڙهي، درخواستن جي پٺارڪ ڪلهي تي، کيس سڻس پئجي ويئي ته چار چڱا اچي بنگلي تي لٿا آهن، سو هليو آيو ملڻ، تمام ڳنڀيرتا سان ٿر ۽ ٿرپارڪر جا مسئلا بيان ڪرڻ شروع ٿي ويو. ڏک، بک، سال جون بيماريون، نانگ بلائن جي علاج لاءِ دوائن جي اڻ هوند، کڻي پڇوس ته پوءِ ڇا ڪم ڪجي؟ ته هڪدم پٺارڪ لاهي ان بابت درخواستون پيو ڪڍي ڏيکاري، جيڪي اڳيئي بالا اختياري وارن کي ڏنيون هئائين. اسان کي عرض رڳو اهو آهي ته ان جي پوئواري ڪجو. بالا عملدارن کي ڪن کڻائجو. هڪ عجيب آسماني انسان هو، جو ٿر جي واريءَ مان اڇي کنڀيءَ وانگر ڦٽي نڪتو هو. ٿر ۽ ٿر واسين لاءِ سندس هڏ ٿي ڪم ڪيو. اهڙو عجب انسان جو ڪو ديوتا هو يا اوتار يا ڪو ولي الله. مون حيدرآباد جي ڪمشنر عبدالله ميمڻ کي چيو ته تنهنجي ڊويزن ۾ ٻه وڏا ماڻهو رهن ٿا، انهن جو خيال رکجانءِ، هڪڙو استاد منظور علي خان ۽ ٻيو مسڪين جهان خان کوسو. لک احسان جناب محمد بخش مجنون صاحب جا جنهن مسڪين جهان خان جي شخصيت تي هڪ نهايت چڱو ڪتابڙو لکي ڇپائي ڇڏيو ۽ اهو ڪيئن به ڪري پڙهي ڇڏڻ گهرجي. ناياب هوندو.” مون وٽ هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو موجود آهي، جو جميل پبليڪيشن ميرپورخاص وارن ۱۹۳۹ع ۾ شايع ڪيو. پهريون ڇاپو ۱۹۳۷ع ۾ ڇپيو هو. ۱۳۲ صفحن جي هن ڪتاب ۾ ۸۸ صفحن تائين پهرين ڇپيل ڇاپي جي باري ۾ تبصرا آهن ۽ ۸۹ کان ۱۳۲ تائين صفحن ۾ مسڪين جهان خان جو ذڪر آهي. محمد بخش مجنون، مسڪين جي طبع جي باري ۾ لکي ٿو ته، “کوسو” ۽ “مسڪين”؟! کوڙو ئي ڪونه ٿو لڳي، کوسو پئسي پنجڙ ۾ کڻي مسڪين هجي پر طبيعت جو مسڪين ڪڏهن به ٿي نٿو سگهي. کوسو کٽل ته به خان آهي، جُتي نه آهي ته به جوان آهي. گهر ۾ ڀل، ٽي ڏينهن دانگي به نه چڙهي هجيس، پر ٻاهر کوسو، اهڙي مخرج سان ڳالهائيندو ۽ اها ڏيکاري ڏيندو جو اڳلو سمجهندو ته مڙس ڪو لک تي مٿو ڌوئي آيو آهي.“ اڳيان لکي ٿو ته، “مسڪين نه رڳو هڪ درويش صفت ۽ درويش سيرت بزرگ آهي مگر هڪ بلند اخلاق ۽ نڊر بلوچ پڻ آهي.” اهو به لکيو اٿس ته مسڪين جي ٿر لاءِ محبت پڻ، انهيءَ اعليٰ ۽ ارفع دائري ۾ داخل ٿي چڪي آهي، جنهن ۾ مارئيءَ جو بيچين روح، ورهين کان وٺي ٿر جي ڀيانڪ ڀٽن ۾ ڀٽڪندو رهيو آهي. انهيءَ عفت ماب ۽ اعليٰ ڪردار مارئيءَ جي روح کي اڄ يقينن تسڪين هوندي ته سندس حب الوطنيءَ جي مشن کي زنده جاويد رکڻ لاءِ مسڪين جهڙو مجاهد سندس ئي ڏاڏاڻي ڏيهه ۾ پاڻ پتوڙي رهيو آهي.“ ”سرمائيدارن جي اکين ۾ مسڪين هميشه ڪنڊو ٿي چڀندو رهندو آهي. انهيءَ ڪَک جي ڪانيءَ ڪڍڻ لاءِ، وڏا ڪي وس ۽ حيلا هلائيندا آهن، آخر ۱۹۵۳ع ۾ اندريان ٻاهريان جانٺا هڻي، وارو ڪڍي مسڪين کي غنڊا ائڪٽ جي ڪارروائي ۾ اڙائي، کڻي دسي وڌائون مسڪين غريب کي، ٻه سال سخت پورهئي سان سزا ملي، ٻارنهن مهينا جيل ۾ رهيو.“ ليکڪ موجب مسڪين جهان خان جي انهيءَ گرفتاري سڄي سنڌ ۾ ٿرٿلو آڻي ڇڏيو. ڪيترن اخبارن ليک لکيا، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين تائين سندس گرفتاريءَ جا احوال ويا. وڏن وڪيلن سندس وڪالت ڪئي. هاءِ ڪورٽ ۾ رٽ پٽيشن داخل ٿي ۽ هو ضمانت تي آزاد ٿيو، پوءِ به سندس ويهه شنوايون ٿيون، جيڪي هُن سامي ويري کان ڪراچيءَ تائين سُڃ جي ثمر تي ٿرن جي ڀٽن ۽ ريل جي سفرن سان ڪيون. ٿر جي ڪولهين، مينگهواڙن مطلب ته هر ڪنهن سان رهائيندو هو. ڪولهي ته سندس محبوب قوم رهي، جو اهي سندس وانگر محنتي ۽ جفاڪش آهن. هو ٿرين جي ڪيترن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوشان رهندو هو ۽ ان ۾ ڪامياب پڻ ٿيو. هر ننڍي وڏي مسئلي کي لکت ۾ آڻيندو هو پين ۽ مس ڪپڙي گڏ گڏ ئي هوندا هئس. پنهنجيءَ هڙ ۾ هر شيءَ رکندو هو. سندس پويان ٿرين جا ولرن جا ولر هوندا هئا. پنڌ هلڻ کي ترجيح ڏيندڙ رهيو. سندس کاڌو صفا سادو ۽ اڪثر بکئي پيٽ هوندو هو. ڪٿي به زمين تي ڪنڊ ۾ سمهي رهندو هو. کيس پنهنجي ذات لاءِ ڪوبه شوق نه هو. نه هو سياسي ماڻهو هو ۽ نه ئي علمي ۽ ادبي پر سندس سماجي خدمتن کيس سڀني جو محبوب بنايو. سندس شاندار سماجي خدمتن جو اعتراف آمريڪن بايو گرافيڪل انسٽيٽيوٽ ۱۹۹۳ع ۾ کيس عالمي ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ٻنهي ملڪن جي بارڊرن تي پاسپورٽ ۽ ويزا سسٽم جا معاهدا اڃان ڪونه ٺهيا هئا ته چوري چڪاري وڌي ويئي. بارڊرن جي ٻنهي طرفن جا ڳوٺ خالي ٿيڻ لڳا. انهيءَ وقت مسڪين ميدان ۾ لٿو ۽ هڪ اهڙو ڪارنامو سرانجام ڏنائين، جنهن سان سندس واهه واهه ٿي ويئي ۽ هن “بين المملڪتي” حيثيت ماڻي. سندس ڳوٺ سامي ويري پاڪستان جو بارڊر ۽ ٻاکاسر هندوستان جي بارڊر جي آفيسرن جون ميٽنگون انهيءَ وقت جي مختيارڪار عبدالغفور آرائين ۽ صوبيدار عبدالله خان بروهيءَ جي حاميءَ سان ڪرايائين ته جيئن امن امان قائم ٿئي ۽ ان ريت چوري ٿيل مال پڻ ڀاڳين کي واپس وٺرايائين ۽ ائين ماهوار ميٽنگون منعقد ٿينديون هيون. ٻنهي ملڪن جي بارڊرن تي آباد ڳوٺن ۾ امن امان قائم ٿيو ۽ عوام جي چورن ۽ ڌاڙيلن جي آزار مان جند ڇٽي. هو پنهنجا ڪک ڇڏي لڏڻ کان بچي ويا. اهو سندس وڏو ڪارنامو آهي. مطلب ته هن سوانحي ڪتاب ۾ مسڪين جهان خان کوسي جي نيڪ نيتي، درياهه دلي، عاجزي، همٿ، محنت، خلوص، پنهنجي تر جي ماڻهن سان گڏ سڄي انسانيت جو ڀلو چاهڻ ڏسيل آهي. اهو ڪتاب هن نيڪ دل انسان جي حياتيءَ ۾ ڇپيو. کيس وڏي مڃتا ملي. نيڪي ڪڏهن به ضايع نه ٿيندي آهي. مسڪين جهان خان جون خدمتون ٿر جي عوام کي هميشه ياد رهنديون. هن عظيم انسان ۲۳ جولاءِ ۱۹۸۰ع تي ڄامشوري ۾ وفات ڪئي. سندس جسد خاڪيءَ کي ڪارونجهر جي هنج ۾ دفن ڪيو ويو. (ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۳ فتيبروري ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)
مولانا عبيدالله سنڌي امام انقلاب محمد سليمان وساڻ مولانا عبيدالله سنڌي ۱۰ مارچ ۱۸۷۲ع ۾ چيانوالي ضلع سيالڪوٽ جي هڪ سک گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس پيدائش کان اڳ، سندس والد وفات ڪري ويو. ٻن سالن جو ٿيو ته سندس ڏاڏو به وفات ڪري ويو. سندس ماءُ، کيس پنهنجي پيڪن ۾، ڊيرا غازي خان وٺي آئي. اتي هڪ دوست کان اسلامي ڪتاب پڙهڻ جو موقعو مليس. ۱۵ آگست ۱۸۸۷ع ۾ جڏهن پاڻ ڄام پور ضلع ڊيره غازي خان ۾ اٺين جماعت پڙهندو هو تڏهن اظهارِ اسلام لاءِ نڪري پيو ۽ سنڌ ۾ پهچي سيد العارفين حضرت حافظ محمد صديق ڀرچونڊي واري جي بيعت ڪيائين ۽ اتي ۶ مهينا رهيو. ۱۸۸۸ع ۾ ديوبند جي درسگاهه ۾ داخل ٿيو ۽ حضرت شيخ الهند مولانا محمود حسن رحه جي جماعت جي اندروني حلقي ۾ داخل ٿيو. حافظ سان روحاني نسبت جي ڪري پاڻ کي سنڌي سڏائڻ لڳو. ان کان پوءِ بزرگ امروٽي جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. هتي ماهوار رسالو هدايت الاخوان جاري ڪيائين. هو ۱۹۲۲ ۾ حضرت شيخ الهند رحه جي حڪم سان ڪابل ڏانهن تشريف فرما ٿيا ۽ اُتي ستن سالن تائين سياسي ڪم ڪندا رهيا. جنهن جي نتيجي ۾ امير امان الله خان مرحوم هند جي برطانوي حڪومت سان جنگ ڪئي. جنهن بعد افغانستان برطانوي اثر کان آزاد ٿيو. ۱۹۲۲ع ۾ پاڻ ماسڪو مان ٿيندا ترڪي ويا. جتي ۱۹۲۴ع ۾ اردو ۾ ۽ ۱۹۲۶ع ۾ انگريزي ۾ پنهنجو اهو شهره آفاق سياسي پروگرام شايع ڪيو، جنهن هند ۾ انگريزي سياست جو رُخ بدلائي ڇڏيو. ان ۾ پهريون ڀيرو مطالبو پيش ڪيو ويو ته بر اعظم پاڪ و هند کي ورهايو وڃي. ۱۹۲۷ع ۾ پاڻ مڪه مڪرم پهتو جتي ٻارهن سال رهي ۽ امام ولي الله دهلوي رحه جي فلسفي جو گهرو مطالعو ڪندو رهيو. ۷ مارچ ۱۹۳۹ع ۾ ۲۳ سالن جي جلاوطني کان واپس اچي ڪراچيءَ پهتو مولانا تان بندش ختم ٿي. ڪراچي بندر تي لٿو سندس استقبال ۾ سنڌ جو وزير اعلى خانبهادر الله بخش سومرو مرحوم گلن جا هار کنيو موجود هو. ۲۳ ورهين جو وڇوڙو ختم ٿيو. مولانا ۽ سنڌ وري هم آغوش ٿيا. مارئي موٽي ملير آئي. مولانا عبيد الله سنڌي، سنڌ جي دوري تي هو ۽ سنڌ مسلم شاگردن جي اجلاس کي خطاب ڪندي هن فرمايو ته، هن موقعي تي آئون اوهان شاگردن کي ٻڌائيندس ته اوهان انگريزي پڙهو، مغربي سائنس جو مطالعو ڪيو ۽ علم ۽ ڄاڻ حاصل ڪيو ته اوهان ان انقلاب کي چڱيءَ طرح سمجهو، جيڪو يورپ ۾ اڄ ڪلهه روان دوان آهي. حالانڪ پاڻ پنجن سالن تائين امام ولي الله دهلوي رحه جي فلسفي جي تشريح اشاعت ڪندو رهيو. پاڻ ان فلسفي جي تدريس جي لاءِ بيت الحڪمت پڻ قائم ڪيا. بيت الحڪمت لاهور نومبر ۱۹۴۰ع ۾ قائم ڪيائين ۽ ۱۵ مارچ ۱۹۴۴ع تي فلسفه ولي الله جي اشاعت جي لاءِ ولي الله سوسائٽي لاهور جو بنيات رکيائين. پاڻ ۲۲ آگسٽ ۱۹۴۴ع تي وفات ڪري ويو. دين پور (بهاولپور) ۾ سندس تدفين ٿي. مولانا عبيدالله سنڌي حافظ سڪندر تنيو ۱۰ مارچ ۱۸۷۲ع جي بهار جي مند ۾ سيال ڪوٽ پنجاب جي ڀر ۾ هڪ ننڍڙي ڳوٺ چيانوالي ۾ هن سدوري ٻار کي امڙ پنهنجي ڪک مان جنمي هن نئين دنيا منجھه آندو، سندس نالو بوٽاسنگھ رکيو ويو. ننڍڙي بوٽاسنگهھ کي ڇهن سالن جي ڄمار ۾ اسڪول ۾ ويهاريو ويو. هي اسڪول ۾ ذهين ٻار ليکيو ويندو هيو. هن کي ڪتابن پڙھڻ سان ننڍي عمر ۾ شوق هيو. کيس سندس هڪ سک استاد ڪتاب تحفةالهند نالي پڙھڻ لاءِ ڏنو، جيڪو هڪ نئين مسلمان ٿيل سک جو لکيل هيو.جيڪو اسلامي تعليمات تي لکيل هيو. هن ڪتاب ننڍڙي بوٽاسنگھه جي ذھن ۾ ولولو پيدا ڪري وڌو. اسلام جي توحيد پرستي کيس متاثر ڪيو ۽ وڌيڪ ڪتاب پڙھڻ لڳو. نيٺ هن جي اندر ۾ ويٺل انسان اباڻي مذهب سان بغاوت ڪري وڌي، ۽ پنجاب مان نڪري سنڌ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڀرچونڊيءَ۾ وقت جي عارف سائين حافظ محمد صديق سميجي جي هٿ تي اسلام قبول ڪيو. سندس نالو ڪتاب جي مصنف جي نسبت سان عبيدالله رکيو ويو. سندس سنڌ ۾ ڪوئي مٽ مائٽ نه هيو هن حافظ کي پنهنجو ابو سڏيو ۽ پنجابي قوميت جو چولو لاهي سنڌي قوميت جو پهراڻ بدن تي پهريو، سنڌ کي پنهنجي امڙ بڻايو. سنڌ جي مدرسن امروٽ، پير جهنڊو، کڏو ڪراچي ۾ پڙھيو، سنڌي زبان سکيو، پڙهيو، سکر جي هڪ سنڌي پٺاڻ جي گهر مان سندس شادي ٿي. اعليٰ تعليم جي ان دور جي وڏي درسگاهه دارالعلوم ديوبند مان سَندَ (ڊگري) ورتي .هن برصغير جي سياسي ۽ علمي دنيا جي وڏي شخصيت حضرت شيخ الهند مولانا محمودالحسن کان علم ۽ سياست جا سبق پڙهيا، ۽ جڏھن گانڌي ۽ نهرو سياست جي اڱڻ ۾ بانبڙا پائي رهيا هئا ته ان وقت شيخ الهند ۽ مهاراشٽر جو تلڪ مهراج انگريزن جي قيد خانن جا دڳ پڇائيندي ڏِسبا هئا، سو مولانا عبيد الله کي ڪابل موڪليو ويو ته اتي وڃي دنيا جي ملڪن کان سياسي، اخلاقي، معاشي سپورٽ حاصل ڪر.هن اتي وڃي جرمن، روس، ترڪي، جپان جي سفيرن سان رابطا ڪيا، ۽ افغانستان کي انگريزن سان وڙھڻ لاءِ همٿايو، هن جي سياسي منصوبابندي انگريز جو هيانءُ ڏاري وڌو ۽ افغانستان کي آزاد رهڻ جو حق لکي ڏنو.پر انگريزن شرط رکيو ته عبيدالله جي ٻانهن انگريزن جي حوالي ڪئي وڃي. احسان فراموش پٺاڻ مولانا کي گرفتار ڪرائڻ جي تياري ڪري رهيا هئا. مولانا کي چيو ويو ته ڪابل مان نڪري وڃ مولاناجي کيسي ۾ ھڪ رپيو ڪابلي سڪو هيو ته هي گهر کان ٻاهر نڪتو دروازي تي انگريز سپاهي پهچي ويا کانئس پڇيائون عبيدالله جو گهر هي آهي؟ چيائين ها هي اٿس پڇيائونس پاڻ ڪٿي آهي؟ چيائين ٿورو وقت اڳ ته هتي هيو اهڙي طرح هو روس نڪري ويو. ماسڪو پهتو، لينن جي گهر واريءَ سندس اڙانگي سفر ڪري پير ڦٽيل ڏسي سندس مرهم پٽي هٿن سان ڪندي هيس. ماسڪو جي هوٽل ۾ رهندي کيس نماز پڙھندي ڏٺو ويو، کيس آفيسرن آڏو آندو ويو کيس چيو ويو هتي نماز پڙھندڙ جي سزا موت آهي، هن چيو ڏيئي ڇڏيوم، هي منهنجو ذاتي عمل آهي سرڪار کي ڪهڙي تڪليف ڏني اٿم. کيس چيائون ته تو سوني پتريءَ تي پيغام لکي ڪميونسٽ فوج جي همت افزائي ڪئي هئي، جنهنڪري زار کي شڪست آئي هئي، ان احسان سبب تو کي سزا نٿا ڏيون. بادشاهي مسجد جي خطيب ٻڌايو ته هو روس ويو هڪ گهر ڏيکاريو ويس، جنهن تي ٻاهران تختيءَ تي لکيل هيو ته هي عبيدالله سنڌي جي رهائش هئي، اندر هال ۾ گهڙياسين ته روسي انقلابين جا فوٽو ٽنگيل هئا جن ۾ ڪامريڊ لينن جي تصوير به هئي پر سڀني کان مٿي مولانا جي تصوير لڳل ڏٺم، چيائون هي اسانجو محسن هيو هن زار (روس جو مطلق العنان حاڪم) کان آزادي ڏيارڻ ۾ اسانجي مدد ڪئي هئي. قصو ڊگهو آهي مختصر مضمون ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي نيٺ ۲۵ سال زندگي جا جلاوطني جي عذاب ۾ گذاريندي، ڪراچي جي ڪياماڙي بندر تي هي پوڙهو جرنيل جهاز مان لهي ٿو ته سنڌ جي حڪومت جو سربراهه وزيراعظم الله بخش سومرو، جمعيت علماء سنڌ ۽ ڪانگريس پارٽي جا اڳواڻ هار کڻي سندس سواگت ڪندي نوڙي نياز ڪرڻ آيا، پر ان وقت جي مسلم ليگي قيادت انگريزن جي ناراضپي سبب بنگلن ۾ لڪل ويٺي رهي. مولانا صاحب جي جلاوطني جي خبر جڏھن ڦهلجي ويئي ته هڪ پاڻي وارو جهاز ان رات جده کان ڪراچي لاءِ اچي رهيو هيو، ڪمپني وارا مولانا وٽ آيا کيس چيائون ته اوهين اسان جي جهاز ۾ سفر ڪريو، مولانا کين چيو ته مون وٽ ڀاڙي جا پئسا ئي نه آهن، کيس چيائون ته اوهان کان اسين ڀاڙو نه وٺنداسين اوهان جو هلڻ اسان لاءِ اعزاز ۽ سعادت هوندو. مولانا ان شرط تي سفر ڪيو ته ڪراچي پهچي اوهان کي پئسا ڏيندس جيڪي هر صورت ۾اوهان کي وٺڻا پوندا. سندس توڪل ۽ قرباني هن طرح جي هئي جو هڪ ڀيري ڪراچي کان پير جهنڊي اچڻو هيس، وٽس ڀاڙي جا پئسا نه هئا، کڏي جي جماعت کيس هڪ سؤ رپيا ڏنا، سٽي اسٽيشن تي پهتو قليءَ کي سو جو نوٽ ڏنائين ته سرهاڙيءَ جي هڪ ٽڪيٽ وٺي اچ، قلي ٽڪيٽ وٺي آيو جيڪا ٽن رپين جي ملي باقي پئسا مولانا کي ڏيڻ لڳو ته کانئس واپس نه ورتائين، چيائينس منهنجي ضرورت پوري ٿي اهي تنهنجي ضرورت جا آهن، پاڻ وٽ رکي ڇڏ، محترم جي ايم سيد صاحب شانتي نڪيتن جهڙو ادارو پنهنجي ڳوٺ سن ۾ قائم ڪرڻ پئي گهريو جن لاءِ هن ٽن ماڻھن هڪ آءِ آءِ قاضي، ٻيو ڪي ايم اشرف ڪميونسٽ اڳواڻ، ۽ ٽيون مولانا عبيد الله سنڌي ءَ کي ذميواريون ڏيڻ لاءِ گهرايو هو ٻه ڄڻا نه آيا مولانا صاحب سن آيو، هڪ هفتو سن ۾ رهيو، عبدالواحد آريسر لکيو آهي ته جي ايم سيد سان ٿيل ان ڪچهرين سيد جي ذهن کي بدلائي ڇڏيو ۽ سيد جي سنڌ دوستي واري سياست تي ان ملاقاتن جا اثر ٿيا جنهن کيس بدلائي وڌو. دهليءَ ۾ ساڻس هندستان جو اڳوڻو صدر ذاڪرحسين اچي مليو، جيڪو سندس شاگرد به هيو. کانئس پڇيائين مولانا ڇا پاڪستان بڻجي ويندو؟ سنڌي صاحب چيس ته ها بڻجي چڪو آھي. چيائين؛ ڪيئن؟ هيءَ ۱۹۳۹ جي ڳالھه آهي چاليهن جي قرارداد به اڃا نه آئي هئي. چيائينس؛ ذاڪر صاحب انگريز ڏھ سال اڳ ۾ پلاننگ ڪري ڇڏيندو آهي، هن هندستان کي ورهائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. جڏھن ملڪ ورهائجي ويو مولانا ابوالڪلام آزاد کي مولانا سنڌيءَ جي ڏوهٽي مولوي ظھيرالحق ۱۹۴۸ع ۾کيس آزادي مبارڪ جو خط لکيو، کيس جواب ۾ جيڪو خط آزاد لکيس سو ماهوار سنڌي رسالي الرحيم ۾ مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي ڇاپيو هيو. آزاد لکي ٿو ميان ظهيرالحق اوهانجو آزادي مبارڪ جو خط مليم خير مبارڪ. مونکي هتي مولانا عبيدالله سنڌي ياد اچي رهيو آهي، ان جي دردن جو داستان دل مان نڪري زبان تي آيو آھي، جنهنکي قلم جي نوڪ جي اڳيان ٿو آڻيان. ۱۹۱۴ع جي عالمي جنگ جا ڏھاڙا هئا، شاهه ولي الله قافلي جي امير مولانا محمود الحسن پاران عبيدالله کي ڏکين حالتن ۾ ڪابل موڪليو ويو، جتي کيس مختلف ملڪن جي سياسي اڳواڻن سان ملي ڪم ڪرڻ جو موقعو ميسر ٿيو. جن ۾ جرمن، جاپان، فرانس جا سفير هئا، جن مان ڪيترا اڄ پنهنجي ملڪن جي حڪومتن جون واڳون سنڀاليو ويٺا آهن. مولانا افغانستان ۾ آزاد جلاوطن حڪومت هند قائم ڪئي، ان جو اڳواڻ مهندر پرتاب مقرر ٿيو. مولانا ان جو وزير هند (خارجا وزير) بڻيو، ريشمي رومال تي خط لکي برطانيا جي سڄي دنيا مٿان چڙھيل سج کي لاهڻ لاءِ للڪاريو، کيس ميدان جنگ ۾ هارائي وڌو. جو برطانوي نمائندي جنگ جي خاتمي تي مصالحتي دستاويز تي صحيحون ڪيون، ڪابل حڪومت جي خود مختاريءَ کي تسليم ڪيو. ان سان گڏ هند جي آزادي جو پڻ مطالبو مڃي ورتو ۽ آهستي آهستي هندستان کي ڇڏڻ جو يقين ڏياريو. ان جو انتقام برٽش حڪومت امير امان الله کي قتل ڪرائي کانئس ورتو، پر مولانا جو وار ونگو نه ڪري سگهي، جو مولانا جو وڏو قد ۽ ڪردار ڏسي کانئس مرعوب رهي هئي. ۲۵ سالن جي جلاوطني کان پوءِ ۱۹۳۹ع ۾ مولانا هتي پهتو ته ٻي عالمي جنگ جو آغاز هيو. مولانا هندستان خالي ڪريو تحريڪ جو اعلان ڪيو، گانڌي جي ان جي مخالفت ڪئي، پر اهو نعرو ايوان اسيمبليءَ ۾ گونجڻ لڳو، جنهن جو پڙاڏو برمنگهم پيلس لنڊن سان ٽڪرايو. هن ڪنهن به بحث ۾ حصو نه ورتو نه ئي ڪنهن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي پر اهو فن مولانا ئي ڄاڻندو هيو. مون سان (آزاد) هڪ چانھه جي ڪچهري ڪندي ملاقات ٿي. سندس چهري جي رنگت مان ڪجھ عجيب تاثرات ڏسندي کانئس پڇي ويٺم ته ڇا ڪرڻ جو ارادو آهي؟ چيائين سباش چندر بوس کي جاپان موڪلڻ ٿو گهران، ڪجھ دير ماٺ ۾ رهي مونکان موڪلائي هليو ويو. ٻئي ڏينهن تي دهليءَ کي اوکلي سان ملائيندڙ اٺ ميل ڊگهي سڙڪ جي هڪ ويران ڪنڊ تي سباش سان سندس ملاقات ٿي ۽ ٻي ملاقات ساڻس بالي گنج ڪلڪتي ۾ پڻ ٿي. کيس جپان موڪلڻ لاءِ تيار ڪيو ويو. حڪومت هند جي اڳواڻ جي حيثيت وارو ڪارڊ ۽ خط جپان حڪومت لاءِ کيس ڏنائين ته هي اسانجو نمائندو اچي ٿو، هن سان سهڪار ڪجو. سباش بابو جيئن ئي جپان پهتو سندس شاندار آجيان ڪئي ويئي. برطانيا حڪومت کي اها کڙڪ پيئي ته گهٻرائجي ويئي، ۽ ڪانگريس جي جيڪا هاءِ ڪمان قيادت، قلعي احمد نگر ۾ اسان قيد هئاسين، تن کي بنا شرطن جي آزاد ڪرڻ لڳي. جڏھن ته اڳ ۾ ھي فيصلو ٿي چڪو هيو ته قلعي کي بم سان اڏائي سموري قيادت کي ماريو ويندو. ان سان گڏ هندستان کي آزادي ڏيڻ جو به اعلان ڪيو ويو. ڪير ٿو ڄاڻي ته اهي قربانيون ڏيندڙ ڪير هئا، جپان کي به ان جي سزا هيروشيما ۾ ڀوڳڻي پئي. مولانا کي ڳجهي نموني انگريزن زهر ڏياريو، جنهن سبب سندس کل هڏن تان لهڻ لڳي هئي، نظر به گهٽجي ويس. آخر ڪار ۲۲ آگسٽ ۱۹۴۴ع تي ان ماڳ تي رسيو جيڪوسندس لاءِ الله تعاليٰ مخصوص ڪيو هيو. اڄ ان عظيم المرتبت انسان جي۱۴۵ هين سالگرهه جو ڏينهن سنڌ ساگر پارٽي لاڙڪاڻي ۽ نوشهرو فيروز ۾ ملهائي کيس سليوٽ ڪري رهي آهي. مولانا عبيدالله سنڌي ماڻهو جيڪي مرڻا ناهين حافظ سڪندر تنيو جڏهن سياست بازار جو وکر نه بڻي هئي ته اها پيغمبري پيشو بڻيل هئي، سياست تي جڏهن پيسي وارن جي غلط نظر پيئي ته هنن کيس بازار جو ڪوٺو سمجهي کانئس خوب ڪمايو، اڄ سياست جي نالي م بينڪن جا لاڪرز ڀريا ٿا ڏسجن، پر ماضيءَ جي سياست عبادت ڪري پوڄي ويندي هئي، اهڙو هڪ سياستڪار مولانا عبيد الله سنڌي جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، هي درويش صفت ماڻهو دنيا جي بادشاهن، وزير اعظمن، وڏن قوم جي سردارن جي صحبت ۾ رهيو، کيس پيسو ڏوڪڙ به سياسي ڪم لاءِ ملندو رهيو، پر هن ان دولت کي قوم جي امانت سمجهي منجهس ٽڪي پيسي جي ڪڌت ڪا نه ڪئي، ڪڏهن شاهاڻي زندگي ۾ رهندو هيو ته ڪڏهن انگ تي ڪيترن ڏينهن جا ميرا ٿيل ڪپڙا ڍڪيل هوندا هيس، سدائين توڪل جي ترهو ٻڌي سياست جي سمونڊ ۾ ترندو رهيو، سيالڪوٽ جي ڀرسان چيانوالي ڳوٺ ۾ ۱۰ مارچ ۱۸۷۲ع ۾ امڙ پريم ڪور جي ڪک مان نڪتو، والد سيالڪوٽ ۾ سون جو واپار ڪندڙ هئس، کانئس سک سردار، مسلمان چوڌري، ڪامورا زالن لاءِ ڳهھ ڳٺا ٺهرائيندا هئا، پٽ جو نالو بوٽا سنگھه رکيس، پر ٻالڪ پيءُ جو پيار وٺي نه سگهيو، هو بوٽا جي ننڍي عمر ۾ ئي پرلوڪ پڌاري ويو، امڙ کيس ڄام پور پيڪن جي گهر کڻي آيس، ماما تپيدار هيس، اڄ جو تپيدار به وڏي ٺٺ واري زندگي ۾ گذاري ٿو، ان وقت جو تپيدار ته ڄڻ تپي مٿان بادشاھ بڻيل هوندو هيو، وڏيرا سندس خدمت چاڪري ڪرڻ ۾ کٿا نه ماپبا هئا، هڪ زناني تقريب ۾ مختيارڪار ۽ تپيدار جون زالون شريڪ هيون، تپيدار جي زال جو سون ۾ جهنجهيل بدن، نواز شريف جي ڌيءَ جيان انساني جسم نه پر سون جو بڻايل مجسمو لڳي رهيو هيو، مختيار ڪار جي زال سندس تجمل ڏسي وائڙي ٿي ويئي، گهر اچي مڙس کي چيائين ته تون تپيدار ڪڏهن ٿو ٿئين؟ بوٽا سنگھه کي پڙهڻ لاءِ ويهاريو ويو، هي اسڪول جي ٻارن ۾ ذهين ٻار شمار ٿيڻ لڳو، نصابي ڪتابن سان گڏ ادبي ڪتاب پڻ پڙهڻ لڳو، هڪ ڀيري سندس ماما جو هڪ مناظرو سک ۽ هندو مذهب جي ٻاون ٻانڀڻن سان ٿيو، جنهن ۾ هي اسلام جو طرفدار بڻجي دليل ڏيڻ لڳو، اسلام جي ٻين مذهبن سان ڀيٽ ڪندي کيس بهتر مذهب ڪري پيش ڪيو، جنهنجو اثر سندس ننڍڙي ڀاڻج بوٽا سنگھه تي گهرو پيو، وڌيڪ کيس هڪ ڪتاب تحفت الهند نالي سان اسلام تي لکيل پڙهڻ لاءِ مليو، جنهن جي پڙهڻ سان هن جي ذهن ۾ هلچل مچي ويئي، هن اسلام کي قبولڻ جو فيصلو ڪري وڌو، اڄ هتي هندو جو مذهب مٽائڻ ۽ خاص ڪري هندو نياڻي کي مسلمان ڪري ساڻس سيڪس جي ورونھ خاطر دين جي خدمت سمجهيو وڃي ٿو، سرڪار پڻ ان کي سپورٽ ڪندي رهي ٿي، پران دور ۾ مذهب مٽائي مسلمان ٿيڻ ڄڻ ڪاريهر تي پير رکڻ جيان هوندو هيو، ان ڪري بوٽا سنگھه پنجاب مان ڀڄي اچي سنڌ ۾ ڀرچونڊي بزرگ حافظ محمد صديق سميجي جي هٿ تي مسلمان ٿي عبيد الله سنڌي جي نالي جي سڃاڻپ حاصل ڪئي، هي مختلف مدرسن ۾ پڙهندي اڄ جي دور جي آڪسفورڊ يونيورسٽي جي حيثيت رکندڙدارالعلوم ديوبند ۾ داخل ٿيو، جتي صرف اسلامي ڪتاب نه پر منطق، فلسفو، رياضي، سياست، سماجيات جا موضوع پڙهايا ويندا هئا، هي ديوبند مدرسي مان اسڪالر عالم جي ڊگري وٺي سنڌ ۾ اچي ڪراچي، پيرجهنڊو ۽ امروٽ ۾ پڙهائڻ لڳو. کيس دارالعلوم ديوبند سڏايو ويو سندن استاد شيخ الهند مولانا محمود الحسن چيو مون خواب ۾ سنڌ جا ٻه پنهنجا شاگرد هڪ عبيد الله سنڌي ۽ ٻيو مولانا محمد صادق کڏي ڪراچي جو رهاڪو ڏٺا آهين، ان ڪري اوهان مٿان وڏي ذميواري وارو بار رکڻ ٿو چاهيان، جُهنڊيون هڻي ڪنڌ ڌوڻيل مدرسا ٻارن کي ته هر هنڌ اسلامي ڪتاب پڙهائي رهيا آهن، پر اسان جنهن مقصد لاءِ هي مدرسو قائم ڪيو ھيو، ان جو مکيو مقصد انگريز کان آزادي وٺڻ هيو، ان لاءِ ويڙهاڪ جٿا پيدا ڪرڻا آهين، خود رسول اڪرم کي قرآن پاڪ ۾ مزمل نالي سان مخاطب ٿيندي چيو ويو آهي ته اي نظرياتي ساٿي، ورڪر تيار ڪندڙ اٿي ڪارڪن تيار ڪر(پڙهي ڏسو مولانا ٻير واري جو قرآن پاڪ جو سنڌي ترجمو جنهن ۾مزمل جي معني’ ساٿي بڻائڻ لکي اٿس) ان ڪري اوهان ٻنهي مان هڪ کي افغانستان وڃڻو آهي، جتي دنيا جي سفيرن سان ملي کانئن مالي، اخلاقي، عسڪري، سياسي مدد حاصل ڪري آزادي وٺڻي آهي، عبيد الله سنڌي ڏوري تي هٿ رکي چيو آئون ويندس، ٻيئي بزرگ سنڌ موٽي آيا، مولانا عبيد الله سنڌي پير جهنڊي لڳ نيو سعيد آباد ۾ پڙهائي رهيا هئا، پنهنجي اعتماد واري شاگرد عبدالله لغاري کي هالا جي مخدوم ڏانهن موڪليس ته کيس چئو ته مولانا کي اهم ڪم لاءِ ڳپل پيسن جي گهرج آهي، جيڪو ڪم هن وقت ٻڌائي نٿو سگهجي، اڳتي هلي توھان کي خبر پوندي ته ڀلي مقصد خاطر ڪم آيا هئا، پر جي پيسا نه ڏنا ته پوءِ انهن سون جي گينين کي ٺڪر جون ڪوڏيون سمجهي رکي هٿ هڻندا رهندا، جيئن اڄ هڪ ڀوتار جي بينڪ لاڪر ۾ خانداني سونيون گينيون پڪڙيون ويون آهن، مخدوم صاحب هڪ هزار ان دور ۱۹۱۵ع ۾ ڏيئي ڇڏيا جيڪي مولانا کي ڪابل افغانستان جي سفر ۾ ڪم آيا هئا، ان سان گڏ سنڌ جي وڏي سياسي ماڻهو آچاريا ڪر پلاڻي جي ننڍي ڀاءُ نئين مسلمان ٿيل شيخ عبدالرحيم حيدرآباد واري پنهنجي گهر واري ءَ جا سونا زيور وڪڻي پڻ مولانا جي مدد لاءِ ڏنا هئا، اهڙي طرح مخدوم صاحب جو هڪ هزار ۽ شيخ صاحب جا پيسا آزادي جي حصي وٺڻ ۾ وڏو ڪردار بڻيا هئا، اسين مخدوم صاحبن جا پڻ ٿورائتا آهيون، جو هنن ان تحريڪ ۾ پيسو ڏيئي نالو تاريخ ۾ لکرائي ڇڏيو. مولانا ڪابل ۾ ست سال رهيو، اتان جرمني، روس، جاپان کان هر طرح جي مدد ورتس، ويڙهه لاءِ هٿيار پڻ جرمني ڏنا هيا، جيڪي سنڌ تائين پهچايا ويا هئا، مولانا جي حڪمت عملين سبب افغان امير کيس رات جو مشوري لاءِ گهرائي وٺندو هيو، جنهن ڪري افغانستان جي آزادي، ترڪي جي آزادي ۽ برصغير جي آزادي ۾ مولانا جو ڪردار يادگار بڻيل آهي، هي سفيرن وزيرن سان سندن پهريل قيمتي ڪپڙن ۾ ملندو هيو، ساڻن گڏ ڇري ڪانٽن سان کائيندو هيو، چوندو هيو اسين انقلاب آڻڻ ۾ ڪامياب وياسين ته سنڌي هاري ءَ کي بلڪل يورپي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي مطابق بڻائيندا سين،جو هو مٿي تي هيٽ پائي هلندو، پٽڪن وارن وڏن ڦيڙهن ٻڌڻ جو وقت ويو هليو، انڪري مولانا پاڻ به پٽڪو نه ٻڌندو هيو، اڪثر مٿو اگهاڙو ڪري هلندو هيو، مون کڏي مدرسي ڪراچي جي مهتمم حافظ اسماعيل کي ڏٺو هيو، هو پانچا هيٺ ڪري نماز پڙهندو هيو، مون هڪ ڀيري کجي جي پوٽن جي ٺهيل ٽوپي سان نماز پئي پڙهي، مونکي چيائون ان ٽوپي پائڻ کان بھتر اٿئي ته مٿو اگهاڙو ڪري نماز پڙهندا ڪريو. مولانا صاحب ڪابل مان هڪ ريشمي رومال تي پنهنجي منصوبن کي لکي سنڌ ڏانهن موڪليو هيو، جنهن ۾ سموري پلاننگ ٿيل هئي ته ڪهڙن جڳهن تي انگريزي فوجين مٿان حملا ڪرڻا آهين، اهو ڳجهو پيغام شيخ الهند ڏي حجاز موڪلڻو هيو، جيڪو حج جي بهاني ويل ھيو، اهو رومال ملتان ۾ هڪ غدار وڏيري هٿ ڪري انگريزن کي آگاهه ڪيو، جنهن ڪري سنڌ ۾ گهڻيون گرفتاريون ٿيون، مولانا جا ساٿي پڪڙجڻ لڳا، حجاز مان شيخ الهند، مولانا سيد حسين احمد مدني ۽ سندن ساٿين کي گرفتار ڪري مصر ڀرسان سامونڊي بيٽ مالٽا ۾ کين قيد ڪري رکيو ويو، مولانا ترڪي مان منشور جاري ڪيو، مولانا مذھب جي نالي ۾ هندوستان جي ورهاست جو مخالف هيو، هن هندستان جي تاريخي قومن ۽ خطن تي ٻڌل ڏهه رياستون جوڙڻ جو منصوبو ڏنو هيو، جنهن ۾ تاريخي قومن جا سياسي، لساني، ثقافتي، سماجي، جاگرافي، معاشي حق محفوظ ڏسيل هئا، مرڪز وٽ رڳو ٻه ٽي کاتا رکڻا هئا، باقي سڀني رياستن کي مڪمل خود مختياري ڏسيل ھئي، سندس نعرو هيو پنجاب جا مالڪ پنجابي، بنگال جا بنگالي، بلوچستان جا بلوچي، سنڌ سنڌين جي، ۽ ٻين قومن جي خطن جي وارثي مالڪي پڻ هرهڪ جي هٿ ۾ هوندي، گهڻ قومي ملڪن ۾ اڄ به سندس فارمولو پراڻو نه ٿيو آهي. ريشمي رومال پڪڙجڻ سبب حيدرآباد ۾ شيخ عبد الرحيم جي گهر تي پوليس چڙهائي ڪئي، شيخ صاحب ڀت ٽپي نڪري ويو، سندس نياڻي خديجه جنهن پنهنجي آتم ڪھاڻي” شيخياڻي جي ڪهاڻي ” جي نالي سان لکي آهي، خديجه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي جي سس هئي، ڪتاب ۾ لکي ٿي بابا جيئن ئي گھر مان نڪري ويو ته وري موٽي نه مليو، چيو ٿو وڃي هندستان جي سرهند شهر ۾ گنمامي جي صورت ۾ گذاري ويو، ڪجھه هيئن به چيو ٿو وڃي ته کيس انگريزن مارائي لاش ڪٿي دفنائي ڇڏيو هيو، اهڙي طرح مولانا مذهبي رواداري جو قائل هيو، جلاوطن حڪومت هند قائم ڪيس ان جو سربراهه هندو کي بنايس، پاڻ ھندو مذهب وارن کي ڪافر نه چوندو هيو، هن وٽ ڪافر جو تصور هي هيو ته جيڪو فلاحي رياست قائم ڪرڻ ۾ رڪاوٽ پيدا ڪري ۽ انقلابي ورڪرن سان ويڙهه ڪري سوئي ڪافر آهي، اسين قرآن پاڪ ۾ پڻ ڏسون ٿا ته مڪي جي انقلاب دشمن عربن کي ته ڪافر سڏيو ويو آهي، پر ٻئي ڪنھن مذهب واري يهودي، نصاري، عيسائي، هندو وغيره کي ڪافر نه چيو ويو آھي. اھڙي طرح مولانا ۲۵ سال جلا وطن رهي جڏهن ڪياماڙي بندر تي جهاز مان لھي ٿو ته سنڌين کي خبردار ڪندي چوي ٿو سنڌيو سجاڳ ٿيو، مون صنعتي انقلاب ايندي ڏٺو آهي، وڏن وڏن ترم خانن جون پڳون پيرن ۾ لتاڙيندي ڏٺيون آهن، عزتون ٽڪي ملھ تي وڪامندي ڏٺم، امير پائيءَ خاطر پنندي ڏٺم، ان ڪري ڪراچي ايندڙ وقت ۾ وڏو صنعتي شهر بڻبو، اوهان سنڌي ڪراچي لڏي اچو، اوهان جو هڪ ڀاءُ ڳوٺ ۾ هجي هڪ ڪراچي ۾ رهندڙ هجي، مَٽايو پاڻ کي نه ته اوهان پاڻ مِٽجي ويندئو، مولوين کي چيائين انهن پراڻن ڪتابن پڙهائڻ جي پچر ڇڏيو، ٻارن کي يورپي طرز جي تعليم سيکاريو، اسان آزادي وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين، اڄ اسان جو انگريز دشمن آهي پر ايندڙ وقت ۾ اسان کانئس عسڪري تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ کيس نوڪري تي رکندا سين، هن سنڌي زبان کي رومن رسم الخط ۾ لکڻ جي تجويز ڏني هئي ته جيئن دنيا جي ملڪن سان ڳنڍجي پئون، انگريزن کيس ڳجهي نموني زهر ڏياريو جنهن جا اثر سندس جسم تي ظاهر ٿيا رت جون الٽيون کيس اچڻ لڳيون جنهن ڪري ۲۲ آگسٽ ۱۹۴۳ تي سندس ساه جو سڳو ٽٽي پيو، سندس مرڻ کي انگريز قبول نه پئي ڪيو، هڪ ٽيم موڪليائين ته ڏسي اچو ساڳيو شخص ئي پوريو ويو آهي يا هي ٻيو ڪوئي ماڻهو اسان کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ ماريو ويو آهي، ان ڪميٽي رپورٽ ڏني ته واقعي مولانا وفات ڪري ويو آهي، تڏھن وڃي انگريز کي سرير ۾ ساهه پيو هيو، خدا جون رحمتون هن انقلابي مٿان قائم دائم رهن. امام عبيدالله سنڌي ويا مور مري. عزيزالله ٻوهيو امام انقلاب عبيدالله سنڌي جي پيءَ جي وفات کان ترت ئي پوءِ سندس ماءَ پنهنجي پٽ سميت پنهنجي ڀائرن وٽ ڄام پور اچي رهي ۽ اتي جي هڪ اسڪول ۾ کيس پڙهڻ لاءِ ويهاريو تعليم ۾ فائنل جي ويجهو پهچڻ جي ڏينهن ۾ اسڪول اندر کيس دين اسلام تي لکيل هڪ ڪتاب پڙهڻ لاءِ مليو جنهن کان متاثر ٿي اسلام قبول ڪيائون. اها عمر سندس ڪا ايڏي ويڏي ڪا نه هئي امام سنڌيءَ جو نانو رنجيت سنگهه جي حڪومت ۾ فوج جي هڪ وڏي عهدي تي رهي چڪو هو ان کي جڏهن اها خبر پئي ته سندس خاندان جو ٻالڪ مسلمان بنجڻ گهري ٿو ته هن ان تي وڏي ڪاوڙ ڏيکاري ۽ نينگر تي نگراني ڪرڻ جو حڪم ڏنو. امام عبيدالله سنڌي ننڍپڻ کان ئي وڏو ذهين هئو ۽ مسلمان ٿيڻ ۽ ان کان پوءِ محفوظ رهڻ لاءِ پڇا ڳاڇا ڪري ڳوٺ ڀرچونڊي جي بزرگ حافظ محمد صديق جو پتو معلوم ڪري ورتائون ۽ لڪ ڇپ ۾ اتي پهچي اسلام قبول ڪيائون ۽ اڳتي هلي ديني تعليم جي لاءِ دهليءَ جي ويجهو شهر ديوبند جي مدرسي دارالعلوم پهچي اتي پڙهڻ لڳا. سندس اتي پڙهڻ جي عرصي ۾ سڄي هندستان اندر انگريزن جي حاڪميت خلاف غلام هندستان کي آزادي ڏيارڻ جي هلچل به هلي رهي هئي جنهن ۾ مدرسي۳ ديوبند جو شيخ الحديث مولانا محمود الحسن به اهڙي تحريڪ جي اڳواڻن منجهان هڪڙو هئو جنهن مدرسي جي شاگردن منجهان نوجوان عبيدالله سنڌي کي پرکي ورتو ته هن ۾ غلاميءَ خلاف آزادي حاصل ڪرڻ جي تڙپ اتم درجي جي موجود آهي، سنڌي صاحب اتي تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ اتي آزادي حاصل ڪرڻ جي مهم ۾ جنبي ويو ۽ آزادي حاصل ڪرڻ وارن اڳواڻن واري پهرين صف کي ويجهو وڃي پهتو پر مدرسي ديوبند اندر انگريز نواز گروپ مدرسي جي باني نانوتوي جي پٽ محمد احمد، شبير احمد عثماني، اشرف علي ٿانوي وغيرهه جي سازشن سان سنڌي صاحب کي ديوبند منجهان ڪڍرايو ويو پوءِ هو دهليءَ ۾ رهي سياسي ڪم ڪرڻ لڳو پر ٿوري ئي وقت کان پوءِ سنڌ ۾ واپس آيو ۽ ڪجهه وقت امروٽ ۾ مدرسو کولي پڙهائڻ لڳا پوءِ اتاهون ڇڏي سعيد آباد ويجهو پير جهنڊي ۾ اچي مدرسو کوليائون. هي اهي ڏينهن هوا جڏهن ترڪن خلاف بلقان ۾ انگريزن جنگ شروع ڪئي هئي تن ڏينهن ۾ بلوچستان جي مشهور انگريز دشمن اڳواڻ نوري مينگل بلوچ نوجوانن جي هڪ وڏي کيپ ترڪن جي مدد ۾ انگريزن جي خلاف بلقان جي محاذ تي موڪلي هئي تنهن بابت انگريزن کي شڪ پيو ته نوري مينگل کان اهو ڪم ڪرائڻ ۾ کڏي ڪراچي جي مولانا محمد صادق ۽ عبيدالله سنڌيءَ جو ئي هٿُ ٿي سگهي ٿو پوءِ انگريز حڪومت پير جهنڊي ڳوٺ جي چارئي طرف سرڪاري فورس جي ڊيوٽي لڳائي ته هو اتي عبيدالله سنڌي ۽ اچڻ وڃڻ وارن مٿان ڪڙي نظر رکن ۽ هن جا ٻاهرين دنيا سان لڳ لاڳاپا ختم ڪن. ان عرصي ۾ مدرسي ديوبند کان شيخ الهند محمودالحسن سنڌي صاحب کي هڪ مبهم پيغام موڪليو ته اوهان هند سنڌ ڇڏي ڪابل افغانستان هليا وڃو، سنڌي صاحب ان حڪم تي مخفي نموني عمل ڪيو ان سفر جي لاءِ وٽن خرچ جا پئسا ڪو نه هئا اهي حيدرآباد جي نو مسلم شيخ عبدالرحيم پنهنجي ڌيءَ جا زيور وڪڻي امام سنڌيءَ کي پئسا ڏنا. افغان حڪومت طرفان هندستان منجهان انهن وٽ ماڻهن جي داخلا تي بندش هئي البت چمن جي بارڊر تي افغان حڪومت طرفان هڪ ماڻهو مقرر ڪيل هئو جو جيڪڏهن هو ڪنهن کي هي پاس لکي ڏيندو هئو ته هن ليٽر سان اچڻ وارو ماڻهو هتي هندستان ۾ اول هندو هئو پوءِ هي مذهب مٽائي مسلمان ٿيو آهي تنهن ڪري هن کي هن جا هندو مائٽ مذهب مٽائڻ تي تنگ ڪن ٿا سو هن شخص کي دين ايمان بچائڻ لاءِ اوهان افغان حڪومت پاڻ وٽ رهائڻ جي منظوري ڏئي پوءِ اهڙي ماڻهوءَ کي بارڊر ڪراس ڪرڻ جي منظوري ملندي هئي. سو امام سنڌي صاحب به پنهنجي لاءِ ان ماڻهوءَ کان اهڙو ليٽر لکرايو ۽ بارڊر پاس ڪري ڪابل پهتا ۽ ڪابل ۾ ست سال رهي اتي رهندڙ دنيا جي ملڪن جي سفيرن سان ملاقاتون ڪري انگريزن خلاف آزاديءَ جو رستو هموار ڪندا رهيا ۽ اتي پهچڻ کان پوءِ افغانستان جي بادشاهه جي مشوري سان سنڌي صاحب هندستان ۾ هلندڙ آزادي واسطي ڪانگريس پارٽيءَ جا نمائندا بنجي مشن هلائيندا هوا ۽ غلام هندستان جي غير ملڪي آزاد حڪومت جوڙيائون جنهن جو صدر راجا مهندر پرتاب کي بڻايائون ۽ پاڻ ان حڪومت جا وزير بڻيا هُئا ۽ جنودربانيه جي نالي سان آزاد هندستان جي غير ملڪي فوج به ٺاهيائون جنهن جا هندستان ۾ مخفي طور فوجي آفيسر به مقرر ڪيائون جن منجهان تاج محمود امروٽي ۽ مولانا محمد صادق کڏي ڪراچي وارا به ڪرنل وغيرهه جي عهدن وارا مقرر ڪيا هئائون جن سان ريشمي رومال تي ٽڪ ذريعي لکليل خطن سان رابطو رکندا هوا. ان تحريڪ ريشمي رومال جو عرصو سندس ڪابل ۾ ست سال رهڻ وارو مدو هو جنهن جو تفصيل پروفيسر سرور جي لکيل ڪتاب ڪابل ۾ سال اندر ملي سگهندو. سنڌي صاحب جي ڪابل ۾ رهڻ واري عرصي دوران آزادي لاءِ هلچل کي ڄاڻڻ لاءِ انگريزن ڪابل جي جامع مسجد ۾ پنهنجي هڪ انگريز جاسوس کي مڪمل باشريعت شڪل ڏيئي پيش امام ڪري رکرايو هئو. نيٺ برطانيه حڪومت افغان بادشاهه سان ڪجهه سياسي رشوتن ڏيڻ تي عبيدالله سنڌي کي جيئرو گرفتار ڪري ڏيڻ يا قتل ڪرڻ جو معاهدو ڪيو جنهن جي ٻاڦ امام سنڌي کي پئجي وئي ۽ ترت ئي مخفي طور نامعلوم رستن ذريعي سوويت يونين روس ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ مولانا عزيزالله جروار صاحب جي چوڻ مطابق افغانستان منجهان نڪري وڃڻ وارن ڏهاڙن کان ڪجهه اڳي جڏهن جو افغان بادشاهه امير حبيب الله قتل ڪيو ويو هئو ته ان جي قتل ڪرائڻ ۾ به امام سنڌيءَ جو حصو هئو ۽ امر حبيب الله جي جاءِ نشين غازي امان الله جي بادشاهه بنجڻ کان پوءِ ان جو جيڪو برطانيه جي خلاف ذهن ۽ پاليسيون هيون ان ۾ به امام سنڌيءَ جي تربيت جو حصو هئو جو انگريزن ڪرنل لارينس جي ذريعي غازي امان الله کي هٽرائي ڇڏيو اهو هن طرح ته ڪرنل لارينس مديني شهر جي مسجد نبوي ۾ ستن سالن کان پيش امام بنجي مسلم امت جو پيش امام بڻيو پيو هئو، انگريزن ان کي اُتاهون بدلي ڪري وزيرستان جي شهر ميران شاهه ۾ پير ڪرم شاهه جي نالي خانقاهه کولي ڏني ته اُتاهون ويهي هو افغان بادشاهه غازي امان الله کي قتل ڪرائي يا معزول ڪرائي پوءِ ان ڊيوٽي دوران ڪرنل لارينس بادشاهه امان الله لاءِ اهڙو ته چڪر هلايو جو ان بادشاهي ڇڏي جلاوطن ٿي وڃڻ ۾ پنهنجي ڀلائي سمجهي سو ملڪ ڇڏي جلاوطن ٿي ويو ۽ هن اٽليءَ جي رهڻ واري عرصي ۾ اتي وفات ڪئي. امام سنڌي صاحب توڻي جو هندستان جي ورهاڱي کان ئي سال اڳي وفات ڪري ويو پر سندس نظريو ورهاست جي خلاف هئو ۽ هوا کنڊ ڀارت يعني گڏيل آزادي جو قائل هئو سندس پارٽي جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽيءَ جي منشور ۾ سڀن صوبن لاءِ وڏي خودمختياري رکيل هئي، وفاق جي مرڪزيت ڪنفيڊريشن وانگر هئي پاڻ هن ڳالهه تي گهڻو زور لڳائيندا هئا ته آزادي کان پوءِ تعليمي ادارن جي نصاب تعليم ۾ انگريزن جي پرماريت خلاف ڀرپور موقف تي مشتمل ڪتاب پڙهايا وڃن، اهو ئي نظريو سموري ڪانگريس قيادت جو به هئو جنهن تي خاص ڪري امام الهند ابوالڪلام آزاد بحيثيت وزير تعليم پورو پورو عمل ڪيو جو اڄ تائين هندستان جون فلمون ڊراما ۽ ادبي شهپارا آزاديءَ جي حق ۾ غلامي خلاف انگريز دشمنيءَ جي مواد سان ڀرپور پڙهايا ۽ فلمايا پيا وڃن، انهيءَ سبب ملڪ هند جي خارجه پاليسي به ملڪي خودمختياري ۽ وطن کي آزاد رکڻ لاءِ وڏو ڪم ڏئي رهيا آهن. امام عبيدالله سنڌي ماسڪو ۾ - جنم ڏينهن جي حوالي سان سندس يادون عزيز الله ٻوهيو ڊاڪٽر عبدالمجيد چانڊيو (اڳوڻو ڊين شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور) مون کي ٻڌايو ته آئون جڏهن پنهنجي شعبي آءِ آر ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ ماسڪو پڙهڻ ويو هئس ته اتي جي پروفيسرن کي مون پنهنجي تعارف ۾ جڏهن ٻڌايو ته آئون سنڌي آهيان ته انهن متوجهه ٿي وڏي پاٻوهه منجهان مون کان پڇيو ته تون جيڪڏهن سنڌي آهين ته تون پڪ سان مولانا عبيدالله سنڌي کي سڃاڻيندو هوندين پر افسوس جو مون کي امام سنڌي بابت اها علمي ڄاڻ ڪا نه هئي جيڪا ۽ جيتري هو پڇڻ گهرن پيا، پوءِ انهن ئي ٻڌايو ته جڏهن غلام هندستان جي زماني ۾ پنهنجي ملڪ کي آزادي ڏيارڻ لاءِ جلاوطن ٿي پهريائين افغانستان ۾ آيو ۽ اتي ست سال رهڻ کان پوءِ هتي سوويت يونين روس ۾ آيو هو ۽ اسان ان سان ملاقاتن منجهان کانئس وڏي علمي ڄاڻ حاصل ڪندا هئاسون. پروفيسر صاحب ته امام سنڌيءَ جي جلاوطني واري زندگيءَ تي ڪجهه ڪتاب لکيا جن منجهان “ڪابل ۾ سات سال” به هڪڙو ڪتاب مارڪيٽ ۾ آهي، ڪاش ڊاڪٽر مجيد چانڊيو به امام سنڌي جي روسي پروفيسرن سان علمي ۽ سياسي ملاقاتن تي اسان کي هڪ ڪتاب جوڙي ڏئي ها ته ڏاڍو ڀلو ٿئي ها. امام سنڌيءَ جو ماسڪو ۾ هڪ خاص شاگرد موسيٰ جارالله هئو جيڪو سنڌي صاحب وٽ قرآن حڪيم جو تفسير به پڙهيو هئو، ان جو اهو عربي ٻولي ۾ تفسير سوره مائده تائين مولانا قاسمي، شاهه ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد منجهان ڇپرايو هئو. موسيٰ جارالله جو گهر ماسڪو ۾ لينن گراڊ منجهه هئو، امام سنڌي هڪ هنڌ لکيو آهي ته اتي جڏهن آئون رهندو هئس ته تڏهن لينن جو انقلاب نئون آيل هئو مذهبي ريتن رسمن تي وڏي پابندي هوندي هئي، آئون موسيٰ جارالله جي گهر ۾ به سوڙ ۾ لڪي نمازون پڙهندو هئس. انڌي عقيدت وارن مسلمانن جي باري ۾ آئون هت ڇا لکان جو ڪن لاهوري مصنفن ته ايترو به ڪوڙ لکيو ته لينن جي زال امام سنڌي کي نماز پڙهڻ لاءِ وضو ڪرڻ خاطر پاڻي به ڪوسو ڪري ڏيندي هئي ۽ سنڌي صاحب جون لينن سان ڪوڙين ملاقاتن جون کوڙ ساريون خبرون به لکيائون، جڏهن ته پروفيسر سرور خود مولانا سنڌيءَ جي حوالي سان اها ڳالهه لکي آهي ته آئون جنهن وقت لينن سان ملڻ ويو هئس ته هو پنهنجي وفات واري مرض ۾ ايترو ته ڪمزور ٿيل هو جو اشارن کان سواءِ ڳالهائي به ڪو نه سگهندو هئو، مون کي ملائڻ وارن ان کي صرف ايترو ٻڌائي مون کي پيش ڪيو ته هي ماڻهو هندستان کي برطانيه کان آزاد ڪرائڻ لاءِ سوراجي ورڪر آهي. مطلب ته لينن سان ڪا به گفتگو ڪا نه ٿي هئي البته لينن جي ڪٽنب جو هڪ وزير جنهن جو سنڌي صاحب نالو به لکيو آهي جيڪو مون کي ياد ناهي اهو سنڌي صاحب سان رابطي ۾ آيو ته اسان مارڪسي فارمولن تي صنعتي شعبن ۾ ڪامياب ويا آهيون، باقي زمين ۾ ڪم ڪندڙ هاري اسان سان انقلابي تقاضائن جيترو ساٿ نه ٿا ڏين جنهن ڪري اسان جي زرعي اپت ڏاڍو پوئتي پيل آهي تنهن سنڌي صاحب ان کي مشورو ڏنو ته توهان هارين، ڪاشتڪارن ۾ هي ڳالهه عام ڪيو ۽ انهن سان وعدو ڪيو ته جيڪي زمينون اوهان پوکي رهيا آهيو اهي ڪڏهن به اوهان کان واپس ڪو نه ورتيون وينديون جيڪڏهن اوهان مري وئيو ته اهي توهان جي پونيئرن کي ڏنيون وينديون. پوءِ ان ايگريڪلچر واري وزير سنڌي صاحب جي ان ڳالهه تي عمل ڪندي هارين کي اهڙي ساک پت ڏني ڄڻ ته سرڪاري طرح ان کي قانون جي به شڪل ڏياري، جنهن کان پوءِ هارين دل لائي پوکن ۾ ڪم ڪيو، ايترو جو اهو وزير صاحب سنڌي صاحب وٽ هلي آيو ۽ چيائينس ته آئون توهان کي مبارڪ ڏيڻ آيو آهيان ته اسان توهان جي ڏس تي عمل ڪندي هارين کي پڪ ڏني ته توهان جون زمينون اوهان کان ڪو نه کسيون وينديون سو انهن هن سال اهڙو ته دل لائي ڪم ڪيو آهي جو سڄي ملڪ ۾ فصل ڏاڍا ڀلا لٿا آهن. امام سنڌي جڏهن سوويت روس کي ڇڏي جلاوطني جا ڏينهن گهارڻ لاءِ ترڪيءَ ۾ آيو تڏهن اتي ڪمال اتاترڪ جي انقلابي حڪومت قائم ٿي چڪي هئي. سلطان عبدالحميد جي خلافت واري حڪومت ختم ٿي چڪي هئي، اتاترڪ مذهبي پابندين جي خلاف پنهنجي دور ۾ وڏيون جدتون آنديون هيون سو جڏهن امام سنڌي اتي ويو ته ماڻهن ان کي دانهون ڏنيون ته اتاترڪ ايڏو بي دين آهي جو اسان جون مايون جڏهن شهر ۾ برقعا پائي ٿيون وڃن ته سرڪاري سپاهي بازارن ۾ ئي انهن جا برقعا زوريءَ لهرائي ڇڏين ٿا. تنهن تي عبيدالله سنڌي انهن کي چيو ته توهان پنهنجي عورتن کي گهرن منجهان ئي بغير برقعن جي موڪليندا ڪريو پوءِ ساڻن سپاهي اهڙي بي حرمتي ڪو نه ڪندا. هندستان جو پهريون وزيراعظم جواهر لال نهرو غلاميءَ جي زماني ۾ شايد اٽليءَ ۾ امام سنڌيءَ کي مليو، ان جو ذڪر نهروءَ پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو ته آهي پر ملاقات جو موضوع ۽ تفصيل ڪو نه لکيو اٿس صرف هي لکيو اٿس ته سنڌي صاحب وٽ هر مشڪل مسئلن جو وڏو حل موجود هو. امام سنڌي جڏهن جلاوطني ختم ڪري هندستان واپس موٽڻ لاءِ سعودي حڪومت ۾ برطانيه جي جدي واري قونصل خاني کان ويزا جو مطالبو ڪيو ته قونصلر مولانا جو اهو مطالبو لنڊن موڪليو، انهن لکيو ته هن شرط سان کيس ويزا ڏني وڃي ته هندستان ۾ وڃي ڪو به سياسي عمل نه ڪندو ۽ ان لاءِ ڪو اتان جو ماڻهو بطور ضامن جي به ڏئي ته مولانا اهو شرط قبول ڪيو ۽ ضمانت لاءِ شهيد الهه بخش سومرو وزيراعظم سنڌ کي پيش ڪيو. امام سنڌيءَ ڪنفيڊريشن قسم جي صوبائي خودمختياري واري منشور سان نئين پارٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو جنهن کي هو گهڻو هلائي نه سگهيو. مولانا جلاوطني جا ڏينهن ٻين ملڪن ۾ گهاري پڇاڙيءَ ۾ سعودي حڪومت ۾ آيو ۽ شهر مڪي جي انتظاميه کان ڪعبي ۾ درس قرآن پڙهائڻ جي اجازت گهري ته انهن به اهو شرط وڌس ته هو پنهنجي درس ۾ سياسي ڳالهيون نه ڪندو. مولانا اهو شرط مڃي درس ڏيڻ شروع ڪيو. منهنجي زندگيءَ جا حالات مولانا عبيدالله سنڌي فصل پهريون پنجاب جو مشهور تاريخي شهر سيالڪوٽ، هماليه جي دامن ۾ هوادار ۽ زرخيز ميدان تي آباد آهي. ان جي ٻهراڙيءَ ۾ پسرور جي ويجهو هڪ ڳوٺ چيانوالي آهي، اها ئي منهنجي جنم ڀومي آهي. رنجيت سنگهه جي زماني ۾ جسپت راءِ ان ڳوٺ جي مڇي مانيءَ لائق ماڻهن ۾ ليکيو ويندو هو. هڪ سناتني سونارو جيتري قدر سٺو ٿي سگهي ٿو، اوترو ئي هو سمجهيو ويندو هو. حڪومتي عملدارن ۽ عام ماڻهن جو مٿس ڀروسو هو. کيس پنج پٽ هئا. انهن مان وچئين جو نالو رام راءِ هيو، جيڪو منهنجو پيءُ آهي. حڪومت جي تبديليءَ جي ڪري منهنجو والد پنهنجي اباڻي ڌنڌي سونارڪي مان ئي گذران ڪندو هو. هو پنهنجي سمورن ڀائرن ۾ پنهنجن والدين جي خدمت ۾ وڌيڪ اڳرو هيو. منهنجو نانو ”مير علي والا“ ضلعي گوجرانوالا جو رهندڙ هڪ خانداني سک هيو ۽ ”هلو والي“ ضلعي سيالڪوٽ ۾ منتقل ٿي چڪو هو. سندس سڀ کان وڏي ڌيءَ، پريم ڪور، منهنجي امڙ آهي. منهنجو پيءُ، منهنجي ناني جي دعوت تي، رام راءِ مان رام سنگهه بڻجي ويو هو. منهنجي والد جو سؤٽ، حاڪم راءِ پنهنجي ڳوٺ جو تپيدار هيو ۽ منهنجا ٻه ماما به تپيدار هيا. منهنجون ٻه ڀينرون هيون، جيڪي منهنجي پيدائش کان اڳ، هڪ گکڙ ۾ ۽ ٻي بيگواليءَ ۾ پرڻجي ويون هيون. فصل ٻيون منهنجو ڏاڏو اڃا جيئرو هو ته منهنجو پيءُ فوت ٿي ويو، سندس مرڻ کان ٽي مهينا پوءِ ڦڳڻ مهيني جي آخري ڏهاڪي ۾ جمعي جي رات صبح ٿيڻ کان ٿورو اڳ منهنجي ولادت ٿي. امڙ سڳوريءَ جي ٻڌايل واقعن کي مختلف جنترين سان ڀيٽائڻ کان پوءِ خبر پئي ته اها تاريخ ۱۲ محرم الحرام ۱۲۸۹ هجري ۽ ۱۰ مارچ ۱۸۷۲ع جيڪو اسان جي حساب سان ۸۷۲ هندي ٿئي ٿو. مان ٻن ورهين جو هوس ته منهنجو ڏاڏو فوت ٿي ويو، مون کي سندس صورت هڪ خاص واقعي ۾ ياد آهي. ان کان پوءِ منهنجي امڙ گهڻو ڪري پنهنجي پيءُ وٽ رهڻ لڳي. ان کان پوءِ ٻن سالن جي اندر نانو به فوت ٿي ويو. ان وقت منهنجو هڪ مامو جهنگ (ضلعي) جي بندوبست واري کاتي ۾ ڪم ڪندو هو ۽ ٻيو ڄامپور ضلعي ديري غازيخان ۾ تپيدار هيو. منهنجي امڙ ۽ ناني جهنگ کان ٿي ڄامپور پهتيون، منهنجي عمر ان وقت چئن سالن جي هئي. جهڙيءَ طرح ناني سان گڏ شطرنج کيڏڻ مون کي ياد آهي، اهڙيءَ طرح ڄامپور ۾ مامي سائينءَ جو فوجي قاعدا سيکارڻ به نٿو وساريان. هڪ سال اتي رهي امڙ پنهنجي گهر موٽي آئي. (اسان) وڌيڪ عرصو پنهنجي ڀينرن کان پري نه ٿي رهي سگهيو. هتي سال کن کان وڌيڪ رهيس. آخر ۾ سخت ڏڪار پيو ۽ منهنجي امڙ پوءِ مون کي ڄامپور وٺي آئي. فصل ٽيون منهنجي عمر ڇهه ورهيه هئي ته ڄامپور جي مڊل اسڪول ۾ داخل ٿيس. ۸۷۸ هنديءَ کان ٽي سال لڳاتار پڙهندو رهيس. ۸۸۱ هنديءَ واري مردم شماريءَ ۾ مان به ڪم ڪندو رهيس. ان زماني ۾ مون کي گرمکيءَ جو پهريون ڪتاب ڏنو ويو. جيتوڻيڪ مون ان مان هڪ اکر به ڪونه پڙهيو پر ان ۾ هڪ تصوير ته ”ٻن ٻلين جي ماني ڀولو ورهائي رهيو آهي“ ضرور ياد اٿم. مون کي مامي ٻڌايو ته هي ٻه ٻليون هندو ۽ مسلمان آهن ۽ ڀولو انگريز آهي. ان کان پوءِ وري امڙ پنهنجي گهر آئي ۽ ٻه سال ضلعي سيالڪوٽ جي مختلف ڳوٺن ۾ ويجهن ۽ پري وارن مائٽن سان ملائڻ لاءِ مون کي وٺي ويندي هئي. برادريءَ جي غميءَ ۽ خوشيءَ جي تقريبن ۾ شريڪ ٿيندو رهيس. ننڍڙو هجڻ جي باوجود وڏڙا ۽ پوڙها اهڙي تعظيم سان پيش ايندا هئا، جيڪو منهنجي امڙ جو حق هيو. مان ان جو خاص اثر پنهنجي طبيعت ۾ محسوس ڪندو آهيان. يعني، پنهنجن هڪ جيڏن مائٽن کان ممتاز رهڻ جو خيال رهندو آهي. ٿوري وقت لاءِ ڄامڪي جي مڊل اسڪول جي چوٿين جماعت ۾ شامل رهيس. اڪثر موقعن ۾ مسجدين جي مولوين کان پارسيءَ جا ڪتاب ضرور پڙهندو رهيس. امڙ ان دوران منهنجي لاءِ مناسب رشتو ڳوليندي رهي. جڏهن ان ۾ ڪامياب ٿي ته مون کي وري ڄامپور موڪلي ڏنائين. فصل چوٿون انهيءَ وقت جو هڪ واقعو لکڻ جوڳو آهي، منهنجو چاچو حاڪم راءِ جڏهن ڳوٺ جي ڪچهريءَ ۾ ويهندو هو ته عام ميڙ سندس چوڌاري گڏ ٿي ويندو هو. هڪ ڏينهن مان به اتي ئي ويٺو هوس ته هن هندو ڌرم ۽ اسلام ۾ ڀيٽ ڪئي ۽ اسلام کي ترجيح ڏني. سندس تقرير جو تت مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي: ”هندن ۽ مسلمانن ۾ هڪ ڊگهو مناظرو ٿيو، پڇاڙيءَ ۾ فيصلو ٿيو ته هڪ هندو ۽ هڪ مسلمان کوهه ۾ ٽپو ڏين، جيڪو بچي وڃي، ان جو مذهب (سچو ۽) حق مڃيو ويندو. پهريائين هندو اٿيو ۽ شري رام کي پنهنجي واهر لاءِ سڏيائين ان جا عملدار اچي رهيا هئا ته هن شري ڪرشن کي سڏڻ شروع ڪيو. ان تي شري رام جا خادم واپس موٽيا. اڃا شري ڪرشن جا ماڻهو سندس مدد لاءِ نه پهتا هئا ته هن مهاديو کي ٻاڏايو، ان ڪري شري ڪرشن جي مدد به کيس نه ملي سگهي. اهڙيءَ ريت پنهنجن مختلف بزرگن کي لڳاتار مدد لاءِ سڏيندو رهيو پر جنهن وقت ٽپو ڏنائين ته ان وقت سندس ڪوبه واهر نه ڪري سگهيو. ان ڪري سندس هٿ پير ڀڄي پيا. ان کانپوءِ مسلمان اٿي بيٺو. هن هڪ الله کي زور سان سڏڻ شروع ڪيو ۽ جلدي ۾ کوهه ۾ ڪڏي پيو، الله جا فرشتا سندس مدد لاءِ پهتا ۽ کيس سلامت بچائي ورتو.“ جيستائين مون کي ياد آهي ته اسلام جي حقانيت تي هيءَ پهرين تقرير آهي، جيڪا مون ٻڌي ۽ جنهن کان متاثر ٿيس. فصل پنجون رب زدني علما انهن ٻن سالن جي وقفي سان منهنجا هم ڪلاسي ته مارچ ۸۸۴ هنديءَ تي ڇهين درجي ۾ پهچي ويا پر مان ٻه مهينا محنت ڪري چوٿين درجي جو امتحان ڏئي سگهيس ۽ پنجين درجي ۾ شامل ٿيس. هتان کان منهنجي شاگرديءَ جو زمانو شروع ٿئي ٿو. اسڪول جو مقرر ٿيل ڪم منهنجي لاءِ ڏکيو نه هو، پارسي پڙهڻ ۽ ياد ڪرڻ ۾ خاص محنت ڪندو هوس. باقي مضمون مان سال جي شروعات ۾ ڪجهه هفتا لڳائي ياد ڪري وٺندو هوس، پوءِ سڄو سال واندو رهندو هوس. امتحان کان ٿوري دير اڳ ۾ ڪتاب تي سرسري نگاهه وجهڻ ڪافي ٿيندو هو. سڀ کان وڌيڪ دلچسپ رياضي هئي. حساب، آلجبرا ۽ اقليدس ۾ جيتري قدر سٺا ۽ وڏا ڪتاب ملندا هئا، انهن کي حل ڪرڻ ۾ رڌل رهندو هوس. ڏکيا سوال حل ڪرڻ ۾ خاص لذت محسوس ڪندو هوس. ”مراة الاشڪال“ اقليدس جي چئن مقالن جي شرح هئي. مون ان جا مشقي سوال سمورا حل ڪري ڇڏيا هئا. سنه ۸۸۶ هنديءَ تي ستين درجي ۾ هوس ته ”قيصري“ جالنڌر (اخبار) ۾ هڪ حل طلب سوال ڇپيو: ا+ ب +ج= ۶، ا+ب+ ج= ۱۴، ا+ ب+ ج= ۳۶ ٻيپهريءَ کان پوءِ مڪتب ۾ مون کي اخبار ملي، پنهنجي روزاني ڪمن ۾ رڌل هيس. فقط واندڪائيءَ جا پل ان جي حل ڪرڻ تي استعمال ڪندو رهيس. تڏهن به سانجهيءَ کان اڳ مون اخبار جي نالي جواب موڪلي ڏنو. ٻئي هفتي ۾ منهنجي نالي سان ٻن ڪالمن ۾ ڇپجي آيو. مان ان خوشيءَ کي وساري نٿو سگهان. ان کانپوءِ تاريخ، قصن ۽ ناولن ۾ طبيعت خوش ٿيندي هئي. جيڪو ڪتاب ملندو هو، جيستائين سمورو ختم نه ڪري ڇڏيان، سڪون نه ايندو هو. ان دوران اخبار پڙهڻ شروع ڪيم. هفتيوار ”آفتاب پنجاب“ لڳاتار ڏسندو هوس ۽ ”پنجاب“ ۽ ”ڪوهه نور“ جا پراڻا فائيل به پڙهندو هوس پوءِ (ڄڻ) اخبار عام ڏسڻ لڳس. پنجاب جي تاريخ ۾ سکن جي حڪومت سان وڌيڪ دلچسپي محسوس ڪندو هوس. پنهنجي سک هجڻ تي فخر محسوس ڪندو هوس. ننڍپڻ ۾ پنهنجن مائٽن جي عورتن سان گڏ ديوان مولراج جي عزيزن جي گهر ويندو رهيو آهيان. ان ڪري انهن جي واقعن کان وڌيڪ متاثر ٿيندو هوس. پنجاب حڪومت جي سالياني رپورٽ اردوءَ ۾ شايع ٿيندي هئي. ان کي چڱيءَ طرح پڙهندو هوس، راجا دليپ سنگهه کي پنجاب اچڻ جي موڪل ملي ۽ منهنجي مامي رات جو خبر آندي ته اسان جي گهر ۾ عيد جهڙي خوشي ٿي ته اسان جو راجا اچي رهيو آهي. ٻئين ٽئين هفتي جڏهن هيءَ خبر ملي ته هو عدن کان موٽايو ويو ته اسان جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. جيتوڻيڪ ان علمي مشغلي مون کي سٺو کائڻ، سٺو پهرڻ جي خواهشن کان بي نياز ڪري ڇڏيو هو، تنهن هوندي به سوسائٽيءَ ۾ ڪا به اهڙي شيءِ نظر نه ٿي آئي جيڪا گهر ۾ ميسر نه هجي. سو اعليٰ سوسائٽيءَ ۾ منهنجو رابطو مضبوط رهيو. ڄامپور جي سرڪاري آفيسرن واري سوسائٽيءَ ۾ پڻ مون کي اهڙا ساٿي مليا، جن کان مٿانهان، اتي ممڪن نه هئا. مختيارڪار، نائب مختيارڪار، جج، پوليس آفيسر ۽ پوسٽ ماسٽر هندو هئا. ان مٿانهين سوسائٽيءَ ۾ منهنجي سڃاڻ عزت سان هئي. اسسٽنٽ مختيارڪار اسان جي ويجهي علائقي جو هو. سندس ڇوڪرا اسان سان گڏ پڙهندا هئا. ساڻس ۽ سندس گهر سان (اسان جو) هڪ جهڙو ۽ هڪ جيترو سلوڪ هيو ۽ ساڳيو رويو سوسائٽيءَ جي ٻين ماڻهن مختيارڪار، پوليس آفيسر، جج، پوسٽ ماسٽر ۽ ڊاڪٽر سان هيو. ذاتي ڊائريءَ جا نوٽ آءٌ ضلعي سيالڪوٽ جي هڪ ڳوٺ چيانواليءَ ۾ پيدا ٿيس. منهنجي خاندان جو اصلي ڌنڌو سونارڪو آهي، مگر ڪجهه وقت کان ڪي ماڻهو سرڪاري نوڪرين ۾ داخل ٿيا ۽ ڪي ماڻهو واپار به ڪندا آهن. آءٌ گهڻو ڪري حضرت سلمان فارسيءَ جي تابعداريءَ موجب پنهنجو نالو عبيدالله بن اسلام لکندو آهيان. مگر ڪن عرب دوستن جي زور آڻڻ تي پنهنجي والد ڏانهن منسوب ڪري لکڻو پيو ته هن ريت لکيم: عبيدالله بن ابي عائشه، ڇاڪاڻ ته منهنجي وڏي ڀيڻ جو نالو جيوڻي آهي. (جيوڻي ۽ عائشه هم معنيٰ آهن) مون ارادو ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ ان کان وڌيڪ صفائي گهري ته هن ريت لکندس ”عبيدالله بن راما بن راءِ“ منهنجي والد جو نالو رام سنگهه پٽ جسپت راءِ پٽ گلاب راءِ آهي. چون ٿا ته منهنجو ڏاڏو سک حڪومت ۾ پنهنجي ڳوٺ جو ڪاردار هو. مون جمعرات پره ڦٽڻ کان ٿورو اڳ ۾ ۱۲ محرم الحرام ۱۲۸۹هه مطابق ۱۰ مارچ ۱۸۷۲ع ۾ جنم ورتو. منهنجي ڄمڻ کان چار مهينا اڳ ۾ منهنجو والد فوت ٿي چڪو هو. ٻن سالن کان پوءِ منهنجو ڏاڏو به فوت ٿي ويو. جنهن کان پوءِ منهنجي والده مون کي ناناڻن ۾ وٺي آئي جو هڪ نج سک خاندان هو ۽ منهنجو والد به نانا صاحب جي چوڻ تي ئي سک بڻيو هو. منهنجا ٻه ماما ڄامپور ضلعي ديري غازي خان ۾ تپيدار هئا. جڏهن نانو صاحب فوت ٿي ويو تڏهن اسان ڄامپور ۾ مامن وٽ اچي رهياسين. منهنجي پڙهائي ۱۸۷۸ع کان ڄامپور جي اردو مڊل اسڪول ۾ شروع ٿي. ۱۸۸۷ع ۾ مڊل جي مٿين جماعت ۾ پڙهندو هوس ته اسلام جي ظاهر ڪرڻ خاطر گهر کي الوداع ڪيم. ان وچ ۾ ٻه سال سيالڪوٽ ۾ رهڻو پيو. جنهن ڪري هڪ سال پنهنجي جماعت کان پوئتي رهجي ويس نه ته مان پنهنجي اسڪول ۾ وڏو سمجهدار شاگرد مڃيو ويندو هوس. اسلام جو مطالعو سنه ۱۸۸۴ع ۾ مون کي اسڪول جي هڪ آريه سماجي ڇوڪري جي هٿان ڪتاب ”تحفة الهند“ مليو (اهو ڪتاب هڪ نو مسلم بزرگ جو لکيل آهي، جنهن ۾ هندو مذهب جي بنيادي ڳالهين جو بيان ٿيل آهي.) انهيءَ ڪتاب جي پڙهڻ ۾ لڳو لڳ مشغول رهيس ۽ آهستي آهستي اسلام جي سچائيءَ تي يقين وڌندو ويو. اسان جو ويجهو پرائمري اسڪول ڪوٽله مغلان جا ڪي هندو به ملاقي ٿيا جي پڻ تحفة الهند جا ڏاڍا دلداده هئا. انهن هندو دوستن وٽان مون کي مولانا محمد اسماعيل شهيد دهلويءَ جو ڪتاب ”تقوية الايمان“ به مليو، جنهن جي مطالعي کان پوءِ اسلامي توحيد ۽ هندو پرانڪ شرڪ جو مسئلو چڱيءَ طرح سمجهه ۾ اچي ويو. ان کان پوءِ مولوي محمد لکويءَ (اهل حديث سيد نذير حسين دهلويءَ جو شاگرد) جو ڪتاب ”احوال الآخرة“ هڪ مولوي صاحب وٽان مليو. مان ان وقت نماز سکي چڪو هوس ۽ پنهنجو نالو تحفة الهند جي ٺاهيندڙ جي نالي تي عبيدالله پنهنجو پاڻ رکي ڇڏيو هوم. احوال الاخرة جو بار بار مطالعو ۽ تحفة الهند جو اهو حصو جنهن ۾ نومسلمن جا حالات لکيل آهن، اهي ٻئي شيون منهنجي جلدي اسلام جي ظاهر ڪرڻ جو ڪارڻ بڻيون. ۱۰ آگسٽ ۱۸۸۷ع ۾ الله تعاليٰ تي توڪل ڪري نڪري پيس، نه ته اصل ارادو هي هو ته جڏهن ڪنهن هاءِ اسڪول ۾ ايندڙ سال داخل ٿيس تڏهن اسلام جي اظهار جو اعلان ڪندس. اسلام جو ظاهر ڪرڻ مون سان ڪوٽلا مغلان جو هڪ ساٿي عبدالقادر نالي هو. اسان ٻئي هڪ طالب العلم جي ذريعي ڪوٽلا رحم شاهه ضلعي مظفرڳڙهه ۾ پهتاسين. ۹ ذوالحج ۱۳۰۴هه تي منهنجي طهر جي سنت ادا ڪئي وئي. ان کان پوءِ ٿورن ڏينهن اندر جڏهن منهنجا عزيز اسان جي ڳولا ۾ نڪتا تڏهن اسان سنڌ ڏانهن روانا ٿي وياسين. عربي صرف جا ڪتاب اسان انهيءَ طالب علم کان پڙهڻ شروع ڪيا. سيد العارفين جي صحبت الله تعاليٰ جي خاص رحمت چئبي ته جيئن شروع ڄمار ۾ اسلام جي سمجهڻ ۾ آساني ٿي تيئن خاص رحمت جو هي اثر ظاهر ٿيو جو سنڌ ۾ اسان حضرت حافظ محمد صديق رحه صاحب (ڀرچونڊيءَ واري) جي خدمت ۾ پهچي وياسون، جو پنهنجي وقت جو جيد ۽ عارفن جو سردار هو. ڪجهه مهينا اسان سندس صحبت ۾ رهياسين جنهن جو پهريون فائدو هي ٿيو ته اسلامي معاشرت اسان جي لاءِ اهڙي طرح طبيعت ثاني بڻجي وئي جيئن هڪ پيدائشي مسلمان جي هوندي آهي. ٻيو ته حضرت حافظ صاحب هڪ ڏينهن منهنجي سامهون ماڻهن کي مخاطب ٿي فرمايو، جن ۾ گهڻو ڪري مولانا ابوالحسن امروٽي به موجود هيو ته ”عبيدالله، الله تعاليٰ واسطي پنهنجي پيءُ ماءُ کي ڇڏيو آهي، هاڻي سندس پيءُ ماءُ اسان آهيون.“ انهيءَ ڪلمه مبارڪ جو خاص اثر منهنجي دل ۾ محفوظ آهي. آءٌ مولوي عبدالقادر (حضرت مولانا دينپوريءَ جي ناٺيءَ) کان ڪتاب پڙهيا ۽ هن بزرگ کي پنهنجو ديني ابو ڪري مڃيندو آهيان ۽ خاص انهيءَ ڪري مون سنڌ کي پنهنجو وطن بنايو، يا بڻجي ويو. ٽيون ته مان قادري راشدي طريقي ۾ حضرت حافظ سان بيعت ڪئي. جنهن جو هڪ هيءُ نتيجو نڪتو جو مان ڪنهن به وڏي ماڻهوءَ کان ڪونه ڊڄندو آهيان. چئن مهينن کانپوءِ اسان علم جي طلب لاءِ موڪل ورتي. مون کي چيو ويو ته حضرت حافظ صاحب مون لاءِ خاص دعا گهري آهي ته خدا ڪري ته عبيدالله جو شال ڪنهن راسخ عالم (سچي ۽ حقيقي عالم) سان واسطو پوي. منهنجي خيال ۾ الله تعاليٰ اها دعا قبول فرمائي ۽ الله رب العزت پنهنجي فضل سان حضرت مولانا شيخ الهند محمود حسن ديوبنديءَ جي خدمت ۾ پهچايو. سيدالعارفين جي خليفه اعظم جي صحبت ڀرچونڊيءَ کان موڪل وٺي آءٌ انهيءَ طالب العلم سان گڏجي رياست بهاولپور جي ڳوٺاڻي مسجدن ۾ ابتدائي عربي جا ڪتاب پڙهندو رهيس. انهيءَ سلسلي ۾ دين پور پهتس جتي سيدالعارفين جو پهريون خليفو مولانا ابوالسراج غلام محمد صاحب رهندو هو. هدايته النحو تائين مان اتي پڙهيس حضرت خليفه صاحب خط لکي منهنجي والده کي گهرايو جنهن مون کي موٽائي وٺي وڃڻ جي سخت ڪوشش ڪئي مگر آءٌ ثابت قدم رهيس. پر هي غلط آهي ته منهنجي والده ديوبند آئي هئي. شوال ۱۳۰۵هه ۾ دينپور کان ڪوٽله رحم شاهه ۾ آيس ۽ مولوي خدابخش وٽ ڪافيه و نحو پڙهيم ۽ اتي هڪ نووارد طالب علم کان هندستان جي عربي مدرسن جو احوال معلوم ٿيو. مان مظفرڳڙهه جي اسٽيشن تان سوار ٿي سڌو ديوبند پهتس. دارالعلوم ديوبند دارالعلوم ديوبند ۾ صفر ۱۳۰۶هجريءَ ۾ داخل ٿيس. اٽڪل پنجن مهينن ۾ قطبيءَ تائين منطق جا رسالا پڙهيم ۽ شرح جامي مولانا حڪيم محمد حسن امروهيءَ کان پڙهيم. هڪ سمجهدار استاد جي خاص مهربانيءَ سان مطالعي ڪرڻ جو رستو سکيس. پوءِ پنهنجي محنت سان ترقيءَ جو رستو سامهون ٿيندو ويو. حڪمت ۽ منطق جا ڪتاب جلدي پورا ڪري ٿورن مهينن لاءِ مولانا محمد حسن صاحب ڪانپوريءَ جي مدرسي ۾ هليو ويس ۽ اتان ٿورن مهينن لاءِ مدرسي عاليه رامپور ۾ رهي مولوي ناظرالدين کان به ڪتاب پڙهيم. اهڙيءَ طرح وري صفر ۱۳۰۶هه ۾ ديوبند موٽي آيس. حضرت مولانا شيخ الهند ديوبند ۾ ٻن ٽن مهينن تائين مولانا حافظ احمد صاحب کان پڙهندو رهيس. (حافظ محمد احمد مولانا محمد قاسم باني دارالعلوم جو فرزند ۽ مدرسي جو مهتمم هو) ان کانپوءِ مولانا شيخ الهند جي درس ۾ شامل ٿيس. شعبان ۱۳۰۷هه ۾ هدايه، تلويح، مطول، شرح عقائد، مسلم الثبوت جو امتحان ڏنم، امتيازي نمبرن ۾ ڪامياب ٿيس. مولانا سيد احمد دهلوي مدرس اول منهنجي جوابن جي تمام گهڻي تعريف ڪئي ۽ فرمايو ته جيڪڏهن هن کي ڪتاب ملي ويا ته شاهه عبدالعزيز ثاني ٿيندو. ڪيترن دوستن خوشخبريءَ جهڙا خواب ڏٺا ۽ مان به رسول الله ﷺ جي خواب ۾ زيارت ڪئي ۽ امام ابوحنيفه ؐ کي به خواب ۾ ڏٺم. رمضان شريف ۾ اصول فقه ۾ هڪ رسالو لکيم جنهن کي شيخ الهند پسند فرمايو، ان ۾ بعض مسئلا جمهور جي برخلاف محققن جي راءِ مطابق لکيا ويا هئا. مثلاً مشابه آيتن جي معنيٰ ناممڪن الحصول نه آهي ۽ الراسخين في العلم وهبي علم سان سمجهن ٿا. شوال ۱۳۰۷هه ۾ تفسير بيضاوي ۽ حديث جي دوري ۾ شريڪ ٿيس ۽ جامع ترمذي حضرت مولانا شيخ الهند وٽ پڙهيم ۽ سنن ابي داؤد پڙهڻ لاءِ حضرت مولانا رشيد احمد صاحب جي خدمت ۾ گنگوهه پهتس. شاهجهان آباد دهلي گنگوهه مان بيمار ٿي دهليءَ آيس. حڪيم غلام محمود خان (حڪيم اجمل خان جي والد) جي علاج سان صحت حاصل ٿي. حديث جا باقي ڪتاب مولوي عبدالڪريم پنجابي ديوبنديءَ کان جلدي جلدي ختم ڪري ورتم. مون کي ياد آهي ته سنن نسائي ۽ سنن ابن ماجه چئن ڏينهن ۾ پڙهيو هيم ۽ سراجي ٻن ڪلاڪن ۾ پوري ڪئي هيم. اهو مولوي عبدالڪريم پنجابي حضرت مولانا محمد قاسم ديوبنديءَ ۽ حضرت مولانا رشيد احمد گنگوهيءَ جو هڪ محقق شاگرد هو. شهرت پسند نه هو، دهليءَ وارن ڏينهن ۾ ٻه دفعا حضرت مولانا سيد نذير حسين صاحب جي زيارت لاءِ ويو هوس. صحيح بخاريءَ ۽ جامع ترمذيءَ جا ٻه سبق به ٻڌا هيم. سنڌ ڏانهن موٽڻ ۲۰ جمادي الثاني سنه ۱۳۰۸هه تي دهليءَ مان سڌو ڀرچونڊي ضلع سکر ۾ پهتس. مگر ان سفر ۾ ايندي ويندي نه لاهور ۾ ۽ نه وري چينياوالي مسجد ۾ ويس. منهنجو مرشد منهنجي اچڻ کان اڳ ۾ ڏهه ڏينهن پهريائين وفات ڪري ويو هو. رجب سنه ۱۳۰۸هه ۾ حضرت شيخ الهند اجازت نامه لکي مون ڏانهن موڪليو ۽ مولوي ڪمال الدين صاحب مون وٽ سنن ابي داؤد پڙهي پوري ڪئي. امروٽ وارو بزرگ شوال ۱۳۰۸هه تي سيدالعارفين جي ٻئي خليفي مولانا ابوالحسن تاج محمود امروٽي صاحب وٽ امروٽ ضلعي سکر ۾ هليو آيس. هن صاحب پنهنجي پير رشيد جو وعدو پورو ڪري ڏيکاريو. هو مون لاءِ پيءُ وانگر هو، سندس ذريعي منهنجو نڪاح مولوي محمد عظيم خان يوسف زئي ماستر اسلاميه اسڪول سکر جي نياڻيءَ سان ڪرايو. منهنجي ماءُ کي گهرائي ڏنو جا آخر وقت تائين پنهنجي نموني تي مون وٽ رهندي آئي. منهنجي مطالعي لاءِ تمام وڏو ڪتب خانه گڏ ڪيائين. هن بزرگ جي مهربانيءَ واري پاڇي ۾ ۱۳۱۵هه تائين مطالعو ڪندو رهيس. ڪتب خانه پير جهنڊي وارو ڳوٺ پير جهنڊي ضلع حيدرآباد سنڌ ۾ راشدي طريقي جي پير صاحب وٽ دين علومن جو هڪ بينظير ڪتب خانه هو. امروٽ وارن ڏينهن ۾ مطالعي لاءِ اوڏانهن به ويندو رهندو هوس ۽ اڌارا ڪتاب به وٺي ايندو هوس. منهنجي مطالعي جي ڪماليت ۾ انهيءَ ڪتب خانه جي فيض جو به وڏو دخل آهي. ان کان سواءِ حضرت مولانا رشيد الدين صاحب العلم الثالث جي صحبت مان فائدو پرايم. مان سندس ڪيتريون ئي ڪرامتون ڏٺيون. اسماءَ الحسنيٰ جو ذڪر کانئس سکيم. سندس فرزند حضرت مولانا رشدالله صاحب العلم الرابع سان علمي صحبتون رهيون. هو علم حديث جو تمام وڏو عالم ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف هو. سندس والد حضرت مولانا رشيدالدين توحيد ۽ جهاد جي دعوت جو مجدد هو. قاضي فتح محمد نظاماڻي• (ويٺل ٽنڊه قيصر) جون علمي صحبتون به ياد رکڻ جي لائق آهن. علمي تحقيق جو مرڪز الله تعاليٰ جي رحمتن مان هڪ وڏي نعمت جنهن جو آءُ شڪر ادا ڪري نٿو سگهان، اها هيءَ آهي ته فقه ۽ حديث جي تحقيق ۽ تطبيق ۽ اهڙيءَ طرح قرآن عظيم جي تفسير ۾ حضرت مولانا محمد قاسم (نانوتوي) ديوبنديءَ کان شروع ٿي امام ولي الله دهلوي تائين سلسلو عاليه منهنجو رهبر بڻيو ۽ مان هنن کي پنهنجو اڳواڻ بڻايو. مون کي پنهنجي علمي ۽ سياسي واڌاري ۾ انهن کان ٻاهر وڃڻو نه پيو. تنهن ڪري منهنجون سموريون ڪوششون هڪ اصول تي درست ٿينديون رهيون ۽ آءُ اسلام جي فلسفي سمجهڻ جي لائق بڻيس. مان دهليءَ ۾ قبله نما جو مطالعو ڪيو (اهو ڪتاب مولانا محمد قاسم جو تصنيف ڪيل آهي) جنهن جا معارف منهنجي روح ۾ پيوست ٿي ويا. حديث جي تحقيق لاءِ حجة الله البالغه (مصنفه امام ولي الله دهلوي) سان شيخ الهند منهنجي واقفيت ڪرائي. آخر ۾ مون کي ان جي مطالعي مان اطمينان نصيب ٿيو ۽ مان عالمن جي هڪ جماعت کي حجة الله پڙهائي ان کان گهڻو وقت پوءِ شيخ الهند کان وڃي پڙهيم. طريقه قادريه جو شغل انهيءَ عرصي ۾ طريقه قادريه ۽ نقشبندي مجددي جا شغل ۽ ذڪر به پنهنجيءَ طاقت آهر حضرت سيدالعارفين جي وڏي خليفه مولانا ابوالسراج (خليفه غلام محمد صاحب) دينپوريءَ کان سکندو رهيس. جيڪڏهن منهنجي ڪا دنياوي ضرورت امروٽ مان پوري نه ٿيندي هئي ته اها دينپور مان حاصل ڪندو هوس. اهڙيءَ طرح مون کي پنهنجي مرشد جي جماعت کان ٻاهر وڃڻ جي ضرورت نه پئي. منهنجو سياسي مسلڪ اسلام سکڻ جي شروع کان وٺي منهنجو قلبي لاڳاپو مولانا شهيد مرحوم سان پيدا ٿي چڪو هو ۽ ديوبند جي طالب علميءَ واري زماني ۾ ڪيترن ئي واقعن ۽ ڳالهين سبب وڌيڪ واقفيت ٿي چڪي هئي. مولانا عبدالڪريم (پنجابي) ديوبنديءَ دهليءَ جي غدر جو اکين ڏٺو واقعو ٻڌايو هو ۽ ٻاراڻي ڄمار کان خانداني عورتن جي صحبت ۾ (ٻڌل ڳالهين جي بنياد تي) انقلاب پنجاب جي مصيبتن کان منهنجو دماغ ڀريو پيو هو، ان ۾ هڪ قسم جو انقلاب آيو، پهريان جو ڪجهه لاهور لاءِ سوچيندو هوس هاڻي دهليءَ لاءِ سوچڻ لڳس. مولانا شهيد جي مڪتوبات مان هڪ خط جو مضمون سامهون رکي مان پنهنجو مختصر سياسي پروگرام بڻايو جو اسلامي به هو ۽ انقلابي به هو. مگر هندستان کان ٻاهرين مسلمانن سان ان جو ڪوبه تعلق نه هو. مان حجة الله پڙهندڙ جماعت کي ان ۾ شامل ڪيو. اهڙيءَ ريت پنهنجي خيال موجب آهستي آهستي ڪم شروع ڪري ڏنم. ديوبند ۾ وري اچڻ ۱۳۱۵هه ۾ وري ديوبند آيس. پنهنجي علمي معلومات جي رنگ ۾ ٻه رساله لکي کڻي آيس. هڪ علم حديث ۽ ٻيو فقه حنفيءَ ۾. حضرت مولانا شيخ الهند ٻنهين رسالن کي پسند فرمايو. انهيءَ دفعي ٻارهن حديث جي مشهور ڪتابن جا اطراف ٻڌائي ٻيهر مولانا صاحب کان روبرو اجازت حاصل ڪيم. ڪن جهاد جي مسئلن وقت درس هلندي اسان جي جماعت جو ذڪر اچي ويو جنهن کي مولانا پسند فرمايو. ڪن دوستن جو مشورو ڏئي انهيءَ ڪم کي اتحاد اسلام جي هڪ ڪڙي بڻايائون ۽ انهيءَ ڪم کي جاري رکڻ جي وصيت فرمايائون. ان کان پوءِ منهنجا علمي ۽ سياسي سمورا شغل حضرت شيخ الهند سان وابسته رهيا. دارالرشاد ڳوٺ پير جهنڊو ديوبند جي انهيءَ پوئين مختصر سفر کان پوءِ مان امروٽ شريف ۾ رهي، هڪ پريس قائم ڪئي (محمود المطابع نالي سان) جنهن کي ٻن سالن تائين هلائيندو رهيس. ڪي عربي ۽ سنڌي ناياب ڪتاب ڇپايا ويا. ۽ هڪ ماهوار رساله ”هدايت الاخوان“ به شايع ٿيندو رهيو. ان سان گڏ مدرسه قائم ڪرڻ جي به ڪوشش جاري رهي. مگر ان ۾ ڪاميابي نه ٿي، هوڏانهن اسان جو ڪم مدرسه کان سواءِ هلي نٿي سگهيو. تنهن ڪري مان ٻئي ڪنهن جاءِ جي ڳولا ۾ حيران هوس ته حضرت مولانا رشدالله صاحب العلم الرابع ۱۳۱۹هه ۾ منهنجي تجويز جي موافق مدرسه بنائڻ جو ارادو ڪيو ۽ دارالرشاد مدرسه جو نالو منهنجي رٿ سان مقرر ٿيو. مان انهيءَ مدرسي ۾ شريڪ ٿي پورن ستن سالن تائين علمي ۽ انتظامي خدمتون مڪمل اختيارات سان ڪندو رهيس ۽ مدرسي ۾ انهيءَ زماني جي وڏن علمائن مان حضرت مولانا شيخ الهند ۽ حضرت مولانا شيخ حسين بن محسن انصاري يماني (محدث مقيم پوپال) امتحان وٺڻ جي ارادي سان تشريف فرما ٿيا. مان انهيءَ مدرسه ۾ حضرت رسول الله ﷺ کي خواب ۾ ڏٺو ۽ امام مالڪ کي به ڏٺو جو ڄڻ مدرسه جي هڪ حجري ۾ اچي رهيو آهي. جميعت الانصار ديوبند ۱۳۲۷هه ۾ حضرت شيخ الهند ديوبند سڏايو. مفصل احوال ٻڌي ديوبند ۾ رهي ڪم ڪرڻ جو حڪم ڏنائون ته جيئن سنڌ سان به لاڳاپو قائم رهي. چار سال جمعيت الانصار ۾ ڪم ڪندو رهيس. انهيءَ جماعت جي تحريڪ جي بنياد ۾مولانا محمد صادق سنڌي، مولانا ابو محمد احمد لاهوري ۽ عزيز مولوي احمد علي لاهوري به شريڪ هئا. نظارة المعارف دهلي حضرت شيخ الهند جي ارشاد سان منهنجو ڪم ديوبند کان دهليءَ منتقل ٿيو. ۱۳۳۱هه ۾ نظارت المعارف قائم ٿي، انهيءَ ڪم جي سرپرستيءَ ۾ شيخ الهند سان حڪيم اجمل خان ۽ نواب وقارالملڪ (سيڪريٽري علي ڳڙهه ڪاليج) ساڳئي نموني ۾ شريڪ هئا. حضرت شيخ الهند جيئن چار سال ديوبند ۾ رهي منهنجو پنهنجي جماعت سان تعارف ڪرايو، اهڙيءَ طرح دهليءَ موڪلي مون کي نوجوان طاقت سان واقف ڪرڻ گهريو. انهيءَ مقصد لاءِ ئي هڪ دفعو دهليءَ ۾ تشريف فرما ٿيو، مون کي ڊاڪٽر انصاريءَ سان ملاقات ڪرايائين ۽ ڊاڪٽر انصاريءَ مون کي مولانا ابوالڪلام ۽ مولانا محمد علي مرحوم سان ملايو جنهن ڪري مون کي ٻن سالن اندر هندستان جي اسلامي اعليٰ سياسي طاقت سان واقفيت پيدا ٿي وئي. هجرت ڪابل ۱۳۳۳هه مطابق ۱۹۱۵ع ۾ شيخ الهند جي حڪم سان ڪابل روانو ٿي ويس. مگر مون کي ڪم جو ڪوبه مفصل پروگرام ڪونه ٻڌايو ويو. جنهن ڪري منهنجي طبيعت تي اها هجرت گران پئي گذري مگر تعميل حڪم لاءِ وڃڻو ضرور هو ۽ الله تعاليٰ آسانيءَ سان هندستان مان نڪري وڃڻ جو رستو پيدا ڪري ڏنو. جنهن ڪري آءٌ افغانستان پهچي ويس. دهليءَ جي سياسي جماعت به مون کي پنهنجو عيوضي مقرر ڪيو هو. پر مان هنن کي اها ڳالهه ئي ڪانه ڪئي ته اڳ ۾ ئي شيخ الهند جي حڪم موجب منهنجي ڪابل وڃڻ جو فيصلو ٿي چڪو آهي. افسوس جو دهليءَ واري مرڪز پاران به ڪو معقول پروگرام ڪونه هو. ڪابل پهچي مون کي معلوم ٿيو ته حضرت شيخ الهند قدس سره جنهن جماعت جو پاڻ عيوضي هو تنهن جي پنجاهه سالن جي محنتن جو نتيجو غيرمنظم شڪل ۾ منهنجي سامهون تعميل حڪم لاءِ موجود آهي. جنهن ۾ حضرت شيخ الهند کي هڪ مون جهڙي خادم جي سخت ضرورت هئي. هاڻي مون کي هجرت ۽ حضرت شيخ الهند جي چونڊ تي بيحد فخر محسوس ٿيڻ لڳو. مان ستن سالن تائين حڪومت ڪابل جي امداد سان هندستان لاءِ ڪم ڪندو رهيس. ۱۹۱۶ع ۾ امير حبيب الله خان هندن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جنهن جي تعميل جي هڪ ئي صورت هئي ته نيشنل ڪانگريس ۾ شامل ٿي وڃان. ان وقت آءٌ ڪانگريس جو مبلغ بڻجي ويس. هيءَ ڳالهه نهايت عجب جهڙي آهي ته امير صاحب مرحوم نج اسلام جي ڪم کان هندستاني ڪم کي وڌيڪ پسند ڪندو هو. ۱۹۲۲ع ۾ امير امان الله خان جي زمانه ۾ ڪانگريس ڪاميٽي ڪابل ۾ قائم ڪئي وئي. ڊاڪٽر انصاريءَ جي ڪوشش سان ”گيا“ واري اجلاس ۾ ان جو الحاق انڊين ڪانگريس سان ڪيو ويو. برٽش ايمپائر کان ٻاهر اها پهرين ڪانگريس ڪميٽي هئي ۽ مان هن ڳالهه تي فخر ڪري سگهان ٿو ته آءٌ ان جو پهريون پريزيڊنٽ هوس. روس جو سفر ۱۹۲۳ع ۾ ترڪيءَ ڏانهن ويندي ست مهينا ماسڪو (روس) ۾ وڃي رهيس. سوشلزم جو مطالعو پنهنجي طاقت آهر پنهنجن نوجوان ساٿين جي مدد سان ڪندو رهيس. جنهن حالت ۾ نيشنل ڪانگريس سان لاڳاپو سرڪاري طرح ثابت ٿي چڪو هو، تنهن ڪري سويت روس مون کي پنهنجو معزز مهمان بڻايو ۽ مطالعي لاءِ هر قسم جون سهوليتون مهيا ڪري ڏنيون. هي بلڪل غلط آهي ته مان لينن سان ملاقات ڪئي، ڇو ته ڪامريڊ لينن ان وقت اهڙو بيمار هو جو پنهنجن دوستن کي به سڃاڻي نه سگهندو هو. انهيءَ مطالعي جو نتيجو آهي جو مان پنهنجي مذهبي تحريڪ کي جا امام ولي الله جي فلسفي جي شاخ آهي ان کي لادينيت جي حملي کان محفوظ ڪرڻ جي تدبير ۾ ڪامياب ٿي ويس. مان انهيءَ ڪاميابيءَ ۾ (۱) انڊين نيشنل ڪانگريس (۲) هندستاني سفر جي ساٿين جن ۾ هندو مسلم نوجوان هئا جن ۾ سوشلسٽ ۽ نيشنلسٽ ٻئي قسم جا ماڻهو هئا. (۳) سويت روس جو هميشه لاءِ شڪر گذار رهندس جيڪڏهن مون کي ٽنهين طاقتن جي امداد نه ملي ها ته آءٌ پنهنجي اصلي امتيازي مقصد ۾ ڪامياب نه ٿيان ها. نئين ترڪي ساڳئي سال ۱۹۲۳ع ۾ انگورا پهتس. منهنجي انهيءَ سفر لاءِ ماسڪو واري ترڪي سفير ۽ روس جي وزارت خارجه سفر جو رستو مقرر ڪري ڏنو. ممڪن آهي ته برطانيه جي ڪارندن کي ان جو پتو نه پيو هجي. (هي به غلط آهي ته آءٌ استنبول ان وقت پهتس جڏهن فرانس ۽ برطانيه جي متحده قوت ان تي قابض هئي) اٽڪل ۳ سال ترڪيءَ ۾ رهيس. مان اتحاد اسلامي تحريڪ جو پورو پورو مطالعو ڪيو. مگر مون کي مستقبل قريب ۾ ان لاءِ ڪوبه مرڪز نظر نه آيو. تنهن ڪري مان ترڪن جي وطني خدمت وانگر پنهنجي اسلامي تحريڪ کي انڊين نيشنل ڪانگريس ۾ شامل ڪرڻ ضروري سمجهيو ۽ ڪانگريس ۾ پنهنجي اصول جي هڪ مستقل پارٽيءَ جو پروگرام ڇاپي ڇڏيو، جنهن ڪري منهنجي تحريڪ هر هڪ مخالف انقلاب کان محفوظ رهي سگهي ٿي. اسان جو پروگرام يورپ کي ان نموني ۾ اسلام جي تعارف ڪرائڻ ۾ منهنجو خيال آهي ته آءٌ پنهنجي استاذ الاستاذ ۽ پنهنجي امام مولانا محمد قاسم ديوبنديءَ جي هڪ قلبي خواهش کي پوري ڪرڻ ۾ عملي جامه ڍڪائي رهيو آهيان. انهيءَ پروگرام کي ترڪي پريس مان شايع ڪرڻ لاءِ انگورا حڪومت کان اجازت وٺڻي پئي. جنهن کي پهريائين وزارت خارجه ٻه جدا جدا ترجمه ڪرائي جيستائين حرف بحرف نه پڙهيو تيستائين اجازت نه ڏني. ڪي هندو دوست اردو پڙهي نه ڄاڻيندا هئا تنهن ڪري انهن جي سهوليت لاءِ پروگرام جو انگريزيءَ ۾ به ترجمو ڪرايم. استنبول جي رهڻ واري زمانه ۾ لالا لڄپت راءِ سان تبادله خيالات ٿيو. اهڙيءَ طرح ڊاڪٽر انصاريءَ سان به چڱيءَ طرح ڳالهيون ٿيون، اسان جا هي ٻئي بزرگ نه انهيءَ پروگرام کي قبول ڪري سگهيا ٿي ۽ نه وري ان جو چڱو بدل ٻڌائي سگهيا ٿي، ڪوشش ڪندا ته اسان کي هزار ٻه هزار سال گذريل زمانه ڏانهن وٺي وڃن، يقيناً پنڊت جواهر لال نهروءَ هڪ فقره ان جي پسنديدگي تي لکيو. اهو منهنجي لاءِ خوشيءَ جو ڪارڻ آهي. مان پنهنجي پروگرام ۾ عدم تشدد کي ضروري ٺهرايو آهي. ان ۾ مهاتما گانڌيءَ جا ممنون آهيون ۽ عدم تشدد جي اخلاقي حيثيت کي ڄاڻان ٿو. انهيءَ بنياد تي پوليٽيڪل پروگرام جي تربيت ۽ اهميت مهاتما گانڌيءَ کان سکي. هُن اسان کي حضرت مسيح جي تعليم جي يادگيري ڏياري آهي جا اسان وساري چڪا هئاسين. مون کي اهو به پتو آهي ته اسلام جو پهريون دور انهيءَ سياسي اصول تي عامل هو، دانائيءَ جي ڳالهه مؤمن جي وڃايل وٿ آهي پوءِ جتي به هٿ اچيس ته اهوئي ان جو مالڪ آهي. مڪه معظمه ۾ پهچڻ ۱۳۴۴هه ۾ حج جي موسم ۾ مڪه معظمه ۾ خلافت ڪانفرنس منعقد ٿيڻ واري هئي ۽ منهنجا سمورا دوست ان ۾ اچڻ وارا هئا. مان هنن جي ملاقات لاءِ ترڪيءَ مان اٽليءَ جي رستي مڪه معظمه پهچڻ جي ڪوشش ڪئي. مگر ڪانفرنس ختم ٿيڻ کان پوءِ صفر ۱۳۴۵هه ۾ پهتس. آءٌ پنهنجي پوزيشن کي صحيح نموني ۾ ڄاڻيندو هوس. تنهن ڪري حجاز گورنمينٽ کي يقين ڏياريم ته آءٌ هتي ڪابه سياسي پروپيگنڊا ڪانه ڪندس، جنهن مون تي اعتماد ڪيو ۽ انهيءَ اعتماد سبب آءٌ بلڪل محفوظ رهجي ويس. مان جيڪڏهن ڪنهن وقت ڪنهن ٿورڙي امداد جي گهر ڪئي ته حڪومت ان کي پورو ڪيو ۽ منهنجي پنهنجي نموني ۽ پنهنجي مٿي رهڻ ۾ حڪومت جا اهلڪار حارج نه ٿيا تنهن ڪري هو منهنجي پاران تمام گهڻي شڪريي ۽ دعا جا حقدار آهن. جزاهم الله تعاليٰ خيراً مڪي جا علماءَ مون کي مڪي وارن مان ٽن هندوستاني ۽ هڪ عرب خاندان خاص طرح علمي امداد پهچائي، سڀ کان پهريائين شيخ عبدالوهاب دهلويءَ (حاجي علي جان وارا)، ٻيو شيخ عبدالستار بن عبدالوهاب دهلوي، ڪتبي مرحوم، ٽيون حضرت ابو اشرف مجدديءَ انهن جي ڪتب خانن مان فائدو ورتم. عرب خاندان مان منهنجي شيخ محمد بن عبدالرزاق حمزه شيخ دارالحديث ۽ شيخ ابو السمح امام الحرمين جو خاندان آهي. منهنجو علمي شغل آءٌ اٽڪل ۱۲، ۱۳ سالن کان قرآن عظيم ۽ حجة الله البالغه جو نهايت اونهي نظر سان مطالعو ڪندو رهيس. قرآن عظيم جي تفسير ۾ جيتريون جايون به مشڪل هيون تن کي مان امام ولي الله دهلويءَ جي اصول تي اطمينان سان حل ڪندو رهيس. جيڪي ماڻهو امام ولي الله دهلويءَ کي اسان وانگي نٿا مڃين اسان تن جي اطمينان ڏيارڻ جي دعويٰ ڪري نٿا سگهون. پر مون کي پنهنجي اصول تي قرآن عظيم ۾ قابل عمل نصاب تعليم نظر آيو ۽ ان معاملي ۾ هن تجلي ريز مقدس مقام (مڪه معظمه) جو تاثير ضرور قبول ڪرڻو پوي ٿو. ان زماني ۾ امام ولي الله دهلويءَ جي مشهور ڪتابن جو خاص طور مطالعو جاري رکيم. مثلاً بدور بازغه، خير ڪثير، تفهيمات الاهيه، سطعات، الطاف القدس، لمعات وغيره. انهن ڪتابن جي سمجهڻ لاءِ ڪنجيءَ طور مان مولانا رفيع الدين دهلويءَ (ولد امام ولي الله) جو ڪتاب تڪميل الاذهان ۽ (مولانا محمد اسماعيل شهيد امام ولي الله جي پوٽي جو) ڪتاب عبقات ۽ مولانا محمد قاسم جي ”قاسم العلوم“ ۽ ”تقرير دل پذير“ ۽ ”آب حيات“ کي استعمال ڪندو رهيس. مون کي انهن ڪتابن جي پڙهائڻ جو موقعو به مليو ۽ ان سان گڏ قرآن عظيم جو درس به جاري رهيو، جنهن ڪري منهنجا نظريا بلڪل وسيع ٿي ويا. (ف لله الحمد) امام ولي الله دهلويءَ جي حڪمت جيڪڏهن مون کي اجازت ڏني وڃي ته آءٌ هن ريت ظاهر ڪريان ته آءٌ امام ولي الله دهلويءَ کي حڪمت جو مجتهد مستقل فرض ڪريان ۽ امام عبدالعزيز (ولد امام ولي الله) ۽ مولانا رفيع الدين دهلويءَ کي مجتهد منتسب جو درجو ڏيان ۽ مولانا محمد اسماعيل شهيد ۽ مولانا محمد قاسم کي مجتهد في المذهب جي درجي تي تسليم ڪريان، ان کان پوءِ مان هڪ اهڙو اسڪول قائم ڪري سگهان ٿو جنهن ۾ (الف) قرآن عظيم (ب) سنت رسول الله ﷺ ۽ سنت خلفاءِ راشدين (ج) تاريخ اسلام جي پوريءَ ريت عقلي تشريح موجود هجي. ان کان پوءِ دنيا جي سمورن مذهبن ۽ سندن مقدس ڪتابن جي تحقيق ۽ تطبيق به انهيءَ اصول تي آسان ٿي سگهي ٿي. (ذالک فضل الله يؤتيه من يشاءالله ذوالفضلٍ العظيم) وطن ڏانهن واپسي سنه ۱۹۳۶ع ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس منهنجي واپسيءَ لاءِ ڪوشش ڪئي ۽ منهنجا سمورا دوست ان جي تائيد ۾ ڪوشش ڪندا رهيا. جنهن ۾ سياسي مسلڪ جي اختلاف ۽ اتحاد جو ڪوبه خيال ڪونه رکيو ويو، انهيءَ ڪوشش جو هي نتيجو نڪتو جو مون کي پهرين نومبر ۱۹۳۷ع ۾ وطن واپسي جي اجازت ملي وئي ۽ پهرين جنوري سنه ۱۹۳۹ع ۾ پاسپورٽ ڏيڻ جو فيصلو ٿي ويو پر حج جي موسم مٿان اچي وئي هئي تنهن ڪري حج جي عبادات کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ واپسيءَ جو ارادو آهي. وطن پهچڻ کان پوءِ منهنجو پروگرام قريب قريب هيٺين ريت هوندو: (۱) اسان نيشنل ڪانگريس جا معمولي ميمبر ٿي رهنداسين ته جيئن عدم تشدد جي متعلق اسان جي جوابداري قومي قانون هيٺ اچي وڃي ۽ اسان پريشان دماغ دوستن جي پريشان ڪندڙ حرڪتن کان بچي وڃون. مگر اسان ڪانگريس جي ڪنهن به پارٽيءَ سان عملي حصي ۾ شرڪت ڪانه ڪنداسين. (۲) اسان جو محبوب مشغله امام ولي الله جي تعليم جي اشاعت جو هوندو. اسان علم وارن مان اعليٰ طبقه کي ان ڏانهن متوجه ڪندا رهنداسين جنهن ۾ ديني عالم ۽ جديد تعليم يافته ٻئي مخاطب هوندا، جيڪڏهن ڪوبه غيرمسلم هندو يا عيسائي آزاد خيال وارو انهيءَ فلسفه جو مطالعو ڪرڻ پسند ڪندو ته اسان ان جي پوري امداد ڪنداسين. (۳) جڏهن به حالات سازگار ٿيا تڏهن اسان نيشنل ڪانگريس ۾ فلسفه امام ولي الله جي روشنيءَ ۾ پنهنجي هڪ مستقل پارٽي تيار ڪنداسين جيڪا عام تعليم ۽ اقتصاد جي مسئلن تي قائم هوندي. والله هو الموفق والمعين. منهنجا تجربا ۽ مشاهدا اهو ضروري نه آهي ته انسان جنهن شيءِ جي تمنا رکي، ان جو مقصد جيڪڏهن خواهش واري صورت ۾ ئي پورو ٿئي ته انهيءَ کي ڪامياب سمجهيو وڃي. ڪن وقتن ۾ اهڙيون حالتون به پيش اينديون آهن جو انسان ڪنهن ڳالهه ۾ پاڻ کي ناڪام سمجهندو آهي پر انهيءَ صورت ۾ به جيڪڏهن سندس محنت صحيح ۽ سوچيل سمجهيل پروگرام تي عمل ۾ آئي آهي ته اها ڪڏهن به ضايع نه ٿي وڃي، پر ان تجربي کي حاصل ڪري پوءِ آئنده ٻئي ڪنهن شئي ۾ اهو نقصان پورو ڪري سگهي ٿو ۽ اڳتي انهيءَ قسم جي غلطين کان بچڻ جي هڪ مستقل شڪتي پڻ پيدا ٿي وڃي ٿي جيڪا عظيم الشان نتيجا پيدا ڪري سگهي ٿي. مون پنهنجي زندگيءَ جي مختلف راهن تي ڇا ڇا حاصل ڪيو آهي. اڄ مختصر نموني ۾ ان جي واقفيت ڪرائڻ گهران ٿو. هت جيون جي سفر جي نتيجن جو سمورو ذڪر ڪرڻ منهنجو مقصد نه آهي البته ٿورا اهڙا واقعا ۽ فڪر بيان ڪنداسون جن ۾ هڪ خاص قسم جو سلسلو هوندو جو ايندڙ مسئلن جي حل ڪرڻ ۾ ڪجهه مدد ڏئي سگهندو. مون پنهنجي جيون جي سفر جون اٺ منزلون بڻايون آهن: (۱) گهر ۽ اسڪول جي زندگي (۲) ديني علم حاصل ڪرڻ ۽ ان جي تڪميل ڪرڻ (۳) عملي پروگرام جو تعين ۽ ان کي سوڀارو بڻائڻ جي ڪوشش (۴) ڪابل ۾ قيام (۵) ماسڪو ۾ قيام (۶) استنبول ۾ قيام (۷) مڪي شريف ۾ قيام (۸) وطن ڏانهن واپسي. پهرين منزل: گهر ۽ اسڪول ۾ ۱۲۸۹هه (۱۸۷۲ع) کان ۱۳۰۴هه (۱۸۸۷ع) تائين (۱) اسڪول جي شاگرديءَ جي زماني ۾ تحفة الهند ۽ تقويت الايمان جي لڳاتار مطالعي سان اسلام جي حقانيت جو يقين حاصل ٿي ويو. (۲) سمجهيم ته ڪنهن کي به اسلام جي صحيح تعليم جي ضرورت هجي ته ان کي قرآن ۽ حديث پڙهڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته قرآن ۽ حديث ۾ اصلي تعليم محفوظ آهي. (۳) عام مسلمانن ۾ هندن وانگر غلط رسمون رائج ٿي ويون آهن جن جو اسلام سان لاڳاپو ڪونه آهي. (۴) مولوي محمد لکويءَ جي ڪتابڙي ”احوال الاخرت“ جي پڙهڻ سان عمل ۽ همت ۾ تيزي ايندي وئي. ٻي منزل ديوبند ۽ سنڌ ۾: ۱۳۱۵هه (۱۸۹۷ع) تائين (۱) دارالعلوم ديوبند ۾ شروعاتي علم حاصل ڪرڻ (۲) حضرت مولانا شيخ الهند جي خدمت ۾ حديث ۽ فقهه جي تڪميل (۳) مولانا محمد قاسم رحه جي حڪمت عمليءَ جي واقفيت ۽ محبت (۴) سندس عملي طريقي کي پنهنجو مرڪزي فڪر بڻائڻ (۵) سنڌ ۾ علمي مطالعو ۽ تحقيق (۶) ڪتاب ”حجة الله البالغه“ تي پورو ڀروسو ڪرڻ ۽ ان جي برڪت سان اطمينان حاصل ٿيڻ (۷) ڪتابڙي ”الفوزالڪبير“ جي اصول تي قرآن عظيم تي غور ڪرڻ (۸) حجة الله البالغه جي بنياد تي هر هڪ سورة جي آيت ۾ لاڳاپو پيدا ڪرڻ. (۹) قرآن عظيم جو (اڳين) ”سمورن دينن کي ميٽي ڇڏڻ“ واري حڪمت جو راز کلي پوڻ. ٽين منزل: سنڌ، ديوبند ۽ دهليءَ ۾ ۱۳۳۳هه (۱۹۱۵ع) تائين (۱) حضرت مولانا محمد اسماعيل شهيد ؓ جي اصول تي ننڍين ننڍين جماعتن جي تياري (۲) حضرت مولانا شيخ الهند جي نظام تي جماعت جي اعليٰ فردن جي تياري (۳) سنڌ ۾ دارالرشاد جو بنياد رکڻ (۴) دارالعلوم ديوبند ۾ جمعيت الانصار جو سيڪريٽري ٿي رهڻ (۵) دهليءَ ۾ نظارت المعارف جو برپا ڪرڻ. چوٿين منزل ڪابل ۾ ۱۳۴۰هه (۱۹۲۲ع) تائين (۱) ڪابل ۾ امير حبيب الله جي درٻاري سوسائٽيءَ جو اعتماد حاصل ڪرڻ (۲) عملي سياست جي صحيح واقفيت حاصل ڪرڻ (۳) پوري يقين سان هڪ فڪري انقلاب پيدا ٿي ويو ته جيڪڏهن هن زماني جا مسلمان بادشاهه پنهنجون ڪمزوريون دور ڪري سگهندا ته انهن جي حڪومت جي طرز بهر صورت يورپين هوندي. دهليءَ وارو پراڻو نظام اڄ نه هلي سگهندو. (۴) امير حبيب الله خان هڪ سڌاري پسند ۽ وڏي ارادي وارو بادشاهه هيو. هن جنهن قسم جو انقلاب آڻڻ گهريو ٿي ان جو مون گهرو مطالعو ڪيو آهي. جيتري قدر مون سمجهيو آهي تنهن موجب سندس خيال ۾ يورپ جي نون اصولن تي فوجي طاقت پيدا ڪرڻ جي ضرورت هئي، ان کان بي پرواهي ڪرڻ ناممڪن هئي. انهيءَ ڪري امير حبيب الله يورپ جي پيرويءَ تي مجبور هو. (۵) امير حبيب الله خان جي حڪم يا مشوري سان مان انڊين نيشنل ڪانگريس ۾ شامل ٿي ويس. ڪابل ۾ انقلابي هندو (به) موجود هئا جن اسان کي ڪم ۾ شريڪ بڻائڻ گهريو. (۶) ڪابل جي تفصيلي حالتن سمجهڻ کان پوءِ مون کي خبر پئي ته ديوبندي نظام جيتريقدر هندوستاني مسلمان کي فائدو پهچايو آهي جنهن ڪري هنن پنهنجي مرڪزيت محفوظ ڪري ڇڏي آهي، تنهن کان وڌيڪ فائدا هن (ديوبندي) نظام افغانستان کي پهچايا آهن. افغاني حڪومت ۽ قبيلن جي سردارن ۾ اهڙا ماڻهو تمام ٿورا هوندا جن ديوبند کان فيض حاصل نه ڪيو هوندو. مگر اُهي پاڻ کي ديوبندي ظاهر نه ٿا ڪن. منهنجي آڏو ڪيترن ئي تجربن کان پوءِ جيڪي نتيجا سامهون آيا تن مان هي يقين پيدا ٿيو ته اسان جا نوجوان، ڪاليج ۾ پڙهيا هجن يا ديوبند ۾ هنن جو جيڪڏهن آزاد زندگيءَ جي پروگرام ۾ ڪنهن به ٻي قوم سان مقابلو ٿيندو ته هو ڪنهن به ٻي قوم کان پٺتي نه رهندا. هن ۾ مسلم قومون ۽ يورپين قومون ٻئي هڪ جهڙيون آهن. حقيقت ۾ انهيءَ تجربي منهنجي ذهنيت ۾ هندستانيت جو انقلاب پيدا ڪيو آهي. اڳتي هلي دولت عثمانيه جي شڪست سان اتحادِ اسلام جو مرڪز يا خلافت باقي نه رهي. انهيءَ ترڪن وانگر پنهنجي هندوستاني مرڪز تي اعتماد سيکاريو. (جيئن ترڪن دنيا جي مسلمانن کي ڇڏي پاڻ تي اعتماد ڪيو.) پنجين منزل ماسڪو ۾ ۱۳۴۱هه (۱۹۲۳ع) تائين (۱) انقلاب جي ڪاميابيءَ لاءِ پارٽي ڊڪٽيٽرشپ ضروري آهي. (۲) جنگ يا ٻئي ڪنهن حادثي جي ڪري جيڪڏهن حڪومت ڪمزور ٿي وڃي ته ان حالت ۾ ڪمزور جماعتن کي عوام جي کاڌي جي سوال جو بندوبست سڀ کان پهريائين پاڻ تي کڻڻ گهرجي. ايئن ڪرڻ سان اُها جماعت حڪومت تي قابض ٿي ويندي. (۳) جيڪڏهن هڪ ديندار جماعت، هڪ ظالم طاقت سان ظلم جي پٺڀرائي ڪندي ۽ ان جي مقابلي ۾ ٻي هڪ بي دينن جي جماعت عوام تان ظلم ختم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندي ته اها بي دينن واري ٽولي ديني جماعت تي غالب پئجي سگهي ٿي پر انهيءَ کي اسان بي دينيءَ جو غلبو نه ٿا سمجهون. ڇاڪاڻ جو امام ولي الله دهلويءَ جي اصول موجب پيٽ جي تنگي يا مالي مشڪلاتن واري ظلم جو ملڪ مان دور ڪرڻ سمورن آسماني دينن جو بنيادي مقصد آهي. (۴) ماسڪو جي سوسائٽي جي مطالعي کانپوءِ اسان امام ولي الله دهلويءَ کي سياست ۾ پنهنجو مستقل امام مڃون ٿا (۵) جيڪڏهن ڪنهن به انقلابي بي دين جماعت پاران اسلام تي حملو ٿئي ته اسان امام جي اصول جي پابنديءَ سان نوجوانن کي اسلام جي طرف کان پوري پوري مدافعت ڪرڻ جا طريقا سيکاري سگهون ٿا. ڇهين منزل: استنبول ۾ ۱۳۴۴هه (۱۹۲۷ع) تائين (۱) مون تي هيءَ حقيقت ظاهر ٿي ته هندوستاني مسلمان جي پٺتي رهجي وڃڻ جو اصلي سبب هي آهي ته هو حالتن کان ناواقف رکيا ويا آهن. مان ڏاڍو حيران ٿيس جڏهن ڏٺم ته دارالخلافه جو ننڍو وڏو ماڻهو يورپين زندگي گذاري رهيو آهي ۽ خليفة المسلمين ۽ سندس گهراڻو اٽڪل ٻن سؤ سالن کان يورپ جي مٿانهين سوسائٽيءَ جي رسمن ۽ عادتن جا پابند آهن، پر اسان جي ملڪ ۾ بهترين عالمن جو هڪ طبقو يورپين رهڻي ڪهڻيءَ کي اسلام جي ابتڙ سڏي رهيو آهي. (۲) هڪ اهڙي مسلم (ٿورائيءَ واري) قوم جيڪا غير مسلم اڪثريت جي گهيري ۾ آيل آهي تنهن جو پهريون فرض هي آهي ته: (الف) هن جو هر مرد ۽ عورت تعليم يافته هجي (ب) هن جو هر مرد يا عورت ڪانه ڪا فوجي خدمت ادا ڪرڻ جي مهارت پيدا ڪري. (ج) هو قوم جي غيرمسلمن سان گڏجي رهڻ لاءِ پنهنجي حال آهر هڪ قومي پروگرام ٺاهي. (۳) ڳوٺاڻن کي سندن مادري زبان ۾ تعليم ڏيڻ گهرجي. لکڻ جو طريقو جيستائين ممڪن ٿي سگهي اوترو سؤلو اختيار ڪرڻ گهرجي. اسان جي زماني ۾ رومن ڪيريڪٽر ۽ ٽائيپ رائيٽر جي مدد سان گهڻو ئي ڪجهه آسان ٿي ويو آهي. ان کي انٽرنيشنل پوزيشن حاصل آهي. انهيءَ ڪري ترڪن ان کي اختيار ڪيو. انور پاشا مرحوم فوجين جي جبري تعليم لاءِ لکڻ جو هڪ نئون طريقو ايجاد ڪيو هو. هڪ اهڙو واقعو پيش آيو جو اڻ آزمودگار منشين جي ٿوري غلطيءَ جي ڪري هڪ پوري فوج تباهه ٿي وئي. ان (واقعي) کان پوءِ ان (لکڻ جي نموني) کي ڇڏيو ويو. اسان هتي ويهي، سنڌ ۾ ترڪيءَ (جهڙن) سڌارن جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي: (الف) هن تعميري ڪم واسطي اسان ڊومينين اسٽيٽس جو پروگرام ٺاهيو آهي. (ب) سمورن مذهبي ۽ معاشي جهڳڙن کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان يورپين ازم کي آخري علاج ڪري مڃيو آهي. (ج) بيدينيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان يورپين ازم کي آخري علاج ڪري مڃيو آهي. (ج) بيدينيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان امام ولي الله جي فلسفي کي پنهنجي پارٽيءَ جو بنيادي اصول (ڪري) قبول ڪيو آهي. انڊين نيشنل ڪانگريس ۾ گانڌي ازم جي خلاف هيءُ پهريون ئي آواز آهي، ان کان پوءِ سوشلسٽ آهن. ستين منزل: مڪه معظمه ۾ ۱۳۵۶هه (۱۹۳۹ع) تائين (۱) سڀ کان پهريائين اسان مڪي معظمه ۾ حڪومت سان هڪ ڪانگريسيءَ جي حيثيت ۾ پنهنجو تعارف ڪرايو، جنهن جو اسان کي هيءُ فائدو ٿيو جو هندوستاني مسلمانن جي پاڻ ۾ مذهبي جهڳڙن ۾ اسان غيرجانبدار ليکجڻ ۾ آياسون نه ته مون لاءِ اُتي سخت مشڪلات پيدا ٿي پوي ها. (۲) حرم شريف ۾ مون امام ولي الله جي حڪمت پڙهائڻ شروع ڪئي جنهن ۾ چڱي درجي جا عالم شريڪ ٿيندا رهيا. خاص ڪري جاوي مسلمانن وڌيڪ دلچسپي ڏيکاري. (۳) مون امام ولي الله جي فلسفي جو اونهو اڀياس شروع ڪري ڏنو، سموري قرآن شريف جي تفسير تي نظرثاني ڪندو رهيس جنهن ڪري مون کي پنهنجا جهونا ساٿي به نه ٿا سڃاڻي سگهن. (۴) علامه موسيٰ جارالله آفنديءَ منهنجي تفسيري بيانن کي لکت ۾ آندو آهي، پر مان ان کان پوءِ به لڳاتار غور ڪندو رهيس، وقتاً فوقتاً عجيب عجيب حقيقتون ظاهر ٿينديون رهنديون آهن. افسوس اٿم جو منهنجن پراڻن ساٿين ۾ ڪوبه وڏي همت وارو ڪونه رهيو آهي جو منهنجي مطالعي ۽ ڄاڻ کي ٻڌي. اهڙيءَ ريت پنهنجي سياسي پروگرام ۾ جيڪو يورپ ۾ ڇپجي چڪو آهي ان ۾ به مان گهڻي اصلاح ڪري چڪو آهيان. (۵) مون کي ممڪن نظر نه آيو ته مان هندستان کان ٻاهر ويٺو رهان ۽ منهنجي خيالن کان فقط محدود ٽولي واقف ٿيندي رهي، تنهن ڪري جڏهن وطن واپس اچڻ جو موقعو مليو ته مان اُهي سموريون پابنديون پنهنجي فيصلي مطابق قبول ڪيون جيڪي گورنمينٽ طرفان مون کي پيش ڪيون ويون، اهڙيءَ ريت منهنجي واپسي آسان ٿي وئي. (۶) مون مڪي معظمه مان خط لکيو ته ڪانگريس کان ٻاهر رهي ڪو به سياسي ڪم نه ڪندس. سمجهو ته مسلم ليگ، جمعيت العلماء، احرار، خاڪسار وغيره تحريڪن کان واسطو ٽوڙي ڇڏيم. مان ڪانگريس اندر گانڌي پارٽي کي سرمائيداري ۽ برهمڻ ازم جو مجموعو سمجهان ٿو ۽ ماسڪو واري بي دين پروگرام کان فارع ٿي چڪو آهيان. انهيءَ ڪري ٻنهي پارٽين کي قبول نه ٿو ڪريان ۽ جڏهن ڪو موقعو مليو تڏهن پنهنجي مستقل پارٽي ٺاهيندس. اٺين منزل: وطن ۾ واپسي ۱۹۳۹ع ۾ ۷مارچ ۱۹۳۹ع تي ڪراچيءَ پهتس ۽ ۱۰ ڊسمبر ۱۹۳۹ع تي جمنانربدا سنڌ ساگر پارٽي (ٺاهڻ) جو اعلان ڪيم، اهو اُهو ئي پروگرام آهي جنهن جو خاڪو ترڪيءَ ۾ ٺاهيو هيم، نومبر ۱۹۴۰ع ۾ جامعه مليه (دهليءَ) ۾ شيخ الهند جي ياد ۾ بيت الحڪمت جي ڪوشش شروع ڪئي وئي، انهن ٻنهي تحريڪن جو تفصيلي پروگرام جدا ملي سگهندو. ۲۰ فيبروري ۱۹۴۲ هندي بيت الحڪمت قاسم العلوم لاهور مولانا عبيدالله سنڌي تاريخ ساز شخصيت عرفان ڪريم مغل مولانا محمود الحسن جي شفقت ۾ ڪيترائي عالم اڪابر دارالعلوم ديوبند مان فارغ ٿي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي ويا، انهن مان هڪ مولانا عبيدالله سنڌي پڻ هو. ۱۸۵۷ع جي انقلاب کانپوءِ هندوستان جي مسلمانن جي طاقت ٻن ڀاڱن ۾ ورهائجي وئي، هڪ جو مرڪز عليڳڙھ هو ۽ ٻئي جو مرڪز ديوبند ٿيو، عليڳڙھ مسلم ليگ پيدا ڪئي ۽ ديوبند جمعيت العلماءِ هند پيدا ڪئي. انهن عالمن اڪابرن پوري دنيا ۾ پنهنجي علم جي روشني جي ذريعي انقلاب جي باھ ٻاري ۽ شعور ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪئي، جن ۾ مولانا حسين احمد مدني، مولانا ابوالڪلام آزاد، مولانا عبدالحق، مولانا عبيدالله سنڌي شامل آهن. پنجاب جي علائقي چيانوالي، ضلعي سيالڪوٽ جي سک گهراڻي رامسنگ جي گهر ۾ ۱۰ مارچ ۱۸۷۲ع تي هڪ ٻار پيدا ٿيو، جنهن جو نالو بوٽا سنگھ رکيو ويو، سندس ڏاڏي جو نالو چسپتراءِ، ۽ سندس پڙڏاڏي جو نالو گلاب راءِ هو. سکن جي حڪومت جي دور ۾ گلاب راءِ پنهنجي ڳوٺ جو مختيارڪار هو. سندس خاندان جو اصلي پيشو سونارڪو هو پر ڪنهن وقت کان هڪ حصو سرڪاري نوڪريءَ ۾ لڳي ويو، ۽ انهن ۾ ڪيترا شاهوڪار وياج تي پيسو ڏيڻ جو ڌنڌو ڪندا هئا. بوٽا سنگھ جي ڄمڻ کان چار مهينا اڳ ئي وفات ڪري ويو هو، ٻن سالن کان پوءِ سندس ڏاڏو به گذاري ويو. جنهن بعد بوٽا سنگھ کي سندس والده پنهنجي يتيم ٻارڙن سميت پيڪن جي گهر ڄامپور ضلعي ڊيري غازي ۾ آئي. ننڍڙي بوٽاسنگهھ کي ڇهن سالن جي ڄمار ۾ اسڪول ۾ ويهاريو ويو. هي اسڪول ۾ ذهين ٻار ليکيو ويندو هيو. هن کي ڪتابن پڙھڻ سان ننڍي عمر ۾ شوق هيو. ان وقت پاڻ اٺين جماعت ۾ پڙهندو هو، ۱۸۸۴ع ۾ کيس هڪ دوست ڪتاب“تحفةالهند”نالي پڙھڻ لاءِ ڏنو، جيڪو هڪ نئين مسلمان ٿيل سک جو لکيل هيو. جيڪو اسلامي تعليمات تي لکيل هيو. هن ڪتاب ننڍڙي بوٽاسنگھه جي ذھن ۾ ولولو پيدا ڪري وڌو. اسلام جي توحيد پرستي کيس متاثر ڪيو ۽ وڌيڪ ڪتاب پڙھڻ لڳو. پنجاب مان نڪري سنڌ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڀرچونڊيءَ۾ حافظ محمد صديق سميجي جي هٿ تي بيعت قبول ڪري اسلام جي حلقي ۾ داخل ٿيو، سندس نالو ڪتاب جي مصنف جي نسبت سان عبيدالله رکيو ويو. سندس سنڌ ۾ ڪوئي مٽ مائٽ نه هيو، هن حافظ کي پنهنجو ابو سڏيو ۽ پنجابي قوميت جو چولو لاهي سنڌي قوميت جو پهراڻ بدن تي پهريو، سنڌ کي پنهنجي امڙ بڻايو. ان ڏينهن کانپوءِ تاريخ ۾ شخصيت نمودار ٿي جنهن کي اڄ پوري دنيا ۾ “مولانا عبدالله سنڌي”جي نالي سان سڄاتو وڃي ٿو. سال ۱۹۲۲ع ۾ پاڻ ماسڪو مان ٿيندو ترڪيءَ جي دوري تي ويو، روس جي دوري دوران ڪميونسٽ اڳواڻ لينن سان ملاقات جي حوالي سان ڪجھ مورخ لکن ٿا ته مولانا عبيدالله سنڌي سان ملاقات ٿي هئي ڪي مورخ لکن ٿا لينن بيمار هئڻ جي ڪري ملاقات نه ٿي سگهي. مولانا علم جو ڄاڻو، ذهين شخصيت جو مالڪ هو. روس جي حڪومت مولانا کي پنهنجو معزز مهمان ڪري ڄاتو، ۽ کين مطالعو ڪرڻ لاءِ هر قسم جي سهوليت ڪري ڏنائون، انهيءَ مطالعي جو نتيجو اهو ٿيو، جو مولانا جن پنهنجي مذهبي تحريڪ (جا امام شاھ ولي الله دهلويءَ جي فلسفي تي مبني آهي) کي هن زماني جي لادينيءَ جي حملي کان محفوظ رکڻ لاءِ تدبيرن سوچن ۾ ڪامياب ٿيا. جنهن بعد مولانا انگورا ويا. ترڪيءَ جي سفير ۽ ماسڪو جي وزارت خارجه- ٻنهي گڏجي مولانا لاءِ سفر جو رستو آسان ڪري ڏنو. برطانوي جاسوسن کي انهيءَ راز جي بلڪل خبر ڪانه هئي. مولانا جن ساندھ ٽي سال ترڪيءَ ۾ رهي، تحريڪ اتحاد اسلاميءَ جو تاريخي مطالعو ڪيو. حضرت مولانا يورپ مان ٿيندا مڪه معظمه پهتا، ۽ ساندھ ٻارهن سال مڪه معظمه ۾ رهيا پر حڪومت سان سندن ڪوبه تعلق ڪونه هو، نه وري مولانا جن ڪو سياست ۾ بهرو وٺندا هئا. مولانا جن فرمائيندا هئا ته ’اسان خانه ڪعبه ۾ اچي امن ورتو آهي‘. اتي مولانا صاحب جن ڀوپال جي رباط ۾ رهندا هئا، ۽ پنهنجي هميشه واري دستور موجب توڪل واري زندگي بسر ڪندا هئا. اسلامي دنيا جا ڪيترائي عالم ۽ هندستان جا انگريزي خواندا کانئن قرآن حڪيم جو درس وٺندا هئا. مڪي معظمه جي حرم جو پيش امام ۽ ٻيا علماء ڪرام، جي جامع ازهر جا فارغ التحصيل هوندا هئا، اهي به مولانا مرحوم وٽ قرآن حڪيم جو درس وٺندا هئا. روس جو عالم موسيٰ جارالله جڏهن مڪه معظمه ۾ آيو، ته مولانا جو درس ٻڌي گرويده ٿي پيو ۽ مولانا صاحب کان درس وٺندو رهيو. مولانا صاحب ترڪي جي دوري دوران ۱۹۲۴ع ۾ هڪ مقالو“سرواجيه پارٽي جو منشور”جي نالي سان لکي ڇپائي هندوسان موڪليو، هندوستان جي حڪوت ان جي داخلا تي پابندي لاڳو ڪئي. ان ۾ مولانا عبيدالله سنڌي لکيو ته:موجوده سرمائيداري نظام کي اسين رد ڪريون ٿا، پر ان جي بدران ڪوبه اهڙو نظام قبول نٿا ڪريون جنهن ۾ مذهب لاءِ بلڪل گنجائش نه هجي ۽ اهو ٿوري انفرادي ملڪيت جي اجازت نه ڏيندو هجي. ڇاڪاڻ ته اسان جي ملڪ جي ۷۲ سيڪڙو آبادي پراڻي زرعي سرشتي هيٺ زندگي گذاري ٿي، عوام ۾ مذهبي رسمون سندن معاشرت جو جزو بڻجي چڪيون آهن. جيڪڏهن انهن ڳالهين جو خيال نه ڪري ڪوبه پروگرام ٺاهيو ويو ته آزاديءَ جي تحريڪ گهڻو پوئتي ڌڪجي ويندي. اسان نئون اقتصادي ۽ سياسي نظام پيش ڪرڻ وقت پنهنجي پارٽيءَ جي ميمبرن لاءِ جيڪي آزاد هند جي نئين حڪومت ٺاهيندا. هي شرط لاڳو ڪيو ويو آهي ته هو پنهنجين ذاتي گهرجن ۽ خرچن کي ملڪ جي وچين هاري طبقي کان مٿي نه وڌائيندا. جيئن حڪومت ۾ سرمائيداريءَ جي ڪهڙي ريت به ٻيهر پيدا ٿيڻ جي گنجائش نه رهي ۽ اسان جي پارٽيءَ بابت هي شڪ نه ٿي سگهي ته ان جو پروگرام فقط پاڻ پالڻ آهي يا هڪ سياسي چال جي حيثيت رکي ٿو. جامعه مليه دهلي ۾“يادگار شيخ الهند”جو افتتاحي خطبي ۾ مولانا فرمايو ته:“اسان نظريا ته اُهي ئي مڃيون ٿا جيڪي امام ولي الله دهلويءَ کان وٺي شيخ الهند تائين اسان جن بزرگن مقرر ڪيا پر اڄوڪي انقلابي دور ۾ انهن عظيم مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پورگرام اسان يورپ کان سکڻ ضروري سمجهون ٿا. جيئن سڀني مشرقي ملڪن ۾ هڪ صديءَ کان ٿي رهيو آهي. جاپان، ترڪي ۽ گذريل جنگ کانپوءِ ايران، افغانستان ۽ سڀني عرب ملڪن ۾ آخر ۾ نيشنل ڪانگريس جا رهنما سڀ يورپ کان سکندا رهيا. تنهن ڪري اسان نوجوانن کي پنهنجي علمي نظرين سان گڏجي عملي تجربن سکڻ لاءِ کين يورپين بڻجڻ جي دعوت ڏيون ٿا. ” ڪانگريس جي ضلعي ڪاميٽي ڪانفرنس ۾ افتتاحي تقرير ڪندي مولانا چيو ته؛“مون ٻڌو آهي ته مسلم ليگ جو ڊڪٽيٽر مسٽر محمد علي جناح صاحب بالقابه سنڌي آهي. مان سندد خدمت ۾ آل انڊيا ليڊر جي حيثيت سان نه پر هڪ سنڌي لبرل جنٽيلمين جي حيثيت سان عرض ٿو ڪريان ته جيڪڏهن مون کي ساڻس ملڻ جو موقعو مليو ته مان کيس ٻه ڳالهيون ذهن نشين ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندس. کيس ڪرسي ڇڏي ڌرتيءَ تي ڇو ويهڻ گهرجي؟ فيڊريشن مان اسان جي مراد ڇا آهي؟ مان ڇو فيڊريشن کان سواءِ هندوستان جي ترقي جو ٻيو ڪوبه امڪان ڪونه ٿو سمجهان؟ افسوس آهي جو اسان جي نظر ۾ فيڊريشن کي نه ڪو ڪانگريس ٿي سمجهي ۽ نه ليگ. ڪانگريس کي قائل ڪرڻ لاءِ اسان کي تڪڙ آهي پر ليگ کي پنهنجو نقطه نظر سمجهائڻ اسان ضروري سمجهون ٿا. “ دارالعلوم ديوبند کان موٽي آيا ته مولانا ابوالحسن تاج محمود امروٽي وٽ پهتا، پهريان حافظ محمد صديق ڀرچونڊي وارن ڏانهن ويا جتي خبر پئين ته حافظ محمد صديق فوت ٿي ويو، جنهن بعد مولانا تاج محمد امروٽي وٽ آيا. مولانا ابوالحسن تاج محمود امروٽ کي خيال ڪيو ته مولانا جي شادي ڪرائجي، سو کين سکر ۾ اسلاميه اسڪول جي مولوي ماستر محمد عظيم خان يوسف زئي جي صاحبزاديءَ سان نڪاح ڪرايائون. مولانا جي والده کي به ان وقت گهرايو ويو. ان کان پوءِ سندن والده ساڻن گڏ رهي، ۽ پنهنجي اصلي سک مذهب تي محڪم هئي. مولانا عبيدالله سنڌي پيغام کي عام ڪرڻ جي لاءِ مولانا تاج محمد امروٽي سان گڏجي ماهوار رسالو“هدايت الاخوان”جاري ڪيو. حضرت امروٽي، مولانا جي مطالعي خاطر تمام وڏو ۽ ناياب ڪتبخانو گڏ ڪيو. مولانا جن نهايت ئي اطمينان سان مطالعو ڪندا رهيا، ۽ حضرت جن مولانا کي پنهنجي اولاد وانگر سمجهندا هئا. ڳوٺ پير جهنڊي ضلعي حيدرآباد ۾ راشدي طريقي جي پير صاحبن وٽ ديني علم جو بينظير ڪتبخانو هو. مولانا جن دوران مطالعي ۾ ڳوٺ پير جهنڊي واري پير صاحب ڏانهن به تمام گهڻو ايندا ويندا هئا. مولانا جي مطالعي جي اضافي ۾ ڪتبخاني جو وڏو دخل هو، ان سان گڏ حضرت مولانا جن پير رشيدالدين صاحب جي صحبت مان به مستفيد ٿيا، ۽ ذڪر ”اسماءَ الحسنيٰ”به انهن کان سکيا. هي بزرگ دعوت توحيد ۽ جهاد جو هڪ مجدد هو. حضرت مولانا جن پير ابوالتراب رشدالله صاحب العلم الرابع سان به علمي صحبتون ڪيون. هو صاحب علم حديث جو وڏو عالم ۽ صاحب تصنيف هو. ان کان سواءِ، قاضي فتح محمد نظاماڻي صاحب سان به علمي باري ۾ روح- رهاڻيون ڪيائون. قرآن شريف، حديث ۽ فقه جي تحقيق ۾، حضرت مولانا محمد قاسم صاحب رحه ديوبنديءَ کان ويندي امام شاھ ولي الله رحه دهلويءَ تائين جيڪي به وچ ۾ عالم ٿي گذريا، تن کي مولانا صاحب پنهنجو امام تسليم ڪيو. مولانا صاحب جن ۱۹۱۴ع ۾ دهليءَ ويا، جتي پاڻ ڊاڪٽر انصاري ۽ حڪيم اجمل خان سان گڏجي، ترڪيءَ کي بچائڻ ۽ هندستان کي آزاد ڪرڻ جي تحريڪ ۾ حصو ورتائون. هندستان جو پهريون وزيراعظم جواهر لال نهرو غلاميءَ جي زماني ۾ شايد اٽليءَ ۾ امام سنڌيءَ کي مليو، ان جو ذڪر نهروءَ پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو ته آهي پر ملاقات جو موضوع ۽ تفصيل ڪو نه لکيو اٿس صرف هي لکيو اٿس ته سنڌي صاحب وٽ هر مشڪل مسئلن جو وڏو حل موجود هو. امام سنڌي جڏهن جلاوطني ختم ڪري هندستان واپس موٽڻ لاءِ سعودي حڪومت ۾ برطانيه جي جدي واري قونصل خاني کان ويزا جو مطالبو ڪيو ته قونصلر مولانا جو اهو مطالبو لنڊن موڪليو، انهن لکيو ته هن شرط سان کيس ويزا ڏني وڃي ته هندستان ۾ وڃي ڪو به سياسي عمل نه ڪندو ۽ ان لاءِ ڪو اتان جو ماڻهو بطور ضامن جي به ڏئي ته مولانا اهو شرط قبول ڪيو ۽ ضمانت لاءِ شهيد الله بخش سومرو وزيراعظم سنڌ کي پيش ڪيو. امام سنڌيءَ ڪنفيڊريشن قسم جي صوبائي خودمختياري واري منشور سان نئين پارٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو جنهن کي هو گهڻو هلائي نه سگهيو. ۷ مارچ ۱۹۳۹ع ۾ ۲۳ سالن جي جلاوطني کان واپس اچي ڪراچيءَ پهتو مولانا تان بندش ختم ٿي. ڪراچي بندر تي لٿو سندس استقبال ۾ سنڌ جو وزير اعلى خانبهادر الله بخش سومرو مرحوم گلن جا هار کنيو موجود هو. ۲۳ ورهين جو وڇوڙو ختم ٿيو. وطن واپسي تي ڪراچي ۾ هڪ تاريخي تقرير ڪندي چيو ته:“آءُ انقلاب جو پيغامبر بڻجي هندوستان موٽيو آهيان، اُهو ڏينهن پري ناهي جو برطانيه ۽ آمريڪا وارن کي پاڻ سنڀارڻ مشڪل ٿي پوندو. هن انقلاب کي قيامت کان گهٽ نه سمجهو، مون وڏن وڏن عالمن ۽ وڏن وڏن اميرن کي پنندي ڏٺو آهي، عڳزتن کي لٽجندي ڏٺو اٿم، هي سيلاب ڪو موسمي ڇوپهو ناهي جو آيو ۽ ويو، هي موجوده دور جي تاريخي گهرجن جو قدرتي نتيجو آهي قرآن حق آهي، انجيل حق آهي، تورات حق آهي، جيڪڏهن انجيل کي غلط رنگ ۾ پيش ڪرڻ سان نصارو ڪافر ٿي سگهي ٿو ته هن ملڪ جا مسلمان قرآن پاڪ کي غلط رنگ ۾ پيش ڪرڻ سان ڪيئن ٿا مسلمان رهي سگهن. هاڻي انقلاب جي گحڙي مٿان اچي بيٺي آهي پاڻ سنڀاريو نه ته ميسارجي ويندو. جيڪڏهن زندھ رهڻ گهرو ٿا ته اهڙي فلسفي کي قبول ڪيو، جنهن سان خدا تي ايمان به رهي ۽ غريبن جو ڀلو به ٿئي، جنهن جي ترجماني امام ولي الله دهلوي ڪئي آهي. جڏهن انقلاب غريب جي جهوپڙي کان اٿندو آهي ته اهو اميرن جي محلاتن کي به زمين ۾ ملائي ڇڏيندو آهي، جيڪڏهن اوهان انقلابي بڻجڻ گهرو ٿا ته قرآن ۽ سنت جي طريقي سان انقلابي بڻجو. جيڪڏهن مان مري وڃان ۽ منهنجي مرڻ کانپوءِ ٽن سالن تائين انگريز هندستان مان نه نڪري وڃي ته منهنجي قبر تي اچي چئجو ته انگريز هتي اڃا ويٺو آهي. آءُ توهان کي قبر کان جواب ڏيندس ته مون انگريز جي پاڙ بنياد کان ئي اکيڙي ڇڏي آهي. هنيئر هو هندستان ۾ نه ٿو رهي سگهي ۽ جلد اوهان مون کي ياد ڪندو، آءُ پنهنجي معاملي کي الله جي حوالي ڪيان ٿو. ” وطن واپسيءَ بعد، شاھ ولي الله جي فلسفي جي تشريح ۽ هدايت ڪندو رهيو. ان- فلسفي جي تدريس لاءِ “بيت الحڪمت‘ قائم ڪيائين، “بيت الحڪمت لاهور ۱۹۴۰ع ۾ قائم ٿيو ۽ ۱۵ مارچ ۱۹۴۴ع تي شاھ ولي الله جي فلسفي جي اشاعت- لاءِ “ولي -الله- سوسائٽي لاهور” جو بنياد وڌائين. جلاوطني ختم ڪرڻ کانپوءِ مولانا مسلسل جدوجهد ۾ رهيو، مولانا صاحب جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽي، محمد قاسم ولي الله سوسائٽي، سنڌ ساگر اڪيڊمي، سنڌ ساگر انسٽيٽيوٽ قائم ڪئي. مولانا سنڌي جي ڪتابن ۾“التمهيد في ائمة التجديد“، “شاھ ولي الله ۽ ان جي سياسي تحريڪ”، “شاھ ولي الله- ۽ ان جو فلسفئه محموديه”، “خطبات”، “اردو- شرح حجة الله البالغه ”جلد اول، “مبحث اول و دوئم”، “سلسله تفسير- قرآن” شامل آهن ان کان علاوھ اڪثر مقالا پڻ لکيا. مولانا عبيدالله سنڌي کان انگريز سرڪار ڊنل هئي، جنهن ڪري کيس ڳجهي نموني زهر ڏياريو ويو جنهن جا اثر سندس جسم تي ظاهر ٿيا ۽ رت جون الٽيون اچڻ لڳيون، ۲۲ آگسٽ ۱۹۴۴ع تي پنهنجي ڌيءَ وٽ دينپور تعلقي خانپور(رحيم يار خان) ۾ سندس ساھ جو سڳو ٽٽي پيو، سندس مرڻ کي انگريز قبول نه پئي ڪيو، هڪ ٽيم موڪليائين ته ڏسي اچو ساڳيو شخص ئي پوريو ويو آهي يا هي ٻيو ڪوئي ماڻهو اسان کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ ماريو ويو آهي، ان ڪميٽي رپورٽ ڏني ته واقعي مولانا وفات ڪري ويو آهي، تڏھن وڃي انگريز کي سرير ۾ ساھ پيو هيو. (ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۰ مارچ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل) مولانا عبيدالله سنڌي، سائين عبدالوارث دَل ۽ نياڻين جي تعليم الطاف شيخ منهنجو والد صاحب گل محمد شيخ هڪ عجيب فقير طبيعت جو انسان هو. هو اسان جي ڏاڏي جو اڪيلو پٽ هو... زندگي جا شروع وارا سال هو ڪپڙي پوشاڪ جو شوقين رهيو.... اعليٰ عطر استعمال ڪندو هو، نيرن بعد اوچو سگريٽ وڏي شوق سان ڇڪيندو هو.... پوءِ آمريڪا جي ڪارنيل يونيورسٽي (نيو يارڪ) مان ائگريڪلچر ۾ M. Sc ڪرڻ بعد وڌيڪَ مغربي تهذيب کي فالو ڪرڻ بدران هن مذهبي رخ اختيار ڪيو ۽ بيحد سادگي جي زندگي اختيار ڪئي.... ايتري قدر جو هن ان وقت کان جو کاڌي (هٿ جي اوڄي) جا ڪپڙا پائڻ شروع ڪيا ته ڊپٽي ڪمشنر ٿيڻ جي باوجود هن اها ڊريس قائم رکي. پنهنجي گاڏي نه فقط پاڻ هلائيندو هو پر اسان پٽن سان گڏجي ان کي صاف به پاڻ ڪندو هو. نيڪ ۽ قابل ماڻهن جي هن هميشھ عزت ۽ احترام ڪيو ٿي پوءِ اهي ماڻهو سندس ڪلاس ميٽ سيد غلام مصطفيٰ شاھ ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جهڙا هجن يا اسان جي ٻنيءَ جا غريب هاري الھ رکيو ۽ خانڻن ابڙيجو جهڙا. آچر واري موڪل تي نوڪري تان جڏهن ڳوٺ ايندو هو ته هو پنهنجي ٻني (زمين) تي اسانکي به وٺي هلندو هو..... چوندو هو ته زميندار کي ٻنيءَ تي گهڻي کان گهڻو وقت گذارڻ کپي.... ٻنيءَ لاءِ سڀ کان سٺو ڀاڻ زميندار جي جتيءَ جي دز آهي.... بهرحال اسان لاءِ انهن ڏينهن ۾ ڪار جو چڪر اهم هوندو هو..... پنجين ڪلاس کان وٺي مون ٻنيءَ تي وڃڻ شروع ڪيو هو. ’گل فارم‘ نالي اسانجيون زمينون ۽ باغ هالا ۽ سعيد آباد جي وچ ۾ پڪي رستي تي “ٻاروچي باغ” ڳوٺ کان ميل کن اڳتي “ونجھيرين” جي بس اسٽاپ وٽ آهي. ٻنيءَ جي چڪر بعد بابو اڪثر ڀر وارن ڳوٺن جي وڏيرن، عالمن، ڏاهن ۽ بزرگ شخصيتن سان پاڻ به ملندو هو ۽ اسان پٽن کي به ملائيندو هو. سعيد آباد ڀرسان “ڳوٺ پير جھنڊو” ۾ رهندڙ راشدي پيرن وٽ به ترسندو هو جتي منهنجي ملاقات موجوده گادي نشين پير جھندو سائين عباد الله شاھ جي والد صاحب “پير وهب الله شاھ راشدي” سان ٿي هئي جيڪو منهنجي والد جو هم عمر هو.... اهڙي طرح ڀر وارن ٻين ڳوٺن: شهمير راهو، صابُو راهو، بکر جمالي (جتي جو اڄ ڪلھ وارو اي آئي جي پوليس جمالي صاحب آهي)، وغيره جي ڳوٺن جي ڪن ڪن اهم ۽ والد صاحب جي پسنديده ماڻهن سان ٿيندڙ ملاقاتون اڄ به ياد اٿم. انهن ڏينهن ۾ نه مون وٽ ۽ نه منهنجي والد وٽ ڪئميرا هُئي جو کڻي فوٽو ڪڍجن. ابراهيم منشي نالي بابا جو هڪ دوست جيڪو ٻيلي کاتي جو آفيسر هو، مون فقط ان وٽ ڪئميرا ڏٺي جيڪو اسانجي هالا واري اوطاق تي ايندو هو ته اسان ٻارن جا فوٽو ڪڍندو هو. بهرحال بابا جي ڏينهن وارا من پسند ماڻهو اڄ منهنجي پيءُ وانگر هن جهان ۾ نه رهيا آهن پر انهن جي اولاد سان اڄ به ملاقات ٿيندي رهي ٿي. هتي فقط هڪ، بابا جهڙي سادي طبيعت ۽ نيڪ اخلاق واري انسان مولانا عبدالوارث دَل جو ذڪر ڪرڻ چاهيندس جنهن جي بابا تمام گهڻي تعريف ڪندو هو. آئون به اڄ ڏينهن تائين اهڙن کي نه فقط اهم ۽ نيڪ انسان سمجھان ٿو.... بلڪ عظيم سمجھان ٿو ۽ اهو ئي سوچيان ٿو ته هن جهڙن ماڻهن کي جَسُ هُجي جن گهٽ پگهار ۽ وڏي عيال هوندي به پنهنجن ٻارن کي اعليٰ تعليم جهڙو زيور ۽ اخلاق ڏنو. مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي وانگر سعيد آباد جي هن ماستر عبدالوارث دَل صاحب پنهنجن پٽن سان گڏ نياڻين کي به پڙهايو. هو مولانا عبيدالله سنڌي جو وڏو معتقد هو جنهن جڏهن کيس چيو ته ٻارن کي انگريزي پڙهائڻ ضروري آهي ته هن نه فقط سڀني ٻارن کي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي اعليٰ تعليم ڏياري پر وڏن ٻن ٻارن (نياڻين) کي تعليم ڏيارڻ بعد گهر ۾ ڇوڪرين جو اسڪول هلائڻ لاءِ پڻ چيو. هو هڪ عجيب نيڪ انسان هو جنهن کي مون شروع جي سالن بعدوري سندس زندگي جي آخري سالن ۾ ڏٺو جڏهن سالن جا سال جهاز هلائي، ولايت ۾ نوڪريون ڪري پنهنجي وطن جي مئرين اڪيڊمي ۾ پڙهائڻ آيس ۽ منهنجي رٽائرمينٽ ۾ يعني سٺ سال پورا ٿيڻ ۾ باقي ڪو هڪ سال وڃي بچيو هو. سائين عبدالوارث دَل صاحب هميشه وانگر مولانا عبيدالله سنڌي صاحب جي ڪيل قرآني تفسيرن ۽ ٻين ديني ڪتاب جا بنڊل مٿي تي رکي دڪانن ۽ گهرن ۾ ماڻهن تائين پهچايا ٿي.... هي ڪو هن ڪمائيءَ لاءِ نٿي ڪيو پر بقول اسانجي ڪتابن جي پبلشر علينواز گهانگهري ۽ سنڌ يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر يوسف پرديسيءَ جي ماستر عبدالوارث دَل صاحب جو اهو جهاد يعني (Mission) مِشن هئي.... هو پاڻ به عالم، نيڪ ۽ قرآن جي تعليم جو ڄاڻو هو ۽ هن جي زندگيءَ جي خواهش به اها ئي هئي ته گهر گهر ۾ قرآن جو علم پهچايو وڃي گهر گهر ۾ ديني تعليم عام ڪئي وڃي. هتي ڪجھ سٽون مولانا عبيد الله سنڌيءَ بابت لکڻ ضروري سمجھان ٿو جيئن اڄ جي نوجوانن کي اها ڄاڻ رهي ته هن سنڌي نه هجڻ جي باوجود سنڌ سان واسطو رکيو... هو ڪنهن پير، شاھ، گادي نشين جو ڪو فرزند نه هو جو ماڻهن سندس وڏن ڪري هن جوادب، عزت ۽ فرمانبرداري ڪئي ٿي.... هو ته رام سنگھ زرگر نالي هڪ سک جو پٽ هو جنهن اسلام قبول ڪري ديني تعليم حاصل ڪئي ۽ اسلام جو پيغام ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچايو...... دهلي، لکنؤ، بڙودا کان افغانستان روس تائين... ۽ هن پنهنجي زندگيءَ جو چڱو حصو ماستر عبدالوارث دَل جي ڳوٺ “سعيد آباد” ۾ پڻ گذاريو جتي پير جھنڊو ڳوٺ ۾ “دارلارشاد” نالي مدرسي جي خذمت ڪئي.... اسان جي حڪومتن جي ڪاهلي آهي نه ته هي مدرسو اڄ قاهري ۽ ڪولالمپور جهڙي اسلامي يونيورسٽي هجي ها. مولانا عبيدالله سنڌي سيالڪوٽ جي اُپل کتري سک فئملي ۾ ۱۰ مارچ ۱۸۷۲ع تي رام سنگھ جي گهر ۾ ڄائو. سندس ڄمڻ کان ۴ مهينا اڳ سندس والد گذاري ويو. ڏاڏي ۽ پوءِ ناني کيس نپائي وڏو ڪيو. اسڪول ۾ هو ته هن کي “تفت الهند” نالي هڪ ڪتاب ڪنهن هندو دوست پڙهڻ لاءِ ڏنو. اهو ڪتاب هندو مان مسلمان ٿيل هڪ اسڪالر “مولانا عبيدالله مالرڪوٽلا” جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۽ ان بعد ڪجھ ٻين.... جهڙوڪ “تقويت الايمان” ۽ “احوال الآخرين” مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي ذهن تي وڏو اثر ڇڏيو ۽ پنڌرهن ورهين جي ڄمار ۾ سن ۱۸۸۷ع ۾ هو مسلمان ٿيو. ان ئي سال هو سيالڪوٽ کان سنڌ آيو جتي حافظ محمد صديق ڀَرچونڊيءَ جو شاگرد ٿي رهيو...... ان بعد دين پور ۾ مولانا غلام محمد کان ديني تعليم حاصل ڪئي ۽ پوءِ “دار العلوم ديوبند” ۾ داخلا ورتي جتي فقه، حديث، تفسير ۽ ٻين مذهبي مضمونن جي تعليم ورتي. ۱۸۹۱ع ۾ اتان گرئجوئيٽ ٿيڻ بعد هو سڌو سکر آيو جتي امروٽ شريف ۾ مولانا محمد صديق ڀرچونڊي جي نظر هيٺ.... ۽ ان جي وفات بعد مولانا تاج محمد امروٽي سان گڏ ٻارن کي پڙهائڻ لڳو.... ۱۹۰۱ع ۾ شاديءَ بعد مولانا عبيدالله سنڌي سعيد آباد جي پير جھنڊو ڳوٺ ۾ آيو جتي هن دارلارشاد نالي مدرسو قائم ڪيو ۽ لڳاتار ست سال رهيو. ان بعد هو وري ديوبند هليو ويو. ان بعد هن حڪيم اجمل خان ۽ ڊاڪٽر انصاريءَ سان گڏ دهليءَ ۾ پڻ ڪم ڪيو. پوءِ ڪيترا سال هو ترڪي، روس، افغانستان ۽ ٻين ملڪن ۾ اسلام جي تبليغ ڪندو رهيو ۽ “تحريڪ ريشمي رومال” ۾ به حصو ورتو. مولانا صاحب هڪ عرصو مديني ۾ به رهيو ۽ وچ وچ ۾ سنڌ جي شهرن: سکر، سعيد آباد ۽ ٻين ۾ به ايندو رهيو.... هي اهو دور هو جڏهن مولانا عبدالوارث جوان هو ۽ عبيدالله سنڌيءَ جو معتقد هجڻ ڪري هن سان ملندو رهيو ٿي. مولانا عبيدالله سنڌيءَ ۱۹۴۴ع ۾ وفات کان اڳ ماستر عبدالوارث دَل کي اها تلقين ڪئي ته هو ٻارن کي انگريزي پڙهائي ۽ اها ڳالھ پڻ ذهن نشين ڪرائي ته مسلمانن لاءِ دين سان گڏ جديد سائنسي علم حاصل ڪرڻ پڻ ضروري آهي. مٿي لکي آيو آهيان ته ماستر عبدالوارث دَل صاحب منهنجي پيءُ جو هم عمر هو ۽ سندن وڏي نياڻي ٻار منهنجي عمر جي لڳ ڀڳ هوندي. هي اهو زمانو هو جڏهن ماستر عبدالوارث جي ڳوٺ “خدا بخش دَل” (سعيد آباد کان ۱۵ ڪلوميٽر) ۾ ته ڇوڪرين جو هاءِ اسڪول نه هو پر سعيد آباد يا هالا ۾ به نه هو.... سنڌي مسلمانن ۾ ان وقت به تعليم حاصل ڪرڻ جي ايڏي سجاڳي نه هئي جو ڇوڪريون ته ڇا ڪيترن گهرن جا ڇوڪرا به وڌيڪَ تعليم حاصل ڪرڻ ۾ نه دلچسپي وٺندا هئا ۽ نه ضرورت محسوس ڪندا هئا. جن ڏينهن ۾ آئون هالا جي هاءِ اسڪول ۾ آيس ته ان سال اسانجي شهر جي پوسٽ آفيس جي پنجابي پوسٽ ماسٽر جي ڌيءَ پهريون ٻار هو جنهن اسان جي يعني ڇوڪرن جي اسڪول ۾ داخلا ورتي. اسان جي شهر جي سنڌي سرڪاري ڪامورن توڙي سکين ستابن جون نياڻيون به انگريزي نه پڙهنديون هيون... پڙهن به ڇا جڏهن ته ان وقت نه اسان جي شهر هالا ۾ گرلس اسڪول هئو ۽ نه وري اڄ واري ضلعي شهر مٽياريءَ ۾. حيدرآباد شهر ۾ البت هئا جيڪي هندستان جي ورهاڱي کان گهڻو اڳ انگريزن جي ڏينهن ۾ انگريزن ۽ سنڌي هندن ٺهرايا هئا. اڄ اهو ٿو سوچجي ته سائين عبدالوارث دَل صاحب کي شاباس هجي جنهن مولوي ٿي ڪري پنهنجي سڀني ٻارن خاص ڪري نياڻين کي به انگريزي پڙهائي. جيتوڻيڪ هو فقط هڪ گهٽ پگهار وارو ماستر ماڻهو هو.... ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جو نه پر هڪ هاريءَ جو پٽ هو..... پاڻ سائين عبدالوارث توڙي هن جو اولاد پنهنجي ڏاڏي محمد صالح دَل لاءِ اهو ٻڌائيندي عار نه محسوس ڪندا آهن ته هو هڪ ڪڙمي هو جنهن زمين ٽڪرو پاڻ ئي کيڙيو ٿي ۽ پاڻ ئي پوکيو ٿي. ماستر عبدالوارث دَل کي ڇھ نياڻين بعد ٽي پٽ ٿيا. هن جي وڏين نياڻين: حسن بانو ۽ ذوليخا جيئن ئي سعيد آباد مان پرائمري تعليم مڪمل ڪئي ته هن کين حيدرآباد جي ميران اسڪول ۾ داخل ڪرايو ۽ اتي ئي هاسٽل ۾ رکيو.... اهڙي طرح ٻين نياڻين کي پڻ. ميران اسڪول بعد هنن مڙني حيدرآباد جي زبيده گرلس ڪاليج ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان تعليم حاصل ڪئي. وچ ۾ پئسي جي تنگي ڪري وڏين ٻن ڌيئن کي ڪجھ عرصي لاءِ پڙهائي ڇڏرائي ماستري به ڪرائي ۽ پاڻ به رٽائرمينٽ کانپوءِ مولانا عبيد الله سنڌي جي تفسير جا جُلد ۽ ٻيا اسلامي ڪتاب ڇپرائي وڪڻڻ لڳو. پاڻ ڪڏهن ڪڏهن سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس ۾ پروفيسر يوسف پرديسي جي گهر اچي رهندو هو. انهن ڏينهن ۾ پرديسي صاحب ليڪچرار هو. هي مضمون لکڻ دوران پرديسيءَ کان پڇڻ تي هن مولانا عبدالوارث کي ياد ڪندي چيو ته هو ڇا ته نيڪ ۽ ايماندار ماڻهو هو. “الطاف! مون مولانا عبدالوارث دَل جهڙو محنتي ماڻهو زندگي ۾ نه ڏٺو. ” پرديسي جهڙي شخص کان، جيڪو پاڻ به ’سيلف ميڊ‘ ۽ ’هارڊ ورڪنگ‘ ماڻهو سڏيو وڃي ٿو... ٻئي لاءِ اهڙا رمارڪ ٻڌڻ وڏي ڳالھ آهي.... هن چيو ته: “اڄ به سائين عبدالوارث جن هن جي اکين اڳيان ڦري رهيا آهن. هو مٿي تي پٽڪو ٻڌندا هئا، ان مٿان ڪتابن جي وڏي هڙ رکي مختلف آفيسن ۽ دڪانن تي ماڻهن وٽ هلي ويندا هئا. پوءِ ڪي کيس ڪتابن جي قيمت ڏيندا هئا ته ڪن وٽ پئسو نه هوندو هو ته ماستر صاحب کين مفت ۾ ئي ڪتاب ڏئي ڇڏيندو هو. ” سائين عبدالوارث سن ۱۹۲۲ع ۾ ڳوٺ “خدا بخش دَل” ۾ جنم ورتو. سنڌي فائنل پڙهي هو باگراڻي ڳوٺ ۾ ماستر ٿيو. کين ٻه ڀائر هئا: مٺا خان جيڪو سعيد آباد ۾ درزي هو ۽ ٻيو محمد هاشم جنهن کي شهدادپور ۾ ڪپڙي جو دڪان هوندو هو. سائين عبدالوارث جا مڙئي ٻار ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ پروفيسر ٿيا. سندن پهرين ٻار حسن بانوءَ پوليـٽيڪل سائنس ۾ ماسٽرس ڪئي ۽ ٽيچنگ ۾ رهي ۽ ٻيو نمبر ڌيءَ پروفيسر ذواليخا ڪيمسٽري سبجيڪٽ ۾ M. Sc ڪري سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ئي پڙهايو. ٽيون نمبر خيرالنساءِ بئنڪنگ ۾ آهي ۽ اڄ ڪلھ شايد حيدرآباد ۾ ائگريڪلچر بئنڪ جي مئنيجر ۽ ائڊيشنل ڊائريڪٽر آهي. ان بعد ڊاڪٽر رضيه سلطانا حيدرآباد جي مينٽل اسپتال جي انچارج ميڊيڪل آفيسر آهي ۽ پنجون نمبر ڌيءَ جنهن فارميسي سبجيڪٽ ۾ ايم فل ڪئي آهي اها مهراڻ يونيورسٽي ۾ نوڪري ڪري ٿي. کين هڪ ٻي به ڀيڻ هئي جيڪا ننڍي هوندي گذاري وئي. پوليس ڊپارٽمينٽ جو ڊي آءِ جي ولي الله دَل ڇهن ڀيڻن بعد انهن جو ڀاءُ آهي جنهن بعد حماد الله دل آهي جنهن ڪمپيوٽر انجنيئرنگ ۾ B. E ڪئي آهي ۽ آخري ٻار عبدالقادر دَل جيڪو ايريگيشن ڊپارٽمينٽ ۾ آهي ان مهراڻ يونيورسٽيءَ مان سِول ۾ بي اي ڪئي هئي. هڪ ڳالھ آهي ته غربت ۾ رهي ڪري هر ٻار خوب محنت ڪئي ۽ پڙهائيءَ ۾ نالو روشن ڪيو. عبيدالله سنڌي اچو ته اڄ کيس ياد ڪريون شاھد جتوئي “اچو ته شيڪسپيئر جي ناخوش بادشاهه کان انڪار ڪندي گڏجي ويهون ۽ اعليٰ ۽ عظيم مردن ۽ عورتن جون ڪهاڻيون ٻُڌايون.” اها ڳالهه نامياري آمريڪي ڏاهي “ول ڊيورانٽ” پنهنجي ڪتاب “سورمن جي تاريخ” ۾ هڪ جاءِ تي لکي آهي. ول ڊيورانٽ جي ان ڳالهه جو مطلب اهو آهي ته، جڏهن ڪو ننڍا ۽ بندرا ماڻهو عظمت ۽ وڏائيءَ جا دعويدار ٿين ٿا ته، فڪري بحران پيدا ٿي ويندو آهي، ان بحران مان نڪرڻ لاءِ انهن ماڻهن جو ذڪر ڪرڻ گهرجي، جن جي عظمت کي تاريخ ۽ وقت تسليم ڪيو هُجي. اڄ اهڙي ئي عظيم شخصيت جو ذڪر ڪريان ٿو، جنهن جو جنم ڏهاڙو ۱۰ مارچ تي ملهايو وڃي ٿو. اُها شخصيت آهي مولانا عبيد الله سنڌي، جيڪو آزادي جي تحريڪ جو اڳواڻ ۽ ريشمي رومال تحريڪ جو باني هو. هُو “امام سنڌي” جي نالي سان مشهور آهي. مولانا عبيد الله سنڌي ۱۰ مارچ ۱۸۷۲ع تي سيالڪوٽ جي ڳوٺ چلان والي جي هڪ غريب سک کتري خاندان ۾ پيدا ٿيو. سندس پيدائش کان چار مهينا اڳ ئي ان جو والد بوٽا سنگهه اپل گذاري ويو. سندس پرورش سندن ڏاڏي ڪئي. ڏاڏي جي انتقال کان پوءِ هُو پنهنجي چاچي وٽ سرائڪي وسيب جي موجوده ضلعي راجنپور جي وسندي ڪوٽلا مغلان منتقل ٿي ويو، جيڪا وسندي ڄامپور جي ويجهو آهي. کيس هڪ هندو دوست “تحفته الهند” نالي ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏنو. اهو ڪتاب ملير ڪوٽلا جي هڪ نئين مسلمان ٿيل ديني عالم مولانا عبيد الله لکيو، جيڪو مولانا سنڌيءَ جو همنام هو. اهو ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ مولانا سنڌي کي اسلام سان دلچسپي پيدا ٿي ۽ هُن ٻين ڪتابن جو به اڀياس شروع ڪيو. صرف پندرنهن سالن جي عمر ۾ هُو مسلمان ٿي ويو، ان کانپوءِ علم جي تلاش جو سفر شروع ٿيو. ان کانپوءِ هُو ڀرچونڊي شريف، دينپور شريف کان ٿيندو، ديوبند تائين پهتو. ديوبند سان گڏوگڏ اُن جو امروٽ شريف ۽ دين پور شريف سان گهرو تعلق رهيو. مولانا سنڌي علم حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ آزاديءَ جي تحريڪ جو به سرگرم ڪارڪن بڻجي ويو. هن ريشمي رومال تحريڪ پڻ شروع ڪئي، جنهن جو مقصد اهو هو ته هندوستان ۾ آزاديءَ جي تحريڪ کي ڳُجهي نموني منظم ڪيو وڃي، هن هندوستان جي آزاديءَ لاءِ افغانستان، ترڪي، ايران، روس، جرمني، سعودي عرب ۽ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا دورا ڪيا ۽ اتي جي حڪمرانن ۽ ٻين حلقن جي هندوستان جي آزاديءَ جي تحريڪ لاءِ حمايت حاصل ڪئي. هُن سياسي، مذهبي موضوعن تي ڪئين درجن مقالا لکيا، تن ۾ نئين دور جي هر سوال جو جواب موجود آهي. توڙي جو امام سنڌي ديوبندي مڪتبه فڪر سان واسطو رکندڙ مذهبي شخص هو پر ان جو سياسي ۽ مذهبي فڪر مسلڪ ۽ مذهب جي قيد ۾ نه آيو. هُو سچو آزادي پسند ۽ سامراج دُشمن هو. هُو مٽيءَ سان محبت ڪندڙ شخص هو. سندس فڪر مان مٽيءَ جي سُڳنڌ اچي ٿي. هُو مذهب، فرقي، زبان، نسل ۽ علائقي جي بنياد تي انسانن جي ورڇ جي خلاف هو. اُن جو سياسي شعور تمام گهڻو بلند هو، ديوبند ۾ رهندي هُو ڪُجهه عرصي لاءِ ته هندوستان ۾ “اسلامي انقلاب” برپا ڪرڻ جو حامي رهيو. هُن “پان اسلامڪ موومنٽ” جي پڻ حمايت ڪئي پر ٿوري ئي عرصي ۾ هُو ان تحريڪ کان الڳ ٿي ويو. ڪنهن ديوبندي عالم لاءِ اهو فيصلو ايترو آسان نه هو، پر هُن اهو فيصلو ڪيو. ان جو چوڻ هو ته اها تحريڪ سامراجي قوتن جي مفادن کي پورو ڪري رهي آهي. هُن صرف هندوستان جي آزاديءَ کي ئي بهتر رستو سمجهيو. مولانا سنڌي ڪابل ۾ هندوستان جي جلاوطن حڪومت قائم ڪئي ۽ ان حڪومت جو صدر راجا مهيندرا پرتاب کي بڻايو، جيڪو اتر پرديش سان تعلق رکندڙ حريت پسند صحافي، ليکڪ ۽ مارڪسي انقلابي هو. “هندوستان خالي ڪريو تحريڪ” کي مولانا سنڌي پنهنجي غلطي قرار ڏنو. هُو چوندو هو ته، ڌرتيءَ جي جنگ ڌرتيءَ تي ئي رهي وڙهي ويندي آهي. مولانا سنڌي ڪُجهه آزادي پسندن جي ان تجويز جي زبردست مخالفت ڪئي ته ڪجهه اسلامي ملڪن جي فوج هندوستان ۾ داخل ٿي انگريزن سان وڙهي ۽ هندوستان کي آزادي ڏياري. مولانا سنڌي چيو هو ته، اسان کي ڪوبه حق نٿو پهچي ته اسان ٻين مسلمانن کي پنهنجي ڌرتي تي حملو ڪرڻ لاءِ چئون. پروفيسر محمد سرور پنهنجي ڪتاب “افاديت و ملفوظات مولانا سنڌي” ۾ لکي ٿو ته، جامعه نگر ۾ مولانا جي هڪ ويهڪ هُئي، ڪنهن کانئس پُڇيو ته، مسلمان ۽ هندو گڏجي انگريزن سان وڙهي رهيا آهن، گڏجي جيل وڃن ٿا ۽ تڪليفون برداشت ڪن ٿا، ڇا هندن لاءِ “ڪافر” جو اصطلاح استعمال ڪرڻ درست آهي؟ مولانا سنڌيءَ وراڻيو ته، هندن کي ڪافر چوڻ درست ناهي. اسان جي نبي ڪريم صلعم قيصريت ۽ ڪسرويت کي ختم ڪرڻ لاءِ سڄي زندگي جدوجهد ڪئي، جيڪي پنهنجي وقت جا سامراج هُئا. ان دور ۾ به اسلام کي به اڄ جي قيصريت ۽ ڪسرويت يعني سامراج کي ختم ڪرڻو آهي، جيڪي ماڻهو موجوده سامراج جي خلاف اسان سان گڏجي وڙهي رهيا آهن، پوءِ ڀلي اهي اسان جي مذهب جا نه به هجن، اسان انهن کي پنهنجو ساٿي سمجهنداسين ۽ انهن جي باري ۾ ڪفر جو اصطلاح استعمال نه ڪنداسين. هندوستان جي آزاديءَ لاءِ مولانا سنڌي “سرو راجيه منشور” تحرير ڪيو، جنهن ۾ آزاديءَ کانپوءِ سمورن مسئلن جو حل موجود هو. مولانا عبيد الله سنڌي ڪراچي کان ڪولمبو تائين هڪ فيڊريشن قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي، جنهن ۾ ان خطي جون سموريون رياستون شامل هجن، اهي سموريون رياستون خود مختيار هجن، هُو انهن رياستن کي صوبي جو نالو ڏيڻ، انهن رياستن ۽ ان جي عوام جي توهين قرار ڏيندو هو. مولانا سنڌي مقامي ٻولين ۽ ثقافتن کي ترقي وٺرائڻ جو حامي هو. هُن سرائڪي ٻوليءَ جو پهريون ٻاراڻو ڪتاب ترتيب ڏنو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ به عملي جدوجهد ڪئي. مولانا سنڌي جو اهو به چوڻ هو ته، اسان مسلمانن جو سڀ کان وڏو مسئلو اهو مذهبي لٽريچر آهي، جنهن کي انقلابي روح سان ترتيب ناهي ڏنو ويو. جيستائين ملوڪيت سان ترتيب ڏنل فقه اسان جي بنياد ۾ ويٺل آهي، اسان مان ڪنهن چڱائيءَ جي اُميد نٿي ٿي سگهي. پاڪستان جي موجوده حالتن ۾ ننڍن ۽ بندرن ماڻهن جيڪو بحران پيدا ڪيو آهي، ان مان ڇوٽڪاري لاءِ اڄ مولانا عبيدالله سنڌي جي فڪر سان رجوع ڪرڻ جي ضرورت آهي. (ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۵ مارچ ۲۰۲۳ع تي ڇپيل) امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي عوامي آواز ايڊيٽوريل اڄ مشھور سياسي، سماجي شخصيت انقلابن جي امام مولانا عبيدالله سنڌي جي وصال جو ڏينھن آھي. سندس اصل نالو بوٽا سنگھه ھو. پاڻ سک مذھب جي گھراڻي ۾ پيدا ٿيا ھئا. پاڻ اسلام کان متاثر ٿي ڪري اسلام قبول ڪيائين پر ان کان وڏي ڳالھه جو پاڻ پنھنجو پاڻ کي سنڌي سڏرائڻ لڳو. ان زماني ۾ ملتان ۽ بھاولپور جا علائقا سنڌ ۾ شامل ھئا سنڌ جون حدون ڪشمير تائين ھيون جتان سنڌو درياهه نڪري ٿو ان ڪري ئي اھو سمورو خطو سنڌ ئي سڏبو ھو ۽ اتي رھڻ وارا نمڪ حلال ھئا جو پاڻ کي سنڌي سڏرائيندا ھئا، اھو ئي ڪارڻ ھو جو مولانا عبيدالله پاڻ کي سنڌي سڏرائڻ لڳو. پاڻ مطالعي جو شوقين ھو. شاهه ولي الله دھلوي جي ڪتابن جو مطالعو ڪندي پاڻ به علم جو ڀنڊار بڻجي ويو ۽ مولانا جي نالي سان مشھور ٿي ويو. ھي دور سلطنت عثمانيه جو آخري دور ھو جتي پوري خطي ۾ انگريزن جي خلاف تحريڪون جاري ھيون. مولانا سنڌي به انھيءَ تحريڪ جو حصو بڻجي ريشمي رومال تحريڪ ۾ شامل ٿي ويو جيڪا انگريز سامراج جي خلاف تحريڪ ھئي ۽ اھي ان وقت گوريلا نموني سان ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ تائين رومال تي تحرير لکي پنھنجي ڪارڪنن تائين پھچائيندا ھئا. جئين ڪو شڪ نه ڪري سگھي. رومال ۾ ته ڪجھه به ناھي اھو آساني سان ھڪ کان ٻئي جڳھه تائين پھچايو ويندو ھو. اڃان به وڌيڪ تعليم جي لاءِ ۽ سياسي رابطن جي لاءِ مولانا ان وقت جڏھن روس ۾ سوشلسٽ انقلاب برپا ٿيو ته مولانا سنڌي انھي نظام کان متاثر ٿيو ۽ پنھنجن ساٿين سان گڏجي روس جي دوري تي روانا ٿيا. جتان قوم ۽ قوميت جو پرچار کڻي ٻيھر سنڌ ۾ داخل ٿيا ته پاڻ اتي سنڌي ماڻھن کي نئون فڪر ۽ فلسفو ڏنائين ته سنڌ، سنڌين جي آھي جيڪو سنڌ ۾ رھي ٿو سنڌي ڳالھائي ٿو ته اھو پاڻ کي سنڌي سمجھي ۽ ڌرتي سان وفاداري نڀائي. سندس دل ۾ قومي شعور ۽ قوميت جي پرچار جو حوصلو ڏسي ان جا تمام گھڻا پولڳ پيدا ٿي پيا ۽ مولانا جي فڪر ۽ فلسفي کي عام ڪرڻ لاءِ تحريڪن ھلائڻ لڳا. ته مذھب سان گڏوگڏ پنھنجي ٻولي ۽ ڌرتي جي به حفاظت ڪئي وڃي جنھن به ڌرتي تي رھجي ته اتي غداري نه ڪجي۔ سال ۱۹۴۴ع ۾ پاڻ پڪي علائقي ۾ ھڪ وڏي جلسي کي خطاب ڪندي چيائين ته سنڌيو ھڪ ٿيو. اسان سنڌ ۾ سنڌين جي مستقل طور تي حڪومت ڏسڻ چاھيون ٿا. انھيءَ سلسلي ۾ ڪو به مذھبي سوال پيدا ٿيڻ نه ڏينداسين. اتي مولانا قوميت جي باري ۾ فڪري پھلو ٻڌايا. اسان اڄوڪي دور ۾ ڪيترو اڳتي وڌيا آھيون يا وري سوين سال پوئتي ھليا ويا آھيون. مولانا ته پنھنجو وقت پورو ڪري پنھنجو پيغام فلسفو اسان کي ڏيئي ويو آھي ان تي ڪيتري قدر عمل ٿيو آھي يا اڃان ٿيندو. مولانا جي فڪر کي عمل جو روپ ڏيئي ان کي اڳتي وڌايون. جو ان وقت ۽ حالتن کي ڏسندي مذھب سان گڏ قوميت جي ڳالھه ڪرڻ ۽ وطن سان وفاداري ڪندي پاڻ کي ٻي قوم سڏراڻ بجاءِ سنڌي سڏائڻ وڏي بھادري آھي. واضح رھي ته مولانا جي وفات ۽ آخري آرامگاه سنڌ ۾ئي آھي پر ملڪ جي ٺھڻ ۽ جاگرافيائي ڦير گھير جي ڪري ھن وقت ڊيرا غازي خان ۾ آھي. اتي به مولانا جي پولڳن مولاناعبيدالله سنڌي اڪيڊمي قائم ڪئي آھي ۽ ان تي عملي فڪري ڪم ٿي رھيو آھي جيڪامولانا جي ڪيل ڪم جو نچوڙ آھي جو اڄ به ھي علائقو ھاڻي سنڌ ڌرتي ۾ شامل نه آھي پراتي مولانا سنڌي آھي. ان جانشين به آھن. ۽ اھي به مولانا سنڌي جي مشن کي جاري رکندا اچن. ملڪي ۽ صوبائي سرحدن ته تمام گھڻا ويڇا وڌائي ڇڏيا آھن. نئين ملڪي نظام ۾ اتي ھاڻي سنڌي ٻولي پڙھائي ڪونه ٿي وڃي. پر مولانا جو فڪر اتي موجود آھي ته سنڌ سنڌين جي آھي. سنڌ ۾ انھيءَ فڪر کي اجاگر ڪرڻ ۾ مولانا عزيز الله ٻوھيو وڏو اھم ڪردار ادا ڪندي سنڌ ساگر پارٽي جو بنياد وڌو جنھن جو نظريو منشور مولانا سنڌي جي فڪر تي ھو. مولانا عزيزالله ٻوھيو جيستائين زنده ھو انجي فڪر کي عام ڪندو رھيو ۽ اھا ھڪ سگھاري سياسي پارٽي جي طور تي سنڌ ۾ سڃاتي ويندي ھئي. اڃان به ان جا پولڳ آھن جيڪي سنڌ ساگر پارٽي کي سرگرم ڪندا نظر اچن ٿا. ۽اھا پنھنجو فعال ڪردار ادا ڪري پئي. (ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۹ مارچ ۲۰۲۳ع تي ڇپيل) مولانا عبيدالله سنڌي [ ۱۸۷۲ع – ۱۹۴۴ع ] ميمڻ عبدالغفور سنڌي امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي، خميس ۱۲ محرم الحرام ۱۲۸۹هه مطابق ۱۰ مارچ ۱۸۷۲ع تي سيالڪوٽ (پنجاب) جي ڳوٺ چيانواليءَ ۾ پيدا ٿيو هو. ڄمڻ کان چار مهينا اڳ سندس والد وفات ڪري چڪو هو. ٻن سالن جي وقفي بعد ڏاڏو به گذاري ويس؛ جنهن ڪري يتيميءَ دوران والده پيڪي آندس؛ جتي پنهنجي مامي جي نظر هيٺ پرورش ورتائين – ۱۸۷۸ع ۾ ڄامپور (ديره غازي خان) جي هڪ اردو مڊل اسڪول داخلا ورتائين. دوران تعليم پنهنجي رفيق (آريه سماج سان تعلق رکندڙ اسڪولي شاگرد) وٽ ” تحفته الهند“ ۽ ”تقويتہ الايمان“ نالي ڪتاب ڏٺائين. دل نه رهيس؛ جنهن ڪري کانئس وٺي پڙهڻ لڳو. پاڻ مطالع ۾ ايترو ته محو ٿي ويو، جو کيس ”اسلام“ جي صداقت تي يقين ٿي ويو – ۱۸۸۷ع ۾ ستين درجي ۾ پڙهندي، مسلمان ٿيڻ لاءِ پنهنجن کان جدا ٿي ويو. آخر ديس ڇڏي، سنڌ ۾ پهتو. پهريائين ڀرچنڊيءَ وار بزرگ، حافظ محمد صديق سميجو رح (۱۸۷۲ع – ۱۸۹۰ع) وٽ وڃي حاضري ڀريائين. حافظ صاحب جي صحبت مان فيض حاصل ڪري ۱۹۱۰ع ۾ پير جهنڊي ڳوٺ (حيدرآباد) ۾ ديني مدرسو کوليائين؛ جنهن جو ناظم ۽ نگران به پاڻ ٿي رهيو. پاڻ کي ڀرچنڊي بزرگ جو ديني فرزند ڄاڻي ، سنڌ ۾ مستقل رهڻ جو ارادو ڪيائين ۽ قادري ۽ راشدي طريقن ۾ بيعت به وٽانئس ورتائين. ڪجهه وقت بعد مولانا کي وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ جو شوق ٿيو؛ جنهن ڪري ۱۹ شوال ۱۳۰۸هه (۱۸۹۰ع) ۾ روحاني رهبر جي اجازت سان، سندس خليفي، موالان تاج محمود امروٽي رح (۱۸۴۴ع – ۱۹۲۹ع) جي خدمت ۾ اچي حاضر ٿيو. مولانا امروٽي رح منجهس مڻيا ڏسندي، کيس ماستر محمد عظيم خان يوسفزئيءَ جي صاحبزاديءَ سان نڪاح ڪرايائينس . امروٽي بزرگ کيس اولاد جي برابر سمجهند هو. وٽس وڏو ڪتبخانو موجود هو؛ جنهن مان ۱۳۱۵هه (۱۸۹۷ع) تائين سنڌي صاحب ڪافي استفادو حاصل ڪيو. آخر پير رشيدالدين وٽان ذڪر ”اسماء الحسنيٰ“ به حاصل ڪيائين. پير ابوتراب رشدالله ۽ قاضي فتح محمد نظاماڻي صاحبان سان به روح رهاڻيون ڪندو رهيو. قرآن شريف، حديث ۽ فقہ وغيره جي درس ۾ مولانا محمد قاسم نانو توي ديوبندي رح (وفات ۱۳۹۷هه = ۱۸۷۹) کان شاه ولي الله دهلوي رح (وفات ۱۳۶۶هه = ۱۹۴۷ع) تائين عالمن سڳورن کي پنهنجو استاد مڃيندو هو – ۱۳۲۷هه (۱۹۰۹ع) ۾ ديوبند جي صدر مدرس شيخ الهند ابوالحسن مولانا محمود حسن صاحب کيس گهرايو. پورا چار ورهيه ”جميعت الانصار“ ۾ ڪم ڪندي، ۱۳۳۱هه (۱۹۱۳ع) ۾ دهلي ويو؛ ۽ ”نظارة المعارف“ نالي ادارو قائم ڪيائين. سال بعد ڪابل روانو ٿيو – ۱۹۲۲ع ۾ ترڪي ويندي، ستن مهينن لاءِ روس ۾ رهڻ جو موقعو مليس. آخر آگسٽ ۱۹۲۳ع ۾ انقره پهتو، اتان اڍائي، سالن لاءِ استنبول به ويو. ترڪيءَ ۾ قيام دوران، اتان جي ماحول ۽ مذهبي عقيدن جو غور سان مطالعو ڪيائين – ۱۳۴۵هه (۱۹۲۶ع) ۾ مڪي معظمہ ويو، جتان پهرين نومبر ۱۹۳۷ع تي وطن واپس ورڻ جي اجازت مليس، مگر جيئن ته حج جو موقعو قريب هو؛ انهيءَ ڪري ترسي، مارچ ۱۹۳۸ع ۾ واپس سنڌ ۾ آيو. مولانا سنڌي صاحب جو شروعات کان ئي اهو نظريو هو، ته انگريزن جي خلاف جهاد ڪري، هندستان لاءِ آزاديءَ جي راه هموار ڪجي. انهيءَ جو عملي طرح آغاز ۱۹۱۵ع کان ڪيو هئائين. پاڻ عمر جو وڏو حصو قومي ڪمن ۾ صرف ڪيائين. حالانڪ ڏکن ڏاکڙن جي زندگي به کيس بسر ڪرڻي پئي. بعض اوقات ته کيس خطرناڪ صورتحال سان به منهن ڏيڻو پيو. پاڻ سياسي بيداريءَ سان گڏ تصنيف و تاليف کي به چهٽيو رهيو. هڪ طرف سفر جي تڪليفن کيس هيڻو ڪري ڇڏيو هو؛ ۽ ٻئي پاسي قومي آزاديءَ جو اونو سندس ساه کي سوگهو ڪري ڇڏيو هو. تاهم به پيري ۽ بيماريءَ جي پرواه نه ڪري، صبر سان ويهڻ نه آيس؛ جنهن ڪري ۱۶ جمادي الثاني ۱۳۶۴هه مطابق ۲۲ آگسٽ ۱۹۴۴ع جي سج ۾ لاهور ۾ پنهنجي فرزند وٽ رحلت ڪيائين. وصيت مطابق کيس رحيم يار خان (پنجاب) جي ڳوٺ ”خانپور“ ۾، ڀلارن بزرگن جي قديم قبرسان ۾ دفنايو ويو. حوالا/ حاشيا (۱) – مولانا صاحب اصل ۾ سک خاندان جو هڪ فرد هو. سندس شروعاتي نالو ”بوٽا سنگ“ هو؛ ۽ پتا رامسنگ پٽ چسپتراءِ پٽ گلاب راءِ هو، جيڪو پنهنجي ڳوٺ ۾ مختيارڪار جي عهدي تي رهي چڪو هو. هن خاندان جو بنيادي پيشو ”سونارڪو ڪم“ هو. مگر چند فردن نوڪريءَ کي ترجيح ڏني هئي. منجهن ڪافي آسودا هوندا هئا، جيڪي وياج تي پئسا به ڏيندا هئا [مولانا عبيدالله سندهي اور ان کي ناقد- سعيد احمد، لاهور، ۱۹۴۶ع؛ صفحو ۳۳۳]. (۲) – مولان صاحب جا ناناڻا، ديري غازي خان ”ڄامپور“ ضلعي جا رهاڪو هئا. سندس مامو تپيدا هو. (۳) – ”تحفته الهند“ جو مصنف، پايل (پٽيالا) جو رهاڪو، نو مسلم پنڊت اننترام پٽ منشي ڪوٽيمل، المعروف عبيدالله هو؛ جنهن کان متاثر ٿي، پاڻ کي مسلمانڪي نالي ”عبيدالله“ سان سڏائڻ لڳو [تحفته الهند – مولانا محمد عبيدالله (ديبا چه)، دهلي؛ ۱۳۳۰هه (۱۹۱۲ع)، صفحو ۱]. (۴) – ”تقويتہ الايمان“ جو ليکڪ، شاه اسماعيل شهيد (۱۷۷۹ع – ۱۸۳۱ع) هو، جيڪو عربي ڪتاب ”روالاشرڪ“ جو اردو زبان ۾ ترجمو آهي. (۵) – سچ پچ ته اها ڀرچونڊيءَ واري بزرگ جي برڪت هئي؛ جنهن مولانا کي صحيح الطريقت ۽ راسخ العقيدت مسلمان بڻائي، دين جو ڪم سونپيو هو. هڪ ڀيري حافظ صاحب، مولانا لاءِ فرمايو هو، ته ”عبيدالله، الله ڪارڻ پنهنجا مٽ مائٽ ۽ مذهب ڇڏيو آهي، هاڻي اسان هن جا ديني ماءُ پيءُ آهيون!“ [دائرة المعار اسلاميه (اردو) – دانشگاه پنجاب، لاهور (جلد ۱۲)؛ ۱۹۷۳ع” صفحو ۹۸۴]. (۶) – اهويئ سبب هو جو پاڻ کي ”سنڌي“ سڏائڻ ۾ فخر محسوس پئي ڪيائين [خطبات و مقالات مولانا عبيدالله سندهي – مرتبہ، محمد سرور، لاهور ۱۹۷۰ع؛ صفحو ۱۶۹]. (۷) – هن نيڪ رسم ۾ سندس والده به شرڪت ڪئي هئي، جيڪا پڇاڙيءَ تائين ساڻ گڏ رهي؛ ۽ پنهنجي سک مذهب تي قائم رهي [ سه ماهي ”مهراڻ“ (سوانح نمبر ۳-۴/۱۹۵۷ع)، سنڌي ادبي بورڊ، صفحو ۲۶۷]. (۸) – ”ديوبند“، برصغير ۾ نامور ديني درسگاه آهي. هي اتر پرديش (U.P) جي سهارنپور ۾ هڪ قديم شهر آهي؛ ۽ تعلقي جي حيثيت حاصل اٿس. تاريخي لحاظ کان سندس شروعاتي ذڪر ”آئين اڪبريءَ“ ۾ آيو آهي. ان کانپوءِ سندس احوال اساطيري ۽ رومانوي داستانن ۾ ملي ٿو. ڪسابن کان منجهس وڻن جي گهاٽي جهڳٽي ۾ ديوي جو مندر (تيرٿ گاه) هو؛ جنهن جي نسبت سان مٿس ”ديوي (ديبي) بن“ (ديويءَ جو جهنگل) نالو پيو، جيڪو ڪثرت استعمال سان بگڙي ”ديوبند“ ٿيو. [دائرة المعارف اسلاميه (اردو)، دانشگاه پنجاب، لاهور، جلد ۹، ۱۹۷۲ع، ص ۶۲]. هن وقت سندس آدم شماري ۵۰ هزار آحي. جن ۾ ڪثرت مسلمانن جي آحي. هڪ سؤ مسجدن جي هن سهر کي ”مسجدن جو شهر“ به سڏيو وڃي ٿو. منجهس وڏو ديني درسگاه آهي؛ جنهن جو قيام مولانا محمد قاسم نانوتوي رح (۱۸۳۲ع – ۱۸۸۰ع) جي نگرانيءَ ۾، ۱۵ محرم الحرام ۱۸۶۶هه مطابق ۳۰ مئي ۱۸۶۶ع تي ٿيو. [تاريخ ديوبند – سيد محبوب رضوي، ۱۳۷۲هه، ص ۹۷]. شروعات ۾ مولانا محمود حسن نالي صرف هڪ شاگرد سان، کٻڙ جي وڻ هيٺان مدرسي جي ڪاررواي شروع ڪئي وئي؛ جنهن ۾ پهريون معلم مولانا يعقوب نانوتوي هو [حالات دارالعلوم ديوبند، محمد طيب، ديوبند، ۱۳۷۸هه ص ۸۱] مدرسي ۾ قرآن مجيد، دارا لتفسير، دارالحديث، صرف و نحو، فلسفو، منطق، فقہ ۽ فن وغيره جا شعبا قائم ٿيل آهن. خدا جي فضل سان اڄ دنيا جو ڪو به ملڪ رهيل ناهي؛ جنهن ۾ هتان جو عالم نه پهتو آهي: ]India as I Knew it- (1855-1905)- M.O` Dwyer, London 1925. P.P 177[ مغل سلطنت جي زوال ۽ ۱۸۵۷ع واري انقلاب جي ناڪاميءَ بعد، هنستاني مسلمانن هن قسم جي ديني درسگاه قائم ڪرڻ جي اشد ضرورت محسوس ڪئي [انوار قاسمي – پروفيسر انوارالحسن قاسمي، ديوبند، ۱۹۵۸ع، ص ۴۱۸]. (۹) – مولانا سنڌي جلاوطنيءَ جي زندگيءَ ۾ هينئر ۳۳ سال گذاري چڪو هو. (۱۰) – پنهنجي تقريرن خواه تحريرن ۾ انگريزن خلاف کلم کلا آواز اٿاريائين. نتيجي طور پاڻ تي سخت پهرا به بيهاريائين. هي اُهو وقت هو، جڏهن ”آزاديءَ جي تحريڪ“ شروع ٿي چڪي هئي پوءِ سنڌي صاحب افغانستان هجرت ڪري ويو؛ جتي ڪابل ۾ ”آزاد هندستان جي عارضي حڪومت“ جو پايو وجهي، سربراهي سنڀاليائين – ۱۹۳۲ع ۾ ڇهن مهينن لاءِ روس به وڃڻو پيس آخر ترڪيءَ ۾ وڃي ڪمال پاشا ۽ عصمت انونو کان سياسي امداد به حاصل ڪيائين. ]Ubaid- Allah Sindhi in Turkey- Detleve H. Khalid (Journal of R.C.D)- Tuhran, Vol: No: 1&2: P.P 38[. (۱۱) – رسائل وغيره کان علاوه قرآن پاڪ جو تفسير پڻ لکيو هئائين؛ جنهن ۾ مولانا احمد علي لاهوري ۽ مولانا عبدالحي فاروقي به ساڻس فيض يافته هئا [بيس بڙي مسلمانان – عبدالرشيد ”ارشد“، لاهور ۱۹۶۹ع، صفحو ۴۰۹]. امام عبيدالله سنڌي جي فڪري پرواز عزيز الله ٻوهيو امام سنڌي جلاوطني جي پهرين مرحلي ۾ ۱۹۱۵ع ۾ ڪابل ويا، اتي افغانستان جي بادشاهه امير حبيب الله سان پنهنجي اچڻ جو مقصد انگريزن کان هندستان کي آزاد ڪرائڻ بيان ڪيائون، جنهن تي امير حبيب الله کيس چيو ته اوهان جيڪڏهن اسان جي ملڪ ۾ رهندڙ ٻين ملڪن جي سفيرن سان پنهنجي مقصد لاءِ ملندؤ ته ان لاءِ مناسب ٿيندو ته اوهان انهن سان پنهنجو تعارف هندستان ۾ انهيءَ مقصد لاءِ قائم پارٽي ڪانگريس جو پاڻ کي نمائندو سڏايو. امام سنڌي بادشاهه جي ان تجويز کي اهم سمجهي دهليءَ سان رابطو ڪري ڪانگريس جو ٻاهرين ملڪ ۾ يونٽ قائم ڪرڻ جي اجازت وٺي ورتي، نه صرف ايترو پر آزاد هندستان جي حڪومت جي ٻاهرين باڊي به جوڙي ورتائون. چوويهه سال جلاوطني کانپوءِ جڏهن واپس هندستان آيا ته هت مسلمانن لاءِ جدا ملڪ ٺاهڻ جي هلچل ڏٺائون. امام سنڌي انگريز سامراج خلاف آزاديءَ کانپوءِ به هندستان کي متحد رکڻ ضروري سمجهن پيا. سنڌي صاحب جي بصيرت ٻڌائي پئي ته اسان جيڪڏهن برطانيا کان آزادي حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل به ڪئي پر سامراج جي نفسيات هيءَ هوندي آهي ته هو سڄي دنيا جي ملڪن ۽ قومن جي دولت ڦٻائڻ لاءِ انهن کي نو آبادي طور غلام بنائي رکي، سو انگريز سامراج هڪ ڀيرو هتان وڃڻ کانپوءِ به وري ڪڏهن نه ڪڏهن لوهه کائي وري اچي اسان کي غلام بنائيندو ان ڪري سنڌي صاحب متحده هندستان جا حامي هئا، سنڌي صاحب ڏٺو ته هندستان جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪرڻ وارا سرڪاري بيوروڪريٽ انگريزن جا پاليل نواب قسم جا ماڻهو آهن سنڌي صاحب ڏٺو ته مسلمانن کي مذهب جي نالي الڳ رياست قائم ڪرڻ جو چمڪو پس منظر جي لحاظ سان ته انگريزن ڏنو آهي ان ڪري اها راءِ قائم ڪيائون جو انهن پرکي ورتو ته ٻه قومي وارو نظريو علي ڳڙهه يونيورسٽي جي انگريز پروفيسر جان برائيٽ ئي جوڙيو آهي ۽ سنڌي صاحب جو ڳوٺائي علامه اقبال انگريزن طرفان سر جي خطاب ملڻ جي بدلي ۾ خوامخواهه ان نظريي کي اگهائڻ لاءِ پيو شاعري ڪري. سو مسلم ليگي دانشورن جي مذهبي مسئلي ۽ ٿڏي جو حل به امام سنڌي سوچي روتو ۽ ڪانگريس جي مرڪزي قيادت کي چورايو ته اوهان پنهنجي پارٽي پاليسي طور هيءَ ڳالهه تسليم ڪيو ۽ پاس ڪيو ته هندستان جي آزاد ٿي وڃڻ کانپوءِ برصغير جي آباديءَ جي لحاظ سان مسلم اڪثريت وارن صوبن ۾ اتي مسلم اڳواڻن تي مشتمل حڪومتون قائم ڪنداسون. ان تي ڪانگريس وارن پهريائين اهڙي ڳالهه جناح کان مڃائڻ جو شرط وڌو ته هو اسان جي اهڙي اعلان کانپوءِ جدا پاڪستان ٺاهڻ جي ڳالهه تان هٿ کڻي وڃي ته اسان به سنڌي صاحب جي ان فارمولي کي قبول ڪيون ٿا پر جناح کي مڃائڻ جي ڳالهه محال سمجهيو ويو. پوءِ انهيءَ باوجود سنڌي صاحب ڪانگريس مٿان زور رکايو ته هو ان پاليسي جو هڪ طرفو اعلان ڪن، جناح کي مڃائڻ جو شرط نه وجهن. پوءِ ڪانگريس وارن سنڌي صاحب جو مطالبو مڃيندي پارٽي پاليسي طور اها تجويز پاس به ڪئي، جنهن جو ثبوت هي آهي ته اهي اڄ تائين ڪشمير ۾ مسلم قيادت کي قائم رکيو پيا اچن، جنهن کي پاڪستان وارا ڪٺ پتلي سڏيندا ايندا آهن. ان زماني ۾ جڏهن ڪانگريس وارن سنڌي صاحب جي تجويز کي پنهنجي پارٽي پاليسي طور هڪ طرفو قبول ڪيو هو ته هندستان جي ڪافي علائقن جي مسلم ليگي ليڊرن جناح صاحب سان ملاقات ڪئي ۽ کيس چيائون ته ڪانگريس طرفان مسلم اڪثريتي علائقن ۾ جڏهن هنن مسلمانن جون حڪومتون قائم ڪرڻ جو واعدو ڏنو اٿائون ته اهڙي صورت ۾ ڄڻ ته مسلم ليگ جو مقصد به حاصل ٿي ويو. اسان کي اڳتي لاءِ مذهب جي نالي تي هندستان جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪرڻ جو جواز نٿو نظر اچي. جواب ۾ جناح صاحب بغير ڪنهن دليل جي انهن ماڻهن جي ڳالهه کي ٺڪرائي ڇڏيو، پوءِ اهي ليگي اڳواڻ ليگ کان استعيفيٰ ڏيئي ڪانگريس ۾ شامل ٿي ويا. هيءَ حقيقت مون سان مرحوم ڊاڪٽر احمد حسين ڪمال ڀوپالي بيان ڪئي هئي. امام سنڌيءَ جو هي خدشو ته آزادي وٺڻ کانپوءِ به اڳتي انگريز سامراج وري اسان کي غلام بنائي ٻيهر اسان جي ڌرتيءَ جو ڌن اچي لٽيندو. انهيءَ ڳالهه جو تازو ثبوت ذوالفقار مرزا جو ميڊيا اڳيان قرآن کڻي هي بيان ڏيڻ ته انهن کي ايم ڪيو ايم جي الطاف لنڊن ۾ هڪ ملاقات ۾ ٻڌايو ته امريڪا پاڪستان کي ختم ڪرڻ گهري ٿي. اسان ان جي مدد ڪنداسين ۽ ٻيو ثبوت ته برطانوي جاسوس کاتي جي آفيسر جيمس همفري جي ڊائري جي پراڻي ڇاپي ۾ لکيل آهي ته اڳتي هلي اسان ڪراچيءَ جي ويجهو سمنڊ جي ڪناري تي نئون ملڪ اڏينداسون. همفري جي انهيءَ انڪشاف تي مون سان سردار عطاءُ الله خان مينگل پنهنجو تجزيو هي بيان ڪيو ته ان منجهان مراد هي ملڪ پاڪستان آهي مون سردار صاحب کي چيو ته ڊائري واري ڪتاب ۾ جيڪو هي لکيل آهي ته ان نئين ملڪ لاءِ عوام هندستان کان مائگريٽ ڪري آڻينداسون ۽ هاڻي ايم ڪيو ايم وارن سنڌ جو ڏاکڻيون علائقو سمنڊ تائين مهاجرستان صوبي لاءِ گهريو آهي. انهيءَ منجهان ثابت ٿئي ٿو ته ڊائري واري ڪتاب ۾ سامراج جو جيڪو اڳتي وارو پلان آهي, سنڌ کي ٽوڙي نئين صوبي وارا مطالبا اهي سڀ ان منصوبي جون شروعاتي ڪڙيون آهن، پوءِ ڀلي پاڪستان کي به انهن ڪڙين منجهان پهرين ڪڙي شمار ڪجي ته اها ڳالهه به صحيح چئبي. بهرحال امام سنڌي جو اهو خدشو ته انگريز سامراج وري ٻيهر موٽي اسان کي غلام بنائڻ جو منصوبو اندر ۾ رکي ٿو، ان ڪري سڄي هندستان کي متحد رکي دهلي کي پنهنجو مرڪز بنائي ۽ هر صوبي ۾ جنهن قوم جي اڪثريت هجي اهو صوبو ۽ ملڪ ان قوم جو موروثي وطن تسليم ڪيو وڃي ۽ پاڻ ڪانگريسي هجڻ باوجود 1939ع ۾ جيڪا جدا پارٽي جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽي ٺاهي هئائون ان جو منشور به اهو ئي پاس ڪيو هئائون. گانڌيءَ سان ڪيترن ئي اختلافن باوجود امام سنڌي ان جي متحده هندستان واري سوچ کي ڏاڍو ساراهيندو هو. هندستان کي متحد رکڻ جو نظريو ته سر سيد احمد خان جو به هو، هن ملڪ جي ميڊيا جيڪا سر سيد احمد خان کي نظريي پاڪستان جي بانين منجهان شمار ڪندي آهي اهو سراسر اجايو آهي وٽن اهڙي دعويٰ جو ڪو به ثبوت ڪونهي هائو البت سر سيد احمد خان هندن جي ڀيٽ ۾ مسلمانن جي تعليمي ۽ معاشي طور پوئتي هجڻ تي نهايت فڪرمند هو، جنهن جي حل لاءِ ان مسلم ڪاليج جي نالي سان علي ڳڙهه ۾ تعليمي ادارو کوليو هو. امام سنڌي ۽ امام الهند ابوالڪلام آزاد ٻنهي اڳواڻن سر سيد سان ان جي سياسي سوچن سان اختلاف رکڻ باوجود ان جي مسلمانن لاءِ خدمتن کي ساراهيو آهي. (نوٽ: ياد رهي ته امام عبيد الله سنڌي جي ۲۲ آگسٽ (سڀاڻي) ورسي آهي).
علي بابا سنڌي ڪهاڻيءَ جي نڪ جي ڦُلي جهڙو شوڪت لوهار هن پنج ڪروڙ خاندانن ۾ انسان ٿي جيئڻ ڪيڏو ڏکيو هوندو. اِها ڳالهه ڪنهن انسان کان ئي پڇي سگهجي ٿي. چاهڻ جي باوجود ڪن ماڻهن کي خريدي نه سگهبو آهي، ڪي بي مُلها ماڻهو املهه ٿيندا آهن. مفادن جي لُٻيل دنيا ۾ رهندي ڪڏهن ڪڏهن احساس جا ڪاريهر ڏنگ هڻندا آهن، اسان کي واقعي ڪنهن به آدرش ۽ حقيقي سچي ۽ سادي سلوڻي ماڻهو جي ضرورت ڪو نه آهي، اسان وٽ اهي ئي اگهامجي وڃن ٿا، جيڪي خوشامد ڪرڻ، ڪي شارٽ ڪورس ڪيل ۽ ڪي ته وري عالماڻيون ڊگريون حاصل ڪيل هوندا آهن. ادب زندگي جو آئينو آهي، الائي زندگي ادب جو آئينو آهي، خبر ناهي ڪهاڻي، ناول يا تخليقي لکڻي واقعي اڻ ڇهيو سچ ٿين ٿا يا ڪنهن جي تحقيق جا چوري ٿيل ڪجهه پنا پنهنجي نالي ڪرائڻ کي حقيقي سچ ڪوٺي سگهجي ٿو. اسان وٽ جهڙي نموني سنڌي ٻولي سان قيامت صغريٰ برپا ڪئي ويئي آهي، تهڙي نموني سنڌي ٻولي جو پورهيو ڪندڙن اديبن کي به آخر ۾ انتهائي ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پون ٿا، ڪي ته ڪسمپرسي واري زندگي گذاري سڀ ميارون پنهنجي اندر ۾ سانڍي هن جهان لاءِ هڪ سواليه نشان ڇڏي وڃن ٿا، پر ڪي ڪي داد فرياد ڪري سرڪار نامدار کان ڪجهه نه ڪجهه وٺي پنهنجو علاج ڪرائي وري بيمار ٿيڻ جو انتظار ڪن ٿا. مون کي خبر ناهي ته مان هي ميار لکان ٿو يا ڪنهن ارڏي اديب کي ڀيٽا لاءِ بيان ٺاهي رهيو آهيان. بهرحال، مون کي سنڌ جي سچي پچي، ٻهڪڻي ۽ ٻهڳڻي ليکڪ علي بابا جي مرتئي تي اهي خيال خبر ناهي ڇو ائين اسٽيل جا ڪوڪا ٿي معز ۾ لڳي رهيا آهن. جيڪڏهن ماڻهو تخليقڪار، ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ ناٽڪ نويس ٿي پئي ته ان لاءِ جيئڻ ڪيئن هوندو؟ وري جيڪڏهن طبيعت عجيب قسم جي داخليت ۽ خارجيت جي جنگ ڪندي گذري ۽ ماڻهو جي رڳ رڳ ۾ ارڏائپ ۽ سمجهوتو نه ڪرڻ، گيسيون نه ڪرڻ، گوڏا نه کوڙڻ ۽ هروڀرو ڪاسميٽڪ محفلن جي ڪرسين تي برجمان نه ٿيڻ واري طبيعت هجي ته حقيقت ۾ هن هيڏي ساري خونخوار جاندارن ۾ جيئڻ ناممڪن ٿي پوي ٿو ۽ اهي سڀ تمثيلون ۽ استعمارا علي بابا جي طبيعت تي ائين سونهن ٿا ۽ فٽ اچن ٿا جيئن هُن دنگي منجهه درياهه کي فٽ ڪيو هو. واسطن، رسمن، رابطن، سوشل ميڊيا ۽ ڊجيٽل گٽر ۾ تبديل ٿي ويل دنيا جتي قبر ۾ لهندڙ پنهنجي مائٽ ميت سان سيليفون ورتيون وينديون هجن، جتي جديد سيليفين ۾ ڳاڙها نيرا دونهان ڦوڪيا ويندا هجن، اُتي علي بابا جهڙي طبيعت جو مالڪ ماڻهو ڀلا ڪٿي ٿو انهيءَ ڪڇ ماپ ۾ پورو اچي سگهي؟ خبر ناهي ته هو مري ويو آهي يا اسين مري ويا آهيون، اهو فيصلو ڪرڻ ڪو ايڏو مشڪل ڪو نه آهي. سنڌي ڪهاڻيڪار کي جڏهن گولي لڳي ر هي هئي اُتي خبر ناهي ڇو پر علي ۽ ماڻڪ جي ڪهاڻين کي ڪيئن نظرانداز ڪيو ويو هو؟ اهو هڪ سوال آهي، جنهن جو بهرحال جواب ملڻ ضرور گهرجي. علي بابا اسان جي نظر ۾ ڀل غريب هُجي پر هو پنهنجي تخليقي پورهيي ۾ ڍنگ شاهوڪار هو ۽ هو اسان لاءِ پنهنجي تخليقي پورهئي جي اڻ ميي دولت ڇڏي ويو آهي. علي جون ڪهاڻيون نج اصلي، سڌي، سلوڻي ٻولي ۾ لکيل آهن، سندس ڪردار ۽ ڪهاڻين جي اڻت ۾ هن مِٽي جا ماڻهو ۽ سنڌو جل جي ميٽوڙي پاڻي جو ريج آهي. هن جي تخليق ڪنهن کان متاثر ٿيل ڪو نه آهي، هن جي انسپائريشن هي پوري ڪائنات هئي. هو ڇڙواڳ ۽ رولاڪ طبيعت جو مالڪ هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪي رولاڪ اهي شاهڪار ڇڏي ويندا آهن، جيڪي ايندڙ نسل لاءِ هڪ وڏو اتساهه ثابت ٿيندا آهن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سٺ ۽ ستر وارو ڏهاڪو سنڌي ادب لاءِ هڪ سونهري دور جيان اڀريو، جن ۾ اُهي اُهي اديب اڀري آيا، جن جي لکڻين سنڌي قوم ۽ مڙني پڙهندڙن کي پنهنجي منزلن جا گس فراهم ڪيا، انهن ۾ علي بابا به هڪ هو. علي بابا پنهنجي ٽيمپرامينٽ ۾ هڪ مڪمل ۽ ڪل وقتي اديب هو. عجيب ڳالهه آهي ته علي کي پنهنجون سموريون ڪهاڻيون برزبان ياد هيون ۽ پنهنجي ناول موهن جو دڙو جا مڪمل باب ياد هئا، جيڪي هو پنهنجي مخصوص سنگت جي هلڪي سان ونڊيندو رهندو هو. علي بابا هڪ ڪهاڻيڪار، ناول نگار هجڻ سان گڏ هڪ شاعر ۽ ناٽڪ نويس پڻ هو، سندس ناٽڪ ”دنگي منجهه درياهه“ پي ٽي وي تان نشر ٿيو ۽ جرمني تائين ان جي گونج وڃي پهتي جو اتان ان کي اعليٰ ايوارڊ پڻ مليو، جنهن جو مشهور گيت ”اسين ماڻهو لاڙ جا، درياهه جي پڇاڙ جا اترڙو ٿو لڳي“ پڻ علي بابا پاڻ سرجيو هو جيئن صدين تائين ياد رکيو ويندو. ريٽنگ جي ريس ۾ ڦاٿل قومي ميڊيا کي ڪهڙي خبر ته علي بابا ڪير هو، پر ان کان به وڌ هن نئين نسل جو ڇا ڪجي جنهن لاءِ علي بابا جو کوڙ هپي ڇوڪرن تي ڪهاڻيون ۽ ڪهاڻين ۾ ذڪر ملي ٿو. اسان جي جڳاڙي اديب ۽ دانشور لاءِ فوٽن جا چمڪاٽ ۽ پنهنجي پيسن سان ملهايل سالگراهون ان لاءِ آڪسيجن هجن ٿيون ۽ هڪ اڌ ڪتاب ڪجهه ٽڪا پيسا خرچ ڪري لکرائي وچئين ڪرسي تي صدارتي مهمان بڻجي ويهن ٿا. بس اها ئي ڪل ڪمائي آهي پر هي جيڪو علي بابا هو اهو ته انهن سڀ ڇمڪڇلو لفظن جي ويڪائو واپارين کان گهڻو مٿي هو. هو ڪڏهن ڪنهن محفل ۾ ڪونه ويٺو ۽ جي آيو ته وري وڃي ڪا ڪنڊ جهليائين، هو فوٽن جي چمڪاٽن کان ائين پري رهيو جيئن ننڍڙا ٻار کنوڻين جي تجلن کان پري رهندا آهن. اصل ۾ مسئلو اهو آهي ٻن مُنهن واري هن دنيا ۾ جيئڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، جيستائين پنڊال ۾ سرپرست اعليٰ جي آمد ۾ دير نه ٿئي ۽ هو ٿلهن ٽائرن واري گاڏي مان نه لهي ۽ ان سان گڏ ڪي هڪ ٽن کن ڪتاب ۽ ڪجهه واٺا نه هجن ته هُن کي هي معاشرو اديب قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. علي بابا ههڙن مصالحا اديبن کان الڳ هو. هُن جي مرتئي هروڀرو ڪنهن کي ڊسٽرب ڪو نه ڪيو آهي، بلڪه هن جي زندگي به ڪنهن کي سورن ۾ ڪو نه وڌو. اسان وٽ سوشل ميڊيا تي بس ٿوري گهڻي پرچار هلي آهي ته هڪڙو اديب جنهن انيڪ ڀلوڙ ڪهاڻيون سرجيون، ناول ۽ ناٽڪ لکيا، اهو اڄ چپ چپ ۾ پنهنجي گهر ڪوٽڙي ۾ هي فاني جهان ڇڏي ويو آهي، پر پوءِ به ڪي لفطن جا جادوگر علي تي تعزيت ناما لکي کيس پنهنجي جگري دوست ۽ ساڻس گڏ وقت گذارڻ جون دعوائون ڪري رهيا آهن، ڀلي ڪن مئي پڄاڻان ڀلي ڪهڙي به دعويٰ ڇو نه کڻي ڪجي مئل ماڻهو ڪهڙو مياري ٿيندو. ويجهڙائي ۾ انڊين مووي موهن جو دڙو ٺهي آهي، جنهن جي ٽريلر تي پڻ کوڙ اعتراض واريا ويا آهن پر ڪاش علي بابا جي ناول موهن جو دڙو تي اها فلم ٺهي ها ته اها هڪ بلاڪ بسٽر ثابت ٿئي ها پر ڇا ڪجي اسان وٽ ته اهڙو ادارو جڙيو ئي ناهي ۽ نه جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. علي بابا هڪ املهه انسان ۽ موجوده ٽهي جو مهندار ڪهاڻيڪار ۽ تخليقڪار هو. هن جي ادبي پورهئي کي گڏ ڪري ڇپائڻ ۽ ان تي تحقيق جي ضرورت آهي، هو انسان هو انهن پنج ڪروڙ جاندارن جي وچ ۾ جنهن ڪهاڻي سازي ڪرڻ ۽ ادب سازي ڪرڻ جو هنر ڄاتو ٿي، جيڪو گهٽ قلم ڌڻين جي حصي ۾ ايندو آهي. ڪهاڻي ڇا آهي؟ ڪهاڻي تنهنجي ۽ منهنجي اها قيامت آهي جيڪا ڪڏهن به ختم ڪو نه ٿئي ٿي. ڪهاڻي کي نه ئي گولي لڳي آهي، ڪهاڻي بس ڪهاڻي آهي. ڪهاڻي نه مستطيل آهي، نه چورس نه ٽڪنڊي ڪهاڻي ته بس ڪچڙيءَ وهيءَ ۾ محبوب پاران موڪليل ڦوٽن ۽ سونهن سان ڀريل اهو رومال آهي جنهن جي سڳنڌ ڪڏهن جهڪي ٿي نه ٿي سگهي. ڀلي اوهان خواب نگاري، حقيقت نگاري ۽ منظر نگاري جي چو واٽي تي ڪهاڻي جو قد ۽ ڪاٺ ماپيندا هجو، پر ڪهاڻي ته نمن ۾ نموري بڻجي نڪري اچي ٿي. ڪهاڻي هر ساهه جي ڌوڻي آهي. بس ڪهاڻي چونڊڻ وارو ڪوئي هجي. هر طرف ڪهاڻيون ئي ته پيون آهن، جيڪي بعد ۾ ڊرامو، فلم، شاعري ۽ پينٽنگ ٿي پون ٿيون، بس ڳالهه اها آهي ته ڪهاڻي ۾ ڪجهه ٿيڻ ڪجهه هجڻ جو احساس آخر تائين واري کي گهلي وڃي، آخر ۾ ڀلي ڪجهه به نه ٿئي پر پوءِ به ڪي ڪهاڻيون ڪي آکاڻيون ائين ختم ٿي وينديون آهن ۽ اهو به ڪهاڻي جو هڪ انداز آهي. جيئن سيمئوبيڪٽ جو ”ڪجهه به نه“ سڀ ڪجهه آهي. اصل ۾ هي پاپولر دنيا ۾ مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿيندڙ ۽ گهڻن جو پيٽ گذر بڻجندڙ ڪهاڻي آخر ۾ خود انهن جي ڳچين ۾ هٿ وجهي ڀڄي ٿي ته هي مون کي ڪٿي آڻي تو بيهاريو آهي؟ سنڌ جو سمرسيٽ ماهم ۽ جارج آرول جهڙو اديب علي بابا به ڪجهه اهڙي ئي ڪهاڻي جو سرجڻهار هو، جنهن جي ڪهاڻي ۾ اوهان کي ڪهاڻي پڻو ملندو ۽ هو انهيءَ هنر ۾ رولاڪ ۽ رمتو جوڳي بڻيو، جو ماڻهو کي مشاهدو آهي، اهي حقيقتون فراهم ڪندو آهي جنهن جو هو سوچي به نٿو سگهي. علي سنڌي ڪهاڻي جي ڪنوار جو گهوٽ هو ۽ هو جديد ڪهاڻي جي ليکڪن جو سردار هو. هو پنهنجو وقت ڪهاڻي کي ڏيئي ڪهاڻي کي جياري ويو آهي. علي بابا سِنڌوءَ جي سِيرَ، سائين علي بابا..!! احمد شاڪر اسان سِنڌيُن کي وڏن کان ٻَه ئي وَرِثا مليا آهن. اُهي هي آهن ته، هڪ سِنڌو درياهه ۽ ٻيو مُوهن جو دڙو! پر، اسان ٽيون به وڏن جو ورثو مِحسُوس ڪندا ٿا اچُون، ۽ پنهنجن اِيندڙ نسلُن ۾ نه به چاهيندي وِرڇيندا ٿا اچُون، اُهو ٽيون ورثو آهي، “سُورِ.!” جڏهن وقت جي بيدرد وِيرُن اسان جي وڏڙن جي اَثاثن کي مِٽائڻ شُروع ڪَيو، اُنهن جي وجُودي سُڃاڻپَ کي ڇِيهو رَسائڻ لَڳيُون ته، اُن وقتِ اسان خاموشيُن جي نازُڪ پَر، بيدرد سَنگهرن ۾ سوگها بڻجي پنهنجي شاندار ماضيءَ جو مُکِ چِهرو مِيسارجندي ڏِسي رَهيا هُئاسين ۽ اڄ سوڌو ڏِسي رَهيا آهيُون! سِنڌو درياهه جي بَرباديءَ، تَباهيءَ تي جيڪڏهن سِنڌ ۾ ڪو روئڻ وارو آهي ته، اُهو سائين علي بابا آهي! هُن پنهنجيءَ ذاتِ کي ڪِٿي ظاهر ناهي ڪَيو، پَر قومِيت کي ظاهِر ڪِيو آهي. هُو جيڪو رِندِ، بَلوچ سَڏائڻ تي نه پَر، سِنڌي سَڏائڻ تي فخُرِ ڪندو آهي. ۽ سِنڌ کي ماءُ مَڃيندو آهي ۽ سِنڌو درياهه کي پُوڄيندو آهي! سائين علي بابا سِنڌ جو اُهو اُداس رُوح آهي، جيڪو گامَ، گامَ، گليءَ، گليءَ، بَنَ، بَنَ مَنجهه اُنهيءَ سِنڌ کي ٿو ڳولهي، جا مَهاراجا شَهيد راجا ڏاهر جي دَورَ واري سِنڌ هُئي. ۽ شهيد دُولِهه درياهه خان جي وقتَ واري شانَ، شوڪتَ ۽ بَختَ واري سِنڌ هُئي. سائين علي بابا اُنهيءَ سِنڌو درياهه جو مُتلاشي آهي، جنهن جي ٻِنهيُن ڪنڌِيُن تي ٻيلا هُوندا هُئا، ۽ جنهن جو پاڻي آبِ حياتِ هُوندو هُيو. سائين علي بابا هميشه پنهنجي قلمَ منجهان جيڪي لِکڻِيُون تَخليِق ڪَيُون آهن، اُنهن جا ڪردارَ به “سِنڌ جا سُورِما!” آهن! اڄ وقتِ ڪيڏو نه بِيرَحم ٿي ويو آهي، يا کڻي اِيئن چَئجي ته ٿيندو ٿو وَڃي، ته جيئن سِنڌ ۽ سِنڌو درياهه سائين علي بابا کان ڏُورِ ٿيندا ٿا وڃن، ته اِيئن ئي ساڳي رَفتارِ تَحتِ اسان ۽ توهان کان سائين علي بابا ڏُورِ ٿيندو ٿو وڃي.! اسان کان سائين علي بابا جي دُوريءَ جا ڪِهڙا سَببَ آهِن؟ اِنهيءَ ڏُوريءَ جا پِيرا سُبتا به بَلڪي اُبتا کڻڻا پِوندا، اِها حقيقتِ سامهون ايندي ته، سائين علي بابا اسان کان نه، پَرَ اسان سندس کان ڏُورِ ٿي وَيا آهيُون.! ڏاها چوندا آهِن ته، “نظرِياتي يا سينيئر ساٿي ڪڏهن به مايُوس نه ٿيندو آهي، ۽ کين مايُوس ٿِيڻ به نه گُهرجي.!” سو اِها ڳالهه به پَڪَ تَحتِ چَئي سَگهجي ٿي ته، سائين علي بابا قطئي طورِ تي نه مايُوسِ ٿِيو هُيو، نه ٿِيو هُيو ۽ نه ئي وِري ٿيندو. ڇاڪاڻ ته ، هُو (سائين علي بابا.) سِنڌ ۽ سِنڌو درياهه جو عاشِق آهي! ۽ عاشِقن جو اُصُولِ هُوندو آهي ته، هُو نه مايُوسِ ٿيندا آهن. ۽ نه ئي وري مايُوسِ ٿي ڪَري پاڻ کي مياري ثابِت ڪندا آهن.! سائين علي بابا جي لِکڻِيُن منجهه اُهي سَڀِ معيارَ موجُودِ آهِن، جيڪي عالمي اديبن جي لِکڻِيُن منجهه هُوندا آهن. اِهو ثابِت ڪَرڻ جي لاءِ ڪِهڙي وضاحَتَ پِيش ڪَري سَگهجي ٿي! سائين علي بابا جي لِکڻِيُن جي مَعيارَ کي اُهو ئي سَمجهي سَگهي ٿو، جيڪو خُودِ سِنڌ ۽ سِنڌهو درياهه جو پُوڄاري هُجي. يعني، “جَلِ پُوڄاري!” ڇاڪاڻ ته ، سائين علي بابا سِنڌ جي زندهه ماضيءَ ۽ تَباهه حالَ کي نه صِرف پَرکي لِکيو. پَر، پُرجهي به لِکيو آهي. ۽ سائين علي بابا سِنڌو درياهه جي پاڻيءَ کي مَسِ بَڻائي لِکيو آهي. ۽ سِنڌو درياهه جي پاڻيءَ کي حَياتِ شَبيهه سَمجهي ڪَهاڻِيُن جي فُقرَنِ ۾ نَقِشَ چِٽيا آهن، اُهي نَقِشَ اَمرڪوٽ ۽ رَنيءَ ڪوٽ جي بُرجن جان ڀاري ۽ مُتوجهه ڪندڙ به آهن.! هِڪڙا ماڻهو تارِيخ ٺاهيندڙ ٿيندا آهن، ته هِڪڙا وَري تارِيخ جو حِصو ٿيندا آهن، ته هِڪڙا وَري تارِيخ سازِ به ٿيندا آهن! سائين علي بابا تارِيخ ٺاهيندڙ به آهي ته، تارِيخ جو حِصو به آهي ته، تارِيخ سازِ به آهي! ڇاڪاڻ ته سائين علي بابا جي ناولن، ڊِرامَنِ ۽ ڪَهاڻِيُن ۾ سِنڌ جي شاندارِ تارِيخ جا بابَ به آهن ته، موجُوده وقتَ جي عڪِسِ بندي جا چِٽا، پِٽا عَڪِسَ به چِٽيل آهن. ڀَلا! لِکن ته هَزارين، لَکين رائِيٽر ٿا پر، اِهڙي ڪِهڙي ڪَمالِ ڪارِيگِري چَندِ رائِيٽرن جي قَلَمَ منجهه پَناهه ٿي وَٺي، جو هُو هَرِ اِيندَڙِ نَئين نَسُلَ جا جِينيئسِ ليکڪ بَڻجي وَڃن ٿا! جي جيڪڏهن اِن ڳالهه جي نُقطي کي ذِهنَ جي شاهراهه تي دَليلن سان ڊوڙائجي ته، اُنَ جو اِهو ئي نَتيجو نِڪرندو، اُهو نَتيجو اِهو هُوندو ته، اُهو ليکڪ هَرِ ايندڙ نئين نسُلَ جو ”جِينيئسِ رائِيٽر“ ٿو بَڻجي وڃي. جنهن جي لِکڻيُن منجهه پِهريان پنهنجي خِطي جي دَردن ۽ سندن دَرمانن جي عڪسِ بندي کان ويندي عاِلمي لِيول جي دَردن جِي عڪسِ بندي جا معيار هُجن! سو بُلا شُبا! سارا معيارَ سائين علي بابا جي لِکڻيُن منجهه آهن. ۽ سائين علي بابا جي قَلَمَ منجهه جا مَسِ آهي اُها سِنڌهُو درياهه جو آبِ حياتِ آهي. تڏهن ئي ته هر پڙهندڙ جي تَنَ ۾ سائين علي بابا جي لِکڻي ڇاتيءَ جي کاٻي پاسي بَسيرو ڪَري ويهِي ٿي رَهي! وقت به وقت هڪڙيُون ننڍڙِيُون پَرَ پُر اَثرِ ڳالهيُون منظرِ عام تي آيُون ته سائين علي بابا سِنڌ جي ادبي پِروگرامن کان ڇو ڏُورِ آهي؟ يا وري ته سائين علي بابا اِنعامن، اِڪرامن ۽ اِعزازن کان ڇو پَري آهي؟ اُنَ ڏسَ منجهه سُهڻي صحافيءَ نِثار کوکر جو ڪالم به روزاني ڪاوش اخبار ۾ لڳو هُيو، ۽ ٻين سنڌ جي باشعُور دوستن به ڏاڍو سُهڻو لِکيو ته ، سائين علي بابا اسان کان پَري ناهي، پر اسان پَري آهيُون، سائين علي بابا کان! سو پاڻ کي ميارِي ٿِيڻو ناهي، متان تارِيخ ڪاريءَ مَسِ جي اکرن مَٿهان ڳاڙِهيءَ مَسِ سان ضَرِبِ جي نِشاني ڪَڍي اسان کي دوشي ٺِهرائي! سو وِکُون اڳتي وڌائِيُون، ۽ سائين علي بابا کي اڳيان ڪري بِيهارِيُون! سَچِ ته سِنڌي ادبَ منجهه سائين علي بابا چَمڪندڙَ سِتارو آهي.طارِق عالم ابڙي جي هيءَ راءِ به سائين علي بابا جي آدِرشن کي ڪيڏو نه چِٽو ڪري، صافِ، سُهڻو نَمُودارِ ڪَري ٿي بِيهاري ته، “علي بابا سِنڌي زِبان جو اُهو لِيکڪ آهي. جِنهن اِعزازن ڏانهن نه، پَرَ جنهن ڏانهن اِعزازن هميشه واجهايو آهي!” مُون پِهريون ڀيرو جِيجي زَرينا بَلوچ جي سَنهڙي آوازَ ۾ ٻُڌو هُيو، سو گِيت هِيءُ هُيو، “اسِين ماڻهو لاڙَ جا_درياهه جي پاڇاڙَ جا.!” هاڻي جيڪڏهن ڪِنهن کان پُڇا ڪجي ته بابا! هِيءُ گِيت ڪِنهن جو ٿي سَگهي ٿو، يا ڀَلا! ته هِن گِيت جو سَرجڻهارِ_شاعِر ڪير آهي؟ ته جوابِ مايُوس ڪندڙ ملندو ته ، خبر ناهي، گُمنام شاعر.!هاڻي هِيءُ گيت نئين اندازَ ۾ ٻه ٻُڌِڻ ۾ آيو آهي. مُختلف فنڪارَ ۽ فنڪارائُون ڳائِن ٿِيُون. مَسئلو ڇا آهي، ته هُو گِيت هِيٺان لِکن ئي نه ٿا ته هِن گِيت جو شاعِر سائين علي بابا آهي. اسان جي سِينيئر لِيکڪن تي اِها ذِميواري ٿي ته، اُهي سائين علي بابا جي شاعري وٺي ڪِتابي صُورتِ ۾ عامَ تائين آڻِين. پوءِ اُها ڪِيتري به تعداد ۾ هُجي! ڳالھيون علي بابا جون نصير ميرزا علي سڌرندي ڪو نه!؟ اهي لفظ منهنجا، ٿورو ئي آهن، هن جا پنهنجا آهن، ڪنهن جا؟ خود علي بابا جا ۽ ڪوٽڙي شهر اندر هي شايد ساڻس ئي رهاڻ جي ڪا محفل هئي. جو اسٽيج تي سندس ڀرسان ويٺي ويٺي، ڊائري کولي مون سندس گوڏن تي رکي، وينتي ڪئي هئي مانس آٽو گراف ڏيئي سگهو ٿا؟ يڪدم ئي پنهنجي سهڻن سهڻن هٿ اکرن ۾ لکي ڏنو هئائين ”علي سڌرندي ڪو نه... امان اڪثر چوندي اٿم.“ عليءَ جو ماءُ جي حوالي سان آٽوگراف طور ڏنل اهو اعتراف، ان وقت مون ڇا پڙهيو هو، يڪدم ئي اردو شاعر مِيرا جِي ياد اچي ويو هئم، جيڪو پڻ علي بابا وانگر ئي سيلاني سڀاءُ هوندو هو ۽ لاهور ۾ ماءُ کي اڪيلو ڇڏي دهلي ڏانهن نڪري ويو هو ۽ هُوءَ هئي جا لاهور مان آئي وئي هٿان ميرا جِيءَ کي نياپا پئي موڪليندي هئي ”او ٻچا موٽ... بابا موٽ“، پر ميرا جِي پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪڏهن به موٽي لاهور نه آيو ۽ هند جي ڌرتيءَ ۾ ئي سدائين لاءِ سڪونت پذير ٿي ويو. اجهو انهيءَ ڳالهه تي هاڻي علي بابا جي لکيل ڪهاڻي ’مان گدو بندر جو چريو‘، منجهان، سندس لکيل هي جملا سامهون اچي ويا اٿم ”سڀ چون ٿا تون چريو آهين، سڄي شهر، ڳوٺ وارا... ۽ ٻيا ته ٺهيو... پر خود منهنجي پنهنجي جيجل ماءُ به... ماتا...جنني... ڄڻيندڙ... پالڻهار به چوي پئي...‘ عليءَ جي ڪهاڻيءَ جو اهو پئراگراف پڙهي سوچڻ ٿو لڳان... لارڊن بائرن، ايڊگرالن پو، بودليئر ۽ منٽو وغيره جهڙن چرياڻ ۽ عظيم ليکڪن جون امڙيون به پنهنجي غيرمعمولي ذهين پٽن لاءِ، ڇا اهڙو ئي ڪجهه چونديون ۽ سوچينديون هونديون؟ ڪنهن وقت، عيني آپا ’ڪارِ جهان دراز هي‘ ۾ لکيو هو، گهر ۾ مهمانن جي آمد وقت، خدمتگار خاتون، پاڻيءَ جو جڳ آڻي ٽئبل تي رکيو هو ته رڙ نڪري وئي هئم، اڙي بابا! هي جڳ ته ڪريڪ آهي. تڏهن ڏٺم، منهنجي ننڍڙي ڀائٽي، جيڪا منهنجي ڀرسان ئي موجود هئي، اهو جملو ٻڌي، معصوميت منجهان چوڻ لڳي. آنٽي ڇا ’جڳ‘ به ’ماڻهن‘ وانگر ’ڪريڪ‘ ٿي سگهي ٿو!؟ نه! قسم علي پاڪ جو... آءٌ پنهنجي هن علي بابا کي ڪريڪ نه... جينيئس ڪريڪ ڪري ڄاڻندو هوس. بلڪل ’ايڊگرالن پو‘ ۽ ’سعادت حسن منٽو‘ وانگر ئي پاور فل ’پلي رائيٽر‘، ’منفرد ڪهاڻيڪار‘، ’عاليشان نثر نگار‘ ۽ سنڌي ادب جو بي مثل قلمڪار ۽ تخليقڪار... ۽ اهو ئي بي مثل قلمڪار... ڪنهن وقت روبرو هوندو هو، تڏهن دنيا جي هر موضوع تي ڳالهائڻ لڳندو هو، ته ڀاسندو هئم جهڙوڪر ڪوئي ماورائي روح پيو ڪائناتن کي خطاب فرمائي. ڪنهن محفل ۾ مون هن کي اڇي لباس تي ڪلهي مٿان رکيل ڪاري چادر ۾ ڏٺو، ته مون کي هُو بلڪل ئي ڪنهن شيعه ذاڪر وانگر نظر آيو هو. تازو کيس جانِ جگر طارق عالم جي ورسيءَ تي ڊگهي عرصي بعد روبرو جڏهن ڏٺم ته پنهنجي سائيڊ Look ۾ هاڻي هُو مون کي بلڪل شيڪسپيئر وانگر نظر آيو، برائون وار، ڪُوماڻل چهرو، اکين ۾ صدين جو ٿڪ ۽ چهرو ڄڻ ڏکن ڏوجهرن جي تاريخ. چيائين پئي: اوهان سمجهندا هوندا ته آءٌ جدا ٿو گهاريان ۽ مون سڀني کي وساري ڇڏيو آهي، حالتون ماڻهوءَ کي الائجي ڇا مان ڇا ڪري ڇڏينديون آهن. آءٌ اوهان سڀني جو آهيان... سڀني جو ۽ هاڻي واعدو ٿو ڪريان نئين نموني جيئڻ جي ڪوشش ڪندس... ۽ پوري عزم سان... ۽ هي علي بابا جنهن هاڻي نئين عزم سان، جيئڻ جي نئين ڪوشش جو واعدو پئي ڪيو... ان شخص کي پهريون ڀيرو مون ڪٿي ڏٺو هو؟ ڦليليءَ واهه جي ڪناري سان، سائين نثار حسينيءَ جي ’پرڀات آرٽ سرڪل‘ واري آفيس ۾... ۽ اهو سن هو اوڻيهه سؤ ٻاهتر... پر رڳو علي بابا ئي ڪٿي! مون ته شوڪت حسين شوري، ڄام ساقي، مشتاق شوري، ماڻڪ ۽ مدد علي سنڌيءَ کي به پهريون ڀيرو ان ئي آرٽ سرڪل جي آشرم ۾ ايندي ويندي ڏٺو هو، جتي فري ٽيوشن سينٽر هوندو هو ۽ آءٌ اتي پڙهڻ لاءِ ويندو رهندو هوس. اجهو هاڻي سندس سڀني همعصرن کي تصور ۾ ٿو آڻيان، ته لڳيم پيو ته ان دور ۾ منجهائنس ڪوئي ماڊرنسٽ هو ته ڪو ڪميونسٽ، ڪو اٿيسٽ ته ڪو وري هيومنسٽ، ڪو مائوئسٽ ته وري ڪو ڪٽر نيشنلسٽ، پر ڀانت ڀانت جون ٻوليون ڳالهائيندڙ انهن سڀني همعصر ۽ همعمر دوستن ۾، علي بابا ان وقت به سڀني جي وچ ۾ مون کي ڪنهن ڏند ڪٿائي ڪردار وانگر نظر ايندو هو. بلڪل جدا ۽ صفا الڳ ٿلڳ... پوءِ ٿورو سُرت ڀريو ٿيس ۽ سندن لکيل ادب پڙهڻ جوڳو ٿيس ته انهن سڀني ليکڪن جون واري واري سان لکڻيون منهنجي نظر مان گذرڻ لڳيون ۽ ڏٺم ته ڪنهن ڪهاڻيڪار... ڪهاڻيون اُبتي ٻوليءَ ۾ پئي لکيون ته ڪنهن وري سبتي ٻوليءَ، ڪنهن علامتي نوع سان پئي لکيو ته، ڪنهن وري جنسي موضوعن تي پئي ڪؤنتل ڪُڏايا... پر انهن سڀني ۾ ان سطح تي به علي بابا جي روش اڃان ئي نرالي نظر آيم. پولار، پاتار، درياهه، قلعه، جبل، ڍنڍون، ڍورا، برپٽ، بيابان، ميدان ۽ الائي ڇا جو ڇا... وري مٿان سندس ڪهاڻين جا عنوان به جڳ جهان کان الڳ ۽ اڇوتا لڳم، ’آڌي رات اتر ۾ ڪانڀو‘، ’ڌرتيءَ ڌڪاڻا‘، ’رني ڪوٽ جا رکوال‘، ’ڪارونجهر جو قيدي‘، ’ٻاليشاهي‘ ۽ ان ئي دور ۾ ريڊيو تان نشر ٿيندڙ هُن جي ڊرامن جا نالا ٻڌم: ’تموچن‘، ’رُڃ جا راهي‘ ۽ پوءِ سگهو ئي ٽي ويءَ تي هن جو شاهڪار ٽيلي ناٽڪ به ڏٺم: ’دُنگي منجهه درياهه‘، ’منو‘، ’رانديڪو‘... ۽ سندس اهڙي هر تحرير ۾ نثر ۽ ڊائلاگس جي ٻولي به دنيا جهان کان بنهه ڌار ئي معلوم ٿيم. مثال طور ’رُساما‘، ’واساما‘، ’الاپ‘، ’ڪلاپ‘، ’ڪامڻ‘، ’ڀاشڻ‘، ’اچانگ‘، ’اُڇانگ‘، ’ٽيلارا‘، ’سيڪارا‘، ’مانجو، تانجو‘، ’ڪوهه‘، ’ڪُڄا‘ ۽ مٿان سندس هر ٻيءَ تحرير ۾ ’رِگ ويد‘، ’اپنشد جي ٻاڻين‘، ’اشلوڪن‘ جو ذڪر اذڪار پڙهڻ لڳس ته ڀاسيم، علي بابا ويهين صديءَ جو نه، ڄڻ پراچين يُگ جو ماڻهو آهي يا موهن جي دڙي واري مانواري ’پروهت‘ جي جُڳ جو. بلڪه مون کي ته ڪڏهن ڪڏهن وهم به ٿيو ته هيءُ اسان جو علي بابا، ويهين صديءَ ۽ ايڪهين صديءَ بدران، موهن جي دڙي واري پنج هزار ساله پراڻي ’ڪنگ پريسٽ‘ جو متان ٻيو جنم ئي ته ڪونهي. هونئن هتي ڇا هرج آهي ته چئي ڏيان. سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو ڪهاڻيڪار جمال ابڙو صاحب هجي يا پوءِ طارق عالم ابڙو، هي سڀ ۽ سمورا ليکڪ ڪنهن نه ڪنهن پنهنجي پيش رو ڪهاڻيڪار کان ضرور Inspired رهيا آهن، پر انهن ۾، هي علي بابا... نه بابا... پنهنجي افسانوي مطالعي آڌار آءٌ ويساهه سان چئي سگهان ٿو ته، هُو مون کي ڪنهن به پيش رو يا اغرب مغرب جي ڪنهن به ليکڪ کان قطعي به متاثر نه نظر آيو ۽ هن وٽ جيڪو ڪجهه به هو، اسلوب يا اظهار لاءِ شبداولي ۽ اهي سڀ ئي انداز هن جا پنهنجا هئا. علي بابا جي ڪهاڻين ۾ اجاڙ شهرن، ويران کنڊر، پراڻن مندرن، پوڙهن وڻن، پورنماسي راتين، اماوس جي اونداهين جا ٻه منظر به ڏسندا هلو ۽ آءٌ ڀانئيان ته ڀٽائي صاحب جي بيتن واين ۽ اياز صاحب جي شاعريءَ کان سواءِ، شايد ئي نثر ۾ ڪنهن ٻئي سنڌي ڪهاڻيڪار وٽ اهڙا منظر ۽ ان ريت ايئن پئنٽ ٿيل نظر ايندا. سنڌي ٻوليءَ جي ڪهاڻيڪارن ۾ آءٌ علي بابا کي هڪڙو True وطن پرست قلمڪار ڄاڻندو آهيان. هُو سنڌ جو واحد ڪهاڻيڪار آهي، جنهن جي ڪهاڻين ۾ سنڌ جو پراچين اتهاس... موهن جو دڙو، رني ڪوٽ، سنڌو درياهه، ٿر جو صحرا، ڪارونجهر ۽ هالار جبل، روپلو ڪولهي، دولهه دريا خان، هوشو شيدي... ۽ انهن سڀني کان سواءِ جڏهن اتساهه ۽ شديد حُب مان هُو ڳالهين ئي ڳالهين ۾ سائين جي ايم سيد جو ذڪر ڇيڙيندو آهي، ته هن جي گفتگوءَ ۾ ڄڻ سنڌو درياهه تارون تار وهڻ شروع ٿي ويندو آهي يا جڏهن هُو ڪارونجهر جبل ۽ روپلي ڪولهيءَ ۽ رني ڪوٽ جو ذڪر ڇيڙيندو آهي، ته نٻل ۽ نحيف هجڻ جي باوجود علي بابا ڄڻ ڪوئي اسٿر ڪارونجهر يا هالار جبل پيو ڏيکائي ڏيندو آهي. اسان جو هي علي... علي بابا جنهن پوري ڄمار نه سرڪار جي نوڪري ڪئي ۽ نه ڪا ٻي چاڪري... ۽ سدائين صرف قلم جي ئي پورهيي تي فخر ڪيو ۽ آبرو سان زندگي گذاري ڇڏي. ريڊيو جو جڏهن عروج هئو ته هُن اِن اداري لاءِ، ’تموچن‘، ’رڃ جا راهي‘ ۽ ’موکي متارا‘ جهڙا شاندار اسڪرپٽ لکيا. پوءِ پي ٽي وي تي هن ’منو‘، ٻاليشاهي‘، ’روپ ٻهروپ‘ جهڙا ناٽڪ لکڻ بعد ’دنگي منجهه دريا‘ جهڙو ٽيلي ناٽڪ لکيو ته هن تي شهرت جو سج چڙهي آيو ۽ هن کي طرح طرح جي ايوارڊن سان نوازيو ويو (۽ ايوارڊ يافته هستين کي ادارن ۽ سرڪار پاران ايوارڊ ته ڪيئي ملي ٿا وڃن پر پوءِ افسوس پيريءَ ۾ ڪوئي به کين سهارو ڏيڻ ۽ سڀالڻ لاءِ تيار ئي ناهي هوندو) ۽ ايئن علي بابا ۾ به جيستائين حال هئو، پي ٽي ويءَ جي بي وفا ڪمرشل دنيا هن تان نهال نهال نظر ايندي هئي، پوءِ جڏهن هارون رند، عبدالڪريم بلوچ ۽ محمد بخش سميجي جهڙا زبردست ڊراما پروڊيوسر ئي نه رهيا، ته کانئن پوءِ پتو ئي نٿو پوي ته علي بابا پاڻ ئي پي ٽي ويءَ کي ڇڏي ڏنو يا خود پي ٽي ويءَ هن تي دروازا بند ڪري ڇڏيا، سدائين لاءِ! علي بابا هاڻي جڏهن پوئين دؤر ۾ مستقل طرح سان ڪراچيءَ ۾ وڃي رهيو، تڏهن ٻاهتر ورهين جو ڄڻ هڪڙو تنها شخص بڻجي چڪو. سندس محبوب ۽ مٺي امڙ ڪڏهوڪو دنيا مان وڃي چڪي آهي ۽ سندس انگل آرا کڻندڙ سَهندڙ اسان جي ڀاڄائي ’بگو‘ به هن کي هاڻي دنيا ۾ اڪيلو ڪري ڇڏيو هو. مٿان غلام شاهه، سندس اڪيلو ۽ سڪيلڌو پٽ چمڙيءَ جي ڪنهن لاعلاج مرض ۾ مبتلا ٿي، نفسياتي طرح سان ايترو ته ڊڄڻو ٿي چڪو آهي، جو عليءَ جي سهاري کان سواءِ هُو واش روم تائين به اڪيلو وڃڻ لاءِ تيار نظر نه ايندو هو. ٿورو وقت ٿيو ته ’منهنجي طارق‘ جي ورسيءَ تي، ڊگهي عرصي بعد مون هن کي روبرو ڏٺو. لڳم، ميڻ بتي ٻري ٻري هاڻي ڳري ئي چڪي آهي. تڏهن کيس ڏسي دل ۾ چيو هوم، هي علي بابا مصر ملڪ ۾ جي ڄمي ها ته اڄ نجيب محفوظ هجي ها، آوار روس ۾ پيدا ٿئي ها ته رسول حمزه توف سڏرائي ها. لئٽن آمريڪا ۾ ولادت ٿئيس ها ته پڪ سان گارشيا مارڪئيز هجي ها. چليءَ ۾ ڄمي ها ته ميلان ڪنڊيرا سڏرائي ها. هندستان ۾ جي ڪنهن بڙ جي وڻ هيٺان پلٿي ماري وڃي ويهي رهي ته ماڻهو سمجهن ها ته گوتم ٻڌ گيان ۾ گم آهي... ۽ گذريل سال جون ۾ مون هن کي طارق جي تڏي تي به اڪيلو اڪيلو ئي ويٺل ڏٺو هو ۽ ان وقت هُو پنهنجي مُنهن ڄڻ ڪائناتن سان ڳالهائي رهيو هو... ۽ هٿن جي اشارن سان ڄڻ هوائن ۽ درياهن ۽ ستارن جا رخ موڙي رهيو هو. تڏهن ياد آيم ڪنهن زماني ۾ مون هن کي ولر دوستن جي وچ ۾ چهڪندي به ڏٺو هو ۽ ٻهڪندي به. علي بابا يعني هي دراوڙ ۽ سپوت پُٽ پنهنجي حصي جي ڏُکي سُکي زندگي شديد مفلسي ۾ گذاري دنيا تياڳي تاريخ ۾ سدائين جاڳڻ لاءِ، ڪالهه بلا آخر سنڌ جي مٽيءَ ۾ سدائين لاءِ وڃي سمهي رهيو. علي بابا سندس وڇوڙو گل مورو اهو غريب گهراڻي جو علي محمد جيڪو مني صديءَ تائين تخليقي سفر ڪندي جاکوڙ ۽ جستجو جي تلاش ۾ مگن رهندڙ سنڌ، ڀٽائي ۽ سيد جي فڪر سان سڄي زندگي عشق نڀائيندڙ جيڪو اڳتي هلي ادبي آکاڙي ۾ ”علي بابا“ بڻيو. جنهن جي مزاج ۽ من ۾ ڌرتي جي خوشبوءِ سندس رڳ رڳ ۾ سمايل هئي ۽ هر تخليق ۾ ڌرتيءَ جو احساس ۽ اظهار نظر ايندو هو. علي بابا جي سمورين ڪهاڻين ۾ سنڌ، وطن ۽ مٽي هاڻن ماڻهن سان ڪمينٽمينٽ فطري ۽ حقيقي سچن جذبن جو اظهار، سماجي تاريخي شعور جو ادراڪ، هن جي شخصي توڙي سنڌ شناسائي وطن پرستي، سنڌ جي مٽي، سنڌوءَ جي پاڪ پويتر پاڻي، ديس جي پهاڙين، ڪاڇي توڙي ٿر جي ٿوهرن، ڌرتي جي پياسن توڙي پيٽ بکايل ۽ ڏيهه جي ڏکويلن جو درد ڏک ۽ پيڙا سندس هرڪهاڻي جو مک موضوع آهي. علي بابا پنهنجي غريبي جو بار بار ذڪر ڪندو چوندو هو ته آئون غريب گهراڻي سان تعلق رکندو آهيان ان ڪري منهنجون ڪهاڻيون به غريبن جونِ عڪس آهن هي فقير منش انسان هيڏو وڏو ڪهاڻيڪار، ناول نگار، اديب هوندي ڪڏهن به خواهشن جو غلام نه رهيو نه وري ٺلهي شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن اداري جي چمچاگيري، نه وري سرڪار اڳيان جهولي جهلي، نه خيرات گهري نه چاليهه چورن جو هي سنڌ جو علي بابا ساٿي بڻيو. سدائين وطن ۽ ٻولي جي عشق ۾ هن سموري جهان کي پل صراط سان تعبير ڪندي پنهنجي فن ۽ فڪر سان نڀائڻ ۾ مشغول رهيو. هر گهڙي جدوجهد يعني عملي ماڻهو پنهنجي فن جي وضاحت ڪندي لکي ٿو ته؛ ”ڪڏهن ڪڏهن خود پنهنجو جيون به پرايو لڳندو آهي ماڻهو ته سڀ هڪ جهڙا هوندا آهن پر ان سڀني تي ٻين جو غلبو هوندو آهي ڪو به ڪنهن جو ناهي هوندو، مان ڀلا پنهنجو ڪڏهن رهيو آهيان، مون پنهنجو پاڻ کي ايتري اهميت ڪڏهن ڏني آهي جو پنهنجو پاڻ کي پنهنجي ذات حوالي سان ڄاڻي سگهان؟ مان ته پنهنجي زال جو هان، پنهنجي پٽ، پنهنجي ڌيءَ جو هان! پوڙهي ماءُ ۽ پيءَ جو هان! ڳوٺ وارن جو هان! سنگتين ۽ ساٿين جو هان! الله الله زندگي به ته ڇا عذاب آ هر وقت ماڻهو ڪوڙ جي گورک ڌنڌي ۾ ڦاٿل رهن ٿا ۽ پنهنجو پاڻ کي ائين مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏين ٿا،“. سنڌ جو نامور اديب پروفيسر عبدالغفور ميمڻ علي بابا جي ڪهاڻي واري فن تي لکي ٿو ته ”علي بابا جون ڪهاڻيون بنيادي طور تي ٽن پهلوئن تي جڙيل آهن هن جي ڪهاڻين جو پهريون عڪس اهو آهي ته ڪهاڻين جا جيڪي به ڪردار آهن انهن ۾ گهڻي قدر ديس ڀڳت ۽ وطن دوست اهي ڌرتي ڌڻي آهن جن جي پيرن هيٺان سندن ئي ڌرتي کسڪائي پئي وڃي هي اهي ماڻهو آهن جن تاريخ جي هر دور ۾ ڌرتي جي خوشحالي، امن ۽ آجپي لاءِ پنهنجي سرن جا نذرانا ڏنا پنهنجي لال لهو سان سنڌوءَ جي سينڌ کي سنڌور هڻي سيراب ڪيو جن جو فڪري ٽڪراءُ انهن قوتن سان رهيو آهي جيڪي هميشهه سنڌ وطن جو استحصال ڪندا رهيا آهن. هي اهي ڪردار آهن جيڪي وقت به وقت استحصالي ڌرين تهذيبن ۽ تمدن کي نيست و نابود ڪندڙن سان مهاڏو اٽڪائيندا رهيا آهن جيڪي مذهب جي نالي ۾ انسانيت جو قتل ڪندڙ تاريخ جي ڦيٿي کي پنهنجي مرضي سان هلائڻ ۽ قومن جي تاريخي حيثيت جا انڪاري رهيا آهن“ جڏهن ته علي بابا جي ڪهاڻين جو ٻيون رخ ڌرتي ڌڻين جا معاشي مسئلا جن جي لاءِ سڪل ڍوڍو به ڪائنات جيڏي اهميت رکي ٿو. جن جي زندگي پل پل اذيتن ۾ گذري ٿي، ۽ گگهه اوندهه هوندي روشني جا متلاشي هوندا آهن ۽ هن جي ڪهاڻين جو ٽيون خوبصورت لمحو اهو آهي جو جمالياتي احساسن جي جذبن جي اپٽار، سچ، سونهن، سک، سڀيتا سندس فڪري تخليقن ۾ نمايان آهن. ڏٺو وڃي ته هي درويش صفت ڪهاڻيڪار علي بابا پنهنجي هر ڪهاڻي ۾ ڪيترين ئي ڪهاڻين ۽ ڪردارن جو ذڪر ڪري ويو آهي. اسين سندس ڪهاڻي ”ڀاڳان“ ڪيئن وساريون جيڪي ڀاڳن ڀري ڀاڳان غربت ۽ غريبي جي سموري تصوير پيش ڪري ٿي. ڀاڳان ۽ ان جي مسڪين امڙ پنهنجي بکئي پيٽ کي ڀرڻ لاءِ در در جون ٺوڪرون کائي ٿي، خيرات گهري ٿي، علي بابا هن ئي ڪهاڻي ۾ معاشري جا اهي اذيتي رنگ ڏيکاريا آهن جو غريب ۽ مفلوج هجڻ جي ڪري معاشي بدحالي، ڏک ۽ ڏوجهرا هئڻ جي ڪري لاچاري آهن انهن ماڻهن جي عزت دين ايمان ڪجهه به محفوظ ناهي، ڀاڳان ۽ ان جي پوڙهي ماءَ اهڙن ظلمن جي علامت بڻجي ٿي ته پوءِ اهڙن ماڻهن لاءِ معاشرتي اخلاقي تصورات، سماجي قدر، جيون جو مقصد آخر ڪهڙو رهي ٿو. نه رڳي ڀاڳان ۽ ان جي ڀون جي دردن جي ڳالهه آهي پر هن جي ڪهاڻي ”چنڊ ۽ ماني“ اهڙي درد ڀري ڪهاڻي آهي جنهن ۾ خوشحال ۽ دولت سان مالا مال سنڌ ڌرتي هوندي هڪ غريب ممتا، پنهنجي بکايل ٻچڙن کي لوريون ۽ دلاسا سڄي رات ڏيندي چوندي رهي ٿي ته، غريبن لاءِ ڳڀو ان مثل آهي جيئن چنڊ ٿورڙو ٽڪرو، ڪڏهن اڌ، ڪڏهن چوٿون حصو ته ڪڏهن وري اڀرندو ئي ناهي ته ڇا فاقا ڪشي واري زندگيءَ جي عڪاسي ٿيل آهي هونئن به ڏٺو وڃي ته ناٽڪ نويسي، ڪهاڻي يا ناول، جنهن ۾ درد جي عڪاسي ۽ سچ جي منظر نگاري نه هجي اها ڪهاڻي ٻسي لڳندي آهي. پر علي بابا نه رڳي ڪهاڻين ۾ ماڻهن جي زندگي جي هر پهلوءَ تي لکيو پر جانورن جي سڀني روپن کي به علامتي ڪردارن ۾ ڏاڍو خوبصورتي سان نڀايو آهي. هن سفر نامي جي صورت ۾ ”جانورن جي دنيا“ اها شاهڪار تفريحي ڪهاڻي آهي جنهن ۾ مزاح کان وٺي کوڙ ساريون تکيون مٺيون ڳالهيون موجود آهن ان خوبصورت ڪهاڻي جو ننڍڙو حصو پڙهندڙن آڏو پيش آهي: ”مان ٽئين درجي ۾ پڙهندو هيس، مون کي رڍن ۽ ڀولڙن جي ڪهاڻي ڏاڍي پسند هوندي هئي، مون کي روزانو جانورن جي ڪا نه ڪا ڪهاڻي سڻائي ويندي هئي، ان وقت مون انهن جانورن جو ذڪر يا ته ڪهاڻين ۾ ٻڌو هو يا ڪتابن ۽ تصويرن ۾ ڏٺو هو. هڪ دفعي پنهنجي ماءُ سان گڏ ڪراچي پنهنجي نانا جي گهر ويس. منهنجو نانو انهن ئي ڏينهن ۾ حيدرآباد کان بدلي ٿي ڪراچي آيو هو جيڪو ادبي ۽ فلاسافر ماڻهو هو. ڪراچي پهچڻ جي ٻئي ڏينهن نانو مون کي ڪراچي جو چڙيا گهر گهمائڻ وٺي ويو، چڙيا گهر ۾ پهچڻ سان ئي منهنجي پهرين نظر زنجيرن ۾ ٻڌل هاٿي تي پئي، مون زندگي ۾ پهريون ڀيرو هيڏو وڏو جانور ڏٺو، ان جي ڪري هاٿي جي ويجهو اچڻ تي مون کي ڊپ ٿي رهيو هو، نانو به سمجهي ويو ۽ کلندي چوڻ لڳو! ڊڄين ٿو ڇا؟ مون ڪنڌ ڌوڻيندي ”نه“ چيو. ناني مون کي هاٿي جي ويجهو وٺي چيو ٻچا! هي هاٿي آهي، دنيا جو سڀ کان وڏو عظيم جانور، هي تمام وڏو هوشيار ۽ امن پسند جانور آهي، ان لاءِ توکي ڊڄڻ نه گهرجي، هي هميشهه وڏن جهنگن، چراگاهن، قدرتي چشمن ۽ ندين جي ڪنارن تي گهمندو رهندو آهي، سڀني ننڍن وڏن جانورن کي پيار جي نظر سان ڏسندو آهي ۽ سونڊ مٿي کڻي سڀني کي سلام ڪندو آهي ۽ چوندو آهي ته مان پنهنجي حصي جو گاهه کاوان ٿو، هرڻ، سها به پنهنجي پنهنجي حصي جي خوراڪ کائين ٿا ۽ سڀني جي سرواڻي به ڪندو آهي. ”سونڊ“ کڻي گجگوڙ ڪري دشمنن کي للڪاريندو آهي. شينهن هن جو سڀ کان وڏو دشمن آهي هميشهه لڪي حملو ڪندو آهي هن جو ميڄالو ڪڍي کائيندو آهي. مون ناني جي ڳالهه حيرت ۽ غور سان ٻڌي ۽ چيو، نانا اسان جي ملڪ ۾ به هاٿي پيدا ٿيندا آهن؟ نانا ڪجهه سوچيندي چيو، اسان جي ملڪ ۾ هاٿي سؤ سال کان پوءِ پيدا ٿيندا آهن پر هتان جي آب و هوا کين راس ناهي ايندي، اهي جلد مري ويندا آهن. هن جانورن واري ڪهاڻي جي پڇاڙي به ڏاڍي خوبصورت انداز سان پيش ڪندي بيان ڪري ٿو ته؛ ”هن ڳالهه کي اڄ پندرنهن سال گذري ويا آهن هاڻي منهنجي عمر ۲۶ سال آهي مان نانا جي مرڻ کان پوءِ هڪ وڏي انڌيري ۽ گهاٽي جهنگ ۾ رهي آيو آهيان جيڪو خوفناڪ جانورن سان ڀريو پيو آهي منهنجي يادگيري ۾ ئي هن جهنگ ۾ هڪڙو هاٿي پيدا ٿيو آهي پر جهنگ جا ننڍا ننڍا جانور هن سان گهلي ملي ناهن سگهيا، خوفناڪ جانور هميشهه ڇتن ڪتن جيان گهمي رهيا آهن، جانور، پکي ۽ ڪيڙا ماڪوڙا پنهنجن گهرن ۾ لڪي وڃن ٿا ۽ سڄو جهنگ سنسان ٿي وڃي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن پري کان جهنگ جي ڪنهن ڪنڊ مان ”مور“ جي ڪوڪ سڻائي ڏئي ٿي، سڄو جهنگل گونجي پوي ٿو، ڀولڙا وڻن جي ٽارين تي چڙهي زور زور سان شور مچائين ٿا، مان پنهنجي انڌيري غار مان نڪري حيرت سان مور جو اڏامڻ ڏسان ٿو، ندي جي ڪناري بيٺل هاٿي سونڊ کڻي سلام ڪري سڀني ننڍڙن ننڍڙن جانور کي پاڻ وٽ گهرائي ٿو، ليڪن ويچارا ظلم جا ستايل ۱۲ سڱن وارا هرڻ، سها، هاٿي جي ويجهو اچڻ کان ڊڄن ٿا“ ”ظاهري طرح ته علي بابا جانور جي دنيا جو سير ڪرايو آهي پر اصل ۾ ڏٺو وڃي ته هن آسپاس واري ماحول ۽ معاشري جو حال سڻايو آهي ڇو ته هاٿي ۽ ٻيا جانور صرف علامتي ڪردار آهن جن کي پنهنجو محور بڻائي اهو سمجهايو آهي ته اڄ به هن معاشري ۾ بدبودار بگهڙ ننڍڙن ننڍڙن جانورن مثل مسڪين ۽ اٻوجهه ماڻهن کي شڪار ڪرڻ چاهين ٿا شل ڪو هاٿي جهڙو امن پسند انسان پيدا ٿي پوي.“ ائين ئي هن جي ڪهاڻي ”زندگي“ جنهن ۾ معروضي حقيقتن جو آئينو آهي جنهن ۾ علي بابا جي ڀٽڪيل روح جي ڪٿا لکيل آهي جيڪا صدي به صدي هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪندي ڀٽڪندي هڪ نامعلوم هنڌ تي پهچي ٿي جڏهن ان جي اک کلي ٿي ته ڪنهن مهل ديوي جو مجسمو ته ڪنهن محل نيڻن ۾ نير ته وري ڪي خوشيون جون علامتون ظاهر ٿين ٿيون. علي بابا نه رڳي ڪهاڻين پر افسانوي ادب ۾ فڪر انگيز لکڻيون پنهنجي حياتي ۾ سنڌي ادب کي ارپيون. انهن فڪري ڪهاڻين ۾ قلم جي سچائي، بهادري ۽ پنهنجي ڌرتي سان عشق ڪرڻ جو نمايان عڪس سمايل آهي. علي بابا حقيقت پسند افسانه نويس، ڪهاڻيڪار ۽ بهترين ڊراما نويس هيو جنهن کي عالمي مڃتا سندس مشهور ڊرامي ”دنگي منجهه درياهه“ ٻيو ”ڪشتي اور منجهدار“ جي ڪري ميونخ يونيورسٽي جي عالمي ادبي مقابلي ۾ بهترين ڊرامي جو ايوارڊ مليو آهي. آيل ڙي اولاڻا ۽ ڌرتيءَ ڌڪاڻا، ڪهاڻيون، سندباد جو سفر، موهن جو دڙو، چنڊ ۽ ماني، پرين ۽ پيچرا، ٻالي شاهي، روشن تارا هن جي جيون جا بهترين ناول، افسانه ۽ ڪهاڻيون آهن، جيڪي اڄ به سماج جي عڪاسي ڪن ٿيون. علي بابا سان اها گهاريل گهڙي ڪيئن وسري جو ۹۲ع ڌاري منهنجي ڳوٺ هڪ هفتي تائين جنوري واري مهيني ۾ اچي آسڻ ٿيو اتي دردن ۽ سورن جون جيڪي ڪهاڻيون بيان ڪيائين، اهي اڄ به وساري نه ٿيون سگهجن. کيس ڪهڙن لفظن سان مڃتا ڏجي هي امن جو سفير ۽ آزادي جو پياسو هو جنهن ادبي دنيا ۾ نرالو نالو ڳڻايو آهي پر هن جي وڇوڙي ادبي دنيا کي ڏکارو بڻائي ڇڏيو آهي. علي بابا هڪ ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي وينگس قومن کي سهارو ڏيندڙ، ان مان جنم وٺندڙ بهادر قلمڪار هوندا آهن، جيڪي قومن کي جرئتمنداڻي زبان ڏين ٿا. جيڪڏهن قومن جي سيني مان قلمڪار ڪڍي ڇڏجن ته پوءِ اهي قومن پنهنجو ڪردار به بهادريءَ سان نڀائي نه سگهنديون آهن. ڪنهن سچ ئي چيو آهي ته ”قوم جي زبان ۽ سوچ کي تالو هڻڻو آهي ته ان جا بهادر ۽ ذهين قلمڪار ختم ڪري ڇڏيو، قوم پنهنجو پاڻ ختم ٿي ويندي.“ جيڪڏهن اسان سنڌ جو ئي مثال وٺون ته اسان کي مٿين چوڻي سچ لڳندي. سنڌ جي ماضي کي کڻي ڏسو، جڏهن سنڌ وٽ ايترو ڪجهه به نه هو پر سنڌ جا قلمڪار پنهنجي زندگيءَ کي داءُ تي لڳائي، وقت جي ناحق کي پنهنجن لکڻين ذريعي ڪمزور ڪيو. ان وقت جي ميڊيا گهڻي بهادر هئي، ايستائين جو حڪمران به سنڌي ميڊيا ۽ لکندڙ هٿن کان پريشان ٿيندا هئا. سنڌي معاشري کي شعور ڏيندڙ شاعري ۽ ناول هئا، جن ان وقت جي نوجوان نسل کي سهارو ڏنو، انهن جي اندر جرئت پيدا ڪئي. تاريخي پسمنظر ۾ مسئلن کي سمجهڻ جي سگهه ڏني. پر هاڻي ائين ناهي. ٽي وي ميڊيا ۽ خصيص اسٽيج تي ويهڻ جي شوق ۾ سچ کي پاسيرو ڪيو ويو آهي. جيڪي سچ ڳالهائيندا، انهن کي اهي سهولتون نه ملنديون، ميڊيا جي چمڪ نه ملندي ۽ پراجيڪٽ به نه ملندا. ڇاڪاڻ جو انهن سڀني ڪمزور ذهنن کي خصيص شهرت گهرجي، انهن جي آڏو تاريخ جي ڪٽهڙي ۾ بيهي جوابده رهڻ اهميت نه ٿو رکي؛ انهن لاءِ اها ڳالهه اهميت رکي ٿي ته اسٽيج تي ڪرسي ڪهڙي ملندي؟ انهن جي لاءِ سماج جي تباهي اهميت نه ٿي رکي، انهن لاءِ اهميت ڪجهه وقتي مفاد جي آهي ته اُهي تباهه نه ٿي وڃن. پر انهن سڀني کان الڳ هڪڙو هو علي بابا! جنهن وقت جي چمڪ کي انڪار ڪري، پنهنجي زندگيءَ کي تڪليفن جي راهه تي ڏئي ڇڏيو. هن جي لکڻين ۾ درد ۽ سچائي هينئر به موجود آهي. هو موجوده سماج کي آئينو ڏيکاريندڙ هو. هن لکڻين کي وقتي لالچ ۽ اسٽيج جي چمڪ تي تارازي ۾نه توريو. ان ڪري ئي هو هن دور ۾ به خاموش ڪنڊ وٺي رهيو، ڪڏهن به ڪنهن کي خوش ڪرڻ لاءِ، هڪ کي غلط ته ٻئي غلط ڪم ڪندڙ جي پٺي نه ٺپي. علي بابا جيڪڏهن چاهي ها ته هو ڪنهن ٽي وي شو تي ويهي پاڻ کي اسڪالر پيش ڪري ليڪچر ڏئي پئي سگهيو پر هن کي خبر هئي، اهڙي اسٽيج تي سچ ڳالهائڻ پسند ڪير به نه ڪندو ۽ علي بابا پاڻ سمجهوتو ڪندڙ نه هو. علي بابا درحقيقت سنڌ جو اعليٰ ۽ بهترين لکڻندڙ هو، صرف پنهنجن لکڻين ۾ ئي نه پر پنهنجي زندگي کي به اصولن تي هلايو. هو اسان جي موجوده دور جو هيرو آهي. افسوس جو موبائيل دور ۾ نوجوان نسل علي بابا جي لکڻين کي پڙهي ناهي سگهيو، صرف فيس بڪ تي ڊي پي تبديل ڪرڻ سان علي بابا جي اهميت کي سمجهي نه سگهبو ۽ نه ئي ٻه اکر سوشل ميڊيا تي لکي، علي بابا جهڙي ليکڪ کي ڪا ڀيٽا ڏئي سگهبي؟ ايستائين جو اهو به ڪافي ناهي جو هڪ ٻه پروگرام منعقد ڪري ان ۾ علي بابا جون لکڻيون گهٽ، فوٽو سيشن گهڻو هجي؛ اهڙي انداز سان صرف پنهنجو پاڻ کي پروموٽ ڪري سگهجي ٿو پر ان سان علي بابا کي اصل ڀيٽا نه ٿي ڏئي سگهجي. ۽ سياسي پارٽيون جيڪي هر وقت سنڌ جي ڳالهه ڪندي ٿڪبيون ناهن, اهي به شايد علي بابا جي لاءِ ڪجهه بيان جاري ڪن، انهن کان ڪير وڃي اهو پڇي ته توهان جا ذاتي مفاد سنڌجي سياسي سگهه کي ڪمزور ڪري چڪا آهن, ڇا اهي پنهنجن پارٽين ۾ علي بابا جي لکڻين کي پروميٽ ڪندا؟ جيڪي نوجوان سياسي اڳواڻن جي پٺيان هلن ٿا، انهن کي ڪير اڳواڻ اهو چوڻ جي جرئت ڪندو ته اسان جي پٺيان نه هلو پر علي بابا جي ڪتاب جي پٺيان هلو! علي بابا کي اصل ڀيٽا ان وقت ملي سگهندي، جڏهن هن جي لکڻين کي وري ٻيهر زندهه ڪيو وڃي، وري ٻيهر ڪتابن جا ورق اُٿلائي، لکڻين کي پڙهيو ۽سمجهيو وڃي ته هو ڇا چاهي رهيو هو؟ علي بابا، هن دور جو هيرو هو ۽ آهي. ڪڏهن ڪڏهن دور واقعي ۾ به ناانصافي ڪري ويندا آهن، جو اهي پنهنجن هيروز کي ڀيٽا به نه ٿا ڏئي سگهن. جڏهن علي بابا زندهه هو، ان وقت هو ڪنهن هوٽل جي ڪنڊ وٺي اڪيلو چانهه جو ڪوپ پيئندي نظر اچي ويو ته نوجوان نسل يا پنهنجي دور جا ڪجهه ماڻهو ملندي چوندا هئا، اڙي علي بابا، توهان هتي ڪيئن؟ ۽ جلدي ۾ موڪلائي هليو وڃڻ ... علي بابا! ڪجهه ته سوچيو هوندو ۽ پنهنجي زندگي جي ڪهاڻي جي ڪنهن سيٽ تي ڪا چڙ ڏياريندڙ تلخ ڳالهه به ڪئي هوندي، جيڪا اسان تائين پهچي نه سگهي ۽کڻي اسان تائين پهچي به وڃي ها ته سنڌي سماج ڇا ڪري ها، جيڪو مفادن جي ٽولي ۾ وڪوڙيل آهي، جنهن ۾ جرئت واري ڳالهه کُٽندي پئي وڃي. علي بابا جهڙا ڪردار شايد ئي وري پيدا ٿين، جيڪي لفظن سان کيڏڻ نه پر انصاف ڪرڻ ڄاڻين ٿا. علي بابا! پنهنجين لکڻين ذريعي سماج ۾ جڳهه ٺاهي، نه ڪي انهن ليکڪن وانگر هو، جيڪي ڪجهه ماڻهن کي گهرائي چانهه ۽ ماني کارائي، پنهنجن لکڻين جي شهرت ڪرائڻ لاءِ اڻسڌي ڪوشش ڪن. هن جون لکڻيون ئي سماج جي دل ۽ ذهن کي جنجهوڙي ڇڏيندڙ آهن. هو باغي دنيا جو ڪردار هو، جيڪي بظاهر تنها ۽ خاموش هلندا آهن، پر اهي ئي سماج جي خاموشي کي زبان ڏيندا آهن. علي بابا جون اڄ به لکڻيون کڻي ڏسو، هو توهان جي سماج جي زبان ڳالهائيندو ۽ توهان ۽ اسان مان ڪير به اهو چوڻ جي جرئت نه ٿو ڪري سگهي ته ڪهاڻي ۾ بهتر پر ذاتي زندگي ۾ مختلف هو. علي بابا جيئن ذاتي زندگي ۾ هو اُئين ئي پنهنجن لکڻين جي دنيا ۾ هو. هن وٽ ٻٽا معيار نه هئا. علي بابا جي ڪهاڻي کي هڪ ڏينهن ڪٿي فل اسٽاپ اچڻو هو ۽ ان حقيقت کان ڪير به انڪار نه ٿو ڪري سگهي. پر علي بابا ائين خاموشيءَ سان پنهنجي ڪهاڻي کي فل اسٽاپ ڏئي ويندو ۽ سنڌي سماج هن کي ياد ئي نه ڪندو، اهڙي سماج ۽ اُن جي ميڊيا تي ڇا لکجي؟ دانهن به ڏجي ته ڪهڙي پاسي وڃي؟ جتي هر چهري مٿان مفادن جا نقاب چڙهيل آهن، جيڪي لفظن کي تارازي ۾ تورن ۽ سماج کي ڪمزور ڪن. ان تي ڇا لکجي؟ ڪاش! اسان جو نوجوان ڪتابن ڏانهن ٻيهر واپس وڃي ۽ پنهنجن ذهنن کي جنجهوڙي، علي بابا جي ڪتابن کي هر هٿن تائين پهچائي، هُن کي ٻيهر پڙهجي. اسان مان ڪير ائين ڪري سگهي ٿو؟ جتي موبائيل فون جي لاءِ سپر ڪارڊ وٺڻ ۾ دير نه ٿي ٿئي، اتي ڪير آ جيڪو علي بابا جا ڪتاب خريد ڪري؟ علي بابا جي ڪهاڻي کي فل اسٽاپ ضرور آيو آهي پر هو پنهنجين ڪهاڻين ذريعي سماج جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ خاموش دلين ۽ روحن کي ٻيهر جرئت ڏيڻ جي سگهه ان جي لکڻين ۾ آهي. خاموش گهٽيءَ جي ڪنڊ ۾ويٺل ڪوئل، هر وقت ڪوڪي ٿي، ۽ در تي ويٺل انڌو به ڪوئل جي ڪوڪ کي سڏ ڏئي ٿو. ڪاش! تون اکين هوندي به ائين ئي سڏ ڏئين ها! ۽ ڪوئل جي ڪوڪ ۾ لڪل دانهن کي سمجهين ها! (هلينا) علي بابا به ان ڪوئل وانگر ئي هو، جيڪو پنهنجين لکڻين جي ڪوڪ ۾ دانهن ڪندو رهيو ۽ هي معاشرو در جي چانئٺ تي ويهندي به اکين ۽ ڪنن هوندي به هن جي دانهن کي ٻڌي نه سگهيو. هاڻي علي بابا جي لکڻين کي ڪتابن جي ڪٻٽ ۽ ڪتاب گهرن مان وڃي خريد ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڇو جو جڏهن معاشرا تنها ۽ يتيم ٿيڻ لڳن، ان وقت لکڻيون ئي ماءُ وانگر سهارو ڏينديون آهن. هو جيڪو اصول پرست ۽ جرئتمند هو، هن وٽ پر ۽ پوءِ جهڙا لفظ نه هئا ۽ نه ئي ڪا وقتي چمڪ هن جي لفظن کي ڪمزور ڪري سگهي. هن جي آخر ڪهاڻي به پنهنجن اصولن تي پڄاڻي ڪري وئي پر هو اسان جي سماج جو اصل هيرو هو ۽ آهي. علي بابا سدائين سفر ۾ رهندڙ رکيل مورائي هُو سدائين سفر ۾ رهيو، ڇاڪاڻ ته ڌڻي منجهس سيلاني روح وڌل هئو. کيس ڪنهن به وقت ڪنهن به سبب ڪري هٿ ڪرڻ سدائين دوستن لاءِ هڪ مسئلو رهيو، ٻيءَ طرح هو اچانڪ ڪنهن به هنڌ ڪنهن به ڪانفرنس ڪنهن به ميٽنگ، ڪنهن به ميڙاڪي ۾ ظاهر ٿيندو هئو ۽ ان کانپوءِ وري گم! ادب ۾ به هن ڪنهن وقت گهڻي تيزيءَ سان لکيو، جنهن سبب هن جو نالو سنڌي جديد ڪهاڻي لکندڙ طور جلد ئي مٿي اڀري آيو ۽ هو پنهنجي اسلوب جو ڪهاڻيڪار ليکجڻ لڳو، سندس ڪهاڻي گهڻو تڻو ڪردارن جي حوالي ۾ سڃاپجڻ لڳي، ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي ڪهاڻين ۾ جيڪي ڪردار کنيان انهن جو وڏو حصو عجيب ۽ غريب آهي، هن جو ڪمال اهو آهي ته هن پنهنجي ڪردارن کي ممڪن حد تائين پرفيڪٽ بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، سندس ڪهاڻي “ٻاليشاهي” سنڌي ادب ۾ اهڙو مثال آهي ۽ اهڙا مثال هڪ کان وڌيڪ علي بابا جي حوالي ۾ سنڌي ادب کي نصيب آهن. هو علي محمد بلوچ هئو، رند بلوچ، ائين هو پاڻ چوندو هئو، جيتوڻيڪ هن ۾ نسلي برتري بنهه نه هئي، علي محمد مان هو علي بابا ڪيئن بڻيو، اهو هڪ الڳ داستان آهي، مختصر ايئن ته هن کي نامياري براڊڪاسٽر ۽ ٽيليڪاسٽر عبدالڪريم بلوچ مرحوم هڪ ڏينهن سنڌي ٻوليءَ جي الستي شاعر شمشير الحيدريءَ سان ملايو ۽ چيو ته هيءَ منهنجو سوٽ آهي، کيس ڪهاڻي لکڻ جو شوق آهي. هن جي پهرين ڪهاڻي شمشير صاحب نئين زندگيءَ ۾ شايع ڪئي پر ان شرط سان ته علي محمد بلوچ هڪ ليکڪ اڳ ۾ ئي آهي، تنهن ڪري نالي ۾ علي رکي پٺيان بابا گڏائي علي بابا ٿا ڪريون ۽ ان ڏينهن کانپوءِ هو علي بابا بڻجي ويو، ساڳئي وقت هڪ منفرد ڪهاڻيڪار پڻ. ۽ پوءِ هن لڳاتار ڪهاڻيون لکيو، ڪهاڻيون تلاش ڪيون ۽ اڳتي هلي پاڻ هڪ اهڙي ڪهاڻي بڻجي ويو جنهن کي سنڌ ۽ سنڌي ادب ڪڏهن به وساري نه سگهندو. هن جي ڪهاڻي پويان ڪيل ڀٽڪاءَ تي الڳ لکڻ جي گهرج آهي، جيڪو لکڻ وڏو لکڻ هوندو. علي بابا سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ پنهنجي اصلوب جو تخليقي ڪهاڻيڪار آهي، سندس ڪهاڻيون بيحد پيار مان پڙهيون ويو، ايئن سندس پهريون ڪهاڻي ڪتاب “ڌرتي ڌڪاڻا” ۱۹۸۳ ڌاري شايع ٿيو، هيءَ اهو ڪتاب هئو، جيڪو منهنجي مامي غلام سرور مون کي لاڙڪاڻي ۾ شاديءَ جو تحفو ڪري ڏنو هئو، جڏهن اسين سندس دعوت کائڻ لاءِ سندس گهر ۾ رهيل هئاسين، ستت سندس ٻيو ڪتاب “آيل ڙي اولاڻا” ڇپيو ۽ ٻن ڪتابن تي ئي هن سنڌي ادب ۾ ڪهاڻيڪار طور اعليٰ مرتبو حاصل ڪري ورتو، چڱي موچاري عرصي کانپوءِ سندس ناول “موهن جو دڙو” آيو، جنهن ۾ هن جو تخيلقي شعور سان گڏ تاريخي شعور به نکري سامهون آيو، مان ڀايان ٿو ته ادب ۾ علي بابا لاءِ وڌيڪ فخر کڻي آيو سندس ناول ”موهن جو دڙو“ جنهن مان ظاهر ٿيو ته هن ۾ ڪهاڻي لکڻ جون قوتون ته آهن ئي پر منجهس ناول لکڻ جون قوتون به موجود آهن، اها ٻي ڳالهه آهي ته بار بار چوڻ جي به هو ان ناول جو ٻيو حصو لکي نه سگهيو. مون سدائين ايئن سمجهيو آهي ته ڪنهن به ٻوليءَ جي شاهوڪاريءَ جو اندازو ان ٻوليءَ جي ناول ان ئي لڳائي سگهجي ٿو ۽ سنڌي ٻولي ناول جي حوالي ۾ ايتري شاهوڪار نه آهي، جيتريون ننڍي کنڊ جون ٻيون اهم ٻوليون آهن. مثال طور بنگالي، تيلگو، مليالم، مراٺي، هندي ۽ گجراتي وغيره. هن سان حالتن ساٿ نه ڏنو يا هن جون تخليقي صلاحيتون هيڻيون ٿي ويون يا هن جو ڌيان ناٽڪ ڏانهن هليو ويو ۽ هن کان ڪهاڻي پري هلي وئي، هن ناٽڪ برابر شاندار لکيا، جن کيس ڪجهه مالي آٿت به ڏنو ته ”دنگي منجهه درياھَ“ هڪ اهميت جوڳو ايوارڊ به کيس ڏياريو، پر پوءِ به ڪهاڻي ۽ ناول ڏانهس آخر تائين واجهائيندا رهيا، جن ڏانهن هن وري مڙي نه ڏٺو ۽ لڳاتار پري ٿينديو ويو، ايترو پري جتان ماڻهو چاهيندي به ڪڏهن واپس نه ٿو اچي سگهي ۽ ايئن علي بابا اڄ ايترو ئي پري هليو ويو آهي پر سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ ۽ سندس سڪيلڌي ناول “موهن جو دڙو” ۾ هن پاڻ کي ايترو مٿي اڀاريو، جو اڄ سنڌي ادب ۾ هن جو چهرو نمايان نظر اچي رهيو آهي ۽ سدائين لاءِ ڏسڻ ۾ ايندو. ڪهاڻيءَ کان پري وڃڻ واري وقت ۾ ئي اسان جي دوست علي نواز گهانگهري ان اميد سان سندس ڪهاڻيون سهيڙي هڪ جلد ۾ “منهنجون ڪهاڻيون” نالي ڪتاب آندو ته ممڪن آهي اهو ڪتاب کيس وڌيڪ لکڻ لاءِ اتساهه ڏئي پر ايئن نه ٿيڻو هو سو نه ٿيو. وچ ۾ هن ٻارڙن لاءِ هڪ ناوليٽ “سنڌ باد جو سفر” ضرور لکيو پر ان ۾ اهو علي بابا ڪو نه هئو جيڪو “موهن جو دڙو” ناول ۾ موجود هئو. گذريل ڏهاڪو سالن کان هو ڪنهن به لکڻ يا ڪنهن به ادبي ميڙاڪي ۾ ڏسڻ ۾ گهٽ آيو. جيتوڻيڪ هڪ اديب طور هن جي موجودگي ڪنهن به ميڙاڪي لاءِ نه رڳو خوشگوار بڻجڻ واري هئي پر ان ۾ هن جي آبرو به ٿيندي هئي پر شايد سندس طبيعت جي آزاديءَ ڪنهن به پابنديءَ کان هن کي پري رکيو ۽ آخر تائين پري ئي رهيو. ايترو پري جنهن مان گم ٿيڻ جو گمان ٿئي. هو گهڻو وقت ڪراچيءَ ۾ رهڻ لڳو هئو. پوءِ به ادب کان ۽ ادبي ميڙاڪن کان پري رهڻ ئي هن وڌيڪ پسند ڪيو. ڇاڪاڻ ته هن اهو محسوس ڪري ورتو هئو ته ميڙاڪا جيڪي هڪ مهم جو ئي حصو بڻجي ويا آهن. جن ۾ اعليٰ تخليڪارن جي بجاءِ ميڊياڪرن جو حصو وڌيڪ آهي ۽ انهن کانپوءِ انهن وڏين ڪرسين تي ويٺل ڪامورن جو حصو آهي، جيڪي اديب نه آهن پر اديب ٿيڻ جو شوق رکن ٿا ۽ پنهنجي نالي سان اديب/ شاعر/ دانشور جوڙي خوش ٿين ٿا. ٻئي پاسي ايئن به آهي ته هن هڪ ذميوار شخص توڻي هڪ لکيڪ طور پنهنجو شخصي ۽ طبعي ڪيترو تحفظ ڪيو ان باري ۾ ڄاڻي به ڏک ئي پلئه پوندو، اديب جي اها ذميواري نه آهي ڇا ته هو پنهنجي زندگي سٺي نموني گذاري پنهنجي ذميوارين ڏانهن ڌيان ڏئي، پنهنجي صحت ڏانهن ڌيان ڏئي ساڳئي وقت پنهنجي ادب ڏانهن به ڌيان ڏئي، جيڪو ئي ان جي مرتبي جو سبب آهي، ايئن علي بابا پنهنجي صحت ڏانهن به بنهه بي پرواهه رهيو، ته پنهنجي ادب ڏانهن به! ڪنهن حد تائين ته ايئن به ٺيڪ آهي پر هن سماج ۾ مڪمل طور اڪيلو ٿي وڃڻ فرد لاءِ مناسب نه آهي. پڪ ايئن ٿيڻ ڪري نه فقط علي بابا پاڻ تڪليف ڏٺي ۽ سَٺي پر هن جي قلم مان سنڌي ادب کي جيڪو ۽ جيترو ملڻو هئو اهو نه ملي سگهيو. جيڪو سنڌ جو وڏي ۾ وڏي نقصان آهي. سنڌي ادب جو وڏي ۾ وڏو نقصان آهي. جنهن جو ازالو اسين سڀ نه ڪري سگهنداسين. وڏو ڏک ڏيندڙ ڳالهه اها آهي. علي بابا ڪوٽڙيءَ جي مٽيءَ ۾ ملي ويو. هيءَ اها ئي مٽي آهي جنهن کيس هن ملڪ جي جنم کان ست سال اڳ جنم ڏنو هئو. جنهن سبب هو سدائين چوندو هئو ته؛ ”مان هن ملڪ جو شناختي ڪارڊ ڪو نه ٺهرائيندس ڇاڪاڻ ته مان هن ملڪ کان وڏو آهيان.“ موهن ڪلپنا سان بيحد پيار ڪندڙ علي بابا، پڪ سان رومانوادي ڌارا جو ليکڪ آهي. سندس ڪهاڻيون جديد ڌارائن جي ڪيترن اثرن هيٺ ڏيکاريون وينديون پر محسوس ايئن ٿيندو آهي ته، علي بابا توڻي موهن ڪلپنا رومانوادي ڌارا جا ئي ليکڪ آهن، جنهن سبب ئي هو سموري عمر تخليق/ خوابن جي دنيا ۾ جيئندا رهيا. ڪيترا سال اڳ موهن ڪلپنا ڪوٽڙيءَ ۾ دفن ٿيڻ جي خواهش دل ۾ سانڍي هليو ويو، هن سان به نارائڻ شيام واري حالت هئي ته. الائي ڪهڙيءَ گهڙي ان مان شيام نڪتاسين وطن ورڻ ته ڇا سرحد ڏسڻ نصيب نه ٿي. ۽ هن پاسي، علي بابا موهن سان ڪڏهن به ملي سگهڻ جي آس دل ۾ سانڍي، اسان کان موڪلائي ويو. علي بابا موهن جي دڙي جو خالق غريب سمجهي سادگي سان دفنايو ويو ڊاڪٽر ايوب شيخ ننڍي هوندي عربي جي ديومالائي ڪهاڻي ۽ ڪردار ”علي بابا ۽ ۴۰ چور“ پڙهڻ ڪري علي بابا اسان جي ڪهاڻين جو ڪردار هوندو هيو. ڪنهن به فلمي هيري وانگر جيڪو بديءَ ۽ بي رحمي جي خلاف آهي، سچائي جي پاسي آهي. اهو علي بابا عربي مائرن وانگر سنڌ توڙي هند جون مائرون رات جو پنهنجي ٻارن کي سمهارڻ لاءِ لوليءَ بدران ڪهاڻي ٻڌائي انهن جي دماغن تي ان علي بابا جا نقش چٽينديون هيون، جيڪو غريب هيو، ڪاٺير هيو، ڪاٺيون ڪري پيٽ قوت ڪندو هيو. جيڪو هيرو هيو، اتم هيو، بهتر هيو ۽ سچ جي پاسي هيو. ٿورا وڏا ٿياسين، قمبر ۾ ۱۹۷۵ع ۾ ٽي وي اچي ويئي هئي. اسان جي گهر ۾ ان زماني ۾ بلئڪ اينڊ وائيٽ ”رينا“ ٽي وي اچي ويئي هئي. شام جو پنجين وڳي کان رات ۱۲ وڳي تائين ست ڪلاڪ ٽي وي تي اردو ۽ انگريزي ۾ ڊراما، فلم ۽ گانن جا پروگرام هلندا هيا. سنڌ ۾ ٽي وي ان دور ۾ به انگريزي ۽ اردو جي ايئن ميزبان هئي جيئن اسان جا سنڌي ۱۹۴۷ع ۾ ميزبانيءَ جو شرف حاصل ڪري چڪا هيا. ڏينهن ۾ هڪ دفعو سنڌيءَ ۾ سرڪاري خبرون هلنديون هيون، جنهن ۾ بلوچ ويڙهاڪن جي جبلن تان لهڻ ۽ هٿيار ڦٽا ڪرڻ جا وڊيوز ڏيکاريا ويندا هئا ۽ اسان پاڪستان جي بچي وڃڻ تي ڪجهه چوڻ بنا خوش ٿيندا هياسي. هفتي ۾ هڪ ڀيرو سنڌي ڊرامو هلندو هيو. قمبر ۾ ٿورن ماڻهن جي گهرن ۾ تي وي هوندي هئي، جنهن ڪري اسان جي گهر ۾ شام جو ئي ٻار ٽي وي ڏسڻ ايئن ايندا هيا، جيئن اڄڪلهه شام جو ٽيوشن پڙهائيندڙن جي گهرن ۾ ويندا آهن. ۱۹۷۵ع ۾، جڏهن ڊرامو ”دنگيءَ منجهه درياءَ“ هليو ته ان اسان کي جيجي زرينا ڏٺل هئي، نه وري نور محمد لاشاري صاحب. ڊرامو هليو. پورو ٿيو. پر اهو ڊرامو اسان جي گهرن ۾ رهجي ويو. اسان جي ڪهاڻين ۾ رات جو ٻڌائڻ لاءِ سنڌو درياءَ ۽ ان جي بدمسٽ ڇولين جا ذڪر شروع ٿيا هيا. ٿورو پڙهي پياسي. پڙهائي بدران سياست کي وقت ڏيڻ لڳاسين. سياسي لٽريچر وسيلي ”محرومي“ کان واقف ٿياسين. محرومي ڪيئن ختم ٿيندي ان لاءِ جرمني، روس، چين، ويٽنام، ڪمبوڊيا ، ڪيوبا، چليءَ ۽ بوليويا جي عظيم انسانن جا نظريا، آتم ڪهاڻيون، ناول، قيد ڪهاڻيون، قربانيون پڙهندا پاڻ به اهڙا ٿيڻ جي خوابن ۾ شامل ٿي وياسين. سورمن جون مائرون ڪيئن ٿينديون آهن؟ اهو مئڪسم گورڪي جي ”ماءُ“ مان حاصل ڪيوسين. اهو سکيو سين ته صنعتي سماج ۾ انقلاب مزدور ۽ زرعي معاشرن ۾ هاري آڻيندا آهن، مڊل ڪلاس Middle Class يا ته زبردست ٿي سگهي ٿو جي نه ٿيو ته پوءِ اهو مُڏو ڪلاس Dull Class ڀاڙيو، ڪميڻو، ڪلڇڻو ۽ عوام دشمن ٿيندو. بس! رڳو بيٺو هجي، ترڪي Slip نه پئي. جنرل ضيا الحق جو زمانو هجي. اسان جي سمورن دوستن جي گهرن تي ٻاهران پوليس جي نظر هوندي هئي ۽ اسان جي اوطاقن ۾ وري وطن دوست هارين، شاگردن جي آمد هوندي هئي. قمبر ۾ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو هوندو هيو، اسان جي قمبر ۾ هجڻ جو گهڻو وقت ان سان ڪچهرين ۾ گذرندو هيو. جيڪي ٻڌائيندو هيو اهو وري حيدرآباد ۽ ڄامشوري مان سکي اسان کي سيکاريندو هيو. اسان کي پليجي صاحب، غلام محمد گرامي صاحب، محمد ابراهيم جويو صاحب، ظفر حسن ۽ ٻين جا قصا ٻڌائيندو هو. ”سائنس“، ”مهراڻ“ ”پرک“ روسي رسالو ”اسپوٽنڪ“ ان معرفت ڏٺو ۽ پڙهيو. ان دور ۾ اسان ٻارن جي پڙهائي لاءِ ادبي بورڊ جو رسالو ”گل ڦل“ گهرائيندا هياسين، قمبر شهر ۾ ان جون ۱۷۵ ڪاپيون هٿو هٿ وڪرو ٿينديون هيون. هاڻي تي سڄي سنڌ لاءِ به ۱۷۵ ڪاپيون نه ٿيون نڪرن. چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ هڪ فنڪشن ۾ علي بابا نالي سنڌي اديب آيو. جن شاگردن کي ان جي خبر هئي انهن جي لاءِ محترم هيو. جن کي خبر ڪانه هئي، انهن کي رڳو سندس ڪچهري نصيب ٿي. اسان جي دوست اسلم مري جيڪو پوءِ ڊاڪٽريون ڇڏي انڪم ٽئڪس وارو ٿي ويو، تنهن جي ڪمري ۾ رهڻ جي لاءِ علي بابا ڪنهن کان به نه پڇيو ته ”هو وڌيڪ رهي سگهي ٿو؟“ ڇو ته فنڪشن ختم ٿيڻ جو مطلب هوندو هيو، ”کيل ختم پئسا هضم“ جيڪي مهمان آيا، سي وري ڪنهن جا به مهمان نه هوندا، پنهنجي پنهنجي ماڳ تي هليا ويندا. پر، علي بابا رهي پيو. اسلم گهٽ نه ڪئي. جيڪا خدمت ڪري پئي سگهيو، جيترا دوست ميڙي پئي سگهيو اهي گڏ ڪيائين، سڄا سارا ڏهه ڏينهن چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جو مهمان هيو. هڪ ڏينهن بنا اطلاع ڏيڻ جي اٿيو، لاڙڪاڻو ڇڏي وڃي ڪوٽڙيءَ پهتو. ڊاڪٽر اسلم مري اهو حوال اوهان لاءِ لکي رهيو آهي. ****** زمانا گذري ويا. علي بابا پوءِ ڇا ڇا ڪيو، ڪيئن ڪيو؟ ان جي خبر کيس ئي رهي، اها ڄاڻ وٽس ئي رهي. اسان وٽ هو هڪ اهڙي ناول ليکڪ طور دلين ۾ سانڍيل رهيو، جنهن کي عالمي ميلي ۾ دنيا جو ٽيون نمبر انعام مليو هو. ميزبان ۽ مهربان سنڌ جي غريب ترين اولاد جي معرفت سڄو پاڪستان نامور ٿي پيو هو. ******* هيءَ ڪجهه ورهيه اڳ جي ڳالهه آهي. گلشن حديد ۾ سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ڪهاڻيڪار محترم جمال ابڙي جي ورسي ملهائي وئي. اتي ڪيترا ئي اديب آيا. زمانن کان پوءِ علي بابا سان ملاقات ٿي. ان کي چيم ته ”مون سان فوٽو ڪڍائي“ هو ڪرسيءَ تي ويٺل رهيو. آئون سندس ساڄي پاسي کان ويهي رهيس. بدر ابڙو ۽ ٻيا ڪيترائي اديب ۽ دانشور مليا. علي بابا کي چيم ته، ڪجهه وقت ڪڍي ۽ پنهنجون ساروڻيون لکي. منهنجي ڳالهه ٻڌي چپ رهيو. اوچتو پڇيائين: ” ڪنهن جي لاءِ؟“ وري پاڻ ئي جملي کي سڌو ڪري، پنهنجي ئي سوال ۾ موجود زهر ۾ امرت ملائي پڇيائين ” ڪهڙي رسالي لاء؟“ مون کيس چيو ته .سنڌي ادب لاءِ“ مون کيس ڪوٺ ڏني ته هو ڪراچي ۾ آرٽس ڪائونسل ۾ جيڪڏهن اچي ته هن سان ڪا وڏي رهاڻ ڪجي. ماڻهن کي گڏ ڪجي ۽ سڄي ملڪ کي ٻڌائجي ته علي بابا ڪهڙو پورهيو ڪيو آهي. هن جيڪو چُپ جو روزو رکيو هو، ان کي ٽوڙڻ نه پئي چاهيو. هو چُپ ئي رهيو. اسان کي چُپ ئي ڇڏي ڏنو، ڇوته، اديب پنهنجي فڪري مانڌاڻ جي ڪري خبر ناهي ڇا ڇا سوچيندا رهن ٿا، ان ڪري انهن جي فڪري اُڏام ۾ خلل نه هجڻ گهرجي. ڳالهه آئي وئي. ******* آرٽس ڪائونسل ۾ اسان ۲۰۱۲ع ۾ سنڌ جي ٻئي غريب، خوددار، محنتي، اورچ ۽ شاندار اديب شمشيرالحيدري سان سندس جيئري رهاڻ ڪئي هئي. اها رهاڻ ويجهي ماضيءَ ۾ ڪنهن به اديب کي نصيب نه ٿي آهي. ايڏي عزت ڪنهن به اديب کي ان نموني نه ملي آهي، جيڪا شمشيرالحيدري کي ملي هئي، اهو مٿس احسان نه هيو، اهو هن جو ٿورو هيو، جو آيو، سرطان هوندي ويٺو. محبتون ونڊيائين. منهنجي ذهن ۾ اها رهاڻ تحت الشعور جي خاني Locker ۾ بند هوندي آهي ۽ جڏهن به ڪنهن شاندار اديب ۽ جاکوڙيءَ کي ڏسندو آهيان ته ان کي عرض ڪندو آهيان ته هو ”رهاڻ جي واسطي ٽائيم ڏئي“ ******* آرٽس ڪائونسل ۾ ٿيندڙ هفتيوار سنڌي ادبي سنگت جي ڪچهريءَ ۾ مون تجويز رکي ته علي بابا سان شام ملهائي وڃي. اتي موجود سنڌي ادب ۾ نقاد اڪبر لعاري ويٺو هيو، تنهن چيو ته . اول علي بابا کي تاريخ ڏجو، فنڪشن کان ٻه ڏينهن اڳ کيس ڪراچي ۾ قابو ڪري ويهارجو، نه ته، عين ٽائيم تي هو ”نه تو ڏٺو ، نه مون ڏٺو“ وانگر هليو ويندو. رڳو علي بابا جا چاهيندڙ هوندا، پر چاهت جو سامان غائب هوندو، ان ڪري اوهان سرت مان ڪم وٺجو. آئون علي بابا سان ڳالهائي ان سان طئي ڪري اوهان کي ٻڌائيندس“. اڪبر لغاري ڪا ڪوشش ڪئي، پر سرڪاري نوڪرين، بدلين ۽ هڪ شهر کان ٻئي شهر جي ڪري اسان علي بابا کي هٿ ڪري نه سگهياسين. ****** هڪ ڏينهن ڊاڪٽر مظهر مون کي فون تي چيو ته ”علي بابا جو به شاندار فنڪشن ٿيڻ گهرجي“ مون کيس چيو ته اسان تيار آهيون. اڌ ڪم ٿي ويو، باقي علي بابا راضي ڪري ڏيو. مون کي اڪبر لغاري جي ڳالهه ٻڌائي ته هن چيو ته ان ۾ ڪجهه جملا وڌيڪ وجهندا ته به سچ اهي، پر مان ان کي سوگهو ڪري ان رهاڻ ۾ آڻيندس. ۱۵ نومبر ۲۰۱۵ع تي، ڊاڪٽر مظهر علي بابا سان گڏجي آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ پهتو. هن سان گڏ شبير لاشاري هيو، جنهن جي گاڏي تي هو آيا هئا. انهن ٻنهي مون کي اهو ڪونه ٻڌايو ته اهي علي بابا جي ساڄي ۽ کاٻي ملائڪن وانگر هر وقت ساڻس گڏ آهن، پر علي بابا انهن ٻنهي جي ڳالهين کي وڌيڪ اهميت سان پئي ٻڌو ۽ هاڪار ڪيائين. مون کيس ٻڌايو ته، علي بابا جي رهاڻ ڪهڙي نموني ٿيڻ گهرجي؟ مون هن اڳيان سنڌ جا ڪيئي اديب ۽ پاڪستان خاص ڪري لاهور ۾ رهندڙ ناولسٽ ۽ انهن جا نالا رکيا ته هو جنهن جي لاءِ چوي انهن کي گهرائجي ته جيئن اهي علي بابا تي ڳالهائين. هن سڀني نالن تي منديئڙو پائي ڇڏيو. آئون هن کي ڏسندو رهيس. مون کيس چيو ته هو ئي ٻڌائي ته ڪير ڪير مٿس ڳالهائي؟ هن ڪجهه نالا کنيا ۽ پاڻ ئي انهن سان غيرحاضريءَ ۾ حجت ڪندي چيائين، ”انهن کي چئجو ته علي بابا چيو آهي، اهي لکي اچن يا ڳالهائين“ هن پهريان ٻه نالا شوڪت حسين شورو ۽ مدد علي سنڌيءَ جا اُچاريا. پوءِ، ادي مهتاب اڪبر راشديءَ جو نالو کنيائين. مون کانئس پڇيو ته ”ادي مهتاب محبوب؟“ هن ٺهه پهه وراڻيو ”منهنجي لاءِ رهاڻ جو ٻڌنڌي ته هلي ايندي، پر گهڻو بيمار آهي، کيس نه اچڻ گهرجي“. مون علي بابا کي چيو ته فلاڻا فلاڻا ادارا، انهن کي چئجي ته اهي شيلڊ کڻي اچن. اها ڳالهه ٻڌي مونکي معنا خيز نظرن سان ڏسي انتهائي ڪنجوسيءَ منجهان مرڪي چيائين ته؛ ”انهن کي منهنجو نياپو ڏجان ته اهي پاڻ کي شيلڊ ڏئي ڇڏين.“ مون سندس ناول ”موهن جو دڙو“ ٻيهر ڇاپڻ جي ڳالهه مس چوري ته هن ان جو جواب ڏيڻ بدران چيو؛ ”هڪڙو ٻيو ناول مون لکيو هو. اهو مون کان عبدالڪريم بلوچ ورتو هيو ته ڇپائيندو، پوءِ هو جلد گذاري ويو، آئون ٽپڙن ۾ اهو مسودو ڳولي توڏانهن موڪليان ٿو، اهو به ڇپائجانءِ!“ علي بابا اڳيان پيل چانهن ٺري ويئي هئي. مون نئين چانهن ٺاهڻ جو چيو. هن پڇيو ته گهر آيل کي ڪجهه کارائيندا به آهيو؟ مون تڪڙ ۾ هن جي لاءِ ڪجهه بسڪيٽ ۽ پيٽيز گهرايا. هن هڪڙي پيٽيز کي مس کائڻ شروع ڪيو، پر وري ان کي رکي ڳالهائڻ لڳو. ڪچهري پوري ڪرڻ کان سواءِ ٻن ڏينهن ۾ ناول آڻڻ يا موڪلڻ جو چئي هليو ويو. ****** مون شوڪت حسين. شوري، مدد علي سنڌي، ادي مهتاب کي لکڻ جو اطلاع ڏنو. انهن عليءَ جي فرمان اڳيان پنهنجا ڪنڌ ننوايا. مون انعام عباسيءَ کي ”موهن جو دڙو“ ناول ڪمپوز ڪرڻ جو چيو، جنهن ٽن ڏينهن ۾ ڪمپوز ڪري موڪليو. هفتو رکي، مون علي بابا ڏانهن فون ڪيو ته اهو بند هيو. مون علي بابا جي ٻنهي ملائڪن ڏانهن فون ڪيو، انهن حامي ڀري ته اهي علي بابا کي ڳولي ڦولهي وٺي ايندا يا مسودو کڻي ايندا. ٻن هفتن کان پوءِ، علي بابا سان فون تي ڳالهه ٿي. هن چيو ته مون مسودو نه ڳوليو آهي نه وري لڀندو. ٽائيم هجي ها ته ڳوليان ها. اوهان ”موهن جو دڙو“ ڇپائي ڇڏيو. ٻن مهينن کان پوءِ عليءَ جي ملائڪن چيو ته؛ ”هن کي ڳولڻ ڏکيو ڪم آهي، ڪوشش ڪريون ٿا، وڃي ٿو ته مائٽن کي به ٻڌائي نه ٿو وڃي.“ ****** تنهن ڏينهن، عوامي آواز جي رپورٽر وقار شر جي پڇا ڪرڻ تي مون علي بابا جي ٻنهي ملائڪن کي ننڊ مان اٿاري پڇيو ته؛ ”خبر آئي اهي ته علي بابا مري ويو.“ ٻنهي ننڊاکڙا ڇرڪ ڀريا. ملائڪ جاڳي پيا. پر علي بابا سمهي پيو هو. ******* آئون ۽ ڊاڪٽر قاسم راڄپر ڪوٽڙيءَ ۾ سندس جنازي ۾ شرڪت لاءِ ٺٽي رستي نڪري پياسي، مظهر ٽائيم ڏسيو هو. اقبال ملاح کي عوامي آواز ۽ آرٽس ڪائونسل پاران گلن جون چادرون ٺهرائڻ جو عرض ڪيم. قائدآباد وٽ اسان جي گاڏيءَ جا بريڪ فيل ٿي ويا. ڀرسان مستريءَ چيو ته گاڏي تي وڃڻ خطرو آهي. واپس آياسين. هن کي انتهائي سادگيءَ سان بقول مدد علي سنڌيءَ جي ته ”هڪ غريب جي جنازي ۾ ٿورڙا ماڻهو آيا هئا“ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. حالن احوالن مان خبر پيئي ته، رات جو کيس دست ٿيا هئا. هن جي بدن جو پاڻي سُڪي ويو هو. پاڻي کي کوٽ سبب جيئن سنڌ موهن جو دڙو بڻجي ويندي، تيئن جسم جي پاڻيءَ سڪڻ سبب موهن جي دڙي جو خالق مري ويو. ڪنهن کي به سڌ ڏيڻ کان سواءِ. ڪنهن جي به همدردي وٺڻ کان سواءِ هو مري ويو ۽ غريب جيئان دفنائجي ويو. عاليشان علي بابا ثريا ڪپري-آمريڪا مون اهو ٻڌو آهي ته اسي واري ڏهاڪي تائين سنڌي ڊراما ٺاهڻ وارن کي طعنا ملندا هئا ته اهي ته فقط ڏوهاري طبقي جي ترجماني ڪن ٿا. مٿان وري هنن کي گهٽ بجيٽ ملندي هئي ۽ هو ٽن ڪئميرائن بدران هڪ ڪئميرا سان ڪم ڪندا هئا. سنڌي اداڪار، هدايتڪار ۽ پروڊيوسر تڏهن به بهترين ڪم ڪندا هيا. جنهن پي ٽي ويءَ تان نشر ٿيندڙ اهي ڊراما مثال طور “ناٽڪ سڀا” جي سيريز، مزاحيه خاڪن وارو پروگرام “چهچٽو” ناهي ڏٺو، انهن کي خبر ئي ناهي ته هنن ڇا وڃايو آهي، ڇو ته اهي پروگرام محفوظ ناهن رهيا، اهو ان ڪري ته جنهن فلم (يا ريِل) تي هو فلمبند ٿيندا هيا اها وري هر هر استعمال ٿيندي هئي... سو شايد قدرت کي انهن ماڻهن کي اهو ٻڌائڻو هو ته ڪنهن تي ٺٺول نه ڪريو نه ته مان زورآور آهيان ۽ علي بابا جو قلم هليو ۽ هن جو لکيل ڊرامو “دُنگي منجھه درياءَ” (درياءَ منجھه ٻيڙي) جي نالي سان پي ٽي وي تان نشر ٿيو. هي منڇر ڍنڍ تي ٻيڙي ۾ گهر ٺاهي ويهندڙ سنڌي مهاڻن جي زندگي تي هيو جنهن ۾ حقيقت جا رنگ ڀرڻ لاءِ جيجي زرينا بلوچ پاڻ وڃي ٻه هفتا کن ٻيڙي تي رهي ۽ هنن جي ٻولي، طور طريقا سکي اچي اهڙي ته اداڪاري جا جوهر ڏيکاريائين جو جڏهن اهو ڊرامو جرمني جي ڊراما فيسٽيوَل ۾ پيش ٿيو ته ججن هن کي ٻيانوي ملڪن جي پيش ڪشن مان ٽيون نمبر ڏيئي ڇڏيو ۽ ان سان ملڪ اندر واڄٽ وڄي ويو. هي اهو زمانو هيو جو سنڌي چئنل ڪو نه هئا، نه ئي انگلش پروگرام وارا ڪئبل چئنل هيا. نه وري هندوستان جا ڪئبل اسٽار پلس وغيره هوندا هيا. پي ٽي وي هڪ ئي چئنل هيو ۽ ان تي روز هڪ سنڌي پروگرام ايندو هو جيڪو اڌ ڪلاڪ هلندو هو ۽ سنڌ جي اندر رهندڙ ماڻهن کي روز اهو چوڻو پوندو هو ته “ڪاش سنڌي پروگرامن جو وقت وڌي”. علي بابا جي ان بين اقوامي ايوارڊيافتا ڊرامي ۾ ڌاڻو نالي هڪ عورت جو رول هيو جيڪا مير بحر آهي ۽ منڇر ڍنڍ تي هڪ ٻيڙي جي اندر گهر ۾ رهي ٿي، ان جي اندر پچائي ٿي. هي هڪ لبرل عورت آهي جيڪا جڏهن ڪاوڙجي ٿي ته مردن کي سڌيون ٻڌائي ٿي. جيجي زرينا بلوچ محنت ڪئي ۽ علي بابا جي قلم مان نڪتل لفظن سان انصاف ڪيو، نتيجي ۾ جرمني جي شهر ميونخ جي ڊراما فئسٽيِوَل جا جج هن ڊرامي کي مڃتا ڏيڻ تي مجبور ٿي ويا. علي بابا سنڌ جي حقيقي ڪردران کي پردي تي آندو، سنڌ هڪ لبرل سوچ رکندڙ سر زمين آهي، هتي جا ماڻهو دولت جا پوڄاري ناهن، اسان وٽ ڪلاس سسٽم واري سوچ رکندڙن کي انسانيت کان عاري سمجهيو ويندو آهي، عورتن جي حقيقي معني ۾ عزت ڪئي ويندي آهي، يورپ جي معاشري جا جج اهو ڏسي حييران ٿي ويا ته هڪ ايشيائي عورت هينئن ٿي ڳالهائي ڇو ته هنن وٽ عورت کي اهو مقام اڃا به حاصل ناهي، خالي دعويٰ گهڻا ڪيا وڃن ٿا. صرف هي ڊرامو نه پر علي بابا جون ٻيون لکڻيون به ڏسڻ لائق آهن، جهڙوڪ سندس ناول موئن جو دڙو جنهن جي اندر هن جو منفرد انداز، لاجواب تصور ۽ شاعري جا شاهڪار نمونا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. مٿي ذڪر ڪيل ڊرامن کان علاوه هن ننڍيون ڪهاڻيون لکيون جن ۾ انهن ڪهاڻين جو مجموعو“ڌرتي ڌڪاڻا”، “لهندڙ سج جي لام”، “رڃ سڄو ئي رت ڦڙا”، “سند باد” ۽ “مسافر” وغيره شامل آهن. ان کان علاوه هن جا لکيل لازوال گيت به ٽي وي تي مشهور ٿيا جيڪو هن وقت مون کي هڪ ياد آ جيڪو پڻ جيجي زرينا جي سريلي آواز ۾ ڳايل آ، جنهن جا ٻول آهن ”اسين ماڻهو لاڙ جا، درياھ جي پاڇاڙ جا، اُترڙو ٿو لڳي“. هيترو ٽئلنٽ هوندي به هو مغرور نه ٿيو ۽ پنهنجي فن کي ڪيش ڪو نه ڪرايائين ۽ آخر تائين ايمانداري سان روزي ڪمائي ٻچن کي کارائيندو رهيو. هي اها لولي آهي جيڪا هر سنڌي ماءُ پنهنجي ٻچن کي ڏيندي آهي، دنيا جي خاطر آخرت جو سودو متان ڪجو، پئسن جي خاطر ضمير کي نه وڪڻجو. سو علي بابا به پنهنجو ضمير جو فيصلو مڃيندي ايئن ڪيو ۽ پنهنجي دُنگيءِ کي پار لڳائي نوجوان نسل لاءِ هڪ مثال قائم ڪري ويو. علي بابا جو پورٽريٽ ڊاڪٽر الطاف جوکيو منهنجي وڏي ڌيءُ اڄڪلهه انٽر انجنيئرنگ جي نتيجي واري اوسيئڙي ۾ رهڻ سبب پنهنجي ڀاءُ مهراڻ جوکيي جي ڏنل هدايتن هيٺ ويزئول آرٽ ۾ دلچسپي رکندي ڪجهه ڪم ڪرڻ شروع ڪيو آهي... آگسٽ ۰۸، علي بابا جي پهرين ورسيءَ جي نسبت، منهنجي آشا تي نور زهرا هيءُ پورٽريٽ، پينسل ۽ چار ڪول تي ٺاهيو آهي، جيڪو دوستن سان شيئر ڪجي ٿو... علي بابا بابت نند ڇڳاڻي لکي ٿو ته: اصلي نالو علي محمد، ادبي نالو علي بابا. سندس پتا جو نالو محمد يوسف بلوچ. ۱۹۴۰ع، ڪوٽڙيءَ ۾ سندس جنم ٿيو. سندس وڏا بلوچستان کان لڏي پهرين سيوهڻ، پوءِ ڪوٽڙيءَ ۾ رهيا. سندس پتا ڪوٽڙيءَ ۾ ريلوي ملازم هو. پاڻ ڇهه درجا انگريزي پڙهيو. پهرين ريلوي ۾ ڪلارڪ طور گهڙيو. هڪ سال نوڪري ڪيائين. پوءِ ٽيڪسٽائيل مل ۾ اسسٽنٽ مئنيجر طور ۴ سال گذاريائين. ۱۹۶۵ع کان لکڻ شروع ڪيو اٿائين. اڄ سوڌو قلم هلي ٿو. شايد سنڌ ۾ اهو ئي ليکڪ/ ساهتيڪار آهي، جنهن کي پنهنجي ڪمائيءَ جو وسيلو فقط قلم آهي. ادب سندس پيٽ ڀرڻ جو ذريعو آهي. ڪلاڪار جون گهرجون اتي ڪڏهن ڪڏهن فن سان انصاف ڪرڻ کان روڪين ٿيون. ٻيو رولڙو سندس نصيب ۾ لکيل آهي. ڪٿي به ٿر ٿانءِ نه ٿيو آهي. پنهنجي ڪتاب ”منهنجون ڪهاڻيون“ ڀاڱو پهريون ۾ لکي ٿو ’هر ليکڪ سٺو پاٺڪ به هوندو آهي. مون کي شيام جئسنگهاڻي وڻندو آهي. لعل پشپ وڌيڪ وڻندو آهي. گنو سامتاڻي، ايشور چندر ۽ موهن ڪلپنا وڻندا آهن. ائين ته وڻڻ جي ڪا انتها ئي ڪونهي، ائين جيئن چيخوف، اوهينري. مارڪيز مون کي چيخوف جيترو نه وڻندو آهي ۽ نه لعل پشپ جيترو... “ ”نسيم احمد کرل تمام وڏو ڪهاڻيڪار هو. جيئري عالماڻي جو به ڪو مٽ ڪين هو. اڃا هن ڪهاڻيون لکڻ ئي مس شروع ڪيون ته پاڻ ڪئنسر ڪهاڻي ٿي ويو. ساڳيءَ ريت ماڻڪ کي به موت جي پيئڻ بلا وقت کان اڳ پي وئي.“ ساڳئي لعل پشپ جو نائونمل ڪتاب پڙهي، ڏاڍي ڏکاري لهجي ۾ هن لکيو ’سنڌ جو درد ۽ بي خبر ماڻهو‘..... (سلسليوار سنديش ۲۰۰۶)” لعل پشپ تي لکيل اڀياس پڙهندي محسوس ٿيو ته لعل جي اندر ۾ به هڪ وياج خور واڻيو ويٺو آهي. جيڪو تاريخدان نه هوندي به تاريخي وياج وصول ڪرڻ ٿو چاهي ۽ پنهنجا ٻئي پير اُن گپ ۾ گپايو ويٺو آهي. سنڌ سڳوري ساري رُڃ ٿي ويئي. لعل پشپ جهڙا اٻوجهه ڏاها اديب جيڪي هيڏي وڏي ورهاڱي جي چوٽ کائڻ کان پوءِ به سنڌي هندو، سنڌي مسلمان جي چڪر مان ٻاهر نه نڪري سگهيا آهن. اسين سنڌ جا اديب روس، افغانستان، بينگال، ويٽنام، چين، عراق، چلي، فلسطين، گهانا بلڪ هر مظلوم لاءِ آواز اُٿاريندا آهيون، پر اسان لاءِ ڪنهن ملڪ جي اديب وٽ هڪ سٽ به نه هوندي آهي. سياستدان ته اڃا پري جي ڳالهه آهي..... اسين هينئر پنهنجي دولهه درياهه شاهه کي بچائڻ لاءِ بي هٿيار جنگ وڙهي رهيا آهيون. اسان کي ڪنهن جي به مدد ڪانه کپي. اسان کي ان ڳالهه جي پرواهه نه آهي ته ڪير اسان کي ڇا ٿو چئي ماري. اسان کي رڳو ايتري خبر آهي ته اسان حق تي آهيون. پنهنجي رب پاڪ پاران اسان جي ڦٽل نه هجي. باقي ڪير اسان جي نسل ڪشي ڇا ڪندو.“ علي بابا هڪ سٺو ناٽڪ ڪار ۽ ناول نويس به آهي. سندس ناٽڪ ”دنگيءَ منجهه درياهه“ ۱۹۸۱ع ۾ جرمنيءَ جي ناٽڪ واري ميلي ۾ ٽيون نمبر انعام کٽيو، جنهن ۾ هن سنڌو درياهه جي مهاڻن جو ذڪر ڪيو آهي. سندس ناول ”موهن جو دڙو“ ڪنهن مخزن ۾ قسطن ۾ هليل آهي. (بعد ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپجي چڪو آهي) هن جي لکڻيءَ ۾ ماحول، موضوع ۽ مسئلا گهڻو ڪري سنڌ جا آهن. هو جيڪي لکي ٿو، ڪنهن نه ڪنهن پسمنظر ۽ حقيقت تي مدار رکي ٿو. پنهنجن همعصرن کان بلڪل جدا، نرالو پر ناليوارو. هن جا ڪردار سامهون جيئرا انسان آهن. پڙهندي ڪڏهن همدردي ته ڪڏهن نظام (حڪومت) برخلاف نفرت جو ڀاؤ پيدا ٿيو پوي. ”سؤ رپيا نوٽ ماڻهو“ ڌرتيءَ ڌڪاڻا مان فقط ساڍا ڇهه پيج ڪهاڻي پڙهو. اڄ واري ٻوليءَ ۾ اُن کي سوپاري ڏيڻ – وٺڻ چوندا آهن. ڪهاڻيءَ جو مکه ڪردار ’ڀرام‘ سؤ رپيه نوٽ جو قائل ٿو ڏسجي. سؤ جو نوٽ وٺي ماڻهو ماريو ڇڏي.... ڪهاڻيءَ ۾ چست، تازا توانا، نوان ڊائلاگ، اُهو به اُنهن جي ٻوليءَ ۾.... سنڌ ۾ بدلي جي ڀاونا اڃا هلندي اچي.... ٿڃ پياڪ ٻار کي وات ۾ پستول جي گوليءَ سان مارائي چڱي خان کي پنهنجو اندر ٺارڻو آهي.... چڱي ردوبدل کان پوءِ سؤ روپين جو نوٽ ۽ پستول سيلنسر سوڌو چڱي خان کي وٺي، لوڊ ڪري ڀرام کيس ٻڌائي ٿو ته وڏيري رمضان کان مون سؤ روپيه ورتا آهن- چڱي خان جي ڀڀ ۾ سندس ئي پستول جي گولي هڻڻ لاءِ. ۽ لفٽ جو بٽڻ خوني کي ڳڙڪائي وڃي ٿو. سنڌ جي هڪ عالم، تاريخ نويس پير حسام الدين راشديءَ علي بابا کي ”سنڌ جي تاريخي عظمت بيان ڪندڙ“ ڪهاڻيڪار سڏيو آهي. تاج جويو لکي ٿو ته منهنجيءَ نظر ۾ هو ”سنڌ جي روح جو پارکو“ ڪهاڻيڪار آهي. تاج کيس امر جليل ۽ نسيم کرل کان پوءِ ٽيون نمبر بهترين ڪهاڻيڪار مڃي ٿو. نبض شناس، وقت جي نازڪ رڳ تي هن جا هٿ کپيل رهن ٿا ۽ دائما اثر ڇڏين ٿا. سندس ڪهاڻي ”ڪجلا تجلا ماڻهو“..... آمريڪن اسڪالر ليڊي سنڌ جا آرٽس ۽ ڪرافٽ ڏسڻ ٿي گهري. گائيڊ سڀ ڪجهه ڏيکاريندي سنڌ جي آرٽ ۽ ڪلچر کي ڄڻ پرٽي ڇڏي ٿو. موهن جي دڙي جي سڀيتا اکين آڏو آڻي بيهاري ٿو. سنڌ جي غريبيءَ جو تکو احساس ڪرائي ٿو. فراسن ٺاهڻ وارين عورتن جي مجبورين - جيڪي ڏينهن ۾ سورهن ڪلاڪ ڪم ڪري، اکين ۾ موتيو ٿيو پرائين. اُتي ڊاڪٽر جو نه هجڻ، پر پوءِ به اَملهه فراسين جو ٺهڻ ۽ آمريڪن ليڊي جو آڌرڀاءُ – حالتن انوسار اُن آمريڪن ليڊي کان زوردار اکر ٿا نڪرن ”او گاڊ! اِٽز ٽيريبل – اِٽز ٽارچرنگ!“ هر ڳوٺ، هر واهڻ ۾ آمريڪن ليڊيءَ کي ڌيءُ، ڀيڻ، نياڻي سمجهي ڳوٺاڻيون کيس خرچيون ٿيون ڏين ۽ اُهو سڀ ڏسندي گائيڊ همراهه پنهنجو معاوضو به نٿو وٺي ۽ کيس چوي ٿو، ”نو پيمينٽ – يو آر اِن ارٿ آف موهن جو دڙو.“ هن جي تحرير اهڙو آئينو آهي، جنهن منجهه ڪيترا مهانڊا ڏسي سگهجن ٿا. جتي نسيم کرل جهڙو ماڻهو ائين چوي ٿو ته ڪهاڻي لکڻ لاءِ رت ولوڙڻو پوي ٿو. ڪڏهن ٻه ٻه – ٽي ٽي مهينا لڳيو وڃن ۽ هو اُن لاءِ پنهنجون ڪهاڻيون ’ڪافر‘ ۽ ’چوٽيهون در‘ ٻڌائي ٿو، اُتي علي بابا چوي ٿو ته ڪهاڻيون پاڻمرادو لکجي وڃن ٿيون. ان مان سندس مشاهدي جي قوت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. پاڻ لکي ٿو ته ڪجهه نواڻ لاءِ جاکوڙ اُڌاري ورتل يا پاروٿي نه هوندي آهي. پنهنجي نرالي سوچ کي تخليق جو ڀرپور جوڀن ڏيڻ جي سگهه رکي ٿو. ”نسيم نسيم کرل کرل“ ۾ چيو اٿس، ”هڪ فنڪار کي کوجي لهڻ ڏاڍو اهکو آهي. فنڪار کي ڏسڻ لاءِ هن جي هاٺي ڪاٺي، کائڻ پيئڻ، پهرڻ، ماڻهن سان وڙاءُ سڀ بيڪار آهن. فنڪار جي کوج سندس فن مان لڳائي ويندي آهي، سندس رچنائن ۾، پر ماڻهوءَ جي اندر ۾ ڪيڏي ڇولان ڇول هوندي! ان لاءِ اسان ڪابه سائنسي ايجاد نه ڪري سگهيا آهيون. سڀ ايڪسري مشينون بيڪار آهن.“ مونکي ۱۹۸۷ع ۾ علي بابا سان گڏجڻ جو موقعو مليو. سنڌ الاجي ۾ نند جويري ۽ هري موٽواڻيءَ سان گڏ سنمان وارو جلسو هو. اُن کان هڪ سال اڳ مرحوم هري موٽواڻي ڪوٽڙيءَ مان هن جي گهران موٽي آيو هو. هي خانه بدوش کيس ڪونه گڏيو. هاڻي اُن وقت لاءِ معافي وٺندي، هريءَ کي چيائين ته منهنجي پتا کي خبر ئي ڪونه آهي ته هري ڪير ٿيندو آهي. مون کيس تنهنجو آدرستڪار نه ڪرڻ تي ڏاڍو ڳالهايو، پر ۱۹۹۵ع ۾ ”منهنجون ڪهاڻيون“ ڪتاب هن مرحوم پتا جي نالي ارپڻ ڪيو. تازو گوبند خوشحالاڻيءَ جي ناول کي هن ناٽڪ ۾ روپانتر ڪيو، جيڪو سنڌ ۾ ڏيکاريو ويو. گوبند کان علي بابا بابت ڪجهه ڄاڻڻ چاهيم. چيائين مون سان روبرو ڪڏهن به ملاقات ڪونه ٿي اٿس. دوستن جي معرفت ڪم ٿيو آهي. موهن ڪلپنا جي علي بابا سان لکپڙهه. ٻئي ڪوٽڙيءَ جا. علي بابا لکيس ته ڪوٽڙيءَ جي سنڌي پرائمري اسڪول ۾ منهنجي ڪلاس ۾ برابر هڪ موهن هو، جنهن جا گوبا پيا وهندا هئا. موهن جواب ڏنس ته علي نالي ڇوڪرو پنهنجي چولي سان منهنجا گوبا پيو اُگهندو هو.... پر موهن ڪلپنا ۱۹۳۰ع ۾ ڄاول آهي ۽ علي بابا ۱۹۴۰ع ۾ ڄاول آهي. ’ڌرتيءَ ڌڪاڻا‘ ڪتاب ۾ ٻيون سترهن ڪهاڻيون آهن. ٽائيٽل ڪهاڻي ڌرتيءَ ڌڪاڻا ورهاڱي جو درد کڻي هلي ٿي. رام پٽ ساوتري هنڱوراڻي جڏهن ماءُ جي گرڀ ۾ اڃا چئن مهينن جو هو ته ملڪ ٻه اڌ ٿي ويو. اڄ پرڏيهه مان موٽندي هو خاص اُن هوائي جهاز ۾ ٻيڻو ڀاڙو ڏئي سفر ڪري رهيو آهي، جيڪو انڊيا وايا ڪراچيءَ ويندو. کيس اِها ڄاڻ آهي ته ڪراچي ايئرپورٽ تي جهاز فقط ۴۵ منٽ ترسندو. ٽرانزٽ لائونج کان ٻاهر به نه وڃي سگهندو. ننڍڙي هوندي کان هن پيءُ ماءُ ۽ ناني واتان ور ور ڪيو، سنڌ – ڪراچيءَ جون الاهي ساريون ڳالهيون ٻڌيون. ماءُ کي اُن وقت ڳالهائيندي، هنجون هاريندي ڏٺو. چوندي هئس، رام، هي سياستدان سدائين پاڻ ۾ وڙهيو پيا پرچن. ڪڏهن ته پاسپورٽ کلندا، تون وڏو ٿين ته هڪ ڀيرو مونکي وطن جا وڻ ڏيکارجانءِ. آءٌ سنڌو ساگر جي پوڄا ڪندس. موهن جي دڙي کي سجدا ڪندس. شاهه تي پَڙ چاڙهيندس، نه ته منهنجي آتما ڀٽڪندي رهندي... ۽ هوءَ ايترو چوندي چوندي اچي سڏڪن ۾ پوندي هئي. ممبئي جي گيٽ آف انڊيا کي ڏسندي کيس ڪلاچي – ڪراچيءَ جو سنڌو ساگر سمونڊ ياد ايندو. هوءَ اهو به مڃڻ لاءِ تيار نه هوندي هئي ته هن کي عربي سمنڊ چوندا آهن. چوندي؛ راجا ڏاهر وقت به ڪو عربي سمنڊ هو ڇا؟ پاڻ اهو رام ور ور چوي ٿو ته آءٌ ڇا ڄاڻان وطن. آءٌ اُن جذبي کان ڪورو آهيان، خالي آهيان. آءٌ هڪ ڌرتيءَ ڌڪاڻو آهيان. ڪو ٿر ٿانءُ ڪونهي. ڪا ڌرتي، ڪو شهر، ڪو سُر سنگيت ڪونهي. مون کي ڪهڙي خبر شاهه جي سُرن جي. کيس ناني، جيڪا هاڻ وڏي ويشنو سڏائيندي آهي، زبان کي چشڪو ڏيئي چوندي هئي، ”اڙي، هل ڙي ڀيٽو، منهنجي ملڪ جو رڳو پلو کائي ڏسين ها ته هندستان جا ست طعام ڀلجي وڃين ها.“ هوءَ ڀلجي به پنهنجو وطن نه پر منهنجو وطن چوندي هئي. کيس اهو به سمجهه ۾ اچي ٿو ته ايئرپورٽ لائونج ۾ جي اهي ڳالهيون مليون به ته آءٌ اُنهن جو ساءُ – سواد – سونهن – رس رنگ اُن نموني ماڻي نه سگهندس جيئن منهنجي ماءُ محسوس ڪيو هو. ايئرپورٽ تي جهاز مان لهندي، هن جي من جي مونجهه – هوا جي جهونڪي لڳڻ سان ماءُ جي يادگيري ساريندي، پگهر ۾ شل ٿي وڃي ٿو. لائونج ۾ موهن جي دڙي جون تصويرون – سنڌي پينار ۽ اوٺين جون تصويرون – ڪئنٽين ۾ فقط پاڻيءَ جو گلاس، سنڌو جل لاءِ. اهي مڙيئي ڳالهيون ڏيئي، علي بابا جيئرو ڌرتيءَ ڌڪاڻيل ڪردار اکين آڏو ٿو بيهاري. اُن وقت جي پاڪستان جي حالت ڏسو، جو بوڪ اسٽال تان ڪوبه سنڌي ڪتاب کيس ڪونه ٿو ملي. کيس چوڻو پوي ٿو؛ ”يهان ڪي قومي زبان اڙدو هئه، يهان ڪوئي سنڌي ڪتاب نهين رکهتي....“ مهروان ممتاڻي ۽ ڀڳوان ڪپور جي ائبسٽرڪٽ مان سنڌي مهانڊا کيس بخوبي ياد ٿا اچن، پر هتي ته جيئرن انسانن مان ڪوبه سنڌي چهرو نظر نٿو اچي ۽ ائين رام پٽ ساوتري هنڱوراڻي واپس جهاز ۾ پنهنجو منهن لڪائي اچي سڏڪن ۾ پوي ٿو..... ڪهاڻيءَ ۾ ڪردار جي مزاج، جذبن ۽ لاڙن جو وڏو دخل آهي. قلم سندس چيو ڪري ٿو. جيڪو لکيو اٿس ڄڻ حقيقتن جي سؤ سيڪڙو ترجماني ڪئي اٿس. مشاهدي جي قوت قدرت کيس اڻ مئي ڏني آهي.... جيڪو پاڻ محسوس ڪري ٿو، اُن کي پوري شڪل به اهڙي ڏني اٿس، جو اهوئي تاثير پڙهندڙن جي پلئه پوي ٿو. ڪتاب ”ڌرتيءَ ڌڪاڻا“ اهڙي پر بهار ۽ رنگين شخصيت سان روشناس ڪرايو آهي، جنهن تي تحقيق ڪرڻ لاءِ وزندار سنڌي شخصيت گهرجي. سنڌ جي هڪ عالم، تاريخ نويس پير حسام الدين راشديءَ علي بابا کي ’سنڌ جي تاريخي عظمت بيان ڪندڙ‘ ڪهاڻيڪار سڏيو آهي. علي بابا، ۸ اگسٽ ۲۰۱۶ سومر ڏهاڙي وفات ڪري ويو. علي بابا سنڌ جو يگانو ليکڪ ۽ عظيم ڪهاڻيڪار ابراهيم لاشاري سونهاري سنڌ ڌرتي وقت به وقت ڪيترن ئي شاعرن، اديبن، ڪهاڻيڪارن ۽ اهل علم کي پنهنجي گود ۾ جنم پئي ڏنو آهي جيڪي پنهنجي ڪيل ڪمن جي ڪري سڄي دنيا منجهه سڃاتا وڃن ٿا ،اهڙن انسان منجهه سونهاري سنڌ جي ضلعي ڄامشوري جي شهر ڪوٽڙي ۾ علي بابا نالي شخص سال ۱۹۴۰ع ڌاري محمد رمضان رند بلوچ جي گهر کان پنهنجي زندگي جوسفر شروع ڪيو. سندس ڇٽيءَ جو نالو علي محمد رکيو ويو. علي محمد اڳتي هلي (علي بابا) جي نالي سان سڃاتو ويو ۽ مشهور پڻ ٿيو. علي بابا جا وڏڙا اصل بلوچستان صوبي منجهان اوڻيهين صدي ۾ لڏي اچي سيوهڻ شهر ۾ جهوپڙي اڏي اچي ويٺا ،علي بابا جو والد صاحب پڙهيل لکيل ۽ ريلوي کاتي ۾ شنٽنگ پائلٽ طور ملازم پڻ هو .علي بابا کي والد ڪوٽڙي شهر جي نانگو لائين ميونسپل اسڪول ۾ ڦرهي هٿ ۾ ڏئي داخل ڪرايو ، جتان هن پرائمري تعليم جا پنج درجا پاس ڪري وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ شيردل خان هاءِ اسڪول ڪوٽڙي ۾ داخل ٿيو. علي بابا جڏهن مئٽرڪ جو امتحان ڏئي رهيو هو ته امتحان هال منجهه هڪ هڪ ٻار (ڇوڪر) کي علي بابا گهٽ وڌ ڳالهايو (ڀونڊو) ڏنائين جنهن جي ڪري سندس استاد قاضي يار محمد امتحان هال منجهان کيس ڪڍي ڇڏيو، تنهن کان پوءِ علي بابا اسڪول وڃڻ ئي ڇڏي ڏنو. علي بابا پنهنجي والد صاحب جي ڪرت جيان هن به پهريان ريلوي کاتي ۾ ڪلارڪ طور ملازمت اختيار ڪئي، مسلسل ست سال کن هو ڪلارڪي جا فرض سرانجام ڏيندو رهيو. تنهن بعد علي محمد رند (علي بابا) هڪ ٽيڪسٽائيل مل ۾ اسٽنٽ مئنيجر طور ڪم ڪيو. سال ۱۹۶۵ع کانپوءِ علي بابا نوڪري منجهان هٿ ڪڍي آجو ٿي لکڻ پڙهڻ کي اچي ورتائين، بس هاڻ لکڻ پڙهڻ ئي علي بابا جو گذر سفر جو ذريعو بڻجي ويو .علي بابا جون شروع شروع ۾ ڪهاڻيون، شمشيرالحيدري (نئين زندگي) رسالي ۾ ۱۹۶۵ع ڌاري ڇپيون. علي بابا سنڌي ٻولي جو اهو پورهيت اديب هو جنهن هميشه سچائي سان پورهيو ڪيو. علي بابا سنڌ جي چپي چپي کي پرين جو شهر سمجهي گهميو. حساس دل جو هي عظيم اربيلو مست الست ڪهاڻيڪار سنڌ جي حسن ڏسندي ڪڏهن به نه ٿڪو. سنڌ هن لاءِ سونهن ۽ حسن جو باڪمال نمونو آهي. هن جي ڪهاڻين منجهه سنڌ جي ثقافت ۽ لاجواب ٻولي جو جهجو استعمال پڻ آهي، هن پنهنجي سموري زندگي ۾ ريڊيو، ٽي وي، لاءِ ئي ڊراما لکيا جيڪي تمام گهڻا مشهور ٿيا. علي بابا کي ڊراما لکڻ جو وڏو ڏانءُ هو. هن جي هڪ ٽي وي ڊرامي (دنگي منجهه درياهه ۱۹۷۶) کي ميونخ جرمني جي شهر جي بين الاقوامي ميلي منجهه (ٽيون نمبر) حاصل ٿيو هن ميلي منجهه دنيا جي ۹۷ ملڪن حصو ورتو هو. هي پاڪستان جو پهريون ڊرامو هو جنهن کي بين الاقوامي ايوارڊ سان نوازيو ويو. اهڙي طرح هن جي ٻين ڊرامن کي پاڪستان ٽيليويزن ڊرامي (عڪس ۽ اولڙا) کي پڻ ايوارڊ سان نوازيو ويو علي بابا ڊرامانگار کان سواءِ ناول نگار ، افسانه نگار جي حيثيت سان پاڻ مڃرائي چڪو آهي، سندس ڪيترائي ڪتاب پڻ شايع ٿي چڪا آهن . علي بابا جو هڪ ناول (موهن جو دڙو) مسلسل قسطوار ڇپجندو رهيو آهي، هي ناول وڏي مقبوليت پڻ ماڻي چڪو آهي علي بابا هن وقت تائين سنڌي ادب کي لڳ ڀڳ ٽي سئو کان مٿي ڪهاڻيون ڏنيون، سندس لکيل ڪهاڻين جي ڪتابن ۾ ڌرتي ڌڪاڻا، لهندڙ سج جي لام، رڻ سڃوئي رت ڦڙا، آيل ڙي اولاڻا، منهنجون ڪهاڻيون، سنڌباد جو سفر ۽ ناولن جي ڪتاب ۾ مسافر ۽ موهن جو ڌڙو اچي وڃن ٿا. ان کان علاوه علي بابا ٽيلي ڊراما، فلم اسٽوريون ۽ اسٽيج ڊراما پڻ ڏنا آهن، علي بابا جي پهريون ڪهاڻين جو مجموعو (ڌرتي ڌڪاڻا) سال ۱۹۸۳ع ڌاري ڇپيو، جنهن جو مهاڳ-نما مضمون ۾ سنڌ جو ناليوارو براڊڪاسٽر، اديب پيارو انسان محترم نصير مرزا صاحب لکي ٿو ته: پهرين ڪهاڻي کان آخري ڪهاڻي تائين جي ارتقا جو ساٿ ڏيندي، مسلسل نئون علي بابا جنم وٺندو رهيو آهي. ان مجموعي منجهه علي بابا جون ارڙهن ڪهاڻيون شامل هيون، سندس ڪتاب (ڌرتي ڌڪاڻا) تي کيس سگا پاران ايوارڊ پڻ مليو هو ۽ هڪ هزار رپيا پڻ ۽ سنڌ الاجي طرفان پڻ کيس ايوارڊ ڏنو ويو هو ان کانسواءِ علي بابا کي مڃتا طور کيس مليل ايوارڊن ۾ شاهه لطيف ايوارڊ، ڊرامئٽيڪ سوسائٽي پاران گولڊ ميڊل ۽ پاڪستان سرڪار پاران مليل صدارتي ايوارڊ پڻ شامل آهن، علي بابا سنڌ جو اربيلو، سنڌ جو يگانو نثر نويس، افسانا نگار، ناٽڪ نگار، ۽ ناول نگار ۽ ڪهاڻيڪار پنهنجي زماني جو هي نرالو ۽ منفرد ليکڪ علي بابا ڪراچي جي گلشن اقبال واري علائقي ۾ پنهنجي ڀائٽي محمد رفيق رند بلوچ جي گهر ۾ترسيل هو ته اوچتو سندس کي دل جي تڪليف ٿئي پئي هن عظيم اديب علي با با کي ترت اسپتال ته پهچايو. ويو مگر زندگيءَ سندس ساٿ نه ڏنو اهڙي طرح هي سنڌ جو يگانو اديب ۸ آگسٽ سومر ڏينهن سوين اديبن، دوستن ۽ پنهنجي گهر واري ۵ نياڻين ۽ هڪ پٽ کي سوڳ ۾ ڇڏي زندگي جا ۸۰سال ۷ مهينا گذاري هميشه هميشه لائي راهه رباني ٿي ويو. سندس مڙهه کي ڪراچي کان منتقل ڪري ڪوٽڙي ڀرسان سندس اباڻي ڳوٺ محمد يوسف بلوچ آڻي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، سندس ڪيل ادبي پورهيو صدين تائين ياد رهندو سندس اڄ ۸ آگسٽ تي هن اربيلي يگاڻي ڪهاڻيڪار، اديب جي پهرين ورسي ملهائي ويندي. علي بابا فقير صفت آصف رزاق عمراڻي علي محمد ولد محمد رمضان بلوچ ۱۹۴۰ع ۾ ڪوٽڙي ضلع دادو ۾ڄائو، سندس اصل نالو علي محمد پر پوءِ ادبي نالي علي بابا سان مشهور ٿيو، علي بابا جو والد جيڪو ريلوي ۾ ملازم هو، علي بابا پنهنجي شروعاتي تعليم ڪوٽڙي مان حاصل ڪئي، علي بابا ڪيتريون ئي نوڪريون ڪيون سندن حساس طبعيت جي ڪري هن کي انهن نوڪرين کي ڇڏڻو پيو پر ڪڏهن به نا اميد نه ٿيو هميشه پنهنجن اصولن تي قائم رهڻ ڪڏهن به پنهنجي موقف تان هٿ نه کنيائين چيو ٿو وڃي علي بابا هڪ دور جنهن جي پڃاڻي ڪڏهن! ڪڏهن به نه سادو صوفي منش هميشه ڪنهن خيال ۾ ڪنهن فڪر ۾ گم هر وقت اندر جي ان انسان کي جاڳ ۾ رکڻ وارو ڌرتي جي ذري ذري کي سوچڻ سمجهڻ پرکڻ وارو هن جي خيالن جي اڏام ته هماليا جي اونچائي کان به مٿانهين هئي، ارڏائي ۾ سڀني کان اتانهون جستجو ۾ به سڀني کان اڳرو وري نرم ته ڪنهن جي ننڍڙي ڏک به هن جي اندر جي تارن کي ته ٽوڙيو ٿي پر دل به ڦسي ٿي پيس هميشه ڪجهه ڪرڻ جي جستجو ائين چئجي ته هو رولاڪ هو، پنهنجي مستي ۾ مگن پنهنجي ذات ۾ ڪي وڏا راز رکندڙ هو، هن جي سوچ ۾ ٽهڪ هوا ته ڏک به هوا هر طرح کان هڪ مڪمل ۽ سچو سادو صوفي منش هو ڪڏهن به نه جهڪڻ هن جي فطرت جو اهڃاڻ هو ۽ ان اهڃاڻي ڪيفيت جو به هن سان عشق هو، وقت جي ڏاڍ ڏمر هن کي ٿڪائڻ جا ڪيترا ئي جتن ڪيا، هن تي ڪيترا ئي حملا ڪيا، پر هن وقت جي ڪاريهر کي منڍي مان وٺي مروڙي ٿي ڇڏيو، لکندي لکندي گم ٿي ويندڙ محسوس ٿي ٿيو ته ڄڻ ڪو رب هن سان مخاطب آهي. هن جي اندر ۾ نه ڪا ٻيائي، هر ڳالهه سڌي منهن تي چوڻ ۾ ڪڏهن به نه ڪيٻائيندو هو ۽ تڏهن ئي چوندو هو ته مان هڪ اهڙو ته سٺو پٽ آهيان جو پنهنجي ماءُ کي پنهنجي موت جي وڇوڙي جو صدمو نه ڏنم حيدرآباد کان ڪوٽڙي ۽ ڪوٽڙي کان حيدرآباد جي سفر دوران هن فقير منش ماڻهو سان ڪجهه گهڙيون گهارڻ عيوض ڪجهه اهڙا پروانا فدا هئا، جو سندس سان ڪچهري جي ڪري گڏ سفر ڪندا هئا، منهنجو اهو يقين آهي ته علي بابا سائين هڪ درويش هو ڇو جو هن وٽ مير نه هو هن سنهڙي هاٺي، واري ماڻهو وٽ قرب جي ديوي جو واس هو، جنهن سان هو پيو ماڻهن جي دلين کي کٽيندو هو هن جي ڪيل ادبي خدمتن کي ساڻيهه جا ماروئڙا ڪڏهن به قرض طور لاهي نه سگهندا هن ته ڌرتي ماءُ سان جيڪو پيچ پاتو ۽ واعدو نڀائي ڌرتي ماءُ جي ٿڃ جو قرض لاهي راهي رباني ٿيو هيءُ هن دنيا جو ته هو ئي ڪونه هن دنيا سان هن جو ٺاهه گھٽ هو ڇو جو هن کي اها اڻتڻ هئي ته پنهنجي گھر واري بختاور عرف بگو سان ملان ۽ اها خواهش هن جي ضرور پوري ٿي هوندي، هن درويش سان ڪيترن ئي ماڻهن جي انسيت هئي پر هن درويش ڪڏهن به ڪنهن کان ڪا التجا نه ڪئي هو پنهنجي پاڻ ملهائي تاريخ ۾ امر ٿي ويو سندس گھٽ تعليم هوندي به دنگي منجهه درياهه جرمني جي شهر ميونخ ۾ ڊرامن جي عالمي ميلي ۾ ايوارڊ حاصل ڪرڻ هن لاءِ خاص ڪري سنڌ لاءِ وڏو اعزاز آهي، سندس ناول موهن جو دڙو سنڌي ادب ۾ هڪ شاهڪار ناول جي حثيت رکي ٿو سندس چواڻي ته مونکي ٻاليشاهي ڊرامو ٿو وڻي ڇو جو ان ۾ هيٺِئين سطح جي ماڻهن جو عڪس چٽيو هئائين، هن کي سماج جي انهي طبقي سان انسيت هوندي هئي، جن کي اسان وٽ ڪا اهميت ئي نه آهي ڇو جو هو هو ئي درويش فقير ان ڪري ئي هن کي سماج جي پٺتي پيل طبقي سان محبت هئي سندس ڪهاڻيون ”آيل ڙي اولاڻا“ ”ڌرتي ڌڪاڻا“ ”چنڊ ۽ ماني“، مان ۽ ڪهاڻي ۾ جيئن چوي ٿو ته: مان سٺو ڪهاڻيڪار آهيان ؟ مان اگهاڙو ڪهاڻيڪار آهيان؟ مان ڪهاڻيءَ ۾ عورت کي ذليل ڪندو آهيان؟ ڇا مونکان پاڻمرادو ڪجهه لازوال ڪهاڻيون لکجي ويون آهن ؟ يا منهنجيون ڪهاڻيون پنهنجي وقت سان پنهنجي فنا کي پهچي وينديون انهن ۾ ڪا دائميت ڪانهي؟ اهڙا ڪئي سوال منهنجي ذهن ۾ٻڏندا ترندا رهندا آهن مون ڪڏهن به هڪ ڪهاڻيڪار جيان سنجيدگيءَ سان انهن تي غور نه ڪيو آهي نه ئي مان پنهنجي لاءِمها ڪهاڻيڪار جي چتي لڳائڻ يا ليبل چنبڙائڻ لاءِ تيار آهيان ته علي بابا جي سوچ ٻين ليکڪن کان مڪمل طرح سان مختلف آهي، پاڻ سوال ٿا ڪن ۽ وري پاڻ پنهنجي پاڻ کي دنيا جي واهه واهه کان به پري رکن ٿا ته هڪ اهڙو ليکڪ جنهن کي نه وڏائي نه وري هٺ ته ان مان محسوس ٿئي ٿو ته اهي ادبي خدمتون هن جي اندر جو آواز ثابت ٿيون سندس هڪ ڪهاڻي ڪارونجهر جو قيدي ۾، “تنهنجو نالو؟” اهو ڪيپٽن تروٽ جو پهريون سوال هو. “روپلو” “ٽون ڪنهن جي زور تي وڙهي رهيو هئين؟ “هر ماڻهو پنهنجي طاقتور ٻانهن جي زور تي وڙهندو آهي” “مونجو مٽلب آ، تنهنجو پشٽ پناهه ۽ اڳواڻ ڪير آ؟ “ڪارونجهر جبل” ”ٽون ڇالاءِ وڙهي رهيو هئين؟” “آئون پنهنجي پهاڙ، پنهنجي ڌرتي لاءِ وڙهي رهيو آهيان ” “ٽوکي خبر آ ان جي سزا ڇا آهي؟” ”ها وڌ ۾ وڌ موت“ ته روپي جي بهادري جو عڪس علي بابا جي لفظن جي مٿانهين اڏار کي ظاهر ٿو ڪري ۽ هن جي ڪيل قلمي پورهئي هن جو ڳاٽ اونچو ڪيو آهي سندس ناول سندباد به هڪ بهترين ناول آهي پاڻ هن دنيا ۾ ڄڻ ته ڪو قيد هئا ۽ هن قيد مان آزاد ٿي هن حقيقي دنيا جتي نه ڪا ذات پات ننڍ وڏائي برابري محبت جنهن جي هن کي تمنا هئي اتي پهچي ويا پر پاڻ نڀائي ويا هاڻي ڌرتي ڌڻين تي آهي ته سندس شاهڪار قلمي پورهئي سان ڪيئن ٿا نڀائين علي بابا هن دنيا ۾ ناهي پر سندن سوچ فڪر ۽ انهن جون عادتون اپنائڻ ۽ان جهڙي شخصيت جو اثر وٺڻ جهڙيون ڪوششون گهڻا تڻا ڪن پيا پر علي بابا هڪ ئي هو ۽ هڪ ئي رهندو .... علي بابا موھن جي دڙي مان لڏي آيل ماڻھو شوڪت ميمڻ ٿي سگهي ٿو ته هن جي ورسيءَ جي تاريخ کان هڪ ڏينهن اڳ اخباري دفتر ۾ ويٺل ادبي ذوق واري ڪنهن سب ايڊيٽر ڪوٽڙيءَ جي نمائندي کي فون ڪري چيو هجي، “اٺين تاريخ تي علي بابا جي ورسيءَ جي حوالي سان ڪا رپورٽ ٺاهي موڪل” ۽ علي بابا جي شهر ڪوٽڙيءَ جي نمائندي پنهنجي موڪليل رپورٽ ۾ لکيو هوندو، “ورسيءَ واري ڏينهن تي عظيم ڪهاڻيڪار علي بابا کي ثقافت کاتي سميت سڀني وساري ڇڏيو.” جڏھن سندس ورسيءَ وارو ڏينهن خاموشيءَ سان گذري ويندو تڏھن ٿي سگهي ٿو ته ٻيڙيءَ جي شڪل جهڙي قبر مان ڪنڌ کڻي هُو هڪ نظر سنڌ تي ڦيرائي، سمونڊ ۾ ڀٽڪي ويل ان ناکئي وانگر جنهن کي سج لهڻ واري وقت پري پري تائين ڪابه پَهِرَ نظر نه ايندي هجي ۽ پوءِ هُن جي روح جو آواز پنج هزار سال پراڻي دور سان پڙاڏي وانگر وڃي ملي. ڇا انڊس اسڪرپٽ پڙھڻ جا جتن ڪندڙ محقق اهو ٻڌائي سگهندا ته اڄ کان هزارين سال پوءِ موهن جي دڙي جي هڪ ماڻھوءَ جي اها دانهن پڙاڏو بڻجي خلا ۾ گڏ ٿيل آوازن مان الڳ ٿي ان دور جي محققن کي سمجھ ۾ اچي سگهندي؟ انساني آوازن کي الڳ ڪري سگهڻ جي صلاحيت رکڻ وارن ان دور جي روبوٽن جهڙا انسان ڇا علي بابا جي ان دانهن جو درد محسوس ڪري سگهندا جنهن ۾ سندس ورسيءَ واري ڏينهن تي ڪشتيءَ جهڙي قبر مان ڪنڌ کڻي هن جي روح رڙ ڪري چيو هو، “توهان جي ياد ڪرڻ يا وسارڻ جي مون کي ڪا پرواه ڪانهي ۽ توهين ڪير ٿيندا آهيو مون کي سارڻ ۽ وسارڻ وارا، وڃو، مون پاڻ اوهان کي وساري ڇڏيو آهي!” ملڪ جي سڀ کان وڏي ايوارڊ کي لت هڻي آخري ايامن ۾ ڪسمپرسيءَ واري زندگي گذارڻ واري البيلي انسان علي بابا جي ورسيءَ واري ڏينهن تي ثقافت کاتو کيس ساري يا نه ساري پر ڪوٽڙي شهر جي پاسي تي، بند جي ڀرسان سئو سالن کان جهوپڙين ۾ رهندڙ ٻاليشاهين جو چڱو مڙس اڄ به کيس ساري ٿو، “علي بابا اسان جي ٻارن لاءِ شيون وٺي ايندو هو ۽ انهن سان گڏجي راند ڪندو هو.” لالو شڪاريءَ مان سڄڻ شيخ ٿي ويل پيرسن اڌ اگهاڙن ٻارن ڏانهن ڏسندي چوي ٿو. هن چيو، “پوءِ هڪ ڏينهن هُو ڪراچيءَ مان دوربينن وارا ماڻھو وٺي آيو جن اسان تي ڊرامو ٺاهيو.” لالو شڪاري علي بابا جي لکيل ڊرامي “ٻاليشاهي” کي ڪوٽڙيءَ جي حاجي هوٽل تي رکيل هِٽاچيءَ جي ٽنگن واري ٽي ويءَ تي ڏسي هڪ دفعي روئي به پيو هو ۽ لالو شڪاري علي بابا جون ساروڻيون ساريندي به روئي پيو هو. هن چيو، “علي بابا کي بلوچن جي ٻارن کان به وڌيڪ ٻاليشاهي جي ٻارن سان پيار هوندو هو.” ڪوٽڙيءَ وٽان درياھ جي ڪناري تي انگريزن جي ڀڳل جهاز جي ڊيڪ تي ويهي ويهن روپين واري مهانگي پين سان هڪ دفعي هن لکيو، “اوچتو ئي اوچتو رِڻ گجيو، راڙو ٿيو، ڍڳو ٽُٽو، واٽھڙو ڊيھو ڀري جاڳي پيو، رات جي نوائيءَ ۾ ھڪ ڀيانڪ رڙ ڌرتيءَ کي ڏاريندي، انگاس چڙھي وئي، ۽ ان سان گڏ ئي ڪيئي ڀيانڪ آوازن جو پڙاڏو پيدا ٿي ويو ڄڻ ھڪ وقت ڪيئي بدروح ڌرتيءَ تي لھي واويلا مچائي رھيا ھئا. سارو اونداھو وايو منڊل اھڙو ته ڀيانڪ ۽ پراسرار ٿي ويو جو وڻ ٻوٽا ڀوت بڻجي کائڻ لاءِ ڊوڙي رھيا ھئا. واٽھڙو وائڙو ٿيو، ھيڏانھن ھوڏانھن نھاري رھيو ھو ته ڇا جو ھُل ھلاچو آھي. ان ئي پٽي تي ان ئي پير تي ھڪ ٻي گھٽيل، سنھي، دل ڏاريندڙ ريھه اڀري ۽ ڀيانڪ آواز جي پڙاڏي ۾ ٻڏي ويئي.” پنج هزار سال پراڻي دور کي دل جي دُوربينيءَ سان ڏسڻ جي اها اک علي بابا کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي ٿي سگهي ٿي؟ ڪوٽڙيءَ جي ادبي ذوق رکندڙ استاد سائين منظور پنهور جي دبئي ۾ ويٺل دوست موهن لال ڪوٽائيءَ کي ڪهڙي خبر ته موهن ڪلپنا جي وڇڙڻ جو سڀ کان گھڻو سُور ڪنهن کي ٿيو هو؟ اهو موهن ڪلپنا جنهن “بک، عشق ۽ ادب” ۾ هڪ هنڌ لکيو، “جھاز ھليو ۽ مان آھستي آھستي سنڌ جي ڌرتيءَ کان پري ٿيندو ويس، سڀ ته ياد اٿم، خيال آيم ته ھوا جو جُھوٽو بڻجي وڃان ۽ سنڌ جي زمين، مڪانن ۽ ماڻھن کي چمڻ شروع ڪريان ۽ ڪتو ٿي وڃان، سنڌ جي رستن تي ھلڻ شروع ڪريان. ڀنگي ٿيان ۽ سنڌ جي زمين تي ٻھاري ڏئي ان جي مٽيءَ سان سنانَ ڪريان، شايد چيز جو قدر وڃائڻ مھل پائبو آھي.” پر علي بابا جي وڃڻ کان پوءِ به سندس قدر ڪري نه سگهندڙ قوم کي ڪهڙي ڪَلَ ته خدا جي بستيءَ واري قبرستان ۾ ڪشتيءَ جهڙي ننڍڙي قبر ۾ ستل انسان جو قد ڪيڏو وڏو آهي! الطاف شيخ هڪ هنڌ لکيو، سڪندر اعظم جي قبر جي ڪتبي تي لکيل ھو، “ساڍن پنجن فوٽن جي هن قبر ۾ اهو انسان ستل آهي جنهن کي سڄي دنيا ننڍڙي لڳندي هئي!” ڇا اها عبارت علي بابا جي قبر واري ڪتبي لاءِ موزون نٿي لڳي؟ ميلا مچائيندڙ سنڌ جي ثقافت کاتي کي علي بابا کي وسارڻ جي ميار ڏيڻ ان ڪري به مناسب ناهي جو علي بابا اهو خوددار انسان هو جنهن ملڪ جي سڀ کان مهانگي ۽ وڏي ايوارڊ کي ان وقت لت هڻي ڇڏي هئي جڏهن وٽس ڪوٽڙيءَ کان حيدرآباد اچڻ لاءِ سوزوڪيءَ جو ڀاڙو به نه هوندو هو. علي بابا اهو خوددار انسان هو، جنهن پنهنجي نوجوان پٽ کي آهستي آهستي پنهنجي اکين اڳيان مرندي ڏٺو پر سرڪار کان سهائتا جي خيرات ڪونه گهري. وقت جا پادري هن تي ٽهڪ ڏيندا رهيا ۽ علي بابا جڏھن بي حسيءَ جي بازار ۾ صليب تي لٽڪايو ويو تڏھن ڪنهن به طوائف کيس ٿڌي پاڻيءَ جو گلاس ڪونه آڇيو. علي بابا جو اڄوڪي اٺين تاريخ تي ورسيءَ جو ڏينهن آهي، اڄ کان ٻه ڏينهن اڳ واري تاريخ تي چوهتر سال اڳ هيروشيما تي پهريون ائٽم بم ڪريو. تاريخن جي تاريخ ۾ وڏي اهميت هجي ٿي، اڄوڪي تاريخ تي علامه آءِ آءِ قاضي ۽ ماٺيڻي اوٺي وانگر ماٺ ميٺ ۾ هالن پراڻن جي البيلي نوجوان عرفان مهديءَ المنظر وٽان پاڻ کي سنڌوءَ جي لهرن حوالي ڪري ڇڏيو هو ۽ سڀاڻڪي تاريخ تي وري ٽارچر سيلن ۾ ساه ڏيندڙ نذير عباسيءَ کي ساريو ويندو، پريهن ڪنهن ٻئي جي ورسي ملهائي ويندي.ڌرتيءَ ڌڪاڻا” جهڙي ڪتاب جي ليکڪ علي بابا سئو کان مٿي سنڌي ڊراما لکيا. گدو بندر واري چرين جي اسپتال جي صفا سامهون ڪوٽڙيءَ جي سنڌو ڪناري تي شِوِ مندر جي ٿلهي تي ۽ انگريزن جي ٻڏل جهاز جي ڊيڪ تي ويهي لکيل سندس ناول “موهن جو دڙو” جو ٻيو حصو هُو لکي نه سگهيو، ان ڪري انڊس اسڪرپٽ جهڙيون پنج هزار سال پراڻيون موهن جي دڙي جون ڪيئي مبهم ڪهاڻيون علي بابا سان گڏ ڪوٽڙيءَ واري قبرستان جي ڪَشتيءَ واري قبر ۾ دفن ٿي ويون. (روزاني پنھنجي اخبار، بتاريخ ۹ آگسٽ ۲۰۱۹ع) علي بابا تون ڇو هليو وئين! ثريا مخدوم سنڌ جو مان، سنڌ جو شان، سنڌ جي جان، سنڌ جي سونهن، سنڌ جي سڃاڻپ، سنڌ جي عظمت جو اهڄاڻ، سنڌ جو ارڏو پٽ، سنڌ جو درد دل ۾ سمائيندڙ، سنڌ جو منفرد ۽ سنڌي ادب جي سڀ کان مهان ليکڪن مان هڪ، ”دَنگي منجهه درياهه“ جهڙي املهه تخليق جو خالق، جنهن جرمنيءَ ۾ انعام حاصل ڪري، سنڌي ڊراما جي بين الاقوامي سطح تي ساک ڄمائي؛ ناول ”موهن جو دڙو“ جو خالق؛ ”ڌرتيءَ ڌڪاڻا“ ۽ ٻين اڪيچار لافاني ڪهاڻين جو ليکڪ، بي انتها اعلي تخليقي ذهن رکندڙ، علم، ادب ۽ عقل جو ڀنـڊار؛ اعليٰ اصولن جو مالڪ ۽ انهن جي پوئواري ڪندڙ، هر قسم جي لوڀ ۽ لالچ کان مٿاهون، دنيا ۾ رهندي به دنيا جي موهه کان آجو، آمرن جا آڇيل انعام ۽ تغما ٿڏيندڙ، حق ۽سچ جو علمبردار، ڏتڙيل انسانن جو هڏ ڏوکي، بيحد سادو ۽ سلڇڻو، مخلص دوست، بي انتها وڻندڙ شخصيت رکندڙ، ڪنهن کي به ڪو به نقصان نه پهچائيندڙ، خود داريءَ جو پُتلو، نياز ۽ نِوِڙت جو مجسمو، ٻارن جيان معصوم ۽ وڏن جيان سڄاڻ، ميلي ۾ اڪيلو ۽ اڪيلائيءَ ۾ پنهنجو پاڻ ۾ مست، ڏک سک ۾ خوش رهندڙ، شاعرن جي سرتاج شاهه عبدالطيف ڀٽائي جو جکرو: ”جکري جهڙو جوان ڏسان نه ڪو ڏيهه ۾ .....“، دروييش صفت انسان علي بابا، ۸ آگسٽ ۲۰۱۶ تي اسان کان هميشا هميشا لاءِ جدا ٿي ويو. اهو ڇو ٿيو. ڇا ٿيو. ڪيئن ٿيو. ٿيڻو ته هو، هلڻو ته هر ڪنهن کي آهي، پر اڄ ئي ڇو. هن مهل ئي ڇو. هاڻي ئي ڇو. جيڪڏهن قدرت، فطرت علي بابا کي هن ڌرتيءَ تي ڪجهه وڌيڪ پل، ڪجهه وڌيڪ ڏينهن، ڪجهه وڌيڪ وقت ڏئي هان ته ڪنهن جو ڪهڙو نقصان ٿئي ها! علي بابا ته هن ڌرتيءَ جي حسن ۾ واڌارو ئي ڪري ها. پنهنجي تخليقي عمل سان هو ته هن جڳ جي صدين پراڻي فن ۽ ڪلا جي باغيچي ۾ ڪجهه نوان ۽ اعلي درجي جا گل، ٻوٽا ئي پوکي ها! ڪنهن کان ڪجھ وٺي ته نه ها، ڪجھ ڏئي ئي وڃي ها. پوءِ ڇو هن کي هن گھڙيءَ ئي گھرايو ويو! علي بابا تون ڇو هليو وئين! چَوَن ٿا هي دنيا ڪنهن ديواني جو خواب آهي. ۽ انهن ديوانن مان سنڌ جو علي بابا پڻ هڪُ آهي. هن پڻ هڪ خوبصورت دنيا جو خواب ڏٺو. هن هڪ اهڙي دنيا جو خواب ڏٺو جنهن ۾ برابري هجي، انصاف هجي، جنهن ۾ بک ۽ اُڃَ جو نالو به نه هجي، هر پاسي خوشحالي ئي خوسحالي هجي، هر انسان پنهنجي خوابن کي حقيقت جو روپ ڏئي سگھي، جتي نينهن جي اُڇَل ۽ نفرت کي جھل هجي. هن هيڏي وڏي دنيا ۾ هُن جي حصي ۾ جيڪو ڌرتيءَ جو ٽڪرو آيو سنڌ، هن ان لاءِ به خواب ڏٺا. علي بابا اهو گھُريو ته هن جي ڌرتي پنهنجو اصلوڪو اوج ماڻي، پنهنجي منفرد سڃاڻپ سان سڃاتي وڃي. علي بابا هڪ اهڙي سنڌ گھري جنهن ۾ سکُ ۽ شانتي هجي، جتي ڪو به ڌرتيءَ ڌڪاڻو نه ٿئي، جتي شاهه سائينءَ جو رسالو ۽ ٻيو سنڌي ادب هر هنڌ دستياب هجي، جتي سنڌي ٻولي پنهنجو جوڳو مقام ماڻي، جتي انساني سوچ تي ڪي به پهرا نه هجن، جتي ڪا به جهل پل نه هجي ۽ هر انسان پنهنجي مرضيءَ پٽاندڙ پنهنجي زندگي گذاري سگھي. علي بابا جون لافاني تخليقون توڙي سندس عام سڀاءُ سندس انهن ئي خوابن جو اولڙو آهن. هن صحيح معنيٰ ۾ شاهه سائينءَ جي خوابن جي دنيا جي تعبير چاهي ۽ دنيا ۾ سندس پياري سنڌُ لاءِ خوشي ۽ آنند جي آسَ رکي: سائين سدائيم ڪرين مٿي سنڌ سڪار، دوست تون دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين! اڃا ته خوابن جي دنيا جوان هئي! علي بابا، تون ڇو ڇڏي وئين، تون ڇو هليو وئين! ڇو نيٺ توکي هيءَ ڀونءِ نه آئي ڀانءِ ۽ تون اڏري هليو وئين! علي بابا، تون اسان کي ائين اوچتو ڇڏي، بنا موڪلائڻ جي ڇو هلو وئين! اسين ڄاڻون ٿا ته موڪلائڻ ۽ پروگرام پٽاندڙ اچڻ ڪڏهن به تنهنجا دستور نه هئا. پر هي ته آخري سفر هئو، ان جي ته ڪا ڀڻڪ ڏين هان! ها، آخري ڏينهن ۾ تنهنجي طبيعت ڪجھ ناچاڪ هئي، پر تو هميشه جيان ڪنهن کان ڪا مدد نه گھري. تو ته سدائين ڏنو: پنهنجو رتُ، ستُ، لافاني تخليق، سڀ ڪجھ پنهنجي ڌرتي ۽ ان جي ماڻهن لاءِ وقف ڪيا. پوءِ به سنڌي سماج مان ڪنهن به تنهنجو جوڳو علاج ڪرائڻ جي ڪا گھُر، ڪا جاکوڙ نه ڪئي. نه ئي سرڪار ان سلسلي ۾ ڪجھ ڪيو. ۽ اهڙيءَ طرح تو جهڙو املهه انسان به سنڌين ۽ سنڌ سرڪار جي بي حسيءَ جو شڪار ٿي ويو. علي بابا، اسين تنهنجا ڏوهاري آهيون. پر اسين ڏوهاري ڪنهن جا نه آهيون؟ ڇا اسين شاهه جا، سچل سچل سائينءَ جا ڏوهاري نه آهيون؟ ڇا اسان خود ڌرتي، ان جي ماڻهن ۽ پنهنجي ٻوليءَ جا ڏوهاري نه آهيون؟ اسان ته ائين ئي اهيون ۽ شايد ائين ئي رهون. پر علي بابا، تو ته پوءِ به پنهنجي ڌرتيءَ جي ڏتڙيل ڏوٿين سان، اسان سڀني سان، اسان جي اٿاهه اوڻائين جي باوجود، پيار ڪيو. تو ته شاهه سائين چوائي، ”جيها سي تيها، مارو مون مڃيا“ تي عمل ڪندي هميشه ڏکايل ڌرتيءَ جي پيڙا کي محسوس ڪيو ۽ بي آواز انسانيت جي آواز کي اُٿاريو. اهو به ٿي سگھي ٿو ته نيٺ تنهنجي صبر جي حد ختم ٿي وئي هجي ۽ توکي اسانجي بي حسي ۽ بي قدرائپ تي ناراضپو ٿيو هجي. اهڙيءَ صورت ۾ تنهنجي ڪاوڙ ته واجب آهي. پر تو ته ڪڏهن به ڪنهن سان ڪا ڪاوڙ نه ڪئي، تو ته پنهنجي اٿاهه خذمتن جي عيوض ۾ ڪجھ به نه گھريو، نه ڪا اميد ڪئي. تو ته سماج جي بي حسيءَ کي هميشه نظر انداز ڪيو، ان جي ڪا به پرواهه نه ڪندي پنهنجي تخليقي عمل کي جاري رکيو، ۽ اسان سان ساٿ نه ڇڏيو. تو ته ڪڏهن به ڪنهن سان ڪا شڪايت نه ڪئي. تو ته سڄي ڄمار شاهه سائينءَ جي هيٺئين بيت تي عمل ڪيو: منهنجي مَدايُنِ جِي، جي ڪَلَ پِرِيان پيئِي ته ڪَڏهِن ڪوسا نه ٿِيا، ڏوراپو ڏيئِي ساڄَنَ سَڀِيئي، ڍَڪِيم ڍول ڍِلائِيُون پوءِ به تون ڇو هليو وئين! تو اهو نه سوچيو ته تنهنجي وڃڻ سان تنهنجي ساٿين ۽ اڪيچار چاهڻ وارن تي ڇا گذرندي. ڇا تو نه ڄاتو هو ته رڳو تنهنجي موجودگيءَ سان، اسان جون دليون ڪيتريون ڀريل، ڪيتريون مطمعن هيون، سنڌ ڪيتري سگھاري هئي، مظلوم عوام کي ڪيترو آٿت هو. هاڻي هنن جي پيڙا کي ڪيرُ محسوس ڪري، اهڙي انداز ۾ دنيا جي سامهون آڻيندو، جيئن تو ڪيو! علي بابا، توکي ياد هونديون ڄام شوري جون اُهي شامون، جڏهن ۱۹۸۰ع جي ڏهاڪي جي آخري دور ۾ اسان سائين ظفر حسن جي صحبت ۾ سنڌي ادبي سنگت جون هفتيوار گڏجاڻيون ڪندا هئا سين ۽ انهن جي هڪ خاص ڳالهه اها به هئي ته انهن ۾ ڪڏهن ڪڏهن تون به اچي ويندو هئين! سائين ظفر حسن وقت جو وڏو پابند هو. ڪير به دير سان ايندو هو ته هو ان کي ڏاڍو خراب سمجندو هو ۽ وقت جي پابنديءَ جي هميشه تاڪيد ڪندو هئو. پر تو سان خاص رعايت هئي. تو کي ڪڏهن به ڪنهن ڪونه چيو ته دير سان ڇو آيو آهين يا جلدي ڇو پيو وڃين. تون ائين ئي اوچتو اچي ويندو هئين ۽ جڏهن مرضي ٿي، اُٿي ويندو هئين! گڏجاڻي ڪڏهن شروع ٿي ۽ ڪڏهن ختم ٿيندي، ان سان تو کي ڪا دلچسپي نه هئي. پر تون جڏهن به آئين، جنهن وقت به آئين ۽ جيترو وقت به موجود رهئين، محفل کي مچائي رکيو. اسان پڻ ان ۾ ئي خوش هوندا هواسين ته علي بابا آيو ته آهي! ان وقت اهائي ڪوشش هوندي هئي ته تنهنجن رائين ۽ تجربن مان ڀرپور لاڀ وٺون ۽ تنهنجن سوچ ۾ ٻڏل، دلچسپ ڳالهين کي هئين سان هنڊايون ۽ انهن مان لطف اندوز پڻ ٿيون. ڇا ته ڏينهن هئا! هاڻي نه ته سائين ظفر حسن آهي ۽ نه ئي تون آهين! پر توهانجون يادون، توهان جون ڳالهيون هميشه زندگيءَ جو حصو هونديون. پوءِ زمانو آيو فيسبڪ جو. ها، تو پڻ نئين ٽيڪنلوجي اختيار ڪئي ۽ سوشل ميڊيا تي پنهنجو جھنڊو کوڙيو. ڇا تو کي خبر هئي ته رڳو تنهنجي تصوير ڏسي، تنهنجو يا تنهنجي لاءِ ڪو نياپو ڏسي، دل ڪيڏي نه ٽڙي پوندي هئي. ڪيڏي نه ساهه کي سگھ ۽ اندر کي آٿت ملندو هو! ايئن لڳندو هو ڄڻ فضائون، هوائون ۽ وڻ ٽڻ مستيءَ ۾ ناچ ڪندي، هڪ آواز ۾ ڳائيندا هئا: اڃا رڃ مان رڙ اچي ٿي، اچي ٿي، متان ايئن سمجھين مئا مور سارا (اياز) مونکي ياد آهي ته ڪيئن نه فيس بڪ تي تنهنجي تصوير ڏسي، مون هڪدم توکي ايڊ (add) ڪري ڇڏيو هو، ۽ اهڙيءَ طرح فيس بڪ تي رابطو قائم ٿيو، جيڪي آخر تائين رهيو. هن سال جولاءِ ۾، تنهنجي سالگرهه جي موقعي تي، فيس بڪ تي مون لکيو: ”مانوارا سائين علي بابا، سالگرهه مبارڪ! توهان جي پيار ۽ تخليق جي ڇانوَ شال هميشه ا سان جي سرن تي قائم رهي!“ پوءِ اڄُ وقت جي ظالم هَٿَن اسانجن سِرَن تان اِها ڇت ڇو سرڪائي چڏي! ڇو اُن رڃ ما ايندڙ رڙ کي چپ ڪرائي ڇڏيو! ڇو اسانجي املهه مورَ کي اسان کان ڇني ڌار ڪري ڇڏيو! فيس بڪ جي ساٿين بهرحال پنهنجو پاڻ ملهايو. اسان جي معاملي ۾ جيئن ٿيندو آهي، هر عظيم انسان جي جدائيءَ تي جوڳو ماتم ڪيو ويندو آهي، پوءِ ڀلي کڻي سندن حياتيءَ ۾ هنن سان ڪهڙا به هاڃا ڇو نه ٿيا هجن. تنهنجي معاملي ۾ به ايئن ئي ٿيو. پر جتي اخبارن ۽ رسالن وغيرهه۾ اڪيچار ليک ڇپيا، اُتي، فيس بڪ تي ڪيترن ئي عام دوستن تنهنجي باري ۾ مختصر، پر دل ۾ پيهي ويندڙ ۽ شاندار ويچار لکيا. سو تو ماڻهن جي دلين تي راڄُ ڪيو، ڪري رهيو آهين ۽ ڪندو رهندين. اڄُ فيس بڪ ويران آهي. سنڌي ادب جو هڪ شاندار بابُ پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهچي ويو آهي. دوستن کان هڪ مخلص دوست کسجي ويو آهي. دنيا کان، اُن کي سهڻو ڏسڻ جو خواب لهندڙ هڪ ديوانو ڦريو ويو آهي، هڪ اهڙو ديوانو، جنهن جهڙا صدين ۾ مَسَ وڃي پيدا ٿيندا آهن. سماج مان هڪ سچو هڏ ڏوکي، بي غرض، سڀني جي پيڙا کي محسوس ڪندڙ هڪ املهه انسان موڪلائي ويو آهي. علي بابا، تون ڇو هليو وئين! تو ڇو وئين! علي بابا سنڌي ادب جو سرموڙ ڪهاڻيڪار ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ اٺين آگسٽ ۲۰۱۶ع تي سنڌي ادب هڪ اعليٰ درجي جي اديب کان هميشه لاءِ محروم ٿي ويو. علي بابا علالت باعث ڪراچيءَ جي هڪ خانگي اسپتال ۾ ۸ آگسٽ تي وفات ڪئي آهي. سنڌي ساهت جي اڻٿڪ پورهيت اديب علي محمد ولد محمد رمضان بلوچ ڪوٽڙي ضلعي دادو ۾ جنم ورتو. کيس ننڍي لاڪون ”علي“ چوندا هئا ۽ اڳيان هلي ادبي نالي ”علي بابا“ سان سڃاتو ويو. سندس وڏا اوڻيهين صديءَ ۾، بلوچستان مان لڏي اچي سيوهڻ ۾ ويٺا. علي بابا پرائمري تعليم ڪوٽڙيءَ مان حاصل ڪئي ۽ اڳيان ڪجهه وقت پڙهڻ کانپوءِ سندس تعليم جو سلسلو منقطع ٿي ويو. هُن ننڍيءَ عمر کان لکڻ شروع ڪيو، ڪجهه هنڌن تي نوڪريون به ڪيائين، پر پنهنجي طبيعت جي ميلان مطابق نه هئڻ سبب هُو نڀائي نه سگهيو ۽ مستقل ادب ڏي توجه ڏنائين. علي بابا جو نالو هڪ بهترين ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار، ناول نويس شاعر طور سڃاتو وڃي ٿو. سندس ٽڙيل پکڙيل مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل ڪهاڻين جو ڳاڻيٽو ٻه سؤ کان مٿي آهي. کيس لکڻ ۾ همٿائيندڙ شمشيرالحيدري صاحب هو، جنهن پهرين پهرين سندس ڪهاڻي ”نئين زندگي“ مخزن ۾ شايع ڪئي. هُن جي پنهنجي لفظن ۾ ته، جيڪڏهن شمشير نه هجي ها ته آئون اديب نه هجان ها. هن عوامي ليکڪ جي ڪهاڻين جا ڪردار جيئرا جاڳندا نظر اچن ٿا، هُن جو مشاهدو مضبوط ۽ ٻولي تُز ۽ اصلوڪي سنڌي آهي. هُو تمام محنت سان لکندو هو ۽ پنهنجي لکڻيءَ کان جلدي مطمئن نه ٿيندو هو ۽ اڪثر پنا ڦاڙي ٻيهر ۽ ٽيهر لکندو هو. سندس لفظن ۾ ته، ”مان فطري طور ڪهاڻيڪار آهيان ۽ ڪهاڻيءَ کي فطري بنائڻ ۾ تجربا ڪندو آهيان. ڪهاڻي ته ڪڏهن لکجي ويندي آهي، ڪڏهن پنا ڦاڙي ڇڏيندو آهيان. ڪهاڻي مون وٽ فلسفي، ناصحانه، اصلاح عامه وغيره جهڙن لفظن کان بلڪل جدا ۽ مٿانهين شيءِ آهي. ڪهاڻي فقط ڪهاڻي آهي ۽ ان کي ڪهاڻي ئي رهڻ گهرجي. مون ڪڏهن پاڻ کي ڪنهن اديب سان ڀيٽي نه ڏٺو آهي جو منهنجو مقابلو فقط پنهنجي پاڻ سان هوندو آهي.“ علي بابا جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ۱۹۸۳ع ۾ ”ڌرتيءَ ڌڪاڻا“ جي عنوان سان آگم پبليڪيشن شايع ڪيو. ۲۰۰ صفحن جي هن ڪتاب ۾ ۱۸ ڪهاڻيون آهن، جن ۾ ”ڀاڳان“، ”اسين ماڻهو“، ”چنڊ ۽ ماني“، ”جانورن جي دنيا“، ”سون ورنا روپا“، ”دي ايڊيٽر“، ”ڌرتيءَ ڌڪاڻا“ ۽ ٻيون ڪهاڻيون هيون. انهيءَ کانپوءِ سندس ڪهاڻين جو ٻيو مجموعو ”آيل ڙي اولاڻا“ ۱۹۸۴ع ۾ ڇپيو ۽ ۲۰۰۷ع ۾ روشني پبليڪيشن علي بابا جي اوڻهٺ ڪهاڻين کي ”منهنجون ڪهاڻيون“ جي عنوان سان شايع ڪيو. هن ڪتاب ۾ اڳين ٻنهي افسانوي مجموعن جون ڪهاڻيون پڻ شامل آهن ۽ ڪتاب جو انتساب ليکڪ جي والد رمضان رند جي نالي آهي. علي بابا هڪ ڪامياب ڪهاڻيڪار هو، وٽس سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جو وڏو خزانو هو، هُو هنڌائتن لفظن جو استعمال سهڻي پَر ڄاڻندو هو. کيس سنڌي ٻولي، تهذيب، تمدن ۽ تاريخ جي ڄاڻ هئي. هن عوامي ۽ غريب فنڪار پنهنجي قلم جو استعمال سچائيءَ سان ڪيو. فني صلاحيتن سان واڳيل سندس ڪهاڻيون ڪيترن اهم موضوعن جو احاطو ڪن ٿيون، جن ۾ عوامي ٻولي، غربت ۾ پيسجندڙ ڪردارن جي واتان حقيقت نگاريءَ وارا مڪالما آهن. ”چنڊ ۽ ماني“ انهيءَ جو هڪ سهڻو مثال آهي. هيءَ ڪهاڻي هڪ بيواهه ماءُ ۽ معصوم ٻار جي حالتن جو بيان آهي، جن وٽ کائڻ لاءِ ڪجهه ڪونهي، صدا هڻندڙ فقير سندن حالت ڏسي کين پنهنجي وِري مان مليل ماني ڏي ٿو جا خوددار ماءُ جي نڙيءَ مان هيٺ نٿي لهي، ليکڪ لکلي ٿو ته، ”ماءُ جون اکيون اونداهي آسمان مان هيٺ آيون، هُن ڀريل آواز سان چيو، ”ڏس پٽ! اڄ چنڊ ڪٿي نڪتو آهي؟ پاڻ غريب آهيون، پنهنجي مانيءَ جو حساب به چنڊ وانگي آهي، ڪڏهن چوٿو، ڪڏهن اڌ، ڪڏهن سڄي ته ڪڏهن آهي ته ڪڏهن ڪونهي.“ (ص- ۳۹) اهڙين اڻ ملهه ڪهاڻين ۾ سندس ٻيون به ڪافي ڪهاڻيون آهن، ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ موجب ته ”سندس ڪهاڻيون جديد لاڙن جي نمائندگي ڪن ٿيون، جي تاثراتي، علامتي ۽ وجوديت واريون هئڻ سان گڏ سنڌ جي سماجي پسمنظر تحت لکيون ويون آهن.“ هُن جي هڪ اهم سڃاڻپ سنڌي ڊرامانگاري آهي. علي بابا هڪ سؤ کان وڌيڪ ڊراما اسٽيج، ريڊيو ۽ ٽي وي لاءِ لکيا، جيڪي ڪيترن ئي اهم سماجي مسئلن، تاريخ ۽ ثقافت جي نمائندگي ڪن ٿا. سندس ڊرامي ”دنگيءَ منجهه درياهه“ عالمي ڊرامي فيسٽيول ۾ ايوارڊ حاصل ڪيو ۽ اهو مقابلو ۷۹ ملڪن جو هو، جنهن ۾ هيءُ پهريون سنڌي اديب هو، جنهن اهو پرڏيهي ايوارڊ حاصل ڪيو. کيس، سگا، سنڌالاجي ۽ شاهه عبداللطيف ڊراميٽڪ سوسائٽيءَ طرفان ايوارڊ مليل آهن ته پاڪستان حڪومت طرفان صدارتي ايوارڊ لاءِ پڻ کيس نامزد ڪيو ويو، پاڻ ڪجهه رسالن جو ايڊيٽر پڻ رهيو. سندس مشهور ڊرامن ۾ ”موکي ۽ متارا“، ”تموچن“، ”ٻاليشاهي“، ”مومل راڻو“، ”هوشو شيدي“، ”عاشق زهر پياڪ“، ”موتئي جهڙو من“، ”روپ ٻهروپ“، ”روشن تارا“، ”سؤ رپيا نوٽ“، ”رقص حيات“، ”شيشي جو گهر“، ”لهرون لس ليٽ“ ۽ ٻيا انيڪ ڊراما آهن، جن وڏي مقبوليت ماڻي. علي بابا جو نالو سنڌي ادب جو هڪ ڪامياب نثر نگار طور شمار ٿئي ٿو. ناول نگاريءَ ۾ سندس ناول ”موهن جو دڙو“ جو پهرين قسطوار ”نئين زندگي“ مخزن ۾ شايع ٿيو، پوءِ ڪتابي صورت ۾ آيو. هيءُ ناول سنڌ جي پنج هزار سال تهذيب جو بيان آهي، جنهن جي ٻولي جيتري سجيل جڙيل سنڌي آهي، ايتري ئي ڏکي ۽ پيچيده پڻ آهي، جيئن مثال طور هيٺ ڪي حوالا پيش ڪيان ٿي، جيئن پڙهندڙ اهو اندازو ڪري سگهن ٿا. ”سون مياڻيءَ مٿان چوڏس چٽائي رات مور پکيءَ جيان پنهنجا خوبصور ت پک ڦهلايا هئا. اڄ سونمياڻيءَ جي وايومنڊل ۾ گهنڊن جي گونجار، سنکن جي ڪوڪار، ناد ۽ نگد جي استشين جي جهونگار هئي“ (ص- ۶۷) ”امر آهي اُها ڌرتي جنهن کي پنهنجا سورهيه سرويچ پهلواڻ آهن، مَهان آهي اُها قوم جا پنهنجي ڌرتيءَ تان پنهنجو رَت ست گهوري ڄاڻي ٿي. مَرَ تنهن ڌرتيءَ جون مائرون مَرَڪيو مَرڪن، جن جا دادلا پٽ پنهنجي ديس جي سرحدن تان سينا ساهي ڄاڻن، ڀل ته تنهن ڌرتيءَ جون سنگهاريون سؤ سؤ سينگار ڪن، جن جا سورهيه سوڍا ويرين سان راتاهي جون رانديون ڪن.“ (ص- ۹۵) اهڙيءَ ريت ٻيا ڪيترا ئي مثال هن ناول جا ڏئي سگهجن ٿا. ڪجهه تنقيد نگارن هن ناول جي ٻوليءَ تي اعتراض پڻ ورايا، پر پوءِ اهو تسليم ڪيو ويو ته هيءُ ناول جنهن دور جي نمائندگي ڪري ٿو، انهيءَ حوالي سان ليکڪ هن ناول کي تاريخي ۽ حقيقي ڪري پيش ڪرڻ لاءِ ٻوليءَ جو اهو گڏيل استعمال ڪيو آهي. هن ناول جي منظرنگاري ۽ موضوع لاجواب آهي، ”موهن جو دڙو“ ناول موجوده وقت ۾ سي ايس ايس جي نئين نصاب ۲۰۱۶ع ۾ مقرر ڪيل آهي ۽ سندس ڪهاڻي ”چنڊ ۽ ماني“ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڊگري ڪلاس جي سنڌي نصاب ۾ شامل آهي، ان کانسواءِ ٻاراڻي ادب ۾ ”سنڌ باد جو سفر“ ناول لکيائين جو پڻ مقبول پيو. علي بابا جُز وقتي نه پر ڪُل وقتي ليکڪ هو ۽ اهڙو فل ٽائيم رائيٽر وارو تصور ئي اڄڪلهه جي دور ۾ ناممڪن ٿو نظر اچي، هُن فقط لکڻ کي زندگي ڄاتو ۽ زندگيءَ جي سُکن کي ثانوي حيثيت ڏني. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ هُن ڄاڻايو ته، هُو مالدار هو، پر ”لکڻ جي ڌنڌي منهنجو ارڪو ترڪو چٽ ڪري ڇڏيو، جو مان اوڏي ڌيان نه ڏيندو هئس“ (سنڌي ادب: ص- ۲۶۱) ڏٺو وڃي ته اسان وٽ ننڍي کنڊ ۾ ليکڪن کي انهيءَ لکڻ جي سفر ۾ وڏيون مشڪلاتون درپيش اچن ٿيون. ڪيترن ئي وڏن ليکڪن کي لکڻ پڙهڻ جي ڪري هڪ طرف ڌيان هئڻ سبب گهڻن مسئلن کي منهن ڏيڻو ٿو پوي، خاص طور مالي مسئلو. اسان جي ملڪن ۾ اديبن ۽ شاعرن لاءِ نه آهن معاوضا ۽ نه مراعتون. جيڪڏهن سندن مالي حالتون خراب هجن ٿيون يا حالتن سبب ٿي وڃن ٿيون ته پوءِ لازمي آهي هُو هڪمنا ٿي ڪم ڪري نٿا سگهن ۽ ائين ڪيترائي سٺا اديب لکڻ کان محروم رهجي ويندا آهن. علي بابا جهڙي نامياري ليکڪ جنهن سنڌي ٻوليءَ جي ڪيترن لفظن کي جياريو، سهڻائيءَ سان تجنيس حرفيءَ جو استعمال ڪندي سنڌي نثر کي لازوال سونهن عطا ڪئي، سو غربت جي چڪيءَ ۾ پيسجندو رهيو، پر هُن همت نه هاري ۽ لکندو رهيو. کيس سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ هن ڌرتيءَ جي چپي چپي سان پيار هو، جيڪو هُن پنهنجي فَنَ ۾ لازوال طريقي سان اوتيو آهي. ABOUT ALI BABA Ali Baba Sindhi : علي بابا Born Ali Muhammad 1940 Kotri Died 8 August 2016 (aged 76) Karachi Occupation Novelist, Drama Writer Nationality: Pakistani Ethnicity Sindhi Balouch Genre Aesthetic Subject Literature Literary movement Progressive Notable works Books, Drama Notable awards German Award, Pride of Pakistan and many Relatives Abdul Karim Balouch MD PTV ,Mehroz Karim Producer & Director , Farooq Rind Ali Baba (Original Name: Ali Mohammad) (Sindhi: علي بابا) was born in 1940 in Kotri. He is the renowned dramatist, story writer, and literary figure of Sindhi language. Early life Parents of Ali Baba had migrated fromBalochistan to Sehwan Sharif and later shifted to Kotri. His father worked at Pakistan Railways. Ali Baba was appointed in Pakistan Railways as clerk and then he left the job and joined in a textile mill as Assistant Manager. He did a private job for four years then left and start to write since 1965 with pen name Ali Baba. Education] He received his primary education at Nango Line Municipal Primary School and from Sher Dil Khan Municipal High School in Kotri he did his matriculation. During matriculation examination he had a quarrel with a student in examination hall, subsequently the examiner expelled him from there. Since then he never turned to any school.[1] Literary career Ali Baba traveled throughout Sindh and portrayed every person from different walk of life in his stories and dramas.[2] He has written several dramas for Radio and Television. His one of the famous dramas Dungi Majh Darya (Sindhi: دنگيءَ منجھ دريا) got international fame. This drama was entitled as world’s 3rd number drama in the annual festival of Munich and received “German Award”.] In this celebration 92 countries participated. He was also editor of some magazines. His source of livelihood is writing of dramas.[4] Publications Ali Baba has written Mohan Jo Daro (1985) (Sindhi: موهن جو دڙو) a novel,[5][6] Dharti Dhikana (short Stories), Lahandar Sij Ji Laam, (Stories), Runj Sajo ee Rat Phura, Muhijoon Kahaniyun, Sindhbad, Musafir and many more. Death Ali Baba died on 8 August 2016. Moments with Ali Baba By Hafeez Tunio Published: August 9, 2016 Literary world's loss: Sindhi drama writer Ali Baba passes away KARACHI: Sindhi drama writer and novelist Ali Muhammad alias Ali Baba passed away on Monday in Karachi. The 76-year-old was suffering from multiple diseases and died due to brain hemorrhage. Ali Baba was born in Kotri in 1940 and his father, Muhammad Yousuf Baloch, was a clerk in Pakistan Railways. After completing his secondary education, Ali Baba also joined the railways department as a clerk and later worked as an assistant manager at a textile mill. He started writing short stories in 1965 and gained popularity after his dramas were telecast on radio and television. The deceased political and Sindhi scholar Pir Hisamuddin Rashdi called him the ‘narrator of Sindh’s history’ in one of his books. Ali Baba traveled the entire province and depicted the essence of Sindhi culture in his dramas. His short story, titled Dharti Dhikana [Expelled from the soil], which narrates the plight of the mass migration [of Muslims and Hindus] after partition of the Subcontinent in 1947, is one of most the popular works in Sindhi literature, along with his novel, Mohenjo Daro. One of his most famous dramas, titled Dungi Manjh Darya [Sailing boat in river], got international fame and in 1981 won the award for the third best drama during the annual drama festival in Munich, Germany. Sindhi writer Sardar Shah, who has now been appointed as the provincial culture minister, expressed deep sorrow over the sad demise of Ali Baba. “His [Ali Baba] services for the promotion of Sindhi language and literature are unmatchable. He was a well-wisher of Sindhi language and will always remain in the heart of people,” he added. In his condolence message, chief minister Syed Murad Ali Shah said, “Ali Baba was an asset of Sindh.” Former Sindh culture minister Senator Sassui Palijo also grieved over his demise, terming it a big loss for Sindhi literature and drama. The funeral prayers of the deceased writer were held in Yousuf Baloch village near Kotri Railway Station and he was laid to rest in his family graveyard. Mourning the loss The Sindhi Language Authority (SLA) suspended its official work on Monday to mourn the death of the Ali Baba. In a statement, SLA’s chairperson Sarfaraz Rajar said the deceased exquisitely highlighted the civilization of Sindh in his work. “His death will leave a big void on the literary landscape of Sindh,” he said. The Sindhi Adabi Sangat [Sindhi Literary Fraternity], an association of Sindhi writers, novelists, poets and dramatists, has also announced three days of mourning. “Sindh has been deprived of a peerless playwright,” said the association’s secretary Dr Mushtaq Phul, adding that “He promoted Sindhi literature all through his lives.” Phul informed that all the offices of Sindhi Adabi Sangat will mourn his death by organizing condolence references for the deceased writer for three days. Published in The Express Tribune, August 9th, 2016. علي بابا جي ياد ۾ مير سردار چنڙ علي بابا، ۱۹۴۵ع ڌاري نانگو لائين ڪوٽڙي ضلعي دادو (هاڻوڪي ضلعي ڄامشوري) ۾ محمد رمضان رند جي گھر جنم ورتو. سندس نالو علي محمد رکيو ويو. ڪنهن به نه ڄاتو هو ته هي ٻروچاڻو ٻار علي محمد وڏو ٿي “علي بابا “جي روپ ۾ چوٽي جي ڪهاڻيڪار طور سنڌي ادب جو نانءُ روشن ڪندو. علي بابا ننڍپڻ کان ئي لکڻ شروع ڪيو جنهن جو ذڪر “سنڌ باد جوسفر” ۾ ڪندي چوي ٿو ته مون تمام ننڍي عمر ۾ لکڻ شروع ڪيو هو. ڏهن ٻارنهن سالن جي ان وهيءَ ۾ مون کي اديب بڻجڻ جو چٽو پختو خيال هو. مون وٽ ڪنهن وڏي آفيسر انجيئر يا ڊاڪٽر ٿيڻ جو تصور ئي نه هو. اهڙي طرح علي ننڍپڻ کان لکڻ شروع ڪيو پنهنجي منهن لکندو هو وري ڦاڙيندو هو لاڳاتار سلسلو هلائيندي ۱۹۶۵ع کان باقاعدي رسالن ۾ ڇپجڻ لڳو سندس پهرين لکڻي شمشير الحيدري جي ميگزين “نئين زندگي” ۾ شايع ٿي ۽ رسالي جي آخر تائين شايع ٿيندو رهيو علي بابا پنهنجي قلم کي سچي ۽ نيڪ نيتي سان هلايو. هن سماج لاءِ پاڻ پروڙيو هن سدائين سخت پورهيئي سان لکيو. نه ڪي ڪنهن سستي شهرت ڏانهن ڀڳو. علي بابا جا پسند جا موضوع موهن جو دڙو، سنڌو درياءُ ڪارونجھر جبل، ٻيڙي مهاڻا ۽ تاريخ هئي. علي بابا ۳۰۰ کان مٿي ڪهاڻيون، ريڊيو ڊارما لکيا علي بابا جي ڪهاڻين جا ڪردار سگهارا ۽ واضع هئا هن پنهنجي ڪهاڻين ذريعي پٺ تي پيل ماڻهن جي دردن جو آواز بڻيو سندس ڪهاڻين ۾ غريبن باليشاهين جي زندگين جا داستان سنڌو درياھ رني ڪوٽ، ڪارونجھر جبل جا عڪس پسمنظر موجود آهن. علي بابا هڪ حساس ڪهاڻيڪار هو، هڪ اهڙو ڪهاڻيڪار هو جيڪو ڪنهن موسم يا وقت تائين محدود نه هو هر وقت پيو لکندو هو. سندس هر ڪهاڻي ۾ احساس سمايل آهي. شاعراڻي ڪهاڻي جو فن علي بابا لکڻ ڄاڻي سندس هر ڪهاڻي جي شروعات دلچسپ ۽ پڇاڙي ڇرڪائيندڙ هوندي آهي. اهي گڻ انهن ۾ هوندا آهن جيڪي پنهنجي پڙهندڙن کي پاڻ ڏانهن ڇڪڻ ڄاڻيندا آهن. ايئن علي بابا جون ڪهاڻيون به سنڌ ۽ سنڌين جو روح آهن سنڌو کان ويندي ڪارونجهر ڪينجھر رني ڪوٽ کي علي بابا پنهنجي اصلي حيثيت سان ڏيکاريو آهي علي علي بابا اهي سنڌ جا اصل ڪردار ڳولي اسان آڏو پيش ڪيا آهن جن کي اسان لاپرواهي ۾ وساري چڪا آهيون. سندس ڪهاڻيون سماج جو چٽو پٽو عڪس آهن جنهن ۾ سماج جا سڀ رنگ جڙيل آهن. علي بابا، چنڊ ۽ ماني، جانورن جي دنيا، دي ايڊيٽر، ڪارونجهر جا قيدي، اسان ماڻهو، علي بابا جهڙيون ڪيتريون ئي شاندار ڪهاڻيون اسان کي سرجي ڏنيون. علي بابا، پي ٽي وي تي ڪيترا ئي ڊارما لکيا، ۱۰۰ کان مٿي ڊارما لکيا جن ۾ ٻالي شاهي، موکي ۽ متارا، مومل راڻو، هوشو شيدي، رقص حيات، (جيڪو موهن جي دڙي جي ناچڻي ۽ ان جي زندگي تي هو) ۽ دنگي منجھ دياھ ۽ ٻيا مشهور ٿيا. دُنگي منجھ درياءُ علي بابا جو هيءُ هڪ اهڙو شاهڪار ڊارمو هو جنهن ڏسندڙ کي ڏندين اڱريون وجهي ڇڏيون هيون. اهو ڊرامو ۱۹۷۶ع ۾ جرمني جي شهر ميونخ جي عالمي ميلي ۾ پيش ڪيو ويو هو جتي ۷۹ ملڪن حصو ورتو هو. ان ميلي ۾ هن ڊارمي ٽين پوزيشن حاصل ڪئي هئي اهو پهريون سنڌي ڊارمو هو جيڪو مهاڻن تي لکيو ويو هو. علي بابا هن ڊارمي جي لاءِ هڪ سدابهار گيت لکيو جيڪو جيڪي زرينه بلوچ جي آواز ۾ رڪارڊ ڪرايو جهڙو سدابهار گيت تهڙو ئي سدا بهار آواز هو هي گيت درياھ جي درد تي سمايل گيت آهي جنهن ۾ علي درياھ جو درد پيش ڪري ٿو جنهن جو سٽون هن ريت آهن اسين ماڻهو لاڙ جا درياھ جي پڇاڙ جا اُترڙو ٿو لڳي. . . سنڌ باد جو سفر، علي بابا سنڌ باد جو سفر هي ناول خاص ڪري ٻاراڻي ادب جي کوٽ محسوس ڪندي ٻارن لاءِ لکيو هو هي ناول نه صرف ٻارن لاءِ آهي پر وڏن لاءِ به تمام ڪارائتو آهي. علي بابا جو هي شاهڪار ناول موهن جو دڙو آهي جنهن هن وقت تائين سنڌي ادب ۾ تمام گھڻي مڃتا ماڻي آهي. علي بابا جو ۱۹۸۳ع ۾ پهريون ڪهاڻين جو مجموعو ڌرتيءَ ڌڪاڻا شايع ٿيو. ان کان علاوه ۱۹۸۴ع ۾ ڪهاڻين جو آيل ڙي اولاڻا ۱۹۹۰ع ۾ موهن جو دڙو ناول ۱۹۹۳سنڌ باد جو سفر ٻارن لاءِ ناول ۽ ۱۹۹۶ ۾ منهنجون ڪهاڻيون نالي ڪتاب شايع ٿيا. علي بابا کي ڌرتيءَ ڌڪاڻا تي سگا سنڌ هڪ هزار روڪ ۽ ايوارڊ ڏنو سنڌ الاجي پاران ساڳي ئي ڪتاب تي ايوارڊ سان نوازيو شاھ لطيف ڊوامئٽڪ سوسائٽي پاران گولڊ ۽ حڪومت پاڪستان پاران صدارتي ايوارڊ سان نوازيو ويو. سنڌ جو هي مست درويش ڪهاڻيڪار ۸ آگسٽ ۲۰۱۶ سومر جي ڏينهن ۷۱ سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري سنڌي ادب کي يتيم ڪري ويو. علي بابا جي وفات کان پوءِ سنڌ حڪومت پاران سندس ياد ۾ گورنميٽ بوائز ڊگري ڪاليج ڪوٽڙي جو نالو مٽائي “علي بابا گورنميٽ ڪاليج “رکيو ويو ۽ سندس وفات کان پوءِ مواد گڏ ڪري ڪتاب شايع ڪرايا ويا افسوس ته اهو سڀ ٿيو اهو به تڏهن جڏهن علي بابا اسان کان وڇڙي ويو پر جيئري جيڪڏهن اسان ان کان ڪڏهن حال پڇن هان ته شايد علي اسان کي گھڻو ڪجھ اڃا ڏئي وڃي هان. علي بابا عالمي معيار جو افسانه نگار غلام حسين خاصخيلي “اونداھين کي ٽوڙي ڊاھي، چڙھيو آھي سج، اوڀر کان، کجين مٿان. روشن ٿي ويو آھي بند پٺيان، گرگلن جو ڏھاڪو جھوپا ڳوٺ. اندر ھڪ جھوپي ۾، سنڀري پئي جاڳان. شھر پنڻ لاءِ، وڄنس پيون چوڙيون، وارن ۾ ڦڻوٽو ڪندي ۽ ٻاھر تڙڪي تي ويٺي آھي ماڻس ڀاڳان، اوجھڙ ۾، جھوپي جي ڪکاھينءَ ڀت جي اوٽ وٺيو، چؤڦيٿي گاڏيءَ ۾، جنھن کي گھريندا آھن ٻار، کيس شھر پنائڻ لاءِ. نست نماڻن، ڏرا ڏنل، آسوچ نيڻن سان پئي نھاري سج ۾. پر ڪن اٿس اندر، چوڙين جي ڇڻڪاٽ تي. پئي کنھي چيڙھ مٿو، پئي ڇنڀي اکيون سج ڏي نھاريو، بي فائدو. اڳي، گھڻو اڳي، جڏھن جواڻي ھيس، سج گول گول ھو، وڻندو ھئس اکين کي، ھاڻ ڪونه وڻيس. ھاڻ ته سج به ڏسڻ ايندو اٿس جھڪو ۽ ڌنڌلو. باھ جو ڀڀڙ، ھان سج گول ڪونھي!” (ڪهاڻي: ڀاڳان) . . . . . . . . . “روپا. . . . ھي روپا. . . . . ” ڪولھڻ جو ھانءُ ڦسي پيو. نڪو جيل ياد رھيس، نڪي کليل در، نه ڪنڊا نه ڳڙکيون. ڊوڙي دٻڪو ڪري وڃي مڙس کي ٻک وڌائين ۽ ٽاڙھون ڏئي روئڻ لڳي. “ھي روپا. . . . ھي روڻيا. . . . ھي مھنڌرا. . . . ” “ڇو آئي آھين؟” زنجيرن ۾ جڪڙيل رتوڇاڻ روپلي ڏانھس ڪنڌ جھڪائي نھارڻ کان سواءِ چيو. “روپا، توکي آخري ڀيرو ڏسڻ آئي آھيان. متان موتان ڪارونجھر جون ڪولھاڻيون کلائين، متان سچي ڪرين، نه ته پوءِ مان به ڦري ويندي سانءِ. پيٽ تي ھٿ ھڻي چونديس ته ھي ٻار روپلي جو نه، ٻئي ڪنھن جو آھي. روپا، متان سچي ڪرين!” ڪولھڻ مڙس جي ويڪري ڇاتيءَ ۾ منھن وجھيو، ڍڪون ڀريو روئيندي رھي. روپي پھريون ڀيرو ڪنڌ کڻي زال ڏي نھاريو. سندس ڀنڀن وارن ڏانھن، عاج جي ٻانھينءَ ڏانھن، اڀريل ڇاتين ۽ پيٽ ڏانھن. سندس رت رتول مک مرڪي پيو. ” (ڪارونجهر جو قيدي) نثر ۾ جيڪڏهن ڪو عالمي معيار تي پورو لهي ٿو ته اُهو علي بابا ئي آهي. مٿي سندس ٻن ڪهاڻين جون ٻه پيرائون ڏنيون آهن، جن مان پروڙ ڪري سگهجي ٿي ته حقيقت نگاريءَ جو وٽس ڪيڏو نه سهڻو ڏانءُ هو. ڀاڳان ڀلي ته نثر ۾ لکيل آهي، پر اُن ۾ نظم جهڙو ترنم آهي، جنهن انداز ۾ هُن گرگلن جي جهوپن ۽ اُن ۾ وسندڙ زندگيءَ کي قلمبند ڪيو آهي، سو فقط علي بابا ئي ڪري سگهي ٿو. روپلي جو ڪردار هونئن ته سنڌ جي تاريخ جو هڪ اڻ وسرندڙ ڪردار آهي، پر علي بابا سندس ونيءَ ۾ به ايتري ئي جرئت ڏيکاري آهي، ايستائين جو هُوءَ پنهنجي وطن ۽ ڌرتيءَ تان گهور ٿيڻ لاءِ ميار جي اهڙي ڪسوٽي ۾ وجهي ٿي جو روپلي جو جوش، پڙهندڙن جي رڳن ۾ به ڀرجي اچي ٿو. ۱۹۴۰ع ڌاري ڪوٽڙيءَ ۾ جنم وٺندڙ علي محمد رند اڳيان هلي علي بابا جي نالي سان سنڌي نثر جو وهائو تارو بڻجي اُڀريو. علي بابا لکڻ جي شروعات ۱۹۶۵ع کان ڪئي. علي بابا ۳۰۰ کان وڌيڪ ڪھاڻيون لکيون. سندس ڪھاڻين جو پھريون مجموعو ۱۹۸۳ع ۾ ڇپيو ھو، جنھن ۾ ۱۸ ڪھاڻيون شامل آھن. علي بابا جو ٻيو ڪتاب ’آيل ڙي اولاڻا’۱۹۸۴ع ۾ شايع ٿيو ھو. ٽيون ڪتاب ’علي بابا جون ڪھاڻيو’۱۹۹۴ع ۾ ڇپيو ھو. علي بابا ۱۹۸۵ع ۾ ناول موھن جو دڙو لکيو ھو. اھڙي طرح علي بابا ٻارن لاءِ به ھڪ ناول ’سنڌ باد جو سفر’لکيو ھو. اھو ناول ۱۹۹۳ع ۾ ڇپيو ھو. علي بابا ڊراما به بھترين لکيا. سندس ڊرامن کي ملڪ سميت پوري دنيا ۾ زبردست موٽ ملي. علي بابا ٽي وي، ريڊيو ۽ اسٽيج لاءِ ڪيترا ئي شاھڪار ڊراما لکيا. ڪيتريون گيتن ڀريون ڪھاڻيون به لکيون، جن کي زبردست موٽ ملي. سندس مشھور ڊرامن ۾ ’دنگي منجھ درياھ‘، ھوشو شيدي، مومل راڻو، ٻاليشاھي، موکي متارا، رقص حيات سميت ڪيترا ئي مشھور آھن. علي بابا کي مڃتا طور صدارتي ايوارڊ به مليو ھو. علي بابا پنھنجين لکڻين وسيلي سنڌ سان گڏ پاڪستان جو نالو پوري دنيا ۾ روشن ڪيو. علي بابا جسماني طور اسان وٽ موجود ناھي پر پنھنجي ڪھاڻين، ناول، ڊرامن وسيلي ان وقت تائين زندھ رھندو، جيستائين ھي دنيا موجود آھي. علي بابا پنھنجين ڪھاڻين، ناولن ۽ ڊرامن ۾ معاشري جي ھر مسئلي جي عڪاسي ڪئي آھي. علي بابا جوڳي جادو لائي ويا - ورسيءَ جي مناسبت سان آزاد انور مھر اڄ لاڙ جي پٽيءَ ۾ مينهوڳيءَ جي موسم آهي ڪوٽڙيءَ جي هيلوڪي ٿڌي هير وقت اڳ سرءُ ۾ ڇڻي ڪرندڙ سڪل پنن کي اڏاري ۽ ان شخص کي ساري ٿي جنهن کي نه دولت جي تمنا ۽ نه وري مشهور ٿيڻ جو مرض هو. پاپولرٽيءَ جي ڊوڙ واري دنيا جو عجيب ڪردار هو جنهن جو ڪل اثاثو ڪتاب لکيل ناول ۽ ڪجھ بي ترتيب ڪهاڻيون هيون جنهن وٽ صرف ڀڃ ڊاھ ۽ ٽوڙڦوڙ واريون ڪهاڻيون نه هيون پر هن وٽ جوڙجڪ ۽ ٺاھ ٺوھ جا ڪيترا ئي ڊراما ۽ ناول جنهن ۾ ڪيترا ئي تعميراتي ڪردار به شامل هئا. هو هن ديس جو درويش صفت انسان جنهن ۱۹۴۰ ۾ محمد يوسف بلوچ جي ڪوٽڙي واري غريباڻي گهر ۾ جنم ورتو جنهن کي پڙهڻ جا عادي سنڌي نوجوان علي بابا جي نالي سان سڃاڻيندا آهن. علي بابا جا وڏا بلوچستان کان لڏي پهرين سيوهڻ، پوءِ ڪوٽڙيءَ ۾ رهيا سندس والد ڪوٽڙيءَ ۾ ريلوي جو ننڍڙو ملازم هو. پاڻ ڇھ درجا انگريزي پڙهيو پهرين ريلوي ۾ ڪلارڪ طور هڪ سال نوڪري ڪيائين پوءِ هڪ ٽيڪسٽائيل مل ۾ اسسٽنٽ مئنيجر طور ۴ سال گذاريائين. ۱۹۶۵ع کان لکڻ شروع ڪيائين. علي بابا هڪ سٺو ناٽڪ نويس ۽ ناول نگار هو هن پهرين ڪهاڻي پڃري جا پکي ۱۹۵۴ ۾ لکي جيڪا ۱۹۶۰ ۾ شايع ٿي ته ان دور جي وڏن وڏن اديبن جا ڇرڪ نڪري ويا هئا ۽ پوءِ مسلسل لکڻ سبب سندس ڪهاڻين کي موٽ ملندي رهي. سندس ناٽڪ “دنگيءَ منجھ درياھ” ۱۹۸۱ع ۾ جرمنيءَ جي ناٽڪ واري ميلي ۾ ٽيون نمبر انعام کٽيو، جنهن ۾ هن سنڌو درياھ جي مهاڻن جو ذڪر ڪيو آهي. سندس ناول “موهن جو دڙو” قسطن ۾ هليل آهي جيڪو بعد ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو. هن جي لکڻيءَ ۾ ماحول، موضوع ۽ مسئلا گهڻو ڪري ديس ۽ ديس واسين جا ئي آهن. هو جيڪي لکندو هو ته سندس هر لکڻي ڪنهن نه ڪنهن پسمنظر ۽ حقيقت تي مدار رکندي هئي. پنهنجن همعصرن کان بلڪل جدا، نرالو انسان علي بابا جنهن شهرت کان پري ڀڄي گمناميءَ واري زندگي اختيار ڪئي. اديبن جي اليڪشنن گڏجاڻين، اعلانن احتجاجي گوڙ ۽ گمسان کان گهڻو پري رهندو هو هن نه ڪڏهن پاڻ پڏايو نه پنهنجي ذات بابت ڪا وڏي دعويٰ ڪئي توڙي سندس پڙهندڙ ۽ چاهيندڙن جي قطار تمام وڏي آهي پر هن عام اديبن وانگر پنهنجا مريد نه ٺاهيا نه وري ميڊيا جو سهارو وٺي اجائي شهرت واري مرض ۾ مبتلا ٿيو. علي بابا بنيادي طور نثرنگار هو پر هن جي نثر ۾ شاعريءَ جو چس شامل هوندو هو تمام گهٽ ماڻهن کي خبر آهي ته هن ٿوري گهڻي شاعري به ڪئي هن جي لکيل ڊرامي “دنگي منجھ درياءُ” ۾ سندس ئي لکيل گيت “اسين ماڻهو لاڙ جا، درياءُ جي پاڇاڙ جا، اترڙو ٿو لڳي” سنڌَ ۾ اڃا تائين مقبول آهي. موهن جو دڙو هن جو لازوال ناول هو پر هن ڪيتريون ڪمال جون اهڙيون ڪهاڻيون لکيون جيڪي عام طور سنڌي ادب جو سڀ کان ڏکيو سبجيڪٽ سمجهيون وينديون آهن پر هن تي ڪلا مهربان هئي ادب ۾ ڪهاڻيءَ بابت جتي نسيم کرل جهڙو بلا جو ڪهاڻيڪار پنهنجين ڪهاڻين “ڪافر” ۽ “چوٽيهون در” ۽ “پهرين مراد” بابت ڳالهائيندي اهو چوندو هو ڪهاڻي لکڻ لاءِ رت ولوڙڻو پوي ٿو ڪڏهن ٻه ٻه ڪڏهن وري ٽي ٽي ۽ چار مهينا به لڳي ٿا وڃن اُتي علي بابا سادگيءَ سان کلي چوندو هو ته مونکان ڪهاڻيون پاڻمرادو لکجي وڃن ٿيون ان ڳالھ مان سندس مشاهدي جي قوت ۽ سندس دور انديشيءَ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ بابت سوچيندي هن کي محسوس ٿيندو هو ته سنڌ مٿان مذهبي تنگ نظري ۽ انتهاپسنديءَ جو خطرناڪ حملو ٿيندو ان لاءِ هو لفظن کي جملن جي مالها ۾ پوئي ڪتابي شڪليون ڏئي اڳواٽ اهي علمي ۽ ادبي هٿيار ڪٺا ڪري رهيو هو، جن جي سنڌ کي ڪالھ کان وڌيڪ اڄ ضرورت آهي، علي بابا سئو کان مٿي سنڌي ڊراما لکيا. علي بابا جي سٺي ۽ سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪندڙ ڳالھ اها هئي ته هو کلي دل سان اعتراف ڪرڻ جو عادي هو وڏي فراخدليءَ سان چوندو هو ته اگر شمشيرالحيدري منهنجي ڪهاڻي مهراڻ رسالي ۾ نه ڇاپي ها ته منهنجي لکڻ جو جنون بي موت مري وڃي ها مان اديب نه هجان ها. علي بابا چوندو هو منهنجو ڪو به تعارف ناهي پر جيڪو ڪجھ آهيان سو پنهنجي ماءُ، چاچي ڇٽي خان، مامي عبدالله خان ۽ شمشيرالحيدريءَ جي ڪري ئي آهيان. انڪري علي بابا جي ڀيٽ انهن اديبن سان نه ٿي ڪري سگهجي جن سون تي سيڻ مٽايا جن مراعتن خاطر پاڻ کي سرڪار وٽ گروي رکيو هو اهڙو خوددار انسان هو جنهن ملڪ جي سڀ کان مهانگي ۽ وڏي ايوارڊ کي ان وقت لت هڻي ڇڏي هئي جڏهن وٽس ڪوٽڙيءَ کان حيدرآباد اچڻ لاءِ بس جو ڀاڙو به نه هو جڏهن هن هڪ انٽرويو ۾ ائين چيو هو ته مونکي اخبار پڙهڻ جو شوق هوندو آهي پر پئسا ناهن ته اخبار وٺي سگهان علي بابا اهو خوددار انسان هو جنهن پنهنجي نوجوان پٽ کي پنهنجي اکين اڳيان مرندي ڏٺو پر سرڪار کان سهائتا جي خيرات نه گهري اهڙا باڪردار فرد قومن جي ڳچيءَ ۾ نو لکا هار ٿيندا آهن جيترو سنڌ سان هن کي پيار آهي، ايترو پيار ته فقط هڪ عاشق پنهنجي محبوب سان ڪندو آهي ان جو چٽو ثبوت آهي ته ملڪ جي سڀ کان وڏي ايوارڊ کي ٺوڪر هڻي ڇڏي ۽ آخري ڏينهن ۾ ڪسمپرسيءَ واري زندگي گذارڻ واري آدرشي انسان علي بابا جي ورسيءَ واري ڏينهن تي سنڌ سرڪار جو نالي ماتر ڪم ڪندڙ ثقافت کاتو کيس ياد ڪري يا نه پر ڪوٽڙيءَ لڳ خدا جي بستيءَ واري قبرستان ۾ آرامي هن قدآور انسان کي ياد ڪري سنڌ جي سيبتي شاعر ادل سومري چيو هو. سنڌ جي مٽيءَ مان ڳوهيل آدمي، ليکا چوکا لوڪ جا لاهي ويو. ڪوٽڙيءَ مان موڪلائي ناکئو، هو دنگي درياھ مان ڪاهي ويو يا وري علي بابا جهڙن مست الست ڪردارن کي سامهون رکي لطيف سائين چيو هو ته “جوڳي جادو لائي ويا”. . . . !! علي بابا سنڌيت جو پرچاري تخليق ڪار هوش محمد ڀٽي مونکي علي بابا سان ملڻ جو ڪڏهن موقعو نه مليو آهي بس هڪ دفعو مون کيس سن جي اسٽيج تي ڏٺو هو. ان کان اڳ مون علي بابا جون ڪهاڻيون ۽ ناول “موهن جو دڙو” ۽ ٻارن لاءِ لکيل ناول “سنڌ باد جو سفر” پڙهي چڪو هئس. باقي سندس ڊرامن تائين اڄ سڌو رسائي نه ٿي سگهي آهي، نه ئي ڪو موقعو مليو اٿم ته ڪٿي ڏسي وٺان. جڏهن مون علي بابا کي پهريون دفعو ڏٺو هو ته هن ۾ مون کي ان جا سڀ ڪردار جهلڪندا نظر آيا هئا. هو سنڌي ڏند ڪٿا جو ڪو شاندار ڪردار ۽ پرسرار شخص لڳي رهيو هو. علي بابا ۾ سندس ڪردارن جا روپ ڏسي مان حيران هيس/آهيان. رند قبيلي سان تعلق رکندڙ علي بابا مون کي شاھ سائين واري رندن جهڙو لڳندو آهي جئين شاھ سائين چيو آهي ته “رند پرڙوين راز. . . ” ها علي بابا ۾ سنڌ جي ڏکن سورن ۽ تاريخي ويساگهاتين جا ڪيترا ئي الميا لڪل آهن انهن ڳجهن کي پروڙري هو پنهنجي ڪهاڻين ۾ آڻي چڪو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي هڪ وڏي عالم ۽ تاريخ نويس پير حسام الدين راشدي علي بابا کي “سنڌ جي تاريخي عظمت بيان ڪندڙ ڪهاڻيڪار سڏيو آهي. ” علي بابا ڪيترن ئي جاين تي لکي چڪو آهي ته هن لکڻ جي شروعات ننڍڙي عمر ۾ ڪئي. ڪجھ نه ڪجھ لکي وري ڦاڙي اڇلائي ڇڏيندڙ سنڌي ادب جو هي عظيم ڪردار سنڌي ادب ۾ بڙ جي وڻ جيڏي جاءِ ٺاهي ويندو اهو ته سندس سوچ ۾ به نه هوندو. ڪچي عمر ۾ لکڻ جي مشق علي بابا کان مضبوط ڪردارن واري تخليقن کي جنم ڏياريندي. ڪنهن ڇوڪري کي مئٽرڪ جي امتحان جي هال ۾ بجو ڏيڻ تان ٻاهر ڪڍيل علي بابا مئٽرڪ فيل هجڻ ڪري ڪا سڻڀي نوڪري حاصل نه ڪري سگهيو. علي بابا زندگيءَ ۾ ٻه نوڪريون ڪيون. هڪڙي ريلوي کاتي ۾ ڪلارڪي ۽ ٻئي ڪپڙي جي ڪارخاني ۾ مئينجري، جيڪي به گهڻو وقت نه هليون. سال ڪلارڪي ۽ چار سال مئينجري ۾ گذارڻ کان پوءِ علي بابا جي پيٽ گذر جو واحد ذريعو لکڻ ئي وڃي رهيو. سنڌ ڌرتيءَ جو هي رولاڪ البيلو اديب ادبي ميڙاڪن ۾ غائب رهندو آهي، مشڪل سان ئي ڪٿي ديدار نصيب ٿيندو آهي. علي بابا جي باقاعده لکڻ جو سال ۱۹۶۵ع آهي جڏهن سندس شروعاتي ڪهاڻيون “نئين زندگي” رسالي ۾ ڇپيون. علي بابا جي تخليقن ۾ توهان کي صرف سنڌ، سنڌيءَ ٻوليءَ ۽ ڪردار به سنڌي نظر ايندا. سندس تخليقن ۾ خيالي دنيا کان حقيقت وڌيڪ آهي، ماحول ۽ منظر به سنڌ جا چٽيا اٿس. سنڌ ادب جي هن يگاني مزدور علي بابا پنهنجي قلمي پورهئي مان ٽي سؤ ڪهاڻيون ۽ هڪ سؤ ڊراما ڏئي چڪو آهي. ريڊيو ۽ ٽي وي لاءِ ڪيترا ئي ٽيلي ناٽڪ، فلم اسٽوريون به لکيا اٿس. علي بابا جي بهترين ڊرامه نويس جي قابليت تڏهن سامهون آئي جڏهن سندس ڊرامي “دنگي منجھ درياھ” کي جرمني جي شهر ميونخ ۾ ڊرامن جي عالمي ميلي ۾ ٽيون نمبر قرار ڏي انعام ڏنو ويو. انهيءَ ميلي ۾ ۹۷ ملڪن حصو ورتو. “دنگي منجھ درياھ” ڊرامو سنڌو درياھ جي مهاڻن جي زندگيءَ تي لکيل آهي جنهن جيجي زرينه ڪردار ادا ڪيو هو. ڊرامي ۾ مهاڻن جو درياهي ٺيڪيدار سان جهيڙو ٿئي ٿو ۽ مهاڻن سان جيڪي مسئلا درپيش اچن ٿا انهن کي اٿاريو ويو آهي. “دنگي منجھ درياھ” ناٽڪ جي لاءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو چيو هو ته اهو ناٽڪ ڏسڻ کان پوءِ درياهن تي ٺيڪيداري نظام کي ختم ڪرايو. علي بابا جو ٻيو اهم ناٽڪ “رقص حيات” آهي، جيڪو موهن جي دڙي جي ناچڻي جي زندگيءَ تي آهي. ان کان علاوه سندس ٻالي شاهي، موکي متارا، مومل راڻو، هوشو شيدي به مقبول ناٽڪ اٿس. علي بابا جو پهريتو ڪهاڻي ڪتاب ۱۹۸۳ع ۾، ٻيو “آيل ڙي اولاڻا” ۱۹۸۴ع ۾ ۽ ٽيون ڪتاب علي بابا جون ڪهاڻيون” آهن. تازو روشني پبليڪيشن پاران سندس ٽنهي ڪتابن کي گڏي “علي بابا جون ڪهاڻيون” جي نالي سان آندو ويو آهي. جنهن ۾ سندس رڳو اڌ ڪهاڻيون آهن ۽ ان جو ٻيو حصو نه آيو آهي. سنڌي ماڻهو ازل کان حساس طبعيت رهيا آهن ان جو مثال توهان کي تاريخ ۾ به ملندو ته سنڌين تاريخ ۾ ڪڏهن ڪنهن تي هلان ڪا نه ڪئي آهي نه ئي ڪنهن قوم جو بي گناھ رت وهايو آهي. سنڌين هر دؤر ۾ امن جو هوڪو ڏنو آهي. سنڌ ڌرتيءَ جي خمير مان جنم وٺندڙ علي بابا به پنهنجي حساس مزاج مان “ڌرتي ڌڪاڻا”، “ڪجلا تجلا ماڻهو” ۽ ٻين شاهڪار ڪهاڻين کي خليقيو آهي. جن کي پڙهي مان جذبات جي وهڪري ۾ وهي ويس ۽ منهنجي اکين جا بند ٽٽي پيا ۽ مان سڏڪن ۾ پئجي ويو هئس. هر حساس دل انسان/سنڌي تي به انجو اهڙو ئي اثر ٿيندو. علي بابا سراپا سنڌيت آهي. علي بابا کي سنڌ ۽ سنڌيت جو جيڪو جنون آهي ان ڪري سندس تخليقون سنڌي سماج، سنڌي ڪلچر ۽ ٻوليءَ جو عڪس آهن جن ۾ سنڌ نظر اچي ٿي اسين پاڻ کي ڏسون ٿا. علي بابا انهن ۾ اسان جي ڳالھ ڪئي آهي اسان سنڌين جي ڏکن ۽ پيڙائن کي چٽيو آهي. موهن جو دڙو جنهنجي نالي سان اسان پوري دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سڃاتا وڃون ٿا ۽ مختلف قومن جا ماڻهو اسان جي تهذيب کي احترام جي نظر سان ڏسن ٿا. ان عظيم تهذيب تي علي بابا جو ناول “موهن جو دڙو” جو پهريون حصو ۱۹۸۵ع ۾ ڇپيو. جيڪو اڳ۾ “روح رهاڻ” ۽ پوءِ “نئين زندگيءَ” ۾ قسطوار ڇپيو هو. علي بابا کي ڪهاڻي کڻڻ جو ڪمال جو هنر آهي، سندس ڪردار، پلاٽ ۽ منظرن ۾ جيڪا جان آهي. اها کيس سگهارو قلمڪار ثابت ڪريس ٿي. هن ناول ۾ هن سنڌو سڀيتا کي اسان جي اڳيان آئيني جيان ڏيکاريو آهي. پر وڏي ڏک جي ڳالھ آهي ته ان ناول جو پهريون حصو پڙهي گذريل ڏهن سالن کان ٻئي حصي جي پڇا ڪندو رهان ٿو. مان سمجهندو هئم ته ان جو ٻيو حصو ڇپيل آهي شايد ڇپجي نه سگهيو آهي پر نه علي بابا خود پنهنجي ڪنهن انٽرويو ۾ ان جو اقرار ڪري ٿو ته مون کان هاڻي اهي ڪردار وڌيڪ تخليق نٿا ٿي سگهن. مون سميت سنڌ جي کوڙ سارن پاٺڪن کي هن ڪلاسيڪل ناول جي ٻئي حصي جو انتظار آهي پر ۳۲ سال گذرڻ باوجود علي بابا خبر ناهي ڇو ان جي ٻئي حصي لکڻ ۾ سنجيده نه هو. هاڻي علي بابا ڪڏهن لکي ب ن سگهندو. پر پوءِ به اسان کي انتظار آهي ۽ رهندو پوءِ ڇو نه ڪو ٻيو قلم ڌڻي ان تي قلم کڻي پورو ڪري. آء ب پنهنجي طرف کان ڪوشش ڪندس. علي بابا جو ٻيو ناول “سنڌ باد جو سفر” جيڪو ٻارن لاءِ لکيو اٿس. اهو ناول ۱۹۹۳ع ۾ شايع ٿيو. سنڌ باد جي سفر ۽ ان ۾ موجود ڪردارن کي علي بابا سنڌي روپ ڏنو آهي جهڙوڪ اهو سنڌي قصو ٿي ويو آهي. اهو سندس فن ڪاريگري جو اعليٰ مثال آهي. علي بابا سنڌ جو مسڪين ۽ سادي طبيعت رکندڙ پنهنجي جوهر ۾ هڪ حقيقي ۽ مڪمل سرجڻهار آهي. جنهن وٽ اڻ کٽ ڏات آهي جنهن سان هو پنهنجي تاريخ، تهذيب ۽ ٻوليءَ ۽ عظيم ڪردارن کي دنيا جو آڏو پيش ڪري ٿو. علي بابا جبار آزاد منگي علي بابا جو اصلي نالو علي محمد، سندس والد جو نالو محمد يوسف بلوچ. ۱۹۴۰ع، ۸ آگسٽ ۱۹۴۰ع تي ڪوٽڙيءَ ۾ سندس جنم ٿيو. سنڌي ٻوليءَ جو هو هڪ ناليوارو ناول نگار ۽ ڊراما نويس هو. سندس وڏا بلوچستان کان لڏي پهرين سيوهڻ، پوءِ ڪوٽڙيءَ ۾ رهيا. سندس والد ڪوٽڙيءَ ۾ ريلوي ملازم هو. پاڻ ڇھ درجا انگريزي پڙهيو. علي بابا پھرين ريلوي ۾ ڪلارڪ طور گهڙيو. هڪ سال نوڪري ڪيائين. پوءِ ٽيڪسٽائيل مل ۾ اسسٽنٽ مئنيجر طور ۴ سال گذاريائين. ۱۹۶۵ع کان لکڻ شروع ڪيائين. علي بابا سنڌ ۾ اهو ئي ليکڪ/ ساهتيڪار هو، جنھن جو ڪمائيءَ جو وسيلو فقط قلم هو. ادب سندس پيٽ ڀرڻ جو ذريعو هو. علي بابا هڪ سٺو جي لڳ ڀڳ ناٽڪ تخليق ڪيا. ڪھاڻيڪاري سان گڏ هو هڪ ناول نويس پڻ هو. سندس ناٽڪ “دنگيءَ منجھ درياھ” ۱۹۸۱ع ۾ جرمنيءَ جي ناٽڪ واري ميلي ۾ ٽيون نمبر انعام کٽيو، جنهن ۾ هن سنڌو درياھ جي مهاڻن جو ذڪر ڪيو آهي. سندس ناول “موهن جو دڙو” ڪنهن مخزن ۾ قسطن ۾ هليل آهي. جيڪو بعد ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپجي چڪو آهي. هن جي لکڻيءَ ۾ ماحول، موضوع ۽ مسئلا گهڻو ڪري سنڌ جا آهن. هو جيڪي لکندو هو، سو ڪنهن نه ڪنهن پسمنظر ۽ حقيقت تي مدار رکي ٿو. پنهنجن همعصرن کان بلڪل جدا، نرالو پر ناليوارو. هن جا ڪردار سامهون جيئرا انسان آهن. پڙهندي ڪڏهن همدردي ته ڪڏهن نظام (حڪومت) برخلاف نفرت جو ڀاؤ پيدا ٿيو پوي. علي بابا، ۸ اگسٽ ۲۰۱۶ سومر ڏهاڙي وفات ڪري ويو. (جبار آزاد منگي جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۸ آگسٽ ۲۰۲۱ع تي رکيل/ کنيل) علي با با ۽ سرڪاري سول ايوارڊ (علي بابا کي جنم ڏينھن مبارڪ - متان وسري نه وڃي) رزاق سهتو علي بابا. . سنڌ جي هن جينيس ليکڪ سان ڪجھ يادگيريون لاڳاپيل آهن. جيڪي واري واري سان لکندو رهندس ڏاڍودلبر ماڻهون هو. ڪراچي گلشن اقبال ڪالابورڊ يونيورسٽي روڊ علائقي ۾ حور پئليس جي فليٽ ۾ رهندو هئس. ٿوري پنڌ جي فاصلي تي ڳوٺ هيو جتي هزاري وارا گھڻائي ۾ آهن. خبرنه هئي ته ڪوعلي با با به ان ڳوٺ ۾ رهندو آهي. قاسم سيال نوجوان هو جيڪوادبي سنگت ڪراچيءَ جي گڏجاڻين ۾ ايندو هئو. هن سان جڏهن گھرائپ وڌي ته ٻڌايائين توهان جي ڀرسان جيڪو ڳوٺ آهي ان ۾ ئي رهندو آهيان علي بابا به اتي ئي رهندو آهي. مون پنهنجو ڪهاڻي ڪتاب “اڌ وهي” علي بابا ڏانهن ڏياري موڪليو. هڪ هفتي جي وٿيءَ کانپوءِ گهر جي ڊوربيل وڳي ته پٽ ٻاهر ويو هن اچي ٻڌايو ته ڳاڙهن وارن سان ڪو ڀائي آهي چويٿو رزاق سان ملڻو آهي. ٻاهر نڪري ڏسان ته علي بابا بيٺو آهي. خوشيءَ جي حد نه رهي اچي ڊرائنگ روم ۾ ويٺاسين. ڪچهري شروع ڪئي ته چيائين؛ “پهريون آءُ ڳالهائيندس تنهنجي ڪهاڻي ڪتاب جي باري ۾. “ کيس ڪيتريون ئي ڪهاڻيون وڻيو ۽ جيڪي کيس وڻيون انهن ڪردارن جا نالا جملا سڀ ياد هيس مان حيران ٿيندو پئي ويس ته ڪيڏو نه گھرائي سان ڪهاڻي ڪتاب پڙهيو اٿائين کيس ڪهاڻي “نماءُ” ۽ “اڌ وهي” ڏاڍيون پسند آيون. اڌ ڪلاڪ کن منهنجي ڪهاڻين جي باري ۾ ڳالهائيندو رهيو. پوءِ چيائين “هاڻ تون ڳالهاءِ” ائين ڪچهري هلندي رهي، چانهه شامي وغيره به کائيندا رهياسين. پوءِ اسان ٻنهي ۾ ويجھڙائپ وڌي، . گھرائپ ٿي. علي بابا خبر ناهي ڪنهن سان دل جون ڳالهيون ڪيون الائي نه پر مون سان ڪندو هئو ۽ صلاح به وٺندو هئو. مان حيران ٿيندو هيس ته پاڻ ڪيڏو وڏو ماڻهون آهي صلاح وري مون سان ٿو ڪري خير اهو ۲۰۰۲ يا ۲۰۰۳ جو زمانوهئو. هڪ ڀيري ڇا ٿيوجو درتي بيل وڳي گھرواري دروازي وٽ وئي. علي جيئن ئي گھرواريءَ کي ڏٺو پٺي ڏئي بيهي رهيو ۽ ڏاڪڻيون هيٺ لهي ويو. منهنجو فليٽ ٻي ماڙ تي هوندو هئو. گھرواري دربند ڪري موٽي اچي چيو ته ڳاڙها وار هيس. ڪلين شيو هيو. ڳالهايائين ڪجھ ڪون هيٺ ڏاڪا لهندو هليو ويو. مان سمجھي ويس علي بابا ئي هوندو. تڪڙو گھر کان ٻاهر نڪري سڏ ڪيم. پاڻ جواب ڏنائين ته هيٺ بيٺو آهيان. لهي ويس پڇومانس؛ “پيارا هيٺ ڇو لهي آئين؟” چيائين؛ “ڀاڄائي ٻاهر نڪري آئي. ان جي سامهون ڪيئن ٿيان. ان ڪري خاموشيءَ سان هيٺ لهي آيس. ” مان کيس مٿي وٺي اچي ڊرائنگ روم ۾ ويهاريو. ڏاڍو پريشان ۽ سوچ ۾ پئي لڳو. چيومانس؛ “خيرته آهي ادا علي ڇو پريشان آهين؟” چيائين؛ “سرڪار سول ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي وٺڻ گھرجي يا نه” چيم؛ “ادا علي تو کي وٺڻ گھرجي! پئسا ڪي سرڪار پنهنجي گھران ٿورئي ٿي ڏئي اهي عوام جا آهن. توکي ضرورت به آهي. ڇو نه وٺين حقدار به آهين. تنهنجو حق آهي. ” پاڻ چيائين؛ “يار منجھي پيو آهيان. اسان وٽ ڪي اهڙا ادارا به ناهن جيڪي ليکڪن کي صلاح ڏين ته اهڙا سرڪاري سول ايوارڊ وٺڻ گھرجن يا نه!” پوءِ هو اداس ٿي ويو. بلڪل خاموش ٿورو گھڻو مان ڳالهائيندو رهيس. مانيءَ جووقت هئو اسان گڏجي ماني کاڌي پوءِ چيائين“ آنءُ هلان ٿو” ٻن ڏينهن کانپوءِ اخبار ۾ پڙهيو ته علي بابا سرڪاري سول ايوارڊ وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ها سائين خوددار ليکڪ ائين ئي ڪندا آهن. (رزاق سھتو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۸ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي کنيل) علي بابا ھڪ باغي جوڳيسر! رام اوڏ ڪو زمانو هو ليکڪ ۽ شاعر درٻارن ۾ اُجرت يا وظيفي تي لکندا هئا. اهي واکاڻ جا واڄٽ ڪري ”روزي حلال ڪندا“ هئا. ايئن تاريخ ڄڻ حڪمرانن جي ويهاريل سُريت ٿي وئي ۽ آرٽسٽ گولن جا غلام ٿي انهن جي درن جي چائنٺ تي مري کپي ويندا هئا ۽ شاعر حضرات قافيا ۽ رديف ملائي بادشاھه ۽ راڻي جي جمالياتي حس کي مالش ڪندا هئا. قلم جو ڪنڌ جڏهن جُهڪي ويندو آهي، تڏهن ان جي لکندڙ جو ضمير به مري ويندو آهي. تاريخ جو اهو دور اڄ به جاري آهي. هي خوشامد، بوٽ پالش ۽ چمچاگيري جو دور آهي. هتي اڪثر اديب، شاعر ۽ صحافي بازار جي وکر جيان وڪرو ٿي رهيا آهن. سُر درٻاري ۾ هو جُهونگارين ٿا ۽ قصيده لکي مراعتون حاصل ڪن ٿا. سنڌ ۾ لکاري طبقي جي خسيس پڻي سبب سچايون دٻجي وڃن ٿيون ۽ حڪمران طبقي کي زيادتيون ڦٻي وڃن ٿيون. اهڙي ماحول ۾ علي بابا غريبي ۾ گذاريو پر ڪنهن مسند ۽ مفادن لاءِ نه لکيو. لکڻ جو هي اسٽائيل ارڏائپ ۽ خودداري سان ڀرپور هو. علي بابا جي زندگي ڪنهن لاڏائو قبيلي جي دربدري جهڙي هئي. هو هڪ جپسي هو. (سنڌ ۾ جيڪو اديب “حاڪماڻي بيهڪ” جو حصو ناهي ۽“سامراجي سرشٽيءَ” جي وڇايل نيٽ ورڪ يعني اين جي اوز کان ٻاهر آهي اهو جپسي ناهي ته ٻيو ڇا هي؟) هو ايئن ئي ڀٽڪندو رهندو هو جيئن هن جي ڪهاڻين جا ڪردار ڌرتيءَ ڌڪاڻا ٿي ڀٽڪندا هئا. هن جو وجود ۾ ڪٿي به ڪو ٺڪاڻو نه هو. هو پنهنجي ڪهاڻين جيان اڻپورو هو، وجودي ڪيفيت ۾ رهندو هو. هو ڪٿان کان ايندو هو ۽ ڪيڏانهن گم ٿي ويندو هو. هن جي ڪا ايڊريس نه هئي. هن جي زندگي جو هر پل درد جو احساس هو، اهو درد جيڪو هن جي جيون جو اٽوٽ حصو بنجي چڪو هو. علي بابا ۽ درد هڪ شيءَ جا ٻه نالا آهن. اهو درد هن جي لکيل ڪهاڻين ۾ محسوس ڪري سگهجي ٿو. جيئن سنڌ جا دراوڙ هن جاگيرداراڻي سماج جي گهاڻي ۾ ڀوڳين ٿا، ايئن علي بابا به دراوڙ ٿي ڀوڳيندو هو ۽ جيئندو هو. هن سماج ۾ دراوڙ ٿي جيئڻ ۾ به ڪيڏو نه عذاب آهي! علي بابا منفي تاريخي ارتقا جو ڪرب جهاڳي ٿو، ايئن سنڌو ماٿر جي تهذيب موئن جو دڙو، سنڌو درياءَ ۽ دراوڙ هن جي ناول ۽ ناٽڪ ۾ عروج و زوال ڏسن ٿا. هو وقت جي جبر سان پيدا ٿيل ڌنڌ پاڇن جي ڪهاڻي ڏاڍي سچائي سان بيان ڪري ٿو: هڪڙي ڏهاڙي هڪڙو چٻ جهڙو پوڙهو تاريخدان منهنجي اونداهي ڪمري ۾ آيو ۽ حقي جهڙي بڙ بڙ ڪندي آواز سان چيائين: “مون ٻڌو آهي ته تون دراوڙن جي تاريخ لکي رهيو آهين؟” چيم، “ها، مان وقت جو نوجوان آهيان_ مان دراوڙن کان عبدالرزاق شهيد تائين تاريخ لکي رهيو آهيان. ” (نوان پيغامبر) علي بابا جي پوري ٽهي ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کانپوءِ جي دور سان تعلق رکي ٿي. ورهاڱي گهرا ۽ دردناڪ اثر مرتب ڪيا هئا. انهي پسمنظر جي ناسٽلجيا ۾ لکيل سندس هڪ ڪهاڻي“ڌرتيءَ ڌڪاڻا” آهي. هن ڪهاڻي ۾ پوسٽ_ ڪالونيل حالتن جي تشريح آهي. علي بابا سنڌو ندي جي ڪناري تي ويهي سنڌو جي ڦوھه جواني جا دور به ڏٺا ته سنڌو جي پيٽ ۾ اڏامندڙ واري جا طوفان به ڏٺا. هن ڄاتو ٿي ته دنيا جون قديم تهذيبون دجله فرات، نيل، هوانگ ۽ سنڌو جي ڪنارن تي آهن. سنڌو درياءَ هماليه جبل جي تبت کان ڪيلاش پربت جي مانسرو ڍنڍ مان نڪري يارنهن سئو ميل ڪشمير جي گلگت واري جابلو واري علائقي کي لتاڙيندي، ٻارنهن هزار فوٽن جي بلندي تان پنهنجو رخ اختيار ڪري، پنجاب ۽ خيبر پختونخوا صوبن کان ٿيندي مٺن ڪوٽ کان ڪشمور وٽ ارڙهن سئو ميل وهي، ڪيٽي بندر وٽ ڇوڙ ڪري ٿو. انهي سنڌو تي وسندڙ سنڌ تي علي بابا جذباتي انداز ۾ لکي ٿو: “سنڌ ڪنهن نڌڻڪي ساوتري جو نالو ڪونهي جو جيڪو لئي مان لٺ ڀڄي ليڪو هڻي کيس ڊاهي ڇڏي. آهي ڪو ماءُ ڄائو جو ڀڳي ٺوڙهي کي پنهنجي جڳھه تان ڌوڏي سگهي، ڪو آهي جو ڪارونجھر، کير ٿر، هالار کي پنهنجي جڳهين تان اکوڙي سگهي، ڪو آهي جو پاراشر ۽ سورجاڻي کي پاڙان پٽي اڇلائي! اڃان گهڻا سڪندر ايندا، پر درياءَ شاهه وهندو رهندو. ” ( ڌرتيءَ ڌڪاڻا) ڪي ليکڪ رڳو شهرت ۽ مفادن لاءِ لکندا آهن، ته ڪي وري پنهنجي آدرشن جي سچائي جي ڦهلاءُ لاءِ لکندا آهن. علي بابا پنهنجي لفظن، ڪردارن، ڪردارن جي نالن ۾ هڪ معنيٰ پوئي ٿو. هن سنڌ جي سيڪيولر ڪلچر ۽ تهذيب، ماڻهن جي وسيلن جي ڀيلاڙ ۽ رولاڪي جي حقيقت جو اسڪيچ چٽيو آهي. هو ڪهاڻين جي رڳن ۾ مسلسل سڃاڻپ جي بحران ۾ گذرندو رهي ٿو، شايد، هن جا لکيل ماسٽر پيس “موئن جو دڙو” ۽ “دنگي منجھه دريا” اهڙي ڪيفيت جو عڪس آهن. علي بابا هڪ غير روايتي ماڻهو هو. سندس سوچ جي اک اُلٽي هئي. هن جا ڪي خيال ۽ دليل هن سماج جو هاضمو خراب ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن. اهو اظهار جدلياتي آهي: “مان دل تي وڏي واڪ هٿ هڻي چوان ٿو، آدجڳاد کان موسمون بدلڻ ويل، سج ڪراڪروم جي چوٽين کي وگهاريندو رهيو آهي. ڪنهن به شيءَ تي جمود طاري ٿيڻ جو سوال ئي نٿو پئدا ٿئي. ” ( اونداهيون ڏسائون ۽ مان” حقيقت ۾ آرٽ جو اصل ڪم مروج مدي خارج سوچن ۽ تصورن کي ٽوڙڻ، نت نواڻ پيدا ڪرڻ، ريشنل ائپروچ جوڙڻ ۽ نئون سماج اڏڻ هوندو آهي. علي بابا پنهنجي لکڻ ۾ احتجاجي آهي، مڪمل باغي آهي. هو وڃايل شناخت، اُجاڙ کيتن، اُداس ملاحن، مظلوم ڪولهين ۽ دربدر نسلن تي بار بار ويچاري ٿو، اهڙي رڃ ۾ ڀٽڪڻ کانپوءِ هو گاريون به ڏيئي ٿو ۽ ڪاوڙ جي جلترنگ کي جهڪو ڪري ٿو. هن جي ڪهاڻين جا ڪردار ڏتڙيل ۽ مظلوم پورهيت ماڻهن جي ڀوڳنا تي ڳالهائين ٿا، ته عورت جي سماجي ويڳاڻپ تي ويچار ڪن ٿا. جيئن حسن درس جي شاعري ۾ عورت ڇانيل آهي، ايئن علي بابا جي ڪهاڻي جو مرڪزي ڪردار به عورت آهي، پر فرق هي آهي ته حسن جو عورت سان رويو رومانوي آهي، جڏهن ته علي بابا انهن عورتن جي درد ۽ پيڙا تي لوچي ۽ لُڇي ٿو. ڪهاڻي جي روپ ۾ هي سنڌ شناسي آهي. تاريخ جي تشريح جو هي انداز غير روايتي ۽ دلچسپ آهي. اها تاريخ محلاتن جي عروج جي ساراھه ۽ بادشاهن جي ثناخواني نٿي ڪري، هي تاريخ غريب عوام جي پيڙاءُ جي تاريخ آهي، هو فڪشن ۾ سنڌ جي اِتهاس جي اُپٽار ڪري ٿو، ۽ اهڙي ماضي ۾ غوطا زن ٿي وطن جي مٽي ۾ مروي جهڙي هُٻڪار محسوس ڪري ٿو. هو سنبارا جهڙي سراپا سيڪيولر سوچ کڻي تاريخ ۽ تمدن جي ورقن ۾ گم ٿي ڪهاڻيون تخليق ڪري ٿو. تخيل جي اها پرواز پاتارن ۽ پولارن ۾ ڀٽڪي روشن خيال تصورن سان زندگي جي ڪٿا جو منطقي تجزيو ڪري ٿي. آرڪيسٽرا جي ڪرائي ۾ ڪلا جهڙو هي Spontaneous ڊائيلاگس جو اُڻت تجريدي آهي ته حقيقي به آهي. هڪ خوددار ۽ کرو آرٽسٽ ايئن ئي لکندو آهي. هن جي جيون جا پيچرا ريگزار هوندا آهن. سچائي جي موٽ ۾ بي قدري هن جو پيڇو ڪندي رهندي آهي. رڻ جهاڳندڙ اهڙين راهن ۾ ٿوهرن جا ڪنڊا وڇايل هوندا آهن، پوءِ به هو ڪارونجهر جي ڪور تي مور جي رڙ جو پڙاڏو هوندا آهن، هو ظالم، ڦورو، سفيد ڪالر رت پياڪ ۽ غنڊي جي ٻوٿ تي زوردار ٺونشو هوندا آهن. اڪثر “مها اديب”پوئتي هٽي ويندا آهن. ڪي علي بابا آڻ نه مڃيندا آهن. هو چوي ٿو: “.... تون عجيب ڇوڪري آهين، اُهي ناڪيلي ڏيندڙ گيت ڪنهن لاءِ ٿي لکين؟” “ڇا گيتن سان سر سنگيت موٽي نٿو سگهي. ” “پرٿويءَ جي اتهاس ۾ ته ايئن ڪڏهن به ناهي ٿيو. ” “ان جو ڪارڻ” ڪارڻ... شايد ان جو ڪارڻ فقط هڪڙو آهي، فائن آرٽ جي دنيا جا ماڻهو هيڻا ۽ گيدي ٿيندا آهن.... . ” ( ساروڻا سارو جيون) هن سماج ۾ جيڪو ماڻهو سرمائيدار ۽ جاگيردار ڪلاس جو حصو آهي، اهو موج مستين ۾ آهي ۽ جيڪو بي واجبين تي سوچي لوچي ٿو ۽ ان خلاف جهيڙي ٿو، سو ڪاٺ ۾ آهي. ڌرتي تي ڏکين حالتن ۾ علي بابا جهڙو جينيئس نارمل زندگي ڪيئن گذاري ؟ هن ٻهڳڻي ناولسٽ ۽ ڪهاڻيڪار جي ادبي ليگيسي (Legacy)۾ باغي نسل جو تسلسل آهي. اهي باغي جيڪي بک جي سبب تي لکن ٿا، جيڪي ناانصافي تي احتجاج ڪن ٿا، جيڪي ظلم جي انتها تي ڀرپور آواز بلند ڪن ٿا: “امان جون اکيون اونداهي آسمان ڏانهن کڄي ويون، ڄڻ هن جو نظرون ڪجهھ تلاش ڪري رهيون هجن ۽ هن انتهائي ڀريل آواز سان چيو، “ڏس پٽ! اڄ چنڊ ڪٿي نڪتو آهي؟ پاڻ غريب آهيون. پنهنجي ماني جو حساب چنڊ وانگي آهي. ڪڏهن چوٿون، ڪڏهن اڌ، ڪڏهن سڄي ته ڪڏهن آهي ئي ڪونه. ” مون اونداهي آسمان ڏانهن نهاريو ۽ ماءُ جي ڪڇ ۾ اگهور ننڊ ۾ پئجي ويس. ” ( چنڊ ۽ ماني) علي بابا جي لکڻ ۾ بي ربط خيالن جو وهڪرو آهي. هن جي افسانوي لکڻي پنهنجي مزاج، موضوع، هيئت ۽ ٻولي جي اعتبار کان کين سندن همعصر لکارين کان الڳ بيهاري ٿي. هو لفظن جي پولارن ۾ خوبصورت منظرڪشي ڪري ٿو: تار ڪڻ ڪڻ، ندي ڪنارو، پورنماس اڱڻ ۽ نشي ۾ ڍرڪيل رات. ڪارا ڪارا بادل. ڀنڀا ڀنڀا وار. وٽڙيل وٽڙيل روشني. اڍڙيل اڍڙيل ساھه. ڇمر جمهر ۾. چنڊ ٽٻيءَ ۾. ارھه جو تجلو، آڳ بدن ۾. ڇنن... ڇنن... ڇم... ڇم... پائل جي جهنڪار. _ او سرتا! ڇا پيو ڦولهين؟ _ ساهن جي سرهاڻ. ( ڪهاڻي: جيون ڪوئي جهوٽو آهي!) علي بابا جي لکڻين جو جوهر هن جي زندگي جي آخري ڏهاڪي ۾ جهڪو ٿي چڪو هو. هن لکڻ گهٽائي ڇڏيو. هو مفلسي سامهون دل شڪستو ٿيو هو؟، يا هن جي لکڻين جي موٽ ۾ سماج جي بي حسي عروج تي هئي ۽ هو اهڙي بي حسي سامهون ڪنهن باغي جوڳيسر جيان خاموش هو؟، يا هو پنهنجو اظهار ڪري چڪو هو؟، ڇا به هو، پر اها هن جي بيباڪي، جرئت ۽ سچائي هئي جنهن جي ڪري هو ڀيڙ کان ٻاهر بيٺل هو. هو حشو ڪيولراماڻي جي زبردستي جلاوطن ڪيل درديلي زندگي جو اولڙو ٿي پيو هو. (ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۸ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل) علي بابا مير سردار چنڙ سنڌ ۾ ادبي هيرن جي ڪا کوٽ ناهي سنڌ ۾ سوين ستارا اڀريل آهن اڄ به جڳمڳ آهن جن سنڌي ادب کي مالا مال ڪيو آهي. انهن مان سنڌوءُ جو سڪيلڌو علي بابا پڻ هڪ آهي. علي بابا ۷ جولاءِ ۱۹۴۵ع تي نانگو لائين ڪوٽڙي ضلعي دادو (هاڻوڪي ضلعي ڄامشوري) ۾ محمد رمضان رند جي گھر ۾ جنم ورتو. سندس نالو علي محمد رکيو ويو، ڪنهن به نه ڄاتو هو ته هي ٻروچاڻو ٻار علي محمد وڏو ٿي علي بابا جي روپ ۾ عالمي ليول جو ڪهاڻيڪار ٿي سنڌي ادب جو نانءُ روشن ڪندو. علي بابا جا وڏا اصل بلوچستان جا هئا جيڪي بلوچستان مان لڏي اچي سيوهڻ ۾ رهائش پذير ٿيا. علي بابا جو پيءُ محمد رمضان بلوچ ريلوي ۾ شنٽنگ پائليٽ هو، جيڪو ڪوٽڙي لڏي آيو. علي بابا پرائمري تعليم نانگو لائين ڪوٽڙي مان حاصل ڪئي ۽ پوءِ شير دل هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي. جڏهن ميٽرڪ جا امتحان ٿي رهيا هئا ته علي بابا هڪ ڇوڪري کي ڀونڊو ڏنو ته کيس هڪ استاد امتحان سينٽر مان ڪڍي ڇڏيو، پوءِ وري هن اسڪول جو منهن نه ڏٺو ۽ ميٽرڪ ۾ فيل ٿي ويو. علي بابا پهرين ريلوي کاتي ۾ ڪلارڪ طور ڀرتي ٿيو جتي ست سال نوڪري ڪيائين. بعد ۾ ڪپڙي جي مل ۾ اسسٽنٽ مئنيجر طور ڪم ڪيائين، ۱۹۶۵ع ۾ نوڪري ڇڏي لکڻ پڙهڻ شروع ڪيائين. علي بابا ننڍپڻ کان ئي لکڻ شروع ڪيو هو، جنهن جو ذڪر ”سنڌ باد جو سفر“ ۾ ڪندي چوي ٿو ته مون تمام ننڍي عمر ۾ لکڻ شروع ڪيو هو. ڏهن ٻارنهن سالن ۾ ان وهيءَ ۾ منهنجو اديب بڻجڻ جو چٽو پختو خيال هو مون وٽ ڪنهن وڏي آفيسر انجنيئر يا ڊاڪٽر ٿيڻ جو تصور ئي نه هو پيو ڪاڳر ڪارا ڪندو هئس. اهڙيءَ طرح علي بابا ننڍپڻ کان لکڻ شروع ڪيو، پنهنجي منهن لکندو هو وري ڦاڙيندو هو لڳاتار سلسلو هلائيندي ۱۹۶۵ع کان باقاعدي رسالن ۾ ڇپجڻ لڳو. سندس پهرين لکڻي شمشير الحيدري جي مئگزين ”نئين زندگي“ ۾ شايع ٿي ۽ انهيءَ رسالي ۾ آخر تائين شايع ٿيندو رهيو. علي بابا پنهنجي قلم کي سچ ۽ نيڪ نيتي سان هلايو هن سماج لاءِ پاڻ پروڙيو هن سدائين سخت پورهئي سان لکيو نه ڪي ڪنهن سستي شهرت ڏانهن ڀڳو. علي بابا جا پسند جا موضوع موهن جو دڙو، سنڌو درياءُ، ڪارونجھر جبل، ٻيڙي، مهاڻا ۽ تاريخ هئا. علي بابا جو هڪ عظيم خواب هو ته سنڌو درياءُ کي ماضي واري موجن ۾ ڏسي ان جي چوڌاري وڻ ٻيلا ڏسي سنڌ ۾ پاڪ پويتر پاڻي ڏسي نه ڪي پنجاب جي فيڪٽرين جو ڪيميائي پاڻي ۽ سکر حيدرآباد تائين جي گٽرن جو پاڻي ڏسي، علي بابا سنڌو کي ٻيهر موجن ۾ ڏسڻ چاهيو پئي. علي پنهنجي جيون ۾ ۳۰۰ کان مٿي ڪهاڻيون ريڊيو ڊارما لکيا، علي بابا جي ڪهاڻين جا ڪردار سگهارا ۽ واضح هئا هو پنهنجي ڪهاڻين ذريعي پٺتي پيل ماڻهن جي دردن جو آواز بڻيو، سندس ڪهاڻين ۾ غريبن باليشاهين جي زندگين جا داستان سنڌو درياءُ رني ڪوٽ ڪارونجھر جبل جا عڪس پسمنظر موجود آهن. علي بابا جي ڪهاڻي جي موضوع حوالي سان مدد علي سنڌي پنهنجي مضمون ”ڪا ڳالهه هئي جيڪا مون نه سئي“ ۾ لکي ٿو ته، ”علي بابا جڏهن ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون تڏهن سنڌي ڪهاڻي جو اهم دور هو، پر اسان جي ليکڪن جي ڪهاڻين جا گھڻو ڪري موضوع وڏيري ۽ هاري تائين محدود هوندا هئا. جيتوڻيڪ حفيظ شيخ، حميد سنڌي، غلام نبي مغل، نسيم کرل، نوان موضوع آندا هئا، پر علي بابا اهو ڪهاڻيڪار آهي، جنهن سڀ کان پهرين قومي ڪهاڻين جو آغاز ڪيو. اها ڳالهه ۱۹۶۰ع جي آهي. علي بابا هڪ حساس ڪهاڻيڪار هو هڪ اهڙو ڪهاڻيڪار هو جيڪو ڪنهن موسم يا وقت تائين محدود نه هو، هر وقت پيو لکندو هو، سندس هر ڪهاڻي ۾ احساس سمايل آهي. شاعراڻي ڪهاڻي جو فن به علي بابا لکڻ ڄاڻي سندس هر ڪهاڻي جي شروعات دلچسپ ۽ پڇاڙي ڇرڪائيندڙ هوندي آهي، اهم گڻ انهن ۾ هوندا آهن جيڪي پنهنجي پڙهندڙن کي پاڻ طرف ڇڪڻ ڄاڻيندا آهن، ايئن علي بابا جون ڪهاڻيون به سنڌ ۽ سنڌين جو روح آهن. سنڌو کان ويندي ڪارونجهر، ڪينجھر ۽ رني ڪوٽ کي علي بابا پنهنجي اصل حيثيت سان ڏيکاريو آهي. علي بابا اهي سنڌ جا اصل ڪردار ڳولي اسان آڏو پيش ڪيا آهن جن کي اسان لاپرواهي ۾ وساري چڪا آهيون. سندس ڪهاڻيون سماج جو چٽو پٽو عڪس آهن جنهن ۾ سماج جا سڀ رنگ جڙيل آهن. علي بابا چنڊ ۽ ماني، جانورن جي دنيا، دي ايڊيٽر، ڪارونجهر جا قيدي، اسان ماڻهو لاڙ جا، جهڙيون ڪيتريون ئي شاندار ڪهاڻيون اسان کي سرجي ڏنيون. علي بابا پي ٽي وي تي ۱۰۰ کان مٿي ڊارما لکيا جن ۾ ٻالي شاهي، موکي ۽ متارا، مومل راڻو، هوشو شيدي، رقص حيات، (جيڪو موهن جي دڙي جي ناچڻي ۽ ان جي زندگي تي هو) ۽ دنگي منجهه دياهه ۽ ٻيا مشهور ٿيا. دنگي منجهه درياهه: دُنگي منجهه درياهه علي بابا جو هيءُ هڪ اهڙو شاهڪار ڊارمو هو جنهن ڏسندڙن کي ڏندين اڱريون ڏيئي ڇڏيون، سڀ ان ڳالهه تي حيران هئا ته علي بابا سنڌي ادب ۾ اهڙو ڊارمو ڪيئن سرجي سگھي ٿو. ۱۹۷۶ع ۾ جرمني جي شهر ميونخ شهر جي عالمي ميلي ۾ پيش ڪيو ويو هو، جتي ۷۹ ملڪن حصو ورتو هو. ان ميلي ۾ هن ڊارمي ٽين پوزيشن حاصل ڪئي هئي، اهو پهريون سنڌي ڊارمو هو جيڪو مهاڻن تي لکيو ويو هو. هن ڊارمي ۾ سنڌو درياهه جي جيون کي شاندار نموني سان پيش ڪيو ويو هو مهاڻن جي زندگي ۽ انهن جي رهڻي ڪهڻي ٻولي تي اعليٰ طريقي سان پيش ڪيو ويو آهي. هن ڊارمي ۾ ٻولي جي حوالي سان به بهترين ڪم ڪيو آهي. سڀني ڪردارن سان ڀرپور نڀايو ٺيٺ سنڌي استعمال ڪئي آهي پهاڪا پڻ شامل آهن. هن ڊارمي ۾ ٽي مرڪزي ڪردار شامل آهن ڍانڍي (مڙس)، ڏاڻو (زال)، ساماڻو (پٽ). علي بابا ٽنهي سان برابر انصاف ڪيو آهي، انهن ٽنهي مان ڏاڻو تيز عورت جو ڪردار ادا ڪري ٿي. ڊارمي جو ڪجهه منظر هيٺ پيش ڪجن ٿا. ”ڍانڍي ڄار سولو ڪري سرهه سڌو ڪري ٿو. ٻيڙي درياهه ۾ چير وجھندي، هوائن جي زور تي ڪنهن طرف وڌندي ٿي نظر اچي، ڪئمرا ڏاڻو کي ٻنهي ٻارن جي وچ ۾ ليٽيل ٿي ڏيکاري، اوچتو ڏاڻو جو پٽُ ننڊ مان ڇرڪ ڀري روئڻ ٿو لڳي. ٻار: آن آن... موندو ڦوتنو... آن... آن... آن.... (هيج مان) ڏاڻو: الي الي توندو ڦوتنو خواب لڌو اٿئي ماٿلي ڪري سمهي پئُه لطيف اجهو آيو ڪيِن آيو پوءِ پانجي پت کي گالو گالو ڦوتنو وٿي ڏينديس ۽ رنگ برنگي ڳانو ڳچيءَ ۾ پائيندين نه... *** ڍانڍي: رن، منڇر مان لڏائي، ڪينجهر مان لڏائي، هاڻ درياهه شاهه تان به ٿي تڙائين ڇا؟ ڏاڻو: ڇو، وات ڇو بند ڪريان؟ درياهه بادشاهه جي دُن ۾ ايتريون مڇيون به ڪونه هونديون جيتريون منهنجي پيٽ ۾ گاريون- او.... ڪوٽڙي واري پل تان بيهندي سانءِ (منشي کي نهاري نماڻائيءَ مان) ڍانڍي: سائين، دل ۾ مَ ڪجان هيءَ ٿوري واترادي آهي (ڪجهه جھيڻو ٻوليندي ٿهمَر سان) ڏاڻو: ڇو؟ آئون وڏي واترادي آهيان ڏيڍ هزار گاريون برزبان ياد اٿم. هي سين نمبر ۱ مان ڪجهه ڊائلاگ کنيل آهن. علي بابا هن ڊارمي جي لاءِ هڪ سدا بهار گيت لکيو جيڪو جيڪي زرينا بلوچ جي آواز ۾ رڪارڊ ڪرايو جهڙو سدا بهار گيت تهڙو ئي سدا بهار آواز هو. هي گيت درياهه جي درد تي سمايل گيت آهي، جنهن ۾ علي بابا درياهه جو درد پيش ڪري ٿو جنهن جو سٽون هن ريت آهن: اسين ماڻهو لاڙ جا درياهه جي پڇاڙ جا اُترڙو ٿو لڳي اُترڙو ٿو لڳي الا واسرو ٿو لڳي جھريل جھوپا پنهنجا هانوَ به هڄيل پنهنجا تو بن منهنجا ڙي راڻل روحَڙو نه لڳي اسين ماڻهو لاڙ جا درياهه جي پڇاڙ جا اُترڙو ٿو لڳي توسين منهنجا جھيڙا توسين منهنجا ميڙا توکي ڏسيو ڙي راڻل ساهڙو ٿو کڄي ساهڙو ٿو کڄي ڙي الا اسين ماڻهو لاڙ جا. سنڌ باد جو سفر: علي بابا سنڌ باد جو سفر هي ناول خاص ڪري ٻاراڻي ادب جي کوٽ محسوس ڪندي ٻارن لاءِ لکيو هو. هي ناول نه صرف ٻارن لاءِ آهي، پر وڏن لاءِ به تمام ڪارائتو آهي. هن ناول جي اها خوبي آهي ته علي بابا هن ناول ۾ ڪٿي به رت ناهي وهايو، هن ناول اندر سنڌ باد نالي هڪ ڇوڪري کي سنڌ ملڪ جي سيلاني (سفير) طور پيش ڪيو آهي جيڪو ٻيڙي ذريعي درياهه بادشاهه جو سير ڪري ٿو. هن ناول ۾ ۾ درياهه ۽ ڪارونجهر جي ڪور جي آسپاس جا ڪجهه منظر پيش آهن. ناول ۾ موجود سڀ ڪردار گوڪل گوڪان، هوٿل پري، ديو ۽ مهاڻو هن سڀني ڪردارن سان ٺهڪندڙ ڊائلاگ لکيا آهن. جيتوڻيڪ هي ناول اڻپورو هوندي به اڻپورت جي ڪمي محسوس نٿي ٿئي. علي بابا جي هن ناول ۾ علي بابا جو قلم ڪٿي ڪٿي وزنائتا لفظ کڻي آيو آهي ته ڪٿي تمام سادا سولا لفظ لکيا آهن. ڪاش اڄ علي بابا زنده هجي ها ته اسان کي هن ناول جو ٻيو حصو به پڙهڻ لاءِ ملي ها. علي بابا ڏک وچان مهاڳ ۾ لکي ٿو ته: ڪاش اسان وٽ ايترا پئسا هجن ها ته آئون ان تي آزاد ٿي لکان ها ۽ آرٽسٽ کان پنهنجي مرضيءَ جون تصويرون ٺهرائي ناول سهڻي نموني ڏيان ها ته ناول وڌيڪ اثرائتو ٿئي ها. موهن جو دڙو: علي بابا جو هي شاهڪار ناول موهن جو دڙو آهي جنهن هن وقت تائين سنڌي ادب ۾ تمام گھڻي مڃتا ماڻي آهي. علي بابا جو هي ناول موهن جو دڙو تمام سٺي حيثيت رکندڙ ناول آهي. هن ناول ۾ به علي بابا سٺو نڀايو آهي. هي شاهڪار ناول ٻن حصن ۾ اچڻو هو، پر ٻيو حصو اڌورو رهجي ويو ۽ علي بابا به ڪوهين ڏور هليو ويو، باقي پهرين حصي جا ڪيترائي ڇاپا اچي چڪا آهن. هن ناول جون ڪجهه قسطون ۱۹۶۸ع واري دور ۾ حميد سنڌي جي مئگزين ”روح رهاڻ“ جي آخري پرچن ۾ شايع ٿيون هيون. ”روح رهاڻ“ تي بندش کانپوءِ بقايا قسطون شمشير الحيدري جي ادارت ۾ ”نئين زندگي“ مئگزين ۾ شايع ٿيون. هن ناول بابت مدد علي سنڌي لکي ٿو ته ”تمام گھٽ پڙهندڙن کي اها خبر هوندي ته جڏهن علي بابا پنهنجو اهو شاندار ناول لکي رهيو هو ته ان وقت هن اکين سان موهن جو دڙو گھمي به نه ڏٺو هو، پر هن ناول ۾ جيڪا هن منظر ڪشي ڪئي آهي يا هن ۾ مطالعي ۽ آبزرويشن جو جيترو تعلق آهي اهو سندس اعليٰ ذهن جو اظهار آهي. ”سنبارا“ لفظ به اسان علي بابا جي واتان ٻڌي ۽ ناول ۾ پڙهي پوءِ واقف ٿياسين. مدد علي سنڌي جي هن راءِ مان پاڻ ئي اندازو لڳائي سگهو ٿا ته علي بابا ڪيترو نه ذهين هو، هن پورو تجربو مشاهدو گھر ويٺي ڪتابن مان ڪيو ۽ اهڙو شاندار ناول لکي تاريخ رقم ڪيائين. علي بابا ۱۹۸۳ع ۾ پهريون ڪهاڻين جو مجموعو ڌرتيءَ ڌڪاڻا شايع ڪرايو. ان کان علاوه ۱۹۸۴ع ۾ ڪهاڻين جو آيل ڙي اولاڻا ۱۹۹۰ع ۾، موهن جو دڙو ناول ۱۹۹۳، سنڌ باد جو سفر ٻارن لاءِ ناول ۽ ۱۹۹۶ ۾ منهنجون ڪهاڻيون نالي ڪتاب شايع ٿيا. علي بابا جي ڪھاڻي ”چنڊ ۽ ماني“ يونيورسٽي جي نصاب ۾ شامل آھي. سنڌو جو هي مست درويش ڪهاڻيڪار ۸ آگسٽ ۲۰۱۶ تي سومر جي ڏينهن ۷۱ سال ۷ مهينا گذاري هميشه لاءِ سنڌي ادب کي يتيم ڪري ويو. علي بابا جي وفات کانپوءِ سنڌ حڪومت پاران سندس ياد ۾ گورنميٽ بوائز ڊگري ڪاليج ڪوٽڙي جو نالو مٽائي علي بابا گورنمينٽ ڪاليج رکيو ويو ۽ سندس مرڻ کانپوءِ مواد گڏ ڪري ڪتاب شايع ڪرايا ويا. افسوس! اهو سڀ ٿيو اهو به تڏهن جڏهن علي بابا اسان کان وڇڙي ويو، پر جيئري جيڪڏهن اسان ان کان ڪڏهن حال پڇون ها ته شايد علي بابا اسان کي گھڻو ڪجهه ڏيئي وڃي ها، پر ڏئي به ڇو ها؟ جيڪو علي بابا اسان کي ڏيئي ويو ان بدلي ۾ کيس اسان ڇا ڏنو آهي؟ دُنگي منجهه درياهه جهڙو ڊرامو يا موهن جو دڙو جهڙو ناول ڪنهن ٻئي ادب اردو يا انگلش ۾ لکجي ها ته ان ليکڪ کي ڇا ڇا ملي ها، توهان سوچي به نٿا سگهو، پر هن ليکڪ کي ايترا پئسا نه مليا جو هو پنهنجي مرضي مطابق هڪ ڪتاب ڇپرائي سگهي. بس هن جو ڏوهه اهو هو ته هي هڪ غريب سنڌي هو ۽ ڪنهن ادبي ٽولي جو ساٿي نه هو نه وٽس ڪو عهدو هو. علي بابا اڄ اسان جي دلين ۾ ميسارجڻ لڳو آهي. احمد شاڪر مضمون ”سنڌوءَ جي سير ۽ علي بابا“ ۾ لکي ٿو ته: جيئن سنڌ ۽ سنڌو علي بابا کان دور ٿيندا پيا وڃن ايئن علي بابا اسان توهان کان دور ٿيندو پيو وڃي. اسان جڏهن ابتا پيرا کڻنداسين ته علي بابا اسان کان نه پر اسان علي بابا کان ڏور ٿي پيا وڃون. آئون علي بابا جي نانءُ هي سٽون ڪندس: ڍونڍو گي اگر ملڪون ملڪون ملني ڪي نهين ناياب هين هم تعبير هي جس ڪي حسرت و غم اي هم نفسو وه خواب هين هم. (ھمسري آنلائين حيدرآباد جولاءِ ۲۰۲۲ع تان کنيل)
عبدالقادر جوڻيجو چوٽيءَ جو ڊرامه نگار، ڪالم نگار، ليکڪ ۽ اديب محمد سليمان وساڻ عبدالقادر جوڻيجو )پهرين نومبر ۱۹۴۵ع – ۳۰ مارچ ۲۰۲۰ع)، ٿر جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ جنھاڻ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم بي اي، بي ايڊ ۽ ايم اي سوشيالاجي آهي. عبدالقادر جوڻيجو جي سڄاڻ هڪ ڪالم نگار کان وڌيڪ هڪ ڊرامه نگار جي آهي. جنهن جا ڊرامه ريڊيو سان گڏ ٽي وي تي به ايترو ته مشهور ٿيا آهن جو ماڻهو انهن ڪردارن کي وساري به ناهن سگهيا.عبدالقادر جوڻيجو ريڊيو تي ۲۲ کان وڌيڪ سنڌي ڊرامه ۽ ۲ اردو ڊرامه لکيا آهن. هن ٽي وي تي اهڙا ته ڊرامه لکيا جن تي کيس ڪيترائي اوارڊ ملڻ سان گڏ اهي ڊرامه ۽ ڪردار يادگار بڻجي ويا. پاڻ ٽي وي تي ۱۶ سنڌي ڊرامه ۽ ۷ سنڌي ڊرامه سيريل لکيون آهن، هن اردو ۾ ۶ ڊرامه ۽ ۱۵ ڊرامه سيريل لکيون آهن. سندس يادگار ڊرامن ۾ ديوارين (سنڌيء ۾ راڻيء جي ڪهاڻي)، ڪاروان، ڇوٽي سي دنيا، سيڙهيان، دک سک، ٿوڙي خوشي ٿوڙا غم ۽ پرانده گهڻو مقبول ٿيا. سندس ڊرامه نه صرف پاڪستان پر ٻاهرين ملڪن پڻ ٽيليڪاسٽ ٿيا. ڊارمه سيريل ڇوٽي سي دنيا تي مشهور جرمن اينٿروپولاجسٽ ڊاڪٽر هيلني باسو جرمن ٻوليءَ ۾ برلن جي فري يونيورسٽيء ۾ ٿيسسز لکي. ڊرامه سيريل ديوارين بي بي سي جي چينل ۴ تي انگريزي سب ٽائٽل سان گڏ نشر ڪيو ويو. ڊرامه سيريل سيڙهيان آمريڪا ۽ ڪئناڊا سميت ۱۳ ملڪن ۾ ٽيليڪاسٽ ٿيو. ڊرامه سيريل پرانده پاڪستان سان گڏ ڪئناڊا ۾ پڻ ٽيليڪسٽ ٿيو. عبدالقادر جوڻيجو صاحب جيڪي ڪتاب لکيا آهن انهن ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن: واٽون راتيون ۽ رول (شارٽ اسٽوريز) ۱۹۶ شڪليون (سنڌي ليکڪن جا خاڪا) ۱۹۷۹ ويندڙ وهي لهندڙ سج (شارٽ اسٽوريز) ۱۹۸۴ وڏا اديب وڏيون ڳالهيون (ترجمو) ۱۹۸۴ سونو روپو سج (شارٽ اسٽوريز) ۱۹۸۶ ايوريسٽ تي چڙهائي (ترجمو) ۱۹۸۷ ڪرسي (ڪالم) ۱۹۹۸ ڇو ڇا ۽ ڪيئن (ترجمو) ۱۹۹۹ خط ٻن اديبن جا (خط) ۱۹۹۹ در در جا مسافر (ثقافتي اخلاقيات) ۲۰۰۱ وڻ وڻ جي ڪاٺي (ترجمو) ۲۰۰۲ ڇا لکان (ڪالم) ۲۰۰۷ ائين ڀلا ڪيئن ھوندو؟ (مضمون) ۲۰۱۰ع انگريزي ناول The Dead River عبدالقادر جوڻيجو سنڌ جي انهن ليکڪن مان آهي جنهن جا ڪالم سڀ کان وڌيڪ پڙهيا وڃن ٿا. تمام ڊگها ڪالم لکندڙ عبدالقادر جوڻيجو جو لکڻ جو انداز اهڙو ته ڀلو ۽ تجسس وارو هوندو آهي جو پڙهندڙ ڪالم کي پورو ڪري ساهه پٽيندو آهي. سندس ڪالم مختف اخبارن ۾ سياسي، سماجي ۽ حالات حاضره تي ڇپجندا رهن ٿا جن ۾ ڄاڻ سان گڏ تحقيق ۽ صحتمند تنقيد جو پهلو به شامل هوندو آهي. سندس ڪم جي مڃتا عيوض کيس ڪيترائي اوارڊ مليا آهن جن مان ڪجهه خاص هيٺ ڏجن ٿا: حسن ڪارڪردگي صدارتي اوارڊ – ۱۹۸۹ حسن ڪارڪردگي صدارتي اوارڊ – ۲۰۰۷ ساليانو بهترين ليکڪ جو پي ٽي وي اوارڊ – ۱۹۸۳ (ديوارين سيريل) ساليانو بهترين ليکڪ جو پي ٽي وي اوارڊ – ۱۹۸۵ (ڪاروان سيريل) پي ٽي وي سلور جوبلي اوارڊ – ۱۹۸۹ ڏهاڪي جو بهترين اوارڊ ۱۹۸۸ کان ۱۹۹۸ (ڄار سيريل) ريڊيو پاڪستان گولڊن جوبلي اوارڊ – ۱۹۹۹ عبدالقادر جوڻيجو اڄ، ۳۰ مارچ ۲۰۲۰ع تي، اسان کان موڪلائي ويو آهي پر هو پنھنجي لکڻين ذريعي سدا ياد رهندو. عبدالقادر جوڻيجو جنھاڻ جو جوڻيجو آدرش اَسان ڪهڙي به سواري، هوائي جهاز، ريل گاڏي، ڪوچ، بس يا وئن ۾ سفر ڪيون، گاڏي چُرندي مسَ ته ڀِڪ ۾ ويٺل سان شروع ٿي وينداسون، “سائين! توهان ڪير آهيو؟” هو سڀ ڳالهيون پوئتي ڇڏي اٿندي ئي پنهنجي ذات ٻڌائيندو، پوءِ ته بصر وانگر کلَ مٿان کلَ لهندي ويندي. هر سور سک سليو ويندو. خير سان سفر پورو ٿيندي، هڪٻئي جو اَڇو چِٺو هڙ ۾ ٻڌي سوگهو ڪري موڪلائينداسون. جوڳي نه ڪنهن جا مِٽَ. وري ٻيهر ملڻ يا نصيب. سفر ڪندڙ مسافر وري نه ملندا آهن. همَ سفر کان ميمڻ ٻڌندي هڪدم سئي سڳي سان کيسي کي سبڻ ۾ لڳي ويندا آهيون. شيخ ٻڌي چپن تي مرڪ آڻيندي، جنت ۾ ڏاڏي حوا کي ورغلائيندڙ کي ياد ڪندا آهيون. شڪارپور جو شيخ ٻڌي مرڪ غائب ٿي ويندي آهي. ڏڪڻي وٺي ويندي آهي. سومرو ٻڌي جيجل امڙ ڏانهن ڊڪندا ويندا آهيون. ڪنڀار ٻڌي سهڻيءَ جو ڪچو دلو ياد ايندي، اکيون آليون ٿي وينديون آهن. جوکيو بدوي ٻڌي سلڇڻي مائي دائي ياد ايندي آهي. ملاح ٻڌي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي پوندا آهيون. نظاماڻي ٻڌي حر مجاهد ڪلهي ۾ بندوق سوڌو نظر ايندو آهي. لغاري ٻڌندي پرينءَ جي ڪاري ڪتي ياد ايندي آهي. زرداري ٻڌي اٺن جي قطار وڃڻ لڳندي آهي. سولنگي ٻڌندي ڏنڀرو مڇي هانوَ تي هري ايندي آهي. جتوئي، مهر، چانڊيو ٻڌڻ سان سِيٽَ تي ڍلا ٿي ويندا آهيون. سيد سڳورو ٻڌي، مرشد کي ست بسمِ الله هيون ڪري، کانئس پٽ ڄمڻ جو تعويذ لکرائيندا آهيون. جوڻيجا پنهنجو مٽ پاڻَ، ڄام صادق علي ڪون سڏائي؟ اَسان ڪهڙا به سرٽيفڪيٽ ڏيون، سچي ڳالهه اها آهي ته پنهنجي سانڀر ۾ ٻه دبنگ ۽ سگهارا وڏا وزير ڄام صادق ۽ ممتاز علي ڀٽو ڏٺاسون. ڇا وهنوار هلائيندڙ هئا. چيف سيڪريٽري يا آءِ جي ته ڇا، چڱا ڀلا وفاقي عملدار کانئن لنوائيندا هئا. ڄام صادق علي، جوڻيجو هو. ڪلاسيڪل وڏيرو شاهنواز جوڻيجو به باڪمال هو. پنهنجو ٿري يار لياقت جوڻيجو به لک لهي، سٺو پڙهيل لکيل، ماٺيڻو، بردبار ۽ سياستدان لياقت جوڻيجو، پرويز مشرف جي دور ۾ ناظمي نظام ۾ يونين ڪائونسل چيئرمين لاءِ اميدوار هو. اَسان جو شاعر ۽ ثقافت جو وزير سردار شاهه آمهون سامهون هيس. شاهه صاحب ملهه ماري ويو هُيس. عمرڪوٽ جي هڪ ريسٽورنٽ ۾ منجهند جي ماني کائڻ کانپوءِ لياقت ميان پيپسي ڪولا بوتل مان اطمينان سان ڍڪُ ڀرڻ کانپوءِ ڏاڍي معصوميت سان زبردست جملو چيو هو: “ادا ارشاد! سردار شاهه ان ڪري کٽي ويو هو جو مون هارايو هو.” سڀُ ذاتيون اکين تي، رب جي ذات سڀ کان اُچي آهي. جوڻيجا سڀ سرَ جا سائين، جنهاڻ جو جوڻيجو پنهنجي دل ۾ رهندو آهي. عبدالقادر جوڻيجو کي ڪير نه سڃاڻي؟ ٿر جي واهڻ ۾ اکيون کوليائين. سڄي دنيا ڏٺائين. انڊلٺ جا رنگَ پَسيائين. شروعات ۾ پيغمبري پيشو اختيار ڪري بليڪ بورڊ تي دعائون لکڻ لڳو. دعا ڌڻي ٻڌس، پنهنجي پاڙيسري ۽ مهان شاعر شيخ اياز هن جو هٿ پڪڙي، سنڌيالاجي ۾ پبليڪشن آفيسر جي ڪرسيءَ تي اچي ويهاريس. ترقيءَ جا ڏاڪا چڙهندو ويو. وقت گذرندي ويرم نه لڳي. ڊائريڪٽر ٿي رٽائر ڪيائين. ادب جي واٽ کانسواءِ دنيا داريءَ جو به ڄاڻو. رٽائرمينٽ کانپوءِ ارباب وزير جي مِهر سان چيئرمين بااختيار ٻوليءَ جي اداري جو بڻيو. عبدالقادر جوڻيجو پاڻ وانگر بُوڪِش مئن (Bookish Man). نوي جي ڏهاڪي ۾، خط پٽن جو زمانو هو. هڪٻئي ڏانهن خط لکڻ شروع ڪياسون. هن جي خطن ۾ علم جو درياهه هوندو هو. ڳچيءَ ۾ تعويذ وانگر اڄ به فائيل ۾ محفوظ آهن. جوڻيجو صاحب ڪهاڻيون لکيون. ڪمال جون آهن. “واٽون، راتيون، رول” ۽ “ويندڙ وهِي، لهندڙ سج” ڇا ته ڪهاڻي ڪتاب آهن! ٻولي، تشبيهون، انداز بيان، ڪهڙي تعريف ڪجي؟ هن جو ناول “سو ديس مسافر منهنجو ڙي!” الائي ڇا هوندو. اڌوري محبت وانگر آهي. خبر ناهي ان کي پورو ڇو نه ٿو ڪري. هن انگريزيءَ ۾ ناول لکيو. ڇپيو. پذيرائي حاصل نه ڪري سگهيو، پنهنجو پڙهيل ناهي، ڌُڪي تي راءِ نه ڏبي. عبدالقادر جوڻيجو ٽيليويزن ناٽڪ لکيا. ڌاڪو ڄمايائين. “راڻيءَ جي ڪهاڻي”، “سيڙهيان” ۽ “خان صاحب” وغيره جهڙا ڊراما سندس ئي هٿ لکي سگهي ٿو. هو کرو ماڻهو آهي، مٺ تي سگريٽ جا ڪش هڻي، چپٽي وڄائي، ڦلو ڪيرائيندي ڳالهه سنئين سڌي ڪندو. هن جو اسٽائيل من موهيندڙ پنهنجو آهي. هڪ ڀيري اردو اخبار “ايڪسپريس” ۾ هن جو انٽرويو پڙهيم. ان ۾ هن جنرل پرويز مشرف لاءِ چيو هو، “مان هن کي سليوٽ ڪيان ٿو.” اهو پڙهي باهه وٺي وئي. ڪاوڙ مان هڪدم خط لکيومانس. ترت ورندي ڏيندي لکيائين، “ادا! مون ڪڏهن ڪو نعرو نه هنيو آهي. فرشتو ناهيان، پيٽ اٿم، اجهو لٽو گهربو آهي، ڇا به الزام هڻو، مون کي انهن نوازيو آهي، سلام ڇو نه ڪندم، جنهن جو کائجي، تنهن جو ڳائجي.” عبدالقادر جوڻيجو پڙهاڪو وڏو. نوان ڪتاب ڊالر ڀري گهرائيندو. شوق جو مُلهه نه ڏسندو آهي. پاڻ به ان واٽ جا آهيون. ڪوٽ پراڻو پائجي، ڪتاب نئون وٺجي. هن نه رڳو پڙهيو آهي، لکيو به جهجهو آهي. تمام سٺو لکيو آهي. ڇا ڪالم! ڇا آتم ڪهاڻي جا ڪجهه فصل. ڇا ڪهاڻيون، مضمون، ڪمال جا ترجما! ترجمو تخليق کان وڌيڪ ڏکيو فن آهي. هن عالي شان ترجما ڪيا آهن. اڄ ڪلهه سندس طبيعت ٿوري ناساز آهي، ڌڻي سڳورو صحت عطا ڪندو. مهينو سوا اڳ “پنهنجي اخبار” ۾ منهنجو ڪالم ڇپيو. ان ۾ جوڻيجي صاحب لاءِ جملو هو. سانگهڙ جو ليکڪ ۽ سٺو پڙهاڪو منظور ملاح آهي. هو جوڻيجي صاحب ڏي وڃي ڀئرو ڀڃندو آهي. پراڻا لاڳاپا اَٿس، اهو ٻڌائي پيو؛ ”جوڻيجي صاحب جو وڏ ماڻهپو ڏسو. مان جوڻيجي صاحب وٽ ويٺو هيم. اوهان جو ڪالم ڇپيو هو.“ مون پڇيومانس: “سائين! آدرش جو ڪالم پڙهيو اٿو؟” وراڻيائين: “يرَ! ان کي ڪير نه پڙهندو؟” مون ٺونگو هڻندي چيومانس: “سائين! ان ۾ اوهان جي خلاف به ته لکيو اٿائين.” جواب ۾ چيائين: “منظورَ! اهو ضمير وارو ليکڪ آهي. ان تان ستَ خون معاف آهن.” (پنهنجي اخبار ۾، جمع ۲۱-۰۲-۲۰۲۰ع تي ڇپيل.) عبدالقادر جوڻيجو مختيار ملڪ افسوس ته عبدالقادر جوڻيجو به اسان کان وڇڙي ويو۔ سنڌي ڪهاڻي جي آئيندي جو اونو رکندڙ ۽ ترقي جو خواب ساڀيا ڪرڻ لاءِ لفظن سان اتساهه بخششيندڙ ليکڪ عبدالقادر جوڻيجو اهو سنڌي نثر نگار آھي جنهن ريڊيو پاڪسان ۽ پي ٽي وي تي انيڪ يادگار ڊراما لکيا، جن وڏو اوج ماڻيو۔ هن ريڊيو تي ۲۲ کان وڌيڪ سنڌي جا ڊراما ۽ ۲ اردو ڊراما لکيا، جڏهن ته پي ٽي وي تي ۱۶ سنڌي ڊراما ۽ ۷ سنڌي ڊراما سيريل لکيون آهن، جن ۾ راڻي جي ڪهاڻي، گردش، ويندڙ وهي، جانچ، ڳولا، مون ۾ آھين تون، اصل معاملو، هن وستيءَ ۾، خانصاحب، واٽون واٽن جھڙيون، ڀنگ ڄار، انکانسواءِ هن اردو ۾ ۶ ڊراما ۽ ۱۵ ڊراما سيريل لکيون. سندس يادگار ڊرامن ۾ کاروان، ديواريں، بدلتے موسم، چھوٹی سی دنیا، سيڑهيان، دکھ سکھ، تھوڑی خوشی تھوڑا غم، گھر گلیاں، رشتے ، زرا نم هو تو یه مٹی، پرانده، اهڙا ڊراما هئا جن ان دور جي ماڻھن کي ٽي وي اسڪرين ڏانهن ڇڪي آندو ۽ سان ڊراما ڏسڻ تي مجبور ڪيو۔ . عبدالقادر پهريون سنڌي نثر نويس هو، جيڪو اردو ۾ به ايترو ئي معروف هو۔ عبدالقادر جوڻيجو هڪ منفرد ڪهاڻيڪار آھي۔ هن ڪهاڻي جي سفر جي شروعات ماهوار روح رهاڻ ۾ ڇپيل پهرين ڪهاڻي ”مٺ مٺ سورن سڀ ڪنهن۔۔ “ سان ڪئي۔ هيل تائين سندس ڪهاڻين جا ۳ مجموعا پڻ شايع ٿي چڪا آھن ،جن ۾ واٽون ، راتيون ۽ رول (۱۹۷۳)، ويندڙ وهي لهندڙ سج (۱۹۸۱) ۽ سونو روپو سج (۱۹۸۶) شامل آھن۔ عبدالقادر جوڻيجو شخصيتن جا خوبصورت خاڪا پڻ لکندو رهيو۔ سندس خاڪن جا ٻه مجموعا به شايع ٿيل آھن۔ جن ۾ پهريون شڪليون (۱۹۷۹) ۾ ۽ ٻيو ”وڻ وڻ جي ڪاٺي“ (۲۰۰۱) ذڪر جوڳا آھن۔ عبدالقادر جوڻيجو هڪ گهڻ پڙهيو ليکڪ هو، جنهن پرڏيهي ادب جو جهجهو مطالعو ڪيو ۽ ٽن ڪتابن جا سنڌي ترجما به ڪيا، انهن ۾ پهريون ”وڏا اديب وڏين ڳالهيون“ (۱۹۸۴)، ٻيو ”ايورسٽ تي چڙھائي“ (۱۹۸۹) ۽ ٽيون ڇو، ڇا ۽ ڪيئن؟ شامل آھي۔ عبدالقادر ٿر مان حيدرآباد جو سفر ڪيو۔ پر سندس وجود ۾ هڪ ٿريو سدائين جاڳندو رهيو۔ جنهن جو اثر سندس لهجي ۽ اولڙو سندس موضوعن ۾ پسي سگهجي ٿو۔ سندس هڪ ڪتاب هن ”درد جا مسافر“ ۾ لاڏائو ذاتين کي موضوع هيٺ آندو آھي۔ هن جي قلم جي جبش ڪڏهن بند نه ٿي۔ هو لاڳيتو ڪالم لکندو رهيو۔ هن ناول نگاري ڏانهن وکون پڻ وڌايون، هڪ انگريزي ناول لکيو ۽ ٻيوانگريزي ناول اڻ ڇپيل ٻڌايو پيووڃي، جڏهن ته هڪ سنڌي ناول پڻ آخري مرحلن ۾ ھو، جيڪو مڪمل ٿيو الاجي نه. هو اڻٿڪ محنت ڪندڙ هڪ سادي مزاج رکندڙ مصنف هو. عبدالقادر جوڻيجو امر لغاري سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ ھڪ ئي وقت ادب سرجيندڙ سنڌ جو منفرد ڪھاڻيڪار، ڊراما نويس ۽ ناول نگار عبدالقادر جوڻيجو اڄ لاڏاڻو ڪري ويو آھي. عبدالقادر جوڻيجي جي لاڏاڻي تي اسان پنھنجي ھن گروپ پاران ھن جي چاھيندڙن، پڙھندڙن ۽ پونيرن سان ڏک جو جو اظھار ڪيون ٿا. عبدالقادر جوڻيجي سنڌ جي نوجوانن ۾ نه فقط عالمي ادب پڙھڻ جو ذوق وڌو، پر انھن منجھ پنھنجن چاھيندڙن ۽ پڙھندڙن جو ھڪ وڏو حلقو پيدا ڪيو. ھو ھڪ گھڻ پاسائون ليکڪ ھو. ھڪ ئي وقت ڊراما، ڪالم، ڪھاڻيون ۽ ريويوز ھن جي قلم مان پيان نڪرندا ھئا. ماحوليات، اينٿراپالاجي، سياست، ادب ھن جا پسنديده موضوع ھئا. ھن انگريزي ۾ ھڪ ناول به لکيو. دا لوسٽ رٍور. ٻئي تي ڪم پئي ڪيائين. ڪجھ مھينا اڳ جڏھن اسان ڪجھ دوست ساڻس ملڻ وياسين ته ھن پنھنجي اڌوري ناول بابت ھڪ دلچسپ جملو سگريٽ جي چپٽيء تي ھيئن چيو: ھونداسين جيئرا ته پورو ڪري وٺنداسين، نه ته آياسين.......... قادر کرو ماڻھو ھو. انڪري گھڻن ماڻھن سان نه پوندي ھيس. ھو ھڪ ئي وقت ملڪ جي ٻين ٻولين جي اديبن، آرٽيسٽن، اداڪارن ۽ ٻاھرين ملڪن جي ريسرچ اسڪالرن ۽ سنڌ جي گھڻ پاسائين موضوعاتي ڄاڻ وچ ۾ ھڪ قسم جي پل جو ڪردار ادا ڪندڙ ھو. جڏھن به ساڻس ملبو ھو ته کائنس ڪا نه ڪا نئين ڳالھ سکبي ھئي يا ٻڌبي ھئي. ھو ڳالھين جو ڀنڊار ھو. ڳالھيون ھن جي زبان تان پيرن جيان پچي پيون ڇڻنديون ھيون. قادر عمر جي آخري ڏھاڪن تائين پڙھندو ۽ لکندو رھيو. ھر ڪنھن جي جسم جي مشين ھڪ ڏينھن بيھڻي آھي. پر قادر پنھنجن ٽھڪن، دلچسپ ڳالھين، ڪھاڻين، ڊرامن، ناولن ۽ مضمونن ساڻ اسان جي وچ ۾ سدائين حيات رھڻو آھي. عبدالقادر جوڻيجو عشق ۽ ادب سان وفا ڪندڙ جوڻيجو ماڪن شاھ رضوي سڄي سنڌ ڄاڻي ٿي ته هو سنڌي ادب جو بي تاج بادشاھ هو. ڪهاڻي هجي يا ڊرامو، ڪالم هجي يا تاثر، پر عبدالقادر جوڻيجو هڪ اهڙو نالو هو، جيڪو ان تحرير جي ڪاميابي جي ضمانت هو. هن جي قلم سان لکيل ۽ ذھن مان اسريل هر لفظ نج سنڌي ٻوليءَ جو ترجمان هوندو هو. قديم دريائي وهڪري هاڪڙي جي ڪپ تي آباد تاريخي شھر لطيف سائين جي امر ڪردار جکري جي راڄڌاني نهٽي، جنهن لاءِ حضرت راضي شاھ فرمايو هو ته، جڏهن جهاري جکري، تڏھين نهٽي نئون سئو هٽ، پري کان پانڌين کي، ٿي آئي عطر ڇٽ، محبت سندا مٽ، هئا مهراڻي جي ملڪ ۾! ها جتي ٿر جي اڃايل واريءَ ۽ بئراجي شاداب ڌرتي جو پڙ ھڪٻئي کي ڀاڪرن ۾ ڀري ٿو، ان سڄي ڪس کي مهراڻو سڏبو آھي. اتي ئي ويجهو لاکيڻي لطيف جي هڪ ٻئي ڪردار برووي جو به ماڳ آھي. ٿانور ڀٽي جو به ڀڙو آھي، ۽ اتي ئي اهو ڳوٺ جنهاڻ جوڻيجو آھي، جتي پوليس آفيسر مريد علي جي پٽ ۽ چاچي منٺار جي ڀائٽي عبدالقادر جوڻيجي جنم ورتو. پر نه هو پوليس وارو ٿيو، نه وڏيرڪي پڳ ٻڌائين. هن وڃي ماستري جي چونڊ ڪئي، پر هن من ئي من ۾ ٻن اهم عظيم ڳالهين کي لڪائي رکيو، هڪ عشق، ٻيو ادب! ھن جي صحبت جتي سندس شاگرد نياز پتافي کي شاعر بنائي ڏيهان ڏيھ مشھور ڪري ڇڏيو، اتي هن جي مستانين اکين مامي نجمه کي سندس ديوانو بنائي ڇڏيو. (مامي ان ڪري لکيم، جو عبدالقادر منهنجو ان نسبت سان مامون هو، جو منهنجي مامي جو پڳ مٽ يارهو) تن ڏينهن هو جهڏي ۽ ٽنڊي جان محمد جي وچ ۾ ڳوٺ ڪمال خان پتافي ۾ پرائمري استاد هو. پوءِ جو قسمت ڪرم ڪيس ته شادي ڪري اچي سنڌو ڪناري مادر علمي سنڌ يونيورسٽي ۾ خيما کوڙيائين، ۽ قلم هٿ ۾ جهلي هن سنڌي ادب اوتڻ شروع ڪيو، جنهن به هن جو ڪتاب ”لڙيو سج لڪن ۾“ ۽ ڪهاڻي ”هورو“ پڙھي هوندي، ان کي نج سنڌي ٻولي جي سونهن ضرور دل ۾ چڀي ۽ اکين ۾ کپي ويئي هوندي. پوءِ ھن پهرين ريڊيو حيدرآباد لاءِ ڊراما لکيا، سندس ڊرامو ”وانڪل جو گهيڙ“ ھڪ ادبي تاريخ بنجي ويو. مٺ تي سگريٽ جو ڪش ھڻي هو وري ڪا نئين سٽ سرجڻ جو سوچيندو هو. وري هن پي ٽي وي لاءِ ڊراما لکڻ شروع ڪيا ”راڻي جي ڪهاڻي“، جيڪو پوءِ اردو ۾ ”ديوارين“ جي عنوان سان ٽيليڪاسٽ ٿيو، جنهن ۾ ڪردار جي گهرج ڏسي عظيم اداڪار يعقوب ذڪريا پنهنجا سمورا ڏند ڀڃائي هيروئن ”سُکان“ جي پيءُ جو ڪردار ڪيو هو. وري ”دراڙين“ لکيائين، ”پرانده“ لکيائين، پوءِ الاءِ ڇا ڇا لکندو ويو. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جو چيئرمين بنيو، سنڌ الاجي جو ڊائريڪٽر به رھيو. صدارتي ايوارڊ ماڻيائين. ڪاوش ۾ ڪالم لکيائين ته اتي به نج ٻولي ۽ وڏي ڄاڻ ڏنائين. پوءِ ڪن ٻين اخبارن ۾ به سنڌي ۽ انگريزي ڪالم لکندو رهيو. ٻولي توڙي قلم سان سدائين نڀايائين، راڄن ڀاڳن سان به مرڻي پرڻي ناتو ڪونه ڇنائين. مونکي اهو اعزاز حاصل آھي ته منهنجي هڪ ڪهاڻي ڪتاب ”اجهاميو ٻران“ جو مهاڳ ماما عبدالقادر لکيو، جيڪو ڪتاب سنڌي لئگئيج اٿارٽي ۽ ثقافت کاتي پاران سال جو بهترين ڪتاب ۽ ايوارڊ ماڻي آيو. آخري ملاقات ۾ ٻڌايو هئائين ته پاڻ ڪو انگريزي ناول پيو لکي، پر اڄ جڏهين سڄي سنڌ لاڪ ڊائون ۽ حراسيل آھي، تڏهين هن ڌرتي جي عظيم ليکڪ پنهنجون سدائين جاڳندڙ اکيون هميشه لاءِ پوري ڇڏيون. عبدالقادر جوڻيجو ڪھاڻي ۽ محبت جو درياءُ گذاري ويو حسن مجتبيٰ سنڌي ڪهاڻي ۽ اردو ٽيلي ڊرامي، ڪتابن جو پاڙهو، هڪڙي انگريزي ۽ سنڌي ناول جو ليکڪ، ملڪ جو سرموڙ ڪهاڻيڪار، يارن جو يار، ٻارن سان ٻار، عاشق زهر پياڪ، نصير ۽ گلشن جو بابو، ٿر جهڙي ملڪ ملير جو ڄائو عبدالقادر جوڻيجو مري ويو۔ هڪڙي دفعي ڪئين سال ٿيا مون هن کان پڇيو هو ته، “هو ڇا آهي؟” هن سموري مون واري مٿي ڇتن شاهه واري ڊيگهه پٽاڙ کي سندس مٺ ۾ چيچ سان جهليل سگريٽ مان سوٽو هڻندي چيو هو. “مان پاڻي ۽ مٽي مان ٺهيل ماڻهو آهيان ڇو ته منهنجو پيءُ جوڻيجو ۽ منهنجي ماءُ مهاڻي هئي.” ها، اهو ٿر جي ٿڌي واريءَ مان ٺهيل عبدالقادر جوڻيجو هي جهان رنگ و بوءِ ڪالهه ڇڏي ويو۔ “ميا ئي جياس، جو وڃي مڙهه ملير ڏي.” مون اڃا ڪجهه ڏيهاڙا اڳ ئي لکيو هو، عبدالقادر جوڻيجي جي خبر ناهي پر زندگي ۽ سياست ٻن ٿرين عبدالواحد آريسر ۽ ڄام ساقي کي ٺڳي ويئي۔ ٿر کان ٻاهر ٿر جو ماڻهو ايئن آهي جيئن ڀٽائي جي بيت ۾ ٿر ٻاٻيهو۔ پوءِ هو مارئي وانگر ڀل جان ڪيترن ئي قيد ڪڙن ۾ رهي يا پٽ پٽيهرن ۾۔ عبدالقادر جوڻيجو به ايئن هو۔ هڪ اٺائين وڳ جهڙو هينئون رکندڙ ماڻهو۔ بلڪل سندي ڪهاڻي “هورو” واري اٺ جهڙو سنڌ ۾، دنيا ۾۔ سندس اکرن ۾ “ڇوٽي سي دنيا ۾.” عبدالقادر جوڻيجو ٻڌائيندو هو ته هڪڙي ڀيري اسلام آباد ۾ ليکڪن جي ڪانفرنس ۾ انهي وقت جو وزير اعظم محمد خان جوڻيجو ليکڪن سان تعارف مهل سندس ڇاتيءَ تي لڳل بيج تي “جوڻيجو” ڏسي رڪجي ويو هو ۽ کانئس پڇيو هئائين ته ڪهڙن جوڻيجن مان ۽ ڪٿان کان آهين؟ هن جي ٻڌائڻ تي کانئس پنهنجي سادي انداز ۾ پڇيو هئائين، “هُتان کان هتي اسلام آباد تائين ڪيئن پهتين؟” عبدالقادر کيس چوڻ چاهيو هو، “بس جيئن اوهان پهتا.” عبدالقادر اهڙيون ڳالهيون يا دل ۾ پنهنجو پاڻ سان چوندو هو يا وري سندي ڪهاڻين ۽ ڊرامن ۾۔ پاڻ جوڻيجي سميت گهڻن ٽي وي ڏسندڙن جو خيال هو ته “ڇوٽي سي دنيا” يا “خانصاحب” جو مرڪزي ڪردار محمد خان جوڻيجو جو هو۔ سنڌڙيءَ جو جوڻيجو محمد خان گونگو پاڻي هو، جنهن نيٺ ضياءُ الحق جهڙي آمر کي به مرڻ کان اڳ ٻوڙيو هو۔ جڏهن هو ضياءَ هٿان اقتدار وڃائي ڳوٺ پهتو هو ته سنڌڙيءَ جي ماڻهن سندس واٽ تي بينر هنيا ها جن تي لکيل هو، “فاتح ضياءُالحق محمد خان جوڻيجو زنده باد.” پر آمر ضياءُالحق جي زماني ۾ پڻ جڏهن ايم آر ڊي واري تحريڪ به عروج تي هئي تڏهن شامن جو سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڄڻ ڪرفيو جهڙو ڏيک ڏسڻ ۾ ايندو هو (يا وري جيئن هاڻ لاڪ ڊائون) جڏهن عبدالقادر جوڻيجو جو پي ٽي وي تي تڏهن لکيل ڊرامو “راڻي جي ڪهاڻي” هلندو هو، جيڪو پوءِ اردو ۾ سندس “ديوارين” بڻيو۔ هن جو ٻيو ۽ سندس نروس بريڪ ڊائون وارو بلاڪ بسٽر ٽيلي ڊرامو “ڪاروان” هو. ڪاروان ۾ منصور علي جو هڪڙو ڪردار هو جيڪو هن اسان ٻنهي جي دوست پنهنجي زماني جي مشهور شاگرد اڳواڻ ۽ زاهد مخدوم بقول سندس زاهد مخدوم تي لکيو هو. ٿر جي ڳوٺ جنهاڻ ۾ پوليس صوبيدار خانصاحب مريد حسين جوڻيجي جي گهر جنم وٺندڙ عبدالقادر جوڻيجي جو گهڻو تڻو ننڍپڻ يا ته ڏاکڻين وچولي سنڌ جي ٿاڻن جي پوليس ڪوارٽرن جتي هو لاڪپن ۾ واڙيل قيدين سان سيخن اڳيان ڪچهريون ڪندو هو يا واري تصور پچائيندي گذريو جهن ۾ هن جون پنهنجون فينٽسيز هونديون هيون، جن ۾ هو ڪڏهن پنهنجو پاڻ کي چور، سپاهي، ته ڪڏهن ڌاڙيل ۽ صوبيدار سمجهندو هو۔ هڪ ڀيري هن مونکي ٻڌايو هو۔ باقي (هلندڙ) بس يار زنده نه رهيو پر صحبت باقي۔۔۔ عبدالقادر جوڻيجو ڀارومل امراڻي ٿريو آخر ٿريو هوندو آهي، پوِءِ ٿر جي ڀٽن تي ولر واريندڙ ڌنار هجي يا جڳ مشهور ليکڪ. هُو زمين آسمان سج چنڊ تارا، چارا، نديون، نالا سڀ ٿريو ٿي ڏسندو آهي، هن جي اندر ۾ صدين جي اڃ هوندي آهي. مينهن ۽ نينهن مان ڪڏهن هن جو ڍو نه ٿيندو آهي. عبدالقادر جوڻيجو ٿر جي طبعي ڀاڱي مهراڻي جي ڳوٺ جنهاڻ جوڻيجا ۾ جنم وٺندڙ ٿريو هو. هن ڏکن کان اتر تائين پوري سنڌ گهمي، ملڪ جي ٻين حصن ۾ به ويو، هن دنيا جي ملڪن ڏانهن به پنڌ ڪيو پر هنڌ کي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ‘هورو’ پوندو هو. هوري جي اڻ تڻ ۾ ‘هورو ’ جهڙي شاهڪار لکي. هن جي من جي مايا روپي ندي هاڪڙو هوندي هئي. هاڪڙي جي لهرن هن جي لفظن ۾ نئون جنم ورتو هو. چون ٿا ته هاڪڙي جي ڪنارن تي ۳۰۰ شهر آباد هوندا هئا. هن جي ڪهاڻين، ڪالمن، ڊرامن، ناول، خاڪن ۽ ترجمي جي لکڻين جو ڪل تعداد ٽي سو آهي. منهنجون سان گهڻيون ملاقاتون ڪتابن ۽ ڪالمن ۾ ٿيون، هن جي ڊرامن جي ڊائلاگن ۾ ڪچهرين جو وڏو رس ورتو. پر ڪجهه ملاقاتون سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ۾ هن جي چئرمين شپ دوران روبرو ٿيون. هُو دل گهرئي ماڻهو کي پريان کان ايندو ڏسي مرڪندو هو. هن هڪ ڀيري سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري ۾ ڪچهري ڪندي ٻڌايو ته دنيا ۾ رقص جا چاليهه نمونا آهن ڇٽيهه نموني جو رقص ٿر جو ماڻهو ڄاڻي ٿو. هن ڳاله ڪري دنگ ڪئي ته مون چيو بروبر سائين ‘ڇٽيهه نموني جو رقص اوهان جي مرڪ ۾ موجود آهي. پوءِ هن وڏا ٽهڪ ڏيئي مهراڻي جي ڀٽن، ڪونڀٽن ۽ ڄارين جي جڳهٽن تي ڳالهايو هو. هن دنيا جو ادب پڙهيو هو. هن پنهنجي پسند جون لکڻيون ترجمو ڪري سنڌي ادب جي پڙهندڙ تائين پهچايون هيون، پر هن جي طبعزاد لکڻين ۾ مقاميت حاوي هوندي هئي. ڳالهه ڪٿان جي ڪئين هجي پرهن جي تشبيهه جو رنگ چاچي رمضان جي ڳالهين تي اچي دنگ ڪندو هو. هُو تحقيق ۾ پيرا رامجي ڪولهي وانگر کڻندو هو. هن وٽ ٻيا به ڪيترائي ڪردار هئا. جن مان هن اتساهه وٺي پنهنجي لکڻي کي هن ڇٽيهه لکڻي بڻائي هئي. هن جو والد صاحب پولس جو صوبيدار هو. هن پوليس ۾ نوڪري ورتي. پر والد جي چوڻ تي ڇڏي ڏني. پوءِ ماستر ٿيو. هن جي ڪهاڻي پڙهي شيخ اياز سنڌالاجي ۾ نوڪري ڪرڻ جي لاءِ گهرايو. هُو شيخ اياز جي نياپي تي جنهاڻ مان سوا پرهه سج مٿي اچڻ تي نڪتو هو. هن جو جسم خاڪي مهراڻي جي مٽي ۾ ابدي آرام ڪرڻ جي لاءِ سوا پرهه سج مٿي اچڻ تي پهتو. هن کي اهي ڳوٺاڻا ماڻهو وڻندا هئا، جيڪي پٽ پاٿاري تي ڪانڀ ٻڌي ويهندا آهن. هن جي آخري سفر ۾ اڪثريت انهن ماڻهن جي هئي. عبدالقادر جوڻيجو مرتضيٰ سيال عبدالقادر جوڻيجو سنڌ جو يگانو ڪهاڻيڪار، ناٽڪ نويس، ڪالم نگار ۽ هڪ منفرد انسان هئو. ادب جي دنيا جو قداور نالو هئڻ جي باوجود وڏائي سندس پاسي کان به لنگهي نه سگهي، پنهنجي طبيعت ۾ نهٺائي رکندڙ اهڙو فقير ماڻهو هئو جنهن وٽ بادشاهيءَ جا گرُ هئڻ جي باوجود هو پنهنجي ڌُن ۾ مگن رهندڙ هڪ بنھ دلبر انسان هئو. ڊرامو هُجي، ڪهاڻي هُجي يا ڪو ڪالم هجي هر لکڻي ۾ هُن جو هڪ الڳ ڊڪشن ۽ انداز آهي. هن جي ڳالهين کان ويندي لکڻين تائين سندس مطالعي ۽ مشاهدي جي پختگي نظر ايندي، هُن جيترو لکيو اُن کان وڌيڪ پڙهيو ۽ پروڙيو. پنهنجي حياتيءَ ۾ هو پڙهڻ ۽ لکڻ کان ڪڏهن به نه ٿڪيو، سنڌ جو هي واحد ليکڪ هو جيڪو لڳاتار لکندو رهيو، پڙهڻ ۽ لکڻ سان هن جو ازلي عشق رهيو. عبدالقادر جوڻيجو پرائيڊ آف پرفارمنس ۽ ٻيا ڪيترا ئي ايوارڊ ماڻيا پر هُن پنهنجي ڪيريئر ۽ حياتيءَ ۾ ڪڏهن ايوارڊن ۽ انعامن کي خاطر ۾ نه آندو. هو پنهنجي زندگيءَ ۾ ته ڏاڍو لاپر واھ ماڻهو رهيو پر لکڻ ۽ پڙهڻ توڙي نون ۽ نوجوان ليکڪن کي همٿائڻ جي معاملي ۾ هن ڪڏهن به لاپرواهي نه ڪئي، جن ڏينهن ۾ سندس طبيعت ناساز رهي انهن ڏينهن ۾ به هن لکڻ پڙهڻ کي نه ڇڏيو. ٿر جي مٽيءَ مان ڳوهيل هن محبوب ماڻهوءَ جي لکڻين ۽ ڳالهين مان به ٿر جي واري جو چلڪو ۽ برسات کانپوءِ مٽيءَ جي مهڪ محسوس ٿيندي هئي. عبدالقادر جوڻيجو سان منهنجون تمام گهڻيون يادون وابسته آهن. 1989 ۾ جڏهن آئون سنڌ يونيورسٽي جي ماس ڪميونيڪيشن جو شاگرد هئس ان وقت کان ساڻس محبتن وارو رشتو جڙيو، اُن زماني ۾ عبدالقادر سنڌ الاجي جو ڊائريڪٽر هئو، آئون ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ کان پوءِ عبرت مئگزين ۾ ڪم ڪندو هئس، عبدالقادر پنهنجي آفيس جون ذميواريون نڀائڻ کان پوءِ اڪثر ڪري گلستانِ سجاد ۾ منهنجي آفيس ايندو هئو، جتان اسان شهر روانا ٿيندا هئاسين پوءِ ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي دوستن، فنڪارن ۽ اديبن جو ميلو مچندو هئو، اهڙي طرح ڪچهرين جو نه کٽندڙ سلسلو هوندو هئو، عبرت مئگزين فائينل ڪرڻ وارن ڏينهن ۾ آئون نه نڪري سگهندو هوس ته عبدالقادر اسان جي انچارج مرحوم غفور ڪريمي سان ڪچهري ۾ ويهي رهندو هو، اهڙي طرح هو جتي به ويهندو هئو اتي محفل ۾ ڪچهريءَ جو مرڪزي ڪردار هوندو هو. هو اسان جهڙن سيکڙاٽ ۽ نون ليکڪن سان گڏ ويهي اسان کي نه رڳو اُتساھ بخشيندو هئو پر اسان سان گڏ ويهي وڏا وڏا ٽهڪ به ڏيندو هئو. هو مون کان نه رڳو عمر ۾ پر هر حوالي سان وڏو هئو پر پنهنجي سڀاءُ ۽ پيار سان محسوس ائين ڪرائيندو هو ڄڻ اسان هڪجيترا يار آهيون، مون هن کي هميشه يار جي نالي سان ئي ياد ڪيو آهي. اڄ يادگيرين جو نه کُٽندڙ سلسلو ڇڏي يار وڃي جنهاڻ جوڻيجو جي مٽيءَ ۾ آرامي ٿيو آهي. پر هو اسان جي دلين ۾، ذهنن ۾ پنهنجن لکڻين ۾ سدائين زنده رهندو. عبدالقادر جوڻيجو سنڌ کي ٿر جي اکين سان ڏسندڙ! حسن پٺاڻ سنڌ جو برک ڊرامانگار، ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار عبدالقادر جوڻيجو، سنڌ جي اهڙن قلمڪارن جي صف ۾ پهرين نمبر تي آهي جن پنهنجي ڌات ۽ قلمي پورهئي سان پنهنجي زندگيءَ ۾ هڪ اعلى مقام حاصل ڪيو. سندس جنم پهرين نومبر ۱۹۴۵ع تي ٿر جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ٿيو. جتي هُن زندگيءَ جي شروعات سال گذاريا ۽ پنهنجي شروعاتي تعليم مڪمل ڪئي، سندس تعليم بي اي، بي ايڊ ۽ ايم اي سوشيالاجي هئي. پر هُن پنهنجي زندگي پنهنجي حاصل ڪيل تعليم جي ابتڙ ادبي حيثيت ۾ گذاري ۽ ان ۾ ئي نالو پيدا ڪيو. سندس سڃاڻپ ڪالم نگار کان وڌيڪ ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامانگار واري رهي. هن ڊارمه نويسيءَ ۾ شروعات ريڊيو ناٽڪن کان ڪئي ۽ بعد ۾ ٽي وي ڊرامن طرف وريو. سندس ڊراما ريڊيو سان گڏ ٽي وي تي مقبول ٿيندا ويا پر اڳتي هلي ٽي وي تي پيش ٿيندڙ سندس ڊرما مقبوليت جي انتها تي پهچي وئي جنهن ڪري سندس سڄي دنيا ۾ هڪ ڪامياب ڊرامه نگار جي حيثيت ۾ مڃتا ٿي. سندس ڊرامن ۾ پيش ڪيل ڪردارن کي ماڻهو اڄ تائين وساري نه سگهيا آهن. عبدالقادر جوڻيجي ريڊيو تي ۲۲ کان وڌيڪ سنڌي ۽ ۲ اردو ڊراما لکيا. هن ٽي وي تي جيڪي به ڊراما لکيا انهن نه صرف سندس لاءِ مقبوليت جا در کولي ڇڏيا پر انهن ڊرامن جي ڪري کيس مڃتا طور تي ڪيترائي ايوارڊ پڻ مليا ۽ انهن ڊرامن ۾ جن به ڪردارن کي هُن پيش ڪيو اهي ڪردار اهڙا ته انمول هيا جو عوام جي دلين ۾گهر ڪري ويهي رهيا ۽ ماڻهو عام زندگيءَ ۾ انهن ڪردارن جو ذڪر ڪرڻ لڳا. هُن ٽي وي تي ۱۶ سنڌي ڊراما ۽ ۷ سنڌي ڊراما سيريل لکيون آهن، هن اردو ۾ ۶ ڊراما ۽ ۱۵ ڊراما سيريل لکيون آهن. سندس يادگار ڊرامن ۾ راڻيءَ جي ڪهاڻي ۽ اردو ۾ ترجمو ڪيل (ديوارين)، ڪاروان، ڇوٽي سي دنيا، سيڙهيان، دک سک، ٿوڙي خوشي ٿوڙا غم ۽ پرانده شامل آهن جيڪي تمام گهڻو مقبول ٿيا. عبدالقادر جوڻيجو اهڙو ليکڪ هو جنهن وٽ ڪنهن شاهڪار، مصور جيان لفظن جا پڪا رنگ هُئا، هُو پنهنجي ليک جي ڪينواس تي اهڙا نقش ڇٽي ڇڏيندو هو جيڪي پڙهندڙ توڙي ڊراما ڏسندڙ جي ذهن ۾ پيا ڦرندا هُئا. سندس ڊراما نه صرف پاڪستان پر ٻاهرين ملڪن ۾ پڻ ٽيليڪاسٽ ٿيا. ڊراما سيريل ڇوٽي سي دنيا تي مشهور جرمن اينٿروپولاجسٽ ڊاڪٽر هيلني باسو جرمن ٻوليءَ ۾ برلن جي فري يونيورسٽيءَ ۾ ٿيسسز لکي. ڊراما سيريل ديوارين بي بي سي جي چينل ۴ تي انگريزي سب ٽائٽل سان گڏ نشر ڪيو ويو. ڊراما سيريل سيڙهيان آمريڪا ۽ ڪئناڊا سميت ۱۳ ملڪن ۾ ٽيليڪاسٽ ٿيو. ڊراما سيريل پرانده پاڪستان سان گڏ ڪئناڊا ۾ پڻ ٽيليڪسٽ ٿيو. عبدالقادر جوڻيجو صاحب جيڪي ڪتاب لکيا انهن ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن:واٽون راتيون ۽ رول (ڪهاڻيون) ۱۹۶، شڪليون (سنڌي ليکڪن جا خاڪا) ۱۹۷۹، ويندڙ وهي لهندڙ سج (ڪهاڻيون) ۱۹۸۴، وڏا اديب وڏيون ڳالهيون (ترجمو) ۱۹۸۴، سونو روپو سج (ڪهاڻيون) ۱۹۸۶ ايوريسٽ تي چڙهائي (ترجمو) ۱۹۸۷، ڪُرسي (ڪالم) ۱۹۹۸، ڇو، ڇا ۽ ڪيئن (ترجمو) ۱۹۹۹، خط ٻن اديبن جا (خط) ۱۹۹۹، در در جا مسافر (ثقافتي اخلاقيات) ۲۰۰۱، وڻ وڻ جي ڪاٺي (ترجمو) ۲۰۰۲، ڇا لکان (ڪالم) ۲۰۰۷ع عبدالقادر جوڻيجو سنڌ جي انهن ليکڪن مان هو جن جا ڪالم سڀ کان وڌيڪ پڙهيا ويا. تمام ڊگها ڪالم لکندڙ عبدالقادر جوڻيجي جو لکڻ جو انداز اهڙو ته ڀلو ۽ تجسس وارو هوندو هو جو پڙهندڙ ڪالم کي پورو ڪري ساهه پٽيندو هو. سندس ڪالم مختف اخبارن ۾ سياسي، سماجي ۽ حالات حاضره تي ڇپجندا رهيا، جن ۾ ڄاڻ سان گڏ تحقيق ۽ صحتمند تنقيد جو پهلو به شامل هوندو هو. سندس ڪم جي مڃتا عيوض کيس ڪيترا ئي ايوارڊ مليا جن مان ڪجهه خاص هيٺ ڏجن ٿا:حسن ڪارڪردگي صدارتي ايوارڊ – ۱۹۸۹، حسن ڪارڪردگي صدارتي ايوارڊ – ۲۰۰۷، ساليانو بهترين ليکڪ جو پي ٽي وي ايوارڊ – ۱۹۸۳ (ديوارين) سيريل، ساليانو بهترين ليکڪ جو پي ٽي وي ايوارڊ – ۱۹۸۵ (ڪاروان) سيريل، پي ٽي وي سلور جوبلي ايوارڊ – ۱۹۸۹، ڏهاڪي جو بهترين ايوارڊ ۱۹۸۸ کان ۱۹۹۸ (ڄار) سيريل، ريڊيو پاڪستان گولڊن جوبلي ايوارڊ – ۱۹۹۹سنڌ جو هي ناليوارو ليکڪ هاڻ اسان ۾ نه رهيو آهي پر سندس لکڻيون سدائين اسان کي سندس ياد ڏيارينديو رهنديون. عبدالقادر جوڻيجو مينهن وساڙي جهڙي ماڻهوءَ جي موڪلاڻي علي نواز آريسر سنڌ اڄ هڪ ذهين انسان کان محروم ٿي وئي. اهڙو ذهين، جنهن ٿر ۾ جنم ورتو، پر سڄي دنيا ۾ پاڻ مڃايو. هن ڪهاڻيون لکيون، ڊراما لکيا، ترجما ڪيا، يادگيريون لکيون، اخبارن لاءِ ڪالم لکيا ۽ بي پناه عشق ڪيا ۽ پاڻ هر ڪم ۾ ڪامياب رهيو. عبدالقادر جوڻيجي، ٿر جي واريءَ جي ڀٽن جي وچ ۾، هڪ ننڍڙي ڳوٺ جنهاڻ، تعلقي مٺيءَ، ضلعي ٿرپارڪر ۾ مريد حسين جوڻيجي جي گهر ۾، پهرين نومبر ۱۹۴۵ع تي اک کولي. ٿر جي واريءَ ۾ بانبڙا پائيندي، واريءَ جا گهر ٺاهيندي، چڙن جي چُونگار کي هينئين سان هنڊائي وڏو ٿيو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان پاس ڪري، سيڪنڊري تعليم نوابشاهه ضلعي جي مختلف شهرن، ۽ هاءِ اسڪول ڏيپلي مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. سندس والد پوليس آفيسر هو. ۱۹۶۲ع ۾ کيس پوليس کاتي ۾ اي ايس آءِ طور چونڊيو ويو، پر والد جي زور ڀرڻ تي پرائمري ماستر ٿيو ۽ مختلف ڳوٺن ۾ پڙهائڻ لڳو. ڪيترا ئي ڪلوميٽر پنڌ ڪري پڙهائڻ ويندو هو ۽ رستي جي سفر ۾ واريءَ جي ڀٽن، ڏهرن ۾ چرندڙ ڍڳين ۽ ٻڪرين، رڍن سان ڪچهريون ڪندي اسڪول پهچندو هو، ته سندس ذهن ۾ افسانو جڙي پوندو هو. ائين هن افسانا، ڪهاڻيون لکندي سنڌ جي ڏاهي، محمد ابراهيم جويي سان خط و ڪتابت شروع ڪئي، ۽ پنهنجا افسانا جويي صاحب کي موڪليندو رهيو؛ ۽ جويو صاحب سندس رهنمائي ڪندي، اُهي افسانا مهراڻ ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپائيندو ۽ کيس خط لکي همت افزائي ڪندو رهيو. ايئن هن افسانا ۽ ڪهاڻيون لکندي بي اي، بي ايڊ ۽ ايم اي سوشيالاجيءَ جون ڊگريون ۱۹۷۷ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيون. ۱۹۷۶ع تائين پڙهائڻ جو ڪم جاري رکيائين ۽ ان دوران نواب حيدر علي لغاري ۽ شوڪت حسين شوري سان خط و ڪتابت به هلندي رهي. اڳتي هلي پاڻ سنڌالاجيءَ ۾ پبليڪيشن آفيسر طور مقرر ٿيو. ڄامشوري جي افسانوي سرزمين سندس اندر ۾ سُتل ڪهاڻيڪار کي جهنجهوڙي جاڳايو ۽ ڏات جي ديوي مٿس مهربان ٿي، ۽ جوڻيجو صاحب لکڻ کي عبادت سمجهي پابنديءَ سان فرض ادا ڪندو رهيو. جوڻيجي صاحب جو سنڌ يونيورسٽيءَ وارو دور هڪ شاندار دور چئي سگھجي ٿو، ڇو ته هتي هن جو گھڻو وقت سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز ۽ ڀلوڙ نثرنويس غلام رباني آگري سان گذريو ۽ سنڌي ادب جي هن ٽه-مورتيءَ، سنڌ کان علاوه پوري دنيا جي ادب تي طويل بحث ڪيا، راتين جون رولاڪيون به سندن حصي ۾ آيون ته خوبصورت نيڻن جا اسير به بڻيا. عبدالقادر جوڻيجو سنڌالاجيءَ ۾ پبليڪيشن آفيسر، ايڊيشنل ڊائريڪٽر ۽ پوءِ ڊائريڪٽر ٿيو، جتي ۲۰۰۵ع تائين فرض نڀايائين؛ ۽ ۲۰۰۵ع ۾ ئي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو چيئرمئن مقرر ڪيو ويو، جتي پڻ پنهنجو وقت خوبصورت نموني ۽ خوش اسلوبيءَ سان گذاريائين. منهنجي ساڻس ملاقات سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ٿي. ٿيو هيئن جو هڪڙي ڀيري آريسر صاحب ماٺيڻي اوٺي جي ورسيءَ جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ اٿارٽي ويو هو، جتي ڪچهريءَ دوران منهنجي نوڪريءَ جو چيو هئائين؛ جنهن تي جوڻيجي صاحب چيو ته کيس صبح جو موڪلي ڏي. پوءِ ٻن مهينن کانپوءِ آئون حيدرآباد آيس، ۽ ڌڻي بخش سولنگي ۽ شهيد روپلي چولياڻيءَ سان گڏجي ملڻ ويس؛ پهرين ته ڪيترا ئي انومان ذهن ۾ ايندا رهيا ته هو هيڏو وڏو ماڻهو ملندو الائي نه؟ ڪهڙي موٽ ڏيندو، ايئن سوچن جي ساگر ۾ ٻڏندي ترندي جوڻيجي صاحب جي آفيس تائين پهتاسين، بنا ڪنهن پڇا ڳاڇا ۽ اطلاع جي اندر داخل ٿياسين، ته پاڻ اُٿي بيهي مليو ۽ اسان کي ويهڻ جو چيائين؛ ۽ يڪدم گھنٽي وڄائي پٽيوالي کي چانهه جو چيائين. پاڻ حال احوال ورتائين. جڏهن ٻڌايومانس ته ”سائين آريسر صاحب موڪليو آهي، نوڪريءَ جي لاءِ آيو آهيان“ ته پاڻ چيائين؛ پُٽ اِداري جي بجيٽ تمام ٿوري آهي، ۳۰۰۰ روپيا پگهار تي ڪانٽريڪٽ تي آئون تو کي ملازمت تي رکي سگهان ٿو. مون چيو؛ سائين مون کي منظور آهي، ته چيائين؛ ڏهن ڏينهن کانپوءِ فون ڪجانءِ. ايئن پنهنجو موبائيل نمبر پني تي لکي ڏنائين ۽ مون کان به نمبر لکائي ورتائين. مون وٽ ان وقت موبائل ڪو نه هو، سو گهر جو نمبر لکي ڏنم. ايئن ان ڏينهن اسان ۲ ڪلاڪ مسلسل ڪچهري ڪئي. مون کي هيءُ ماڻهو انتهائي پيارو، نفيس ۽ محبتن جو وهندڙ درياھ محسوس ٿيو. سندس محبت ڀريون ڳالهيون ٻڌندا رهياسين، ٻن ڪلاڪن کانپوءِ موڪلايوسين. اهڙيءَ ريت مون کي هفتو کن حيدرآباد ۾ لڳي ويو، ڇو ته قسمت سان اچڻ ٿيندو هو، ان ڪري يارن دوستن مان نڪرڻ به ڏکيو هو؛ هفتي کانپوءِ گهر پهتس ته گهروارن ٻڌايو؛ عبدالقادر ۵ ڀيرا فون ڪري چڪو آهي! مون فوري طور فون ڪئي مانس، ته پيار مان چيائين بابا ڪٿي آهين؟ ڪيتريون فونون ڪيون اٿمائين! چيو مانس سائين حيدرآباد ۾ ئي هئس، اڄ ئي واپس پهتو آهيان، ته چيائين صبح جو ئي اچ ۽ نوڪري جوائن ڪر! ايئن ٻئي ڏينهن اٿارٽي پهچي نوڪري جوائن ڪيم. ڪم کي لڳي ويس. ڪافي ٽائيم گذري ويو، ساڻس ملڻ لاءِ به نه ويس. هڪ ڀيري آريسر صاحب ملڻ آيو ته شڪايت ڏنائين، ته مون وارو ڀائٽيو ملڻ به ناهي ايندو! آريسر صاحب مون کي دڙڪو ڏيندي چيو ته جوڻيجو صاحب شڪايت پيو ڪري. چيومانس؛ سائين! جوڻيجو صاحب چوندو ته آئون روزانو گهر وڃي ڪچهري ڪري ايندس، باقي هتي آفيس ۾ ملندس ته چاپلوسيءَ جو ٺپو لڳندو. واقعي ڪنهن آفيسر سان ويجهو رهڻ به وڏي ۾ وڏو عذاب آهي. هڪ سال تائين ڪچي ملازمت ۾ ڪم ڪيم. هڪ سال کانپوءِ پاڻ مون کي جونيئر ڪلارڪ طور ريگيولر ڪيائين، ۽ ان ڏينهن چيائين ته واعدو ڪر، ته هن آفيس ۾ پنهنجي محنتن سان اڳتي وڌندين ۽ سٺي عهدي تي پهچندين. ۲۰۰۸ع ۾ پاڻ اٿارٽيءَ مان هليو ويو، سچي ڳالهه اِها آهي ته هيءُ ماڻهو مون کي ڪامورو بلڪل نه لڳو؛ انتهائي پيار ڪندڙ انسان لڳو. ۲۰۰۹ع ۾ مون جڏهن آريسر صاحب جو ڪتاب ”زندگي، آزادي ۽ محبت“ پئي ڇپايم ته جوڻيجي صاحب کان مهاڳ لکرائڻ لاءِ ويس، دروازي تي پهچي اطلاع ڏنم ته پاڻ نڪري آيو ۽ وٺي وڃي ڊرائينگ روم ۾ ويهاريائين ۽ دڙڪو ڏيندي چيائين، تون ڌاريو آهين جو دروازي تي بيهي رهين؟ سچ ته آئون پنهنجي لاءِ اهو اعزاز ٿو سمجهان جو هُن مونکي ايترو پنهنجو سمجھيو، ڇو ته اسان جي هن سماج مان ڏينهون ڏينهن پنهنجائپ جو تصور ئي ختم ٿيندو وڃي. ڪافي ٽائيم ڪچهري ڪئي سين، چانهه وغيره جو دؤر به هليو. مون جڏهن ڪتاب جو مهاڳ لکڻ لاءِ چيو ته پاڻ مون کي چيائين ته بابا آريسر صاحب کي ڪهڙي ضرورت آهي، ڪتاب جي مهاڳ لکرائڻ جي! توهان دنيا جي وڏن ليکڪن جا ڪتاب پڙهو، اهي پنهنجي ڪتابن جا مهاڳ پاڻ لکندا آهن؛ پر پوءِ به مون کي خوشي آهي ته آريسر صاحب جي ڪتاب جي مهاڳ لاءِ منهنجي چونڊ ڪئي وئي آهي؛ آئون ضرور لکندس. پوءِ هفتي اندر شاندار مهاڳ لکي ڏنائين. ان ڪتاب جو انتساب به آريسر صاحب عبدالقادر جي نالي ڪيو آهي. جوڻيجو صاحب آريسر صاحب کي تمام گهڻو ڀائيندو هو. جوڻيجي صاحب جون علمي، ادبي خدمتون به تاريخ جي سُنهري ورقن ۾ لکڻ جھڙيون آهن. سندس ڪهاڻين، افسانن، خاڪن ۽ ترجمي جا ۱۳ کن ڪتاب ڇپيل آهن، جنهن جو وچور هن ريت آهي: واٽون راتيون رول (ڪهاڻيون: ۱۹۷۳ع) شڪليون (سنڌ جي شخصيتن تي خاڪا: ۱۹۷۹ع) ويندڙ وهي لهندڙ سج (ڪهاڻيون: ۱۹۸۴ع) وڏا اديب وڏيون ڳالهيون (ترجمو: ۱۹۸۶ع) ايوريسٽ تي چڙهائي (ترجمو: ۱۹۸۷ع) ڪرسي (ادب، تعليم، ميڊيا ۽ ثقافتي ائنٿراپالاجيءَ بابت مضمون: ۱۹۹۸ع) ڇو ڇا ۽ ڪيئن (ترجمو: ۱۹۹۹ع) خط ٻن اديبن جا (محمد ابراهيم جويي ۽ عبدالقادر جوڻيجي جا خط: ۱۹۹۹ع) دَرَ در جا مسافر (ڪلچرل ائنٿراپالاجي: ۲۰۰۱ع) وڻ وڻ جي ڪاٺي (۲۰۰۲ع) ڇا لکان؟ (تاريخي، سماجي، سياسي ۽ ادبي مضمون: ۲۰۰۷ع) ايئن ڀلا ڪيئن هوندو؟ (۲۰۱۰ع). ادب اندر ۾ ويٺل جن ۽ ڀوت (۲۰۱۴ع) عبدالقادر جوڻيجي جا هي سمورا ڪتاب انتهائي اهم ۽ ڄاڻ جو خزانو آهن. ان کان سواءِ پاڻ ٿر جي ريگستان تي انگريزيءَ ۾ هڪ ناول به لکيائين. جوڻيجي صاحب لکڻ جي شروعات افساني کان ڪئي، پر پوءِ اڳتي هلي ڪهاڻي ۽ ڊرامي جي صورت ۾ ادب تي ڇائنجڻ لڳو. سندس پهرين ڪهاڻي مُٺ مُٺ سُور آهي، جيڪا ۱۹۶۳ع ۾ مشهور ادبي رسالي روح رهاڻ ۾ ڇپي. کيس نه صرف سنڌ، پاڪستان ۾ پر ڀارت، نيپال، ايران ۽ جرمنيءَ ۾ اردو ڊرامي نگاريءَ جي حوالي سان عالمي مڃتا ملي. پاڻ ريڊيي لاءِ به ڪيترائي ناٽڪ لکيائين. سندس پهريون ناٽڪ ۱۹۷۰ع ڌاري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي نشر ٿيو. اهڙي ريت سندس ٽيهن کان وڌيڪ ريڊيو ناٽڪ نشر ٿيا، جن کي تمام گهڻي موٽ ملي. ۱۹۷۶ع ۾ سندس پهريون ٽي وي ناٽڪ ”تلاش“ پي ٽي وي ڪراچيءَ تان ٽيليڪاسٽ ٿيو. ان بعد سندس ۱۶ کان وڌيڪ سنڌي ۽ ۱۶ اُردو سولو پلي ۽ سيريل ٽيليڪاسٽ ٿيا. اردوءَ ۾ سندس ۱۳ ڊراما پي ٽي وي ۽ ٻين چئنلن تي رليز ٿيا، جن ۾ ڪاروان، ڇوٽي سي دنيا، سيڙهيان، دُک سُک، پرانده ۽ ڌول عالمي شهرت ۽ مڃتا ماڻي. سندس ٽي وي سيريل ڇوٽي سي دنيا تي مشهور جرمن انٿراپالاجسٽ، ڊاڪٽر هيلن باسو (DR. Hellene Basu) فري يونيورسٽي برلن ۾ ٿيسز لکي چُڪي آهي، جنهن جو اختصار انگريزيءَ ۾ به ترجمو ٿي چُڪو آهي. سندس سنڌي ڊرامي ”راڻي جي ڪهاڻي“ سنڌ ۾ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي ۽ ٻهراڙين ۾ اڄ به ماڻهو انهي سيريل جي واکاڻ ڪندي ڍاپن ئي ڪو نه ٿا؛ ۽ ساڳي سيريل اردوءَ ۾ ”ديوارين“ جي نالي سان ٽيليڪاسٽ ٿي ۽ اردو ڊرامي نگاريءَ تي پنهنجي ڇاپ ڇڏيائين. ان بعد (B.B.C) چئنل- ۴ تان انگريزيءَ ترجمي سان ٽيليڪاسٽ ٿي. هيءَ ڏکڻ ايشيا جي پهرين سيريل هئي، جيڪا (B.B.C) تان ٽيليڪاسٽ ٿي هئي. ان کان علاوه سندس ڊرامي ”سيڙهيان“ آمريڪا ۽ ڪئناڊا سميت ٻين ملڪن ۾ به مڃتا ماڻي. اهڙيءَ طرح ٽي وي ڊرامو ”پرانده“ پڻ ڪئناڊا ۽ يونائيٽيڊ عرب امارات (U.A.E) ۾ به ٽيليڪاسٽ ٿيو. کيس نه رڳو سڄي سنڌ نالي سان سڃاڻي، پر دنيا جي ٻين به ڪيترن ملڪن ۾ سندس نالو ڪنهن کان ڳُجهو ڪونهي. کيس مڃتا طور ڪيترائي ايوارڊ مليا، جن ۾ ۱۹۸۹ع ۾ پهريون صدارتي ايوارڊ ۽ ۲۰۰۸ع ۾ ٻيو صدارتي ايوارڊ مليو. قسطوار ڊرامي ڪاروان تي بهترين ليکڪ جو ساليانو پي ٽي وي ايوارڊ، ۱۹۸۹ع ۾ پي ٽي وي سلور جوبلي ايوارڊ، ۱۹۸۸ع کان ۱۹۹۸ع واري ڏهاڪي جو ايوارڊ ۽ ريڊيو پاڪستان جو ۱۹۹۹ع جو گولڊن جوبلي ايوارڊ (قومي) ملي چُڪا. پر آئون سمجهان ٿو اهي اوارڊ عبدالقادر جوڻيجي لاءِ اعزاز ناهن، بلڪه انهن ادارن ۽ انهن اوارڊن لاءِ اهو اعزاز آهي، جو اُهي عبدالقادر جوڻيجي جي نالي منسوب ٿيا آهن، ڇو ته ڪي ڪي شخصيتون اوارڊن ۽ اعزازن کان مٿانهيون ۽ مانائتيون هونديون آهن، ۽ عبدالقادر جوڻيجي جو شمار اهڙين شخصيتن ۾ ٿئي ٿو. عبدالقادر جوڻيجي ٽي وي ڊراما نگار جي حيثيت ۾ ٻه ڀيرا چين جو مطالعاتي ۽ ثقافتي دورو به ڪيو. سندس سڄي زندگي لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ گذري آهي، پاڻ ادب، ثقافت، تعليم، آرڪيالاجي ۽ صحافت وغيره سان لاڳاپيل ۱۸ کان وڌيڪ ادارن جي مختلف ڪميٽين جو ميمبر به رهيو. ان کان علاوه پاڻ مختلف ادارن جو سربراهه به بڻيو، پر پوءِ به هيءُ فقير صفت انسان فقيراڻي طبيعت جو مالڪ رهيو، پاڻ وڏو ماڻهو ته ٿي ويو، پر وڏ ماڻهپو نه ڪري سگھيو؛ ۽ نه ڪامورو ٿي سگهيو. هيءُ بس يارن جو يار رهيو، اهو ئي سبب هو، جو پاڻ ڪنهن سياسي ۽ ادبي تنظيم جو حصو نه بڻيو. هيڏو وڏو عالمي شهرت رکندڙ اديب هئڻ جي باوجود، ادبي سنگت جي لهه وچُڙ ۾ نه آيو، ڇو ته هي سماجي روايتن جو امين هو، ڪنهن به سياسي ادبي تنظيم جو حصو بڻجي، هن پنهنجي پاڻ کي وڃائڻ کان بچائيندي رشتن جو ڀرم رکيو هو. هي مينهن وساڙي جھڙو پيارو ۽ نفيس انسان سٺا ڪپڙا پائڻ جو شوقين، سٺي پرفيوم استعمال ڪندو ته هر شئي نهايت ئي عمدي قسم جي هوندي هئي. اڪثر ڪري ايراني ليٽر پيڊ ۽ شيفر پين سان لکندو هو، سندس اکر ڪنهن ڪاتب جي اکرن کان به سٺا هوندا هئا. مُٺ تي سگريٽ پيئندو هو ۽ سگريٽ جو ڪش هڻي دونهون هوا ۾ اُڏاري ڳالهائڻ شروع ڪندو هو سڄي دنيا جو ادب پلٽائي ڇڏيندو هو. پاڻ جيتوڻيڪ اڄ اسان جي وچ ۾ ناهي رهيو، پر هو سنڌ سميت سڄي دنيا جي لکين دلين ۾ هميشه زنده رهندو. لاڪ ڊائون جي اداس گھڙين ۾ اڄ ھن جي ان جڳ کي الوداع ڪرڻ جي ڏکوئيندڙ خبر ملي جنھن جڳ کي برصغير جي عظيم شاعر شيخ اياز سپني سان ڀيٽ ڏني ھئي. گھڙي پل لاءِ ايئن لڳو ته اسان ڪورونا جي زد ۾ آيل دنيا ۾ نه پر نارمل دنيا ۾ رھي رھيا آھيون ۽ اھا نارمل دنيا اھا ھوندي آھي جيڪا سڀ کان وڌيڪ ايبنارمل ڪري ڇڏيندڙ خبر ان خبر کي سمجھندي آھي جيڪا ڪنھن وڏي ڏاھي ماڻھو جي دکدائڪ موت جي خبر ھوندي آھي. جڏھن ڪا به نارمل دنيا اھڙي خبر ٻڌندي آھي ته پوءِ اھا دنيا رڳو ان سانحي واري خبر جي نتيجي ۾ جيڪا المناڪ ڪيفيت جنم وٺندي آھي تنھن ۾ پاڻ کي رولي ڇڏيندي آھي،پر شايد اڄ ڪورونا جي وبا ۾ وچڙيل ۽ بک کان پاھ ٿيل سنڌ وٽ سندس وڇوڙي جي هن عظيم ڏک کي محسوس ڪرڻ جو موقعو نه ھجي، پر اھا حقيقت آھي ته سنڌ جو اھو ڍوليو جنھن جو نالو عبدالقادر جوڻيجو ھيو سو ڏئون ڏئي اڻ ڏٺل ڍٽ ڏانھن قراري ھليو ويو آ. خبرناھي اھو ڏينھن ڪھڙو ھو جڏھن ھن ٿر جي محبوب مٽيءَ جي پڌر تي پنھنجون اکيون کوليون ھيون، پر تاريخ ۱۳ سيپٽمبر ھئي ۽ ۱۹۴۵ع جو سال ھيو. ضلعي ٿرپارڪر جي شھر نئون ڪوٽ تعلقي مٺيءَ جي جوڻيجن جي ڳوٺ جنھاڻ جي نصيب ۾ اھا ڳالهه لکجي وئي ھئي ته اھو جيڪو ڇوڪرو ڄائو ھو سو اڳتي ھلي سندن ڳوٺ جا ته ڇا پر پنھنجي ديس جي سڃاڻپ جا نصيب لکندو. چون ٿا ته عبداقادر جوڻيجي جو والد مريد حسين جوڻيجو پوليس عملدار ھو. الاءِ ڇو حيرانگي ٿئي ٿي ته سنڌ ۾ پوليس عملدارن جا پٽ اڪثر ڪري آرٽ جي ويجھو ڪو نه ايندا آھن حسن جوڻيجي جي پٽ ان روايت کي مٽائي ڇڏيو. علم جا ابتدائي اکر عبدالقادر پنھنجي ڳوٺ جنهاڻ ۾ پرائڻ کان پوءِ عاشقن جي شھر ڄامشوري ڏانھن رخ رکيو جتي ھن مادر علمي ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ عمرانيات Sociology ۾ ماسٽرس ڪئي. زندگي کي خبر ناھي ته ھن ڊرامي جي اک سان ڪڏھن ڏٺو پر ٿوري وقت ۾ ريڊيو لاءِ ۲۲ ڊراما ۽ ۱۱ ڊراما پاڪستان ٽيلي وزن لاءِ لکي جڳ جھان کي حيران ڪري ڇڏيو. عبدالقادر جي ڪتابن پڙھڻ سان سان اھڙي محبت ھئي جھڙي ٽين ايجز ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ھڪ ٻئي سان ڪندا آھن. انڪري ھن ڪيترائي ڪتاب پڻ لکيا. سندس لکيل ڊراما جڏھن نشر ٿيا ته انھن جي گونج ملڪ جي سرحدن کي لتاڙيندي وڃي ھن پار پڳي. اڄ به اھي ڊراما ماڻھن جي دماغن مان گھڙي پل لاءِ به نڪتا ناھن. سندس ادبي ڌاڪ جڏھن قائم ٿي ته سندس خدمتن جي عيوض حڪومت پاڪستان نه چاھيندي به ۲۰۰۸ع ڌاري ھن کي اھم سرڪاري اعزاز پرائيڊآف پرفارمنس سان پڻ نوازيو.. اھو عبدالقادر جوڻيجو اڄ اسان کي الوداع ڪري ھليو ويو.. سندس تعزيت سنڌ سان گڏ جتي مان مٺي، نئون ڪوٽ ۽ جنھاڻ سان ڪرڻ چاھيان ٿو، اتي روحي بانوءَ جي تربت سان به ڪرڻ چاھيان ٿو.! ڇو ته روحي بانو جو سنڌ جي ھن شھزادي ۾ ساھ ھو.!! استاد الوداع .. One More Session but you are gone!!!! عبدالقادر جوڻيجو ايش ٽري، سگريٽ جو ڦلو ۽ جوڻيجو سڪندر ھليو سڄي دنيا جيان ڪورونا جي قهر کان بچڻ لاءِ پاڻ وٽ به لڳايل لاڪ ڊائون جي بوريت کان بچڻ جو شايد واحد وسيلو سوشل ميڊيا ئي وڃي بچيو آهي. ان ڏينھن شام دير سان فون جي اسڪرين اسڪرول ڪندي پياري منظور ميراڻيءَ جي جڏهن اها پوسٽ فيس بوڪ تي نظر آئي ته ”اسان جو پيارو عبدالقادر جوڻيجو به هيءُ جهان ڇڏي ويو“، تنهن کانپوءِ ڪافي دير تائين جوڻيجي صاحب بابت سوچيندو رهيس ۽ سندس ڪيترائي عڪس ۽ لفظ اکين آڏو ايندا رهيا. منهنجي ساڻس ڪڏهن ڪا دوستي يا ويجهڙائي نه رهي، پر مان به ڪافي پڙهندڙن، ٽي وي ڏسندڙن جيان سندس هميشه مداح رهيو آهيان، ڇو جو هن جهڙو شايد ئي ڪو ڪلاسيڪل ماڻهو يا ليکڪ اسان وٽ باقي رهيو هجي. هن جي اصل سڃاڻپ ته ليکڪ ۽ ڊراما نگار واري رهي آهي، پر هو پنهنجي انداز ۽ زندگيءَ ۾ هڪڙو مڪمل پيڪيج هو، جنهن جو هو خود ئي پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر به هو، ته اداڪار ۽ صداڪار به خود ئي هو. هن اهو اسٽائيل يا انداز خود ٺاهيو هو ۽ مٿس ئي ٺهندو هيو. ڪافي ليکڪ کيس ڪاپي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهن، پر اصلي انداز جي ماسٽر ڪاپي رڳو سندس وٽ هُئي. منهنجيون ساڻس زندگيءَ ۾ ٽي ملاقاتون ٿيون ۽ ٽئي ڀيرا رڳو کيس سندس انداز ۽ ڳالهين مٿان ڳالهين جي نه کٽندڙ سندس روانيءَ واري سحر مان سدائين متاثر رهيم. سندس وارن جو اسٽائيل، ڪپڙن جو اسٽائيل، سگريٽ پيئڻ جو مخصوص اسٽائيل اهڙو هو، جهڙو پنجويهه سال اڳ هو، بس عمر جي دغا سبب سندس وار اڇا ٿي ويا هئا ۽ ڪراڙپ ڪري اڄڪلهه اليڪٽرانڪ تصويرن جيان جوانيءَ مان هو پوڙهو ٿي ويو هيو، پر سندس سگريٽ سو به ھڪ مخصوص برانڊ پيئڻ جو اسٽائيل نه ته ڪو پوڙهو ٿيو، ۽ نه پراڻو! هٿ جي چپٽي سان ٺڙڪو ڪري سگريٽ جو ڦلو ڪرائيندي هو پاڻ سميت ڪهاڻين، ڊرامن ۽ ڳالهين جا اڻ کُٽ قصا پوئتي ڇڏي ويو. منهنجي ساڻس پهرين ملاقات ۱۹۹۸ع ڌاري ان وقت ٿي هئي، جڏهن هو سنڌالاجيءَ ۾ ڊائريڪٽر هو. مان ان وقت قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد جي انيٿراپالاجي شعبي ۾ ماسٽرس ڪرڻ لاءِ جنهن ٿيسز تي ڪم ڪري رهيو هيس، سا سنڌو سڀيتا يعني موهن جي دڙي جي ٺڪرن جي ٿانون جي هزارين سالن جي سفر ۾ اڄ به سنڌ ۾ موجودگيءَ بابت هئي. هڪ يونيورسٽي شاگرد جي حيثيت ۾ ان کان اڳ مان ڄامشوري ۾ ئي انگريزي ڊپارٽمينٽ مان گريجوئيشن ته ڪئي هئي، پر جُوڻيجي صاحب سان ڪڏهن ڪا ملاقات نه ٿي سگهي هئي. ساڻس ملاقات سنڌالاجيءَ جي آفيس ۾ ٿي، پوءِ بس جيڪي ٻه لفظ تعارف جا ٿيا سي ٿيا، باقي جوڻيجي صاحب ٻن اڍائي ڪلاڪن ۾ مونکي ان تهذيب، دريائن جي زندگي ۽ موت ۽ صدين کان سنڌ ۾ رهڻي ڪهڻي بابت جيڪي ڳالهيون ٻڌايون، سي ڪجهه سمجهه ۾ آيون ۽ گهڻي ڀاڱي ڪو نه آيون. ڇو جو هو جنهن سطح تي ڳالهائي رهيو هو، تنهن وقت شايد منهنجو ايترو مطالعو ڪو نه هو يا اهڙي ڪا سُڌ ٻُڌ گهٽ هئي. بهرحال سندس قصه گوئيءَ جو انداز مونکان ڪڏهن نه وسري سگهيو. هن جي ڳالهين ۾ تاريخ ۽ تحقيق جون ڳالهيون گهٽ، پر فڪشن ۽ فئنٽسي وڌيڪ هئي، جنهن جو سحر اڄ به مون مٿان طاري آهي. اهڙين ڳالهين جو انداز ٻئي حوالي سان صرف جاويد ڀُٽي ۾ هو، ورنه اڄڪلهه ناميارا ليکڪ سڳورا انگريزي ڪتابن جا ٽائيٽل ۽ فهرستون اسڪرين شاٽ ڪري فيس بوڪ تي رکي هر ٻئي چوٿين ڏينهن اعلان ڪندا آھن ته، هو اهو ڪجهه پڙهي رهيا آهن. اهڙن ڪتابن ۾ ڇا آهي يا ناهي؟ ڪاش هو اهو ڏانءُ جوڻيجي جهڙي ماسٽر رائيٽر کان سِکي سگهن ھا! ساڻس ٻي ملاقات ڏهاڪو کن سال اڳ سندس ڄامشوري واري گهر ٿي هئي، جنهن ۾ حسن درس مونکي ساڻ وٺي هليو. حيدرآباد مان شام جو وڃڻ وقت اڳ ئي حسن مشروب مغرب جو بندوبست ڪيو ۽ حڪم ڪيائين ته، پيارا اڄ هلي ٿا استاد (جوڻيجي) سان ڪچهريون ڪيون! ان وقت جوڻيجو صاحب نئون نئون رٽائر ٿيو هو ۽ گهڻو ڪجهه لکي، پڙهي ۽ ڳالهائي رهيو هو. مونکي هن فقط ايترو سڃاتو ته مان ڪاوش ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪالم لکندو آهيان، ۽ بس پوءِ هو شروع ٿي ويو. الائي ڪٿان جون ڳالهيون ۽ ڪٿان جا قصا! ڪنهن ڪنهن مهل لڳو ٿي ته حسن جي انداز ۾ به ڪجهه ڪجهه هن جو اولڙو هو. ٽي وي ڊراما، اداڪار ۽ اداڪارائون، ليکڪ ۽ سندس خفتي يار...هر ڳالهه ۾ هڪ سندس رومانس ضرور هو ۽ ڪا عورت هن مٿان فدا ٿيندڙ هُئي. ڪجهه اهڙيون ڳالهيون آهن، جيڪي لکي نٿيون سگهجن، پر ڪنهن يارن دوستن جي ڪچهري ۾ فقط روبرو ٻُڌائي سگهجن ٿيون. هن جو انداز ۽ دلبربائي اهڙي هئي، جو فقط ماڻهو ڪن لڳائي ٻُڌي ئي سگهيو ٿي. جيئن ته انهن مان ڪنهن به ڪردار کي مون ذاتي طور تي نه ٿي سڃاتو، انڪري هر ڪردار هڪ ڪهاڻي ۽ فينٽسي هو، ۽ جيڪو اڄ به آهي. اهو جوڻيجي صاحب جو ڪمال هو، جو هر ڪردار کي هڪ ڪهاڻي ۽ آخر ۾ داستان ۾ تبديل ڪرڻ جي باڪمال سگهه رکندڙ هو. بهرحال مشروب مغرب سان گڏ اسانکي چيز (پنير) بار بار ٽڪرن ۾ ٿي کارايائين ۽ ٻُڌايائين ٿي ته اهو خاص ڪينڊا مان ڪنهن سنگتياڻي کيس موڪليو آهي. پهريان ته چيز ڪو خاص مزو نه ٿي ڏنو، پر پوءِ جڏهن ٻه چار رائونڊ مشروب جا مڪمل ٿيا ته چيز عرف پنير به هڪ اعليٰ رزميه داستان ٿي لڳو. کيس ڪجهه سمهڻو هوم سو هڪڙي وقت حسن اک ڀڃي مونکي اشارو ڪيو ته پيارا فڪر نه ڪر پاڻ ڪڙهائي هلي ڦاٽڪ تي کائينداسين! ان رات مون خود جوڻيجي کي هڪ اهڙو ڪردار، هڪ اهڙي ڪهاڻي، هڪ اهڙو داستان ڏٺو ۽ ٻُڌو جنهن جو ڪو انت، ڪو موت ۽ زوال نه آهي. جوڻيجي صاحب سان آخري ملاقات پنج ڇهه مهينا اڳ ڄامشوري ۾ ئي سندس گهر جي ڊرائنگ روم ۾ ٿي، جنهن لاءِ هڪ رات جو اڳ ئي سائين سردار شاهه چيو هو ته سڀاڻي شوڪت شوري کانپوءِ استاد (يعني عبدالقادر جوڻيجي) ڏانهن هلڻو آهي. ملاقات ۾ گهڻي ڀاڱي سائين سردار کيس ثقافت کاتي جون خبرون ۽ هو کيس هتان هُتان جون ڳالهيون ٻڌائيندو رهيو. هو ڪافي سرهو هو ته ايترا دوست سندس خبرچار وٺڻ آيا آهن، پر مان هڪ اهڙو عبدالقادر ڏٺو، جيڪو ڪنهن رڻ جي پن جيان سڄو سُڪي ۽ اڇو ٿي ويو هو، پر سندس مخصوص برانڊ سگريٽ اڃان به دکندڙ هو، هو سڄو ساڳيو جوڻيجو هو، پر پنهنجي ڊرامن ۽ ڪهاڻين جي پوڙهي ڪردار جهڙو هڪ اهڙو انسان ٿي نظر آيو، جنهن وٽ نه ته زندگي گهڻي هئي ۽ نه ڳالهين ۽ قصن ڪهاڻين ٻڌائڻ واري انداز ۾ ساڳيو مزو هو. موڪلائڻ وقت هن فقط ايترو ڪمزوري سان چيو ته، ”مزو نه آيو!“ پر سردار کيس ڪُلهي تي هٿ رکندي چيو، ”استاد وري جلد ملون ٿا!“ وري ملڻ شايد ممڪن نه هو ۽ جوڻيجي صاحب کي هاڪڙي جي مٽي پڻ پڪاريو ٿي. ويندي ويندي هو پنهنجي ذات، لکڻين ۾ هڪ اهڙو ڪردار پوئتي ڇڏي ويو، جيڪو هڪ ئي وقت انتهائي باڪمال آهي، ائين جيئن بچپن ۾ ناني يا ڏاڏيءَ جا قصا ۽ ڪهاڻيون ۽ جوانيءَ ۾ معاشقا ۽ بيوفايون، ۽ جهور ٿيندي ڏاهپ ۽ سانتيڪيت جو سحر انگريز انداز ڪجهه ماڻهن جي شناخت ٿي ويندو آهي. آخري ملاقات ۾ مون هن کي هڪ ”اسٽل“ ٿيل سين واري انداز ۾ ڏٺو، شايد ان عمر ۾ وقت ساڪن ٿي ويندو آهي ۽ مٽي فقط مدفون ٿيڻ لاءِ آتي هوندي آهي. آخري سين ۾ فقط خالي ايش ٽري رهجي ويندي آهي، جنهن ۾ جوڻيجي جهڙن ڪردارن جي مٺ تي سگريٽ جي ڦوڪ ۽ سٽڪي سان ڪرندڙ ڦلو پڻ ڪنهن ڪهاڻي ۽ داستان جهڙو ئي وڃي رهندو آهي، ڇو ته هن کانپوءِ هاڻي جوڻيجو ڪير سڏائي؟ عبدالقادر جوڻيجو سنڌ جي سگهاري ليکڪ جو وڇوڙو! احسان علي لغاري موبائيل جي گهنٽي وڄي ٿي.... ڏسان ٿو ته سرفراز راڄڙ صاحب جو فون آهي. سلام دعا کانپوءِ چوي ٿو، ”يار احسان ماسات موڪلائي ويو“. کن رکي وري چوي ٿو، ”پڇا ڪريو ته جنازي نماز ڪٿي ٿيندي، لاڪ ڊائون آهي، پر پاڻ کي هر صورت ۾ هلڻو آهي.“ ”جي جي سائين، آئون اوهان کي بيڪ رنگ ڪريان ٿو.“ تفصيل هٿ ڪرڻ لاءِ پيارن دوستن کي فون ڪيم، پر خبر نه پئجي سگهي. ڄام شوري جي صحافين کان پڇيم، پر تسلي جوڳو جواب نه مليو. اوچتو خيال آيو، سنڌ ۾ ڪنهن به اديب دوست جي وفات ٿئي، تڏي تي هر صورت ۾ پهريون پهچندڙ شخص محترم تاج جويو صاحب هوندو آهي، فون ڪري پڇيم ته چيائين اوڏانهن وڃان پيو، ٿوري دير بعد ڳالهائجان.“ فون بند ڪندي ئي جوڻيجي صاحب جي شخصيت جا ڪيترائي رنگ منهنجي اکين آڏو ڦرڻ لڳا، منهنجي ساڻس پهرين ملاقات سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ۾ ٿي، جڏهن پاڻ چيئرمئن هئا. مون جهڙي سنهڙي ۽ سيپڪڙي نوجوان جي اندر داخل ٿيندي ئي سائين اٿي ملڻ جي ڪئي ته مون ويجهي وڃي کيس ويهڻ جو چيو ۽ جهُڪي مليس. مون کي خبر هئي منهنجو هيءُ جهُڪاءُ سندس ان عهدي جي ڪري نه پر، اُن شخص اڳيان سلامي آهي، جنهن سنڌي ادب جي جهول ۾ هيرن جواهرن جون منفرد مالهائون عطا ڪيون آهن. هو پنهنجي لکڻين ۽ ڊرامن جي ڪري سڄي دنيا ۾ سنڌ جو ڳاٽ اوچو ڪيو بيٺو آهي. اهڙي شخص اڳيان جهُڪي جيڪا راحت ملي سا لفظن ۾ ٻڌائڻ ٻڌائي نٿي سگهجي. ايڏو وڏو ليکڪ ۽ ايڏي وڏي اداري جو چيئرمئن هوندي، سندس اهو ڳوٺاڻو انداز ۽ لهجو، جنهن ۾ پاڻ مون کان خوش خير عافيت پڇي. آئون حيران ٿي ويس. مون سندس اڳيان پنهنجا ايڊٽ ڪيل ٻاراڻا رسالا ”گلستان“، ”گلزارِ سنڌ“ ۽ ڪجهه ڇپرايل ڪتاب رکيا ۽ عرض ڪيو ته سائين منهنجي قائم ڪيل اداري ”اين. اي جان فائونڊيشن“ جي سالگرهه جي حوالي سان هڪ سووينئر جاري ڪري رهيو آهيان، توهان کي ان لاءِ پيغام لکڻ لاءِ عرض ڪرڻ آيو آهيان. جوڻيجي صاحب نه صرف پيغام لکي ڏيڻ جو واعدو ڪيو، پر مون کي چانهه پيارڻ سميت اڌ ڪلاڪ کن لاڳيتو منهنجي همٿ افزائي ڪندو رهيو. مون کي زندگيءَ بابت سوين مثال ٻڌائيندو رهيو ۽ ڏاڍو خوش ٿيو. مون ڏٺو ته سندس سيني ۾ سنڌ جي نوجوان طبقي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ وڏي بيچيني آهي. ان ڏينهن منهنجي به خوشيءَ جي حد نه هئي، جو آئون اهڙي ڪلاسيڪل شخصيت سان ڪچهري ڪري آيو هئس. ساڻس آخري ملاقات سرفراز راڄڙ سان گڏ سندس گهر تي ۲۰۱۶ع ۾ ٿي هئي، جتي پاڻ ٻين ڳالهين سان گڏ پنهنجي انگريزي ناول The Dead River ۽ ٻين انگريزي لکڻين بابت اسان کي ٻڌايو هو. سندس گهڻو اصرار هو ته ڪاش سنڌ جا اديب انگريزي ٻوليءَ ۾ لکڻ شروع ڪن. جوڻيجي صاحب ٻڌايو ته هن ناول جي رائلٽي کيس ڊالرن ۾ ٿي آهي، ۽ هو گهڻو خوش ٿيو آهي، جو ٻاهر ليکڪ جو وڏو قدر آهي. سندس خيال اسان کي سنڌ جي تاريخ، ادب ۽ ٻوليءَ جا ڪتاب انگريزي ۾ ترجمو ڪري ٻاهرين دنيا کي پڙهڻ لاءِ مهيا ڪرڻ گهرجي. انهن سوچن ۾ ئي هوس ته سرفراز راڄڙ جو فون آيو، چيائين ته نڪري اچ جلدي هلون. اسان جوڻيجو صاحب جون ساروڻيون ساريندي ڄام شوري ڏانهن سفر ڪريون ٿا. جوڻيجي صاحب جي گهر اڳيان ڪجهه گاڏيون بيٺل هيون. اسان به لهي گهر اندر داخل ٿياسين. اسان کان اڳ ۾ تاج جويو، مرتضيٰ سيال ۽ چار پنج ٻيا به ماڻهو ويٺل جن کي آئون سڃاڻي نه سگهيس. جوڻيجي صاحب جي ناٺي ساجد قيوم ميمڻ اسان کي هن المناڪ وڇوڙي بابت ڳالهيون پئي ٻڌايون. جوڻيجي صاحب کي آڪٽوبر ۲۰۱۹ع کان جگر جو ڪينسر ظاهر ٿيو هو، جيڪو کيس اڏوهي جيان کائيندو پئي ويو ۽ آخري وقت تي جگر جون شرنانيون ڦاٽي پيون، کيس رت جون اُلٽيون هليون ۽ هن اسريٰ اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. جوڻيجي صاحب ۲ انگريزي ناول لکي مڪمل ڪيا هئا، انهن جي ڇپائيءَ لاءِ ڳالهه ٻولهه ٿي پئي، پر ڇپجي نه سگهيا.ڳالهين ڪندي ڪندي تاج جويي صاحب چيو ته عبدالقادر کي هتي دفنائجي ها، جنهن تي ساجد قيوم ميمڻ وراڻيو، جوڻيجو صاحب چوندو هو ته: ”مون کي پٿرن ۾ نه پورجو.“ منهنجي ڪنن تي جڏهن انهن لفظن جو پڙلاءُ پيو ته اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا. سوچڻ لڳس ته واقعي عبدالقادر وڏو ماڻهو هو. هن کي خبر هئي ته هتي پٿرن ۾ کيس ڪير سنڀاريندو. اسان سنڌي بي قدرا آهيون، اسان وٽ پنهنجن محسنن جي سڃاڻ ناهي، ڇاڪاڻ جو سندس وڇوڙي جي خبر باهه جيان پکڙي آهي، پر سندس تڏي تي اسان اٺ ڄڻا ويٺا آهيون، نه ڪو اخبار وارو آهي ته نه ئي ڪو ٽي وي وارو، ڪو دور هوندو هو جو اسان پي. ٽي. وي تي اڌ ڪلاڪ جي پروگرام هلائڻ لاءِ احتجاج ڪندا هئاسين. اڄ ڪيترائي سنڌي ٽي وي چئنل آهن، پر هن بادشاهه ليکڪ جي وفات جو ٻڌي هڪ به چئنل جو ماڻهو ناهي پهتو. ڄامشوري ۾ سنڌي ادب جا ڪيترائي وڏا نالا رهن ٿا، پر اڄ اهي سمورا لاڪ ڊائون جو بهانو وٺي گهر ۾ پاڻ کي لاڪ ڪريو ويٺا هئا. جوڻيجي صاحب ڪيترن ماڻهن کي نوازيو، ڪيترائي سندس دلبر دوست هئا، پر هن آخري وقت تي سڀنيءَ جا پير پنڊ پهڻ بڻجي ويا. اسان ويٺا ئي هئاسين ته ٿوري دير ۾ ڊاڪٽر اسحاق سميجو به پهچي ويو هو، ڪجهه دوست موڪلائي هليا ويا، جنهن بعد باقي پنج ڄڻا، جوڻيجي صاحب جي بنگلي جي لان جي هڪ پاسي هلڪي اونداهيءَ ۾ سندس سارون ساريون ويٺا هئاسين. لان جي ٻئي هن عظيم انسان کي ”تڙ ڏيارڻ“ جون رسمون ادا ٿي رهيون هيون. هڪ عجيب ڪيفيت هئي، نيٺ تاج صاحب کان رهيو نه ٿيو ۽ چئي ڏنائين ته ”جيڪر اڄ ڄامشوري جو ڪو سرنديءَ وارو مري پوي ها ته ماڻهن جا هجوم هجن ها، اسان جا اديب به اچي پنهنجون جتيون کسائين ها، پر افسوس آهي جو ايڏي وڏي شخصيت تي اسان جي اديبن کي ايندي پير ٿي ڏُکيا. وڇوڙو ته هوندو ئي وڍ جيان آهي، پر ڪي وڇوڙا هنيانءُ ۾ اهڙو وڍ وجهي ويندا آهن، جو ورهين تائين اُهو ڏکندو رهندو آهي. عبدالقادر جوڻيجي جو وڇوڙو به اهڙو وڍ آهي، جيڪو ورهين تائين ياد رهندو. (روزاني عبرت ۾ ۲ مارچ ۲۰۲۰ع تي ڇپيل) عبدالقادر جوڻيجو سنڌ جي ادبي شنگھريلا جو شھزادو اعجاز منگي ھن ٿر جي واريءَ واري ديس مان نڪري پٿرن جي ان شھر ۾ پناھ ورتي ھئي جنھن جي لاءِ شيخ اياز لکيو آھي: “جھومندڙ ھوائن ۾، رات ڄامشوري جي ڪنھن رباب وانگرآ! عمر ايئن اڏامي ٿي، ڄڻ پکي پرن تي آ وقت خواب وانگر آ!” منھنجي ھن سان پھرين ملاقات اتي ئي ٿي ھئي اھو ئي ڄامشورو جتي ڏينھن جھنم ۽ رات جنت جيان ھوندي آ کيرٿر پھاڙن تان پلٽجندڙ تيز ھوا ۽ ان ۾ رقص ڪندڙ نم ۽ سرنھن جا وڻ ھو منھنجو پاڙيسري ھو اسان جي گھرن سامھون سرنھن جا ساوا وڻ ھئا جن مان زرد ڦول ڇڻندا ھئا ان وقت سارنگ عبدالقادر جي ڌيءَ عائشہ جي ھنج تي ھوندو ھو ھاڻي ته ان کان ٿورڙي ننڍي ھن جي پنھنجي ڌيءَ عائشہ منگي آھي!! “عمر ايئن اڏامي ٿي ڄڻ پکي پرن تي آ” ان وقت قادر جوڻيجي جو پٽ نصير به ننڍڙو ھيو نصير ته ان وقت رانديڪي جيان قادر جوڻيجي جي ھنج ۾ ھوندو ھو ھا پر جڏھن آگسٽ جي مھيني ۾ ڄامشوري جي مٿان مون سون جي موسم نيسارا بڻجي پنھنجو پاڻ کي اوتيندي ھئي ھا جڏھن سنڌ يونيورسٽيءَ ڪالونيءَ جون گھٽيون پھاڙي نين وانگر گجگوڙ ڪري وھنديون ھيون تڏھن ڀت جي ڀر ۾ آھستي آھستي پير رکي ھڪ گھر ڇڏي مان ٻي گھر جو ڪڙو کڙڪائيندو ھئس ۽ اھو گھر ھوندو ھو ان عبدالقادر جوڻيجي جو جيڪو نمبر ۶ جا سگريٽ ۷ سوٽن تائين نه ڇڪڻ چاھيندو ھو ھو برسات ۾ گھميل ھوا ۾ آلي پڌر تي چانھن جي ڪوپ تي سگريٽ جو سوٽو ھڻي علاقائي عشق ۽ عالمي ادب تي ڪنھن جھوني قصہ گو جيان ڳالھيندو رھندو ھو اھي ڪچھريون قلمبند ڪرڻ ڪو قرض ھي ڪراڙو ڇوڪرو اڄ پنھجن ڪلھن مٿان ڪجھ گھڻو ئي محسوس ڪري رھيو آھي ھي راقم الحروف ھن وقت به اھو فيصلو نھ ٿو ڪري سگھي تھ: “ھو اديب ۽ ڪالم نگار ھو يا سنڌ جو يگانو قصہ گو؟” ھو جڏھن آڱرين ۾ قابو سگريٽ کي مٺ معرفت ڇڪيندو ھو ۽ ھڪلي کنگھ کان پوءِ پنھنجن سلڪي وارن کي ڇنڊڪو ڏئي ڪڏھن اورنا فلاچي ۽ ڪڏھن روحي بانوءَ جو تذڪرو ڪندو ھو تڏھن ڄامشوري جي ھوا ۾ ڪجھ مينھن، ڪجھھ نينھن ۽ ڪجھ تماڪ جي خوشبو اڏرڻ لڳندي ھئي!! ھو تمام مھذب ۽ تمام بي تڪلف انسان ھو ھو گلوبل مامرن کي لوڪل بڻائي سمجھائيندو ھو ھن ڪڏھن نه چيو پر ھو اديب سان گڏ سنڌ جو سوشل سائنسدان ھيو! ھن وٽ خاڪن ۽ ڪھاڻين جا ڪيترا ئي ڪتاب ھئا پر ھن کي تمام گھڻو پسند ھو پنھنجو اڻ ڇپيل ناول: “سو ديس مسافر منھنجو ڙي” ھن جو ديس ڪھڙو ھيو؟ ڄامشورو؟ يا ٿر....؟؟ اھو ٿر جنھن ۾ ھاڪڙي جي ھنج ۾ ھڪ ڄار جي وڻ ھيٺان ھو ايئن سمھي رھيو آ جيئن ابن انشاءَ جو ھي شعر “بند ھوئي جاتي ھين آکھين ڪہ پسارين پائون نيند ڪي نيند ھمين اب نا اڻھانا لوگو” ھيءَ سنڌ بيخبريءَ جي جھان ۾ جيئڻ جو جرم ڪري رھي آھي! ھن کي ڪھڙي خبر ته: “عبد القادر جوڻيجو ڪير ھو؟” ھو منھنجي گھر جو ڀاتي ھو مان ھن جي گھر جو ڀاتي ھوس ۽ اسان رات جي اڳين پھر ۾ ڄامشوري جي انھن آلن روڊن تي رولاڪيون ڪندا ھئاسين جن مٿان برسات کان پوءِ ڏيڏر بي سرا راڳ ڳائيندا ھئا ان دور ۾ ڄامشورو سنڌ جي ادبي شنگھريلا ھيو ان وقت نه صرف ادب دوست آفيسرن جي بنگلن پر ادب جي اسير نوجوانن جي ھاسٽل وارن ڪمرن ۾ امر جليل جي ڪھاڻين تي نه کٽندڙ ڪچھريون ٿينديون ھيون. ۽ ڄاموشوري جي پٿرائين پٽ تي ھلندو نظر ايندو ھو اھو علي بابا جنھن کي سنڌ جي ادبي دنيا پاڳل قرار ڏئي ڇڏيو ھو ۽ انھن ئي واٽن مٿان اھو امداد حسيني به ھلندو نظر ايندو ھو جنھن لکيو ھو “زندگي ھيءَ چند سوٽن جيتري” ڇا اھو ڄامشوري جو شھر ھو؟ يا اھو سنڌ جي ادب شنگھريلا جو آخري روپ ھو؟ خالد جوڳي...... او خالد جوڳي! زندگي ڪٿي ھئي؟ جيڪڏھن سنڌي ادب جي شنگھريلا ۾ نه ته پوءِ آخر ڪٿي ھئي؟ زندگي پگھارن ۽ پھاڙن کان پري ان ديس ۾ ھئي جنھن ديس جي صدا ڏيندو رھيو اھو شخص جنھن جي باري ۾ اھو فيصلو ڪرڻ مشڪل آھي ته ھو وڏو انسان ھو يا وڏو اديب؟ اھو فيصلو سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ کي ڪرڻ ڏيو!! ۽ شايد اھا فيصلو نه ڪري سگھي پر ڪو ته مورخ اھڙو به پيدا ٿيندو جيڪو سنڌ جي نئين تاريخ قلمنبد ڪندو ۽ اھو ڄامشوري ۽ ھن جي حوالي سان لکندو “ھو سنڌ جي ادبي شگھريلا جو شھزادو ھيو ھن جو عالمي ادبي ذوق ۽ ھن جي تخليق جي اڏام “ڌرتي ڪيڏي ننڍڙي آھي ڄڻ ڪنھن وھ جي ڳنڍڙي آھي” شيخ اياز کان پوءِ سنڌ جو ادبي اھو ادبي شنگھريلا لٽجي ويو اھو شنگھريلا جنھن جو شھزادو ھو عبدالقادر جوڻيجو مئل نديءَ جو زندھ ماڻھو نثار کوکر حياتي جي رڻ ۾ رلندي ڪي ڪي حادثا اهڙو ته سنڌائتو ڌڪ هڻي وجهندا آهن جو ماڻهو چيلهه جهلي بيهجي ويندو آهي ۽ سمجهه ۾ نه ايندو آهي ته ان حادثي جي تعزيت ڪنهن سان ڪجي. ان ڏينهن ڪنهن دوست فون ڪري مون سان جوڻيجي صاحب جي تعزيت ڪئي ته مون کيس ڏکاري لهجي ۾ وراڻيو ته اسان جو ته ڄامشوري مان سهارو ئي هليو ويو، هن رسمي دلداري ڏيندي چيو يار دنيا ۾ انهن غمن سان رهڻو ٿو پوي، پر کيس ڪيئن سمجهايان ها ته عبدالقادر جوڻيجو منهنجي لاءِ ڪيڏي نه وڏي آٿت هئي. جوڻيجو صاحب حيدرآباد جي ان ادبي عروج واري زماني ۾ به پنهنجي مٺ تي سگريٽ ۽ وڏن پائنچن واري شلوار سبب مقبول هو جڏهن ڪيفي جارج تي ماڻڪ، عبدالحق عالماڻي ۽ ٻيا اديب اچي گڏ ٿيندا هئا. هاڻوڪي نسل کي شايد حيدرآباد واري ڪيفي جارج جي ايتري خبر نه هجي پر اسان آخري ڀيرو ان ڪيفي ۾ حليم بروهي سان گڏ سيپريٽ چانهن پي ان ڪيفي جي اداسي تي ڪچهري ڪئي هئي. منهنجو ساڻس غائباڻو تعارف تڏهن ٿيو هو جڏهن اسان جي ڳوٺ ۾ صرف هڪ چاچي غلام رسول پاريچي جي گهر اندر بليڪ ائنڊ وائٽ ٽي وي هوندي هئي ۽ اسان پي ٽي وي جا ڊراما ڏسڻ ڳوٺ جي بقايا ٻارن سان گڏجي وات ڦاڙي ويهندا هئاسين. هونئن ته اسانکي کٽن تي ويهاريندا هئا پر جيڪڏهن رش وڌي ويندي هئي ته اسان پٽ تي ويهي مرحوم لاشاري صاحب جي اداڪاري ڏسي دنگ رهجي ويندا هئاسين. اتر سنڌ جي ان پٺتي پيل ڳوٺ جو پهريون ڇوڪرو جڏهن گريجوئيشن بعد ماسٽرس ڪرڻ سنڌ يونيورسٽي پهتو ته سمجهو ڪيترو نه وائڙو هوندو، پر ان سموري ڳوٺاڻي وائڙپ جي باوجود ان پٿريلي شهر ۾ جيڪڏهن اسان ڇيڳرن جا ڪي انگل آرا کنيا ته اهو جوڻيجو صاحب ئي هيو.سندس سنڌيالوجي واري آفيس ته اسان جي اوطاق هوندي هئي جتي هو پنهنجي لکڻ وارو ڪم گهٽ ڪندو هو پر ڪچهري مزي سان ڪندو هو. ان زماني ۾ اسان جهڙن نوجوانن سان هو نوجوان ٿي ويندو هو ۽ روحي بانو جي عشق کان ويندي شيرين پاشا جي عشق تائين اهڙيون ته ڳاليهون چسڪي سان ڪري ٻڌائيندو هو جو اسان جا وات گودو بقول سندس اک نه ڏسي گوڏي کي. سندس ڳالهيون ٻڌي اسان وري هاسٽل اچي پنهنجو پاڻ ۾ اهي ورجائيندا ۽ حسرت ڪندا هئاسين ته يار ڊراما رائيٽر جي ته وڏي لئه لڳي پئي آهي. ساڻس حجت ڪري سندس ڊرامن جا مسودا کڻي ويندا هئاسين ته اهي ڏسي اسان به اهڙا ڊراما لکون. هو هر تخليقي ۽ پاڙهو ذهن واري نوجوان کي همٿائيندو هيو. اهو جوڻيجو صاحب ئي هيو، جنهن حسن درس کي الهڙ جواني ۾ وڃي لاهور جي مشاعري ۾ لاٿو هيو ۽ ڊنهل جو سگريٽ مٺ تي ڇڪي لاهوري اديبن کي چيو هيائين؛ اسان وٽ چوڻي آهي پٽ ۽ گهوڙا ڏنگا ڀلا، سو مون به هڪ ڏنگو شاعر لاٿو آهي ميدان تي. حسن درس ئي ڇو طارق عالم ابڙي جي جڳ مشهور ناول جو مهاڳ جڏهن ڪير به نه پيو لکي ته اهو جوڻيجي صاحب ئي لکيو ۽ طارق کي ڀانئيندو به هيو. منهنجي ڪتاب مسافر محبتون جو هن نه رڳو مهاڳ لکيو پر اهو مهاڳ ڪنهن ليڊنگ سنڌي اخبار جي ايڊيٽوريل پيج تي ليڊ آرٽيڪل طور لڳرايائين. اهو مهاڳ پڙهي مونکي محسوس ٿيو ته جوڻيجي صاحب جي مشاهدي جي اک ڪيتري نه تيز آهي جو هن منهنجي ننڍڙين اکين کان ويندي چپن کي چڪ هڻي الا.. چوڻ وارين عادتن جو سالن تائين گهرو مشاهدو پئي ڪيو آهي. جوڻيجي صاحب وٽ ڪو به تڪلف نه هوندو هيو ۽ انڪري اسان ڪنهن نه ڪنهن شام وڃي سندس دروازي تي بيهندا هئاسين پر سندس دروازو اسان تي ڪڏهن بند نه ٿيو. سندس قصا ڪهاڻيون ٻڌائڻ جو انداز ئي ايترو دلچسپ هوندو هيو ته اهو انگريزي ناول نگار محمد حنيف توڙي نفيسا شاهه پياري حسن مجتبيٰ سميت جڏهن نيوز لائين ميگزين ۾ هوندا هئا ته جوڻيجي صاحب وٽ سندن ڀير هوندا هئا. انهن کي اسٽوري جوڳين تي ڪرڻي هجي يا جتن تي پر واپسي ۾ جوڻيجي صاحب کان ماهراڻي راءِ ضرور وٺندا هئا. پنهنجي قصن ڪهاڻين ۾ رڳو پاڪستان جي صحافين سان نه پر عالمي محققن سان به سندس ويجهڙائي واريون ڪچهريون ٿينديون رهنديون هيون. ڪنهن زماني ۾ وٽس هڪ جاپاني محقق عورت آئي جيڪا ڏکڻ ايشيا ۾ جانورن سان سيڪس ڪرڻ واري عجيب موضوع تي ٿيسز ڪري رهي هئي. جوڻيجي صاحب جي من جيڪو ايندو هيو سو ڪري ڇڏيندو هيو جنهنڪري ڪجهه موقعن تي مٿس تنقيد پڻ ٿي پر انهن تنقيدن بابت سندس جواب ڏاڍا دلچسپ هوندا هئا. اسي واري زماني ۾ کيس ڊرامي تي ان وقت ايوارڊ مليو جڏهن جنرل ضياءَ ملڪ جو صدر هيو، جوڻيجو صاحب اسلام آباد ويو ۽ کانئس ايوارڊ وٺي موٽي آيو، سندس ان قدم تي وڏي تنقيد وڏو هل ٿيو پر سندس جواب ڏاڍو معصوماڻو هيو ته يار مون ڪڏهن صدارتي هائوس ڏٺو ڪو نه هيو، نه جهاز ۾ چڙهيو هئس سو ايوارڊ بهاني اهي ٻئي ڪم ٿي ويا، هونئن به ليکڪ کي طوائف جي ڪوٺي کان ويندي صدارتي محل تائين سموريون جايون ڏسڻ گهرجن.هو پنهنجي اندر ۾ وڏا قصا رکندڙ فرد هيو.سندس ڪچهري مان ڪجهه نه ڪجهه پرائي اٿبو هيو. اسان ادب جا پيرين اگهاڙا پانڌيئڙا جڏهن سندس عالمي ادب بابت ڪچهري ٻڌندا هئاسين ته دنگ رهجي ويندا هئاسين، اهي اوريانا فلاسي اهي خوشونت سنگهه اهي گراهم گرين انهن سڀني سان تعارف جوڻيجي صاحب ڪرايو. هو ڳالهه ڳالهه ۾ اهڙن اهڙن ليکڪن جي ڪتابن يا ناولن جا ذڪر ڪندو هيو جيڪي اسان ڪڏهن نه پڙهيا نه ٻڌا، پرانهن جي لکڻين کان ويندي انهن جي عادتن تائين ايئن چس وٺي ڪچهري ڪندو هيو ڄڻ اهي ساڻس ڪالهه مليا هجن، اهو فلاڻو اهو وڏو جواري آهي ٽاپ جو سگار پيئندو آهي وڏو رول آهي ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي پر جڏهن به پئسا کٽندا اٿس ته ڪيسينو مان ئي پنهنجي پبلشر کي فون ڪندو آهي ان کان ناول لکڻ جو ايڊوانس وٺي وري جوا ۾ اڏائي ڇڏيندو آهي، اها فلاڻي اها ته وڏي گاگهه چرسي آهي انڊيا وئي اتان جي خانه بدوشن تي ڪتاب لکڻ ته اتي ئي مهينن جا مهينا ترسي پئي جتن سان گڏ پئي اٺ ڏاچيون هڪليندي هئي. اهڙا قصا اهڙيون ڪهاڻيون جو سندس ڪچهري مان اٿڻ تي دل ئي نه چوندي هئي، پر اسان غم جانان سان گڏ غم دوران ۾ ڦاٿل جيڪڏهن گهڻو وقت ساڻس ملڻ نه وڃون ته جنهن به اخباري اداري ۾ نوڪري ڪيون اتي ٽيليفون ڪندو ۽ پورو حال احوال وٺي ٻيهر ڪڏهن اچڻ جو پڇي پوءِ فون رکندو. سندس صحبت اڪثر نوجوانن سان هوندي هئي تنهنڪري اسان مان هرڪو اهو سمجهندو هيو ته جوڻيجو صاحب منهنجو گهڻو خيال رکندو آهي.حسن درس جي ته نڪاح جي گواهن ۾ شامل هيو پر اسان جيڪڏهن ڪنهن به محفل ۾ ڪا بدمزگي ڪئي ته اها هن شينهن مڙس سنڀالي ورتي. ڪجهه سال اڳ ڄامشوري ۾ هڪ دوست جي نئين بنگلي جي خوشي ۾ پارٽي هئي، سندس لان ۾ راڳ ويراڳ جي ڪچهري رکيل هئي، ديبا سحر پنهنجي مڙس سميت آيل هئي، جنهن محفل ۾ موجود اسان جي هڪ شاعر دوست جي شاعري ڳائي ته ان شاعر داد ۾ اٿي وڃي کيس اڌ بچيل شامي کارائي ۽ کانئس وسريل بند ٽشو پيپر تي لکي ڏيندو ويو، ان محفل ۾ حجت مان ديبا جي مڙس ممتاز بخاري ۽ مونکي ٻانهن کان وٺي ڪرسين تان اٿاريو ۽ جهمر هڻڻ لاءِ چيو ته اسان اڃان هٿ مس کنيا هوندا ته جوڻيجو صاحب پنهنجي سيٽ تان اٿي آيو ۽ مونکي ٻانهن کان جهلي دڙڪو ڏئي پنهنجي پاسي ۾ ويهاريندي چيائين؛ ”اجايو پنهنجو تماشو ڇو پيو ٺاهين. فضليت سان ويهي راڳ ٻڌ ۽ مٺ تي سگريٽ پي...“ جوڻيجي صاحب جي يادگيرين جو هڪ سيلاب آهي، جيڪو پيو هلندو. ڪنهنجي نظر ۾ هو ڪجهه به هجي پر منهنجي نظر ۾ هو منهنجو محسن هيو ۽ مان کيس هميشه ايئن پيرين پئي ملندو هيس جيئن هو شيخ اياز کي هميشه پيرين پئي ملندو هيو. جوڻيجو صاحب جو مڙهه، دفن ڪٿي به هجي پر هو اسان جي دلين ۾ هميشه هاڪڙي درياهه واري مئل ندي جي زندهه ماڻهن جيان زندهه رهندو. عبدالقادر جوڻيجو صديون رلائيندڙ ھورو ۽ عبدالقادر جوڻيجو حسن مجتبيٰ جي هو ڏاڏاڻي پاسي کان اوٺار نه هجي ها ۽ ناناڻي نک کان مهاڻو ته ورلي اهڙو رول ۽ ڍول ماڻهو هجي ها. جنهاڻ کان گهڻو پري ڪو نه ڪوئلي جون مُيون کاڻيون ته هاڻ نڪتيون آهن پر هي ڪهاڻين ۽ قصن جي اصل کاڻ ٿر جي انهي واريءَ ۾ سال اوڻويهه سو پنجيتاليهه جي سيپٽمبر تيرهين ۾ ڄائو هو، جتي پرديسي پکي لهندا آهن. عبدالقادر جوڻيجي جي جنم کان ڏهاڪو سال پوءِ ٿر ۾ وڏو ڏڪار پيو جنهن کي “ڇپنو ڏڪار” چون ٿا. اڃان ٿر ۾ ماڙهن جو ڏڪار نه پيو هو جيئن هاڻ گهڻو وقت ٿيو جو سنڌ توڻي ٿر ۾ آهي. ڪي پيارا منهنجي انهي “سنڌ ۽ ٿر” چوڻ تي ضرور ڪاوڙبا پر ڇا ڪجي جو ٿر توڻي چولستان جا ماڻهو ٿر ۽ چولستان کان ٻاهر سموري ملڪ کي بئريجي علائقن سميت “سنڌ” چون. ٿريو جي ميرپورخاص به ويندو هو چي، “سنڌ پيو وڃان.” مونکي خبر ناهي ته جيجي زرينا جي ڳايل علي بابا جي انهي گيت جو هن جي لکيل ڊرامي “ڪاروان” جي ڪهاڻي سان ڪهڙو واسطو هو “اسين ماڻهو لاڙ جا، دريا جي پاڇاڙ جا، اترڙو ٿو لڳي.” پر ٿر کي ٿر کان ٻاهر جي دنيا سان گذريل پنجاهي سالن ۾ ديس پرديس ٻن ماڻهن متعارف ڪرايو هو، هڪڙو منهنجو پيارو ڪرشن شرما ۽ ٻيو عبدالقادر جوڻيجو. ٿر ۾ ڪهڙا ڪم وارا يا کوجنا ڪار ماڻهو يا خاتون ناهن جيڪي ڪرشن شرما معرفت ٿر نه پهتا هجن. ٿر جي ڀٽ تي ڪانڀ ڪڍي ويٺل ٿريي کي به ڄاڻ آهي ته هي جيڪا مائي ۽ ڀائي آهي اها قادريي جي سنگتياڻي ۽ سنگتي آهي. اهڙيون ڳالهيون قادريي پنهنجي متعلق پاڻ به هُلايون هيون. هو ڳالهين جو ڳهير شخص هو. هر ڳالهه ڇا هر لفظ هن وٽ پهچندي يا هن جي ڪن يا اک تي چڙهندي چڙهندي ڪهاڻي بڻجي ويندو هو. هو ڪهاڻين جو يوناني ڏند ڪٿائن وارو ڪنگ مائيٽس هو، جنهن بادشاهه جي ڌيءَ کي سونو ڪري ڇڏيو هو. اهي ڪهاڻين جا ڳوٺ ۽ شهر هن پنهنجي چاچي رمضان وٽان ٻڌا ۽ سکيا ها. اهو ئي سبب آهي جو هن جي يارن دوستن ۾ حسن درس وانگر، فوجي به ها، ته ايم ڪيو ايم وارا به، ته پوليس جا آفيسر، سپاهي به ته پيري به ته چور، چوڪيدار به، اسمگلر به ته اخبارن جا مالڪ به، رپورٽر به، شاگرد، قبائلي سردار، ڌاڙيل، رهزن به ته مسيت جا ڪک به. موالي، پيراڍو، وڏيرا، سرمائيدار، پورهيت، هاري، رولو، ڳائڻا به. پيپلا، ليگلا، فنڪشنلا، پليجا. هو هڪڙي ائنٿروپولوجسٽ جي ڪتاب جو ٻڌائيندو هو جنهن جو انگريزي ۾ عنوان هو، “ڪنجرز اينڊ قلندرز.” پر هن جي سُئي گم ٿي ويل هاڪڙي درياءَ، خان صاحب عبدالڪريم پلي، شاهنواز جوڻيجي تي اٽڪيل هوندي هئي. ٻيو شيخ اياز ۽ ميڊم تي معنيٰ مهتاب راشدي تي. جيئن ته هو هڪ ڊراما نگار هو، ان ڪري جنس ۽ سيڪسوئلٽي به هن وٽ ميلو ڊراميٽڪ ٿي ويندي هئي. ڪتاب هن جو اوڇڻ وڇاڻو هو. “مٽي پنهنجو مٽ الوميان! مٽي پنهنجو مٽ” جيئن امداد حسيني چيو. پيارو راشد ميمڻ، آغا رفيق، حسن درس، نواز علي ڀٽو، شوڪت شورو، مشتاق شورو، خيرالنساءِ جعفري (ادي گڏي)، ليلا بانا، زاهد مخدوم، شهاب هاليپوٽو، سليم ديس والي، طارق عالم ابڙو اينڊ برادرز ۽ جاني ابڙو سندس دل گهريا دوست هوندا هئا. مان پهريون ڀيرو عبدالقادر سان جڏهن مليس ته هو ڄامشورو ڪالوني ۾ طارق عالم جي ڪوارٽر ٻاهر، سج لٿي، پيل کٽ تي اهليو، ڪچهري ڪري رهيو هو. انهيءَ شام کانپوءِ هن سان ڪيتريون اڻ ڳڻيون ڪچهريون رهيون. ڪي ڀيرا منهنجي دوست محمد حنيف سان گڏ پڻ. پوءِ هو جڏهن رات گهڻي وهامي چڪي ۽ موڊ ۾ آيو ته وڃي اندران ڪٿان شو باڪس کڻي آيو جيڪو سندس حقيقي ۽ مبينا معشوقائن جي فوٽن سان ڀريل هو. مان پهريون ڀيرو منو ڀائي سان پڻ عبدالقادر جوڻيجي جي گهر ڄامشورو ڪالوني ۾ مليو هوس، جڏهن هو شيرين پاشا سان ٿر تي ڊاڪيومينٽري ٺاهڻ آيو هو. اها رات هڪ يادگار ڪچهري هئي. عبدالقادر جون اکيون آگميون هيون. حسن درس جون سٽون شايد اهڙي رات لاءِ هيون. هو دير تائين لان ۾ پيئندا رهيا چنڊ پلٽيو پئي، گلاسن ۾ حسن شيرين پاشا ته پوءِ گهڻو وقت گذريل سال مون کي نيويارڪ ۾ ايسٽ رور جي ٽيرس تي منهنجي دوست ۽ سندس ڀاڻيجي ڊاڪٽر آمنه جي گهر ملي هئي. شيرين پاشا هاڻ ڪينيڊا ۾ آهي ۽ فلم پاڙهيندي آهي. حليم بروهي جيان هو به پوليس آفيسر جو پٽ هو. (حليم ايس پي عبدالعزيز بروهي جو ۽ عبدالقادر صوبيدار خانصاحب مريد حسين جوڻيجو جو). نوابشاهه ۾ خون جي ڪيس ۾ هڪ وڏيري جي سفارش نه مڃيندي مريد حسين پوليس مان استعيفيٰ ڏيئي باقي سموري زندگي تبليغي جماعت ۾ گذاري ڇڏي. عبدالقادر اسڪول ۾ جڏو پر سندس پيءُ جي ٿاڻن وارن لاڪپن ۾ قيدين جي ڪهاڻين ۾ دلچسپي گهڻي رکندو هو. موٽ ۾ قيدين ڪاڻ ٻيڙيون وٺي آڻيندو هو. ماسترن جون مارون ننڍڙي لاڪون کاڌائين، ان ڪري اسڪول سان گهڻي ڪا نه پوندي هيس. اڪيلي ۾ ڏينهن ڏٺي جا خواب پيو ڏسندو هو، جنهن ۾ ڪهاڻين ۾ شهزادين کي ظالم ديون هيٺ قلعن جي قيد مان ڇڏائيندو هو ۽ ٻارن کي مار ڪڍندڙ سندس ماسترن سان پيو ٻه ٻه پاڻي ڪندو هو. اهڙيون ڳالهيون هو پاڻ ٻڌائيندو هو. هو چوندو هو ته بغاوت هن کي سندس ڏاڏاڻن کان سُتي ۾ پيل آ جو سندس ڏاڏي انگريزن کي سندس اٺن جو وڳ ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو، جنهنڪري کيس نئين ڪوٽ واري قلعي ۾ قيد ڪيو ويو هو. سندس چوڻ هو ته نئين قلعي ۾ باغين ۽ قيدين کي ٽارچر ڪندا هئا. هو چوندو هو؛ پهرين نسل ۾ هو اوٺار ۽ ٻئي نسل ۾ پوليس وارا هئا. هن پاڻ به پوليس ۾ ڀرتي ٿيڻ گهريو هو. پر استاد ٿي ويو. پهرين پرائمري ۽ پوءِ سيڪنڊري. هڪڙي شادي پيٽ لکائي جي ڪري سندس ڏاڏي پوٽي سان ٿي ۽ ٻي هن عشق ۾ ڪئي، مٿو مٿي سان. باقي سندس پيار جي پوري تاريخ آهي. اهو دور اڻويهه سو سٺ ۽ ستر جي وچ وارن سالن وارو هن جو دور سنڌي ڪهاڻي، سندس ڪهاڻي ۽ زندگي جو يادگار دور آهي. سندس ڪهاڻيون حميد سنڌي جي روح رهاڻ، طارق اشرف جي سهڻي، مدد علي سنڌي جي اڳتي قدم ۾ ڇپيون. سندس عظيم ڪهاڻين جو ڪتاب “واٽون، راتيون ۽ رول” به انهن ئي ڏينهن ۾ ڇپيو. ڍاٽي اٺ ۽ ڍاٽي ڌاڙيل، ٿر، ٻي مهاڀاري جنگ، پلئگ، حر، گم ٿي ويل درياءُ، لڏپلاڻ، ڏڪار، پيار جو ڏڪار، بک، ڏک اهي سندس موضوع آهن. هو چوندو هو ته هو ڌرتي ڌڪاڻن، ڏتاريلن، غريبن جو ليکڪ هو. هن جو پهريون ريڊيو ڊرامو “تلاش” ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان انهن ئي ڏينهن ۾ نشر ٿيو هو. پوءِ اهو ڊرامو ٻيهر اڻويهه سو ڇاهتر ۾ پي ٽي وي تان سندس ساڳئي پروڊيوسر منظور قريشي (ٿورن ماڻهن کي خبر آهي ته منظور قريشي آصف زرداري جو ماسات ٿئي) اسڪرين پلي طور پيش ڪيو. عبدالقادر مونکي ٻڌايو هو ته جڏهن سندس اهو پهريون ٽي وي ڊرامو هليو ته وٽس گهر ۾ ٽي وي ڪو نه هئي ۽ هن جهڏي ۾ هوٽل تي ڏٺو هو. پر اهو شيخ اياز هو جنهن هن لاڏائو قبيلن جهڙو روح رکندڙ ڪهاڻيڪار کي پنهنجي سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ٿيڻ تي سنڌيالوجي ۾ پبليڪيشن آفيسر جي نوڪري ڏني، جتي هو پوءِ ڊائريڪٽر واري عهدي تي پهتو، پر سندس اندر ۾ واري ۽ پاڻي مان ٺهيل ماڻهو ڪا نه وسريو ڇو جو ان لاءِ هو چوندو هو، “ڍئو جهلي واڻيو يا مينهن.” هن شهرت جي ڍئو کي پڻ ايئن جهليو. عبدالقادر کي ٿريو هوندي جبل جون هوائون ۽ پاڻي يعني ڄامشورو راس اچي ويا. پوءِ به هن کي هوم سڪنس ٿر لاءِ هوندي هئي. هو ڄامشوري ڀرسان ڳوٺ سائين ڏنو ملاح ۾ جهونن ملاحن سان وڃي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچهريون ڪندو هو. انهن مان هڪڙي جهوني ملاح کيس ڄام صادق علي جي پاڻي واري ٺاهه تي کيس ٻڌايو هو، “بادشاهه دريائن جا سودا نه ڪندا آهن پر دريا بادشاهن جا سودا ڪري ڇڏيندا آهن.” مونکي الائجي ڇو لڳندو آهي ته هو پوئين جنمن ۾ گم ٿي ويل درياءَ هاڪڙي ۽ ان جي معدوم ٿي ويل ڪنارن تي آباد تهذيب جو واسي هو. هو انهي دريا ۽ وقتن کي اڄ به ڳولي رهيو هو. هو اهو سنڌي ليکڪ هو جنهن جي لکڻين ۽ ڪهاڻين جي ميز تي موسمي تبديلي ۽ ماحوليات چوٽي جي ايجنڊا تي هئي. ڇنڊڻن سڪي وڃڻ جي ڳالهه ڪندو هو. منهنجي انگريزي صحافت جي ايڊيٽرن هميشه چاهيو ته مان عبدالقادر جوڻيجي سان ڊگها انٽرويو ڪيان. هو ايڊيٽرن ۽ پڙهندڙن جو پسنديده ماڻهو ۽ ليکڪ هو، جنهن وٽ هر وقت انساني دلچسپي واريون ڪهاڻيون يا خبرون هونديون هيون. هن جا ڊراما “سيڙهيان”، “راڻي جي ڪهاڻي”، “خانصاحب”، “ديوارين”، “ڪاروان”، “ڇوٽي سي دنيا” شاهڪار ڊراما آهن، جيڪي ڏسندڙن کي زندگي ڀر ياد رهندا. مونکي خبر ناهي ته هن جيڪو سنڌي ۾ ناول “سو ديس مسافر منهنجو ڙي” پئي لکيو، تنهن جو ڇا ٿيو. پر مون هن جو انگريزي ۾ لکيل ناول “ڊيد رور” يا “مري ويل درياءُ” پڙهيو آ. مونکي ايئن لڳو ڄڻ انهي جو ليکڪ عبدالقادر جوڻيجو به ڪهاڻي ۽ محبت جو درياءُ هو، جيڪو مري ويو. بقول منهنجي دوست ڊاڪٽر شنڪر جي “اڄ هاڪڙو پاتال ۾ هليو ويو.” هن جي ڪهاڻي وانگر هن جو هورو به وڃائجي ويل درياءَ وٽ سندس ڳوٺ جنهاڻ تي ختم ٿيو. هن جي سندي لفظن ۾ “ڪاڪا! هورو سال ڇا صديون رُلائيندو آهي، وڻن جا جھنگ، ميدان، ماڻهن جا ميڙ، بلڊنگن جا جھڳٽا، ويران ڌوڙ ڀريا رستا، ٽڪن جھڙا روڊ، گلوب تي نڪتل ليڪون، سڀ ٽپي پوءِ گھر جي چانئٺ تي پير ڦٻندا آهن.” عبدالقادر جوڻيجي صاحب سان ڳالهه ٻولهه اُستاد نظاماڻي عبدالقادر جوڻيجي سان کوڙ ساريون ڪچهريون رهيون. سانگهڙ جي دوستن کي اهميت به ڏيندو هو، جنهن جو سبب سانگهڙ سان خانداني نسبت هئي. ادب ۾ شروعاتي ڏينهن هئا. سوچيم ادب جي دنيا جي اهم ليکڪن جا انٽرويو ڪيان. عبدالقادر صاحب کان انٽرويو وٺڻ لاءِ، وقت ڪڍڻ جي هجت ڪيم. قادر صاحب خوشيءَ سان چيو؛ ”جڏهن اچو! پاڻ حاضر آهيون.“ هيءُ انٽرويو سنڌالاجي ۽ ڪجهه حصو سندس رهائش گاه ۾ ٿيو، جڏهن پاڻ يونورسٽي ڪالوني ۾ رهندا هئا. محترم عبدالقادر جوڻيجو ۱۳ سيپٽمبر ۱۹۴۵ع ۾ ٿرپارڪر جي مُهراڻي واري علائقي ۾ ڄائو. اهو ڳوٺ هاڪڙي جي ڪنڌي تي اڏيل آهي. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ جنهاڻ ۾ حاصل ڪيائين. بي ايڊ ۽ ايم اي جون ڊگريون، سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪيائين. اڄ ڪلهه سنڌالاجي ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر آهي. پهرين ڪهاڻي مُٺ مُٺ سور ۱۹۶۳ع ۾ روح رهاڻ ميگزين ۾ شايع ٿي. هن وقت تائين ٽي ڪهاڻين جا مجموعا، خاڪن جو ڪتاب ۽ ترجمن جا ٻه ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. هڪ ڪالمن جو ڪتاب ڪُرسي پڻ ڇپجي چُڪو آهي. چار ڪتاب ڇپائيءَ هيٺ آهن. پهريون ناٽڪ ۱۹۷۰ع ۾ لکيائين. سال ۱۹۷۶ع ۾ پهريون ڊرامو تلاش، ڪراچي سينٽر تان ٽيليڪاسٽ ٿيو. جڏهن ديوارين اردوءَ ۾ ٽيليڪاسٽ ٿيو، ته وڏي شهرت ماڻيائين. انهيءَ ڊرامي کي ڏسڻ لاءِ دهلي جا ماڻهو، ريل ۾ سفر ڪري امرتسر اچي پي ٽي وي تي اهو ڊرامو ڏسندا هئا. محترم عبدالقادر سان هيءَ گفتگو سڌالاجي ۾ ٿي. مونکي سندس لکڻين کان وڌ ڪچهريءَ مزو ڏنو. (هي انٽرويو جهونگار ڪتابي سلسلي لاءِ ڪيو ويو سن ۲۰۰۰ع ۾) استادنظاماڻي؛ ”توهان ٿر ۾ ڄاوا، توهان جو بچپن ٿر جي ڀٽن ۽ ناري ڍوري جي ڪنڌيءَ تي کيڏندي گُذريو، انهيءَ پسمنظر ۾ ڪجهه يادگيريون ٻڌايو؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”ڏاڍو وڏو سوال آهي! ٺيڪ آهي هلو ڪا ڳالهه ناهي. منهنجو اباڻو ڳوٺ جنهاڻ آهي. اهو ڳوٺ فضل ڀنڀرو اسٽيشن کان اڍائي ميلن تي، ڏکڻ طرف، ڍوري جي ڏکڻئين ڪپ تي آهي. گهر، مٺي تعلقي ۾ واريءَ جي دڙي تي آهي. ڌنڌو ڌاڙي ڪُجهه وکن تي ڊگهڙي تعلقي ۾ آهي. مزي جي ڳالهه اها آهي ته اسان جي ڳوٺ ۾ جيڪي اسان جا ٿر جا مائٽ ايندا آهن، چوندا آهن؛ ’هلو سنڌوڙن (سنڌين) وٽ هلون.‘ جيڪي مائٽ ڊگهڙي مان ايندا آهن، اُهي چوندا آهن ته؛ ’هلو ته ٿرين وٽ هلون.‘ جيڪي مائٽ ناري جي پٽ مان ايندا آهن ته اُهي چوندا آهن ته؛ ’هلو ته لاڙين وٽ هلون.‘ جيڪي مائٽ لاڙ مان ايندا آهن ته چوندا آهن؛ ’هلو نارائين وٽ هلون.‘ سو اهو قصو ائين آهي. اوهان جنهن کي نارو ڍورو ٿا سڏيو، اسان انهيءَ کي رڳو ڍورو چوندا آهيون. ننڍپڻ جون يادگيريون تمام گهڻيون آهن. ٿوريون يادگيريون ٻڌايان ٿو. آ ڄايس ته جنهاڻ ۾، پر منهنجي جيڪا پهرين يادگيري آهي، اها پيرونمل شهر ضلع سانگهڙ جي آهي. انهيءَ وقت آئون اڃا پڙهڻ ڪو نه ويٺو هئس. اُتي منهنجو هڪ پوڙهو ديوان دوست هو جيڪو پان-ٻيڙيءَ جي مانڊڻي هلائيندو هو. ڏک اٿم جو پنهنجي انهيءَ مهربان دوست جو نالو وسري ويو اٿم. هڪ ڏينهن آئون گهر مان نڪري، انهي ديوان وٽ مانڊڻي تي ويهي رهيس. گهڻو وقت گذارڻ کانپوءِ جڏهن گهر نه ويس، ته بابي پوليس وارا ڊوڙايا. پاڻ به مونکي شهر ۾ ڳولڻ لڳو. وڏي هڻ هڻان کانپوءِ، پوليس واري شهر ۾ مونکي هٿ ڪيو ۽ هنج تي کڻي، جڏهن گهر بابا وٽ پُهتو ته بابا ڪاوڙ وچان مونکي ٿڦڙ هنئي. پر پوليس واري مونکي ايندڙ ٿڦڙ کان پاسي ڪيو. پنهنجي ڳل اڳتي ڪري ڇڏي ۽ زوردار ٿڦڙ پوليس واري جي ڳل تي وڃي لڳي. اها بابي جي مونکي هنيل ٿڦڙ، پهرين ۽ آخري هئي، جيڪا گُسي وئي. جي اها ٿڦڙ لڳي ها ته منهنجي سڄي زندگيءَ جو رخ بدلجي وڃي ها. ڏک اهو اٿم ته انهيءَ پوليس واري جو نالو وسري ويو اٿم.“ استادنظاماڻي؛ ”هڪ ٿڦڙ سان اوهان جي زندگيءَ جو رخ بدلجي وڃي ها ته اها هڪ عجيب ڳالهه ناهي. ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي.؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”هڪڙو ته ضرورت کان وڌيڪ حساس هئس. پنهنجي پياري جي ٿڦڙ انهيءَ عمر ۾ کائڻ کانپوءِ شايد آئون زندگي کان دلچسپي وڃائي ويهي رهان ها. يا ڪنهن خوفناڪ نفسياتي بيماريءَ جو شڪار ٿيان ها. عمر جو اهو حصو تمام نازڪ ٿئي ٿو. مائٽن کي اهڙين ڳالهين جو خيال رکڻ گهرجي. برطانيه ۾ ٻارن کي مار ڪڍڻ، باقاعدي ڏوه آهي. جيڪي مائٽ ٻار کي مار ڪڍندا آهن، انهن کي پوليس جهلي ويندي آهي. خير سو ٻي ڳالهه اها آهي ته اسان جي خاندان جا هٿ ڳرا آهن. جيئن پير جهلي ڪنهن کي ٿڦڙ هڻون ته رت جي گُرڙي اچي ويندس. سو ظاهر آهي ته آئون به ٿڦڙ کانپوءِ رت ۾ ڳاڙهو ٿي وڃان ها.“ استادنظاماڻي؛ ”پوليس واري کي رت جي گُرڙي آئي؟ اڳتي هلي ٻيون به ٿڦرون کاڌيون؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”ياد ڪو نه اٿم! اچڻ ته کپيس ها. ها، ٻه ٿڦڙون ياد اٿم، هڪڙو ته نواب شاه جي هاءِ اسڪول ۾ ايم ايڇ خواجا، جي هٿان انگريزي جي پيرڊ ۾ ٿڦڙُ کاڌم. نتيجو اهو نڪتو جو ششماهي امتحان ۾ ڇهه سيڪڙو مارڪون کنيم. جيڪڏهن خواجا صاحب جي اسڪول ۾ وڌيڪ پڙهان ها ته تباه ٿي وڃان ها. پر رب جي ذات وڏي آهي ۽ بابا ڪنڊياري بدلي ٿي ويو. اُتي ماستر مهربان هئا، پيار سان پڙهايائون ۽ ساڳي انگريزي ۾ سالياني امتحان ۾۹۸ سيڪڙو مارڪون کنيم. پر خواجه صاحب جيڪي ٿڦڙون هنيون. انهي جو اثر اهو آهي جو اڃا به تمام گهڻي انگريزي ايندي به ديسي ماڻهن سان انگريزي ڳالهائڻ کان نٽائيندو آهيان. باقي غيرملڪي ماڻهن سان ڦڙ ڦڙ ڳالهائيندو آهيان. ته ايڏو اثر ٿيندو آهي شاگرد تي ٿڦڙ جو. هڪڙي ٻي ٿڦڙ پنجاب يونيورسٽي لاهور جي اڳيان کاڌم. بي واجبي منهنجي هئي، آئون ۽ منهنجي هڪ محبوبه سندس شاندار ڪار ۾ چڙهي؛ روز شام جو اُتي موجود کوکي اڳيان گاڏي بيهاري؛ دود پتي واري چانهه پيئندا هئاسين. کوکي وارن جو خيال هو ته اسين زال مڙس آهيون، فقير به پنندا هئا، ته اسان کي اولاد ٿيڻ جي دعا ڪندا هئا. سو ڪنهن ڳالهه تي وڙهي پياسين. آئون جڏهن تکو ٿي ڳالهائيندو آهيان، ته منهنجا جملا زهر ۾ ٻڏل تير بڻجي ويندا آهن، اهڙي ئي هڪ زهريلي جملي تي مونکي ٿڦڙ هڻي ڪڍيائين. آئون ڪار مان لهي پيس ۽ پيادل هلڻ لڳس. کوکي وارا اسان تان کلڻ لڳا، ته زال، مُڙس کي مار ڪڍي آهي. بهرحال انهي ڏينهن کانپوءِ عشق ختم ٿي، دوستي ۾ بدلجي ويو. هڪڙي ٿڦڙ ئي عشق مان هوا ڪڍي ڇڏي.“ استادنظاماڻي؛ ”ٿڦڙ هڻڻ واري جو نالو؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”نالي کي ڇڏيو! ٻيو سوال پُڇو.“ استادنظاماڻي؛ ”روحي بانو؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”نه نه! انهيءَ ويچاريءَ ته سڄي عمر پاڻ ٿڦڙون کاڌيون آهن!“ استادنظاماڻي؛ ”بچپن جي يادگيرين ڏانهن واپس اچو.“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”تمام گهڻيون آهن، ڪيتريون ٻڌايان! مون پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ جنهاڻ ۾ حاصل ڪئي. اهي پنج سال منهنجي زندگيءَ جا بهترين سال هئا. پنهنجي ڳوٺ جا توڙي ٻين راڄن جا ماڻهو، منهنجي تمام گهڻي عزت ڪندا هئا. ماستر خيال رکندا هئا. گهر ۾ مونکي پنهنجي ماءُ کان وڌيڪ، منهنجي چاچي ڀائيندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍي ياد ايندي اٿم. گهمڻ ڦرڻ لاءِ هيٺ ڍوري جي ڪنڌين تي لين ۽ پن جو گهاٽو جهنگ هو، جهڙو مکي ڍنڍ ۾ مون ڏٺو. سال ۱۹۸۳ع ۾ اهڙو مٽي، واري تي وري ڄارين ۽ ٿوهرن جو گهاٽو جهنگ هو. انهن جهنگن ۾ اڪيلو گهمندو هوس، تنهائي پسند هوس. سياري ۾ ته ذات پکي اچي لهندو هو. رهڻ لاءِ شاندار ماڙي هئي، موڪلن ۾ وندر ڪارڻ، ڌراڙن سان گڏ مال به چاريندو هوس. ٻڪرين سان منهنجي گهاٽي دوستي هوندي هئي. اهو ڏاڍو معصوم ۽ محبتي مال آهي. هتان نڪتس ته مون لاءِ عذاب شروع ٿي ويو. بابا ڏنگو ماڻهو هو، ان ڪري وڏيرا کيس ڦُٽ بال وانگر پيا ٿڏيندا هئا. اهو سڄو عرصو نوابشاه ضلعي ۾ گذاريم، ڪڏهن هتي ته ڪڏهن هُتي. انهي عرصي ۾ مونکي صرف قيدي ڀائيندا هئا. خوني، ڌاڙيل، ڏاڍا مُڙس، گڙنگ چور ۽ اهي ٻيا آئون کين پن جون ٻيڙيون وٺي ڏيندو هئس، ۽ هو مونکي پنهنجا داستان ٻڌائيندا هئا. ۽ پنهنجي دل کولي اڳيان رکندا هئا. اڄ تائين آئون انهيءَ ڳالهه ۾ منڌل آهيان ته ايڏا ڀلا قربائتا ماڻهو، ڏوه ڇو ڪندا هئا. نيٺ بابا ضد ۾ اچي نوڪري وڃائي، ۽ آئون سانگهڙ ۾ اچي پڙهيس. اُتي به چوٿين انگريزي ۾ ماسترن جو رول سُٺو نه هو. انهيءَ وچ ۾ اسان جي خاندان جو زوال به اچي ويو. پوءِ ڏيپلي ۾ وڃي مولوي محمد عمر جوڻيجو وٽ رهي، اُتي پڙهيس. مولوي صاحب، دل جو وڏو غني سخي، جنتي ماڻهو هو. اُتان ميٽرڪ پاس ڪيم ته منهنجو ننڍپڻ به ختم ٿي ويو.“ استادنظاماڻي؛ ”اوهان کي لکڻ جو شوق ڪيئن پيدا ٿيو؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”هڪڙو ته ننڍ پڻ کان پڙهڻ جو شوق هُيم. ٻيو ته ڊي ڊريمرسDay dreamers به هُيس. جنهن کي پهه پچائڻ چيو ويندو آهي. انهن ٻنهي ڳالهين، مونکي ليکڪ بڻائي ڇڏيو.“ استادنظاماڻي؛ ”لکڻ کان اڳ ۾، ڪنهن کان متاثر ٿيا؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”جيتريقدر ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ جي ڳالهه آهي، انسپائريشن جي ڳالهه آهي، ته چوڌاري ڦرندڙ گهُمندڙ زندگيءَ جو ڪو نه ڪو رخ، ليکڪ کي لکڻ تي مجبور ڪندو آهي. ڪو مظلوميت يا غربت جو ڏيک، ڪنهن جي ڪارڻ مطلب ته چوڌاري جون حالتون لکائينديون آهن. باقي جيڪا ڳالهه آهي لکڻ کان اڳ پڙهيل ليکڪن کي پسند ڪرڻ جي، اها ڳالهه ته لکڻ کان اڳ شيخ اياز، جمال ابڙو، غلام رباني آگرو، قرت العين حيدر، ڪرشن چندر، پرل ايس بڪ، ميخائل شولوخوف ۽ ارسڪن ڪارڊويل مونکي گهڻا وڻندا هئا. سو اهو قصو ائين آهي.“ استادنظاماڻي؛ ”توهان لکڻ دوران، ڪهڙو مقصد سامهون رکي لکندا آهيو؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”آئون پنهنجي اندر جي باه ڪڍڻ لاءِ لکندو آهيان، ڪوشش هوندي اٿم ته پڙهڻ وارو منهنجي لکڻي پڙهي منجهي نه، مقصد اهو هوندو اٿم ته؛ لکڻي، پڙهندڙ جي حسُن جمال کي ڇهڻ سان گڏوگڏ، سندس ذهن ۾ سوال اُٿاري. جيئن هو لکڻيءَ ۾ موجود مسئلن جو حل ڳولي ڪڍي. ڇاڪاڻ ته پڙهندڙ ئي مسئلي جو صحيح حل ڳولي سگهي ٿو. منجهس ايترو ئي عقل هوندو آهي جيترو لکڻ واري ۾. انهيءَ ڪري آئون پنهنجي لکڻ وقت، ڪا به فتويٰ جاري نه ڪندو آهيان. ڪو به حل نه ٻڌائيندو آهيان.“ استادنظاماڻي؛ ”لکڻ پڙهڻ لاءِ، اوهان پنهنجو ٽائم ٽيبل ڪيئن ترتب ڏيندا آهيو؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”منهنجي لکڻ جو وقت، صبح جو پنجين وڳي کان ڏينهن جو ٻارهين وڳي تائين آهي. ان کانسواءِ لکي نه سگهندو آهيان. باقي پڙهڻ لاءِ، جيڏيءَ مهل به موقعو ملي، پڙهندو رهندو آهيان.“ استادنظاماڻي؛ ”ڇا اهو صحيح آهي ته هيءُ دور ڪهاڻيءَ جو نه پر ناول ۽ سفرنامن جو آهي؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”جيئن ته تهذيبن جا مرڪز بدلبا رهيا آهن، يا جيئن حاڪم بدلبا رهيا آهن، ائين ئي ادب ۾ به ٿيندو آيو آهي. ڪهاڻي ۽ ناول جي سفر جي شروعات گڏ ٿي. پر ٻي عظيم جنگ کانپوءِ ناول، ڪهاڻيءَ کي پوئتي ڇڏي ويو. اڄ ڪلهه وري ناول کي، دستاويزي ادب پوئتي ڇڏي رهيو آهي. ان کان علاوه ڊائريون، سفر نامه، آتم ڪٿائون وغيره آھن. اهي صنفون به وڌيڪ پڙهيون وڃن ٿيون. اوهان بلڪل صحيح ڳالهه ڪئي آهي.“ استادنظاماڻي؛ ”ڇا وجه آهي ته عام پڙهندڙ، محققن کان وڌيڪ، فڪشن رائيٽرس ۽ شاعرن کي پسند ڪن ٿا؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”اهو اسان وٽ آهي. هڪ ته اسان وٽ ڪو به اعليٰ پائي جو تحقيقي ڪتاب نه لکيو ويو آهي، سواءِ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي، جنهن لوڪ ادب تي تمام دلچسپ ڪتاب لکيا آهن. جيڪي تمام گهڻا پڙهيا ويندا آهن. ٻي ڳالهه ته اسان جو تحقيقي ادب، خُشڪ ۽ رپيٽيشن Repetition جو شڪار آهي. ٽيون ته انهن ۾ تحقيقي پُهچ نه هوندي آهي. اڄ ڪلهه ٻاهر جيڪي ريسرچ جا ڪتاب لکيا پيا وڃن، انهن ۾ باقاعدي تخليقي پنچ هوندا آهن. انهن ۾ رپيٽيشن به نه هوندي آهي. نه اُهي ايترا غيرمعياري هوندا آهن. اتان جي ريسرچ جو ڪو به ڪتاب کڻو، اوهان جي دل ئي ڇڏڻ تي نه چوندي. انهيءَ ڪري هت پاڻ وٽ ريسرچ اسڪالرن جي بنسبت فڪشن ۽ شاعريءَ کي پسند ڪيو ويندو آهي. اهي صنفون، پڙهندڙ جي حس جمال کي ڇُهنديون به آهن.“ استادنظاماڻي؛ ”سنڌي افساني کي اسان ڪيئن زنده رکي سگهون ٿا؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”اهو سوال، سڄي دنيا ۾ اُٿي کڙو ٿيو آهي. گذريل سال ڪيناڊا ۾، دنيا جا وڏا وڏا ليکڪ اچي گڏ ٿيا هئا. ته افساني کي ڪيئن ٻيهر جيئاري سگهجي. انهيءَ گڏجاڻي ۾ ميلان ڪنڊيرا به شريڪ ٿيو هو. پر پنهنجي اڳيان سنڌي افساني جو سوال آهي ته، انهيءَ ۾ منهنجو خيال آهي ته؛ افساني ۾ ڊراماٽڪ پهلو آڻجي، جيڪو اوهينري جي افسانن يا چيخوف جي افسانن ۾ آهي. مطلب ته سنڌي افساني کي اڳيون واٽون ڇڏي، نيون واٽون اختيار ڪرڻيون پونديون. تڏهن ئي زنده رهي سگهي ٿو. پڙهندڙ، افساني ڏانهن موٽ کائي سگهي ٿو.“ استادنظاماڻي؛ ”هيڏي وڏي وٺ-پڪڙ جي ماحول ۽ سيٽلائٽ واري دور ۾ پڙهندڙ، ادب ڏانهن ڪيئن موٽ کائي سگهي ٿو؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”يار هاڻي اها حقيقت آهي، ته اسان وٽ ته اڃا ايتري وٺ-پڪڙ ناهي، ۽ نه سيٽلائٽ جو چڪر. پر مغرب ۾ اهو وڏو چڪر آهي، ان جي باوجود دنيا جي وڏي ۾ وڏي پبليشنگ ادارو ”پينگوئن بوڪس“ آھي. انهيءَ جا انگ اکر کڻي ڏسو ته جيڪي ناول، اُڻويهين صديءَ جي موڙ تي لکيا ويا جيئن؛ وار اينڊ پيس War and peace، ڪرائيم اينڊ پنشمينٽ، Crime and punishment آهي. ته اُهي ناول اهڙا ٿُلها متار ا آهن جو ورائي کڻي ڪنهن کي هڻ ته همراه چٽڻي ٿيو پيو هجي. ايڏن وڏن ناولن جي اشاعت جو انگ هر سال وڌندو ٿو وڃي. انهيءَ جو مطلب ته اُتي ماڻهو پڙهن ٿا. هن دور ۾ آمريڪي ناولسٽ جرنلسٽ نارمن ميلرNorman Kingsley Mailer جا ٿلها متارا ناول آهن. ته اُهي لکن جي تعدا د ۾ ڇپجن ٿا. ته اهڙي ڪا ڳالهه ناهي. اسان وٽ ته اڃا وٺ-پڪڙ ۽ سيٽلائٽ جو گهڻو زور ناهي. ٻيو ته ذاتي طور آئون نه ٿو سمجهان ته سيٽلائٽ چينلز ڪو ادب کي نقصان پُهچايو آهي. سيٽلائٽ ته پاڻ ادب کي وڌيڪ مشهور ڪري رهيو آهي.“ استادنظاماڻي؛ ”اڄ ڪلهه توهان ڪهاڻيون ڪو نه پيا لکو، ان جو سبب؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”اصل ۾ ادبي حلقن ۾ منهنجي ڪهاڻين کي ايڏي اهميت ڪا نه ملي. رڳو اهو چيو ويو ته؛ ’ٻولي سُٺي آهي.‘ سو مايوس ٿي ويس، پنهنجي ڪهاڻين مان. پر هن وقت ٻه ڪهاڻيون منهنجي ذهن ۾ گهمي رهيون آهن، جيڪي طويل قسم جون لڳن ٿيون. انهن ۾ ڊرامو به نظر اچيم ٿو. ٻه عنوان به ذهن ۾ اٿم، هڪڙي جو عنوان آهي ”هوءَ ۽ هُو، ۽ ٻي جو عنوان آهي ”ميڊيڪل اسٽور“ ته وقت ڪڍي لکي وٺندس. استادنظاماڻي؛ ”توهان چئو ٿا ته؛ ماڻهن منهنجي ڪهاڻين کي اهميت ڪو نه ڏني. رڳو چيائون ته؛ ’ٻولي سُٺي آهي‘. ان ڪري اوهان افسانو لکڻ ڇڏي ڏنو. مون اهڙا ليکڪ به پڙهيا آهن، جن کي نقادن مرڻ جهڙو ڪري ڇڏيو، پر لکڻ نه ڇڏيائون...؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”ڳالهه دراصل هي آهي ته، اها چند ماڻهن جي راءِ نه هئي، پر هڪ فنامنا هئي. جيڪا ڪو نقاد پيدا نه ڪندو آهي، پر پڙهندڙ پيدا ڪندا آهن. جڏهن پڙهندڙن ئي ائين چيو، پوءِ مون سمجهيو ته ٻولي کانسواءِ مون وٽ ڪُجهه به نه آهي. نه مواد آهي نه ٽيڪنيڪ آهي نه ڊڪشن Diction آهي، نه اميجينيشن، نه ڪو ويزن Vision آهي. ان ڪري ٺلهو ٻوليءَ جي زور تي هلڻ مون مناسب نه سمجهيو.“ استادنظاماڻي؛ ”وليم فاڪنر چيو هو ته؛ ’شاعريءَ ۾ ناڪامي کانپوءِ ڪهاڻي پاڻ ڏانهن ڇڪيندي آهي. جڏهن ڪهاڻي لکڻ ۾ ڪامياب نه ٿيندو آهيان، ته پوءِ ناول لکندو آهيان.‘ توهان سان ته ڪٿي ائين ڪو نه ٿيو آهي؟ جو توهان ڪهاڻي ڇڏي، ناول بجاءِ ڊراما پيا لکو؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”اهڙي ساڳي ڳالهه پاڻ اڳ ۾ ڪري آيا آهيون. اصل ۾ وليم فاڪنر کي اها صلاح، سندس اُستاد شيروڊ اينڊرسن چئي هئي. ۽ ٻئي ڄڻا انهن مرحلن مان گذريا. جيتريقدر منهنجو سوال آهي ته اها حقيقت مون تي به ٺهڪي اچي ٿي. آئون ناول به لکان پيو، ۽ مضمون به، جيڪي ڪاوش ۾ ڇپبا آهن. اهي مضمون، منهنجي شناخت آهن. باقي ڊرامو ته روزي روٽي آهي. ٽي وي ڊرامو، ادب ۾ شمار نه ٿو ٿئي.“ استادنظاماڻي؛ ”توهان جي ڪهاڻي ’ڇڻيل پن‘ ۾ ميگهان جو ڪردار آهي، ان جو ڪو پسمنظر؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”مونکي پنهنجي اها ڪهاڻي وسري وئي آهي. البته منهنجي ڪهاڻيءَ ۾ جيڪي ڪردار هوندا آهن، اهي منهنجا ڄاتل سڃاتل ماڻهو آهن. ائين کڻي سمجهو ته اها ڪا ڇوڪري آهي، جنهن جي پويان آئون انهيءَ زماني ۾ ڊوڙندو هوندس.“ استادنظاماڻي؛ ”توهان پنهنجن ناولن بابت ڪجهه ٻڌائيندا.“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”منهنجا ٻه ناول آهن. هڪڙو؛ ’سو ديس مسافر منهنجو ڙي،‘ جنھن ۾ گذريل سو سالن جي سماجي تاريخ آهي. جڏهن ته ٻئي ناول ’محبتون‘ ۾، منهنجا شو بزنس جي زندگي ۾ جيڪي تجربه آهن، اُهي آهن. ته انهي دنيا ۾ ڇا ٿو وهي واپري.“ استادنظاماڻي؛ ”توهان پنهنجي ناول ’سو ديس مسافر منهنجو ڙي‘ ۾ حُر تحريڪ جو ذڪر به ڪيو آهي. انهيءَ جو ڪو پسمنظر؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”اڳ ۾ توهان کي ٻڌايو اٿم ته؛ اهو ناول سنڌ جي گذريل سو سالن جي سوشل هسٽري آهي. انهيءَ ۾ حُرتحريڪ جهڙي وڏي واقعي کي وساري ڇڏڻ معنيٰ ته ناول ۾ ڪجهه به نه رهندو. تنهن کانپوءِ خود منهنجو والد، چاچو حاجي منٺار ۽ منهنجي اسٽيپ مدر، سڄي تحريڪ اکين سان ڏٺي هئي. ڪجهه وقت آئون سانگهڙ ۾ رهيس. ته اُت به ڳالهيون ٻڌم ته مونکي سولائي ٿي پئي. انهيءَ ناول ۾ حُر تحريڪ جا ڪجهه ڪردار آهن. انهن تي مون لکيو آهي. جيئن باقاعدي تاريخ بيان ٿيندي آهي، منهنجو ناول ائين ناهي. مون ته فڪشن طور لکيو آهي. فڪشن ته فڪشن ئي ٿيندو آهي.“ استادنظاماڻي؛ ”ويهين صديءَ ۾ اسان وٽ ڪهاڻيءَ ۾ نسيم کرل، جمال ابڙو، علي بابا جهڙا ڪهاڻيڪار پيدا ٿيا. اياز، استاد بخاري، ابراهيم منشي، تنوير بهترين شاعر پيدا ٿيا. توهان ڇا ٿا سمجهو ته نوجوانن ۾ اهڙو ماڻڪ آهي، جيڪو اهڙن ليجنڊز جي جاءِ والاري؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”پهرين ڳالهه ته نه صرف آئون، پنهنجي پاڻ کي پر ٻين کي به ليجنڊ نه سمجهندو آهيان. البته سُٺو ضرور سمجهندو آهيان. باقي ڳالهه آيل نئين صدي جي ته ايندڙ وقت ۾ ڪنهن به صورت ۾ نئون ٽيلئنٽ نڪري ايندو، جنهن کي ڪو به روڪي نه ٿو سگهي. ۽ اهون نئون ٽيلنٽ، اڳئين ٽيلنٽ کي ڪراس ڪري ويندو. اهو هڪ فطرت جو ڪرشمو آهي. وڏا نالا اڀرندا ۽ انهن کي مستقبل ۾ ايندڙ ٻيا نالا، ڪراس ڪري ويندا آهن. اهو ائين آهي، جيئن ملهه جي راند ۾ هڪڙي مرحلي تي پُهچي شاگرد، اُستاد کي ٻئي ملهون اچي ماريندو آهي. تنهنڪري آئون پنهنجي ليکي، ڪنهن به خوشفهمي ۾ ورتل نه آهيان. باقي جيستائين دوستن جو تعلق آهي ته مان ڪجهه نه ٿو چئي سگهان. باقي جيڪي جيئرا آهن، اهي ئي پنهنجي باري ۾ ڪا راءِ ڏيئي سگهن ٿا.“ استادنظاماڻي؛ ”توهان محسوس نه ڪيو آهي ته نوجوان ليکڪن ۾ سيڪس جي موضوع تي لکڻ جو رجحان فيشن طور وڌي ويو آهي.“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”سيڪس تي لکڻ تي، مونکي ڪو به اعتراض ڪونهي. پر اسان وٽ سيڪس براءِ سيڪس لکيو ٿو وڃي. انهيءَ مان ڪو مطلب ڪو نه ٿو نڪري. آئون سمجهان ٿو ته سيڪس کي جيئن ميلان ڪنڊيرا استعمال ڪيو آهي، جنهن جي ذريعي هن مشرقي يورپ جي سياسي ڏاڍاين جو ذڪر ڪيو آهي، يا جيئن سعادت حسن منٽو سال ۱۹۴۷ع جون ٽريجڊيون لکيون آهن. ائين اسان وٽ گهٽ لکيو ويو آهي. بهرحال آئون سيڪس تي لکندڙن جو حامي آهيان، پڙهڻ وارا کين پاڻهي رد يا قبول ڪندا.“ استادنظاماڻي؛ ”توهان ان سلسلي ۾ نوجوان ڪهاڻيڪارن کي ڪهڙي صلاح ڏيندا؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”اها ئي ته پنهنجي دل جي چئي تي لکن. پاڻ کان سينئر ليکڪن جي تنقيد کي نه ليکين. پنهنجي ۽ ٻين جي آزاديءَ جو خيال رکن. جيڪو پنهنجو قدرتي اسٽائيل اٿن، انهيءَ کي برقرار رکن.“ استادنظاماڻي؛ ”رسول بخش پليجي صاحب پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو ته؛ ’اياز تي مون سسٽيميٽڪلي Systematically لکيو آهي. غلام ربانيءَ کي تنقيد جي ذريعي، پهرين پهرين اسٽيج تي مون آندو. نسيم کرل تي، سڀني کان پهرين مون لکيو. اهڙا ماڻهو به هئا، جن صرف هڪ افسانو لکيو انهن کي به مون مٿي کنيو.‘ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي، ته ڇا واقعي هڪ سٺي تخليقڪار کي نقاد جي ضرورت هوندي آهي.؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”سڄي دنيا جي اديبن وانگر آئون اهو ئي ٿو سمجهان ته؛ ڪنهن به فطري ڏات کي ڪنهن به مقالي، نقاد يا اڪيڊمي جي ضرورت ناهي. فرانز ڪافڪا کان وٺي اڄ تائين، تخليقي ادب جي دنيا ۾، فلمي ڊائريڪٽرن جي دنيا ۾، ڪنهن ٻئي اهڙي آرٽ جي دنيا ۾، جيڪي به وڏيون وڏيون بلائون ٿي گذريون آهن، اهي اسڪولن مان ڀڳل ڇوڪرا آهن. ڪجهه سائنسدان به ان زمري ۾ اچن ٿا. البته مصور کي اڪيڊمي جي ضرورت آهي. خود رسول بخش پليجي پهرين ٻن بهترين ڪهاڻين ”جتي باه ٻري“ جهڙين ڪهاڻين کي ڪنهن به نقاد جي ضرورت ناهي.“ استادنظاماڻي؛ ”پليجي صاحب اهو به چيو آهي ته؛ ’لکڻ وڏو عذاب آهي. مان صرف مجبوريءَ جي حالت ۾ لکندو آهيان......؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ (ڳالهه کي ڪٽيندي) ”پليجو صاحب، نه رڳو ذاتي طور منهنجو محسن ۽ مهربان آهي، پر ان سان گڏوگڏ هڪ اعليٰ قسم جو سياستدان به آهي. ظاهر آهي ته هڪ سياستدان لاءِ لکڻ، وڏو عذاب ئي هئڻ گهرجي. جڏهن ته منهنجو لکڻ کانسواءِ ٻيون ڪي به مصروفيتون نه آهن. ان ڪري مون لاءِ لکڻ عذاب جي بدران، خوشيءَ جهڙي ڳالهه آهي. ها جڏهن لکي وٺندو آهيان ته خاص عذاب ۾ وٺجي ويندو آهيان ته هي ڇا لکيو اٿم. انهيءَ عذاب مان گذرندي جڏهن اها شيءِ ڇپجندي آهي، يا اسڪرين تي ايندي آهي، ۽ پوءِ پڙهندڙ، ڏسندڙ جڏهن انهيءَ جي واکاڻ ڪندا آهن، ته پوءِ مونکي يقين ايندو آهي، ته هائو ٻيلي ڪو چڱو ڪم ڪيو اٿم. اصل ۾ اهڙو ليکڪ آهيان، جنهن کي پراوا ڪن چئي سگهجي ٿو.“ استادنظاماڻي؛ ”ليکڪن، اسان جي پياري ملڪ ۾ گهڻو ڀوڳيو آهي. اياز هجي يا امرجليل. توهان جي سامهون ڪا اهڙي صورتحال آئي؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”اهو سڄي دنيا ۾ ٿيندو آهي. ليکڪ ڀوڳيندا آهن. اياز ته ڦاهي تان واپس موٽيو، ۽ ڪيترا ئي سال جيل ۾ رهيو. پر امرجليل سان ائين نه ٿيو. ڏيئي وٺي سرڪاري عهدي جي حساب سان ڪي تڪليفون آيون هوندس. پر مون سان ائين نه ٿيو، سو مونکي شهيدن ۾ شمار نه ڪريو ته چڱو آهي. مونکي اهڙي ڪا به تڪليف نه آئي.“ استادنظاماڻي؛ ”اچون ٿا اوهان جي ٽي وي ڊرامن ڏانهن، جن اوهان کي تمام گهڻي شهرت ڏني. مشهور ڊرامو ديوارين يا راڻي جي ڪهاڻي ۾ ڪهڙو پسمنظر هو، يا ائين کڻي چئجي ته اوهان جي ذهن ۾ اها ڪهاڻي ڪيئن آئي؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”ڊرامو لکندي، آئون واقعا اصلي کڻندو آهيان، پر ڪردار پنهنجي آس پاس مان کڻندو آهيان، جن جو ڊرامي جي ڪهاڻي سان ڪو تعلق نه هوندو آهي. اهو واقعو مونکي شاهنواز جوڻيجي ٻڌايو هو. مون انهيءَ واقعي ۾ ڦيرڦار ڪري ڊرامو لکيو. اصل واقعي ۾ ته الاهي ساريون راڻيون قتل ڪيو ويون هيون، پر مون هڪ راڻي لکي، ۽ راڻي جي قتل ٿيڻ بدران اهو ڄاڻايم ته، هو ٻي راڻي کي جنم ڏيندي گذاري وئي. هينئر به توهان ڏسو ته جيڪي اُتر ۾ قبائلي جهيڙا آهن، اُهي ديوارين وانگر ئي ٿين ٿا. باقي ڪردار ته ليکڪ اُهي ئي کڻندو جن کي سڃاڻندو هوندو.“ استادنظاماڻي؛ ”ڊرامي لکڻ دوران، يقينن اوهان کي ڪجهه ڌرين سان سمجهوتو ڪرڻو پيو هوندو؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”ٽي وي ڊرامو، لکبو ئي سمجهوتن تحت آهي. جن ڌرين سان سمجهوتو ڪرڻو پوندو آهي، انهن ۾ هڪ ته ٽي وي جي پاليسي هوندي آهي، پاليسي مطابق لکبو ته ڊرامو نشر ٿيندو. ٻيو سمجهوتو ٽي وي جي بجيٽ سان ڪرڻو پوندو آهي. مثال مون ڊرامو ڪاروان لکيو ته، انهيءَ جون ڇهه قسطون ٿر ۾ رڪارڊ ٿيڻيون هيون. پر پهرين قسط ۾ ئي بجيٽ جي کوٽ ٿي پئي ۽ ڪهاڻيءَ کي شهر ۾ آڻڻو پيو. ٽيون سمجهوتو پروڊيوسر سان ڪرڻو پوندو آهي،. انهي لاءِ اُستاد پروڊيوسر ياور حيات جو مشهور جملو آهي، جيڪو هن ڪنهن ليکڪ کي چيو ته؛ ’يار تم تو لک ديتي هو، ڪه گهمسان ڪي جنگ لگ رهي هي، مگر مين يه جنگ ڪيسي لگوائون.‘ ان بعد سڀ کان وڌيڪ سمجهوتو، ڪروڙين ڏسندڙن سان ڪرڻو پوندو آهي، ۽ اُها ڳالهه ذهن ۾ رکڻي پوندي آهي، ته حاڪم کان وٺي هاريءَ تائين، ۽ هڪ پڙهئي لکئي پروفيسر کان وٺي ڪنهن اڻ پڙهيل ماڻهوءَ تائين ڊرامو سڀني کي پسند اچي. جيئن ماڻهو ناول يا ڪهاڻي لکڻ وقت، پنهنجي ناڙيندو آهي، ائين ٽي وي ڊرامي ۾ ڪري نه ٿو سگهجي.“ استادنظاماڻي؛ ”توهان جو مطالعو وسيع آهي. ڪو اهڙو ڪتاب جيڪو توهان کي تمام گهڻو وڻيو هجي؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”اها ته ڊگهي لسٽ آهي.“ استادنظاماڻي؛ ”پوءِ به هڪ ٻه ڪتاب ٻڌايو...؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”هروڀرون ضد ٿو ڪرين ته پوءِ جيڪي مونکي گهڻو وڻيا، انهن مان قرت العين حيدر جو ناول ’آخر شب ڪي هم سفر‘، اوريانه فلاسي جو ’اي مين‘، ۽ شولو خوف جو Quite flows the Don آھن.“ استادنظاماڻي؛ ”مون ڪٿي پڙهيو هو ته؛ توهان جي سنگت، اديبن سان گهٽ چورن، موالين، وڏيرن، ۽ ٻٽاڪين سان گهڻي هئي.؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”منهنجي سنگت، رڳو انهن ڌُرين سان نه پر گڏوگڏ هارين، نارين، ڌراڙن، ڊرائيورن، چوڪيدارن ۽ ڪلارڪن سان به رهي آهي. اصل ۾ انهن ماڻهن وٽ جيڪو علم آهي، سو تجربي جي پيداوار آهي. اهي ماڻهو، اسان اديبن کان وڌيڪ زندگيءَ جو ادراڪ رکن ٿا. مون انهن ماڻهن کان علم پرائيو آهي. منهنجي تخليق جو سرچشمو اهي ئي ماڻهو آهن. جيڪي منهنجي ڪهاڻين، ڊرامن جا ڪردار آهن.“ استادنظاماڻي؛ ”جيڪڏهن اوهان ليکڪ نه ھجو ھا بلڪ پنهنجي والد وانگر صوبيدار هجو ها ته؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”صوبيداريءَ ۾ آئون چونڊجي به ويو هيس، بابا جي ڪوٽا ۾. پر بابا مونکي اها نوڪري ڪرڻ نه ڏني. پر جي اها نوڪري ڪريان ها ته پڙهيو لکيو هئڻ سبب، هڪ بيڪار قسم جو ڊي آئي جي وغيره هجان ها يا ڪرمنالاجي جو ماهر، ڪجهه به هجان ها پر وري به ليکڪ ضرور هجان ها.“ استادنظاماڻي؛ ”پنهنجي تجربي مان ڪجهه اديبن جي زالن جي باري ۾ ٻڌايو ته اُهي مُڙسن سان ڪيئن ٿيون گذارين؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”سڀ مصيبت/ عذاب ۾ رهيون آهن. منهنجي زال به عذاب ۾ آهي. رت ڪري ماريو اٿمانس. پر وڏي صابر آهي. انهي ڪري قصو پيو هلي. منهنجي ڇوڪرين کي صلاح آهي ته؛ ’اُهي ڪنهن به ليکڪ سان شادي نه ڪن، نه ته ڏاڍا ڏکيا ڏينهن ڏسنديون.‘“ استادنظاماڻي؛ ”توهان زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪا چوري ڪئي؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ (سگريٽ جو ڊگهو ڪش هڻندي) ”آئون اڪثر ڪري پنهنجي مضمونن ۾، جن به غير ملڪي اديبن جا حوالا ڏيندو آهيان، انهيءَ جو سبب اهو ناهي ته ڪو پڙهندڙن تي رعب ڄمائجي، پر لکندي لکندي اوچتو ڪي اهڙيون ڳالهيون اچي وينديون آهن، جيڪي ٻين ليکڪن جون چيل هونديون آهن. پوءِ مجبور ٿي آئون انهيءَ ليکڪ جو مثال ڏيندو آهيان، ڇاڪاڻ ته ڪڪڙن جو چور ته ٿي سگهان ٿو، پر ادبي چوريءَ کان ونءُ ويندو آهيان. هڪ مزيدار ڳالهه اها به آهي ته، ڪافي وقت اڳ، جڏهن ڇوڪراٽ هُيس، ته دوستن سان گڏجي ڳوٺ جي ڀر ۾ قاديانين جا مرچ چوري ڪيم. ان کانپوءِ اهڙي حرڪت نه ڪيم. البته دلين جون چوريون گهڻيون ئي ڪيم.......“ استادنظاماڻي؛ ”ان جو مطلب آهي ته عشق به ڪيئي. پوءِ ته ڀتيون به ٽپيون هوندئي؟ لوڙها به لتاڙيا هوندئي؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ (وڏو ٽهڪ ڏيندي) ”ها! لوڙها به ٽپياسين. هينئر جڏهن اهي ڳالهيون ياد اچن ٿيون ته ڏاڍو خوف ٿئي ٿو. لوڙها ٽپندي ڪٿي مارجي پوان ها ته،!.... بس موت کان بچي ويس، هاڻي ٻئي هٿ ڪنن تي آهن.“ استادنظاماڻي؛ ”توهان کي جڏهن صدارتي ايوارڊ مليو هو ته اسان ٻڌو آهي، ان وقت ڪجهه قوم پرست آيا هئا، جن چيو هو ته آمر ضياءَ کان ايوارڊ نه وٺ. ته اُهو معاملو ڇا هو؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”ادا ايوارڊ ته منهنجو حق هو، پنهنجو حق ڇو ڇڏيان، مون ڪو پلاٽ پرمٽ ته ڪو نه ورتو، نه ئي ڪا وڏي سيٽ ورتم! منهنجا ته اُهي ساڳيا حال آهن، بُڪي ٺوڪيندو وتان. ٻين يارن کي به ڏس ته ڇا مان ڇا ٿي ويا. جن مونکي روڪيو، اُهي امير ڪبير ٿيو پيا هلن. سندن اڳ ۾ حيثيت ڇا هُئي، هاڻي ڇا آهي؟ اها ڳالهه ويچارڻ وٽان آهي. ضياءَ الحق مرحوم ته پري ٿيو، پر ڄام صادق علي، ته پنهنجو هو، انهيءَ کان پرمٽ يا پلاٽ/ زمين جو ٽڪرو وٺي پئي سگهيس. پر نه وٺي سگهيس. ڄام صاحب هڪ ڀيرو ته مونکي ڀونڊو به ڏنو؛ ’تون پنهنجي لاءِ ڪجهه نه ٿو ڪرين!‘ ماٺ ڪري ويهي رهيس. ڳالهه آهي؛ سڄي ناجائز ڪمائي جي. ڪا مون وٽ هجي ته اوهان پاڻ ٻڌايو. مونکي مڪيش جو راجڪپور تي فلمايل اهو گانو ڏاڍو وڻندو آهي؛ ’سجن ري جهوٽ مت بولو، خدا ڪي پاس جانا هي. نه هاٿي هي، نه گهوڙا هي، وهين تو پيدل جانا هي!‘ سو پاڻ وٽ نه ڪو گهوڙو آهي، نه ئي هاٿي.“ استادنظاماڻي؛ ”ڇا انسان پنهنجي پوري زندگي، پنهنجي ڳولا ۾ گذاريندو آهي؟“ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”اصل ۾ جيتري ڪائنات ٻاهر آهي، ايتري ئي ڪائنات، انسان جي دماغ ۾ موجود آهي. اها ڳالهه ڪا هوائي توائي جملو ناهي. پر جيڪا اطلاقي سائنس آهي، ڪائنات جي ۽ نيورولاجي آهي. اهي ٻئي سائنسون، اها ڳالهه ثابت ڪري چڪيون آهن ته؛ ’انسان جي دماغ ۾ هڪ پدم فئڪلٽيون آهن.‘ سو سائنسي حقيقت ته اها آهي. پر هونئن ڪي ماڻهو پنهنجي ڳولا ۾ هوندا آهن. ته ڪي نه به هوندا آهن. جيتريقدر ڪنهن ليکڪ جو تعلق آهي ته، ليکڪ اها ڳولا ڪندو رهندو آهي. ته آئون ڪهڙي صنف ۾ فٽ ٿي سگهان ٿو؛ ’آيا شاعري ڪري سگهان ٿو، يا ناول لکي سگهان ٿو، يا ڊرامو لکي سگهان ٿو.‘ ۽ صنف ڳولي لهڻ کانپوءِ، ليکڪ انهيءَ ڳولا ۾ هوندو آهي ته؛ ’هو پنهنجي صنف سان ڪيئن نڀائي؟‘ خاص ڳالهه ته ادب/ آرٽ، زندگيءَ جي ڪنهن نئين پهلوءَ کي ڳوليندو آهي. جنهن کي چوندا آهن؛ Exploration of the life ...... سو قصو ائين آهي.“ اُستاد نظاماڻي؛ ”آخري سوال ته؛ ليکڪ جي حيثيت ۾، پنهنجي پاڻ کي ڇا ٿا ڄاڻو؟““ عبدالقادر جوڻيجو؛ ”آئون بين القوامي ادب گهڻو پڙهندو آهيان. ان ڪري آئون پنهنجي پاڻ کي دريا ۾ هڪ ڦُڙو پاڻيءَ جو سمجهان ٿو.“ (جهونگار نمبر ٽين ۲۰۰۰ع ۾ ڇپيل) عبدالقادر جوڻيجي جون ڳالھيون ڊاڪٽر اسد جمال پلي هڪڙي دفعي نئون ڪوٽ جي هڪ “ڀيلڻ ڏوڪري” جڏهن عبدالقادر کي ڏٺو ته کيس هڪل ڪري چيائين ته “مئا قادريا ڪٿ ٿو گذارين.” عبدالقادر جي اکين ۾ عجيب رمق اچي وئي. پوءِ ڪيترو وقت هو ان ٻڍڙي ڏوڪري سان ڊاڙ ٺڪا هڻندو رهيو. کيس ڀيل ذات جي اٿڻ ويهڻ سان گهڻو انس هئو. پنهنجي انهيءَ انسيت ۾ هو ايترو اڳتي به وڌي ويو جو هڪ اخباري ڪالم ۾ هو سڄي ناري پٽ کي ڀيلواڙو لکي ويٺو ۽ پوءِ ڪيترو وقت زبان سندس ڏندن ۾ ڦاٿل رهي. هڪڙي دفعي مون کي ٻڌايائين ته خانصاحب راڄ محمد پلي (جنهن کي هو خطن ۾ ادا راڄو، لکندو هو) چوندو هو ته هي جيڪي سنڌي ادب ۾ ساڄا ۽ کاٻا هڪٻئي تي سيٽيا وتن اهي هڪ ئي تصوير جا ٻه رخ آهن. اڳتي هلي ڳالهيون پنهنجي اصل رخ تي اينديون ۽ هر سنجيده ليکڪ انهن شين کان پري ٿي ويندو. صرف ادبي بيروزگار هن بحث ۾ مصروف نظر ايندا. اها ڳالهه پوءِ عبدالقادر “وڙهيا، واڳيا، واپريا ڪتاب ۾ لکي.” هڪڙي دفعي مون کي ٻڌايائين ته ادب جيڪڏهن اديب جو پيٽ نه ڀري ته آئون ان کي ادب نٿو مڃان. اهو ڪٿي جو انصاف آهي جو پبلشر جنهن ادب مان بنگلا ٺاهي، سرڪار ادارا هلائي انهيءَ ادب جو سرجڻهار پن جون ٻيڙيون به سوال تي وٺي پيئي. انهي ڪري مون سڀ ڊراما پئسن تي لکيا ۽ پئسن لاءِ لکيا. هڪڙي دفعي مون کي ٻڌايائين ۽ پوءِ هڪ مشهور سنڌي رسالي لاءِ تفصيلي انٽرويو ۾ به چيائين ته منهنجي ادبي گرومنگ (Grooming) عبدالڪريم پلي ۽ راڄ محمد پلي ڪئي ۽ جيڪڏهن وفا پلي جو نالو نه کڻان ته ڪوڙهيو ٿي مران. هن انٽرويو ۾ عبدالقادر ڪريم پلي جي اوطاق ۽ ماحول جو تفصيلي ذڪر ڪندي لکيو ته ڪاروان ڊرامي ۾ وڏيري علي نواز جو ڪردار مون ڪريم پلي جي شخصيت تان ورتو آهي. ڪريم پلي جهڙا پٽ مائرون وري ڪو نه ڄڻينديون. اهو ڪردار مرحوم محمود صديقي ادا ڪيو ۽ ڊرامي جون ڪيسٽون کڻي صديقي صاحب “عيد” جي موقعي تي سنڌڙي ۾ محمد خان جوڻيجو (وزيراعظم) سان مليو ۽ کيس چيائين ته اوهان جي مائٽ اوهان تي ڊرامو لکيو آهي. ايئن واپسي ۾ پٽ جي نوڪري وٺي آيو. ڪجهه ٻين به سنڌ جي وڏن ماڻهن جي حوالي سان هن ڪردار جي ڳالهه منسوب ٿي پر مون صاف انڪار ڪيو ته نه صرف اهو ڪردار مون پلي صاحب جي شخصيت تان کنيو آهي پر ڪجهه “ڊائلاگ” به هوبهو سندس چيل آهن. هنن چيو ته ڪاش سنڌ جا سڀ وڏيرا “ڪريم پلي” هجن. اهڙو اظهار هن وڏيري شاهنواز جوڻيجو جي ڪنهن دوست سان به ڪيو. هڪڙي دفعي سندس ڪالوني واري گهر ۾ مون کي هڪ ميز ڏيکاريائين ته عبدالڪريم پلي جڏهن به مون وٽ گهر ايندو هو ته پاڻ کي ڪڏهن به وڏيرو نه سمجهندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن هن ميز تي چڙهي ويهندو هو. عبدالقادر پوءِ ميز تي ڪانڀ ڪڍي ويهي ڏيکاريو ته او! هيئن. هڪڙي دفعي مون عبدالقادر کي راڄ محمد صاحب تي تاثر لکڻ لاءِ چيو. پاڻ اهو تاثر لکيائين ۽ راڄ محمد صاحب جي ڪتاب “وڙهيا واڳيا واپريا” ۾ ڇپيو. اهو تاثر هن چئن مهينن ۾ لکي پورو ڪيو جڏهن به آئون وٽس سنڌ الاجي آفيس ويندو هئس ته هڪ ٻه پئرائون پندرهن ويهن ڏينهن ۾ لکيل ڏيکاريندو هو ۽ خوب ڪچهريون ڪندو هو. جيڪڏهن اهي سڀ ڳالهيون لکجن ته وڃي ڪتاب ٺهندو. انهن مان هڪ ڳالهه خاص ته هو ڪريم پلي کانسواءِ پنهنجي ذاتي دوستن ۾ صرف ٻه ٻيا نالا فقير شير محمد بلالاڻي ۽ ڄام صادق علي جا کڻي چوندو هو ته گنج ٿي ويا. هر ڪنهن ۾ پنهنجي اک ٻڏي ڪو نه، باقي واسطو، تعلق رسم و راهه گهڻي زماني سان آهي، رهندي پر دوستي جي وڌيڪ بک پاڻ کي اٿئي ڪو نه. هو ڳالهين ۾ بيباڪ هو ۽ ڳالهه ڦهڪائي هڻڻ کي ترجيح ڏيندو هو. هڪڙي دفعي سندس ڪتاب “شڪليون” ۾ مون پڙهيو ته کيس نسيم کرل جو نالو پڙهي هن ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ جو شوق ٿيو (نالي ۾ هن نسيم کرل کي ڇوڪري سمجهيو). پوءِ جڏهن هڪ اخبار جي آفيس ۾ هڪ وڏي آرام ڪرسي اهليل نسيم کرل سان سندس تعارف ٿيو ته حواس باختا ٿي چيائين ته “چڱو ٿيو مون هن سان شادي نه ڪئي!” اهو سندس تحرير جو ڪلائميڪس هو. هڪڙي دفعي مون کي ٻڌايائين ته آئون چئن ڪردارن تي هڪ ڪتاب لکان پيو. “ٻه ڏاڙهيون ٻه سينڌيون.” انهن مان هڪ ڏاڙهي ڪريم پلي ۽ هڪ سينڌ روحي بانو آهي. باقي ٻه ٻيا ڪردار آهن. مون کي خبر نه آهي ته سندس اها تحرير ڪهڙي مرحلي تي ۽ ڪهڙي حالت ۾ آهي. جڏهن لئنگويج اٿارٽي ۾ هو ته به چار پنج دفعا دل واريون ڳالهيون ٿيون. پوءِ هڪڙي دفعي ٻڌايائين ته مئڊم سسئي پليجو چوي ٿي ته آئون لئنگويج اٿارٽي کي ڄام صادق جي اوطاق ٺاهيو ويٺو آهيان. آئون چوان ٿو ته شڪر آهي جو مون تي الزام به هڪ سخي جي نالي جو آهي. ڇو جو ڄام صادق سنڌ جي ڏاتار ڄام ڪانڀو جو پٽ آهي. هڪڙي دفعي مون کي چيائين ته آئون جي بي (گئلن بيري) سنڊ روم جي بيماري ۾ ورتل آهيان. اها بيماري تون نيورو لاجي جي ڊاڪٽر هجڻ ڪري بهتر سمجهين ٿو. هي بيماري اعصابي ڪمزوري ڪرائيندي آهي ۽ ڇڏيندي اصل ڪو نه. سو هاڻ پاڻ کي به دم دلاسي جي گهٽ ضرورت آهي. باقي جيڪي ڏينهن آهن پيا ڪٽبا. هڪڙي دفعي عمرڪوٽ ۾ اڪبر لغاري صاحب سئمينار ڪوٺايو ٻن ڏينهن جو پهرين ڏينهن تعارفي سيشن ٿيو ٻئي ڏينهن جي صبح جو سيشن ۾ عبدالقادر ڳالهايو. محقق ۽ اديب اچي گڏ ٿيا. آخري سيشن جو آخري مقرر آئون هئس ۽ پوءِ صدارتي تقرير غلام محمد لاکو صاحب جي هئي. مون ڳالهايو پئي ته “عمرڪوٽ” تاريخي دليل طور “ع” سان ئي لکبو الف سان لکڻ صرف پسند ۽ شوق آهي پر تاريخ ڪونهي. ان وقت پنڊال ٻاهران اسٽيج جي پويان عبدالقادر جوڻيجو سگريٽ جا ڪش هڻي رهيو هو. مون کي سندس هڪ مذاق ياد آيو. عبدالقادر اڪثر چوندو هو ته ماڻهو ماني کائي ڍؤ ڪري پوءِ وڏا وڏا ڊاڙ هڻي ته ماني هضم ٿئي. سو هي الف سان عمرڪوٽ واري ڳالهه به اهڙو ئي ڊاڙ آهي. پاڻ اتان اسٽيج جي پويان کنگهندي کنگهندي چيائين ته پلي منهنجي جان ڇڏين نٿو ۽ پوءِ اسٽيج تان لهڻ بعد ٽهڪ ڏيندي چيائين ته هيءَ ڳالهه به تاريخ جو اهم دليل ٿي ويندي. آخري دفعي مون کي چيائين ته ٻئي سنڌي ادبي بورڊ جا ميمبر گڏ ٿيا آهيون منهنجي حصي جو ڪم به تون ڪجان. مون کي خبر هئي عبدالقادر هڪ به ميٽنگ ۾ نه ايندو ۽ ساڻس فون تي گفتگو بعد ملاقات ئي نه ٿيندي ۽ اسان جون ڪچهريون به ڪورونا جي لاڪ ڊائون سان گڏ لاڪ ٿي وينديون. ٻئي دفعي عبدالقادر جوڻيجو جون ڳالھيون اسد جمال پلي ٻي دفعي، اها ڳالهه ٻڌايائين ته؛ ”مون کي پرائمري ماستر جي نوڪري ملي، خانصاحب عطا محمد پلي جي ڳوٺ لڳ، صوفي شاخ جي اولهه ۾، چوڌري شاهنواز جي ڳوٺ ۾. پر مون اچي لڏو لاٿو عبدالڪريم پلي وٽ، جتي مون کي ادبي خوشبوءِ آئي ٿي. هتان ٻه- ٽي ڪلوميٽر اسڪول لاءِ اڪثر وفا پلي مون کي موٽرسائيڪل تي ڇڏي ايندو هو ۽ وري کڻي به ايندو هو. ايئن ئي وقت گذريو. عبدالڪريم پلي وٽ روز ادبي ڪچهري ۽ رهاڻ متل هوندي هئي. ٻي دفعي، مون کي ٻڌايائين ته اهو ۱۹۶۵ع جو سال هو جو منهنجي پهرين ڪهاڻي ٻرندڙ لانچ جنوري جي روح رهاڻ ۾ شايع ٿي. ساڳي پرچي ۾ عبدالڪريم پلي جو هڪ گيت به ڇپيو هو. آئون ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيس جو پهرين تحرير ڇپي هئي. پوءِ هن ڪهاڻي تي رات جو هڪ تفصيلي ويهڪ پڻ ٿي جنهن ۾ يار محمد چڱائي سڀني کان گهڻو ڳالهائيو. اسان جي هن ادبي گاڏي ۾ محمود يوسفاڻي به هوندو هو. هو سنجيده ۽ معتبر ماڻهو هو. ڪير به ساڻس گهڻي حجت ۽ کل ڀوڳ نه ڪندو هو. جهڙو شخصي طرح معتبر هو. تيئن علمي طرح به معتبر هو. محنتي ۽ گهڻو لکندڙ هو. گرامر ۽ ٻولي جي حوالي سان ۽ شاعري تي سندس گفتگو مستند هئي. اسين سڀ کيس سائين معمور سڏائيندا هئاسين. منهنجي گهڻي ڪچهري راڄ محمد سان هئي. راڄ محمد گهڻو مطالع ڪندڙ ۽ ڏاهو ماڻهو هو. ٻي دفعي، مون کي ٻڌايائين ته مون کي اتي رهائش دوران سائي (Jaunalice) جي بيماري ٿي پئي ته مون کي ڀڳڙا جام کارائيندو هو. ڀڳڙن جي کائڻ سان اڃ جام لڳندي هئي ۽ پيشاب گهڻو ٿيندو هو. راڄ محمد مون کي چيو ته اهو اٿئي ”سائي“ جو علاج. نڪو ”خاڪ“ نه ڪو تعويذ. عبدالقادر مون کي ٻڌايو ته مون راڄ محمد کي تمام گهڻا خط لکيا. راڄ محمد جنهن کي آئون ”دا راڄو“ لکندو هئس. اهو خط فائل ڪري رکندو هو. سنڀايل هوندا. اوهين هٿ ڪجئو. پوءِ مون هٿ ڪيا ۽ مون وٽ سنڀاليل آهن. ٻي دفعي، مون کي ٻڌايائين ته کيس سخت بخار آيو رت جي رپورٽ ۾ ڪينسر جا جذا اچي ويا. چيائين عبدالڪريم پلي سان حال اوريم ته مون کي حيدرآباد ۾ رهڻ لاءِ جاءِ اوهين وٺي ڏيو. ٻارن جي جي تعليم جو خرچ فقير شير محمد بلالاڻي تي آهي. چلهه پينشن مان ٻرندي. ٻارن جي تعليم مڪمل ٿي بس، منهنجا ٻيڙا پار. پوءِ جيڪڏهن ٻار وڏا ٿي پنهنجي جاءِ وٺي اوهان جي جاءِ واپس ڪن ته به مرضي جا مالڪ جي نه واپس ڪن ته به بخش اٿن. عبدالڪريم پلي کلندي کلندي چيو ته يار تون ڊڄ نه رپورٽ ڪنهن سٺي ليبارٽري مان ڪراءِ. پاڻ ويهي منهنجو علاج مڪمل ڪرايائين. رپورٽ ٻيهر ڪرايائين ته ڪينسر هئي ئي ڪو نه الائي ڪيڏانهن اڏامي وئي. يار اسد! ڇا ماڻهو هئا. ٻي دفعي، ٻڌايائين ته جڏهن ستر واري اليڪشن ۾ عبدالڪريم پلي ايم پي اي جي سيٽ تي آزاد اميدوار طور بيٺو ته سندس انتخابي نشان ”گهڙيال“ هو. آئون ۽ علي بابا سندس بنگلي تي ويٺا ورڪ ڪندا هئاسين. ورڪ ڪهڙو سڄو ڏينهن مکيون ماريندا هئاسين ۽ شام جو جڏهن پلي ورڪ تان واپس ايندو هو ته سندس همت وڌائيندا هئاسين. جڏهن اليڪشن ٿي ۽ پلي جي سيٽ کٽڻ جو اعلان ٿيو ته علي بابا اهڙو زور سان ٽپ ڏنو جو ڪرسي تان ڦهه وڃي پٽ تي ڪيائين. سڀني جا کل جا ڪوڪريا. ٻي دفعي، مون کي ٻڌايائين ته شيرين پاشا (شارٽ اسٽوري رائيٽر) مون کي چيو آئون کڱيس سنڌ جي ٻهراڙي گهمايان. آئون سندس فرمائش تي شيرين پاشا کي وٺي وڃي عبدالڪريم پلي وٽ نڪتس. عبدالڪريم پلي انتهائي خانداني بصيرت سان ساڻس فرشي نشت تي ڪچهري ڪئي. ڳوٺاڻيون ڳالهيون، ڳوٺاڻا کاڌا بعد ۾ ڪافي ڀرت ٿيل شيون ڏنائين. واپسي ۾ مون ڏٺو ته شيرين پاشا جي اکين ۾ لڙڪ هئا. مون سبب پڇيو ته چيائين، قادر تمام گهڻي عرصي کانپوءِ مون خانداني خوءِ واري شخص سان ڪچهري ڪئي آهي. مون کي ايئن لڳو ته آئون پنهنجي ڪنهن خاندان جي وڏي بزرگ جي ڪچهري ۾ ويٺي آهيان. مون کي جيڪي پنهنجي ڏاڏا سائين متعلق ڳالهيون گهر ۾ ٻڌايون ويئيون هيون سي سڀ پلي ۾ موجود مليون. عبدالقادر چيو ته مون ڪالر ڇنڊيندي چيو ته آخر قادر جو يار آهي. گهٽ هوندو ڇا؟ ٻي دفعي مون کي ٻڌايائين ته هيءُ جيڪو هندستاني ڪرڪيٽ ٽيم ۾ ڇوڪرو پيو کيڏي ”اجئه جڊيجا“ اهو ڪڇ جو ”جاڙيجو“ سمون آهي. هنن جاڙيجن جا جيڪي سنڌ جي سمن سان تاريخي مائٽيون ۽ رشتا ناتا آهن اهي توکان ڳجها ڪونهي. عبدالقادر هيءَ ڳالهه ٻڌائيندي تمام گهڻو ڳنڀير ٿي ويو ڄڻ هو لاکي ڦلاڻي کان هينئر به جاڙيجن کي خبردار ڪندو هجي ته ”جاڳو جاڙيجا. سمان سک مَ سمهو“ ڳالهه کي جاري رکندي چيائين پنهنجي پاسي وارو انضمام الحق وري ملتان جي پيراڻي گاڌي مان آهي ۽ اهي ملتان وارا جاڙيجن جا ”پير“ آهن جڏهن هندستان ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ مئچ ٿيندي آهي ته آئون ٽنگ ٽنگ تي چاڙهي مرشد ۽ مريد جي بئٽنگ جا مزا ڏسندو آهيان. ٻي دفعي مون کي ٻڌايائين ته عبدالڪريم پلي جو والد خانصاحب عطا محمد پلي واقعي خانصاحب هو. خانصاحب جي کوٽ ڪونهي پر عطا محمد پلي ڪير سڏائي. سندس وڏ ماڻهپي جو هڪ اسٽائل اهو به هوندو هو جو سئو رپئي جي نوٽ ۾ تماڪ وجهي ٻيڙي ٺاهي ڇڪيندو هو. دوستي هئس ته وري صوفي قلندر بخش شهيد سان، مهل جو مڙس ماڻهو هو. هو ته خانصاحب انگريزن جو ٽائيٽل يافته پر بااصول اهڙو هو جو انگريز تي به اک ڪا نه ٻڏندي هئس. حرن واري مارشل لا لڳي ۽ حضرت سورهيه بادشاهه تي ڏکيا ڏينهن آيا. انهن ڏينهن ۾ عمرڪوٽ لڳ ٽالهي جوڻيجي جي ڳوٺ تي پوليس ڇاپو هنيو. ڳوٺ جا مڙسالو ته پاسيرا ٿي ويا پر سڀئي ”غازياڻيون“ بيل گاڏين ۾ اچي خانصاحب جي ڳوٺ پهتيون. خانصاحب سڀني ”سامن“ کي ڪوٽ ۾ آندو ۽ چيائين ته اوهان تان منهنجو سر صديقي، جيستائين ساهه سلامت آهي انگريز اوهان جو وار به وِنگو نه ڪري سگهندو. مون اها سڄي ڳالهه ”سانگهڙ ناول“ ۾ پڙهي آهي ۽ عبدالقادر جي ٻڌائڻ وقت ايئن لڳو ڄڻ هو پاڻ ان وقت خانصاحب سان گڏ هو. ٻي دفعي، ٻڌايائين ته خبر اٿئي خانصاحب عطا محمد پلي جي اوطاق ڪا عام وڏيرڪي اوطاق نه اٿئي.هن اوطاق نه صرف سنڌ جي ”موسيقي“ جي خدمت ڪئي آهي پر سچ، صداقت ۽ شرافت جي فيصلن جا به مثال قائم ڪيا آهن. پوءِ وڏو ٽهڪ ڏئي تاڙي ملائي چيائين ۽ سنڌي ادب جا ٻه وڏا افسانه نويس ۽ ڊراما نگار به هن اوطاق جي ايجاد اٿئي. هڪڙو تنهنجي سامهون ويٺو اٿئي جنهاڻي ۽ ٻيو ڏيپلائي. يار ڪهڙيون ٿو ڳالهيون پڇين يارن جون. سنڌ کي اهڙا وڏيرا ئي ته کپن. ٻي دفعي، ٻڌايائين ته بابا جي پوليس آفيسر وقت مون ٿاڻن اندر واڙيل يارن سان ڪچهريون ڪيون. حال احوال ورتا ۽ آهستي آهستي مون کي زندگي جا ڪيترائي سچ سمجهه ۾ اچي. اندر واڙيل يار بي ڊپا ٿي سچ ڳالهائيندا هئا ۽ ڇوٽ ٻولي ڳالهائيندا هئا. منهنجن ڊرامائي ڪردارن ۾ به توکي اها ڇوٽ ٻولي ملندي. اڄ جڏهن سنڌ جو هيءَ بي ڊپو ليکڪ سنڌ ڌرتي جي سطح کان اندر ٽپي هڻي ويو آهي ته مون کي لڳندو آهي ته هي ”يار“ انهي جهان ۾ به ايئن ڪانڀ ڪڍي پنهنجي هٿ جي آڱرين جي اشارن سان ڪچهرين ۾ هوندو جيڪو ماڻهو سورهن آنا سچ سان ڪميٽڊ رهيو. اهو وري اتي ڪيئن ڏکيو هوندو. سندس ڪتاب ”شڪليون“ جنهن به پڙهيو هوندو اهو منهنجي اها ڳالهه ضرور قبول ڪندو ته عبدالقادر جا سڀ ڪردار هر دؤر ۾ هن ڌرتي تي موجود رهيا آهن پوءِ اها ”راڻي“ هجي يا ”ڪيسري.“ عبدالقادر جوڻيجو ھڪڙو قادر ھزار ڳالھيون نصير مرزا ٻُڌايائين پئي ڊرامي راڻيءَ جي ڪهاڻي جي آخري قسط جو لکي پوري ڪيم ته رائٽنگ ٽيبل تان اُٿي اڱڻ ۾ وڃي ڊوڙون پائڻ لڳس. نجمه جو مونکي ائين ڪندي ڏٺو ته پريشان ٿي وئي. چيائين، تون هي ڪرين ڇا پيو؟ وراڻيومانس، مغز تي شينهن جي مٿي جيڏو وزن هو، سو اڄ نيٺ لٿو. ان جي خوشي سيليبريٽ به نه ڪريان ڇا ڀلا!؟ هيءَ اپريل ۲۰۱۸ع جي ڳالهه پئي مون ڪئي، جڏهن آئون ۽ نياز پنهور، پنهنجي هن مستانه ماهي يار عبدالقادر جوڻيجي کان ڪاوش دنيا لاءِ انٽرويو وٺڻ جي خيال سان سندس رهائشگاهه تي موجود هئاسين. ڀاڄائي نجمه قادر پنهنجي ورَ جي ڀرسان ويٺي هئي ۽ زيرِ لب مُرڪي اسان جي اهڙي ڪچهري مان لطف اندوز ٿي رهي هئي. خوش گفتار، مزيدار ماڻهو ۽ آرٽسٽڪ ڳالهيون ڪندڙ هن قلمڪار قادر سان اها ته پوئين ۽ آخري ملاقات جي جهلڪ مون مٿي لکي، پر هن سان پهرئين ۽ روبرو رهاڻ ڪڏهن ۽ ڪٿي ٿي هئي منهنجي؟ اها به عرض ڪريان ٿو. اها ڀانئيان ٿو اهو ۱۹۷۷ع يا شايد ۱۹۷۸ع وارو سال، آئون ۽ طارق عالم سنڌ يونيورسٽيءَ جي مختلف ڊپارٽمينٽ جا جَل ڦٽاڪا شاگرد هئاسين ۽ شيخ اياز صاحب جي وائيس چانسلر شپ به تڏهن بلي بلي هئي. ان ئي زماني ۾ سنڌالاجي ۾ اتان جاري ٿيندڙ رسالي ”پرک“ جي برک ليکڪ ۽ ايڊيٽر عبدالقادر جوڻيجي کي پنهنجو مواد ڏيڻ لاءِ اسين پهتاسين. سامهون ڪرسيءَ تي ڳوٺاڻي ڪَٽ سلوار قميص ۾ ڇا ڏسون هي سامهون جيڪو عبدالقادر جوڻيجو، سگريٽ اُن جي مُٺ تي، ڪانٽو سٺ تي..... ڪچهري شروع ٿي ته لڳو همراهه نه فقط ڳالهين جو ڳهير، پر وڏو حوالي به. تڏهن اسين به جهٽ هن سان گهرگهلا ٿي وياسين. ڪا گهڙي ويهي ٺاشا ماشا ڪري اوچتو اُٿياسين، ته فرينڪ ٿيندي چوڻ لڳو، ڪهڙا پويان ٻار پيا روئنوَ. ڇڏيو گوٿناٿ، ويهو چانهه ٿو گهرايان. پوءِ پرک جو پهريون شمارو شايع ٿيڻ جي خبر پئي، ته ڇا ڏسان قادر هڪ پورو سالم صفحو منهنجي شاعريءَ لاءِ مخصوص ڪيو هو. تڏهن ان وقت اعزازي ڪاپي ته ڏنائين پر شاعريءَ واري فائل مان منهنجي هٿ لکيل وائيءَ وارو پنو ڏيندي چيائين، ”ڏس شيخ اياز صاحب پرک لاءِ شاعريءَ جي چونڊ ڪندي تنهنجي وائيءَ جي مٿان هي ڇا لکيو آهي؟“ ڏٺم ته ڳاڙهيءَ مَس واري پين سان ۽ هيٺان شيخ اياز صاحب جي دستخط سان لکيل هو؛ Who is Naseer Mirza? تڏهن سگريٽ مان سوا ميٽر جيترو ڊگهو سوٽو هڻي سخاوت جو مظاهرو ڪندي چوڻ لڳو، هي عظيم شاعر جو ڏنل سرٽيفڪيٽ اٿئي، ڇا ياد ڪندين، هان وٺ تحفي وانگر وڃي سانڍي رک پاڻ وٽ. ۱۹۸۱ع تائين آئون جيستائين سنڌ يونيورسٽيءَ جو شاگرد هوس، طارق سان گڏ قادر وٽ ريگيولر وزيٽر هوس. تڏهن ڪچهريءَ ۾ جي هو حوالي ته طارق ۽ آئون به ڀلا ڇا ۾ گهٽ؟ پاڻ طارق ۽ منهنجي جوڙيءَ کي ٽچ بٽڻ سڏيندو هو. تڏهن قادر ۽ شوڪت حسين شوري کي هر وقت گڏ گڏ ڏسي اسان به ته دل ئي دل ۾ هنن کي ٽچ بٽڻ جوڙي سڏڻ لڳا هئاسين. هاڻي ڳالهه صاف... جيڪو به قلمڪار، شاعر، چترڪار يا ڪهاڻيڪار اهو چاهي وڏو هجي، کڻي ننڍو، يا ايوريج، عاشق صادق جي نه هوندو ته نظرباز ته ضرور هوندو ۽ صنف نازڪ جنهن جي ضرور ته ڪمزوري هوندي، تڏهن ڀانئيان ٿو هي شايد سهڻي رسالي ۾ قادر کان پڇيو ويو هو ته توهان جي آڏو ٽي شيون هجن شراب، ڪتاب ۽ عورت، سچ ٻُڌايو، توهان جي چونڊ ڇا هوندي؟ جواب ڏنو هئائين، ”عورت... ڇو جو اها شراب به آهي ته شباب ۽ ڪتاب به.“ تڏهن واهه قادر واهه، واهه قادر واهه چوندا، کيس داد ڏيڻ لاءِ اسين سندس آفيس ۾ گهڙي پيا هئاسين. تڏهن يڪدم اپديشڪ بڻجي چوڻ لڳو، ”هئه ٻالڪو!! صنف نازڪ جو عاشق اصل ئي نه ٿجي، هميشه هن جو معشوق ئي ٿجي.“ ڀانئيان ٿو، قادر سچو هو، جو ان وقت عينڪ جي سونهري ڪمانين واري هڪ نازڪ نفيس ۽ نو خيز ڪهاڻيڪاره هن جي آڏو عاشق بڻجيو ويٺي هئي ۽ ”پولار“ ۾ آرٽسٽڪ انداز سان ڏسي رهي هئي، تڏهن اسان ٻنهي وري ان خاتون منجهان اکيون ئي نٿي ڪڍيون. افسوس، طارق عالم هن پياري اپديشڪ قادر جي قول تي عمل نه ڪيو ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي صحافت واري شعبي ۾ مون سان گڏ پڙهندڙ هڪڙي ”مِس“ جي عشق ۾ وڻ ويڙهيءَ جيان ويڙهجي ويو ۽ نيٺ ناڪام ٿي ڊپريشن ۾ گُڙدا وڃائڻ واري پروسيس ۾ اچي ويو. هي اهو وقت هو، جڏهن پي ٽي ويءَ تان اردو سنڌي ڊرامن ۾ قادر ۽ ادي نور الهديٰ شاهه جو نالو شهرتن جي آسمان تي پئي اڏاڻو، تڏهن هنن ٻنهي جي سربراهيءَ ۾ اسان وفد ٺاهيو ۽ وقت جي وزيراعظم، محمد خان جوڻيجي وٽ، طارق جي علاج لاءِ اپيل کڻي حاضر ٿي وياسين. حُسن اتفاق، وزيراعظم جوڻيجي صاحب، پنهنجي ذات ڀائيءَ قادر کي سڃاتو ۽ ڪم ٿي ويو. طارق جي ئي لفظن ۾، ”ٺڪا تي ٺو“ (بعد ۾ قادر به ته اهي لفظ تڪيه ڪلام طور پيو اڪثر استعمال ڪندو هو) تڏهن اهو به ڪيڏو نه سٺو ٿيو، جو پنهنجي ناڪام عشق جي ڪٿا کي ڪيٿارسس طور طارق ناولٽ ”رهجي ويل منظر“ ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو. پنهنجي زماني جي هن روميو جوليئٽ قصي جو مسودو کڻي هاڻي قادر جي خدمت ۾ حاضر ٿياسين. چيائين، هاڻي وڃو، سڀاڻي اچجو. ٻئي ڏينهن وياسين ته زبردست اپلاز ڏيندي چوڻ لڳو، شيخ اياز جي نثر بعد، تنهنجي هن ناول جي نثر، آرٽ ۽ ڪرافٽ مون تي جادو ڪري ڇڏيو آهي. طارق جو ناول شايع ٿيو ته ان جي پڌرائي وقت، قادر زبردست تقرير ڪئي. ياد آيم هي نوي جي ڏهاڪي وارو اهو ئي وقت هو، جڏهن ڪتابن جي مهورتن ۽ ادبي ڪانفرنسن ۾ قادر جي تقرير هڪ خاص شيءَ شمار ٿيندي هئي. ڀانئيان ٿو خيرپور ۾ هيءَ ڪهاڻي ڪانفرنس، هي اتي هن ٿري ناٽ ٿريءَ جي گولي جهڙو بيان جاري ڪيو. چيو هئائين، ”نسيم کرل کي گولي ڇا لڳي، ڄڻ سنڌي ڪهاڻيءَ کي گولي لڳي وئي“. سندس ان بم حملي تي پويان ڪيڏي ۽ ڪيتري وٺ وٺان ٿي، اها گهڻن ئي رسالن، اخبارن ۾ ڇپي پئي اٿوَ، ان ڪري هتي ورجاءُ کان پاسو ٿو ڪريان. ”قادر، توهان ٿورو ڌڏِڪو ڏيئي ڇو ٿا هلو؟ ساڄي ٽَنگ ۾ توهان جي اهو ڇا آهي؟“ طارق پُڇيس ته ٺهه پهه وراڻيائين، ”اڙي يار، ان کي منهنجو مينو فيڪچرنگ فالٽ سمجهه.“ ڪيترا سال اڳ هن کي اوچتو ڪو نيورو پرابلم ٿيو، يا شايد فالج جو اسٽروڪ، آڌيءَ رات جو طارق عالم ئي اهڙو دوست، جيڪو پهرئين وٽس پهتو. ٻئي ڏينهن طارق، آئون ۽ احمد سولنگي سندس عيادت لاءِ پهتاسين. ڇا ٻُڌون، قادر خبرون ئي نيون ويٺو ڪري... اڙي يار....اسٽروڪ نه پر هڻ کڻ بلا هئي، ڌڪ هڻي ائين وٺي اڏاڻي، جيئن ٿر اندر واچوڙي ۾ اُٺ اُڏامي ويندا آهن. پوءِ ٻُڌائڻ لڳو، اهو GBS وائرس جو حملو هو، يار.. ڀڃي ويو مونکي. علالت جي اهڙن ئي ڏينهن ۾ هن اسحاق سميجي واري خوبصورت رسالي ”سارنگا“ لاءِ يادگيريون به ته لکيون ويٺي. جنهن مان هڪ بيحد دلچسپ ۽ عجب جهڙو قصو ٻُڌائڻ لڳو. چئه، ”جنهاڻ جوڻيجه ڳوٺ ۾ ۽ خاص اسان جي راڄ ۾ ڪو ٻار ڄائو ته خوشيءَ ۾ نانگ مانيءَ جي رسم صدين کان جاري آهي. انهيءَ ۾ ٿيندو هيئن آهي ته ٻاجهريءَ جي اٽي ۾ ڳڙ ۽ ڦوٽا وجهي روٽ تيار ڪبو آهي، پوءِ اهو گهر گهر وڃي ورهائبو آهي. اها رسم اسان وٽ پَڙ تڙ ڏاڏن کان جو هلي آهي ته هي نصير قادر پُٽ ڄائو بيشڪ ته ڄامشوري ۾ پر نانگ ماني ان جي به جنهاڻ جوڻيجه ۾ ڪئي وئي. قادر جي هڪ مشهور ڊرامي ”جانچ“ ۾ جمعدار ۽ صوبيدار جا تڪيه ڪلام ڏاڍا دلچسپ هئا، مشهور به ٿيا هئا. ننڍو منشي وٽ سٽ کائي صوبيدار صاحب کان پُڇي ٿو، ”ڪٿي رکانس!؟“ تنهن تي صوبيدار صاحب اک ڀڃي چالاڪيءَ سان چويس ٿو، ”اتي رکينس...“ ائين جڏهن جڏهن به قادر ڪا مزيدار يا ڇرڪائيندڙ ڳالهه ڪندو هو، ته طارق ساڻس تاڙو ملائيندي يڪدم چوندس هو، ”اتي رکينس“. الائي اها ڪائين اپريل هئي پر سال ۲۰۱۹ع هو. نياز پنهور سان گڏجي سنڌ يونيورسٽي هائوسنگ سوسائٽي ۾ ان ڏينهن فيملي انٽرويو لاءِ وٽس وياسين ته پنهنجي شريڪ حيات ڀاڄائي نجمه جي ڀرسان ٿڪاڻو ٽٽاڻو جيڪو ان وقت عبدالقادر جوڻيجو مون ڏٺو، اهو بلڪل هن جي شاهڪار افساني ”ويندڙ وهي لهندڙ سج“ وارو اڇن وارن سان پوڙهو سومار هاري مونکي معلوم ٿي رهيو هو ته بس قادر سان اها ئي منهنجي آخري ملاقات هئي. اٿڻ وقت ڦِڪي مُرڪ مُرڪي موڪلائڻ وقت چوڻ لڳو، ”دل ڪڏهن وات، ته ڪڏهن اوطاق، ڪڏهن گهر، ته ڪڏهن قبر“ ۽ الاس! هي ۳۰هين مارچ ۲۰۲۰ع تي اسان جو يار قادر جتان جي مٽي هو، اتي جي ئي مٽيءَ ۾ وڃي آسوده خاڪ ٿيو. ياد اٿم قادر کي بهار جي موسم ڪيڏي نه وڻندي هئي ۽ ان ئي موسم ۾ هاڻي سندس گهر جي ڳولا ۾ ڀاڄائي نجمه ۽ نصير قادر کي پُرسو ڏيڻ لاءِ اوڏانهن آئون ويس پئي ته، قادر جي ۽ پنهنجي پسند جي هن اداس گيت جا ٻول، منهنجي چپن تي تري آيا هئا: هماري بعد، اب محفل مين، افساني بيان هون گي، بهارين هم ڪو ڍونڍين گي، نه جاني هم ڪهان هون گي. عبدالقادر جوڻيجو سنڌي ڪھاڻي سوڳ ۾ معوم ٿري سنڌ جو هڪ سدا مست قلمڪار عبدالقادر جوڻيجو ڄامشوري جي شامن کي سوڳوار ڪري “سو ديس مسافر منهنجو ڙي” جي ڪردارن کي هاڪڙي جي سڪل پيٽ ۾ ڇڏي ڇورو ڪري ۽ سنڌي ڪهاڻي کي “هورو” ڏيئي هن دنيا کان هليو ويو، شايد سنڌي ڪهاڻي هن لاءِ صدين تائين سوڳ ۾ رهي جيئن ريٻاري دودي سومري لاءِ رهيا. ان ڳالهه کان انڪار ناهي ته هن کي سندس اردو ڊرامن ۽ انگريزي لکڻين شهرت جي بلندين تي پهچايو، پر سنڌي ڪهاڻي کي بلندين تائين پهچائڻ ۾ قادر جي ڪهاڻين جو ڪمال شامل آهي. منهنجي قادر سان ڏيٺ ويٺ ۱۹۷۹ع کان ٿي، ان کان اڳ سندس ڇپيل سموريون ڪهاڻيون مون پڙهي ڇڏيون هيون. انهن ڏينهن کان هو ناول “سو ديس مسافر منهنجو ڙي” جو ذڪر ضرور ڪندو هو ته لکي رهيو آهيان ۽ هر ڀيري هڪ نئين ڪردار جو ذڪر ڪندو هو، اهي ڪچهريون ڪلاڪن تائين هلنديون هيون پر اڳتي هلي ڊرامن جي “مارڪيٽ” ۽ ڪالمن جي ڪاروباري دنيا هن کي سنڌي جو اهو شاهڪار ناول ٽن ڏهاڪن ۾ به لکي پورو ڪرڻ جو موقعو نه ڏنو. پر ناول جي ڪردارن کي کٽائيندي هن انگريزيءَ ۾ ناول The Dead River لکي ناولن جي دنيا ۾ پنهنجي هڪ ڇاپ ته ڇڏي پر سنڌي ادب “سوديس مسافر منهنجو ڙي” جهڙي ناول کان وانجهو رهجي ويو، جيڪو ناول قادر جي آتم ڪٿا جي اڃ به لاهي ڇڏي ها. ان ناول جي ڪردارن تي مون سان ڪيئي ڀيرا ويچار به ونڊيا هيائين. انهي ناول جا مختلف ٽڪرا ڇڙوڇڙ ڪالمن ۾ مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ پڙهيا هئم. ماهوار سهڻي جي ۱۹۸۹ع واري هڪ شماري ۾ پنهنجي ڪالم ۾ قادر ان ناول جو ٽڪرو ڏيڻ کان اڳ لکيو هو ته ناول “سوديس مسافر منهنجو ڙي” گذريل اٺن سالن کان رکي رکي لکان پيو، هينئر اهو ناول چوٿون ڀيرو وري لکجي رهيو آهي. هن ناول جو ڪئنواس وڏو آهي، انهي ڪري هر ڀيري ڪيئي نيون ڳالهيون سجهي اچن ٿيون”سو ڳالهه پئي ڪئيسين ته انهي ناول جي اساٽ The Dead Tiver لاهي نه سگهيو آهي، مون کي انهي سنڌي ناول جي نه لکجڻ ۽ نه ڇپجڻ جو ايترو ئي صدمو رسيو آهي، جيترو قادر جي وڇوڙي وڍ ڏنو آهي. قادر اسي واري ڏهاڪي ۾ ڪهاڻين کانسواءِ مختلف شخصيتن تي خاڪا به لکيا. اديبن ۽ دوستن تي لکيل خاڪن جو مجموعو “شڪليون” به ڏاڍو ساراهيو ويو، اڳتي هلي قادر ان ۾ ٽن خاڪن جو اضافو ڪري رامجي ڪولهي، رمضان جوڻيجو ۽ ڪيسري ڀيلڻ کي ويهين صدي جون عظيم شخصيتون قرار ڏنو هو، انهن خاڪن جي آخر ۾ لکيو هيائين ته “رهيو ڊسٽارٽ ٿي ويل سائنسدان کاٽائومل، انهي جو ذڪر ڪڏهن ٻي ڀيري ڪبو.” ان تي خاڪو نه لڳي سگهيو پر “سو ديس مسافر منهنجو ڙي” ۾ ان ڪردار تي قلم کنيو هيائين. قادر رڳو پنهنجي لکڻين جي ڪردارن ۾ جان ڪو نه وجهندو هو، پر اهڙن ڪردارن جي حقيقي زندگي ۾ کين سون بنائڻ لاءِ پارس بڻجڻ جا جتن به ڪندو هو، کاٽائو به هڪ اهڙو ئي ڪردار هو، هو هڪ هاري جو پورهيت پٽ هو، جيڪو وسڪاري جا ڏينهن ٿر ۾ مال چاريندي گذاريندو هو ۽ ڪڻڪ جي لاباري واري ڏينهن ۾ پنهنجي ڪٽنب سان بئراج جي ايراضي ڏانهن لڙي ايندو هو. هڪڙو اهڙو نڀاڳو سال آيو جو ڪڻڪ جو لابارو ڪندي کاٽائو جي سدا ملوڪ ڀينرن کي ظالم هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويو، اهي ڪونجن جيان ڪڻڪنديون ولر کان وڇڙي ويون، سندن بي پهچ ڀاءُ گهڻو ئي دانهيو ۽ ڪوڪيو پر ڪنهن هڪ به نه ٻڌي ۽ دنيا جي نظرن ۾ هو پاڳل ٿي ويو. انهن ڏينهن ۾ قادر فضل ڀنڀري ۾ پرائمري ماستر هو، هن کي ان روئداد جي ڪا خبر ڪا نه هئي، پر هو جڏهن شام جو ڳوٺ ڏانهن موٽندو هو ته گس تي کيس هڪ سنسان جڳهه تي مٽي ۾ ڀڀوت بڻيل هڪ نوجوان هتان هتان ميڙيل ڪاغذ جي ٽڪرن جا ڍڳ ٺاهي، انهن ڍڳن سان ڳالهائيندي نظر ايندو هوگس تان ايندڙ ويندڙ ماڻهن تي هن جي اک به ڇنڀندي هئي. قادر گهڻائي پرپڻ ڪيا ته ڪهڙي ريت اهو نوجوان ريجهي پوي ان خيال سان قادر روزانو انهي نوجوان وٽ لنگهي وڃي ڪجهه گهڙيون بيهڪ ڏيندو هو، پر هن کي پاڻ ڏانهن متوجهه نه ڪري سگهيو. پر قادر جي ڪهاڻيڪار اک انهي الستي نوجوان ۾ ڪجهه ڳولڻ لاءِ آتي هئي، نيٺ ان نوجوان جي ڪاغذن ۾ دلچسپي واري ڳجهارت کي واءُ هڻڻ لاءِ قادر ان اڳيان روزانو اها اخبار رکڻ شروع ڪئي، جيڪا هو فضل ڀنڀري مان خريدي پڙهي ايندو هو. قادر جي چال ڪم ڏيکاريو، اکين اٿل کاڌي ۽ روزانو اخبار جو انتظار ڪرڻ لڳيون. اهڙي ريت آخر اکيون اکين سان مليون ۽ قادر ان پاڳل نوجوان کي ريجهائڻ ۾ ڪامياب ويو اهو نوجوان اهو ساڳيو کاٽائو هو. ڳالهه کي اتي ڳنڍ ڪا نه ٿي اچي، قادر هڪ ڏينهن کاٽائو کي اتان اٿاري ڳوٺ وٺي آيو. وهنجاري سهنجاري پنهنجو ڪپڙن جو جوڙو پارائي پنهنجي اوطاق تي هنڌ بسترو ڪري ڏنائين ايئن ڏينهن هفتا مهينا گذري ويا، کاٽائو پڙهيل پٽي به ڪو نه هو، تنهن کي الف ب پڙهائيندي پڙهائيندي ڪتابن جو ڍڳ پڙهائي وڌائين، جنهن سان هو رچي ريٽو ٿي ويو، آخر نوڪري جي ڪري قادر کان ڳوٺ ڇڏائجي ويو ته کاٽائو به اتان نڪري ڪڏهن ڪٿي ڪڏهن ڪٿي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ بڪ اسٽالن تي نوڪري واري ڪرت سان لڳي ويو. جنهن سان هن ڪتابن جي پڙهڻ واري ٻاڙ به پوري ٿيڻ لڳي ته کيس کوٽ به گهٽجڻ لڳي. ۱۹۸۰ع جي آخر ۾ قادر جي خواهش تي هن کي مون ٺٽي جي هڪ بڪ اسٽال تان ڳولي هٿ ڪيو ۽ جهڏو وٺي آيس جتي سگا پاران قادر سان ادبي شام ملهائڻ جو پروگرام رٿيل هو، ان ۾ کاٽائو قادر جي فن ۽ شخصيت ڇا ته قهر جو ڳالهايو هو، افسوس اهو مواد به محفوظ نه ٿي سگهيو. قادر “سو ديس مسافر منهنجو ڙي” ناول ۾ کاٽائو جي ڪردارکي دراوڙ سڏيندو هو. قادر جي وڇڙي وڃڻ کانپوءِ کاٽائو سميت هاڪڙي جي سڪل پيٽ جي آس پاس جنم وٺندڙ اهڙن ڪلاسيڪل ڪردارن تي قلم کڻڻ وارو ڪير به ڪونهي، جن ڪردارن کي هن “سو ديس مسافر منهنجوڙي” ۾ سمائڻ ٿي چاهيو، جيڪي The Dead River ۾ سمائجي نه سگهيا آهن، اهڙا ڪردار قادر جي وڇوڙي سان گڏ سرسوتي ندي جيان گمشده ٿي ويا. قادر جو جنم به انهن پٽن ۾ ٿيو، جتي هن ننڍپڻ ۽ جوڀن جا ڏينهن گهاريا هئا، پر نوڪري ۽ وني (ڀاڀي نجمه) جي ڪري جواني ۾ ئي هن کي ڄامشوري جا وڻ وسائڻا پيا هو جنهاڻ جون ڄاريون ۽ ماريون اتي ئي ڇڏي آيو، پر پاڻ سان گڏ اتان جي ڪيترن ڪردارن جي قصن ۽ ڪهاڻين جون ڄڻ هڙون ٻڌي کڻي آيو هو، ان جي ونڊ ورڇ پنهنجي تحريرن ذريعي ڪندو رهيو. هو پنهنجا مارو ۽ اباڻا ڪک ڪڏهن وساري نه سگهيو، جڏهن به اهڙو ذڪر نڪرندو هو ته هو ميلان ڪنڊيرا جا پئرس ۾ صحافين آڏو اهي لفظ سنڌي ۾ هن ريت ورجائيندو هو ته؛ “مونکي منهنجو ملڪ ٿو ياد اچي، مونکي منهنجا مارو ٿا ياد اچن، مونکي منهنجا ڌڻ ياد ٿا اچن، زندگي ڪنهن ٻي هنڌ آهي.” اهو ئي ڪارڻ هو جو هو وصيت ڪري ويو ته مرڻ کانپوءِ مون کي منهنجي ماڳ واري مقام ۾ ڌرتي داخل ڪجو، اڄ هو انهن ڄارين جي اوٽ ۾ مٽي ماءُ سان وڃي مليو آهي. عبدالقادر جوڻيجو سب ڪڇ سيکا هم ني، نه سيکي هوشياري منظور ملاح تاريخ جي ستم ظريفي ته ڏسو اڄ مون کي سندس ئي لفظ دهرائڻا ٿا پون. هن کلندي اهي لفظ لکيا ۽ آئون ڳريءَ دل سان انهن کي دهرايان پيو. جڏهن مون پنهنجو شروعاتي ڪهاڻين جو ڪتاب ۲۰۰۶ ۾ لکيو ته مهاڳ لکڻ لاء کيس بنا پڇڻ جي موڪلي ڏنم ۽ ڪجه ڏينهن کان پوءِ هڪڙو ميسيج رڳو ڪيم. مهينو، ٻه ماٺ ئي ماٺ. نيٺ جڏهن سنڌالاجيءَ مان ٽپڙ ٻڌي سنڌي لينگويج اٿارٽي ڏانهن لڏو کڻڻ جي تياريءَ ۾ هئو ته مون کي به فون ڪري گهرايائين. ڪلاڪ ٻه اڳ وانگر ادبي ڪچهريءَ کان پوءِ مون کي هٿ ۾ لفافي ۾ ڪجه لکيل پنا ڏنائين. باقي ٻڙڪ به ڪو نه ڪڇيو. سانگهڙ واپسيءَ تي مون جڏهن پهريون صفحو کوليو ته سندس لفظ ئي سندس دير سان لکڻ جو جواز ڏئي ويٺا ته؛ آئون سورنهن ڪاهون ڪرڻ کان پوءِ سترهين ڪاه ۾ وڃي ڪجه لکڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهيان ته ڪنهن ويجهي گهر ڀاتيءَ تي لکجي ته ڇا لکجي.“ عبدالقادر جوڻيجو مهراڻي جي ڳوٺ جنهاڻ تعلقي مٺي ۾ پيدا ٿيو. پاڻ واري سانگهڙ کان اتر اوڀر طرف اڇڙي ٿر جي ڀڪ مان وهندڙ ناري واه واري علائقي کي به مهراڻو چون ۽ گهوٽڪي واري پاسي به ساڳئي نالي سان پڪارين. انهي مهراڻي واري علائقي جا جهونا ماڻهو اڄ به واري جي دڙن، نم جي گهاٽي ڇانو هيٺيان يا باه جي مچ جي چوڌاري ويهي جڏهن قصو يا ڳاله کڻندا آهن ته ٻڌندڙ پنڊ پهڻ بڻجي سنهي ڪاٺي سان رڳو زمين تي ليڪا پيا ڪڍندا آهن. ڳاله ڀلي ڪيتري ننڍڙي ڇو نه هجي پر روايتن جا امين اهي قصاگو ان کي ٻولي جي تڙڪي، لهجي جي چاشني، آواز جي جادو سان ايڏو ته دلچسپ نموني سان بيان ڪندا آهن جو باقي ڪم وڃي ڪاٺ ۾ پون. انهن ۾ گهڻائي ڌنارن، هارين، مزدورن، ڪاٺيون ڪندڙن ۽ گڏه ۽ گهوڙن تي گهور ڪندڙن جي هوندي آهي .جنهاڻ جا جوڻيجا ڪچهرين جا شوقين، ڳالهين جا ڳهير، ڏاڍا مڙس چور ۽ پاٿاريدار، ڳاڙي گندي جا شوقين آهن.چڪ چار جا ڀيل زميندار ۽ هاڙا چور آهن. ڀر ۾ ٿڌڙي جي موقعي تي سنهڙي چيله ۾ ٽوال ٻڌي ڏانڍيو راند ڪندڙ ڪولهي، گلي گلي ، نگر نگر سدائون هڻندڙ جوڳي آهن. اهي سڀ پاڻ ۾ گڏجي کانڀ ٻڌي ويهندا آهن ته ڪهاڻيون ۽ قصن جون نديون وهي پونديون آهن. عبدالقادر جوڻيجي جا اهڙا ئي پڳ مٽ يار منو ڀيل، ولي محمد ٽنگڙي، درو ٽنگڙي، کاٽائو ميگهواڙ، رمضان جوڻيجو، عمر جوڻيجو، خانو جوڻيجو، ڦوٽو جوڳي، قيصري ڀيلڻ، ڏيوجي ڪولهي هئا. سندس ڊرامي راڻي جي ڪهاڻي عرف ديوارين کان وٺي سندس ناول The Dead River اهڙن ئي ڪردارن سان سٿيا پيا آهن.هن پنهنجي نوڪري جي شروعات ديه ۱۴۳ دنبالو جي پرائمري اسڪول ۾ پرائمري ماستر طور شروع ڪئي. اتان کان پوء صوفي آباد، ڪمال خان پتافي، خان صاحب پلي، سندس ڳوٺ جنهاڻ ۾ پروموشن ٿيڻ کان پوء فضل ڀنڀري جي مڊل اسڪول تائين دنگ ڪيو، جتان کان شيخ اياز کيس سنڌ يونيورسٽئ وٺي آيو. هي جيڪا جادوئي حقيقت نگاري جي ڳاله ڪري ٿڪجون نٿا، سا ڀاڳو ڀان کان وٺي انهن جهونن تائين سندس لفظن مان پسندي. هن ڊجيٽل ٽيڪنالوجي جي دور ۾ اڄ به چند اهڙا ڪرادار زنده آهن، جن جو ان ڊجيٽل ٽيڪنالوجي سان ليکو نڪو لهڻو. عبدالقادر جوڻيجو انهن ئي روايتن جي نمائندگي ڪندڙ اديب هيو. هونئن به دنيا جي وڏا اديب انهن ئي روايتن جا اسير رهيا آهن. باقي توهان کڻي ٻين نالي چڙهيلن جي ڳاله ڇڏيو پر اموس اوز کان وٺي ڊيوڊ گراس مين جون لکڻيون ته پڙهو. هونهن به تخليقيت ڳاله ڪرڻ جي انداز ٻولي ٻڌندڙ جي جمالياتي حس کي ڇهڻ ۽ ان جو اثر سالن تائين هجڻ ئي ته آهي. ان ڳاله جي پس منظر ۾ واري ۽ پاڻي جي پيدائش هن ليکڪ جي ڳالهين ۾ واري جهڙي ڪڙڪائي ۽ پاڻي جي وهڪري جهڙو Flow نظر ايندو. جڏهن ڪجه نالي چڙهيل چورن ليکڪن مٿس اها تنقيد ڪئي ته هو مهراڻي جو لهجو چوري ڪري ڊز ٿو هڻي ته هن کي اهو چوڻو پيوته سندس ٻولي ۽ لهجو سانگهڙ ۽ ٿرپاڪر وارن مهراڻن جو امتزاج آهي. هن جا تخليقي مضمون رڳو هن هن کان پڇا جو مجموعو نه هئا پر هو ته پڇا کان ٿيندو لاڳاپيل موضوع جي مستند ڪتابن ۾ منهن هڻندو، پنهنجي ڪامن سينس کي استعمال ڪندي پوءِ لکندو هو. مهراڻي جي مٽي جو ٺهيل هجڻ جي ڪري بي ڌڙڪ کلي ڳالهائڻ جي عادت، ٻانهن ۽ گلي جو مٿيون بٽڻ کليل، بيڊ تي ڪتابن جي گهيري ۾ ويهي ڀلي ڪار چوڻ، فيس ايڪسپريشن هٿن جي اشارن ۽ زبان جي ڳاله ذريعي کليون ڪهچريون ڪرڻ اهي سڀ سندس عادت عضوء هئا . شايد هن مونکي مارٽن ايمس جو قول ئي ٻڌايو هو ته جتي به کليل دروازو ڏسو هليا وڃو، ڇا ڪاڻ ته بند دروازي جي پويان سازش ٿيندي آهي يا عشق. ان جو مطلب اهو ته علم جا ڪئين گس گهيڙ ٿيندا آهن، تنهن ڪري جنهن به رستي تي اوهان کي وجه ملي وڃي ته ان مان ڪجه نه ڪجه پرايو ضرور. جڏهن سنڌي لينگويج اٿارٽي جو چئيرمين ٿيو ته نئين بورڊ آف گورنر جا نالا وزير اعلي جي منظوري لاء ڪلچر کاتي جي معرفت موڪليائين. انهن نالن ۾ سنيئر اديبن کان علاوه تڏهوڪي وڏي وزير ارباب غلام رحيم جي چوڻ تي ارباب نيڪ محمد ۽ اشرف سمي جا نالا شامل ڪيائين ۽ پنهنجي پاران منهنجو نالو موڪلايائين پر تڌهوڪي سيڪٽري ڪلچر مهتاب اڪبر راشدي ڏاڍن جي ماڻهن کي هٿ ڪون لاتو پر منهنجي نالي کي لڪير ڏئي ڇڏين. عبدلقادر جوڻيجي جو ننڍپڻ جو وڏو حصو سانگهڙ، نواب شاه، ٺارو شاه وغيره جي ٿاڻن تي گذريو، جتي سندس والد مريد حسين ايس ايڇ او ٿي رهيو. ان عرصي دؤران سندس گهڻي تڻي تربيت سندس ماسي ڪئي، جنهن جو ذڪر هن مختلف انٽرويوئن ۾ ڪيو. هن جو اهو چاه پنهنجي ماسي سان مرڻ گهڙي تائين قائم رهيو. کيس سڀ کان گهڻو ڏک پنهنجي وڏي ڀاء محمد قائم جي وڇوڙي تي ٿيو. هو جڏهن پنهنجي ڳوٺ ايندو هو ته پنهنجي وڏي ڀاء جي قبر تي وڃڻ جي همٿ ساري نه سگهندو هو پر هو هميشه سندس دل ۽ زبان تي رهيو. هو وچين ۽ ڏسڻي آڱرين جي وچ ۾، سگريٽ رکي وڏا گهرا ڪش هڻندو جبلن تان وهندڙ پاڻيءَ وانگر ڳالهيون ڪندو ويندو هئو. هو مون کي ڪنهن يوناني ڏند ڪٿا جو شهزادو ٿي لڳو، جيڪو خوبصورت به هئو ۽ شريف النفس انسان ته انتهائي گهڻيون پڙهيو لکيو به. ٽرڙائيپ جهيڙي شيءِ ته هن جي خمير ۾ شامل ڪو نه هئي. گهران آفيس پنڌ نڪرندو هئو ته باقي دنيا کان بي پرواه تکو تکو ڪنڌ هيٺ ڪيو وکون کڻندو ويندو هئو. جڏهن ته گاڏي ۾ هوندو هئو ته ڪنور ڀگت، مائي ڀاڳي کان ويندي حيدر رند تائين وڏي آواز ۾ راڳ ٻڌندو هئو، اتي رات جو طلعت مسعود جي درديلن گانن دؤران اکين مان لڙڪن جي صورت ۾ يادگيريون هاريندو هئو. ساڻس گڏ آغا رفيق ۽ سليم ديس والي به وارو وڄائيندا هيا. وري پڪي راڳ کان وٺي جديد موسيقي سان به کيچل ڪندو هو. مون کيس ڪڏهن مايوس نه ڏٺو. ٽيهارو سالن کان دوائن جي حوالي پر جيڏي مهل پڇ ڏک نه درد جا قصا پر چپن تي مسڪراهٽ ۽ ٽاٽائيءَ جون ڳالهيون هونديون هيس. اهي ڪچهريون گهر، سنڌالاجي، سنڌي لينگويچ اٿارٽي کان وٺي جنهاڻ تائين جاري رهيون. مون کي هڪڙو دفعو چيائين ته؛ ”يار! منهنجي خواهش آهي ته جڏهن هيڻائي ۾ وڃان ته مون کي ڪير نه ڏسي، متان ڪو منهنجي حالتن تي رحم کائي، آئون ڪنهن به حڪومتي اداري يا شخص کان ڪابه مالي مدد نٿو گهرڻ چاهيان. انهن پئسن جا حقدار مون کان گهڻا ويٺا آهن، ان ڪري اپيل ٽپيل به ڪنهن کي نه ڪبي.“ آخري ڏينهن ۾ جڏهن بستري جي حوالي ٿيو ته دوستن سان ملڻ کان انڪار ڪندو رهيو، صرف مخدوم جميل الزمان کي هن تائين پهچ حاصل ٿي. پر سندس ويجها عزيز روبرو يا فون تي رابطي ۾ رهيا ۽ مون کي به اهڙو شرف حاصل ٿيو. رات جو جڏهن سندس گهر ڪچهريءَ تي ويهندا هئا سين ته ٻارنهن، هڪ ٿي ويندو هئو، نيٺ سندس گهر واري چوندي هيس ته هاڻي هن مسڪين کي ته ساهي ڏي، ماني ته کائي، اوٻاسين جا ٺڪاءَ پيا پونس. هن جتي شهزادن واري زندگي گذاري، اتي کيس آخر ۾ ڪجه دوستن سان شڪايتون به هيون پر ڪڏهن ڪنهن کي ميار ڪو نه ڏنائين. سندس اڪيلي پٽ نصير جي شاديءَ ۾ جڏهن سندس تمام ويجهو دوست ۽ سنڌيءَ جو مشهور اديب نه آيو ته کيس ڏاڍو ڏک ٿيو. اکين ۾ لڙڪ تري آيس. هو مون کي چوندو هئو ته شيخ اياز معصوم هئو، کيس ٻين کڻي خوار ڪيو. پر مون سندس معصوميت، ڪئين دفعا ڏٺي آهي. عبدالقادر جوڻيجي تي ڪئين اديبن ناجائز کائڻ پيئڻ جا الزام هنيا. پر مون کي ذاتي خبر آهي ته هن جيڪو گهر ٺهرايو سو به هائوس بلڊنگ فناس ڪارپوريشن مان قرض کڻي ٺهرايو. هن ته اولاد جي نوڪريءَ لاء به ڪنهن کي منٿ ميڙ نه ڪئي، نه ته ڄام صادق علي ۽ ارباب غلام رحيم هن کي جواب ڏين ها ڇا! هڪ دفعي مون کي ٻڌايائين ته؛ ”ٻه ٽي ڏينهن اڳ ۾ آئون سي ايم هاوس ويو هيس، ارباب رحيم اتي ويٺل دوستن سان منهنجو تعارف ڪرايو ته هيءُ منهنجو استاد عبدالقادر جوڻيجو آهي، جنهن تي اسان سڀني ٿرين کي فخر آهي. مون کيس چئيرمين سنڌي لينگويج اٿارٽي ميرٽ تي مقرر ڪيو آهي.“ سياست ۾ هو ذوالفقار علي ڀٽي ۽ بينظير ڀٽي جو مداح رهيو. مون کي شايد ٻين کان وڌيڪ خبر هجي ته سندس گهرجي مالي حالت ڇا هئي.! هن جي پگهار ۽ ڊرامن جو پورهيو ته رڳو سندس ڪتابن، پرفيوم، ڪپڙن، جوتن ۽ سگريٽن ۾ پورو هئو. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو هو ته جي مهينو ٻه لنگهي ويا ۽ آئون نه ويس ته ميسجن ذريعي ادب ۽ تاريخ تي رات جو ۸ بجي کان وٺي ايس ايم ايس شروع ٿيندا هئا ته وڃي ٻارنهن ٿيندا هئا. انهن مان ڪجھ ايس ايم ايس ته ڊليٽ ٿي ويا پر ڪجھ ڊائري ۾ اتاري محفوظ ڪيا اٿم. هن ٻڌايو ته جڏهن خاڪن تي مشتمل ڪتاب شڪليون لکيو ته شيخ اياز جا ڪن وٺي ڇاڙتن ڀريا، حالانڪ منهنجو خيال هئو ته شيخ اياز ان کان گهڻو ٿو لهڻي، تنهن ڪري الڳ ڪتاب ’ٻه ڏاڙهيون، ٻه سينڌيون‘ لکڻ جو ارادو هيم، جن ۾ ٽي ٻيا خان صاحب پلي، روحي بانو ۽ شيرين پاشا شامل هجن. پوءِ انهن ڇاڙتن کيس يونيورسٽيءَ مان ٽپڙ ٻڌڻ جو چيو ويو. تيستائين شيخ اياز پاڻ بدلي ٿي ويو ۽ نئين وي سي ابڙي صاحب اچڻ سان سندس پروموشن ڪيو. سنڌالاجي ۾ هجڻ دؤران جڏهن غلام علي الانا سنڌالاجي جو ڊائريڪٽر ۽ سنڌ يونيورسٽي جو وي سي ٿيو ته وري ڏکيا ڏينهن شروع ٿيس. چڱا ڀلا دوست به سڻڀ جي پاسي ٿي بيٺا. پاڻ تڏهوڪي وفاقي وزير ۽ دوست حنيف خان سان مليو، جنهن تڏهوڪي سرحد جي وڏي وزير آفتاب شير پاؤ سان ملايس. جتي هو ڪجه ڏينهن ترسيو. نيٺ تڏهوڪي گورنر ڪمال اظفر کي چئي هن تان مصيبت هٽي. هڪ دفعي سنڌالاجي ۾ ٿيل مچ ڪچهري ۾ مون سنڌ جي تمام وڏي محقق کي ساڻس چوندي ٻڌو ته؛ ”قادر صاحب! توهان مون سان گڏ هلي ڪرسيءَ تي ويهو، ڪجھ توهان کان پرايون، پر هن رڳو شڪريو ادا ڪري جواب ڏنس.“ جڏهن آئون سندس ڪهاڻين متعلق پڇندو هيس ته مون کي چوندو هئو ته يار! هاڻي اهي ٻاراڻيون ٿيون لڳن. تڏهن به شايد روشنيءَ واري سندس اهي ڪهاڻيون ڪتابي شڪل ۾ ڇپرائڻ چاهيون ,جنهن جا پروف هو چيڪ نه ڪري سگهيو. کيس سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ نسيم کرل کان پوء جديد سنڌي فڪشن ۾ رحمت الله ماڃوٺي جو ڪتاب کريل گهڙيال، ممتاز بخاريءَ جو ناول ’ڪلاس فور جي محبوبه‘ ۽ ٿري پس منظر ۾ لکيل نصير ڪنڀر جون ڪجه ڪهاڻيون وڻنديون هيس. مون به هيستائين جيڪي ٻه اکر لکيا پڙهيا آهن، اها سندس ئي مهرباني آهي. هو منهنجو هر مضمون، ڪهاڻي ۽ ناول غور سان پڙهندو هئو، ڪجھ تي راءِ ڏيندو هئو، ڪجھ تي چپ رهندو هئو. پر چند اهڙا به هئا جن تي شاباش ڏنائين. هن ڪڏهن به زندگيءَ ۾ منهنجي روبرو منهنجي لکڻين جي تعريف نه ڪئي، پر ٻين مٽن مائٽن سان ذڪر ضرور ڪندو هئو. تازو جڏهن منهنجو ناول ’بختاور مکيءَ جي‘ ڇپيو ته ڪجه مقامي يارن منصوبه بنديءَ تحت فيس بوڪ تي تنقيد ڪرڻ شروع ڪئي. پر مون کي شوڪت شوري کان وٺي منوج ڪمار ۽ آدرش تائين سنڌ مان جيڪي موٽ ملي، شايد آئون لهڻان ڪو نه ٿو. هن پنهنجي بيماريءَ دؤران پهريون دفعو سڌو مون کي فون ڪري چيو ته؛ ”يار! واه جو ناول لکيو اٿئي، رڳو ٿورو ٺيڪ ٿيان ته ان تي ضرور لکندس”. شايد پهريون دفعو هن منهنجي تعريف منهان منهن ڪئي. جڏهن The Dead River ناول لکڻ جو خيال آيس ته مون جهڙي ننڍڙي ليکڪ سان نه صرف ٿيم شيئر ڪيو پر ان تي ڪافي ڏينهن تائين بحث به هليو. هو ڇپجڻ کان اڳ ۾ ان مان ڪجه سٽون ٻئي ٽئين ڏينهن موڪلي مون کان فيڊ بيڪ به وٺندو هئو. وري جڏهن ٻيو ناول Rustics پئي لکيائين ته مون سان وري بحثا بحثي شروع .پنهنجي بيڊ روم ۾ سامهون ويهاري ليپ ٽاپ تان مسودي جا ڪجه صفحا به پڙهايائين. هن جو خيال هئو ته مصر جي نجيب محفوظ جي ٽرائلاجي“ Cairo” وانگر هو به سندي آتم ڪٿا ۽ سنڌ جي لوڪ زندگي ۽ تاريخ تي ٽي ناول لکڻ ٿو چاهي. جنهن ۾ “The Dead River” سندس ننڍپڻ Rustics وچ واري عرصي متعلق ۽ آخري يونيورسٽي ۾ رهڻ دؤران واري زندگي تي لکڻ چاهي ٿو. پر هو ٻه ناول لکي سگهيو، ان مان هڪڙو ڇپيل ٻيو اڻ ڇپيل. هن جو ڳوٺاڻي زندگي وارو وقت ڏاڍو ڏکيو گذريو، ان متعلق سائين ابراهيم جويي ۽ سندس خطن تي مشتمل ڪتاب” خط ٻن اديبن جا “پڙهي جسم ڏڪيو وڃي. هن مون کي نصيحت ڪئي ته جيڪڏهن ڪنهن کان ڀلي ڪيڏي به وڏي غلطي ٿي وڃي پر ان کي احساس ڏيارجان، ڪڏهن به سزا نه ڏجان .ان سلسلي ۾ هن مون کي هڪ واقعو به ٻڌايو ته جڏهن هو ڊگهڙي ڀرسان ڪنهن ڳوٺ ۾ پرائمري ماستر هئو ته ڪيئن نه گهوڙي تي سوار بيٽ آفيسر سندس اسڪول اچي خوامخواه بي عزتي ڪئي. وقت گذرڻ سان گڏ جڏهن هو سنڌالاجيءَ ۾ آيو ۽ بيٽ آفيسر، ڊي اي او ميرپور خاص بڻجي ويو ته کيس کٽئ کنيو، Ph.D ڪرڻ سنڌ يونيورسٽيءَ آيو، جتي غلام علي الانا صاحب ان کي کيس ڏانهن موڪليو. سنڌالاجي آفيس ۾ هن ان ڊي اي او جي ٺاهوڪي دٻ پٽي ۽ پوءِ کيس چانھ بسڪيٽ کارائي اهو واقعو ياد ڏياريو ۽ مشورو ڏنو ته آئندا هوڪڏهن به پنهنجي ما تحت جي ائين بيعزتي نه ڪري. هو سنڌي ادب کان وٺي دنيا جي ادب تي کلي ڳالهائيندوهو ته آئون سندس ڳالهين ۾ ويڙهجي ويندو هيس. هن کي انڊيا جي سنڌي اديبن ۾ لعل پشپ جون لکڻيون ۽ لڇمڻ ڪومل جي آتم ڪٿا “وهي کاتي جا پنا” پسند هيون. سنڌي شاعري ۾ لطيف ۽ اياز کان پوءِ جديد سنڌي شاعري ۾ حسن درس کي وڏو شاعر چوندو هو. هو ڪرڪيٽ کي ننڍپڻ کان پسند ڪندو هو پر ٽينس ۾ سندس محبوب کلاڙي جرمني جي سٽيفي گراف هئي. هو ميلان ڪنڊيرا جي لکڻين کي ان ڪري پسند ڪندو هئو جو هو مختلف موضوعن تي مختلف مهارتن سان لکندو هو. اها ٻي ڳاله آهي ته ڪنڊيرا کي نوبل انعام اڄ تائين ملي نه سگهيو. گاريشيا مارڪيز جو ناول هنڊريڊ ائيرز آف ساليٽيوڊ هن کي وڻندو هئو، باقي ان جون ٻيون لکڻيون کيس ورجائپ لڳنديون هيون. فڪشن ۾ رشين ماسٽرز جي تعريف ڪندي ٿڪندو نه هئو. جڏهن الائيس البينيا جو ڪتاب “امپائرز آف دي انڊس” انگريزي ۾ ڇپيو (سنڌي ۾ اڃا ترجمو نه ٿيو هو) ته هن مون کي چيو ته تحقيق ائين ٿيندي آهي، نه ته ساڳئي موضوع تي اسان جي يارن به لکيو آهي. تازو هن آمريڪي صحافي جان هيريسي جي ڪتاب هيرو شيما جو ترجمو ڪيو پئي، جيڪو شايد بيماري جي ڪري اڌورو رهجي ويو. هن رڳو ۸۰ ۽ ۹۰ ڏهائي واري بين الاقوامي ادب تي ڪون لکيو پڙهيو پر آمريڪي ٿرلر ليکڪ لي چالڊ کان وٺي اسرائيلي ليکڪ ڊيوڊ گراسمين تائين به جديد ادب هئين سان هنڊايو. کيس جيڪو ڪتاب چڱو لڳندو هو ته مون کي پهرين ڌڪ ۾ وٺي پڙهڻ لاء چوندو هو .مون پنهنجي سڄي عمر کيس بيڊ روم ۾ موجود بيڊ تي ڪتابن جي گهيري ۾ ڏٺو، گڏوگڏ ڊنهل سگريٽ جا ڏنڊا، بوسڪي جا شاندار ڪپڙا، امپورٽڊ جوتا ۽ پرفيوم موجود هوندا هئا. پڙهڻ دؤران ان کان ماني کائڻ وسري ويندو هو. پوء جڏهن ڊجيٽل ٽيڪنالوجي جو دور آيو ته سندس بيڊ تي پيل شين ۾ ليپ ٽاپ، ٽيبليٽ، آئي فون جو اضافو ٿيو پر انهن سڀني شين جو پاڻ وٽ رکڻ جو مقصد ساڳيو ئي هيو يعني لکڻ پڙهڻ. صبح جي پهر۽ رات جي وقت ڪجھ ڪلاڪ موسيقي کي به ڏيندو هو، جنهن ۾ سنڌي لوڪ موسيقي کان وٺي ڪلاسيڪل، نيم ڪلاسيڪل، پاپ، جاز، هپ هاپ تائين ٻڌنڌو هو. ٻي ٽين ڏينهن دنيا جون آرٽ فلمون به سندس نظر جي سامهون هونديون هيون. چين جي دؤري دؤران ان جي ملاقات اٽلي جي مايا ناز ليکڪه اوريانا فلاسي سان ٿي ۽ شايد اسڪاٽ لينڊ جي دؤري دؤران هو “دي ٽن ڊرم” ناول جي خالق، نوبل لاريٽ جرمن ليکڪ گينٿر گراس سان مليو. هن کي اسان جي اديبن جي سطح پڻي، ٽرڙاپٽ ۽ اجائي ڌڪن کان بڇان لڳندي هئي. جڏهن لاهور يونيورسٽي آف منجمينٽ سائنس جي انٿراپالوجي جي شعبي پاران سندس ناول دي ڊيڊ ريور ڇپيو ته ان جي پهرين ڪاپي هن مون کي پڙهڻ لاء ڏني. جنهن تي بعد ۾ مون ايڪسپريس اخبار ۾ ”نسلون ڪي ڪهاني“ نالي سان ريويو لکيو. جڏهن ان ڪتاب جي مهورت جو پروگرام لاهور ۾ رکيو ويو ته سندس نمائندگي فيض احمد فيض جي ڌيءَ سليما هاشمي ڪئي ۽ مستنصر حسين تارڙ ۽ منو ڀائي ان ۾ شرڪت ڪئي. اها ٻي ڳاله آهي ته هن مون کي به ان پروگرام ۾ وڃڻ جي لاء چيو هيو ڇاڪاڻ ته سندس صحت ٺيڪ نه هئي. لاهور ۾ هن جي دوستي مٿين کان علاوه پنجابي جي سهڻي شاعر مشتاق صوفي، شيرين پاشا، اصغر نديم سيد، امجد اسلام امجد وغيره سان به هئي. لاهور سندس پسند جو شهر، سندس ست دليون به لاهور سان. مستنصر حسين تارڙ جڏهن والدين سان ملايس ته کيس چميون ڏيڻ لڳا ته هي ديوارين ڊرامي جو ليکڪ آهي. جڏهن ڪجه حلقن پاران هن تي تنقيد ڪئي وئي ته هن اصل ڌڻين جي چوڻ تي اهو ڊرامو لکيو، جيئن نورالهديٰ شاه جنگل ڊرامو لکڻ جو اعتراف ڪيو هو . بقول سندس اهڙي ڪا به ڳاله نه هئي، اهو ساڳيو ڊرامو پهرين سنڌي ۾ “راڻي جي ڪهاڻي” نالي سان نشر ٿيو هو ۽ بعد ۾ پي ٽي وي ڪراچي سينٽر جي ايگزيڪٽو پروڊيسر شهزاد خليل ۽ جنرل منيجر برهان الدين جي چوڻ تي اردو ۾ ترجمو ڪيو. جيتوڻڪ هنن ان ۾ روحي بانو ۽ خالده رياست ٽيلي ڪاسٽ ڪرڻ جي ڳالھ ڪئي پر هن جواب ڏنو ته ڪاسٽ ساڳئي رهندي. جڏهن ديوارين ڊرامو نشر ٿيندو هو ته هندوستان، پاڪستان جون گهٽيون ويران، ماڻهن جا ميڙ ٽي وي تي. پر هن جي پسند جو ڊرامو ڇوٽي سي دنيا، جنهن ۾ اجائي مشڪري بجاءِ زندگو جو حقيقي مزاح وارو پاسو شامل هو. پي ٽي وي تان جڏهن سندس ڊرامو سيڙهيان نشر ٿيو، جنهن ۾ ڪجه ڊائلائگن ۾ اصل ڌڻين تي طنز ٿيل هئي ته کيس سرحد جي تڏوڪي مارشل لاء ايڊمنسٽريٽر فون ڪري تنبيه ڪئي. سندس ڌيءَ جي رشتي ۾ منو ڀائي جو ڪردار هو ته اشفاق احمد جو به. هو اشفاق احمد ۽ بانو قدسيه جي لکڻين جو عاشق، ڊرامي لکڻ ۾ ڊاڪٽر انور سجاد کي استاد مڃڻ وارو هو. هونئن ته نوهٽي ۾ سندس ڊرامي ڪاروان جي شوٽنگ دؤران روحي بانو جهڙي خوبصورت آرٽسٽ هن سان پيچ اڙائي ويٺي پر اڳ ۾ ڪنهن جي زلفن جو اسير ڪٿي ٿو وٺ ڏيئي. ڪاروان هليو پر روحي بانو رسي وئي ۽ هما اڪبر ان جي جاءِ ورتي. شيرين پاشا ٽيلي ڊاڪومينٽري جو وڏو نالو سندس عشق، رسڻ پرچڻ ان سان هلندو رهيو. ان عرصي دؤران جڏهن ڪنهن ڳاله تان کانئس خفا ٿي لاهور ڇڏي اچي ڄام شوري جا واڻ وسايائين ڪجه وقت کان پوء شيرين پاشا هن کي فلم رضيا سلطانه جو لتا جي آواز ۾ ڳايل گانو، ’اي دل نادان...‘ موڪليائين، جنهن کي هن سڄي عمر سانڊي رکيو.ڪڏهن ڪڏهن ان کي ٻڌندي يادگيرين جو سمنڊ سندس اکين مان وهي پوندو هو. آخر ۾ ڪينيڊا جا وڻ وسايو ويٺي ته سالن کان پوء رابطو ڪيانئس ته جواب مليس” ڪاري ڪلر بجاء گهاٽن ساون وڻن هيٺيان دفن ٿيڻ چاهيان ٿي، جي اچڻو اٿئي ته هليو اچ.” آئون ۽ امان الله جوڻيجو جڏهن به رلڻ ويندا آهيون ته سندس پهريون ۽ آخري مشورو لاهور گهمڻ جو هوندو هو. مون کي ياد آهي ته ۲۰۱۹ع جي آخري ٿڌڙي شام جي پهر ۾ مون کي پنج اٺ ڪتاب پنهنجي بيڊ تان کڻي ڏيندي چيائين؛ ”يار! هاڻي هي ڪتاب تنهنجي حوالي ٿو ڪيان باقي هي فون، ليپ ٽاپ ، ٽيب الئي ڪنهن کي نصيب ٿين.“ تنهن هوندي به زندگي جي آخري گهڙين تائين اسان جو هڪ ٻئي سان رابطو منهان منهن ۽ فون رستي قائم رهيو. هن کي پاڪستان جي هڪ وڏي ڊراما نگار طور وڏيون آڇيون ٿيون. بينظير ڀٽو، صدر اسحاق، جنرل ضياءُالحق، جنرل مشرف، آفتاب شيرپاو، ڄام صادق علي سميت ڪئين حڪمرانن ، وزيرن، مشيرن، بيوروڪريٽن پاران آڇون ڪيون ويون ، پر هن ڄام شوري کي ترجيح ڏني. سندس پگهار ۽ ڊرامن جا معاوضا کائڻ پيڻ، دوائن، ڪتابن خريدڻ ۽ پائڻ ۾ پورا ٿي ويندا هئا پر بچت ٻڙي، نه ته گاڏيون، بنگلا ۽ پلاٽ ڪجه به نه هئا. هن کي رڳو قسطن تي چڙهڻ لا گاڏي ۽ قرض تي گهر ٺهرائڻ نصيب ٿيو . تڏهن ته هو آخري ڏينهن ۾ طبيعت ناساز هوندي هيٺيون ڳيت آلاپيندو هو ته: سب ڪڇ سيکا هم ني، نه سيکي هوشياري. هاڻي سوچيان ٿو ته منهنجي زندگي ۾ وري اهڙا ڏينهن الئي ايندا به يا نه پر مون کي يقين آهي ته اڳئين جنم ۾ آئون هن سان ائين ئي ڪچهريون ڪندس. ان پنهنجي وفات واري تاريخ ۳۰ مارچ ۲۰۲۰ کان گهڻو اڳ ۾ اها وصيعت ڪئي هئي ته مونکي جبلن ۾ رولڻ بجاء پنهنجي مٽي ۾ دفن ڪجو. جتي هو گهاٽن کٻڙن ۽ ڪنڊِين جي ويڙهن جي وچ ۾ پراڻي هاڪڙي دريا جي ڪپ تي آرامي آهي. (امر لغاريءَ جي فيسبڪ وال تان ھن نوٽ سان کنيل: منظور ملاح جو عبدالقادر جوڻيجي تي مفصل مضمون (خاڪو) جيڪو ٻن قسطن ۾ ڇپيو آھي. منظور جيئن ته قادر جي گھڻو ويجھو رھيو آھي انڪري ھن جي زندگيءَ جا اھي پاسا جيڪي گھڻن ماڻھن کان ڇُپيل رھيا... يا جن بابت غلط تاثر قائم ڪيا ويا ليکڪ انھن بابت به قلم کنيو آھي.) عبدالقادر جوڻيجو ادب جو آٽوگراف شوڪت لوهار ڪروڙين جاندارن وچ ۾ رهي ڪري ماڻهو ماڻهو ٿي رهي، هو بي وفائي نه ڪري، گهوٽالو نه ڪري، سڀني کان الڳ ٿلڳ هجي، اهو ڏاڍو مشڪل ڪم آهي. هن هائبرڊ دنيا ۾ رهندڙ اڄ هر حياتي به هائبرڊ ٿي ويئي آهي. ان ۾ نج پڻو تلاشڻ، ايترو ئي ڏکيو آهي، جيترو ڪنهن ڪيميادان لاءِ پاري جهڙي ڌاتو کي ڳارڻ. اسان جي چوڌاري ناانصافي، انياءُ ۽ اوچ نيچ تي هلندڙ سماج هجي ۽ ان ۾ ڪوبه ماڻهو سواءِ پنهنجي سماجي رُتبي، ٻي هر سڃاڻپ کان وانجهيل هجي، جڏهن ماڻهو صرف اوهان کي ان لاءِ عزت ڏيندا هجن جو اوهان وٽ گهڻي مال ۽ دولت هجي، ان لاءِ نه جو اوهان جي ذهني زمينن ۾ پوريل اڻ ڳڻيل زمرد ۽ يا قوتن، هيرن ۽ جواهرن سان ڀريل خزانا هجن، جتان ڪوبه پوڄارو پر ٿي سگهي، جتان اوهان جي بنجر بڻيل شعور ۾ کٽڻهار کڙي پون. اسان صرف اهو چاهيندا آهيون ته اسان وٽ زندگي جي سڀني روڳن کي ڀوڳيندڙ اديب اهڙو ڪجهه لکي جيڪو اسان کي پسند هجي، ان ۾ هن جي ڪابه راءِ يا مرضي شامل نه هجي. هو اسان کي اسان جي ڪوجهائپ ۽ بگڙيل شڪل صورت به مورت ڪري ڏيکاري. ماڻهو مِٽي ڀور، وقت جي لوڻاٺي پاڻي سان ٽڪرائجي ڳري وڃي ٿو. ماڻهو وقت جي وات ۾ ڄٻاڙجندڙ هڪ اڻ لکي شئي آهي. ماڻهو وقت سان وڙهندي وڙهندي نيٺ هارائجي ويهي ٿو، وقت جيڪو زمان ۽ مڪان ۾ ماڻهو جي عمل جو ماپو آهي. انهي وقت پنهنجن لوهي هٿن ۾ ڪيئن املهه ماڻهو، ڪيئي هيرا موتي ماڻهو قيد ڪيا آهن ۽ پوءِ هوريان هوريان ازدها بڻجي پنهنجي وات ۾ پئي ڳيهو آهي. وقت ۽ وير ڪنهن جو انتظار ڪونه ٿا ڪن، بلڪه جيڪو ماڻهو ان جو لفظ شناس ٿئي ٿو، اهو ئي ماڻهو موتي ڌاڻو ٿئي ٿو ۽ وقت تي حڪمراني ڪندڙ ڪي ٿورائي ماڻهو آهن. اسان سڀني انسانن تي وقت اچي ٿو. وقت پنهنجو وارو وڄائي ٿو پوءِ انهي وقت کي پنهنجي پنهنجي قوم ۽ پنهنجي ديس جي ڏکوئيلن، ڌڪاريل ماڻهو جو بخت بڻائجي ته ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي خوش نصيبي ٿي سگهي ٿي؟ بندر جا ڀهين ته سکاڻا مَ سمهو، ڪپر ٿو ڪُن ڪري، جيئن منجهه مهي، ايڏو سور سهي ننڊ نه ڪجي ناخواه. شيڪسپيئر چواڻي ته هي دنيا هڪ رنگ منچ آهي ۽ هر ماڻهو هتي پنهنجو هڪ ڪردار پيش ڪري هليو وڃي ٿو. هو ڄمي ٿو، روئي ٿو، پنهنجي بي وسي جو اظهار ڪري ٿو، ٿورو وڏو ٿئي ٿو بي دلي سان مڪتب ڏي وڃي ٿو، جوان ٿئي ٿو، سندس سيني ۾ عشق جي آتش جاڳي ٿي، جذبن جو مها ساگر اٿلي پئي ٿو، پوءِ هڪ اهڙو وقت اچي ٿو جڏهن هو عقل ۽ دانش جي تناور درخت جي ڇانو ۾ ويهي ٿو، منصف ٿئي ٿو، سندس نظر ڪمزور ٿئي ٿي، آخرڪار سندس مت ۽ عقل ڇڻڻ شروع ڪن ٿا، ڏند ڇڻي پون ٿا ۽ هو پيري ۾ وري ابهم ٻار ٿي پئي ٿو ۽ وري وقت جو طوفان اچي ٿو ۽ هو ان کي ڪٿي اڏائي پاڻ سان کڻي وڃي ٿو. زندگي ڇا آهي؟ هڪ جهُرندڙ فانوس آهي، جنهن جي روشني ڏينهون ڏينهن جهيڻي ٿيندي وڃي ٿي ۽ هڪ وقت اهڙو اچي ٿو جڏهن اها جَهڪي جَهڪي روشني اجهامي وڃي ٿي ۽ زندگي وقت جي نيري سمنڊ ۾ ڪٿي گم ٿي وڃي ٿي. شيڪسپيئر پنهنجي هڪ عظيم ناٽڪ ميڪ بيٿ Macbeth ۾ جيون جو ڪهڙو نه سهڻو نقشو چٽيو آهي: “Out, out brief candle! Life’s but a walking shadow, a poor player that struts and frets his hour upon the stage and is heard no more. It is a tale told by an idiot, full of sound and fury signifying nothing.” زندگي هڪ بيوقوف جي بيان ڪيل هڪ اڍنگي آکاڻي آهي، جنهن ۾ اُڻ تُڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونه آهي. سڄي زندگي ماڻهو انهي جدوجهد ۾ گذاري ڇڏي ٿو ته زندگي کي بهتر نموني با عمل نموني هڪ جوابده جي حيثيت سان ڪيئن گذارجي؟ هي اهي ڏينهن هئا جڏهن ڄامشوري جون هوائون رات سمي ويٺي ويٺي اکيون ننڊاکڙيون ڪري ڪنهن پُر فريب دنيا ۾ وٺي وڃڻ لاءِ بي قرار هونديون هيون، جڏهن اسان جي رولاڪي ۾ وقت جو بئنڪ بئلنس اڻ کٽ هيو ۽ يونيورسٽي جا ڏينهڙا ڪنهن بلئنڪ چيڪ کان گهٽ ڪونه هئا. بهار رُت ۾ هاسٽل جي ڇت تي ٿڌڙين هيرن جي ڀاڪرن ۾ گذاريل وقت ڀلا ڪهڙي منافق کان وسري سگهي ٿو. املتاس جي بانسرين جا سرڪيئن ٿا ڀُلائي سگهجن. هي اهي ڏينهن هئا جڏهن اديب روحاني استاد سمجهيا ويندا هئا ۽ انهن کان آٽوگراف وٺڻ پاڻ لاءِ هڪ اعزاز کان گهٽ ڪونه هوندو هو. بلڪل اهڙن ئي ڏينهن ۾ سنڌ يونيورسٽي جي سينٽرل لائبريري کان سنڌيالاجي ڏانهن ويندڙ واٽ ڪو ڪهاڻي، ڪو شعر ڪو قصو ڪو ناول ٿي پوندي هئي. تن ڏينهن ۾ منهنجي ملاقات هن گرو، هن استاد، هن دنيا جي فڪشن کي ٿڌي پاڻي جيئان ڳڙڪائيندڙ قصا گو عبدالقادر جوڻيجو سان ٿي هئي. تڏهن هو سنڌيالاجي جو ڊائريڪٽر هو ۽ ٻن ڪلاڪن تي مشتمل ان ڦڪي چانهه تي ٿيل مصري جهڙي ڪچهري ۾ دنيا جي ادب تي ڪيئي اهڙيون ڳالهيون کوليون هيون جن مون کي پنهنجي جهالت جو احساس وڌائي ڇڏيو هو ۽ هن مهاگرو جي موجودگي دنيا جي ادب، اديبن، نون نون ڪتابن بابت دل ۾ اٿاهه اتاولائپ پيدا ڪري ڇڏي هئي. ناسان ماڻهن کان هڪ ڪتاب جا ڏهه صفحا ڪونه ٿا پڙهيا ٿين ۽ نصاب جي ڪتابن کان سواءِ ٻيو ڪجهه پڙهڻ اسان جي روٽين مان نڪري ويو آهي. تبديلي ڪٿان ايندي؟ جڏهن ماڻهو پنهنجو پاڻ کي پنهنجي علم کي مقامي سطح تي، ملڪي سطح تي ۽ بين الاقوامي سطح تي ماپيندو ڪونه ته ان کي خبر ڪيئن پوندي ته مون ڇا پڙهيو آهي؟ ۽ مون وٽ ڪيترو علم آهي؟ اسان وٽ ماڻهو ڪوڙ سوڙ تي ڊگريون وٺي ۽ نرگيسٽ ۾ وٺجو وڃن ۽ ڪنهن غريبڙي سان ڳالهائڻ لاءِ تيار نه هوندا آهن. هي اهي ڏينهن هئا جڏهن نينهن ۽ ڏينهن ٻئي سنڌو ندي ۾ اونڌي ٿيل ناؤ جيئان لڳندا هئا ۽ دماغ هڪ اڻ سيکڙ ناکئو بڻجي هن ڪشتي جو بادبان ٺاهڻ ۾ پورو هوندو هو. بحث مباحثن سان هر ڏسا ٻهڪيل لڳندي هئي، فيڪلٽي جي آڳنڌ تي گل مهار جي گلن جي هٻڪار ۽ ڪتب خاني ۾ گذاريل وقت سينٽرل ڪئٽين جو ايٿنس جهڙو ماحول سڀ ڪجهه هڪ حسين خواب کان گهٽ ڪونه لڳندو هو. عبدالقادر جوڻيجو بنا اجوري وٺڻ جي اڄ جي ڪيترن ئي قلم سوارن جو استاد هو. چيخوف، اوهينري کان پڙهڻ جو ڏس ڏيندڙ جڏهن اوريانا فلاشي، اوڪتايو پاز ۽ ميلان ڪنڊيرا تي ڳالهائيندو هو ته ائين لڳندو هو اهي سڀئي اديب آهسته آهسته اچي هن جي ڪچهري ۾ شامل ٿيا هجن، دوستو وسڪي ۽ پئبلو نرودا جي اسلوب تي ڪيئي ڪيٽوفلٽر دونهون بڻجي ڪنھن نئين ڪهاڻي ڪنهن نئين ڪردار جي اڻت ۾ مددگار ٿيندي رک وٽي جي حوالي ٿي ويندا هئا. مون کي خبر ناهي ته هن اکرن جي جهنگ ۾ هلندي هلندي مون کي سائين عزيز پلي ۽ استاد عبدالقادر جوڻيجو منهنجو ڀاڳ ٿي مليا ۽ مون جهڙي ڀٽڪيل مسافر لاءِ ڪنهن تناور بڙ جي گهاٽي ڇانو بڻيا يا نه پر ايترو ضرور ٿيو جو ڪتابن جو اڻ کٽ نيرو آسمان ارپي ويا. اسان جي ڪچهرين ۾ جڏهن پياري وحيد جتوئي جو اضافو ٿيو جيڪو سنڌيالاجي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر آهي، مون پنهنجو پاڻ کي ڪنهن ادب جي ورڪشاپ ۾ ڀانيو جتي دل ۽ دماغ جي هر هڪ ڪل ۽ پرزي جي پئي مرمت ٿي. آئون اها هام ڪڏهن به ڪونه هڻندس ته ته منهنجو سائين استاد عبدالقادر جوڻيجو سان ڪو گهرو تعلق هو بس هڪ عقيدت هئي، گهڻا سال پوءِ جڏهن پاڻ غم روزگار ۾ پاڻ کي سماج جي بٺي ۾ سڙندي محسوس ڪيم ته هڪ دفعو استاد سان فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي جڏهن اصغر نديم سيد جو ڊرامو ”تم هو ڪي چپ“ ڏٺم بي پرواهه انداز ۾ استاد ڳالهايو ته هي پنهنجو يارڙو آهي، سٺو لکي ٿو پر ڊرامه نگار کان وڌيڪ سٺو شاعر آهي. ماڻهو جي من تي نظرين جا تهه چڙهيل آهن، مونجهارن جا ڄارا اسان کي اصلي علم کان پري رکڻ لاءِ ڪافي هجن ٿا. اسين ڪوشش جي باوجود اصلي علم شعور جي سرينڊر لاءِ تيار ئي ڪونه هوندا آهيون. مذهبي حوالي سان اسان سڀ پنهنجي ويهه پنجويهه سال زندگاني تيل ڪرڻ کان پوءِ وري وڃي ڪجهه مفاد پرستي نظرياتي چمڙن جي ور چڙهون ٿا جيڪي علم جي نالي ۾ حسد ۽ ساڙ اختلاف ۽ مخالفت جا دٻا هجن ٿا. انهن مان ڪو هڪ اڌ ماڻهو حقيقي معنيٰ ۾ سچو پچو علم دوست آدرشي ۽ منطقي علم رکندڙ هجي ٿو نه ته سڀ جا سڀ هريڙ رکندڙ. استاد عبدالقادر جوڻيجو ادب جو جادوئي ليکڪ هو، هو حقيقت ۾ علي بابا جي ناول موهن جي دڙي جو ڪو ڪردار هو جيڪو سنڌو سڀيتا جي ڪهاڻي بيان ڪرڻ لاءِ هن جهان ۾ آيو هو، جيڪا هن پنهنجي انگريزي ناول The Dead River مئل ندي ۾ ڪيو آهي. هن ناول ۾ هُن جادوئي حقيقت نگاري ۾ نکار آڻيندي هاڪڙي دريا، جيڪو حقيقت ۾ سرسبز دريا هو تي اڏيل ڪئين قصا بيان ڪيا آهن، عبدالقادر جوڻيجو جو فن ۽ فڪر ٻئي برميچجي هن ناول ۾ عيان ٿيا آهن. عبدالقادر جوڻيجو جيڪو هن وقت پنهنجي ڳوٺ جنهاڻ ۾ ڪونڀٽن جي ڇانو ۾ ٿر جي ٿڌڙي واري ۾ آرامي ٿيو آهي، ان لاءِ اهو فيصلو ڪرڻ اوکو هوندو ته هو ٿريو هو يا ڄامشوري جو ڪو ديو مالائي ڪردار هو. اديب وڏو هو يا قصه گو. هو ناول نگار هو، ڪالم نگار يا ڊرامه نگار، اهو فيصلو توهان اسان ڪري ئي نٿا سگهون، ڇڏو ته اهو فيصلو ڄامشوري جون ٿڌيون هوائون ۽ ٿر جي اڏول ڀٽن جي سپرد ڪريون، هو ئي ان جي فن جو ازرا پائونڊ بڻجي ڪو فيصلو ڪري سگهنديون باقي پاڻ ڪٿي کٽي نه پئون. استاد قادر جوڻيجو شروعاتي طور هڪ استاد بڻيو پر جلد ئي شيخ اياز ان کي سنڌيالاجي سونپي جتي هن پنهنجي ملازمت سان گڏ پنهنجي وهي به ڄامشوري حوالي ڪري پاڻ پنهنجي آمد ۽ رخصتي جيتري ساھي لاءِ جنهاڻ جي ٿڌين ڀٽن کان اجازت وٺي آيو. قادر جوڻيجو جڏهن پي ٽي وي تي راڻي جي ڪهاڻي کي کڻي آيو ته ڊرامي جو جهان ئي بدلجي ويو، وري جڏهن راڻي جي ڪهاڻي اردو ۾ ديوارين طور پيش ڪيو ويو ته سانجهي ڌاران بازارون ۽ ڳليون ويران سڀ ٽي وي جي اسڪرين تي چمبڙيل، اهو استاد قادر جو ئي ڪمال هو جو ڪلچرل شاڪ، ثقافتي جهتڪي تي ٺهيل ڪمال ڪاميڊي ”ڇوٽي سي دنيا“ جنهن ۾ هڪ ڪردار مير مراد علي خان ڪنهن انگريز جو گائيڊ بڻجي ڪجهه ڏينهن ڳوٺ ۾ سير ڪرائي وري جڏهن ان سان گڏ لنڊن وڃي ٿو ۽ اتان موٽ کائي ڪيئن نه ولايتي ڪلچر جي نرگسيت ۾ وٺجي ڳوٺاڻن سان عجيب غريب جٺون ڪري ٿو ۽ ڳوٺ ۾ رهندڙ جانو جرمن جهڙو ڪردار گهڙڻ سندس فن جي اڏولتا جو شناختي ڪارڊ بڻجي پون ٿو ۽ اسين پهريون ڀيرو نور محمد لاشاري ، انور سولنگي ۽ صلاح الدين تنيو جي زباني انگريزي ٻولي جو ملاکڙيو ڏسون ٿا. جهوٽي سي دنيا ۾ شيزان چنا ۽ سڪينا سمون عورت ڪردارن ۾ جيڪا ٻولي جي خوبصورتي بيان ڪن ٿيون ۽ نج پج ڳوٺاڻي زندگي بيان ڪن ٿيون، اهو صرف جوڻيجو صاحب ئي ڪري ٿي سگهيو. استاد علم انسانيات ۽ ماحوليات متعلق تمام ڊگها ۽ ڪارائتا ڪالم لکيا، هر ڪالم هر ڪهاڻي ۾ هن وٽ اسلوب جي سندرتا ۽ بيان جي مهانتا ڄڻ سندس ڏائي هٿ جو کيل هئي، سندس تخليقي پورهئي ۾ ڇا لکان؛ وڻ وڻ جي ڪاٺي واٽون، راتيون رول شڪليون، ويندڙ وهي، لهندڙ سج وڏا اديب وڏيون ڳالهيون سونو روپو سج ايورسٽ تي چڙهائي ڪرسي ڇو، ڇا ۽ ڪيئن خط ٻن اديبن جا در در جا مسافر The Dead River ۽ Rustics انهي کان علاوه ڪيئي اڻ ڳڻيا ڪالم، ڊرامه، ڪتابن جا مهاڳ ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه. اڄ جڏهن هر طرف، مونجهه آهي، هر ڏسان سانت آهي، هر طرف خوف جو ديو لامارا پيو هڻي. اهڙن ڏينهن ۾ استاد جو وڇوڙو يقينن سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻولي لاءِ هڪ ناقابل تلافي نقصان آهي. اسان وٽ اڄڪلهه سنڌي ناول جي معيار مطعلق کوڙ بحث ٻڌڻ لاءِ ملن ٿا. جيتوڻيڪ مان ڀانيان ٿو ته ڪهاڻي، ناول يا ڪوبه تخليقي وٿ خالص داخلي Subjective ڪيفيت جي اپٽار هوندو آهي. ڪوبه اديب ڪنهن کان ڊڪٽيشن وٺي نٿو لکي سگهي. جن دوستن کي ڪيمپس تي لکيل ناول نٿا پسند اچن ٿي سگهي ٿو ته ٻين لاءِ اهي ڪنهن وڏي وٿ مثل هجن. هڪ ماڻهو کان ٻي ماڻهو تائين ٽيڪسٽ متن مختلف معنيٰ ۾ پهچي ٿو. انهي کان علاوه اسان جا دوست زميني حقيقتن کان اکيون ٻوٽي پوءِ ٿا تجربو ڪن، اسان جو تعليمي معيار ۽ مطالعو ۽ ڪنهن به پرڏيهي اديب جو تعليمي معيار ۽ مطالعو هڪ جهڙو نٿو ٿي سگهي. توهان ڇا ٿا سمجهو، شوق وچان لکندڙ اسان جو اديب بس ڪجهه ڏينهن ۾ ماريو ورگاس ۽ پاموڪ جهڙو لکڻ شروع ڪري ڏي؟ اهو ناممڪن آهي. اسان وٽ ادب اڃا پيشاوراڻه ڪرت ڪونه بڻيو آهي. انهي کان علاوه ٻي ڳالهه ته هر ڪتاب جنهن جي مٿان بيسٽ سيلر جو ٽيگ لڳل آهي، ضروري ڪونهي ته ان جو معيار به اهڙو ئي هجي. رسول ميمڻ جي ناول نجومي جو انگريزي ترجمو ڪرايو، پائلو ڪوئلو کي پاسي نه ڪري ڇڏي ته پوءِ چئجو. استاد عبداقادر جوڻيجو جيڪو سو ديس مسافر منهنجو ڙي نالي ناول پڻ لکي رهيو هو، پر ساهن جي ڌاڳن جي تند ڇڳي پيس. هُن جي آتم ڪٿا جهڪيون جهڪيون يادگيريون اڌ ۾ هئي، جنهن جون ڪجهه قسطون سارنگا ۾ ڇپيون هيون، اها به الائي ڪٿي پنڌ پيچري ۾ رهجي ويئي. عبدالقادر جوڻيجو سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جي جهول ۾ پنهنجو پورهيو ارپي ويو آهي، هاڻ اها سنڌ ۽ سنڌ واسين جي ذميواري آهي ته هو سندس ڪتابن کي پنهنجي شعور جي فانوس جي سهائي بڻائي ڪو نئون ڌڳ وٺن. هُو ميلن ٺيلن کان پرڀرو اديب هو بهرحال اڄوڪا ڪمرشل ميلا سندس قدڪاٺ کان گهڻو هيٺ هئا. هو سنڌ ۾ شيخ اياز کان رسول بخش پليجي کان پوءِ دنيا جي ادب جو پورهيت هو. جنهن جو اجورو سنڌ واسين تي اوڌر بڻيل رهندو. لڳي مون کي لوهه، ورهه واٽون لائيون. راضِي جنهن سِين روح سو ڪوهِيار ڪَيچ ويو.“ (شاهه) Abdul Qadir Junejo Asif Jamal Soomro Abdul Qadir Junejo was born on 13 September 1945, in small village Jinhan, Tharparkar, Sindh; a novelist, playwright and columnist writing in Sindhi, Urdu and English languages. His father Mureed Hussain Junejo, was a police officer. Junejo received his primary education from his native village Jinhan in Govt. Primary School. Then went for higher education, where from University of Sindh he did his Bachelor of Arts, Bachelor of Education and Master of Arts in Sociology degrees. He has written many articles and books among them lot are famous. 1.Watoon, Ratyoon Ain Rol (1973) (Sindhi: واٽون، راتيون ۽ رول) 2.Shikliyoon (1979) (Sindhi: شڪليون) 3.Weender Wahi Lahandar Sijj (1984) (Sindhi: ويندڙ واھي لھندڙ سج) 4.Wada Adeeb Wadyoon Galhyoon (1984) (Sindhi: وڏا اديب وڏيون ڳالھيون) 5.Sono Roop Sijj (1986) (Sindhi: سونو روپ سج) 6.Everest te Charhai (1987) (Sindhi: ايورسٽ تي چڙھائي) 7.Kursi (1998) (Sindhi: ڪرسي) 8.Chho Chha Ain Keein (1999) (Sindhi: ڇو ڇا ۽ ڪيئن) 9.Khat bin Adeeban Ja (1999) (Sindhi: خط ٻن اديبن جا) 10.Dar Dar ja Musafir (2001) (Sindhi: در در جا مسافر) 11.Wan Wan Jee Kathiee (2002) (Sindhi: وڻ وڻ جي ڪاٺي) 12.The Dead River (2014) English. The Government of Pakistan and Government of Sindh awarded him Pride of Performance in 2008 and Latif Award in 2016. He received several awards from local organizations. عبدالقادر جوڻيجو استاد جي سلامي اسحاق سميجو ڦول ٿي ڪو ته منجهائن اڀري خواب ڪيڏا نه مليا مٽيءَ ۾. (شيام) خليل ڪنڀار جي نوهٽي ويندي، مون سائين علي دوست کي چيو ته هن ئي رستي تي ڪٿي استاد عبدالقادر جي آخري آرام گاھ به آهي. واپسي تي کيس سلام ڪندا اينداسين. سائين چيو؛ اها ته ڀاڳ جي ڳالھ چئبي. نوهٽي ويندي رستي ۾ ڪٿي به جنهان جوڻيجي جو بورڊ نظر نه آيو. ان ڪري واپسي تي مون سنگت کي چيو ته ثقافت کاتي کي گذارش ڪنداسين ته استاد جي نالي جو بورڊ به روڊ تي لڳرائي ۽ مزار تي ننڍو چبوترو به ٺهرائي، جيئن ايندڙ ماڻهو آسانيءَ سان مزار کي ڳولهي سگهن. نوهٽي کان جنهاڻ جوڻيجو ستن اٺن ڪلوميٽرن تي آهي. ٻن ٽن ماڻهن کان پڇا ڪئيسين ته اسٽاپ تي ڄار جي وڻ جي نشاني ملي. جنهاڻ تائين پهچندي قدير انصاري ۽ سائين علي دوست بروهڪيءَ ۾ شعرن ۽ لطيفن جو مزيدار مقابلو ڪيو. قدير کي گڏهن بابت لطيفا جام ٿي آيا. سو جتي جتي رستي ۾ گڏھ ٿي نظر آيو، ڪو نه ڪو لطيفو ضرور ٿي ٻڌايائين. لطيفا ٿورا ولگر هيا، سو جنھن کي به ٻڌڻا هجن، مالڪ کان فون تي ٻڌي وٺي. جنهاڻ جوڻيجي پهتاسين ته رستي جي هڪ پاسي اڇي رنگ جو دڪان ۽ ٻئي پاسي اڇي رنگ جي ئي اوطاق موجود هئي. پر نه ڪو ماڻهو، نه ماڻهوء جي ذات. گاڏيءَ مان لهي منصور سيتائي. . . . ابا ڪو آهي. . . ادا ڪو ٻڌي پيو. . . . جا سڏ به ڪيا، پر ورنائڻ وارو ڪو به نه هو. . مان دڪان جي ڀرسان ديوين وچ مان گذرندڙ رستي تي اڳتي وڌيس ته گهرن جون ڀتيون ننڍيون هجڻ ڪري عورتون ۽ ٻار نظر پئي آيا. ڪنهن ڌنار جا آواز به ڪنن تي پيا، پر وڻن ۽ ديوين جي گهاٽائي سبب ڪو به نظر نه آيو. روڊ طرف موٽ کاڌي ته ٽي ٻارڙا گهرن پاسي کان ڊوڙندا آيا. مون کانئن قبرستان ۽ استاد عبدالقادر جي مزار بابت پڇا ڪئي. هنن اشاري سان ٻڌايو ته نئين ڪوٽ جي قلعي طرف ويندڙ رستي تي ٿورو ئي اڳيان هڪ اڇي مسجد جي ڀر ۾ قبرستان آهي. جتي ئي اها مزار ٿي سگهي ٿي. گاڏي ۾ چڙهي ڪجھ اڳيان وڌياسين ته هڪ لوڪ قصن جي ڪردارن سان ملندڙ جلندڙ چاچو اڳتي وڌي آيو، ۽ پڇا تي رهنمائي لاءِ گاڏي ۾ ويهي رهيو. آڏو ئي هڪ ننڍڙي، ڳوٺاڻن جي دل ۽ دسترخوان وانگر کليل، ڪنهن به شهري چمڪ دمڪ کان پري جيئندڙ بيحد معصومڙي مسجد ڏسڻ ۾ آئي. قدير مسجد وٽان گاڏي هيٺ لاٿي ته سامهون ئي هڪ ميدان هيو، جنهن ۾ ڳوٺ جا ٻارڙا ڪرڪيٽ کيڏي رهيا هئا. قبرستان گرائونڊ جي سامهون ئي هو. وڻن جي جهڳٽن وچ ۾ هڪ مختصر قديمي قبرستان جو ڪاٺين جو ٺهيل مزيدار گيٽ هٽائي، چاچي اسان کي اشاري سان اولھ طرف هلڻ لاءِ چيو. جيئن ئي منهن اولھ طرف ڪياسين ته پهرين آجيان لهندڙ سج جي ٿڌي ۽ گيڙو رتي روشنيءَ ڪئي. دل تي استاد قادر جي ڪتاب جو عنوان تري آيو، 'ويندڙ وهي، لهندڙ سج. ، ' قبرستان جي ڀر مان هڪ ڪچو ڳوٺاڻو رستو گذريو پئي ۽ رستي جي ٻيءَ ڀر سرنهن جا سهڻا پيلا کيت ٻهڪي رهيا هيا، جن تي پوندڙ سج جا سونهري ڪرڻا هڪ عجيب طلسمي ماحول خلقي ڪري رهيا هئا. مزار جي پيرانديءَ کان ڪنڊيءَ جو هڪ قديمي وڻ تجريدي پينٽنگ جو ماحول ٺاهڻ ۾ رڌل هو. مون مزار کي ويجهي ٿيندي ئي موبائل ڪڍي ۽ مزار کان سج جو منظر محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اوچتو ڪنڊيءَ جي ڀر وارن ڄارين مان ڀڙڪو ٿيو ۽ هڪ مور اڏامي اچي ڪنڊيءَ جي وڻ تي ويٺو ۽ پنهنجا پر ڦڙڪائي، جهڙوڪ آيل عقيدتمندن کي ڀليڪار ڪرڻ لڳو. مون قدير کي اشاري سان مور ڏيکاريو ته هو به حيرت ۾ پئجي ويو. اسان زندگيء ۾ پهريون ڀيرو قبرستان ۾ ڪو مور ڏٺو هو. مٿان وري ان قبرستان ۾ استاد عبدالقادر آرامي هجي ۽ ان جي پيرانديءَ کان بيٺل ڪنڊيء جو وڻ مور پنکن سان سنگارجي بيهي، ته ان ڪيفيت کي ڪهڙو نالو ڏجي. سو هي گهڙون عجيب ۽ بشارت جهڙيون لڳيون. اسان استاد قادر کي سلام ڪيو ۽ سندس مزار جي مٽيء کي ڇهي، اکين تي رکيو. عبدالقادر جوڻيجو اسان جي نسل جو ادبي گرو هو. اسان لکڻ ئي شروع نه ڪيو هو ته ڪهاڻي کان خاڪن تائين ادبي دنيا ۾ هن جي نالي جي ڌاڪ هئي. پر هن جڏهن سنڌالاجي جي هڪ ڪنڊائتي ڪمري ۾ ويهي، مٺ تي سگريٽ رکي، 'راڻي جي ڪهاڻي'، 'ديوارين' ۽ 'ڇوٽي سي دنيا' جهڙا جڳ مشهور ڊراما لکيا، تڏهن رڳو سنڌ ۽ پاڪستان ۾ نه پر سموري ننڍي کنڊ ۾ هڪ ليکڪ طور هن جي شهرت ۽ سڃاڻپ خوشبو جي طوفان وانگر پکڙجي وئي. اها سنڌالاجي، جنهن جي عمارت ڪنهن بزرگ جي مقبري جو ڏيک ڏيندي آهي ۽ قلندر جي پانڌيئڙن جي ڪا ڪا بس رفتار جهڪي ڪري، دعائون گهرندي اڳتي وڌندي آهي، ان سنڌالاجي جي ڊائريڪٽر رهندڙ عبدالقادر جي مزار تي ڪو به مقبرو يا چبوترو ٺهيل نه آهي. هن جي ڪچي مٽيءَ جي مزار ۾ اهڙي ئي ڇڪ ۽ پنهنجائپ محسوس ٿئي ٿي، جهڙي هن جي ڪهاڻين جي ٻوليءَ ۽ ديومالائي شخصيت ۾ هئي. (حيرت ۽ ڏک جي ڳالھ اها به آهي ته جنهن سنڌالاجي جي سڃاڻپ ئي عبدالقادر جوڻيجي ۽ شوڪت حسين شوري جهڙا ليکڪ هيا، ان سنڌالاجي سندن سکڻا ڪارنر به نه ٺاهيا. ) جڏهن ۳۰ نومبر تي عبدالقادر جي موڪلائڻ جي خبر ٻڌي سندس گهر پهتا هياسين، (جتي ڪرونا جي خوف سبب ڪي چند ماڻهو ئي موجود هيا)، تڏهن اتي ڪنهن ٻڌايو هئو ته تدفين نئين ڪوٽ ويجهو، سندس مري ويل محبوب درياء (جنهن تي هن انگريزي ناول 'د ڊيڊ رور' لکيو هيو) جي ڪنڌيءَ تي قائم سندس اباڻي ڳوٺ جنهاڻ جوڻيجي ۾ ٿيندي. مون هن جي فرزند نصير کان پڇيو، ته ڄام شوري ۾ سڄي زندگي گذاريندڙ قادر جا هڏا اوهان جنهان ڪيڏانهن پيا کڻايو وڃو? تڏهن هن ٻڌايو هيو ته اها بابي جي وصيت ۽ خواهش هئي. تڏهن الائي به ڇو، مونکي اهو فيصلو نه آئڙيو هو - پر هاڻ جڏهن هن کي فطرت جي ٻاجھاري هنج ۾ ستل ڏٺو سين، سندس مزار مٿان مٿان مورن جون رنگين اڏارون نظر آيون، قبرستان جي پاسن کان سرنهن جا ڦلاريل کيت اکين سان ٽڪرايا، قبرستان جي آس پاس هن جي ڪهاڻين ۽ ڊرامن جي ڪردارن کي زندگيءَ جي حقيقي ڪردار طور ماڻيوسين، ڳوٺ جي ٻارڙن جا سادڙا ۽ سٻاجهڙا ٽهڪ ٻڌاسين، انهن ٻن ٻارڙن سان ملياسين، جيڪي اسان کي قبرستان ۾ ڏسي اندر هليا آيا ۽ چيائون ته هي اسان جو ڏاڏو آهي. . . . تڏهن مونکي لڳو، عبدالقادر جو فيصلو ڪنهن به ريت غلط نه هو. . . اهي سڀ ماڻهو، جن پنهنجون مزارون ادارن اندر ٺهرايون ۽ ادارن کي قبرستانن ۾ بدلايو، عبدالقادر انهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ باوقار طريقي سان، پنهنجي وڏڙن وچ ۾ باک ويلي ماڪ جي قطرن ۽ گوڌول جي گهڙين ۾ سج جي ڪرڻن سان سڌيء ريت ڪچهرين جا مزا ماڻي رهيو آهي. . . عبدالقادر واقعي به وڏو ليکڪ ئي نه، وڏو ماڻهو به هو. . . ۽ فطرت هن تي هاڻ به اهڙي ئي مهربان نظر آئي، جهڙي زندگيءَ ۾ هئي. (اسحاق سميجو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۸ جنوري ۲۰۲۲ع تي کنيل) عبدالقادر جوڻيجو ڀارومل امراڻي ٿريو آخر ٿريو هوندو آهي، پوِءِ ٿر جي ڀٽن تي ولر واريندڙ ڌنار هجي يا جڳ مشهور ليکڪ. هُو زمين آسمان سج چنڊ تارا، چارا، نديون، نالا سڀ ٿريو ٿي ڏسندو آهي، هن جي اندر ۾ صدين جي اڃ هوندي آهي. مينهن ۽ نينهن مان ڪڏهن هن جو ڍو نه ٿيندو آهي. عبدالقادر جوڻيجو ٿر جي طبعي ڀاڱي مهراڻي جي ڳوٺ جنهاڻ جوڻيجا ۾ جنم وٺندڙ ٿريو هو. هن ڏکن کان اتر تائين پوري سنڌ گهمي، ملڪ جي ٻين حصن ۾ به ويو، هن دنيا جي ملڪن ڏانهن به پنڌ ڪيو پر ھر هنڌ ھن کي ڪجھ ڏينهن کان پوءِ ‘هورو’ پوندو هو. هوري جي اڻ تڻ ۾ ‘هورو ’ جهڙي شاهڪار لکي. هن جي من جي مايا روپي ندي هاڪڙو هوندي هئي. هاڪڙي جي لهرن هن جي لفظن ۾ نئون جنم ورتو هو. چون ٿا ته هاڪڙي جي ڪنارن تي ۳۰۰ شهر آباد هوندا هئا. هن جي ڪهاڻين، ڪالمن، ڊرامن، ناول، خاڪن ۽ ترجمي جي لکڻين جو ڪل تعداد لڳ ڀڳ ٽي سو آهي. منهنجون ھن سان گهڻيون ملاقاتون ڪتابن ۽ ڪالمن ۾ ٿيون، هن جي ڊرامن جي ڊائلاگن ۾ ڪچهرين جو وڏو رس ورتو. پر ڪجھ ملاقاتون سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ۾ هن جي چئرمين شپ دوران روبرو ٿيون. هُو دل گهرئي ماڻهو کي پريان کان ايندو ڏسي مرڪندو هو. هن هڪ ڀيري سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري ۾ ڪچهري ڪندي ٻڌايو ته دنيا ۾ رقص جا چاليھ نمونا آهن ڇٽيھ نموني جو رقص ٿر جو ماڻهو ڄاڻي ٿو. هن ڳاله ڪري دنگ ڪئي ته مون چيو بروبر سائين ‘ڇٽيھ نموني جو رقص اوهان جي مرڪ ۾ موجود آهي. پوءِ هن وڏا ٽهڪ ڏيئي مهراڻي جي ڀٽن، ڪونڀٽن ۽ ڄارين جي جڳهٽن تي ڳالهايو هو. هن دنيا جو ادب پڙهيو هو. هن پنهنجي پسند جون لکڻيون ترجمو ڪري سنڌي ادب جي پڙهندڙ تائين پهچايون هيون، پر هن جي طبعزاد لکڻين ۾ مقاميت حاوي هوندي هئي. ڳالھ ڪٿان جي ڪئين هجي پرهن جي تشبيھ جو رنگ چاچي رمضان جي ڳالهين تي اچي دنگ ڪندو هو. هُو تحقيق ۾ پيرا رامجي ڪولهي وانگر کڻندو هو. هن وٽ ٻيا به ڪيترائي ڪردار هئا. جن مان هن اتساھ وٺي پنهنجي لکڻي کي هن ڇٽيھ لکڻي بڻائي هئي . هن جو والد صاحب پولس جو صوبيدار هو. هن پوليس ۾ نوڪري ورتي. پر والد جي چوڻ تي ڇڏي ڏني. پوءِ ماستر ٿيو. هن جي ڪهاڻي پڙهي شيخ اياز سنڌالاجي ۾ نوڪري ڪرڻ جي لاءِ گهرايو. هُو شيخ اياز جي نياپي تي جنهاڻ مان سوا پرھ سج مٿي اچڻ تي نڪتو هو. هن جو جسم خاڪي مهراڻي جي مٽي ۾ ابدي آرام ڪرڻ جي لاءِ سوا پرھ سج مٿي اچڻ تي پهتو. هن کي اهي ڳوٺاڻا ماڻهو وڻندا هئا، جيڪي پٽ پاٿاري تي ڪانڀ ٻڌي ويهندا آهن. هن جي آخري سفر ۾ اڪثريت انهن ماڻهن جي هئي. (ڀارومل امراڻي جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۳۱ مارچ ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل) عبدالقادر جونیجو جادوگر لکھاری - ادب کا غیر معمولی نام - ٣٠۔۔مارچ تیسري برسی کی مناسبت سےخاص تحریر۔۔ جہانگیر عباسی سر زمین سندھ کی ریت والے سرحدی و صحراٸی پسماندہ علاٸقے تھر کے ایک چھوٹےسے گاٶں ``جنہان``اس وقت کا تحصیل اور اب ضلعہ مٹھی میں پہلی نومبر سن ١٩٤٥ کو مرید حسین جونیجو کے گھر میں نومولو بچے کے بابت یہ کسی کو بھی علم نہ تھا ک أنے والے وقت میں وہ ہی بچہ علم و ادب کے جہان کا ایک بھت بڑا لکھاری بن کر دنیا میں اپنے نام کا ڈنکا بجانے والا ھے جس کا نام عبدالقادر رکھا گیا جس نے پراٸمری تک اپنے گاٶں کے اسکول سے تعلیم پراٸی ۔میٹرک نواب شاہ ضلعہ کے مختلف اسکولوں سے کی کیوں کہ والدہ پولس کھاتے میں افسر تھے جس وجہ سے ان کے اکثر تبادلے ھوتے رھتے تھے ۔ قادر نے انٹر میڈیٹ ھائی اسکول ڈپلو سے کرکے سن ١٩٦٨ میں بی۔۔اے۔سن ١٩٦٩ میں بی ایڈ(تعلیمی موضع )اور أٹھ سال بعد ایم۔اے سوشالاجی مضمون میں یونی ورسٹی أف سندھ سے کیں عبدالقار جونیجو نے عملی زندگی کی جدوجہد والی شروعات والد کے زور بھرنے پہ بطور پرائمري اسکول استاد سن ١٩٦٢ سے کی پھر ترقی پاکر سیکنڈری اسکول استاد مقرر ھوۓ اور ١٤ سالوں تک پژھاتے رھے ۔اسی عرصے میں لکھنے کی طرف أے عظیم دانشور محمد ابراھیم جویو ۔نواب حيدر علی اور شوکت حسین شورو سے خط وکتاب رھی پھر روبروں ملاقاتیں ھوئیں جن کی توسط سے جب عظیم شاعر اور دانشور شیخ أیاز سے ملاقات ھوئی آپ کی صلاحیتوں سے شیخ صاحب بہت متاثر ھوۓ اور ٧۔جون ١٩٧٦ کو انسٹی ٹیوٹ أف سندھالاجی میں پبلیکیشن افسر مقرر کردیا جہاں مختلف ذمہ داریوں کو نبھاتے ترقی کرتے پہلے ایڈیشنل ڈاٸریکٹر پھر ١٩٨٠ سے ١٩٩٣ تک تیرہ سال ڈائریکٹر کے عہدے پٕے فاٸز رھے ٥۔ ستمبر ا٩٨٨ سے ١٠ مئی ٢٠٠٨ تک چئیرمین سندھی لینگویج اتھارٹی کے عہدے پہ بھی رھے اورتاریخی خدمات سر انجام دیں ۔ عبدالقادر جونیجو بحیثیت افسانہ نگار۔۔۔۔۔۔۔۔۔ عبدالقادر جونيجو نےادب میں لکھنے کی شروعات ساٹھ کی دھاٸی میں فن افسانہ نگاری سے کی اور یہ ھی ان کی پہچان کا ادب میں بنیادی حوالہ بھے رھتا أیا ھے ۔پہلا افسانہ `مٹھ مٹھ سور سبھ کنھ ` عنوان سے لکھا جو حمید سندھی کے معروف ادبی جریدے `روح رھان۔١٩٦٣ کے اک شمارے میں شایع ھوا أپ نے اپنے ھمصر افسانہ نگاروں عبدالحق عالمانی۔ علی بابا۔شوکت حسین شورو ۔امرجلیل۔شمشیرالحیدری اور دیگر کٸی کی موجودگی منفرد اچھوتے موضوعات کی بدولت منفرد پہچان بناٸی خاص کر تھر کی دیہی زندگی کے مسائل ور درپیش مشکلاتوں کو افسانوں میں اجاگر کیا اور رات جی وھک میں `۔ٹڑیل تارا `۔۔`روکیل لڑک `۔ `موٹندڙ ڇوليون ``۔سونو روپو سج`۔۔اونداھيون سايون `۔اور کارونجھر جی کور `۔جیسےلازوال افسانے تخليق کیۓ ۔أپ کے افسانوی مجمعے``واٹوں راتیوں رول ``سن ١٩٧٣۔ ``ویندڙ وھی لھندڑ سج ``سن ١٩٨١ اور سونو روپو سج ``١٩٨٣ شامل ھیں۔ عبدالقادر جونيجو بحثيت ريڈیو۔ٹی وی ڈرما نگار۔ ۔۔ افسانوں بعد آپ نے پہلے ریڈیو پہ ڈرامے لکھے پہلا سندھی ڈراما حیدرأباد ریڈیو اسٹیشن سسےسن ١٩٧٦ میں نشر ھوا جس بعد أپ نے مسلسل ریڈیو کے لیے تیرہ ڈرمے لکھےاور پھر پاکستان ٹیلی ویژن جانب أۓ کراچی سینٹر سے ناٹک رنگ سلسلے میں پہلا سندھی ڈرمہ ``تلاش ``کے عنوان سے لکھا اور نشر ھوا جس بعد ١٦ سے زٸد سولو پلی اور ایک شھکارسندھی سیریل ``رانی جی کہانی ``کے نام سے شر ھوا۔سندھی بعد اردو میں بھی پہلے دس سے زٸد سولو پلیز کراچی سینٹر سے نشر ھوۓ اور پھر پہلی سیریل ``دیواریں``لکھی جو سندھی سیرہل``رانی جی کہانی ` کو اردو میں نۓ سرے سے لکھا یہ وہ سیریل تھی جب نشر ھوتی تو سڑکیں سنسان ھوجاتی اسی سیرہل نے قادر جونیجو کو ملک گیر سے عالمی سطح کی شہرت عطا کی جس بعد انہوں نے مڑ کر پیچھے نہ دیکھا اور پھر ``کاراوں ``۔چھوٹی سی دنیا``۔ ``سیڑھیاں ``۔۔دکھ سکھ ``۔ ``پراندہ ``۔ ``گھر گلیاں راستے ``۔دھول``جیسے سیریل تخلیق کئیں کراچی کے علاوہ کچھ سیریلز لاھور سینٹر سے بھے نشر ھوٸیں عبدالقادر جونیجو کی ٹی وی سیریل ``دیواریں `` بی بی سی چینل سے انگریزی میں ڈب کر کے نشر کی گٸی ۔سیریل ``سیڑھیاں امریکہ اور کٸینڈا سمیت دیگر کٸی ملکوں سے نشر کی گئی ۔سیریل ``پراندہ ``یو۔اے۔ ای ۔امارات ملکوں اور کیینڈا سے ڈب کر کے نشر کی گٸیں ۔سیریل ``چھوٹی سی دنیا `` پہ جرمن انتھراپالاجسٹ ڈاکٹر ھیلن باسو نے ریسرچ کر کے تھیسز تیار کی جسے بعد میں انگریزی میں شایع بھی کیا گیا ۔عندالقادر نے اپنے ڈراموں میں سندھی سماج کی تصویر کشی کو حقیقی صورت میں پیش کرکے داد سمیٹی جس کا تسلسل نورالھدی شاہ نے بعد کے اپنے ڈراے ``جنگل `` اور دیگر پیش کیا بلکل ایسے جیسے پنجاب کی نماٸندکی امجد اسلام امجد سے اصغر ندیم سید نے پیش کی ھے قادر صاحب نے کارواں سیریل میں روحی بانو کے لیے ``سکھاں `` جیسا کردار تخلیق کر کے روحی بانو کو ھمیشہ کے لیے امر کردیا تھا ۔۔عبدالقادر کو بہترین ڈرام نگار کے لیے ١٩٨٣ میں ``دیواریں ``اور ١٩٨٥ میں ``کارواں`` کے لیے دوبار بہترین پی ٹی وی ڈارمہ لکھاری کا ایوارڈ۔علاوہ شعبہ ڈراما کے لیے سن ١٩٨٩ کو پہلا اور سن ٢٠٠٨ کو دوسری بار صدراتی ایوارڈ تمغہ حسن کارکردگی ``سے بھی نوازا گیا جبکہ ریڈیو پاکستان کی گولڈن جوبلی کے موقعے پہ ``قومی گولڈن جوبلی ایوارڈ ``بھی دیا گیاھے۔۔ٹی وی ڈراما لکھاری کے طور پہ عبدالقادر دوبار چین کا ثقافتی دورہ سن ١٩٨٦ میں اور مطالعاتی دورہ سن ١٩٩٣ (١١۔ماہ کے لیے ) کر چکے ھیں ۔ عبدلقادر جونیجو بحیثیت نثر نگار۔کالم نگار اور مترجم۔۔ قادر صاحب ایک قادرالکلام مشاھے ۔مطالعے والے غیر معمولی ذھانت کے مالک عبدالقادر سندھی کے ساتھ اردوانگریزی زبانوں میں بھی ادب کی ھرصنف میں لکھا ۔ ھے خاکے تحریر کیے ھیں ۔ اخباری کالمز مضامین اورعالمی ادب سے انٹرویوز ترجمے کیۓ۔کرمنالاجی۔سوشولاجی۔اینتھرو پالاجی۔نفسیات۔تعلیم۔سیاست ادب۔ثقافت اور لسانیات أپ کے پسندیدہ موضوعات رھے ھیں۔۔أپ دنیا کے اٹھارہ ملکوں کی أرکیالاجی۔اوشنیو لوجی ۔صحافت۔ثقافتی اور فنون لطیفہ والی تنظیموں کے رکن اعزازی ۔نیشنل فوک ھیریٹیج أف۔پاکستان سوساٸٹی أف أرکیولاجی اینڈ میوزمس اور نیشنل انسٹی ٹیوٹ آف اوشنو گرافی کے ساتھ سندھی لنگویج اتھارٹی سندھی ادبی بورڈ جامشورو سندھ مہران آرٹ کاٶنسل آ ف سندھ کے علاوہ بے شمار سرکاری ونجی تنظیموں کے بنیادی اور اعزازی رکن بھی رھے ھیں۔ عبدالقادر جونیجو کی کئی تصنیفات ہیں اور افسانوی مجموعوں کے علاوہ دیگر ادبی کتب یہ ھیں ۔ (۱)شکلیں ۔۔خاکے)١٩٧٩۔(سندھی۔ شڪليون) (۲)نثر:بڑے ادیب بڑی باتیں ١٩٨٦) (سندھی۔وڏا اديب وڏيون ڳالھيون۔ (۳) ترجمه:``ایوریسٹ پہ چڑھاٸی۔کوه پيمانی۔ ۔١٩٨٧ ) سندھی ايوريسٽ تي چڙھائي (۴) نثر: کرسی (اینتھروپالاجی مضامین۔۔١٩٩٨) (ڪرسي ) (۵)نثر: ترجمہ ``کیا کیوں اور کیسے؟``۔(عالمی انٹرویوز۔ ۽١٩٩٩) (۶)خطوط:دو ادیبوں کے خطوط(محمد ابراھیم جویو۔عبدالقادر جونیجو ۔ ١٩٩٩۔)سندھی۔خط ٻن اديبن جا ) (۷)نثر ترجمہ ``در در کے مسافر``( تبصرے۔تعارفی خاکے ۔عالمی کتب پہ مضامین ۔٢٠٠١)سندھي ۔در در جا مسافر) (۸)نثر۔درخت درخت کی لکڑی``(ادبی۔سماجی مضامین ۔٢٠٠٢)(سندھی۔ وڻ وڻ جي ڪاٺي ) (۹)نثر: ``کیا لکھوں ` ( تاریخی سماجی مضامین ۔٢٠٠٧ (۔سندھی ۔ ڇا لکان ۔) (۱۰)نثر:` ایسے بھلا کیسے ہوگا``عالمی ادب پہ تحریریں ٢٠١٠(سندھی ائين ڀلا ڪئين ھوندو ) عبدالقادر جونيجو ایک عہد ساز شخصیت تھے جن کی پہچان کے کٸی حوالے ہیں جیسے افسانہ نگار۔ ریڈیو ۔ٹی وی ڈرامہ نگار۔ کالم نگار مترجم۔ مقرر۔ صحافی ۔اینتھروپالابسٹ ۔تعلیمدان اور سماج سدھارکوہ اپنے ہر شعبے میں نمایا رہے ۔عالمی ادب کے شیدائی رہے ۔فن و ثقافت کے دلداہ رہے ایک لازوال شخصیت کے مالک تھے جس نے اپنی بھرپور زندگی گزاری اور بے پناہ خدمات سر انجام دیں ۔زندگی کی پچھتر بہاریں کزاریں اور ٣٠ ۔مارچ ٢٠٢٠ می اپنےپیدا کرنے والے مالک حقیقی سے جاملے۔آج ٣٠۔ مارچ ھے اور مرحوم عبدالقادر جونيجو کی تیسری برسی ھے اللہ تعالی ان کی مغفرت فرماۓ۔أمین سچ تو یہ ہےکہ عبدالقادر جونیجو جیسے لوگ مر کر بھی نہیں مرتے ۔ہمیشہ کےلیےامر رھتے ھیں ۔شاعر سرشار صدیقی کا یہ شعر عبدالقادر جونیجو جیسے لوگوں کے لیے ھی کہا ہے کہ ھم روح سفر ہیں ہمیں ناموں سے نہ پہچان کل اور کسی نام سے أجاٸیں گیں ھم عبدالقادر جوڻيجي جي ياد ۾ رياض ڪلهوڙو جيئن هڪڙي ڏيئي مان هزارين ڏيئا روشن ڪري سگھجن ٿا، تيئن هڪڙي دانشور، اديب، ڪهاڻيڪار، ڊراما نويس، افسانا نگار جي هڪڙي تخليق مان ڪيترائي فرد بينائي وٺي سگھن ٿا. بينائي مان مراد اکين جي ديد نه پر، سجاڳيءَ جي ديد، شعور جي نظر، بيداريءَ جي نگاهه..! هتي جنهن ديپ، جنهن موم بتيءَ، جنهن شمع جي سنڀال ڪجي ٿي، اهو امر ڪردار، خميس ۱ نومبر ۱۹۴۵ع تي مريد حسين جي گھر ۾ جنم وٺندڙ عبدالقادر جوڻيجو آهي. جوڻيجو صاحب نهايت سنجيده مزاج شخص هو. سندس والد پوليس آفيسر هو. شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ جنهاڻ، مٺي، ضلعي ٿرپارڪر ۾ حاصل ڪئي. ۱۹۶۲ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري، پرائمري استاد جي حيثيت سان ملازمت اختيار ڪيائين. بعد ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان سوشالاجي ۾ ايم اي ۽ بي ايڊ جو امتحان پاس ڪيائين. ۱۹۷۲ع ۾ سيڪنڊري اسڪول ٽيچر بڻيو. سندس علمي ۽ ادبي قد ڪاٺ ايترو هو، جو پاڻ، ۱۹۷۶ع ۾ پبليڪيشن آفيسر ۽ پوءِ ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۽ ۱۵ سيپٽمبر ۲۰۰۵ع کان ۱۰ مئي ۲۰۰۸ع تائين، چيئرمين سنڌي لينگئيج اٿارٽي طور خدمتون سرانجام ڏئي چڪا آهن. عبدالقادر جوڻيجو سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ ٻوليءَ ۾ جيڪو قلمي پورهيو ڪيو آهي، تنهن کي صدين تائين وساري نه ٿو سگھجي. عبدالقادر جوڻيجي پهرين اردو ادب پڙهڻ سان شروعات ڪئي، پوءِ سنڌي ادب پڙهڻ لڳو. هن پهرين ڪهاڻي ۱۹۶۴ع ۾ ”مٺ مٺ سورن“ لکي، جيڪا حميد سنڌي ”روح رهاڻ“ رسالي ۾ شايع ڪئي. عبدالقادر جوڻيجو جي سڃاڻ هڪ ڪالم نگار کان وڌيڪ هڪ ڊرامه نگار جي حيثيت سان آهي، سندس ڊرامه ريڊيو سان گڏ ٽي وي تي به ايترو مشهور ٿيا آهن، جو ماڻهو اڄ تائين سندس ڪردارن کي وساري ناهن سگهيا. جوڻيجي صاحب جا ڊراما نه صرف پاڪستان، پر ٻاهرين ملڪن پڻ ٽيليڪاسٽ ٿيا. ڊارما سيريل ”ڇوٽي سي دنيا“ تي مشهور جرمن اينٿروپولاجسٽ ”ڊاڪٽر هيلني باسو“ جرمن ٻوليءَ ۾ برلن جي فري يونيورسٽيءَ ۾ ٿيسسز لکي. ڊراما سيريل ”ديوارين“ بي بي سي جي چينل ۴ تي انگريزي سب ٽائٽل سان گڏ نشر ڪيو ويو. ڊراما سيريل ”سيڙهيان“ آمريڪا ۽ ڪئناڊا سميت ۱۳ ملڪن ۾ ٽيليڪاسٽ ٿيو. ڊراما سيريل ”پرانده“ پاڪستان سان گڏ ڪئناڊا ۾ پڻ ٽيليڪسٽ ٿيو. عبدالقادر جوڻيجي جون ڪجهه ڪهاڻيون اردو، هندي، گجراتي، پنجابي ۽ چيني زبانن ۾ پڻ ترجمو ٿي چڪيون آهن. عبدالقادر جوڻيجي جو ڪهاڻين تي رايو ڏيندي ”ويندڙ وهي لهندڙ سج“ جي مهاڳ ۾ حميد سنڌي لکي ٿو: ”قادر جي هر ڪهاڻي سنڌ آهي، هر ڪردار سنڌ جي صدين جي سودائن ۾ ڦاٿل اهو پراڻو ماڻهو آهي، جيڪو دراوڙي دور کان آرين جي دور تائين ۽ آرين جي دور کان واپس دراوڙي دور ڏانهن موٽندڙ ماڻهو آهي. هاڻ اهو ئي سندس بُت اگهاڙو آهي. اهي ئي پٿر ۽ ٽامي جي دور جا هٿيار اٿس. اهي ئي پڪا ۽ پيرون، جهپون هڻي لاهي ٿو. اهو ڀٽون، مڙها، ڪنڀٽ، ڳاڱيون، تڙ ۽ چونئرا سندس مقدر آهن. سندس دائمي قدر ڪٿي به ته نه ٿيا آهن، جڏهن به سندس قدرن تي حملو ٿيو آهي ته سندس ڪردار واچوڙي وانگر وريا آهن. ڪٿي منفي انداز ۾ ته ڪٿي مثبتي انداز“. عبدالقادر جوڻيجو صاحب جيڪي ڪتاب لکيا آهن انهن ۾: واٽون راتيون ۽ رول (شارٽ اسٽوريز)، شڪليون (سنڌي ليکڪن جا خاڪا)، ويندڙ وهي لهندڙ سج (شارٽ اسٽوريز)، وڏا اديب وڏيون ڳالهيون (ترجمو)، سونو روپو سج (شارٽ اسٽوريز)، ايوريسٽ تي چڙهائي (ترجمو)، ڪرسي (ڪالم)، ڇو ڇا ۽ ڪيئن (ترجمو)، خط ٻن اديبن جا (خط)، درد جا مسافر، ثقافتي اخلاقيات، وڻ وڻ جي ڪاٺي (ترجمو)، ڇا لکان (ڪالم)، ائين ڀلا ڪيئن ٿيندو، ڏک سک (ڪهاڻيون), درد ونديءَ جو ديس ۽ ڪتابن جي دنيا (ادبي تنقيد) شامل آهن. عبدالقادر جوڻيجو سنڌ جي انهن ليکڪن مان هو جنهن جا ڪالم سڀ کان وڌيڪ پڙهيا ويندا ھيا. جيئن باغ ۾ مختلف رنگن جا گل ۽ وڻ چمن جي حسن جي زيبائش ڪن ٿا، تيئن مختلف ڪهاڻيڪار، ڊراما نويس، افسانا نگار ۽ شاعر، ادبي چمن جي زيبائش ٿيندا آهن. عبدالقادر جوڻيجو، ادبي چمن جو اهو وڻندڙ گل آهي، جنهن جي خوشبو، سونهن ۽ رنگيني، هر دل تي اثر ڇڏي ٿي. حشمت ڀريو ۽ سنجيده مزاج عبدالقادر جوڻيجو، لکڻين ۾ اهڙي ته تجسس رکندو آهي، جو جيستائين سندس پورو مقالو، مضمون ۽ ڪالم نه پڙهجي، تيستائين من ۾ مزو نه رهندو، سندس تحريرن ۾ جيڪو نشو آهي، سو ڪنهن حسين و جميل شهزاديءَ جي اکين جي آب کان گھٽ نه ٿو چئي سگھجي. عبدالقادر جوڻيجو نه صرف ڪلام نگار، ڊرامانگار، ڪهاڻيڪار هو، پر ترجمن جي دنيا ۾ پڻ سندس نالو هماليه جيان اوچو ۽ آسمان سان لندي نظر ايندو آهي. شوبز جي حوالي سان عالمي سطح جو هن پرجوش ليکڪ جي سنڌي ڊرامن ۾ ”راڻي جي ڪهاڻي“، ”ويندڙ وهي“، ”مون ۾ آهين تون“، ”خان صاحب“، ”ڳولا“، ”هن وستيءَ ۾“، ”جانچ“، ”گردش“، ”اصل معاملو“، ”واٽن واٽن جهڙيون“ ۽ ”ڀنگ ڄار“ شامل آهن. جوڻيجي صاحب اردو ٻوليءَ ۾ پڻ ڪيترائي ڊراما لکيا، جن ۾ ”ديوارين“، ”سيڙهيان“، ”ڪاروان“، ”دک سک“، ”بدلتي موسم“، ”گھرگليان“، ”رشتي“، ”پرانده“، ”چهوٽي سي دنيا“ ۽ ”زرا نم هو يه مٽي“ شامل آهن. عبدالقادر جوڻيجي کي ڪيترائي ايوارڊ پڻ ملي چڪا آهن. جهڙوڪ پي ٽي وي ايوارڊ (۱۹۸۴ع)، نگار ايوارڊ (۱۹۸۴ع)، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ايوارڊ (۱۹۸۵ع)، پي ٽي وي سلور جوبلي ايوارڊ (۱۹۸۹ع)، صدارتي تمغه حسن ڪارڪردگي (۱۹۸۹ع)، حسن ڪارڪردگي صدارتي ايوارڊ (۱۹۸۹ع)، ڏهاڪي جو بهترين ايوارڊ (۱۹۸۸ع کان ۱۹۹۸ع تائين) ۽ ريڊيو پاڪستان گولڊن جوبلي اوارڊ (۱۹۹۹)، ٻيو صدارتي ايوارڊ (۲۰۰۶)، حسن ڪارڪردگي صدارتي ايوارڊ (۲۰۰۷)، سنڌي لئنگيج ايوارڊ ۲۰۰۴ع ۽ ٻيا شامل آهن. سنڌي ادب ۾ هماليه جي حيثيت رکندڙ عبدالقادر جوڻيجو سومر ڏينهن ۳۰ مارچ ۲۰۲۰ع تي هن فاني جهان ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس وصال، ادبي دنيا جي مهڪندڙ گلن کي مرجھائي ڇڏيو. (ڏھاڙي عوامي آواز ڪاچيءَ ۾ ۲۹ مئي ۲۰۲۳ع تي ڇپيل) عبدالقادر جوڻيجو سندس علمي ۽ ادبي ڪچهريون ڪليم ٻٽ ”الله رکيو ٻٽ رڳو لائبرري سائنس شعبي جو چيئرمين نه آهي، ڇو ته ”چيئرمين“ لفظ سان ڳنڍاپيل رعب داٻ، ڌوم ڌڙڪو، بزرگي ۽ ڳاڙهي اک وٽس ڪونهي. هو هڪ عام قسم جو هلڪو ڦلڪو نارمل ۽ ٺيڪ ٺيڪ ماڻهو آهي. جيڪو ڏينهن جي پهرين پهر ۾ ٻه ٽي ڪتاب ڪڇ ۾ وجهي لائبرري جي وچ ۾ گهلبو لتڙ لتڙ ڪندو نظر ايندو آهي. شام جو ڪتابن جي تعداد جيترا ئي پنهنجا ٻار ڪلهن تي، ڪن کي هٿ ۾ چيچ ڏئي، ڪالوني ۾ ٽلندو نظر ايندو آهي.“ هي مٿيان جملا سائين عبدالقادر جوڻيجي ۸۰ جي ڏهاڪي ۾ ڊاڪٽر ٻُٽ جي ڪتاب ”سنڌي رسالن جي تاريخ“ جي مهاڳ ۾ لکيا آهن. هتي هنن جملن کي ورجائڻ جو مقصد پنهنجي يا پنهنجي والد محترم جي تعريف ڪرڻ بدران رڳو ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪرڻ آهي ته سائين قادر صاحب سان اسان جو واسطو لڳ ڀڳ چاليهه سال پراڻو آهي. قادر صاحب ڊاڪٽر ٻُٽ جي ڪلهن ۽ سندن چيچ جلهيل جن ٻارن ڏانهن هنن سٽن ۾ اشارو ڪيو آهي انهن مان هڪ مان به آهيان. ٿي سگهي ٿو ته ان وقت مان ڪنهن ملائڪ جيان ڊاڪٽر ٻُٽ جي ساڄي يا کاٻي ڪلهي تي ويٺل هجان ۽ ان وقت دنيا جي هر ڳالهه کان لاپرواهه ٿي رڳو ان مٺي چوسڻيءَ بابت سوچيندو هجان جيڪا ڊاڪٽر ٻُٽ اڪثر شام جو مونکي سنڌ يونيورسٽي ڪالونيءَ جي مارڪيٽ مان وٺي ڏيندو هو. ايئن ته مان هتي سائين قادر صاحب جي ناول ”دي ڊيڊ ريور“ تي ڳالهائڻ وارو هئس. پر ويٺي ويٺي سائين سان ڪيل انيڪ ملاقاتن مان ڪجهه ملاقاتن جا پڙاڏا ذهن جي واديءَ ۾ واڄٽ ڪري رهيا آهن. هڪ ملاقات ۾ قادر صاحب سان سنڌي ناول جي حوالي سان ڳالهائي رهيو هئس، قادر صاحب ٻڌايو افسانوي ادب مطلب اسٽوري ٽيلنگ جو آرٽ ۽ اهو آرٽ هي آهي ته ڪهاڻي بيان ڪندي ڪهڙو جملو ڪٿي ۽ ڪيئن استعمال ڪرڻو آهي. اسٽوري ٽيلنگ جي حوالي سان وري منهنجو خيال اهو آهي ته هڪ سٺو اسٽوري ٽيلر کي لوڪ قصن سان مزاح واري حس جنهن کي انگريزي ۾”Wit” چئجي ٿو جو هجڻ ضروري آهي ۽ قادر صاحب انهن ٻنهي ڳالهين ۾ ڪمال جي مهارت رکندو هو. يا وري هڪ ٻي ملاقات ۾ قادر صاحب آمريڪا جي هڪ ليکڪ جي ڪتاب ”دي پاور آف اسٽريٽ پاليٽڪس“ جي ڳالهه ڪندي ٻڌايو ته هنن اهو ڪتاب سنڌ جي هڪ وڏي انقلابي اڳواڻ کي پڙهڻ لا ڏنو جنهن بنا ڪتاب پڙهي ئي اها راءِ ڏني ته جيئن ته اهو ڪتاب هڪ سامراجي جو لکيل آهي ان ڪري پنهنجي ڪم جو ناهي. اهڙي ريت هڪ ٻي ملاقات جو پڙاڏو به ذهن ۾ ٿي رهيو آهي، هن ڪچهري ۾ قادر صاحب سان انگريزي ٻوليءَ جي مشهور ناول نگار لي چائيلڊ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. اتفاق اهڙو جو اهو ليکڪ منهنجو به پڙهيل هو. هي صاحب لي چائيلڊ انگريزي ٻوليءَ ۾ ٿرلر ۽ سسپينس ناول لکڻ جي حوالي سان مشهور آهي ۽ برطانيا ۾ شيرلاڪ هومز کان پوءِ لي چائيلڊ جي ڪردار جيڪ ريچر کي ڏاڍي مڃتا ملي ۽ ڪجهه وقت اڳ تائين هو بُڪر پرائيز جي ججن مان هڪ هو. اسان يعنى قادر صاحب ۽ مون هن جي هڪ ناول جي سنائپر واري چٽيل سين تي لڳ ڀڳ ويهه منٽن تائين ڳالهايو هو. اهڙي ريت انهيءَ ڪچهري ۾ انگريزي جي هڪ ٻئي ناول نگار حنيف قريشي جي ناول ”بليڪ البم“ تي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. وري به اتفاق اهڙو جو اهو ناول به منهنجو پڙهيل هو، بليڪ البم ۾ هڪ سين آهي جنهن ۾ مک ڪرادر لنڊن ۾ ڪيل مسلمان جي هڪ احتجاج ۾ ڦاسي پئي ٿو. اهو احتجاج اسلام دشمني ۾ لکيل هڪ ڪتاب خلاف ٿي رهيو آهي، جڏهن ته ان ڪتاب جو مک ڪردار ان اسلام دشمن ليکڪ جو ويجهو دوست هوندو آهي ۽ ان ڳالهه تي منجهي پوندو آهي ته اتان ڪهڙي نموني جان بچائي نڪري. جيڪڏهن ذهن تي زور ڏيان ٿو ته ياد اچيم ٿو ته اهڙي ئي هڪ ٻي ڪچهري ۾ مان سنڌي ٻوليءَ جي بيحد خوبصورت ناول نگار سائين اڪبر سومرو صاحب سان گڏ قادر صاحب وٽ ويٺل هئس. هڪ ڀيرو ٻيهر ڪچهريءَ جو موضوع ناول هئا، جيتري تائين مونکي ياد ٿو پئي ته اڪبر صاحب چيو هو (۽ اهي هن ڳالهه جي تصديق به ڪري سگهن ٿا): ”مون کي لڳندو آهي ته ليکڪ پنهنجي سموري زندگيءَ ۾ رڳو هڪڙو ئي ناول لکي سگهندو آهي، جيئن مارڪيز جي سو سالن جي اڪيلائي کي ئي مڪمل ناول سڏي سگهجي ٿو.“ ان تي قادر صاحب اختلافي راءِ ڏيندي روس جي مشهور ناول نگار دوستوسڪي جو حوالو ڏيندي چيو هو هن جو لکيل هر ناول مڪمل ناول آهي. مان مٿي ڄاڻائي آيو آهيان ته مونکي قادر صاحب جي ناول ”دي ڊيڊ ريور“ تي ڳالهائڻو هو، اهو ناول مون ٻه سال کن اڳ پڙهيو هو. هي ناول هاڪڙي جي پسمنظر ۾ لکيل آهي ۽ ناول پڙهندي احساس ٿئي ٿو ته ڪٿي نه ڪٿي اهو قادر صاحب جي پنهنجي زندگيءَ جي به عڪاسي ڪري ٿو. هي ناول سن ۲۰۱۴ع ۾ لاهور جي يونيورسٽي آف مينجمنٽ اينڊ ٽيڪنالاجي ڇپرايو، هي لڳ ڀڳ ۲۹۰ صفحن جو ناول آهي. ناول ۾ انيڪ لوڪ داستانن سان گڏ ٿر جي زندگيءَ کي خوبصورت نموني چٽيو ويو آهي، ڪٿي اٺن جي قسم جي ڳالهه پڙهڻ لا ملي ٿي ته ڪٿي وري هڻ کڻ ۽ لنڊي بلا جا قصا پڙهڻ لا ملن ٿا. ناول ۾ هڪ هنڌ ڄاڻيو ويو آهي ته: ”هاڪڙي جي حوالي سان مونکي منهنجي امان قصا ٻڌائيندي هئي، اهي قصا منهنجي لاءِ ڪنهن به لکيل تاريخ کان وڌيڪ اهم ۽ سچا آهن.“ ۽ پوءِ اتان وري هڪ جوڳي جو قصو شروع ٿئي ٿو جيڪو جبلن مان لهي اچي ٿو. اسٽوري ٽيلنگ جي حوالي سان ڳالهه ڪجي ته هي هڪ لاجواب ناول آهي. مونکي هن ناول تي تفصيل سان لکڻو هو، پر ڳالهين جو رخ ڪنهن ٻئي پاسي هليو ويو. هن ناول جي حوالي سان آخري ڳالهه اها ڪبي ته قادر صاحب ٻڌايو هو هي ناول سندن ٽرائلاجيءَ جو پهريون حصو آهي، ان جو ٻيو حصو ”رسٽڪ“ جي نالي سان مڪمل آهي.“ جيڪو شايد اسڪاٽلينڊ جي ڪنهن اداري کي ڇپائي لاءِ موڪليو ويو، پر اڃا تائين رسٽڪ ناول منهنجي نظرن مان نه گذريو آهي. سچ اهو آهي ته قادر صاحب ادب جو هاڪڙو درياهه هو جيڪو ڪجهه سال اڳ سُڪي ويو. (ڏھاڙي سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد ۾ ۱۰ اپريل ۲۰۲۳ع تي ڇپيل) عبدالقادر جوڻيجو جي ياد آدرش " جي ارشاد ! ير ! اھا اوريانا فلاسي آهي نه. وڏي بلا ٿي ير ! اصل اھڙي ليکڪا ٿي، جو وڃي ٿيا ست خير !" سگريٽ دکائي، ٺوشي تي ڪش ھڻي، عبدالقادر جوڻيجو صاحب ڳالھائيندو ته ڳالهين جا ڄڻ سٺي دڪان دار وانگر ريشمي ۽ زربفت جي ڪپڙن جا تاڪيا کوليندو ويندو. _ عبدالقادر جوڻيجو صاحب ھڪ منفرد شخصيت جو مالڪ ھجڻ سان گڏ زبردست ليکڪ ! ڇا ڪھاڻيون ! ڇا ريڊيو ۽ ٽيلي ناٽڪ ! وري ڪمال جا ڪالم ! ترجما پڙه ته ائين لڳندو ڄڻ ليکڪن سنڌيء ۾ پاڻ ترجمو ڪيا آهن ! اھي به انگريزيء مان. اسان وارا دلبر ترجمو ڪندا اردوء مان، سو به اھڙو جو ليکڪ پڙهي ته خودڪشي ڪري وري لٻاڙ ھڻندا انگريزيء مان ترجمو ڪيا آهن ! _ نوي جو ڏھاڪو ! خطن پٽن جو سونو دور. جوڻيجي صاحب سان خطن جو سلسلو شروع ٿيو. پوء ڇا لکان ! ڳالهين جو درياء وھڻ لڳو. _ مزيدار ڳاله ! ان وقت جوڻيجي صاحب جو گھاٽو سنگتي ۽ سٺو ڪھاڻيڪار شوڪت حسين شورو صاحب سنڌ يونيورسٽيء ۾ اسٽوڊنٽس ويلفيئر آفيسر ھجي. ما کي بي. اي. جي سرٽيفڪيٽ ضرورت ھجي. خط لکيومانس. ورندي به ڪونه. جوڻيجي صاحب ڏي لکيم. ان وقت سنڌيالاجي ۾ ھجي. ھفتي اندر سرٽيفڪيٽ منهنجي ھٿن ۾ ! ڳاله جو پنڌ اڃان اڳتي _ شوڪت صاحب گذاري ويو. اسحاق سميجي صاحب سندس رھجي ويل لکڻين وغيره کي ڇپائڻ لاء سندس ڀاء ۽ سٺي جديد مشتاق احمد شوري کي ڪمرو ڏيکارڻ جي وينتي ڪئي. مشتاق صاحب ڪمري ۾ وٺي ويس. اسحاق صاحب ڪنهن ھوشيار پوليس آفيسر وانگر ڳولا ڪئي. ڪجه لکڻين ۽ خطن سان گڏ ميز جي خاني ۾ منهنجو ڊگري سرٽيفڪيٽ ٽيھن سالن کان پوء مليو. اصل ۾ ڇا ھو جو شوڪت صاحب منهنجو سرٽيفڪيٽ ڪڍرايو ھو پر ٽپال ۾ موڪلڻ کان رھجي ويس. ھاڻي اسحاق صاحب جي ميز جي خاني ۾ آهي. موڪليندو، الائي ڪنهن ميوزم ۾ رکرائيندو ! _ جوڻيجي صاحب جون ساروڻيون ۽ ناول " سو ديس مسافر منهنجو ڙي " اڌورا رھجي ويا. اسان به اڌورا اڌورا رھجي وياسون ! جوڻيجي صاحب آخري خط مون ڏي لکيو. ٽپال گهر وڃڻ کان اڳ موت جي ٽپاليء، مون وارو خط کسي، ملڪ الموت جو لفافو ڏنو. جوڻيجو صاحب ھٿ ڇڏائي وڇڙي ته ويو، پر وسريو ته ناهي ني ! عبدالقادر جوڻيجو سميع ساجد جوڻيجو سنڌ کان علاوه پاڪستان ۽ بين الاقومي سطح جو اديب، ڪھاڻيڪار، ڊراما نگار، مترجم، ڪالم نگار، دانشور ۽ اسانجو محبوب سائين عبدالقادر جوڻيجو جيڪو ۳۰ مارچ ۲۰۲۰ تي اوچتو لاڏاڻو ڪري ويو ھو انجي اڄ چوٿين ورسي جو ڏينھن آھي ھونءَ ته دنيا ۾ لکين ماڻھو ڄمڻ ٿا وڏا ٿين ٿا ۽ بي نانءِ زندگي گذاري ختم ٿي وڃن ٿا. انھن لکين ماڻھن منجهان ڪي ڪي ماڻھو اھڙا ٿيڻ ٿا جيڪي آخر تائين پنھنجي ڪردار ۾ ڪنول جيان ڳاٽ اوچو ڪري بيھن ٿا. اھا بلڪل حقيقت آهي ته هر ماڻھو پنھنجي ڪردار سان ئي ڄاتو سڃاتو ويندو آھي. موت برحق آ هي موت ڪو مھڻو ڪونھي ماڻھو ڄائو آهي ته موت جو ذائقو هڪ نه هڪ ڏينهن کيس ضرور چکڻو اٿس. PTV تان سائين عبدالقادر جوڻيجو جا سنڌي ۽ اردو ڊراما اڪثر گھرن ۾ وڏي شوق ۽ پابندي سان ڏسندا هئاسون. سندس ڊرامن کان متاثر ٿي مان سائين عبدالقادر جو انڪري به مداح هيس ۽ ساڻس ملڻ جو وڏو شوق هوندو هيو. هڪ ڏينھن ڇا ٿيو جو مون مهينو اڳ پنھنجي ٻاراڻي شاعري جو ڪتاب "لفظن جا پوپٽ" جيڪو سال ۲۰۰۷ ۾ حيدرآباد مان شايع ڪرايو هو جيڪومان اتان کڻڻ آيو هيس. مون حيدرآباد پهچي ۽ پنھنجي پياري دوست ساجد سومري کي ڪال ڪري کيس حيدرآباد پهچڻ جو اطلاع ڏنو جنھن کان پوء هو بائيڪ ڪاهي آيو ۽ پوء اسان ٻئي حيدر چوڪ لڳ مائٽ مور ساگر جوڻيجو جن جي پريس تي اچي پهتاسون اتان مون ڪجه ڪاپيون دوستن کي ڏيڻ لاءِ کنيون جيڪي سنڌي ادبي بورڊ جي ان وقت جي سيڪريٽري مشهور ڪالم نگار محترم اعجاز منگي کي، سنڌ الاجي ۾ محترم شوڪت شورو کي، ۽ اتي هڪ ٻه ٻين دوستن کي ڏيندا سڌا آياسون سنڌ الاجي ۾ جتي پنهنجي پياري دوست خالد آزاد وگهيو سان ملياسون ۽ ان کي به ڪاپي ڏنم. خالد آزاد سان سندس آفيس ويٺا هئاسون ڪچهري هلي پئي ته مونکي ساجد سومري چيو ته هت ھن اداري جو چيئرمين تنهنجو مائٽ سائين عبدالقادر جوڻيجو آهي هل ته ان سان به ملون. سچ پچ ته اهو ٻڌي مونکي انتھائي خوشي ٿي مان ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيس تنهن تي مون ساجد سومري کي خوش ٿيندي چيو ته يار اها ته منهنجي سالن واري آس ٿو پوري ڪرين ڇو جو مان ان مائٽ سان ملڻ لاء ڪافي وقت کان ماندو هيس انڪري اڄ تون ته وڏو ٿورو ٿو ڪرين. بھرحال جڏهن اسين سندس آفيس پهتاسون ته مائٽ پنهنجي آفيس ۾ ڪنهن هڪ ٻئي ماڻهو سان ڪچھري ڪري رھيو هو. اسان کيس السلام عليڪم چئي جڏهن اندر داخل ٿياسون ته پاڻ سٺي طرح سان اٿي اسان سان مليو ۽ ويهڻ لاء ڪرسين طرف اشارو ڪيائين. اسين ويٺاسون خير خيريت ڪيائين ان کان پوء ساجد سومري ساڻس منهنجو مختصر تعارف ڪرايو ۽ پوء مون ساڻس ملڻ واري تڙپ وارو احوال بيان ڪيو ۽ ھن مرڪيو جنهن کان پوء مون کيس پنھنجو ڪتاب "لفظن جا پوپٽ" تحفي طور ڏنو جنھن جو چڱي طرح جائزو ورتائين ۽ مونکي مرڪي مبارڪ ڏنائين ٿوري دير بعد ويٺل ٻيو ھمراه کائنس موڪلائي هليو ويو. جنهن کان پوءِ پاڻ اسان سان ڪچهري ڪرڻ لڳو. منهنجي دوست ساجد سومري جو ھو اڳ ۾ ئي دوست هيو ايتري ۾ چانه به اچي وئي جيڪا اسان پيتي سون. پاڻ وقفي وقفي سان سگار جا وڏا وڏا ڪش هڻي رهيو هو، چانه به پي رهيو هو ته اسان سان به ڪچهري ڪري رهيو ھو. ساڻس ڪڏهن ڪڏهن ڳالھائڻ مهل مان کيس مائٽ ٿي مخاطب ٿيانس پيو. ان هلندڙ ڪچھري دوران هڪ دفعو چانه پيتي سون ته وري اڌ ڪلاڪ کان پوء ٻيو ڀيرو چانھه اچي ٽيبل تي پھتي جيڪا اسان پيتي سون ڪچھري جاري هئي. سچ پچ ته مائٽ جي ڳالهائڻ جو انداز ايڏو ته مٺو، منفرد ۽ سحر انگيز هو جو دل بيحد خوش ٿي رهي هئي. اسان موڪلائڻ جي ڪئي ته وري ٽيون دفعو به چانه اچي وئي تنهن تي ساجد سومري مونکي کلي چيو ته ابا هت ٽي چانه جا ٽي دور هلندا آهن جنهن کان پوء سائين عبدالقادر مهمانن مان هٿ ڪڍندو آهي سو هاڻي هي ٽيون دفعو چانه پي ته پوء موڪل ملندي. سو بيشڪ مائٽ عبدالقادر جوڻيجو پاڪستان جو ھڪ تمام وڏو ۽ ليجنڊ اديب، ڪھاڻيڪار، ڊرامانويس، دانشور عظيم انسان ۽ انتھائي محبتي ماڻھو ھو. ھُو ۱۴ ڪتابن جو خالق هيو. هن دنيا جو تقريبن ڪافي ادب پڙهيو هو. هن جي لکيل ڊرامن ملڪ گير شهرت حاصل ڪئي جن ۾ راڻي جي ڪھاڻي، ڪاروان، ديوارين وغيره شامل هئا. سندس ڊرامي راڻي جي ڪھاڻي اردو، انگريزي ۽ چيني ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿي وڏي مقبوليت ماڻي. ھن ھڪ انگريزي ناول "دي ڊيڊريور" به لکيو ان کان علاوه ھُن پنھنجي حياتي ۾ ۶ ڇه سنڌي ۽ ۱۴ اردو زبان ۾ مقبول ترين ڊراما سيريل لکيون کيس ۱۹۸۹ ۽ ۲۰۰۸ ۾ ادبي خدمتن عيوض پرائيڊ آف پرفارمنس ايوارڊ ۳دفعا PTV جا بھترين اسڪرپٽ رائيٽر ايوارڊ به حاصل ڪيا ان کان علاوه ھنکي ٻيا به ڪافي ايوارڊ مليا. اھا ھڪ حقيقت آھي ته سندس وڇوڙو ٻولي، ترجمي ۽تحقيق جو ھڪ وڏو نقصان آھي. جيتوڻيڪ ھُو اڄ اسان جي وچ ۾ ناھي پر ھُو پنھنجي ڪيل ڪم سبب امر آھي ۽ امر رھندو. (سميع ساجد جوڻيجو جي فيسبڪ وال تان ۳۰ مارچ ۲۰۲۴ع تي رکيل/ کنيل) عبدالقادر جوڻيجو عالمِ ارواح مان موڪليل هڪ معصوم روح! - ۳۰ مارچ – ورسي جي نسبت سان خالد آزاد صبح جا ڏهه ٿيا هئا، آئون پنهنجي آفيس ۾، ليپ ٽاپ تي اي ميلون چيڪ ڪرڻ ۽ انهن جا جواب ڏيڻ ۾ مصروف هئس ته دروازي کُلڻ جو چيڪاٽ ٿيو. مون در ڏانهن ڏٺو ته جوڻيجو صاحب، دروازي جو هڪڙو تاڪ کولي ۽ هڪڙي تاڪ تي ٽيڪ ڏيون بيٺو هو. آئون ٽِپ ڏيئي ڪرسيءَ تان اٿيس ۽ ڏانهنس وڃڻ لڳس ته هُن اک جو اشارو ڪري پاڻ سان گڏ هلڻ لاءِ چيو. آئون به پنهنجي آفيس مان نڪري ساڻس گڏ، ڪاريڊور ۾ هلڻ لڳس. گڏ هلندي هُن کاٻي ٻانهن ورائي منهنجي ڪُلهي تي رکي ۽ ساڄي هٿ ۾، مُٺ تي سگريٽ جو سُوٽو هڻندي، پنهنجي مخصوص انداز ۾ چيائين: ”ڇڏ ڪم کي ميان! هن ملڪ ۾ جيڪو ڪم ڪندو آهي نه، ان کي گاريون کائڻيون پونديون آهن! توکي مڙئي شوقڙو آهي گارين کائڻ جو! هليا چانهه پيئون.. . “ مون مُرڪي جوڻيجي صاحب جو شڪريو ادا ڪيو ۽ اسان گڏ گڏ هلندا سندس آفيس پهتاسين! نائب قاصدن سلام ٺوڪيا، قاصدن دروازا کوليا ۽ جوڻيجو صاحب پنهنجي ڪرسيءَ تي براجمان ٿي ويو! آئون سندس سامهون پيل خالي ڪرسين مان هڪ تي ويهي رهيس. جوڻيجو صاحب ان ڏينهن ڏاڍو خوش پئي لڳو، ڊنهِل گولڊ پيڪيٽ کولي هڪڙو ٻيو سگريٽ دُکايائين ۽ چيائين: ”پاڻ وٽ هڪڙو اهڙو ڪريڊٽ ڪارڊ آهي، جو بس رڳو ڊز ڊز ڊز.. . ڪمپيوٽر واري ڇوڪري نمبر ٿي لڳائي ته اميزون، مڪملين، پئنگوئين، سائمن اينڊ شُسٽر.. جنهن کان وڻئي ڪتاب وٺ، سِڌو هتي پڙيءَ تي، ڪيئن ٿو ڀانئين.. ؟ ”واهه واهه“ چيم: ”ونڊ به ٿيندو يا.. “ ٻاهٺ سالن جي عبدالقار جوڻيجي جي اندر مان هڪڙو ٻارهن سالن جو ٻار نڪري آيو، هُن شرارتي نظرن سان مون ڏانهن ڏٺو، مشڪريءَ وچان ٿورو گُنگنايائين، ۽ چيائين: ”پُٽ! اڃا ڦٽاءِ اسان فقيرن سان.. . “ چيم: ”قبلا، اسان جي مجال آهي جو اوهان سان ڦٽايون!“ هُن گهنٽي وڄائي ۽ پٽيوالي کي گاڏيءَ منجهان هڪ پئڪيٽ آڻي ڏيڻ لاءِ چيو، وري مون ڏانهن مخاطب ٿيو: ”ونڊ به ونڊن جهڙو ڇا.. . تو واري في ويلڊن.. . برمنگهم واري انگريزياڻي.. . تازو ناول آيو ٿس.. بيهه ته پُٽ!“ ”اڙي سائين واه.. . پر مون واري وري ڪيئن؟“ پُڇيومانس: ”آ ها ها ها.. “ هو وڏا ٽهڪ ڏيڻ لڳو، چيائين: ”توکي جو وڻندي آ.. . “ آئون به شرارت تي لهي آيس، چيم: ”وڻنديون ته مون کي ويهه پنجويهه ڄڻيون ٻيون به آهن.. . “ ”اصل ۾ وڻندي ئي، پنهنجي ڪرڻ لاءِ آهي.. . “ جوڻيجي صاحب پنهنجي مخصوص انداز ۾ چيو: ”جيڪا شيءِ وڻندي آهي نه، اها پنهنجي ئي ٿي ويندي آهي!“ تيستائين پٽيوالو گاڏيءَ مان پئڪيٽ کڻي آيو، سو اچي جوڻيجي صاحب کي ڏنائين. جوڻيجو صاحب پئڪيٽ کوليندي ٻارن وانگيان گد گد ٿيڻ لڳو، ڄڻ ڪنهن ٻار کي چاٻيءَ وارو رانديڪو ملي ويو هجي! ٻه ڪتاب ڪڍي، هڪ مون ڏانهن اُڇلايائين، جيڪو ذري گهٽ چانهه جي ڪوپ کي لڳو هو، پر جوڻيجو صاحب ان ڳالهه کان بلڪل بي نياز هو، چيائين؛ ”Mantrapped اٿئي.. . تازو ناول آهي تو واري انگريزياڻيءَ جو.. . ٻه ڪاپيون گهرايون هئم، تنهنجو داڻو پاڻي لکيل هو، نه ته ميگهواڙ کڻي وڃي ها!“ ”اڙي واهه سائين واه.. .. “ مون ’في ويلڊن‘ جو ناول ڏٺو ته مزو اچي ويو! تڏهن ’مين ٽريپڊ‘ جو وڏو چرچو پئي هليو، شايد هي ناول ۲۰۰۴ع ۾ ڇپيو هو. مون کي بيحد خوشي ٿي ۽ مون جوڻيجي صاحب جو شڪريو ادا ڪيو. ان ڏينهن اسان ڪيترو ئي وقت ’في ويلڊن‘ جي ناولن ۾ ’فيمينزم‘، ’پاور اسٽرگل‘ ۽ ’رليشن شپس‘ تي ڳالهائيندا رهياسين. جوڻيجي صاحب کي ’فيمينزم‘ ۽ ’سول سوسائٽيءَ‘ جهڙن اصطلاحن کان سخت چِڙ هوندي هئي. ’فيمينزم‘ کي ته هو ’مردن خلاف سازش‘ سمجهندو ۽ چوندو هو، ۽ ’سول سوسائٽيءَ‘ جي باري ۾ سندس خيال هوندو هو ته اسان وٽ ماڻهن جي جنهن گروهه (اديبن، صحافين، ساڃهه وندن، ڪامورن، پروفيسرن، سماجي اڳواڻن) کي ’سول سوسائٽي‘ يعني ’مهذب ماڻهو يا مهذب ماڻهن جو گروهه‘ چيو ۽ سڏيو ويندو آهي، تِن جو مهذب پڻي سان ڪو واسطو ناهي! هُو چوندو هو ته ”اصل ۾ ’سول سوسائٽي‘ ته اُهي عام، شريف، سادا ۽ سِڌا، نيڪ، ڏاها، انسانيت ۽ رشتن جو ادراڪ رکندڙ ۽ نڀاءُ ڪندڙ ماڻهو آهن. اسان وٽ جنهن لڏي کي ’سول سوسائٽي‘ چيو وڃي ٿو، تنهن ۾ ذات لوفر، ڳنڍي ڇوڙ، ٻه نمبريا ڀريا پيا آهن. “ هڪڙي ڀيري سنڌي ادبي سنگت جون مرڪزي چونڊون هيون، جيڪي سدائين سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي دفتر ۾ ٿينديون رهنديون آهن. ان سال ادبي سنگت جي چونڊن جو چرچو لڳو پيو هجي، چونڊن کان هڪ ڏينهن اڳ مون کي آفيس ۾ گهرايائين، چيائين: ”ڳالهه ٻُڌ! هن اداري ۾ هڪڙو اديب آئون عبدالقادر جوڻيجو، هڪڙو اديب تون! هڪڙو خان محمد جروار ۽ هڪڙو زاهد اوٺو، پنهنجا چار ووٽ پڪا، پر ڏينداسين تاج جويي کي!“ مون وراڻيو: ’قبلا پاڻ ووٽ نٿا ڏيئي سگهون“ (تڏهن مون سميت اسان مان ڪو به ادبي سنگت جو ميمبر نه هو) ”ڇو، پاڻ اديب ناهيون ڇا؟“ چيائين. ”اديب ته آهيون“ چيم: ”پر ووٽ نٿا ڏيئي سگهون جو پاڻ ميمبر نه آهيون. ’جُمن خان جذباتي‘ ۽ ’سومر خان سودائي‘ ووٽ ڏيئي سگهن ٿا، جو اُهي ميمبر آهن“ ”عبدالقادر جوڻيجي کي ووٽ ڏيڻ جو حق نه آهي ته اها ڪهڙي ادبي سنگت ٿي؟“ جوڻيجي صاحب چيو: ”تڏهن ته اِها سُڌري ڪا نه ٿي!“ دل ۾ سوچيم، واقعي جي سنڌي ادبي سنگت ۾ جوڻيجي صاحب کي ووٽ ڏيڻ جو حق نه آهي ته پوءِ ڪنهن کي آهي! جوڻيجو صاحب جڏهن سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جو چيئرمئن ٿي آيو هو ته، شايد ٻن چئن ڏينهن کان پوءِ ائين اوچتو صبح جو سِڌو منهنجي آفيس هليو آيو. ڪُرسي گهلي منهنجي آڏو ويهي رهيو، پُڇيائين: ”ڇا پيو ٿئي.. . !“ ان ڏينهن مون ’انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‘ جي پهرئين جلد تي نظر پئي گهمائي، وراڻيم: ”سنڌي ٻوليءَ جي پهرين انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جو پهريون جلد ڇپائيءَ لاءِ تيار آهي!“ ”اڇا.. . انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا.. . !“ جوڻيجي صاحب حيرت گاڏڙ خوشيءَ وچان چيو: ”ڏيکار ته اسان به ڏسون سنڌين جي انسائيڪلوپيڊيا!“ مون پهرئين جلد جي ايڊيٽيڊ ڪاپي سندس آڏو رکي. جوڻيجي صاحب ائين ئي وچان هڪ صفحو کوليو، جنهن تي ’پٽاٽي‘ جي داخلا هئي! هن پٽاٽي تي لکيل تفصيل پڙهيو ته سندس موڊ خراب ٿي ويو! پٽاخ ڪري ڪتاب بند ڪيائين ۽ ڪُرسي ريڙهي اُٿيو ته آئون به اٿي بيهي رهيس، چيائين: ”هيءَ به ڪا انسائيڪلوپيڊيا آهي؟ ’پٽاٽو، هڪ ڀاڄيءَ جو قسم، بس!‘ ائين انسائيڪلوپيڊيا ٺاهبي آهي؟ يَر سنڌين کي وري عقل جو ذرو ئي ناهي.. . هليا آئون ٿو توکي ٻڌايان انهي پٽاٽي جي تاريخ ۽ جاگرافي! “- ۽ پوءِ جوڻيجي صاحب ٻڌايو ته ’پوٽيٽو‘ جنهن کي اسان سنڌيءَ ۾ ’پٽاٽو‘ چوندا آهيون، سو اصل ۾ ۷۰۰۰ سال اڳ ڏکڻ آمريڪا ۾، جتي اڄ ملڪن ’پيرو‘ ۽ ’بوليويا‘ ملڪ آهن، ان علائقي ۾ پوکجڻ شروع ٿيو ۽ پوءِ سڄي دنيا ۾ پکڙجي ويو. دفتر ۾ اڪثر صبح جي چانهه جوڻيجي صاحب جي آفيس ۾ گڏجي پيئڻ جو موقعو ملندو رهندو هو. هڪڙي ڏينهن صبح جي چانهه دوران سندس سيڪريٽري کيس بريفنگ ڏيڻ لڳي: ”سر، شيخ اياز صاحب ڪراچيءَ مان فون ڪئي هئي ۽ ادل.. .. “ ”جهل جهل گاڏيءَ کي“ جوڻيجي صاحب چيو: ”اِهو وري شيخ صاحب قبر مان فون ڪئي هئي ڇا؟“ ”سر، ڪراچيءَ مان.. . “ پي ايس وراڻيو ” هين.. . هي هي هي.. . ڀُلي هوندينءِ“ جوڻيجي صاحب چيو: ”شيخ صاحب جا ته هڏا به سڙي ويا هوندا ڀٽ شاهه ۾، فون وري ڪٿان ڪندو!“ پرسنل سيڪريٽري ’ايسڪيوزمي سر‘چوندي ٻاهر نڪري وئي، ڊائري چيڪ ڪندي وري ڊوڙندي آئي. ”سوري سر، شيخ اياز نه پر شيخ عزيز صاحب هو.. . “ (تڏهن شيخ عزيز صاحب به حال حيات هو) ”او اتي رکينس.. . “ جوڻيجي صاحب چپٽيءَ سان سگريٽ جو ڦلو ڇڻنيدي، مخصوص انداز ۾ چيو: ”اهو عزيز شيخ هوندو، باقي شيخ اياز کي واقعي به جي خبر هُجي ها ته تو جهڙي سهڻي ڇوڪري ٿي فون کڻي ته قبر مان به نڪري اچي ها.. .. هي هي هي.. . “ ڇا ته شخص هو، جهڙو اندر تهڙو ٻاهر! سدائين سڌو، سادو ۽ ڌُو پار! پنهنجي مزاج، وضع قطع ۽ شخصيت ۾ هڪڙو مڪمل ليکڪ! حساس، گهڻ پڙهيو ۽ سادو سِڌو! نه وڏائي نه آڪڙ، نه اسٽيٽس جو ڪامپليڪس نه اسٽئنڊر جو خوف! تڏهن جوڻيجي صاحب جي عمر ۶۲ سال هئي، پر هو پنهنجي جوهر ۾ هڪڙو ٻارهن سالن جو ٻار ئي هو، خوش ٿيندو، کلندو، مذاق مشڪريون ڪندو، ڪُڏندو، ٺينگ ٽپا ڏيندو.. .. هڪڙو معصوم روح، ڄڻ تازو تازو عالم ارواح مان موڪليو ويو هجي. ايم ڪيو ايم جو قمر منصور تڏهن ثقافت کاتي جو وزير هو. هُو هڪ ڏينهن سنڌ ميوزيم ۽ دائودپوٽه لائبرريءَ جي دوري تي آيو ته کاتي جا سمورا آفيسر گهرايائين. جڏهن کيس خبر پئي ته سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جو چيئرمئن عبدالقادر جوڻيجو آهي ته ان احترام وچان، جوڻيجي صاحب کي پاڻ وٽ گهرائڻ بجاءِ هُو سندس آفيس هليو آيو. آفيس ۾ اوچتو خبر پئي ته منسٽر صاحب ٿو اچي. مون وزير صاحب کي ٻاهر ئي ’رسيو‘ ڪيو ۽ جوڻيجي صاحب جي آفيس ڏانهن نياپو موڪلي ڇڏيو ته وزير صاحب اوهان سان ملڻ لاءِ اچي رهيو آهي. اسان سڀيئي وزير صاحب سان گڏ جيئن ئي چيئرمئن صاحب جي آفيس ۾ داخل ٿياسين ته ڏٺوسين ڪرسي خالي، جوڻيجي صاحب آهي ئي ڪونه! اسٽاف کان معلوم ڪيوسين ته ٻڌايو ويو ته غالباً واش روم ۾ آهي. وزير صاحب احترام وچان ويٺو ڪونه، بلڪه بيٺو ئي رهيو. گڏوگڏ ٻيا سڀ بيٺا رهيا ته جيستائين جوڻيجو صاحب ٻاهر نڪري! ٿوري دير ترسي مون صورتحال کي مينيج ڪرڻ لاءِ آهستگيءَ سان واش روم جو دروازو کڙڪايو، پر پاڻيءَ جي آواز کان سواءِ ٻي ماٺ! ٿوري دير ترسي مون ٻيهر دروازو کڙڪايو ته آواز آيو: ”يي اهيو ڇاهي، اچان ٿو ير اچان ٿو، مُٽڻ ته ڏيو.. . !“ آئون، نه ئي کِل روڪي پيو سگهان ۽ نه ئي ته ’ڊيڪورم مينٽين‘ ڪري پيو سگهان، جو وزير صاحب بيٺو هجي، پر خدا ڪيو جو تيستائين جوڻيجو صاحب واش روم مان نڪري آيو. ٻاهر نڪرندي ئي سامهون هيترا ماڻهو جو ڏٺائين ته ٻانهون ٻڌي بيهي رهيو، چيائين: ”اي سائين معاف ڪجو، ڪو وزير اچي پيو ملڻ لاءِ، سو مون وري سوچيو ته واش روم مان ٿي اچان.. . “ مون، قمر منصور ڏانهن اشارو ڪندي، جوڻيجي صاحب کي ٻڌايو ته ’وزير صاحب توهان سان ملڻ آيا آهن. ‘ تيستائين قمر منصور اڳتي وڃي جوڻيجي صاحب کي جُهڪي ڀاڪر پاتو، ۽ پوءِ ٿوري دير کان پوءِ آفيس ۾ ٽهڪن جا ٽاڙيا، سگريٽن جا سُوٽا، ڊرامن جون ڳالهيون ۽ تاڙين جا ڦهڪا شروع ٿي ويا ۽ آئون ڏسندو رهجي ويس ته هيءُ آخر ڪهڙي دنيا جو ماڻهو آهي. جوڻيجي صاحب کي ڪتابن جي مهورتن، شامن ملهائجڻ، تعزيتي ريفرنسن ۽ اجاين تشهيري پروگرامن کان سخت چِڙ هوندي هئي. اٿارٽيءَ ۾ چيئرمئن شپ دوران سندس زور پروگرامن بجاءِ ڪتابن جي ڇپائيءَ تي هو. هُن جيڪي پروگرام ڪرايا سي ليڪچر پروگرام هئا. ڪميٽيون، ميٽنگون، انڪرائريون، رپورٽون، نوٽيس وغيره کيس وڻندا ئي نه هئا. هو نوڪريءَ کي ’جُتيءَ جي نوڪ‘ تي رکندو هو، کيس پنهنجي ’ليکڪ‘ هجڻ تي وڏو مان ۽ ڀرم هوندو هو. هڪ ڀيري اٿارٽيءَ جي گرانٽ رليز ٿيڻ ۾ دير ٿي وئي ته اسان آفيسر کيس همت ٻڌرائڻ لڳاسين ته وزير اعلي هائوس مان هيترا ڀيرا دعوتون آيون آهن ۽ اوهان نه ويا آهيو. مهرباني ڪريو، وزير اعلي هائوس وڃو، ان بهاني اسان جي گرانٽ نه رڳو جاري ٿي ويندي پر ٻيڻي به ٿي ويندي. پر هو سدائين ڪو نه ڪو بهانو ڪري ڳالهه ٽاري ويندو هو. هڪ وقت اهڙو به آيو جو پگهارن لاءِ پئسا نه هجن، اٿارٽيءَ جا اڪائونٽ خالي ٿيا پيا هجن. اسان آفيسرن کيس معاملي جي سنجيدگيءَ کان آگاهه ڪيو ۽ نيٺ کيس راضي ڪيوسين ته هو وزير اعلي هائوس وڃي، وزير اعلي صاحب سان ملي ۽ اداري جي گرانٽ وڌرائي اچي. جوڻيجو صاحب نيٺ ڪراچي ويو، ٻئي ڏينهن آفيس ۾ ملاقات ٿي ته اسان جو پهريون سوال وزيراعلي هائوس ۽ ملاقات جو هو! هُن معصوم ٻار وانگر مُسڪرايو، چيائين: ”اوهان کي پگهار سان ڪم نه، ان جو بندوبست ڪري آيو آهيان، باقي وزير اعلي هائوس ير آئون ڪون ويس. “ ”سائين ڇو نه ويا؟“ ”ڪُتا ٻڌا پيا آهن، ڏاڙهڻ ٿا اچن. “ چيائين: ”پاڻ کان اوڏانهن وڃڻ ڪونه ٿيندو. “ اسان سندس ڳالهه کي سمجهي نه سگهياسين. بعد ۾ خبر پئي ته اُهو سڄو ڏينهن جوڻيجي صاحب، وزير اعلي هائوس وڃڻ بجاءِ ’جيو انٽرٽينمينٽ‘ جي دفتر ۾ چانهيون پيئندي، اولڊ بوڪ هائوس ۽ پارڪ ٽاور تان ڪتاب وٺندي ۽ سمنڊ جو سير ڪندي گذاريو. ’جيو‘ جي آفيس مان ئي ڪنهن ناڻي کاتي جي آفيس کي فون ڪري چيو ته ”شرم ڪونه ٿو اچيوَ، جوڻيجي صاحب کي نٿا سڃاڻو، ان کان به رشوت وٺندئو، ٻُڏي نٿا مرو. “ ۽ پوءِ هفتي ۾ ئي اسان جي گرانٽ رليز ٿي وئي ۽ پگهارون ٿيون ته جوڻيجي صاحب گهر تي گهرائي، اسان سان گڏ پارٽي ڪئي! وقت بدلجي ويو آهي! چوڏسا سوشل ميڊيا چرچو آهي، چڱو جو جوڻيجو صاحب هن ظالم دور ۾ نه آهي، نه ته سندس نالي سان فيڪ آءِ ڊيون ٺهي وڃن ها ۽ هو شريف ماڻهو ’حراسمينٽ‘ جي الزامن ۾ سرڪاري دفترن ۾ پيشيون ڀريندو رهي ها! مِس يو سائين، لَو يو سائين! (فيسبڪ پوسٽ تان ۳۰ مارچ ۲۰۲۴ع تي رکيل/ کنيل) عبدالقادر جوڻيجو استاد جا استاد ڪير هئا خالد ڪنڀار هو مٺ تي ڊنل جي سگريٽ مان ڪش هڻڻ مهل پنهنجي هڪڙي اک ائين بند ڪري ڇڏيندو هو، جيئن هن جي چاچي ڀاڻي پن جي ٻيڙي مان مٺ تي ڪش هڻڻ مهل هڪڙي اک بند ڪري ڇڏيندي هئي. اهو ڪش هڻڻ جو انداز هن جو پنهنجو ڪونه هو. اهو انداز هن کي پنهنجي چاچي ڀاڻي وٽان ورثي ۾ مليو هو. اها چاچي ڀاڻي جنهن وٽ هو پنهنجي ماءُ جو گهر ڇڏي اچي اڪثر رهندو هو. اها چاچي ڀاڻي جنهن جي ڳلن تان لڙڪ ڪونجن جي ولر کي ڪڻڪندو ڏسي لار ڪري وهي هلندا هئا. هن نه صرف اهو هڪ هڪ ڳوڙهو پاڻ وٽ سنڀالي رکيو هو. پر اهي مهراڻي جي ڪس مان جنهاڻ جي ڀٽ تان وطن کان وڇڙيل ڪونجن جا اڏندڙ ولر به هن پاڻ وٽ سنڀالي رکيا هئا. جيڪي هن چاچي ڀاڻي جي اکين سان ڪڏهن ڏٺا هئا. انهن ڪونجن جي هڪ هڪ ڪوڪ به هن وٽ محفوظ هئي. هن کي چاچي ڀاڻي تڏهن به ياد هئي جڏهن هو هڪڙي ڳوري سرائڪي صحافڻ سان گڏ سفر ۾ هو. انهي صحافڻ جڏهن سگريٽ دکائي مٺ تي ڪش هئيون ته هن کي چاچي ڀاڻي ياد اچي وئي. انهي ڪري هن جي پهرئين استاد هن جي چاچي ڀاڻي هئي. هن اهو به هڪ هڪ ڳوڙهو پاڻ وٽ سنڀالي رکيو هو جيڪو ڳوڙهو پنهون رٻاري جي اک مان پنهنجي اٺين جي وڳن کي ساريندي ڄامشوري جي اڃارن پٿرن تي ڪريو هو. هو جڏهن پنهون رٻاري جي ڳاله ڪندو هو ته هو پنهنجي اندر ڪارن ڪپڙن وارو هڪڙو رٻاري ٿي ويندو هو. جيڪي ڪارا ڪپڙا هن پنهون رٻاري جي بدن تي ننڍي هوندي کان پاتل ڏٺا هئا. اهو پنهون رٻاري جيڪو اڪثر وسڪاري ۾ مال ڪاهي اچي جنهاڻ جي ڀٽ تي رهندو هو. هو چوندو هو پنهون جنهن جون اکيون سدائين آسمان ۾ هونديون هيون. جيڪي ڪارن ڪڪرن کي ڏسي خوشي مان ڀرجي اينديون هيون. اوڏي مهل نه صرف پنهون جو اندر آسمان ٿي پوندو هو. پر هن ٿرئين جي اندر ۾ به ڪارا ڪڪر پيا لامارا ڏيندا هئا. انهي ڪري هن جو ٻيو استاد پنهوون رٻاري هو. ڪيسري ڀيلڻ ۽ رامجي ڪولهي هن جا استاد تـ ڪونـ هئا. پر هو انهن ٻنهي کي ويهئين صدي جون وڏيون شخصيتون سمجهندو هو. انهن شخصيتن ۾ هو رمضان جوڻيجي جي ڳالهـ بـ ڪندو هو. جنهن جو مٺو آواز هن کي ننڊ مان اٿاريندو هو. اهو رمضان ڪنهن جي ڪاڄ ۾ نچندو هو تـ سندس پٽڪي جو ڇڳو بـ هن سان لئي ۾ گڏيو ايندو هو. انهي رمضان کي هو پنهنجو استاد بـ مڃيندو هو. انهي کانسواءِ هو پنهنجا سڀ کان وڏا استاد ڌنارن کي سمجهندو هو. هو انهن ڌنارن سان گڏ نڪري وڃي مال چاريندو هو. هو پاڻ جڏهن ڄامشوري جي پٿرن تي ڀنڀورين کي اڏندي ڏسندو هو تـ هن پنهنجي ڳوٺ جا اهي گهاٽا کارا کٻڙ ياد اچي ويندا هئا. جيڪي هاڪڙي جي ٻنهي ڪنڌين تي وسڪاري کان اڳ ۾ ڀنڀورين سان ڀرجي ويندا هئا. هاڪڙو هون تـ هن جي گهر جي گهٽي تي هو. پر هڪڙو هاڪڙو هن جي پنهنجي اندر ۾ بـ هو. هو انهي مري ويل درياءِ جو اڃيون پيٽ سدائين پنهنجي اندر ۾ کڻي هلندو هو. جنهن جا اوسا چپ سدائين تڏهن پسندا آهن. جڏهن گهڻا مينهن پوندا آهن. جڏهن ڀٽن تان وسندڙ مينهن جو پاڻي ريلا ٺاهي وهندو اچي هاڪڙي جي پيٽ ۾ ڪرندو آهي. اهو هاڪڙو جيڪو هن جي اندر ۾ هو انهي هاڪڙي درياءِ ۾ هن وٽ هڪڙو ڪارو اصيل نانگ بـ هو جنهن جي ليڪي تي درياءِ ٺهيو. هو جڏهن انهي درياءِ جو ذڪر ڪندو هو تـ انهن جوڳي قبيلن ۽ گرو گورک ناٿ جو بـ ذڪر ڪندو هو. جيڪو انهي نانگ جي پٺيان پنڌ پيو هو. اهي ڪنپٽ ۽ ڪن چير جوڳي جن سان وسڪاري جي ڏينهن ۾ مهراڻي جون ڀٽون ڀرجي وينديون هيون. هن انهي مئل درياءِ تي هڪڙو ناول بـ لکي ڇڏيو. انهي ئي هاڪڙي درياءِ جو وانڪل وارو گهيڙ هن جي گهر جي گهٽي کان صفا سڏ پنڌ تي هو. هن کي اها بـ خبر هئي تـ رٻاري سنڌ ۾ انهي ئي گهيڙ تان وانڪل ڏيوو جي مورتي هڪڙي سهڻي رٻارڻ جي مٿي تي ڏئي گذريا هئا. اهو سنڌ ۾ سومرن جي بادشاهي جا ڏينهن هئا. اهين هو رٻارين جا ولر ويندا لکڻن ۾ ڏيکاري ڇڏيندو هو. اسان جهڙو ڪو ماڻهو جڏهن بـ انهي گهيڙ وٽان گذرندو هو تـ ٿورڙو بيهـ رهندو هو ۽ اهي منظر محسوس ڪندو هو. اهي رٻاري اتان ويندا محسوس ٿيندا هئا. هن انهي وانڪل واري گهيڙ تي ڊرامون بـ لکيو هو. اسان ننڍڙا هوندا هئاسين تـ پورو پاڙو ريڊيو تي ويهي اهو ڊرامون ٻڌندو هو. انهي ڪري هن جو هڪڙو استاد اهو اڃيون درياءِ بـ هو. جنهن هن کي پنهنجي اڃ امانت طور ڏني هئي. هن جي پيرن ايترا پنڌ تـ ڪونـ ڪيا هئا. جيترا سنڌ جي خانـ بدوش قبيلن جي پيرن ڪيا هئا. پر اهي خانـ بدوشن جا پير هن ضرور ڏٺا هئا. هن کي انهن پيرن ۽ انهي پنڌ سان عشق هو. هن انهن تي هڪڙو ڪالم لکيو پر اهو هڪڙوڪالم هن جي سڃاڻپ ٿي ويو. انهي ۾ هن ڪبوترن ٻڙهن ۽ ڪوچڙن جي پيرن جي پنڌ سان عشق ڪيو هو. هن اهي مٽيءِ مان ٺهيل ننڍڙا رانديڪلا ٻـ ڏٺا هئا. جيڪي گرگليون ۽ ٻڙهيون گهر گهر وڃي وڪڻنديون هيون. انهي ڪري هن جا استاد اهي خانـ بدوش قبيلا بـ هئا. هن جو هڪڙو ڊرامون تـ اسان جي ڳوٺ نهٽي واري ڀٽ تي فلمايو ويو هو. انهي ڊرامي ۾ روهي بانو بـ هئي. مون شايد پهريون ڀيرو هن کي تڏهن ڏٺو هو. اهو ڊرامون جڏهن ٽي وي تي هليو تـ دانگين ۾ پيل مانين جا پڙ دانگين ۾ ئي سڙي ويا. شهرن جون گهٽيون ويران ٿي ويون. رڳو پيا ڪتا بسندا هئا. ٽي وي جي اڳيان هجوم هئا پر ڳالهائيندو ڪير بـ ڪونـ هو سڀ ويٺا ٽي وي جو آواز هيڪلا ڪنا ٿي ٻڌندا هئا. اهو ڊرامون هليو هو تڏهن پارومل ڪولهي نبي سر وارو ايم اين اي ٿيو هو. هو پنهنجي زال سان گڏ جڏهن اسلام آباد واري ايئرپورٽ تي لٿو تـ ميڊيا جي ڪيميئرائن جو رک پارومل جي زال ڏانهن ٿي ويو. انهي شهر جي ميڊيا پارومل کان پڇڻ لڳي “يـ سکان هي ڪيا“هن انهي ڊرامي ۾ پوري لوڪ ڏاهپ هڻي ڇڏي هئي. هو پاڻ بس جهنگ جي بلا هو. جيڪا ڪنهن جي بـ کاري ۾ ڪونـ تي رهي سگهي پئي ڀٽن ۾ ڀتڪندي هئي. انهي ڪري اهي ڀٽون ۽ ڀٽن ۾ رهندڙ جهنگ جا ماڻهوبـ هن جا استاد هئا. جهنگ جي ماڻهن جو هي شاگرد جڏهن شهرن ۾ لٿو تـ هن جي قلم اهي سڀ ڪجهـ ڳالهايو جيڪو هن جهنگ کان سکيو هو. شهرن لئـ اهي ڳالهيون نيون هيون. اهين هي انهن شهرن ۾ رهندڙن جو استاد ٿي ويو. انهي استاد کي جڏهن هورو ٿيندو هو تـ جهنگ منهن ڪندو هو ۽ جڏهن وري جهنگ مان دل ڀربي هئي تـ وڃي ڪتابن جي جهنگ ۾ پوندو هو. عالمي ادب مان اهڙيون اهڙيون ڳالهيون کڻي اچي سٽڪو ڪرائيندو هو. جو هر ڪنهن کي پنهنجي اڻ پڙهي هجڻ جي اڃ اڃان پڙهڻ تي مجبور ڪندي هئي. جڏهن هو جهنگ جون ڳالهيون ڪندو هو تـ شهرن وارا پريشان هئا ۽ جڏهن ڪتابن جون ڳالهيون ڪندو هو تـ جهنگ جي مخلوق پريشان هوندي هئي. اهين هن هڪڙي ئي وقت ٻنهي کي پريشان ڪيو. اڄ هو انهن گهاٽين ڄارين واري ڳوٺ ۾ هاڪڙي درياءِ جي ڪپ تي هڪڙي وڏي ڄار ۽ هڪڙي وڏي ڪنڊي جي وچ ۾ مدفون ٿي ويو. هاڻ وري هن جون اتي اهي ئي ڪچهريون هونديون. جتي رمضان جوڻيجو ۽ چاچي ڀاڻي تـ هوندا ئي هوندا پر هن جي ڪچهري جو ٻڌي رامجي ڪولهي، ڪيسري ڀيلڻ ۽ پنهون رٻاري بـ اچي وڃن. ٿي سگهي ٿو جوڳين جو ڪو خانـ بدوش قبيلو بـ هن جو قبر جو پاسو ڏئي مٽي وڃي. هن جي انهي قبر تان هر سال پيا ڪونجن جا ولر مٽيندا. انهي وڏي ڄار تي هاڻ ڀنڀوريون هر سال پيون اينديون. هن جي ڳوٺ واري ڀٽ جو پاڻي هن جي قبر جو پاسو ڏئي وڃي هاڪڙي درياءِ ۾ ڪرندو. هاڪڙو ڀرجي ويندو. تڏهن هي هاڪڙي جي ڪپ تي ضرور ويندو. نـ رمضان جوڻيجي سان ڦانگ هڻي مٺ تي سگريٽ جا ڪشش ڀري ڀري هڻي ڪنڊيرا ۽ ماڪيز جون ڳالهيون ڪندو ۽ ڀاڻي ڪونجن جو ذڪر ڪندي رمضان جوڻيجي جي اک ۾ پيل سوئيرو هن کي ڪڏهن بـ پوڙهي نـ ٿيڻ جو احساس پيو ڏيکاريندو. عبدالقادر جوڻيجو مرتضيٰ سيال عبدالقادر جوڻيجو سنڌ جو يگانو ڪهاڻيڪار، ناٽڪ نويس، ڪالم نگار ۽ هڪ منفرد انسان هئو. ادب جي دنيا جو قداور نالو هئڻ جي باوجود وڏائي سندس پاسي کان به لنگهي نه سگهي، پنهنجي طبيعت ۾ نهٺائي رکندڙ اهڙو فقير ماڻهو هئو جنهن وٽ بادشاهيءَ جا گرُ هئڻ جي باوجود هو پنهنجي ڌُن ۾ مگن رهندڙ هڪ بنه دلبر انسان هئو. ڊرامو هُجي، ڪهاڻي هُجي يا ڪو ڪالم هجي هر لکڻي ۾ هُن جو هڪ الڳ ڊڪشن ۽ انداز آهي. هن جي ڳالهين کان ويندي لکڻين تائين سندس مطالعي ۽ مشاهدي جي پختگي نظر ايندي، هُن جيترو لکيو اُن کان وڌيڪ پڙهيو ۽ پروڙيو. پنهنجي حياتيءَ ۾ هو پڙهڻ ۽ لکڻ کان ڪڏهن به نه ٿڪيو، سنڌ جو هي واحد ليکڪ هو جيڪو لڳاتار لکندو رهيو، پڙهڻ ۽ لکڻ سان هن جو ازلي عشق رهيو. عبدالقادر جوڻيجو پرائيڊ آف پرفارمنس ۽ ٻيا ڪيترائي ايوارڊ ماڻيا پر هُن پنهنجي ڪيريئر ۽ حياتيءَ ۾ ڪڏهن ايوارڊن ۽ انعامن کي خاطر ۾ نه آندو. هو پنهنجي زندگيءَ ۾ ته ڏاڍو لاپرواه ماڻهو رهيو پر لکڻ ۽ پڙهڻ توڙي نون ۽ نوجوان ليکڪن کي همٿائڻ جي معاملي ۾ هن ڪڏهن به لاپرواهي نه ڪئي، جن ڏينهن ۾ سندس طبيعت ناساز رهي انهن ڏينهن ۾ به هن لکڻ پڙهڻ کي نه ڇڏيو. ٿر جي مٽيءَ مان ڳوهيل هن محبوب ماڻهوءَ جي لکڻين ۽ ڳالهين مان به ٿر جي واري جو چلڪو ۽ برسات کانپوءِ مٽيءَ جي مهڪ محسوس ٿيندي هئي. عبدالقادر جوڻيجو سان منهنجون تمام گهڻيون يادون وابسته آهن. ۱۹۸۹ ۾ جڏهن آئون سنڌ يونيورسٽي جي ماس ڪميونيڪيشن جو شاگرد هئس ان وقت کان ساڻس محبتن وارو رشتو جڙيو، اُن زماني ۾ عبدالقادر انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جو ڊائريڪٽر هئو، آئون ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ کان پوءِ عبرت مئگزين ۾ ڪم ڪندو هئس، عبدالقادر پنهنجي آفيس جون ذميواريون نڀائڻ کان پوءِ اڪثر ڪري گلستانِ سجاد ۾ منهنجي آفيس ايندو هئو، جتان اسان شهر روانا ٿيندا هئاسين پوءِ ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي دوستن، فنڪارن ۽ اديبن جو ميلو مچندو هئو، اهڙي طرح ڪچهرين جو نه کٽندڙ سلسلو هوندو هئو، عبرت مئگزين فائينل ڪرڻ وارن ڏينهن ۾ آئون نه نڪري سگهندو هوس ته عبدالقادر اسان جي انچارج مرحوم غفور ڪريمي سان ڪچهري ۾ ويهي رهندو هو، اهڙي طرح هو جتي به ويهندو هئو اتي محفل ۾ ڪچهريءَ جو مرڪزي ڪردار هوندو هو. هو اسان جهڙن سيکڙاٽ ۽ نون ليکڪن سان گڏ ويهي اسان کي نه رڳو اُتساه بخشيندو هئو پر اسان سان گڏ ويهي وڏا وڏا ٽهڪ به ڏيندو هئو. هو مون کان نه رڳو عمر ۾ پر هر حوالي سان وڏو هئو پر پنهنجي سڀاءُ ۽ پيار سان محسوس ائين ڪرائيندو هو ڄڻ اسان هڪجيترا ۽ بي تڪلف يار آهيون، مون هن کي هميشه يار جي نالي سان ئي ياد ڪيو آهي. اڄ يادگيرين جو نه کُٽندڙ سلسلو ڇڏي يار وڃي جنهاڻ جوڻيجو جي مٽيءَ ۾ آرامي ٿيو آهي. پر هو اسان جي دلين ۾، ذهنن ۾ پنهنجن لکڻين ۾ سدائين زنده رهندو.
سائين جي ايم سيد سنڌ جو سائين ممتاز علي وگهيو هي جو پوڙهو جهور، وڙهندي ٿيو ويڙھ ۾ اڃا ڏمر ڏاڍ تــــــي، آڻ نه مـــڃي مــــــور، سوچي ڏسي ڏور، آڏو آرڻ ڏينهڙا. (اياز) سنڌ جي سيد سائين جي ايم سيد تي لکڻ لاء علم دانائي ۽ وڏو دماغ گهرجي، جيڪو مون جهڙي منڊي ماڪوڙي وٽ ڪونهي. سيد تي لکڻ لاء وڏو وقت گهرجي، ڇاڪاڻ ته سائين جي زندگي جا ايترا ته پهلو آهن جو هر هڪ پهلو ته هڪ وڏو ڪتاب لکجي سگهجي ٿو، ۽ هر هڪ پهلو تي ڊاڪٽريٽ ڪري سگهجي ٿي، ۽ اميد آهي ته ڪي سنڌ جا اهڙا نوجوان پيدا ٿيندا جيڪي سائين جي زندگي جي هر پهلو تي ڊاڪٽريٽ ڪندا، سائين سنڌ جي گهمندڙ ڦرندڙ ثقافت ۽ تاريخ هئا، ان سان گڏ وڏا ليکڪ ۽ دانشور ۽ وڏا عالم ۽ وڏي ضرف وارا وڏا ماڻهون هئا، بقول منهنجي دوست جناب حافظ خليل صاحب ته سائين عربي، فارسي جي گرامر صرف و نحو جا وڏا ڄاڻو ۽ ماهر هئا، عربي گرامر توڙي قرآن جي علم تي کين وڏو عبور هو، جڏهن شاه سائين جا بيت يا وري مولانه جلالالدين رومي جي مثنوي ۽ حافظ شيرازي جي شاعري پڙهي ڪري انهن جي معني ۽ تشريح ڪندا هئا ته مٿن هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿئي ويندي هئن. ۽ پاڻ به روئڻ ۾ پئجي ويندا هئا ۽ اتي ويٺلن کي به روئاري ڇڏيندا هئا. سنڌ جي سيد سائين جي ايم سيد جو مختصر احوال سائين جو خانداني احوال ــــ سائيم جي ايم سيد صاحب مٽياري سيدن جي خاندان سان تعلق رکن ٿا، سندن وڏڙن مان سيد حيدر نالي هڪ شخص امير تيمور جي هندستان اچڻ وقت ۸۰۱ هجري ۾ پنهنجي والد سيد امير علي سان هرات کان ملتان تائين آيو ۽ پوء سير سفر جي رستي انهن کان ڇڄي سنڌ جي شهر هالن ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ اچي رهيو ۽هتي ارباب شاه محمد وٽان شادي ڪيائين، ،۽ سندس اولاد پهرين هالن ۾ رهندو هو پر ڪجهه وقت کانپوء مٽيارن ۾ اچي رهڻ لڳو، جتي سندس اولاد چئن پاڙن ۾ ورهائجي ويو، (۱) جرار پوٽا (۲) موسه پوٽا (۳) باقيل پوٽا (۴) ميان پوٽا. پوئين پاڙي مان سيد سخي ابراهيم شاه جو فرزند سيد بدرالدين ڄام نظامالدين جي حڪومت ۾ لڪيء کان موجوده ڪوٽڙيء جي حصي واري ملڪ مان هڪ سرڪش چانگ قبيلي جي سرڪشي ٽوڙڻ ۾مدد ڏيڻ جي عيوض مليل جاگير جي سنڀال لاء سن جي ڳوٺ ۾ ۹ صدي هجريء جي آخر ۾ رهڻ لڳو. ۽ ان کي ست پٽ ٿيا، (۱) سيد معروف شاه (۲) موج شاه (۳) سيد ڌڻي شاه (۴)سيد حاجي شاه (۵)سيد داد شاه (۶)سيد جهنڊو شاه (۷) سيد جيو شاه (ضياء الدين شاه )جيو شاه صاحب کي وري ٻه پٽ ٿيا، (۱) سيد جرارشاه (۲) سيد حيدر شاه ۽ سائين سيد حيدر شاه جي پيڙهي مان آهن. سائين جو والد صاحب ــــــ سائين جي والد صاحب جو نالو ـــ سيد ميان محمد شاه هو جنهن کي پهرين نومبر ۱۹۰۵ع ۾(جنهن وقت سائين اڃان مس هڪ سال جو هو) رمضان شريف جي ٽئين رات جو جامع مسجد سن ڏانهن ويندي رستي تي خانداني اختلافن جي عيوض قتل ڪيو ويو هو. سيد جو پورو نالو ــــ سيد غلام مرتضه شاه سنائي سائين جي پيدائش ــــ ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع ۾ سن شهر ۾ سائين جي پيدائش ٿي. تعليم ــــ محترم سائين جي ايم سيد صاحب شروعاتي تعليم ماستر جان محمد عباسي صاحب کان حاصل ڪئي. جيڪو اصل ٻورڙي تعلقي ڪڪڙ ضلعي دادو جو هو. ۽ ۱۹۰۹ع ڌاري سن ۾ استاد ٿئي آيو هو. تنهن کانپوء ماستر حامد علي ميمڻ ولد مولوي ميان عبدالله ميمڻ کان ڪجهه انگريزي پڙهيو، هي صاحب ۵ جنوري ۱۹۱۸ع ڌاري سن پهتو هو ۽ سيد صاحب وٽس ڏيڍ سال تائين انگريزي پڙهيو، هي صاحب اصل هالن جو رهاڪو هو، ياد رهي ته سيد صاحب باقائده ڪنهن اسڪول يا مدرسي مان سند يافته نه آهن مگر ان جي باوجود سيد صاحب هڪ ئي وقت سنڌي، علم ادب جا، يگانه عالم ۽ اديب هئا، پر ان سان گڏ اردو ، انگريزي فارسي ۽ عربي جا وڏا ڄاڻون ۽ ليکڪ هئا، ۽ سيد صاحب سنڌي ادب تاريخ، ثقافت ۽ مذهب تي تمام وڏا ڪتاب لکيا آهن جنهن جو ذڪر اڳتي ايندو انشاءَالله. سائين جا ڀائر ـــ سائين جو هڪ ڀاء هو جنهن جو نالو احمد شاه هو جيڪو ننڍپڻ ۾ ئي وفات ڪري ويو هو. شادي ـــ سيد صاحب جي شادي پنهنجي خاندان مان ۲۰اپريل ۱۹۱۰ع ۾ جناب سيد مير حسن ولد حاجي نور شاه ڀاڻوٺيء جي نياڻي بيبي مريم سان ڀاڻوٺ جي ڳوٺ ۾ ٿي. مذاج ــــ سائين هڪ صوفي ۽ عاشق مذاج شخص هو کيس مٺو آواز، سهڻيون شيون، سهڻا ماڻهون تمام گهڻا وڻندا هئا. سيد صاحب هڪ حساس دل ۽ آزاد خيال جا مالڪ هئا، ۽ هر ڪنهن کي آزاد ڏسڻ چاهيندا هئا، سنڌ سنڌي عوام ۽ سنڌي ثقافت جا ته عاشق هئا، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي محبت ته سندن رڳ رڳ م شامل هئي، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي محبت ۾ عمر تڪليف ۾ گذاري ڇڏيائون، مگر سنڌ جي خلاف هڪ لفط به بردائش نه ڪيائون. عشق محبت ـــ سائين جڏهن تعليم جا وزير هوا ان وقت هندستان جي هڪ عورت سيد صاحب سان محبت ڪرڻ لڳي هئي، جنهن جو ذڪر سائين پنهنجي ڪتاب ديارِ دل ۽ داستان محبت ۾ تفصيل سان ڪيو آهي، ۽ ان ڪتاب ۾ انهيِء عشق محبت جي قصي وارا خط پڻ ڏنا آهن، ذاتي زندگي ۽ مذهبي اثرات ــــ سيد صاحب ذاتي زندگي ۾ هڪ انتهائي شريف ، سچو، پرهيزگار، ۽ عبادت گذار شخص هو، شروعاتي زندگي ۾ ته نماز، روزي جو پڻ پابند، هو ۽ تهجد گذار هو. مگر پوء ڪنهن جي صحبت ۾ مذهب کان بيزاري ڏيکاريائين، مگر تقريبًا ۱۲،۱۳ سال پهرين مون هن رسالي ۾ سندس نياڻي محترمه ڊاڪٽر درشهوار سيد جي لکيل الفاظ ڏٺا هئا، جنهن ۾ هن اهيو چيو هو ته بابا عمر جي آخر ۾ وري نماز پڙهڻ شروع ڪئي هئي. ۽ بابا چوندو هو ته نماز ۾ مون کي سڪون ٿو ملي. سيد صاحب جي لکيل ڪجهه ڪتابن جا نالا (۱) پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني ــــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب پنهنجي آتم ڪهاڻي لکي آهي مگر اها ڪهاڻي مڪمل ناهي. (۲) جنب گذاريم جن سين ــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب پنهنجي هم عصر سياستدانن، عالمن، اديبن ويجهن زميدارن، ۽ پنهنجي دوستن جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. تمام معلوماتي ۽ تاريخي ڪتاب آهي، اگر اهيو ڪتاب توهان نيٽ تي پڙهڻ چاهيو ته ان لاء پڻ هيٺ هڪ لنڪ ڏيان ٿو، توهان اتان اهيو ڪتاب پڙهي سگهو ٿا۔ (۳) سنڌ جا سورما ـــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب سنڌ جي بهادر سورمن جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن جي لنڪ پڻ مون هيٺ ڏني آهي ۽ توهان اتان پڙهي سگهو تا، (۴)سنڌي ڪلچر ــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب سنڌ جي رهڻي ڪهڻي طور طريقن ۽ رسمن جو ذڪر ڪيو آهي، جنهنجي پڻ لنڪ هيٺ ڏنل آهي. (۵) ون يونٽ جي ڪهاڻي ــــ ايوب دور ۾ سنڌ جو نالو ختم ڪري ون يونٽ قائم ڪيو ويو هو ، هن لتاب ۾ ان ون يونٽ جو ذڪر آهي.(۶) خطبات سيد ــــ هن ۾ سيد صاحب جون تقريرون ڏنل آهن. (۷) پيغام لطيف ــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب شاه صاحب جي شاعري جي روشني ۾ حبالوطني جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن جي لنڪ پڻ هيٺ ڏنل آهي توهان لنڪ ڪلڪ ڪري اهو ڪتاب پڙهي سگهو ٿا.(۸) ديارِدل ۽ داستان محبت ــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب پنهنجي محبت جا قصا ۽ ڪهاڻيون لکيون آهن سيد صاحب جي بقول ته ٽن عورتن سان محبت جا قصا ٿيا، ۽ انهن جو ذڪر به هن ڪتاب ۾ موجود آهي، ۽ ان کان علاوه هن ڪتاب ۾ اهي محبت وارا خط پڻ ڏنا ويا آهن، ۽ تمام سهڻي نموني سان هن ڪتاب کي لکيو ويو آهي، محبت جو داستان لڱندي لکندي سيد صاحب شاه سائين جا شعر،۽ بيت اهڙا ته فٽ ڪيا آهن جو پڙهندين پڙهندي پڙهندڙ جي ڪيفيت به عجيب ٿئو وڃي، توهان کي ڪڏهن موقعو مليو ته اهيو ڪتاب ضرور پڙهجو. (۰۹) سنڌ جي بمبئيء کان آزادي ـــ ۱۹۳۶ع ڌاري سنڌ کي آزاد ڪيو ويو، ۽ ان آزادي جو ذڪر سيد صاحب هن ڪتاب ۾ ڪيو آهي. (۱۰)نئين سنڌ لاء جدوجهد ــ......................................... (۱۱)سنڌوء جي ساڃاه ـــ ٻن جلدن ــــ .............................. (۱۲) موجوده سياسي مسئلا ـــــ ........................................ (۱۳) سنڌو ديش ڇو ۽ ڇالاء ؟ ـــ ....................................... (۱۴) جديد سياست جا نورتن ــــــ ...................................... (۱۴) چونڊ سياسي مضمون ـــــ ......................................... (۱۵) ههڙا هاڃا ٿين ـــــ........................................................ (۱۶) تحريرون ـــــ..................................................................... (۱۷) ساهڙ جا سينگار ــ هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ماياناز عالم اديب جناب سائين علامه آء آء قاضي صاحب جن جا خط سهيڙيل آهن. (۱۸) خط۽ مضمون ـــ هن ڪتاب ۾ سنڌ جي عالم، اديب، ۽ سياستدان جناب علي محمد راشدي صاحب جن جا خط سهيڙيل آهن (۱۹) سنڌ ڳالهائي ٿي ــــ محترم جناب سيد صاحب جن پنهنجا عدالتي بيان هڪ هنڌ گڏ ڪري هي ڪتاب ترتيب ڏنو آهي، هي ڪتاب پڻ پڙهڻ وٽان آهي. (۲۰) جيئن ڏ ٺو آه مون ـــ هي ڪتاب مذهبن تي بلڪه خاص اسلام تي تنقيد ٿيل آهي، هن ڪتاب ۾ سيد صاحب مذهب اسلام تي بردائش نه ڪرڻ وارا الزام لڳايا آهن ۽ هن ڪتاب جي ڪري مذهبي حلقن ۾ پڻ سيد جي سخت مخالفت ٿي، پر هڪ عام مسلمان به سيد کان منهن موڙيو، ۽ بقول حافظ خليل صاحب ته سائين جي ايم سيد صاحب هڪ ڏينهن اهيو خود مڃيو هو ته هن ڪتاب منهنجي سياسي ڪردار کي وڏو ڌڪ هنيو آهي، ۽ هن عمر ۾ اهيا منهنجي وڏي غلطي آهي. (۲۱) واڄٽ ويراڳين جا ـــ هن ڪتاب ۾ سائين جي ايم سيد ۽ محمد امين کوسي جا لکيل خط سهيڙيل آهن، هن ڪتاب کي محترم جناب عبدالواحد آريسر صاحب جن ترتيب ڏنو آهي. (۲۲) شاه جون ڪافيون ـــ ..................................................... (۲۳)چونڊ ادبي مضمون ـــ............................................................ سيد صاحب جا اهم ڪارنامه ۽ تاريخي ڳالهيون چوڏهن سالن جي ننڍڙي ڄمار ۾ سائينءَ پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ڪئي ... کيس ۱۹۱۹ع ۾ پنهنجي تعلقي جي اسڪولن جي بورڊ جو چئرمين منتخب ڪيو ويو ... ۱۹۲۹ع ۾ ڪراچي ضلع جي لوڪل بورڊ جو ڄونڊيو ويو۔ ۱۹۳۰ع ۾ ، سنڌ هاري ڪاميٽي سيڪريٽري چونڊيو ويو ۱۹۳۷ع ۾ سنڌ بمبئي کان الڳ ٿي ته سنڌ ۾ اليڪشن ٿي ۽ ان اليڪن ۾ سائين جي ايم سيد صاحب پهريون دفعو سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي آيو ... ۱۹۳۸ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪيائين۔ ۱۹۴۰ع ۾ سنڌ جي تعليم جو وزير مقرر ٿيو ۽ سنڌ يونيورسٽي ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي قيام لاء اپاء ورتا ويا۔ ۱۹۴۱ع ۾ مسلم ليگ جي مرڪزي ڪاميٽي جو ميمبر چونڊيو ويو ... ۱۹۴۳ع سنڌ مسلم ليگ جو صدر منتخب ٿيو ... ۱۹۴۴ع ۾ قرداد پاڪستان جي قرارداد پاس ڪرايائين پر پوء پوري زندگي انهيء ملڪ جي مخالفت ڪيائين ۽ پوري زندگي دنيا ڇڏڻ تائين مخالفت جي ڪري تڪليفون ڪاٽيندو رهيو۔ ۱۹۴۶ع ۾ مسلم ليگ سان اختلافن جي شروعات ٿي، جنهنجي نتيجي ۾ هڪ الڳ پارٽي ”پروگريسو مسلم ليگ“ جي نالي سان بنياد رکيو ويو ... ساڳي سال سائين جي ايم کي سنڌ اسيمبلي جي گڏيل پارٽين جو اڳواڻ مقرر ڪيو ويو ۱۹۵۴ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي چئرمين جا چيئرمين ٿيا، ۽ سنڌي ٻولي ۽ لغت تي ڪم جي شروعات ٿي۔ ۱۹۵۵ع ۾ پاڪستان نيشنل پارٽي ٺاهڻ ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو ... ۱۹۶۶ع ۾ ”بزم صوفياء سنڌ “ جو بنياد وڌائين ۱۹۶۹ع ۾ ”سنڌ يونائيٽيڊ فرنٽ“ جو بنياد رکيائين سائين محترم جي ايم ”سنڌ عوامي آواز“ پارٽيءَ جو بنياد ۱۹۰۶ع ۾ سندس زمين محترم مرزا قليچ بيگ (جيڪو ان وقت ڊپٽي ڪليڪٽر هو) جي ڪوشش سان ڪورٽ آف وارڊس جي سنڀال هيٺ آئي۔ ڇاڪاڻ جو سيد صحب ننڍو هو ۽ سندس خاندان ۾ ٻيو ڪو مرد ماڻهون ڪو نه هو جيڪو زمينون سنڀالي۔ ۱۹۲۱ع ۾ مهاتما گنڌي سان ملاقت ٿي ۽ ان ملاقات کان پوء سيد صاحب کاڌي جا ڪپڙا پائڻ شروع ڪيا۔ ۱۹۲۴ع ۾ سيد صاحب مٽياري سادات جي ڪانفرنس ڪوٺائي جنهن ۾ تقريبن ۳۰۰ ماڻهو شريڪ ٿيا۔ ۱۹۲۴ع ڌاري مشهور مسجد لڪي جي مسجد جو ڪم ڪرايو ۱۹۱۹ع ۾ سيد صاحب کي ماتا جي بيماري ٿئي جنهن ڪري کيس ٻه مهينا بستري تي رهڻو پيو۔ جي ايم سيد پاڪستان کان سنڌ ديس تائين عاجز جمالي جي ايم سيد سنڌ جي تاريخ جو هر رخ کان هڪ انوکو ۽ منفرد ڪردار آهي. غلام مرتضيٰ شاهه سنائي (جي ايم سيد) جيتوڻيڪ سياسي تاريخ پاڪستان جي حمايت کان وٺي سنڌو ديش جي نعري تائين سيد جي شخصيت ۾ وڏيون تبديليون نظر اچن ٿيون. سندس ان سياسي تبديليءَ سنڌ ۾ هميشه پاڪستان ۽ سنڌوديش جي سوچ تي ٻه اهم سوال اٿاريا آهن ”ڇا پاڪستان جي حمايت ڪرڻ گهرجي ها؟“ ”ڇا پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌوديش ۾ مسئلن جو حل آهي؟“ ڇا ٻه قومي نظريو درست هو؟ آل انڊيا مسلم ليگ ۾ سيد جو شامل ٿيڻ ٺيڪ هو يا سنڌ هاري ڪميٽي ۽ سنڌ عوامي محاذ جي پليٽ فارم تي سنڌين جي حقن لاءِ جدوجهد ٺيڪ هئي؟ سنڌ آئين ساز اسيمبليءَ جو ميمبر بڻجي سنڌ اسيمبليءَ ۾ پاڪستان ٺاهڻ جي حق ۾ قرارداد منظور ڪرڻ ٺيڪ هو يا سنڌي قومپرستي ٺيڪ هئي؟ جي ايم سيد جي شخصيت ۽ سياست ۾ لڪل اهم تاريخي واقعن ۽ تضادن سان گڏ سنڌي ادب ۾ سندس خدمتن جو اعليٰ مثال رڳو ”سنڌي ادبي بورڊ“ قائم ڪرڻ ناهي پر ۵۰ کن املهه ڪتاب لکڻ به وڏو ڪم آهي. ۱۷ هين جنوري ۱۹۰۴ع ۾ سنڌو درياهه جي ڪناري تي شهر سن ۾ جنم وٺندڙ جي ايم سيد پنهنجي حياتيءَ جي آخري ڏينهن ۲۵ اپريل ۱۹۹۵ع تائين سياسي تڪرارن ۽ تضادن سان گڏ سنڌ جو عاشق رهيو ۽ پنهنجي سياسي نظرئي سان ڳنڍيل رهيو. جي ايم سيد آل انڊيا مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ کان اڳ به سياسي طور قدبت رکندڙ سياستدان هو. هڪ خيال اهو آهي ته جيڪڏهن جي ايم سيد آل انڊيا مسلم ليگ ۾ نه هجي ها ته شايد ۱۹۴۴ع ۾ سنڌ جي آئين ساز اسيمبليءَ مان پاڪستان جي حمايت ۾ قرارداد به منظور نه ٿئي ها. سنڌ ڄائي قائداعظم محمد علي جناح ۽ عبدالله هارون جي دوستيءَ سيد کي سنڌي قومپرستيءَ مان پاڪستان ٺهڻ يا تحريڪ پاڪستان ڏانهن موڙيو. جيتوڻيڪ جي ايم سيد ان کان اڳ به سياسي طور انتهائي متحرڪ سياستدان هو. ۱۹۳۷ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجڻ کان اڳ به هو ننڍي ڄمار ۾ لوڪل بورڊ ڪراچيءَ جو صدر چونڊيو. ان کان اڳ سيد پنهنجي جوانيءَ ۾ سنڌ عوامي محاذ، سنڌ هاري ڪميٽي، سنڌ ۾ صوفي تحريڪ جهڙين تحريڪن ۾ سرگرم رهيو. سندس سياسي ناقدين مٿس اها تنقيد ڪن ٿا ته ”سيد“ قائداعظم جي ڳالهين ۾ اچي ويو هو. جيڪڏهن هو تحريڪ پاڪستان جي حمايت نه ڪري ها ته سنڌ سان اڄ اهڙي صورتحال نه هجي ها ڇو ته پاڪستان ٺهڻ جو سڀ کان وڏو نقصان سنڌ کي پيو. ڇو ته پاڪستان هڪ ته جنهن پيريٽي (برابري) جي بنياد تي ٺهيو ان تي ۱۹۴۷ع ۾ ئي عمل ڪو نه ٿيو. ۱۹۴۰ع جي ٺهراءُ ۽ بعد ۾ ۱۹۴۴ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ ۾ منظور ڪرايل جي ايم سيد جي ٺهراءُ جي ڀيٽ ۾ ۱۹۴۷ع ۾ بلڪل الڳ تصوير جو پاڪستان ٺهيو. پاڪستان جون پاڙون ئي ڪمزور سياسي نظرئي تي رکيون ويون. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ان جو پهريون شڪار سندس باني قائداعظم محمد علي جناح بڻيو ۽ ان کانپوءِ راولپنڊي ۾ پهرين وزيراعظم لياقت علي خان جي قتل پاڪستان جي ٻه قومي نظرئي کي لوڏي ڇڏيو هو. تازو حاجي مظفر شجره جي گهر تي گلگت بلتستان جي وڏي وزير سيد مهدي شاهه سان غير رسمي ڪچهري ٿي. سندس چوڻ هو ته گلگت بلتستان ڏيڍ سال تائين پاڪستان جو حصو نه هو. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ به آزاد رياست هو. اهڙي ساڳي صورتحال بلوچستان جي آهي. جڏهن خان آف قتلات ۱۹۴۸ع ۾ جنهن ڏينهن پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو ان ئي ڏينهن قلات ۾ بغاوت شروع ٿي. پاڪستان ٺهيو ته سڄي هندوستان مان مسلمان مهاجرن جي آمد شروع ٿي پر سڀ کان وڏي صوبي پنجاب انڊيا مان ايندڙ مسلمان ڀائرن جو بار کڻڻ کان انڪار ڪيو ۽ لاهور مان ٽرينون ڀري سنڌ ڏانهن روانيون ڪيون. مسلمان ڀائرن کي پنجاب جي عظيم مسلمان چيو ته پاڪستان اڳيان آهي. ان پناهه گيرن جو سڄو بوجهه ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين شهرن تي وڌو ويو ۽ سنڌ مان قابل هندو ڀارت لڏي ويا. ان کانپوءِ ۱۹۴۷ع کان وٺي اڄ تائين ڏسون پيا ته پاڪستان جو سڄو ازالو سنڌ ڀوڳي رهي آهي. جي ايم سيد ۱۹۷۰ع ڌاري تڏهن صورتحال کي سمجهيو جڏهن پاڪستان مان بنگالين الڳ ٿيڻ جو فيصلو ڪيو. پر سيد سنڌو ديش جو نعرو بنگلاديش ٺهڻ کانپوءِ ۱۹۷۲ع ۾ هنيو، جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو وزيراعظم بڻيو. ڏٺو وڃي ته سيد گهڻو اڳ پاڪستان کان بيزار ٿي چڪو هو. ۱۹۶۹ع ۾ هن سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ٺاهي هئي، جيڪا پڻ سنڌ سطح تائين سياست ڪرڻ ڏانهن اشارو هو. پاڪستان جي بنيادي نظريي سان ته ٻن سالن کانپوءِ ٺاهڻ وارا ڦري ويا، پوءِ جيڪو پاڪستان ٺهيو، جنهن ۾ اڄ تائين ڀارت کان مهاجرين جي آمد جو سلسلو جاري آهي. منهنجو ذاتي خيال آهي جيڪڏهن قائداعظم محمد علي جناح جيئرو هجي ها ته شايد ۱۰ سالن کانپوءِ هن پاڪستان کان لاتعلقي جو اعلان ڪري ٻئي پاڪستان ٺاهڻ لاءِ ٻيهر جدوجهد شروع ڪري ها. مون کي هن ڳالهه تي ڏاڍي حيرت آهي ته هن ملڪ ۾ پنجاب ۽ فوج کانسواءِ ڪير به پاڪستان جي هاڻوڪي ڍانچي مان خوش ناهي جن قوميتن برابري جي بنياد تي وفاق ۾ يونٽ طور صوبن کي شامل ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي حمايت ڪئي هئي اُهي سڀ بعد ۾ پاڪستان جا مخالف بڻجي ويا. سڀ کان پهرين بنگالي مخالف بڻيا. ۱۹۷۱ع کانپوءِ باقي رهيل پاڪستان مان بلوچ، سنڌي ۽ پٺاڻ بيزار آهن. جهڙي هن وقت پاڪستان جي صورتحال آهي ان مان لڳي نه ٿو ته هي ملڪ هن صديءَ تائين هلندو. سنڌ ۾ سيد جي حياتيءَ ۾ ئي سندس ”جيئي سنڌ“ يا سنڌو ديش جي تحريڪ به مسلم ليگ وانگر ڪيترن ئي ٽڪرن ۾ ورهائجي وئي هئي. اڄ ته شايد سيد جي سياسي پوئلڳن جون سنڌ ۾ هڪ درجن کان وڏيون پارٽيون آهن. جي ايم سيد بنيادي طور صوفي فڪر ۽ عدم تشدد جو پيروڪار هو. بعد ۾ سياست اندر ”دهشت“ ۽ هٿيارن جي سياست سندس عدم تشدد جي سياست کي لتاڙي ڇڏيو. جي ايم سيد جو سنڌي ادب ۾ تاريخي ڪردار ڪڏهن به وساري نه سگهبو، جنهن مان سندس ڏاهپ، علم دوستي ۽ سنڌ دوستيءَ جو اعليٰ مثال ملي ٿو. سنڌ جي سياست ۾ اهڙا گهٽ سياستدان ملندا جيڪي ساڳي وقت ايڏا وڏا ليکڪ به هُجن. هو نه رڳو سنڌي قومپرست سياست جو باني آهي بلڪه سنڌي ادبي بورڊ جي قيام ۾ سندس هٿ ۽ ۱۹۵۴ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين بڻجڻ سندس علم ۽ ڏاهپ جو وڏو مثال آهي. سيد گهراڻي جي وڏيرڪي ڪلاس جو جي ايم سيد قومپرست سياست جو باني بڻيو. جي ايم سيد روشن خيال، ترقي پسند ۽ جديد سائنس جي علم جو واقف اڳواڻ هو پر سنڌو ديش جو نظريو اڻ ڳڻين خامين ۽ ڪيترن ئي سوالن جو محور هو. جيئي سنڌ تحريڪ اندر به سياسي ۽ نظرياتي ڪارڪنن کي انهن سوالن جو جواب ملي نه سگهندو هو. جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف) جي ايم سيد جي پوئلڳن جي مضبوط شاگرد تنظيم هُئي ترقي پسند ۽ قومپرست فڪر جا هي دوست يونيورسٽين ۾ لکڻ پڙهڻ بدران ٻين شغلن ۾ لڳا پيا هوندا هئا. جساف جهڙي تنظيم جي ڪارڪنن جو نشانو ٻين ترقي پسند تنظيمن جا ڪارڪن بڻجندا هئا. شهيد نذير عباسيءَ تي تشدد جا واقعا هُجن يا يونيورسٽيءَ جي هاسٽلن ۾ هٿيار گڏ ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون. تعليمي ادارا بند ڪرائڻا هجن يا شاگرد تنظيمن وچ ۾ ڦڏا ڪرائڻا هجن، هي سڀ ڪم سيد جي فڪر جا پوئلڳ ڪندا هئا، جنهن سبب جي ايم سيد جي عدم تشدد يا سهپ وارو فلسفو سندس سياسي پوئلڳن آڏو ئي تڪراري بڻيل رهيو. هاڻوڪي سنڌ جي ويجهي ماضيءَ ۾ وري جي ايم سيد يا سندس تنظيم تي سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ ايم ڪيو ايم کي تحفظ ڏيڻ يا سنڌي مهاجر ڀائي ڀائي جي نعري تحت ايم ڪيو ايم جي همٿ افزائي ڪرڻ سان پڻ سنڌي عوام کي نقصان پهتو. اڄ سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم جي ايم سيد جي ان دوستيءَ جي وارثي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي نه ڪي جيئي سنڌ اڄ ان پوزيشن ۾ آهي جو ايم ڪيو ايم سان کُليل ڳالهه ڪري. هن راءِ مان عبدالواحد آريسر کي ڀلي مائنس ڪري پڙهيو وڃي. جي ايم سيد ۲۰ هين صديءَ جو تمام وڏو ماڻهو هو. سنڌ ۾ وڏن ماڻهن جو قدر گهٽ ٿيندو آهي. گانڌي ۽ شاهه عنايت جي فلسفي کي پاڪستان کان ڌار ڪري سنڌو ديش سان ملائيندڙ جي ايم سيد زندگيءَ جي آخري ڏينهن تائين پنهنجي گهر ۾ نظربند رهيو. ساڻس ٻه ڀيرا ملاقات باوجود ساڻس گڏ ڪنهن تصوير جو مون وٽ نه هُجڻ مون لاءِ افسوس جو مقام آهي پر مون کي ڪتابن ڏانهن مائل ڪرڻ ۽ سياست جو دڳ ڏيکارڻ ۾ جي ايم سيد جي لکڻين جو به هٿ هوندو. ”سيد ۽ سنڌ“ هن ڌرتيءَ جي نوجون نسل لاءِ هر دور ۾ اهميت جوڳو موضوع رهندو سيد جي فڪر کي خطرا عبدالخالق جوڻيجو سائين جي ايم سيد جي انگريزيءَ ۾ ڪيل تاريخي تقريرن جي اردو ترجمي تي ٻڌل ڪتاب ”فڪر جي ايم سيد اور آج ڪا پاڪستان“ جي مهاڳ ۾ مون لکيو هو ته ”هر غير معمولي ماڻهو متنازعه هوندو آهي ۽ هر غير متنازعه ماڻهو معمولي هوندو آهي.“ سمورا غير معمولي ماڻهو متنازعه ان ڪري ٿيندا آهن ته اُهي نوان خيال کڻي ايندا آهن، اُهي تبديليءَ جي ڳالهه ڪندا آهن. انساني سماج هر وقت تبديليءَ جي عمل مان گذرندو ٿو رهي. جيئن وقت هڪ هنڌ بيهي نٿو، تيئن انساني سماج به تبديل ٿيندو اڳتي وڌندو ٿو رهي. جيڪي ماڻهو، جيڪي گروهه ۽ جيڪي قومون تبديليءَ جي عمل کي سمجهن ٿيون ۽ وقت سان گڏ پاڻ ۾ تبديلي آڻين ٿيون، اُهي زنده به رهن ٿيون ۽ ترقي به ڪن ٿيون. پر جيڪي تبديل نه ٿيون ٿين، انهن جي ترقيءَ جو عمل رُڪجي وڃي ٿو ۽ آخر اُهي ختم ٿي وڃن ٿيون. غير معمولي انسانن جو وقت جي نبض تي هٿ هوندو آهي. تنهن ڪري اهي تبديل ٿيندڙ وقت جي گهرجن سان مطابقت رکندڙ نوان خيال ڏيندا آهن. پراڻا خيال ۽ زندگيءَ بابت پراڻا تصور هلندي هلندي ماڻهن لاءِ عقيدي جي حيثيت اختيار ڪري ويندا آهن. ان ڪري جڏهن نوان خيال ايندا آهن ۽ انهن ماڻهن جي عقيدن سان ٽڪرائبا آهن ته اُهي عقيدي پرست ماڻهو نون خيالن جي ۽ نوان خيال ڏيندڙ ماڻهن جي مخالفت ڪندا آهن. اهڙيءَ طرح اُهي سماج جي واڌاري ۽ ترقيءَ بابت نوان خيال، نيون سوچون ۽ نوان تصور ڏيندڙ ماڻهو، متنازعه بڻجي ويندا آهن. اڄ انساني تاريخ جا عظيم ۽ غير معمولي سمجهيا ۽ مڃيا ويندڙ سمورا شخص، پنهنجي دور جا انتهائي متنازعه ماڻهو هئا، پوءِ اُهي مفڪر هجن، مذهبي مهندار/ پيغمبر هجن يا سائنسدان هجن، ڪنفيوشس، گوتم ٻڌ، سقراط، حضرت عيسيٰ، ڪارل مارڪس، گئليلو، آئنسٽائين، اهي سڀ پنهنجي پنهنجي وقت ۾ متنازعه رهيا. اهي سڀ، اُهي ماڻهو هئا جن عام ماڻهن ۾ عقيدي جي حيثيت اختيار ڪري ويل پراڻن خيالن کي چئلينج ڪيو ۽ رد ڪيو. انهن جي ڀيٽ ۾ ٻيا اهڙا به ماڻهو هئا جن ماڻهن کي خوش ڪرڻ خاطر، انهن سان ها ۾ ها ملائي. اُهي وقتي طور ته وڏا مقبول به ٿيا ۽ ماڻهن جا ليڊر ۽ حڪمران به ٿيا پر انساني سماج جي ترقيءَ ۾ انهن ڪو ڪردار ادا ڪو نه ڪيو. جي ايم سيد بلاشبه سنڌ جو، پاڪستان جو ۽ شايد ننڍي کنڊ جو سڀ کان وڌيڪ متنازعه ماڻهو هو. هُن عقيدي پرستيءَ جي خلاف جنگ ڪئي. هُن پراڻن ۽ فرسوده خيالن کي رد ڪيو. هُن مقدس ۽ متبرڪ بڻيل خيالن، نظرين ۽ شخصيتن کي چئلينج ڪيو. هُن پنهنجي دؤر جي حساب سان سياست ۾، ادب ۾، تاريخ ۾ ۽ مذهب جي معاملي ۾ نوان خيال ۽ نوان لاڙا ڏنا. جي ايم سيد کي سڀ کان وڌيڪ متنازعه بنائيندڙ سندس ڪتاب ’جيئن ڏٺو آ مون‘ هو، جنهن ۾ هُن مذهب بابت پراڻن، روايتن تي ٻڌل ۽ گمراهه ڪندڙ خيالن جو سائنسي طريقي سان ڇيد ڪري انهن کي رد ڪيو. ان ڪتاب تي اُٿيل تنازعي، ان وقت سيد کي جهڙوڪ اڪيلو ڪري ڇڏيو. پر اڄ پاڪستان ۾ هوندي به سنڌ جيڪا اڃا تائين مذهبي بنيادپرستيءَ جي باهه کان بچيل آهي ته ان ۾ ٻين ڳالهين سان گڏ ان ڪتاب جو به حصو آهي. شاهه لطيف هاڻي نه رڳو سنڌ جي شاعري ۽ ادب، پر سنڌ جي ڪلچر ۽ سنڌ جي سڃاڻپ جو هڪ اهم اهڃاڻ بڻجي چڪو آهي. نه رڳو ايترو پر سنڌ جي قومي نجات جي جدوجهد ۾ به سندس شاعري هڪ روشني ۽ هڪ هٿيار طور استعمال ٿي رهي آهي. شاهه لطيف کي اها حيثيت ڏيارڻ ۾ به جي ايم سيد جي ڪتاب ’پيغامِ لطيف‘ جو اهم ڪردار آهي. غلام ملڪن ۽ پٺتي پيل سماجن ۾ تاريخ کي عقيدي پرستيءَ جي بنياد تي لکيو ويندو آهي ۽ ان کي جابر قوتن جي بالادستي جاري رکڻ ۽ سماج ۾ ماٺار يا اسٽيٽسڪو برقرار رکڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. جي ايم سيد تاريخ جو روشن خيال، تبديلي پسند ۽ بالادستي مخالف پاسو پيش ڪيو. ان لاءِ ننڍي کنڊ جي وڏي تاريخدان ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ جو چوڻ آهي ته ”پاڪستان ۾ تاريخ، حڪمرانن جي نقطئه نظر کان لکي ويندي رهي آهي. جي ايم سيد اهو پهريون شخص آهي، جنهن تاريخ کي عوام جي نقطه نگاهه کان لکيو.“ اهو تاريخ بابت جي ايم سيد جي خيالن جو نتيجو آهي ته اڄ محمد بن قاسم کي غاصب ۽ راجا ڏاهر کي محبِ وطن طور مڃيو وڃي ٿو ۽ محمد بن قاسم جي ڪيل حملي کي توسيع پسنديءَ جي مهم سمجهڻ وارو خيال، هاڻي سنڌ کان نڪري خطي جي ٻين حصن ۾ به پختو ٿي رهيو آهي. غير معمولي انسانن کي، نوان خيال پيش ڪرڻ جي پاداش ۾، انهن ماڻهن جي طرفان مخالفتون، مشڪلاتون ۽ سزائون ملڻ هڪ سمجهه ۾ اچڻ واري ڳالهه آهي جن جي عقيدن کي ۽ جن جي مستقل مفادن کي اُهي چئلينج ڪندا آهن. انهن مخالفتون ڪندڙن ۽ فتوائون ۽ سزائون ڏيندڙن ۾، وقت جا حڪمران ۽ ملان، پوپ ۽ پنڊت شامل هوندا آهن. مٿي ذڪر ڪيل غير معمولي ماڻهن ۽ انهن جي قافلي جي ٻين انسانن سان وقت وارن جي ڪيل اهڙي ورتاءَ جي مثالن سان انساني تاريخ ڀري پئي آهي. وڌيڪ حيرت، افسوس ۽ تڪليف جي ڳالهه اها هوندي آهي ته انهن جا معتقد، پوئلڳ ۽ پنهنجا چورائيندڙن طرفان سندن مشن کي نقصان پهچايو ويندو آهي. اهي چوڻ ۾ ته انهن عظيم انسانن جا پوئلڳ ۽ پيروڪار هوندا آهن پر عمل انهن جي ابتڙ ڪندا آهن. اهي غير معمولي انسان سماج جي تبديلي ۽ بهتريءَ لاءِ هڪڙو فڪر، هڪڙي تعليم ۽ هڪڙو ڪردار پيش ڪندا آهن. انهن جي مخالف حڪمرانن ۽ ملن جي مخالفت سان انهن کي ذاتي ۽ جسماني طور ته تڪليفون اينديون آهن پر عام ماڻهن جي توجه ۽ همدردي انهن ڏانهن وڌندي آهي ۽ انهن جي ڏنل فڪر ۽ تعليم کي فائدو پهچندو آهي. ان جي ابتڙ پوئلڳ ۽ پيروڪار، شخصي ۽ جسماني طور ته، انهن جي ’پوڄا‘ ڪندا آهن، پر انهن جي فڪر، تعليم ۽ ڪردار جي نفي ڪندا آهن. اهڙيءَ طرح عام ماڻهن ڏانهن منفي پيغام ويندو آهي ۽ نتيجي ۾ انهن جي مِشن کي نقصان پهچندو آهي ۽ اهو نقصان مخالفن طرفان ملندڙ مخالفتن ۽ تڪليفن کان وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ هوندو آهي. مهاتما ٻڌ جي تعليم ۾ خدا جو تصور ڪونهي. هُن وٽ سڀ ڪجهه انسان ۽ انساني سماج آهي ۽ انهيءَ سماج جي بهتري ئي سندس مشن آهي. پر ان جي پوئلڳن خود مهاتما ٻڌ کي خدا جو درجو ڏيئي ڇڏيو آهي ۽ انساني برابري ۽ ڀائيچاري واري سندس تعليم تي عمل ڪرڻ بجاءِ، ويٺا سندس پوڄا ڪن. تازو تڏهن دنيا کي حيرت ٿي جڏهن برما ۾ ٻُڌن، مسلمانن کي مذهبي فرق ڪري قتل ڪيو ۽ مسجدن کي ساڙيو. مذهب جي تعليم ۽ ڪردار جا مکيه ۽ بنيادي نقطا سچ، ايمانداري، امانت، انساني برابري ۽ بهتر سماجي رشتا ۽ رويا آهن. سندس پوئلڳن جي اڪثريت انهن اصولن ۽ آدرشن مان ڪنهن تي به عمل ناهن ڪندا. البته ان بنياد تي انساني رت جا درياهه وهائي ڇڏيندا آهن ته ڪير ڪپڙا ڪهڙا ٿو پائي ۽ ڪير نماز ڪيئن ٿو پڙهي. ڪارل مارڪس سمورن عقيدن کي ڀڃي هر شيءِ ۽ هر ڳالهه کي عقل جي بنياد تي پرکڻ جو درس ڏنو ۽ سندس تعليم جو مرڪزي نقطو اهو هو ته ڪائنات ۽ ان ۾ موجود هر شيءِ هر وقت تبديليءَ جي عمل مان گذري رهي آهي. پر سندس ڪيترن پيروڪارن خود مارڪس جي لکيل لفظن کي ئي عقيدو بڻائي ڇڏيو ۽ تبديليءَ کي حرام قرار ڏيئي ڇڏيو. جي ايم سيد سان به ڪجهه اهڙي وارتا ٿي آهي. سيد جي شخصيت ۽ ڪردار جا ٻه حصا يا ٻه پاسا آهن؛ هڪڙو عملي سياستدان وارو ۽ ٻيو هڪ دانشور، مفڪر ۽ مدبر وارو. منهنجي خيال ۾ هن کان جيڪي به غلطيون ۽ ڪوتاهيون ٿيون آهن يا ناڪاميون ڏٺيون آهن اُهي سياستدان جي ايم سيد کان ٿيون آهن. بحيثيت مفڪر ۽ مدبر هُن سنڌي قوم ۽ سنڌي سماج بابت خاص طرح ۽ انسان ذات بابت عام طرح جيڪي خيال ۽ تجزيا ۽ رهنما اصول پيش ڪيا انهن کي وقت جي وهڪري صحيح ثابت ڪيو آهي ۽ اُهي اڄ جي حالتن ۾ اڳي کان وڌيڪ درست ۽ ڪارائتا نظر اچي رهيا آهن. ان ڪري ئي ڪيترا ڪالهه جا، سيد جا مخالف، اڄ هُن جا موافق بڻجي رهيا آهن. پر افسوس ته سندس ڪيترا ئي ’پيروڪار ۽ پوئلڳ‘ سندس ڏاهپ وارن ڏسن، عقلي دليلن وارين ڳالهين ۽ فهم فڪر وارن نقطن کي نه رڳو پٺي ڏيئي ٿا هلن پر انهن جي ابتڙ عمل ٿا ڪن. سڀ کان اهم ڳالهه ته هُن عقيدي پرستيءَ جي بت کي ڀڃي ڀورا ڪيو ۽ دنيا جي هر ڳالهه، خيال ۽ هر ڪردار جو، عقل، دليل ۽ ثبوتن جي بنياد تي تجزيو ڪيو ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ نتيجن کي دهل جي ڏونڪي تي دنيا آڏو آندو ۽ ڪنهن به پنهنجي پرائي، رشتي تعلق ۽ دوست دشمن جي پرواهه نه ڪئي. سندس مشهور جملو هوندو هو ته ”سڌي راند سوٽي جي، ٻيڙي ٻڏي کوٽي جي.“ هُن ڪيترن ئي ’مقدس‘ بڻيل صدين جي تصورن کي عقل ۽ دليل جي ذريعي رد ڪيو پر سندس ڪيترن پوئلڳن خود سيد جي ڳالهين کي ئي عقيدو بڻائي ڇڏيو ۽ چوڻ لڳا ته سيد جي چيل ڳالهين کان وڌيڪ يا مختلف ٻي ڪا ڳالهه ٿي نٿي سگهي. جي ايم سيد چيو ته؛ ’هر انسان غلطيون ڪري ٿو ۽ مون به غلطيون ڪيون آهن.‘ پر سندس ’معتقدن‘ جو چوڻ آهي ته؛ ’جي ايم سيد غلطين کان پاڪ آهي ۽ جيڪو ماڻهو سندس غلطين جو ذڪر ٿو ڪري اهو منحرف آهي.‘ سيد پنهنجي تعليم ذريعي اسان کي انسانن آڏو نه جهُڪڻ ۽ پيرن جي قبرن کي سجدو نه ڪرڻ جو سبق ڏنو. پر ڪيترا سندس پڪا پوئلڳ چوائيندڙ، خود سيد کي پير بڻائي، ان جي قبر جي مجاوري ٿا ڪن. سيد جي ڏنل فڪر جو هڪ نهايت اهم نقطو اهو آهي ته پير، مير، وڏيرا، جاگيردار ۽ ملا انساني سماج جي ترقيءَ جا دشمن آهن ۽ سنڌ جي قومي نجات ۽ خوشحاليءَ جي جنگ ۾ انهن مان چڱائيءَ جي اُميد رکڻ اجائي آهي. جڏهن ته ڪيترا سندس سچا سپاهي سڏرائيندڙ وڏيرن ۽ قبائلي سردارن جي اوطاقن تي سلاميون ٿا ڀرين، جاگيردارن کي جهڪي سلام ٿا ڪن، ڪنهن بنيادپرست ملان کي جي ايم سيد جو همسر قرار ٿا ڏين ته ڪنهن رجعت پسند پير کي سنڌ جو هم معنيٰ ٿا چون. جي ايم سيد جو سنڌ لاءِ ڪيل سڀ کان وڏو ڪارنامو ۽ اسان تي ڪيل سڀ کان وڏو احسان اهو آهي ته هن اسان کي ذاتين جي تفريق ۽ قبائلي سڃاڻپ مان ڪڍي هڪ جديد قومي شناخت جو احساس ڏياريو. ڪيڏي نه ستم ظريفي آهي ته اسان جي ايم سيد جي نالي ۾ ذاتين جي تفريق جي بنيادن تي ٺاهيل ۽ قبائلي شناخت رکندڙ تنظيمن ۽ گروهن کي مضبوط ٿا ڪريون ۽ انهن تنظيمن ۽ گروهن جي اڳواڻن سان گڏ جي ايم سيد جي فڪر کي ڪامياب ڪرڻ جا اعلان ٿا ڪريون. سيد ڄاتو ۽ سمجهيو پئي ته جاگيرداري، ترقيءَ جي دشمن ۽ پسماندگيءَ جي علامت آهي ۽ ترقيءَ لاءِ صنعت ۽ واپار ضروري آهي. ان ڪري اڄ کان ۸۰ سال اڳ ۾ هن ڪوششون ورتيون ته سنڌي قوم جو تمام وڏو حصو (سنڌي مسلمان) جيڪي جاگيرداريءَ ۾ جڪڙيا پيا آهن ۽ زراعت کي ئي پنهنجي قسمت جو لکيو سمجهيو ويٺا آهن، اُهي شهرن ڏانهن اچن ۽ واپار ڪاروبار جي ميدان ۾ مقابلو ڪن. اڄ جيڪي سنڌي مختلف حالتن ۽ سببن جي ڪري ٻهراڙي ڇڏي شهرن ڏانهن اچن ٿا ۽ ڪاروبار جي ميدان ۾ اڳتي وڌڻ چاهين ٿا ته ’سيد جا سپاهي‘ سڏرائيندڙ اڳ ۾ ئي ڏنڊا ۽ بندوقون کنيو انهن جي رستا روڪ ڪرڻ لاءِ بيٺا آهن. حق جو هوڪو ڏيڻ، سچ جو سودو ڪرڻ ۽ مقدس عقيدن کي چئلينج ڪرڻ جي پاداش ۾ سيد جي خلاف غدار، ملڪ دشمن، عوام دشمن ۽ ڪافر هجڻ واريون فتوائون جاري ڪيون ويون. اهي فتوائون ۽ تعزير جاري ڪندڙن ۾ وقت جا حڪمران ۽ انهن جا ساٿاري ملان شامل رهيا آهن. اها ڪا نئين يا عجب جهڙي ڳالهه ناهي. سقراط کان وٺي نيلسن منڊيلا تائين، سڀني غير معمولي ۽ انقلابي انسانن سان اهڙو ورتاءُ ٿيندو رهيو آهي. عجب جي ڳالهه اها آهي ته اڄ اهو فتوائون جاري ڪرڻ وارو ڪم جي ايم سيد جي ’معتقدن‘ پنهنجي ذمي کنيو آهي. جيڪو ماڻهو سندن مخصوص ۽ محدود سوچ سان اختلاف ڪري ٿو، ان لاءِ فورًا فتويٰ اچيو وڃي ته اهو ’سيد جو انڪاري‘ ۽ ’سنڌ جو غدار‘ آهي. انهن منجهان ڪهڙا ۽ ڪيترا، علم ۽ ڄاڻ جي غربت جي ڪري، اهڙا عمل ڪن ٿا ۽ ڪيترا ذاتي مفادن خاطر ائين ڪن ٿا. ان جو تعين ته ايندڙ وقت ڪندو. باقي اهڙي ئي صورتحال لاءِ، ڪنهن سياڻي چيو آهي ته؛ ’مون کي منهنجي دوستن کان بچايو، پنهنجي دشمنن سان مان پاڻهيئي پڄي پوندس.‘ مان اهڙن دوستن لاءِ هتي انساني تاريخ جي تمام وڏي ۽ غير معمولي انسان، مهاتما ٻڌ جو هي قول پيش ڪريان ٿو ته؛ ”ڪنهن ڳالهه ۾ ان ڪري يقين نه ڪريو ته ٻڌ ڪري ٿو، ان ڪري ڪا سوچ نه ڪريو ته ٻڌ ڪري ٿو، ان ڪري ڪا ڳالهه نه چئو ته ٻڌ چئي ٿو، پر تڏهن ڪنهن ڳالهه تي يقين ڪريو، ڪجهه چئو ۽ ڪجهه سوچيو جڏهن توهان جو ذهن ضمير توهان کي چوي.“ سائين جي ايم سيد جي ٻاريل شعور جي لاٽ دولت رام کتري/بدين اڄوڪو ڏينهن سنڌ جي عظيم قومي رهبر سائين جي ايم سيد جو جنم ڏڻ آهي. اڄوڪي ڏينهن تي سنڌ ۾ شعور جو سج اُڀريو هو ۽ اُنهيءَ جي روشني سنڌ جي هر واهڻ وستيءَ کي واسي ڇڏيو هو. سن ۾ جنم وٺندڙ سائين جي ايم سيد سنڌ جي تاريخ جي اها گهڻ پاسائي شخصيت هئي جنهن سنڌ جي ماڻهن کي علمي، ادبي، سياسي ۽ قومي شعور ڏنو. پنهنجي ڌرتي سان بي انتها عشق رکندڙ هن قومي رهبر سنڌ جي ماڻهن کي جاڳايو ۽ ”سنڌ“ کي هڪ نئين سڃاڻپ ڏني. سيد پنهنجي فڪر ذريعي جهر جهنگ ۾ اهو پيغام پهچايو ته: ”اسان ملير جي مِٽي آهيون، اسان موهن جي دڙي جي دانهن آهيون، اسان ڀٽائي جي ڀِٽ جو ڀنڀٽ آهيون، اسان سنڌ جي ماضيءَ جا عڪاس ۽ مستقبل جا مصور آهيون“ سيد پنهنجو فڪر ڏيندي ايئن به چيو هو ”سنڌي هڪ مهذب ۽ ترقي يافته قوم آهي، جنهن کي پنهنجي شاهوڪار ٻولي آهي ۽ اها سنڌي ٻولي آهي، جيڪا دنيا جي امير ترين ٻولين ۾ ليکي وڃي ٿي“. سنڌي ماڻهن هميشه انسانيت، امن، عشق، محبت ۽ آزادي جا گيت ڳائي دنيا کي امن، ڀائپي ۽ رواداريءَ جا ڏس ڏنا آهن. پنهنجي ڏاهپ ذريعي سنڌ ۾ شعور جي جوت جاڳائيندڙ هن قومي رهبر سنڌ جي ادب، تاريخ، ٻولي ۽ سياست کي نوان گس ڏنا. ”جديد سنڌ“ جو تصور سائين جي ايم سيد ڏنو. سائين جي ايم سيد سنڌ جي قومپرست سياست کي هڪ نئين سڃاڻپ ڏني ۽ سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ شاگرد سياست کي متعارف ڪرائيندڙ سائين جي ايم سيد سنڌ جي نوجوانن کي سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ مثبت سياست ڪرڻ لاءِ اتساهيو نوجوانن کي حقن جي حاصلات لاءِ هڪ نئون گس ڏنو. سائين جي ايم سيد سنڌ جي تاريخ جي حقيقي روپ کي منظر عام تي آندو. هن عظيم شخص ۵۰ کان وڌيڪ ڪتاب لکي ”فڪر سنڌ“ جهڙو انمول تحفو پڻ سنڌين کي ڏنو. جنميو سنڌ لطيف ۽ سيد جهڙو سچ، ٻنهي ٻاريو مچ، سجاڳي جو سنڌ ۾ رهبر جو جنم ڏينهن نشا نهال/ حيدرآباد تاريخ ۱۷ جنوري اهو ڏينهن آهي، جنهن ڏهاڙي تي ۱۹۰۴ع ۾ سنڌ جي ڌرتي تي سنڌ ۽ سنڌ ڌرتي سان پيار ڪندڙ ۽ سنڌين سان لازوال محبت ڪندڙ رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جنم ورتو هو. سندس اڄ ۱۱۰هون جنم ڏينهن آهي، اڄ سڄي سنڌ ۾ سندس جنم ڏهاڙي جي مناسبت سان ننڍن وڏن شهرن، ڳوٺن، واهڻن ۽ وستين ۾پروگرام ملهائي سندس ولادت جون تقريبون وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايون پيون وڃن، جڏهن ته سندس جنم ڏهاڙي جون خاص تقريبون سن ۾ رٿيل آهن، جتي سنڌ جي عاشق ۽ ڌرتي سان پيار ڪندڙ سائين جي ايم سيد جي جنم ڏينهن کي قومي ڪارڪن عيد جي ڏهاڙي وانگر ملهائين ٿا ۽ سنڌ جي نجات واري جدوجهد لاءِ عزم ورجائين ٿا. قومي ڪارڪنن جا هجوم گڏ ٿي سيد جي خواب کي حقيقت جو روپ ڏيڻ لاءِ وچن ڪن ٿا. جنهن دور ۾ ملڪ جا جاگيردار، وڏيرا ۽ ڀوتار جتي ڀڳڙن مُٺ وڪامجي ويا هئا، اتي سائين جي ايم سيد سنڌ دشمن ڌارين خلاف ديوار بڻجي بيهي رهيو، سختيون برداشت ڪيون ۽ نظر بنديون سندس جدوجهد کي روڪي نه سگهيون کيس وقت جي حڪمرانن سخت تڪليفون ڏنيون پر پاڻ بهادري سان برداشت ڪندا رهيا، ڪڏهن به پنهنجي اصولن تي سوديبازي نه ڪئي، اڄ اهو ضرور سوچڻ گهرجي ته اسين ڪهڙين راهن تي هلي رهيا آهيون ۽ اسان سائين جي ايم سيد جي ڏنل فڪر تي ڪيترو عمل ڪيو آهي. اسان کي گهرجي ته اسان سڀ هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيون ٻي صورت ۾ اسين محڪوميءَ جي چڪيءَ ۾ پيسجندا رهنداسين. سيد کانپوءِ سنڌ ۽ جيئي سنڌ ڊاڪٽر مير عالم مري سائين جي ايم سيد ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع ۾ سَن ۾ پيدا ٿيو، ان لحاظ سان اڄ سيد جو ۱۱۰هون جنم ڏينهن سَن ۾ روايتي قومي جذبي سان ملهايو پيو وڃي. هي مضمون انهي ڏهاڙي جي نسبت سان آهي. منهنجي خوشنصيبي آهي، جو مون هڪ سياسي ڪارڪن جي حيثيت ۾ مختلف مرحلن تي سيد کان مختلف سياسي معاملن تي رهنمائي حاصل ڪئي. آئون سيد جي شخصيت ۽ قومپرستي جي جديد نظريي سان متاثر ٿي اتفاق رکندڙ نظرياتي پوئلڳ هئس. سال ۱۹۸۷ع ۾ ٿيل سيد سان پهرين ملاقات کان وٺي ۲۵ اپريل ۱۹۹۵ع ۾ سيد کي ڌرتيءَ جي سيني ۾ لاهڻ وقت ٿيل آخري ديدار تائين يا ان کان پوءِ اڄ ڏينهن تائين سيد جي شخصيت ۽ ان جي فڪر جي اثر پنهنجي رنگ ۾ ائين رڱي ڇڏيو جيئن ڀٽائي چيو؛ توڻي ڌوٻي ڌوءِ، ته به لالائي نه له سيد شفيق ۽ مهربان، خوش مزاج، ملنسار، سادگي پسند هو، سندس گفتگو عالماڻي، رويو دوستاڻو ۽ دليل ناقابلِ شڪست هئا. هو ڪارڪنن لاءِ اتساهيندڙ، اڳواڻن لاءِ همٿائيندڙ، سوچيندڙن لاءِ رهنمائي ڪندڙ ۽ مخالفن لاءِ ڏهڪائيندڙ هو. هو علم جو گهرو سمنڊ هو. سائين جي ايم سيد اڪيلو فرد بمقابلا جبر ۽ استبداد هو ۽ اسين سندس نگراني ۽ رهنمائيءَ ۾ تيار ٿيل نوجوان باغي هئاسين، جن جي آڏو آرامده زندگي ۽ اڻ مئي دولت جو تصور نه هو پر آزاد ۽ خوشحال سنڌ جي منزل هئي. ان منزل ڏانهن ويندڙ پُر خطر پيچرا هئا ۽ اسين ڄڻ ته سسئي هئاسين، جنهن کي اڪيلي سر ڏونگر به ڏارڻو هو ته پنهونءَ جا پيرا کڻي ڪيچ ڏانهن ڪَهڻ جي تڙپ هئي. تنهن ڪري اسان پنهنجي ان سفر ۾ ڪئين پريشانيون ضرور ڏٺيون پر ۴۷ سالن جي ڪل ڄمار مان ۳۰ سالن تي مشتمل هن طويل پنڌ تي ڪو به پڇتاءُ ڪونهي، ضمير مطمئن ۽ ذهن واضح آهي. پر اڄ جڏهن سيد کان پوءِ آئون سنڌ ۽ جيئي سنڌ هلچل جي هزارين ڪارڪنن تي نظر ڦيرايان ٿو ته ڀٽائيءَ جي لفظن ۾ ائين ٿو لڳي؛ ڪا مون هي ۾ گهٽ، نه ته سڄڻ ٻاجهيندڙ گهڻو سنڌ اڄ به نه رڳو سورن ۾ آهي پر ان جا سور وڌيڪ سوايا ٿيا آهن. محڪوميءَ جون سنگهرون سوڙهيون ٿيون آهن، استحصال جو آزار وڌيو آهي. اڳي فقط پنجاب استحصال ڪندو هو ۽ ان سان ڀاڱي ڀائيوار مهاجر هئا، جنهن لاءِ سيد پنهنجن ڪتابن ۾ پنجابي- مهاجر مستقل مفاد جو اصطلاح استعمال ڪيو، اڄ ان مستقل مفاد ۾ پٺاڻ به گڏجي پيا آهن. جمهوريت جي بحالي جي نعري هيٺ پنجاب جي آئيني اڪثريت کي هضم ڪرايو ويو آهي. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ غربت ۾ اضافو ٿيو آهي پر طبقاتي شعور ۽ تضاد مُڏو ۽ ماٺو پيو نظر اچي. قومي استحصال ۾ شدت ته وڌيڪ پيدا ٿي آهي پر قومي محڪوميءَ خلاف قومي تحريڪ سگهارو بند ٻڌي نه سگهي آهي. قومي تحريڪ پاڻ ۾ نه رڳو ورهايل آهي پر وڙهيل به آهي. اڳي سيد جي مرڪزي شخصيت جي ڇڪ هئي، جيڪا سڀني کي سَن ۽ سيد جي مرڪز تي ڳنڍيو بيٺي هئي پر هاڻي سيد کان پوءِ سيد جي مرڪزي شخصيت به ناهي رهي ۽ سن جي مرڪزيت به آجپي پسند قومپرستن ۽ اليڪشن پسند قومپرستن ۾ ورهائجي چڪي آهي ۽ جيئي سنڌ هلچل ٽولين ۽ ٽڪرين ۾ ائين ورهائجي ويئي آهي، جو خبر ئي نٿي پوي ته هي ورهايا ۽ وڙهيا ڪهڙي ڳالهه تي آهن؟ هڪ نظرياتي ڪارڪن جي حيثيت ۾ جڏهن اسين جيئي سنڌ هلچل جي موجوده گروهه بنديءَ جو جائزو وٺون ٿا ته ڳالهائيندي به ندامت محسوس ٿا ڪريون. اڳي ٽوڙ ڦوڙ جي دوران مال تي جهيڙي، عهدي تي جهيڙي ۽ ايجنسين جي سازشن جهڙا الزام ٻڌندا هئاسين پر هاڻي سون تي سهاڳو اهو آهي ته ريپ ڪيس جا الزام به لڳڻ شروع ٿي ويا آهن. ممڪن آهي ته اهي سمورا الزام دُرست هجن يا محض اختلافِ راءِ رکندڙ ڪارڪنن کي خوار ڪرڻ جي ميڪاولين ادا هجي، پر ڇا به هجي صورتِحال انتهائي ڏکوئيندڙ آهي. جيئي سنڌ جي جهنڊي هيٺ ڪم ڪندڙ پارٽيون مسلم ليگ، پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم، جماعتِ اسلامي، عوامي نيشنل پارٽي جهڙن ڪٽر نظرياتي طور مخالف پارٽين سان ته گڏجي ويهڻ ۽ گڏيل جدوجهد ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو پون پر پاڻ ۾ گڏجي پنهنجي رهبر جي سالگرهه يا ورسي جو گڏيل جلسو يا قومي آجپي، ڌاري آبادڪاري، سنڌ جي وسيلن جي ڦُرلٽ ۽ سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ڪلچر جي استحڪام توڙي دهشتگردي خلاف قومپرستي ۽ سيڪيولرزم جهڙي سونهري نظريي جي بنياد تي گڏجي ويهڻ يا گڏجي جدوجهد ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. اهو صحيح آهي ته سيد جي زندگيءَ ۾ سيد جا پوئلڳ چند هزار هئا ۽ هاڻي انهن جو تعداد هزارن کان وڌي لکن تائين پهتو آهي پر انهن مان تمام وڏي اڪثريت نظرياتي طور باشعور نه آهي، جن کي سمجهائڻ، سيکارڻ ۽ سنوارڻ جي ضرورت آهي. ڪارڪنن جو مقدار جيترو وڌيو آهي، انهن جو معيار اوترو ئي ڪريو آهي ۽ ان صورتحال جون ذميوار سياسي قيادتون آهن. منهنجي نظر ۾ جيئي سنڌ هلچل ۾ اختلافن جا بنيادي سبب ٽي آهن، باقي سڀ بي بنياد الزام تراشيون آهن. 1. قومي آجپي لاءِ جدوجهد جي حڪمتِ عملي تي اختلاف يعني جدوجهد جو طريقو پُرامن هجي يا پُر تشدد، پارلياماني هجي يا غير پارلياماني هجي. 2. اَسهپ جو غير جمهوري رويو يعني ڪارڪن، ڪارڪن کي نٿو سهي ۽ هڪ اڳواڻ ٻئي اڳواڻ کي نٿو سهي. 3. منفي رجحان يعني جدوجهد لاءِ گهربل وسيلا غلط طريقن سان هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ۽ غلط طريقن سان حاصل ٿيل وسيلن کي تحريڪ يا تنظيم جي اجتماعي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جي بجاءِ فردن ۽ شخصن جي ذاتي ملڪيت ٺاهڻ جو رجحان، وغيره. اختلافِ راءِ کي برداشت به ڪري سگهجي ٿو ته تنظيمي ادارن ۾ اڪثريتي راءِ سان حل به ڪري سگهجي ٿو پر جيڪڏهن شخصي مفاد سامهون هجن ته پوءِ اڪثريت راءِ، جمهوريت ۽ ٺوس دليل، پوءِ چاهي اُهي دليل سيد جي ڪتابن مان هجن، يا ڪنهن ٻئي مقدس ڪتاب مان، سڀ پنهنجي معنيٰ وڃائي ويهي رهندا آهن ۽ منظم تحريڪون غير منظم، ڇُڙواڳ، پيداگير ٽولين ۾ ورهائجي وينديون آهن. موجوده سياسي حالتن ۾ سيد جي فڪري تحريڪ کي نون بنيادن تي بيهارڻ جي ضرورت آهي. نون بنيادن مان مطلب آهي ته قومپرستي، جمهوريت، سيڪيولرزم ۽ سوشلزم جي بنيادن تي نئين سري سان ۽ نون طريقن سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اڄ جي جديد دور ۾ ڪم جا قديم ۽ پُراڻا طريقا نتيجا نه ڏيندا. ڪم جي نون طريقن ۾ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال اڻ ٽر آهي. نظرياتي پُختگي ۽ سياسي سنجيدگيءَ لاءِ هڪ دفعو ٻيهر سياسي تعليم جي رجحان کي مضبوط بنائڻو آهي ۽ ڪَک پتي مان لک پتي ٿيڻ جهڙي زهريلي رجحان کي سختيءَ سان چٿڻ جي ضرورت آهي. تمام تر ڪوتاهين جي باوجود جيڪڏهن جيئي سنڌ هلچل اڄ به سنڌ جي عوام جي اُميد جو ڪرڻو آهي ته ان جو وڏو سبب جيئي سنڌ هلچل جي ڪارڪنن جو تعداد ۽ ڪم جو طريقو نه پر سنڌ جو قومي تضاد آهي، جيڪو سائين جي ايم سيد جي نظريي کي هر روز نئين حوالي سان صحيح ثابت ڪندو رهي ٿو ۽ جيئي سنڌ هلچل ۾ اُميد جو ڪرڻو برقرار رکي ٿو. موجوده حالتن ۾ سيد جي فڪر کي عملي شڪل ڏيڻ جي لاءِ ۽ تحريڪ کي وسيع ۽ منظم ڪرڻ جي لاءِ سنڌ جي مظلوم هاري ۽ پورهيت جي سوال، سنڌ جي گونگي، مظلوم، ڌڪيل حوا جي ڌيءَ عورت جي سوال، رياستي توڙي غير رياستي قوتن جي ظلم جو شڪار انسانيت جي حقن جو سوال ۽ پنجاب ۽ ان جي جوڙيوال ۽ وڏيرا شاهي جي عوام دشمني کي چٽو ۽ نروار ڪرڻ سان گڏو گڏ سنڌ جي قومي سوال کي علائقائي توڙي عالمي سطح تي پنهنجا حمايتي ۽ اتحادي ڳولهڻ ۽ ٺاهڻ جي ضرورت آهي. سائين جي ايم سيد حياتي ۽ جدوجهد ايم حنيف لاشاري سائين جي ايم سيد جو خاندان شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي مٽياري سيدن جي سنائيءَ شاخ سان واسطو رکي ٿو. پاڻ سيد صاحب شاهه حيدر رحمته الله عليه جي اولاد ۽ نسبت هئڻ سبب ان گاديءَ جا چوڏهون نمبر سجاده نشين ٿيا، پاڻ سيد محمد شاهه سنائيءَ جي گهر ۾، ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع تي ڇنڇر جي ڏينهن پيدا ٿيا ۽ سندن نالو سيد غلام مرتضيٰ شاهه رکيو ويو ۽ بعد ۾ جي. ايم. سيد جي نالي سان سڏجڻ لڳا. سال ۱۹۱۵ع ۾ پاڻ سنڌي پرائمري تعليم پرائي، انهي کانپوءِ انگريزي ۽ فارسي تعليم شروع ڪيائون.پاڻ تعليم خانگي طور حاصل ڪيائون ۽ سمورو وقت گهر جي حويليءَ اندر کيس محفوظ انتظام هيٺ رهڻو پيو، ان جو سبب ڪٽنبي تڪرار ۽ سندن والد صاحب جي شهادت هو. ننڍپڻ کان ئي ذهين هجڻ سبب سنڌي سماج جو ويجهڙائي کان جائزو ورتائون ۽ مدي خارج رسمن خلاف ۱۴ ورهين جي ننڍي عمر ۾ سن شهر ۾ ”انجمنِ مسلمين سن“ قائم ڪري، تحريڪ هلائي، ڳوٺ جي ماڻهن ۾ سماجي شعور پيدا ڪيائون. ته جيئن غريب طبقي ۾ اهڙين سماجي رسمن جي موقعي تي پنهنجن وسيلن کان وڌيڪ خرچ ڪرڻ ۾ ڪمي اچي ۽ ان طبقي مٿان معاشي بار گهٽجي سگهي ۱۷ مارچ ۱۹۲۰ع تي سن شهر ۾ خلافت ڪانفرنس جو اجلاس سڏائي، پنهنجي سياسي زندگيءَ جي شروعات ڪيائون. پاڻ ۲۶ اپريل ۱۹۲۰ع ۾ مخدوم بلاول جي درگاهه تي ميز تي چڙهي جلسي ۾ پهرين تقرير ڪيائون، ڇو ته ننڍي عمر هئڻ سبب سندن قد ننڍو هو. سائين جي. ايم. سيد پنهنجي ننڍڙي عمر جي سياسي زندگيءَ ۾ برک سياستدانن سان ملاقاتون شروع ڪيون. کيس مهاتما گانڌيءَ جي شخصيت ۽ سياست کين گهڻو متاثر ڪيو. انهيءَ ڪري ۲۷ اپريل ۱۹۲۱ع تي سن اسٽيشن تي وڃي گانڌيءَ سان ملاقات ڪري، ساڻس سياسي ڳالهين جي ڏي وٺ ڪيائون ۽ گانڌيءَ پاران کين کاڌيءَ جي ڪپڙن پائڻ جي هدايت ملي. جنهن کان متاثر ٿي، پاڻ کاڌيءَ جا ڪپڙا پائڻ شروع ڪيائون. سيد صاحب کي اهو پڪو ويساهه هو ته سماج ۾ سڌارن ۽ ترقيءَ وسيلي انقلاب اچي سگهي ٿو، ۽ اهڙي تبديليءَ جي عملي شروعات پنهنجي برادريءَ کان ڪيائون. تنهن ڪري پاڻ مارچ ۱۹۲۴ع ۾ سنڌ ۾ سيدن جي تعليم ۽ تنظيم لاءِ سَنَ ۾ پهرين ”انجمن سادات مٽياري“ قائم ڪيائون، جنهن سنڌ جي سيدن ۾ تعليمي، معاشي ۽ سماجي جاڳرتا جو ڪردار نڀايو. سيد صاحب جيئن ته هڪ روشن خيال آبادگار به هو، تنهن ڪري سال ۱۹۲۵ع ۾ سيٺ محمد جعفر خواجه سان گڏجي آبادگارن جي ايسوسيئيشن ٺاهيائون: جنهن سنڌ ۾ زرعي سڌارن ۽ اُپت جي نون طريقن وسيلي زراعت سان لاڳاپيل طبقن ۾ معاشي تبديلي آندي. ان کان پوءِ پاڻ ڪراچي ضلعي لوڪل بورڊ جو ميمبر ٿيا. ۽ سڀ کان اڳ ۾ تعليمي سڌارا پنهنجي اباڻي ڳوٺ سن کان ابتدا ڪندي، انگريزيءَ جا اي. وي ڪلاس شروع ڪرايائون، ۱۹۲۶ع ۾ نياڻين جي تعليم پرائڻ لاءِ نياڻين لاءِ اسڪول ۽ ان سان گڏ هارين، نارين ۽ پورهيتن لاءِ رات جا اسڪول قائم ڪيائون، ۽ اهڙيءَ ريت پنهنجي ڳوٺ ۽ آسپاس جي ماڻهن ۾ تعليمي شعور وڌائڻ لاءِ پاڻ پتوڙيائون. پاڻ پوءِ ۱۹۲۸ع ۾ ڪراچي ضلعي لوڪل بورڊ جي صدر طور ”ڳوٺ سڌار تحريڪ“ جو بنياد وڌائون. اُن کان اڳ سال ۱۹۲۶ع کان وٺي سيد حيدر سنائيءَ جي درگاهه تي سالياني عرس جي موقعي تي ”محال مانجهندن جي تعليمي ترقي ۽ معاشرتي اصلاح“ لاءِ ڪانفرنس سڏايائون. ۱۹۲۸ع ۾ سنڌ ۾ بمبئي پرڳڻي کان آزاديءَ جي تحريڪ هلي ته شروعات ۾ ٽي اهم ڪانفرنسون ٿيون، جن ۾ پاڻ سنڌ جي چوٽيءَ جي اڳواڻن سان گڏجي برطانوي سامراج اڳيان انگن اکرن سان ثابت ڪيائون ته سنڌ جو بمبئيءَ سان ڳانڍاپو غير قانوني ۽ غير اخلاقي فيصلو هو. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ميلي جي موقعي تي اڄ به ادبي ۽ ثقافتي ڪانفرنس جو دستور قائم آهي، حقيقت ۾ ان سلسلي جي شروعات ۽ رواج به پاڻ ميران محمد شاهه سان گڏجي سال ۱۹۳۰ع ۾ وڌائون. سنڌ جي مفڪر سائين جي. ايم. سيد پنهنجي دور رس نظر سان اهو محسوس ڪيو ته جيستائين سنڌ جي هارين ۾ شعور پيدا نه ٿيندو، تيستائين کين جائز حق نه ملي سگهندا ۽ سنڌ جي زراعت ۾ بهتر تبديليءَ کان سواءِ معاشرتي تبديلي ناممڪن هئي، ان ڏس ۾ پاڻ سال ۱۹۳۰ع ۾ جمشيد مهتا سان گڏجي ميرپورخاص ۾ ”سنڌ هاري ڪانفرنس“ سڏايائون. هي هاري تحريڪ اڳتي هلي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ هارين کي پنهنجا حق وٺي ڏيڻ ۾ ڀرپور سرگرم رهي. پاڻ هاري ڪاميٽيءَ ۾ سال ۱۹۵۴ع تائين ميمبر طور ڪم ڪندا آيا. ”سنڌ هاري ڪميٽي“ جو بنياد رکڻ حقيقت ۾ هڪ روشن خيال ۽ ترقي پسند سوچ جو نتيجو هو، جيڪو سندن ڪيترن ڪارنامن مان هڪ بي مثال ڪارنامو آهي. ۱۹۲۸ع کان عظيم الشان تعليمي اداري سنڌ مدرسي جي جنرل باڊيءَ ۽ ان جي ورڪنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر ٿي، مدرسي جي تعليمي معيار ۽ ان جي سڌاري لاءِ ڏينهن رات محنت ڪيائون. سال ۱۹۲۹ع ۾ ڪراچي ضلعي جي عورتن ۾ تعليم لاءِ دلچسپي پيدا ڪرڻ، عورتن جي هنرن جي ترقي ۽ تيار ڪيل شين جي وڪري لاءِ هڪ جٿو تيار ڪيائون، جنهن کي ”رورل وومين ويلفيئر ايسوسيئيشن“ نالو ڏنائون. ۱۹۳۲ع ۾ سنڌي ساهت ادب ۽ سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽين جو ميمبر ٿي، گهڻي سرگرميءَ سان حصو وٺندا رهيا. ۱۹۳۷ع ۾ هو پهريون ڀيرو سنڌ قانونسازي اسيمبليء جو ميمبر چونڊجي آيو ۱۹۳۸ع ۾ مسلم ليگ جي مرڪزي صدر محمد علي جناح کي حاجي عبدالله هارون دعوت ڏئي سنڌ ۾ گهرايو جنهن ۾ سيد صاحب هڪ مبصر جي حيثيت ۾ شامل ٿيو جناح صاحب سائين جي ايم سيد جي شخصيت کان متاثر ٿي کيس مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني جيڪا پاڻ قبول ڪيائون ۽ مسلم ليگ جوائن ڪيائون ۱۹۴۰ع ۾ سائين جي ايم سيد سنڌ جي تعليم کاتي جو وزير ٿيو ۱۹۴۱ع ۾ هوُ آل انڊيا مسلم ليگ سينٽرل ڪاميٽي جو ميمبر بڻيو ۱۹۴۲ع ۾ سنڌ مسلم ليگ جو صدر چونڊجي ويو ۽ صدر چونڊجڻ جي هڪ سال کانپوءِ ۱۹۴۳ع ۾ هوُ سنڌ اسيمبليء کان پاڪستان جي حق ۾ ٺهراء پاس ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو سنڌ جي تاريخ جي هڪ اهم باهدر ڪردار حيدر سنائيء جي خاندان جي چشمو چراخ جي ايم سيد جي سياست جو ٻيو دور تڏهن شروع ٿيو جڏهن هن ۱۹۴۶ع ۾ مسلم ليگ تان استعيفا ڏيئي پنهنجي الڳ پارٽي جوڙي جنهن جو نالو پروگريسو مسلم ليگ رکيائين ساڳئي سال هُو سنڌ مخلوق پارٽي جو ليڊر پڻ چونڊجي ويو ۱۹۵۴ع ۾ سنڌ ادبي بورڊ جو چيئرمين چونڊجي ويو ۱۹۵۵ع ۾ هن پاڪستان نيشنل پارٽيء واري عمل ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ۱۹۶۶ع ۾ هن بزم صوفيائي سنڌ جو قيام عمل ۾ آندو ۱۹۶۹ع ۾ سنڌ يونائيٽيڊ فرنٽ جوڙيو ۱۹۷۱ع ۾ هُو ملڪ جي وفاقي سياست کان بلڪل مايوس ٿي ويو ۽ هن سنڌ جي ماڻهن جي لاءِ حق خودراديت جو اعلان ڪيو ۽ ان لاءِ هن ۱۹۷۳ع ۾ جيئي سنڌ تحريڪ نالي پارٽي جوڙي سياست جيڪو جنگ ۽ جدُل جو ميدان آهي ان ۾ ڀرپور ۽ سرگرم ڪردار ادا ڪرڻ کانپوءِ ب هن قومپرست سياستدان ۶۵ اميق ۽ زخيم ڪتاب پڻ لکيا ان ڪتاب جو موضوع ادب کان وٺي سياست ۽ مذهب کان وٺي ثقافت ۽ ڪلچر تي پکڙيل آهن راڳ، شاعري ۽ موسيقيء سان گهرو شُگفت رکندڙ ۽ ۳۰هن سالن کان وڌيڪ عرصي تائين عدم تشدد جي سياست ۽ فلسفي ۾ يقين رکندڙ هن صوفي منش ۽ سنڌ جي عاشق سياستدان کي جيلن ۾ قيد ڪرڻ ۽ نظربنديء دوران سنڌ جي عاشق رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد ۲۵ اپريل ۱۹۹۵ع تي جناح اسپتال ڪراچيء ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو ۳۰هن سالن کان وڌيڪ ڊگهين جيلا تريات ۽ نظربنديء دوران ئي فوت ٿي وڃڻ سبب Mnstem انٽرنيشل پاران کيس ضمير جي قيديء جي اعزاز سان نوازيو ويو ۱۷ جنوري ۲۰۱۴ تي سنڌ جي هڪ ننڍڙي شهر سان تعلق رکندڙ سياستدان، صوفي ۽ سنڌ جي عاشق سائين جي ايم سيد جي ۱۱۰ سالگرهه آهي. سنڌ جي هن عظيم رهبر سائين جي ايم سيد کي سنڌ اڄ هن جي ۱۱۰ سالگرهه تي دل جي گهرائين سان ياد ڪري ٿي. سيد کي حساب ڏيڻ جو ڏينهن ۱۷ جنوري سجاد شر اڄ ان عظيم هستيءَ جو جنم ڏهاڙو آهي، جنهن اتحادِ انساني، امن عالم ۽ ترقي بني آدم جي نعري هيٺ، انسان جي آزادي ۽ تشڪيل نو جي ڳالهه ڪئي. اهو جي ايم سيد جيڪو ٻاروتڻ ۾ يتيمي جو احساس کڻي پليو، ان لڪيءَ جي لاون جي اوٻر کي اوپرو محسوس ڪرڻ بجاءِ، سموري سنڌ جو درد سيني ۾ سمائي هلڻ جو وچن ڪيو. اهو سائين جي ايم سيد، جيڪو نه صرف پنهنجي لکڻين ۾، پر پنهنجي عمل ۾ به انتهائي وسيع هو. ان جڏهن کان گانڌي کي ڌارين ۽ ان جي شين سان نفرت سان سرشار ڏٺو ته انگريزي يا وديشي لباس کان کاڌيءَ کي ترجيح ڏيئي پهرڻ لڳو. اهو سائين جي ايم سيد جڏهن ڪراچي لوڪل بورڊ جو صدر بڻيو ته شهري ۽ ٻهراڙي جي آبادين جي بنا فرق جي خدمت ڪرڻ لڳو ۽ جديد ڪراچي جا بنياد رکيائين. سائين جي ايم سيد جڏهن تعليم جو وزير بڻيو ته سنڌ يونيورسٽي جهڙو ادارو ڏيڻ جو عزم ڪيائين ته، ان کي عملي جامو به پارائي ڏيکاريائين. پورهيتن ۽ هارين جي حوالي سان قانون سازي ۾ به سيد جو وڏو هٿ رهيو. سائين جي ايم سيد تي مخالف ڀلي ته منزل گاهه مسجد واري واقعي تي تنقيد ڪندا هجن، تاريخ ائين به چئي ٿي ته پاڪستان جو پهريون ٺهراءُ پاس ڪرائيندڙ به جي ايم سيد هو، ته ساڳئي اسيمبلي جڏهن انگريز سامراج جي ونگار وهندي وطن يا ڪفن، آزادي يا موت جو نعرو هڻندڙ سورهيه بادشاهه، ان جي ساٿين ۽ سنڌ جي سرويچن خلاف حُر ايڪٽ پاس ڪيو ته ان جي عملي مخالفت به سائين جي ايم سيد جي کاتي ۾ وڃي ٿي. سائين جي ايم سيد جنوري ۾ جنم وٺڻ باوجود به مزاج ۾ گرم ئي رهيو. هن مسلم ليگي اڳواڻن کي به منهن تي سچ چوندي مسلم ليگ جي صدارت ڇڏي ڏني. پاڪستان ٺهڻ بعد جڏهن ڪراچي سنڌ کان کسي وئي، شهر کي وسائيندڙ هندو سنڌي دربدري جي عذاب ۾ مبتلا ڪيا ويا ته جي ايم سيد سنڌ سان عشق جي ڳالهه ڪرڻ تي پاڪستان جو پهريون سياسي قيدي بڻيو. سائين جي ايم سيد سان ڪنهن کي لک اختلاف ڀلي هجن پر اهي ان ڳالهه کان ڪڏهن به انڪاري نه ٿيندا ته سنڌ جا حڪمران برهمڻ، سومرا، سما، ۽ ٽالپر هئا يا محڪوم سنڌ ۾ ماڻهو ڪانگريسي، ليگي هئا، انهن کي سنڌين جهڙي خوبصورت شناخت جي ايم سيد ڏني، ان کان پهرين سنڌي ٿي ڪڏهن انهن سوچيو ئي ڪو نه هو! سائين جي ايم سيد لوڪل بورڊ جي سياست کان پارلياماني سياست جا سڀ دڳ آزمايا هئا پر جيئن ته سنڌ جي قومي محڪوميءَ وارو مرض پراڻو يا ناسور ٿي چڪو هو، تنهن ڪري ان جو علاج لهي نه سگھيو ته پاڻ بزمِ صوفياءِ سنڌ جهڙي الهه لوڪ تنظيم ٺاهي عام ماڻهو سان ملڻ لاءِ ميلن، ملاکڙن ۽ ڪچهرين ذريعي انهن ڏانهن رجوع ڪيائين. تاريخ جي ڄاڻو شخص انهن تجربن کي بار بار ان جي ڪري ٿي دهرايو، ڇو ته سڀني قاعدن ۽ ضابطن يا پارٽين کان مٿي سنڌ ۽ سنڌ ڪاز هو، پر باوجود ان جي پاڻ تصنيف ۽ تاليف يعني لکڻ پڙهڻ جي عمل کي پڻ جاري رکندو آيو. سائين جي ايم سيد جڏهن پيغامِ لطيف لکيو ته شاهه لطيف جي حقيقي عشق ۽ انداز جي اهڙي ته تشريح ڪيائين، جو سيد جو استاد علام آءِ آءِ قاضي شاهه لطيف کي دنيا جو وڏي ۾ وڏو شاعر چئي ويٺو. شاهه لطيف جي راڳ ۽ ويراڳ، جوڳين ۽ سناسين، کاهوڙين ۽ سورمين جي ڪردار ۾ حقيقي معنيٰ ڳولي لهڻ وارو به صرف جي ايم سيد هو. پاڻ جڏهن ”سنڌوءَ جي ساڃاهه“ لکيائين ته مهراڻ جي ماٿريءَ تي اهڙو انمول موقف پيش ڪيائين، جنهن ۾ ڄڻ موهن جي دڙي جي سمبارا ۽ ڪنگ پريسٽ پاڻ ڳالهائي سنڌ جي تشريح ڪري رهيا هجن. سائين جي ايم سيد جڏهن ڏٺو ته ووٽن واري سياست آشيروادي ۽ انجنيئرنگ جو ڪمال هجي ٿي (ڌانڌلي ذريعي نتيجا ڦريا وڃن ٿا) جنهن ۾ سنڌين کي ڪي به حق ناهن ملڻا ته پاڻ سنڌ جي مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽي جو رخ ڪيائين، اتي نوجوانن سان جهور پوڙهي، موهن جي دڙي کان وٺي هيل تائين ٿيل سڀني ڪهرن ۽ ڪلورن جو ذڪر ڪندي، ”سنڌ هڪ ملڪ رهيو آهي، سنڌي هڪ قوم آهي ۽ آجپو سندن حق آهي“، وارو نظريو ڏنو. (شايد ان ڪري ئي ڪنهن چيو ته سنڌ جو شعور سائين جي ايم سيد سان ۽ عام ماڻهو ڀُٽي سان گڏ آهن). سائين جي ايم سيد جڏهن ”رهبر“ ڪتاب لکيو ته ان کي اڄ به پڙهندي محسوس ٿيندو ته ڄڻ ڪو جرنيل يا سپهه سالار ساٿين سان جنگ جي ميدان ۾ مخاطب آهي. سائين جي ايم سيد هميشه عدم تشدد جي ڳالهه ڪئي. سائين جي ايم سيد ”سنڌ ڳالهائي ٿي“ جهڙو شاهڪار، ڀلي جو عدالتي بيان جي صورت ۾ لکيو هجي پر سنڌ جي تاريخ ۾ ان ڪتاب جي تمام وڏي اهميت آهي. پارس جهڙي پوڙهي جنهن هر دور ۾ ويڙهه وڙهي، جيڪو ڪڏهن به نه جهڪيو ۽ ڏاڍ تي ڏمرجندو رهيو، جنهن ساهه به قيد ۽ نظربندي جي حالت ۾ ڏنو ان جي ايم سيد جا وارث ”پرهه جي پيغام“ کي هنيانءُ سان هنڊائي نه سگھيا!!. پر اتي ئي تاريخ جي ايم سيد جي ڪريڊٽ ۾ اهي لکين انسان به ڇڏيا، جن انداهه ۽ انڌوڪار کي نه مڃيندي آڻ ناهي مڃي. اڄ به فڪرِ جي ايم سيد قائم ۽ دائم آهي، جيئي سنڌ جي جهنڊي کي ٺاهيندڙ اقبال ترين دنيا جي ڪهڙي ڪنڊ ۾ به هجي پر اڄ سائين جي ايم سيد جو فڪر ۽ جهنڊو هر سنڌي تائين پهتل آهي. اڄ ڀلي سائين جي ايم سيد اسان وٽ جسماني طرح موجود نه هجي پر ان پوڙهي شينهن جنهن ۳۲ سال ۱۰ مهينا ۽ ۲۳ ڏينهن قيد ۾ ڪٽيا، جنهن لاءِ نياز همايوني چيو ته: ڪنهن لاءِ سوچين، ڪنهن لاءِ لوچين، ڪنهن لاءِ گھنگھر گهارين ٿو، پوڙها پورهيت پارس جهڙا، ڪنهن لاءِ لوهه پگھارين ويٺو. چارڻ ويڪو، چنگ به ويڪو، نگري هن ۾ ننگ به ويڪو، پوءِ ڀلا او منهنجا سائين! ڪنهن لاءِ لوهه پگهارين ويٺو. پر ان جي محنت رائيگان ناهي وئي ۽ ان جو فڪر اسان وٽ موجود آهي. سائين جي ايم سيد سان ساٿ نڀائڻ لاءِ اڄ به لکين عاشق سن ۾ گڏجندا ۽ سائين جي ايم سيد سان تجديدِ عهد وفا ڪندا، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جا سمورا سنڌ پرست ۽ فڪر جي ايم سيد کي نصب العين سمجهندڙ دوست سيد جي مزار آڏو ان کي ساکي بڻائيندي پنهنجو پنهنجو احتساب ڪن ته، گذريل ۱۷ جنوري کان هيل تائين انهن سنڌ جي اشوز تي ڇا ڪيو؟ انهن جي جهوليءَ ۾ سائينءَ کي ڏيڻ جي لاءِ ڇا آهي؟ اگر اسين سڀ ائين خود تنقيدي جائزو وٺون ته منزل ڏور ناهي، نيٺ ته بهتر حڪمت عملين جوڙڻ سان سوڀارا ٿينداسين. سائين جي ايم سيد سٻاجهو ۽ سچو انسان لالا طاهر ميمڻ سنڌ سدائين سرويچ، پنهنجي پاڪ پويتر مٽيءَ مان سچا ۽ سُهڻا، سُلڇڻا، سٻاجها، اُتم ۽ اعليٰ انسان پيدا ڪيا آهن. هِنَ سرهاڻ جي ڌرتيءَ، جنهن جي مهڪ ايتري ته مِٺي آهي، جنهن جو ماپو ۽ مُلهه اَمُلهه آهي، جنهن جي جرڪ هميشه شاد ۽ آباد رهندي اچي پئي. هن سنڌ کي جڏهن به ڪنهن اُجاڙڻ جا سانباها ڪيا، تن کي نابوت ٿيڻو پيو ۽ اُنهن جو نالو ۽ نشان تاريخ پنهنجي لفظن ۾ اُجاڙ ڪوٽن ۽ کنڊراتن جي ڏيک جيان ڪتابن ۾ خاموش قبرن جيان چٽي ڇڏيا آهن ۽ جن سنڌوءَ جي سينڌ سنوارڻ لاءِ پنهنجين جانين جو نظرانو ڏئي، پاڪ ڌرتي جي هنج ۾ آرامي ٿي پنهنجي ڇڏيل ۽ ڪيل جدوجهد ۽ ڏنل سبق سُنهري لفظن سان هميشه پوري دنيا لاءِ آزاديءَ جو پيغام مشعل راهه ٿي روشنيءَ جي لاٽ روشن ڪندو ظالمن کي زير ڪندو سڀني کي سگهه ڏيندو اسان جي سنڌ کي جيئاريندو رهندو. سنڌ اُن عاشق جو عشق آهي، جنهن جي حد جي سرحد ڪائي ناهي، اهڙي ئي هن سنڌ جو نالو جي ايم سيد آهي، جنهن جي سنڌ ۽ سنڌين سميت انسانيت لاءِ ڪيل جدوجهد مثالي عشق جي منزل ڏانهن ويندڙ هڪ اهڙي منزل آهي، جنهن پنهنجي سڄي حياتي ڏونگر کان به ڏاڍين تڪليفن کي منهن ڏيندي مٽيءَ مٿان گهور ٿيندو رهيو. سائين جي ايم سيد اُها هستي آهي، جنهن جو نالو سنڌ دشمن ٻُڌي ڏڪي ويندا آهن، ڇوته سائين جي ايم سيد سنڌ هو ته اهڙي طرح اهڙن اڙٻُنگ انسانن لاءِ استاد بخاري فرمايو آهي ته: اسان کي فلسفو سائين، خوشيءَ غم جو نه سمجهايو، کلڻ آيو ته کلنداسين، روئڻ آيو ته روئينداسين، حيات ۽ موت جي ڇيڙي مسئلن کي نه ڊيڄاريو، حياتي آ ته جيئنداسين، موت آيو ته مرنداسين. (بخاري) سائين جي ايم سيد اها شخصيت هئي، جنهن سنڌ عشق خاطر ڦوهه جوانيءَ کان آخري دم تائين سنڌ لاءِ پنهنجا ذاتي سڀئي خواب سهائي ڇڏيا. سنڌ تي ڪهڙي به قسم جي ڏاڍائي يا بي واجبي ٿيندي ڏسندا هئا ته پاڻ کي بيچين ڪندي سنڌ کي بچائڻ لاءِ روڊن رستن، جيل يا نظربند آهن ته قلم جي ذريعي سامراجي قوتن سان مهاڏو اٽڪائيندا رهيا. سندس جُستجو هميشه سنڌ ۽ سنڌ واسين انسانيت جي پرچار ۽ اُنهن جي حقن خاطر دشمنن آڏو رُڪ جي ديوار بڻجي ظالمن جي اک ۾ ڪنڊو بڻجندو رهندو هو. سائين جي ايم سيد سنڌ جي اُها سرهاڻ هئي، جڏهن به پاڻ گهڙي پل آزاد ٿيندا هئا ته سندس اُن سرهاڻ جي خوشبوءَ ايتري ته مهڪي پوندي هئي جو هزارن جي تعداد ۾ سندس واس وٺڻ لاءِ پتنگا کيس آجيان لاءِ سندس گاڏيءَ ۾ گهيرو ڪندي واس وٺندا هئا ۽ گهر ويهڻ بجاءِ سنڌ جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ ماروئڙن جي تانگ کيس ويهڻ نه ڏيندي هئي، پاڻ روڊن رستن، ڳوٺن شهرن، جهرجهنگ سنڌ گهري ٿي حق ۽ خودمختياري جو نعرو هڻي ڪهاڙي واري جهنڊي ساڻ ڌرتيءَ جي حقن خاطر ڌرتي ڌڻين کي آگاهه ڪندو رهندو هو ته اوهان سنڌ جا اصل وارث آهيو، اوهان پنهنجي سنڌ جي وارثي ڪريو. پنجاب سامراج اسان جو اصل ويري آهي، پنجاب اسان جي حقن تي ڌاڙا هنيو ويٺو آهي، اوهان سجاڳ ٿيو، سنڌ اوهان جي جاگير آهي. اوهان سنڌ واسي پنهنجي سنڌ جي دشمن کي سڃاڻو، ڌاريو ۽ غير سنڌ کي گهيرو ڪري ويٺا آهن، انهن ڌارين، غيرن ۽ غاصبن کي سنڌ مان ڪڍڻو آهي، سائين جي ايم سيد بخاري جي هن بيت جيان چوندو رهي پيو ته: ڪيترن ڪمزور هٿڙن جي شڪست، ڏاڍ کي چٿڙيون ڪري ڦاڙي ڇڏيان! ڪيترن شهزور جُنبن جي گرفت، ظلم کي ذرڙيون ڪري ساڙي ڇڏيان! (بخاري) سائين جي ايم سيد اهو روشن عقل انسان عشق سنڌ جو سرواڻ سچ ۽ صوفيت جو پيغام هو، جنهن نيٺ ۽ نوڙت محبت جو درس ڏئي پاڻ پڻ هڪ مثال بڻجي ويو، جنهن جي مثالن جو بيان ڪهڙن لفظن سان ڪريان. سائين جي ايم سيد سنڌ سان عشق جي ڪري وقت جي جابر حڪمرانن مٿس ڪيترائي ڪيس ڪيا. ان سلسلي ۾ ڪورٽن ۾ ٽائيم تي اچڻ ۽ وري هزارن جي تعداد ۾ اُتي سندس چاهيندڙ جوان ويندا هئا. ڪڏهن به سيد تي تاريخ کان اڳ جلوس يا ريلي ڪڍي ويندي هئي ته ظالم حڪمران ۽ سامراجي عنصر ڪوڙا ڪيس مڙهيندا هئا ۽ رستا روڪ ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن روايت مطابق کيس جڙتو ڪيسن ۾ گرفتار ڪندا هئا، جنهن جي سيد کي ڪابه پرواهه نه هوندي هئي، ان جاءِ تي بخاري چئي ٿو ته: جي جهنگ ڪندو تنگ ته ساڙي اچبو، هوندو جي بيابان ته لتاڙي اچبو، اي منزل مقصود، هي واعدو آ، آيو جي اڳيان اُڀ ته به ڦاڙي ڇڏبو. (بخاري) سائين جي ايم جيل جي قيد کي ڀاڪر پائي چمندو هو، ڇو ته هميشه چوندو هو ته مٺڙي سنڌ جي محبت جيل جون هي اوچتون ديوارون ۽ پهرا حقن ۽ خودمختياري جي علم کان اوچا ناهن. سنڌ جي آزاديءَ ۾ هي قيد ڪجهه به ناهي، اسان جو هي قيد اميد جي شمع آهي، جنهن جي روشني جي لاٽ پوري دنيا ڏسندي رهندي، اسان کي ظالمن جون سختيون ڪڏهن به جهڪائي نه ٿيون سگهن. لوڀ ۽ لالچون اسان کي خريد نه ٿيون ڪري سگهن، اسان اُهي انسان آهيون جنهن جو محور محبت، انسانيت ۽ امن آهي، جنهن لاءِ هي جنگ اسان جوٽي آهي. ڀٽائي، سچل، سامي هن پاڪ پويتر ڌرتي تي جن به هن ڌرتي تي جنم ورتو ۽ مخدوم بلاول، صوفي شاهه عنايت، بختاور، هيمون ڪالاڻي، پنهنجي جيون جي امن محبت انسانيت ۾ زنده رهندا. سائين جي ايم سيد ساڻن ملاقات جو احوال ذوالفقار قادري سياسي وابستگي پنهنجي جاءِ تي پر ڪوشش رهيم ته برک سياسي اڳواڻن سان روبرو ملي ڪچهري جو شرف حاصل ڪجي، هن مختصر حياتي ۾ مون کي ذوالفقار علي ڀٽو، سائين جي ايم سيد، بينظير ڀٽو صاحبه، مير مرتضيٰ، نواب اڪبر بگٽي، ولي خان، نواب خير بخش مري، مير شير محمد مري عرف جنرل شيروف، سردار عطاءُ الله مينگل، فاضل راهو جهڙين ڪيترين ئي قدآور شخصيتن سان ملڻ جو شرف حاصل رهيو، سائين جي ايم سيد سان به ملڻ جي اڪير رهي، اهو ۱۹۸۱ع جو سال هو مان مارشل لا ريگيوليشن ۱۳ ۽ ۳۳ ھيٺ گرفتار هئس، ڪيس سمري ملٽري ڪورٽ لاڙڪاڻي ۾ زير سماعت هو، ڪڏھن سينٽرل جيل سکر ته ڪڏھن لاڙڪاڻي جيل ۾ ڪيس جي سماعت دوران ڪڏھن ڪڏھن پوليس عارضي حوالگي طور تعلقي ٿاڻي لاڙڪاڻي جي لاڪ اپ ۾ به رکندي هئي، اهو تعلقي ٿاڻي جو لاڪ اپ ئي هيو منهنجو بسترو لاڪ اپ جي دروازي سان ئي هئو انهن ڏينهن ۾ تعلقي ٿاڻي جو ايس ايڇ او شاهه محمد سنجراڻي هو هڪ رات پوليس هڪ قدآور سهڻي نوجوان کي گرفتار ڪري کڻي آئي ۽ کيس لاڪ اپ حوالي ڪيائون، جيئن ته منهنجو بسترو لاڪ اپ جي دروازي سان ئي لڳل هو سو ان نو وارد نوجوان جي آجيان ڪرڻ وارو به مان ئي هئس، هٿ ڏئي کيس بستري تي ويهڻ لاءِ چيو مانس حالي احوالي ٿياسين ته نوجوان ٻڌايو منهنجو نالو بشير قريشي آھي، زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام جو شاگرد آھيان، پوليس چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج مان گرفتار ڪري آئي آھي، جيئي سنڌ سان تعلق آھي، بس پوءِ بشير خان ۽ مان جيل جي ٻولي مطابق هنڊي وال ٿي وياسين، بشير خان جلد ئي سيشن ڪورٽ مان ضمانت ٿيڻ بعد آزاد ٿي ويو پر اسان جو پاڻ ۾ جيڪو محبت، عزت، احترام ۽ دوستي وارو تعلق جڙيو، اهو سندس شھادت تائين برقرار رهيو. مون بشير خان سان اسيري وارن ڏينهن ۾ ئي سائين جي ايم سيد سان ملڻ جي خواهش جو اظھار ڪيو هو، چيائين خير سان آزاد ٿيو ته پوءِ سن هلنداسين، خير سان بشير خان ته جلد آزاد ٿي ويو مون کي وري سمري ملٽري ڪورٽ طرفان سخت پورهئي ۽ ڪوڙن جي سزا ٻڌائي وئي، مان ڊسٽرڪٽ جيل لاڙڪاڻو، سينٽرل جيل سکر ۽ لانڍي جيل ڪراچي جي ياترا ڪري مارچ ۱۹۸۳ع ۾ آزاد ٿيس، اهو جون ۱۹۸۳ع جو سال هيو مان ڄامشورو اسٽيشن تان پسينجر ريل گاڏي ۾ چڙھي لاڙڪاڻي پئي ويس، ٽرين جڏھن ”سن “ ريلوي اسٽيشن تي بيٺي ته اوچتو مون کي سائين جي ايم سيد سان ملڻ جو خيال آيو، سو فوراً ريل مان لهي پيس انهن ڏينهن ۾ سائين جي ايم سيد ”سن“ ۾ نظربند هو، پر ساڻس سان ملڻ لاءِ اچڻ وارن مهمانن، ملاقاتين ۽ دوستن تي پابندي نه هئي البته ”سن“ کان ٻاهر وڃڻ لاءِ سنڌ جي هوم ڊپارٽمنٽ کي آگاهه ڪرڻ ۽ اجازت ضروري هئي، مان ريل تان لهي هڪ ٽانگي وارو کي چيو سائين جي ايم سيد ڏي وڃڻو آھي، ٽانگي واري ٻڌايو ته سائين سنڌو درياهه واري اوطاق تي به ايندو آھي پر جيئن ته منجهند ٽاڪ ۽ گرمي آھي، سو سائين حويلي واري اوطاق تي هوندو، مون چيو جتي اوهان کڻي هلو سو اسٽيشن تان ٽانگي تي چڙھي ”سن“ شهر روانو ٿيس هڪ منجهند ٽاڪ مٿان ڇتي گرمي جو گهوڙي کان به پگهر پئي هليو، خير سان ٽانگي واري حويلي وٽ اچي لاٿو ۽ چيائين اها سامهون سائين جي اوطاق اٿئي، مان زندگي ۾ پهريون دفعو ”سن“ آيو هئس پر ان ڏينهن ايڏي گرمي هئي جو الامان مان خير سان سائين جي ايم سيد جي حويلي سان لڳو لڳ اوطاق ۾ آيس ته ڪوئي ڪونه هيو هڪ همراهه ورانڊي ۾ رکيل کٽ تي ليٽيو پيو هو، مون کي ڏسي چيائين ڪنهن سان ملندؤ مون کيس ٻڌايو ته سائين جي ايم سيد سان ملڻو آھي، همراهه اٿي هٿ ڏنو ۽ ٻڌايائين ته سائين اوطاق ۾ ھئا ڪجهه ملاقاتي آيا هيس سائين جن صبح کان اتي اوطاق تي ئي هئا ملاقاتين جي وڃڻ کان بعد ڪجهه دير اڳ سائين اٿي اندر حويلي طرف هليا ويا آھن. باقي اوهان کي ملڻو آ ته ڪمري اندر هلي ويهو، جهڙي مهل به سائين جن آيا ته ملاقات ٿي ويندي، مان سائين جي اوطاق جي ان ڪمري ۾ آيس جتي سائين اڪثر مهمانن سان ملندو هو ڪمري ۾ جيئن ئي اندر داخل ٿيس سامهون ديوار تي پينٽنگ ٿيل سنڌ جو نقشو لڳل نظر آيو، جنهن ۾ سنڌ جي نقشي جي مين بائونڊري کي زنجيرن سان جڪڙيل ڏيکاريو ويو هو ۽ نقشي اندر انگريزي ۾ “A Nation in Chains“ لکيل هو، ڪمري جي هڪ ڪنڊ تي رکيل ٽيبل تي ڪنهن آرٽسٽ جي هٿن سان پلاسٽڪ آف پيرس جو ٺھيل سائين جي ايم سيد جو مجسمو پيو هو، ڪمري ۾ سائيڊ سان ڪتابن جي ريڪ پئي هئي، جنهن تي ڪافي تاريخي ڪتاب نظر آيم ڀر ۾ ڪجهه ڪرسيون به رکيل هيون، ڪمري جي وچ تي نصرپور جي جنڊي تي ٺھيل ٻه کٽون رکيل جنهن تي سنڌي ٽڪ تي ٺھيل رلهيون وڇايل هيون، ڇتي گرمي مٿان ٿڪل هئس سو هڪ کٽ تي ويٺس ته ڪا خبر ئي نه پئي، ننڊ اچي وئي ڪا مهل ٿي ته جاڳ ٿيم ڏٺم ته ڀر واري کٽ تي هڪ جهور پوڙھو اگهور ننڊ ۾ ستو پيو هو، غور سان ڏٺم ته سائين جي ايم سيد ستو پيو هو، مان اٿي اچي ورانڊي ۾ ويٺل همراهه کان پڇا ڪئي جنهن ٻڌايو ته تون ستو پيو هئين ته اوچتو سائين حويلي کان اوطاق تي آيو، توکي ستل ڏٺائين مون کيس ٻڌايو ته آھي ته الائي ڪير پر اوهان سان ملڻ آيو آهي، همراهه وڌيڪ ٻڌايو ته مون سائين کي چيو ننڊ مان اٿاريانس ته سائين سختي سان منع ڪئي ته گرمي ۾ خبر ناهي الائي ڪٿان ٿڪل آيو هوندو، ڀل آرام ڪرڻ ڏيوس پوءِ سائين تنهنجي اٿڻ جي انتظار ۾ پاڻ به ڀر واري کٽ تي مهي پيا اسان پاڻ ۾ ڪچهري پئي ڪئي ته سائين کي جاڳ ٿي، مان اٿي وڃي سائين سان نوڙي ادب احترام سان مليم، سائين جي پڇڻ کان اڳ ئي جيڪو سچ هئو، مون سائين کي ٻڌايو ته منهنجو ڪوبه تعلق اوهان جي فڪر هيٺ ڪم ڪندڙ تنظيم سان ڪونهي مون کي صرف اوهان سان ملڻ جي سڪ ضرور هئي، سو اچي حاضر ٿيو آھيان، سائين مرڪي چيو ته مون کي ان ڳالهه سان ڪو به سروڪار ڪونهي ته ڪو منهنجي نظرئي جو پوئلڳ آھي يا ناهي، منهنجي لاءِ اوهان سڀ منهنجا ٻچا آھيو، سائين سڀ کان پهرين مون کان پڇا ڪئي ته ماني کاڌي اٿئي مون کيس ٻڌايو ته ماني ناهي کاڌي سو سائين نوڪر کي سڏيو ۽ کيس چيائين حويلي نياپو ڏيو ته اوطاق ڏي هڪ مهمان جي ماني موڪليو، اهو همراهه سائين جو حڪم ٻڌي روانو ٿي ويو. هاڻي اوطاق ۾ سائين جي ايم سيد ۽ مون کان سواءِ ٻيو ڪو به نه هو سو موقعي جو فائدو وٺندي مون سائين کان سڀ کان پهرين سوال ڪيو ته “ڀُٽي صاحب جي باري ۾ اوهان ڇا چوندا؟ (ياد رهي ته ڀُٽي صاحب کي ڦاسي اچي چڪي هئي) هيترن سالن گذرڻ بعد به مون کي اهو لمحو اڄ به ياد آھي ته جڏھن مون اوچتو سائين جي ايم سيد کان ڀُٽي صاحب جي باري ۾ سوال ڪيو ته سائين جي چهري تي مون کي ڪروڌ نظر آيو ۽ سائين پنهجي چپن کي خاص طور هيٺين چپ کي ڏندن ۾ ڀڪوڙي هڪ لمحي لاءِ خاموش ٿي ويو ۽ پوءِ پنهنجي خاموشي کي ٽوڙيندي چيائين“ ذوالفقار علي ڀُٽي جو پيءُ شاهنواز منهنجو دوست هو، ڀٽو مون کي چاچا ڪري سڏيندو هو، شاهنواز ۽ اسان گڏجي ڪافي تحريڪن ۾ حصو به ورتو اسان جو هڪ ٻئي سان مرڻي پرڻي اٿڻ ويهڻ ھو، شاهنواز جڏھن ڀُٽي جي طوهر جي تقريب ڪئي هئي ته مون کي به دعوت جو ڪارڊ موڪليو هئائين ۽ مان شرڪت به ڪئي هئي، سنڌ پنهنجي ويجهڙ واري تاريخ ۾ ٽي ذھين ماڻھو پيدا ڪيا، محمد علي جناح، پير علي محمد شاهه راشدي ۽ ذوالفقار علي ڀٽو، پر ٽنهي ماڻھن سنڌ لاءِ اهو ڪجهه نه ڪيو جيڪو کين ڪرڻ کپندو هو، تاريخ کين موقعو به ڏنو پر هنن اهو ڪردار ادا نه ڪيو جناح سميت سڀني کي پنجابين پنهنجي مفادن لاءِ استعمال ڪيو پنجابين وٽ ته راڻا رنجيت سنگهه کان پوءِ ڪو اڳواڻ ئي پيدا نه ٿيو آھي پنجابين هميشه ٻين جي ڪلهي تي بندوق رکي هلائي آھي، جنهن پاڪستان لاءِ اسان ڪشالا ڪڍيا اهو ته پنجابستان بڻجي ويو، پنجابين وٽ ڪو ماڻھو نه هو، هنن سدائين اسلام، نظريا پاڪستان ۽ ھندستان جي خوف جا ڊپ ڏئي ڏنڊي جي زور تي حاڪميت ڪئي آھي، ڀُٽي کان به هنن ڪم ڪڍيا. ۱۹۷۲ع جي عبوري آئين جي منظوري وقت ولي خان ۽ ٻروچن عطاءُ الله مينگل، غوث بخش بزنجي ۽ نواب خير بخش مري وارن عبوري آئين تي صحيحون نه پئي ڪيون، ڀٽو مون سان مليو ۽ مون کان مدد گهريائين مون کيس سڌيون ٻڌايون چيائين چاچا اوهان مون کي موقعو ته ڏيو مون ولي خان ۽ ٻروچن سان ڳالهايو ولي خان جو پيءُ غفار خان منهنجو دوست هو مون کي ولي خان ۽ ٻروچن چيو پنجابين سدائين ڌوڪا ڪيا آھن هن دفعي ڀٽي کي اڳيان ڪري ڌوڪو پيا ڏين مون کين چيو اسان سدائين ڌوڪا کاڌا آھن هڪ ڌوڪو ٻيو سهي منهجي چوڻ تي ولي خان ۽ ٻروچن ۱۹۷۲ع جي آئين تي صحيحون ڪيون، اڳتي هلي ۱۹۷۲ع واري عبوري آئين ۾ اسان جي پڇڻ بنا ترميمون ڪري ان کي ۱۹۷۳ع جي آئين ۾ تبديل ڪيو ويو، ۱۹۷۳ع آئين جي منظوري کان پوءِ سڀ کان پهريون مان نظربند ٿيس، ڪجهه عرصي گذرڻ کان پوءِ ولي خان، مير غوث بخش بزنجو، سردار عطاءُ الله مينگل، نواب خير بخش مري، مير شير محمد مري وارا غداري الزام ۾ گرفتار ٿي حيدرآباد سينٽرل جيل پهتا ۽ مون ڏي ميار موڪليائون، ڀٽي مون کي هنن آڏو مياري ڪيو، سائين ڳالهائيندا رهيا مان غور سان سائين کي ٻڌندو رهيس سائين پنهنجي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چيو “ ڀُٽي کان پنجابين ڪم ورتا جڏھن هنن ڏٺو ته ڀٽو هاڻي اسان جي ڪم جو ناهي رهيو ته ڀُٽي کي ڦاهي ڏئي ڇڏين، فريادي به اهي شاهد به اهي جج به اهي ۽ ڦاهي ڏيڻ وارا به اهي ئي هئا. اتي ڪجهه ساهي بعد مون سائين جي ايم سيد کان بينظير صاحبه بابت پڇيو (واضح رهي ته بينظير صاحبه انهن ڏينهن ۾ ۷۰ ڪلفٽن ۾ نظربند هئي) سائين بينظير صاحبه لاءِ چيو “هو اسان جي نياڻي آھي، هن لاءِ عزت آھي، هو لکيل پڙھيل ۽ بهادر به آھي هن مان ماڻھن کي اميدون به آھن پر اڃا هو سياست جي ميدان ۾ نئين آھي. پيءُ جي نقش قدم تي هلي ته اهي ساڳيون قوتون جن هن جي پيءُ کي نه بخشيو اهي هن کي به نه ڇڏيندا. مون سائين کان جڏھن بلوچن جي باري ۾ پڇيو ته سائين ورندي ڏني ته “هن وقت تائين جيترا بلوچ مئا آھن، ان جي اڌ جيتري به سنڌي قرباني ڏين ها ته پاڪستان جي جاگرافيائي صورتحال تبديل ٿيل هجي ها، آزاد ٿيڻ کان بعد عطاءُ الله مينگل، مير غوث بخش بزنجو، نواب خير بخش مري ۽ مير شير محمد مري وارا مون سان ملڻ آيا هئا، مون کين چيو اوهان بهادر به آھيو ۽ ويڙھاڪ به ماڻھو به جام مئا اٿو پر جيسين اوهان سردارن جون پنهنجون پنهنجيون الڳ چڙھيل ڪنيون ۽ انائون ختم نه ٿينديون بلوچ ايئن مرندا رهندا، مون کائنس جڏھن سنڌين بابت پڇيو ته سائين چيو “سنڌين اڃا پنهنجي دوست دشمن کي ئي ناهي سڃاتو، ڏاڍو پڇتائيندا“ ايتري ۾ ماني اچي وئي سائين نوڪر کي چيو هيٺ دسترخوان وڇاءِ دسترخوان لڳو مان ته ماني ڏسي حيران ٿي ويس، ٻاڪري گوشت جو ٻوڙ، تريل مڇي، فرائي ٿيل ڀينڊيون، ڪڻڪ ۽ چانورن جي مکڻ سان مکيل ماني، اڇا چانور ۽ لسي موجود هئا. سائين مون سان هيٺ اچي دسترخوان تي ويٺا ۽ چيائين ماني کاءُ مون چيو سائين هي ته مون کان گهڻي آهي، اوهان به وٺو تنهن تي سائين چيو مان تمام گهٽ کائيندو آھيان، تنهن جي اچڻ کان ڪجهه دير اڳ مون ماني کاڌي آهي، مون به گهٽ نه ڪئي ڍؤ ڪري ماني کاڌي ماني کائي بس ڪيم ته سائين چيو گرمي آهي، شربت پيءُ، ٺٽي جي حڪيم درس جو شربت به سائين پياريو، ٽرين جو ٽائيم پئي ٿيو سو مون سائين کان نوڙي موڪلايو ته سائين نوڪر کي چيو هن کي ٽانگي تي چاڙھي اچ ان سان گڏ سائين ڪجهه پئسا منهنجي کيسي ۾ وڌا، ته مون حجاب واري لهجي ۾ چيو سائين گهڻو ٿي ويو گنهگار ٿا ڪيو ته سائين چيو رکي ڇڏ ڪم ايندئي پوءِ مان سائين کان موڪلائي اچي ٽانگي تي ويٺس ۽ ”سن“ اسٽيشن لاءِ روانو ٿيس پر اڄ تائين سائين جي ايم سيد سان گذاريل اهي چند گهڙيون وساري نه سگهيو آهيان. سائين جي ايم سيد منهنجو محسن منهنجو رهبر محمد ابراهيم جويو سائين جي ايم سيد سان منهنجو سڄيءَ زندگيءَ جو سنٻنڌ رهيو آهي. مون کي پاليو ۽ نپايو منهنجن مائٽن، پر مون جو ڪجهه پرايو ۽ ان پراپت مان آئون جيڪي ڪجهه بنيس، تنهن لاءِ آئون سائين جي ايم سيد جو شڪر گذار آهيان. سائين جي ايم سيد جو ڳوٺ سن آهي، ۽ آئون ان کان ويهارو ميل پري هڪڙي ننڍڙي واهڻ ”آباد“ ۾ ڄائو هوس. منهنجو پيءُ ته منهنجي گهڻي سانڀر کان اڳ ئي گذاري ويو هو، ۽ منهنجي ماءُ به پوءِ وڇڙي ويئي، پر منهنجو ڏاڏو ۽ ڏاڏي حيات هئا، جن مون کي ماءُ پيءُ جو پيار ڏنو. منهنجو ڏاڏو هڪ جامڙد، ڏاهو ۽ خود دار شخص هو، پنهنجو راڄ توڙي آسپاس جا راڄ هن جو ڏاڍو لحاظ رکندا هئا. مون کي ياد آهي ته آئون جڏهن يارهن ورهين کن جو هوس ۽ سنڌي ڇهون درجو پڙهندو هوس، تڏهن اسان کي هر روز ٽي ميل پري، پاسي واري ڳوٺ، تيرٿ لڪيءَ جي اسڪول ۾ سنڌي پڙهڻ لاءِ وڃڻو پوندو هو. هڪ ڏينهن ڏاڏو ڪنهن ڪم سان سن ويو ۽ موٽيو ته هڪ اهڙي ڳالهه کڻي آيو، جيڪا منهنجي نئين جنم جو سبب بڻي. جيڪڏهن اڄ مون کي اهو معلوم ٿي وڃي ته اهو ڪهڙو ڏينهن هو، جڏهن ڏاڏو سن مان موٽيو هو، ۽ منهنجي نئين جنم جي اها ڳالهه کڻي آيو هو، ته اهو ڏينهن آئون هوند پنهنجي اصلي جنم جو ڏينهن ڪري هر سال ملهايان. ڳالهه هيءَ هئي ته سائين جي ايم سيد ان سال پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ ديني تعليم جو مدرسو، بورڊنگ هائوس سميت، ۽ سنڌي اسڪول سان گڏ انگريزي تعليم لاءِ اي وي ڪلاس کولايا هئا ۽ جڏهن خبر پيس ته ڏاڏو سن ۾ هو، تڏهن هن کي سڏائي، مدرسي ۽ انگريزي ڪلاسن ۾ پنهنجن ڇوڪرن کي داخل ڪرائڻ جو سخت تاڪيد ڪيائين. جڏهن ڏاڏي گهر ۾ سن جي نئين اسڪول جي ڳالهه ڪئي، تڏهن مان ڏاڍو خوش ٿيس. هيءُ سال ۱۹۲۷ع جو هو. پوءِ آئون سن جي انگريزي اسڪول ۾ داخل ٿيس. سائين جي ايم سيد وٽ منهنجو ڏاڏو مون کي وٺي ويو، ان وقت آئون ۱۲-۱۱ ورهين کن جو هئس. سائين جي ايم سيد جي والد سيد محمد شاهه مرحوم جي شهادت ۽ سندس وڏي حضرت ميين حيدر، جنهن جي درگاهه جا پاڻ سجاده نشين هئا، تن جون ڳالهيون سڄي تر ۾ عام پکڙيل هيون. سائين جي ايم سيد لاءِ عام اها خبر ته ننڍي وڏي جي وات هئي ته پاڻ پنهنجي والد محترم جي شهادت وقت ٻالڪ اوستا ۾ هئا ۽ سندن عام ناموس هئي ته سنِ بلوغت جي عمر تي پهتا ته عام اعلان وسيلي سڄيءَ سنڌ ۾ رهندڙ پنهنجي مريدن لاءِ اهو پڌرو ڪيو هئائون ته ڪو به کين پيرين پئي نه ملي. ٻيو ته پنهنجي مريدن مان پاڻ ڪو به نذر نياز يا ڏَن نه وصول ڪندا. ان زماني ۾ لڪيءَ تائين سڄو محال ڪوهستان به ڪراچي ضلعي سان ڳنڍيل هو ۽ سائين جن پاڻ ڪراچي ضلعي لوڪل بورڊ جي اسڪول بورڊ جا تڏهن چيئرمين هئا. مون ٽي درجا انگريزيءَ جا پاس ڪيا، ته سائين جي ايم سيد مون کي ڪراچي لوڪل بورڊ جي اسڪالرشپ وٺي ڏني ۽ پوءِ آئون ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسي ۾ ۱۹۳۱ع ۾ داخل ٿيڻ لاءِ، پنهنجي ڏاڏي مرحوم سان گڏجي ڪراچيءَ ويس. اتي جڏهن ڏاڏو ۽ آئون ڪراچي جي سٽي اسٽيشن تي لٿا هئاسون ته اتي اسان کي وٺڻ لاءِ لڪيءَ جي سيٺ تيجو مل جو گماشتو آيو هو ۽ اسان کي بولٽن مارڪيٽ وٽ پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ وٺي وڃي رات اتي رهايائين. ٻئي ڏينهن تي بولٽن مارڪيٽ کان گانڌي گارڊن تائين ويندڙ ٽرام گاڏيءَ ۾ ويهاري، سائين جي ايم سيد جي بنگلي تي آڻي ڇڏيو هئائين. ٻئي ڏينهن سائينءَ ڪاغذ ڏيئي پنهنجي خاص ماڻهوءَ سان مون کي مدرسي جي پرنسپال، ڊاڪٽر علامھ دائود پوٽي صاحب وٽ موڪليو. علامه صاحب منهنجا اسڪول ليونگ سرٽيفڪيٽ ڏسي ۽ پوءِ سائين جي ايم سيد جو خط کولي پڙهيو. ائين آئون اتي اسڪول ۾ داخل ٿيس. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ ڏاڏي مرحوم جي زور ڀرڻ تي، دل تي پٿر رکي، سائين جي ايم سيد وٽ حاضر ٿيس ته مون کي ڪا نوڪري وٺرائي ڏين. مون کي مئٽرڪ جي امتحان ۾ دادو ضلعي مان پهريون نمبر بيهڻ تي اسڪالرشپ ملي هئي، تنهن جي کين خبر هئي ۽ منهنجي دلي خواهش جي به کين سڌ هئي ته مون نوڪري ڪرڻ نٿي گهري، پر وڌيڪ پڙهڻ ٿي گهريو. پاڻ همت ڏياريائون ۽ چيائون ته نوڪري ڪنهن به صورت ۾ نه ڪجي، پر، ڪيئن به ڪري، پڙهڻ لاءِ ڪاليج ۾ داخلا وٺجي. پوءِ مون کي ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچي جي پرنسپال بٽاڻي صاحب ڏانهن چٺي لکي ڏنائون ۽ جيتوڻيڪ داخلا جون تاريخون گذري چڪيون هيون، پر درويش صفت پرنسپال مون کي ڪاليج ۾ داخل ڪيو ۽ اهڙيءَ طرح زندگيءَ جي راهه ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر مون کي سائين جي ايم سيد جي رهبري ۽ مدد نصيب ٿي. هڪ ياد سيد صاحب جي حوالي سان منهنجي من ۽ ذهن تي چٽيل آهي ۽ جيڪا نه رڳو ياد جي حد تائين آهي، پر ان منهنجي پوريءَ زندگيءَ تي پڻ گهرا اثر ڇڏيا آهن. اها ياد ڪجهه هن طرح ته جڏهن آئون اڃا سورهن ورهين جو هوس ته سيد صاحب مون کي شاهه لطيف ڀٽائيءَ جي درگاهه تي حاضريءَ لاءِ وٺي ويو هو. شاهه لطيف جي مزار تي پاڻ دعا گهريائون، جا خاص طرح سنڌ جي نسبت سان هئي. انهيءَ دعا ۾ ٽي شيون شامل هيون: ۱. امن جهجهائي Plenty of Peace ۲. اندر اُجار Enlightenment ۳. آزادي (Freedom) انهيءَ دعا ۾ شامل ٽنهي شين کي مون چڱيءَ طرح ياد ڪيو، اڃا به، هانءُ سان هنڊايو ۽ انهيءَ مهل، ڀٽائيءَ سائينءَ جي آڳرن تي اهو پڪو پهه ڪيم ته انهن ٽنهي شين جي حاصلات لاءِ آئون سڄي ڄمار پاڻ کي ڪاربند رکندس. اڄ به آئون انهن ٽنهي شين جي خواهش رکان ٿو. سائين جي ايم سيد سان خيالن جي ڪڏهن به منهنجي نا اتفاقي نه ٿي آهي. سواءِ ٿورڙي وقت لاءِ هڪ مسئلي جي سلسلي ۾، اهو هو مسلم ليگ جي سياست جو مسئلو. سائينءَ جو ستيه پريم ۽ ايڪتا يعني حق، محبت ۽ وحدت جي پرورش ۽ علمبرداريءَ جو ڪردار آهي، جيڪو سنڌ جي تاريخ، لافاني ادب ۽ تهذيب جو، سنڌ جي سَنتن، اوليائن ۽ درويشن جو ۽ سنڌ جي سمورن صالح ۽ سرويچ سپوتن، اڳين توڙي هاڻوڪن جو ڪردار آهي ۽ سنڌ جي انهيءَ ئي آفاقي ڪردار جي پوئواريءَ ۾ آئون ۽ مون جهڙا ٻيا ڪيئي سنڌ ۽ سنڌ سان گڏ عالم انسانيءَ جا محب ۽ فدائي اڄ به سائين جي ايم سيد جا ساٿي ۽ ٻانهن ٻيلي ٿيو بيٺا آهن ۽ ان سندم ساٿ ڌڻي سرواڻ ۽ سندس ساٿ تي اسان کي فخر رهيو آهي. سائين جي ايم سيد جي رياست لاءِ ۽ سندس سنڌي قوم لاءِ قوم دوست فڪر جي چونڊ ۽ ان جي ڦهلاءُ لاءِ باضابطا نموني عملي، قومي، توڻي سياسي اڳڀرائي، ڪي اوچتا ئي فيصلا نه هئا، جهڙِيءَ ريت عام طرح سوچيو، چيو، لکيو ۽ اظهاريو ويو آهي. اهڙن حتمي نتيجن تي پاڻ لڳاتار عملي سياست جي تلخ تجربن ۽ سنڌي قوم سان ٿيندڙ انيڪ ناانصافين، واعدي خلافين ۽ سازشي فيصلن جي عمل ۾ اچڻ کان پوءِ پهتا هئا. اسين پڻ انهن سمورن واقعن جا اکين ڏٺا شاهد آهيون. پاڻ اهي پهريان سنڌ دوست حقيقي مفڪر هئا، جن سنڌ ۾ قومي فڪر جي پنهنجين لکڻين ۽ خطابن وسيلي باقاعدي جوڙجڪ ڪئي ۽ هڪ قوم طور سنڌي ماڻهن جو ڪيس، رياست اڳيان پيش ڪيائون، جنهن جي بدلي ۾ پاڻ رڳو جيل ۽ نظربندين جا عذاب ئي نه سٺائون، پر مٿن الزام ۽ دشنام، تهمتون ۽ بهتان به رکيا ويا، انهن مڙني الزامن، دشنامن، تهمتن ۽ بهتانن کي قبول ڪيائون، جيڪي رياست پاران انهيءَ ڪري ميدان ۾ لاٿا ۽ عمل ۾ آندا ويا هئا ته جيئن پاڻ ماٺ ڪري ويهي رهن. حقيقت هيءَ آهي ته سيد صاحب جن وٽ پنهنجي سنڌ ۽ سنڌي قوم جي تاريخي تشخص جي بحالي، ان جي مڃتا ۽ ان جي حاصلات کان سواءِ ٻيون سڀ شيون معنيٰ وڃائي ويٺيون هيون. ائين چئجي ته به غلط نه ٿيندو ته پاڻ روحاني طرح عقل جي اوچي ڏاڪي يعني عقلِ سليم تائين، ٻين لفظن ۾ سنڌ سان عشق جي منزل تائين پهچي چڪا هئا، جتي پهچي صعوبتون ۽ سختيون، ڏک ۽ اهنج به پنهنجي اساسي تاثير ۾ سک ۽ راحت بڻجي پوندا آهن. جي ايم سيد جان جان ھئي جيئري، ورچي نه ويٺي لطف پيرزادو سائين! جي ايم سيد، سنڌ جو اڏول ۽ پاڻ ارپڻ وارو ورڪر ۽ اڳواڻ آهي، جنهن سنڌ جي سُرهي سينڌ کي سنوارڻ لاءِ وسان ڪين گهٽايو. هُن سياست ادب، تاريخ ۽ فلسفي جي بنياد تي سنڌ جي خوشحالي، آسودگي ۽ آزاديءَ جا نه رڳو خواب ڏٺا آهن، پر انهن خوابن کي ساڀيان ڪرڻ واسطي، سنڌي قوم کي گس ۽ پيچرا جوڙي ڏنا، جن تي قومي ٻڌيءَ جي جذبي سان پاڻ وساري قافلي کي منزل تي رسائي سگهجي ٿو. سائينءَ جي سڄي زندگي سياسي هلچل، تحريڪن ۽ تحريرن ۾گذري. اهو ئي سبب آهي جو پاڻ زندگيءَ جو وڏو عرصو جيلن، نظربندي ۽ حڪومتي عتاب هيٺ رهيو. پاڻ ڪانگريس، مسلم ليگ، عوامي ليگ، هاري ڪيٽي ۽ جيئي سنڌ جهڙن محاذن تان سنڌي قوم جي حق خود اراديت، حق حڪمراني، سنڌي ٻولي قومي ٻولي جي واڌ ويجهه ۽ سنڌي زبان جي سرڪاري سرپرستيءَ لاءِ عملي طرح جاکوڙ ڪئي، ان جدوجهد ۽ تحريڪ جو ڦل اسان کي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، سنڌي ادبي بورڊ ۽ ڀٽ شاهه ڪلچر سينٽر جهڙن ادارن جي صورت ۾ مليا، جيڪي اڄ سوڌو سنڌي قوم کي فيضياب ڪري رهيا آهن، سنڌ يونيورسٽي جتي اسان کي تعليمدانن، قانوندانن، سماج سڌارڪن ۽ سياسي اڳواڻن، بي لوث ڪارڪنن جي فوج عطا ڪئي آهي، جيڪا وقت به وقت سنڌ تي ٿيندڙ هر وار آڏو ڍال بڻي بچاءُ ڪري رهي آهي ۽ سنڌ دشمن قوتن جا ڏند کٽا ڪري رهي آهي، سائينءَ جي ڪتابن کي آڏو رکي پڙهي، پرجهي اسان پنهنجي لاءِ هڪ منشور جوڙي ٿا سگهون، جنهن جي آڌار تي سنڌ جي آجپي واري ويڙهه وڙهي ٿا سگهون، سائينءَ جي ڪتابن کي سياست ادب، تاريخ ۽ فلسفي ۾ ورهائي سگهجي ٿو، ”ديار دل، داستان محبت“ ۽ ”جيئن ڏٺو آ مون“ ۾ انسان جي ارتقائي تاريخ، مذهب، ٻولي ۽ ڪلچر کي مرحلي وار بيان ڪيو ويو آهي، سياست تي ”سنڌو ديش، ڇو ۽ ڇا لاءِ“ ”پاڪستان جو ماضي حال مستقبل“ سنڌ ڳالهائي ٿي ۽ سنڌيءَ جي ساڃاهه ۾ قديم سنڌ جي تاريخ، جاگرافي، سنڌي قوم جي ڪلچر جو اتقائي سفر تمام آسان زبان ۾ سمجهايو آهي. سنڌي قوم سان ۱۹۴۷ع ۾ جيڪا ويساهه گهاتي ڪئي وئي، هن جي وسيلن تي ڌاڙو هنيو ويو، سنڌي هنڌن جي ڇڏيل ملڪيت تي هندستان کان آيل مسلمان مهاجرن حوالي ڪئي وئي، سنڌ سرڪار جي خزاني مان پاڪستان ايمپلائيز ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي جوڙي ڇهن بلاڪن ۾ سوين ايڪڙ زمين ڏيڻ سان گڏ سنڌ گورنمينٽ جي فنانس کاتي پاران انهن کي گهر ۽ بنگلا ٺهرائي ڏنا ويا، جهڙي طرح اڄوڪي حڪومت نواب شاهه ايئربيس تي سنڌ سرڪار جا ڪروڙين رپيا خرچ ڪري رهي آهي. هندوءَ جي زمين تي سنڌي هاري پيڙهين کان هر ڪاهي رهيو هو، ان کي ان زمين کان محروم ڪري هندستان کان آيل مهاجرن کي بغير سَندَ ۽ کاتي جي صرف قسم نامي تي گهر، دڪان ۽ زرعي زمينون الاٽ ڪيون ويون، نوڪريون پڻ تعليمي سرٽيفڪيٽن کانسوءِ انهن کي ڏئي، حڪومت انهن کي ورسايو، اهڙي زيادتيءَ تي جڏهن سائين! جي ايم سيد تڏهوڪي وزيراعظم لياقت علي خان وٽ احتجاج ڪيو ته ان کيس جواب ڏيندي چيو ته سنڌي گڏهه ۽ اٺ هڪلڻ واري قوم آهي، جن کي بنگلن ۽ آسائش جي ڪا ضرورت ناهي، هي جواب ٻڌي سائينءَ جي دل آزاري ٿي، اهو ئي سبب هيو جو سائينءَ مسلم ليگ کي خير آباد چيو ۽ پنهنجي هر لکڻيءَ ۾ مهاجر پنجابي مستقل مفاد جو محلورو استعمال ڪيو، هي اهي قوتون ٿي اڀريون جن سنڌي، بلوچ ۽ پٺاڻ جو استحصال ڪيو جيڪو اڃا تائين جاري آهي. وفاقي ادارن جا دروازا ننڍين قومن لاءِ بند ڪيا ويا آهن، پاڪستان جون ننڍيون قومون مشروط طور تي هن رياست سان شامل ٿيون هيون ۽ قرارداد پاڪستان ۾ اهو پڻ لکيل آهي ته اهي ڪڏهن به وفاق کان الڳ ٿي سگهن ٿيون، پر بندوق جي زور تي سنڌي، بلوچن ۽ پٺاڻن کي شامل رکيو ٿو وڃي، عليحدگيءَ جو مطالبو ڪندڙن کي غدار سڏي انهن کي ڦاهيون، ڪوڙا ۽ جيل جون سزائون ڏنيون پيون وڃن. انهن قومن جي جائز حقن کان منهن موڙ ڪئي پئي وڃي، ايتري تائين جو انهن جي زبانن کي قومي ٻوليءَ جو درجو نٿو ڏنو وڃي، هنن ننڍين قومن کي غلام بڻائڻ لاءِ وسان ڪين گهٽايو، ون يونٽ مڙهي، پنجاب جي بالادستي قائم رکي مارشلائون لڳايون ويون ۽ جمهوريت کي هلڻ نه ڏنو ويو، بنگالين جي مينڊيٽ جي نفي ڪئي وئي ، جنهن جي نتيجي ۾ بنگلاديش وجود ۾ آيو، باقي قومن لاءِ هڪ شاهراهه تعمير ڪئي وئي ته اهي منظم تحريڪ هلائي، خودمختيار ٿي پنهنجون حڪومتون قائم ڪن. مروج پاڪستاني قانون ۽ آئين جي لتاڙ ڪندي سنڌي ماڻهن کان تعليم ۽ روزگار جو حق کسيو ٿو وڃي، هنن کي پنهنجي ئي ملڪ ۾ اڪيلو ڪري هن قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جا سانباها ڪيا پيا وڃن، باوجود ان جي ته سنڌ پاڪستان کي بهترين سياستدان، قائد اعظم کان بينظير تائين ڏنا، قانوندان، تعليمدان، انجنيئر ۽ فلاسافر ڏنا. حد ته اها آهي ته پاڪستان جي آئين جو خالق پڻ هڪ سنڌي قانون دان آهي، ۱۹۷۳ع جو آئين سنڌ جي ليڊر شپ متفقه طور تي چئن ئي صوبن کان منظور ڪرائي ڏنو. سائين! جي ايم سيد سنڌي ادب جي آبياري ڪندي پيغام لطيف لکي سنڌي قوم کي اهو ويساهه ڏنو ته لطيف ئي سنڌي قوم جو قومي شاعر آهي ۽ آزاديءَ جو علمبردار هيرو آهي. جيڪو انسان جي آزاديءَ کي هر شيءَ تي مقدم ٿو سمجهي، فرد کي اظهار جي آزاديءَ جو ايتري تائين حق ٿو ڏئي ته هو ڪهڙو به مذهب اختياري ڪري ۽ ان جي پرچار ڪري، پنهنجي نظر ئي ۾ سائين انتها پسند ناهي، پر هڪ سيڪيولر جمهوريت پسند مزدور، هاري طبقي جو حامي ۽ ٻانهن ٻيلي آهي، هُن هر موڙ تي سنڌ جي ڏتڙيل طبقن لاءِ آواز اٿاريو، جنهن جي پاداشت ۾ هُن، جيل نظربنديون ۽ روپوشيون ڏٺيون، ضعيفيءَ ۾ پڻ هن کي سنڌ سان عشق ڪرڻ جي ڏوهه ۾ سن ۾ نظر بند ڪيو ويو. سائينءَ جو اهو ايمان هيو ته رهندي دنيا تائين سنڌي قوم ۽ زبان قائم ۽ دائم رهڻيون آهن، صرف سنڌين کي پاڻ سڃاڻن کپي ته پاڻ شاهه لطيف، شاهه عنايت شهيد، دولهه دريا خان، شهيد مخدوم بلاول ۽ سچل سرمست جهڙن اڳواڻن ۽ رهبرن جي راهه جا راهگير آهن، سنڌي قوم کي پنهنجن دشمنن کي سڃاڻي انهن جي ناپاڪ ارادن جو سيدبابڪرڻ لاءِ جرئت، همٿ ۽ انقلابي جدوجهد ذريعي پنهنجي مقصد کي چٽو ڪري، سنڌي قوم کي قائل ڪري قومي ٻڌيءَ کي وجود ڏيئڻو پوندو. پوءِ ملڪ مڙوئي منصور ٿي پوندو، ڌرتي ماتا تان سرگهور ڪرڻ لاءِ هر ڪو تيار ٿي پوندو، ان کان وڌيڪ سعادت اسان جي سنڌي ماڻهوءَ لاءِ ڪهڙي ٿي سگهي ٿي، ته هو سنڌ ماتا جو قرض چڪائڻ لاءِ پنهنجو ڪنڌ ڪپائي، شانتي ۽ سک ماڻي. سڀت پچار پرين جي، سڀت هوت حضور، ملڪ مڙوئي منصور، ڪهڙا چاڙهيو چاڙهئين. (شاهه) جي ايم سيد سنڌ جو سائين، جيئي سدائين جي ايم سيد (سيد غلام مرتضيٰ شاهه) ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع تي ضلعي دادوءَ جي ننڍڙي ڳوٺ سن ۾ جنم ورتو، سيد صاحب جي والد محمد شاهه کي جڏهن سائين سال جو هو ته خانداني دشمنيءَ سبب شهيد ڪيو ويو ۽ يارنهن مهينن بعد سندس وڏو ڀاءُ سيد احمد شاهه پڻ وفات ڪري ويو ۽ ائين هو گهر جو اڪيلو نرينو اولاد هو. سندس ابتدائي تعليم سن ۾ ٿي، هن جي استادن ۾ ڌرمداس، ماستر ريوا چند ۽ ماستر وسڻمل هئا، قرآن پاڪ مولوي محمد صالح سيال ۽ آخوند محبوب ميمڻ وٽ ۽ انگريزي تعليم گهر ۾ استاد حامد علي هالائيءَ کان ورتائين. ۱۶ سالن جي عمر ۾ هن سياسي ميدان ۾ پير پاتو، هو لاڙڪاڻي واري خلافت ڪانفرنس جي ميڙ ۾ ۱۹۲۰ع ۾ شريڪ ٿيو، ان کانپوءِ مٽياريءَ جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪيائين، ۱۹۲۵ع ۾ تعلقي لوڪل بورڊ مانجهند جو ميمبر ۽ پوءِ اڳيان هلي پريزيڊنٽ چونڊيو ويو، شاهه صاحب ۱۹۳۰ع ۾ ”هاري ڪاميٽي“ ميرپورخاص ۾ قائم ڪرڻ ۾ پنهنجي دوستن سان گڏ هو، هن سنڌ جي ممبئيءَ کان آزاد ڪرڻ جي لاءِ تحريڪ جو پورو ساٿ ڏنو، ۱۹۳۷ع ۾ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊاڻو قائداعظم کين مسلم ليگ کي منظم ڪرڻ جو ڪم سونپيو، جنهن ۾ وڏي محنت ڪري ميمبر شپ ۾ گهڻو واڌارو آندائون، پر ۱۹۴۶ع ۾ کين مسلم ليگ طرفان ٽڪيٽ نه ڏني وئي، ان کانپوءِ پاڪستان ٺهڻ بعد ون يونٽ لڳڻ، ۱۹۵۸ع جي ايوبي مارشل لاءِ ۽ ٻين ڪيترن واقعن بعد دلبر داشته ٿي کين سنڌ جي حقن لاءِ الڳ جماعت ٺاهڻي پيئي، ۱۸ جون ۱۹۷۲ع تي هن حيدر منزل تي ”جيئي سنڌ محاذ“ نالي نئين پارٽيءَ جو بنياد وڌو. سائين جي ايم سيد سنڌ جي انهن معتبر ماڻهن ۾ شمار ٿئي ٿو، جن حقيقي معنيٰ ۾ سنڌ لاءِ ڪجهه ڪيو ۽ نئين سنڌ کي قومي سڃاڻپ سان اڏڻ جي خواب کي ساڀيان ڏيڻ لاءِ انيڪ ڪوششون عمل ۾ آنديون، هو سنڌ جو معمار هو، جنهن سنڌ يونيورسٽي قائم ڪرائي، سنڌي ادبي بورڊ ٺهرايو ۽ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز قائم ڪيو، سندس ڪتاب ”پيغام لطيف“ سنڌي قوم لاءِ سنڌ کي قومي تشخص ڏيڻ لاءِ هڪ بنيادي ڪوشش آهي، جنهن ۾ هن لطيفي فن ۽ فروغ لاءِ پڻ جيڪي ڇهه نقطا ڏسيا آهن، سي قوم جي مفڪر طرفان سنڌ جي عملي، ادبي، سياسي ۽ سماجي تاريخ ۾ اهميت جوڳا ثابت ٿيندا. سيد صاحب پوريءَ دنيا ۾ ڪيترائي ملڪ گهميا، جيئن فرانس، ترڪي، چين، جرمني، برطانيه، روس، اسڪاٽ لينڊ، سئٽزرلينڊ ۽ ڪيترن ئي ملڪن جي عالمن اديبن ۽ سياستدانن سان سندن گڏجاڻيون ٿيون، اهڙيءَ ريت سنڌ جي هن قومي اڳواڻ جو ذهن روشن خيال ۽ ترقيءَ ڏي وڌندڙ هو، کيس دنياوي سياست، تاريخ، تمدن ۽ تهذيبن جي مڪمل ڄاڻ هئي، سندس مطالعو وسيع هو، هن اصولن کي هميشه اهميت ڏني ۽ ڪڏهن نه جهڪيو. جمال ابڙو لکي ٿو ته: سائين جي ايم سيد جهڙو پختو، چيڙهالو سياستدان مون نه ڏٺو، ڀلي زمين آسمان هيٺ مٿي ٿي وڃي، سائين جي ايم ذرو به نه هٽندو هو. سڄيءَ سنڌ ۾ نعرو ٿي گونجيو ”سنڌ جو سائين، جيئي سدائين“. سائين جي ايم سيد کي سنڌ جي حقن جو هميشه اونو هوندو هو، پاڻ سياسي پليٽ فارم تان پاڪستان جي حمايت جي تحريڪ هلائيائين، پر حڪومت مان پٺڀرائيءَ جي بجاءِ کيس جيلن ۾ نظربند ڪيو ويو، مختلف دورن ۾ کيس تقريباً ۳۰ سال گهر ۾ يا جيل ۾ نظربنديءَ جي حالت ۾ رکيو ويو، انهيءَ سبب ڪري ئي ۱۹۷۲ع ۾ هن ”سنڌ جي حقن“ جو نعرو هڻي الڳ پليٽ فارم قائم ڪيو. هڪ تاريخ ساز شخصيت ۽ سياسي رهنما هئڻ سان گڏ سائين جي ايم سيد سنڌي ادب جي حوالي سان هڪ وڏي وٿ قرار ڏنو ويو آهي، هو هڪ عالم، اديب ۽ محقق هو، هن پنجاهه کن ڪتاب لکيا ۽ سندس سوانح ۽ شخصي خوبين تي ڪئين ڪتاب لکجي چڪا آهن، سيد صاحب جي ڪتابن ۾ ”نئين سنڌ لاءِ جدوجهد“، ”پيغام لطيف“، ”جيئن ڏٺو آ مون“، ”جديد سياست جا نورتن“، ”سنڌ جا سورما“، ”موجوده سياسي مسئلا“، ”جنب گذارين جن سين“، (ٻه ڀاڳا) ”رهاڻ“، (ميران محمد شاهه جا خط) ”شاهه لطيف جون ڪافيون“، ”ساهڙ جا سينگار“، ”علامه آءِ آءِ قاضي جا خط“، ”ديارِ دل ۽ داستان محبت“، ”پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني“، ”سنڌوءَ جي ساڃاهه“ (ٻه جلد) ۽ ٻيا ڪتاب آهن، سائين جي ايم سيد جا لکيل ڪتاب سندن تحريرون، تقريرون، مضمون ۽ مقالا، سنڌي قوم لاءِ، ٻولي ۽ ادب لاءِ هڪ گر انقدر اثاثو آهن. سلام انڙ لکي ٿو ته، ”جي ايم سيد جي لکيل سموري مواد جو تجزيو جيڪڏهن ترتيب وار ڪجي ته ان جا چار مکيه تفصيلي نڪتا آهن، (۱) سنڌ جي تاريخ ۽ تمدن جو جائزو، (۲) سنڌ جي تاريخ ۽ تمدن جي پسمنظر ۾ سنڌي قوميت جو نظريو، (۳) جي ايم سيد جي نجي شخصي زندگي، انهن نڪتن ۾ جدلياتي گردش نظر اچي ٿي، چار ئي نڪتا هڪٻئي تي نه رڳو اثرانداز ٿين ٿا، پر هڪٻئي کي واري واري تي سڏين به ٿا، انهن چئن نڪتن جو رشتو (تاريخ ۾ پهريون ڀيرو) سنڌ جي نيشنلزم جي تشڪيل ڪري ٿو، نظريا کڻي ڀلي سماجي هجن ۽ اجتماعي مفاد لاءِ هجن، پر انهن جي جوڙجڪ انفرادي شخصيتن ذريعي ٿئي ٿي، ٻڌمت جو ذڪر گوتم ٻڌ کانسواءِ ناممڪن آهي، مارڪسزم جو ذڪر ڪارل مارڪس کانسواءِ ممڪن ناهي، تيئن سنڌي قوميت جي نظرئي کي جي ايم سيد کانسواءِ ڏسڻ تاريخ سان ڏنگايون ڪرڻ برابر آهي. سائين جي ايم سيد جي ڪتابن ۾ هن جي سياسي زندگيءَ جا تجربا آهن، ملڪي حالتون ۽ پاڪستان جي سياست جي باري ۾ جيڪو ڪجهه هن مشاهدو ڪيو آهي، سو لکيو آهي. ثقافت، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي موضوعن تي پڻ سندن ڪتاب جو آڌار آهي. در حقيقت سندس لکيل هڪ هڪ حرف، هڪ هڪ پنو، سنڌ ۽ سنڌ جي ٻولي ۽ سنڌي قوم جي ترقيءَ جي لاءِ آهي، ”سنڌ جهنگ جبل نديون، نالا ميدان ۽ کيت يا رڳو جاگرافيائي ليڪن جي مادي وجود جو نالو نه آهي، پر سنڌ جو هڪ ازلي روح آهي، سائين جي ايم سيد کي سمجهڻو آهي ته پوءِ سنڌ جي ازلي روح کي سمجهڻو پوندو، جتان لطيف ۽ سچل، سامي ۽ بيدل جي فڪر جا آبشار ڦٽن ٿا، رڳو سکڻي سياسي نعريبازيءَ سان تبديلي ناهي اچڻي، تبديليءَ لاءِ پنهنجي پاڻ کان ابتدا ڪرڻي پوندي، پاڻ کي هڪ نئين انسان، سجاڳ انسان، باشعور انسان ۾ تبديل ڪرڻو پوندو.“ سائين جي ايم سيد سنڌي قوم کي پنهنجي تحريرن معرفت وطن دوستيءَ جو سچائي ۽ ايمانداريءَ جو، صداقت ۽ محبت جو، سبق ڏنو، سندن حوصلا بلند ڪيا، کين اٿاهه مايوسين ۽ نااميدين جي ڪُنن مان ڪڍيو، اديبن ۽ ادبي سنگت کي ڪم ڪرڻ لاءِ شوق پيدا ڪيو، ماڻهن ۾ اتحاد، ٻڌي ۽ محبت جي جذبي جا سبق ڏنا ته کين غفلت ۽ گمراهيءَ مان ڪڍڻ جا جتن ڪيا. هو شاهه جو وڏو شيدائي هو، شاهه جي شاعريءَ معرفت هُن سندس پيغام کي ماڻهن تائين منفرد نموني پهچايو آهي، جنهن ۾ هن سنڌ واسين کي پنهنجي هر شيءِ تي فخر ڪرڻ جي تلقين ڪئي ۽ ساراهيو آهي، کيس معلوم هو ته جيستائين قوم ۾ خوف شناسي ۽ خود داري پيدا نه ٿيندي تيستائين پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي طاقت نه پيدا ٿيندي، لکي ٿو ته، ”منهنجو اهو پڪو ويساهه آهي ته شاهه عبداللطيف سنڌ جو قومي شاعر آهي، شاهه جي ڪلام ۾ جيڪا نمايان ڳالهه ڏسڻ ۾ ايندي سا سنڌ جي اڪير ۽ محبت آهي، سنڌين جي خانا جنگي، آرام طلبي کيس ڏک ٿي ڏئي ۽ هو کين وڳر ڪري محبت ميٺ سان رهڻ لاءِ وطنيت جا سبق ٿو ڏئي، غافل غفلت ڇوڙ جون تنبيهون ٿو ڪري.“ پاڻ شاهه جي ڪلام مان منتخب واين ۽ ڪافين جو مجموعو پڻ ترتيب ڏنائون، اهڙيءَ ريت سندن ادبي ۽ علمي ڪوششون اعليٰ پائي جون آهن، سندن هر تحرير هر ڪتاب ۾ مقصدي ادب آهي چاهي “جيئن ڏنو آهي مون“ هجي يا ”نئين سنڌ لاءِ جدوجهد“، ”سنڌ ڳالهائي ٿي“ هجي يا ”سنڌوءَ جي ساڃهه“ هن هر هنڌ پنهنجائپ جو ثبوت ڏنو آهي. سيد صاحب جو حياتيءَ ۾ انيڪ سياستدانن، عالمن، اڪابرن، مفڪرن، اديبن، شاعرن، آفيسرن، وزيرن، اميرن، ملڪ جي سربراهن ۽ ٻين شخصيتن سان واسطو رهيو ۽ انهن سان ڪيترن سان اڪثر خط و ڪتابت پڻ رهي، جنهن مان سندن حياتيءَ جي مختلف رخن تي روشني پوي ٿي. ساڻس وڏيون سنڌ جون شخصيتون واسطي ۾ هيون، جيئن سر شاهنواز ڀٽو، خان بهار ايوب کهڙو، پير حسام الدين راشدي، ميران محمد شاهه، محمد صديق ميمڻ، ميان امين کوسو ۽ ٻيا ڪيترا اهم ماڻهو هئا. ميان امين کوسي ۽ ميران محمد شاهه سان خط و ڪتابت تي مشتمل ڪتاب رهاڻ ڇپيل آهي. سنڌ صاحب جي حياتيءَ ۾ خط و ڪتابت جي تحرير کي خاص اهميت هئي، پاڻ پنهنجي نياڻيءَ ڊاڪٽر در شهوار کي سندس لنڊن ۽ ڪراچيءَ جي تعليم واري دور ۾ گهڻا خط لکيائون، جن مان ڪجهه خطن جو ڪتاب ”ڏونگر سي ڏورينديون“ جي عنوان سان ڇپيل آهي، ان کانسواءِ سندن ڪتاب ”جديد سياست جا نو رتن“ ۾ جي ايم سيد ۽ پير علي محمد راشديءَ جا خط آهن، هن ڪتاب ۾ راشدي صاحب کين هن ريت مخاطب ڪيو آهي. ”منهنجا پيارا سيد، زندگيءَ جو لطف ئي وڃي هليو، جڏهن ان کي ماڻهن جي ٺاهيل قانونن جي تابع بڻائجي ٿو، دستورن جي متابعت ڪڏهن به زندگيءَ ۾ موج نه آندي آهي، اهو انقلاب ئي آهي جو ان ۾ دائمي تازگي کي پيدا ڪري ٿو، پاڻ کي انقلاب جي ڪُن ۾ اڇلي ڇڏ، زندگي چرپر جو ٻيو نالو آهي“. سيد صاحب خود پنهنجي حياتي بابت لکي ٿو ته، ”مون کي جي ڪا به ڳالهه آٿت ڏيندڙ رهي هئي ته اها هيءُ هُئي ته منهنجي ساري ڪارڪردگي، هر موقعي تي، خود مطلبيءَ، چاهه طلبيءَ، بزدليءَ ۽ خريد ٿي وڃڻ جي آلائشن کان ڪجهه مڙيو ئي پري هئي. سائين جي ايم سيد سنڌ جو عظيم اڳواڻ سوڀو گيانچنداڻي سائين جي ايم سيد سان منهنجي پهرين ملاقات، جيستائين ياد اچيم ٿو ۱۹۴۵ع ۾ ٿي. ڪامريڊ جمال الدين بخاري، جيڪو ان وقت سنڌ ڪميونسٽ پارٽيءَ جو سيڪريٽري هيو، اهو مون کي شاهه صاحب جي جاءِ ساڳي حيدر منزل تي وٺي هليو ۽ منهنجي واقفيت شاهه صاحب سان ڪرايائين. اها مون کي خبر هئي ته شاهه صاحب ڳچ دفعا بمبئيءَ ۾ ڪميونسٽ هيڊ ڪوارٽرس جا چڪر هڻي آيو هو ۽ پاڪستان کي جنهن طريقي سان انڊين ڪميونسٽ پارٽيءَ پيش پئي ڪيو، ان لحاظ کان سيد صاحب کي اها ڳالهه خاصو متاثر پئي ڪري. اها ڳالهه شايد اڄڪلهه جي پيڙهيءَ کي عجيب لڳي، ته ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا CPI پاڪستان کي مسلم گهڻائيءَ وارن علائقن جي حق خود اختياريءَ سان تشبيهه ڏني هئي ۽ گانڌيءَ ۽ جناح جي ملڻ ۽ ٺاهه ڪرڻ لاءِ سخت ڪوششون ڪيون هيون، جنهن ڪري گانڌي ۽ جناح ٽي چار دور ملاقاتن جا ڪري چڪا هئا ۽ آخر تائين انهن ٻنهي ۾ ٺاهه ٿي نه سگهيو هو. شاهه صاحب اٿندي ئي مون کي چيو هو ته؛ توهان ڪميونسٽ عوام جي دماغ کي اپيل ڪيو ٿا ۽ مان عوام جي جذبات کي اپيل ڪيان ٿو. منزل اسان جي ساڳي آهي. مون کي ياد آهي ته مون کيس اهو ئي چيو هو ته؛ اسان ڪميونسٽ نه صرف ماڻهن جي دماغ کي اپيل ڪيون ٿا، پر انهن جي پيٽ کي به اپيل ڪريون ٿا، ڇو ته اڪثر انسان پنهنجي پيٽ جي مسئلن جي حوالن سان سوچين ٿا. ان کان پوءِ منهنجو رابطو شاهه صاحب سان ۱۹۵۲ع ۾ مارچ جي ٽين تاريخ ٿيو، جڏهن مان جيل مان ڇُٽي، پنهنجي سنگت سان مليس ۽ جيئن ته اهو امڪان هو ته مان ٻئي ڏينهن يعني چوٿين مارچ تي وري گرفتار ٿي وڃان، تنهن ڪري ڪامريڊ پوهوءَ جو چوڻ هو ته پنهنجي وڌ ۾ وڌ دوستن سان مون کي رات جي پيٽ ۾ ملڻ گهرجي. سو رات جو يارهين وڳي وڃي شاهه صاحب جو دروازو کڙڪايوسون. شاهه صاحب پاڻ اٿي آجيان ڪئي. ان ملاقات ۾ مون کي پهريون دفعو معلوم ٿيو ته شاهه صاحب مون کي چئن سالن جي نظربندي مان ڇڏائڻ لاءِ ڪيڏي ڪوشش ڪئي هئي. تنهن کان پوءِ مارچ ۱۹۵۷ع تائين عوامي محاذ، هاري ڪاميٽي، نيشنل پارٽي ۽ بعد ۾ نيپ جي پليٽ فارمن تي، سائين جي ايم سيد سان لاڳاپيل رهيس. ان دور ۾ اردو اخبارن کي سيد خلاف زهر ڦهلائڻو هوندو هو ته لکنديون هيون. ”جي ايم سيد جي دماغ تي ٻه هندو ڪميونسٽ ڇانيل آهن، سوڀو ۽ پوهو.“ حقيقت اها آهي ته شاهه صاحب سان اسان جو ساٿ ذهني ۽ سياسي بنيادن تي رهيو ۽ آهي. شاهه صاحب سنڌ جي پراڻن سياستدانن مان اڪيلو ماڻهو هو، جنهن اسان کي پنهنجو سمجهيو ۽ پنهنجي ڇٽيءَ جي ڇانو هيٺ جاءِ ڏني، جنهن وقت اسان ڪامريڊن لاءِ سنڌ جي ڌرتي گرم ٿي چڪي هئي يا تائڙي ٿي چڪي هئي. جولاءِ ۱۹۵۴ع ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ تي پابندي پئي ته سيد صاحب پيرزادي عبدالستار تي زور رکي، باقي سمورن ڪميونسٽن کي جيل ۾ پوڻ کان بچائي ورتو. البت پيرزادي عبدالستار کي اها همت نه ٿي جو مون کي گرفتار ڪرڻ کان انڪار ڪري. ڇو ته ان وقت مان سنڌ ۾ سڀني کان وڌيڪ نالي چڙهيو ڪميونسٽ هوس ۽ جي ايم سيد ۽ اسان جي کاٻي ڌر جي تنظيمن وچ ۾ رابطي جو ذريعو سمجهيو پئي ويس. ان ۾ شڪ نه آهي ته سائين جي ايم سيد ۽ مان ساڳي Wave Length تي سوچيندا رهيا آهيون ۽ اڪثر مسئلن تي پنهنجي پنهنجي نقطه نگاهه کان سوچيندي ساڳي حل تي پهتا آهيون. سائين جي ايم سيد منهنجي نظرن ۾ هڪ عظيم قوت، سنڌ جي سڃاڻپ، آزاديءَ ۽ ڏاهپ جو علمبردار ۽ روشنيءَ جو منارو رهيو آهي. ۱۹۵۵ع ۾ ون يونٽ ٿيو ته سيد کي گرفتار ڪري حيدرآباد جيل ۾ وٺي آيا، هو ڪجهه وقت مون سان گڏ هيو. منهنجي وهم گمان ۾ به ڪو نه هو ته ٽن سالن جي جوڙ توڙ جي جدوجهد بعد سائين جي ايم سيد اسان جي پنجابي ڀائرن کي ون يونٽ ٽوڙڻ لاءِ قائل ڪري وجهندو. ون يونٽ جو هيڊ ڪوارٽر لاهور ۾ ان لاءِ قائم ڪيو ويو هو ته سنڌ جي ڦرڻي گهرڻي سياست کي پنجاب جي مستحڪم گهڻائي ۾ ٺهراءُ ۽ مضبوطي پيدا ٿيندي پر سيد صاحب جڏهن ون يونٽ جي اسيمبليءَ ۾ لاهور پهتو ته سندس پارٽيءَ جي اٺن ميمبرن ون يونٽ جي سؤ ميمبرن کي چڪر ۾ آڻي ڇڏيو. هر ڪو سندس سلامي ٿيو. هن ريپبليڪن پارٽيءَ جي سردار رشيد خلاف آوشواس جو ووٽ پيش ڪيو. جنهن جي نتيجي ۾ دولتانه جي مسلم ليگ مخالف پارٽيءَ ون يونٽ کي ڊاهڻ لاءِ اسمبليءَ ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو ۽ ان جي تائيد سردار رشيد جي ريپبلڪن پارٽيءَ به ڪئي. پوءِ ون يونٽ کي ڊاهڻ جو ٺهراءُ يڪراءِ سان اولهه پاڪستان يعني ون يونٽ جي اسيمبليءَ ۾ پاس ٿيو ۽ ان جي تائيد، اوڀر پاڪستان جي اسيمبليءَ پڻ ڪئي. اهو سيد صاحب جو ڪارنامو هو جو قانوني ۽ آئيني جدوجهد ذريعي، ٽن سالن جي مختصر عرصي اندر، ون يونٽ جي بنياد وجهندڙن کان اهڙو ٺهراءُ پراس ڪرايائين، جو هو پنهنجي ٿُڪ چٽڻ تي آماده ٿيا! ان دور ۾ منهنجا شاهه صاحب سان ڪجهه اختلاف، مسلم ليگ سان ٺاهه ڪرڻ جي حوالي سان ٿيا هئا، پر مان سيد کي شاباس ڏيندس، جو هن ۽ منهنجي وچ ۾ ڪڏهن به اختلافن، شدت اختيار نه ڪئي آهي ۽ ڪميونسٽن جي سخت لاک لاهيندي به سيد صاحب هميشه مون کي پنهنجي محبت ۽ عزت سان نوازيو آهي. نه رڳو ايترو پر پنهنجي مريدن کي به روڪيندو آهي ۽ مون کي ”صالحين“ ۾ شمار ڪندو آهي. سيد صاحب سنڌ جي تاريخ ۾ وڏو اضافو ڪيو آهي. نه صرف هن عملي جدوجهد ذريعي ”نئين سنڌ“ پر پنهنجي قربانين سان سنڌ اندر جدوجهد جي لاٽ روشن رکي آهي. پنهنجي ڪتابن ذريعي جيڪا هن علمي جدوجهد ڪئي آهي، تنهن جي نتيجي ۾ سٺ ۽ اسيءَ وارن ڏهاڪن ۾ جيڪي سياسي ورڪرن جا پنج ڇهه فصل تيار ڪيا آهن، انهن ذريعي سنڌ جي وجود ۽ پاڪستان اندر جمهوريت جي جدوجهد قائم ۽ دائم رکي آهي. ان ۾ شڪ نه آهي ته جيڪڏهن سيد نه هجي ها ته شايد سنڌ جي وجود لاءِ جيڪو تاڃي پيٽو تيار ٿيو آهي، تنهن ۾ ممڪن آهي ته اڃا به وڌيڪ سال لڳي وڃن ها. سيد جي تعريف يا ساراهه ڪندي اهو نه وسارڻو آهي ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، جي هاري ڪاميٽيءَ ۽ ڪميونسٽ پارٽي، سنڌ جي وجود ۽ پاڪستان اندر رهندڙ ٻين قومن جي وجود ۽ آزاديءَ لاءِ جدوجهد به جس لائق آهي. سيد ۽ اسان جون عوامي جماعتون، ٻنهي ملي ڪري پاڪستان اندر عوامي جدوجهد جي لاٽ ٻرندي رکي آهي. سيد جي ذريعي، اسان خان عبدالغفار خان ۽ سرحد جي عوامي تحريڪن، بلوچستان جي عوامي تحريڪن ۽ اوڀر پاڪستان جي عوامي تحريڪن سان مسلسل لاڳاپو قائم ڪيو. ان مان نه صرف قومي تحريڪن کي فائدو پهتو، پر ساڳئي وقت ٽڙيل پکڙيل ڪميونسٽ ۽ سوشلسٽ پليٽ فارمن کي گڏي، قومي ليول تي هڪ فعال رول ادا ڪرڻ ۾ مدد ملي. سيد صاحب پنهنجي مسلسل نظربنديءَ ۽ وڏي عمر جي باوجود پنهنجو ”قبلو“ درست رکيو آهي. اڄ هو سنڌ، جمهوريت ۽ عوام جي ڀلي لاءِ جدوجهد ڪندڙ هزارين نوجوانن جو عظيم رهنما ۽ محبوب ليڊر آهي. ساڻس جزوي طرح ڪن پاليسين تي اختلاف ڪري سگهجي ٿو، پر اهو مڃڻ ۾ مون کي ذرو به شڪ نه آهي ته سيد صاحب کان سواءِ سنڌ ايترو جلد سياسي طرح اڳتي نه وڌي ها ۽ نه مظلوم قومن جي رهنمائي جو رول ادا ڪري ها، جهڙو تمام مشڪل حالتن ۾ سنڌ جي نوجوانن ادا ڪيو آهي. بلوچستان جي عوامي ليڊرن بزنجي، مريءَ، بگٽيءَ ۽ مينگل جيڪو انقلابي ۽ هٿياربند مزاحمتي تحريڪن جو رستو ڏيکاريو آهي ۽ سنڌ پنهنجي مخصوص حالتن ۾ سيد جي اڳواڻيءَ هيٺ آئيني ۽ قانوني طريقن سان جدوجهد جو رستو ڏيکاريو آهي. اهڙا به ڪي آهن، جيڪي سيد جي غلطين کي معاف ڪري نه سگهيا آهن، جن جو ذڪر هو پنهنجي خلاصين محفلن ۾ وڏي فراخدليءَ سان ڪندو آهي، پر مان ان راءِ جو آهيان ته سيد جو ڏاڻ هن جي غلطين کان تمام گهڻو وڌيڪ آهي. جي ايم سيد مدبر سياستدان ۽ سنڌ جو سچو عاشق ايم ايڇ پنهور مون پهريون ڀيرو شيخ عبدالمجيد سنڌي، جي ايم سيد ايوب کهڙي، علي محمد شاهه راشدي، سر شاهنواز ڀُٽي ۽ سر عبدالله هارون جا نالا پنهنجي وڏڙن کان ٻڌا، ان وقت آئون ڇوڪرو هئس، مون کي ڄاڻ ملي ته اهي سمورا اڳواڻ سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسي کان ڌار ڪرڻ جي تحريڪ هلائي رهيا آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ سنڌ تي پهريون ڪتاب ”الوحيد آزاد نمبر“ هو جيڪو ۱۹۳۶ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ سنڌ ۾ خدمت ڪندڙ شخصيتن جون تصويرون هيون، جي ايم سيد کي پهريون ڀيرو باغبان ويجهو مخدوم بلاول جي مسجد ۾ خطاب ڪندي ڏٺم، سمجهه ۾ ته تمام ٿورو آيو پر چاچا ڳوٺ واپس اچي ٻڌايو ته هو هندن وٽ مسلمانن جي گروي پيل زمين ڇڏائڻ، مسلمانن جي کنيل قرض جي وياج کي ختم ڪرائڻ، زمين جي منتقلي، ۵۰۰ کان وڌيڪ آبادي واري هر ڳوٺ ۾ اسڪول کولڻ ۽ اهڙين ٻين شين جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي. ۱۹۴۰ع ۾ جي ايم سيد سنڌ جي تعليم جو وزير بڻيو ته هن حڪم جاري ڪيو ته سيڪنڊري هاءِ يا اينگلو ورناڪيولر اسڪول جو هر شاگرد کي خاڪي شرٽ ۽ نيڪر (چڍي) پائي ايندو، جنهن تي مسلمانن خاص طور سخت مخالفت ڪئي. مخالفت ۾ نظم به لکيا ويا. جي ايم سيد جي استعيفيٰ کان پوءِ پير الاهي بخش تعليم جو وزير بڻيو. هو خاڪي يونيفارم پويان سماجي رتبي ۽ سماجي سرگرمين جي اهميت کي نه سمجهي سگهيو ۽ يونيفارم تي پابندي هڻي ڇڏي. جي ايم سيد موسيقي کي هٿي وٺرائڻ جو به حڪم ڏنو ۽ اسڪولن ۾ ڪلاس هليا ۽ فنڪارن کي استاد طور ڀرتي ڪيو ويو پر مسلمان شاگرد ان جي اهميت نه سمجهي سگهيا، کين اها ڳالهه ريڊيو ۽ ٽي وي جي اچڻ کان پوءِ سمجهه ۾ آئي جڏهن سنڌي اتي موجود ئي نه هئا. ڪجهه خاڪسارن جڏهن قائداعظم تي حملو ڪيو ته ان جو جي ايم سيد کي ڏاڍو صدمو رسيو ۽ اهو سڀ ڪجهه ٻڌي هو بيهوش ٿي ويو. آئون ۽ ڊاڪٽر نورحسن انصاري گڏجي کيس ڏسڻ اسپتال وياسين. جي ايم سيد هوش ۾ هو، هن ڊاڪٽر انصاري (جيڪو اڳوڻو خاڪسار هو) کي چيو ته ڇا خاڪسار اهڙا هوندا آهن، مون کي يقين نه ٿو اچي ته ڪو سنڌي به انتهاپسند ٿي سگهي ٿو، مون کي جناح سان اختلاف آهي پر سندس حياتي کسڻ جو سوچي به نه ٿو سگهان. مون ۲۰ سالن کان پوءِ افواهه ٻڌو ته قائداعظم تي حملو ڪندڙ خاڪسار غلام نبي سومرو هو جيڪو حيدرآباد جو رهواسي هو ۽ ڪنگ جارج زرعي ڪاليج سڪرنڊ ۾ پڙهندو هو پر کيس پرنسپل ڊاڪٽر اي ايم شيخ ڪاليج ۾ حاضر ڄاڻائي بچايو. جي ايم سيد کي بعد ۾ مسلم ليگ مان نيڪالي ڏني وئي، پر پوءِ به کيس پارٽي ۾ قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو. هن ”قرباني“ اخبار شروع ڪئي ته اها مسلم ليگ مخالف هوندي به مسلمان شاگردن ۾ تمام گهڻو مقبول ٿي. ان جي مضمونن ۾ سچ شامل هوندو هو. ۱۹۴۶ع ۾ گورنر سرفرانسز مودي اسيمبلي ٽوڙي چونڊون ڪرايون ته قائداعظم ڪراچي جي عيدگاهه ميدان ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته توهان هڪ لک ماڻهو آهيو ۽ جي ايم سيد اڪيلو آهي، وڃو ۽ وڃي کيس شڪست ڏيو. اهو ٻڌي ڪجهه شاگرد ته سن روانا ٿيا پر ٻين ان کي نظرانداز ڪيو. قائداعظم ۱۱ آگسٽ ۱۹۴۷ع واري جڳ مشهور تقرير ڪئي ته اسان هندو، مسلمان، سک نه پر رڳو پاڪستاني آهيون. فيبروري ۱۹۴۸ع ۾ آئون ۽ منهنجو دوست محمد شفيع جي ايم سيد سان ملياسين (آئون سنڌ مسلم اسٽوڊنٽس جو وائيس چيئرمين ۽ محمد شفيع جنرل سيڪريٽري هو). جي ايم سيد چيو ته هندو ۽ سک شاگرد وڃي رهيا آهن ۽ تنظيم ختم ٿي ويندي توهان پارسين ۽ عيسائين سميت سڀني شاگردن کي پاڻ سان کڻو ۽ فيڊريشن جي صوبائي ورڪنگ ڪميٽي جو اجلاس سڏائي تنظيم مان لفظ ڪڍي ڇڏيو. جنهن سان سنڌ جي سڀني شاگردن کي هڪ پليٽ فارم ملندو. اسان اجلاس ڪوٺايو ته حيرت انگيز طور سمورن سنڌي شاگردن يڪراءِ ان قدم جي حمايت ڪئي پر ۵۰-۱۹۴۹ع ۾ سنڌي شاگردن کي ڪراچي مان ڪڍيو ويو جنهن کان پوءِ تنظيم جي اهميت ختم ٿي وئي. جي ايم سيد کي مسلم ليگ مان نيڪالي ملڻ کان پوءِ سنڌ مسلم اسٽوڊنٽس جي اڪثريت سندس دشمن ٿي پئي پر هن ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي ۱۵ ڊسمبر ۱۹۴۷ع تي اسان سان ملاقات ڪئي. جي ايم سيد جو چوڻ هو ته افواهه آهن ته خان آف قلات آزادي جو اعلان ڪرڻ وارو آهي ۽ مير غلام علي ٽالپر جي قيادت ۾ سنڌ جا بلوچ قبيلا ساڻس گڏجڻ ۽ سنڌو درياهه جي اولهه ڪناري وارا علائقا بلوچستان ۾ شامل ڪرڻ چاهين ٿا اثررسوخ سبب مير بنده علي ٽالپر ۽ ٻيا مير حيدرآباد ۽ ٿرپارڪر ضلعا به ان ۾ شامل ڪرڻ جا خواهش مند آهن. ٻين علائقن تي يا ته وڏيرن جو قبضو هوندو يا وري هندستان جي اثر هيٺ ويندا. اسان کي سنڌ کي متحد رکڻو آهي. خان آف قلات ناڪام ويندو ۽ پاڪستاني فوج کيس چيڀاٽي ڇڏيندي پر ان تحريڪ جو سنڌ جي مستقبل تي به اثر پوندو. مير ۽ بلوچ ڪامياب نه ٿي سگهندا ۽ پنهنجي ٻرن ۾ لڪي ويندا ۽ هي افواهه ڪجهه ڏينهن ۾ ختم ٿي ويندا. لياقت علي خان پاڪستان جي ڪنهن به حصي مان چونڊجي نه ٿو سگهي ان لاءِ هو سڄي هندستان جي مسلمانن کي ڪراچي ۾ آباد ڪري رهيو آهي. ايوب کهڙي سندن کوکراپار کان داخلا بند ڪئي آهي پر هو کين بندرگاهه ۽ لاهور وسيلي گهرائي رهيو آهي. خان عبدالغفار خان قائداعظم کي پاڪستان پيپلز پارٽي يا ليگ ٺاهڻ جي صلاح ڏيڻ وارو آهي کيس اسان کي ۽ ملڪ کي هڪ سيڪيولر پارٽي جي ضرورت آهي. پاڪستان ٺهڻ جو نتيجو سنڌ جي فتح جي صورت ۾ نڪتو آهي. ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪيو پيو وڃي ايوب کهڙو انڪاري آهي پر پيرالاهي بخش حوالي ڪري ڇڏيندو. جلد اسلام، قائداعظم ۽ پاڪستان جي نالي ۾ اسان جو مستقبل تباهه ڪيو ويندو. ۱۹۵۰ع ۾ جي ايم سيد منهنجي اسڪالرشپ تي آمريڪا وڃي زراعت ۽ سائنس جي تعليم ۽ سکيا وٺڻ جي حمايت ڪئي. مون اتان ”ماڊرن نيشنلٽيز“ نالي ڪتاب آندو جيڪو جي ايم سيد جي سوالن جو جواب ثابت ٿيو. سندس ڪتاب ”موجوده سنڌ جا مسئلا“ هن ڪتاب جي بنياد تي ئي لکيل آهي. ۱۹۴۸ع جي شروع ۾ ايوب کهڙي ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جي مخالفت ڪئي ۽ سنڌ اسيمبلي اهڙو ٺهراءُ يڪراءِ منظور ڪيو. جي ايم سيد کي ۶ مهينن لاءِ نظربند، ايوب کهڙي کي برطرف ڪيو ويو ۽ پيرالاهي بخش وڏو وزير بڻجي ڪراچي جي سنڌ کان عليحدگي قبول ڪئي. جي ايم سيد جي نه هوندي شاگردن جي پويان ڪابه طاقت نه رهي پر نفرتون موجود رهيون ۽ ايتريون وڌي ويون جو قائداعظم جون تصويرون به دڪانن تان لاهڻيون پئجي ويون. آزاد ٿيڻ تي جي ايم سيد جو شاندار آڌر ڀاءُ ڪيو ويو. جي ايم سيد ۱۹۵۳ع جي چونڊن ۾ ڪامياب ٿي سنڌ اسيمبلي پهتو ۽ سندس حمايت سان عبدالستار پيرزادو وڏو وزير بڻيو. سنڌ زرعي ڪميشن جوڙي وئي. جي ايم سيد کي سنڌ جي زراعت ۽ ان کي جديد بڻائڻ جو تمام گهڻو اونو هو. هن زرعي سڌارا ۽ ٽريڪٽر سنڌ آڻڻ چاهيان پئي پر وفاقي حڪومت سرحد ۽ پنجاب ۾ ته ڪم ڪيو پر سنڌ ۾ ڪم ڪرڻ نه ڏنو. جي ايم سيد جي صلاح تي ئي ڀٽ شاهه ۾ ريسرچ سينٽر قائم ٿيو. گورک هل اسٽيشن به سندس ئي آئيڊيا هو. منهنجي خيال ۾ گورک تي هل اسٽيشن بڻجي نه ٿي سگهي. صوبائي حڪومت جي صلاح تي وفاق اترين علائقن کي اوليت ڏيندي گورک وارو منصوبو رد ڪيو. ون يونٽ آڪٽوبر ۱۹۵۵ع کان ۱۹۵۸ع تائين جي ايم سيد لاهور ۾ ۶ حمايتين سان گڏجي ون يونٽ خلاف مهم هلائي. ايتري ٿورن ماڻهن سان گڏ شروع ڪيل تحريڪ ايتري ڪامياب ٿي جو سيپٽمبر ۱۹۵۸ع ۾ اولهه پاڪستان اسيمبلي جي ۳۱۱ ميمبرن واري ايوان ۾ اڳوڻن صوبن جي بحالي وارو ٺهراءُ آندائين. ۷ آڪٽوبر ۱۹۵۸ع تي مارشل لا لڳائي جي ايم سيد کي گرفتار ڪيو ويو ۽ ٽن سالن بعد آزاد ٿيو. سندس چوڻ هو ته مارشل لا رڳو ون يونٽ بچائڻ ۽ ڪوٽڙي ۽ گڊو بئراج جي ۲۷ لک ايڪڙ زمين تي قبضي لاءِ لڳايو ويو هو. سکر بئراج جي ۵ ڪروڙ ۴۰ لک ايڪڙ زمين تي قبضو ٿيو آهي جي ايم سيد ۲ لک ايڪڙن تي ٿيڻو آهي ان لاءِ ۱۹۶۰ع واري ڏهاڪي ۾ جمهوريت نه ايندي. جي ايم سيد بهترين آبادگار به هو، وٽس سن ۾ ۶۰۰ ايڪڙ باراني زمين هئي جيڪا شاهه اويس پمپنگ ڪئنال وسيلي سيراب ٿيندي هئي. کيس هميشه پوکي جي جديد طريقن ۾ دلچسپي رهي. کيس ڄاڻ هئي ته درياهه سن کي ڪڏهن به نه ٿو پائي يا ٻوڙي سگهي پر سن واهه شهر کي کائي سگهي ٿو. هن ان کان بچاءَ جا طريقا به پڇيا جيڪي مون کيس ٻڌايا. هن فيبروري ۱۹۶۱ع مون کي محمد ابراهيم جويي، حسام الدين شاهه راشدي، غلام رباني آگري ۽ ڪرنل راشد کي رني ڪوٽ تائين پهچڻ جي سهولت فراهم ڪئي. هن مون کي ٻڌايو ته ذوالفقار ڀٽو مون وٽ آيو هو ۽ چيائين ته ايوب خان پاڻ ووٽن لاءِ هلي اچڻ لاءِ تيار آهي مون حمايت کان انڪار ڪندي کيس ٻڌايو ته تو وڏيون ڪاميابيون ماڻيون آهن ۽ جنهن تي اسان کي فخر آهي پر ايوب توکي گهڻو وقت برداشت نه ڪندو ۽ توکي فارغ ڪندو ان لاءِ خبردار رهجان، سيد مون کي سندس ۽ قائداعظم وچ ۾ ٿيل رابطن جا ثبوت به ڏيکاريا ۽ هن ان جو ذڪر پنهنجي ڪتاب ”اسٽرگل فار نيو سنڌ“ ۾ به ڪيو آهي. جي ايم سيد کي رني ڪوٽ جي تاريخ جي به مڪمل ڄاڻ هئي ۽ هن اسان کي ڪوٽ جي دروازن جا نالا به ٻڌايا. ڪرنل راشد جو رني ڪوٽ تي آرٽيڪل اقبال رويو ۾ ڇپيو. کيس مڃتا ملي ۽ هن جي ايم سيد جي دعوت جناح اسپتال ۾ ڪئي جتي هو ايم ايس هو، هن سيد جي ساراهه ڪئي پر جڏهن سيد کي ان اسپتال مان علاج ڪرائڻ جي ضرورت پئي ته هن اهو چئي انڪار ڪيو ته هو ڪنهن ملڪ دشمن جو علاج نه ٿو ڪري سگهي جنهن جو سڀ کان وڌيڪ ڏک حسام الدين راشدي کي ٿيو جنهن ڪرنل کي سيد سان متعارف ڪرايو هو. سيد جي اڳ ڪٿي موجب جنوري ۱۹۶۶ع ۾ تاشقند ٺاهه بعد ايوب خان ذوالفقار ڀُٽي ۽ نواب آف ڪالاباغ کي حڪومت مان ڪڍي ڇڏيو ڇو ته ٻنهي کي تمام گهڻي اهميت ملي هئي. ۱۹۶۵ع ۾ جي ايم سيد سان ملاقات ٿي ته ايوب خان جي زميني سڌارن جي حمايت ڪيائين جنهن مون کي حيران ڪري ڇڏيو. سندس موقف هو ته زميني سڌارن سان جاگيردارن جو زور ٽٽندو ۽ نئون وچولو طبقو جڙندو، زمين توڙي جو ڌارين کي ملندي پر يا ته اهي سنڌ ۾ ضم ٿيندا يا وري زمين سنڌي وچولي طبقي کي وڪڻي واپس هليا ويندا ۽ ڪجهه سالن بعد سيد جو اهو موقف به درست ثابت ٿيو. ايوب دور جي ڪرپشن لاءِ هن ملڪي ساخت کي ذميوار قرار ڏنو. آزادي کان اڳ ڪرپشن ڏوهه هو پر پاڪستان ۾ ان کي جائز سڏيو ويندو آهي. جي ايم سيد کي ٻه قومي نظريي ۽ پاڪستان مخالف قرار ڏئي ٻه سال قيد ڪيو ويو ۽ ۱۹۶۸ع ۾ آزاد ٿيو. کيس ٻڌايم ته حڪومت علي محمد شاهه راشدي کي سندس ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“ جو جواب لکڻ لاءِ چيو آهي. سيد چيو ته مون ڪتاب تي محنت ڪئي آهي پر ان جي نتيجي ۾ هاڻ سنڌي ادبي بورڊ تي ڏکيا ڏينهن ايندا. ٻيو ڇاپو نه ايندو ۽ بورڊ هاڻ رڳو ٻئي درجي جا ڪتاب شايع ڪندو. سندس ڪتاب ”موجوده سياست جا نَوَ رتن“ ۽ ”جيڪي ڏٺو مون“ انگريزي ۾ ترجمو ڪري سيڪريٽري اطلاعات کي ڏنا ويا پر انهن تي اهو چئي پابندي نه هنئي وئي ته پهريون ڪتاب قائداعظم، علامه اقبال ۽ سرسيد احمد خان ۽ ٻيو مذهب خلاف آهي جنهن سان سندس ئي ساک خراب ٿيندي. هن سنڌ جي بمبئي کان ڌار ٿيڻ بابت ڪتاب ۾ سنڌ کي پنجاب جو حصو بڻائڻ جي ڪوششن بابت ذڪر شايع نه ڪيو. هڪ ٻئي ڪتاب ۾ هن ون يونٽ بابت راشدي جو ۱۰ صفحن وارو بيان به ڪڍي ڇڏيو جنهن ۾ ون يونٽ دوران ڪلاس ٿري جون نوڪريون سنڌين کي ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي وئي هئي. جي ايم سيد پنهنجي پئسن مان سياست ڪئي، ۱۹۷۰ع ۾ مجيب الرحمان جي مان ۾ هوٽل انٽرڪانٽينينٽل ڪراچي ۾ دعوت ڪيائين جنهن جو خرچ ڀرڻ لاءِ کيس زمين وڪڻڻي پئي. هن شيخ مجيب جي ڇهن نڪتن جي به حمايت ڪئي. سيد جي چونڊن جو خرچ سيد حسن بخش شاهه ڀريندو هو پر ڀٽو دور ۾ هن اهو چئي خرچ ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته حضور جن سندس خواب ۾ اچي کيس مدد ڪرڻ کان روڪيو آهي. سيد سمجهي ويو ته حسن بخش شاهه ذوالفقار ڀُٽي کان ڊڄي ويو آهي. ڀُٽي مخدوم طالب الموليٰ کي اماڻي ملڪ سڪندر جي حق ۾ هٿ کڻڻ جي صورت ۾ ٺٽي مان بنامقابلي ڪامياب ڪرائڻ ۽ پير علي محمد شاهه راشدي کي سيد جي پارٽي سنڌ يونائيٽيڊ فرنٽ جي ٽڪيٽ نه ڏيڻ جي آڇ ڪئي جيڪا هن رد ڪري ڇڏي ۽ چيائين ته مون کي خبر آهي ته آڇ رد ڪري هارائيندس پر منهنجو فيصلو اٽل آهي. هڪ ڀيري هڪ شخص سيد جي ڍڳي چوري ڪئي ماڻهو کيس پڪڙي وٺي آيا ته چور قرآن پاڪ جو قسم کنيو آهي ته هن ڍڳي نه چورائي آهي. سيد کيس ڇڏي ڏنو. ڪجهه وقت بعد ماڻهو ڍڳي پڪڙي آيا ۽ سيد چيو ته هي ڍڳي منهنجي نه آهي هن قسم کنيو آهي، ان لاءِ ڍڳي کيس الله ڏني آهي. سندس موقف هو ته ۹۹ سيڪڙو ماڻهو قسم تي اعتبار ڪن ٿا ۽ ان جو معاشري ۾ بهترين ڪردار آهي ۽ آئون ان کي جاري رکڻ چاهيان ٿو. (ايم ايڇ پنهور جي تاريخي مقالي مان چونڊ ٽڪرا) سنڌيڪار: جاويد بوزدار جي ايم سيد واديءَ مهراڻ جو عظيم قومپرست اڳواڻ حيدري چانڊيو ڄام نظام الدين سنڌ جو هاڪارو حاڪم ٿي گذريو آهي ۽ ان وقت دولهه دريا خان سنڌ جو وزيراعظم هو، جيڪو سندس ڀروسي جوڳو ماڻهو هو. پنهنجي گڏيل حڪمت عملي سان سنڌ تمام گهڻي ترقي ڪئي هئي ۽ امن امان جي حالت تمام بهتر هئي، مجال هئي ڪنهن ڌارئي ڌاڙيل جي جو سنڌ ڏي ميري اک ڪري نهاري! هن ڳالهه ۾ ڪو وڌاءُ ڪونه ٿيندو ته ڄام نظام الدين سنڌي قوم جي ماڻهن جي دلين جو شهنشاهه ۽ سندس وزيراعظم دولهه دريا خان سنڌي قوم جي دلين جو هيرو هو ۽ ٻنهي سڄي عمر سنڌ ۽ سنڌي قوم سان ساٿ نڀايو، آخر ٻئي مڪليءَ جي مقام کي محلات بنائي وڃي اصل لاءِ آرامي ٿيا، انهيءَ ڳالهه کي اٽڪل پنج سؤ سال ٿيندا، مون نه سنڌ جي انهيءَ بادشاهه کي ڏٺو نه وري سندس وزيراعظم دولهه دريا خان کي ڏٺو، مون رڳو تاريخ جي ورقن ۾ پنهنجون سنڌ ۽ سنڌي قوم سان ناتي نڀائڻ جون ڳالهيون پڙهيون ۽ ٻڌيون! پر مون هڪ اهڙو لکن جو مٽ رانجهو ۽ ٻيو سندس عملي پيروڪار خليفي ٻنهين کي ضرور ڏٺو، جيڪي سڄي عمر سنڌ جا فدائي ۽ سنڌي قوم جي ڀلائي لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهيا، انهيءَ ۾ پهريون نمبر آهي جي ايم سيد ۽ ٻيو نمبر اچي ٿو سندس خليفي عبدالواحد آريسر جو، تاريخ جي نسبت سان آئون هت ذڪر ڪندس جي ايم سيد جو، جيڪو ضلعي دادو جي قديم شهر سن ۾ ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع تي سيد خاندان جي پشت مان محمد شاهه جي حويليءَ ۾ پيدا ٿيو، جيڪو اڳتي هلي تاريخ ساز انسان ثابت ٿيو. اهڙا عظيم انسان جيڪي سال جي ڪن مهينن ۽ مهينن جي ڪن ڏينهن ۽ تاريخن ۾ جنم وٺندا آهن ته اهي سال، مهينا ۽ اهي تاريخون سندن امر نالن سان سڃاتا ويندا آهن. اهڙي طرح ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع کي جي ايم سيد جي ماکيان مٺي نالي جي جنم ڏينهن سان سڃاتو وڃي ٿو، جيڪو سنڌي قوم لاءِ وڏي اهميت وارو ڏينهن آهي. سندس جنم ڏينهن جي نسبت سان آئون مختصر اهو چوندس ته جي ايم سيد جي رڳن ۾ رت سان گڏ سنڌ جي محبت به گردش ڪندي رهي. هن پنهنجي سڄي زندگي سنڌي قوم جي ستل نصيب کي جاڳائڻ لاءِ لڳاتار جدوجهد ڪندو رهيو. سنڌ ۽ سنڌي قوم سان سندس وفاداريون ايتريون ته مضبوطي سان ثابت ٿيل آهن جو جڏهن به سنڌ ۽ سنڌي قوم جي مٿان ڪا مصيبت اچي ٿي ڪڙڪي ته هر پارٽي وارو ماڻهو کيس ياد ڪري هي چوڻ تي مجبور ٿو ٿئي ته، ”يار جي ايم سيد سچو هو!“ هي هڪ حقيقت آهي ته سنڌ ۽ سنڌي قوم جي ڀلائي ۽ رهنمائي لاءِ قدرت هڪ هيرو عطا ڪيو هو، جنهن جي روشن خيالي ۽ وسيع النظري هيٺ سنڌي قوم کي انقلابي سياسي سوچ ملي، جنهن سان سنڌ جي حقن حاصل ڪرڻ جو سبق مليو. سنڌي قوم کي سياسي، اقتصادي، ثقافتي ۽ خودمختياري جو احساس مليو، هن ڪڏهن به ”سون تي سيڻ مٽائڻ جي ڳالهه ڪانه ڪئي، سندس ساري توجهه سنڌي قوم جي اخلاقي اصلاح ۽ تربيت طرف رهي، سندس هر تقرير، هر تحرير ۾ نوجوانن لاءِ اهو پيغام هوندو هو ته پنهنجا اخلاق سڌاري بلند اخلاق بڻجو، جنهن ۾ اوهان جي ڀلائي جو راز سمايل آهي، پاڻ اجائي ڏيک ويک کان قطعي پري نهايت ئي اعليٰ اخلاقي جا مالڪ صوفي منش جا مالڪ هئا. مون پنهنجي عمر جا اٽڪل ۳۰ سال سندس نيازمندي ۾ گذاريا، هن وقت منهنجي عمر ۸۱ سال آهي، انهن ۸۱ سالن مان سائين جي ايم سيد سان گذاريل ۳۰ سالن کي ئي سجايو سمجهان ٿو، باقي عمر ڄڻ اجائي گذري! مون جي ايم سيد جهڙي عظيم انسان جي ڪچهرين ۾ ويهي، ماکيءَ کان به وڌيڪ مٺن گفتن ۽ سچائي جي شفاف چشمن مان مون جيڪي چڪيون چکيون، انهن جي روحاني لذت کي پنهنجي سيني اندر سانڍي رکيو آهي. ساڻس گڏ گهاريل گهڙيون منهنجي زندگيءَ جو اهم سرمايو آهن، هي هڪ حقيقت آهي ته سائين جي ايم سيد جن کي به سنڌي قوميت جو پيالو، پنهنجي هٿن سان تيار ڪري اکيون اکين ۾ ملائي هڪ انداز سان اچي چئي پياري پُر ڪيو، انهن کان اڃا تائين خمار نه لٿا آهن، جيڪي زماني مان لڏي ويا آهن ته اهي خمار کنيون ويا آهن، جيڪي جيئرا آهن، سي قوميت جي مئي جا متولا جهومندي نظر اچن ٿا. چون ٿا توڙي لک ڏيو بيان هي دل ڪا نه ڦرندي ڪانه، لالچي ليڊرن جا مسئلا مطلب وارا آهن، مطلب جا مروان، هي دل ڪانه ڦرندي ڪانه! هو جي ايم سيد جي ڏنل فڪر ۽ اصولن تي ڪاربند بڻجي پنهنجي حال آهر، جستجو ۾ مصروف آهن ۽ شيخ اياز جا لفظ ورجائي پيا ٿا پڇن ته: ”ڪڏهن ڪرندي ڪاڪ، ڪڏهن ملندو مينڌرو، پڇان وڏي واڪ، سڏ به ڏئي ڪو سنڌ مان!“ انهيءَ سڏ جو جواب اڄڪلهه نه جاگيردار ڀوتار ڏيندا نه رئيس وڏيرا ڏيندا ۽ نه وري مير پير ڏيندا. انهيءَ سڏ کي ورجائڻ وارا هن زماني مان ڪي لڏي ويا، ڪي لڏيندا پيا وڃن! پر پوءِ به سنڌ خالي ڪانهي ٿي! هن چوڻي جي ته: ”اڃان رڻ مان رڙ، اچي پئي اچي پئي، متان سمجهو ته، مئا مور سارا.“ سائين جي ايم سيد حقن جي حاصلات جي شمع اڃان اجهائي ناهي، جيڪا اڃا ٻري پئي ۽ ٻرندي رهندي! جي ايم سيد وٽ يونيورسٽين، ڪاليجن، اسڪولن جا وفد ايندا هئا ته سائين آيل نوجوان شاگردن سان مخاطب ٿيندي چوندو هو ته شاگردؤ! دنيا ۾ ڪيئي قومون عاد، ثمود وغيره جهڙيون آيون ۽ صالح نه هئڻ ڪري صفحه هستي تان مٽجي ويون، قدرت ڪنهن جي طرفداري نه ٿي ڪري، اوهان سنڌي نوجوان پاڻ ۾ صلاحيت پيدا نه ڪندا ته اوهان کي نئين مقابلي ۾ ڪو به بچائي نه سگهندو، ذهني صلاحيت ۽ اخلاق جي درستگي، زندگيءَ جي مقابلي ۾ تمام ڪارآمد شيون آهن، پنهنجي ڌرتي سنڌ سان وابستگي، پنهنجي ٻولي سان محبت، قديم روايات ۽ ڪلچر سان دلچسپي اوهان جا مشعل راهه هئڻ گهرجن. سنڌ کي اتحاد انساني، امن عالم، ترقي نوع، انسان لاءِ پيغام آهي، اوهان کي ان پيغام جو مشينري ٿي ڪم ڪرڻو آهي. سنڌ دنيا لاءِ محبت ۽ امن جو پيغامبر سنڌ حُب الوطني وفا، قرباني ۽ مهمان نوازي رواداري، غيرت، شرافت ۽ عزت جي صفات جو مخزن آهي، سندس مٽي اسان لاءِ مقدس ۽ خاڪ شفا آهي! هن جي هر شيءِ اسان لاءِ باعث رحمت آهي، پيغمبر خدا کي سرزمين سنڌ کان جنت جهڙي ٿڌڙي هير لڳي هئي، ان ڪري ان جون دعوائون وسن پيون ٿيون. سنڌ جا دوست اسان جا دوست آهن، سنڌ جا دشمن اسان جا دشمن آهن! اسلام بابت جي ايم سيد جو چوڻ هو ته اسلام کي مڃڻ وارن جا ٻه گروهه رهيا آهن (۱) هڪ گروهه جو چوڻ آهي ته اسلام ماڻهن جي وچ ۾ مذهبي گروهن نسلن، قومن ۽ رنگن جي نالي ۾ کڙي ڪيل ديوارن کي ڊاهي انسان ذات ۾ اتحاد امن، فلاح ۽ بهبودي پکيڙڻ لاءِ آيو هو، اهو دين فطرت هو، جنهن جي ابتدا کان سڀني پيغمبرن پيغام ڏنو هو، اهو نئون دين ڪو نه هو، بلڪه ان مطابق سڀني مختلف مذهبن جي ظاهري ڪثرت پويان بنيادي وحدت سمايل هئي، اهڙي تعليم جو فروغ صحيح سمجهاڻي اخلاقي درستي ۽ نفسياتي اصلاح ذريعي تاليف قلوب، رواداري ۽ باهمي گفتگو وسيلي ٿيڻ هو. شدت، نفرت، نفاق، خود مطلبي، ان جي راهه ۾ رڪاوٽون هيون، دين جي معاملي ۾ زور زبردستي بلڪل ناجائز هئي، پيغمبر خدا رحمة العالمين ٿي آيل هو، هو غلامن کي آزاد ڪرائڻ، اجائي ڦرلٽ کي بند ڪرائڻ، انصاف جو دؤر قائم ڪرڻ ۽ دنيا ۾ امن امان ڪرڻ لاءِ آيل هو، نه ان ڪمن کي ئي مروج ڪرڻ لاءِ جي پوءِ ڪن ماڻهن، اسلام جي نالي ۾ ڌارين ملڪن کي غلام بنائڻ، ڦرلٽ، مار ڌاڙ ڪرڻ، آزاد ماڻهن کي غلام بڻائڻ جا ڪم ڪيا هئا! (۲) ٻئي گروهه جو چوڻ هو ته اسلام هڪ نئون مڪمل عالمگير مذهب ٿي آيل هو، ان جي اچڻ سان، ٻيا سڀ دين رد ٿي ويا هئا، هن جا مکيه متا هئا، توحيد، حج، زڪوات، روزو، نماز هئا، انهن متن ۽ ان دين جي شريعت (دستور العمل) کي زوري دنيا جي ماڻهن مٿان مسلط ڪرڻ هو، جنهن عمل کي جهاد جي نالي سان سڏيائون ٿي، ان ۾ ٻين ملڪن تي چڙهايون ڪري بي گناهه خونريزي ڪرڻ، ان تي قبضو ڪرڻ، ڦرلٽ ڪرڻ، مردن عورتن کي غلام ڪري رڍن ٻڪرين وانگر وڪڻڻ کي جائز ٿي سمجهو، اڃا تائين مسلمان، ساڳي طرح ٻن گروهن ۾ ورهايل آهن، جن ۾ پهريون گروهه جي مڃيندڙن کي بزرگن درويشن جو گروهه چيو وڃي ٿو، هنن جو چوڻ آهي ته اسلام جو فروغ تلوار ۽ تشدد جي ذريعي ڪو نه ٿيو هو، بلڪه تاليف قلوب ۽ بهترين اصولن ڪري ٿيو. اهو ماڻهن قبول ڪيو هو، مسلمان حاڪمن طرفان جي ملڪ گيري، ڦرلٽ ۽ ٻيا ڪيترائي ظلم ٿيا هئا، انهن جو اسلام سان ڪو تعلق ڪو نه هو، ٻئي گروهه جي پوئلڳي ڪندڙن کي مولوي چيو وڃي ٿو. هڪ طرف مذهب اسلام، امن ۽ سڪون جي خواهش ڏيکاري ٿو ۽ اهڙي تلقين ڪري ٿو، ٻئي طرف ڏسبو ته دنيا ۾ سڀ کان زياده بدامني ۽ خونريزي مذهب جي نالي ۾ ٿي رهي آهي، جنهن سبب خوني ديوَ ناچ پيو ڪري، ڪڏهن ڪٿي، ڪڏهن ڪٿي ناحق خون پيو وهائي، شدت پسندي جو وڌي وڃڻ، عذاب الاهي کان گهٽ نه آهي! سائين جي ايم سيد صدين کانپوءِ سنڌي قوم کي هڪ اهڙي رهنما ۽ مفڪر جي حيثيت ۾ مليو، جنهن وٽ عملي طرح پنهنجي فڪر جو تفسير موجود هو، جيڪو مرشد لطيف جي شاعري ۾ موجود هو، پر ان فڪر جو عملي پيروڪار جي ايم سيد ٿي ڏيکاريو. اهڙن عظيم انسانن لاءِ ئي مرشد لطيف کي چوڻو پيو ته، ڪاڪ نه جهليا ڪاپڙي، موهيا ڪنهن نه مال، جي ڇورين ڏنا ڇال، ته به لاهوتي لنگهي ويا. (شاهه) ڏٺو وڃي ته مرشد لطيف جي شاعري اسان جي اونداهي اندر ۾ سج وانگر سوجهرو پيدا ڪري ٿي ته جي ايم سيد وري ان فڪر جو تفسير بڻجي قومي اڳواڻ جي حيثيت سان اسان جي منزل کي اجاگر ڪيو، هن کي سنڌ ۽ سنڌي قوم جي عشق ۾ نظربنديون ۽ جيل جون مصيبتون ۽ پراون سان گڏ پنهنجن جون عقوبتون سهندي پنهنجي اصول کان نه هٽيو، هن تي اهي فتوائون به لڳيون ته هي سنڌي قوم جي ماڻهن خاص طرح نوجوانن کي ڪفر جون ڳالهيون ٻڌائي سندن ايمان جو ٻيڙو ٻوڙي رهيو آهي، مطلب ته هن جي راهه ۾ ڪٿي رڪاوٽون وجهي کيس جهُڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر هو ڪنهن جي اڳيان نه جهڪيو. آئون سمجهان ٿو ته سائين جي ايم سيد جابرن اڳيان جهُڪڻ نه پر جهُڪائڻ يا مهاڏي اٽڪائڻ لاءِ آيو هو، ڪنهن لٽيري سنڌي قوم جي حقن تي ڌاڙي هڻڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي ته جي ايم کيس هڪل ڪري ٿي چيس ته خبردار متان ائين ڪيو اٿئي! سائين جي ايم سيد برصغير پاڪ- هند جي اختلافي شخصيت هجڻ سان گڏ نهايت انقلابي شخصيت جو مالڪ هو، هو سنڌ جي سياست جا سمورا گر گس ڄاڻڻ سان گڏ هڪ اهڙي دل به رکندو هو، جيڪا قوميت سان گڏ انساني جذبن سان سرشار هئي، عملي سياستدان هجڻ سان گڏ وڏو سياسي مفڪر هو، هن سنڌي قوم جي اصلاح توڙي آزاديءَ جي جدوجهد جي سلسلي ۾ حال آهر اڀرندڙ سج جي پوڄارين جي وچ ۾ ويهي ڪري گهڻو ڪجهه ڪيو، پنهنجي علم، عقل جي وسعت ۽ گهرائي، پنهنجي غور فڪر جي روشني، پنهنجي عمل ۽ ڪردار جي بلندي، پنهنجي سچائي، پنهنجي سياسي، سماجي سگهه ۽ سمجهه سان سنڌي قوم جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو، هن سياسي سماجي ميدان ۾ رهندي سندس سارو توجهه سنڌي قوم جي اخلاقي اصلاح ۽ تربيت طرف رهيو. سندس هر تقرير هر تحرير ۾ نوجوانن لاءِ اهو پيغام هوندو هو ته اخلاق سڌاري، بلند اخلاق بڻجو، انهيءَ ۾ اوهان جي ڀلائي جو راز سمايل آهي! کين اها هدايت به ڪندو رهندو هو ته اوهان خوف ۽ لالچ کان پري رهو. پاڻ اجائي ڏيک ويک کان پري ۽ قطعي پري، نهايت ئي اعليٰ اخلاق جا مالڪ ۽ صوفي منش انسان هئا ۽ مهمان نوازي ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئا، هن جو چوڻ هو ته کائڻ جو مزو ته سڀڪو وٺي ٿو، پر کارائڻ جو مزو اڃا ڪو ٻيو آهي. مون سي ڏٺا ماءُ، جني ڏٺو پرين کي، تِني سندي ڪاءِ، ڪري سگهان نه ڳالهڙي! (شاهه) جي ايم سيد جون ڳالهيون ارباب ڇڄڙو انسان به گوشت پوشت جو هڪ ٺهيل مجسمو آهي، جنهن ۾ سڀ اهي نشانيون پڻ شامل آهن. جن جو مرڪب آهي. باهه، لوهه، هوا، مٽي ۽ پاڻي ۽ سڄي عمر ان جي دائري کان ٻاهر ڪو نه ٿو نڪري سگهي. ان لاءِ گيتا کان فرقان تائين سڀ ڪتاب شاهد آهن. ان ڪري ڪڏهن ماڻهو باهه آهي، ڪڏهن پاڻي، ڪڏهن مٽي ۽ ڪاوڙ ۾ باهه، رحم ۾. مٽي ۽ پاڻي. جڏهن هن ۾ لوهه جو عنصر اچي ٿو ته، هو پنهنجي قول ۽ فعل تي پڪو ٿي بيهي رهي ٿو. اسان مان ڪيترن ڏٺو هو ته، سائين جي ايم سيد محبت ۾ ماکيءَ ۽ ڪاوڙ ۾ لوهه هيو. وقت کان ڪڙو هيو، نرم وري ايترو جو ڳالهين هلندي ڪنهن ساٿيءَ جي بيوفائي ياد ايندي هيس ته روئي ويهندو هو. جهڙو انسان مٽيءَ وانگر ڀور ڀور ٿي پوندو هو. سچ چوڻ جو اهو عالم هيو جو جناح کان پير صاحب پاڳاري تائين هر هڪ کي منهن تي سچ چوڻ کان ڪو نه لهرائيندو هو. جڏهن ڪو ٻڌائيندو هوس ته توهان جو فلاڻو ڪارڪن ڀتا خوري ٿو ڪري تڏهن روئي ويهندو هو ۽ پوءِ ان کي ڪچيون پڪيون سڀ گاريون ڏيندو هو. ڪنهن صحافيءَ جي پڇيل جواب ۾ چيو هئائين ته، ها، مان گاريون ڏيندو آهيان، پٽيندو ان ڪري نه آهيان ته متان ڪو پاراتو لڳي نه وڃي. جڏهن ڪو پيءُ پٽ تي ڪاوڙجندو آهي. تڏهن هو پٽ کي پاراتا ڏيندو آهي پر جي ايم سيد ائين ڪڏهن به ڪو نه ڪيو هو. مهاتما گانڌيءَ لاءِ مشهور آهي ته، هن ڪڏهن به ڪنهن کي جھڙڪيو نه هو. پر هڪ ڀيري هڪ ڪارڪن کي بک لڳي ۽ بي وقتي ماني گهري هئائين ته گانڌي جي ان کي ڌڪو ڏئي چيو هو وقت جو انتظار ڪر. پر جي ايم سيد وت ڪنهن وقت به مهمان آيو ماني حاضر هوندي هئي. ڪي ڪارڪن ته، فرمائشون ڪندا هئا. هي کپي هو کپي، سيد اها شئي ان وقت حاضر ڪئي هوندي. جڏهن سيد هليو ويو. تڏهن چاچي غلام قادر مون کي ۽ حاجي سڪندر ڪورائيءَ کي چيو هو ته هاڻي توهان جون فرمائشون پوريون ڪرڻ وارو ڪو نه رهيو آهي. تڏهن اسان جون اکيون عشق بار ٿي ويون هيون هڪ ڀيري سيد جي اندرين اوطاق تي ويٺا هئاسين. اتي هڪ کٽ تي ٻلو ننڊ پيو هو. ڪنهن دوست ان کٽ تي ويهڻ جي ڪئي ته سيد چيس. بابا هيڏانهن اچي ويهه. ٻلي جي ننڊ خراب ٿيندي. انسان ته ڇا پر هڪ جانور جي ننڊ جو به خيال ٿي رکيائين. هڪ ڀيري هڪ چور سيد جي ڳئون چوري ڪري ويو، ڌنار خبر چار وٺي. اچي سيد کي ٻڌايو ته فلاڻو ڳئون چوري ڪري ويو آهي پاڻ ان چور کي گهرائي چيائين بابا جي ڳئون تو وٽ آهي ته، اسان کي ڏئي وڃ. ڪا به ٻي سزا نه آهي. همراهه ڀري ڪچهريءَ ۾ چيو. نه سائين مون ڳئون ناهي چو ري ڪئي. چور هليو ويو، ٿورن ڏينهن کانپوءِ ڪجهه ماڻهو ڳئون سميت ان چور کي ٻڌي وٺي آيا. ان وقت به ڀري ڪچهري جاري هئي. سيد چيو بابا اها ڳئون منهنجي نه آهي ۽ چور کي ڳئون سميت ڇڏي ڏنائين.پڇڻ تي پوءِ ٻڌايائين ته، هيترن ماڻهن ۾ هن جو من مجروح ٿئي ها. انسانيت جو علم بردار جي ايم سيد هوندو هو. موري جو ڪارڪن. ڪامريڊ مٺل حيدري چانڊيو. سان سيد چرچا ڀوڳ ڪندو هو ۽ مٺل به سائينءَ سان چرچا ڪندو هو. اهڙا چرچا جو اسان جي کل بند ڪا نه ٿيندي هئي. ڀٽ ڌڻي وڳند جت سان چرچا ڪندو هو. هت به ساڳيو نمونو هوندو هو. اڄ به اسان پنهنجي جھوني ڪامريڊ مٺل چانڊيي کان اهي چرچا ٻڌي کلي ويهندا آهيون ۽ پوءِ اداس!؟ جي ايم سيد ۽ ڀٽ ڌڻيءَ ۾ بس هي فرق آهي. جو شاهه لطيف رح سنڌي قوم کي شاعري ڪري سجاڳ ڪيو ته، سائين جي ايم سيد نثر لکي سنڌي قوم کي پنهنجي ماضي، حال ۽ مستقبل جون ڳالهيون ٻڌايون ۽ ان کي پنهنجو شاندار ماضي ٻڌايو ۽ سيد جي هيرا ڏنا. جھڙوڪه راجا ڏاهر،دودو سومرو، دولهه درياهه خان، هوشو شيدي، مخدوم بلاول ۽ ٻيا. هن ٻڌايو ته لٽيرا ڪڏهن به هيرا نه هوندا آهن. هو ڌاڙيل ۽ ڦورو هوندا آهن. توڙي جو هو ڪهڙو به چوغاپائي اچن. ڦورو بس ڦورو آهي. ان جي ايم سيد پاڪستان لاءِ پوري سنڌ جي ماڻهن کي مسلم ليگ ۾ آندو ۽ ۱۹۴۳ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ مان پاڪستان لاءِ قرارداد پيش ڪئي ۽ پاس ڪرائي جڏهن پاڪستان ٺهيو ته، هڪ به سنڌي حڪومت ۾ نه کنيو ويو، پوءِ ايوب کهڙي جي ڀرپور جدوجهد کان پوءِ هڪ وزارت ملي جيڪا عبدالستار پيرزادي کي ڏني وئي، سنڌين سان هي پهرين جٺ هئي ۽ پوءِ سنڌين کي طرحين طرحين جا طعنا سهڻا پيا. ڪنهن چيو. سنڌي گڏهن چارڻ وارا آهن، ڪنهن چيو. ننڍي صوبن وارا ننڍي دماغ جا مالڪ آهن. توڙي جو. سر آغا خان جنهن مسلم ليگ ڍاڪا ۾ جوڙي هئي. جناح صاحب، شيخ عبدالمجيد سنڌي جنهن ۱۹۳۸ع ۾ پاڪستان لاءِ پهريون ڀيرو قرارداد پيش ڪئي ۽ پاس ڪرائي ۽ سائين جي ايم سيد سميت سڀ جو سڀ سنڌي ليڊر هئا. جن پاڪستان جوڙيو هو. انهن کي اهڙا القاب ٿي مليا ۽ سنڌ جي زمين، سنڌ جون نوڪريون سڀ غير سنڌين لاءِ مال غنيمت هيون. ڌارين تي فضل ربي رهيو. جي ايم سيد ته هر هر جيل موڪليو ٿي ويو. خدا هن تي ناراض هيو، زمين هن لاءِ تتل هئي. حڪمران ان تي ڏمريل هئا. جڏهن اسان جو هڪ سنڌي جناب ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جو وزيراعظم ٿيو ۽ سنڌ کي ڪو به حق نه مليو، رهندو رهيو کهيو مال به ڌارين جي حوالي ٿي ويو هو. حيدرآباد ۽ نواب شاهه ۾ سيد تي خوني حملا ٿيا.تڏهن سيد تجربي جي بنياد تي اعلان ڪيو ته، هاڻي سواءِ سنڌ جي آزاديءَ جي ٻيو ڪو به رستو نه رهيو آهي.ان اعلان کي سنڌ جي وڏيرن، پيرن ۽ ملن ڪا به موٽ ڪا نه ڏني ڇو ته، هو مفت خور آهن. پر سنڌ يونيورسٽيءَ جي روشن خيال نوجوان شاگردن کيس اکين تي رکيو ۽ جدوجهد جو اعلان ڪيو. ائين ڏسندي ڏسندي حق راهه تي سر ڏيڻ وارن جي هڪ فوج تيار ٿي وئي. ۽ پوءِ انهن کي بنا موت جي ماريو ويو ۽ اهي اڄ تائين موت کي ڀاڪر پايو بيٺا آهن، پر سنڌ امڙ ڪنهن ايري غيري کي ڏيڻ لاءِ تيار ئي نه آهن. دنيا جا سمورا غير معمولي ماڻهو متنازعه رهيا آهن. يسوع مسيح هجي يا آئزڪ نيوٽن، حضرف محمد صه هجي يا گئليلو، سقراط هجي يا مارٽن لوٿرڪنگ، ڪارل مارڪس هجي يا مهاتما گانڌي، ابوالڪلام هجي يا غفار خان، انهن سڀني جي متنازعه هجڻ جو مکيه سبب هڪڙو ۽ ساڳيو آهي. اهو اهو ته انهن سڀني غير معمولي شخصن معمول مطابق هلندڙ زندگيءَ ۾ طلاطم پيدا ڪيو. پنهنجي پنهنجي وقت جي مروجه سوچن ۽ عقيدن، ريتن، قاعدن ۽ قانون کي چئلينج ڪيو. وقت جي غالب ۽ ناڪاري قوتن سان سرچاءُ ڪرڻ جي بجاءِ انهن سماج جي ڍڪيل ۽ ڪمزور محسوس ٿيندڙ هاڪاري قوتن کي نمايان ڪيو ۽ ناڪاري قوتن سان ويڙهه ۾ انهن جي قيادت ڪئي. اڄ سائين جي ايم سيد جو نظريو عام ٿي رهيو آهي، پر سندس ڪارڪن ٽولن ۾ ورهائجي ويا آهن. سن جي شهر ۾ هر سال الڳ الڳ ڪيترائي جلسا ٿي رهيا آهن. هر هڪ اديب ۽ دانشور کين صلاح ڏئي رهيو آهي ته ٻڌي ڪريو پر اڃا اٺ بيٺو آهي. اڄ سيد جي ۱۱۷ هين سالگرهه آهي، ان لاءِ آزادي پسند سڀني قومن کي ان جي مبارڪ ڏجي ٿي، جيڪي آزاديءَ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن. جھونا ڳڙه جُهرندو، پوندي جھانءِ، جھروڪ ۾. (شاهه) جي ايم سيد ۽ قومي تحريڪ جو مستقبل عبدالخالق جوڻيجو سنڌ جي قومي تحريڪ تي اڄڪلهه هڪ نئين ۽ مختلف پاسي کان گفتگو ٿيڻ شروع ٿي آهي. هڪڙن ماڻهن جو چوڻ آهي ته ”قومي تحريڪ اڳي جي ڀيٽ ۾ ڪمزور ٿي آهي“. ٻيو خيال اهو آهي ته ”قومي تحريڪ سوچ جي لحاظ کان وڌيڪ وسيع ۽ طاقتور ٿي آهي پر عملي طور اڳي جي ڀيٽ ۾ ڪمزور ٿي آهي“. اڃا ٽيان ماڻهو ته سواليه نشان لڳائيندي پڇن ٿا ته ”قومي تحريڪ آهي به ڇا“، يا اهو ته ”سنڌي قوم اڳتي نڪري ويئي آهي، قومپرست ليڊر پوئتي رهجي ويا آهن“. انهن سوالن ۾ جزوي سچائي ضرور آهي. هڪڙا ته قومي تحريڪ جا دشمن آهن (ڌاريا حڪمران توڙي مقامي سنڌي) جيڪي قومي تحريڪ کي ڪمزور ڪرڻ ۽ هڪڙو منفي مايوسيءَ وارو ماحول پيدا ڪرڻ خاطر اهڙا سوال اٿارين ٿا پر اها به حقيقت آهي ته انهن تبصرن ۽ تجزين کي رڳو ”سنڌ دشمنن جي سازش“ چئي رد نٿو ڪري سگهجي. انهن ۾ ڪجهه سچائي بلڪل آهي. فڪري طور قومي تحريڪ جي طاقت ۽ وسعت جو ثبوت اهو آهي ته پيپلز پارٽي، مسلم ليگ ۽ جماعت اسلامي جهڙيون پارٽيون جيڪي پيدائشي ۽ فطري طور سنڌ جي قومي وجود جون مخالف آهن ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ کي ”اسلام ۽ نظريه پاڪستان“ جي خلاف قرار ڏينديون رهيون آهن اهي به اڄ پاڻ کي سنڌ ۾ سياسي طور زندهه رکڻ خاطر سنڌ ۽ سنڌين جي حقن جي ۽ انهن سان ٿيندڙ ناانصافين جي ڳالهه ڪرڻ تي مجبور آهن ۽ ڪمزوريءَ جو اظهار تڏهن ٿئي ٿو جڏهن انهن پارٽين سان واڳيل قومپرستيءَ جا ازلي دشمن پير، مير، وڏيرا ۽ ڪرپٽ وزير، مشير ۽ اسيمبلي ميمبر اها لٻاڙ هڻندا آهن ته ”اسان کان وڌيڪ قومپرست ڪوئي ناهي“. ماضيءَ ۾ جيڪڏهن غلطيءَ سان به انهن جي نالي سان قومپرست جو لفظ اچي ويندو هئو ته اهي ”قسم قرآن“ کڻي رڙيون ڪندي چوندا هئا ته ”اسان قومپرست ناهيون“. صحيح ۽ غلط، سچ ۽ ڪوڙ کي ڌار ڪرڻ ۽ حقيقتن کي سامهون آڻڻ لاءِ ضروري آهي ته اسان سنڌ جي قومي تحريڪ جو ۽ قومپرست پارٽين ۽ ليڊرن جي ڪردار جو ڇيد ڪريون ڇاڪاڻ ته ”مرض جو علاج ڪرڻ لاءِ ان جي ڪارڻن جي تشخيص ڪرڻ لازمي عمل آهي“. اتي ٻه رايا آهن. هڪڙن دوستن جو چوڻ آهي ته ”جيئن ته سنڌ مشڪل صورتحال مان لنگهي رهي آهي تنهن ڪري اختلاف ۽ تنقيد کان پاسو ڪرڻ کپي“ جڏهن ته مان ان راءِ جو آهيان ته ”جيئن ته سنڌ مشڪل صورتحال کي منهن ڏيئي رهي آهي تنهن ڪري لازمي آهي ته پنهنجو تنقيدي جائزو وٺون ۽ صورتحال تي گهڻ طرفو بحث ڪريون“. سنڌ ۾ قومپرستي ۽ قومي تحريڪ جو سڀ کان وڏو حوالو سائين جي.ايم.سيد آهي. صحيح ٿيندو ته اسان موجوده صورتحال جو جائزو سندس حوالي سان وٺون. سائينءَ جنهن ”جديد قومپرستي“ جي ڳالهه ڪئي ان يورپ ۾ سماجي ارتقا جي هڪڙي مخصوص مرحلي تي وجود ورتو. مذهب (چرچ)، جاگيرداري، ۽ فوجي سلطنتن جي بالادستيءَ ۽ ڳٺ جوڙ تي مشتمل ”اونداهي دور“ (Dark Ages) واري يورپ ۾ جڏهن ”سجاڳي“ (Renaissance) جي لهر اٿي ته نيون قوتون اڀريون جن اونداهيءَ جي علمبردار عنصرن کي چئلينج ڪيو، انهن سان ڊگهي ۽ خطرناڪ جنگ ڪئي ۽ انهن کي شڪست ڏني، تڏهن نئين يورپ جنم ورتو جيڪو گذريل اٽڪل پنج سئو سالن کان دنيا جي اڳواڻي ۽ ان تي حڪمراني ڪري رهيو آهي. اهي نوان ۽ ترقي پسند عنصر هئا سيڪيولرزم، واپار ۽ صنعت ۽ قومي رياستون. سائين جي.ايم.سيد جو ڪارنامو اهو هئو ته هن سنڌ جي ماڻهن ۾ لاشعوري طور موجود حب الوطنيءَ جي جذبي کي شعوري شڪل ڏني. يورپ جي تجربي مان فائدو وٺندي اتي سرجندڙ جديد علم کي هن سنڌ جي حالتن تي لاڳو ڪيو. سنڌ جي تاريخ جي مطالعي، سنڌي سماج جي جائزي ۽ سياسي جدوجهد ۾ پنهنجي تجربن کي سموهي هن سنڌ جي قومپرستيءَ کي واضح ۽ مضبوط بنيادن تي بيهاريو ۽ ان لاءِ اقرار به ڪيائين ته ”مان تجربا ڪري، هٿ ساڙائي هنن نتيجن تي پهتو آهيان“. اهي نتيجا اهي هئا ته مذهب جي نالي تي ۽ فوجي طاقت جي بنياد تي بيٺل رياست سنڌ جي قومي نجات ۽ انسان ذات جي ڀلائيءَ ۾ رڪاوٽ آهي ۽ سنڌ جي سياسي، ثقافتي ۽ اقتصادي آزاديءَ خاطر جدوجهد ۾ پيرن، ميرن ۽ جاگيردارن مان ڪا اميد نه رکڻ گهرجي. ۽ پوءِ بنگلا ديش واري سڀ کان وڏي ۽ فيصلائتي تجربي کان پوءِ جڏهن هُن آزاد، خودمختار ۽ خوشحال سنڌ لاءِ جدوجهد جي نئين مرحلي جي شروعات ڪئي ته ڪوبه وڏيرو، جاگيردار، مير، پير يا ملا ان جدوجهد ۾ نه رهيو. تحريڪ ۽ تنظيم جو مکيه ڪم سائينءَ اڀرندڙ مڊل ڪلاس جي نئين نسل تي رکيو جيتوڻيڪ ان ۾ تمام گهڻيون اوڻايون، ڪچايون، ڪوتاهيون هيون ۽ اهي غلطيون به ڪري رهيا هئا جن جو ذڪر به سائين پنهنجي تقريرن ۽ تحريرن ۾ ڪندو رهيو. ان کان علاوه فيصلائتي قوت سنڌي عوام کي سمجهندو هئو جنهن لاءِ نه رڳو ائين چوندو هئو ته ”قومي تحريڪ تڏهن ڪامياب ٿي سگهندي جڏهن سنڌي ماڻهن جي اڪثريت ان ۾ حصو وٺندي“ پر مختلف حڪومتن طرفان مليل ڊگهي قيد ۽ نظربنديءَ کان جڏهن به ۽ جيئن ئي آزادي ملندي هئس ته عوامي رابطي جي دوري تي نڪري پوندو هئو. ان لاءِ نه موسم جي سردي گرميءَ کي ڏسندو هئو ۽ نه ئي عمر جو يا صحت جو خيال ڪندو هئو. انهن بنيادن تي قومي تحريڪ جو جائزو وٺبو ته ٿلهي ليکي ان جا ٻه پاسا ٿيندا؛ هڪڙو نظرياتي ۽ ٻيو عملي. ۽ ان جائزي ۾ يقيني طور وڌيڪ خبر انهن ماڻهن جي وٺڻي پوندي جيڪي نه رڳو قومي تحريڪ جا سرگرم ڪردار هئا پر سيد جا به ”حامي ۽ پوئلڳ“ هئا. هر باشعور ماڻهو بغير ڪنهن دوربيني يا سرچ لائيٽ جي ڏسي سگهي ٿو ته هتي گذريل چوٿائي صديءَ دوران ”هر ڪم“ سيد جي سوچ ۽ عمل جي ابتڙ ڪيو ويو آهي خاص ڪري انهن ماڻهن جي طرفان جيڪي پاڻ کي ”سيد جو سچو سپاهي“ چورائيندا هئا جن کي ميڊيا وارن جي اڪثريت اڳتي وڌائيندي يا پروموٽ (Promote) ڪندي رهي آهي. اهو چوڻ جي ڪا ضرورت ڪانهي ته ان ميڊيا جي اڪثريت جي اولين ترجيح سندن مالي مفاد هوندا آهن ۽ ان لاءِ اهي رياستي پاليسين کي سامهون رکي پنهنجون پاليسيون ٺاهيندا آهن. مزي جي ڳالهه ته انهن جي اڪثريت جي ايم سيد خلاف سدائين منفي رويو اختيار ڪندي آهي ۽ سندس گلا ۽ گهٽتائي ڪرڻ خاطر ڪوڙيون ڪهاڻيون گهڙڻ کان به نه ڪيٻائيندي آهي. نيشنلزم جي تاريخي پس منظر ۽ سيد جي تعليم جي روشنيءَ ۾ قومي تحريڪ لاءِ لازمي آهي ته اها سيڪيولر هجي، اها جاگيردار مخالف هجي ۽ اها سامراج دشمن هجي. جتي تاريخ ٻڌائي ٿي ته يورپ ۾ نيشنلزم جي جنگ چرچ سان رهي اتي جي.ايم.سيد ڏيکاريو ته سنڌ ۾ قومپرستيءَ جو مقابلو پئن-اسلام ازم سان رهيو آهي. پر ماضي قريب ۾ قومپرستيءَ جو نعرو هڻندڙ ۽ سيد جي نالي ۾ سياست ڪندڙ ڪيترن همراهن نيشنلزم ۽ پئن-اسلام ازم جي فرق کي ئي مٽائي ڇڏيو. انهن اڄوڪن پئن-اسلام ازم جي سنڌ ۾ سرپرستن کي ”عظيم قومپرست“ قرار ڏيئي ڇڏيو. اهو ته ايئن ٿيو ته ڪير چوي ته نريندر مودي اسلام جو سچو سپاهي آهي يا بنجمن نيتن ياهو فلسطين جو وڏو خيرخواهه آهي. جن مذهبي انتها پسندن کي ”سيد جا سپاهي“ عظيم قومپرست ٿا چون انهن ته ڪڏهن پاڻ کي سنڌي قوم جو حصو نه چيو. اهي ته سنڌين کي قوم ئي ناهن مڃيندا. اهي ته اهي انتها پسند آهن جن جي خطري کان دنيا کي خبردار ڪرڻ لاءِ جي.ايم.سيد ۵۵ سال پهرين يورپ جو سفر ڪيو هئو. ساڳيو حشر نيشنلزم جي ٻئي جز جاگيردار مخالف جو ڪيو ويو. تاريخي طور جاگيردار وقت جي اسٽيبلشمينٽ ۽ بالادست قوتن جو ساٿاري رهيو آهي. سنڌ جي جاگيردار، پير مير کي ڏسجي ته اهو مغلن جو به ساٿاري رهيو ته انگريزن جو به ايجنٽ رهيو ۽ پاڪستان ۾ فوجي حڪومت هجي ته ان سان گڏ، جيڪڏهن پيپلز پارٽي اقتدار ۾ هجي ته ان سان، جي مسلم ليگ هجي ته ان سان گڏ. ڪن ته اهڙا به مثال قائم ڪيا جو هڪ ئي وقت حڪومت ۾ به ته مخالف ڌر ۾ به يا هڪڙو ڀاءُ هڪڙي پارٽيءَ سان ته ٻيو ٻيءَ سان پوءِ جيڪا اقتدار ۾ آئي. ماضيءَ جي شاندار ون يونٽ مخالف تحريڪ جي خوبي اها هئي ته اسٽيبلشمينٽ جي وفادار وڏيرن، پيرن، ميرن ۽ محب وطن ماڻهن جي وچ ۾ ليڪ چٽي نڪتل هئي. ان ڪري تعداد ۾ گهٽ هجڻ جي باوجود ان تحريڪ ۾ ايتري طاقت هئي جو اقتدار پرستن کي ليڪ جي ٻئي پاسي ڏسڻ جي به همٿ نه ٿيندي هئي جڏهن ته وطن دوست سياسي ڪارڪن، اديب، شاگرد يا هاري وڏيرن وٽ وڃڻ جو سوچيندا به نه هئا. جيڪڏهن اتفاق سان ڪنهن اها ليڪ پار ڪئي ته اهو ڪُڙم جو ڪوڙهيو ليکيو ويندو هئو. وري جڏهن قومي تحريڪ جو نئون مرحلو شروع ڪندي سائين جي.ايم.سيد سنڌ جي قومي آزاديءَ خاطر جدوجهد ڪرڻ لاءِ جيئي سنڌ محاذ قائم ڪيو ته ان ۾ سڀ هيٺئين طبقي جا ڪارڪن شامل هئا. اهي بسن ۾، بسن جي ڇتين تي ۽ ڏاند گاڏين تي چڙهي يا پيدل سفر ڪري قومي ۽ سياسي ڪم ڪندا هئا. انهن جي ڪم جو ميدان ڳوٺ، واهڻ وستيون، ان جا ديرا، ڪارخانا ۽ مزدورن جون ڪالونيون هوندو هئو. اهي ڇنن ۾، جهوپڙين ۾ تڏن تي يا مسجد جي فرش تي ويهي، باغن ۾ وڻ جي ڇانوَ هيٺان يا پارڪن جي ڇٻر تي ويهي ماڻهن تائين پنهنجو پيغام پهچائيندا هئا. ۽ سندن مخاطب به سڀئي مسڪين ماڻهو، هاري، مزدور، ننڍا دڪاندار، استاد، ڪلارڪ، پوليس وارا، ڊرائيور، ملاح وغيره هوندا هئا. اهڙو ڪم جو طريقو ۽ سلسلو ۱۹۸۰ جي ڏهاڪي تائين جاري رهيو. ۱۹۹۰ جو ڏهاڪو ايندي قومي جدوجهد جي ميدان ۾ نوان ”شهسوار“ داخل ٿيا هئا، اهي به غريب جا ٻار پر اڳ وارا ڪارڪن پنهنجي غريب ۽ غريبن جي ساٿي هجڻ تي فخر ڪندا هئا جڏهن ته نوان آيل غربت کي شرمندگيءَ جو باعث سمجهڻ لڳا تنهن ڪري پهريون ڪم انهن پنهنجي لاءِ دولت گڏ ڪرڻ جو ڪيو. ان لاءِ انهن هر ”جائز ناجائز“ طريقي کي جائز ۽ لازمي قرار ڏنو. ان ڪم ۾ انهن کي جيئي سنڌ محاذ، ان جون پاليسيون ۽ ان جا ڪارڪن رڪاوٽ نظر آيا، تنهن ڪري انهن پنهنجون الڳ الڳ پارٽيون ٺاهڻ شروع ڪيون. پئسي گڏ ڪرڻ ۽ ان جي حفاظت ۽ واڌاري لاءِ انهن کي ڪرپٽ ڪامورن ۽ وڏيرن، جاگيردارن جي ساٿ جي ضرورت پئي. اهڙيءَ طرح انهن جو پنهنجو ۽ انهن جي سياست جو ڪيريڪٽر تبديل ٿيڻ لڳو. هڪ طرف اهي اسٽيبلشمينٽ جي ساٿاري وڏيرن، پيرن ميرن کي ويجها ٿيڻ لڳا ته ٻئي طرف پاڻ جاگيرداراڻا رنگ ڍنگ اختيار ڪرڻ لڳا. جاگيرداراڻي روايت مطابق پاڻ کان طاقتور جي آڏو اهي پاڻ جهڪندا هئا ته ڪمزور وري انهن جي آڏو جهڪندا هئا. هڪ طرف اهي جاگيردارن جي جرڳن ۾ ويهڻ تي فخر ڪرڻ لڳا ته ٻئي پاسي پاڻ جرڳا ڪرڻ لڳا. انهيءَ چوڻ جي ته ڪا ضرورت ئي ڪانهي ته جرڳن ۾ فيصلا سدائين طاقتور جي فائدي ۾ ۽ غريب جي خلاف ٿيندا آهن. ائين ئي عوام دشمن ۽ انصاف دشمن ”ميڙ منٿ ڪافلن“ جي روايت کي جيئاري انهن ايڪويهين صديءَ ۾ داخل ٿيندڙ دنيا ۾ سنڌ کي قبيلائي دور ۾ وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي. محاذ جي ڪارڪنن جي ڪم جو مقصد عام ماڻهن کي باشعور بڻائي قومي جدوجهد ۾ حصيدار بنائڻ هوندو هئو جڏهن هي نوان همراهه وڏيرن ۽ پيرن وانگر پنهنجا ”ماڻهو“ ۽ ”عقيدتمند“ ٺاهڻ ۽ پيدا ڪرڻ لڳا. جلسن جلوسن ۾ به ماڻهن کي وڏيرڪي ونگار وانگر شامل ڪيو ويو. عوام کي مالڪيءَ جو شعور ۽ پنهنجي طاقت جو احساس ڏياري انهن کي منظم ڪرڻ جي ڪوشش بجاءِ انهن جي تعداد کي سوديبازيءَ لاءِ استعمال ڪيو ويو ۽ اهو تعداد وڌائڻ ۾ وڏيرا جاگيردار انهن جا مددگار هوندا هئا. جاگيردار، پير، مير ۽ ڪرپٽ ڪامورا انهن جي مدد ان لاءِ ڪندا هئا ته جيئن عوام کي باشعور بڻائي هن استحصالي ۽ بدبودار نظام کي تبديل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪندڙ ڪارڪنن لاءِ ڪم ڪرڻ مشڪل ٿي پوي. عوام ته عوام خود پنهنجي ڪارڪنن کي شعور کان وانجهيل رکڻ لاءِ انهن ڪتابن کي بزدليءَ جي علامت قرار ڏيندي انهن کي ساڙيو جڏهن ته سيد پنهنجي سڄي جدوجهد قلم ۽ ڪتاب ذريعي ڪئي. هاڻي جڏهن هر ڪم، هر عمل جديد قومي تحريڪ جي تقاضائن جي خلاف ۽ جي ايم سيد جي تعليم جي منافي هجي ته پوءِ قومي تحريڪ جو حشر اهڙو ئي ٿيندو. اڳي ملا سنڌي سماج ۾ ڪنڊ پاسا ڳوليندو هئو ۽ سماج جي همدرديءَ جو طالبو هوندو هئو. اڄ اهو اسان کي ڊڪٽيٽ ٿو ڪري. جاگيردار ۽ پيرمير اڳي قومي ڪارڪنن جي دٻاءَ ۾ دفاعي پوزيشن اختيار ڪندو هئو اڄ اهو قومي ڪارڪنن تي ٺٺوليون ٿو ڪري. اڳي جيڪي سنڌ دشمن ڪم هو لڪي ڪندو هئو اڄ اهي وڏي واڪَ ڪري رهيو آهي. ”قومپرست“ ليڊرن جي اهڙي ڪردار جي نتيجي ۾ ڪجهه وقت اڳ ۾ قومي تحريڪ جي ڪردار بابت سوال اٿاريا ويندا هئا، هاڻي قومي تحريڪ جي وجود تي سوال ڪيا ٿا وڃن. پر ڪنهن کي به اهو نه وسارڻ گهرجي ته قومن جي نجات واري جدوجهد ڪا سڌي ليڪ وانگر ڪانه هلندي آهي. ان ۾ لاها چاڙها ايندا آهن. اهو هڪڙو مرحلو هئو جيڪو پنهنجي مثبت ۽ منفي پاسن سان گڏ پورو ٿيو. هاڻي نئين مرحلي جي ضرورت آهي. حقيقت اها آهي ته معروضي حالتن جي حساب سان اهو نئون مرحلو شروع ٿي چڪو آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان کي صحيح رخ ڏيڻ ۽ گهربل رستي تي هلائڻ لاءِ شعوري ڪوششون ڪيو وڃن. ھڪڙو ھو سائين جي ايم سيد عبدالحي پليجو سن شهر جو نقشو جيڪو اڄ آهي، سو ۱۹۵۸ع ۾ بلڪل نه هو. سن بلڪل هڪ ننڍو ڳوٺڙو هو، جنهن ۾ چند دُڪان، ٻه ٽي سرڪاري جڳهيون، چند پڪا گهر، ٻيو سڄو شهر ڪچن گهرن تي قائم هو. ذوالفقار علي ڀُٽو جي ڪري ڳڙهي خدابخش جي اهميت آهي، ايئن ئي سن جي اهميت سائين جي ايم سيد جي ڪري آهي. سنڌ جا صرف اهي ٻه اهڙا ڳوٺ آهن، جتي سنڌ جا هزارين ماڻهو سڄيءَ سنڌ جي مان ڪهي اچي جي ايم سيد ۽ شهيد ڀٽي جي ورسي تي گڏ ٿيندا آهن. انهن ڏينهن ۾ آئون بابا سان گڏجي سائين جي ايم سيد سان ملڻ ويو هئس. رات جو اتي ترسياسين، بابا ۽ سائينءَ رات دير تائين ڪچهري ڪئي. بابا ۽ سائين جو واسطو بابا جي ننڍپڻ کان وفات تائين سڄي زندگي قائم رهيو ۽ اهو واسطو سائينءَ جو سندس وفات تائين مونسان به رهيو. بابا جي وفات کانپوءِ به سائين جڏهن به ٺٽي ضلعي ۾ ايندو هو ته ٻني ۾ مون وٽ اچي ترسندو هو، پوءِ اڳيان ٽنڊو محمد خان، ماتلي، بدين يا حيدرآباد ويندو هو. بابا جي وفات کانپوءِ سائين سان ملڻ وقت مون کي پنهنجي ڪنهن بزرگ سان ملڻ جو احساس ٿيندو هو. بابا، سائينءَ جا ڪيترا ئي ڪتاب ڇپايا، جن ۾ ”جيئن ڏٺو آهه مون“ به شامل هو. ان ڪتاب ڪري سائين سان گڏ بابا تي به ڪفر جي فتويٰ نڪتي ۽ ڪيترو وقت مقامي ۽ جنهاڻ جا مذهبي ماڻهو ان ڪتاب کي بنياد بڻائي اسان سان ڇڪتاڻ ۾ رهندا آيا. جڏهن ۱۹۶۹ع ۾ ملڪ سڪندر ۽ سائين جي ايم سيد جي اليڪشن ٿي ته بابا، سائين جي ايم سيد جو چيف اليڪشن ايجنٽ هو، ۽ پاڻ ٻني مان پنجاهه کن ماڻهو سائين جي اليڪشن ورڪ لاءِ وٺي ويو هو. جنرل ايوب جي مارشل لا ۾ سائين تي سخت پهرو هوندو هو، گهر ڀاتين کانسواءِ ساڻس ڪنهن کي به ملڻ نه ڏيندا هئا، پر بابا ان دور ۾ به ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان سائين سان ملي وٺندو هو. مون کي ياد آهي ته هڪ دفعي اسان سن وياسين ته سائين جي جڳهه تي مزورن ڪم پئي ڪيو ۽ بابا هڪڙي مزور جا ڪپڙا پائي مٿي تي تغاري رکي اندر وڃي سائين سان ملي آيو، ڪنهن به ڊيوٽي عملدار کي خبر ئي ڪا نه پئي. اها هئي سيد سان اسان جي محبت جي انتها. جهرڪن ۽ ميرپور بٺوري ۾ ته بزمِ صوفياءِ سنڌ جون ٻئي ڪانفرنسون بابا جي ڪوششن سان ٿيون. جڏهن مسلم ڪاليج ۾ سائين مٿان بم اڇلايو ويو ته ان وقت به بابا سائين ۽ منهنجا ٻه ڀائر مرحوم مير نصير ۽ شمشير سائين سان گڏ هئا. اڄ به تقريبن سئو کن خط سائينءَ جا بابا ڏانهن لکيل اسان وٽ محفوظ آهن، پر زياده تر خط ذاتي نوعيت جا آهن، نه ته اهي خط آئون ضرور ڇپايان ها. سائين سنڌ جو اهو پهريون سياستدان هو، جنهن سنڌ جي حقن نه، پر آجپي جي ڳالهه ڪئي. مون ڏٺو آهي ته سنڌ جا اڪثر سيد گهڻو ڪري پنهنجن پٽن ۽ پوٽن کي به سڏ ڪرڻ مهل ”سائين“ ڪري سڏيندا آهن، جيئن ٻيا ماڻهو به کين سائين ڪري مخاطب ٿين. اهو هڪ طرح سان ٻين کي ٻڌائيندا آهن ته اسان کي سائين سائين ڪري سڏيو- پر سائين جي ايم سيد ڪڏهن به پنهنجن پٽن کي سائين ڪري ڪو نه سڏيو. کين هميشه ڏاڍي قرب ۽ پيار سان امير ۽ امداد ڪري سڏيندو هو. سائين جي ايم سيد جهڙا ماڻهو صدين کانپوءِ پيدا ٿيند آهن. سائين جڏهن بابا جي وفات تي ٻني آيو ته مونکان پڇيائين ته: گهڻو اولاد اٿئي؟ مون چيس ته، هڪ پٽ آهي. سائين چيو ته: نالو ڇا اٿس؟ مون کيس ٻڌايو ته، رُخسار حسنين نالو اٿس. سائين پاڻ ان وقت منهنجي پُٽ کي گهرائي اسان جي خانداني مرشد سائين گُلي شاهه کي سڏي (اهو به اسان وٽ آيل هو) کيس چيائين ته ٻانگ ڏئي هن جو نالو نور محمد رک ۽ ائين منهنجي پٽ جو نالو رُخسار حسنين مان نور محمد ٿي ويو. شيڪسپئر جو قول آهي ته، ”ڪي ماڻهو پيدائش کان عظيم هوندا آهن، ڪي پنهنجي محنت سان عظيم ٿيندا آهن ته ڪن تي عظمت رکي ويندي آهي.“ سو واقعي سائين جي ايم سيد جهڙا ماڻهو صدين پڄاڻان پيدا ٿيندا آهن. خدا تعاليٰ جي ايم سيد جي شخصيت ۾ ايڏو پيار ۽ پنهنجائپ پيدا ڪئي، جو سندس هر ماڻهو سمجهندو هو ته سائين جي ايم سيد کيس ئي وڌيڪ ڀائين ٿو. مهمان نوازي ته ڪو سائين جي ايم سيد کان سکي. سندس ذاتي دوستن ۾ هر عمر ۽ طبقي وارا ماڻهو هوندا هئا، پر سڀني سان هڪجهڙو هوندو هو. مونسان به اهڙو ته بابا سائين سان به اهڙو. ان جو هڪ مثال خان عبدالغفار خان ۽ مومن ليرائي هوندا هئا، کيس ٻئي هڪجهڙا عزيز هئا. ٻنهي جي غم ۽ خوشين ۾ شريڪ ٿيندا هئا. سائين جي ايم سيد هر ڪم ننڍپڻ ۾ ڪيو، مثلن ننڍپڻ يعني فقط ڇهن سالن جي عمر ۾ شادي ۽ پندرهن سالن جي عمر ۾ سياست جي شروعات ڪئي. سورهن سالن جي عمر ۾ لاڙڪاڻي ۾ مولانا آزاد، مولانا شوڪت علي ۽ ٻين ڪيترن عالمن ۽ مدبرن سان ملاقاتون ڪيون ۽ سترهن سالن جي عمر ۾ سن ۾ اعليٰ پئماني جي خلافت ڪانفرنس ڪوٺايائين، جنهن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، فتح محمد سيوهاڻي ۽ نور محمد شيخ شريڪ ٿيا. ارڙهن سالن جي عمر ۾ گانڌي سان ملاقات ڪئي ۽ صرف ايڪيهن سالن جي ننڍڙي عمر ۾ ڪراچي ضلعي (ان وقت ڪراچي ضلعي ۾ ڪراچي، ٺٽو ۽ دادو ضلعو شامل هوندا هئا) ڪائونسل جو ميمبر ۽ ضلعي ڪائونسل جو نائب صدر ٿيو. هڪ دفعي مٿس حيدرآباد ۾ خوني حملو ٿيو، جنهن ۾ لڪل خنجر سان هڪ ماڻهو کي سندن ڏانهن وڌندي پڪڙيو ويو هو. اها حيدرآباد واري واقعي کان به اڳ جي ڳالهه آهي، ٻيو کيس مارائڻ جي منصوبي جو احوال پاڻ هڪ خط ۾ بابا سان ڪيو آهي. بزم صوفياءِ سنڌ ڪانفرنس، پنهنجون سالگرهه جون تقريبون منعقد ڪرڻ توڙي ڀٽ شاهه تي ادبي ڪانفرنسون ڪرائڻ وارين سڀني سرگرمين جو مقصد سنڌ ۾ سياسي، ادبي، علمي شعور پيدا ڪرڻ هو، جنهن ۾ هو نئين ٽهيءَ کي بيدار ڪرڻ ۾ بلڪل ڪامياب ويو ۽ اڄ به سنڌ جي نئين ٽهيءَ جو وڏو تعداد انهيءَ راهه تي گامزن آهي. سائين جي ايم سيد جن ماڻهو کان زندگيءَ ۾ گهڻو متاثر ٿيو، انهن مان علامه آءِ آءِ قاضي سڀني کان اڳڀرو نظر اچي ٿو. مثال طور پنهنجي ڪتاب ”ساهڙ جا سينگار“ جي صفحي ۲۰ تي لکي ٿو ته ”سندن (علامه آءِ آءِ قاضي) سان ملاقاتن مان جيڪا معلومات ميسر ٿي، سا مشڪل سان سوين ڪتاب پڙهڻ مان حاصل ٿي سگهي ها. مون ۾ جيڪو به تخيل، محبت ۽ انساني همدرديءَ جو ذرو موجود آهي، ان ۾ قاضي صاحب جي ملاقاتن ۽ صحبت جو وڏو عمل دخل آهي.“ جي ايم سيد علامه صاحب کان ايترو ته متاثر هو، جو پنهنجا ٻئي پٽ امير حيدر ۽ امداد محمد تربيت لاءِ ننڍي هوندي کان سندس حوالي ڪيا. ان ڳالهه جي تصديق غلام رباني پنهنجي ڪتاب ”جهڙا گل گلاب جا“ جي صفحي ۱۱۹ تي به ڪئي آهي. سائين جي ايم سيد جي پنهنجي وڏي پٽ امير حيدر شاهه ۽ ننڍي نياڻي دُرشهوار کي پڙهڻ لاءِ انگلينڊ موڪليو. سائين جي ايم سيد سڄي زندگي سنڌ ۽ سنڌين جي ڳالهه ڪئي. پاڻ ڪيئي دفعا اسيمبلي ميمبر ۽ هڪ دفعو وزير ٿيو، سندس ٻئي پٽ اسيمبلي ميمبر ٿيا ۽ سندس پوٽو جلال محمود شاهه سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر ٿيو. مون وٽ سائين جي ايم سيد، سندس ٻن پٽن ۽ ٻن پوٽن جلال محمود شاهه ۽ بدر شاهه جا مون ڏانهن لکيل خط اڄ به محفوظ آهن، يعني ٽن نسلن جا قرب ۽ پيار جا پيغام ۽ سينها. جڏهن سائين جي ايم سيد وفات ڪئي، تڏهن به پاڻ هو ته اسپتال ۾، پر هو حڪومتِ وقت جو قيدي- سڄي ملڪي تاريخ ۾ مان سمجهان ٿو ته سائين جي ايم سيد، نواب نوروز خان ۽ شهيد ڀٽو ٽئي اهڙا ليڊر هئا، جن جيل يا نظربنديءَ هيٺ وفات ڪئي. سنڌ جا ٻه اڳواڻ ته تاريخ ۾ قربانيءَ جو هڪ اهڙو مثال بڻجي ويا آهن، جو هر سال هزارن جي انگ ۾ ماڻهو اچي سندن قبرن تي سلامي ٿين ٿا. جي ايم سيد هڪ عظيم درسگاه منظور ڪوهيار سال ۱۹۷۹ع جو هيو. پوريءَ طرح ياد ناهي ته مهينو جُـون جو هيو يا جولاءِ جو. بشير شاهاڻي جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن جي صدر جي حيثيت سان، اڃان ڀڳل پسٽل رکڻ جي الزام ۾ جيل ياترا نه ڪئي هئي. مان ۽ بشير شاهاڻي ذاتي دوست ۽ ڳوٺائي هياسين. اِن ڪري لاڙڪاڻي کان سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو اچڻ وڃڻ گڏ ٿيندو هو. بشير شاهاڻي ايندي ويندي عمومن ”سن جي سائين“ جي ديدار درشن لاءِ لهي پوندو هيو. ۽ مون کي به صلاح هڻندو هيو. پر مان نٽائي ويندو هيس. هن هڪ دفعي لاڙڪاڻي کان يونيورسٽي ايندي زوري سن لاهي وڌو ۽ چيائين : ”هر ڀيري حرامپائي ڪري نٽائين ٿو. اڄ نه ڇڏيندو سانءِ!“ اسٽاپ تي لٿاسين ته ڪو بگيءَ وارو به نظر ڪو نه آيو. ڏنڊا ڏوٽا هياسين، سو ڪنهن بگيءَ جي انتظار ڪرڻ بجاءِ گوڏي گاڏي ڪئي سين. ائين پئي لڳو ته سنڌ وارو سن ۽ انگريزيءَ وارو SUN پاڻ ۾ ٻکجي ويا آهن. هلندي هلندي ٻنهي جو وات ال ڪانؤ وانگر پٽجي ويو هو. تيز روشنيءَ جي ڪري اکيون چنجهيون ٿي ويون هيون. سن ڳوٺ جي گهٽين مان مڙندي، هڪ جڳهه جي دروازي ۾ داخل ٿي ٿلهي تي چڙهياسين. پوءِ دالان ۾ اچي جوتا لاٿاسين. بشير شاهاڻي ٻليءَ پير هلندي سامهون واري ڪوٺيءَ جو دروازو احتياط سان کوليو ۽ اندر داخل ٿيو. دروازي به ڄڻ آرام ۾ خلل محسوس ڪندي احتجاجن چيڪٽ ڪيو. اندر دريءَ جي سامهون هڪ جُنگ پوڙهو مڙس ڏير جي وڇايل تڏي تي رلهي مٿان گهري ننڊ ۾ ستل هيو، مٿن کان ۱۵ سالن جو هڪ ڇوڪرو وڃڻو هڻي رهيو هيس ۽ پيرن کان اڌ وهي همراهه زور ڏئي رهيو هيس. بشير شاهاڻي سڙٻاٽين ۾ ٻڌائيندي چيو: ”اهو ئي هيٺ ستل سائين جي ايم سيد اٿئي!“ مون هڪ نظر سائين تي وڌي، جيڪو محو خواب هيو. ضرور اِهو خواب سنڌ جي آجپي جو ئي هوندو، اسان ٻنهي ڄڻن پنهنجا ٿيلها ڪمري جي هڪ ڪنڊ ۾ رکيا.پوءِ سامهون رکيل ڪرسين تي ڦانءِ ٿي ڪري پياسين. جو گهڻي پگهر وهڻ ڪري جسم ساڻو ٿي چڪو هيو. منهنجين اکين ڪمري جو جائزو وٺڻ شروع ڪيو. جيتري قدر ياد آهي ته ڪمري جي ڏاکڻين پاسي ڀت تي اوني ٽوپ ۽ سويئٽر سان، سائين جي ايم سيد جي قد آدم ٺاهوڪي تصوير لڳل هئي. اُن جي ڀر ۾ پر ٿورو مٿيرڪو ڪنهن مصور جي منظرڪشي واري تصوير ٺهيل هئي، جنهن ۾ نه کٽندڙ ساون کيتن جو سلسلو، کيتن ۾ بيٺل متارا ڍڳا، وٽر سٽر هاري ۽ چيلهه چهبڪ ناريون ڏيکاريل هيون. ائين پئي لڳو ڄڻ مصور سائين جي ايم سيد جي اکين ۾ پيهي سنڌ جي روشن مستقبل جي تصوير ڪشي ڪئي هجي . اولهائين ڀت تي ڳاڙهي سنڌي ٽوپ ۽ ريشمي اجرڪ سان سائين جو پورٽريٽ ٺهيل هو. جنهن ۾ جي ايم سيد جي لازوال مرڪ شامل هئي. جنهن ۾ مون کي موناليزا جي مرڪ کان وڌيڪ گهرائي ۽ گيرائي نظر آئي. (بهرحال هرهڪ جي پنهنجي اک آهي.) اولهه ــ اتر واري ڀتين جي ڪنڊ ۾ ڪارنر ٽيبل مٿان پلاسٽر آف پيرس جو سندس ئي سفيد رنگ جو بت رکيل هو. ڪمري ۾ ٻه اولهه ۽ ٻه اوڀر کان کٽون پيل هيون. ڪمري جي اتر ۽ ڏکڻ پاسن کان چار چار ڪرسيون رکيل هيون، جن تي سفيد چادرن جا گاديلا پيا هيا. بشير شاهاڻي جَهلي ڇڪڻ شروع ڪئي، جهليءَ جي جُهلڪن ڪجهه پگهر سڪايو ته اُٿي مَٽ مان پاڻيءَ جا ٻه ٽي گلاس ڀري ڏوگهياسين. هڪ ننڍي ٽيبل تي ٽري Tray رکيل هيو. جنهن ۾ قسمين قسمين ميوا پيل هيا. خاص ڪري مشهدي صوف، چتري ڪيلا ۽ لاڙڪاڻي جا ڳاڙهه سرا چيها ۽ ٻاوا زيتون (زيتونن جا قسم) وغيره. دل ڪڍيو ته جيڪر هڪ اڌ شيءِ کڻي کائجي. پر سڄو ڪم زيتونن خراب ڪري وڌو جو منجهن سياري جي مند ۾ پڪل زيتونن واري لالاڻ هئي جڏهن ته لاڙڪاڻي جي گرمين واري زيتونن ۾ ڳاڙهاڻ ناهي هوندي. بشيرشاهاڻي منهنجي گهور کي سمجهي ويو ۽ ڏاڍي مهمانوازي واري انداز ۾ چيائين: ”ڀلي کاءُ، سائين جي ايم سيد مهمانن لاءِ گهرائي رکيا آهن. چتري ڪيلا ته زبردست ٿي.“ مون وراڻيو، ”ڪيلا کائيندا اُهي، جن سڄي عمر ڪيلن تي گذارو ڪيو هجي.“ ”پوءِ ڀلا صوف ؟“ هن صوفن ڏانهن اشارو ڪندي چيو. ”سنڌ يونيورسٽي جي صوفن، سان، مشهدي صوفن جي ڪهڙي ڀيٽ ... جن اُهي صوف چکيا هوندا ته اُنهن کي هي صوف ڪٿان وڻندا؟“ ”وڏو لاهه آن ... سمجهين وئين!“ بشير مشڪندي وراڻيو. پوءِ بشير شاهاڻي ويهي ڪيترن دوستن جا قصا ٻڌايا، جن ڀل ۾ اچي اِنهن مٽي مان ٺهيل ميون کي چڪ هنيا هيا. خاص ڪري مرتضيٰ مهيسر جو قصو ٻڌائي ڏاڍو کلايائين. سائين جي ايم سيد ايڏي گهري ننڊ ۾ هيو جو ڄڻ کيس ڪنهن به شيءِ جي پرواهه نه هئي، نه گرمي جي، نه جهولي جي، جيڪو در جي وٿين مان زوڪاٽ ڪندي پئي آيو، نه وري اسان جي سڙٻاٽن ۽ کک کک جي. سائين جي ايم سيد اندازن ڏيڍ ڪلاڪ کانپوءِ اکيون پٽي رڙ ڪئي: ”ڇوڪرا پاڻي!؟“ ڇوڪرو اُٿيو ۽ مٽ مان پاڻي ڀري آيو. سائين اُٿي پاڻي پيتو ۽ پوءِ اسان ڏانهن ڏٺائين. اسان اٿي سائين سان ملياسين. سائين آهستگيءَ سان خوش وخير عافيت ڪئي. اُن کان پوءِ اسان ٻنهي کي گهوريندو ۽ مشڪندو رهيو ۽ آخر ۾ بشير شاهاڻي سان مخاطب ٿيندي چيائين: ”آءٌ سمجهان ٿو ته هاڻ منهنجو حافظو ختم ٿيندو ٿو وڃي. ڇوڪرا! مون توکي چاليهه دفعا ڏٺو آهي. پر ڪوشش جي باوجود به نالو ياد ڪري نه سگهيس.“ ”سائين، مان بشير شاهاڻي،“ بشير باادب ٿي چيو. ”ها،ها، هاڻ ياد اچي ويو... ۽ هن جو؟“ مون ڏانهن اشارو ڪندي چيائين ”منظور حسين...! سائين منهنجو ذاتي دوست ۽ ڳوٺائي آهي.“ ”اڇا، لاڙڪاڻي جو آهي... هاڻي اوهان ڇا پڙهندا آهيو ؟“ ”مان جاگرافيءَ جو فائنل سيمسٽر ڏنو آهي ۽ هن سوشيالاجي جو.“ بشير جواب ڏنو پوءِ ٻنهي کان جاگرافي ۽ سوشيالاجي جا سبجيڪٽ پڇيائين. اسان واري وٽي ٻڌاياسين ۽ پوءِ بشير ڏانهن منهن ڪري چيائين: ”ها تون جاگرافي پڙهندو آهين نه ... ٻڌ، مون هڪ ڪتاب لکيو آهي. جنهن ۾ سنڌ جي جاگرافي تي بحث ٿيل آهي. جنهن ۾ انگن اکرن سان آبادي، مٺي پاڻي، جابلو علائقن، ڍنڍن ڍورن جي باري ۾ ڄاڻ ڏني آهي. هر سال ڪيتري مٽي سمونڊ ۾ پئي ٿي ۽ ڊيلٽا ٺهي ٿي.اُن جا انگ اکر شامل آهن...توکي ڊيلٽا جي خبر آهي؟“ ”نه سائين،“ بشير لڄي ٿي وراڻيو. ”ڊيلٽا چئبو آهي، اُن زمين کي، جنهن جو ڪجهه حصو پاڻي ۾ هجي ۽ ڪجهه ٻاهر... ڀلا هڪ ايڪڙ ۾ چورس فوٽ گهڻا؟“ ”۶۶۶۶ فوٽ “ بشير شاهاڻي ڌڪو هنيو، اِهو سوچي ته ڦٻي ويندو. اِهو جواب ٻڌي، سائين ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو: ”خدا جو غضب پويـوَ... سمجهائي سمجهائي بيٺو آهيانؤ ته پڙهو... پڙهو پر پڙهو ئي نٿا.“ مون هڪدم وراڻيو: ”سائين ۴۳۵۶۰“ ”شاباس، توکان عهدو کسي هن کي ٿا ڏيون.“ سائين بشير تي ڪاوڙجندي چيو. ”پر سائين هي ته ميمبر ئي ناهي.“ ”باقي ڪنهن کي ٿا ميمبر ڪيو. لوفرن ۽ اڻ پڙهيلن کي .... خدا جو غضب پويو!“ ”سائين هن کي ته چوان ٿو ته ميمبر ٿيءُ، پر ٿي ئي نه ٿو.“ بشير کي اڃا وڌيڪ ڇنڊ پٽڻ جو ارادو هيس ته هڪ نوجوان اندر آيو. سائين سان مليو، جنهن ڏانهن سائين جو ڌيان ٿي ويو. لڳي پيو ته خاص ڪارڪن ۽ گهڻ گهريو هو. سائين اُن کي پئي ٻڌايو ته ناز سنائيءَ جو خط آيوآهي، جنهن ۾ لکيو اٿائين: سائين دعا ڪجو...آءٌ توهان جي رستي تي قائم رهان ۽ اِنهيءَ امتحان ۾ پار پوان، جيڪو سر تي اچي پيو آهي. اوهان کي منهنجي جرئتمندي جي پوري ڄاڻ آهي. مهرباني ڪري هيٺين سوالن جا جواب ڏيندا ته مهرباني ٿيندي ۱. اوهان جناح ڪيپ ڇو پائيندا آهيو؟ ۲. رسول بخش پليجو چوي ٿو ته ماڻهوءَ جي شخصي ڪردار کي ڇڏي، سندس قومي ڪردار کي پرکڻ گهرجي. ۳. ٻڌئون ٿا ته اوهان ڀٽي جي موت تي رُنا هيئه؟ سائين جواب ڏيڻ لڳو: ’پهريان ته آءٌ اِن ڪيپ کي جناح ڪيپ مڃڻ لاءِ تيار ناهيان. ڇو ته اها ڪيپ اسان وٽ ايران ۽ افغانستان کان پهتي آهي. جيڪا بنيادي طور تي قراقلي ڪيپ يا ٽوپي سڏبي آهي. جيڪا فارس جي ڪاري رڍ جي ليلي جي کل مان ٺاهي ويندي آهي. ٻيو جنهن جو شخصي ڪردار نه هوندو، اُن جو قومي ڪردار نه هوندو. ان جو وڏو مثال حضرت محمد ﷺآهي. جنهن جو عربن وٽ پهريان شخصي ڪردار اڀريو ۽ پوءِ قومي ڪردار. يعني رسول عربي. ٽيون ڀٽو ڪهڙو به هيو، پر هيو ته سنڌي ڳالهائيندڙ نه ... شڪايتون به پنهنجن سان ڪبيون آهن ۽ روئبو به پنهنجن لاءِ آهي. مون هڪڙو ڪتاب لکيو آهي. جنهن ۾ هڪ خواب جو ذڪر آهي ته خدا وٽ سنڌ فريادي آهي. ۽ جوابدار ذوالفقار علي ڀٽو آهي. سنڌ جي طرف کان وڪيل آءٌ آهيان ۽ ڀٽائي ذوالفقار علي ڀٽي جو وڪيلِ صفائي بڻيو آهي.“ انهيءَ دؤران هڪڙو ٻيو همراه به اِن گفتگوءَ جي دؤران اچي چڪو هيو. جيڪو سائين جي گفتگو ڌيان سان ٻڌي رهيو هيو، تنهن ڪنڌ ڌوڻيندي چيو: ”هڪڙي طرف وڪيل شاه عبدالطيف ڀٽائي ۽ ٻيءَ طرف سيد غلام مرتضيٰ، وڏي ڳالهه آ، وڏي ڳالهه آ، سائين اِهو ڪتاب جلد از جلد اچڻ گهرجي.“ سائين جي ايم سيد ٻڌائڻ لڳو: ”ڪتاب ته پورو ٿي ويو آهي. پر منهنجو خيال آهي ته ان ڪتاب کي مختصر ڪري ٻارنهن سوالن ۾ ورهائجي پوءِ اُنهن سوالن جا جواب ڏجن. اِهي سوال ۽ جواب رڪارڊ ڪيا وڃن تنهن کان پوءِ ڪئسٽ جي ذريعي تشهير ڪئي وڃي ته جيئن سنڌ جا ماڻهو سجاڳ ٿين. ائين جيئن آيت الله خميني ايران ۾ ماڻهن سان رابطو رکيو هو.“ اِنهيءَ گفتگو دؤران شربت آيو، جيڪو سڀني واري وٽيءَ سان پيتو. مون هڪ ڳالهه نوٽ پئي ڪئي ته اُهو همراه وڏو غلم جو توبچي هيو هيڏانهن هوڏانهن جا اجايا سجايا گفتا پئي ڪيائين. مثلن اِهو پئي چيائين ته بيگم ڀٽو، اڄڪلهه جنرل ٽڪا خان جي ڪڍ لڳي آهي. جنهن تي سائين جي ايم سيد جو رد عمل ڏاڍو سخت ٿي پئي ويو. غصي ۾ پئي چيائين: ”خدا جو غضب پوين... اڃا اِنهن جي ڪڍ.“ مون کي اِهو احساس شدت سان پئي ٿيو، ته اهي غلم جا توبچي ۽ خوشامندي ماڻهو ڪيڏا نه خطرناڪ آهن، جيڪي هروڀرو ماڻهن جي وچ ۾ وٿيون ۽ گمان پيدا ڪندا آهن. اُن وقت حضرت سليمان جي چوڻي ياد آئي، ته ”چغل خور ۽ خوشامندي ماڻهن جون ڳالهيون لذيذ لقمن جهڙيون هونديون آهن ۽ اهي پيٽ جي تمام اندرين ڀاڱن ۾ لهيو وڃن ٿيون.“ ۳ وڳي ڌارا ماني آئي. ورانڊي ۾ گلم تي ٿي ويٺاسين. ڀاڄيءَ ۾ پلو، گوشت ۽ واڱڻن جو ٻوڙ هو. بصر، انب جي کٽاڻ، ڏوڏيون ۽ سنڌڙي انب به رڪابين ۽ ٿالهين ۾ سجايل هيا. ڪڻڪ جي ماني ۽ چانور به دسترخوان ۾ شامل هئا. جيڪا ڳالهه نوٽ ڪرڻ جي هئي، سا اِها هئي ته سائين کي وڃڻو هڻندڙ ڇوڪرو ۽ زور ڏيندڙ اڌ وهي همراه به اسان سان گڏ ماني پئي کاڌي. ڳالهين مان معلوم ٿيو ته اُهو اڌ وهي همراه سائين جو مريد ۽ هاري هيو، ۽ ڇوڪرو هاريءَ جو پٽ هيو. اِهو منظر زندگي ۾ مون پهريون دفعو ڏٺو هو ته مريد ۽ مرشد، هاري ۽ وڏيري گڏ ويٺي ماني پئي کاڌي. نتيجي ۾ سائين جي ايم سيد لاءِ اِهو تاثر جڙيو ته سائين روايتي پيرن مرشدن يا وڏيرن منجهان نه هيو، منجهنس نه ڇوت ڇات هئي ۽ نه وري ڪا احساس برتري ۽ گهمنڊ. کائڻ جي دؤران مون اِهو به ڏٺو ته سائين پلي کي هٿ نه پئي لاتو. البت گوشت ۽ انب واپريائين پئي. بشير ۽ مان نه ڇڏيو سين پلي کي، نه گوشت کي ۽ نه وري واڱڻن کي.انبن ۽ ڏوڏين سان به ڏاڍي ڪئي سين. ماني کائڻ کان پوءِ سائين چيو: ”بابا هاڻي ڪجهه آرام ڪيو.“ سائين، اُتي ورانڊي ۾ ڏير جي مخصوص تڏي تي، وهاڻي تي مٿو رکي آهلجي پيو. ۽ اسان ٻئي وري ٻئي ڪمري ۾ وڃي ستاسين. ڏاڍي ڪوشش جي باوجود به ننڊ نه آئي. نيٺ ۵ وڳي ڌارا ٻاهر نڪتاسين ته سائين جاڳي رهيو هيو. ڪو همراه کائنس اسلام جي باري ۾ پڇي رهيو هيو . سائين ٻڌائي رهيو هيو: ”ملان جي اسلام ۽ اسان جي اسلام ۾ فرق آهي. ملي وٽ رب رڳو مسلمانن جو ۽ ڏاڍو قهار آهي. اسان وٽ رب سڄي عالم جو ۽ راحمين آهي. ملو چوي ٿو ته هڪڙو جهان هت آهي ۽ ٻيو جهان قيامت کان پوءِ آهي. پر آءٌ چوان ٿو ته هڪڙو جهان هيءُ آهي، جيڪو هلي ٿو ۽ ٻيو جهان ايندڙ مستقبل آهي، بهشت ۽ دوزخ قومن کي هتي ئي ملندو. جيڪا قوم سست ۽ جاهل رهندي اُها عذاب ۾ هوندي. جيڪا چست ۽ ڄاڻ واري هوندي، اُها سڪون سان زندگي گذاريندي.“ ”سائين هندو ته الله کي نه ٿا مڃن، اُهي بتن جي يا غير الله جي پوڄا ڪن ٿا؟“ اُن همراه جو ٻيو سوال هيو. ”هندن جي پراڻن مذهبي ڪتابن ۾ به وحدت الوجود جو نظريو ڏنل آهي. اهڙي ڪا به ڳالهه ڪونهي ته وحدت الوجود جو نظريو رڳو مسلمانن وٽ آهي. هر مذهب وارا الله کي مڃن ٿا. اُن هستيءَ جا صرف نالا الڳ الڳ آهن. ڪو ايشور چوي، ڪو گاڊ چوي، ڪو خدا سڏيس ٿو. هرڪو سڌيءَ طرح يا اڻ سڌيءَ طرح مڃي ٿو. پر الله کي اُهو سمجهي، جيڪو پهريان زمين وارن کي ته سمجهي نه؟ ٻڌ کان ڪنهن پڇيو، ”خدا ڇا آهي؟“ ته اُن جواب ۾ چيو، ته هڪڙو ستارن جو علم رکندڙ شخص اُڀ کي ڏسندي ڏسندي کوهه ۾ وڃي ڪريو. ماڻهن جڏهن پڇيس ته کوهه ۾ ڪيئن ڪرين ته چيائين زمين ماپڻ کان اڳ هليو هيس اُڀ ڪڇڻ. اِها ڳالهه قاضي قادن به پنهنجي شعر ۾ چئي آهي. ڪنز قدوري قافيه، پڙهي پروڙين سڀ ته ڪر منڊي ماڪوڙي، کوه ۾ پئي ڪڇي اُڀ جيڪو ماڻهو دنيا جي سڀني مذهبن کي نه ٿو پڙهي، اُهو الله، خدا ،گاڊ ۽ ايشور کي نه ٿو سمجهي سگهي.“ سائين ائين چئي خاموش ٿي ويو. ته سڄو ماحول سانت ٿي ويو. ٿوري دير کان پوءِ سائين ڪرسيون ٻاهر اڱڻ تي ڪڍايون. ٻاهر ٿي ويٺاسي ته ڪجهه ماڻهو ٻيا به آيا. سڀني لاءِ چانهه آئي. سائين نون آيلن کان حال احوال وٺڻ شروع ڪيا. اُنهن مان هڪڙي همراه سائين سان نويڪلائي ۾ ڳالهائڻ لاءِ چيو. ٻيو ڪو اسان کي تخليه لاءِ چئي، ان کان اڳ بشير شاهاڻي مون کي اٿڻ جو اشارو ڪيو. اسان ٻاهر نڪري وياسي. سن جي گهٽين مان گهمي ڦري موٽياسي ته سائين، بشير کان پڇيو: ”بابا! جميعت طلبه جي ڪنهن شاگرد کان، سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي ڪن ڇوڪرن ڦــر ڪئي آهي ڇا؟“ ”خبر ڪونهي،“ بشير وراڻيو. ”اِها جلدي خبر وٺ ۽ پوءِ جلدي تدارڪ ڪري، اِنهن کي فيڊريشن مان ڪڍي ڇڏيو. خدا جو ڪو غضب ڪِـرين. مون کي علڻ خان ٿيٻي به لسٽ ڏني آهي. اُها لسٽ ڏسي، تحقيق ڪري اُنهن کي به ٻي ميٽنگ ۾ ڪڍي ڇڏيو.“ بشير شاهاڻي اُن همراه کان نالو پڇيو، جنهن دانهيو هيو ته ٻڌايائين: ”محمد خان پٺاڻ!“ ”چڱو مان هاڻي حويلي ڏانهن وڃان ٿو، وري رات جو ملنداسي.“ سائين سڀن کان موڪلائي هليو ويو. اسان ٻئي ڄڻا ٻاهر نڪتاسين ته جيئن ڪا هوا جهٽيون. ٻاهر به هوا گرم پئي لڳي. پر منهنجي من ۾ ٿڌڪار هئي، هڪ اهڙي عظيم هستي سان ملندي دل ٺري پئي هئي، جنهن جي لاءِ تمام گهڻو ڪجهه هُلايل هيو. ته سيد سنڌ جي شاگردن کي کاري خراب ڪيو آهي. پر حقيقت اها هئي ته هو اُنهن کي سڌارڻ لاءِ ڪوشان هيو ته سنڌ جو مستقبل سپورنج ۽ ساڃاهوند جوانن جي هٿن ۾ اچي. پر ڪجهه شاگردن سندس رقيق القلبي مان ناجائز فائدو ورتو هو يا وري سائين جي مسلسل نظر بندي جي ڪري مٿائن نظرداري نه پئي ٿي سگهي. رات جو جڏهن سيد سان ملاقات ٿي ته اُن وقت گلم تي ويٺي هٿ بتيءَ جي روشنيءَ ۾ تاريخ طبري پئي پڙهيائين. اسان کي ڏسي چيائين، ”ڪيڏانهن ويا هيئه؟“ بشير وراڻيو؛ ”چڪر تي!“ ”مان اوهان جو انتظار پئي ڪيو، جو منهنجي ماني کائڻ جو وقت ٿي ويو آهي. ڇوڪرا ماني آڻ.“ سائين اتي بيٺل هڪ ڇوڪري کي چيو. ٿوريءَ دير کان پوءِ ڇوڪرو کير، چانور ، دال ۽ انب کڻي آيو. ماني کائڻ وقت اُهي ٻئي همراه هڻ کڻ به موجود هيا. جن اجايا سجايا سماچار پئي سڻايا. سائين ڪن کي اڻ ٻڌو ۽ ڪن کي ٻڌو پئي ڪيو. جن کي ٻڌو پئي ڪيو، اُن تي ڪاوڙ وچان پئي چيائين: ”خدا جو ڪو غضب پوين“ ماني کائڻ کان پوءِ ، بشير شاهاڻي ۽ مون ڏانهن منهن ڪري چيائين: ” ٻِيو ڪو علمي حوالي سان سوال يا مونجهارو هجي ته پڇو؟“ مون کي ڄڻ وارو ملي ويو: ” سائين، ڇا شاه عبداللطيف ڀٽائي شري ڪرشن کان متاثر هيو؟“ ”ڪيئن نه متاثر هوندو. هيڏو سارو گيتا جو گيان شري ڪرشن ڏنو آهي. هندو ڌرم ۾ گيتا جي وڏي اهميت آهي.“ مون چيو، ”سائين شري ڪرشن ته ڇل ڪپٽ جو ماهر هيو، مها ڀارت ۾ جڏهن ڌريوڌن زخمي حالت ۾ هيو ته هن ڪرشن کي چيو، ته ’اڙي ڪنس داس جا پتر! ڇا تو ۾ ذرو به شرم ڪونهي. تنهنجي چوڻ تي مون ڀيم کي اڌرم ۽ انيتي سان ماريو. هن سنگرام کي ڌرم يد ڄاڻي گهڻا ئي راجا هن ۾ شريڪ ٿيا. پر اُهي اڌرم ۽ دغابازي سان ماريا ويا آهن .... ڇا توهان کان وڌيڪ مها پاپي، نٺر ۽ نرلڄو به ڪو ٿي سگهي ٿو؟‘ ڪرشن چيو، ’مترو! هن دشمن جي وڦلڻ تي ڪو ڌيان نه ڏيو. دروڻ ۽ ڪرڻ ڏاڍا پراڪرمي وير هئا. سڌي سنواٽي نموني جيتڻ ناممڪن هو. اُن لاءِ ڪا نه ڪا رمز رکي کين ماريو ويو. پنهنجي بچاءَ لاءِ ڌرم، نيتي جي رکيا لاءِ ڇل ڪپٽ ڪرڻ ۾ ڪو وهم ڪونهي.‘ ۽ ٻيو ته هن سنڌ جي راجا جئدرٿ کي به چوڏهين ڏينهن تي ڇل ڪپٽ سان ماريو هو.“ ”تون اهو ڪٿان پڙهيو؟“ سائين سوال ڪيو. مون وراڻيو: ”شري مها ڀارت، لوڪ رام پيسو مل ڏوڏيجا جو ڪتاب.“ ”اڇا، گهڻو ڪري ته اهو ۱۹۶۷ع جو ڇپيل آهي!؟“ سائين سوچيندي چيو . ”جي سائين!“ ”تو نالو ڇا ٻڌايو پنهنجو؟“ ”منظور حسين“، مون جواب ڏنو. سائين سمجهائيندي چيو،” منظور...! توهان هن زماني جي اخلاقيات کي اُن زماني جي اخلاقيات سان ڇو ٿا ڀيٽيو؟ جي اوهان ڀيٽيندءُ ته پوءِ دنيا جي مڙني شخصيتن جا اخلاقي قدر اڄوڪي اخلاقي قدرن سان نه ٺهڪندا. ان ڪري ڪنهن به شخصيت کي اُن زماني جي اخلاقي قدرن جي تحت ڏسو .... تو گيتا پڙهي آهي؟“ ”پڙهي آهي!“ ”ڪيئن لڳي؟“ ”روحانيت جا سڀ مارڳ بيان ٿيل اٿس، جن ۾ گيان، ڌيان، يوگ ڪرم ۽ ڀڳتي بابت زور ڏنل آهي.“ ”ان جو مطلب ته تو گيتا به پڙهي آهي. لطيف به سر رامڪلي ۾ جڏهن پورب جو ذڪر ڪري ٿو ته شري ڪرشن جي ڏنل گيتا واري فلاسافيءَ طرف اشارو ڪري ٿو. پوڄا ڪرم پاڻ کي، پل پوڄا کان پاڻ لاهوتي لطيف چئي، سڌ نه کڻن ساڻ تعلق ڇڏڻ تڪيا، ايءُ آديسين اهڃاڻ ڄاڻي ڇڏي ڄاڻ، پريا پورب پنڌ ڏي“ اِهو پورب پنڌ دوراڪا جي طرف هوندو هيو. يا ٻيو به شعر به اُنهن نانگن فقيرن جي حوالي سان آهي. جيڪي شري ڪرشن جي شهر دوراڪا کي پنهنجو مرڪز ۽ منزل سمجهندا هيا. ڪڇي ڪاڇوٽي، نانگن ٻڌي نيهن جي سُک نه ستا ڪڏهن، لاهي لانگوٽي جهڙا آئيا جڳ ۾، تهڙا ويا موٽي تنين جي چوٽي، پورب ٿيندي پڌري. ڇوڪرا، تو منهنجو ڪتاب ’پيغام لطيف‘ پڙهيو آهي؟“ ”جي سائين!“ مون وراڻيو. ”ڇا سمجهيو ٿي؟“ ”توهان لطيف کي هڪ نئين رخ يعني قومي شاعر جي حوالي سان پيش ڪيو آهي.“ ”پوءِ ان ۾ ڪامياب ويو آهيان يا نه؟“ ”بالڪل اوهان شاه جي بيتن جي حوالي سان ثابت ڪيو آهي ته شاهه قومي شاعر آهي.“ ”خدا جو شڪر آهي ... ٻيو ڪو سوال؟“ مون وري ٻيو سوال ڪيو، ”سائين شاه عبداللطيف جو آئيڊيل يا مرشد ڪير هيو؟“ سائين جي ايم سيد ٻڌايو: ”حضرت علي...! شاه صاحب اهل تشيح صوفي هيو. پر اِهو ذهن ۾ رکو ته اڄوڪن شيعن جهڙو نه هيو. صوفي لاڪوفي هيو. سر رامڪليءَ ۾ جنهن انداز ۾ تعريف ۽ توصيف ڪري ٿو. جن ۾ ويراڳي، نانگا، جوڳي، بيکاري، آديسي، ڪاپڙي، سامي وغيره اچي وڃن ٿا. پر جڏهن حضرت عليءَ جي ڳالهه ڪري ٿو ته اُن کي پنهنجو رهبر سمجهي ٿو: ” نانگا نانيءَ هليا، هنگلا جان هلي ديکي تن دوارڪا، مهيسن ملهي آڳهه جن علي، آءٌ نه جئندي ان ري“ يا ”گذر گئي گذران ڪين قبولج ڪاپڙي عليءَ جو ميدان سڳر سنياسين کي.“ يا وري ”عليءَ جي ميدان ۾ ويٺا ڌوڻ ڌُڻي ترڪ ڪيائون تڪيا، پريون پنڌ سڻي ڪندي ڪوه ڌڻي، طعنا ڏيئي تن کي.“ ٻيو ته شاهه عبدالطيف محرم ۾ ڪارا ڪپڙا پهريندو هيو ۽ سر ڪيڏارو ڪربلا جي واقعي جي حوالي سان ڄڻ سنڌيءَ ۾ لکيل عظيم نوحو آهي. هاڻي توهان ڀلي وڃي آرام ڪيو!“ اسان اٿياسين ته سائين وري چيو: ”منظور توسان ملي خوشي ٿي. بشير هن کي ميمبر ضرور ڪجانءِ!“ ”ها سائين ها“، بشير زور سان وراڻيو، ۽ پوءِ آهستگي سان چيائين، ”مان ته ڏاڍو زور ٿو ڀريانس، پر حرامي ٿي ئي نه ٿو. پر هاڻي ميمبر ضرور ڪندومانس.“ بشير ۽ مان اُتان نڪري اوطاق جي اڱڻ تي جڏهن کٽن تي آهلياسي ته مون وٽ “سن جي سائين“ لاءِ مجموعي طور تي اهو تاثر جڙيو ته لاشڪ سائين جي ايم سيد هڪ عظيم علمي درسگاهه آهي. جنهن جي قدر ۽ قيمت جو اسان کي اڃا احساس ڪونهي. تڏهن ته ڪيترائي هن عظيم درسگاهه جي حاضري ڀريندي به ڪجهه ناهن سکيا. بقول ڀٽ ڌڻيءَ جي: محروم ئي مري ويا، ماهر ٿي نه مئا چڙيءَ جي چنهج جيان، لڏيائون لئا حباب ئي هئا، انهيءُ وادي وچ ۾. سائين جي ايم سيد ويهين صديءَ جو عظيم سياستدان ڊاڪٽر مير عالم مري گذريل صدي يعني ويهين صديءَ ۾ سنڌ اندر سياسي نظرين جي لحاظ سان وڏي اٿل پٿل رهي. پر وطن ۽ قوم جي بنياد يا انڪار جي حوالي سان ٽي فڪر رهيا ۽ ٽنهي جو پاڻ ۾ ٽڪراءُ رهيو. (۱) اکنڊ ڀارت جو نظريو (۲) مذهبي قومي تصور ۽ ڀارت جي ورهاڱي جو نظريو (۳) سنڌ جي آزاد رياست جو نظريو. (۱) اکنڊ ڀارت جو نظريو، جيتوڻيڪ برطانوي سامراج مخالف هو، پر ڀارت اندر تاريخي قومن جي وجود ۽ انهن جي آزاد رياستن جي حق کان انڪاري هو. انڊين نيشنل ڪانگريس ۽ مهاتما گانڌي ان جا وڏا حامي ۽ پرچارڪ هئا. (۲) مذهبي قومي تصور ۽ ورهاڱي جي نظريي جا حامي، برطانوي راڄ جا اڻ سڌا حامي ۽ انهن جي معرفت پاڪستان جي قيام لاءِ راهه هموار ڪري رهيا هئا. مسلم ليگ ۽ قائد اعظم ان جا وڏا حامي ۽ پرچارڪ هئا. (۳) آزاد سنڌ جو نظريو: هي ڳالهه سڀ کان پهرين، سنڌ مان مولانا عبيدالله سنڌي ڪئي. ٻي عالمي جنگ کانپوءِ جي عالمي ۽ علائقائي حالتن ۽ بغاوت جي پسمنظر ۾ مٿي بيان ڪيل سياسي نظرين مان فقط مذهبي قومي تصور تحت پاڪستان جي قيام جو ماحول ٺهيو، نه اکنڊ ڀارت رهيو ۽ نه سنڌ سميت ٻين ملڪن آجپو ماڻيو. جيتوڻيڪ برطانوي تسلط جو دور پورو ٿيو. ان کانپوءِ مختصر عرصي اوڀر پاڪستان بنگلاديش بنجي ويو. سائين جي ايم سيد ويهين صديءَ جي اهم سياسي شخصيت آهي. سيد پنهنجي حياتيءَ ۾ ۷۵ سال سياسي، ادبي ۽ عملي جدوجهد ڪئي. سندس پنجونجاهه ڪتاب لکيل آهن، جن مان اڪثر ڇپيل آهن ۽ مختلف ٻولين ۾ ترجما ٿي چڪا آهن. ڪل ملائي ۳۲ سال قيد ۽ نظربندي ڀوڳيائين. سڀني بااثر وڏن ماڻهن وانگر سائين جي ايم سيد جا مداح به آهن ته ڪٽر مخالف به. پر ڪجهه بنيادي ڳالهيون، جيڪي جي ايم سيد جا مخالف به تسليم ڪن ٿا، اهي هي آهن ته سيد سڄي زندگي سنڌ ۽ سنڌين جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪيو. پنهنجي خيالن ۽ نظرين تي اٽل رهيو ۽ هن ڪڏهن به سوديبازي ڪري رعايتون نه ورتيون. هو قومپرستيءَ جي جديد نظريي جو باني ۽ سنڌين ۽ سنڌ جي سڃاڻپ آهي. آئون جي ايم سيد جي سڄي حياتيءَ جي جدوجهد کي ٽن حصن ۾ ورهايان ٿو: پهريون دور ۱۹۱۷ع کان ۱۹۴۶ع تائين. ٻيو دور ۱۹۴۶ع کان ۱۷۷۱ع تائين ۽ ٽيون دور ۱۹۷۲ع کان وفات تائين. ٽنهي دورن ۾ سيد جا نظريا، خيال ۽ پارٽيون تبديل ٿيون. تجربن ۽ غلطين مان بهتر نتيجا ڪڍندو رهيو، پر ٽنهي دورن ۾ هڪڙي ڳالهه مشترڪ آهي ته جي ايم سيد وٽ شروع کان آخر تائين، اوليت ۽ اهميت هميشه سنڌ ۽ سنڌي قوم جي مفادن جي رهي. تنهن ڪري سيد، سنڌ جي سياست جو بنيادي حوالو آهي. ڪالم جي شروع ۾ مون ننڍي کنڊ ۾ ٽن سياسي جماعتن جي ڳالهه به ان ڪري ڪئي، جو جي ايم سيد جي سڃاڻپ ته سنڌ آهي، پر هو ننڍي کنڊ جو اهم سياستدان به هو. جيڪي به ماڻهو ننڍي کنڊ جي سياست کي، ڀارت ۽ پاڪستان کي يا سنڌ ۽ سنڌي قوم کي سمجهڻ ۽ پرکڻ چاهين ٿا، انهن لاءِ جي ايم سيد کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ لازمي آهي، ڇاڪاڻ ته جي ايم سيد جي راءِ گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي حوالي سان Authority آهي. ننڍي کنڊ جي سياسي نظرين جي لحاظ کان ڪالم جي شروعات ڪرڻ جو ٻيو سبب اها تنقيد آهي، جيڪا سيد جا مخالف ڪندا آيا آهن ته سيد سنڌ جي آجپي جو نعرو (۱۹۷۲ع) وقت کان اڳ ڏنو آهي. ننڍي کنڊ جي ان وقت جي سياسي نظرين جو حوالو ڏيئي، منهنجو مقصد انهن مخالفن کي اهو ياد ڏيارڻ آهي ته آزاد سنڌ جو نعرو ۱۹۷۲ع ۾ وقت کان اڳ جو نه آهي، پر جي ايم سيد جي سياسي تجربن کانپوءِ جو آهي، نه ته مولانا عبيدالله سنڌي ۱۹۴۰ع ڌاري اهو نظريو ڏئي چڪو هو ۽ ۱۹۴۳ع ڌاري شهيد سورهيه بادشاهه آزادي يا موت، وطن يا ڪفن جي نعري تحت گوريلا جنگ ڪري تختهء دار تي به چڙهي چڪو هو. دراصل نظريا جنم ئي تڏهن وٺندا آهن، جڏهن معاشري کي انهن جي ضرورت هوندي آهي. جيئن سرمائيداري جي ارتقا ۾ مارڪسزم جو نظريو، وقت جي ضرورت هئي يا انتهاپسنديءَ خلاف زرعي معاشرن ۾ تصوف ۽ پاپائيت خلاف سرمائيدار معاشرن ۾ سيڪيولر ازم جي نظريي جي ضرورت هئي، ڇاڪاڻ ته نظريو ڏيندڙ صرف پنهنجي ذهني اختراع وسيلي ذهني عياشي نه ڪندو آهي، پر اهو انساني معاشري جي تاريخ، حالتن ۽ ضرورت کي گهڻ پاسائون ڏسي، اهڙا نتيجا ڪڍندو آهي، ان لاءِ ۽ ڪو هڪڙو واقعو نه، پر ڪيئي واقعا سبب بڻبا آهن. ۱۹۷۲ع ۾ چند نوجوانن تي مشتمل پنهنجي نظريي جي شروعات ڪندڙ جي ايم سيد جي هلچل، ’جيئي سنڌ‘، اڄ سنڌ جي لکين ماڻهن جي دلين جي ڌڙڪن، ۽ زبان تي نعري جي صورت وٺي رهي آهي، کڻي جو ڪيترائي ٿاڻا، ٽارچر سيل، جيل ۽ قبرون اها ڳالهه ثابت ڪن پيون ته سنڌ جي ويرين سيد جي فڪر ۽ تحريڪ کي ڪچلڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي، پر پوءِ به تحريڪ ۾ واڌ آئي آهي، جنهن سان به ثابت ٿئي ٿو ته هي نظريو ڪو اوچتو يا وقت کان اڳ جو ناهي. اڄ به سنڌ ۾ ڀلي کڻي ڪيتريون ئي سياسي جماعتون هجن، پر سياسي حوالي سان ٻه صرف ڪيمپون آهن، هڪ سنڌ دوست ڪيمپ ۽ ٻي سنڌ دشمن ڪيمپ. اهو جي ايم سيد ۽ جيئي سنڌ هلچل جي جدوجهد جو ڪمال ۽ وقت جي ضرورت آهي ته وفاق پرست جماعتون (جن مان اڪثر پنهنجي فڪر و عمل ۽ جوهر ۾ سنڌ دشمن آهن) پاڻ لاءِ سنڌ دوست تاثر ڏيڻ تي مجبور آهن ۽ اها اسان جي ڪمزوري آهي ته سنڌ دوستيءَ جون دعويدار ڌريون، وفاق پرستن سان هٿ ملائين ٿيون. اهي سنڌ دشمن ڌريون، جيڪي پاڻ کي سنڌ دوست سڏائين ٿيون، ۽ ڌارين ۽ انتهاپسندن سان گڏجي سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ پارليماني واٽ وٺن ٿيون. انهن جا نتيجا ته ۱۱ مئي وارين چونڊن بعد پڌرا ٿيندا، پر آئون اڄ ئي چئي ڏيان ٿو ته قومپرست سياسي پارٽيءَ جي حيثيت ۾ يا قومپرست اتحاد جي حيثيت ۾ اهي سوڀارا نه ٿيندا، ڇاڪاڻ جو اهي جي ايم سيد جي تحريڪ کي ڌَڪين ۽ ڌِڪين ٿا ۽ رياست جي دوستن جي ڪيمپ ۾ انهن جي شرطن ۽ طريقن سبب داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪن پيا، جن کي سنڌ جو عوام رد ڪندو، ڇاڪاڻ جو سنڌ جي عوام جي نظرن ۾ قومپرستي، جيئي سنڌ سان مشروط آهي ۽ جي ايم سيد سان ڳنڍيل آهي. آخري ڳالهه ته جيتوڻيڪ سيد جي فڪر واري تحريڪ، چند نوجوانن کان شروع ٿي لکين ماڻهن تائين پهتي آهي، پر ان ۾ ٻه اوڻايون آهن، هڪ ته اها ٽڪرن ٽڪرن ۾ ورهايل آهي ۽ ٻيو فڪري لحاظ سان، ڪارڪنن جي تربيت ناهي. آدمشماري ۾ واڌ، تعليم جي شرح ۾ اضافي، ميڊيا جي ذريعن ۽ ترقي ۽ ٻين سببن جيتوڻيڪ هلچل ۾ مقداري واڌ آئي آهي، پر اها واڌ غير معياري آهي. اڄ جڏهن اسين، سن ۾ رهبرِ سنڌ جي ورسيءَ جي موقعي تي ڪارڪنن سان مخاطب آهيون ته ان وقت اسان جي سامهون جيڪي وڏا چئلينج آهن ۽ جيڪي اڄ جون ضرورتون به آهن، اهي هي آهن: . جيئي هلچل، جيڪا مختلف تنظيمن ۽گروهن ۾ ورهايل آهي، انهن گروهن جو تعداد گهٽائي منتشر طاقت کي منظم ڪريون. ڪارڪنن ۽ حامين جي فڪري تربيت ڪريون. ۱۹۷۳جي ايم سيد جي فڪر جي بنياد تي پنهنجي طاقت کي گڏ ڪريون ۽ پنهنجي فڪر ۽ طاقت جي بنياد تي سياست ڪريون. انتهاپسندي ۽ دهشتگرديءَ کان خوفزده ٿيڻ ۽ انهن جو ساٿ حاصل ڪرڻ جون سڀ ڪوششون رد ڪري، جي ايم سيد جي تصوف، مذهبي رواداري ۽ سيڪيولرزم جي مورچي کي منظم، مضبوط ۽ وسيع ڪريون. .ڪارڪن ته هزارين/لکين پيدا ٿي چڪا آهن، پر هاڻي پنهنجي تحريڪ ۾ چند سُلجهيل ۽ هم آهنگ سياستدانن جي ٽيم به تيار ڪريون، ته پوءِ بيشڪ سيد جو خواب، ساڀيان حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندو. سيد، اڪيلو هو، پر رياستي ادارن ۽ ان جي حامين تي حاوي هو. پر اسين تعداد ۾ کڻي جو وڌيا آهيون، پر مقابلي جو معيار اهو ناهي. مقابلي جو معيار وڌائڻ ۽ ميدان جي چونڊ اسان کي ڪرڻي آهي. طريقو پنهنجي سگهه، حالتن آهر اختيار ڪبو ۽ فيصلو ايندڙ وقت ئي ڪندو. سائين جي ايم سيد جنهن سنڌين کي سنڌ ارپي هيمون ڪالاڻي/حيدرآباد سنڌ جي هِنئين ۾ هرندڙ هي اپريل جا ڪوسا ڏينهن ۽ دردن جي دونهين ۾ دزجندڙ ڏيهن لاءِ امن عالم جو پيغام رکندڙ هيءَ ڌرتي، جنهن جي وجود تي دشمن گھات هڻڻ لاءِ آتو آهي. اتي سيد جون اکيون جل ٿل بڻجي اندر ۾ اوتبيون ٿيون اچن. سائين جي ايم سيد، جنهن نئين سنڌ جي تخليق ڪندي، ان جو شاندار ماضي ورائڻ لاءِ جيڪي جتن ڪيا، قيد ۽ نظربندين جون عقوبتون سَٺيون، انهن لمحن سميت هن قافلي جي هر هڪ شهيد جي ساهه جي آخري هڏڪيءَ جو قرض ۽ ان جو احتساب پڻ سن ۾ ٿيڻو هوندو آهي ته اڄ هن پٿرائين ڌرتيءَ تي جتي سنڌ جي آئيندي جا خواب سهيڙجن ٿا، اتان بيهي اگر سن جي سائينءَ جي سپنن جي ساڀيائن کي سمجھي، سندس ڪم ۽ رفتار کي جاچي لڌوسين ته هوند سنڌ جي ميرانجھڙي سينڌ، ڌارين جي ڪٽڪن، سنڌ جي وجود مٿان لٽڪندڙ تلوار، معاشي، سماجي ۽ سياسي ڦرلٽ، ذهني ۽ جسماني نسل ڪشيءَ سميت ٿيندڙ سڀئي ڌارين جون ارهه زورايون ۽ درپيش خطرا ڏسي سگھبا ۽ انهن حالتن ۾ قومي تحريڪ جي مزاج، ڪردار، اڳواڻن جي صلاحيتن ۽ پاليسين کي به جاچي لهڻ سهنجو هوندو. سائين جي ايم سيد، جنهن چيو هو ته: ”سنڌ کي درپيش خطرن کي جيئن مون ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي، تيئن جيڪڏهن اوهين محسوس به ڪيو ته، هوند ننڊ سمهي نه سگھو.“ اڄ تاريخ جي هن دور ۾ سنڌ جي جاگرافيائي حيثيت وري اهنج ۽ ايذاءَ جي تلوار هيٺ هئڻ سميت ’طاقت سان اڳتي وڌيو يا مرڻ لاءِ تيار ٿيو‘ واري حالت کي پهتل آهي، اتي پنهنجو احتساب ڪرڻ سميت ليڊرشپ ۽ ان جي عمل توڙي ڪردار جو احتساب ڪرڻ ضروري آهي، نه ته شينهن جي اڳواڻي ڪندڙ رڍون ڀلا دشمن کان انهن جو ڪهڙو تحفظ ڪري سگهنديون! اهو ڪارڪنن توڙي قومي تحريڪ جي اڳواڻن کي وقت سر سمجهڻو پوندو. سلام سن جي ان سائينءَ جي هر هڪ ساهس کي، جنهن سنڌ جو شعور ڏنو ۽ اڄ سنڌ سنڌين جي ماتر ڀوميءَ طور انهن جي عقيدت جو پهريون ۽ اولين نقطو آهي، جتي انگ اگھاڙا، توڙي انگوڇن ۾ ملبوس مارو گڏجي ڌرتيءَ جي سلامتيءَ لاءِ مڙي مٺ ٿين ٿا. جي ايم سيد آزاديءَ جي احساس جـهڙو شخص مولائي ملاح معصوميت ۾ ئي يتيميءَ جو بار پنـهـنجن ڪلـهـن تي کڻي جواني ماڻيندڙ، سيد گھراڻي جي هن سلڇڻي ٻار لاءِ اهو ڪنـهـن ٿي ڄاتو ته هو اڳتي هلي سنڌ جو اهڙو يگانو عاشق بڻبو جو ان جي عشق ۾ پنـهـنجي سموري حياتي داءَ تي لڳائي ڇڏيندو. هن جو ڌرتيءَ سان نينـهـن جي ناتي جو انداز به نرالو آهي. هن پـهـريون پيار پنـهـنجي ڌرتيءَ سان ڪيو. ائين ئي هن جو ڪيل عشق، عشق جي بلندين کي ڇـهـڻ لڳو جنـهـن کيس امر بڻائي ڇڏيو. هن جو عشق اتاهون هيو هر جابر جي ذات اڳيان، جنـهـن کي وقت، رياست جا لوهي هٿ به جھڪائي نه سگھيا. هن مشڪل گھڙين ۾ به امرت جو جام پيتو جنـهـن سندس عشق کي سگھارو بڻائي ڇڏيو. نياز همايونيءَ چواڻي ته: تنـهـنجو عشق اتاهون سيد، هر جابر جي ذات اڳيان، تنـهـنجو ڪنڌ جھڪڻ جو ناهي، ڪنـهـن ڀي لات منات اڳيان. سيد، سنڌي قوم کي پنـهـنجي سڃاڻپ ڏيڻ کانپوءِ، سنڌ مٿان پنـهـنجي عشق جا ساگر اٿلائي ڇڏيا. سنڌي قوم جڏهن سندس سنڌ شناسائيءَ واري پيغام کي سمجھڻ لڳي ته مٿس موهت ٿي، مداح بڻجي وئي. سنڌ جي ماڻـهـن جڏهن سيد جي ڏنل قومي فڪر ۾ پاڻ کي سڃاڻي ورتو ته سندن ۾ لطيف جي ٻوليءَ ۽ ڌرتيءَ جي وارثي ڪرڻ جو وشواس وڌڻ لڳو. جيڏي ڌرتي ديس جي، جيڏو هي آڪاس، جيڏو ماڻـهـوءَ منجھ آ، جيئڻ جو احساس، ايڏو ئي وشواس، منـهـنجو سيد سنڌ ۾. سنڌ سان سيد جي عشق جو ناتو ائين هيو جيئن ڪائي ٻڍڙي ماءُ پنـهـنجي جوان پٽ سان پيار ڪندي آهي. ان عشق ۾ کيس سڄي حياتي آزاد فضا ۾ ساهه کڻڻ جي اجازت نه رهي. هن جڏهن به پنـهـنجي محبوب قوم کي پنـهـنجي سيني سان لائڻ جي ڪوشش ڪئي ته رياست جي مـهـندارن جھنڊي جي جرم ۾ کيس قيد ڪري ڇڏيو. کيس قيد، نظر بند ته هر آمريتي دور ۾ ڪيو ويندو هيو. پر جمـهـوريت ۾ به سندس قيد سندس قيدي تاريخ جو انوکو باب بڻيو. هت هونءَ ته هر قسم جي قيديءَ کي ڪنـهـن نه ڪنـهـن طرح سان ڪائي سـهـوليت، آزادي مليل هوندي آهي پر سنڌي قوم کي سياسي قومي شعور ڏيڻ جي جرم ۾ سنائي سيد کي سدائين ڪارن قانونن هيٺ نظر بندين جي لوهي ڪوٽن ۾ بي گناهه بند ڪيو ويو. نظر بندين ۾ رهندي به سيد سندن اڳيان آڻ نه مڃي ۽ هو پنـهـنجي عمل ۾ مصروف رهيو، نظر بنديءَ جي اهڙي ماحول ۾ به هي قومي جاڳرتا لاءِ لوچيندو ۽ سوچيندو رهيو. هن اتي قلمي پورهيو جاري رکيو جنـهـن سان هي وقت جي حاڪمن جي بنيادن کي لوڏيندو رهيو. سيد، پنـهـنجي قوم کي شعور ڏيڻ لاءِ ڪيترائي ڪتاب لکيا جن تي وقت جي غاصب قوتن، پابنديون مڙهي ڇڏيون. سيد سندن قيد ۾ رهڻ کانپوءِ به کين عوامي محبت، قوت کان بي هٿيار ڪندو رهيو قيد، بند ۾ سندس ڏات ئي وڏو هٿيار رهي جئين اياز چواڻي ته: مون ڏات انوکي آندي آ، ٿي تند وڙهي تلوارن سان، ٿا ڀاري تنـهـنجا برج لڏن، تون هيڻو آن، هٿيارن سان. وقت جي آمر قوتن جڏهن سنڌ جي حقن کي ڦٻائڻ لاءِ سنڌ تي ون يونٽ جـهـڙو وار ڪيو ته سيد جي فڪر، ئي سستيءَ جي ننڊ ستل ماڻـهـن کي اکيون مـهـٽي اٿڻ تي مجبور ڪيو ۽ پوءِ سنڌ هڪ آواز ٿي ڪَرَ موڙي اُٿي پئي. جنـهـن جي گونج سنڌ جي گلي گلي ۾ اياز جي گيتن ۾ ٻرڻ لڳي. سيد پنـهـنجي سڄي حياتي ڌرتيءَ جي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجـهـد ڪندي گذاري ڇڏي. سندس زندگيءَ جا آخري ساهه پساهه به قيد، بند واري ڪيفيت، حالت ۾ ئي گذريا. اهڙي قيد تي کيس “ضمير جو قيدي” وارو اعزاز به مليو. سيد اعظم پنـهـنجي قوم کي جيڪو فڪر ڏنو ان تان هن ارڏي عاشق زندگيءَ جي آخري گھڙين تائين هٿ نه کنيو؛ ان عشق ۾ هو سڄي حياتي رمندو رهيو ۽ سنڌ جي آزاديءَ، خوشحاليءَ جي پرهه ڦٽيءَ جـهـڙي باک جي ساک جو پيغام ڏيندو رهيو. جنـهـن پيغام کي اياز پنـهـنجن لفظن ۾ عوام تائين هيئن پـهـچايو ته: جوت ٻرندي رهي رات ٺرندي رهي باک جي ساک اڄ مان ڏئي ٿو وڃان! اڄ چئي ٿو وڃان مڌ ريٽي جيان نيٺ سنڌوءَ مٿان اڀرندو ساٿيو! مان چئي ٿو وڃان. سيد کي سڄي حياتي صرف ان جرم ۾ قيد، نظر بندين ۾ رکيو ويو جو هن سياست ۾ سچ ٿي ڳالـهـايو.!! هو هن سياست جي گدلي سينور ۾ اهو اُجرو نيل ڪنول هيو، جنـهـن جي پاڙ پاتال تائين هوندي آهي ۽ ڍنڍ جو پاڻي جيترو مٿي هوندو آهي هو ان جي مٿان پيو ترندو آهي. هن سياست جي واديءَ جي بي داغ ستاري من جي اُجري، صوفي منش ماڻـهـونءَ جو عالم انسانيت لاءِ ڏنل پيغام شاهه جي هن شعر جي تشريح آهي.ته: سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار، دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪـرين. سيد جو ڏنل پيغام دنيا جي مڙني مظلوم، محڪوم قومن لاءِ آهي؛ جنـهـن جي پالوٽ مان امن ۽ آزاديءَ جون، سڪايل ۽ اُڃايل قومون سيراب ٿي سگھن ٿيون. سيد چواڻي ته: ”سنڌ صدين کان آزاد ڌرتي رهي آهي، جنـهـن تي ڪنـهـن کي به قابض ٿيڻ، ان جي وسيلن کي ڦٻائڻ ۽ ان جي تاريخي، جاگرافيائي حدن، حقن سان هٿ چراند ڪرڻ جي ڪنـهـن کي به اجازت نه ڏبي. سنڌي هڪ قوم آهي جنـهـن کي پنـهـنجي ڌرتي آزاد گھرجي ٿي.“ اڄ سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي قوم، جنـهـن سياسي، معاشي انتشار ۽ فڪري سوڪـهـڙي جو شڪار آهن اهڙي سمي سنڌ وري به اهڙي ئي پاڻيءَ جـهـڙي پياري ماڻـهـونءَ کي ساري ٿي جيڪو سندس اڃ اُجھائي سگھي. اڄ سيد جي پيروڪارن جون، ”واٽون ويـهه ٿيون، ڪهه ڄاڻا ڪـهـڙا پرين!“ واري ڪيفيت آهي. اهڙين مايوس ڪن حالتن ۾ ئي سنڌ پاڻيءَ جـهـڙي پياري ماڻـهـونءَ جي ضرورت کي محسوس ڪري رهي آهي. جنـهـن جي سچن جذبن سان ئي سندس ترقي، امن ۽ خوشحالي سلـهـاڙيل هئي. اڄ سن کي سنڌ تي سوچڻ گھرجي. اڄ ڌرتي ڌڻين جي هڪ هنڌ گڏجڻ جو ڏينهن آهي. اڄوڪو ڏينهن سڀني قومي ڪارڪنن کان تقاضا ٿو ڪري ته پاڻ ۾ پيدا ٿيل رنجشون ويڇا وساري سنڌ جي امن ۽ سلامتيءَ خاطر هڪ ٿي سيد جي ڏنل پيغام کي اڳيان وڌايون. سائين جي ايم سيد جو ميران محمد شاھ کي لکيل يادگار خط سنڌ جي بمبئيءَ کان آزادي جو ڏينهن ور تو زين دست مرا بي سرو سامان داري، من بسه آهِ سحرت زلف مشوش دارم برادرم عزيز، تسليم اڄ اوهان جي سمع خراشي ان ڪم لاءِ ڪريان ٿو، جنهن لاءِ شايد اوهين تيار نه هجو: حديث دوست نگويم مگر بحضرت دوست، ڪه آشنا سخن آشنا نگهه دارد. سنڌ جدا ٿي، نهايت خوشيءَ جي ڳالهه آهي، پر ان سنڌڙيءَ جي مٿان مون کي نهايت پريشان ڪندڙ ڪارا ڪڪر نظر اچي رهيا آهن. سبزيءَ ۽ باد بهاريءَ جي بدلي، مون کي خزان جا آثار نظر پيا اچن. سنڌ آزاد ٿي سو ته چڱو ٿيو، پر چئوطرف کان ماڻهو ان کي مال غنيمت سمجهي هضم ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا آهن. خود مطلب ماڻهو صرف پئسي يا اثر جي سبب ان جي دامن عصمت کي ٽوڙڻ لاءِ ڳجهن وانگر اکيون کوڙيو بيٺا آهن ته ڪڏهين ٿيون اليڪشنون ٿين ته اسين ٿا چونڊجون. انهن مان هر هڪ کي پنهنجي لاءِ سبز باغ نظر اچي رهيا آهن. ڪن جو خيال آهي ته ميمبر ٿيڻ ڪري هو ووٽ جي اثر هيٺ، وزيرن معرفت ڪامورن کي پنهنجي قبضي ۾ رکي، آسپاس جي ملڪ ۽ ماڻهن تي اقتدار حاصل ڪندا. ڪي وري ان طمع ۾ گرفتار آهن ته پنهنجيءَ وسيع جائداد ۽ ملڪيت جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ هيءُ هڪ ڪارگر هٿيار ٿيندن. ڪي ائين پيا سمجهن ته هينئر ڪو پڇين به ڪو نه ٿو، سو پوءِ وڏا وڏا ماڻهو سندن درن تي ڌڪا جهليندا ڪن کي وري لقبن حاصل ڪرڻ جون لالچون آهن. لٿي به، چاچي ولي محمد شاهه وانگر، وقف ائڪٽ رد ڪرائڻ جو مقصد کنيو بيٺا هوندا. اهي ارادا آهن اڻپڙهيل يا نيم خوانده، وڏيرن جا، هاڻ هلو ته پڙهيل طبقي جي ارادن ۽ اميدن کي نظر مان ڪڍون سر غلام حسين پيو سمجهي ته سنڌ ۾ هن جهڙو قابل ۽ تجربيڪار ٻيو ڪو به ڪو نه آهي، تنهنڪري چيف منسٽر ٿيڻ لاءِ هن کان سواءِ ٻيو ڪوبه لائق ڪونه آهي. اهو وڏو گناهه ٿيندو جي ٻيو ڪوبه چونڊجي وڃي تنهنڪري، ان ڪار خير ۾ هو پنهنجي اڳين ڪمايل ملڪيت ۽ اثر صرف ڪري، ضرور انهيءَ گديءَ کي هٿ ڪندو. هن کان سواءِ سنڌ جي ستياناس ٿي ويندي، ان لاءِ هو هرڪا مناسب ۽ نامناسب ڪوشش ڪرڻ ضروري ٿو سمجهي. جنگ ۾ ڪاميابي مراد اٿس. ٻئي طرف سنڌ جي امير النسل ماڻهن جو عيوضي، سر شاهنواز ڀٽو، جو سنڌ سرڪار جو صلاحڪار آهي، سو سنڌ جي حڪومت جي واڳ سر غلام حسين يا ٻئي ڪنهن جي هٿ ۾ ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي. ٻيا سڀ سندس نظر ۾ دغاباز ۽ خود مطلب آهن. هي اخلاق جو علمبردار آهي ان ڪري سڀ طريقا اختيار ڪري حڪومت جي واڳ پنهنجي هٿ ۾ آڻڻ جي پٺيان پيل آهي. اڳتي هلندا ته ڏسڻ ۾ ايندو ته ميان کهڙو خان بلند آواز سان ماڻهن کي پڙهو ڏيئي رهيو آهي ته سنڌ آزاد ڪرڻ، ڇٻلائيءَ سان مقابلا ڪرڻ ۽ مسلمانن جي حقن لاءِ لڙڻ ۾ هن ڪثر ڪانه ڇڏي آهي. ان ڪري هن کي به ڪجهه نه ڪجهه ملڻ گهرجي، نه ته هو پنهنجو گروپ مير بنده علي خان وغيره سان ٺاهي، زوريءَ به ڪا جاءِ وٺندو. انهيءَ وچ ۾ سنڌ جي الهندي گوشي کان هڪ سنهي، چالاڪ نوجوان جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، جنهن جو نالو خانبهادر الهه بخش هو. ان سندس بمبئي ڪائونسل ۾ مختلف ڪميٽين تي ڪم ڪرڻ، تجربي، هندو. مسلم لاڳاپي ۽ سر شاهنواز ڀٽي جي دوستيءَ جو حوالو ڏيندي. پنهنجو ڪليم پيش ڪيو، سنڌ جي ڪنهن به جوڙجڪ ۾ هن جي حق کي ريٽڻ ٺيڪ نه ٿيندو. هن انهيءَ نقطه نگاهه کان اپر، سنڌ ۾ اڳي ئي اثر وڌائڻ شروع ڪيو هو، بلڪ نواب شاهه ۾ لاڳاپا قائم ڪرڻ شروع ڪيا هئا. ان کان پوءِ هڪ سيد نوجوان چڱيءَ طرح ڊريس پاتل، بي اي ايل ايل بي اٿي کڙو ٿيو. ان سندس ساداتيءَ فوور سنڌ جي نالي خدمت خلق جي آڌار تي، حق طلبي ڪرڻ شروع ڪئي: ان جو نالو سيد ميران محمد شاهه هو. ان به سنڌ جي جدائيءَ بمبئيءَ ۾ مسلم بلاڪ جي سيڪريٽريءَ هجڻ ۽ پنهنجيءَ لياقت جو حوالو ڏيئي تقاضا ڪئي ته کيس ضرور ڪجهه نه ڪجهه ملڻ گهرجي. ان کان پوءِ، گزدر صاحب پنهنجو انجنيري تجربو، سکر براج جو هلائڻ ۽ پنهنجي بمبئي ڪائونسل جي ڪار گذاري پيش ڪندي چيو ته کيس وسارڻ سراسر غلطي ٿيندي. ان کان پوءِ شيخ عبدالمجيد سنڌي اٿي، مٿين سڀني خواهشمندن کي مخالف ٿي چوڻ لڳو ته اوهين سڀ سرمائيدار گڏ ٿي، ڀانئيو ٿا سنڌ جي مال غنيمت کي ورهائي کڻندو. اوهان کي ائين ڪرڻ نه ڏبو. هن سندس خلافت، ڪانگريس، مسلم ليگ تحريڪن ۽ جيل ۾ وڃڻ جا حوالا ڏنا ۽ ”الوحيد“ اخبار ذريعي ماڻهن ۾ سجاڳي آڻڻ جو ذڪر ڪيو. اوهان سڀني کي گڏجي، سنڌ جي ڀلائيءَ خاطر، خودمطلبيءَ کي ڇڏي، باهمي سمجهوتي سان ڪم ڪرڻ گهرجي نه ته اوهان جا ماڻهن اڳيان پول پڌرا ڪبا ان کان پوءِ ٻه ٽي هندو ڪارڪن اٿيا، جن چيو ته سنڌ جدا ٿي ته ائين نه سمجهو ته سموري طاقت اوهان جي هٿن ۾ اچي ويئي. اسان جا ميمبر اسيمبليءَ ۾ ٽيون حصو آهن. اوهين وڏيرا پاڻ ۾ عهدن تان لڙي اسان جا محتاج ٿيندا، تنهنڪري حڪومت جي واڳ اسان جي هٿ ۾ رهندي، سو اوهان کي اسان سان فيصلو ڪري پوءِ ڪو ڪم ڪرڻو پوندو. اهي حالتون ڏسي مون کي هڪ هاتفي آواز ڪن پيو، جو چئي رهيو هو ته اي سنڌ جا ڪارڪن، خودمطلبي ڇڏي، ملڪ ۽ ماڻهن جي ڀلي لاءِ ڪو پروگرام ٺاهي، سنڌ جي خدمت ڪرڻ شروع ڪريو، نه ته اوهان مان گهڻن جو حشر نهايت عبرتناڪ نڪرڻ وارو آهي. ڪي اليڪشن ۾ ناڪامياب ٿي، کٽي وڃي گوشه تنهائي ۾ ويهندا. ڪي هڪٻئي جي خلاف سازش ڪري، سنڌ جي سياست کي خودمطلبيءَ جو آکاڙو بنائيندا. ڪي باوجود خدمت ڪرڻ جي ، عوام جي خواب غفلت جون دانهون ڪري، وقت گذاريندا. هندو مسلمانن جي خلاف سازشون ڪندا، ته انهن جي ردعمل ۾ مسلمانن جو هڪ فرقو فرقيوار نفرت ڦهلائيندو. نتيجو اهو نڪرندو ته اها ورهين جي محنت کان پوءِ ڪيل آزادي، ملڪ لاءِ آباديءَ جي عيوض بربادي آڻيندي. تاريخ شاهد آهي ته جيڪي ماڻهو اتفاق ۽ خدمت خلق جي راهه کي ڇڏي، خودمطلبين ڪري ورهائجي. خانه جنگيءَ ۾ مشغول ٿي ويا، انهن کان اها مليل امانت کسجي ويندي ۽ وري عبرت ۽ سزا لاءِ کين گهڻو وقت مصيبتن ۾ مبتلا ٿيڻو پوندو. ان آواز کان متاثر ٿي آءُ توکي هي خط لکي رهيو آهيان. اي ميران محمد شاهه مون کي تو ۾ گهڻيون اميدون آهن تون ان نسل جو فرد آهين، جنهن پيٽ سان پٿر ٻڌي خلق خدا جي خدمت ڪئي. جنهن جي ڏاڏي، باوجود خليفه وقت هئڻ جي، نوڪرياڻي گهر ۾ انڪري نه رکي ته متان بيت المال جو پئسو شخصي ڪم لاءِ ڪتب اچي. جنهن جو ڏاڏو حق جي آواز بلند ڪرڻ خاطر ڪربلا جي ميدان ۾ اولاد سان قتل ٿيو، پر ناحق اڳيان سر نه نمايائين ۽ تيرهن سئو ورهين تائين ان جو نسل ماڻهن جي خدا ڪارڻ خدمت ڪندو پئي آيو آهي. سياسي اقتدار حاصل ڪرڻ ۾ جڏهن به اوهان ڪوشش ڪئي آهي، اڪثري ناڪامياب ٿيا آهيو. خدا جي خواهش آهي ته جيڪڏهن اوهين پنهنجن وڏن جي روايت کي قائم ڪرڻ گهرو ته عوام جي ڀلائيءَ ۽ بهتريءَ لاءِ هر قسم جي لالچ ۽ خود مطلبي ڪڍي ڇڏيو. وزيرن ۽ گورنرن مٿان قبا ڪونه اڏبا آهن، خدا جي راهه ۾ بي لوث خدمت ڪرڻ وارن کي اهو درجو نصيب ٿئي ٿو. دنيا ۽ دين ٻيئي هڪ مُٺ ۾ نه ايندا. جيڪڏهن ڀانئين ته تنهنجي سنڌڙي سرسبز ۽ شاداب ٿئي ۽ ان ۾ تنهنجي مرضيءَ مطابق سڌارا ٿين، ته وزارت يا آمارت جي لالچ ڪڍي ڇڏ. بادشاهن کان، بادشاهه بنائڻ وارن، جو درجو وڌيڪ آهي. ”ڪانياري ٻلي، ڪُئي سندي زال“. اهو مثال مشهور آهي. خودمطلبي ٻين کي شايد ڀانءِ پوي، پر توکي نه پوندي. ان طريقي سان هلڻ ڪري، توکي وڏا مرتبا ملڻ وارا آهن. تون سمجهين ٿو ته وزير ٿيڻ سان تون وڌيڪ ملڪ جي خدمت ڪري سگهندين. پر تو کي اها خبر هئڻ گهرجي ته اوستائين تون وزير ٿيندين ئي ڪو نه، جيستائين ڪنهن گروپ سان ملي، اصولن ۽ جي بهتريءَ کي هڪ طرف رکي، ڏي وٺ نه ڪئي اٿئي. مون کي تو ۾ گهڻيون اميدون آهن. انهيءَ ڪم ۾ آءُ توسان ٻانهن ٻيلي ٿي، پويان هلڻ لاءِ تيار آهيان. تو کي الله تي توڪل رکي، ان ڪم ۾ هٿ وجهڻ گهرجي. اهو رازق آهي حال تي موهجي مستقبل کي قربان نه ڪرڻ گهرجيئي. جيئن هيترو وقت ڏکيو سکيو گذران پئي ٿيو اٿئي. تيئن آئيندي به پيو ٿيندءِ. پر قرباني جو خيال ڌاري، ميدان ۾ نڪرڻ گهر جيئي. تون سنڌ جو ”ڪمال“ بنجي سگهين ٿو. بشرطيڪ، بنا مطلب جي گروپ ٺاهي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ کان سواءِ، وزيرن کان پنهنجيءَ ڪي پوزيشن (Key Position) جي عيوض، ملڪ ۽ قوم جا ڪم ڪرائيندين. ان حالت ۾ وزير توکان ڪبدا، تنهنجو نالو ملڪ ۾ مشهور ٿي ويندو. وڪالت مان ئي گهڻي ڪمائي ٿيندءِ. هيءَ اپيل ٻين کي ڇڏي، توکي ان لاءِ ٿو ڪريان ته تو ۾ درويشي جزو ڏسان ٿو ۽ محبت اٿم. هن وقت مالي مشڪلاتن ۾ ذرا آسودي زندگي گذاري جي شوق توکي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي، پر اميد ته تنهنجي حميدت کي جوش ڏيارڻ ڪري تون اڳواڻيءَ جي لائق ٿي پوندي. تو باز ساعد شاهي م مگرز استخوان هماي همت خود را به بلند ده پرواز آخر ۾ خدا جي درگاهه ۾ سوال ٿو ڪريان ته اهو تنهنجي قلب مان ڪمزوري ۽ لالچ ڪوري ڪڍي ۽ توکي سندس صالح بندن جي صف ۾ کڙو ڪري. سائين جي ايم سيد سندس ورسيءَ جي حوالي سان ٿي ماڪ وسي ميخاني تي الطاف ملڪاڻي ۲۵ اپريل ۱۹۹۵ع جي نٽهڻ اُس هئي ۽ سنڌ جي پٿريلي علائقي ۾ سنڌوءَ ڪناري ڀرسان جڏهن سنڌ جي سائينءَ کي لحد ۾ لاٿو پي ويو ته ائين پي لڳو ڄڻ هڪ پل لاءِ زمين پنهنجي محور جي چوڌاري ڦرندي پنهنجي چرپر کي روڪي ڇڏيو هجي ۽ ڪائنات هڪ پل لاءِ پنهنجو ساهه روڪي ساڪت ٿي وئي هجي ۽ اها ئي هڪ گهڙي هئي جو سن جي شهر مٿان اوچتو خبر ناهي ته ڪا ڪڪري ڪٿان آئي ۽ هن به سيد جي موڪلاڻي واري ڏينهن تي پنهنجي ڪجهه لڙڪن جي ڀيٽا پيش ڪئي. اهو منظر هڪ پاسي حيرت ۾ وجهندڙ هو ٻئي پاسي اهو يقين ڏياريندڙ هو ته واقعي هن پاڻ ته ڪڏهن به پيغمبريءَ جي دعويٰ نه ڪئي پر شايد سندس جامي ۾ لڪل ڪو پيغمبري روح ضرور هو. جنهن ڪري ئي ته زندگيءَ ۾هن کي ڪافر، دهريو ۽ نوجوانن کي کاريندڙ انسان چئي ڌتڪاريندڙ ماڻهو به سندس وصال کانپوءِ پيغمبريءَ جو درجو ڏيڻ لاءِ تيار هئا. سنڌ جو سيد، جنهن کي دنيا جي ايم سيد جي نالي سان سڃاڻي ٿي سو سنڌ جي انهن ڇورن ڇنن، ارڏن ۽ ڏنگن ٻارن لاءِ بڙ جي هڪ اهڙي گهاٽي ڇانوَ هو جتي تتل ڏينهن ۾ لُڪن جا ماريل پکي اچي پناهه وٺندا آهن. سنڌ جنهن کي غلاميءَ جي سنگهرن ۾ سلهاڙيئي صديون ٿيون آهن ۽ جيڪا اداس، اٻالي، اٻاڻڪي هئي. انهيءَ کي سيد جي صورت ۾ هڪ اهڙو آئينو مليو جنهن ۾ کيس پنهنجي وڃايل حُسن جو پرتوو نظر پئي آيو ۽ سنڌ امڙ کي اها پڪ آهي ته هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور هن کي پنهنجو وڃايل حُسن واپس ملندو. ها يقينن جيڪڏهن سنڌ جي حسن ۽ جمال کي مادي صورت ۾ ڏسڻو آهي ته پوءِ اسان کي سائين جي ايم سيد جي لکيل ڪتابن ”سنڌي ڪلچر ۽ ديارِ دل داستانِ محبت“ کي پڙهڻو پوندو جنهن ۾ سائين لفظن جي صورت ۾ سنڌ جي حقيقي حسن کي چٽيو آهي ۽ سنڌ جي انهيءَ جوت ۽ جمال کي سيد رڳو سياسي اک سان ڪو نه ڏٺو هو پر هن وٽ لطيف جي فڪر جي اها مشعل هئي جنهن جي روشنيءَ ۾ پنڌ ڪندي سيد اهو محسوس ڪيو هو ته: ”سنڌ جهنگ جبل، نديون ۽ نالا، ميدان ۽ کيت يا رڳو جاگرافيائي ليڪن جي مادي وجود جو نالو نه آهي پر سنڌ جو هڪ ازلي روح آهي ۽ اهو روح ته اُنهي ڏينهن خلقيو ويو هو، جڏهن خالقِ ڪائنات ’الست بربڪم‘ چيو هو ۽ انهيءَ روح کي چٽو ڪرڻ لاءِ جڏهن سيد جي قلم حرڪت ڪئي ته انهيءَ مان ”سنڌو جي ساڃاهه“ جهڙو شاهڪار ڪتاب تخليق ٿيو. سنڌ جي حسن کي ڏسڻ لاءِ سيد سدائين لطيف سائين جو هيءَ بيت پڙهندو هو ته: ”اُپٽيان ته انڌيون، پوريو پرين پسن، آهي اکين، عجب پر پسڻ جي.“ سو جي سنڌ جي ازلي روح جي حسن جو پرتوو پسڻو آهي ته پوءِ سنڌ کي سياست جي ڪڌي ڄار ۽ مادي فلسفن جي اُپٽار کان هٽي ڪري جي ايم سيد جي اک سان ڏسڻو پوندو. سنڌ کي جيڪڏهن ڪو ماڻهو هڪ صوفي، هڪ عاشق ۽ ديواني جي نظر سان ڏسندو ته پوءِ هن کي سنڌ جي مٽيءَ مان اهڙي خوشبوءِ اُٿندي نظر ايندي جنهن جو واس مقتلن کي به مات ٿو ڪري ۽ محبوب جي مرڪن کان به وڌيڪ مٺو آهي. اهو ئي سبب آهي جو لطيف سائينءَ جي ميخاني جي ماڪ پي جڏهن جي ايم سيد سنڌ جي حسنِ ازل جو جلوو پسيو ته هن کان رڙ نڪري وئي هئي هو اڪثر پنهنجي زندگيءَ ۾ هيءَ ٻه فارسيءَ جا شعر ورجائيندو هو ته: ”تنهنجي عشق جي ڏوهه ۾ مون کي ڪهڻ لاءِ مقتل ڏانهن وٺيو پيا وڃن. چؤڏس وڏو شور متل آهي. اي محبوب! تون به ڪوٺي تي چڙهي ڏس ته ڪيڏو نه وڻندڙ نظارو آهي“ يا وري هيءَ شعر ته: ”عرصو ٿيو آهي منصور جو آواز، گم ٿي ويو آهي مان دارورسن کي سجائي. منصوريءَ جي ريت کي ٻيهر جيئارڻ ٿو چاهيان.“ ۽ پوءِ سائين جي ايم سيد انهيءَ منصوريءَ ريت کي عمر ڀر نڀايو ۽ سيد جي ”اناالحق“ جي نعري جي اها گونج هئي جو سنڌ جا نوجوان هن پوڙهي عاشق جي سٽ تي سن جي مچ تي ائين ڳاهٽ ٿيڻ لڳا جيئن ڪنهن مچ تي پتنگا پهه ڪري گڏ ٿيندا آهن. جن لاءِ لطيف سائين فرمايو ته: پتنگن پهه ڪيو، مڙيا مٿي مچ، پسي لهس نه لچيا، سڙيا مٿي سچ سندا ڳچنين ڳچ، ويچارن وڃائيا. سن ۾ ٻاريل سيد جي لاٽ اڄ به سنڌ جي عاشقن کي ائين سڏي رهي آهي جيئن متارن کي موکيءَ جو مٽ سڏيندو هو. سنڌ جو سيد جيڪو هاڻ تاريخ جو اُهو عظيم سچ ثابت ٿي رهيو آهي جنهن کي ڪو به ڪوڙو مؤرخ هاڻ ڪچي مٽيءَ تي لکيل ڪنهن مٽجندڙ تحرير جيان ميٽي نه ٿو سگهي سيد ۽ سنڌ ته درد کي سمجهڻ لاءِ نه ته ڪنهن مارڪس کي پڙهڻ جي ضرورت آهي نه ئي ڪو جدلياتي ماديت جي فلسفي جو ماهر ٿيڻو آهي. سيد جي فلسفي کي سمجهڻ لاءِ نه ته مائوزي تنگ جي تحريرن جو حافظ ٿيڻو پوندو نه ئي فرائيڊ يا سارتر جي خيالن جو پيرو کڻي وجوديت جي بازار گهمڻي پوندي. ها بس جي، سائين جي ايم سيد کي سمجهڻو آهي ته پوءِ سنڌ جي ازلي روح کي سمجهڻو پوندو. جتان لطيف ۽ سچل، سامي ۽ بيدل جي فڪر جا آبشار ڦٽن ٿا. رڳو سکڻي سياسي نعري بازي سان تبديلي ناهي اچڻي. تبديلي لاءِ پنهنجي پاڻ کان ابتدا ڪرڻي پوندي. پاڻ کي هڪ نئين انسان، سجاڳ انسان، باشعور انسان ۾ تبديل ڪرڻو پوندو. سائين جي ايم سيد جو فڪر هڪ نئين سنڌ جي ڳالهه ڪري ٿو. انهيءَ لاءِ سائين جي ٻن ڪتابن ”نئين سنڌ لاءِ جدوجهد“ ۽ ”سنڌ ڳالهائي ٿي“ کي پڙهڻو پوندو. پر رڳو ڪتابن پڙهڻ جي ڳالهه ناهي پر ڪتابن پڙهڻ سان گڏوگڏ سچل سائين جي هنن سٽن تي به عمل ڪرڻو پوندو ته: ”جوگي جگت ڪرتا نهين ڪپڙا رنگا تو ڪيا هوا؟ اپنا اندر رنگتا نهين، ڪپڙا رنگا تو ڪيا هوا؟ قاضي ڪتابان کول ڪي مسئلا پڙهندا غور پڙهتا پر عمل ڪرتا نهين، قاضي بنا تو ڪيا هوا؟ حاجي مديني جا ڪي سجدا ڪيا تو هوا؟ دل ڪا ڪفر ٽوٽا نهين، حاجي بنا تو ڪيا هوا؟ سچل اپني مُک سي، آنسو بها تو ڪيا هوا؟ دل ڪا رونا روتا نهين، آنسو بها تو ڪيا هوا؟ سو ۲۵ اپريل جو ڏينهن ته هر سال اچي ٿو ۽ سائين جي ايم سيد کي به هر سال ياد ڪري ٻه چار لڙڪ ته هارجن ٿا پر جي سيد جي ٻڌايل واٽ تي دل سان عمل نه ٿو ڪجي ته پوءِ ڀلا سنڌ جا درد گهٽجن ته ڀلا ڪيئن گهٽجن؟ جي ايم سيد ڇا آھي؟ مولانا غلام محمد گرامي اي سنڌ جا دانشور فرزند! هن پير مرد تو کي سڀ ڪجهه ڏنو آهي، هن ته تنهنجي سر زمين کي ادب ۽ ثقافت، سنڌي زبان جي قدر قيمت ۽ حب الوطنيءَ جا سبق سيکاريا آهن. تنهنجي روشنيءَ لاءِ، ورهين جا ورهيه، نظربنديءَ ۽ جيل جي هيبتناڪ ۽ گگهه اونداهين ۾، روشنيءَ جي ڪرڻن کي ڳوليندو رهيو آهي، تنهنجي لاءِ هر محاذ تي وڙهندو آيو آهي، پنهنجي عمر جو بهترين زمانو ۽ پنهنجي دولت جو چڱو خزانو، تو لاءِ لٽائي ڇڏيو اٿس. موٽ ۾ تو وٽان مليا اٿس: ڪنڊن جو تاج، لعنت ملامت جي دستار، لعن طعن جي پاکر، ڪفر ۽ الحاد جي فتوىٰ! غداريءَ ۽ مڪاريءَ جا الزام، لادينيءَ ۽ لامذهبيءَ جو بهتان! اي دانشور فرزند! تون ور و رڪري، ان پير مرد جي غلطين کي تفصيل سان ۽ ڪڏهن اشاري ۽ ڪنايئي ۾ ورجائيندو رهين ٿو. ڀلا هن ڪنهن جو ڌاڙو هڻايو آهي، يا ڪنهن جي ملڪيت لٽي آهي؟ هن جو گناهه اهو آهي ته تنهنجي خوشحاليءَ ۽ اعلى تعليم لاءِ پئي پٽڻا پٽيا اٿس. سنڌ سائي رهي ۽ سکي ستابي رهي. سندس رهاڪو، مهذب ۽ متمدن زندگي گذاري سگھن. کين ڍورن ۽ ڍڳن ۾ شمار نه ڪيو وڃي، انسان نه پر اعلى انسان تصور ڪيو وڃي، سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت کي عالم جي امن ۽ سلامتيءَ لاءِ پيغام آهي. اهو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچايو وڃي، ڇا اهو گناهه ڪو گھٽ آهي ڇا؟ ان گناهه جي پاداش ۾ سندس لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو ويو آهي؟ اخبارن ۽ رسالن جا فائل موجود آهن، انهن کي ٻيهر اٿلائي ڏس، اها ڪا گار ناهي جا هن پير مرد کي نه ڏني وئي آهي. پنهنجن ۽ پراون، ڌارين ۽ اڌارن هن لاءِ گھڻو ڪجهه گند مَيو آهي. اي سنڌ جا دانشور فرزند! سياست هڪ شطرنج واري راند آهي. ان ۾ کٽڻ ۽ هارڻ، اڳتي وڌڻ ۽ پوئتي هٽڻ؛ لازمي آهي. اهو ڪهڙو سوار آهي جو گھوڙي تان نه ڪريو آهي؟ اهو ڪهڙو جنگ باز بهادر آهي جو ميدان مان سڄي لڱي موٽيو آهي. رڳو مڙسن جي مڙسيءَ کي ڏسڻو آهي، نتيجي لاءِ ٻيا اسباب به ٿين ٿا. اگر اهي اسباب مهيا نه ٿا رهن ته پوءِ هن جنگاهه ۾ جيت به نه ٿي ٿئي! ڀلا جنهن ماحول ۾ سچ ۽ ڪچ جي تميز نه هجي، ڪوڙ بدوڙ تي هر ڪو سندرو ٻڌيون وتي، عزت ۽ دولت لاءِ ضمير کي وڪڻڻ ڪو عيب نه هجي، ڪرسِيءَ لاءِ لغور، نور وانگر واجهائين. منافقيءَ، خوشامند ۽ ٻچاپڙائيءَ کان سواءِ ٻيو ڪو به اخلاقي جوهر نه رهيو هجي. سارو تلاءُ گندگي سان ڀرجي ويو هجي، اتي ڪا هڪڙي مڇي اَڇي ۽ اجري پاڻيءَ لاءِ پيئي ٻاڏائي، ته پوءِ ان کي به غنيمت سمجھڻ گھرجي. “ڀيلي سان ئي ڀيل، جيسين رتو راس ٿئي!” اي فرزند! اهو پريو مڙس، سنڌ جي هڪ تاريخي تحريڪ جو فرد جوان مرد آهي، اها تاريخ جنهن ۾ دريا خان، مخدوم بلاول، سيد حيدر جهڙا سر ڏيئي سرها ٿيا. ان پوڙهي کي تحريڪ جون خصوصيتون ورثي ۾ مليون آهن. لطيف چيو آهي ته: “پٽيندي سا ئي، جنهن کي سور ٻڌائين سندرا، ٻي هر ڪا ئي، هڻندي هٿ ميار جا.” هن کي به سورن سندرا ٻڌايا آهن، سو پيو پٽي ۽ پاڻ کي پَٽي يا “ اندر جنين اڌ، ڏونگر سي ڏورينديون.” هن جو اندر به اڌ ٿي چڪو آهي، سو ڏونگر پيو ڏوري. اي دانشور! “تو کي سنڌ جو قسم؛ ڇا جي ايم سيد ۾ رڳو عيب ئي عيب آهن؟ منجهس ڪا هڪڙي خوبي به ڪانهي، اگر ڪا هڪڙي به خوبي اٿس ته پوءِ ان تي به نظر رک!” “جي ايم سيد، سنڌ آهي ۽ سنڌ جي ايم سيد آهي.” هي چند لفظ هينئين سين هنڊاءِ. سائين جي ايم سيد اي زمانا اسان جو قبيلو ڪٺو حسن مجتبيٰ اڄ سنڌ ڌرتي جي عظيم محب وطن اڳواڻ جي ايم سيد جي ورسي آهي ۽ اهو ڪيڏو نه سٺو اتفاق آهي ته مون تازو جيڪو هڪڙو انگريزي ناول پورو ڪيو آهي، ان ۾ هڪڙو پورو باب “سائين” جي نالي سان آهي. سنڌو ڪناري هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ جو اهو جھونو جنهن کي هن جا پوئلڳ توڻي گهڻا ماڻهو “سن جو سائين” چوندا آهن. ايئن ته سنڌين جي هر گهر ۾ هر ميل تي هڪڙو سائين ضرور ويٺو هوندو آهي پر هو واقعي به سچ پچ جو سائين آهي، ڄڻ ته اهو لفظ هن کيرٿر جهڙي قديم عظيم ماڻهو لاءِ ٺهيو هو. هل ڙي سنڌي قوم. جيئن مولا بخش لغاري پنهنجي زماني ۾ چوندو هو. اهو زمانو اور هو، هي زمانو اور آ. هاڻوڪي زماني ۾ اهو انگريزي ۾ ناول بينا شاهه جو لکيل آهي. انهي جو انگريزي ۾ نالو آهي “سيزن آف مارٽيرز”. سنڌي ۾ چئبو “رُت شهيدن جي.” مون جڏهن سائين واري باب سميت اهو ناول پڙهي پورو ڪيو ته مونکي انهي ڪتاب تي بينظير جي اڌ لڪل اڌ ظاهر ڳاڙهي رئي واري تصوير ۽ ڪور ڊيزائين تي ان عنوان ڏانهن ور ور ڌيان وڃڻ وقت مونکي پياري حليم باغي جو اهو معرڪته الآرا نظم ياد آيو. بار بار چپن تي رهيو. ڇا ته نظم آ جيڪو پڻ علي الاعلان سيد ڏانهن منسوب آهي ۽ ان جون اهي سٽون ياد آيون؛ اي زمانا اسان جو قبيلو ڪٺو خون ناحق جي ڪنهن سان شڪايت نه آ جي مون کان اوهين ٿلهي ليکي سولي سنڌي ۾ ان انگريزي ناول بابت پڇيو ته منهنجو منظوم موقف حليم باغي جو اهو نظم آهي. گهڻا ڏينهن ٿيا جڏهن منهنجي هڪڙي اسڪالر دوست حليم وٽ وڃي سندس انهي نظم کي ريڪارڊ ڪيو هو، تنهن کي مون اردو ۾ ترجمو پڻ ڪيو هو. هاڻ اهو اردو ۽ انگريزي ۾ ترجمو پڻ ڪيل آهي ۽ انٽرنيٽ تي موجود آهي. پر بينا شاهه جو اهو اٽڪل ٻه سو اسي صفحن واري انگريزي فڪشن ۾ ناول رڳو سيد جي ڪهاٹی ناهي. پر اها سنڌ جي ڪھاڻي آهي. سنڌ ۽ سنڌين جي ڪهاڻي. هونئن ته ڏکڻ ايشيا ۾ انگريزي ٻولي جا فڪشن نگار، ناول ۽ ڪهاڻي گهڻو ڪري سيپٽمبر ٻه هزار هڪ کانپوءِ واري دنيا جي پس منظر ۾ لکندا آهن، (سواءِ هڪ ٻن ٽن کي ڇڏي) جو اهو ئي سرمو ٻاهر وڪامي ٿو پر بينا شاهه دل کي نه رڳو ڇهندڙ پر دل ٽوڙيندڙ موضوع کنيا آھن. سنڌ ۽ سنڌين کي انگريزي فڪشن جي وسيلي سنڌ کان ٻاهر جي پنهنجي توڻي پرائي (جيتوڻيڪ ليکڪن لاءِ پنهنجو پرائو نه هوندو آهي) پڙهندڙ وٽ پھچايا آھن. اها ڪهاڻي سنڌ ۽ سنڌ جي ڪهاڻي آهي. واقعي به. اها ڪھاڻي جيڪا هن ناول ۾ بينظير ڀٽو کان شروع ٿي بينظير ڀٽو تائين ختم ٿئي ٿي. يعني هن جي ٽائيم سيٽنگ بينظير جي آخري ڀيرو جلاوطني مان واپس اچڻ کان وٺي ڪارساز واري جلوس ۽ راولپندی لياقت باغ ۾ جلسي جي پڄاڻي تي واپسي کان جلسي گاهه مان نڪرڻ واري روٽ وٺڻ تائين آهي، جيڪا ئي اصل ۾ بينظير جي ڪهاڻي جي پڄاڻي آهي. بينظير جي پڄاڻي سان ناول جي اوچتو پڄاڻي ٿي وڃي ٿي. مون سوچيو بينظير جي پڄاڻي ئي اصل ۾ بينظير جي شروعات پڻ آهي ۽ هوءَ واپس اچڻي آهي. سنڌين جو بينظير سان جيڪو عشق آهي، انهي کي لفظن ۾ هن مهل تائين فڪشن ۾ ڪا تصوير ڏئي سگهي آهي ته اها بينا شاهه سندس ان ناول ۾ ڏني آهي. انهي ناول جو مکيه ڪردار هڪڙو ويهه ٻاويهن سالن جو نوجوان علي سڪندر آهي جيڪو هن ناول ۾ سکر جي هڪڙي پير سڪندر پيپلي وڏيري جو پٽ آهي، جنهن جون ٻه شاديون آهن، جيئن سنڌي پير وڏيرا ھاڻ ته مڊل ڪلاسيا، نام نهاد ساڃهه وند ۽ سنڌي سول سوسائٽي جا ميمبر به ڪن ٿا. ٻيو ڪردار سنيتا نالي هندو ڇوڪري آهي، جيڪا علي جي ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڪلاس فيلو آهي، جنھن سان هو پيار ڪري ٿو. علي جو پي پيپلو وڏيرو آ، جنهن جو خاندان وڏي ڀٽي وارن زرعي سڌارن کان سندن زمينون بچائڻ ڪاڻ پي پي پي جو حمايتي ٿيو هو. جن جي گهر ۾ سر شاهنواز ڀٽو ايندو هو. جڏهن ته سر شاھنواز ڀٽي جي ٻي زال لکي ٻائي ذوالفقار علي ڀٽي جي والده جي مٿس اثر سبب غريبن جو حامي پڻ ٻڌايو ويو آ. نوجوان علي جيڪو هڪ خانگي نيوز چينل ۾ ڪم ڪندي ٻڌايو ويو آهي، تنهن جي بنيادي ڇڪتاڻ سندس پيءُ سان آهي جيڪو ٻارنهن سالن جي عمر ۾ کيس ۽ سندس ماءَ ۽ ڀاءُ ڀيڻ کي ٻي عورت سبب ڇڏي وڃي ٿو. اوهان سمجهندا ته ڪو هي ناول ڪنھن ٽي وي سوپ اوپيرا وانگر آهي. نه هر گز. ناول جي ڪهاڻي پراڻي ۽ صوفين واري سنڌ سان شروع ٿئي ٿي. اها سنڌ جيڪا جڏهن نيپيئر فتح ڪري ٿو. بينا شاهه شروعاتي باب ۾ اهڙي سنڌ جي تعريف هن ريت ٿي ڪري.. “سموري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جي مقبرن ۾ صوفي اوليا پوريل آهن. جن جا جسا سنڌ جي واريءَ ۾ ملي هوائن ۾ ٽڙي پکڙي ويا، جيڪي ويڙهاڪن جي دلين ۾ باهه ٻاريندا رهيا آهن، جيڪا هڪڙي ڏينهن سنڌ مٿان انگريزن جو طوق ٽوڙي ڦٽي ڪندي.” ڪهاڻي جيڪا انهي کان سٺ سال پٺيان هلندي ٽالپرن جي دور ۾ سنڌوندي مان اليگزينڊر برنس جي جاسوسي لاءِ ميرن کان اجازت گهرندي اچي ٿي. ناول جي انهي باب ۾ افسانوي طور مٽياري جو جينئدل شاهه اليگزينڊر برنس جي اچڻ کي روڪڻ لاءِ ٺٽي ويندي بيان ڪيو وڃي ٿو. دلچسپ طور انهي جينئدل شاھ کي انعام بدران ٽالپر حڪمران سندس بکي شينهن آڏو بند ڪمري ۾ اڇلرائي ٿو جو ڪهاڻي موجب جينئدل شاهه جا لاڳاپا ٽالپر حڪمران جي عورت سان آهن. ٻئي باب ۾ پير پاڳاري، جنهن کي سندس مريد ۽ سنڌ وارا سورهيه بادشاهه چون ۽ حرن کي انگريزن خلاف سرگرم ڏيکاريو ويو آهي. هڪڙي انگريزي عملدار جي بيانئي ۾ پير ۽ سندس حرن کي منفي ڪردار ڪري ٻڌايو ويو آهي. ٻيو باب “بادشاهي راند” جي عنوان سان آهي جنهن ۾ پير پاڳاري سان سندس ڦاسي واري رات جيلر شطرنج راند کيڏي پيو، جنهن کان پير سندس ڦاسي واري وقت ۾ چند ڪلاڪ هجڻ باوجود سموريون بازيون کٽيندي ٻڌايو وڃي ٿو. چين سموڪر پير سان شطرنج راند ڪندڙ افسانوي ڪردار جيلر هڪڙي هاري جو پٽ آهي، جنهن جو خاندان ٽنڊو الله يار کان لڏي اچي حيدرآباد شهر ۾ رهي ٿو. جيڪو شطرنج راند شاگردي جي زماني دوران حيدرآباد جي گهٽين ۾ هڪڙي پڙ تي ويٺل ٻن جهونن کان سکي ٿو، مونکي سرفراز چاڙهي وٽ شطرنج کيڏندي اهي جهونا ياد آيا جن وٽ ڪڏهن ڪڏهن مير رسول بخش ٽالپور به ڪار روڪي لهي شطرنج جا ٻه ٻه هٿ ڪري وٺندو هو. سول اسپتال وٽ ته مير صاحب جا روز پنڌ ها. اھو وري هڪڙي ٻئي بادشاه جو قصو آهي. اهو به بينا شاهه ڄاڻايو آهي ته انگريزن سان جنهن وقت حر وڙهي رهيا ها ته ساڻن ڪو سنڌي يعني غير حر گڏ ڪونه هو. سائين وارو باب لاڙڪاڻي جي پهرين خلافت ڪانفرنس سان شروع ٿئي ٿو جيڪا تراب علي شاهه ۽ جان محمد جوڻيجي گهرائي هئي. جنهن ۾ سنڌ ۽ هند جا مولانا آزاد، مولانا عبدالباري فرنگي محلي، شيخ عبدالمجيد سنڌي جهڙا اڳواڻ وڏن عالمن ۽ پيرن توڻي گانڌي جي پيغام کان علاوه جي. ايم سيد پندرنهن سالن جي عمر ۾ شريڪ ٿيو هو، جنهن جي تقرير وڻ وڄائي ڇڏيا هئا. ٻي خلافت ڪانفرنس سن ۾ جي ايم سيد پنهنجي ميزباني ۾ ڪوٺائي هئي. نوجوان، يتيم غلام مرتضيٰ، جنهن جو پيءُ قتل ٿي ويو، جنهن جي تربيت گهر جي عورتن هٿان ٿئي ٿي، جنهن جي گذاري لائق زمين انگريز سرڪار جي ڪورٽ آف وارڊس تحت آهي. پوءِ ڀي گورنر جي مخالت کڻندي خلافت ڪانفرنس جي ميزباني ڪري ٿو. انهي ۾ سيد پنهنجي آجياڻي واري ڳالهه ڪري ٿو ۽ آخر ۾ سندي تقرير جي پڄاڻي جيئي سنڌ سان ڪري ٿو. بينا شاھ جي ناول ۾، بينظير جو افسانوي ڪردار به بڻايو ويو آهي. جنهن ۾ ننڍڙي بينظير حد درجي جي خود سر، ضدي پر پيءُ جي لاڏلي ۽ گهر جي وڏور. ڪهاڻيءَ موجب بي بي کي ناراض ڪندڙ يا روئاريندڙ ملازمن کي سندس پيءُ (جنهن کي پڻ سائين ٻڌايو ويو آ) چهبڪ هڻائيندو هو. هڪڙي ڀيري انهيءَ بينظير کي سندس هڪڙي ملازم ڪار مان لهندي گهوري ڏٺو ته انهي جون سزا ۾ رڙيون هميشه ٻين ملازمن کي ياد رهيون. ناول جي مک ڪردار علي سڪندر جي پنھنجي پيپلي پيءُ سان ڇڪتاڻ سبب ناول جي آخري باب تائين بينظير سان پڻ نفرت رهي ٿي. پر بينظير جي پڄاڻيءَ تي ھو به بينظير سان پڄاڻي تي پهچي شهيدن جي موسم منجهه مليو. جيڪا وڏيرن سان شهري يا لبرل ڪلاس ۾ نفرت آهي، سا بينا شاھ جي بيانئي موجب، وڏيري ڪلاس کي مظلوم ظاهر ڪري ٿي. ته وڏير ايئن ناهن جيئن هنن کي پڻيو ويو آهي. اوهان مان ڪيترا اهو ناول پڙهي اها راءِ قائم ڪري سگهن ٿا ته اهو انگريزي ۾ ناول هڪڙي مٿين وڏيري ڪلاس جي پڙهيل لکيل فرد جي اکين سان جديد سنڌ بابت پنھنجو پرزم آ. بينا شاه جي ناول کي انگريزي جي هڪ ٻئي فڪشن ليکڪ عامر حسين “گريٽ سنڌي ناول” قرار ڏنو آهي. اهو ڪو گهڻو وڌاءُ به ڪونهي. سائين جي ايم سيد ڏکين حالتن ۾ رهنمائي جون راهون ڏيکاريندڙ اعظم ڀٽي تاريخ جي ورق گرداني ۾ اهڙا کوڙ سارا نالا ڳڻائي سگهجن ٿا، جيڪي استحصالي قوتن کان وٺي، سياسي سماجي بي حسي توڙي اسان جي پنهنجي هٿ جي وڍيءَ جو سبب بڻيا. توڙي جو اسان ڀلي کڻي انفرادي يا گروهي طور پنهنجو پاڻ کي آجو سمجهندا هُجون پر اُهي ڪير هئا جيڪي انهن استحصالي قوتن جي بندوق جو ڪُلهو بڻيا، مير جعفر ۽ مير صادق به انگريزن جا ڄاوا ته ڪو نه هئا. اُهي اسان جي سماج جي پيداوار هئا، جن پنهنجي انفرادي ۽ گروهي مفادن خاطر سُڌريل سماجن جو ستياناس ڪري ڇڏيو ته پنهنجي ڪردار تي به هميشه لاءِ لعنتاڻي جي مُهر هڻي ويا. ان جي برعڪس سماج جڏهن مُشڪلاتن جي وَر چڙهندا آهن، معاشرن جو ماحول جڏهن بگاڙ جو گهاڻو بڻجي ويندو آهي، هر طرف افراتفري جون هوائون گهُلڻ لڳنديون آهن، جڏهن احساس لُڇندا ٿا، جڏهن جذبن جو جيءُ جَلندو آهي، جڏهن اکيون ڪنهن مثبت راهه جون منتظر بڻجي وينديون آهن ته بهادر قومي اڳواڻن، مفڪرن، قومي هيرن، رهبرن، ڏاهن، دانشورن جون دُور رس ڳالهيون ۽ وسيع سوچ سان لبريز مقولا باشعور فردن جي ذهنن ۾ ڦِرڻ لڳندا آهن، ان وقت انهن جي وجود جي کوٽ شدت سان محسوس ٿيڻ لڳندي آهي، جيڪي نبض شناس هوندا آهن، جيڪي سماج شناس هوندا آهن، جيڪي معاشري کي درپيش ڏُکين گهڙين ۽ مُشڪل حالتن تي گهِري نظر رکندا آهن، انهن حالتن کي مدِنظر رکي پنهنجا رايا ڏيندا آهن، رهنمائي جون راهون نروار ڪري، مسئلن جي حل جون تدبيرون ڏَسيندا آهن، سماجن کي بدلائڻ لاءِ پنهنجا تجربا ۽ مُشاهدا ونڊيندا آهن، اهي ان خار زار جهنگل کي صفا صاف ڪري باغ بستان بنائڻ واري جُنبش ۾ لڳي ويندا آهن. ڪي ايماندار، اشراف قومي مجنون سياسي زندگيءَ کان بس ڪري گوشه نشينيءَ جي زندگيءَ ۾ به اهڙا گوهر ورهائيندا آهن جو پڙهيل لکيل ماڻهن کي به ڏندين آڱريون اچي وينديون آهن. برصغير جي تاريخ ۾ اهڙا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڪردار هوندا جن جي عملي زندگيءَ، سياسي، سماجي، اخلاقي حوالي سان عام ماڻهن لاءِ هڪ بهترين نمونو ثابت ٿيندي رهي آهي. سائين جي ايم سيد جو ڳاڻيٽو انهن رهبرن ۾ ٿئي ٿو، جيڪي پاڻ متحرڪ هوندا آهن ته سماجن جا رُخ بدلائي ڇڏيندا آهن ۽ جيڪڏهن گوشه نشيني ۾ هوندا آهن تڏهن به معاشرن جي مشڪلاتن جا حل ويٺا ڏَسيندا آهن، جڏهن سموري دنيا کي مذهبي انتهاپسنديءَ جي اڳواٽ خوف جي ڪا خبر نه هئي ته سائين جي ايم سيد ويانا ڪانفرنس ۾ سموري دنيا کي آگاهه ڪيو هو ته اهو امڪاني خوف سموري دنيا لاءِ مٿي جو سُور بڻجي ويندو ۽ پوءِ سڀ پريشاني جي عالم ۾ مٿو ڪُٽيندا رهندا ۽ دنيا ڏٺو ته سائين جي ايم سيد جي دُور رس نظر گهڻا سال اڳي ان صورتحال کي پرکي وڌو هو، هُن ته سرمائيدارانه ۽ جاگيردارانه نظام جي مجموعي نقصانن ۽ هاري ۽ مزدور طبقي جي استحصال وارن قدمن تي، سنڌي قوم جي تاريخي سڃاڻپ واري نُقطي تي راتاهي بابت پنهنجو عالمانه نقطئه نظر ڪيترا ئي سال اڳ چِٽو ڪري ڇڏيو هو. اهڙا کوڙ سارا مامرا هئا جن کي هُن پنهنجي عُقابي نظر سان نه رڳو ڏٺو پئي، محسوس ڪيو پئي پر عام آڏو ان جو کُليو کُلايو اظهار به ڪيو پئي ته پڙهيل لکيل ماڻهن کي انهن خوف خطرن کان لکت ۾ آگاهه به پئي ڪيو. جڏهن مُلڪن، معاشرن ۽ سماجن جون مجموعي حالاتون بِگڙي صفا هٿن مان نڪري ٿي ويون ته هُن اهو به پئي چيو ته؛ ”جڏهن مُلڪن جون حالتون سازگار نه هجن ته پڙهيل لکيل ماڻهن جو ڪم آهي ته گهر جي ڪنهن ڪُنڊ ۾ ويهي تصنيف ۽ تاليف جو ڪم ڪن.“ سائين جي ايم سيد جو اڪثر تصنيف ۽ تاليف جو وارو ڪم انهن ناسازگار حالتن جو نتيجو به آهي ته ان جو چِٽو ثبوت به آهي. سندس سموري سياسي، سماجي، علمي، ادبي جدوجهد مان اهو بخُوبي اندازو ٿئي ٿو ته هُو جتي به رهيو، جنهن به حالت ۾ رهيو، مٿي تي هٿ ڏئي نه خاموش ٿي ويٺو نه مايوسيءَ جي مَم کي پنهنجا گوڏا چَٽڻ جي اجازت ڏنائين. زندگيءَ جو هڪ وڏو عرصو پابندِ سلاسل رهڻ جي باوجود به هُو جڏهن به ٻاهر ٿي نڪتو ته هُن پنهنجي عملي ڪردار وسيلي پنهنجي زبان کان ڪات جو ڪم وٺي، استحصالي قوتن ۽ ڌرتيءَ جي دشمنن کي پئي للڪاريو، جڏهن به قيد ٿي ٿيو ته هُن قلم کي تلوار بڻائي ڌرتيءَ جي دشمنن جا ڇوڏا ٿي لاٿا. اهو ئي سبب هو جو سنڌ ۽ سيد جون مخالف سياسي قوتون ۽ استحصالي ڌُريون جي ايم سيد جي حياتيءَ تائين ٻٽي ڪَرب جو شڪار رهيون، سيد کي قيد ٿي رکيائون تڏهن به پريشان هُيون ته وري کيس آزاد ٿي ڇڏيائون، تڏهن به هميشه ڊپ ۽ خوف ۾ ٿي رهيون. ڪردارن جي اجتماعي ڪاميابيءَ جو ان کان وڏو ٻيو ڪهڙو ثبوت ٿي ٿو سگهي ؟ سائين جي ايم سيد جو سياسي، سماجي، علمي، ادبي ۽ اخلاقي ڪردار ڪالهه به ڪامياب هو ته اڄ به ان ڪردار تي نظرياتي پختگيءَ ۽ بقا جي مُهر لڳل آهي، ڀلي کڻي موجوده وقت ۾ حالتون سندس فڪر ۽ نظريي جي فائدي ۾ نه به هُجن، ڀلي کڻي ڊپ ۽ خوف جون آله ڪار ڌُريون اهو سمجهنديون هُجن ته هنن سيد جي فڪر ۽ نظريي تي خاموشي جي مُهر هڻي ڇڏي آهي، يا سندس نظرياتي پختگيءَ واري جدوجهد جي سفر آڏو رڪاوٽون کڙيون ڪري ڇڏيون آهن پر تاريخ گواهه آهي ته رهبرن، مفڪرن، خيالن جا واهڙ وهائيندڙن، نَوان رستا ۽ دڳ ڏَسيندڙن جي فڪر، فهم ۽ ادراڪ کي سوين سال گُذري وڃڻ کانپوءِ به امرتا ۽ مهانتا ملي آهي، جنهن جي آڏو سموريون رڪاوٽون تاريخ جو ڪچرو ثابت ٿيون آهن. سمورا هٿڪنڊا وقت جي ڌُوڙ بڻجي وِکري ويا آهن. دُولهه دريا خان کي تلوارن جا گهاءُ ڏيندڙ، مخدوم بلاول کي گهاڻي ۾ پيڙهيندڙ، صوفي شاهه عنايت شهيد جو سِر قلم ڪندڙ جو نالو ڪنهن کي به اڄ ياد ناهي پر سنڌ جا اهي سمورا سُورهيه سپُوت نه رڳو تاريخ ۾ زنده ۽ امر آهن پر اُتساهه، همت، حوصلي، جوش ۽ جذبي جو لاثاني مثال بڻيل آهن. سو هي موجوده مشڪل وقت، هي دجالي دؤر ڀلي کڻي استحصالي قوتن جي ڏند ڪڍي کِلڻ جو دؤر هجي پر سڀاڻي جي تاريخ ۾ اُن عذاب واري دؤر جي محرڪن جو نالو به ڪنهن کي ياد نه هوندو. موجوده وقت ۾ جنهن اهم ڳالهه جي ضرورت آهي سا اُها ئي آهي ته سيد جي پوئلڳن کي، سيد جي عاشقن کي، سنڌ ڌرتيءَ سان پيار ڪندڙن کي سيد جي قول تي عمل ڪندي سمورو وقت مطالعي، تصنيف ۽ تاليف تي ڏيڻ گهرجي، انهن کي پنهنجي نئين صف بنديءَ لاءِ رٿابندي ڪرڻ گهرجي. جيڪا رٿابندي مستقل ۾ سنڌ جي سُورن لاءِ مرهم به بڻجي ته سيد جي نظريي جي فتح ۽ ڪاميابيءَ جي علامت به بڻجي اُڀري. Relevance of GM Syed today By Naseer Memon The writer is Chief Executive of the Strengthening Participatory Organization Published: January 17, 2013 GM Syed, often demonized as a traitor by establishment ranks, is among the least understood and most maligned founding fathers of Pakistan. At a juncture of history when the country is in a morass of extremism, militancy and corruption, his relevance in contemporary Pakistan is of great significance. An objective study of GM Syed’s political career proffers certain solutions for the current crisis of the state. He always stood for separation of religion from state affairs and advocated greater autonomy for federating units. The Charter of the Pakistan People’s Organization, which he founded in 1948, envisioned a progressive, democratic country. The party proposed to make the country a ‘union of autonomous socialist republics’. The prescription could have stitched a tenable federation and averted its fragmentation. The party charter also emphasized the recognition of Pakistan as a multi-nation state where historic identities and rights of the constituent nations should be respected. The creation of Bangladesh and the disgruntlement of Baluchistan and Sindh signify the hitherto unresolved riddle. Another relevance of GM Syed’s work is his unambiguous proposition for separation of religion from state affairs. Although Pakistan was created on the basis of the two-nation theory, it is widely believed that, after its creation, the Quaid-e-Azam intended to make it a secular state. Vested interests, however, were reluctant to wean off from religiosity, as it offered a lucrative nexus with global powers. Besides the national leadership, GM Syed also berated superpowers for blending religion with regional politics for their strategic appetite. He delivered a spellbinding speech at the Vienna International Peace Conference in 1952. Addressing delegates from the US and Britain, he deplored American and British efforts to unite Muslims based on their faith which, he felt, engendered serious ramifications. He warned them that patronizing such forces would promote religious extremism and fascism. These words testify the prescience of a maverick. GM Syed’s intellectual contribution was enormous. He bequeathed a treasure trove of over 60 published books and a huge cache of unpublished work. Mostly in Sindhi, his books are a testimony of the history of Sindh and the subcontinent. His landmark books Paigham-e-Latif (Message of Shah Latif) and Jee’aan ditho aa moon (As I witnessed) are especially seminal works of Sindhi literature and politics. In Paigham-e-Latif, he reinterpreted Shah Abdul Latif Bhitai as an icon of the social consciousness of Sindh and not a mere reclusive dervish. His interpretation of Bhitai rediscovered him as a national poet of Sindh, whose message of humanity characterized the soul of the province as an abode of universal peace. Jee’an ditho aa moon provides an unusual comparative analysis of religions and an assault on religious extremism. The book riled clerics prompting them to issue an edict against him. It did not, however, muzzle him and he continued to proselytize his views. For his defiant views, he remained interned for over 30 years. One may repudiate his political views but certainly cannot relegate his commitment to peaceful coexistence, democratic and secular values in politics and rights of nations. All of this is very relevant for today’s Pakistan to make it a tenable state. Note: January 17 is the 109th birth anniversary of GM Syed. Published in The Express Tribune, January 17th, 2013.
ڪامريڊ تاج محمد ابڙو املهه انسان غلام محمد ڪنڀر سنڌ جو نامور اديب، دانشور، جج، سياستدان، سماج سڌارڪ، صحافي ۽ استاد مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۸ آگسٽ ۱۹۲۴ع تي شهدادڪوٽ ۾ ڄائو، شاگردي واري دؤر کان ئي پاڻ سياست ۾ سرگرم رهيا، پرائمري قمبر ۽ سيڪنڊري لاڙڪاڻي مان ڪرڻ بعد ايل ايل بي ڪراچي مان پاس ڪيائين، شاگردي واري دؤر ۾ سياست ۾ سرگرم رهيا. مسلم ليگ، ڪميونسٽ پارٽي، جيئي سنڌ، سنڌ هاري ڪميٽي، نعپ، پيپلز پارٽي سميت سنڌ عوامي اتحاد کان وٺي جيڪا تحريڪ سنڌ جي ڀلي ۽ آجپي لاءِ هئي، انهيءَ ۾ ڀرپور نموني حصو ورتائين. ايشيا جي سڀ کان وڏي ۾ وڏي ادبي تنظيم سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي باني ميمبرن ۾ سندن جو شمار ڪيو ويندو هو. هن لاڙڪاڻي واري اوطاق، سنڌ ۽ هند جي مشهور اوطاق تي سنڌي ادبي سنگت جو اجلاس ڪوٺرايو، ادب وسيلي انقلاب جي ان تحريڪ روشني جو پهريون ڪرڻو لاڙڪاڻي ۾ مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي اوطاق تان اڀريو ۽ پوري سنڌ ۾ ڦهلجي ويو ۽ سموري سنڌ کي جرڪائي ڇڏيائين. پاڪستان کان پهرين مشهوري سنڌي مسلمانن جي واحد اخبار ’الوحيد‘ جو ڪجهه وقت ايڊيٽر رهيو، جنهن پاڪستان جي تاريخ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو، پاڻ قائداعظم محمد علي جناح جي انگريزي اخبار دان جو سب ايڊيٽر پڻ رهيو. لاڙڪاڻي جي سنڌي ۽ اردو اديبن کي ويجهو ڪرڻ ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪيائين ۽ انجمن ترقي اردو پاڪستان لاڙڪاڻي شاخ جو سرگرم ڪارڪن رهيو. لاڙڪاڻي جي تاريخ ۾ اهو ئي سبب آهي جو انجمن ترقي اردو جي عمارت ۾ جيڪا لائبريري قائم ڪيائين، ان جو نالو شاهه عبداللطيف ڀٽائي رکيائين، جيڪا پهرين سندس گهر جي ڀرسان هئي. لاڙڪاڻي جي تاريخ جي سڀ کان وڏي سنڌ جي لائبريري سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريري جو بنياد به مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو رکرايو، جيڪا اپر سنڌ جي واحد لائبريري آهي، جتان هزارن جي تعداد ۾ اڄ به شاگرد اديب ۽ دانشور فيضياب ٿي رهيا آهن. هي لاڙڪاڻي شهر سان لڳو لڳ بقاپور يونين ڪائونسل جو چيئرمين به رهيو، ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي نيوز ڪاسٽر طور به ڪم ڪيائين ته گڏ قمبر هاءِ اسڪول ۾ انگريزي استاد جي حيثيت سان به پنهنجا فرض انجام ڏنائين، پاڪستان جو واحد اڳواڻ هو، جنهن کي ڪامريڊ جو خطاب مليو، هن کان پهريان خان عبدالولي خان، عطاءُ الله مينگل، مير غوث بخش خن بزنجو، اڪبر بگٽي، خير بخش مري، جي ايم سيد، ذوالفقار علي ڀٽو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، مخدوم طالب الموليٰ، حاڪم علي زرداري ۽ ٻين ملڪ جي ناميارن سياستدانن سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي سياست ڪئي، وڏيرا شاهي جي اثر رسوخ رکندڙ ضلعي جيڪب آباد ۾ شيخ المجيد سنڌي، قاضي فيض محمد، جي ايم سيد، غلام محمد لغاري جن جي مدد سان ضلعي ۾ هاري ڪاميٽيءَ جو بنياد وڌو. انهيءَ سلسلي ۾ صدر ايوب خان جي مقابلي ۾ مرڪزي اسيمبلي ۾ هن محترمه فاطمه جناح جو ساٿ ڏنو. سندس جو شمار ۱۹۵۳ع ۾ ڇپيل بايو گرافيڪل انسائيڪلو پيڊيا آف پاڪستان جنهن ۾ پنجن صوبن جي اهم ملڪ جي هڪ هزار وڏين شخصيتن منجهان هڪ قرار ڏنو ويو، انهيءَ کان علاوه پنجاب ڌرتي تان اردو ۾ ڇپجندڙ ڪتاب سنڌ ڪي چند انقلابي دانشور اور عوامي رهنما، جنهن جو ليکڪ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي آهي. ان ۾ سنڌ جي کاٻي ڌر جي ۱۵ اهم شخصيتن منجهان هڪ قرار ڏنو ويو، سندس ادبي هم اثر دوست اياز قادري، انيس انصاري، تنوير عباسي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، نسيم کرل، محمد ابراهيم جويو، جمال ابڙو، رسول بخش پليجو، شيخ اياز، حميد سنڌي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، يوسف لغاري، سوڀو گيانچنداڻي، رشيد ڀٽي، پير حسام الدين شاهه راشدي، پير علي محمد راشدي، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي، هري دلگير درياڻي، سراج ميمڻ ۽ ٻيا کوڙ سارا نالا اچي ٿا وڃن. سندس جي ذاتي لائبريري ۾ هزارين ڪتاب آهن ۽ سنڌ جي وڏين لائبريرين ۾ شمار ڪئي ٿي وئي. سندس اولاد سنڌ جي وڏن اديبن جي صلاح تي لائبريري جا ڪتاب سر شاهنواز لائبريري ۽ سنڌ جي عظيم درسگاهه سنڌالاجي کي عطيي طور ڏنا ۽ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي نالي پويان سنڌالاجي ۾ هڪ الڳ ڪارنر قائم ڪيو ويو آهي، جتي سندن جا يادگار ڦوٽو ملڪ جي وڏي سياسي شخيتن سان ميوزيم ۽ سجائي رکيا ويا آهن. سندن کي سياست سان تمام گهڻو لڳاءُ رهيو. محترمه فاطمه جي ساٿ ڏيڻ تي سنڌ مان پاڻمرادو جلاوطني اختيار ڪيائين. بلوچستان ويو ۽ اتي نعپ جي اڳواڻن جي پناهه ۾ رهيو ۽ بلوچستان جي سردارن جي پناهه ۾ رهڻ دوران انهن کيس ڪوئيٽا ۽ سبي ۾ سرڪاري وڪيل ڪري رکرايو، هن مهل به سنڌ صوبي جو عوام ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي سياسي، سماجي، ادبي، قانوني خدمتن کي مدنظر رکندي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو يادگار ڪاميٽيون ۽ بزم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جا بنياد وجهي سندن جون هر سال سنڌ صوبي ۾ ورسيون ۽ سالگرهون ملهائي رهيا آهن ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سندس جي نالي پويان لائبريريون، روڊ ۽ باغ منسوب ٿيل آهن، اهڙيون شخصيتون زنده قومن جو اهڃاڻ هونديون آهن ۽ نوجوان ٽهيءَ لاءِ مڪمل مشعل راهه هونديون آهن، اهڙن مهمان انسانن جي خدمتن ڪارڻ ئي سنڌ جيئي ٿي ۽ انهن جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي. تاج محمد ابڙو سنڌ جو روشن ضمير قومي ڪارڪن نفيس احمد شيخ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، سنڌ ۾ قومي جاڳرتا لاءِ جاکوڙ واري دلڪش گُلشن جو، هڪ نهايت ئي مَهڪندڙ ۽ شگفته گُلاب جو گُل هو! ۱۹۶۳ع ڌاري، جڏهن مون کي سنڌي ادبي بورڊ ۾ علمي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو، تڏهن اُن زماني ۾ ترقي پسند جديد سنڌي ادب جي تاريخي ترويج سان گڏ سنڌ ۾ قومي جاڳرتا لاءِ جرئتمندانه جدوجهد به پنهنجي عروج ۽ اوج اقبال تي هئي. هڪ طرف ون يونٽ جي سنڌ دشمن قهري نظام ۾ مظلوميت جو دؤر دؤرو هو ته ٻئي طرف بدترين آمريت تي مشتمل ايوب شاهي حڪومت، سنڌ جو ساهه سوڙهو ڪري رکيو هو. گهُٽ ٻُوسٽ جي اهڙي اذيتناڪ ماحول ۾ سنڌ جي سُڄاڻ ۽ باهمت عالمن ۽ محققن، روشن ذهن اديبن ۽ شاعرن، بي باڪ صحافين ۽ ليکڪن جتي ادب ۽ صحافت جي ميدانن ۾ بلند حوصلي سان سنڌ ڌرتيءَ جو پيغام پئي عام ڪيو، اُتي ساڳئي وقت سياست ۽ سماجي سُڌار شعبن ۾ وري نهايت ئي بي باڪ ۽ مخلص قومي خدمت گذارن وقت جي اسٽئبلشمينٽ سان مُنهن مقابلا ٿي قومي جاڳرتا لاءِ پاڻ پتوڙيندي جدوجهد ۽ جاکوڙ سان ڪيئي نوان قابل فخر ڪارناما پئي قائم ڪيا، جن مان تقريباً سڀني اهل دل ڪارڪنن جو تعلق کاٻيءَ ڌُر سان هو. اهڙين نيڪ نام هستين جا مبارڪ نالا اڄ هتي تحرير هيٺ آڻڻ ڄڻ هڪ وڏي شان ۽ شرف وارو خوشگوار فريضو پيو محسوس ڪريان. اول اول سائين جي ايم سيد جي چوڏهينءَ چنڊ شخصيت ۽ اُن کان پوءِ روشن ستارا: شيخ عبدالمجيد سنڌي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، قاضي فيض محمد، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، ڪامريڊ جمال الدين بخاري، باقر شاهه، ڪامريڊ عبدالقادر، ڪامريڊ برڪت علي آزاد، ڪامريڊ نذير حسين جتوئي جلالي، مولانا عزيز الله جروار، ڪامريڊ عبدالخالق آزاد، ڪامريڊ نور محمد پليجو، ڪامريڊ پوهُو، ڪامريڊ عزيز سلام بخاري، محمد صالح عاجز، حفيظ قريشي، علي احمد قريشي، رسول بخش پليجو ۽ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو. (منهنجي خوش قسمتي آهي جو اِنهن سمورين هستين جو منهنجي مٿي تي پيار جو هٿ رهيو.) سنڌي ادبي بورڊ جي بانيڪار جي حيثيت ۾، سائين جي ايم سيد جي رهنمائي ته مستقل طرح هونءَ ئي بورڊ ۾ ڪم ڪندڙ ڪارڪنن لاءِ اُتساهه جو سبب هئي، پر بورڊ ۾ سائين محمد ابراهيم جويي، غلام رباني آگري ۽ مولانا غلام محمد گرامي جهڙن ٽن مخلص ڏاهن جي ”ٽِمورتيءَ“ کي اُن زماني ۾ هڪ خاص ”قومي چقمق“ جي حيثيت حاصل هئي، جنهن جي ڇِڪ ۽ سِڪ سبب سڄيءَ سنڌ جي محب وطن جاکوڙي قومي ڪارڪنن جو رُخ سدائين اِن ”ٽِمورتيءَ“ ڏانهن هوندو هو ۽ اُهي بورڊ کي پنهنجو هڪ ”فڪري مرڪز“ تصور ڪندا هئا. بورڊ ۾ اچي انهن تجربيڪار ۽ سينئر صلاحيتمند دوستن سان ويچار ونڊڻ ۽ صلاح مشورو ڪرڻ سندن معمول جو دستور هوندو هو. توڙي جو عملي ڪم جا موضوع اڪيچار هوندا هئا، پر مقصد جو ”مرڪزي نقطو“ فقط هڪ ئي هوندو هو: ”روشن، خود اختيار ۽ خوشحال سنڌ“. لاڙڪاڻي مان مخلص قومي ڪارڪن ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، گاهي گاهي بورڊ ۾ ايندو هو. جويي صاحب سان ملاقاتون، رباني صاحب سان خيالن جي ڏي وٺ ۽ گرامي صاحب سان طويل ڪچهريون. ياد اٿم ته اهو روح پرور سلسلو ۱۹۶۳ع کان وٺي ۱۹۷۳ع تائين، منهنجي اکين اڳيان جاري رهيو ۽ ڪامريڊ تاج کي ڏسڻ پسڻ ۽ ملڻ جلڻ جا لاتعداد موقعا فراهم ٿيا. سچ! ته سراپا ”اخلاص“ هو. اهڙين ملاقاتن دوران، سائين تاج جي جنهن نمايان خوبين مون کي خاص طرح سان متاثر ڪيو، سا هئي سندس ”ذهانت ۽ سنجيدگي“ (۽ اها به ايتري قدر جو ڪامريڊ مون کي هميشه گهٽ-ڳالهائو محسوس ٿيندو هو) جويي صاحب، رباني صاحب ۽ گرامي صاحب وٽ ڪامريڊ تاج لاءِ غير معمولي طرح، بي انتها احترام هوندو هو ۽ هُو کيس جيءَ ۾ جايون ڏيندا هئا. ان حقيقت مان چٽيءَ طرح سان ثابت ٿيندو هو ته ”گهڙو ڀَريل آهي ۽ خوب ڀريل آهي!“ خاص طرح سان گرامي صاحب وٽ ڪامريڊ جون جيڪي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچهريون جاري رهنديون هيون، تن جو تات-پرج هوندو هو: ”سنڌ جي عظمت جو احساس ۽ سنڌ جي روشن مستقبل لاءِ جرئتمندانه جاکوڙ ۽ جدوجهد.“ ٻئي طرف سائين تاج جو مطمع نظر سندس سنجيده روشن چهري مان پيو بُکندو هو: ”سنڌ جي ڏتڙيل ۽ پيڙهيل طبقن، خاص ڪري هارين جي ڇوٽڪاري لاءِ پاڻ پتوڙڻ ۽ اُنهن جي خوشحال مستقبل لاءِ جَتن ڪرڻ.“ فڪر و نظر جي اها مماثلت ئي کاٻيءَ ڌُر جي مزاحمتي آدرش وادي ٻين قومي ڪارڪنن وانگر ڪامريڊ تاج کي بورڊ ۾ وٺي ايندي هئي. ۱۹۷۰ع ڌاري، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي وفات ٿي. اُن کان اڳ سانده ست سال، شايد ئي ڪا شام اهڙي خالي گذري هجي جو ”هاري حقدار“ پريس ۽ ”حيدر محفل“ (اوطاق) تي منهنجو ڀيرو نه ٿيو هجي. شام جو روزانو، گرامي صاحب ۽ ”ڪراچي هوٽل“ پاڻ ۾ لازم ملزوم هوندا هئا. گڏجي گهران هيٺ لهبو هو ته چند قدمن تي ”حيدر محفل“! (باباءِ سنڌ جي وفات کانپوءِ به اهو سلسلو قائم رهيو.) ڪامريڊ جي وڏي فرزند مظهر حيدر ۽ گرامي صاحب جي دوستي مثالي هئي. ان ڪري ”حيدر محفل“ سدائين گهر وانگر ئي هو. اهڙي پس منظر ۾، سڄيءَ سنڌ جي سمورين آفتاب ۽ ماهتاب هستين کي بار بار ڏسڻ، بار بار ساڻن ملڻ جلڻ، اُٿڻ ويهڻ ۽ سندن خيالن کي ٻُڌڻ جا اڪيچار يادگار موقعا ملندا رهيا. اُتي ڪامريڊ تاج کي ”حيدر محفل“ ۾ باباءِ سنڌ وٽ، هڪ مستقل عقيدتمند جي حيثيت ۾ مون گهڻو ڏٺو ۽ خوب ڏٺو. دستور موجب، ڪامريد وٽ سائين تاج لاءِ جيءَ ۾ جايون هيون ۽ باباءِ سنڌ سندس ججهي عزت ڪندو هو. مون کي ياد آهي ته جتوئي صاحب جي وفات کانپوءِ به سائين تاج حيدر محفل تان ڀيرو ڪو نه ڀڳو ۽ سندس فرزندن مظهر حيدر وٽ گاهي گاهي سندس اچڻ پيو ٿيندو هو. ان طرح گرامي صاحب، ڪامريڊ غلام حسين سومري، ڪامريڊ عبدالمجيد لغاري ۽ ٻين هاري ڪارڪنن سان سندس محبت جو رستو قائم رهيو. ان ڳالهه مان ثابتي ٿي ملي ته ڪامريڊ تاج کي ”هاري ڪاز“ لاءِ هڪ مستحڪم ۽ مڪمل ”ڪمٽمينٽ“ هئي، جنهن تي هُو سدائين ڪاربند ۽ پختو رهيو. اڳتي هلي جڏهن ۱۹۷۳ع ڌاري بورڊ جون آفيسون شهر مان شفٽ ٿي، ڄامشوري ۾ قائم ٿيون ته اديبن، شاعرن ۽ قومي ڪارڪنن ۽ بورڊ جي وچ ۾ ڪجهه ماٺائي ۽ فرق پيدا ٿيا. جويو صاحب بورڊ ۾ نه رهيو ۽ گرامي صاحب جهان ڇڏيو. بدليل ماحول ۾، بورڊ به تبديل ٿيل رُخ اختيار ڪيو. سائين تاج وري بورڊ ۾ ڪڏهن نظر ڪو نه آيو. ڪامريڊ تاج سان آخري ملاقات ياد اٿم، لاڙڪاڻي ۾ سندس اوطاق تي سندس يادگار دعوت ۽ علمي ڪچهري شايد ۱۹۷۴ع جو سَن آهي، جو محمد علي جوهر آل سنڌ ادبي ڪانفرنس ۽ شاعري جو انتظام ڪيو هو. ٻن ڏينهن جي ان يادگار اجتماع کان پوءِ، گرامي صاحب کي سندس عقيدتمند ۽ نامياري محقق ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ، وڏيءَ سڪ سان پاڻ وٽ ٽِڪايو ۽ ڏاڍي خدمت ۽ خاطرداري ڪيائين. دعوتن جي ان سلسلي ۾ هڪ شام ڊاڪٽر شيخ عبدالقيوم ”طراز“ چانهه پارٽي ڪئي ۽ ڪامريڊ تاج پنهنجي اوطاق تي هڪ شاندار ضيافت جو اهتمام ڪيو. اهو به ياد اٿم ته اُن عشائيه ۾ مڇيءَ جا مختلف ڊشز ۽ خاص طرح بيهَن جو پُلاءُ مکيه اسم هئا. مقامي اديبن شاعرن سان گڏ سائين تاج پنهنجا دوست عبدالرزاق سومرو، چاڪر علي جوڻيجو، پروفيسر عبدالمنان چانڊيو، عبدالحق سولنگي ۽ ڪامريڊ جمال الدين بخاري به سڏيا هئا. ڪامريڊ تاج جهڙي عُمدي ڊنر کارائي، وري اهڙي ئي شاندار علمي ڪچهري به برپا ڪيائين. سندس محبت آفرين وسيع دسترخوان، وسرڻ جو ناهي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صحيح معنيٰ ۾ هڪ اهلِ دل ۽ روشن ضمير ”سنڌ سڄڻ“ مخلص قومي ڪارڪن هو، جنهن جي سيني ۾ قدرت واري سنڌ جي خوشحاليءَ لاءِ هڪ مستقل تڙپ واري دردمند ۽ پُراُميد دل رکي هئي. تاج محمد ابڙو مرحوم منهنجو هم پيشه، هم مشرب ۽ همراز محمد ابراھيم جويو انگريزيءَ جي مشهور چوڻي آهي ته “مئن ازنون فرام دي ڪمپني هي ڪيپس.” مطلب ته “ماڻهو سڃاپجي ٿو سندس سنگت مان.” تاج محمد ابڙي جي سنگت ۾ سائين جي ايم سيد، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، شيخ اياز، شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کان وٺي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، پير حسام الدين راشدي، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، حفيظ قريشي، ضاضي فيض محمد، جمال الدين بخاري، برڪت علي آزاد، مولوي نذير حسين سنڌي، رشيد ڀٽي، گوبند مالهي، نسيم کرل، ڪيرت ٻاٻاڻي، هري دلگير درياڻي، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، سراج الحق ميمڻ حميد سنڌي، نور الدين سرڪي ۽ ٻيا سندس دور ۽ عمر جا ڪيئي مڻيادار، محبتي، ڀلارا ۽ ڀلمانس ڳڻيا وڃن ٿا، انهن مان گهڻن سان ۽ خود ساڻس سڌو سنگ منهنجو به رهيو آهي، ۽ انهن مان ڪيترن ئي ٻين سان نياز مندي جو شرف مون کي به نصيب ٿيل هو. پاڻ جڏهن صديءَ جي چاليهن وار ي ڏهاڪي جي شروع ۾ لاڙڪاڻي مان نڪري ڪراچيءَ پڙهڻ آيا، تڏهن کان وٺي تاحيات منهنجو ساڻس سڌو سنگ رهيو. ۱۹۴۱ع ۾ آءُ بمبئيءَ مان تدريسي تربيت وٺي، بي ٽيءَ جي ڊگري حاصل ڪري موٽيو هئس ۽ اچي پنهنجي مادر علمي سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچيءَ ۾ پنهنجي ماستريءَ جي منصب تي دخلڪار ٿيو هئس. بندر روڊ تي، سعيد منزل جي ڀرسان، حاجي چانڊو بلڊنگ ۾ هڪڙو فلئٽ مسواڙ تي وٺي، اسين پنج ڄڻا، دادو ضلعي جا ويٺل ٽي، سنڌ مدرسي جا ماستر حاجي خان لغاري، شير محمد راهوجو ۽ آءُ، ڪراچي لوڪل بورڊ جو اڪائونٽنٽ ڪلارڪ عبدالرحمان سومرو ۽ پنجون سکر ضلعي جو ويٺل جنرل پوسٽ آفيس ڪراچيءَ جو ڪلارڪ ڌڻي بخش دايو صاحب ان فليٽ ۾ رهائش ڪلب ٺاهي، ٿانيڪا ٿيا ويٺا هئاسين. هڪ ڏينهن محمد صالح مشوريءَ نالي خيرپور ناٿن شاهه جو هڪ جوشيلو اڌڙوٽ عمر جو همراهه حاجي خان لغاريءَ جو مهمان ٿي، اسان وٽ آيو. پاڻ فوج جي ڪنهن آفيس ۾ سينيئر ڪلارڪ هو. ڏاڍو ٿي ڳالهائين. ڪافي ڪي احوال هئس. آءُ پاڻ جيڪو بمبئيءَ مان پارٽيءَ جي باني اڳواڻ، ڪامريڊ ايم اين راءِ جا لکيل انگريزي مضمون پڙهي آيو هيس، سو محمد صالح مشوريءَ جي ملڪي ۽ عالمي ڳالهيان ۾ وٺجي ويس. ڳالهين ڳالهين ۾ هن مون کي ڪامريڊ برڪت علي آزاد جو ترجمو ڪيل سنڌي ڪتاب جو “نوجوانن” ڏانهن ۽ اصلي پرنس ڪروپاتڪن جو روسي زبان ۾ لکيل ۽ پوءِ انگريزيءَ ۾ آيل، ڪڍي ڏنو. ۽ پڻ علامه عنايت اللھ مشرقيءَ جي اردو ڪتاب “تدڪره” جو ڏاڍن دل لڀائيندڙ لفظن ۾ ذڪر ڪيائين، جيڪو ٻئي ڏينهن مون وٺي اچي پڙهڻ شروع ڪيو. نوجوانن ڏانهن ڪتابچو ته پهرين ڏينهن يڪساهي پڙهي پورو ڪيم. اهو ڪتابچو پهرينءَ ئي پڙهڻيءَ ۾ منهنجي دل ۾ ائين ويهي ويو، جو عمر ڀر منهنجو اهو بنهه ڄڻ “بائيبل” بڻجي ويو. علامه مشرقيءَ جو “تذڪره” ۽ جيڪو مذهب الاسلام جو سندس پنهنجو علقمنداڻو تعبير Rational interpretation سان رستي ۾ پڙهيم ۽ ان جي انيڪ معقول ڳالهين مان هڪ ڳالهه منهنجي ذهن تي پائدار اثر ڪيو. ڪنهن جو نالو عبداللھ هجي ۽ ٻئي جو گوپالداس وغيره! انهن ڏينهن ۾ ڊي، جي، سنڌ، ڪاليج، اين اي ڊي انجنيئرنگ ڪاليج، شهاڻي لاءِ ڪاليج جي مسلمان شاگردن دادو ضلعي جي شيخ انصاريءَ ۽ ٿرپارڪر جي ضلعي مان عبدالستار شيخ (۽ ٻين) مسلم ليگ ڏانهن مائل، “سنڌ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن” ٺاهي هئي، اهي ٻيئي ڄڻا هڪ ڏينهن اسان جي ڪلب ۾ اچي نڪتا، ساڻن گڏ تاج محمد ابڙو به هو. جنهن کي ان ڏينهن مون پهريون ڀيرو ڏٺو هو. ٽنهي مان تاج محمد ابڙو مون کي ڳالهين ۽ مامرن جي تور تڪ ۽ ڇنڊڇاڻ ۾ وڌيڪ چست ۽ باخبر لڳو. ويندي ويندي هن کي مون محمد صالح مشوريءَ وارو ڪتابچو پڙهڻ لاءِ ڏنو. ٻئي ڏينهن هو هلي مون وٽ آيو، پر ڪتابچي جي تاثر ۾ مونکي هو بنهه سرشار ڏسڻ ۾ آيو، اهو ڏينهن ۽ سندس سڄي عمر پوءِ، اسين ٻيئي هڪٻئي جي سنگ ۾ ائين گڏ رهياسين جيئن يڪ ڪالب دو جان، ۽ اڄ به جڏهن هو پنهنجي ياد ۾ هو مون سان گڏ آهي. ۱۹۴۷ع تائين جيسين هو ڪراچيءَ ۾ پنهنجي تعليم ۾ جتيل هو، خاص ٻيا ٻه ڪتاب به مون هن کي سعيو ڪري پڙهڻ لاءِ ڏنا، هڪڙو ڪامريڊ ايم اين راءِ جو ڪتاب The Historical Role of Islam جنهن جو تن ڏينهن مون سنڌي “اسلام جو تاريخي ڪارنامو” نالي سان ڪيو هو ۽ ٻيو منهنجو پنهجو ۱۹۴۷ع ۾ شايع ڪيل انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب “Save Sindh save the continent from feudal lords capitalists & their communication” (سنڌ بچايو وڏو کنڊ بچايو. جاگيردارن ۽ سرمائيندارن ۽ سندن فرقيوار گهوٽالن کان)، جنهن جي سزا ۾ مون کي سنڌ مدرسي مان پنهنجي ڏهن سالن جي نوڪريءَ تان هٿ کڻڻو پيو هو. پر ماڻهوءَ جو سنگ رڳو ماڻهن سان نه پر ٻين شين سان پڻ تاحيات جڙجي ٿو ۽ جتيو رهي ٿو. مثال طور ڪتابن سان تاج محمد ابڙي ۽ منهنجو ٻيو سنگ ڪتابن جي ڌاڳي سان ڳنڍيل هو. ان جو هڪڙو مثال اهو آهي، جو انهن ڏينهن ۾ ٿنڪرس لئبرريءَ جي سلسلي جا انگريزي ڪتاب ولايت مان ڇپجي، سڄي دنيا ۾ شايع ٿيڻ لڳا هئا، ۽ سنڌ ۾ به اچڻ لڳا هئا. قيمت اهي اٺ آنا في ڪتاب، وڌ ۾ وڌڪ روپيو به ۽ جيستائين ۱۹۴۷ع تائين تاج محمد ڪراچي ۾ رهيو ۽ پوءِ به جيستائين انهن ڪتابن جو سلسلو جاري رهيو تيستائين اسين ٻيئي پاڻ ۾ انهن ڪتابن جي عشق ۾ ڀائيوار رهياسين، تان جو جڏهن پاڻ ۱۹۸۵ع ۾ نوڪريءَ تان رٽارئڊ ڪيائين تڏهن ٻنهي پاڻ ۾ ٿنڪرس لئبرريءَ جي ڪتابن جي لسٽن جي ڀيٽا ۽ مٽاسٽا ڪري ڏٺوسين ته مون وٽ ٽيهارو کن اهي ڪتاب موجود هئا ۽ وٽس به ڪجهه اوترا ئي هئا. ايئن ٻيا اهڙا منهنجا دوست مثال طور شيخ اياز، جمال صديقي، ڊاڪٽر نجم عباسي، سوڀو گيانچنداڻي ۽ ٻيا وقت بوقت هڪٻئي سان فخر ۽ خوشيءَ ۾ ڀرجي انهن بابت پيا حالي حوالي ٿيندا هئاسين. ٻيو سنگ ماڻهو جو ماڻهن سان زندگيءَ جي ڪن اهڙن مامرن جي حوالي سان پڻ ڳنڍجي ٿو ۽ محڪم بڻجي ٿو. مثال طور هم پيشگيءَ جو سنگ جيئن مون شروع ۽ آخر تائين ماستري ڪئي ته تاج محمد ابڙي به شروع ۾ سهي پر ماستري ضرور ڪئي! هيءُ ماستري جو، استاديءَ جو منصب به منهنجي تجربي ۽ مشاهدي ۾ اهڙو لڳڻو ۽ نه ڇڏڻو پڪو ۽ پختو رنگ ٿئي ٿو. جو ٿوري مدت ئي هجي پر ماڻهن جي طبيعتن کي سڄي عمر جي سڃاڻپ ۽ ساڳيائپ ڏيئي ٿو ڇڏي. ماستري، استادي، يعنيٰ سکڻ ۽ سيکارڻ، پڙهن ۽ پڙهائڻ، پنهنجي پورهئي مان پرائڻ ۽ پراپت ڪرڻ ۽ پوءِ سڀڪجهه ڏيئي ڇڏڻ جو اتساهه مون تاج محمد ابڙي ۽ منهنجن اهڙيءَ طبعيت رکندڙ سڀني ساٿين، سنگتين ۽ دوستن ۾، پاڻ کان چار رتيون ڪثر موجود ۽ عمل پيرا ڏٺو. پنهنجي پنهنجي پيشي جي سان لاڳاپيل فرض ادائي جي دائري ۾ ۽ ان کان ٻاهر زندگيءَ جي ٻين عام معاملن ۾ به، هن سر گهور ۽ من اڇل جي عادت کي پنهنجي من ورونهن ڪري ڇڏڻ کي اعليٰ اديبن، شاعرن، فنڪارن، استادن ۽ پڻ اعليٰ مقصدي سياست ۽ پبلڪ توڙي پرائيويٽ سروس جي دائري ۾ ماڻهو جي چاهي ته پنهنجي خاص سڃاڻپ بڻائي سگهي ٿو. ان لاءِ سڀ کان وڌيڪ ماڻهوءَ جو سنگ، فرد (Individual) جي حيثيت ۾، پنهنجي پاڻ سان، پنهنجي ذهن ۽ ضمير سان، پنهنجي مقصد حيات سان هئڻ لازم آهي. ائين ماڻهوءَ لاءِ تڏهن ئي ممڪن آهي، جو هو پاڻ کي پاڻ ڏانهن ذميدار، پاڻ وٽ جوبداه، سمجهي ۽ سو تڏهن ٿيندو جڏهن اوتري قدر پاڻ کي هو آزاد به ڄاڻي. ماڻهو ڪروڙين صدين ۽ لاتعداد جڳن کان ان آزاديءَ جي احساس ۽ ماڻهن لاءِ پنهنجي ڪائناتي آسپاس سان برسر پيڪار رهيو آهي، ۽ پنهنجي فطري عقل جي آڌار تي پنهنجي ان تخليقي جدوجهد ۾ همه تن ومن مصروف پڻ رهندو آيو آهي. تاج محمد ابڙي مرحوم ۽ منهنجي سنگ سڄي عمر انهيءَ اتساهه ۽ امنگ تي هم آواز ۽ اهڙي مقصد ۽ مشرب جي همراز هجڻ ۽ رهڻ تي پڻ قائم رهيو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو منير چانڊيو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب، سنڌ جو هڪ محب وطن ۽ انسان دوست اديب، سياستدان، صحافي، استاد ۽ سماج سڌارڪ هو. جنهن سنڌ ۾ پورهيت، مظلوم ۽ محڪوم عوام جي حقن لاءِ ۽ جاگيرداراڻي ۽ طبقاتي نظام جي ظلم، جبر، ڏاڍ، ڏهڪاءَ ۽ ٻين سمورين بڇڙاين جي خلاف جدوجھد ڪئي. هن سنڌ ۾ علمي، ادبي، سياسي، سماجي ۽ قومي نئين سجاڳيءَ لاءِ ۽ سماجي انصاف ۽ برابريءَ لاءِ پنهنجو پاڻ ارپي ڇڏيو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۲ آگسٽ ۱۹۲۴ع تي لاڙڪاڻي ضلعي جي هڪ زميندار قادر بخش خان ابڙي جي گھر ۾ پيدا ٿيو. اولاد ۾ سڪيلڌو پٽ هو. اڃا ننڍو ئي هو ته سندس والد گذاري ويو. جنهن کان پوءِ مٿس وڏيءَ ڀيڻ ۽ ڀيڻيوي جي شفقت ۽ محبت رهي. سندس ڀيڻيوو محمد عثمان ميمڻ هڪ پوليس آفيسر هو، جنهن کي پنهنجي اولاد نه هئي، ان ڪري هن کيس پنهنجي اولاد جيئن پاليو ۽ پنهنجين محبتن جو مرڪز بڻائي ڇڏيائينس. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي صاحب پنهنجي ابتدائي تعليم، پنهنجي ان ئي عالم فاضل ڀيڻ وٽان پرائي، جيڪا سنڌيءَ سان گڏ فارسيءَ جي به سٺي ڄاڻو هئي. پرائمري تعليم قمبر مان حاصل ڪيائين. جنھن بعد گورنمينٽ هاءِ اسڪول قمبر ۾ داخل ٿيو، جيڪو ان وقت پنهنجي تعليمي معيار جي ڪري گھڻو مشهور هو، جتي ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ۽ ٻيا ڪيترا ئي ناليوارا سياسي ۽ سماجي اڳواڻ ۽ اديب تعليم پرائي چڪا هئا. سندس ڀيڻيوي جي پوليس کاتي ۾ نوڪري هجڻ جي ڪري، مختلف شهرن ۾ بدلي ٿيندي رهندي هئي. ان ڪري هن قمبر هاءِ اسڪول جي هاسٽل ۾ رهي ترتيب سان تعليم پرائي. ان کان پوءِ هن مدرسه هاءِ اسڪول ۾ سيڪنڊري تعليم حاصل ڪئي، ۽ وڌيڪ تعليم پرائڻ لاءِ ڊي. جي ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخل ٿيو. ڪراچيءَ ۾ رهندي هو ريڊيو ڪراچيءَ تي نيوز ڪاسٽر مقرر ٿيو ۽ ڪيتري ئي وقت تائين پنهنجي وڻندڙ، صاف ۽ گونجدار آواز ۾ خبرون پڙهندو رهيو. ڪراچيءَ مان واپسيءَ کان پوءِ ميونسپل هاءِ اسڪول قمبر ۾ انگريزيءَ جو استاد مقرر ٿيو، پر سندس شخصيت کي اهو شعبو راس نه آيو. بعد ۾ ڪراچيءَ مان ايل ايل بي ڪرڻ کان پوءِ، لاڙڪاڻي ۾ وڪالت ڪرڻ شروع ڪيائين. ڪجهه وقت کان پوءِ اسسٽنٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر ۽ پوءِ ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر مقرر ٿيو. انهيءَ عرصي ۾ هو سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪيترن ئي شهرن ۾ بدلي ٿي، پنهنجا فرض سرانجام ڏيندو رهيو. هر هنڌ، قانون جي گھري ڄاڻ جي ڪري، پنهنجو اهڙو ڌاڪو ڄمائيندو رهيو، جو کيس ان جي ڄاڻ جي ڪري ۱۹۷۲ع ۾ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشنس جج بڻايو ويو. ۱۹۷۸ع ۾ ترقي ڪري ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشنس جج مقرر ٿيو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي شادي، بيگم حاڪمزادي ميمڻ سان ٿي. جنهن مان کيس چئن نيڪ نياڻين ۽ پنجن پٽن جو صالح اولاد ٿيو. سندس وڏي نياڻي خالده ابڙو آهي، جنهن گريجوئيشن تائين تعليم حاصل ڪئي. سندس شادي محمد صديق ميمڻ سان ٿي، جيڪو ڀان سيد آباد جو زميندار آهي ۽ گذريل بلدياتي اليڪشن ۾ ناظم پڻ رهيو آهي. سندس ٻي نياڻي ڊاڪٽر عابده ابڙو آهي، جيڪا سر ڪائوسجي جھانگير انسٽيٽيوٽ آف سائيڪياٽري حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر آهي. سندس شادي ڊاڪٽر نجيب ميمڻ سان ٿي، جيڪو لياقت يونيورسٽي آف هيلٿ اينڊ ميڊيڪل سائنس ڄامشوري ۾ پروفيسر آهي. سندس ٽئين نياڻي شاهده پروين آهي، جيڪا سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي ۾ حيدرآباد ريجن جي پرائيويٽ اسڪولس ۽ ڪاليجز جي ڊپٽي ڊائريڪٽر آهي. هن جي شادي ڪوآپريٽيو هائوسنگ سوسائٽي جي رجسٽرار ساجد سرهيي سان ٿي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي چوٿين نياڻي سنڌ جي نوجوان شاعره، ڪالم نويسه ۽ مهراڻ ٽي وي جي عورتن جي پروگرام ’بنتِ هوا‘ جي ميزبان زاهده تاج ابڙو آهي. هوءَ حيدرآباد جي هڪ گرلس هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ مسلم هسٽري مضمون جي سبجيڪٽ اسپيشلسٽ آهي. سندس شادي ڊاڪٽر محمد اسماعيل ميمڻ سان ٿي، جيڪو سول اسپتال حيدرآباد ۾ ايڊيشنل ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ آهي. ان کان پوءِ سندس صالح پٽن ۾ سنڌ جو نوجوان ڪالم نويس ۽ اديب مير نادر علي ابڙو آهي. جيڪو سنڌ جي ۵۰ کان مٿي معروف ۽ ڪُنڊائيتن شخصيتن ۽ ايتري ئي تعداد ۾ ٻين سماجي ۽ ادبي موضوعن تي لکي چڪو آهي. جيڪو اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ سرڪل آفيسر آهي. ان کان پوءِ سندس ٻيون پٽ حيدر علي ابڙو آهي، جيڪو لاڙڪاڻي ۾ وڪالت ڪري ٿو. سندس ٽيون پٽ گوهر علي ابڙو گورنمينٽ ڪاليج مٽياري ۾ پوليٽيڪل سائنس مضمون جو ليڪچرار آهي. سندس چوٿون فرزند مظهر علي ابڙو آهي، جيڪو ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جو ڊپٽي ڊسٽرڪٽ اٽارني آهي. سندس آخري فرزند ذوالفقار علي ابڙو آهي، جيڪو پڻ لاڙڪاڻي ۾ ئي وڪالت ڪري ٿو. ان مان چڱيءَ ريت معلوم ٿئي ٿو ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙي صاحب، پنهنجي ٻارن جي تعليم ۽ تربيت تي خاص ڌيان ڏنو. جيئن جيئن ڪامريڊ جي شخصيت جا علمي، ادبي، سياسي، صحافتي ۽ سماجي پاسا وڌيڪ نروار ٿيندا ويندا، ساڻس بي پناهه محبت ۽ احترام پيدا ٿيندو ويندو. هو پنهنجي سوچ ۽ عمل ۾ ڏاڍو نرالو انسان هو، ۽ سندس سنڌ ۽ سنڌي قوم جي نجات لاءِ جدوجھد ته غير معمولي هئي، پر سندس ذاتي سڀاءُ ۽ طبعيت جي وڏائي به ڏسڻ ۽ خراج تحسين پيش ڪرڻ جي لائق آهي. ڊاڪٽر اياز قادري لکي ٿو ته: تاج محمد کي شاگرديءَ واري زماني ۾ اخبار ڪڍڻ جو ڏاڍو چاهه هو. ان بابت مون سان صلاح ڪندو هو. مان هميشه چوندو هيومانس؛ ”تيل کانسواءِ ڏيئو نه ٻرندو. پاڻ تڪڙا ماڻهو آهيون، پيٽ ئي مشڪل سان ٿا پاليون. اخبار جي عياشي نه ڪري سگھنداسين. هن ڪجهه پئسا پاڻ ۽ ڪجهه پئسا دوستن کان هٿ ڪري ’نوجوان‘ نالي سان هڪ اخبار شروع ڪئي. ان جو ايڊيٽر مون کي مقرر ڪيائين.“ ان مٿئين ٽڪري کي پڙهڻ سان گڏ، ڊاڪٽر اياز قادري صاحب جي ئي لکيل هن ٻئي ٽڪري کي پڙهو ۽ ڪامريڊ تاج محمد جي وڏائي ۽ عظمت جو اندازو لڳايو. ”تاج محمد ابڙي جي ڪوشش سان، سال ۱۹۵۶ع ۾ لاڙڪاڻي جي تجر باغ ۾ شاهه عبداللطيف جي ورسي ملهائي وئي. جيتوڻيڪ ورسيءَ جو سڄو سمورو بندوبست هن پنهنجي هڙون توڙي وڙون ڪيو، پر جيڪي دعوت نامه جاري ڪيا ويا سي منهنجي نالي سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت جي حيثيت سان ويا. مان سمجھان ٿو ته لاڙڪاڻي جي تاريخ ۾ ڀٽائيءَ جي اهڙي شاندار ورسي اڳ ڪڏهن به نٿي هئي.“ تنوير عباسي صاحب لکي ٿو ته: ”ون يونٽ جو اونداهو دور هيو. ادب ذريعي انقلاب جي ان تحريڪ جي روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو لاڙڪاڻي ۾ تاج محمد ابڙي جي اوطاق مان اسريو ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ ڦهلجي ويو. .... تاج محمد ابڙو وڪيل هيو پر وڪيل کان وڌيڪ دانشور هيو. ادب، تاريخ، فلسفو سڀ پڙهندو هو. دوستن سان بحث ڪندو هو. هو رڳو پڙهڻ وارو نه هو بلڪ ڪڙهڻ وارو به هو. هاري تحريڪ، نيشنل عوامي پارٽي، سنڌ عوامي محاذ، ۽ بعد ۾ پي پي، مطلب ته جيڪا به تحريڪ سنڌ جي پيڙهيل طبقن جي بحالي ۽ آجپي جي لاءِ اٿي، ان ۾ ڀرپور حصو ورتائين.“ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جو انسانذات سان روح جو اٽوٽ رشتو هو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو پنهنجي زندگيءَ جو سمورو شعوري عرصو غريب ۽ مظلوم، پورهيت ۽ هاري عوام لاءِ عملي جدوجھد ڪندي گذاريو. ھن پنهنجي هڙان وڙان ادبي ۽ صحافتي شعبن ۾ خدمتون سر انجام ڏنيون. محمد ابراهيم جويو صاحب لکي ٿو ته: ”منهنجي نظر ۾ تاج محمد ابڙو انساني معاشري جي هر ڀَلان ڀَل ڀلمانَس وانگر، پنهنجي مثالي زندگيءَ ۾ سڄو شعوري عمر جو عرصو ٽن ڳالهين کان پرهيز ۾ رهيو ــ ذاتي ۽ گروهي حرص هَوس کان، نفرت ۽ وڏائيءَ کان ۽ تاريڪ خياليءَ جي هر مونجھاري ۽ انتشار کان، ۽ خالص ان ٽنهين منفي فڪر ۽ عملي آزار کان آزاد هجڻ سبب ئي سڄو وقت هو سنڌ ۽ سنڌي قوم جي نجات لاءِ عوام دوست قومي انقلاب جي مقصد سان پوريءَ محڪمتا سان واڳيل رهيو.“ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب، شخصي حوالي کان پڻ انتهائي اعليٰ ۽ وڏ ماڻهپي وارو انسان هيو. سائين انيس انصاري صاحب لکي ٿو ته: ”پنهنجي در تي ڪم ڪندڙن جي پيو پرگھور لهندو هو. کين سٺي کاڌي سان گڏ سٺا ڪپڙا وٺي ڏيندو هو. کين سٺي سواريءَ لاءِ سائيڪلون ۽ وقت ڏسڻ لاءِ واچون به وٺي ڏيندو هو.“ اها ڳالهه پڙهي سوچيو ته اڄ جي دور ۾ جتي ڪنهن غريب کي رڳو غربت جي ڪري انسان ئي نٿو سمجھيو وڃي ۽ ساڻس بلڪل نامناسب رويو اختيار ڪيو وڃي ٿو ۽ اهڙا رويا اسان جا ڪيترا ئي نام نهاد اديب ۽ شاعر وغيره پڻ رکندا اچن. اتي هن ماڻهوءَ جو ماڻهپو ڪيترو عظيم آهي. ان ئي حوالي سان سائين انيس انصاري صاحب جون لکيل ٻه ڳالهيون ٻيون به ڏاڍيون اعليٰ آدرشي لڳيون: ”سکر ۾ ابڙي صاحب جي گھر مان چوري ٿي وئي. چور سڄو گھر ٻهاري ويا. چوريءَ ۾ تاج محمد ابڙي جي گھر واري، والده ۽ ڀيڻ جا سونا زيور به شامل هئا. اها چوري پڪڙجي نه سگھي. البته پوليس جڏهن ڪجهه پڪڙيل زيور سڃاڻپ لاءِ سندس گھر آندا ته تاج محمد پنهجي گھر تاڪيد سان چيو ته هو صرف پنهنجا زيور، پنهنجا ڪن. پروان تي هٿ نه رکن. انهن زيورن ۾ ڪو به زيور سندس ڪو نه هو، ان ڪري پنهنجو نه ڪيائون.“ ان واقعي کي پڙهڻ کان پوءِ پڙهي سچ ته ڪيترو ئي وقت هن عظيم انسان جي باري ۾ سوچيندو رهجي ٿو. سندس سچائيءَ تي بي پناهه پيار ايندو رهي ٿو. اڄ جي دور ۾ جڏهن ڪنهن مسجد مان ڪو هيروئني ڪنهن نمازيءَ جي چپل چورائي ايندو آهي ته اهو وري ٻئي جماعتيءَ جي چپل پائي ايندو آهي، پر هن اڏول شخص جي اخلاقي سطح ته ڏسو! گھر آيل زيور موٽائي ڇڏيائين. هينئر جي سوچجي ته اسان مان اهڙا گھڻا ماڻهو اهڙو اخلاقي مظاهرو ڪري سگھن ٿا! هو پنهنجي وصيت نامي ۾ پنهنجي عيال کي هدايت ڪندي لکي ٿو ته؛ ”منهنجا دوست ڪافي آهن، پر هر ڪنهن کي پنهنجا مسئلا در پيش آهن. تنهنڪري انهن کي ڪا تڪليف نه ڏيندا. البته پاڻ ۾ اختلاف يا ڪنهن مسئلي تي سندن صلاح ضرور وٺندا. انهن جي هر وقت عزت ڪرڻ اوهان جو فرض آهي ۽ سندن اولاد سان پڻ تعلق رکڻ جي ڪوشش ڪندا. کانئن ڪڏهن به مالي مدد جي طلب نه ڪندا. ها البت ضرورت وقت اخلاقي مدد ضرور وٺندا ۽ مون کي يقين آهي ته هو ان ۾ پوئتي پير نه ڏيندا. مون تي منهنجا محسن ۽ دوست سدائين مهربان رهيا آهن، جن جو آئون شڪر گذار آهيان.“ سچ ته هن عظيم انسان جو هر عمل بنهه حيرت ۾ وجھندڙ آهي. اسان پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيترن ئي نالي چڙهيل اديبن، شاعرن ۽ ڪامريڊن کي سندن شخصي زندگيءَ ۾ جيترو ننڍڙو ڏٺو آهي، اهو ڪنهن به نوجوان ليکڪ جي مايوس ٿيڻ لاءِ ڪافي آهي، پر ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب الاءِ ته ڪهڙي جُڳ جو ماڻهو هو! لطيف جي سر رامڪليءَ جو ڪو جيئرو جاڳندو ۽ حقيقي ڪردار هو؟ حضرت محمد صلعم جي انساني ڀلائيءَ واري پيغام جو عملي روپ هو؟ يا مارڪس جي پورهيت دوست فڪر جي عمل جو سچو پچو نادر شخص هو! هو اصل ۾ هو ڇا؟ پر يقيناَ هو اهو سڀ هو. نوري ۽ ناري، جوڳيئڙا جھان ۾، ٻري جن ٻاري، آئون نه جيئندس ان ري. (شاهه) تاج محمد ابڙو سندس شخصيت جا مختلف پاسا رئوف نظاماڻي سنڌ جو امله هيرو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو. هي ڪتاب محمد ابراهيم جويو جو ترتيب ڏنل آهي ۽ ۲۰۰۶ ۾ شائع ٿيو هو. هن وقت هي ڪتاب سنڌ سلامت جي ويب سائيٽ تي موجود آهي. هن ڪتاب ۾ مختلف ليکڪن، جن مان ڪي تاج محمد ابڙو سان ذاتي طور لاڳاپيل ۽ سندس دوست رهيا آهن ۽ ڪن رڳو سندس نالي ۽ ڪم متعلق ٻڌو آهي، سندس زندگي جي گھڻن پاسن متعلق لکيو آهي. تاج محمد پاڻ ڪڏهين ڪجھ به نه لکيو. جيڪڏهين ڪير کيس لکڻ لاء چوندو هو ته هو هٿ مٿي ڪري بيهي رهندو هو. پر ڪتاب جي مختلف مضمونن مان خبر پئي ٿي ته هو پاڻ هڪ گھڻ پاسائتي شخصيت جو مالڪ ۽ گھڻو پڙهيل لکيل ماڻهو هو. شروع ۾ ڪجھ عرصو استاد به رهيو. ان ڪري محمد ابراهيم جويو کيس پنهنجو هم پيشه چئي ٿو. صحافت سان سندس واسطو رهيو. هن ڪراچي ۾ ڪجھ عرصو الوحيد ۾ سب ايڊيٽر جي حيثيت ۾ نوڪري ڪئي ۽ ريڊيو ۾ انائونسر ٿي رهيو. نوجوان جي نالي سان پنهنجي هفتيوار اخبار به جاري ڪيائين جنهن جو ايڊيٽر اياز قادري هو پر مالي ڏکيائين جي ڪري گھڻي عرصي تائين ان کي جاري نه رکي سگھيو. ڪراچي ۾ سندس واسطو ڪميونسٽ پارٽي سان رهيو. هو اڳوڻي لائيٽ هائوس سينيما ويجھو پارٽي جي آفيس ۾ به ويندو هو. اتي هو. جمال بخاري، سوڀو گيانچنداڻي ۽ ٻين سان مليو. هو قادر بخش نظاماڻي کي پنهنجو استاد ڪري ليکيندو هو. هن مزدورن ۾ پارٽي جو ڪم به ڪيو پر قانون جي تعليم حاصل ڪرڻ کاننپوء لاڙڪاڻي هليو ويو جتي مختلف وڪيلن سان انهن جي جونيئرطور ڪم ڪيائين. لاڙڪاڻي ۾ جيئن ته گھڻا ڪارخانا ۽ مزدور نه هئا ان ڪري هتي موٽڻ کانپوء هن هارين ۾ ڪم ڪرڻ کي ترجيح ڏني ۽ حيدر بخش جتوئي سان سندس تعلق ٿيو. ساڳي وقت ڪميونسٽ پارٽي سان ڄڻ سندس واسطو هوندو ئي هو ۽ اهي مٿس اعتماد ۽ ڀروسو ڪندا هئا. اياز قادري پنهنجي مضمون ۾ ٻڌائي ٿو ته جڏهين مشهور ڪميونسٽ اڳواڻ حسن ناصر عتاب هيٺ ۽ روپوش هو ته ڪجھ ڏينهن لاء تاج محمد ابڙو جي اوطاق تي رهيو هو ۽ هن ڪنهن ڊپ ڊاء کانسواء کيس اتي رهايو هو. پر لڳي ائين ٿو ته لاڙڪاڻي موٽڻ کانپوء ان جي باوجود ته سندس تعلق حيدربخش جتوئي سان هو عملي سياست سان سندس واسطو ختم ٿي ويو هو. شروع ۾ ڪجھ عرصو سياست ۾ سرگرم رهڻ کانپوء هن وڪالت جو پيشو اختيار ڪيون. ائين چئي سگھجي ٿو ته تنظيمي طور سندس ڪنهن به سياسي ڌر ۽ جماعت سان واسطو نه رهيو. سنڌي ادبي سنگت کي هڪ مرڪز ڏيڻ ۾ به هن هڪ ڪردار ادا ڪيو. تنوير عباسي پنهنجي مضمون ۾ ٻڌائي ٿو ته هن رشيد ڀٽي ۽ مقبول ڀٽي اهو سوچيو ته مختلف جاين تي ڌار ڌار ادبي گڏجاڻيون ٿين ٿيون پوء ڇو نه انهن کي هڪ مرڪز تي گڏ ڪجي. ان وقت کين اهو موقعو لاڙڪاڻي ۾ جميعت الشعراء جي ڪانفرنس جي دعوت ملڻ سان هٿ اچي ويو. ان ڪانفرنس ۾ گھڻا هم خيال ليکڪ وغيره موجود هئا. ڪانفرنس کانپوء تاج محمد ابڙو اسان جي گڏجڻ جو انتظام پنهنجي جاء تي ڪيو جتي اسان گڏ ٿياسين ۽ سنگت جي نئين سر تنظيم ڪئيسين. اهڙي ريت اياز قادري ٻڌائي ٿو ته انهن ڏينهن ۾ لاڙڪاڻي ۾ لطيف ڊي جو هڪ شاندار پروگرام ڪيوسين جنهن جو سڄو خرچ ته تاج محمد پاڻ ڪيو پر ان جو سڄو ڪريڊٽ اياز قادري کي ڏنائين. . ان وقت لاڙڪاڻي ۾ سياسي ۽ ثقافتي لحاظ کان گھڻي سرگرمي ۽ گهما گهمي هوندي هئي. اياز قادري ٻڌائي ٿو ته شام جو مختلف جاين تي مختلف ماڻهن جون ڪچهريون ٿينديون هيون جن ۾ شهر ۽ ٻاهر جا گھڻا ماڻهو شريڪ ٿيندا هئا. لاهورين ۾ حاجي امير علي جي ڪچهري، پوسٽ آفيس جي سامهون عبدالغفور ڀرڳڙي جي ڪچهري، اسٽيشن جي ڦاٽڪ لڳ قاضي فضل الله جي ڪچهري، ٿورو هيٺ عبدالفتاح ميمڻ جي ڪچهري ۽ اهڙي ئي هڪ ڪحهري ٽائون ٿاڻي لڳ تاج مجمد ابڙو جي به هوندي هئي جيڪا انهن سڀني کان منفرد ۽ نرالي هوندي هئي. ان ڪچهري ۾ نه رڳو لاڙڪاڻي پر ٻين شهرن ۽ علائقن جا مختلف خيالن ۽ طبقن جا ماڻهو اچي شريڪ ٿيندا هئا ۽ چانه جي ديڳڙي هميشه گرم هوندي هئي. ان ڪچهري ۾ ڪڏهين ڪڏهين ذوالفقار علي ڀٽو، جنهن جي تاج محمد سان ويجھڙائي هوندي هئي ۽ هو مختلف معاملن ۾ ساڻس صلاح مشورا به ڪندو هو، اچي ويهندو هو. پڙهڻ سان کيس شروع کان ئي دلچسپي هئي. ڪراچي ۾ محمد ابراهيم جويو سان سندس تعلق جڙيو. هن کيس مختلف ڪتاب پڙهڻ لاء ڏنا. هو ٻڌائي ٿو ته ان وقت ٿنڪرس لائبريري جي سلسلي جا انگريزي ڪتاب ولايت ۾ ڇپجي سڄي دنيا ۾ شائع ٿيڻ لڳا هئا ۽ سنڌ ۾ به اچڻ لڳا هئا. انهن جي قيمت هوندي هئي اٺ آنا، ٻارنهن آنا في ڪتاب ۽ وڌ ۾ وڌ روپيو، ٻه ۽ جيستائين ۱۹۴۷ تائين تاج محمد ڪراچي ۾ رهيو ۽ پوء به جيستائين انهن ڪتابن جو سلسلو جاري رهيو تيساتئين اسين ٻيئي پاڻ ۾ انهن ڪتابن جي عشق ۾ ڀائيوار رهياسين. جڏهين پاڻ ۱۹۸۵ ۾ نوڪري تان رٽائر ڪيائين ته ڀيٽ ڪرڻ سان خبر پيئي ته ثنڪرس لائبريري جا جيترا ٽيهارو کن ڪتاب مون وٽ موجود هئا اوترا وٽس به هئا. اهڙي ريت ٽائيم ميگزين وٽس باقاعدي ايندو هو. وٽس ڪتابن جو چڱو خاصو ذخيرو هو. هو پوء وڪالت ڇڏي ذوالفقار علي ڀٽو جي چوڻ تي ايڊيشنل سنشن جج ۽ پوء سيشن جج ٿي رٽائر ٿيو. جج ٿيڻ کانپوء به سندس پنهنجن دوستن ۽ ٻين ماڻهن سان ساڳيو ورتاء هوندو هو. اياز پنهنجي مضمون ۾ ٻڌايو آهي ته جڏهين تاج محمد جي سکر ۾ تعيناتي هئي ته سندس ساڻس ڪجھ ذاتي ڳالهين تي اختلاف ٿيا هئا جيڪي پوء حل ٿي ويا هئا. جج هئڻ دوران به سندس طور طريقن ۾ گھڻو فرق نه آيو هو. سندس ڪوشش هوندي هئي ته عام ماڻهو کي انصاف ملي ۽ فائدو پهچي. ساڳي ريت شام جو سندس ڪچهري ٿيندي هئي. رٽائر ٿيڻ کانپوء آبهوا جي ڪري هن ٺٽي ۾ رهائش اختيار ڪئي پر لاڙڪاڻي سندس اچ وڃ هوندي هئي. هڪ ڀيري ٺٽي ۽ لاڙڪاڻي جي وچ ۾ سندس گھر وارن کان ڦر ٿي. ملزمن جي پڪڙجڻ کانپوء جڏهين تاج محمد جي گھر وارن کي سامان ڏيکاريو ويو ته هن کين خاص هدايت ڪئي ته رڳو اهو سامان کڻو جيڪو اوهان جو آهي. ان سامان مان ڪجھ به انهن جو نه هو ۽ اهو سامان ائين واپس ٿي ويو. ائين چئي سگھجي ٿو ته هو اهڙو شخص هو جنهن کي هڪ مثال طور پيش ڪري سگھجي ٿو. (رئوف نظاماڻيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۴ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي کنيل) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو تاريخ جو سرمايو فقير محمد سنڌي سنڌ جي اهم شخصيت ڪامريڊ تاج محمد ابڙو پنھنجي زندگيءَ ۾ قومي ۽ ثقافتي اهڃاڻن کي دلي داد به ڏنو ۽ ان قومي ڪردار کي تاريخ ۾ نئون موڙ به ڏنو. تاريخ ۾ تمام ٿورا فرد آهن جن قومن جي جاڳرتا کي پنھنجي زندگيءَ جو حصو سمجهي حقيقي رخن کي سماج اندر تبديليءَ، خوشحاليءَ جو پيڪر ڏئي سجاڳي جي دڳ لاٿو آهي. هي سر موڙ انسان جيڪو سدائين سنڌ جي تاريخ جو سرمايو رهندو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۲- آگسٽ ۱۹۲۴ع تي ضلعي لاڙڪاڻي جي اڳوڻي تعلقي شھدادڪوٽ ۾ جنم ورتو. بنيادي طور هر انسان پنھنجي علائقي مان تعليم حاصل ڪندو آهي، اهڙي ريت ڪامريڊ تاج محمد ابڙو به قنبر، لاڙڪاڻي ۽ ڪراچيءَ مان تعليم حاصل ڪئي. ماحول جي اثر ڪري ڪامريڊ کي سياست طرف قدم وڌائڻو پيو۽ اها دلچسپي وڌندي رهي جنھن جي ڪري ڪامريڊ تاج محمد ابڙي پنھنجي ديس واسين جي آسانيءَ سان خدمت ڪرڻ جو رستو ڳوليو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۱۹۴۷ع ۾ لاڙڪاڻي مان وڪالت شروع ڪئي. تاريخ جا ورق ٻڌائين ٿا ته ڪامريڊ گهڻي ڀاڱي فوجداري ڪيسن کي اهميت ڏيندو هو، رنگ نسل کان هٽي ڪري هر آيل ماڻهوءَ جي دل کولي مھمان نوازي ڪندو هو. شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ سيشن جج مقرر ٿيو ۽ اهڙي عھدي هوندي هن مڙس مٿير ڪڏهن به پنھنجي فرض ۾ ڪوتاهي نه ڪئي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو بنيادي طرح سوشلسٽ ۽ جمھوري خيالن جو حامي رهيو، ان ڪري هاري ڪميٽيءَ ۽ ٻين ترقي پسند جماعتن ڏانھن رخ رکندو هو. ان لاءِ ڪامريڊ جي روح ۾ پنھنجي وطن جي حُب، زبان يعني ٻوليءَ جو اُلڪو مستقل طور تي رهندو هو. ڪلچر، قومي ڪردار تي سدائين سرخرو رهيو، سياسي ۽ اقتصادي مفاد جي اصولن تي ڪڏهن به سوديبازي ڪونه ڪيائين. سماجي زندگيءَ جا طور طريقا قومي ڪردار، آرٽ ادب ۽ فن لطيف ذريعي عام انسانن تائين بھتر نموني سان پھچايا ۽ پاڻ به سماجي زندگيءَ جي ڇانوَ ۾ تربيت حاصل ڪندو رهيو. هي لاڙڪاڻي جو انمول انسان، جديد ادب جي سجاڳي جي دولت، جج، وڪيل ۽ بھترين سياستدان جو تاج پنھنجي سِرَ تي رکي قوم جي خدمت ڪئي. سنڌ جي ڏاهي محمد ابراهيم جويو جا ڪامريڊ تاج محمد ابڙي لاءِ لکيل ڪجهه سِٽون اوهان جي نظر ته: ”منھنجي نظر ۾ تاج محمد ابڙو انساني معاشري جي هر ڀَلان ڀل ڀلمانس وانگر، پنھنجي مثالي زندگيءَ ۾ سڄو شعوري عمر جو عرصو ٽن ڳالهين کان پرهيز ۾ رهيو. ذاتي ۽ گروهي حرص هَوس کان نفرت ۽ وڏائي کان ۽ تاريڪ خياليءَ جي هر مونجهاري ۽ انتشار کان ۽ خالص ان ٽنهين منفي فڪر ۽ عملي آزار کان آزاد هجڻ سبب ئي سڄو وقت هُو سنڌ ۽ سنڌي قوم جي نجات لاءِ عوام دوست قومي انقلاب جي مقصد سان پوري محڪمتا سان واڳيل رهيو.“ تنوير عباسيءَ جون سِٽون جيڪي ڪامريڊ لاءِ لکيل آهن، مختصر طور تي: سنڌي ادبي سنگت جو ڪنوينشن سڏائجي، جنھن ۾ سڀني ادبي سنگتن ۽ سندن شاخن کي گڏ ڪري سنڌ سنگت کي زور وٺائجي ۽ ان جو دستور وغيره منظور ڪرائجي. اهوو روشنيءَ جو پھريون ڪرڻو هو، جيڪو ون يونٽ جي اونداهي دؤر ۾ تاج ابڙي جي اوطاق مان ڦُٽو ۽ سڄي سنڌ کي جرڪائي ڇڏيائين. تاج محمد ابڙو وڪيل هو، پر وڪيل کان وڌيڪ دانشور هو. ادب، تاريخ، فلسفو سڀ پڙهندو هو، دوستن سان بحث ڪندو هو، لکيائين هڪ لفظ به ڪونه، پر پڙهيو به گهڻو ته ڪڙهيو به گهڻو. هو نه رڳو پڙهڻ وارو هو، پر ڪڙهڻ وارو به هو. هاري تحريڪ، نيشنل عوامي پارٽي، سنڌ عوامي محاذ ۽ بعد ۾ پ پ ۾، مطلب ته جيڪا به تحريڪ سنڌ جي پيڙهيل طبقن جي ڀلائيءَ ۽ آجپي جي لاءِ هئي، ان ۾ ڀرپور حصو ورتائين. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي زندگيءَ مان صاف ظاهر آهي ته هو سنڌي ڪلچر، جمھوريت جي رستي جو حامي هو، جنھن موجب هرهڪ انسان، قوم، مذهب ملڪ ۽ نسل جي جداگانه وجود ۽ حق خوداريءَ جو طرفدار ٿي رهيو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي پنھنجي زندگيءَ ۾ سمجهي ورتو هو ته جنھن وٽ طاقت آهي اهو تشدد جو حامي آهي. ان لاءِ ڪامريڊ کي طاقت هوندي به انسان ذات لاءِ گڏيل ڀائپي وارو پيڙهه جو پٿر رهيو. اهو پيڙهه جو پٿر سندس اوطاق هئي جتان سياسي ۽ ادبي دوست پنھنجي راهه هموار ڪري اڳتي وڌندا هئا. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي اوطاق شعور جي لاٽ کان گهٽ ڪونه هئي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو پنھنجي پيءُ ماءُ جو سڪيلڌو پُٽ هو پر پيءُ جي پرورش نه ملي سگهيس. ڀيڻ فاطمھ جي گهر گُذاريو. دنيا جا اُهي ٻارَ عظيم ٿيندا آهن، جن کي پيءُ ماءُ جي پرورش نه ملندي آهي، تمام گهڻا مثال منھنجي نظر ۾ آهن پر مضمون ۾ ڊيگهه گهڻي ٿي ويندي. مولانا جلال الدين رومي جي مثنوي مان ڪامريڊ تاج محمد ابڙي لاءِ ته، دل جو آئينو صاف ڪراءِ، ۽ ڪامريڊ جي دل جو آئينو بلڪل صاف هو. روميءَ چيو ته، جيڪي ڪنھن به ڪتاب پڙهڻ ۽ هنر سکڻ جا محتاج نه آهن، مگر انساني دلين کي لوڀ، ڪنجوسائي ۽ کوٽاين کان پاڪ ڪري ڇڏيندا آهن. جيئن سِپَ پنھنجي اندر ۾ سچا موتي سمائي چپ چاپ آرام ۾ پيئي رهي ٿي. تيئن اهڙي ڀرپور دل به راحت جي سمنڊ ۾ بي فڪري سان پيئي رهي. سپ کي ٽوٻن جي دست درازيءَ جو کٽڪو رهي ٿو، پر ان ڀرپور دل تي موت به غالب پئجي نٿو سگهي. واقعي ڪامريڊ تاج محمد ابڙي تي موت غالب نه رهي سگهيو، جسماني طور تي ڪامريڊ ۱۰- مارچ ۱۹۸۶ع تي لاڏاڻو ڪيو، پر پنھنجن دوستن ۽ تاريخ ۾ ڪامريڊ امر انسان آهي. (ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۱ مارچ ۲۰۲۳ع تي ڇپيل) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ساڃاهوند ساربان منظور ڪوهيار لاڙڪاڻي جو اڄوڪو جناح باغ، جيڪو ميرن جي زماني ۾ چانڊڪا پرڳڻي جي گورنر نواب ولي محمد جو باغ هو. سندس وفات ۱۸۳۸ع کان پوءِ نعش امانت طور رکرائي، مٿائنس تجر ٺهرائي وئي. جنهن جي ڪري اهو باغ تجر باغ نالي به سڏجڻ لڳو. انگريزن جي ايامڪاريءَ ۾ لاڙڪاڻي جي هڪ هڏڏوکي انسان ’ريجهو مل لاهوري‘ وبائي بيماري ۾ مبتلا ماڻهن جي خدمت ڪندي پراڻ ڏنا، ته سندس ياد ۾ ان دؤر جي ميونسپل ڪاميٽي، تجر باغ جو نالو ڦيرائي ريجهو مل پارڪ رکي ڇڏيو. ۱۹۴۷ع کانپوءِ اهو پارڪ به پاڪستاني بڻجي جناح باغ بڻجي ويو. پر اهو هنڌ انگريزن جي دؤر کان وٺي اڄ تائين لاڙڪاڻي واسين لاءِ هائيڊ پارڪ جهڙي حيثيت رکندو آيو آهي، جتي سياسي، سماجي، ثقافتي، مذهبي ۽ ادبي ميڙاڪا مچندا رهيا آهن. ۱۹۶۵ع ۾ آءٌ ڏهن سالن جو هيس، پاڪستان ۽ هندستان جي جنگ لڳي، سترهن ڏينهن کان پوءِ لاڙڪاڻي جي سڀني اسڪولن جي ٻارن کي جناح باغ ۾ آڻي، ’ايمان افروز جلسن‘ ۾ زوري شرڪت ڪرائي وئي، جيئن اڄڪلهه ڪرائي ويندي آهي، مون به پرائمري اسڪول جي شاگرد جي حيثيت سان شرڪت ڪئي، اڄ تائين اهو قومي گيت ياد آهي، جيڪو بک ۽ اُڃ تي استادن دڙڪا ڏئي ياد ڪرايو هو. اي خطئه لاهور تيري جانثارون ڪو سلام جڏهن ٻارهن تيرهن سالن جي عمر ٿي، ته گھر جا ڀاتي سودو سلف، گوشت مڇي وٺڻ لاءِ شهر موڪلڻ لڳا. جيڪڏهن پاڪستاني چونڪ يا مڇي مارڪيٽ وڃڻو هوندو هيو، ته لاهوري محلي کان گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڏانهن رخ ڪبو هو، پوءِ سول اسپتال ۽ آخر ۾ جناح باغ مان وچ ڪري منزل مقصود تي پهچبو هو. جناح باغ مان گذرندي رنگ وار (تاش راند جو هڪ قسم) کيڏندڙ ٽولن جا هوڪرا، مدارين جا ڪرتب، مشڪرن جو مشڪريون، سياسي، سماجي، ۽ ادبي جلسن کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جا موقعا فراهم ٿيندا هيا. ڪڏهن ڪڏهن اهڙن جھميلن ۾ ڀاڄي وٺڻ به وسري ويندي هئي. پوءِ جڏهن خالي ڇلي سان گھر پهچبو هو ته گھر وارن جي دڙڪن ۽ دهمانن سان منهن ڏيڻو پئجي ويندو هو. مون جن شخصيتن کي جناح باغ ۾ ڏٺو ۽ ٻڌو، انهن ۾ قاضي فضل الله، محمد ايوب کهڙو، مولانا محمد قاسم مشوري، نصير الجتهادي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، عبدالغفور ڀرڳڙي، ممتاز علي ڀٽو، عبدالوحيد ڪٽپر، عبدالرزاق سومرو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ جمال الدين بخاري، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو وغيره وغيره. ٻن شخصيتن جي تقرير جو انداز ڏاڍو منفرد هيو، هڪ ڪامريڊ جمال الدين بخاري جي تقرير،جيڪا باهه جي شعلي جيان ڀڙڪيلي هوندي هئي، ۽ ٻيو ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي تقرير جيڪا نار جي لوٽين جيان ٿڌي ۽ مٺي پاڻيءَ جهڙن لفظن جي پالوٽ ڪندي هئي. ايوبي آمريت جي خلاف جناح باغ يا غريب مقام ۾ پرجوش ۽ ٽوڙ ڦوڙ وارا جلسا ٿيندا هيا، پيپلز پارٽي جي جيالي مقرر عبدالوحيد ڪٽپر جي تقرير ٻڌڻ کان پوءِ، نوجوان واپس گھر ورندي ڪنهن نه ڪنهن سرڪاري دفتر جو بورڊ پٽيندا يا تعليمي ادارن جي دروازن ۾ لڳل شيشن کي پٿرن يا سروٽن سان چٽي پنهنجي نفرت جو اظهار ڪندا هيا. پر ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي تقرير ڏاڍي مدلل ۽ ملڪ جي ٻرندڙ مسئلن تي هوندي هئي، جيڪا جوش کان وڌيڪ هوش ۾ رهڻ ۽ سوچڻ تي مجبور ڪندي هئي. صدر ايوب ويو، يحيٰ آيو. ۱۹۷۰ع واري اليڪشن ٿي. اوڀر پاڪستان ۾ شيخ مجيب الرحمان کٽي ۽ اولهه ۾ ذوالفقار علي ڀٽي صاحب. پوءِ سياسي رساڪشي شروع ٿي. فوجي آپريشن شروع ٿيو. اوڀر پاڪستان جي بنگالين مزاحمت ڪئي. الشمس و البدر ۽ مڪتي باهني ٺهيون. اڳتي هلي۱۹۷۱ع ۾ هندستان ۽ پاڪستان جي جنگ لڳي ته جناح باغ ۾ چهل پهل وڌي وئي. خاڪسار تحريڪ قوم کي هوشياري وٺرائي، ’آگي چل پيڇي چل‘ واري پريڊ ٿيڻ لڳي، ٻيو ته ٺهيو شاهي بازار جي شيخ دوڪاندارن به جناح باغ ۾ ٽريننگ وٺڻ شروع ڪئي ۽ ظاهر ظهور گھاٽي جو سودو ڪيو. پر يحيٰ ميدان ڇڏي، جهنگلن ۽ درياهن ۾ وڙهڻ جو اعلان ڪيو ته شيخ صاحبن جو جوش ۽ جنون به ختم ٿي ويو . پر جي اها جنگ وڌيڪ هلي ها ته وڏو ڪِنُ ٿي ها. منهنجو ڪو ٻيو مطلب ڪانهي، سواءِ انهي جي ته شاهي بازار جا شيخ هڪ سياڻا ڪانوَ ۽ ٻيو ٿين ها جنگجو شاهين ته ڇا ٿا سمجهو!؟ جنگ جي خاتمي کان پوءِ ڀٽو صاحب اول صدر بڻيو ۽ پوءِ وزيراعظم ٿيو. جناح باغ ۾ شور وڌي ويو. جهڙوڪ ابن الوقت برساتي ڏيڏرن جو زمانو اچي ويو، جنهن جو گھر ۾ وٽي تي به نالو نه هوندو هو، سو جناح باغ جي اسٽيج تي چڙهي گھٽ ۾ گھٽ ڏيڍ لک برادري يا پنهنجي قوم سان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيندو هو.جناح باغ جي اندر ٽائون هال جي عمارت نيشنل سينٽر بڻي. مرحوم خادم حسين شاهه بخاري ريزيڊيٽ ڊائريڪٽر ٿيو. هفتي ۾ گھٽ گھٽ ٽي چار سياسي سماجي پروگرام ٿيندا رهيا. انهيءَ دؤران مون ٻن ماڻهن ۾ تبديلي نه ڏٺي، هڪڙو هيو ڪامريڊ جمال الدين بخاري ۽ ٻيو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو. مون ڪڏهن به ڪامريڊ تاج محمد ابڙي کي درٻاري انداز ۾ تقرير ڪندي يا گٿا لفظ ڳالهائيندي نه ٻڌو ۽ سندس انداز اهو ئي مختصر مگر جامع ۽ پرفضيلت رهيو. جڏهن ته برساتي ڏيڏر ان زماني ۾ آپي کان ٻاهر هوندا هيا، اجايو سجايو پيا واڦيندا ۽ ٽان ٽان ڪندا رهندا هيا. جيڪڏهن انهن تي لکجي ته اها به جهڙوڪ لاڙڪاڻي جي سياسي ۽ سماجي تاريخ بڻبي. تاج محمد ابڙي جي ڪچهرين جو چوٻول اُن دؤر ۾ چڱن ماڻهن جي وٽان ٻڌبو هيو ته سندس اوطاق لاڙڪاڻي جو علمي ۽ ادبي مرڪز آهي. پر شرڪت ڪرڻ جو ڪڏهن به موقعو نصيب نه ٿيو، البت کيس نوڙي سلام ڪرڻ ۽ ملڻ جا ڪيترائي موقعا نصيب ٿيا ۽ ڪامريڊ هميشه مشفقانه ۽ پدرانه انداز ۾ ملندو رهيو. ۱۹۷۲ع جي دؤران نيشنل سينٽر جي آڊيٽوريم هال ۾، جڏهن مون ڪامريڊ تاج محمد کي مسلسل غير حاضر ڏٺو ته ڪامريڊ جمال الدين بخاري کان پڇيم: ’سائين ڪامريڊ تاج محمد صاحب نظر نه ٿو اچي اڄ ڪلهه؟‘ ٻڌايائين ته ڪامريڊ جج ٿي سکر پهتو آهي. پوءِ لاڙڪاڻي ۽ خصوصن جناح باغ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ڪمي کي ڏاڍو محسوس ڪيو. ۱۹۷۹ع جو پرآشوب دؤر هيو. ضيائي مارشل لا عروج تي هئي، لاڙڪاڻي ۾ ڪنهن مسڪين جو اڳٺ اتفاق سان لڙڪي پوندو هو ته مارشلائي قانون جي ضد ۾ اچي ويندو هيو. اسٽيشن روڊ تي هڪ عجيب و غريب هوٽل کليو، نالو هيس تماچي ــــ اندرگھڙبو هو ته چار پنج ٿري چوئنرا ٺهيل هوندا هيا.۽ هر چوئنري اندر ڏهه ٻارنهن ڪرسيون پيون هونديون هيون شهر جا اڪثر کاٻي ڌر سان سلهاڙيل جوشيلا نوجوان ۽ نام نهاد ڪامريڊ پنهنجا پنهنجا ٽولا ٺاهيو ويٺا هوندا هيا. سندن ڀرسان انٽيليجنس جا ماڻهو به ڪن اوپڙا ڪيون ويٺا هوندا هيا. انهن چوئنرن جي اندر تيز تند ۽ ڪڏهن ڪڏهن سنجيدگي سان ستايل قوم کي جاڳائڻ جون تدبيرون ٿينديون هيون . انهن ٽولن ۾ هڪڙو ٽولو ڪامريڊ روشن شيخ جي ارد گرد به ويٺو هوندو هيو. ڪامريڊ روشن شيخ به عجيب اڌ راتي ڪردار هيو. جيڪو رات جو جاڳندو ۽ ڪم ڪرڻ جي مهل سمهي پوندو هيو. جنهن تي ڪڏهن نه ڪڏهن ضرور لکبو، اُهو هميشه اُنهن ماڻهن کي پنهنجي تنقيد جو نشانو بڻائيندو هيو، جن ڀٽي صاحب جي دؤر ۾ نوڪريون ورتيون. انهن ۾ خاص ڪري شيخ اياز ۽ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ٽارگيٽ هوندا هيا. مون به جڏهن سندس تنقيد ٻڌي ته اثر ورتو. هڪ ڏينهن بيڪر روڊ، پوءِ قائد عوام روڊ ۽ هاڻي عرف عام قائم شاهه بخاري روڊ تان لنگھندي ڪامريڊ جمال الدين جي منهن چڙهي ويس. مون تي ڪامريڊ روشن شيخ جو نئون نئون اثر هيو، سو ان حوالي سان سوال ڪري وڌم. ڪامريڊ جمال الدين نڪا ڪئي هم، نه ڪا ڪئي تم، هٿ کان ڇڪي گھر وٺي ويو، گھر جي بيٺڪ ۾ ويهاري چيائين؛ ”هاڻي چئو.“ مون چيو: ”سائين اڄڪلهه اِها عام تنقيد آهي ته ترقي پسندن ڀٽي صاحب جي زماني ۾ نوڪريون وٺي نظرياتي غداري ڪئي آهي.“ ”مثلن؟“ ”شيخ اياز ۽ تاج محمد ابڙي وغيره“ ”ٻڌ، ڪامريڊ تاج محمد ابڙي مون کان پڇيو هو ته ذوالفقار علي ڀٽو چاهي ٿو ته آءٌ ڪو منصب وٺان، تنهنجي ڇا راءِ آهي؟خبر ٿي مون ڇا چيو؟“ ”ڇا چيو؟“ ”مون چيو وڃي جج ٿيءُ، غريب ۽ مظلوم ماڻهن جي داد رسي ڪر، پوءِ هو جج ٿي ويو.“ مون وراڻيو؛ ”ڪامريڊ، پوءِ ته اُهو کاٻي ڌر وارن تي ليبل لڳندو ته هو پنهنجيون خدمتون ڪيش ڪرائن ٿا“. ڪامريڊ وراڻيو: ’اها ڳالهه ته ٻڌاءِ، جي ساڄي ڌر وارا پنهنجا ماڻهو سرڪاري ادارن ۾ موڪلن ته صحيح، جي اسان موڪليون ته غلط!؟ هن وقت سرڪاري شعبن ۾ وڌ ۾ وڌ ساڄي ڌر جا ماڻهو ويٺا آهن. ان ڪري جيڪي به پاليسيون ٺهن ٿيون، اُهي رجعت پسندانه آهن. اِن جو ٽوڙ اِهو آهي ته اسان جا ماڻهو به هر شعبي ۾ هجڻ گھرجن.“ مون کي ڪامريڊ روشن جو ڏنل بخار هيو، ڦيرائي سوال ڪيو مانس: ”پر جيڪڏهن اُهي موڪليل ماڻهو سرڪاري يا درٻاري ٿي وڃن ته ڇا اُهي نظريي سان سچا رهي سگھن ٿا؟“ ”اڙي ...! جڏهن رجعت پسندن جا ماڻهو پنهنجن سان سچا آهن، ته اوهان پنهنجن تي شڪ ڇو ٿا ڪيو...؟ ۽ ڪن کولي ٻڌي ڇڏ، ته هي جيڪو به ڀٽي صاحب سان ٿئي پيو، ان جو سبب اهو ئي آهي، ته اهم ادارن ۾ رجعت پسندن جو تعداد وڌيڪ آهي.“ ڪامريڊ اهو ٻڌائيندي جڏهن مونکي سواليه نگاهن سان ڏٺو ته مان لاجواب ٿي ويس. ۽ ذوالفقار علي ڀٽي سان ٿيندڙ عقوبتن جو سبب سمجهه ۾ اچي ويو. ۽ پوءِ مون کي احساس ٿيو ته ان وقت اِها ترقي پسندن جي حڪمت عملي هئي ته ائين ڪجي ۽ اُن حڪمت عملي سان ڪيترو نڀايو ويو، اِهو هڪ الڳ بحث آهي. پر اِها حقيقت آهي ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙي خوب نڀايو ۽ ابڙو وڏوڙو ٿي ڏيکاريو. ان جي شاهدي سنڌ جي معتبر شخصيت ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي به ڏئي ٿو: ”ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي زندگي جو مقصد هيو، ستل معاشري کي جاڳائڻ ۽ مظلوم ماڻهن جي داد رسي ڪرڻ ــ هُـو وڪيل هيو ته به ان راه تي گامزن هيو ۽ جج ٿيو ته به ساڳي مقصد جي تحت زندگي گذاريائين. سنڌ ۾ جيڪڏهن اهڙا ڪميٽيڊ ماڻهو سؤ کن به هجن ها ته معاشري ۾ انقلاب برپا ٿي سگھي پيو.“ مرحوم اياز قادري پنهنجي نجي ڪچهرين ۾ اسان کي ٻڌائيندو هيو ته لاڙڪاڻي ۾ جيڪا ترقي پسند ادب جي شمع روشن آهي، سا سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي جي پهرين سيڪريٽري جي حيثيت سان ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ٻاريل آهي. ڪي ماڻهو اِهو به ڍيڪ ڏيندا آهن ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙي سنڌي ادبي سنگت جي باني مباني هوندي به ڪجهه نه لکيو. ته اِن جو تز جواب اِهو آهي ته ڪامريڊ ادب دوست ۽ ادب پرور اڳواڻ هيو. جتي ادب دوست ۽ ادب پرور اڳواڻ هوندا آهن، اُتي ئي سرجڻهارن ۽ تخليقارن جا قافلا روان دوان هوندا آهن. ۸ آگسٽ ۱۹۲۴ع ۾، هي شهدادڪوٽ ۾ ڄائو، زندگيءَ جي آخري گھڙين تائين پنهنجي ذهن ۽ ضمير سان سچو رهيو. سچ پڇو ته لاڙڪاڻي جي ترقي پسند اديبن کي ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع تي سندس وڇوڙي کان پوءِ اِهو شدت سان احساس ٿيو ته ساڃاهوند ساربان کان سواءِ معاشرتي رڃ جو سفر ڪيڏو نه ڏکيو هوندو آهي. ** ڪامريڊ تاج محمد ابڙو هڪ امر انسان جي امر ڪهاڻي ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ اڄ بحرانن جي دؤر ۾ ويچاري انسان کي جنهن ڳالهه سڀ کان وڌيڪ حيران ۽ پريشان ڪيو آهي، اها سندس ”نظرياتي بيهڪ“ آهي. اسان مان هرڪو صبح جو هڪ خيال جو آهي ته منجهند جو ٻي ڳنڍ ٻڌي بيهي ٿو. چيو ويندو آهي ته سانڊو گهڙيءَ پل ۾ رنگ بدلائي ٿو، ليڪن اڄ جو انسان نظرياتي حوالي سان ويٺي ويٺي الائي ڪيترا رنگ بدلائي وڃي ٿو! هيءَ ڳالهه اسان کي سياستدانن ۾ چٽيءَ طرح نظر ايندي. سياستدان جنهن پارٽيءَ ذريعي سياست جي ميدان ۾ ايندو، اها ڪپڙن بدلائڻ واريءَ ويرم کان به اڳ مٽائي، ڪنهن ٻيءَ پارٽيءَ ۾ شامل ٿي ويندو. اهو ئي سبب آهي، جو سياستدانن کي اڪثر ڪري ”ڍنڍ جا پکي“ به چيو ويندو آهي، جيڪي ڪڏهن هڪڙيءَ ڀر تي هوندا آهن ته ڪڏهن ٻيءَ ڪنڌيءَ تي هوندا آهن. هي نظرياتي خلفشار ڇو پيدا ٿيو آهي؟ ماڻهو پنهنجن پيرن تي بيهڻ لاءِ تيار ڇو نه آهي؟ انسان جو پنهنجي نظريي ۾ ايمان ڇو نه رهيو آهي؟ هي اسان جي دؤر جو اهم سوال آهي. جڏهن اڳواڻن جو اهو حشر وڃي رهيو آهي ته عام ماڻهوءَ جي نظرياتي بيهڪ ڪهڙي هوندي؟ هن سوال جو هڪڙو ئي جواب آهي. اهو هيءُ ته عوام اڳيان ”آدرش“ جو تصور آهي ئي ڪونه. ماڻهن کي ڪو اهڙو مثال ئي نٿو ملي، جنهن کان متاثر ٿي هُو پنهنجي حياتي انهيءَ انسان وانگر گذارين. پر هن ۾ ڏوهه ڪنهن جو؟ ڇا سنڌ ڀلا انسان پيدا ڪونه ڪيا آهن، جن کي ”مثالي“ چئي سگهجي؟ نه، ائين ڪونه آهي. سنڌ ته هر دؤر ۾ اهڙا آدرشي انسان پيدا ڪيا آهن، جيڪي پنهنجي وجود ۾ انجمن هئا، پر بد قسمتيءَ سان نه ته اسين انهن جا وارث ٿيڻ لاءِ تيار آهيون ۽ نه وري وس وارن اسان کي انهن آدرشن جي حياتيءَ کان باخبر ڪيو. ڪيڏي نه ڏک جي ڳالهه آهي ته مغربي ملڪن ۾ شخصيتن تي ڪم ڪرڻ لاءِ بين الاقوامي اهميت ۽ نوعيت وارا ادارا قائم ڪيا ويا آهن ۽ انهن ۾ دنيا جهان جي عالمن، اديبن، شاعرن، دانشورن ۽ مفڪرن وغيره بابت احوال ڪٺا ڪري شايع ڪيا وڃن ٿا، ليڪن سنڌ ۾ ڪوبه اهڙو ادارو ڪونهي، جيڪو اسان کي ٻڌائي سگهي ته هن ڌرتيءَ ڪهڙا ڪهڙا نه وڏا ماڻهو پيدا ڪيا آهن. جنهن قوم کي آدرش اکين ۾ نه هوندا آهن، اها قوم بي دڳي ٿي پوندي آهي. اها قوم اهڙي حال کي پهچندي آهي، جنهن کي اسين پهچي چڪا آهيون. هن وقت اسان اڳيان ”ڪامل شخصيت“، ”ڀلي انسان“ ۽ ”آدرشي ماڻهوءَ“ جو ڪوبه تصور ڪونهي، ان ڪري ڌارين آدرشن مان ڪنهن جي مُنڍي، ڪنهن جي زبان، ڪنهن جو دماغ ته ڪنهن جون اکيون کڻي اسين پاڻ کي ٺاهيون ٿا ۽ پوءِ حشر اهو ٿئي ٿو ته اسين ڪجهه به ٿي نٿا سگهون. سنڌ کي نظرياتي ڀونچال مان ڪڍڻ جو واحد طريقو هي آهي ته اسين نئين نسل اڳيان انهن انسانن کي مثال طور پيش ڪيون، جيڪي بي لوث ۽ پُرخلوص هئا، جيڪي هڪ ئي وقت تي وطن دوست به هئا ته عوام دوست به هئا، جن پنهنجيون حياتيون مثالي حيثيت ۾ گذاريون ۽ جن کي پڙهڻ ۽ محسوس ڪرڻ سان اسين به مثالي، ڀلا ۽ آدرشي انسان ٿي سگهون ٿا. اسان جا هي انسان اهڙا آهن، جن جي جتيءَ ۾ پير پئجي سگهي ٿو، ڇوته هو اسان مان هئا، اسان لاءِ هئا ۽ اسان جا هئا. پوءِ هيءَ ٻي ڳالهه آهي ته اسين کين پنهنجو نٿا ڪيون ۽ پنهنجو نٿا سمجهون. دنيا جهان جي ”وڏن انسانن“ تي نظر ڦيرائبي ته اهي هڪ يا وڌ ۾ وڌ زندگيِءَ جي ٻن شعبن ۾ سرگرم عمل نظر ايندا، ليڪن سنڌ اهڙا ماڻهو پيدا ڪيا آهن، جيڪي پنهنجي وجود ۾ انجمن هئا ۽ جن هڪ ئي وقت تي ڪيترن شعبن ۾ پاڻ ملهايو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو به انهن ۽ اهڙن ماڻهن مان هڪ هو. مرحوم هڪ ئي وقت تي ماهرِ قانون، علم دوست، سياسي شعور جو ڌڻي ۽ سماجي ڪارڪن ٿي رهيو ۽ هرهڪ شعبي ۾ مثالي ڪردار ادا ڪيائين. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اهڙيءَ مقبول شخصيت جو مالڪ هو، جو سندس وفات کان پوءِ کيس ڪيترن دوستن ياد ڪيو آهي. نه فقط ايترو، پر انهن ماڻهن به قلم کنيو آهي، جن کيس تمام ويجهو ڪونه ڏٺو هوندو. ڪنهن به شخصيت جي مقبوليت جي ان کان وڌيڪ ٻي شاهدي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ته کيس هن جهان ڇڏڻ کان پوءِ ياد ڪرڻ وارا گهڻا ماڻهو هجن. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي تي مون کان اڳ ڪيترن ئي قلم کنيو آهي، جن مان ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي، ڊاڪٽر اياز قادري، ڪامريڊ برڪت آزاد، انيس انصاري، ڊاڪٽر غلام علي سانگي، هدايت منگي، امان شيخ، شرف صديقي، محمد علي پٺاڻ، ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ، جي ايم سيد، ڪامريڊ ڄام ساقي، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، انور پيرزادي، ادل سومري، جسٽس نعيم الدين ۽ عنايت وارث جا نالا ذڪر لائق آهن. ٿيڻ ته ائين گهربو هو ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جهڙن انسانن جو ذڪر اسان جي نصابي ڪتابن ۾ هجي ها، پر نڌڻڪيءَ قوم جا اهڙا نصيب ڪٿي، جو ڪتابن ۽ اخبارن ۾ پنهنجي آدرشن جا احوال پڙهي سگهن. پر هيءَ ڳالهه به ڪنهن غنيمت کان گهٽ ڪانهي ته ڪامريڊ جي وفات کان پوءِ سندس مداح ۽ دوست مرحوم جي سوانح خواهه خدمتن تي ڪجهه نه ڪجهه لکندا اچن ٿا ۽ اهو اخبارن ۾ ڇپبو رهي ٿو. منهنجي خيال ۾ هاڻي ”تاج محمد ابڙو يادگار ڪاميٽي“ کي اهي سمورا مضمون ميڙي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرائڻ گهرجن، پر شايد هن ڪاميٽيءَ لاءِ اهو مسئلو پيدا ٿئي ته ڪهڙو فرد يا ادارو ان جي مالي يا اخلاقي مدد ڪندو؟ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي کي مون ڪڏهن به روبرو ڏٺو ٻڌو نه، پر سنڌ جي تاريخ جي عاشق هئڻ جي ناتي سان مرحوم مون لاءِ اوپرو ڪونهي. مون کي ائين ٿو لڳي ته آءٌ سندس انهن ويجهن مان هڪ آهيان، جن ساڻس گڏ گذاريو هجي. جيڪڏهن مون کي سندس ڪا صحبت نصيب نه ٿي ته منهنجا بزرگ اديب ۽ شاعر ته ساڻس گڏ رهيا. محمد ابراهيم جويي، جمال ابڙي، شيخ اياز، رشيد ڀٽيءَ، ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌيءَ، مقبول ڀٽيءَ، اياز قادريءَ، ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ، انيس انصاريءَ، ڊاڪٽر سنديلي، شمشير الحيدريءَ ۽ نسيم کرل جيڪي ساڻس رهاڻيون ڪيون، انهن رهاڻين مان مون هن ريت رس ۽ چس ورتو، جو هنن مهربانن مان ڪنهن ته مون سان ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جا حوال ڪيا هوندا. ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي ۽ هري دلگير درياڻي هن وقت هتي ڪونه آهن، نه ته هُو به هن مرحوم ڪامريڊ بابت ڪيتريون ڳالهيون ٻڌائين ها، ڇوته اهي به سندس دوست رهيا. اديبن، شاعرن ۽ عالمن جون ڳالهيون نڪتيون آهن ته آءٌ اهو عرض ڪندو هلان ته اسان جي ڪامريڊ تاج محمد ابڙي ”ترقي پسند ادب“ جي تحريڪ ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو، اهو اسان جي تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ آهي. سندس ئي ڪوششن سان لاڙڪاڻي ۾ ”سنڌي ادبي سنگت“ جي شاخ هلي. نه فقط ايترو، پر ”سنڌي ادبي سنگت“ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي بنائڻ، سنڌي ثقافت کي بچائڻ ۽ ون يونٽ کي ٽوڙڻ لاءِ جيڪو به تحرڪ ورتو، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو هر موڙ تي هن سنگت جو پهرين صف وارو ساٿي رهيو. ڪامريڊ ڪٿي به رهيو، هن علم ادب جي شمع کي ٻاري رکيو. لاڙڪاڻي ۾ رهيو ته ڊاڪٽر اياز قادري، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، انيس انصاري ۽ خادم حسين شاهه سندس ادبي حلقي جا رتن رهيا. پاڻ جڏهن سکر ۾ رهيو ته شيخ اياز، رشيد ڀٽيءَ ۽ فتاح ملڪ ساڻس ادبي روح رهاڻيون ڪيون. جڏهن خيرپور ۾ رهيو ته ڊاڪٽر تنوير عباسي سندس ساٿ ساٿي رهيو. ڪامريڊ جڏهن حيدرآباد ۾ آيو ته محمد ابراهيم جويو، زيب عاقلي، رسول بخش پليجي ۽ ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جهڙا دانشور سندس اڱڻ تي ادبي محفلن مچائڻ وارن مان ٿي پيا. لاڙڪاڻي جي حوالي سان ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جا ادبي ڪارناما کيس لاڙڪاڻي جي تاريخ ۾ هميشه جاودان ۽ زنده رکندا. سر شاهنواز ڀٽو لائبريري ٺهرائڻ ۾ سندس جستجو ۽ لگن شامل رهي، ان کان اڳ پاڻ لاڙڪاڻي ۾ ”لطيف ڪانفرنس“ جو اهتمام ڪيائون ۽ ”لطيف دوستي“ جي جذبي تحت لاڙڪاڻي ۾ شاهه لطيف لائبريري قائم ڪرايائون، جيڪا هن وقت حالتن ۽ حادثن جو شڪار ٿي چڪي آهي. نه لطيف جي وارثن جي هٿ هيٺ رهي آهي ۽ نه ڪنهن فعال ادبي تنظيم جي نگرانيءَ هيٺ آهي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي هن ياد کي قائم رکڻ ۽ ڪارنامي کي باقي رکڻ جي تقاضا اها آهي ته لائبريري وري فعال ٿئي ۽ اهو ادارو اهڙن هٿن ۾ اچي، جيڪي شاهه لطيف لائبريريءَ کي سنڌ جي هڪ فعال ۽ مثالي لائبريري بڻائي سگهن، ته جيئن ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي انهن مقصدن ۽ منزلن کي ماڻي سگهجي، جن کي اڳيان رکي هن مرحوم اهڙي ڪوشش ڪئي. لاڙڪاڻي ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي ٻيو اهم ڪم هيءُ ڪيو ته سندس ڪوششن سان سنڌي اردو اديب ۽ شاعر هڪٻئي جي ويجهو آيا ۽ ”انجمن ترقي اردوءَ“ جي شاخ کلي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو علم دوست انسان هئڻ سان گڏ ترقي پسند شعور جو مالڪ پڻ هو. پڙهڻ واري زماني ۾ هن مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ حصو ورتو. پاڪستان جڙڻ کان اڳ ئي هو ”انقلابي سياست“ جو قائل ۽ مبلغ بڻجي چڪو هو. شاگرد سياست کان وٺي مزدور سياست تائين، انهن جي هر تحريڪ ۾ مدد ڪيائين. هاري تحريڪ ۽ نيشنل عوامي پارٽي ۽ سنڌ عوامي محاذ جي تاريخ جا ورق ورائي ڏسبا ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جون خدمتون نمايان طور نظر اينديون. ون يونٽ خلاف جيڪا تحريڪ هلي، هن مرحوم انهيءَ ۾ به ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. ڪامريڊ برڪت علي آزاد جو چوڻ آهي ته هن ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي تعاون سان ئي جيڪب آباد ۾ هاري تحريڪ جي شاخ کولائڻ ۾ پنهنجي سنگت جو ساٿ ڏنو هو. تاج محمد ابڙي جي دوست سياستدانن ۽ شاگرد سياستدانن جو حلقو تمام وسيع هو. چيو ويندو آهي ته جڏهن مرحوم ذوالفقار علي ڀٽو تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ لاڙڪاڻي آيو هو، ته سندس ڀاءُ سڪندر علي ڀٽي کيس ڪامريڊ تاج محمد ابڙي وٽ آڻي، سندس ڏيٺ وائٺ ڪرائي هئي، جتي نه فقط سياسي ڪچهريون ٿيون، پر اهڙين ڪچهرين ٻنهي کي هڪٻئي جي ويجهو آڻي ڇڏيو ۽ ٻئي هڪٻئي جا دوست بڻجي ويا. ڪامريڊ ڄام ساقي، رسول بخش پليجي ۽ امان الله شيخ، ڪامريڊ تاج محمد ابڙي وٽان سياست جا داؤ پيچ سکيا. مرحوم جي شاگرد سياستدانن جو تعداد گهڻو آهي، پر جيتري قدر سندس دوست سياستدانن جي حلقي جو تعلق آهي، ان لاءِ ايترو چئي سگهجي ٿو ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙي ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي جن سياستدانن سان گڏجي ڪم ڪيو، تن مان سائين جي ايم سيد، ولي خان، ايوب کهڙو، قاضي فضل الله، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، سوڀو گيانچنداڻي، عطاءَ الله مينگل، غوث بخش بزنجو، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، شيخ عبدالمجيد سنڌي، قاضي فيض محمد، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، مير رسول بخش ٽالپر، مير علي احمد ٽالپر، فاضل راهو، رسول بخش پليجو، حاڪم علي زرداري ۽ ڪامريڊ جمال الدين بخاري وغيره جا نالا ذڪر لائق آهن. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي بي ڊي نظام ۾ ميمبر ٿيڻ کان وٺي يونين ڪائونسل جي چيئرمين ٿيڻ تائين ۽ ون يونٽ ٽوڙڻ واريءَ تحريڪ کان ايوب شاهيءَ خلاف تحريڪ تائين پنهنجي دور جي هر عوام دوست ۽ ترقي پسند سياسي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. اهڙيءَ ريت هُو پنهنجي زندگي قوم لاءِ ڪارائتي بڻائي ويو. هُو انهن آدرشن ۽ ڀلن انسانن مان هڪ هو، جن جي حياتي اسان لاءِ اتساهه جا انيڪ مثال ڇڏي ٿي. جيڪڏهن اسين چاهيون ته پاڻ کي انهن انسانن جهڙو بڻائي، تاريخ جي ورقن ۾ امر ٿي سگهون ٿا. (روزانه هلال پاڪستان، عوامي آواز، جاڳو، سنڌو، مهراڻ، سنڌ نيوز) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جو درد رکندڙ حاڪم علي چانڊيو اسان جي سنڌ ڌرتيءَ تي ڪيترن ئي ليڊرن، عالمن، اديبن، شاعرن ۽ دانشورن جنم ورتو آھي جن پنھنجي سموري زندگي عوام جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي انھن مان ڪامريڊ تاج محمد ابڙو به ھڪ آھي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۰۸ آگسٽ ۱۹۲۴ع ڌاري شھدادڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي پرائمري تعليم قمبر مان حاصل ڪئي، سيڪنڊري تعليم لاڙڪاڻي مان حاصل ڪري ايل ايل بي ڪراچيءَ مان پاس ڪئي، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو شاگردي واري دور کان وٺي سياست ۾ سرگرم رھيو. مسلم ليگ ڪميونسٽ پارٽي جيئي سنڌ سنڌ ھاري ڪاميٽي نعپ پيپلزپارٽيءَ سميت سنڌ عوامي اتحاد کان وٺي جيڪا تحريڪ سنڌ جي ڀلي ۽ آجپي لاءِ بھتر محسوس ڪيائين، انھيءَ ۾ ڀرپور نموني حصو ورتائين، سنڌ جي نامور اديب دانشور جج سياستدان سماج سڌارڪ ۽ صحافي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي ۳۲ ھين ورسي آھي ھن مختلف شعبن ۾ اڻ ڳڻيون ۽ شاندار خدمتون سرانجام ڏنيون آھن ايشيا جي وڏي ادبي تنظيم سنڌ ادبي سنگت سنڌ جي باني ميمبرن ۾ شمار ڪيو ويندو آهي. ھن جي لاڙڪاڻي واري، سنڌ ۽ ھند جي مشھور اوطاق تي سنڌي ادبي سنگت جو اجلاس ڪوٺايو ويو. ون يونٽ خلاف تحريڪ دوران روشنيءَ جو پھريون ڪرڻو لاڙڪاڻي ۾ مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي اوطاق تان اڀريو ۽ پوري سنڌ ۾ ڦھلجي ويو ۽ سموري سنڌ کي جرڪائي ڇڏيائين ڪامريڊ تاج محمد ابڙو قائد اعظم محمد علي جناح جي انگريزي اخبار جو ايڊيٽر پڻ رھيو لاڙڪاڻي جي تاريخ ۾ انجمن ترقي اردو جي عمارت ۾ جيڪا لائبريري قائم ڪيائين ان جو نالو شاھ عبداللطيف ڀٽائي رکيائين دنيا ۾ اھڙا ماڻهو گهٽ ھوندا آھن جيڪي ٻين ڪاڻ جيئن خاص طور تي ڪو وڏو عھدو رکندڙ ماڻهو پنھنجي خوشيءَ بدران ٻين جي خوشيءَ کي ترجيح ڏئي مايا جو موھ ۾ پوڻ بدران غريبن جي خدمت ڪري جيڪڏهن ڪو اھي گڻ رکي ٿو ته اھو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو آھي جيڪو جج جي عھدي تي ھجڻ باوجود تمام سادگيءَ سان پنھنجي زندگي گذاري ماڻهو سندس فقير طبعيت ۽ حساسيت تي حيرت کائيندا ھئا. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ڪنھن کي به جيڪڏهن ڏکيو ڏسندا ھئا ته پاڻ به ڏکارا ٿي ويندا ھئا ڪامريڊ تاج محمد ابڙو نرم دل، نرم مزاج، نرم لھجي ۽ نرم طبعيت جا مالڪ ھئا ڪامريڊ تاج محمد ابڙو غريبن جي ھڙوان وڙان مدد ڪندو ھيو ۽ جيڪڏهن قلب جي اک سان ڏسجي ته اھا ئي انسانيت آھي جو ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جو ننڍي ھوندي کان ئي ادب ۽ سياست طرف لاڙو ھيو، ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي سياسي سماجي ادبي ۽ قانوني خدمتن کي مد نظر ۾ رکندي پوري سنڌ ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ورسي ملھائي ويندي آھي ۽ سندس نانءُ اڄ به چڱن ماڻهن جي فھرست ۾ مٿڀرو آھي ۽ سندس اولاد لاءِ ڄڻ ته ھو اھو وڏو خزانو ڇڏي ويو ھجي جو ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ڪري ھن معاشري ۾ مان مريادا آھي ماڻهن جي دلين ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي لاءِ تمام گهڻو مان آھي ڇاڪاڻ ته ھوءَ پنھنجي زندگي پيار پاٻوھ انسانيت واري جذبي ۽ ھڏ ڏوکيءَ طور زندگي گذاري ويو آھي، ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي زندگيءَ ۾ حرس حوس نفرت ۽ وڏائيءَ کان پري ۽ بالاتر رھيو ۽ عوام دوستي وارا عنصر سندس سڃاڻپ بڻجي ويا جنھن جي ڪري سندس نالو اڄ به پيو ڳائجي اھڙا ماڻهو امر ھوندا آھن ۽ جڳ جڳ جيئندا رھندا آھن. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع تي اسان کان هميشه هميشه لاءِ وڇڙي وڃي مالڪ حقيقيءَ سان مليو سندس تدفين لاڙڪاڻي جي ابوبڪر قبرستان ۾ ڪئي وئي پر سنڌ لاءِ ڪيل سندس خدمتون صدين تائين ياد رکيون وينديون ۽ اھڙا ماڻهو تاريخ بڻجي هميشه لاءِ جيئندا رھندا آھن. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو انسان دوست ۽ فرض شناس شخصيت امداد علي اوڍو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جي تاريخ جو املهه ڪردار آهي، جنهن پنهنجي مختصر زندگيءَ ۾ ڀرپور قومي جدوجهد ۾ نڀائڻ جي ڪوشش ڪئي. ۸ آگسٽ ۱۹۲۴ع ۾ هن جو جنم شهدادڪوٽ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. پرائمري تعليم قمبر علي خان ۾ حاصل ڪيائين ۽ سيڪنڊري تعليم لاڙڪاڻي ۾ پرايائين. لاڙڪاڻي ۾ پڙهائي دوران هن جو هم ڪلاسي ڊاڪٽر اياز قادري لکي ٿو ته: تاج محمد ابڙو منهنجو پيارو دوست هو. اسين هڪٻئي جي ڏک سک جا ساٿي هياسون، حال ڀائي ۽ همدرد هياسون. ڪامريڊ کي سياست سان دلچسپي هئي، انهيءَ دؤر ۾ مسلمانن جو لاڙو مسلم ليگ ۽ هندن جو لاڙو ڪانگريس ڏانهن هو. مسلم شاگردن وڏي سرگرمي سان مسلم ليگ لاءِ ڪم پئي ڪيو. هي دؤر ۱۹۴۲ع جو هيو. ان زماني ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو پورهيتن جي حقن جي ڳالهه ڪندو هو، غريبن جي مسئلن کي سمجهڻ ۽ انهن کي حل ڪرڻ متعلق ويچاريندو هو، مسڪين ماڻهو جي ڏکايل صورتحال تي ڏکارو ٿي ويندو هو ۽ آسائتو هوندو هو ته غريبي جو خاتمو ڪيئن آڻجي؟ انهيءَ جذبي هن ۾ سوچڻ واري ذات پيدا ڪئي. انهيءَ سوچ هن کي پڙهڻ ڏي راغب ڪيو. جيئن جيئن هن پڙهائي تي زور ڏنو، تيئن هن ۾ قومي جذبي تحت جدوجهد ڪرڻ وارو جذبو اجاگر ٿيو. هن اهو سمجهيو هو ته علم حاصل ڪري ئي شعوري طرح پنهنجي مسڪين ماڻهو جي تقدير بدلائڻ لاءِ جاکوڙ ڪري سگهجي ٿي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي ۱۹۴۳ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪئي. مسلمانن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جو رجحان گهٽ هيو. وڏن ماڻهن جا ٻار پڙهندا هئا، مسڪين ماڻهن لاءِ تعليم حاصل ڪرڻ ڄڻ ممڪن ڪونه هو. هندو گهڻو ڪري شهرن ۾ رهندا هيا ۽ ڪاروبار سان انهن جو تعلق هو، ان ڪري پڙهائي ۾ به هو دلچسپي وٺندا هئا. ڪامريڊ ميٽرڪ کان پوءِ اعليٰ تعليم لاءِ ڪراچي ۾ ايس.ايم ڪاليج ۾ داخلا ورتي. ۱۹۴۳ع ۾ پير الاهي بخش وزيرِ تعليم جي ڪوشش سان هي ڪاليج کليو، جتي مسلمان شاگردن لاءِ اسڪالرشپ، داخلا ۽ هاسٽل جي فين ۾ خصوصي رعايت ملندي هئي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي سان گڏ ٻين شاگردن سان گڏ ڊاڪٽر اياز قادري به گڏ هو. ڪاليج جا شاگرد پنهنجو ۽ تعليم جو خرچ پورو ڪرڻ لاءِ نوڪريون ڪندا هئا. مسلمان شاگردن لاءِ نوڪريون به جام هيون جو سنڌ ۾ نوڪرين جي ڪوٽا ۾ ۶۰ سيڪڙو مسلمانن لاءِ هوندو هو، ۴۰ سيڪڙو هندن لاءِ ڪوٽا هوندي هئي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو کي صحافت سان دلچسپي هجڻ ڪري هن تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ جڳ مشهور روزاني اخبار ”الوحيد“ ۾ سب ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ڪم ڪيائين. بعد ۾ ريڊيو پاڪستان ڪراچي ۾ نيوز ڪاسٽر جي حيثيت ۾ ڪم ڪيائين. هن جا هم ڪلاس محمد هارون (جيڪو سنڌ جو گورنر ٿيو)، سندس وڏو ڀاءُ سعيد هارون، اڳوڻو روينيو جو وزير قاضي عبدالمنان، علي گوهر کهڙو جن هئا. پڙهائي دوران هن کي پنهنجي اخبار ڪڍڻ جو شوق ٿيو. ڪامريڊ اخبار وسيلي سنڌ جي مسڪين، خصوصًا هارين جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ چاهي پيو، پر مناسب رقم نه هجڻ ڪري شروع ۾ اخبار نه ڪڍي سگهيو. ارادي جو پختو هيو، جيڪو فيصلو ڪري وٺندو هو، پوءِ ڏينهن رات اڻ تڻ هوندي هيس ته هر حال ۾ ان کي پورو ڪجي. اهڙي سوچ ۽ جذبي هيٺ ”نوجوان“ نالي سان اخبار شروع ڪئي، جنهن جو ايڊيٽر ڊاڪٽر اياز قادري کي مقرر ڪيائين. اخبار مواد جي حوالي سان انتهائي معياري هئي، پر مالي وسيلن جي نه هجڻ ڪري اخبار جو سلسلو بند ٿي ويو. ۱۹۴۷ع ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو وڪالت پاس ڪري لاڙڪاڻي واپس پهتو. وڪالت جي شروعات عبدالفتاح ميمڻ سان ڪيائين، پر پوءِ شمس الدين ابڙي سان پارٽنر جي حيثيت ۾ پريڪٽس ڪيائين. وڪالت دوران پاڻ سرڪاري وڪيل به ٿيو. هي صاف سٿري ڪردار جو مالڪ هو. وڪالت مقصد وارو پيشو سمجهي ڪئي. اڪثر مسڪين ماڻهن جا ڪيس مفت ۾ وڙهندو هو. گهڻن جون ته ڪورٽ جون فيون به پاڻ ڀريندو هو. ٿوري عرصي ۾ پيشي جي لحاظ کان مان مرتبي وارو مقام حاصل ڪيائين. وسيع مطالعي ڪري وڪالت سان گڏوگڏ سياست ۾ به دلچسپي هوندي هيس. شام جو هن جي اوطاق تي سياسي ڪچهريون ٿينديون هيون. هن جي ڪچهرين ۾ مختلف سوچ رکندڙ سياستدان، اديب، زميندار، پورهيتن سان تعلق رکندڙ دوست گڏ ٿيندا هئا. وڏو مهمان نواز هو، چانهه جو ڪيٽلو مستقل چڙهيل هوندو هو. هن جي ڪچهري جا روح روان ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ علي محمد عباسي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، عبدالخالق آزاد، ڪامريڊ جمال الدين بخاري، مولوي نذير حسين جتوئي، حاجي محمد پيرزادو، سائين جمال ابڙو، ڪامريڊ عبدالقادر جوڻيجو، عبدالخالق آزاد، ڪامريڊ برڪت علي آزاد، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، قاضي فيض محمد، شمس الدين شاهه وڪيل، شيخ اياز ۽ ٻيا ناليوارا دوست هئا. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي دوستن سان گڏ ”هاري پارٽي“ ٺاهي، جنهن هارين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي. هن کي سنڌي ادب ۽ زبان سان وڏو لڳاءُ هيو. سنڌي ادبي سنگت جي بنيادي ميمبرن ۾ شامل هيو ۽ سنڌي ادبي سنگت جي لاڙڪاڻي ۾ شاخ قائم ڪئي، جنهن جو هُو ڳچ وقت سيڪريٽري رهيو. سنگت جي ڪچهرين ۾ علم ۽ ادب دوست وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيندا هئا، جن ۾ ڪامريڊ جمال الدين بخاري، سائين جمال ابڙو، حاجي محمود خادم، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، عبدالمجيد ميمڻ، انيس انصاري، ڊاڪٽر اياز قادري ۽ ٻيا شامل هئا. ۱۹۵۶ع ۾ لاڙڪاڻو ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ورسي ملهائي وئي، جنهن جو سمورو خرچ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي ڪيو. سنڌ ۾ ڪٿي به ادبي ڪانفرنس ٿيندي هئي ته ڪامريڊ ان ۾ شرڪت ڪندو هو. هن جي سنگت جو حلقو وسيع هو. سموري سنڌ ۾ هن جا دوست هئا. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان به هن جي قرب وارو رستو هو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سان رابطي ۾ رهندو هو. ڀٽو صاحب، ڪامريڊ جي علمي، ادبي صلاحيتن کان متاثر هو. سياست متعلق هن سان صلاحون ڪندو هو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي اقتدار دوران ۱۹۷۲ع ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو کي ايڊيشنل سيشن جج مقرر ڪيو. اڳتي هلي سيشن جج ٿيو. امانتي عهدي سنڀالڻ کان پوءِ انصاف سان فيصلا ڪيائين. حيدرآباد، سکر، جيڪب آباد، نوابشاهه، ڪراچي ۽ آخر ۾ ٺٽي ۾ نوڪري ڪيائين. ۱۹۸۵ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. ڪجهه وقت ٺٽي ۾ رهيو، پر مستقل ناچاڪي جي ڪري پنهنجي زندگيءَ جو باقي حصو لاڙڪاڻي ۾ گذاريائين. ذيابيطس جي مرض ۽ دل جي تڪليف ڪري ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع ۾ ڪراچي جي جناح اسپتال جي Cardio vascular ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين. هن جي وفات سبب علم، ادب، صحافت، سياست جي هڪ شاندار باب جي پڄاڻي ٿي. سنڌ جي تاريخ هن عظيم سنڌ جي عاشق ۽ همدرد کي هميشه ياد رکندي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو پنهنجي حياتي دوران ۱۹۴۶ع کان وٺي ۱۹۸۶ع تائين پنهنجي ڊائري مستقل مزاج سان لکندو هو، جيڪا سندس ڪٽنب وٽ محفوظ آهي. چاليهن سالن جو لکيل هي ڊائري وارو مواد وڏو تاريخي آهي. سنڌ جو ڪو اشاعتي ادارو يا سندس فرزند جيڪي انتهائي لائق آهن، انهيءَ کي ڪتاب جي صورت ۾ آڻين ته جيئن مرحوم جي ذهانت، سوچ ۽ فهم مان سنڌ جو عوام لاڀ حاصل ڪري سگهي. مرحوم جيئن ته وسيع مطالعي جو مالڪ هو، ان جون لکڻيون به اهميت ۽ مڻيا واريون هونديون. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جو املهه ماڻهو حميد سنڌي پنهنجي پيارن، همسفرن ۽ سنڌ جي ماڻهن، مٽيءَ ۽ پاڻيءَ سان پيار ڪندڙن لاءِ لکڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. مان پنهنجي والد ۽ امڙ لاءِ به نه لکي سگهيو آهيان، زماني جي ڏکن ۽ ڏکيائين کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ڪندڙ هستين جيجي بيگم زينت چنا ۽ عبدالله چنا يا پنهنجي علمي ادبي رهبرن، مولانا غلام محمد گرامي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، محمد عثمان ڏيپلائي، رشيد ڀٽي ۽ ٻيا ڪيترائي سڄڻ سجاڳ ساٿي جن جي باري ۾ به دل کولي نه لکيو اٿم. تاج محمد ابڙي، نئين سنڌ جي نئين تاريخ جوڙيندڙ، همٿ ۽ صبر نه ڇڏيندڙ جاکوڙي انسان لاءِ ڪيئن لکان. تاج محمد ابڙي سان جيڪي به ڪچهريون ٿيون، انهن مان ايترو ته لاڀ پرايم جو اڄ تائين محسوس ڪندو آهيان ته تاج محمد ابڙي جنهن جي حياتي جا ڪيترائي رخ مون ۾ سمائجي ويا آهن. سندس جيڪي جاما يا ويس هئا، مون کڻي پاتا، سندس سماج سڌارڪ يا هڪ سوشلسٽ جي حيثيت هجي يا روشن خيالي ۽ ترقي پسندي هجي يا ايڊيٽر ۽ صحافي هجڻ جي حيثيت، ڪتاب پڙهڻ جو شوق هجي يا اوطاقن تي ڪچهرين وارو رنگ هجي يا ڏک سک ۽ ڀائيوار ڪرڻ هجي يا وڪالت، ماستري ۽ سرڪاري نوڪري واري ڪرت هجي، سڀئي اهي ويس وڳا هئا جيڪي مون کي نصيب ٿيا. ٿي سگهي ٿو سندس پورهيتي اجرن وڳن کي ڪنهن داغدار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هجي پر هن پنهنجي فڪر، ڏاهپ ۽ ذهني آزادي وسيلي پنهنجي دامن کي اجرو رکيو. تاج محمد ابڙي عملي ۽ مثالي طرح سان هڪ مبلغ ۽ سنت وارو ڪم پئي ڪيو پر هن اُن جي لکا نه ڏني. هو حياتي کي سونهن ۽ سوڀيا جو ويس سمجهندو هو، ڪنهن به ماڻهو سان شڪايت نه هوندي هيس، هُـو هر ماڻهو کي سهڻو ۽ ڏيا وارو سمجهي پيار ڪندو هو، هن کي مون ڪڏهن به ڪنهن سان شڪايت ڪندي نه ڏٺو هو، پنهنجي گڻن ۽ ڏيا کان ڄڻ واقف ئي نه هو، هن حياتي ائين گهاري ڄڻ حياتيءَ جو ٻيڙو سولو ۽ سنئون هو. سڙهه به سنوان ته رفتار به تکي ۽ تيز ڪيئن وقت واري جيان هٿن مان وهي پئي ويو، پر هن جي سچائي، ايمانداري ڄڻ ته کيس جيئڻ لاءِ ڪيئي جتن سولا ڪري پئي ڏنا. شيخ اياز جي ڪتاب ”ڪٿي ته ڀڄيو ٿڪ مسافر“ ۾ هڪ هنڌ شيخ اياز ۽ ڪامريڊ تاج محمد جي اڻبڻت جو واقعو بيان ڪيل آهي، جنهن بعد ڪجهه عرصي کانپوءِ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي وڃي کيس پرچايو. منهنجي خيال ۾ ڪامريڊ تاج محمد جڏهن سرڪاري نوڪري ۾ گهڙيو ته هو دوستن ۽ ڪامريڊ شپ جي بنيادي اصول تي عمل پيرا رهيو، نوڪريءَ هن کي ڪجهه وڌيڪConscious ڪري ڇڏيو هو. ڪامريڊ نظريو هجي يا سوشلسٽ، هو هڪ ڳالهه کان چڱي پر آگاهه هو، اها هئي انسان دوستي، جو پاڻ وڏو انسان دوست هو، ٻي ڳالهه هئي بحيثيت هڪ سماج سڌارڪ جي ڇاڪاڻ ته هو هن معاشري جي اوڻاين ۽ بندشن کي ڀلي ڀت ڄاڻندو هو ۽ سمجهندو هو، ان ڪري هن سڄي حياتي هڪ (Conscious) فرد طور معاشري جي عائد ڪيل بندشن خلاف جاکوڙ ڪئي. ان لاءِ هن جو بنيادي نقطو هو ته ايمانداري سان زندگي گذارجي ۽ (Personal Integrity) يعني پهريائين پنهنجي ذاتي طور ايمانداري هجڻ سان گڏ Integrity ۾ شامل عنصرن جهڙوڪ سچائي، راستبازي، سپتائيءَ ۽ سٺائيءَ کي پنهنجي جيئڻ جي ڍنگ سان شامل ڪري پاڻ کي هڪ مثال طور جڳ آڏو پيش ڪري ته جيئن پوءِ ئي معاشري جون اوڻايون، برايون پٽ پڌريون ٿي پونديون، پوءِ ئي انهن سان جنگ جوٽي سگهجي ٿي. تاج محمد ان لاءِ پاڻ Integrity جو وڏو مثال هو،Integrity رڳو ائين نه پر ان ۾ موجود سڀني عنصر جهڙوڪ سچائي، سربستائي، بي غرضائي، ايمانداري، راستبازي، سپتائي، اصليت، نرملتا ۽ سٺائيءَ جهڙا جزا سڀ شامل هجڻ کپن. منهنجي پياري رشيد ڀٽي جي اوطاق تي منهنجو تاج محمد سان جيڪي به ملاقاتون ٿيون ته هو کلي عام چوندو هو ته “يار سڀني انساني برائين جو حل اهو آهي ته هڪجهڙائي هجي، انصاف ۽ حق لاءِ آواز بلند ڪرڻ کانپوءِ اڳ ضروري آهي ته پنهنجي سپتائي ۽ مقصد ڏانهن سچي هجڻ جو ثبوت ڏجي، جنهن لاءِ ڪيترن ئي سکن، ذاتي مسرتن، تمنائن کي مارڻو پوندو“ هن جي سڄي حياتي جاکوڙ، پورهئي، سکن ۽ سهولت کان عاري زندگيءَ جي جيتوڻيڪ هڪ اهم ڪهاڻي آهي، پر اهڙي حياتي گهارڻ ۾ ڄڻ ته هن کي مزو پئي آيو جو مون کيس هميشه کِلندو ۽ ٻهڪندو ڏٺو، سوڀي گيانچنداڻي پنهنجين لکڻين ۾ کيس ”منهنجو ساٿي ڪامريڊ تاج محمد“ ڪري سڏيو آهي، سوڀو پاڻ ڪامريڊ آهي، هنن لفظن سان ڄڻ کيس ڪامريڊي جي سندَ ڏني اٿائين، هونئن به ڪامريڊ معنيٰ ئي آهي سنگتيءَ ساٿيءَ جي. ساٿي به اهو جيڪو دوستن عام ماڻهن ۽ پوري سماج لاءِ همدرد ۽ هڏ ڏوکي هجي. ڪامريڊ گهڻو تڻو ڪميونسٽن جي ساٿيءَ يا اشتراڪي ڪميونسٽ لاءِ ڪتب آندو ويندو آهي پر تاج محمد اهڙو ڪامريڊ هو جنهن جو مول متو ئي هو انسان دوستي ۾ Integrity گهرائپ يا ويجهڙائپ ۽ هڪ Association ڳنڍڻ واري ناتي کي ئي اهميت ڏيندو هو، سڪ، قرب، محبت، همدردي، هڏ ڏکائپ جو تاڃي پيٽو ائين اڻندو هو جيئن ڪو ڪاريگر ڪوري اڻت ڪري. ههڙا نينهن نپائڻ ۽ نڀائڻ وارو ماڻهو اڄ ڪو ڪو ملندو، مون کيس سکر ۾ سنڌي ادبي سنگت جي سالياني ميڙ ۾ ڏٺو، هو هڪ سرگرم ڪارڪن پئي لڳو پر هن ڪا به تقرير نه ڪئي نه پيپر پڙهيو. ادبي ڪچهرين جو ڪوڏيو هو، مون کيس گهڻو تڻو رشيد ڀٽي جي اوطاق تي ڪچهرين ۾ شريڪ ٿيندي ۽ ڳالهائيندي ڏٺو، سندس ڄاڻ ۽ حاصل ڪيل عمل جي وسعت کي ڏسي حيرت ٿيندي هئي، اها به اهم ڳالهه هئي ته ايترو پڙهيل ڳڙهيل هوندي به هو لکي نه سگهيو، مون کانئس لاڙڪاڻي واري اوطاق ۾ چانهه جون سرڪيون ڀريندي کانئس اها ڳالهه هڪ سوال جي صورت ۾ پڇي هئي، هو پهريائين چپ رهيو ۽ پوءِ اٿي بيٺو، پنهنجي سفيد پينٽ کي ڇڪي مٿي ڪيائين، پوءِ پنهنجي وڻندڙ مک تي دلپذير مشڪ آڻيندي مون ڏي ۽ ٻين دوستن ڏانهن نهاريندي، ڪجهه هيئن چيائين ته “پوءِ ڇا مان اوهان جي ادبي برادري مان نڪري وڃان، پيارا حميد ۽ دوستو! مان عمل ۽ ادب جو عاشق ۽ اوهان جي هر اول دستي جو جهنڊو کڻي هلندڙ هڪ فرد آهيان، ادب ۽ اديبن جو فهم ۽ ادراڪ وارو پيغام پهچائيندڙ آهيان، ڇڏيو ته مان زبان وسيلي مبلغي ڪريان ۽ توهان لکڻ وسيلي مبلغي ڪريو، مون کي توهان ڌار ڪري ئي نه ٿا سگهو، جو مان اوهان جي جسم ۽ روح جو حصو آهيان.” ”بس سهڻا سائين بس! مون ڪڏهن اهڙي ڳالهه نه ڪئي آهي، تون اسان جو رڳو جهنڊي بردار نه پر اهڙو اڳواڻ آهين، جنهن جو همٿ سان نه رڳو لاڙڪاڻي پر سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به تنهنجي قائم ڪيل منڊلين تي وڏو مچ مچايو آهي” مان اڄ جڏهن ماضي ۽ حال جو جائزو وٺان ٿو ته اهڙن مقصدن سان واڳيل ماڻهو ۽ اهڙا مچ منڊليون گهٽ ٿو ڏسان. اڄ جي ادبي ميڙن، مجلسن کي ڏسجي ٿو ته ائين لڳي ٿو ته جيئرا جسم ضرور آهن پر اهي روح ڪينهن، اهو مقصد ئي ڪونهي جنهن سان اسين واڳيل هجون، ڪامريڊ تاج محمد اسان سڀني اديبن جو ساٿي، سنڌي سماج جي سڌاري لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ، هڏ ڏوکي ۽ همدرد هڪ اهڙو انسان هو، جيڪو يقينن فرشته خصلت هوندي به فرشتو نه هو، جو هن کي مسئلن جي حل ڪرڻ جي طاقت يا Authority ڪين هئي، هو رڳو هن ناانصافي واري جهريل سماج جو جهريل پر مردم شناس انسان دوست فرد هو، انهي سماج اندر ٿيندڙ اڻبرابرين، زور زبردستين، ناحق ۽ ناانصافين جي مسلسل جهولن ڪري سندس ٻيڙي جا سڙهه گهڻي دير سٽ نه جهلي سگهيا، جهريل دل سگهو ئي ڏري پئي ۽ اهو اسان کان ڌار ٿي ويو ۽ اهڙين ساٿين ۽ مسافرن لاءِ مون ڪنهن هنڌ پڙهيو هو، ڄڻ ته هو هاڻ هت ويٺو هو، گهڙيءَ پل لاءِ ڪاڏي اُٿي ويو آهي!؟ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جي گهڻ رخي شخصيت ساگر جبار سومرو اڄ سنڌ سميت پوري ملڪ ۾، سنڌ جي ان بيباڪ باڪردار، گھڻ رخي شخصيت کي ياد ڪيو ويندو، جنهن شخصيت پوري زندگي، زندگيءَ جي هر طبقي سان واسطو رکندڙ ماڻهن سان، ائين نڀايو جيئن ڪو پنهنجي جيون ساٿين سان نڀائيندو آهي. هن کي سماجي ڪارڪن چئجي، سياسي شخصيت چئجي، اديب، ليکڪ، صحافي وڪيل يا جج چئجي جنهن جي شخصيت انهن سڀني ڪردارن سان ڀرپور نڀائيدي سنڌ لاءِ اهو نياپو ڇڏيو، ته سنڌ لاءِ صرف هڪ فورم تان جاکوڙ نه ڪبي آهي سنڌ لاءِ هر فورم تان ائين جاکوڙ ڪبي آهي، جو سنڌ جو آئيندو روشنين جي ضمانت ڏئي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي زندگيءَ ۾ هوش سنڀاليندي ئي شعور ۽ خدمت جا اهي سڀ مورچا سنڀاليا، جنهن سان سنڌ جي شعور کي چارچنڊ لڳائي سگهجن هو ڪراچيءَ ۾ شاگرديءَ واري دور کان ئي سياست، ادب، صحافت جو اهم حصو رهيو. هن هر ميدان ۾ پاڻ ملهايو. هو جڏهن استاد ٿي، قمبر شهر جي اسڪول ۾ آيو هو ته هن جي ٻارن جي تربيت ڏسي، قمبر واسي حيران ٿي ويا هئا. هي اهو استاد هو، جيڪو ٻاهران آيل شاگردن کي، پاڻ سان گڏ، پنھنجي مليل ڪواٽر ۾ رهائيندو هو. جڏهن هن جا ٻاهريان شاگرد ڏينهن تتي ۾ ٻاهر ويندا هئا، ته انهن کي روڪي پنهنجي جڳهه تي ويهاري ڇڏيندو هو ته مان اوهان کي ههڙي گرميءَ ۾ ڳوٺ ڪو نه ڇڏيندس. اوهان منهنجي ڪواٽر ۾ ويهو، شام ڳوٺ وڃجو. جڏهن هن جا شاگرد، هن جي ڪواٽر ۾ گرميءَ سبب، ويهڻ ايندا هئا ته انهن کي هو ماني هٿن سان کارائيندو هو. هو استاد هوندي، اهو استاد ٿيو جو هن اهو مثال قائم ڪيو ته استاد هيئن ٿيندو آهي. هن جي اسڪول واري خدمتن کي ساراهيندي، سنڌ سرڪار قمبر جو مين روڊ، هن جي نالي سان منسوب ڪيو هو، جيڪو اڄ تائين ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو چوندو هو ته؛ جيڪڏهن اسان تعليم جون راهون روشن ڪنداسين ته روشني اسان جو مقدر رهندي. هو تعليم جي حوالي سان، تمام وڏو جاکوڙي ڪردار هو. هو ڪڏهن به سک سان ڪين ويٺو هو. هن پوري زندگي جدوجهد ۾ گذاري. هن لاڙڪاڻي ۾ پهريون لائبريريءَ جو بنياد وڌو. جنهن بنياد وجهڻ کانپوءِ، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، شهيد ذالفقار علي ڀٽو سان مليو، ته اوهان لائبريءَ کي اڃا به وڌائڻ لاءِ مدد ڪيو. جنهن تي شهيد ذالفقار علي ڀٽو هن کي چيو هو ته؛ اوهان پنهنجو گهر ڏيو ته مان لائبرري قائم ڪيان. جنهن تي ڪامريڊ تاج محمد ابڙي فوري طور، پنهنجو گهر لائبرري کي ڏيڻ جو اعلان ڪيو. هو حيرانگيءَ جي ڳالھ اها ته پنهنجو گهر لائبريريءَ لاءِ ڏيندڙ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، پنهنجو ذاتي گهر آخر تائين به نه ٺاهي سگهيو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سياست ۾ تمام سگهارو هو. هو شهيد ذالفقار علي ڀٽو سان تمام ويجهو هو، ۽ شهيد ذالفقار علي ڀٽو به هن کي تمام گھڻو ڀانئيندو ھيو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي جو بنياد رکندڙن مان هو. هن جي ساٿ ۾ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ۽ ٻيا نالي وارا اديب پڻ رهيا. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، سنڌي ادبي سنگت جو تمام سرگرم ساٿي رهيو. هر گڏجاڻي، هن جي اوطاق تي ٿيندي هئي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، پنهنجي دور ۾ نالي وارو صحافي به رهيو هو. جڏهن ڪراچيءَ ۾ پڙهندو هو ته الوحيد اخبار ۾ هن صحافت جي شروعات، سب ايڊيٽر هجڻ سان ڪئي. محنتن سبب، تمام ٿوري وقت ۾ وڃي ايڊيٽر جي حيثيت تي پهتو هو. ڪراچيءَ واري رهائش دوران، دنيا جي نالي واري سماجي ڪارڪن عبدالستار ايڌي ۽ ملڪ جي ناليواري ليکڪا فاطمه ثريا بجيا جي تمام ويجهو رهيو. هو ڪراچيءَ ۾ تمام گھڻو سرگرم رهيو. هو سنڌ جو خاموش خادم هو. هن ڪڏهن به ڪو ڪم، ڪري اخبار ۾ نه ڏنو ۽ هن ڪڏهن به ڪنهن جي مدد ڪري ڪو اخبار ۾ فوٽو نه ڏنو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، لاڙڪاڻي جو پهريون مسلمان وڪيل هو. هن جڏهن ايل ايل بي ڪري، لاڙڪاڻي ۾ وڪالت شروع ڪئي ته ان وقت وڪالت ۾ هڪ مافيا سرگرم هئي، جيڪي صرف عوام کان ڳريون فيون وٺڻ ۾ مشهور هئا. پر ڪامريڊ تاج محمد ابڙي غريبن لاءِ مفت انصاف جا در کولي ڇڏيا هئا، ۽ هو هميشه اهو چوندو هو ته مان انهن جو وڪيل آهيان، انهن جو نمائندو آهن جن جو ڪو به نه آهي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي، جڏهن ايل ايل بي ڪئي هئي ته ان وقت قائد اعظم محمد علي جناح مئٽرڪ تي ايل ايل بي ڪيل ايل ايل بي هولڊر هو ۽ ڪامريڊ انٽر تي ايل ايل بي ڪئي هئي ۽ وڪالت دوران ٿيندڙ اليڪشن ۾ جڏهن ڪامريڊ محترمه فاطمه جناح جو ساٿ ڏنو هو ته ان وقت جي ڊڪٽيٽر صدر ايوب خان ڪامريڊ ڏي ملڪ جي اهم شخصيت جي معرفت پيغام موڪليو هو ته ڪامريڊ فوري طور تي محترمه فاطمه جناح جو ساٿ ڇڏي ڏي، ۽ فوري طور پريس رليز جاري ڪر. جنهن تي ڪامريڊ، ايوب خان کي اهو نياپو موڪليو هو ته؛ مان مرڻ گهڙيءَ تائين فاطمه جناح جو ساٿ نه ڇڏيندس. جنهن تي ان وقت جي ڊڪٽيٽر، ايوب خان ڪامريڊ لاءِ ڌرتي تنگ ڪري ڇڏي هئي. ڪامريڊ، بلوچستان ۾ پنهنجن گهاٽن دوستن اڪبر خان بگٽي، سردار عطاءُ الله مينگل، خير بخش مري، مير غوث بخش بزنجي وٽ وڃي سياسي پناهه ورتي هئي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، جڏهن بلوچستان ۾ پنهنجي سردار دوستن وٽ رهندو هو. تڏھن ڪامريڊ، کين چيو هو ته؛ مان اوهان جي ڪيل خدمت آڏو شرمسار آهيان. ڇو جو مان پاڻ وڪيل آهيان. پاڻ ڪمائي کائيندس. جنهن کان پوءِ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي، بلوچستان ۾ ڊي پي پي يعني سرڪاري وڪيل طور جوائن ڪيو هو. صدر ايوب جي وڃڻ کانپوءِ، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ آيو ھيو. موٽي اچي، هن پنهنجي اوطاق آباد ڪئي ھئي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي ۾ هزارين خوبيون هيون. پر هن جي هڪ خوبي، هزارن جي مثال هئي. اھا، اھا ته پوري سنڌ ۾ اوطاقي طور مشهور هو. هن جي پوري زندگي، هن جي اوطاق آباد رهي. هو، يارن جو يار هو. هن جي اوطاق، هميشه آباد رهي. هو اوطاقن ۾ سياسي، سماجي ۽ ادبي ميڙاڪا مچائڻ جو ماهر هو. ائين کڻي چئجي جيڪو اڃا بهتر لڳندو ته؛ هو اوطاقن کي آباد رکڻ ۾، سنڌ جو مثالي ڪردار هو، جنهن سنڌ جي ثقافت کي هميشه لاءِ جياريو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، تعليم جي ميدان ۾، وڏي سوچ رکندڙ، اها شخصيت هو، جو هن نياڻين کي تعليم ڏيارڻ ۾ وڏي جاکوڙ ڪئي. جنهن جو وڏو ثبوت هي آهي ته ڪامريڊ جون چار نياڻيون آهن. اڄ چار ئي سنڌ جي اهم عهدن تي آهن. هن جو چوڻ هو ته؛ نياڻيون پيءُ ۽ ماءُ جو نالو روشن ڪنديون آهن. مان چاهيان ٿو ته سنڌ جون نياڻيون، سڀ کان اڳ ۽ اڳ هجن. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي شخصيت جا هزارين پاسا آهن. هن جي شخصيت جو هر رخ، سنڌ کي جيئاريندڙ ۽ ملڪ کي اڳتي وٺي ويندڙ آهي. اڄ هن جي ۳۱ هين ورسي آهي. جيئن ڪامريڊ تاج محمد ابڙي پنهنجو فرض سمجهي سنڌ جي هر فورم تي مثالي خدمت ڪئي، ان ڪري اسان مٿان به اوترو ئي فرض آهي ته هن جي شخصيت تي اهي ڪي سنجيده ڪوششون ۽ پرگرام ڪيون جو هن جي شخصيت جا سڀ رخ، سنڌ تائين آسانيءَ سان پهچي سگهن. تاج محمد ابڙو سنڌ جو درد رکندڙ انسان الطاف شيخ لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو، سنڌ جو تاريخي شهر آهي، جنهن هر دؤر ۾ اسان کي اهڙا ته ليڊر، عالم، اديب ۽ شاعر ڏنا، جن پنهنجي ڏاهپ سان سنڌ کي واسي ڇڏيو. مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب به انهن مان هڪ آهي. پاڻ سنڌ جا نامور اديب، دانشور، جج، سياستدان، سماج سڌارڪ، صحافي ۽ استاد هئا. سندن جنم ۸ آگسٽ ۱۹۲۴ع تي شهدادڪوٽ ۾ ٿيو. پرائمري تعليم قمبر مان ۽ سيڪنڊري تعليم لاڙڪاڻي مان حاصل ڪرڻ بعد ايل ايل بي ڪراچيءَ مان پاس ڪيائون. شاگردي واري دؤر کان ئي پاڻ سياست ۾ سرگرم رهيا. مسلم ليگ، ڪميونسٽ پارٽي، جيئي سنڌ، سنڌ هاري ڪميٽي، نعپ، پيپلز پارٽيءَ سميت سنڌ عوامي اتحاد کان وٺي جيڪا تحريڪ سنڌ جي ڀلي ۽ آجپي لاءِ بهتر محسوس ڪيائين، انهيءَ ۾ ڀرپور نموني حصو ورتائين. سندن شمار سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي باني ميمبرن ۾ ٿئي ٿو. سنڌي مسلمانن جي پاڪستان کان به پهرين جي مشهور واحد اخبار ’الوحيد‘ جنهن پاڪستان جي تاريخ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو، ان جو ڪجهه وقت لاءِ ايڊيٽر ۽ قائد اعظم محمد علي جناح جي انگريزي اخبار ڊان جو سب ايڊيٽر پڻ رهيو. لاڙڪاڻي جي سنڌي ۽ اردو اديبن کي ويجهو ڪرڻ ۾ پاڻ وڏو ڪردار ادا ڪيائون ۽ انجمن ترقي اردو پاڪستان لاڙڪاڻي شاخ جا سرگرم ڪارڪن ٿي رهيا. لاڙڪاڻي جي تاريخ جي سڀ کان وڏي سنڌ جي لائبريري ”سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريري“ جيڪا اتر سنڌ جي واحد اهم لائبريري آهي، جتان هزارن جي تعداد ۾ اڄ به شاگرد، اديب ۽ دانشور فيضياب ٿي رهيا آهن، ان جي بنياد لاءِ چيو وڃي ٿو ته مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب رکرايو. پاڻ لاڙڪاڻي شهر سان لڳو لڳ بقاپور يونين ڪائونسل جو چيئرمين پڻ رهيو. پاڻ ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي نيوز ڪاسٽر طور ڪم ڪرڻ کان علاوه قمبر هاءِ اسڪول ۾ انگريزي استاد جي حيثيت سان پڻ پنهنجا فرائض سرانجام ڏنائون. ڪامريڊ تاج محمد پاڪستان جو واحد جج هو، جنهن کي ڪامريڊ جو خطاب مليو. وڏيرا شاهي جي اثر رسوخ رکندڙ ضلعي جيڪب آباد ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، قاضي فيض محمد، جي ايم سيد، غلام محمد لغاري جن جي مدد سان ضلعي ۾ هاري ڪاميٽيءَ جو بنياد وڌو. انهيءَ سلسلي ۾ صدر ايوب خان جي مقابلي ۾ هن محترمه فاطمه جناح جو ساٿ ڏنو. ۱۹۵۳ع ۾ ڇپيل بايوگرافيڪل انسائيڪلوپيڊيا آف پاڪستان ۾ پنجن صوبن جي اهم هڪ هزار وڏين شخصيتن مان کين هڪ قرار ڏنو ويو. سندن ادبي همعصر دوستن ۾ اياز قادري، انيس انصاري، تنوير عباسي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محمد ابراهيم جويو، جمال ابڙو، رسول بخش پليجو، شيخ اياز، سوڀو گيانچنداڻي، پير حسام الدين ۽ علي محمد راشدي، گوبند مالهي، هري دلگير درياڻي ۽ ٻيا کوڙ سارا نالا اچي ٿا وڃن. سندن ذاتي لائبريري ۾ هزارين ڪتاب هئا ۽ سنڌ جي وڏين لائبريرين ۾ شمار ڪئي ٿي ويئي. سندن اولاد سنڌ جي وڏن اديبن جي صلاح تي لائبريري جا ڪتاب سر شاهنواز لائبريري ۽ سنڌ جي عظيم درسگاهه سنڌالاجي کي عطيي طور ڏنا ۽ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي نالي پويان سنڌالاجي ۾ هڪ الڳ ڪارنر قائم ڪيو ويو آهي. سندن سياست سان تمام گهڻو لڳاءُ رهيو. محترمه فاطمه جناح جي ساٿ ڏيڻ تي سنڌ مان پاڻمرادو جلاوطني اختيار ڪري بلوچستان ويو ۽ اتي نعپ جي وڪالت به ڪندو رهيو. هن مهل به سنڌ جو عوام ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي سياسي، سماجي، ادبي، قانوني خدمتن کي مدنظر رکي کيس مختلف طريقن سان ياد ڪندو رهي ٿو. (ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۸ آگسٽ ۲۰۲۴ع تي ڇپيل) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ’مون سي ڏٺا ماءُ، جنين ڏٺو پرينءَ کي‘ ارشاد ڪاغذي انسان ۽ انسانيت لاءِ جيڪي ماڻهو محبت ۽ خدمت جي جذبي سان سرشار ٿين ٿا، تاريخ تن جي نانءُ کي هميشه لاءِ روشن رکي ٿي. جيڪي شخص مسڪين، محروم ۽ مظلومن جا همدرد ۽ هڏڏوکي ٿين ٿا، اهي امر بڻجي وڃن ٿا. سنڌ ۾ ڪيترا ئي اهلِ علم ۽ قلم ۽ مانجهي مڻيادار پيدا ٿيا آهن، جن پنهنجي پورهئي ۽ پگھر، سوچ ۽ لوچ سان سنڌ جي سينڌ سنواري آهي . ڪامريڊ تاج محمد ابڙو به اهڙين عظيم هستين منجهان هو، جنهن سنڌ جي مسڪين، هارين ۽ مزدورن جي بهتري ۽ ڀلائيءَ لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو هو. ڪامريڊ تاج محمد سنڌ جي قسمت بدلائڻ لاءِ علم، ادب، تعليم ۽ سماجي ڪمن ۾ جيڪي خدمتون سرانجام ڏنيون سي ڪڏهن به وسارڻ جوڳيون ناهن. ڪامريڊ ابڙو هڪ نهايت ئي مهربان، شفيق ۽ هڏڏوکي انسان هو، جنهن پنهنجي سموري ڄمار اصولن جي پاسداري ڪئي، ڪڏهن به پنهنجي نظرئي ۽ فڪر کان نه ڦريو ۽ هميشه حق ۽ سچ جي راهه تي رمندو رهيو. هن پوري حياتي لوڪ جي خدمت لاءِ ارپي ڇڏي هئي. ڪامريڊ روشن خيال ۽ مخلص شخص هو، جنهن پورهيت پنهوارن جي لاءِ پنهنجي وت ۽ وس کان وڌيڪ خدمت ۾ گذاري. پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان جي ملڪ ۾ اهڙن املهه هيرن جو قدر نٿو ڪيو وڃي. خدا ڄاڻي ته ڪنهن رنگين چمن ۾ ڇو نه ڄاياسين؟ ٽڙياسين دامنِ صحرا ۾، خوشبو ئي اجائي وئي. (شيخ اياز) ڪامريڊ تاج محمد جي ٻاريل ڏياٽيءَ جي بدولت سنڌ جي سياست ۾ جاگيرداري جي گپ اوندهه ۾ روشني جو ترورو روشن ٿيو ۽ جاگيرداري جي غلامي کي چئلينج ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪامريڊ پيش پيش هو ۽ ان جي ڪري ٻيا غريب هاري ناري ڪامريڊ جي فڪر ۽ فلسفي سان سلهاڙجي ويا. ڪامريڊ تاج محمد ڪميونسٽ پارٽي ۾ شامل هو ۽ مظلومن جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو. ڪامريڊ جي ياري دوستي وڏن وڏن ليڊرن سان هوندي هئي. ڪامريڊ جا مختلف مڪتبه فڪر جي ماڻهن سان به تعلقات هئا پر هو انهن مان نه هو جيڪي پنهنجي لاءِ ذاتي فائدو حاصل ڪن پر هو غريبن جي مدد ڪندو رهيو. ڪامريڊ تاج محمد، اوطاقي مڙس هو، هن جي بيٺڪ امير ۽ غريب لاءِ کليل هوندي هئي. هن جي اوتاري تي حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، ڪامريڊ جمال الدين بخاري، ذوالفقار علي ڀٽو ۽ لاڙڪاڻي جا اديب، شاعر ۽ سڄاڻ ميڙو مچائي علم، ادب، سياست ۽ انقلاب جا مچ مچايو ويٺا هوندا هئا، فيض جي پالوٽ ٿيندي هئي. هو تاريخ ساز شخصيت هو، جنهن سياست کان علاوه سماجي کيتر ۾ به گھڻو ڪم ڪيو. جج جي نوڪري دوران به پنهنجي ڪرت ۾ مشغول رهيو ۽ پاڻ کي هڪ اهڙو ادارو بنايو، جنهن جي ذريعي عوام کي فائدو ئي فائدو مليو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي سنڌ هاري ڪميٽي ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سان گڏجي ڪم ڪيو. لاڙڪاڻو ۽ جيڪب آباد ضلعن ۾ هاري ڪميٽي جا يونٽ کولڻ ۽ سرگرمي سان هارين جي حقن لاءِ جدوجهد هلائڻ جي ڪري پوري سنڌ ۾ هن جو نالو مشهور ٿيو. ان زماني ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جي سرواڻي ۾ جتي ڪامريڊ تاج جهڙا هاري ورڪر سرگرم هئا، اتي ٻيا هاري ورڪر غلام محمد لغاري، قاضي فيض محمد، برڪت علي آزاد، مير محمد ٽالپر وغيره به ڪامريڊ ابڙي جا دوست ۽ ساٿي هئا. هُن هاري ڪميٽي اليڪشن ۾ وڏيرن ۽ جاگيردارن جو مڙسيءَ سان مقابلو ڪيو. ڪامريڊ علم ۽ ادب سان گھڻو شوق ۽ شغف رکندو هو ۽ گھڻو پاڙهو هو. انگريزي جا ڪتاب تمام گھڻا پڙهندو هو ۽ ان ڪري سندس ذهانت اتم ۽ اعليٰ هئي. هو دانشور هو، سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي جو سيڪريٽري رهيو، پر ۵۰ واري ڏهاڪي ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي، رشيد ڀٽي ۽ ٻين جڏهن نئين سري سان سنڌي ادبي سنگت کي فعال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪامريڊ ان ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سنڌي اديبن کي هڪ هنڌ متحد ۽ منظم ڪرڻ ۾ هن جون ڪوششون ساراهڻ جوڳيون آهن. ڪامريڊ يارويش ماڻهو هو، سنڌ جي اديبن شاعرن، سياستدانن، هاري ورڪرن ۽ شاگردن سان هن جا واسطا رهيا، هو سڀ جي خدمت ڪندو هو. هو نياز ۽ نمرتا جو نمونو هو، تمام گھٽ ڳالهائو هو. هن جي اوتاري تي اچڻ وارا اديب ٿي ويا، ڇو جو اتي ڪيئي نامور اديب شاعر ۽ محقق ۽ سياستدان ايندا ويندا هئا ۽ اتي جيڪي بحث مباحثا ٿيندا هئا تن جي اثر جي ڪري نوجوان علم ۽ ادب سان چاهه رکڻ لڳا ۽ مشهور اديبن جي ميل ملاقات ۽ عليڪ سليڪ جي ڪري ڪامريڊ جي آشرم مان علم، ادب، شاعري ۽ ادراڪ جون وٽيون پي پرباش ٿي پنهنجي علم و ادب جا واهڙ وهائي ڇڏيا. نوجوانن انهن ڪچهرين مان گھڻو پرايو. هن جو تعلق گھڻن ئي ليڊرن سان هوندو هو، ملڪ جي سياسي جماعتن جي ويجهو هيو، هن جا خيال الڳ هوندا هئا. ڪامريڊ هوندي به ملڪ جو صدر ۽ وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو هن جي عزت ڪندو هو ۽ هن جي آشرم تي اچي ڪچهري ڪندو هو ۽ ڪامريڊ جو سنگتي هو. ذوالفقار علي ڀٽو جي چوڻ آکڻ تي نوڪري ۾ گھڙيو ۽ اتي به غريبن جي مدد ڪندو رهيو. هن دوستن سان به اهڙو ورتاءُ ڪيو جيڪو اڳ ۾ هوندو هو. جڏهن رٽائر ٿيو تڏهن به ايمانداري جو نمونو قائم ڪري سبڪدوش ٿيو. ڪامريڊ تاج محمد جي ياري باشي ته هر هڪ سان هئي پر پنهنجي ڪهول سان جهڙي نموني هليو ۽ انهن جي تعليم ۽ تربيت تي پورو ڌيان ڌريو، تنهن جي ڪري سندس پونئير به پنهنجي وڏڙي جي واٽ تي هلن ٿا ۽ واقعي اها هڪ خوش بختي چئبي جو اڄوڪي هن دور ۽ نفسا نفسي واري ماحول ۾ هن جا پويان به پنهنجي بابي جي ڇڏيل ورثي جي پوئيواري ڪندي انسانيت ۽ ماڻهپي ۾ آهن. وڏن عهدن تي رهندي به غريبن جو خيال رکڻ واقعي وڏي ڳالهه آهي. اهڙن ڌيئرن ۽ پٽن کي جس هجي! ڪامريڊ جي تربيت ۽ پالنا جي ڪري سندس گھرڀاتي ۽ ٻار ٻچا به ان روش جي ڪري ڪامريڊ جي دڳ تي هلي رهيا آهن. سندس فرزند ۽ ڌيئرن علم ۽ ادب جي ميدان ۾ پاڻ ملهايو آهي ۽ پنهنجي والد صاحب جي ڪم کي وڌايو آهي ۽ ان جي ياد ۾ ڪيئي ڪتاب شايع ڪرايا آهن ۽ يونيورسٽي وغيره ۾ ڪامريڊ جي ياد ۾ چيئر قائم ڪرائي تحسين لائق ڪم ڪيو آهي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جهڙا نيڪ بخت انسان ورلي پيدا ٿيندا، جيڪي پنهنجي ذات ۽ ڏات ۾ هڪ انجمن جو درجو رکندا آهن! مون سي ڏٺا ماءُ، جنين ڏٺو پرينءَ کي، رهي اچجي راتڙي، جنگن سندي جاءِ، تنين جي ساڃاءِ، ترهو ٿئي تار ۾. (شاهه لطيف) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو لاڙڪاڻي جو هڪ عظيم اوطاقي ماڻهو ولي رام ولڀ سنڌ سونهاري ڪيترن ئي حوالن سان هيري جهڙن ماڻهن جي کاڻ رهي آهي، جنهن ۾ لاڙڪاڻو سڀ کان وڌيڪ ڀاڳوند آهي. اهڙن هيرن ۾ مدبر، دانشور، اديب، سياستدان ۽ زندگيءَ جي هر ميدان ۾ ملهه ماريندڙ ڪيتريون ئي شخصيتون شامل آهن. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو به پنهنجي دﺂر جي اعليٰ پايي جي انسانن جي جهرمٽ ۾ لاڙڪاڻي جي روايتي اوطاق ذريعي ڪيترن ئي حلقن ۾ محبوب هو. سندس اوطاق تي هيٺئين سطح کان وٺي مٿئين سطح جي طبقي جا ماڻهو وٽس اوطاقي ٿيندا هئا، جن سان هو سماجي، سياسي، ادبي ۽ علمي موضوعن تي بحث ڪندو هو ۽ اهڙي طرح گفتگوءَ ذريعي ترقي پسند سوچ، فڪر ۽ نظرياتي دڳ طئه ٿيندا هئا. لاڙڪاڻو هڪ عرصي کان وٺي وزيرن، وڪيلن، وڏيرن سان گڏ عام ماڻهن جو شهر پڻ رهيو آهي. اتان جو هر ماڻهو پنهنجي رويي مان سياست جي سُتي پيل لڳندو آهي، جنهن ۾ اوطاق ڪلچر جو وڏو ڪردار رهيو آهي. گذريل صديءَ دوران، نواب حاجي امير علي لاهوري، عبدالغفور ڀرڳڙي، قاضي فضل الله، عبدالفتاح ميمڻ، ميان غلام عباس قادري، فقير محمد انڙ ۽ تاج محمد ابڙي جون ڪچهريون مشهور هونديون هيون، جن ۾ تاج محمد ابڙي جي ڪچهري سڀ کان سرس ۽ سونئالي هوندي هئي. سندس ڪچهريءَ ۾ مختلف قسمن، طبيعتن، مسلڪن، سماجي تنظيمن، مڪتبه فڪرن، سياسي پارٽين، رجعت پسندن، ترقي پسندن، سوشلسٽن، ادبي گروهن، زميندارن، هارين ۽ مزدور طبقي جي ماڻهن جي اچ وڃ رهندي هئي. هُو ساڻن سندن سطح مطابق ڪچهري ڪندو هو ۽ کين مانُ ڏيڻ سان گڏ چاهه ڀري چانهه به پياريندو هو. پر سندس مسلڪ ”ترقي پسندي“ هو، جنهن جو هُو پختو پرچارڪ هو. ابڙو صاحب پاڻ ليکڪ ته نه هو، پر هُو نوجوان ٽهيءَ کي اتساهي کين لکڻ لاءِ آماده ڪندو هو. سندس دوستن ۾ سنڌ جا چوٽيءَ جا اديب، سياستدان ۽ ڪارڪن شامل هئا، جن لاءِ سندس اوطاق بيشڪ هڪ ڪلاس روم مثل هئي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، سوڀو گيانچنداڻي، جمال ابڙو، شيخ اياز ۽ محمد ابراهيم جويي جهڙيون شخصيتون سندس محبتن ۾ شامل هيون ۽ وٽس ٻيا به ڪيترا ئي برک ماڻهو اوطاقي ٿيندا هئا. افسوس جو نئين صديءَ ۾ سنڌ جو اهو ”اوطاقي ادارو“ پنهنجو وقت پورو ڪري کڄي ويو ۽ هاڻي نڪا اوطاق، نه اوطاقي ۽ نه وري ٿري اصطلاح ۾ اوتارا. اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين، جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا. (شاهه ڀٽائي) محمد ابراهيم جويي جي سهيڙيل ڪتاب ”سنڌ جو املهه هيرو: ڪامريڊ تاج محمد ابڙو“ (۲۰۰۴ع) ۾ پروفيسر اياز قادري پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو ته: ”وٽس لائبريريءَ ۾ ڪافي سارا ڪتاب ڪٺا ٿيل هئا، جن ۾ بايوگرافي ۽ تاريخ بابت ڪافي ڪتاب هئا. هو انگريزي هفتيوار رسالي ‘Time’ (ٽائيم) جو هڪ عرصي کان خريدار هو، جن جا ٻڌل جلد سندس لائبريري جي زينت آهن.“ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سندس دل گهريو دوست هو. هُو وٽس به هليو ويندو هو ۽ بنا حجاب کيس پاڻ وٽ به گهرائيندو هو. انهيءَ دوستيءَ جي رشتي هن کيس ايوبي دﺂر جو بي ڊي (بيسڪ ڊيموڪريسي) جو ميمبر ۽ پوءِ چيئرمين بڻايو. ادب سان دلچسپيءَ سبب هن سنڌي ادبي سنگت جي شاخ قائم ڪئي، جنهن ۾ قلم قبيلي وارن جو وڏو تعداد شريڪ ٿيندو هو، جن ۾ حاجي محمود خادم، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ، انيس انصاري، جمال الدين بخاري، ڊاڪٽر اياز قادري ۽ ٻيا شامل هئا. ۱۹۷۲ع ۾ شهيد ڀٽي جي چوڻ تي تاج محمد ابڙو سيشن جج مقرر ٿيو، پر پوءِ به سندس معمول ۾ ڪو ڦيرو نه آيو. ۱۹۸۵ع ۾ رٽائر ڪيائين ۽ ۱۹۸۶ع ۾ دل جي دﺂري سبب ڪراچيءَ ۾ انتقال ٿيس. سندس اکيون ٻوٽجڻ کان پوءِ لاڙڪاڻي جي ڪچهرين جا دﺂر به ٻوٽجي ويا. هو بيشڪ لکاري نه هو، پر لکارين جي لاءِ وڏي اتساهه جو ڪارڻ هو، بلڪه ائين چئجي ته هو اديب ساز شخصيت هو. ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي لکيو آهي ته: ”.... هن سنڌي ادب تخليق ته نه ڪيو، پر پنهنجي تنظيمي صلاحيتن سان سنڌي ادبي سنگت وسيلي ادب ۾ جديد لاڙن جي جاڳرتا پيدا ڪئي. کيس سنڌي ادب جو خاموش خدمتگار سڏجي ته بهتر ٿيندو. هن ڪڏهن به پنهنجي نالي ڪڍرائڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي، پر خاموشيءَ سان جديد ادب کي رواج ڏيڻ لاءِ ڪم ڪندو رهيو.“ انيس انصاريءَ سندس خاڪي ۾ ڄاڻايو آهي ته: ” تاج محمد ابڙو پنهنجي شخصي ڊائري به لکندو رهندو هو. سندس ڊائريون ۱۹۴۶ع کان ۱۹۸۶ع تائين يعني ۴۰ سالن تي مشتمل هيون، جيڪي سندس ڪٽنب وٽ رکيل آهن.“ منهنجي سندس ڪٽنب وارن کي گذارش آهي ته اهي ڊائريون ايڊٽ ڪري ڇپرائڻ جو انتظام ڪيو وڃي، ته جيئن عمومي طور سنڌ جو ۽ خاص ڪري لاڙڪاڻي جو منظر نامو، منظرِ عام تي اچي سگهي. اهي ڊائريون يقينًا تاريخ جي ٽٽل ڪڙين کي جوڙڻ ۾ مدد ڪنديون. انيس انصاري مذڪوره مضمون ۾ تاج محمد ابڙي طرفان سندس اولاد کي وصيت جي حوالي سان لکي ٿو ته: ”.... سندس دوستن کي ڪا تڪليف نه ملڻ گهرجي، البت پاڻ ۾ اختلاف يا ڪنهن منجهيل مسئلي تي سندن صلاح ضرور وٺندا. انهن جي هر وقت عزت ڪرڻ اوهان جو فرض آهي ۽ سندن اولاد سان تعلق پڻ رکڻ جي ڪوشش ڪندا. کانئن ڪڏهن به مالي مدد جي طلب نه ڪندا.“ انهيءَ مان لڳي ٿو ته پنهنجي عزتِ نفس کي محفوظ رکڻ لاءِ پنهنجن دوستن کي ڪا تڪليف نه ڏيڻ لاءِ ڪيڏو نه تاڪيد ڪيو اٿس، ته جيئن سندس اولاد پنهنجن پيرن تي خود اعتماديءَ سان بيهي، اڏول بڻجي ۽ پنهنجي والد جي روايت کي قائم رکي. مذڪوره ڪتاب ”سنڌ جو املهه هيرو“ ۾ شامل ٻه مضمون اهڙا آهن، جيڪي سندس شخصيت جي اهڙن پهلوئن تان پردو کڻن ٿا، جن مان سندس اعليٰ ظرف، مٿڀري رتبي ۽ ترقي پسند سوچ رکندڙ ڪامريڊ هئڻ جو ڏس ملي ٿو. شيخ اياز پنهنجي لکيل مضمون ”صاف گو ۽ صاف دل انسان“ ۾ سندس ذاتي قرب ۽ دوستيءَ جو مانُ رکيو آهي ۽ ٻيو آهي حميد سنڌيءَ جو لکيل ”سنڌ جو املهه ماڻهو“، جنهن ۾ هن سندس ذاتي ايماندارانه زندگي ۽ ساک قائم ڪرڻ ۾ سچائي، سربستائي، بي غرضائي، ايمانداري، راست بازي، سڦتيائي، اصليت، نرملتا ۽ سٺائي جهڙا جزا بيان ڪيا آهن. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو دوستن جو دوست، سياست سان لڳاءُ رکندڙ، اديبن جو يار، ترقي پسند نظريي جو پڪو پوئلڳ، رک رکاءُ وارو، سنڌ جي ثقافت جو مجسمو ۽ قدامت ۽ روايتن کي مانُ ڏيندڙ، انصاف پسند ۽ انصاف ڪندڙ منصف هئڻ سان گڏ هڪ مخلص ماڻهو هو. اهڙو شخص، جنهن ۾ ايتريون ساريون خوبيون هجن ۽ پاءُ صدي اڳ هن جهان کي ڇڏي، پنهنجن پرستارن جي دلين ۾ دائمي جاءِ ڇڏي وڃي ته يقينًا اهڙين خوبين واري شخص لاءِ هن دﺂر ۾ اعتبار ئي نه ايندو ته اهڙو شخص به هن خطي ۾ زندگي گذاريندو هو ۽ گذاري ويو. هاڻي سندس ڳالهيون ڪندڙ دوست، سندس گهر ڀاتي ۽ سائين ابراهيم جويي جو سلهاڙيل ڪتاب ”سنڌ جو املهه هيرو“ اسان وٽ رهجي ويا آهن، جن مان پتو پوي ٿو ته ههڙا ماڻهو به هن ڌرتيءَ کي دان ۾ مليا هئا، جن جي صدقي هن ڌرتيءَ جو مانُ مٿانهون آهي. (روزانه ڪاوش، آچر ۱۷ اپريل ۲۰۱۱ع) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جاڳر جوڳيئڙن جو زيب نظاماڻي ڪڙو منجهه ڪڙي، جيئنءَ لهار لپيٽيو، سندم جيءُ جڙي، سُپيريان سوگهو ڪيو. (شاهه لطيف) ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين ۽ ڪيٽي بندر کان ڪشمور تائين سنڌ جي خمير ۽ ضمير جي چيڪي مٽيءَ جي سُڳنڌ وقت کي واسيندي رهي آهي. هن مٽيءَ مان ڳوهيل املهه وجود جڏهن ساهن ساڻ سينگاري موڪليا ويا ته مٽيءَ مٽيءَ جي هڳاءَ سان وفا جا نوان باب لکيا، اهي رتيون وڌيون جن جنم کان جنمن تائين پنهنجي سڀاويڪ سوچ ۽ عمل ذريعي سنڌ ڌرتي جي سڃاڻ کي سڄاڻائيءَ جي سڳي ۾ پوئي محبتن جون مالهائون جوڙيون. اهو راڄ، اهو ڀاڳ، اهو تر، اهو بي ڳڻو ليکبو هو، جنهن جي تڏي ڪو ڪهي اچي ۽ مانُ نه لهي. ڏورانهون ڪهي ايندڙ يا ڏينهن لاءِ گڏجي ويهي نبيرا ڪرڻ، پريت ونڊڻ ۽ ڏاهپ جا واهڙ وهائڻ لاءِ جنهن آڳنڌ کي عزت بخشي ويندي آهي، ان کي سنڌي ٻوليءَ ۾ اوطاق چئبو آهي. معنيٰ اوري پري کان ڪهي، رلجي سلجي هڪٻئي سان گڏجي ڪانڀا ٻڌي ويهي ڏاهپ جا نوان گس، نبيري جا نوان لاڙا ڳولي لهڻ، سنڌ جي اوطاقن جي سڃاڻپ رهي آهي. جنهن تر جي راڄ ۾ اوطاقون نه هجن ته اتي سڃ ليکبي ۽ جنهن راڄ ۾ اوطاقون نه هجن ته اتي ڏاهپ جا واهڙ وهندي ڀاسبا. هڪ راڄ وارا ٻي راڄ ۾ ڪهي وڃي مهمان ٿيندا هئا، مچ ٻرندا هئا، سياري جون ٿڌيون ڊگهيون راتيون ائين پل ۾ وهامي وينديون هيون. هڪٻئي سان رابطي جو اهو سگهه وارو ذريعو نه رڳو هڪٻئي سان ميل ميلاپ وڌائڻ ۾ مدد ڏيندو هو، پر ڏات، ڏاهپ ۽ سُگهڙ پائيءَ جا نوان باب کوليندو هو. بزرگن واتان ڏور، پهاڪا، ڳجهارتون، بيت ۽ داستان ٻڌي ائين ڀاسبو هو، ڄڻ ته عمل جي عميق مان ٽٻي ڏئي موتي ميڙي آيا هجون. ٻوليءَ جي سکيا جا فطري مرڪز سنڌ جون اوطاقون ئي رهيون آهن. ماءُ جي جهوليءَ کان پوءِ جيڪڏهن پُٽ ٻاهر علم پرائيندو هو ته اهو ذريعو اوطاقون ئي هونديون هيون. پر جيئن جيئن وقت گذرندو رهيو ته اوطاقون، جيڪي سماجي رابطي جو اهم ذريعو رهيون، پنهنجي اهميت وڃائڻ لڳيون. هاڻ اوطاقن ۾ ڏاهپ جا واهڙ وهڻ جي بجاءِ رڇ ڪتن جي ويڙهه، ڪڪڙن جا ميل ۽ ڪارو ڪاريءَ جي فتويٰ جا فيصلا، هڪٻئي تي حاڪميت هلائڻ ۽ سرڪاري پئسا کائڻ لاءِ سٽون سٽڻ لاءِ وڃي رهيون آهن، پر اهڙي پُر آشوب دؤر ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اهو واحد مردِ مجاهد هو، جنهن علم جي لاٽ ٻاري پنهنجي اڱڻ تي اها جوت جلائي، جنهن جو تجلو صدين کان صدين تائين سنڌ جي اتهاس ۾ روشن باب بڻجي نسل در نسل سرت، ساڃاهه ۽ ڏات منتقل ڪندو رهندو. پنهنجي تڏي کي ٻين جي آڌر لاءِ اڱڻ اجاري انتظار جا ڏيئا ٻاري رکجن! اها ريت سنڌ واسين جي سڃاڻپ رهي آهي ۽ ايندڙ کي چوندي آءُ، ويندڙ کي چوندي ويهه! ته پوءِ ڏوري ڏيهه، سچ ته انهيءَ قربن وارين ڪچهرين ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي اڱڻ ڪهي وڃڻ جي ريت، سنڌ ۽ سنڌ جي سرحدن کان پري کان ڪهي ايندڙ شخصيتن جي قدمن جا نشان اڄ به ان اوطاق ۾ پسي سگهجن ٿا. سندن آڌرڀاءُ ڪرڻ لاءِ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي پيار ۽ خلوص جي خوشبوءِ سان انهيءَ اوطاق جون ديوارون اڄ به مهڪي رهيون آهن، پر اڄ اهو جوڳين جو جاڳر هڪ خواب وانگر ٿو لڳي ۽ اها اوطاق جتي سچ ۽ پيار جا سوين سج اڀرندا ۽ خوشيون ۽ محبتون کڻي ايندا هئا ته الهندا به خوشيون ۽ محبتون کڻي ايندا هئا. پر اڄ ها! اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا. (شاهه لطيف) ۱۹۴۷ع ڌاري وڪالت جي تعليم حاصل ڪري قانون جا ڳاٽي ڀڳا ڳرا ڪتاب پڙهندي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو قانوني پيچيدگين ۽ قانون جو ڄڻ ياد حافظ بڻجي وڃي ٿو ۽ پوءِ پنهنجي ساٿي ۽ استاد شمس الدين ابڙي سان گڏجي وڪالت ڪرڻ لڳي ٿو. ايماندار وڪيل هر ايماندار ڪاموري جيان ڏوڪڙ ته نه، پر واهه واهه جا جهول ڀري ٿو ۽ ماڻهن جي محبت تاڙين جي روپ ۾ گڏ ڪري پنهنجي بينڪ بيلنس ۾ واڌارو ڪرائي ٿو، پر هو اهو به ڄاڻي ٿو ته انهيءَ بينڪ بيلنس مان نه ته سندس ٻارن ٻچن جو پيٽ ڀربو ۽ نه ئي پنهنجو خرچ هلندو ۽ نه ئي جيڏن، سرتن ۽ يارن دوستن جو آڌر ٿي سگهندو! انهيءَ لاءِ ڪامريڊ سنڌي اخبار الوحيد ۽ انگريزي اخبار ڊان جي سب ايڊيٽر جي حيثيت ۾ پنهنجو پاڻ مڃايو. مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي سرگرم رڪن جي حيثيت ۾ پاڻ مڃائيندڙ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جڏهن جج جهڙي حساس ۽ ذميداريءَ واري منصب تي فائز ٿيو، ته به سندس ذاتي مصروفيتن تي ڪوبه فرق نه پيو. هن طالب جي دوستي هر عام ۽ خاص، ننڍي توڙي وڏي سان هئي. مطلب ته هن وٽ دوستيءَ جو معيار عام رواجي نه، پر صوفين وارو يعني انسان ذات سان سنگت ساٿ واري ريت جيان رهيو. سياست، علم وادب سان واسطو رکندڙ ۽ واپاري، صنعتڪار، مزدور، هاري، رئيس ۽ وڏيرا، مطلب ته هر مڪتب فڪر ۽ هرهڪ طبقي جا ماڻهو سندس اوطاق تي وٽانئس محبت جا موتي ميڙي پنهنجا پالها جهول ڀريندا رهيا. ذوالفقار علي ڀٽو، اياز قادري، قاضي فضل الله، شيخ اياز، تنوير عباسي، فتح الله عثماني، رشيد ڀٽي، ڪامريڊ مولوي نظير حسين جتوئي، ڪامريڊ جمال الدين بخاري، ڪامريڊ برڪت علي آزاد، جمال ابڙو، حفيظ قريشي، قاضي فيض محمد، سائين جي ايم سيد، پير حسام الدين راشدي، پير علي محمد راشدي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، ڪيرت ٻاٻائي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، گوبند مالهي، نسيم کرل، هري دلگير، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، سراج الحق ميمڻ، حميد سنڌي، نور الدين سرڪي جي پيار جا بادل مٿس برسندا رهيا. ابڙو وڏ-وڙو سُوڙو، سمو سونهن سڀن، تنهن در سڀ اچن، ڪنڌ نه ڪڍي ڪڇ ڌڻي. (شاهه لطيف) ها انهيءَ ڪڇ ڌڻي ابڙي جهڙي شخصيت جو مالڪ هي تاج محمد ابڙو به وڏي وڙ وارو ٿي گذريو آهي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو پاڻ ڪڏهن به تخليقي ادب، تخليق نه ڪيو، پر سنڌي ادب سان سندس بي پناهه محبت ۽ عقيدت جو عملي ثبوت سنڌي ادبي سنگت مرڪز جي بنيادي ڪارڪن جي حيثيت ۾ سنڌي ادبي سنگت مرڪز جو بنياد وجهڻ آهي. اها هڪ تاريخي حقيقت آهي، جنهن جي شاهدي روزانه هلال پاڪستان ڪراچي جي اربع ۲۷ آگسٽ ۲۰۰۳ع ۾ لکيل مونس بخاري جو مضمون: ”سنڌ جو املهه هيرو: ڪامريڊ تاج محمد ابڙو“ مان ملي ٿي. مونس بخاري لکي ٿو ته: تاج محمد ابڙو جي اوطاق ۾ سنڌ جا ڏاها ۽ سرموڙ ليکڪ گڏ ٿين ٿا، جن ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي، سائين تاج محمد صحرائي، جمال ابڙو، رشيد ڀٽي ۽ ٻيا جن جي کاڌي پيتي جو انتظام به تاج محمد ابڙو پنهنجي هڙان وڙان ڪندو رهيو. اهڙيءَ ريت انهيءَ عظيم اوطاق ۾ سنڌي ادبي سنگت مرڪز جو بنياد رکيو ويو، جيڪا اڄ تائين ايشيا جي سنڌي اديبن جي واحد تنظيم آهي، جيڪا پنهنجي سگهاري حيثيت وقت جي لاهن چاڙهن ۾ به برقرار رکيو اچي، پر افسوس ته سنگت جي مرڪزي عهديدارن ڪڏهن به ڪنهن به دؤر ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي شخصيت ۽ ڪارنامن تي نه ته ڪو سيمينار ڪوٺايو، نه سندس جنم ڏينهن ملهايائون ۽ نه ئي وري سندس تي لکيل آرٽيڪل ڇپرائڻ جو ڪو خيال ڪيو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي شخصيت سندن سڀاءُ ۽ سندن علمي ڪردار ادب، سياست ۽ سماج لاءِ هڪ مشعل راهه کان گهٽ نه رهيو آهي. تون چؤ مون کان پوءِ ڪنهن جو ٿيندين ڪينرا! واڪا ڪندي ووءِ، صديون تو لاءِ سنڌڙي. (اياز) اڄ نه پسان سي، آتڻ ڪتيم جن سين هاڻي تنين کي، ڪنڌيءَ ڪاڪ نهاريان. (شاهه لطيف) ون يونٽ ختم ڪرائڻ جي ڏس ۾ عملي تحريڪ جو هي خاموش هيرو پنهنجي عمل ۾ ظاهري نماءُ ڪندڙ نام ڪٺين، جيڪي سدائين ون يونٽ ٽوڙڻ جو ڪارنامو نرڙ تي چنبڙائي قوم تي ٿورا ٿڦيندي وتن واڦيندا ٿاڦيندا ۽ ٺڙڪو ڪارنامن کي ڪيش ڪرائيندا آهن، پر ڪامريڊ تاج محمد ابڙو نه ئي ڪڏهن پاڻ پڏايو ۽ نه ئي پنهنجا ڪارناما ورجايا ۽ نه ئي انهن کي ڪيش ڪرايو. مون کي ته افسوس اسان جي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي به ٿئي ٿو، جن وٽ هاڻي جڙتو مقابلن واري ڳجهارتي روش عمل ۾ آهي. اسان جي نوجوان نسل وٽ ويجهڙائي ۾ هيروز جي اهڙي ڪابه لسٽ نه آهي، جن کي سچائي ۽ ايمانداريءَ جي ڪسوٽي تي رکي پرکي سگهجي. اسان وٽ ته پُڇ ٻَڌي مهري ڪرڻ واري روش تحت جڙتو هيرو، جن جي ساک جَــر تي ڦوٽي جهڙي آهي، جام آهن. سنڌ جي کسجندڙ وسيلن ۽ وڪامجندڙ سنڌو درياءَ جي سُڏڪندڙ صورت ڏسندي رڳو چند ڏات ڌڻين جي اکين ۾ لڙڪ تري ايندا آهن، نه ته رڳو ٻه چار مضمون، نظم، گيت، غزل، وايون، دوها ۽ ٽيڙو بس! سياستدان احتجاج ڪندا، بيان ڏيندا، پوءِ نون سودن سان مارڪيٽ جا نوان اگهه! هاڻي سنڌ ماءُ کي ائين سستي اگهه وڪڻندڙن جي هٿن کي هٿي ڏيندڙ بيحس ماڻهو سنڌ جي آئنده نسل کي ڪهڙو تاريخي آئينو ڏيکاريندا؟ ها پر اهڙي ڀڃ ڊاهه جي دؤر ۾ وري ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جهڙي شخصيت جو عملي ڪردار سندس اوطاق جي در ۽ ديوارن تي وڏي واڪي چئجي ۽ پنهنجن سچن هيروز جي سڃاڻپ پنهنجي ڌرتي جي مستقبل لاءِ ڪنهن نه ڪنهن آءِ ڊي ۾ آڻي انٽرنيٽ لاءِ منتقل ڪجي ته جيئن سنڌ جو مستقبل پنهنجي هيروز جي عملي ڪارنامن مان ڪو عملي سبق حاصل ڪري سگهي. محبتي ميڙي، ڳوٺ ٻڌجي هڪڙو تنين جي ويڙهي، پاڻهي ايندو بادشاهه. (شاهه لطيف) لاڙڪاڻو جنهن لاءِ کوڙ ساريون چوڻيون ۽ پهاڪا مشهور آهن: لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو يا هجئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو وغيره، انهيءَ لاڙڪاڻي جي لعلن ۾ هڪ لعل ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اسان کان ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع تي هميشه لاءِ جسماني طور جدا ٿي وڃي ٿو، پر سندس عملي ڪردار پوري سنڌي قوم لاءِ هڪ ڏيئي جي حيثيت رکي ٿو، جنهن جي لاٽ ۾ امن، پيار ۽ محبت جي واٽ پسي سگهجي ٿي. لاڙڪاڻو اڄ جنهن بدامني ۾ غرق ٿيل آهي، انهيءَ مصيبت مان ڪڍڻ لاءِ ڪامريڊ تاج محمد جو نينهن نياپو گهر گهر، در در پهچائڻ اسان لاءِ اولين فرض جي حيثيت رکي ٿو، ته جيئن اتي اسان پنهنجي پياري لاڙڪاڻي ۽ سونهاري سنڌ ڌرتيءَ جي کيتر ۾ پيار ڪڻيون پوکي، سک، سلامتي ۽ امن جا سنگ اپايون. اچو ته عهد ڪريون ته اتي ڪڏهن به ڪارو ڪاري رسم نه دهرائجي، جتي ڪڏهن به ڪنهن جي لڄالٽ نه ٿئي، جتي ڪڏهن به ڪنهن ٻار سان زيادتي نه ٿئي، جتي ڪڏهن به ڌاڙيل ڪچي جي حسن کي بارود جي بوءِ ۾ لوڙهي نه ڇڏين، جتي سهاڳڻين جي چوڙين جا ٽڪرا گهٽين ۾ وکرڻ بجاءِ سندس کڻڪي تي گيتن جا گلزار سجن، جتي مينديءَ جي مهڪار تي موڙ ۽ نئن جا ڳيچ ڳايا وڃن، جتي علم، ادب ۽ ڏاهپ جو سنڌو پنهنجي ڦوهه جوانيءَ جي مست ڇولين سان جهومي نچي! ها ان مٿان ڪي به ريتن رسمن جا ٿل ڪئنال ۽ ڪالاباغ يا اهڙا ڪي به ڪئنال ۽ بند نه ٿڦيا ۽ نه مڙهيا وڃن. ٻار ماءُ جي لوليءَ جي ٻولن کان ڪنائي پنهنجي سنڌي ٻولي ڳالهائڻ سکن. نئون نسل اجرڪ جي ڦلڙي، گج جي ٽوئنرن، ٽوپيءَ جي ٽڪن ۽ رليءَ جي ٽڪَ ۾ سمايل سونهن ۽ سچ جي واٽ پسي سگهي. پر اڄ اهي ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جهڙا ڪردار ڪٿي آهن! اچو ته انهن جي اوطاقن جا گس ڳوليون، جت جوڳيئڙن جو جاڳر ٿيندو هجي ۽ ڏاهپ ۽ محبت جا واهڙ وهندا هجن. پر افسوس جو: اڄ نه اوطاقن ۾، جاڳر جوڳيئڙن جو ساري سناسين کي، روئيندين يتئان رو پس پارئان تو، لاهوتي لڏي ويا. (شاهه لطيف) (روزانه عوامي آواز، جاڳو، سَچ، تعمير سنڌ، هلچل، سنڌ، مهراڻ، عبرت) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو آزاديءَ جي شمع جو پروانو برڪت علي آزاد تاج محمد ابڙي سان منهنجي واقفيت قاضي فضل الله سابق وزيراعليٰ سنڌ مرحوم جي معرفت ۱۹۴۸ع ڌاري ٿي. قاضي صاحب جا تاج محمد ابڙي سان انتهائي گهرا تعلقات هئا. تاج محمد ابڙي کي مون سياست ۽ ادب جو بيحد جنوني، شوقين، پيارو ۽ همدرد انسان دوست ڏٺو، تڏهن ئي مان سندس لاڙڪاڻي واريءَ اوطاق ۾ اچڻ وڃڻ لڳس. مان تاج محمد ابڙي جي اوطاق ۾ اڪثر اچي قيام پذير ٿيندو هئس. مون کي ابڙي صاحب وٽان چڱي آڌرڀاءُ، عزت، ماني ٽڪي ۽ خاطر تواضح ملندي هئي. تاج محمد ابڙي کي سوشلزم سان شروع کان ئي وٺي دلچسپي هئي. انهيءَ زماني ۾ مون کي به سوشلزم سان دلچسپي وڌڻ لڳي. انهيءَ دوران تاج محمد ابڙي لنڊن مان سوشلزم آئيڊيالاجيءَ جو هڪڙو ماهوار رسالو ”ليبر منٿلي“ جي نالي سان لنڊن مان گهرائي، مون کي تحفو ڪري ڏنو. اهو رسالو هاڻي به منهنجي لئبريريءَ ۾ محفوظ ۽ سانڍيل آهي، جيڪو تاج محمد ابڙي جي اسان دوستن لاءِ محبت جي يادگيري ڏياريندو رهندو آهي. تاج محمد ابڙو مرحوم ۱۹۷۰ع ۾ وڪالت ڇڏي سيشن جج ٿي، سکر آيو. مان به شيخ اياز جي چوڻ تي جيڪب آباد ڇڏي، سکر ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي. تاج محمد ابڙي جو سرڪاري بنگلو اسلاميه ڪاليج لڳ هو. مان ڏانهنس اچڻ وڃڻ لڳس. مان ۽ ابڙي صاحب جا ٻيا ڪافي دوست شام جو تاج محمد ابڙي جي بنگلي تي اچي، ڪچهري ڪندا هئاسين. تاج محمد ابڙو سرڪاري نوڪري ۾ هوندي به اهو ساڳيو ئي تاج محمد ابڙو هو، جو ججيءَ کان اڳ ۾ هو. ساڳيون ئي ڪتابن واريون ڳالهيون، ساڳيون هاري تحريڪ ۽ ترقي پسنديءَ جون صلاحون ۽ مشورا، ساڳيو آزاد منش، ترقي پسند، انسان دوست. سکر ۾ ان سلسلي ۾ اسان جو حلقو هو رشيد ڀٽي، شيخ اياز، فتح الله عثماني ۽ فتاح ملڪ وغيره. اهڙي نموني اسان جون سياسي ۽ ادبي ڪچهريون تاج محمد ابڙي جي نوڪريءَ دوران به ٿينديون رهيون. ڪجهه عرصي کان پوءِ تاج محمد ابڙي جي بدلي سکر کان حيدرآباد ٿي، پر اتي به تاج محمد ابڙي جو ساڳيو ئي شوق رهيو، يعني شام جو حيدرآباد ۽ پسگردائيءَ جي دوستن سان سندس ڪچهريون متل رهيون. حيدرآباد ۾ مان حيدر بخش جتوئيءَ جي هاري پارٽي واريءَ آفيس ۾ ايندو هئس، پر رهندو تاج محمد ابڙي وٽ هئس. تاج محمد ابڙي جون سنڌ جي مختلف شهرن ۾ بدليون ٿينديون رهيون ۽ مان هن ڏانهن هر شهر ويندو رهيس. تاج محمد ابڙي جي بدلي خيرپور ميرس به ٿي، جتان ڪڏهن ڪڏهن ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ کي وٺي ۽ رشيد ڀٽي مرحوم کي ساڻ کڻي، مون وٽ اچي منهنجي لئبريريءَ ۾ ابڙي صاحب وارا ويندا هئا، جا منهنجي گهر ۾ موجود آهي. هڪ دفعي تاج محمد ابڙي مون کي داراشڪوه جو مشهور لکيل ڪتاب تصوف تي مجمع البحراين وٺڻ لاءِ چيو، جيڪو ناياب ڪتاب هو. جڏهن مان ورلڊ سنڌي ڪانگريس انڊيا ويس ته اهو ڪتاب دهليءَ مان خريد ڪري اچي تاج محمد ابڙي کي ڏنو، جنهن کي ڏسي تاج محمد ابڙو، رشيد ڀٽي ۽ ڊاڪٽر تنوير عباسي ڏاڍا خوش ٿيا. تاج محمد ابڙي کي دل جو عارضو رهندو هو، پر ڊاڪٽر جي هدايت باوجود هو جڏهن به سکر ايندو هو ته مون وٽ منهنجي فليٽ تي ڪافي وڏي ڏاڪڻ چڙهي مٿي ايندو هو. هڪ دفعي مون کيس چيو ته: مهرباني ڪري اگر توهان مون سان ملڻ چاهيو ٿا ته نوڪر کي مون ڏانهن موڪليندا ڪريو ته مان خود توهان سان هيٺ اچي گاڏيءَ ۾ ملان، توهين ڇو تڪليف ڪري بيماريءَ ۾ مون ڏانهن مٿي اچو ٿا! ابڙي صاحب انهيءَ تي چيو ته: ”تنهنجو گهر منهنجي لاءِ هڪ درگاهه آهي، جنهن کان مان ڪنهن به قيمت تي پاڻ کي محروم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيان.“ اهو هو تاج محمد ابڙي جي اسان دوستن، ڪامريڊن لاءِ قربت ۽ پيار جو احساس، جنهن مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو. اهڙا عظيم ماڻهو مون پنهنجي زندگيءَ ۾ تمام گهٽ ڏٺا آهن. جهڙيءَ طرح مان ابڙي صاحب کي دنيا جي هر موضوع تي گوناگون ڪتاب پهچائيندو هئس، تهڙي طرح ابڙو صاحب به مون کي پنهنجا ناياب ۽ قيمتي ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏيندو هو. سندس وفات کان ڪجهه عرصو اڳ تاج محمد ابڙي مون کي هڪ اهڙي ڪتاب ڏيڻ جو چيو، جو اهو ڪتاب هڪ اڻ لڀ ۽ انتهائي ناياب قسم جو هو، پر افسوس اهو ڪتاب ابڙي صاحب جي وفات ڪري مون کي ملي نه سگهيو، پر اڄ ڏينهن تائين مون ڏاڍي ڪوشش ڪئي آهي، پر اهو ڪتاب مون کي دستياب نه ٿي سگهيو آهي، جنهن جي پڙهڻ جي مون کي اڄ به بيحد تمنا ۽ تڙپ آهي. تاج محمد ابڙو پنهنجن دوستن يارن کي پاڻ وٽ رهائڻ پنهنجي وڏي خوش قسمتي سمجهندو هو. منهنجي تاج محمد ابڙي جي معرفت ڪافي وڏين وڏين اهم شخصيتن سان واقفيت ٿي. ابڙي صاحب جو پنهنجن گهروارن ۽ نوڪرن کي بيحد سختيءَ سان چيل هو ته ڪوبه اگر منهنجو دوست اچي ته ان کي هميشه سٺي ماني ٽڪي ۽ ايئر ڪنڊيشن ڪمرو، گهمڻ لاءِ ڪار ۽ ڊرائيور وغيره ڏيندا ڪريو ۽ منهنجي غير موجودگيءَ ۾ به انهن جي خاطر تواضح کان سواءِ نه ڇڏيندا ڪيو ۽ کين مجبور ڪندا ڪيو ته رهن. تاج محمد ابڙو سنڌ جي سياست ۾ منهنجي شموليت جو بيحد منتظر هوندو هو ۽ سندس مرضي هئي ته مان ڪوئٽه واري اردو اخبار ”زمانه“ ڇڏي سنڌ واپس اچي پنهنجي قومي ڪاز هاري تحريڪ کي وڌيڪ منظم ڪرڻ لاءِ هتي اچي ڪم ڪريان. سندس چوڻ هو ته: ”ڇاڪاڻ ته تو زندگيءَ جو گهڻو حصو جيڪب آباد ۾ گذاريو آهي، هاڻي به موٽي سنڌ ۾ اچ ۽ پنهنجي پسند جي ڪم کي وڌاءِ.“ آخرڪار مان تاج محمد ابڙي جي صلاح سان پنهنجي اردو اخبار ”زمانه“ کي هڪ دوست حوالي ڪري جيڪب آباد آيس. مون ۽ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي اهو محسوس ڪيو ته جيستائين هن وڏيرا شاهيءَ جي اثر رسوخ رکندڙ ضلعي جيڪب آباد ۾ ڪجهه عوامي طاقت جي ذريعي وڏيرا شاهيءَ جي زور کي پوئتي نه ڪيو ويندو، تيستائين اسين عوام جي ڪابه خدمت ڪري ڪونه سگهنداسين ۽ نه ئي هتي ضلعي جيڪب آباد مان اسيمبليءَ اندر ڪي عوامي نمائندا آڻي سگهنداسين. هن سلسلي ۾ پوءِ جيڪو پهريون عوامي طاقت جو مظاهرو هن ضلعي جيڪب آباد ۾ ڪيوسين، ان ۾ جن بزرگن منهنجي دعوت تي قدم رنج فرمايو ۽ منهنجي جيڪب آباد ضلعي ۾ سياسي سرپرستي ڪئي، سي هئا: شيخ عبدالمجيد سنڌي، قاضي فيض محمد، جي ايم سيد، تاج محمد ابڙو ۽ غلام محمد لغاري. انهيءَ سڄي ڪم ۾ تاج محمد ابڙو اڳيان اڳيان رهيو ۽ اهڙيءَ طرح ضلعي جيڪب آباد ۾ تاج محمد ابڙي جي مدد سان هاري تحريڪ جو بنياد پيو. درحقيقت اها ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ٻاريل هڪ شمع هئي. هڪ اهڙي بنيادي روشنيءَ جي شمع، جنهن پيڙهيل هاري طبقي کي پنهنجي حقوق وٺڻ جو شعور بيدار ڪيو ۽ ورهين کان مٿن وڏيرا شاهيءَ جي غلاميءَ کان آزاديءَ جو دڳ ڏسيو ۽ ضلعي جيڪب آباد ۾ تاج محمد ابڙي هاري آفيس جو بنياد رکرايو. هن سلسلي ۾ صدر ايوب جي مقابلي ۾ مرڪزي اسيمبليءَ ۾ صدر ايوب جي مخالفت ۾ فاطمه جناح جو ساٿ ڏنو. هيءَ اسان جي خوش قسمتي هئي، جو هيڏي ساري عوام دشمن ماحول ۾، سياست جي هيڏي ساري طاقت جي موجودگيءَ ۾ به ڪي عوامي ذهن ۽ فڪر جا تعليم يافته ۽ ترقي پسند دانشور اسان وٽ موجود هئا، جن مان تاج محمد ابڙو به هو، جن کي جڏهن به موقعو مليو، انهن عوامي طاقت کي هٿي ڏيڻ ۾ پنهنجي وسئون نه گهٽايو. هڪ جاگيردارانه نظام ۽ ڳڙهه ۾ هاري تحريڪ جو بنياد رکي عوامي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ جو ثبوت ڏنو ۽ پنهنجي وت آهر پنهنجي وسان نه گهٽايو. اهڙو هو هيءُ اسان جو محبوب دوست ۽ هم خيال ساٿي مرحوم ۽ مغفور ڪامريڊ تاج محمد ابڙو. اهڙي جابرانه نظام جي ماحول ۾ قدرت طرفان دنيا ۾ ڪي اهڙا عظيم انسان به جنم وٺندا آهن، جيڪي بغير ڪنهن نالي ڪڍرائڻ جي پنهنجي ڌرتي ماتا ۽ ان جي غريب پيڙهيل طبقي جي خدمت لاءِ پنهنجي سڄي حياتي وقف ڪري ڇڏيندا آهن. تاج محمد ابڙو به اهڙن ماڻهن منجهان هڪ هو، جنهن کي تاريخ ۾ ڪڏهن به وساريندي به وساري نه سگهبو. سنڌ جون اهڙيون مها قومي هستيون تاريخ جو عظيم سرمايو آهن ۽ اسان جي ايندڙ نسل لاءِ مشعل راهه آهن. (عوامي آواز، عبرت، هلال پاڪستان، سنڌ سجاڳ، الوحيد) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سندس ڪيل سياسي، سماجي ۽ ادبي خدمت عبدالخالق شيخ/ لاڙڪاڻو سنڌ جو نامور اديب، دانشور، جج، سياستدان، سماج سڌارڪ ۽ صحافي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو شاگرديءَ واري دور کان ئي سياست ۾ سرگرم رهيو. مسلم ليگ ڪميونسٽ پارٽي، جيئي سنڌ، سنڌ هاري ڪاميٽي، نعپ ۽ پيپلز پارٽيءَ سميت سنڌ عوام اتحاد کان وٺي جيڪا تحريڪ سنڌ جي ڀلي ۽ آجپي لاءِ هئي، انهيءَ ۾ ڀرپور نموني حصو ورتائين، ايشيا جي سڀ کان وڏي ۾ وڏي ادبي تنظيم سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي باني ميمبرن ۾ سندس شمار ڪيو ويندو هو. هن لاڙڪاڻي واري اوطاق، سنڌ ۽ هند جي مشهور اوطاق تي سنڌي ادبي سنگت جو اجلاس ڪوٺرايو، ون يونٽ خلاف تحريڪ دوران روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو لاڙڪاڻي ۾ مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي اوطاق تان اُڀريو ۽ پوري سنڌ ۾ ڦهلجي ويو ۽ سموري سنڌ کي جرڪائي ڇڏيائين. پاڪستان جي پهرين مشهور سنڌي مسلمانن جي واحد اخبار ”الوحيد“ جو ڪجهه وقت ايڊيٽر رهيو. لاڙڪاڻي جي تاريخ ۾ اهو ئي سبب آهي جو انجمن ترقي اردو جي عمارت ۾ جيڪا لائبريري قائم ڪيائين، ان جو نالو شاهه عبداللطيف ڀٽائي رکيائين، جيڪا پهرين سندس گهر جي ڀرسان هئي. لاڙڪاڻي جي تاريخ جي سڀ کان وڏي سنڌ جي لائبريري سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريريءَ جو بنياد به مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو رکرايو. هي لاڙڪاڻي شهر سان لڳو لڳ بقاپور يونين ڪائونسل جو چيئرمين به رهيو. ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي نيوز ڪاسٽر طور به ڪم ڪيائين، ته گڏ قمبر هاءِ اسڪول ۾ انگريزي استاد جي حيثيت سان به پنهنجا فرائض سرانجام ڏنائين. پاڪستان جو واحد اڳواڻ هو، جنهن کي ڪامريڊ جو خطاب مليو. هن جو شمار ۱۹۵۳ع ۾ ڇپيل بائيوگرافيڪل انسائيڪلو پيڊيا آف پاڪستان ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ ملڪ جي هڪ هزار وڏين شخصيتن کي شامل ڪيو ويو آهي. انهيءَ کان علاوه پنجاب ۾ اردوءَ ۾ ڇپجندڙ ڪتاب ”سنڌ ڪي چند انقلابي دانشور اور عوامي رهنما“ ۾ ۱۵ اهم شخصيتن ۾ شامل ڪيو ويو. سنڌ صوبي جو عوام ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي سياسي، سماجي، ادبي، قانوني خدمتن کي مدنظر رکندي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو يادگار ڪاميٽيون ۽ بزم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جا بنياد وجهي سندس جون هر سال سنڌ ۾ ورسيون ۽ سالگراهون ملهائي رهيو آهي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع تي ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. کيس ابوبڪر قبرستان، لاڙڪاڻي ۾ دفنايو ويو. جڏهن ته اڄ سندس ۲۸ هين ورسي ملهائي ويندي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو هڪ دؤر جو نقيب انعام شيخ انسان جي تخليق، ڪائنات جي ڪل تخليقات کان اتم، افضل ۽ اتانهين آهي ۽ ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته آدم جي اولاد پنهنجي پروردگار طرفان عطا ڪيل ان شرف جو خوب ڀرم رکيو ۽ اهڙا اهڙا شاندار ڪارنامه سرانجام ڏنا ۽ اهڙيون اهڙيون شهڪار ايجادون ڪيون، جو عقل دنگ رهجي وڃي ۽ ڏندين آڱريون اچيون وڃن. ان ڳالهه تي ڪي به رايا ڪونه آهن ته انسان ذات پنهنجي اعليٰ صلاحيتن باوجود عيبن کان آجي، صاف سٿري يا رڳو پاڪ آهي، پنهنجي تمام تر خوبين باوجود هڪ انسان جو معاشرتي ڪردار نهايت اهم ليکيو وڃي ٿو. جيڪڏهن هو سماج لاءِ متحرڪ ۽ لاڀائتي سوچ رکي ٿو ۽ سندس مجموعي سوچ جا سرا پنهنجي قوم ۽ وطن سان واڳيل آهن ۽ اهو پنهنجي فردن ۽ سماج جي ترقيءَ جو اونو رکي ٿو ته سچ ته ان جو ڪو مٽ يا ثاني نه آهي. جيستائين سنڌ ۾ سٺن ڪردارن جو تعلق آهي، آءٌ بنا هٻڪ اهو چئي سگهان ٿو ته ماضيءَ جي خوشحال سنڌ جي شاندار جهولي ان کان خالي نه هئي ۽ اڄ انهن ڪردارن جو اهڙو ڏڪار ڪاهي پيو آهي، جو دل جي اک رت جا ڳوڙها ڳاڙڻ تي مجبور آهي. ڪاڏي ويون اڳوڻي دؤر جون شاندار روايتون، ڪاڏي ويا اهي مانجهي مڙس، جن جي دم سان اسان جي تهذيب ۽ تمدن جون صحتمند روايتون دنيا ۾ اسان جي لاءِ فخر جو سبب بڻيون آهن ۽ هيون! انهن شاندار ڪردارن جي تخليق جو سلسلو منقطع ٿي ويو. سنڌ جو ڀاڳ، نڀاڳ ۾ اجڙي ويو ۽ اڄ حالت اها آهي جو سنڌي سماج پنهنجي جوهر ۾ نهايت ويڳاڻو، معصوم، يتيم ۽ بي يارو مددگار بڻجي چڪو آهي. هر ماڻهو پنهنجي خواهشن جو غلام، هوس ۽ حرص جو پوڄاري بڻجي ويو، قوم ۽ وطن جي خوشحاليءَ واري سوچ جي جاءِ تي پنهنجا ڀڀ ڀرڻ، عزتِ نفس تين وال ڪري به پئسو گڏ ڪرڻ جهڙي مڪروهه ڪرت والاري آهي. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو اڄ اسان جو سماج برائين جي اهڙي ڪُن ۾ اچي ڦاٿو آهي، جتي سندس تنزليءَ جا نشان واضح نظر اچي رهيا آهن. فقط ڪجهه وقت اڳ سنڌ ۾ ائين نه هوندو هو، بلڪه ماڻهن کي پنهنجي اوڙي پاڙي بعد قوم ۽ وطن جو اونو هوندو هو. عزت جي نگاهه سان به اهڙن ماڻهن کي ڏٺو ويندو هو، جيڪي هيڻن جي همراهي ڪندا هئا، سندن دل کي سڪون ۽ روح کي راحت تڏهن ملندي هئي، جڏهن ٻئي جي ڪم ايندا هئا يا اجتماعي ڀلائيءَ جو ڪم سندن مبارڪ هٿن سان ٿيندو هو ۽ عوام جي خدمت کي افضل تر عبادت جو درجو حاصل هوندو هو. تنهن وقت جي ڀيٽ اڄ جي حالتن سان ڪندي سچ پچ ته بي ساخته تاج محمد ابڙي جهڙن اورچ ۽ بااصول استادن جي ياد جا رنگ ذهن جي ڪئنواس تي ڦهلجندي محسوس ٿين ٿا. مرحوم تاج محمد ابڙو لاڙڪاڻي جي مردم خيز مٽيءَ مان پيدا ٿيو، لاڙڪاڻي جي اها مردم خيز مٽي، جنهن منجهان سر شاهنواز ڀٽي، ذوالفقار علي ڀٽو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ شهيد بينظير ڀٽو جهڙن عظيم ڪردارن جنم ورتو، جن پنهنجي ڪردار ۽ خداداد صلاحيتن وسيلي پنهنجن پنهنجن دؤرن تي اڻ مٽ اثر ڇڏيا. مرحوم تاج محمد ابڙي جي شروعاتي زندگي گهڻي سٺي نه گذري، ڇو ته ننڍپڻ ۾ ئي کيس يتيميءَ جو عذاب پلئه پيو ۽ سندس والد محترم گذاري ويو. پر مرحوم حوصلو نه هاريو، پنهنجي تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ تنهن وقت جي انقلابي سوچ رکندڙ قبيلي سان سلهاڙجي زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪرڻ شروع ڪيائين ۽ هڪ فرد مان اداري جو روپ اختيار ڪري ورتائين. هونئن به تاريخ ٻڌائي ٿي ته کيس تبديل فقط انهن انسانن ڪيو آهي، جن پنهنجي زندگيءَ جو مهڙيون حصو تڪليفن کي سهندي گذاريو هوندو آهي. لاڙڪاڻي جي هن يتيم ٻار پنهنجي زندگي تمام ڏکين حالتن ۾ گذاري، پر سندس محبت جو سڳو سنڌ جي مهندارن سان سلهاڙيو رهيو. تاج محمد ابڙو مرحوم پنهنجي دؤر جي نامور شخصيتن سائين جي ايم سيد، محمد ايوب کهڙو، قاضي فضل الله، ذوالفقار علي ڀٽو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ سوڀي گيانچنداڻي، محمد امين کوسي، قاضي فيض محمد شيخ، عبدالمجيد سنڌي، غلام محمد لغاريءَ ۽ ٻين سان تعلق ۾ رهيو ۽ سندن صحبت ۾ سياسي، ادبي ۽ انقلابي شعور حاصل ڪيائين. ون يونٽ جي زماني ۾ جڏهن غلاميءَ جو ڳٽ سنڌ جي ڳچيءَ ۾ وڌو ويو هو، تاج محمد ابڙي مرحوم پنهنجو ڪردار خوب نڀايو ۽ ان اونداهي دؤر خلاف پنهنجن دوستن سان گڏجي ڀرپور جدوجهد ڪئي. مختلف شهرن ۾ جلسا ۽ جلوس منعقد ڪيا، جڏهن ته مرحوم ون يونٽ متعلق منعقد ٿيندڙ ڪيترن ميڙن جي ميزباني پڻ جهلي، جنهن ڪري کيس سرڪاري عتاب جو نشانو به بڻجڻو پڻ پيو. ان جي باوجود هُو دوستن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هليو. بلڪه سنڌ ۾ ان ڪاري دؤر خلاف شعور پيدا ڪرڻ جي سلسلي ۾ هڙان ۽ وڙان هر قرباني پڻ ڏني، جنهن جي ڪري کيس پنهنجن دوستن جي حلقن ۾ ممتاز نظر سان ڏٺو ويندو هو. ساڳيءَ جاءِ تي جيڪڏهن کيس ادبي سرگرمين جو روح روان چئجي، ته به ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي بنيادڪارن ۾ سندس شمار ٿيندو هو. سنڌي ادبي سنگت جون گڏجاڻيون هجن يا ترقي پسند ادب جي پليٽ فارم تان منعقد ٿيندڙ سيمينار، ورڪشاپ ۽ پروگرام هجن، مرحوم تاج محمد ابڙو سڀني کان اڳرو هوندو هو. سندس اوطاق تي ته اديبن ۽ سندس دوستن جو ميڙو متل رهندو هو. اهي ئي سنڌ جي خوشحاليءَ ۽ ماڻهن جي ڀلائيءَ جون ڳالهيون، رٿون يا منصوبا ويچار هيٺ رهندا هئا. لاڙڪاڻي جي اديبن مان ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ڊاڪٽر اياز قادري، انيس انصاري، خادم حسين شاهه، سکر ۽ شڪارپور مان شيخ اياز، رشيد ڀٽي، فتاح ملڪ، خيرپور مان ڊاڪٽر تنوير عباسي، حيدرآباد مان محمد ابراهيم جويو، زيب عاقلي، ڄام ساقي ۽ نه ڄاڻ ٻيا ڪيترا دوست سندس حلقي ۾ شامل رهيا. اهي سڀ جا سڀ پنهنجي پنهنجي وقت جا وڏا باشعور ۽ انقلابي سوچ رکندڙ ماڻهو هئا. انهن جي صحبت ۽ سنگت ۾ رهندي، اوهين مرحوم تاج محمد ابڙو جي شخصيت ۽ سوچ بابت آسانيءَ سان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته هُو ڪهڙي ساهه جو مسافر هو. هونئن به چوندا آهن ته ماڻهو پنهنجن دوستن ۽ سنگتين مان سڃاتو ويندو آهي. توهان مٿين نالن جي سنڌ سان ڪمينٽمينٽ جو جائزو وٺو ۽ پوءِ پاڻ ئي فيصلو ڪريو ته مرحوم ڪهڙين خوبين ۽ خصلتن جو ڌڻي هو. اها ٻي ڳالهه آهي ته مٽيءَ ۾ مٽي ٿي رهندڙ هن شخص کي نالي ۽ واهه واهه کان وڌيڪ وطن ۽ ان جي واسين سان ويجهڙائپ هئي. مرحوم تاج محمد ابڙي جي شخصيت تمام گهڻ پاسائين هئي. مان نٿو سمجهان ته ڪنهن هڪ مضمون ۾ ساڻس انصاف ڪري سگهجي ٿو. هي ماڻهو پنهنجي ڪردار ۾ تاريخي حيثيت رکن ٿا، هنن ماڻهن جا پنهنجي دؤر تي اڻ مٽ نقش چٽيل آهن، هنن تي لکڻ جي لاءِ تڏهن ئي قلم آرائيءَ جي سگهه ساري سگهجي ٿي، جڏهن سندن دؤر ۽ زماني جو مڪمل مطالعو ڪجي ۽ تنهن وقت جي حالتن ۽ واقعن کي ميڙي چونڊي يڪجاءِ ڪري سندن ڪم سان نهايت ايمانداريءَ ڀرئي انداز ۾ تقابلي جائزو وٺجي. مان سمجهان ٿو ته تڏهن ئي مرحوم تاج محمد ابڙي جهڙين شخصيتن سان حقيقي انصاف ٿي سگهي ٿو. بهرحال، اهو انصاف اسين ڪريون يا نه ڪريون، اڄوڪو دؤر ڪري يا نه ڪري، پر تاريخ پنهنجي جوهر ۾ اهڙي انصاف لاءِ نهايت بي چين آهي ۽ اها ضرور اهڙو انصاف ڪندي. (روزانه خبرون، اربع ۱۰ مارچ ۲۰۱۰ع) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ماڻهو گل گلاب نصير مرزا لاڙڪاڻو سنڌ جي تهذيب جو آسمان آهي، جنهن سنڌ جي سينڌ ۾ ازل کان ئي رڳو چنڊ ستارن جهڙا ماڻهو ئي پئي ٽانڪيا آهن ۽ ڪير آهي، جيڪو انهن جرڪندڙ ستارن جي نالن کان آگاهه ناهي! ڪشنچند بيوس، نياز علي نياز، هري دلگير، مولانا قاسمي، جمال ابڙو، سوڀو گيانچنداڻي، ذوالفقار علي ڀٽو، بينظير ڀٽو، طارق عالم ۽ تاج محمد ابڙو وغيره.... اڄ اٺين آگسٽ، لاڙڪاڻي ساهه سيباڻي جي آدرشي انسان تاج محمد ابڙي جي جنم جو ڏينهن آهي. مٿن عقيدت ۽ محبت جا ڪجهه سرها گل نڇاور ڪرڻ لاءِ جڏهن قلم هٿ ۾ اڄ کنيو اٿم ته پاڻ کان پڇان پيو: ميان محمد نصير! تاج محمد ابڙي صاحب جهڙي هاڪاري سماج سڌارڪ ۽ انصاف پسند جج کي تون سڃاڻين ٿو، ڪڏهن کان؟ تڏهن ٺهه پهه پاڻ کي پاڻ ئي آگاهه ٿو ڪريان ته: تڏهن کان جڏهن کان مون کي ماڻهوءَ سڃاڻڻ جي ساڃهه آئي آهي. تاج محمد سائينءَ جو جنم، هن ئي مهيني ۾ اڄوڪي ڏينهن تي ۱۹۲۴ع ڌاري، شهدادڪوٽ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو هو ۽ انهن ئي سالن جي آس پاس هي ڏسو ته شڪارپور جي شيخ محلي ۾. شيخ اياز، کاهي قاسم نوشهري فيروز ۾ نارائڻ شيام ۽ لاڙڪاڻي ۾ هري دلگير صاحب جهڙا جيءُ جيارا ۽ هاڪارا انسان به ساڳئي وقت جنم وٺي رهيا هئا. لاڙڪاڻي، ڪراچي، سکر ۽ ٺٽي جي هوائن دشائن ۾ شعور جون منزلون طئه ڪندي، تاج محمد ابڙي، سائين جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ سلام بخاري ۽ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي صحبت ۽ ساٿ مان ڄاڻي ورتو هو ته ”سنڌ کي جيارڻو آهي، ته پوءِ پاڻ کي وسارڻو پوندو.“ تڏهن سنڌ جي آجپي لاءِ، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي وانگر سائين تاج محمد کي به اشتراڪي نظريي ۾ نجات نظر آئي هئي ۽ پاڻ ان ازم جي پرچار لاءِ لاڙڪاڻي ۾ ”اوطاق-ڪلچر“ کي فروغ ڏنو ۽ هر وقت ۽ هر ويلي تي دوستن، ساٿين لاءِ دل ڪشادي ۽ ويڪرو دسترخوان وڇائي رکيو. هارين، مزدورن ۽ پورهيتن جي حقن جي حاصلات لاءِ سرخ پرچم کي بلند ڪيو ۽ نياڻين کي تعليم يافته ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهرين پنهنجين ئي نياڻين ۽ پوءِ پاڙي اوڙي جي ٻارڙين جي هٿن ۾ ڪتاب ۽ قلم فراهم ڪيا. آس پاس ۽ اوريان پريان ۽ جتي جتي به ۽ جنهن جنهن سان ناانصافي ٿيندي ڏٺائون ٿي، ان جي مدد لاءِ اتي پهچي ٿي ويا ۽ ڪٿي به سماج کي پٽڙيءَ تان لهندي ڏسندا هئا ته ڪامريڊ بڻجي، اڳتي وڌي، پنهنجو ڪلهو پيش ڪري، ان کي پٽڙيءَ تي چاڙهڻ لاءِ جاکوڙ ۾ جُنبي ويندا هئا. سندن ديرينه دوست ۽ هم خيال ساٿي محمد ابراهيم جويو ته کين سڏيندو ئي هو ”تاج محمد ابڙو سنڌ جو ڀرجهلو ۽ املهه هيرو.“ بقول جويي صاحب جي: ”هن حياتيءَ جا ۶۲ ورهيه ماڻيا هئا ۽ ان مان شعور واري سڄي زندگيءَ جا، سڀ ورهيه پاڻ سنڌي قوم جي نجات لاءِ ۽ عوام دوست قومي انقلاب لاءِ وقف ڪري ڇڏيا هئائون.“ ڊاڪٽر اياز قادري جي چوڻ مطابق، سماجي جاڳرتا لاءِ ۱۹۴۳ع ۾ پاڻ هفته وار اخبار ”نوجوان“ پڻ جاري ڪئي هئي، جنهن ادب سان گڏوگڏ سوشلزم ۽ ڪميونزم جي پرچار لاءِ پڻ گهڻو پتوڙيو. سنڌي ادب سان سندن چاهه جو اندازو هن ڳالهه منجهان به لڳايو، ته پاڻ لاڙڪاڻي ۾ پنهنجي اوطاق اندر سنڌي ادبي سنگت جي شاخ قائم ڪيائون، جنهن جا پاڻ سيڪريٽري ٿيا. اياز قادري صاحب لکيو آهي ته: ان حيثيت سان پاڻ ”تجر باغ“ لاڙڪاڻي ۾ شاهه لطيف جو ڏهاڙو اهڙي ته شاندار انداز ۽ ڌام ڌوم سان ترتيب ڏنائون، جو ان کان اڳ ڀٽائي صاحب بابت اهڙو ميڙاڪو لاڙڪاڻي اندر، ڪڏهن به نه ٿيو هو. ڀٽائي صاحب سان سندن عشق جي انتها هيءَ به ڏسو، جو سندن پيارين نياڻين مان شاهده ابڙو هجي، خالده يا زاهده ... امتحانن ۾ سٺن نمبرن سان پاس ٿينديون هيون ته کين وڏي عقيدت سان ڀٽائي صاحب جو رسالو، اکين تي رکي گفٽ ڪندو هو. ڪيڏو نه خوش نصيب رهيو سائين تاج محمد ابڙو، جنهن کي پنهنجي دؤر جي هر همعصر، هر سينيئر ۽ هر جونيئر، سندس بي لوث خدمتن تي رڳو سلام ئي پيش پئي ڪيو آهي. تڏهن اڄ سندس مبارڪ نقشِ قدمن کي ڏسندي ۽ کيس خراجِ تحسين پيش ڪندي، ڇو نه گڏجي سڏجي، سندن ۸۷ هين سالگرهه تي مرزا قليچ بيگ جا هي شبد هم آواز ٿي، کيس پيش ڪريون ٿا ته: ڇڏي جيئن نامور ويا پنهنجو نالو ڪريون تن جيئن اسين پڻ اڄ ڪشالو وٺون موٽي جڏهن رستو رباني ڇڏيون ڪا پاڻ پَوين لئه نشاني ته من ڪو رهگذر ان ڏي نهاري لنگهي هن رُڃ مان پهچي ڪناري روزانه ڪاوش سومر ۸ آگسٽ ۲۰۱۱ع ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ناميارو وڪيل عبدالرزاق سومرو مرحوم تاج محمد ابڙو صاحب وڏو يار ويس، ڪچهري جو ڪوڏيو ۽ نهايت چڱو ماڻهو هو. مان جڏهن لاڙڪاڻي وڪالت ڪرڻ لاءِ آيو هيس ته پهرين رات تاج محمد ابڙي وٽ رهيو هيس. پهرين مئي ۱۹۵۳ع تي مان لاڙڪاڻي پهتس. جيئن ئي ريل مان لٿس ته سڌو مرحوم عبدالفتاح جي فرم جي آفيس تي آيس، جتي سندس ڀاءُ مرحوم نظام الدين به ويٺو هيو. آچر جو ڏينهن هيو. مون کيس احوال ڏنو ۽ عبدالفتاح ميمڻ صاحب جي ريفرنس سان ڪم ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي. مرحوم نظام الدين چيو ته ٺيڪ آهي. سندس ٻه منشي هيا: هڪ غلام رسول سومرو، ٻيو عبدالرحيم آخوند. انهن ٻنهي کي سڏ ڪري چيائين ته سڀاڻي ريزيڊنٽ ميجسٽريٽ وٽ جيڪو ڪم رکيل آهي، اهو سومري صاحب کي ڏيو. هنن مون کي چار فائيل ڏنا، جن مان ٽن لاءِ چيائون ته هنن ۾ ۱۹۳ جون ڪاروايون آهن ۽ هي ڪيس نه هلندا، باقي چوٿون ڪيس چوري جو آهي ۽ هلائڻو پوندو. ان ڪيس جو ٽائيٽل هو ڪرائون بمقابلا عنايت. مون کي جڏهن هنن ڪيس ڏنا ته ان وقت مون سان گڏ ٽين جي صندوق هئي، جنهن جي رکڻ لاءِ اچي ڦاٿس، جيڪا مان سڌو ڳوٺ وڃي اتي رکي آيس. ڪارو ڪوٽ ۽ ٽاءِ به مون وٺي ڇڏي هئي. ڪجهه ڪم جا ڪتاب به مون خريد ڪري ڇڏيا هئا، جيڪي مون سان ساڻ هئا. هاڻي مان اهو سوچي رهيو هيس ته هي سامان ڪيڏانهن ڪيان ۽ رات ڪٿي رهان؟ سوچي سوچي مسٽر تاج محمد ابڙي وڪيل جي اوطاق تي هليو ويس. کيس احوال ڪيم ته ”هنن نموني هتي پهتو آهيان، سڀاڻي مون کي ڪيس هلائڻا آهن ۽ توهان وٽ رهڻ آيو آهيان.“ تاج محمد ابڙي چيو ته: ”ڀلي ڪري آئين، ڪا ڳالهه ئي نه آهي. تنهنجو پنهنجو گهر آهي، تون ڳڻتي نه ڪر، هتي رهي پؤ.“ مان به خاطري سان اتي رهي پيس. رات رهي سڀاڻي تي نڪري پيس. رات جو ڪيس به اسٽڊي ڪري ورتم. منهنجو پهريون ڏينهن هيو. ان دور ۾ هڪڙو ڪتاب هوندو هيو، جيڪو اڄ به استعمال ۾ اچي ٿو. اهو ڪتاب هيو ”پريمس آڏي پڇا ۽ دليل“ (Prem’s cross Examination & Arguments) ڇوته مون اهڙا ضروري ڪتاب وٺي ڇڏيا هئا. ان ڪتاب مان تياري ڪيم. ان ڪيس ۾ عنايت جوابدار هيو ۽ غلام صديق جاگيراڻي فريادي هو، جڏهن ته سندس ڀاءُ غلام عمر جاگيراڻي شاهد هيو. ٻنهي جي شاهدي هلي، پر شاهدي اهڙي هلي جو ٻنهي جي بيانن ۾ تضاد هيو، جيڪو منهنجي آڏي پڇا سان وڌيڪ ظاهر ٿي پيو. مسٽر ”ليلارام“ ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ هيو. ان چيو ته باقي ڪيس سڀاڻي تي رکو ۽ مشير سان گڏ جاچ آفيسر کي به گهرايو. تاريخ ملڻ کان پوءِ مئجسٽريٽ مون کان انگريزيءَ ۾ پڇيو ته: ”توکي پريڪٽس ڪندي گهڻو وقت ٿيو آهي؟“ مون چيو: ”سر! اهي ئي ٻه ڪلاڪ، جيڪي تنهنجي اڳيان پيش ٿيو آهيان.“ سڀاڻي تي وري مان تياري ڪري ويس. مشير جي شاهدي هلي، آرگيومينٽس ٿيا ۽ مئجسٽريٽ ڪيس مان جوابدار کي ڇڏي ڏنو. مون کي زندگيءَ ۾ جيڪي خوشيءَ جا لمحا ياد آهن، هيءُ به هڪ اهڙو لمحو هيو، جيڪو مون کي اڄ به ذهن تي آهي. منهنجو پهريون ڪيس هيو ۽ مان ڀرپور تياري ڪري ويو هيس، ڇاڪاڻ ته منهنجي بقا جو سوال هيو. مون وٽ رڳو پنج روپيا هڙ ۾ هيا. مان تاج محمد ابڙي صاحب وٽ ٻه ڏينهن رهي پوءِ وري دوست محمد ابڙي وٽ رهيس. تاج محمد ابڙو پهريائين استاد شمس الدين ابڙي جو جونيئر ٿي رهيو. شمس الدين ابڙو دل جو ڪشادو، يار باش قسم جو ماڻهو هوندو هيو. سندس شام جي بيٺڪ تاج محمد ابڙي جي اوطاق تي هوندي هئي. تاج محمد ابڙو ڪيترا ئي ورهيه وڪالت ڪرڻ کان پوءِ سرڪاري نوڪري ڪيائين. اول ٿرپارڪر ضلعي ۾ اسسٽنٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر ٿيو. پوءِ بلوچستان جي ضلعي ڍاڍر ۾ ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر ٿيو. ڀٽي صاحب جي دؤر ۾ ايڊيشنل سيشن جج ٿيو ۽ پوءِ ڊسٽرڪٽ سيشن جج ٿي رٽائر ڪيائين. رٽائرمينٽ کان پوءِ لاڙڪاڻي آيو ۽ وڪالت جي پريڪٽس ڪيائين. تاج محمد ابڙي جهڙو يار ويس ماڻهو ڪو ورلي هوندو. شام کان وٺي سندس اوطاق تي ماڻهن جي اچ وڃ شروع ٿيندي هئي ته رات جو دير تائين کل ڀوڳ ۽ ڪچهري هلندي هئي. سياسي طور تي کاٻي ڌر ۽ ڪميونسٽ خيالن جو ماڻهو هيو. هاري تحريڪ ۾ به سرگرم رهيو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، مولوي نذير حسين جتوئي ۽ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي سميت ڪيترائي ليفٽسٽ ۽ نيشنلسٽ اڳواڻ وٽس ايندا هئا ۽ ميٽنگون به ڪندا هيا. پاڻ جڏهن جج هيو ۽ لاڙڪاڻي ايندو هيو ته مون وٽ گيسٽ روم ۾ ترسندو هيو. ڏاڍو ڪميٽيڊ انسان هيو. منهنجو ساڻس سٺو واسطو رهيو. عالمي سياست تي به سندس گهري نظر هوندي هئي. مشهور رسالو ”ٽائيم“ به هر مهيني گهرائيندو هيو. سندس لائبريري ۾ ڪيترائي ڪتاب هوندا هيا. منهنجي مشهور هاري اڳواڻ ڪامريڊ غلام محمد لغاري سان ملاقات به تاج محمد ابڙي جي اوطاق تي ٿي. تاج محمد ابڙو ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع تي وفات ڪري ويو. (قانوندان، سياستدان ۽ سفارتڪار عبدالرزاق سومرو جون يادگيريون ڪتاب ’يادن جي ڳڙکيءَ مان‘ ورتل) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ڪو جو ڪالهه هئوم سوڍو منهنجيءَ سنڌ جو عبدالغفار تبسم اُها ستاويهين يا اٺاويهين فيبروري ٻه هزار اٺ جي ڪچڙي منجهند هئي جو منهنجي نئين ديري واري گهر ۾ ٽي جوان مون سان گڏ ويٺل هئا. تعارف ڪرائڻ تي هڪ ته منهنجي پاڙي جو احترام لائق قاضي شرف الدين ۽ ساڻس گڏ ٻه لاڙڪاڻي کان ڪهي آيل سنڌ جي عظيم ۽ املهه ڪردار مرحوم تاج محمد ابڙي صاحب جا ٻه فرزند هئا. نئين ديري ۾ پنهنجي والد بزرگوار جي نالي سان سلهاڙيل هڪ تنظيم جو بنياد رکڻ لاءِ پهتل ۽ ڳوٺ ۾ منهنجي هئڻ جو ٻڌي مون وٽ ڪهي آيا هئا. نهايت وضع دار ۽ اعليٰ سڀاءُ رکندڙ هي ٻئي ۽ مان حال احوال اورڻ ويٺاسين ته ماضيءَ جي کوڙ ساترين ساروڻين کي کن ۾ سهيڙي کڻي اڳيان رکيوسين. لاڙڪاڻي جي پراڻي ٽائون ٿاڻي ڀرسان مرحوم تاج محمد ابڙي صاحب جي گهر لڳ منهنجن عزيزن جو گهر هيو، جتي منهنجي ننڍپڻ جو ڳپل حصو گذريو. ان گهر کان باقراڻي روڊ ڏي ويندي يا ٻه چار وکون ٻاهر ڀريندي منهنجي هميشه نظر ان گهر جي مکيه در مٿان ٽنگيل ان اڇي بورڊ تي ڪارن لفظن ۾ لکيل تاج محمد ابڙو وڪيل تي ضرور ويندي هئي. تڏهن مون کي اُن گهر ڌڻيءَ جي انهيءَ ادب پروريءَ، سندس ثقافتي، سماجي، علمي ۽ آدرشي ڪردار جي امين هئڻ جي ڪا به پروڙ ڪونه هئي. منهنجي تنهن ساڃاهه مطابق ته لاڙڪاڻي جي گهٽين ۾ کوڙ سارن وڪالت ڪندڙن جي سڃاڻپ وارين تختين جيان هن گهر تي لڳل وڪيل تاج محمد ابڙو جي ڄڻ ته بنهه ڪابه الڳ ۽ منفرد سڃاڻپ ڪونه هئي. ائين ئي ڪي ٻه چار دفعا هن گهر اندر ڪنهن ڪم سانگي ويندي مون کي هڪ وڏي هال ۾ سامهون ويٺل شخصيت جي ٻنهي طرفن فريادي ۽ جوابدار ڌرين کان سواءِ ٻين به ڪيترين ئي علمي ادبي شخصيتن ۽ تر جي اهم زميندارن يا ڪامورن جو مجموعو هميشه نظر آيو هئم. اڄ ايڏن سالن پڄاڻان جڏهن نادر علي ابڙي صاحب جي سندس بابا تي مختلف مضمونن سان سهيڙيل ڪتاب مان جڏهن ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي تحرير هن ڪتاب بعنوان ”سنڌ جو املهه هيرو“ مان کولي پڙهان ٿو ته پنهنجي اُن اڻڄاڻائي ۾ هٿن مان نڪري ويل وقت تي ڏاڍو رنج ۽ افسوس ٿئي ٿو. خاص ڪري جڏهن ڪامريڊ سوڀي جي مضمون ”جو اپنی ذات میں ایک انجمن تھے“ جون صفحي نمبر ۱۳۱ تي لکيل سٽون پڙهان ٿو ته: ”جب سے تاج محمد کی شام والی محفلیں ختم ہوئی ہیں، میں وہاں کسی اور دوست کی طرف مائل نہیں ہوسکا، کیونکہ لاڑکانہ میں تاج محمد کی محفلوں کے بعد کوئی ایسی محفل باقی نہیں رہی۔“ اهي سٽون پڙهي روح مان محروميءَ جون هزارون سٽون اُڀرن ٿيون ته ايڏو ويجهو هوندي به مان هن اڪابر ۽ اديب ماڻهوءَ جي فهم ۽ فراست ڀرين محفلن ۾ ڇو نه وڃي سگهيس؟ هن بلند ڪردار ماڻهوءَ جي مثالي صحبتن مان ڇو ڪو لاڀ نه ماڻي سگهيس؟ پر ان اٿاهه مايوسين ۾ ”اياز“ جڏهن نراس ماڻهوءَ جي ڀرجهلي لاءِ هيئن چوي ٿو ته: مايوس نه ٿي تاريخ ڪنان، جو ٿيڻو ئي هو سو ٿي ويو هي هٿ هـٿـوڙا اڄ به اٿـئي ۽ دنـيـا ڏاري سگهجـي ٿـي سوچيان ٿو ته ماضيءَ جي مزار تي ڪنهن جو مجاور ٿيڻ بجاءِ ان وهي ويل گهڙين تي ماتم ڪرڻ بدران ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جهڙن اڏول ۽ اڻٿڪ ڪردارن کي جيڪڏهن رستي جي مشعل بڻائي ساڻ کڻجي ته هوند هر جند ۽ منهنجي هن سنڌ جون هڙئي اونداهه ٿيندڙ واٽون نين جوتن سان جرڪي سگهن ٿيون ۽ وري اُهي اجڙيل سماجي، ثقافتي، علمي، ادبي اوطاقون ايندڙ نسل لاءِ مثالي ادارا بڻجي سندن پرورش ڪري سگهن ٿيون. وري سنڌ جي سينڌ اجري سگهي ٿي، صرف هي عزم ورجائجي ته: هي جيون توڙي مايا آ، پر جو پل ان جي ڇايا آ ٿا ان ۾ پنهنجا پير وڌن ۽ اُس اڀاري سگهجي ٿي. (اياز) اڄ ان آدرشي ۽ امل انسان جي ۲۲ هين ورسيءَ تي سندس ڳالهيون ۽ ڳڻ ورجائي جيڪڏهن اهو پڪو عزم ڪيون ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جيان هميشه پنهنجي ڌرتيءَ، سماج ۽ ورثي جي پوئلڳيءَ ۾ باقي ڏينهن بسر ڪنداسين ته مون کي سنڌ جو سُنهن، اسين وري ٻنهي بي مثال وڃايل شان شوڪت، مانَ مريادا جا امين ٿي جڳ ۾ اوچي ڳاٽ سان جِــي سگهون ٿا. (روزانه عوامي آواز، سومر ۱۰ مارچ ۲۰۰۸ع) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو هڪ سدا بهار شخصيت يار محمد پلي چڱاڻي پنجاهه جي ڏهاڪي جو پهريون پور شايد اڻويهه سؤ چوونجاهه هو. آءٌ عمرڪوٽ هاءِ اسڪول ۾ زيرِ تعليم هئس ۽ هاسٽل ۾ رهندو هئس. هڪ لڙيءَ منجهند جو مير خان پٽيوالي سان ڪو نوجوان هڪ هٿ ۾ ٿري ڪيسل پاڪيٽ ۽ ٻئي هٿ ۾ چمڙي جي ڀوري بئگ لوڏيندي، اچي منهنجي ڪمري ۾ پهتو. انتهائي شاندار نوجوان، بدن تي اڇو ايس.او هرک جو بي داغ وڳو، مٿي تي مهانگي ڪراڪلي ٽوپي ۽ پيرن ۾ فلئڪس جو ولائتي بوٽ! آءٌ اٿيس، هٿ ملائڻ شرط چيائين: ”ادا! آءٌ آهيان قاضي محمد عالم معصوم هالائي ۽ اوهان يقينًا يار محمد چڱاڻي آهيو؟“ ڪنڌ لوڏيم. هڪ خط ڪڍي ڏنائين، هفتيوار ”همدرد“ جي مالڪ حاجي محمود هالائي مرحوم لکيو هو ته: ”هي نوجوان نوابشاهه مان نڪرندڙ ”ادا“ رسالي جو ايڊيٽر به آهي. سنڌي ادبي سنگت جي عمرڪوٽ ۾ شاخ کولڻ لاءِ سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل اياز قادريءَ ڪراچيءَ مان موڪليو آهي. عمرڪوٽ ۾ سڄاڻ ماڻهن کي ڪٺو ڪري، ميمبر ٺاهي، سنڌي ادبي سنگت جي برانچ قائم ڪندا. اها قوم ۽ زبان جي خدمت آهي ۽ اوهان جي به خواهش.“ معصوم هالائيءَ کي جذبو ئي عمرڪوٽ وٺي آيو هو ۽ سندس ڪم ئي هو شعر وشاعري ۽ زبان جي واڌ ويجهه لاءِ هٿ پير هلائڻ. ٻئي ڏينهن عمرڪوٽ جي ميونسپل آفيس جي ڪميٽي هال ۾ شهر جا لکيل پڙهيل نوجوان ۽ پوڙها ته آيا، پر ان وقت جي مختيارڪار واحد بخش سرهيو ۽ ڪٽ مست صوبيدار شير شاهه بادشاهه کي به آڻي، ميمبر بنائي، چندو وصول ڪري ڏنوسون، سيٺ ڏيارام کي، جيڪو خزانچي مقرر ٿيو ۽ آءٌ سنگت جو جنرل سيڪريٽري ٿياسين. ان کان پوءِ اياز قادريءَ جون تجويزون ۽ تحريرون پهچنديون رهيون. هڪ دفعي لکيائين: ”سنگت“ جي ساٿ سان لطيف جون ورسيون ملهائي، سنڌي ادب کي ايترو اجاگر ڪيو، جيئن لاڙڪاڻي ۾ مسٽر تاج محمد ابڙو جاکوڙي رهيو آهي. اڌ صديءَ جي وٿيءَ سان، هڪ ڏينهن، اياز قادري مرحوم جا ڪنن ۾ ٻرندڙ لفظ ته: ”ان جذبي ۽ جاکوڙ سان سنگت لاءِ سرگرم ٿيو، جيئن لاڙڪاڻي ۾ مسٽر تاج محمد آهي“ ساري، وڃي ٽاؤن هال پهتس. ٻه ڏينهن اڳ گهر ۾ ڪتاب اٿلائي رهيو هئس ته پٽ اچي ڪجهه پنا ۽ دعوت نامو ڏنو ۽ چيائين: ”عمرڪوٽ جي ائنٽي ڪرپشن جي سرڪل آفيسر مسٽر نادر علي ابڙي جو ڪو ماڻهو ڏئي ويو آهي.“ نادر علي ابڙي پنهنجي والد مرحوم تاج محمد ابڙي جي ميراث کي ڪيترو نه مضبوطيءَ سان پڪڙيو آهي! مون سوچ جي سمنڊ ۾ ٽٻي هنئين، پروفيسر ڊاڪٽر اياز قادريءَ کي ڏٺو ته مون سان هم ڪلام هو ته اوهان عمرڪوٽين جي دل جي بند دريچن تي مون آڳاٽو دستڪ ڏني، پر اوهين ستل ئي رهيا! ان ئي زماني ۾ تاج محمد لاڙڪاڻي ۾ ادبي سنگت جي برانچ قائم ڪري، جنرل سيڪريٽري بنجي، لطيف جون ورسيون ملهائي، زبان ۽ ادب جي ڏياٽيءَ کي وسامڻ ڪونه ڏنو هو. ان روشنيءَ جو هڪ ڪرڻو سندس پٽ نادر علي آهي، جيڪو ۴۸ سالن کان پوءِ اوهان کي تاج محمد ابڙي جي زباني اها نويد سڻائي رهيو آهي ته: ”جي لوچين سي لهن جڏهن تڏهن پرين کي!“ ڏکاريءَ دل ڏوراپو ڏنم ته: ”شامتِ اعمال ما، صورت نادر گرفت.“ هو عمرڪوٽ ٽائون هال ۾ اپر سنڌ جي مردم خيز علائقي جي هڪ سدا بهار شخصيت جي نالي ”بزم تاج محمد ابڙو“ جو بنياد رکي رهيو هو. سندن هوش پوش تعليم يافته مکڙيءَ مان کلي گلاب ٿيندڙ نوجوان پٽ نادر علي! واقعي ”نادر الوجود“ انسان ئي ”نادر“ کي جنم ڏيندا آهن. پيغمبر وانگر ننڍيءَ اوستا ۾ ئي پيءُ جي شفقت ڀرئي هٿ کان محروم ٿي ويل رهبرن ۽ رشين جي عمر تي پهچي، هن دولابڻ دنيا کي تياڳ ڏيندڙ تاج محمد مرحوم جي زندگيءَ جي فلم جو رول اکين آڏو هلڻ شروع ٿي ويو، جنهن جون اڪثر شامون ٽريڊ يونين ڪراچيءَ جي ڪميونسٽ آفيس ۽ ڪامريڊن سان گذريون. جمال الدين بخاري، ڪامريڊ عبدالقادر، سوڀو گيانچنداڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ حيدر بخش جتوئي ويجها رهيس، پر انهن جي خيالن ۽ قول و قرار کان وڌيڪ ترجيح مولانا تاج محمود امروٽيءَ جي تفسير ۽ ترجمي کي ڏنائين، جيئن ڀلارو ڀٽائي، مولانا روم جي مثنوي، سيرانديءَ رکي سمهندو هو، تيئن بزرگ امروٽيءَ جو تفسير لائبريريءَ جي مٿانهين خاني ۾ رکيائين. دل ۾ مونجهه وقت رهنمائي ۽ رفاقت ڪلام پاڪ کان وٺندو هو. دنياوي زندگيءَ جي رنگ آميزيءَ لاءِ پنجن پٽن ۽ چئن نياڻين کي جديد تعليم جي زيور سان آراسته ڪيائين ته مولويءَ جون خدمتون به ڪونه وساريائين. صبح سان ڪلام پاڪ جي تنوار ۽ ملان جي ڪار. ان ڪري ڪچيءَ وهيءَ ۾ اولاد جو صاف ذهن حق ۽ سچ کي سڃاڻي، پٿر تي لڪير وانگر بنائي ڇڏيو. سندن پراڻي ساٿيءَ عبدالمجيد ميمڻ مرحوم جون ساروڻيون ساريندي، ڪنهن لکيو آهي ته: هو هڪ روشن دماغ ۽ وسيع القلب انسان هو. انسانيت لاءِ پيار هن جي سرشت ۾ سمايل هو ۽ وٽس امير، غريب، ناستڪ، دهريو، هندو خواهه مسلمان عزت ۽ احترام جي لائق هئا. مولوي حاجي قادر بخش ٺيٺ مذهبي ۽ تهجد گذار انسان هو. ان کي تاج محمد مرحوم پنهنجي پيار ۾ ايترو پروئي ڇڏيو هو، جو هن جي اعليٰ اخلاق ۽ انسان ذات سان محبت ۽ خدمت جي ڳالهين مان ڍاپندو ئي ڪونه هو. مقصد ته هو پنهنجي ڪامريڊ سنگت سان به گڏ هو ته پراڻي ثقافت ۽ مقصدِ حيات جو پڪو پابند به رهيو. ائين چئجي ته جدت ۽ قدامت جي آميزيشن جي زنده تصوير هو. اهو ئي سبب هو جو پراڻين رسمن جون پاسداريون وڃائجي ويل وضعداريون وڙئون ڪو نه وڃايائين. پيءُ جو پاڇو ته اٿاڪل ۾ ئي وکريل ڪڪر وانگر واچوڙو ٿي اڏامي ويو، پوءِ پرورش ڪيس بختاور وڏي ڀيڻ، جيڪا قرآن ڪريم سنڌي زبان کان سواءِ پارسي به پڙهيل هئي. ائين اڳتي وڌندو، ترقيون ڪندو رهيو. الوحيد جي ايڊيٽوريل اسٽاف ۾ شامل ٿي ڪامياب صحافت ڪيائين. ريڊيو پاڪستان تي شوقيه ويو. صاف آواز ۽ لفظن جي ادائگي ۽ لهجو اهڙو وڻندڙ، جو آڊيشن ڏيڻ سان نيوز ڪاسٽر ٿي ويو. قمبر ۾ استاد به رهيو. بقاپور يونين جو چيئرمين چونڊيو ويو. سياست ڪيائين، عشق جي حد تائين مطالعي سان من لڳايائين. اڳتي هلي عزت ڀريءَ عدالت جو سيشن جج ٿيو. ملڪ جي انتهائي مڃيل ڪامريڊن، ڪميونسٽن ۽ سوشلسٽن سان ساٿ رهيس. سندس سڃاڻ به ان حوالي سان مشهور ٿي. هاري تحريڪ، نيشنل عوامي پارٽي، سنڌي عوامي محاذ يا ائنٽي ون يونٽ ۾ به نمايان رهيو. حقوقِ نسوان يا عورتن جي آزاديءَ لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪيائين، پر مسڪين خلق کي به آڏو رکيائين. هڪ دفعي ڪٿي عورتن جي آزاديءَ تي زوردار بحث ڪري رهيو هو ته سندس عزيز ۽ دوست جمال ابڙي صاحب اڳتي وڌي آهستگيءَ سان چيس ته: ”تون پنهنجي گهرواريءَ کي اهڙي آزادي ڏيڻ لاءِ تيار آهين؟“ هڪدم چيائين: ”ميان! توبهه ڪر.“ حقيقت ۾ پرده داري ۽ پراڻا پيوند نه هن ٽوڙڻ چاهيا ٿي، نه وري سندس گهرواري ان لاءِ آماده هئي. اهو اڪبر اله آباديءَ جي دؤر جو اثر هو. چراغ خانه بجاءِ شمع محفل ٿيڻ هن عقيفه لاءِ به عيب هو. سيشن جج جي گهرواري هئڻ جي حيثيت سان نه ڪڏهن ڪنهن مينا بازار جو افتتاح ڪيائين، نه رنگ برنگي لباس جي نماءَ سان دعوتون ۽ ڪارنر ميٽنگون اٽينڊ ڪيائين، پوري زندگي پردي ۾ رهي. اهي پابنديون صرف پاڻ تائين محدود رکيائون، پر پنهنجن پنجن پٽن وانگر چئن ئي نياڻين کي جديد تعليم کان محروم ڪونه رکيائون. ڪن نياڻين ايم بي بي ايس ڪري بيمار انسانيت ۽ دم ٽوڙيندڙ مريضن تي مسيحائيءَ جو هٿ رکيو ته ڪن وري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ تعليم جو درس ڏنو. لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو ته هونئن سنڌ جي شهه رڳ آهي، رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجي کان ويندي ذوالفقار علي ڀٽي جهڙا اڏول انسان به لاڙڪاڻي پيدا ڪيا. ايوب کهڙي، قاضي فضل الله ۽ سر شاهنواز ڀٽي جا بنگلا سياسي جوڙ توڙ جا مرڪز هئا. طاقتن جو ٽڪراءُ هڪٻئي ۾ عناد پيدا ڪيو. هرڪو شاڪي ۽ شڪي، پر تاج محمد مرحوم جي اوطاق ئي هڪ اهڙي بيٺڪ هئي، جنهن ۾ شڪ شبهي، ڪدورت ۽ ڪيني کي داخل ٿيڻ لاءِ ڪو دروازو هو ئي نه. اصل ڳالهه آهي اخلاص جي. مرحوم پاڻ مخلص هو. کهڙو هجي خواهه قاضي، ابڙي جا سڀ احسانمند ۽ پاڻ سڀني جو سڄڻ. قاضي فضل الله سنڌ جو وزيرِاعليٰ ٿيو، پر لاڙڪاڻي جي ٽوئر دوران تاج محمد جي دلين جي دڪان تي حاضري ڀرڻ کان سواءِ ڪراچيءَ ڪونه موٽندو هو. سڪندر ڀٽو وڏو وضعدار ۽ يار ويس انسان هو. تاج محمد جي قرب ڀري ڪچهريءَ ۽ غم غلط ڪرڻ وارن ٽهڪن ۾ شريڪ ٿيندو هو. ذوالفقار علي جيڪڏهن لاڙڪاڻي آيل هوندو هو ته شام جو وڏي ڀاءُ سان گڏ اچي ابڙي صاحب جي اوطاق جي سڳنڌ ۽ سرهاڻ ۾ واسبو هو. گهڻو وقت پوءِ ڀٽو صاحب، ايوب خان جي ڪابينه ۾ قدرتي وسيلن جو وزير ٿيو. ايوب جي ورڪ لاءِ تاج محمد تي حجت هلايائين، پر مرحوم ضمير کي ترجيح ڏئي ووٽ ڏنو مس فاطمه جناح کي، ان ڪري ارباب اقتدار مٿس ڏاڍو ڏمريا، پر سون کي ڪٽ نه ڪو ڪس! ڀٽي جي چوڻ تي بيسڪ ڊيموڪريسيءَ جو ميمبر چونڊجي بقاپور يونين ڪائونسل جو چيئرمين به رهيو. وقت جي وهڪري ذوالفقار علي ڀٽي کي مارشل لا ائڊمنسٽريٽر ۽ صدر پاڪستان بنائي ڇڏيو. هن جو شمار دنيا جي وڏن مدبرن ۾ ٿيڻ لڳو. چيئرمين مائوزيتنگ ۽ چواين لائيءَ مغرب جو مفڪر برٽينڊرسل ۽ ترڪيءَ جو عصمت انونو ۽ ٻيا ان پايي جا تاريخ ساز اڳواڻ به ڀٽي جا گڻ ڳائڻ لڳا. لازمي طور اها حالت انسان کي مغرور بنائي ڇڏي ٿي. ڀٽي صاحب جو غرور ۽ انانيت به انتها تي پهتي هوندي. ان حيثيت ۾ هُو لاڙڪاڻي جي دوري تي آيو. المرتضيٰ هائوس سڄو اهلڪارن ۽ ادارن جي گهيري ۾ هو. تاج محمد صاحب به ملاقات ۽ مبارڪ لاءِ حاضر ٿيو. نگاهه پوڻ سان ئي اهي پراڻيون محبتون، حجتون ۽ اوطاقي مجلسون ياد اچي ويس. محبت سان ملي پراڻيءَ حجت سان چيائين: ”ڪامريڊ تاجو! آءٌ تنهنجي لاءِ ڇا ڪريان؟“ مرحوم مسڪرائي چيو: ڪافي وقت وڪالت ڪيم، اي پي پي ٿي ڪم ڪيم، اڃا به ڪريان پيو. ائڊيشنل جج ٿيڻ ۾ ڪوبه ڏوهه ڪونهي.“ ڀٽي جي حڪم سان تاج محمد هڪ هفتي اندر پبلڪ پراسيڪيوٽر مان سکر سيشن ڪورٽ ۾ اچي عدالت جي ڪرسيءَ تي ويٺو. شيخ مبارڪ علي اياز جيڪو وڏو شاعر، وڏي دانشور هئڻ سان گڏوگڏ وڪيل به هو، جمال ابڙو ۽ تاج محمد خاص دوست هئس، سکر ۾ وڪالت ڪندو هو، سو پنهنجين يادگيرين جي ڪتاب: ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“ ۾ لکي ٿو ته: ”غلطي منهنجي هئي يا تاج محمد جي غلط فهمي، بهرحال مون کان ناراض ٿي پيو. آءٌ هميشه جي دستور موجب بنا اطلاع يا پيشگي اجازت جي هليو آيس سندس چئمبر ۾. ”ائين بنا اجازت جي نه ايندو ڪر مون وٽ.“ ابڙي صاحب جو ڳنڀير آواز گونجيو. آءٌ ماٺ ٿي ويس. بعد ۾ توانايون بحال ڪري چيم: ”انشاءَ الله اڄ کان پوءِ مون کي ڪونه ڏسندا ۽ پنهنجا ڪيس به اتان منتقل ڪرائي ٿي سگهيس، پر ائين نه ڪيم. چار پنج مهينن کان پوءِ هڪ دفعي ڪورٽ ۾ هئس ته بيلف چيو ته اندر چيمبر ۾ صاحب اوهان کي سڏايو آهي. ٿورو سوچي هليو ويس. تاج محمد اٿي بيٺو، هٿ ملائي چيائين: ”اياز! تون مون کان ناراض آهين؟“ چيم: ”هائو!“ چيائين: ”ڳالهه ٻڌ، آءٌ جج ٿي جڏهن ڪرسيءَ تي ويٺس ته مون سوچيو ته آءٌ پنهنجي قلم جي نوڪ سان ڪنهن جي گردن اڏائي سگهان ٿو، ڪنهن کي ڦاسي ڏئي سگهان ٿو. ان سوچ مون کي ٽرڙو بنائي ڇڏيو ۽ تو سان به ٽرڙائي ڪري ويٺس، مون کي معاف ڪري ڇڏ.“ مون هڪدم ڳالهه ڪٽي چيو: ”بس بس، اڳتي ڪجهه به نه چئج، تون مون لاءِ ساڳيو ڪامريڊ تاجو آهين.“ اهو آهي عظيم هئڻ جو ثبوت. غلطي ڪا ڪانه هئس، اصولي ڳالهه هئي، هلندڙ عدالت جا ڪي قاعدا ۽ ضابطا آهن. سچي دوست ۽ گڏوگڏ قانوندان کي ته وڌيڪ محتاط رهڻو آهي، ان جي باوجود مرحوم جي دل تي بوجهه رهيو، جيسين نه دوست جي دلجوئي ڪيائين، تيسين قرار ڪونه آيا.“ شيخ اياز هن جي نيڪ دليءَ ۽ معامله فهميءَ تي لکندي آخر ان جملي تي پڄاڻي ڪئي آهي: ”هن جهڙا صاف گو، صاف دل انسان مون زندگيءَ ۾ ٿورڙا ڏٺا.“ جمال ابڙو صاحب پنهنجي چئن جلدن واريءَ ڪٿا ۾ مرحوم تاج محمد جو اڪثر ذڪر ڪندو رهيو آهي. هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”حيدر بخش جتوئي هاري تحريڪ جو بانيڪار هو، تحريڪ لاءِ جان نثار ۽ ڌُن جو پڪو. هاري تحريڪ ۾ اختلاف ٿي پيو، پارٽي ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي. طاقت جو توازن بگڙيو ته تاج محمد بي چين ٿي پيو. مولوي نذير حسين جا هل هڪلون سهي، ڏيپلائيءَ وٽان اڳين تاريخن ۾ اخبار ڇپرائي، فرضي چونڊون ڪرائي، سڀني کي حيرت زده ڪري ڇڏيائين. حيدر بخش جتوئي جيل مان آزاد ٿي اچي هاري حقدار پريس ۾ ويٺو هو. هي نين چونڊن ۽ ڪاميٽيءَ جي ٻين ڪمن جا پنا کڻي وڃي هاري حقدار جي آفيس ۾ پهتو. ڪامريڊ جتوئيءَ جي ڪمزوريءَ مان پوريءَ طرح واقف هو، ان ڪري وڃڻ وقت لينن جي تصوير به کڻي ويو. صحيحن جي پوءِ ڳالهه ڪيائين، پهرين لينن جي تصوير حيدر بخش آڏو آندائين. ڪامريڊ لينن اڳيان اچي ۽ جتوئي حواسن ۾ رهي، ائين ٿيڻو ڪونه هو. هن کي حواسن مان ڪڍي يا هيپناٽائيز ڪري نفسياتي مار سان سڀ صحيحون وٺي ڇڏيائين. ان طريقي سان ڪم وٺڻ به دانائي ۽ انساني نفسيات جي ڄاڻ آهي. ان اٽڪل بازيءَ کان علاوه مرحوم ۾ همٿ ۽ حوصلو هو، جوان مرديءَ ۽ جفاڪشيءَ جو اهو عالم جو مولوي نظير حسين جيل ۾ هو، پويان ڪي برده فروش هن جي ۵، ۷ سالن جي ناسمجهه نياڻي اغوا ڪري ويا. هو سک تڏهن ستو، جڏهن جهر جهنگ جهاڳي، ڳوٺن ۾ رلي، وڃي نياڻي هٿ ڪيائين ۽ جوابدارن کي ڳٿڙ مان پڪڙي، اچي ڪورٽ حوالي ڪيائين.“ (روزانه سنڌ، هلال پاڪستان) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو قومي سياستدانن، دانشورن ۽ ليکڪن جي نظر ۾ هدايت منگي اٺين آگسٽ ۱۹۹۴ع تي سنڌ جي هڪ سدا حيات شخصيت محترم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو (مرحوم) جي ۶۹ هين سالگرهه آهي. هو سنڌ جي تاريخ ۾ سياسي، ادبي، سماجي ۽ عدالتي خدمتن جي حوالي سان هميشه ياد رهندو، ڇاڪاڻ ته انهن حلقن سان سندس وابستگي سڄي حياتيءَ دوران رهي. سندس زندگي ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کان وٺي امان الله شيخ تائين سنڌ جا سمورا آدرشي انسان سندس رهائشگاهه (اوطاق) تي ميڙا لڳايو ويٺل نظر ايندا هئا ۽ انهن ميڙاڪن ۾ سنڌي سماج جي ڪنهن بنهه معمولي سرگرمي کان وٺي آفاقي، انساني، سياسي قدرن، انقلابن، تبديلين ۽ سرگرمين بابت انتهائي سنجيده بحث مباحثا ٿيندا هئا، جن کي لاڙڪاڻي ۾ ههڙين سرگرمين جي حوالي سان انتهائي وڏي اهميت حاصل هئي. انهن سرگرمين ۽ بحث مباحثن جي محرڪ، هن سنڌ جي منفرد شخص بابت سنڌ جي قومي سياستدانن، آزادي جي ويڙهاڪن، دانشورن ۽ ليکڪن مختلف وقتن تي جيڪي تاثرات لکيا آهن، تن جا ٿورڙا ٽڪر هن موقعي تي اختصار سان پيش ڪجن ٿا. جي ايم سيد: ميان تاج محمد ابڙو لاڙڪاڻي جو انسان دوست، خوش خلق ۽ رلڻو ملڻو ماڻهو هو. افسوس جو جوانيءَ ۾ وفات ڪيائين. ان جو اسان کي ارمان آهي. مخلص دوست، يارن جو يار، ايماندار ۽ قابل ماڻهو هو. آخر ۾ وڪالت ڇڏي جج ٿيو. خدا جنت ۾ جايون ڏئيس. ڪامريڊ ڄام ساقي: سائين تاج محمد ابڙي کي اڃا تائين نه مرحوم لکڻ جي همٿ اٿم ۽ نه ئي سائين کي ڪڏهن تاج محمد سڏيم. اسين گهڻو جونيئر هوندي به سائين کي ”سائين تاج“ ئي سڏيندا هئاسين. سائين سنڌي ادبي سنگت هجي يا هاري ڪاميٽي، شاگردن جي سرگرمي هجي يا سنئين سڌي انقلابي هلچل، اسان کي هميشه ۽ هر طرح همٿائيندو رهيو. دنيا جي تازي ۾ تازي انقلابي ۽ سياسي لٽريچر هٿ ڪرڻ، پڙهڻ ۽ نوجوان دوستن کي پڙهائڻ جي ڪوشش ۾ سدائين رڌل هوندو هو. جهڙو هو صورت ۾ سهڻو ۽ سيرت ۾ صادق، اهڙو ئي محبت ۽ مڻيا وارو مانجهي مڙس هو. تمام ٿورن ماڻهن کي خبر هوندي ته هن مزدورن جي يونينن کي منظم ڪرڻ ۾ لاڙڪاڻي ليول تائين ۽ سنڌ هاري ڪاميٽي کي منظم ڪرڻ لاءِ سنڌ سطح تي ڪوششون به ڪيون ۽ هميشه وس آهر مدد به ڪئي. ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي: تاج محمد ابڙو هڪ ئي وقت پنهنجي ذات ۾ هڪ انجمن هو. هن وٽ سياسي ليڊر، روپوش سياسي ڪارڪن، هاري، مزدور، شاگرد، ڪارڪن ۽ اديب ايندڙ ويندڙ هئا. سندس تعلق ان وقت جي سمورين سياسي شخصيتن؛ محمد ايوب کهڙو، قاضي فضل الله، جي ايم سيد ۽ اڀرندڙ شخصيت ذوالفقار علي ڀٽو سان به هو. هاري ۽ مزدور تحريڪن سان تاج محمد ابڙي جو گهرو لاڳاپو هو ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، مولوي نذير حسين ۽ ٻيا ڪيترا ئي هاري ورڪر هن وٽ ايندڙ ويندڙ هئا. تاج محمد ابڙو ڏاڍو پڙهيل ۽ ادبي تنظيم جو منتظم هو. ون يونٽ قائم ٿيڻ بعد جيڪي سياسي سرگرميون رهيون، تن ۾ به تاج محمد ابڙو خاصو رول ادا ڪندو رهيو. سياسي ۽ ادبي ڪتابن جو تاج محمد شوقين هيو ۽ پوءِ حقيقت ۾ تاج محمد ابڙي ئي بحيثيت خود لاڙڪاڻي واري سنڌي ادبي سنگت به قائم ڪري ورتي. ذوالفقار علي ڀٽي سان تاج محمد جو خاصو Equation (ويجهائي) هئي. مان تقريبًا پنج سال ۱۹۵۹ع کان مارچ ۱۹۶۴ع تائين نظربنديءَ ۾ گذاريا. مون تان نظربندي جي پابندي ختم ٿي. ان ۾ به وڏو ڪردار تاج محمد ابڙي جو هو، جنهن ذوالفقار علي ڀٽي کي چئي اها پابندي هٽرائي. تاج محمد جي موت کان چند ڪلاڪ اڳ جناح اسپتال ۾ جڏهن مون ساڻس ملاقات ڪئي ته مون کي بيحد حيرت ٿي ته مون کي همٿائيندو رهيو، بجاءِ ان جي جو مون کي ڪو موقعو ڏئي ته ڪا کيس تسلي ڏيان. ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع تي تاج محمد ابڙو وفات ڪري ويو. تنوير عباسي: تاج محمد ابڙو کلڻو ملڻو، جڏهن ملوس ته ٽهڪ ڏيندو، دوست کي ڏسي خوش ٿيندو. هن سان پهريون دفعو ملاقات ۱۹۵۶ع ۾ ٿي. ون يونٽ جو اونداهو دؤر هو. ادب ذريعي انقلاب جي ان تحريڪ جي روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو لاڙڪاڻي ۾ تاج محمد ابڙي جي اوطاق مان اُسريو ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ ڦهلجي ويو. اسان سنڌي ادبي سنگتن کي هڪ مرڪز تي گڏ ڪرڻ لاءِ پهرين ميٽنگ لاڙڪاڻي ۾ رکي ۽ تاج محمد ابڙي ميزبان ٿيڻ قبوليو. سڀني تاج محمد ابڙي جي اوطاق تي گڏ ٿي فيصلو ڪيو ته ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت جو ڪنوينشن سڏائجي، جنهن ۾ سنڌ جي سڀني ادبي سنگتن کي هڪ مرڪز تي گڏ ڪري سنڌ سنگت ٺاهجي ۽ ان جو دستور وغيره منظور ڪرائجي. اهو روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو هو، جيڪو ون يونٽ جي اونداهي دﺂر ۾ تاج محمد ابڙي جي اوطاق مان ڦٽو ۽ سڄي سنڌ کي جر جر، جرڪائي ڇڏيائين. هاري تحريڪ، نيشنل عوامي پارٽي، سنڌ عوامي محاذ، مطلب ته جيڪا به تحريڪ سنڌ جي پيڙهيل طبقن جي ڀلائيءَ ۽ آجپي جي لاءِ هئي، ان ۾ ڀرپور حصو ورتائين. نواب نبي بخش خان ڀٽو: تاج محمد خان ابڙو منهنجو ڀائن جهڙو دوست، مون تي ڏاڍو مهربان ۽ همدرد هو. منهنجو ڪم پنهنجو سمجهندو هو. هن جي گذاري وڃڻ جو مون کي سخت ڏک آهي. مون کي هُو هر وقت ياد هوندو آهي. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: جن شخصيتن مون کي متاثر ڪيو ۽ انهن کي وساري نه سگهيو آهيان، اهڙين ئي شخصيتن مان هڪ تاج محمد ابڙو مرحوم به هو. تاج محمد ابڙي مرحوم لاڙڪاڻي ۾ ادبي سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي ۽ لاڙڪاڻي جي اديبن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ بنيادي ڪم ڪيو. سندس شمار اهڙن ماڻهن ۾ ڪري سگهجي ٿو، جن اديبن کي ميدان تي آندو ۽ جديد سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ بنيادي ڪم ڪيو. لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت جو بنياد پيو، جنهن جي بانين ۾ تاج محمد ابڙي مرحوم، جمال ابڙي ۽ اياز قادريءَ جا نالا اچي وڃن ٿا. پهريون محرڪ ان جو تاج محمد ابڙو مرحوم هو. ڪامريڊ مير محمد ٽالپر: لاڙڪاڻي، ذوالفقار علي ڀٽو، بئريسٽر جان محمد جوڻيجو، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۽ ٻيون بيشمار شخصيتون پيدا ڪيون. تاج محمد ابڙو من کي موهيندڙ شخصيت هو. تاج محمد ابڙو ڪير سڏائي! سندس سونهن، سوڀيا ۽ هر دلعزيزي ڪڏهن ڪانه وسرندي. منهنجي مرحوم سان پراڻي نيازمندي هئي. مرحوم منهنجو هاري ڪميٽيءَ کان وٺي دوست هو. سندس ٽڪر منهنجي پيٽ ۾ آهن. سندس قرب ڪڏهن ڪونه وساربا. لاڙڪاڻي جا اڪابر ’ابڙا‘، جن مان مون کي سرهاڻ آئي، انهن مان موتي داڻو ابڙو تاج محمد. هي صاحب وڪالت ڪندو هو. سندس اوطاق ڪامريڊن جو اجھو هوندي هئي. سڀ ڪم ڪارين وارا وٽس اچي ٿاڪ ڏيندا هئا. بسترو ماني به ملندي هئي، آفيسن جا ڪم، ڪورٽن جا قانوني ڪم به ٿيندا هئا. منهنجو جڏهن به لاڙڪاڻي وڃڻ ٿيندو هو، تڏهن سندس آشياني تي ضرور حاضري ڀربي هئي. ڪچهري ٿيندي هئي ۽ لنگر به گڏ ڪبو هو. مرحوم تاج محمد پوءِ سيشن جج ٿيو. بيحد انصاف پسند ثابت ٿيو. سندس وڇوڙو اسان سڀني ڪامريڊن لاءِ وڏو حادثو آهي. سندس اولاد آهي. مون کي ياد ڪندا آهن. ڊاڪٽر اياز قادري: تاج محمد ابڙو منهنجو هاءِ اسڪول کان وٺي ڪاليج تائين ڪلاس فيلو، هاسٽل ۾ روم ميٽ ۽ زندگيءَ ۾ پيارو دوست هو. اسين هڪٻئي جي ويجهو رهياسين. تاج محمد ابڙي کي ننڍپڻ کان ئي سياست سان دلچسپي هئي. ۱۹۴۲ع وارو زمانو هو، مگر تاج محمد ابڙو ان وقت به هارين ۽ غريبن جي ڳالهه ڪندو هو. سياسي طرح هُو ڪامريڊ قادر بخش نظاماڻيءَ کي ئي پنهنجو استاد سمجهندو هو. تاج محمد کي شاگرديءَ واري زماني ۾ اخبار ڪڍڻ جو ڏاڍو چاهه هو. هن ڪجهه پئسا پاڻ ۽ ڪجهه پئسا ٻين دوستن کان هٿ ڪري ”نوجوان“ نالي سان هفتيوار اخبار شروع ڪئي. ان وقت نه سنڌي مسلمانن ۾ هو مڊل ڪلاس نه تعليم، نه وري اخبار پڙهڻ جو چاهه، تنهنڪري ”نوجوان“ جا فقط ڪجهه پرچا نڪتا، پوءِ اخبار مالي مشڪلاتن سبب بند ٿي وئي. تاج محمد ابڙي شاگرديءَ واري دؤر ۾ مختلف هنڌن تي نوڪري به ڪئي. ڪجهه عرصو ان وقت جي مشهور اخبار ”الوحيد“ ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر ٿي ڪم ڪيائين. پوءِ ريڊيو پاڪستان ۾ سنڌي خبرن جو انائونسر (Announcer) ٿي رهيو. تاج محمد ابڙو ۴۸-۱۹۴۷ع ڌاران وڪالت پاس ڪري لاڙڪاڻي هليو آيو. شيخ اياز سکر مان جڏهن به لاڙڪاڻي ايندو هو، ته وٽس اچي مهمان ٿيندو هو. ڀارت مان اتم ۽ سندري اتمچنداڻي جڏهن لاڙڪاڻي آيا، ته تاج محمد ابڙي انهن جي دعوت ۽ ميزباني ڪئي. سياست تاج محمد ابڙي جي رڳ رڳ ۾ سمايل هئي. هن سنڌ جي وڌ ۾ وڌ ڏتڙيل ۽ پٺتي پيل طبقي هارين لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. تاج محمد ابڙي جا سنڌ، بلوچستان، پنجاب ۽ سرحد جي ڪيترن ئي سياستدانن سان انتهائي گهرا تعلقات هئا. سنڌ جي سياستدانن ۾ جي ايم سيد، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، محمد امين کوسو، شيخ عبدالمجيد سنڌي، قاضي فيض محمد، غلام محمد لغاري ۽ بي شمار ٻين سان هن جا گهرا تعلقات هئا، پر اهي ٻئي هن جي سياست ۽ ضلعي جي ماڻهن جي نفسيات جي ڄاڻ سبب ضلعي جي ڪيترن مسئلن بابت کانئس هميشه مشورا وٺندا رهندا هئا. مون کي ياد آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو خاص طرح اليڪشن واري زماني ۾ هن وٽ ايندو هو يا هن کي پاڻ وٽ گهرائيندو هو. تاج محمد ابڙي کي سنڌي ادب ۽ زبان سان بيحد گهڻي دلچسپي هئي. هُو چاهيندو هو ته سنڌي ادب کي پراڻي پيچري تان هٽائي نون ترقي پسند راهن ۽ رستن تي هلائجي. هن جي وفات سان لاڙڪاڻي ۾ ڪچهرين جو دؤر ختم ٿي ويو، ڄڻ هي آخري ڏئيو هو، جو گُل ٿي ويو. انيس انصاري: منهنجي واقفيت ساڻس پهريائين ۱۹۳۹ع ۾ ٿي. تاج محمد دل جو درياهه ۽ مُنهن جو ملوڪ هو. شروع کان وٺي تاج محمد غريبن جي پيڙا ۽ ڏک کي پنهنجو ڏک ڪري سمجهندو هو. ان سبب ڪري هن هڙئون ۽ وڙئون غريبن جي پئي مدد ڪئي. سندس همٿائڻ ۽ مالي مدد ڏيڻ تي ڪافي غريب پڙهي وڃي چڱين نوڪرين کي لڳا. تاج محمد ابڙي جي ڪمزوري دوست هئا، جن کان سواءِ پاڻ کي اڌورو سمجهندو هو. ياري باشيءَ ۾ سندس ڪچهري مشهور هوندي هئي، جتي علم ادب کان سواءِ سياست تي به وڏا بحث پيا ٿيندا هئا. وڪالت جي عرصي ۾ ته ٺهيو، خود جج هئڻ دوران به اهي ڪچهريون قائم رهيون. باوجود ايماندار ۽ سچي هئڻ جي، ڪن ماڻهن سندس نالي بد ڪرڻ ۾ به ڪين گهٽايو، پر سندس آئيني جهڙي صاف شخصيت اجري جي اجري رهي. انور پيرزادو: ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ٻاريل ڏياٽيءَ جي روشني سنڌ جي اونداهي جاگيرداري ثقافتي قدرن واري ڌُنڌ کي چيريندڙ ۽ ڦاڙيندڙ آهي. اسين سڀ سمجهون ٿا ته ”ايجها ڪم ڪريجي، جنهن وچ الله آپ بڻيجي“ ۽ هي سڀ ڪجهه ڪامريڊ تاج محمد ابڙي پنهنجي مختصر عمر ۾ ڪيو. هن تي سڄي سنڌ ۾ مظلوم انسانيت ناز ڪري ٿي. امان شيخ: هڪ بي بها عظيم انسان مون پنهنجين اکين سان ڏٺو، جيڪو انساني گڻن ۽ خوبين جو ته ڳٽڪو هو، پر ان سان گڏوگڏ لاڙڪاڻي ساهه سيباڻي جي ماضيءَ جي شام جي آخري جهلڪ هو. مون حياتيءَ جي ڊوڙ ۾ ڳچيءَ پٽ تائين اختلاف رکندڙ هستين کي يڪجا ٿيندي ڪنهن هنڌ ڏٺو، ته اهو هو لاڙڪاڻي جي شام جو آخري اوتارو يعني سائين تاج محمد ابڙي جي اوطاق. انهيءَ اوتاري تي مون ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ، ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ، مولوي نذير حسين، ڪامريڊ جمال الدين بخاريءَ، حاجي محمد پيرزادي کان وٺي اياز قادري، سيد خادم حسين شاهه، ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌيءَ ۽ کوڙ سارين لائق هستين سان روح رهاڻيون ٿيون. انهيءَ اوتاري تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو به شام جو خنڪي هڻي اچي ويهندو هو، جنهن سان ڊگها ۽ اڻ کٽ بحث ٿيندا هئا. مير علي احمد ٽالپر مرحوم: مون کي پنهنجي انتهائي پياري دوست تاج محمد ابڙي جي موت تي ڏاڍو ڏُک ٿيو آهي. مان ۽ منهنجي فيملي اوهان جي ڏک ۾ شريڪ آهيون. الله مٿس رحم ڪري. ادل سومرو: سنڌي ادبي سنگت جو ٻوٽو، جيڪو هن وقت وڌي وڻ ٿي ويو آهي، ان جي آبياريءَ ۾ جن شخصيتن پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪيو، تن ۾ محترم تاج محمد ابڙي جون خدمتون وسارڻ جهڙيون نه آهن. سنڌي ادبي سنگت جي جڏهن به تاريخ لکي وئي ته تاج محمد ابڙي صاحب جو ذڪر ان ۾ نمايان طور ايندو ۽ ائين سنڌي ٻوليءَ جو هي گمنام ساٿي اسان جي ايندڙ نسل جي دلين ۾ هميشه زنده رهندو. ڪامريڊ برڪت علي آزاد: تاج محمد ابڙو اهڙن ماڻهن منجهان هڪ هو، جنهن کي تاريخ ۾ ڪڏهن به وساريندي به وساري نه سگهبو. جيڪب آباد ضلعي ۾ تاج محمد ابڙي جي مدد سان هاري تحريڪ جو بنياد پيو. درحقيقت اها ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ٻاريل هڪ شمع هئي. ضلع جيڪب آباد ۾ تاج محمد ابڙي هاري آفيس جو بنياد پاڻ رکرايو. سنڌ جون اهڙيون مها قومي هستيون تاريخ جو عظيم سرمايو آهن ۽ اسان جي ايندڙ نسل لاءِ مشعلِ راهه آهن. چيف جسٽس نعيم الدين: مون کي مشهور ۽ نامور شخصيت تاج محمد ابڙو رٽائرڊ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي غمگين ڪندڙ وفات جو ٻڌي بيحد گهڻو ڏُک ۽ سخت صدمو رسيو آهي. مان پنهنجي ڏک جو اظهار لفظن ۾ نٿو ڪري سگهان. محمد علي پٺاڻ: تاج محمد ابڙو سنڌ جي تاريخ ساز شخصيت هو. سنڌي ادبي سنگت جي پايو وجهندڙن جي سٿ ۾ شامل ٿي، ترقي پسند ادب جي واڌاري لاءِ به هن جي عملي ڪوشش ادبي تاريخ جي ورقن ۾ سونهري اکرن سان سانڍيل آهي. (عبرت، پڪار، آفتاب، بخت ور، جاڳو، هلال پاڪستان، خادم وطن، سنڌ نيوز، برسات ۽ سنڌو ) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو فڪري راھن کي روشن ڪندڙ ڊاڪٽر ادل سومرو زندگيءَ جو سلسلو صدين کان جاري آهي. هتي لکين آيا ۽ هليا ويا، ڄڻ ته هئا ئي ڪين، سگهه سونهن، مايا، سڀئي سايا. دائميت رهي ته فقط پيار ۽ نيڪيءَ کي، پر اها ڳالهه تمام ٿورا ماڻهو سمجهي سگهيا، جن اهو رستو ورتو دنيا انهن کي ديوانو سڏيو، اهڙن عاشقن حياتيءَ جو فلسفو سمجهيو ۽ ايئن گهاريو جيئن گذارڻ گهريو هو. اهو فلسفو آهي: ڪجهه ڏئي وينداسين، ڪجهه نه کڻي وينداسين، ٻورُ آهيون، ڏئي ميوو ۽ ڇڻي وينداسين. (تنوير عباسي) ڪي گيت ڏئي ويا، ڪي فڪر فلسفا، نيتون، واٽون، آدرش ۽ اميدون ڏئي ويا، ڪي پنهنجون حياتيون ئي قرباني ڪري ويا. اهڙا انسان ئي سدائين عزت وارن لفظن سان ساريا ويندا آهن. سنڌ جي ويجهي اتهاس ۾ پنهنجي ٻولي، علم، ادب ۽ فڪري بيداريءَ وارين تحريڪن کي سڌي طرح ترقي وٺرائڻ وارو هڪ عظيم فرد هو تاج محمد ابڙو، جنهن جي زندگيءَ جو جڏهن اڀياس ڪجي ٿو ته سندس ڪردار، هڪ وطن دوست انسان جي روپ ۾ اسان کي بلندين تي نظر اچي ٿو. هن پنهنجي حياتيءَ جو گهڻو وقت هن ڌرتي جي خوشحاليءَ لاءِ ٿيندڙ سرگرمين کي ڏنو. هن طبقاتي نظام خلاف ڪم ڪندڙ ڌرين کي همٿايو. ڪامريڊ برڪت علي وٽ پاڻ لڙي وڃي ٿو. هن اديبن ۽ عالمن جي عزت ۽ همٿ افزائي ڪئي. سنڌي ٻولي تي جڏهن ڏکيا ڏينهن آيا ته هن پنهنجون صلاحيتون ارپيون. هڪ روشن خيال ۽ ترقي پسند انسان جي روپ ۾ هن غلط سماجي رسمن خالف پاڻ پتوڙيو، اديبن جي وڏي جماعت سنڌي ادبي سنگت، لاڙڪاڻي ۾ بنياد رکڻ جو اعزاز به کيس ئي حاصل ٿيو. انهيءَ سلسلي ۾ تنوير عباسي لکي ٿو ته: اهو روشنيءَ جو پهريون ڏيئو جيڪو ون يونٽ جي اونداهي دور ۾ تاج محمد ابڙي جي اوطاق مان ڦٽو ۽ سڄي سنڌ کي جرڪائي ڇڏيائين. جنهن شخص ۾ ايتريون خوبيون هجن، ان جي عزت ۽ اهميت کان ڪير ٿو انڪار ڪري سگهي! هن جو شمار اهڙين شخصيتن ۾ ٿئي ٿو، جن پس منظر ۾ رهي بنا ڪنهن شهرت ۽ نماءَ جون اهڙيون فڪري راهون روشن ڪيون، جن تي نئين نسل جي رهنمائي ٿي ۽ مجموعي طرح سنڌ ۾ روشن خيالي وارين تحريڪن کي فائدو رسيو، علم، ادب ۽ سياست جي ميدان ۾ سهپ ۽ رواداريءَ جا لاڙا متعارف ٿيا، جنهن ڪري سنڌ تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهي هئي. سنڌي سماج ۾ انتشار جو هڪ وڏو ڪارڻ فردن ۾ ميل ميلاپ جي کوٽ، هڪ ٻئي سان ڪچهري يا ڳالهه ٻولهه (ڊائيلاگ) نه ڪرڻ آهي. ڳوٺن مان اجتماعي اوطاقون ختم ٿي ويون، جنهن ڪري انائيت ۽ خود پرستيءَ جي مرضن ۾ واڌارو ٿيو. ڏاهن ماڻهن هڪ جاءِ تي ويهڻ ڇڏي ڏنو ته سوچ ويچار ۽ خيالن جي ڏي وٺ جا رستا بند ٿيا، تاج محمد ابڙي جي اوطاق تي ٿيندڙ ڪچهريون جڏهن نه ٿيون ٿين ته ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ڪنهن وٽ لڙي وڃڻ پسند نه ٿو ڪري، اها ڪهڙي ڳالهه هئي جيڪا عالمن، اديبن، دانشورن ۽ سياستدان کي تاج محمد ابڙي جي اوطاق تي گڏجڻ لاءِ اتساهيندي هئي. اها ئي ابڙي صاحب جي شخصيت جي سحر انگيزي، هن جي محبت ۽ هن جو رويو. اها ڳالهه تڏهن پيدا ٿيندي آهي جڏهن ماڻهو ”پاڻ“ کي پاسيرو ڪري سامهون واري کي اهميت ڏيندو آهي. لاڙڪاڻي ۾ اوطاقن جي کوٽ ناهي، پر اسان جي سڄاڻ دوست امان شيخ ابڙي صاحب جي اوطاق کي لاڙڪاڻي جي شام جو ”آخري“ اوتارو سڏيو آهي. اهو ابڙي صاحب جي شخصيت جو ڪمال جو هڪ ٻئي سان سخت اختلاف رکندڙ فرد به سندس اوطاق تي گڏجي ويهڻ پسند ڪندا هئا. هاڻ لاڙڪاڻي ۾ اهڙي صورتحال نه رهي آهي. جنهن ڪري امان شيخ جي راءِ سان سهمت ٿيڻو پوي ٿو. تاج محمد ابڙي صاحب پنهنجي سڄي حياتي هڪ آدرشي انسان وانگر گذاري ۽ پنهنجن نظرين يا اصولن تي ڪڏهن به سودي بازي نه ڪئي، هو چاهي ها ته عام ڪامورن وانگر پنهنجي اولاد لاءِ مال ملڪيت ڇڏي وڃي ها. پر کيس سڌ هئي ته اهي سڀ عارضي شيون آهن، بنيادي ڳالهه ڪردار جي آهي ۽ ان کي دائميت آهي، باقي مايا اچڻي وڃڻي نچڻي آهي. تاج محمد ابڙي، ساڌو واسواڻيءَ جي چواڻي مطابق هن واقعي پنهنجي حياتي ايئن گذاري جيئن هن چاهيو پئي. هو ذهني طرح هڪ آزاد انسان هو ۽ زماني سازيءَ کان پري هو، جنهن ڪري هو هر قسم جي روحاني بيمارين کان آجو، آزاد، اجرو ۽ مهربان هو. تاج محمد ابڙو سنڌ جي گهڻ رُخي شخصيت ستار ڀٽي تاج محمد ابڙو ولد قادر بخش خان ابڙو لاڙڪاڻي جي اعليٰ شخصيتن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. هيءُ هردلعزيز شخصيت وارو انسان ۸ آگسٽ ۱۹۲۴ع تي شهدادڪوٽ تعلقي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم قمبر علي خان ۾ حاصل ڪيائين. ۱۹۴۳ع ۾ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو مان پاس ڪرڻ بعد اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هو ڪراچيءَ ويو. ايس.ايم لا ڪاليج ڪراچيءَ مان ۱۹۴۷ع ۾ قانون جي ڊگري حاصل ڪري ۱۹۴۷ع ۾ وڪالت شروع ڪيائين. ڪراچيءَ ۾ رهڻ واري عرصي ۾ سنڌ جي مشهور اخبار ”الوحيد“ ۾ بحيثيت سب ايڊيٽر، علاوه ان جي انگريزي روزانه ”ڊان“ ۾ سب ايڊيٽر سان گڏ ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ ۾ نيوز ڪاسٽر به رهيو. هن جا ان وقت ڪراچيءَ ۾ ٽريڊ يونين اڳواڻ ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ جمال الدين بخاريءَ سان لاڳاپا ٿيا. پوءِ پاڻ ڪراچي ڪميونسٽ پارٽي ۽ ٽريٽ يونين ورڪرن سان گڏجي، ان وقت هاري مزدور جدوجهد ۾ سوشلسٽ انقلاب لاءِ پاڻ پتوڙيائين. جوانيءَ ۾ ئي هُو روشن خيال، غريبن جو هڏ ڏوکي هو. هر وقت سندس هڏ مسڪينن لاءِ ڪرڪندو هو. هن دنيا جي انقلابن جو گهرائيءَ سان مشاهدو به ڪيو ته سوشلسٽ اڳواڻن سان دوستي به قائم ڪئي. سوشلسٽ تنظيمن ۾ سندس ڀرپور ڪردار رهيو آهي. سال ۱۹۴۷ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ وڪالت جو آغاز ڪيائين. گهڻو عرصو سرڪاري وڪيل به رهيو هو. ڪرمنل Criminal ڪيسن جي حوالي کان گهڻو مشهور ۽ وڏو هوشيار وڪيل تصور ڪيو ويندو هو. لاڙڪاڻي ۾ اچڻ بعد به هاري تحريڪ، پي پي پي، نيشنل عوامي پارٽي ۽ سنڌ عوامي محاذ کان علاوه سنڌ جي پيڙهيل ۽ ڏتڙيل مسڪين عوام لاءِ ڏاڍ، ڏهڪاءَ ۽ ظلم کان آزادي، غلاميءَ کان آجپي يا طبقاتي بنيادن تي ڪابه تحريڪ، تنظيم ۽ جهاد ٿيو ته هن ان ۾ ديني فريضو سمجهي حصو ورتو. حقوق العباد ئي انسان ذات جي ڀلائيءَ جو اهو رستو ٻڌائي ٿو. تاج محمد ابڙو هن راهه ۽ منزل جو اڻ موٽ ساٿاري هو. سندس زندگيءَ جو مقصد ئي ٻين جي ڪم اچڻ هو. مسڪين ۽ بي پهچ ماڻهن جي ڪمن ڪارين ۾ گهڻي دلچسپي وٺندو هو. بنان لالچ جي دوستن، يارن جو ڪم ڪري کيس گهڻي خوشي حاصل ٿيندي هئي. سندس اوطاق گهڻو ڪري غريب طبقي ۽ عام ماڻهن لاءِ هڪ ”سراءِ“ طور استعمال ۾ هئي. هر روز شام جو سندس اوطاق تي چڱي چؤياري لڳندي هئي، جنهن ۾ سياسي، ادبي، سماجي ورڪرن وچ ۾ بحث مباحثا ۽ خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي نظر آئي. اهو ٻڌائڻ به ضروري آهي ته سندن وڏن سياستدانن جهڙوڪ: خان عبدالولي خان، سردار عطاءَالله مينگل وغيره سان ويجها تعلقات هئا، پر ذوالفقار علي ڀٽي سان ذاتي دوستي ۽ ويجهڙائپ هيس. هن جي پرڏيهي وزير جي عهدي تان لهڻ بعد، پيپلز پارٽيءَ جي قيام دوران تاج محمد سنڌ ۾ وڏي ڪوشش وٺي ڪيترن ئي سياستدانن جهڙوڪ: مير رسول بخش ٽالپر ۽ مير علي احمد ٽالپر کان علاوه ڪيترن ئي ڪامريڊ ساٿين کي پارٽيءَ ۾ شامل ڪرايو. سندس سياسي دائرو به وسيع هو. هُو ڪميونسٽ خيالن جو سچو ورڪر هو. قانوندان، سياستدان ۽ سماجي ورڪر کان وڌيڪ دانشور هو. فلسفي، ادب ۽ تاريخ جي وڏي ڄاڻ هيس. لکيائين هڪ لفظ به ڪونه، پر پڙهيو به گهڻو ته ڪڙهيو به گهڻو. سياست ۾ به صرف هڪ دفعو يونين ڪائونسل بقاپور جو سال ۱۹۶۵ع ۾ چيئرمين چونڊيو ۽ خدمت ڪيائين. ادب ۾ سندس ڪردار ٻن ڪنارن کي ملائڻ واري پل وارو هو. ادب سان کيس وڏي چاهت هئي. جڏهن ۱۹۵۴ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جو لاڙڪاڻي ۾ بنياد پيو ته هُو ۽ سندس اوطاق ئي سنگت لاءِ پيش پيش هئي. ائين الڳ سنڌ ۾ ادبي سنگت جو قيام ٿيو. جڏهن ۱۹۵۶ع ۾ جمعيت الشعراءَ سنڌ پاران لاڙڪاڻي ۾ آل سنڌ ادبي ڪانفرنس ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي، تاج محمد صحرائي، رشيد ڀٽي، جمال ابڙي، اياز قادريءَ جهڙا ناميارا اديب شريڪ ٿيڻ آيا، ته ان وقت تاج محمد ابڙي پنهنجي گهر ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي صدارت ۾ سڀني اديبن جو اجلاس ڪوٺائي، ميزبانيءَ جا فرض انجام ڏنا. اتي ئي اهو فيصلو ڪيو ويو ته سنڌي ادبي سنگت جي سمورين شاخن جو اجلاس يا ڪنوينشن ڪراچيءَ ۾ منعقد ڪري، مرڪز جي تنظيم ۽ منشور جوڙيو وڃي. اهو ون يونٽ جي اونداهي دؤر ۾ روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو هو، جيڪو تاج محمد ابڙي جي گهران ٻَريو ۽ سڄيءَ سنڌ کي جرجر ڪري ڇڏيائين. سڄي سنڌ جي سنگتن کي هڪ لڙيءَ ۾ سموئي، ون يونٽ خلاف ”ادبي جهاد“ جو آغاز ڪيو ويو. پاڻ ڪيترن ئي غريب شاگردن کي مالي مدد ڪرڻ ۽ لاڙڪاڻي ۾ سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريريءَ جهڙي سنڌ جي عظيم ادبي تحقيقي اداري جي بانيڪارن مان هو. سندس صلاحيتن ۽ تجربي کي ڏسندي ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت ۾ کيس ايڊيشنل سيشن جج مقرر ڪيو ويو، جنهن عهدي تي ۱۹۷۲ع کان ۱۹۸۵ع تائين ڪم نهايت ايمانداريءَ ۽ سچائيءَ سان ڪرڻ کان پوءِ ڊسٽرڪٽ سيشن جج جي عهدي تي پهچڻ کان پوءِ رٽائرمينٽ حاصل ڪري، وري واپس پنهنجي لاڙڪاڻي واري عوامي ادبي اوطاق آباد ڪيائين ۽ وڪالت جي پيشي سان منسلڪ ٿي ويو. پاڻ طبيعت جو سادو، سٻاجهڙو، محبتي ماڻهو هو. جڏهن به ملندو ته وڏا ٽهڪ ڏئي، پر دوستن سان ملي ڏاڍو خوش ٿيندو هو. آخرڪار هي موتين جهڙو ماڻهو، پورهيت دوست، دانشور، قانوندان، سياسي ورڪر ۽ علم ادب پرور شخصيت ۶۲ سالن جي ڄمار ۾ تاريخ ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع تي هن دنيا ۾ يارن دوستن جي لڏي کي ڇڏي ٻيءَ دنيا ڏانهن راهي ٿيو. اولاد ۾ کيس مير نادر علي، انجنيئر حيدر علي، گوهر علي، انجنيئر مظهر علي، ذوالفقار علي، جيڪي تعليم، انجنيئرنگ، پوليس ۽ وڪالت جي شعبي سان لاڳاپيل آهن ۽ نياڻين ۾ خالده، ڊاڪٽر عابده، پروفيسر شاهده ۽ پروفيسر زاهده، جيڪي پڻ تعليم، صحت، علم ۽ ادبي شعبي سان لاڳاپيل آهن. مددي مضمون: ڊاڪٽر تنوير عباسي، ڪامريڊ سوڀو، علي احمد بروهي ڪتاب: لاڙڪاڻو امر شخصيتون (اخبار: روزانه عوامي آواز، جاڳو، سَچ، تعمير سنڌ، هلچل، سنڌ، مهراڻ، عبرت) تاج محمد ابڙو تاريخ جي روشن راهه عبدالقادر جوڻيجو هونئن ته عام طور چڱن ماڻهن جي چڱائي جي وصف بيان ڪرڻ ڏاڍي ڏکي آهي، ڇاڪاڻ ته انساني تاريخ ۾ ڪيئي ٺڳيءَ جا ٺاهه پاتا وڃن ٿا. ڪلهه به ائين هو ته اڄ به ائين آهي. زماني تي ميارون اجايون آهن. پر هڪڙي ڳالهه هٿَ جي تريءَ وانگيان صاف بيٺي آهي ته سنڌ جي اصلي ۽ املهه هيرو، تاج محمد ابڙو پنهنجيون، پنهنجي گھر ٻار جون ۽ پنهنجن يارن پيارن جون تڪليفون وساري، پنهنجي ملڪ جي بکئي ڏکئي، ڏتڙيل ۽ بي وس عوام جي ڏکن ۽ تڪليفن ۾ جئين جو تئين شرڪت ڪئي. هو پنهنجي زندگي داءَ تي هڻي، ٻين جي غمن ۽ ڏکن جو ساٿاري رهيو. خودغرضين جي گھاٽن ڪڪرن ۾ بي غرضيءَ جي کنوڻ بڻجي، روشنين جا لامارا ڏيڻ، جيڪڏهن ڪنهن ڄاتو ته اهو تاج محمد ابڙي ڄاتو. اها صورتحال ٻڌائي ٿي ته تاج محمد ابڙو چڱائيءَ جي عمل ۾ نه رڳو نشاني هو، پر خود چڱائيءَ جي عمل کي چوٽ تي چاڙهي ڇڏيائين. چڱائيءَ جي وڏي اها ئي وصف هئي، جيڪا تاج محمد ابڙي جي شخصيت جي روپ ۾ اسان جي سامهون اچي ٿي. ايڏو خلوص، ايڏي عواميت، ايڏي جدوجھد، خلقِ خدا جي چڱائيءَ لاءِ ايڏي محبت تمام گھٽ ماڻهن ۾ پاتي وڃي ٿي، جن ۾ تاج محمد ابڙو سر فهرست رهيو. هن ليڊر بڻجي، ٻين کي قربانين جو سبق ڏيڻ جي بدران، قربانين جو اهو بار پاڻ ئي پنهنجي مٿي تي کنيو. هو هڪ عام ورڪر وانگيان ڪم ڪندو رهيو ۽ پنهنجن خوابن جي تعميل لاءِ سڄيءَ سنڌ ۾ ڀٽڪندو رهيو. جيڪو ماڻهو پاڻ کي وساري، پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جو ٿي وڃي، انهيءَ کان وڌيڪ ڀلا ٻيو ڇا ٿي سگھي ٿو. مون کي اها به خوشي آهي ته سندس صالح اولاد سندس ڇڏيل ورثي جي ايڏي سار سنڀال لڌي آهي، جنهن جو نتيجو هيءُ ڪتاب آهي. نه ته هونءَ ته حقيقت اها آهي ته چڱا چڱا ماڻهو تاريخ جي دز ۾ لٽجي ويندا آهن. پر شابس آهي تاج محمد ابڙي جي اولاد کي، جن کيس تاريخ جي دز کان بچائي ورتو آهي ۽ سندس شخصيت هڪ روشن تاريخ وانگيان نه رڳو اسان جي اڳيان آهي پر ايندڙ نسل لاءِ به هڪ روشن راهه بڻيل رهندي. (روزانه سوڀ، ڪاوش، هلال پاڪستان، تعمير سنڌ، عبرت، سچ، عوامي آواز، سنڌ، هلچل، سنڌو، پڪار) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جي تاريخ ساز شخصيت محمد علي پٺاڻ اي سنڌو! تو کي ڀـيٽ ڏنا، ڪنهن لـڙڪ-ڦـڙا، ڪنهن ماڪ-ڦــڙا جن تو کي پنهنجو خون ڏنو، سي سڀ کان پاڻ ملهائي ويا. شيخ اياز جي هن شعر جي روشنيءَ ۾ اسين جڏهن سنڌ جي آجپي لاءِ بيشمار تاريخ ساز شخصيتن کي پنهنجي مطالعي ۽ مشاهدي جي آڌار تي، سندن ڪيل جدوجهدن جي حوالي سان ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، تڏهن مايوسيءَ ۽ نااميديءَ بدران همٿ ۽ حوصلي جا سُتل جذبا ڄڻ ته نئين سر جاڳي پوندا آهن ۽ نئين سر پنهنجي وڃايل منزل جي پيچرن تي سفر جي سانباهي جو اتساهه ڪر موڙي اٿي پوندو آهي ۽ ماڻهو پنهنجي سوچ جون سڀئي واڳون ان جي حوالي ڪري ڇڏيندو آهي. مرحوم تاج محمد ابڙي جي شخصيت به اهڙن ئي املهه ماڻڪ شخصيتن مان هڪ هئي، جنهن پنهنجي سموري عمر ڏکويل ماڻهن جي اهنج گهٽائڻ لاءِ ادبي، سياسي، صحافتي ۽ قانوني مورچن تي ثابت قدميءَ سان ويڙهه ڪندي گذاري ۽ ان ڊگهي ويڙهه ۾ سرت ۽ سجاڳيءَ جي لاٽ جيڪا هو پنهنجي وک وک تي ٻاريندو آيو، تنهن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ چانڊاڻ پکيڙڻ ۾ خوب پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪيو. اڄ ان چانڊاڻ ۾ نه رڳو ڏاڍايون ڪندڙ قوتن جا ڪوڙهيل چهرا ڏينهون ڏينهن پوءِ وڌيڪ چٽا پسجي رهيا آهن، پر مظلومن کي به پنهنجي مظلوميت جا ڳجها اسرار آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي رهيا آهن ۽ هو انفرادي توڙي قومي طور ”پاڻ سڃاڻڻ“ واري عمل جي پيشقدميءَ ۾ اڳرا نظر اچي رهيا آهن. سنڌ جي هن باڪمال هستيءَ جو جنم ۸ آگسٽ ۱۹۲۴ع ۾ شهدادڪوٽ، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. پرائمري تعليم قمبر ۾ حاصل ڪيائين ۽ سيڪنڊري لاڙڪاڻي ۾. ان کان پوءِ وڪالت جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ کيس ڪراچيءَ جي ياترا ڪرڻي پئي. ۱۹۴۷ع ۾ هن قانوندان جي حيثيت سان بي پهچ ۽ بي وس ماڻهن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ ڪورٽ جي ڪٽهڙي ۾ پير ڌريو ۽ عوام دوست سياست کي فروغ ڏيڻ لاءِ سوچي سمجهي اهڙي ڪنڊائين راهه تي هلڻ شروع ڪيو، جنهن جي آخري موڙ تائين هن کي ڪو سک ۽ شانتي ته پلئه ڪانه پئي، پر ٻين هزارين ۽ لکين ماڻهن جي سک ۽ شانتيءَ جون راهون ضرور ظاهر ٿيون. وڪالت کان اڳ تاج محمد ابڙي ڪيتريون ئي نوڪريون ڪيون، جن ۾ ”الوحيد“ اخبار ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر جي حيثيت سان سندس ڪيل خدمتون وسارڻ جهڙيون نه آهن. ريڊيو پاڪستان تي به نيوز ڪاسٽر جي حوالي سان هن چڱو نالو ڪمايو هو. ان باري ۾ هن جو هڪ ويجهو دوست ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو ڪهاڻيڪار محترم انيس انصاري لکي ٿو ته: ”سندس خبرون پڙهڻ جو انداز وڻندڙ ۽ اثر انگيز هوندو هو. خبرن جي مناسبت ۾ لچڪ پيدا ڪري، هو ٻڌندڙ جي دل تي خبر جي ڇاپ ڇاپي ڇڏيندو هو.“ پاڻ جڏهن ۱۹۷۲ع ۾ سيشن جج مقرر ٿيا ته عدليه ۾ به پنهنجي مخصوص مزاج ۽ انداز جي گهري ڇاپ ڇڏيائون. اها سندن وڏي جرئت ۽ بيباڪي هئي، جو عدليه سان لاڳاپيل هجڻ جي باوجود هو پنهنجي سياسي ۽ ادبي دوستن جي حلقي ۾ سدائين موجود رهندا هئا ۽ انهن سان وابستگيون به ساڳئي نموني سان ئي روا رکيون ايندا هئا. وڏيرڪي سرشتي هيٺ پيڙجندڙ هارين جي نجات لاءِ سنڌ جي دلير ۽ جرئتمند هاري اڳواڻ حيدر بخش جتوئيءَ سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو موقعو پڻ ملين ۽ پاڻ ان ذميواريءَ کي نڀائڻ لاءِ عوامي هلچل ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيائون. سرڪاري نوڪري سندن سوچ آڏو ڪڏهن به رڪاوٽ نه بڻي. تاج محمد ابڙو گوناگون شخصيت جو مالڪ هو. نه صرف پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ۾ ۽ علم دوستيءَ جي شعور جي ورڇ ڪرڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو، پر سنڌي ادبي سنگت جو پايو وجهندڙن واري سٿ ۾ شامل ٿي، ترقي پسند ادب جي واڌاري لاءِ به سندن عملي ڪوشش ادبي تاريخ جي ورقن ۾ سونهري اکرن سان سانڍيل آهي. لاڙڪاڻي ۾ سندن اوطاق تي هر هفتي سنڌي ادبي سنگت جا ميڙ ٿيندا هئا. سندس دسترخوان سدائين دوستن يارن لاءِ کليل رهندو هو، جتي پاڪستان جون سياسي، سماجي ۽ ادبي شخصيتون اچي قيام پذير ٿينديون هيون، ائين جيئن اڄڪلهه ننڍي کنڊ جي وڏي دانشور ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي اوطاق تي آهي. تاج محمد ابڙي وٽ ماڻهو الائي ڪٿان ڪٿان ڪهي ايندا هئا. هو عزت ڏئي ۽ وٺي ڄاڻندو هو. قربائتو اهڙو هوندو هو، جو هڪڙو ڀيرو ڪو ساڻن ملندو هو ته هميشه لاءِ سندن قرب جي ڪڙي ۾ قابو ٿي ويندو هو. ابڙي مرحوم جي ويجهن دوستن کان معلوم ٿيو آهي ته سهپ، رواداري ۽ بُردباريءَ جو هو زنده مثال هوندو هو. وڏي کان وڏيءَ ڳالهه کي به پنهنجي بُردباريءَ سان حل ڪري ويندو هو. ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ڪڏهن به سندن ويجهو نه آيا. سندن ملڻ جي اهڙي قربائتي انداز بابت محترم تنوير عباسي لکي ٿو ته: ”تاج محمد ابڙو کلڻو ملڻو، جڏهن ملوس ته ٽهڪ ڏيندو، دوست کي ڏسي خوش ٿيندو.“ تاج محمد ابڙي جي شخصيت جو اهو جادوئي اثر هو، جنهن جي ڪري سدائين هن وٽ ميڙو متل هوندو هو. سندس دوستن جي تمام ڊگهي فهرست آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کان وٺي سوڀي گيانچنداڻي، اياز قادري، جمال ابڙو، انيس انصاري، ڪامريڊ جمال الدين بخاري، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، قاضي فضل الله، تنوير عباسي، عبدالحميد ابڙو، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو ۽ ٻيا ڪيترا ئي سياسي اڳواڻ، شاعر، اديب ۽ فيلسوف هن جي صحبت مان ذهني آسودگي ماڻيندا هئا. تاج محمد ابڙو اڄ اسان وٽ نه آهي، پر هُو پنهنجي انسان دوست روين جي ڪري اسان لاءِ هميشه زنده رهندو ۽ سندس ٻاريل سرت ۽ سجاڳيءَ واري لاٽ ڪڏهن به نه اُجهامندي. (روزانه عبرت، پڪار، آفتاب، بخت ور، جاڳو، هلال پاڪستان، خادم وطن، سنڌ نيوز، برسات ۽ سنڌو) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو (۸۶-۱۹۲۴ع) آئيڊيل شخص تاج بلوچ سنڌ اهو عظيم خطو آهي، جيڪا وڏن وڏن ماڻهن کي جنم ڏيندي رهي آهي. اهڙن ماڻهن، سنڌ جي هر طرح سان آبياري ڪري، ان تان جند گهوري ۽ سنڌين جي سماجي، اقتصادي ۽ فڪري مٿڀرائي لاءِ گهر ٻاري ڏياري ڪئي. ڪامريڊ تاج ابڙي جو نالو به انهن عظيم اڳواڻن ۾ شامل آهي، جن هڙان وڙان پنهنجي قوم ۽ خطي جي بي پهچ ۽ مسڪين ماڻهن لاءِ پاڻ پتوڙيو. منهنجي ئي تر جو (چيچڙو پنو عاقل) عظيم انسان ۽ بي مثال راڳي فقير ڀڳت ڪنور رام، سکر ضلعي جو هيمون ڪالاڻي، پني عاقل جي مائي پار پتي، مهراج سيتل داس ۽ ٻيا اهڙا ڪيئي ڪردار آهن، جن پٺتي پيل علائقي جي بي خبر ماڻهن جي موڳي جيون لاءِ پنهنجو رت ست ڏئي ڪنهن متڀيد کان سواءِ ماڻهپي جو مانُ مٿانهون ڪيو. پنهنجي ئي گهر جي وڏڙن مان بابا سائين مرحوم عبدالقادر خان بُلو، جنهن سِر تري تي رکي مولانا عبيدالله سنڌي کي ظالم سامراج جي جبر کان آزاد ڪرائڻ لاءِ گڏيل هندوستان جي بارڊر تان افغانستان منتقل ڪيو، بابا سائين وڏو سردار محمد مراد خان بُلو (اول)، ادو مرحوم سردار محمد حسن خان بُلو، جنهن جا راڄوڻي فيصلا سڄي اتر سنڌ ۾ مشهور ۽ مثال طور پيش ڪيا وڃن ٿا. مرحوم سؤٽ خاوند بخش خان بُلو، جنهن جي سماجي خدمتن جو پڙاڏو مون سنڌي اديبن جي وفد سان لکنؤ ۾ اتان جي گرو چانڊو رام جي واتان ٻُڌو. انهن ماڻهن جهالت جي ڌٻڻ ۾ غرق ٿيل ماڻهن ۾ سياسي شعور پيدا ڪيو ۽ سماجي خدمتن لاءِ هڪٻئي جا واهرو بڻجي بيٺا. اسان جي رهبرن مان شهيد الله بخش سومرو، قاضي فيض محمد، رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، عبدالقادر کوکر، سائين جي ايم سيد، مرحوم مولوي نذير حسين جتوئي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، مرحوم غلام محمد لغاري، غلام حيدر لغاري، قادر بخش نظاماڻي، جهان خان کوسو، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، مرحوم قادر بخش بڪڪ، مرحوم نبي بخش کوسو ۽ مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۽ ٻيا ڪيترا ئي نامور ۽ گمنام شخص آهن، جن اونداهين جو سينو چير ڪري معاشري کي هڪ نئون موڙ ڏنو. ڏُک اٿم ته مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب سان روبرو ملاقات نه ٿي سگهي، پر هاري حقدار پارٽي ۽ ڪميونسٽ پارٽي ۾ هڪ معمولي ڪارڪن جي حيثيت ۾ ڪم ڪندي، ڪامريڊ جي فڪري ۽ عملي خدمتن ۽ سندس ذات جي رهنمائي کان مون وڏي رهنمائي حاصل ڪئي. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جيل ياترا کان پوءِ سنڌ ۾ هاري پارٽي ۾ ڏار پئجي ويا ۽ ڪميونسٽ پارٽي کي ٽڪرن ۾ ورهائڻ لاءِ سانباها ٿيڻ لڳا. تڏهن ڪامريڊ تاج محمد ابڙي پنهنجي حڪمت عملي، سياسي بصيرت ۽ نفسياتي ڪيفيتن جو ادراڪ رکندي اختلافن کي جَهڪو ڪيو ۽ گهڻو گهڻو اڳ کان سٽيل سامراجي سازشن موجب، سوويت يونين کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ کان گهڻو اڳ ملڪ ۾ پارٽي کي ٽڪرن ٿيڻ کان بچائي ورتو. مرحوم تاج صاحب هڪ برجستو، ڏاهو ۽ زيرڪ سياسي ڪارڪن هو. مارڪسزم جي مطالعي ۽ لينن ازم جي تشريحن هن جي ذات کي هڪ مارڪسوادي طور انجمن جو روپ ڏنو ۽ هن پنهنجي فڪري طاقت سان سنڌ ۾ قوم پرست ترقي پسندي کي وڏو زور وٺرايو ۽ رجعت پسنديءَ کي ڌڪي ڌوڙ داخل ڪيو، جنهن جا نتيجا پاڪستان پيپلز پارٽي جي صورت ۾ ظاهر ٿيا. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۽ ٻين بزرگن جي اسٽيبلشمينٽ جي خلاف زبردست سياسي مزاحمت نه هجي ها ته هوند شهيد ذوالفقار علي ڀٽو صاحب پيپلز پارٽي وجود ۾ نه آڻي ها، ڇاڪاڻ ته گرائونڊ ورڪ سنڌ ۽ ٻين ننڍن صوبن جي قوم پرست اڳواڻن اڳواٽ ئي ڪري ڇڏيو هو، جنهن جو کٽيو ڀُٽي صاحب کاڌو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اجتماعي شعور جو هڪ ٻرندڙ شعلو هو، جنهن جي روشني پارٽي ڪارڪنن سميت عام ماڻهن جي شخصي ڀلائي لاءِ به ڪارآمد ثابت ٿي. ان ڏس ۾ اسان جي هڪ دوست بدر ابڙي جي بس وارو واقعو آهي، جيڪا هن هڪ ’ڊان‘ ٽائيپ دائود پٺاڻ کان قسطن تي حاصل ڪئي هئي. قسطون پوريون نه ٿيڻ جي صورت ۾ دائود پٺاڻ اها بس زوري ڪاهي هليو ويو هو. مرحوم تاج ابڙي اها بس جهڙي ريت موٽرائي، اهو هن دﺂر ۾ کڻي معمولي واقعو چئجي، پر اڄ کان ۴۰ سال اڳ اهو هڪ ڪارنامو هو، سماجي خدمت ۾ وڏو ڪارنامو! تاج صاحب جي زندگي بهادري ۽ ڏاهپ جو خوبصورت سنگم هئي. سڄي سنڌ ۾ سياسي ۽ دانشور حلقن ۾ بي انتها مقبوليت ۽ شهرت باوجود هن ڪڏهن به ليڊر ٿيڻ جو تصور نه ڪيو، پر هڪ عام سياسي دانشور ۽ ڪارڪن جيان خدمت ڪندو رهيو. نه رڳو انگ اگهاڙن ۽ پيٽ بکين جو واهرو ۽ ڀرجهلو ٿي رهيو، پر هن ذهني طور اپاهج ماڻهن جي به تربيت ڪئي ۽ هڪ شعوري هلچل جو بنياد وڌو. پروفيشنلي وڏو وڪيل هوندي به هن غريب عوام جي سپنن جي ساڀيان لاءِ گهڻو پتوڙيو. اسان جي بزرگ دوستن مان مرحوم شيخ اياز جي شخصي ڪردار بابت ڪڏهن به سٺي راءِ آڏو نه آئي آهي. بزرگ ته ڇڏيو، هلندڙ دﺂر ۾ نوجوان ساٿين کي به شيخ صاحب مرحوم لاءِ نرم گوشو پيدا ٿي نه سگهيو آهي. شيخ اياز پنهنجي آتم ڪٿا ’ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر‘ ۾ مرحوم تاج ابڙو ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج سکر جي حيثيت ۾ کانئس سکر کان لاڙڪاڻي وڃڻ لاءِ موٽر ڪار گهرڻ بابت جيڪو قصو منسوب ڪيو آهي، ان ۾ ڪابه صداقت نه آهي، ڇاڪاڻ ته ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج ان دﺂر ۾ يا اڄوڪي دﺂر ۾ هڪ بلند مرتبت ادارو آهي، جنهن کي اڄ جيان ڪالهه به وڏيون سهولتون ۽ مراعات حاصل هيون. تاج صاحب مرحوم پاران شيخ اياز کان گاڏي گهرڻ هڪ مفروضو آهي. بعد ۾ شيخ اياز کي ڊينٽ پيل ڪار جي واپسي وارو مسئلو به اعتبار جوڳو نه آهي، ڇاڪاڻ ته ڪامريڊ ابڙي جهڙو حساس، ايماندار ۽ ٻئي جو خيال رکندڙ ماڻهو ائين ڪيئن به ڪري سگهيو. سمورو قصو غير منطقي ۽ پاڻ کي پڏائڻ واري ڳالهه آهي. اسين يا اسان کان اڳ واري ادبي ۽ سياسي لڏي هميشه تاج صاحب کي سچائي، ايمانداري ۽ شعوري هلچل جو علمبردار ڏٺو ۽ محسوس ڪيو. تضادن کان آجو، همدرد ۽ هرهڪ جو اونو رکندڙ، سنڌ جي ايندڙ پيڙهين لاءِ مشعلِ راهه بڻيو. باوقار، بُردبار ۽ سهپ وارو انسان، ڏاڍو سچار. ڪوڙي سماج جي ڪوڙن ڪردارن تي ڪاوڙ ته ممڪن ٿي سگهي ٿي، پر ڪنهن نامعقول ڳالهه تي رنجش ڪامريڊ ابڙي جو وڙ ئي نه هو. مرحوم شيخ اياز هڪ وڪيل هو. اسين ۽ اسان جا مٽ مائٽ مختلف راڄوڻن معاملن ۾ سندس اصيل رهي چڪا آهيون ۽ آءٌ ذاتي طور ڄاڻان ٿو ته هن جو پروفيشنلي سول ججن سان به هيٺانهين (خوشامد) وارو رويو هوندو هو. اهو ڪٿي ممڪن آهي ته هُو سيشن جج، سو به تاج ابڙي جهڙي مهربان ۽ شفيق سان کهرو ٿي ڳالهائڻ جي همٿ رکندو هجي!! شيخ اياز بابت سنڌ ۽ هند کي خبر آهي ته هو ڪنهن کي سکڻي چانهه جي به صلاح نه هڻندو هو. ڪمال آهي جو هن پنهنجي ڪٿا ۾ جمال ابڙي ۽ تاج ابڙي جي مانَ ۾ رات جي ماني جهلي. آءٌ انهيءَ ڳالهه تي موران وسهڻ لاءِ تيار ناهيان ۽ دعوت کان پوءِ ڪامريڊ تاج صاحب جي موڪلائڻ وقت وارا جملا غير معقول، غير منطقي ۽ شيخ اياز جي خواهش ته ٿي سگهن ٿا، پر ان ۾ تِر جيتري به حقيقت ناهي. لفظ ’ٽرڙائپ‘ ڏاڍو ڏکوئيندڙ لفظ آهي، سو به ڪامريڊ تاج جهڙي فرد لاءِ، جيڪو خلوص، وفا ۽ محبتن جو سرچشمو هو. پرائي درد تي ڦٿڪي پوڻ وارو شخص ڪامريڊ تاج اهڙين ياوا گوين کان ڏاڍو مٿانهون هو. سنڌ ۾ مئل ماڻهن تي ڪوڙ هڻڻ تي مرحوم پير علي محمد شاهه راشدي جو ڪو ثاني ئي نه هو. پر ان جي وفات کان پوءِ مرحوم غلام رباني آگري ۽ مرحوم شيخ اياز سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا. مرحوم تاج محمد ابڙي صاحب لاءِ اسان جو محترم استاد، شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ تعليمي ماهر (تاج ابڙي جو ويجهو دوست) مرحوم پروفيسر ڊاڪٽر اياز قادري صاحب چوندو هو: ”تاج محمد ابڙو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پُر زور اسرار تي ڊائريڪٽ ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج مقرر ٿيو ۽ نوڪري واري دﺂر ۾ هن جي وضع قطع، مزاج ۽ طبيعت ۾ نوڪري کان اڳ واري مريادا موجود هئي. خلق جي خدمت جو جذبو اڳ کان به اڳرو هو. هن جي ذات ۾ نرمي ۽ گدازيت سيشن ججيءَ جي عهدي کان به وڌيڪ هئي.“ هن سنڌ جي نوجوانن ۾ پنهنجي پُر عزم ارادن، جذبي، مطالعي ۽ بي باڪ طبيعت سان ترقي پسند ادب ۽ عوامي سياست لاءِ ڪيئي دلچسپيون پيدا ڪيون ۽ سنڌ جي بي پناهه خدمت ڪئي. لاهيان جي نه چِتان، الا اُن مَ وِسران مڙهيو منجهاران، جيءُ منهنجو جِن سين (شاهه) ڏهين مارچ ڪامريڊ جي وفات جو ڏينهن آهي ۽ هي ٻه چار سٽون کيس ڀيٽا طور پيش ڪري رهيو آهيان. سرها ڏٺم سي، جن ساڃاهه سراڻ سين تيغ تنين جي کي، ڪٽ نه لڳي ڪڏهين. (شاهه) (ماهوار سوجھرو مارچ ۲۰۱۰ع تان ورتل) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جو سچو خدمتگار پروفيسر مهرالنساءِ لاڙڪ /حيدرآباد سنڌ ڌرتيءَ جي ڪک مان سوين اهڙن هيرن جنم ورتو آهي، جن چؤطرف شعور جي روشني پکيڙي، سماج ۾ مثبت تبديليون آنديون، سماج کي سڌارڻ لاءِ بي بها خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ تاريخ جي ورقن ۾ پنهنجو نالو، سونهري اکرن ۾ لکائي ڇڏيو. اهڙن املهه ماڻهن ۾ هڪ نالو ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جو به آهي. لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو، سنڌ جو تاريخي شهر آهي، جنهن هر دور ۾ اسان کي اهڙا ته ليڊر، عالم، اديب ۽ شاعر ڏنا، جن پنهنجي ڏاهپ سان سنڌ کي واسي ڇڏيو. ڪشنچند بيوس، هري دلگير، جمال ابڙو، ذوالفقار علي ڀٽو، محترمه بينظير ڀٽو، سوڀو گيانچنداڻي ۽ تاج محمد ابڙو وغيره. سڀني سياڻن سنڌ سان، ائين ناتو نڀايو، جيئن ڪو ڪم فرض سمجهي ڪيو ويندو آهي. تاج محمد ابڙي ۸ آگسٽ ۱۹۲۴ع تي، شهدادڪوٽ ۾ جنم ورتو. لاڙڪاڻي، ڪراچي، سکر ۽ ٺٽي جي هوائن ۾ شعور جون منزلون طئي ڪندي، ڏاهپ جا ڏاڪا چڙهندو اڳتي وڌندو هليو. پاڻ ۱۹۴۳ع ۾ مئٽرڪ گورنمنٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان پاس ڪرڻ بعد، اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪراچيءَ ويو. ۱۹۴۷ع ۾ ايس ايم لا ڪاليج مان قانون جي ڊگري حاصل ڪري، ۱۹۴۷ع ۾ وڪالت شروع ڪيائين. ڪراچيءَ ۾ رهڻ دوران، سنڌ جي مشهور اخبار ’الوحيد‘ ۾ بحيثيت سب ايڊيٽر، ان کان سواءِ انگريزي روزانه ’ڊان‘ ۾ سب ايڊيٽر سان گڏ، ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ ۾ نيوز ڪاسٽر به رهيو. هن جا ان وقت ڪراچيءَ ۾ ٽريڊ يونين اڳواڻ ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي مرڪزي اڳواڻن سان لاڳاپا ٿيا. پوءِ پاڻ ڪميونسٽ پارٽي ۽ ٽريڊ يونين ورڪرن سان گڏجي، ان وقت هاري مزدور جدوجهد ۽ سوشلسٽ انقلاب لاءِ پاڻ پتوڙيائين. کيس زماني جو ڳوڙهو تجربو هو. سندس سوشلسٽ تنظيمن ۾ ڀرپور ڪردار رهيو آهي. سندس دوستيءَ جو دائرو تمام وسيع هو. لاڙڪاڻي ۾ سندس اوطاق، غريب توڙي امير مطلب ته عام ماڻهن لاءِ سراءِ طور استعمال ٿيندي هئي. هر روز شام جو سندس اوطاق تي ڪچهري لڳندي هئي، جنهن ۾ سياسي، ادبي، سماجي ورڪرن وچ ۾ بحث مباحثا ۽ خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي هئي. سندس ويجهڙائپ وڏن سياستدانن سان رهي آهي، خان عبدالولي خان، سردار عطاءُ الله مينگل وغيره سان گهڻو ويجها هئا، پر ذوالفقار علي ڀٽي سان ذاتي دوستي ۽ ويجهڙائپ هُئس. هو قانوندان، سياستدان ۽ سماجي ورڪر کان وڌيڪ دانشور پڻ هو، کيس ادب ۽ تاريخ تي وڏي دسترس حاصل هئي. سياست ۾ به صرف هڪ ڀيرو يونين ڪائونسل بقا پور جو سال ۱۹۶۵ع ۾ چيئرمين چونڊيو ۽ خوب خدمت ڪيائين. سنڌي ادبي سنگت جو ٻوٽو، جيڪو هن وقت وڌي وڻ ٿيو آهي، اُن جي آبياريءَ ۾، مرحوم تاج محمد ابڙي جو ڀرپور ڪردار آهي. جڏهن ۱۹۵۶ع ۾ جميعت الشعراء سنڌ پاران لاڙڪاڻي ۾ آل سنڌ ادبي ڪانفرنس ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي، تاج محمد صحرائي، رشيد ڀٽي، جمال ابڙي ۽ اياز قادريءَ جهڙا ناميارا اديب شريڪ ٿيڻ آيا ته ان وقت تاج محمد ابڙي، پنهنجي گهر ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي صدارت ۾ سڀني اديبن جو اجلاس ڪوٺائي ميزبانيءَ جا فرائض سرانجام ڏنا. اتي ئي اهو فيصلو ڪيو ويو ته سنڌي ادبي سنگت جي سمورين شاخن جو اجلاس، ڪراچيءَ ۾ گهرائي، مرڪز جي تنظيم ۽ منشور جوڙيو وڃي. اهو ون يونٽ جو اونداهو دور هو ۽ هي فيصلو اُن اونداهي دور ۾ اميد ۽ روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو هو. سڄيءَ سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن کي هڪ مالها ۾ پوئي، ون يونٽ خلاف، ادبي جهاد جو آغاز ڪيو ويو ۽ انهيءَ جهاد آخرڪار پنهنجو رنگ ڏيکاريو ۽ وَن يونٽ ٽٽي ويو. ٻڌيءَ جي طاقت اڳيان حڪومت کي گوڏا ٽيڪڻا پيا. اياز قادري لکيو آهي ته، تاج محمد ابڙي، جڏهن لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ قائم ڪئي، ته پاڻ اُن جو سيڪريٽري ٿيو، اُن حيثيت سان پاڻ ”تجر باغ“ لاڙڪاڻي ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ڏهاڙو اهڙي ته شاندار انداز سان ترتيب ڏنائين، جو ڏسڻ وارا واهه واهه ڪرڻ کانسواءِ رهي نه سگهيا، ڇاڪاڻ جو هِن کان اڳ لاڙڪاڻي ۾ شاهه سائينءَ بابت ايڏو وڏو ميڙاڪو ڪو نه ٿيو هو. اهو سندس لطيف سرڪار سان محبت جو ثبوت آهي. تاج محمد ابڙو ڪجهه وقت استاد پڻ ٿي رهيو، سائين محمد ابراهيم جويي پنهنجي هڪ مضمون ’تاج محمد مرحوم، منهنجو هم پيشه، هم مشرب ۽ همراز‘ ۾ لکي ٿو ته، ”مون شروع ۽ آخر تائين ماستري ڪئي ته تاج محمد ابڙي به شروع ۾ سهي، پر ماستري ضرور ڪئي. هي ماستريءَ جو منصب به تجربي ۽ مشاهدي ۾ گهڻي اضافي جو سبب بڻجي ٿو ۽ هن جو رنگ تمام پڪو ۽ پختو ٿئي ٿو ۽ ماڻهوءَ کي سڄيءَ عمر جي سڃاڻپ ڏئي ٿو. ماستري، استادي، يعني سِکڻ ۽ سيکارڻ، پڙهڻ ۽ پڙهائڻ، پنهنجي پورهئي مان پرائڻ ۽ اُپت (لاڀ) حاصل ڪرڻ آهي ۽ پوءِ سڀ ڪجهه ڏيئي ڇڏڻ جو اتساهه مون تاج محمد ابڙي ۾ ڏٺو ۽ منهنجي اهڙي طبيعت رکندڙ سڀني ساٿين ۽ دوستن ۾ تاج محمد کي پاڻ کان چار رتيون بدرجه اُتم ۽ ڪثرت سان ڏٺم.“ سنڌ جو هي برک اديب، وڪيل، دانشور ۽ سماجي خدمتگذار، سنڌين جو هڏ ڏوکي، سن ۱۹۸۵ع ۾ سيشن جج جي عهدي تان رٽائر ٿيو ۽ ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع تي دل جي دوري سبب هِن فاني دنيا کي الوداع چئي ابدي دنيا ڏانهن روانو ٿيو. کيس سندس اباڻي قبرستان لاڙڪاڻي ۾ دفنايو ويو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو شوڪت حسين شورو تاج محمد ابڙو استاد، صحافي، سياستدان، سوشلسٽ، وڪيل ۽ جج هجڻ سان گڏ پنهنجي ذات ۾ هڪ انجمن ۽ يار ويس شخص هو. سندس جنم ۸ آگسٽ ۱۹۲۴ع تي تعلقي شهدادڪوٽ، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. هن ۶۲ سالن جي عمر ۾، ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع تي، دل جي دوري پوڻ سبب، وفات ڪئي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي ۱۹۴۷ع ڌاري ايل ايل بي پاس ڪري، لاڙڪاڻي ۾ شمس الدين ابڙي وڪيل جو پارٽنر ٿي، وڪالت جي پيشي جي شروعات ڪئي. کيس سياست سان تمام گھڻي دلچسپي هئي. هو سوشلزم، ڪميونزم جو نظريو رکندڙ هو. ان ڪري هن سنڌ جي، وڌ ۾ وڌ ڏتڙيل ۽ پوئتي پيل پيل طبقي، هارين جي لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. هارين کي سجاڳ ڪرڻ جي شروعات ڄيٺمل پرسرام ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ڪري چڪا هئا. تاج محمد ابڙي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، غلام محمد لغاري، قاضي فيض محمد ۽ ٻين ڪيترن ئي دوستن سان گڏجي، هارين کي سندن حقن ڏيارڻ جي لاءِ جاکوڙ ڪئي. لاڙڪاڻي جي سياستدانن مان قاضي فضل الله ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سان هن جا گھرا تعلقات هئا. ڪراچيءَ ۾ رهڻ دوران اسسٽنٽ ايڊيٽر جي حيثيت سان پڻ ڪم ڪيو. کيس ۱۹۷۲ع ۾ ائڊيشنل سيشن جج مقرر ڪيو ويو ۽ ۱۹۷۸ع ڌاري، کيس ترقي ڏيئي، سيشن جج بنايو ويو. جج بنجڻ کان پوءِ به ھو، پنهنجي سياسي ۽ ادبي سنگت ساٿ سان، ڪچهريون قائم رکندو آيو. کيس ادب سان بيحد چاهه هو. لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي شاخ قائم ڪيائين ۽ ان جي طرفان ۱۹۶۵ع ڌاري، شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي ورسي شاندار نموني سان ملهائي وئي. هن جا سنڌيءَ جي ڪيترن ئي اديبن سان دوستاڻا ناتا هئا، جن ۾ محمد ابراهيم جويو، سوڀو گيانچنداڻي، جمال ابڙو، اياز قادري، رسول بخش پليجو، تنوير عباسي، رشيد ڀٽي، انيس انصاري وغيره شامل آهن. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ذاتي لائبريريءَ ۾، ادب کان وٺي علم جي هر شاخ تي ڪتاب موجود هئا. اها شاندار لائبريري سندس پونئيرن سنڌ الاجي کي عطئي طور ڏني. جتي سنڌ الاهي لائبريريءَ ۾ ’تاج محمد ابڙو ڪارنر‘ قائم ٿيل آهي. (روزانه ڪاوش ۱۰ مارچ ۲۰۱۱) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جو خاموش خادم امان شيخ تاريخ پڙهڻ، ان منجهان رهنمائي حاصل ڪرڻ ۽ لاڀ پرائڻ کي مان پنهنجي زندگيءَ جي مکيه مقصدن ۽ مرادن منجهان سڀ کان مٿانهون ۽ مقدس سمجهندو آهيان، ڇوته حقيقي تاريخ کي انسان ذات جو هڪ محفوظ رڪارڊ سمجهندو آهيان، جنهن ۾ انسانيت جون چڱايون، ڀلايون، مندايون، ڪچايون، ڦڪايون ظاهر ظهور ملنديون آهن. ائين کڻي چئجي ته تاريخ انساني اوسر ۽ واڌاري جو رڪارڊ آهي. اهو رڪارڊ جيڪو انسان ذات جي جدوجهد ۽ ترقيءَ جو رڪارڊ هجي، جيڪو انساني شعور، سمجهه ۽ سچائيءَ کي ماڻهپي ۽ محبت سان ڳانڍاپي ۾ رکي سگهي. انهيءَ سموري ڪار گذاريءَ ۾ اٿل پٿل جو ڪاريگر ۽ ڪرشمه ساز پاڻ حضرت انسان جي ذات آهي ۽ اهڙا انسان ئي تاريخ ۾ ٻهڳڻ ۽ شاندار هستيون بڻجي رهنمائيءَ جو ڪردار ادا ڪندا آهن. اهي انسان تاريخ جي وهڪري ۾ اونها ۽ عميق هوندا آهن. اهي تاريخ جا خاموش، لائق ۽ وفادار سپوت ليکي سگهجن ٿا، جيڪي ماٺ ميٺ ۽ چپ چاپ ۾، بنان ڪنهن نالي وڌائڻ جي، انسان ذات، سو به پيڙهيل انسانن جي خدمت چاڪريءَ ۾ پاڻ لاءِ سُڪون ۽ پنهنجي سڦلتا سمجهندا هجن. اهڙا املهه ماڻڪ انسان گمناميءَ ۾ غائب ٿيل هجن، پر انهن کان سواءِ انسانيت جي تاريخ اڻ پوري چئي سگهجي ٿي. اهڙو هڪ بي بها عظيم انسان مون پنهنجين اکين سان ڏٺو، جيڪو انساني گڻن ۽ خوبين جو ته ڳٽڪو هو، پر ان سان گڏوگڏ لاڙڪاڻي ساهه سيباڻي جي ماضيءَ جي شام جي آخري جهلڪ هو، جتي وڻ وڻ جي ڪاٺي گڏ اچي ٿيندي هئي. لاڙڪاڻي جي شام جي آخري جهلڪ، انساني خوبين جو ڳٽڪو ۽ تاريخ ۾ خاموش ۽ وفادار سپوت لاڙڪاڻي جي ليکي ۾ نالو کڻبو ته امالڪ چئي سگهبو ته اهو سائين تاج محمد ابڙو هو. لاڙڪاڻي جي انهيءَ شام جي دؤر ۾ جنهن ماڻهوءَ جي اوتاري تي مون شاعر، اديب، دانشور، سياستدان، قومي ڪارڪنن ۽ ڪامورن تائين سڀني کي گڏ ٿيندي ڏٺو، مون حياتيءَ جي ڊوڙ ۾ ڳچيءَ پٽ تائين اختلاف رکندڙ هستين کي يڪجا ٿيندي ڪنهن هنڌ ڏٺو، ته اهو هو لاڙڪاڻي جي شام جو آخري اوتارو يعني سائين تاج محمد ابڙي جي اوطاق. مان ته انهيءَ اوتاري کي پاڻ لاءِ هونئن به ڀاڳ وارو ليکيان ٿو، جتي مون نه رڳو سياسي ميدان ۾ پنهنجي ديس جي گرن گنجن ۽ اٻوجهه انسانن سان ڀائپيءَ جو درس سکيو، پر سموري انسان ذات سان محبت جو پيچ پائڻ پرايم. انهيءَ اوتاري تي مون ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ، ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ، مولوي نذير حسين، ڪامريڊ جمال الدين بخاريءَ، حاجي محمد پيرزادي کان وٺي اياز قادري، سيد خادم حسين شاهه، ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌيءَ ۽ کوڙ سارين لائق هستين سان روح رهاڻيون ڪيون. انهيءَ اوتاري تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو به شام جو جهڪي هڻي اچي ويهندو هو، جنهن سان ڊگها ۽ اڻ کٽ بحث ٿيندا هئا. اسان گهڻو ڪري قوم پرستيءَ جي رءُ تي، ته وري ڀٽو صاحب اقتدار وسيلي سڀني مونجهارن کي نبيرڻ جو طرفدار رهيو. بهرحال انهيءَ سموريءَ ڪايا پلٽ جو مرڪز سائين تاج محمد ابڙي جي اوطاق يا اوتارو هو، ڇوته سائين تاج محمد ابڙو سنڌ جي روايتن ۽ انسانيت جي روشن پهلوئن جو امين هو ۽ انهيءَ روشن پهلو جو هڪ مکيه نقطو هو، هن وٽ محبت جو هڪ اڻ کٽ سلسلو هو، جنهن هيترا سارا عظيم انسان هڪ جاءِ تي گڏ ڪيا هئا، جنهن لاءِ چئي سگهجي ٿو ته: ”تنهن عشق کي شاباس، جنهن محبتي ميڙيا“. لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو، منهنجي جنم ڀومي، سياسي لحاظ کان سنڌ جي جفادري سياستدانن، معتبر وڏيرا شاهي ۽ ورهين کان قابض سياسي بازيگرن جو مرڪز رهيو آهي. ان ۾ سائين تاج محمد ابڙو هڪ اهڙي دؤر جو نمائندو هو، جيڪو پنهنجي بنيادي نقطي تان ڦرڻ جو ويچار ڪري به نه پئي سگهيو. ان ڪري سائين تاج محمد ابڙو سنڌ جي روايتي جهلڪ جي آخري شام به هو ته هڪ اهڙي دؤر جو نمائندو به هو، جنهن جي ڀيڄ ڀني ٿيڻ جي ابتدا ٿي رهي هئي. ان ڪري تاريخ جي هن خاموش ۽ وفادار سپوت سان انصاف تڏهن ٿي سگهندو، جڏهن سنڌ جي گود ۾ دائمي طور ستل اڏول انسان جي خوبين کي انسانيت جي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ وارو سمو ايندو ۽ انهن انسانن ۾ سائين تاج محمد ابڙو مٿانهون ۽ مانائتو نظر ايندو. مان هينئر به لاڙڪاڻي جي شام جي آخري جهلڪ واري اوتاري، پنهنجي سياسي سکيا جي اوطاق وٽان لنگهندو آهيان، پر اکيون کڻي تڪڻ جي همٿ ساري نه سگهندو آهيان، ڇوته: ”هنڌ اهي ماڳ، جَت نه رهيا جُوءِ ۾“ (روزانه ڪاوش، عوامي آواز، جاڳو، هلال پاڪستان، پڪار، آفتاب ۽ مهراڻ) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جو سجيلو سپوت يوسف لغاري سائين تاج محمد ابڙو صاحب لاءِ ٻه اکر لکڻ منهنجي لاءِ اعزاز آهي، پر اهو نڀائي سگهندس يا نه؟ انهيءَ جو فيصلو ته سندس دوست، ساٿي ۽ نظرياتي دوست ئي ڪري سگهندا. ان زماني ۾ جڏهن سنڌ تي ڏاڍ جا بادل پيا لامارو ڏيندا هئا، ڪجهه سنڌ جا سڄڻ، حيدر بخش جتوئي، جي ايم سيد، غلام محمد لغاري ۽ سوڀو گيانچنداڻي جيلن جي حوالي ته باقي ويچارا پاڻ نڀائڻ ۾ پورا. اهڙي ڪاري دؤر ۾ سنڌي ادبي سنگت ۽ ترقي پسند دوست، ويچارا ۽ بيوس هوندي به جاگيرداري، آفيسر شاهي، نوڪر شاهي ۽ صوبيدار شاهي جي خلاف پيا لڇندا هئا. سائين تا ج محمد ابڙو به انهن سنڌ جي سڄڻن مان هو، جيڪي سنڌ لاءِ پيا اٿندي ويهندي اڻهي سوچيندا هئا. حقيقت ۾ سنڌ جي تاريخ سياسي توڙي ثقافتي انهن دوستن ۽ ڪامريڊن کانسواءِ نامڪمل هوندي سائين تاج محمد جڏهن ۱۹۷۶ع ۾ سيشن جج ٿي ميرپورخاص ۾ آيو ته مون کي اڳئين به وڌيڪ برجستو ۽ پيارو محسوس ٿيو، پاڻ چوندو هو ته پهرين نه رڳو سنڌ جي ماڻهن کي انصاف نٿو ملي اهو پيو سوچيندو هئس، هاڻ ته اهو بارُ مٿي تي اچي پيو اٿم، شال نڀائي سگهان! اُن پنهنجي عهدي سان به نڀايائين ته اُن سوچ سان به نڀايائين. وطن، ڌرتي، ادب، ثقافت،، ٻوليءَ ۽ سچ سان کيس دل هوندي هئي. ياري نه رڳو رکي سگهندو هو پر نڀائڻ به ايندي هيس. مون کيس هن ملڪ ۾ هڪ ترقي پسند سوشلسٽ خيالن جو حامي ۽ ڌرتيءَ جي مسڪين ماڻهن جو حامي ڏٺو. دوستي ۽ مهمان نوازي سندس عادت بنجي چڪي هئي. ڪنهن به ڳالهه تي منطق کانسواءِ اعتبار نه آڻيندو هو. جيتوڻيڪ پاڻ دل ۽ ذيابيطس جي عارضي ۾ مبتلا هو پر اها بيماري سندس لاءِ وڏي بيماري ڪانه هئي، پنهنجي بيماري کان وڌيڪ سنڌ جي مسڪين ماروئڙن، ڏتڙيل ماڻهن، مظلومن جي لاءِ پيو پچرندو هو. ’’اسين ته وياسين گذاري ايندڙ نسل جو ڇا ٿيندو؟‘‘ هر دوست کان سندس سوال هوندو هو. جيتوڻيڪ پاڻ اسان وٽ موجود نه آهن پر هن موجوده دؤر جي سجاڳي ۽ شعورآڻڻ ۾ سندس ڪافي حصو رهيو آهي ۽ سندس نالي کان سواءِ سنڌ جي سياسي ادبي ۽ شعوري جدوجهد جي ڳالهه نامڪمل هوندي، جڏهن به ڪنهن دوست سنڌ جي سجاڳي ۽ شعور تي لکيو ته سندس نالو پهرين شعور آڻيندڙن ۾ هوندو. وقت ڪنهن جو ساٿ ڪونه ڏيندو آهي پر وقت سائين تاج محمد جهڙن جاکوڙي ۽ شعوري انسانن جي اڳيان مجبور به ته هوندو آهي ۽ سندس جدوجهد کي سدائين پيو نوڙي سلام ڪندو آهي. سائين تاج محمد وقت کي به هارائي ڇڏيو ۽ پنهنجي سچائيءَ، ايمانداريءَ ۽ شعوريءَ جدوجهد ذريعي پاڻ کي امر بڻائي ڇڏيو ۽ ايندڙ نسل لاءِ مشعل راهه ٿي ويو. (روزانه سوڀ، ڪاوش، هلال پاڪستان، عبرت، سچ، عوامي آواز) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سندس منزل - انقلاب جي منزل ڄام ساقي تاريخ انهن کي ڪڏهن به فراموش ناهي ڪندي، جيڪي ماڻهو خود تاريخ کي مرتب ڪندا آهن. معاشري ۾ هي ماڻهو ڪوبه ڪم مانَ مرتبي حاصل ڪرڻ لاءِ ناهن ڪندا، پر ان ڪم ۽ محنت، جدوجهد کي مڃتا سان نوازڻ معاشري جي مجبوري بڻجي پوندي آهي. ان فرد جي هر تخليق معاشري ۾ تبديلي جو باعث بڻجندي آهي، پر معاشري تي مسلط خيالات، حڪمران طبقي جا قدر، عام رواجي اخلاقيات ان فرد مٿان هر پل جبر طور لاڳو ٿيندا رهن ٿا، پر بغاوت جي عمل ۾ هي جبر اُن ماڻهو جي ارادن ۽ نظرين ۾ اڃا به طاقت پيدا ڪندا آهن، ته هو معاشري مان انهيءَ غلاظت کي ختم ڪري، هر جبر کي چئلينج ڪري ۽ عام عوام کي خوشحالي جي ضمانت ڏياري. ائين هن خطي به عظيم ذهن ۽ جدوجهد کي زندگي ارپيندڙ فرد ڏٺا آهن، پر انهن فردن هن خطي جي ڪنهن به اصول تي سودو نه ڪيو ۽ تيزي سان نوان محاذ تعمير ڪندي، انقلابي مقصدن کي پورهيت تائين پهچائيندي هڪ سوشلسٽ تبديلي لاءِ هن طبقي کي متحرڪ ڪندا رهيا. ائين ۸ آگسٽ ۱۹۲۴ع ۾ هڪ انقلابي جو جنم ٿيو، جيڪو اڳتي گهڻ رخي شخصيت جو حامل رهيو ۽ هي سڀ مثبت رخ ان ساٿي کي اڄ به زنده رکيو اچن، جيڪي شخصي طور تي اڄ اسان سان گڏ ناهن، پر اڄ ان جي سچائي، جدوجهد اسان سان گڏ آهي. اهو هو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، جنهن جو جنم ته لاڙڪاڻي ۾ ٿيو، پر ان جا آدرش پوري سنڌ توڙي پاڪستان ۾ گردش ڪندي پورهيت عوام لاءِ هڪ رهنمائي جو ڪم ڏيندا رهيا. اڄ ۸ آگسٽ تي ڪامريڊ تاج ابڙو جي سالگرهه آهي. ائين سمجهجي ڪامريڊ تاج جي جدوجهد کي سُرخ سلام پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي. جيئن ته اڄ جون حالتون جنهن ڪيفيت ۾ آهن، اهي هڪ وڏي تبديلي جون گهرجائون آهن. اها تبديلي ڪامريڊ تاج ۽ اسان سڀني گڏجي ڏٺي هئي، پر ان کي منزل نه ملي سگهي. اهي ڏينهن ۱۹۶۷ع، ۱۹۶۹ع جي تحريڪ جا هئا، جڏهن مڪمل پورهيت طبقو ميدان تي لٿل هو. ان عرصي ۾ ڪامريڊ تاج ڪميونسٽ پارٽي ۾ انتهائي سرگرم هو. هيءَ تحريڪ ايوبي آمريت جي دﺂر ۾ شروع ٿي هئي، جنهن نه صرف آمريت، پر سموري سماج جي ملڪيتي رشتن کي به چئلينج ڪري ڇڏيو هو. پوري پيداوار تي قبضو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو هو. انهيءَ عرصي ۾ ۱۹۵۰ع کان ۱۹۶۰ع تائين ڪامريڊ تاج ڪميونسٽ پارٽي ۾ وڏي جانفشاني سان ڪم ڪندا رهيا. انهيءَ مارڪسي فڪر جي ڪري ڪامريڊ هر محاذ تي سرگرم رهيا. هاري ڪميٽي ۾ رهي ڪري هارين کي وڏي پئماني تي متحرڪ ڪندا رهيا. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سان به گڏجي ڪامريڊ وڏي جدوجهد هلائي ۽ ساڻس گڏ به هوندا هئا. ڪامريڊ تاج محمد هڪ جج جي حيثيت ۾ جج وارو فرض ته نڀائيندا رهيا، پر پنهنجي سڃاڻپ وارو عام سادگي واري زندگي جو طبقو هميشه ساڻس گڏ رهيو. پاڻ وڪالت کي به وڏي زندگي ڏنائون، جنهن ۾ هنن مظلوم پورهيتن جا ڪيس مفت ۾ ڪورٽن ۾ پيش ڪيا ۽ ڪاميابي ماڻيائون. عام طرز جي سادگي هن ڪڏهن به پنهنجي شخصيت کان جدا نه ڪئي. اسين ڍاٽڪي ٻوليءَ ۾ جهونجهار ان کي چوندا آهيون، جيڪو مرڻ کان پوءِ به وڙهي سگهي، پوءِ اها ويڙهه هو پنهنجي تحريرن ذريعي جاري رکي، تنظيم جي ذريعي جاري رکي، اولاد جي ذريعي جاري رکي يا سنگت ساٿ جي ذريعي جاري رکي ته ان کي جهونجهار يا شهيد سڏي سگهجي ٿو. ايشيا ۾ اديبن جي وڏي ۾ وڏي تنظيم سنڌي ادبي سنگت آهي، جيڪا سنڌي ٻوليءَ لاءِ وڙهي ۽ ون يونٽ جي قهري ڪوٽ ڪيرائڻ ۾ ان جو وڏو هٿ آهي. ان سنڌي ادبي سنگت جي قيام جو پهريون ميڙ لاڙڪاڻي ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي گهر ٿيو. ائين ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ٻاريل لاٽ اڃا تائين ٻرندي اچي. جيستائين سنڌي ادبي سنگت رهندي، ان جا آندل نوان ادبي لاڙا رهندا. ڪامريڊ تاج محمد کي وساري نه سگهبو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جو ڊسٽرڪٽ سيشن جج هجڻ هن جي انقلابيت کي ماٺو ڪري نه سگهيو هو. سُٺا ۽ نوان ڪتاب پڙهندو ۽ پڙهائيندو هو ۽ سياسي روپوش ساٿين کي بنا کٽڪي گهر رهائي سگهندو هو. آءٌ به ضياءَ حڪومت جي ڏينهن ۾ وٽس ڪافي دفعا ويس. مالي مدد توڙي ماني ٽڪي کان سواءِ ڪڏهن به وڃڻ نه ڏيندو هو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو هاري ڪاميٽي جي ڏينهن ۾ پارٽي جو ڪُل وقتي انقلابي ساٿي به رهي چڪو هو. هن جي ڪمينٽمينٽ ۾ ڪڏهن به ڪمي ڪانه آئي. هُو سنڌي ادبي سنگت جو بنياد رکڻ وقت توڙي سياسي روپوش ساٿين کي ترسائڻ جي خطرن کان به ڀلي ڀت واقف هو، پر پوءِ به اهو سڀ ڪجهه ڪندو هو. سائين تاج محمد ابڙي کي اڃا تائين نه مرحوم لکڻ جي همٿ اٿم ۽ نه ئي سائين کي ڪڏهن تاج محمد سڏيم. اسين گهڻو جونيئر هوندي به سائين کي ”سائين تاج“ ئي سڏيندا هئاسين. سائين سنڌي ادبي سنگت هجي يا هاري ڪاميٽي، شاگردن جي سرگرمي هجي يا سنئين سڌي انقلابي هلچل، اسان کي هميشه ۽ هر طرح همٿائيندو رهيو. دنيا جي تازي ۾ تازي انقلابي ۽ سياسي لٽريچر هٿ ڪرڻ، پڙهڻ ۽ نوجوان دوستن کي پڙهائڻ جي ڪوشش ۾ سدائين رڌل هوندو هو. جهڙو هو صورت ۾ سهڻو ۽ سيرت ۾ صادق، اهڙو ئي محبت ۽ مڻيا وارو مانجهي مڙس هو. تمام ٿورن ماڻهن کي خبر هوندي ته هن مزدورن جي يونينن کي منظم ڪرڻ ۾ لاڙڪاڻي ليول تائين ۽ سنڌ هاري ڪاميٽي کي منظم ڪرڻ لاءِ سنڌ سطح تي ڪوششون به ڪيون ۽ هميشه وس آهر مدد به ڪئي. هاڻي سندس صالح اولاد پٽ توڙي نياڻيون سنگت ۽ ادب جي ذريعي هر جدوجهد ۾ شامل آهي ۽ تا دنيا رهندو. تڏهن ئي اسين هن کي صحيح معنيٰ ۾ جهونجهار چئي سگهون ٿا. چوندا آهن ته ماڻهو جي شخصيت جو دارومدار ان ماحول تي به هوندو آهي، جنهن ۾ هو پيدا ٿيندو آهي. ائين ڪامريڊ تاج جي پيدائش جنهن وقت ۾ ٿي، ان وقت روس اندر هڪ سوشلسٽ انقلاب به ٿي چڪو هو، جنهن جا اثرات هن برصغير تي به وڏي پئماني تي پيا هئا. اهو مارڪسي فڪر ۽ انقلاب ڪامريڊ تاج محمد ابڙو کي به ننڍپڻ کان ئي متاثر ڪندو رهيو. تنهن ڪري ئي ڪامريڊ پنهنجي وابستگي پورهيت طبقي سان هميشه برقرار رکي. پاڻ لاڙڪاڻي جي اندر سياسي، ثقافتي، ادبي سرگرمين ۾ به سرگرم رهيا، بلڪه اڳواڻي به ڪندا رهيا. لاڙڪاڻي اندر سنڌي ادبي سنگت جو بنياد رکندڙ به ڪامريڊ تاج هيا. ڪامريڊ هن سنگت جا جنرل سيڪريٽري به رهيا ۽ ادب ۾ تعلق کي اجاگر ڪندا رهيا. شاعري، نثر، نظم ۾ به پورهيت طبقي جي حالتِ زار جي ترجماني ڪندي ان کي وڌيڪ نکاريندا رهيا. ڪامريڊ تاج ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع کان ۱۹۸۳ع جي ايم.آر.ڊي تحريڪ به عروج تي هئي، جنهن ۾ پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن به وڏي قربانين سان آمريت کي چئلينج ڪيو. هڪ عظيم جدوجهد جو آغاز ڪيو، هيءَ جدوجهد به ڪامريڊ تاج لاءِ انتهائي اهم هئي، جنهن ۾ ڪامريڊ جو ڪردار آخري ڏينهن ۾ به رهيو، پر مجموعي تبديلي نه اچي سگهي. نظام اهو ئي رهيو، حالتون بدستور خراب ٿينديون رهيون. انهيءَ جو ڪارڻ ڪا مضبوط نظرياتي پارٽي نه هئي، جنهن جو ادراڪ ڪامريڊ تاج به رکيو پئي، پر ڪامريڊ جي زندگي اجازت نه ڏني، نه ته هيءَ کوٽ به ڪنهن نتيجي تي پهچي ها. ڪامريڊ تاج جو مقصد رائيگان ناهي ويو، ڇو ته ڪامريڊ تاج جيڪي حالتون ۱۹۵۰ع ۾ محسوس ڪيون، ۱۹۷۰ع کان ۱۹۸۰ع تائين ڏٺيون، اهي اڄ به موجود آهن. اهي آدرش اڄ جا نوجوان اڄ به سانڍيو اچن، جيئن مٿي جنهن تحريڪ جو ذڪر ڪيوسين، ان تحريڪ چيئرمين ذوالفقار علي ڀٽي کي به پيپلز پارٽي جي صورت ۾ نمودار ڪيو هو. اهي ۱۹۶۷ع کان ۱۹۶۹ع جي تحريڪ جا ڏينهن هئا، جنهن پاڪستان پيپلز پارٽي کي هڪ سوشلسٽ سماج جو منشور ڏيڻ تي مجبور ڪيو ۽ ڀٽي صاحب جي قيادت کي پيش ڪيو ۽ وڏي ڳالهه ته انهيءَ پروگرام جي ڪري ڀٽي صاحب ۽ ڪامريڊ تاج جي گهري وابستگي رهي ۽ دوستي به، جنهن ۾ هن خطي جي حالتن تي کوڙ سير حاصل بحث به ٿيا. ڀٽي صاحب ۽ ڪامريڊ تاج جو سفر به هڪ ئي رستي تي ٿيو، جنهن رستي تي پورهيت، هاري، شاگرد، نوجوان موجود هئا. ڪامريڊ تاج هڪ ئي وقت هڪ سياستدان، اديب، دانشور، وڪيل، جج ۽ هڪ عام انسان به هو، جنهن پنهنجي عمر جو وڏو عرصو جدوجهد کي ارپيو. ڪامريڊ جو مؤقف طبقاتي هو. هر مسئلي جو حل به ڪامريڊ تاج طبقاتي نظر سان ڏسندا هئا. اڄ ۸۶ هين سالگرهه هيءَ نويد ڏئي ٿي ته سماج کي تبديل ڪجي. ڪميونسٽ پارٽي گهڻن ئي مسئلن جو شڪار رهي ۽ ڪامريڊ تاج جهڙا ڪردار مسئلن جو شعور رکندي درست واٽ تي هلندا رهيا. ان واٽ جي چونڊ اسان سڀني ڪئي سين، جنهن ۾ تڪليفون به آيون، نظرين سان جٺ ٿيندي به ڏٺي سين، ماحول ۾ انقلاب کي ايندي به ڏٺوسين، پر منزل اڌوري ئي رهي، تنهن ڪري ڪامريڊ تاج محمد جي وابستگي ڪنهن ڪميونسٽ ليڊر سان ايتري نه رهي، جيتري ڀُٽي سان رهي. ان جو واحد سبب پيپلز پارٽي جي عوام ۾ حمايت هئي، بلڪه هڪ روايت بڻجي چڪي هئي، پر پيپلز پارٽي انهيءَ عوامي حمايت جو ادراڪ نه رکي سگهي، جنهن ڪارڻ ڀٽو صاحب کان وٺي بينظير تائين قربانين جو سلسلو جاري رهيو. هاري ڪميٽي ۾ تاج جون خدمتون اڄ به هارين لاءِ مشعلِ راهه آهن. سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي ۾ جيڪي پير پاتا، اهي به ڪامريڊ تاج جون سرگرميون هيون. هڪ انسان ايترو ڪجهه به ڪري سگهي ٿو، اهو اندازو لڳائڻ لاءِ ڪامريڊ تاج ابڙو کان وڌيڪ مثال مشڪل سان ملندو. هونئن به ڪنهن جي وڃڻ سان ڪو گڏجي ناهي ويندو، پر ان سان گهاريل ڏينهن ۽ قربانيون ڪڏهن به ناهن وسرنديون. اهي هميشه ساٿين جي ذهنن تي زنده رهن ٿيون. ڪامريڊ تاج سميت کوڙ انقلابين جي جدوجهد جاري آهي. اها تيستائين رهندي، جيستائين ظالم، مظلوم، امير، غريب، مزدور، سرمائيدار رهندو. انهيءَ لاءِ زندگي سڀ گذاريندا آهن، پر ڪي ڪي ماڻهو زندگي انقلاب کي، جدوجهد کي ارپيندا آهن. انهن مان ڪامريڊ تاج محمد ابڙو به هڪ آهي. روس انقلاب جي عظيم ليڊر ليون ٽراٽسڪي، ڪامريڊ تاج جهڙن لاءِ ئي لکيو هو ته: ”زندگي گذارڻ آسان ناهي، جيستائين انسان وٽ ڪو عظيم مقصد نه هجي، جيڪو انسان کي نيچ پڻي کان، ذلت کان بلند ڪري.“ انسان ڪٿي نه ڪٿي مري وڃي ٿو، کپي وڃي ٿو، جهڪي وڃي ٿو، وڪامجي وڃي ٿو، تنهن ڪري ڪامريڊ تاج محمد جا مقصد هر شيءِ کان مٿانهون هيا، جيڪي پوري تاريخ ۾ هميشه روشن مقام تي رهندا. (روزانه سوڀ، هلال پاڪستان، عبرت، سچ، عوامي آواز، سنڌ، هلچل، سنڌو، پڪار، سڪار) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جي ناقابلِ فراموش شخصيت عبدالغفور ڀرڳڙي تاج محمد ابڙو ۱۹۲۴ع ۾ ڄائو. قمبر، لاڙڪاڻي ۽ ڪراچيءَ ۾ تعليم ورتائين. مون کان اٽڪل ٽي سال ننڍو هو. مان کيس شاگرديءَ جي دؤر کان سڃاڻيندو هوس. مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ پُرجوش بهرو ورتائين. ان وقت هندستان جا نوانوي سيڪڙو شاگرد سياست جي تحريڪ ۾ هئا. ڀلا اهڙي وقت ۾ تاج محمد ابڙو ڪٿي پئي سياست کان ٻاهر رهي سگهيو! ۱۹۴۷ع ڌاري لاڙڪاڻي ۾ وڪالت شروع ڪيائين. اوائل ۾ مرحوم شمس الدين ابڙي سان گڏ ڪم ڪيائين، جو لاڙڪاڻي ضلعي جو مشهور فوجداري وڪيل هو. ڪجهه عرصي بعد الڳ ٿي ڪم ڪيائين. سندس وڪالت اڪثر ڪري فوجداري ڪيسن سان تعلق رکندڙ هئي، مگر ائين هرگز نه آهي ته سول قانون کان اڻڄاڻ هو. ڪيترن موقعن تي هُو سول ڪيس به هلائيندو هو ۽ ڪاميابيءَ سان هلائيندو هو، مگر فوجداري معاملن تي وڌيڪ دسترس هيس. هو وڏيءَ سنگت ساٿ وارو انسان هو. پئسي سان پيار به گهٽ هيس. تنهنڪري دوستيءَ ۾ ڪيترا ڪيس مفت ۾ کڻندو هو. جيڪا ڪمائي هوندي هيس، سا گهڻي قدر مهمان نوازيءَ تي خرچ ڪندو هو، تنهنڪري بچت ڪانه هوندي هيس. هن ۾ اها وڏي خوبي هوندي هئي جو اصيلن کي نه غلط مشورا ڏيندو هو، نه وري اجايا ڏٽا ۽ نه ئي ڪوڙا دلاسا ئي ڏيندو هو. سندس هٿ آئيني جيان صاف رهيا ۽ پنهنجي عزت ڀرئي ڌنڌي کي ڪوبه داغ لائڻ ڪونه ڏنائين. جج: جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو وزيراعظم ٿيو، ته کيس سيشن جج مقرر ڪيو ويو. سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ رهيو. ڪافي وڪيل ۽ سياسي ورڪر ۽ ليڊر هر شهر ۾ سندس دوست هئا. عدليه ڪنهن به ملڪ جو اهم ترين ٿنڀو آهي ۽ ويچارا مظلوم ٻين سڀني کاتن ۽ وڏن ماڻهن جي زيادتين کان پناهه لاءِ عدليه جو دروازو کڙڪائيندا آهن. تاج محمد ابڙي پنهنجي ججيءَ دوران فرض ادائيءَ ۾ ڪوتاهي ڪانه ڪئي. ڪنهن کان به مرعوب ٿي يا ڪنهن به لالچ ۾ اچي يا سفارش جو شڪار ٿي، بي انصافي نه ڪيائين، جيڪا مون کي ذاتي ڄاڻ آهي. هُو انهن سڀني ڳالهين کان تمام گهڻو مٿانهون رهيو ۽ نه وري ڪنهن کي جرئت ئي ٿيندي هئي جو کيس ڪو آڇ ڪري سگهي. البته اها ٻي ڳالهه آهي، جو ڪنهن ساده لوح ڌر ڪنهن جي وڪڙ ۾ اچي پاڻ ڦرايو هجي. جج جي حيثيت ۾ مسٽر تاج محمد ابڙو ڌرين خواهه وڪيلن سان تمام سٺي نموني پيش ايندو هو ۽ ڪنهن کي به شڪايت ڪانه هوندي هئي. هو سڀني کي غور ۽ صبر سان ٻڌندو هو. حقائق ۽ قانوني پوزيشن تي پوري غور بعد ئي فيصلو ڏيندو هو. عزت ۽ آبروءَ سان رٽائر ڪيائين، مگر پئسي جي معاملي ۾ ساڳيو ئي غريب رهيو. تاج محمد ابڙي عزت کي دنيا ۽ دولت مٿان ترجيح ڏني. معاشري ۾ مقام: اسان جو معاشرو ڪو سولو معاشرو ته نه آهي. هر قسم جا ماڻهو ان ۾ موجود آهن. اسان وٽ خوشامد، منافقي ۽ ڪوڙ عام جام رهيو آهي ۽ اڃا به ايتري نقصان باوجود اسين سکيا ڪونه آهيون. جيئن ٿڌ تيئن وڌ. تاج محمد ابڙي جو واسطو هر طبقي سان پيو، مگر پاند نه پسايائين، ڪنهن کي نه رنجايائين، نه ڪنهن جي شڪايت ڪيائين. هر ڪنهن سان چڱائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين. وٽس تهذيبي اخلاق جا انبار هئا. اٿڻ، ويهڻ جو طريقو ۽ گفتگو جو انداز ڪو هن کان سکي. ڪنهن کي برو ڀلو چوندي مون هن جي زبان مان ڪڏهن به ڪونه ٻڌو. پنهنجي محدود وسائل باوجود هن مهمان نوازيءَ جا فرض خوب بجا آندا. جيڪڏهن سرمائيدار هجي ها ته سخاوت جو وڏو ڌاڪو ڄميس ها. مگر هن عوامي ۽ سچائيءَ واري زندگي بسر ڪرڻ مناسب سمجهي. فقير راهه نشين است ودل غني دارد (دل جو غريب نه هو مگر غني هو.) ذهانت ۽ مطالعو: تاج محمد ابڙي جهڙا ذهين انسان مون پنهنجي حياتيءَ ۾ ڏاڍا گهٽ ڏٺا آهن، مگر هن ۾ جيڪا ڪمي مون محسوس ڪئي، سا اها هئي جو هن پنهنجي گهري مطالعي ۽ ذهانت جو مظاهرو ۽ نمائش ڪانه ڪئي. سندس معلومات وسيع هئي. سندس ذهن تعميري هو ۽ سندس مطالعو سطحي نه هو. جيڪڏهن ڪو ساڻس خيالن جي ڏي وٺ ڪري ها ته ان کي پتو پوي ها ته تاج محمد ابڙو نه صرف پڙهيو هو، پر ڪڙهيو به هو. هن کي نه صرف ڪتابي علم هو، پر کيس زماني جو عملي تجربو به هو. هن زندگيءَ ۾ سرديون، گرميون ۽ لاها چاڙها سڀ ڏٺا هئا، جنهن جي روشنيءَ ۾ هو راهه متعين ڪري سگهندو هو. پر منهنجي نظر ۾ هن جي روشن خياليءَ ۽ اعليٰ ذهانت مان ڪنهن گهٽ ئي فائدو ورتو. هن دؤر ۾ جڏهن هرڪو پاڻ کي ارسطو ۽ افلاطون کان گهٽ ڪونه ٿو سمجهي، اتي ڪنهن کي سمجهائڻ، قبرستان ۾ آذان ڏيڻ جي برابر آهي. اها جدا ڳالهه آهي ته ڪنهن وٽ ايترا وسائل ۽ اهڙا طريقا هجن، جو پنهنجن خيالن جي مشهوري ڪرائي، پاڻ کي جڳ مشهور دانشور سڏائي. پر تاج محمد ابڙي وٽ اهي طريقا هئا ئي ڪونه. لاڙڪاڻي ۾ هو سنڌي ادبي سنگت جو به روح روان هو. سندس علم ۽ عقل مان ڪنهن فائدو نه ورتو. هُو ته بيابان ۾ هڪ خوشبودار گُل هو، جنهن جي سڳنڌ جي سُڌ ٿورن کي نصيب ٿي هوندي. من مثل لالئه صحرا هستم سياست: اگرچه سياست سان سندس گهڻو واسطو هو، تاهم سياست جي افق تي گهڻو اُڀري نه سگهيو. جنهن انسان کي پنهنجا اصول ۽ اقدار پيارا آهن، ان جو گهڻو اسرڻ ڏکيو آهي. جتي سياست ۾ پئسي جي راند هجي، جتي سياست جو ٻيو نالو لالچ هجي، جتي سياست منافقي ۽ بي اصولي هجي، جتي سياست ۾ دلالي ۽ رشوت هجي، جتي سياست ۾ غنڊا گردي ۽ ڊڪٽيٽري هجي، اتي تاج محمد ابڙي جهڙن انسانن جي ضرورت ڪهڙي آهي! تاج محمد ابڙو بنيادي طرح سوشلسٽ ۽ جمهوري خيالن جو زبردست حامي هو. اهو ئي سبب هو، جو هُو هاري ڪاميٽي ۾ ٻين ترقي پسند ٽولن ڏانهن گهلي ويو. اتي هن اصلاح آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ باهمي ڪشيده ليڊرشپ کي ٺاهڻ جي ڪوشش ڪيائين، تاڪه پروگرام کي اڳتي وڌائي سگهجي، پر سندس بهترين ڪوششون به هن سلسلي ۾ ناڪام رهيون. لاڙڪاڻو ضلعو سياسي ليڊرن جي سرزمين رهي آهي، اتي مختلف خيالن جا مخالف سياستدان پئي رهيا آهن. اقتدار جي سياست ۾ تاج محمد ابڙي جي وقت ۾ محمد ايوب کهڙو، قاضي فضل الله ۽ ذوالفقار علي ڀٽو اعليٰ مقام تي رهيا هئا. خاص ڪري ڀٽو صاحب ته هڪ بين الاقوامي ليڊر جي حيثيت اختيار ڪري چڪو هو. مسلم دنيا ۽ ٽينءَ دنيا جو مڃيل ليڊر هو، مگر ٽنهي سياستدانن جي باهمي رقابت ۽ ڪشمڪش جو به سڀني کي اندازو آهي. پر اها ڳالهه وڏي تعجب واري آهي، جو ٽنهي صاحبن سان تاج محمد ابڙي جا تمام گهرا ۽ ويجها تعلقات هئا. شايد ڪو اڻ واقف ماڻهو ائين چوي ته تاج محمد ابڙو هڪڙي جي سامهون ٻئي جي گلا ڪري سرخرو ٿيندو هوندو ۽ فائدن وٺڻ جي ڪوشش ڪندو هوندو. ائين چوڻ حقيقت کان دور ئي ٿيندو. لاڙڪاڻي جي انهن ليڊرن کي چڱيءَ طرح ڄاڻ هئي ته تاج محمد صاحب جا تعلقات سڀني ليڊرن سان هئا. سندس گفتگو ۾ اها مٺاڻ ۽ حقيقت هئي، جو تاج محمد ابڙي جي سچائي ۽ ذهني پختگيءَ کان ڪوبه انڪار ڪونه ڪري پئي سگهيو. ان کان سواءِ هن ڪنهن کان به پرمٽ، پلاٽ، لائسنس ۽ فائدن جي گُهر ڪڏهن به ڪانه ڪئي، تنهنڪري سندس خلوص تي ڪوبه شڪ ڪري ڪونه پئي سگهيو. ڀٽو صاحب تنهنڪري مناسب سمجهيو ته اهڙي ديانتدار، اصول پرست ۽ اهليت رکندڙ شخص کي سيشن جج بڻايو وڃي، تنهنڪري هُو سيشن جج ٿيو. اها حقيقت ٻڌائڻ به ضروري آهي ته ڀٽي صاحب سان گهرا تعلقات هجڻ باوجود تاج محمد ابڙي ۱۹۶۵ع جي صدارتي انتخاب ۾ ايوب خان جي بجاءِ محترمه فاطمه جناح جي مدد ڪئي. مگر هن جي ڪم ڪرڻ جو طريقو پنهنجو هوندو هو. هُو سکڻي ڪُني وانگر ڪونه اڀامندو هو، مگر هن اندران ئي اندران هڪ ڊڪٽيٽر خلاف مقصد حاصل ڪرڻ جو طريقو اختيار ڪيو. شهيد ذوالفقار علي ان وقت وزير هجڻ جي حيثيت ۾ ايوب خان جي مدد ڪئي. بيماري ۽ وفات: تاج محمد صاحب جڏهن جج هو، تڏهن ناچاق رهندو هو. کيس دل جي تڪليف ۽ ذيابيطس جا مرض لاحق هوندا هئا. مون ڏٺو ته هُو کاڌي جي پرهيز به گهڻي ڪندو هو ۽ علاج جاري رهندو هوس، مگر انهن بيمارين کيس نه ڇڏيو. مون کي عجب ٿيندو هو ته پنهنجين بيمارين ۽ تڪليفن جو ذڪر گهڻو ڪونه ڪندو هو. ورنه ڪيترن ماڻهن جي اها طبيعت هوندي آهي، جو تڪليف ده ذڪر شروع ڪري ڏيندا آهن. تاج محمد صاحب وانگر بيمارين باوجود ماڻهن سان خنده پيشاني سان ملڻ هر ڪنهن جي وس ۾ نه آهي، مگر تاج محمد صاحب جي طبيعت ان جي برعڪس هئي، هر ڪنهن سان پنهنجي تڪليف جو ذڪر ڪري مغموم ڪرڻ نه پئي چاهيائين. نيٺ بيماري وڌندي وئي، ڦڪين ڪو فرق نه ڪيو، ڇوته حڪم الاهي ائين ڪونه هو. تون حبيب تون طبيب، تون دارون کي دردن تون ڏئين تون لاهين، ڏاتر کي ڏکندن تڏهن ڦڪيون فرق ڪن، جڏهن امر ڪيو ان کي نيٺ قضا مٿان اچي بيٺي. ڪنهن به ڊاڪٽر جي علاج مان فائدو ڪونه پيو. آخرڪار ۱۰ مارچ تي وڃي پنهنجي حقيقي خالق سان مليو. سنڌ هڪ دانشمند ۽ مهمان نواز دانشور انسان کان محروم ٿي وئي. ڪاش هن موت کي شل موت اچي، جو اهڙن عظيم انسانن کي ايڏو جلد جدا ٿو ڪري. الله تعاليٰ جون مٿس بيشمار رحمتون هجن. (روزانه عوامي آواز، هلال پاڪستان، سنڌ سجاڳ، تعميرِ سنڌ، عبرت) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو هڪ آدرشي انسان ڊاڪٽر غلام علي الانا ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جو نالو سنڌ واسين جي ذهين تان ڪجهه جهڪو ٿي ويو آهي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سچ پچ ته ڪو معمولي ماڻهو نه هو. سندس دوستن ۾ جڳ مشهور شخصيتون شامل هيون، جن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي، سائين جي ايم سيد، جمال الدين بخاري، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کانسواءِ خان عبدالولي خان، محترم عطاءَ الله مينگل ۽ حيدرآباد جي امير برادران مير علي احمد خان ٽالپر ۽ ميرل رسول بخش خان ٽالپر جا نالا وڏي فخر سان وٺي سگهجن ٿا. هو پنهنجي زماني جو هڪ مثالي ماڻهو ۽ آدرشي انسان هو، هو هڪ ايماندار جج ۽ هڪ دانشور طور سڄي سنڌ ۾ ڄاتو ۽ سڃاتو ويندو هو. مرحوم سان منهنجي ملاقات، مرحوم ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي صاحب جي اوطاق تي لاڙڪاڻي ۾ ٿي، آءٌ تڏهن سنڌ يونيورسٽي طرفان ٿيندڙ امتحانن جي سلسلي ۾ لاڙڪاڻو ويو هوس، مرحوم کي سنڌو تهذيب جي باري ۾ وڏي ڄاڻ هئي، پاڻ جڏهن مون کي موهن جي دڙي ڏيکارڻ لاءِ وٺي ويو هو. تڏهن هڪ ماهر، سنڌ شناس وانگر سنڌو تهذيب جي باري ۾ تمام گهڻي معلومات ڏنائين. ائين پئي محسوس ٿيو ته موهن جي دڙي جون ڀٽون ڀڙا، ديوارون، ڳليون ۽ ناليون ساڻس ڳالهائي رهيون هيون ۽ هو اهي ڳالهيون مون کي ٻڌائيندو رهيو، هو جڏهن مون وٽ سنڌالاجي گهمڻ آيو. تڏهن مون سنڌالاجي جي مستقبل جي پروگرامن جي باري ۾ کيس ڄاڻي ڏني. جنهن تي هو ڏاڍو خوش ٿيا ۽ سنڌالاجي جي مدد جون وڏيون اُميدون ڏيکاريائون. سندن سياسي سوچ مان محسوس ٿيندو هو ته هو سنڌ جو هڪ سڄاڻ ۽ ڏاهو شخص هو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي صحبت جو مٿس گهرو اثر ٿيل هو، سندس دل ۾ سنڌي قو م لاءِ جيڪو درد ۽ احساس هو، ان مان ائين محسوس ٿيندو هو ته مرحوم چاهي ٿو ته سنڌ جا ماڻهو سستي ڇڏين ۽ پنهنجي وطن لاءِ اڻٿڪ ڪوشش ڪن ۽ سنڌ کي بين الاقوامي درجي ڏيارڻ لاءِ پاڻ پتوڙين. مون کي اها خبر نه آهي ته سندس وڏا ڪير هئا ۽ انهن جي مالي حالت ڪهڙي هئي، پر پاڻ هميشه خوش پوش ۽ خوشحال نظر ايندا هئا. مرحوم ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو چوندو هو ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جي نياڻين جي تعليم لاءِ هميشه سرگردان هوندو هو. مرحوم تاج محمد ابڙي هڪ اصول ٺاهيو هو. جنهن موجب هو چوندو هو ته جيستائين سنڌي مائرون اڻ پڙهيل هونديون، تيستائين سنڌي معاشرو نه سُڌري سگهندو ۽ نه ئي وري ترقي ڪري سگهندو. انهيءَ اصول تحت هن سڀ کان پهرين پنهنجي پاڙي جي نياڻين کي تعليم جي زيورن سان سينگارڻ جي مهم شروع ڪئي، سندس انهيءَ جذبي جو ماڻهو به گهڻو قدر ڪيو. ساڻس ساٿ ڏنائون ۽ پنهنجين نياڻين کي پڙهائڻ جو عزم ڪيائون، ڪيتريون ئي نياڻيون پڙهي پيون. انهن مان ڪي ڊاڪٽرياڻيون بڻيون ته ڪي وري ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ استاد بڻيون ۽ ٻين نياڻين کي علم جي نور سان منور ڪيائون. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جيئن اسان سڀني کي معلوم آهي ته هو هڪ صحافي پڻ هو ۽ روزانه الوحيد اخبار جو ڪجهه ڏينهن ايڊيٽر پڻ رهيو، مرحوم هڪ مشهور سماج سُڌار شخصيت به هو، پنهنجي چوڌاري واري سماجي ماحول ۾ رائج اڍنگين ۽ خراب رسمن ۽ برين عادتن کي وڌندو ڏسي پنهنجي هڪ هفتيوار اخبار به ڪڍيائين، جنهن جو نالو رکيائين ”نوجوان“ پر اها اخبار گهڻو وقت هلي ڪا نه سگهي. آءٌ جڏهن اوپن يونيورسٽي اسلام آباد ۾ هوس تنهن زماني ۾ ۱۹۸۵ع ۾ لاڙڪاڻي ويس، ڇاڪاڻ ته مون کي فاصلائي نظام تعليم جي سلسلي ۾ اُتر سنڌ ۾ اوپن يونيورسٽيءَ جو ريجل دفتر ۽ مطالعاتي مرڪز قائم ڪرڻا هئا. ان سلسلي ۾ مون پنهنجي سفر جو آغاز گھوٽڪيءَ کان ڪيو ۽ پوءِ سکر، شڪارپور، جيڪب آباد، خيرپور ۽ آخر ۾ لاڙڪاڻي ويس. لاڙڪاڻي ۾ مرحوم تاج محمد ابڙي سان سندس اوطاق تي ڪافي وقت گذاريو. ٻيا دوست به اتي ئي آيا اسان جي اها ملاقات ڪافي سالن کانپوءِ ٿي هئي، هو مون کي گهڻو نئون نظر آيو، زندگي ۾ ڊگهو سفر ڪيو هئائين. ماستريءَ جهڙي پيغمبرانه ڌنڌي کان شروعات ڪئي هئائين پوءِ وڪيل بڻيو، سياست ۾ سرگرم رهيو، سماجي ڪارڪن رهيو ۽ آخر ۾ سيشن ڪورٽ جو جج مقرر ٿيو. سندس ڳالهين مان ظاهر هو ته هن پنهنجي انهيءَ پوري سفر کي هڪ ڪامياب سفر ٿي تصور ڪيو. هو پنهنجي زندگيءَ مان بيزار اصل نه هو پنهنجي ڪيل پورهئي ۽ ڪمائي تي گهڻو فخر هوس. البته آخري ڏينهن مٺي پيشاپ ۽ دمه جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويو، پر تنهن هوندي به ٿڪو نه هو، همت ڪا نه هاري هئائين، هو دلشڪستو هرگز نه هو، پنهنجي ايماندارانه ۽ بي داغ زندگي تي ناز هوس، هو ڏاڍو مطمئن هو، ان ملاقات ۾ هن مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو هو. اهو تاج محمد ابڙو نه هو جيڪو مون ڪجهه عرصو اڳ ڏٺو هو، هو پنهنجي سر هڪ انجمن هو، هڪ ادارو هو، هو مون کي هڪ صحيح مڻيادار انسان نظر آيو، منجهس ڪئين گڻ هئا جيڪي بکي رهيا هئا. اهڙا ماڻهو مرندا نه آهن، اهي هميشه زنده هوندا آهن، ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جهڙا آدرشي انسان اصل مرندا نه آهن، اهي هميشه زنده رهندا آهن. اهڙن امر انسانن جا ڇڏيل اصول سندن اولاد جي رهنمائي ڪندا آهن. مرحوم جو اولاد به، سندن والد جيان لائق ۽ فائق آهي. منهنجي دعا آهي ته موليٰ ڪريم مرحوم جي اولاد کي پنهنجي لائق ۽ آدرشي پيءُ جي نقش قدم تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ سندس اولاد کي اها همٿ ۽ سگهه ڏئي ته جيئن اهي به پنهنجي عظيم پيءُ جي اميدن تي پورا رهندا اچن. (روزانه سوڀ، ڪاوش، هلال پاڪستان، عبرت، سچ، عوامي آواز، سنڌ، مهراڻ، مقدمو، هلچل) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو منهنجو دوست، منهنجو ڀاءُ جمال ابڙو چڱن ماڻهن جي کوٽ ڪانهي. علامه دائود پوٽو، تاج محمد ابڙو، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، قاضي فيض محمد، تاج صحرائي، مولوي احمد ملاح ۽ ٻيا اڪيچار، جن مان هرهڪ تي جدا جدا ڪتاب لکي سگهجي ٿو، پر حياتيءَ تي ڀروسو ڪونه اٿم ته ڪو ايڏو وڏو ڪم ڪري سگهندس. تاج محمد ابڙو تمام ذهين ۽ اونهي سوچ وارو ماڻهو هو. هڪڙو تاج محمد ابڙو ئي هو، جنهن سان مان کلي ڳالهائي سگهندو هئس. حالانڪه تاج محمد اسان جو ڪو مائٽ ڪونه ٿي لڳو، پر تعلقات ڀائرن جهڙا هئس. امڙ جي وفات تي تاج محمد ابڙو پهتو ته جنازو روڪرائي چيائين ته: مان منهن ڏسندس، سو کيس منهن ڏيکاريو ويو. امڙ تاج محمد ابڙي سان به اسان پٽن جهڙو پيار ڪندي هئي. تاج محمد ابڙي سان ياراني پڪي هيم، جو مان کاٻيءَ ڌر جي تحريڪن، هاري پارٽيءَ ۽ مزدور يونين ۾ ڪم ڪرڻ لڳس. مون پنهنجي وڪالت جي آفيس ۾ پاڪ سوويت دوستيءَ جي انجمن کولي. اهو آئيڊيا به تاج محمد جو هو ۽ همٿائڻ به ان جو هو. سوويت لٽريچر جي لئبرري به اتي ئي قائم ڪيم. مون تي ايڏو ڀروسو ڪيو ويو، جو ڪميونسٽ پارٽيءَ جون ميٽنگون به اتي ڪيون وينديون هيون. اهو ڪرشمو به تاج محمد ابڙي جو هو. سرڪار مير علي احمد ٽالپر، شيخ اياز ۽ تاج محمد ابڙو ڪتابن جا عاشق هئا ۽ ڪنهن کي به ڪتاب ڪونه ڏيندا هئا. تاج محمد ابڙو، ذوالفقار علي ڀٽي کي ڪافي ويجهو هو ۽ سندس نجي محفلن جو رڪن هو. مون تاج محمد کي چيو ته ڇو نه ڀٽي صاحب کي چئي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي کي جيل مان آزاد ڪرائجي. تاج محمد کي اها ڳالهه پسند آئي ۽ هن ڀٽي صاحب سان ڳالهايو. ڀٽو صاحب خود ان خيال جو هو ته روس سان لاڳاپا وڌائجن، سو هڪدم هائو ڪيائين. سوڀو گيانچنداڻي جيل مان نڪري گهر آيو. ذوالفقار علي ڀٽي بعد ۾ تاج محمد کي چيو ته هو ڪميونسٽ پارٽيءَ تان بندش لاهي پيو ۽ ڀلي پارٽي کلم کلا پنهنجي منشور مطابق ڪم ڪري. ڀٽي صاحب ائين ڪري به ڏيکاريو، پر پارٽيءَ وارا ٻاهر ڪونه نڪتا. سو ذوالفقار علي ڀٽي، تاج محمد کي چيو ته هاڻي چئه نه پنهنجي دوست کي ته هو ڪميونسٽ پارٽيءَ کي بي ڌڙڪ منظم ڪري. تاج محمد به تمام ذهين ۽ اونهي سوچ وارو ماڻهو هو، سو مون سان صلاح ڪيائين. مون چيو ته بظاهر ته اها ڳالهه ٺيڪ ٿي لڳي، باقي فيصلو ڪامريڊ سوڀو ڪندو. مان ۽ تاج محمد ابڙو ڪامريڊ سوڀي سان سندس ڳوٺ ٻنڊي ملڻ وياسون. ڪامريڊ سوڀي ٺهه پهه جواب ڏنو ته واهه جو ٿا ڏس ڏيوم ته هٿ وٺي سڀ پارٽي ميمبر ۽ ڪارڪن ظاهر ڪري پليٽ تي رکي ڀٽي صاحب کي ڏيان ته جڏهن وڻين، تڏهن کين واڙي جيل ۾ وجهي ڇڏين. اسين ٻئي ماٺ تي وياسون. پنهنجي وزن جو پتو پئجي ويو ته سوڀي گيانچنداڻيءَ جي ڀيٽ ۾ اسين ڇوڪراٽ يا سيکڙاٽ هئاسين. هڪ ٻيو واقعو ياد ٿو اچيم. ٿيو ائين جو حيدر بخش جتوئي جيل ۾ واڙجي ويو. ڪامريڊ عبدالقادر وري چڱو مڙس، نرم مزاج ۽ اختلافي راءِ کي ريٽڻ وارو ماڻهو، انهيءَ صورتحال جو فائدو وٺي هاري پارٽيءَ جي ڪن جوشيلن حقيقت ۾ پاڻ هرتڙن پارٽيءَ اندر سٽل، ڪي پنهنجا من پسند صدر، سيڪريٽري ۽ ٻيا عهديدار چونڊي بالم ٿي ويهي رهيا. مولوي نذير حسين جتوئي به ساڻن شامل هو ۽ عهدو به قبول ڪيو هئائين. پارٽيءَ فيصلو ڪيو ته انهيءَ صورتحال جو توڙ ڪيو وڃي ۽ بلڪل زائل ڪيو وڃي. انهيءَ ڪم لاءِ تاج محمد ابڙي ۽ مون کي ذميواري سونپي وئي. پتو ئي نه پوي ته ڇا ڪجي؟ هنن يارن ڇا ڪيو جو اخبارن ۾ خبرون ڇپائي پاڻ عهدن تي قابض ٿي ويهي رهيا. تاج محمد تمام گهڻو ذهين ماڻهو هو، سو حل ڪڍي آيو. چيائين ته هاري ڪميٽيءَ جي ميٽنگ ۽ ڪاروائيءَ جا من پسند فيصلا لکي هاري حقدار اخبار ۾ ڇپائي ٿا ڇڏيون. انهيءَ جڙتو ميٽنگ جي ڪاروائي، بحث مباحثا ۽ سوال جواب اهڙي نموني لکياسون، جو سود پود سچ ٿي لڳو. هاري حقدار جو پرچو ڇپائڻ لاءِ حيدرآباد هاري آفيس ۾ وڃڻو هو. ڏهه پندرهن روپيا مون کي ۽ ڏهه پندرهن روپيا تاج محمد کي، ريل جي ٿرڊ ڪلاس گاڏيءَ ۾ حيدرآباد لاءِ چڙهي پياسون. تاج محمد چوي ته ڪو مسئلو ئي ڪونهي، سڀاڻي هلنداسون هاري حقدار پريس، اتي فلاڻا فلاڻا منهنجا واقف آهن، بس موادMatter ڪمپوز ڪري هڪ ڏينهن ۾ پرچو ڪڍي ڏيندا. ٻئي ڏينهن صبح جو تاج محمد ۽ مان نيرانو نڪري پياسون. نيرن يا ناشتي جو آسرو به ڪونه هئو. ڀيڙيوسين پيرين پنڌ کي. اچي گاڏي کاتي ۾ حقدار پريس تي پهتاسون ته ٻه ويون ڇهه به ويون. هاري حقدار پريس توڙي آفيس کي تالو لڳو پيو هو. ٻڌايائون ته گورنمينٽ بندش وجهي ڇڏي آهي. چيائين: جمال! ٻيلي ڪا واهه ڪڍ، پرچو ضرور ڪڍڻو آهي. مون کي محترم محمد عثمان ڏيپلائي سمجهه ۾ آيو. انهيءَ جي پريس به ڀرسان ئي کوکر پاڙي ۾ هئي، جتان عبرت اخبار ڪڍندو هو. تاج محمد کي چيم ته هل ته ڏيپلائي صاحب وٽ ٿا هلون. سرهائيءَ سان چيائين ته يار وارو ڪر! ڏيپلائي صاحب وٽ وياسون ته کلي کيڪاريائين. جڏهن احوال ٻڌايوسونس ۽ مدد لاءِ چيوسونس ته بنا للي چپيءَ جي صاف انڪار ڪيائين. چي: اهو بلڪل غير قانوني ڪم آهي، اخبار رڳو اتي ڇپجي سگهي ٿي، جتان سرڪاري طرح ڇپائي Publish ڪئي ويندي هجي. تاج محمد مون ڏي منهن ڪري چيو: ابا ٻڌو؟ چيومانس: ڏيپلائي صاحب! ڪا واٽ ڪڍي ڏيو. گنڀير ٿي چيائين ته: توهان کي اها خبر به ڪانهي ته هاري حقدار پريس توڙي هاري حقدار اخبار تي بندش پيل آهي. اول ته اها بندش لهرايو، پوءِ ڇپائڻ جي ڳالهه ڪيو. مون پڇيو ته بندش ڪير لاهيندو؟ چيائين ته ڊي.سي جنهن کي ڊي.ايم يعني ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ چئبو هو. چيم واهه! واٽ ته نڪري آئي. پڇيم ته ڏيپلائي صاحب! ٻڌاءِ ته ڇا اي.ڊي.ايم (ائڊيشنل ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ) کي به اهي اختيار آهن؟ چيائين: ساڳي ڳالهه آهي، جهڙو هو تهڙو هو. مون کي خبر پئي ته اي ڊي ايم هئو نذير محمد ٽڳڙ جو تمام يار گهاٽو ۽ فيض وارو ماڻهو هو. مان ۽ منهنجو ننڍو ڀاءُ ڪمال ڄڻ ته سندس گهر ڀاتي هئاسين. آياسين ٽڳڙ صاحب وٽ. سڄي ڳالهه چڱيءَ طرح پڇي پڪ ڪيائين. چيائين ته ڪم آهي ته ڏکيو، پر جمال! توکي ڪونه موٽائيندس. چيائين: بندش ڪونه لاهيندس، پر رڳو پرچو ڪڍڻ ڏيندس، سو به بندش پوڻ واري تاريخ کان هڪ ڏينهن اڳ واريءَ تاريخ ۾، پر حڪومت خلاف ڪجهه به نه لکندؤ. اهڙي خاطري ڏياريسونس. مون چيومانس ته هفتيوار اخبار آهي، سو تاريخ ڪابه نه لکنداسون. ٽڳڙ صاحب به دير ئي ڪانه ڪئي، ڪلارڪ گهرائي هڪ ۽ آخري پرچو ڪڍڻ جو اجازت نامو ٽائيپ ڪرائي صحيح ڪري مهر هڻي ڏنائين. تاج محمد ڏس ته بهار بهار پيو ٿئي. آياسون محمد عثمان ڏيپلائيءَ وٽ. کيس اجازت نامو ڏيکاريوسون. حيران ٿي چيائين ته ڪهڙو جادو ڪيوَ؟ پوءِ به اخبار ڇپڻ کان صاف انڪار ڪيائين. ڏيپلائي صاحب! هيءَ ته زور آوري آهي. چيائين ته: نه، قاعدو آهي ته اخبار رڳو اتي ئي ڇپبي، جتان شايع ٿئي ٿي. ڳالهه ته سچي هئي. منٿ ڪئي سونس ته ڪو ڳٿو ڪڍ. اٿيو وڃي هاري حقدار اخبار جو پرچو کڻي آيو. وري انهيءَ ماپ ۽ رنگ جو خالي پنو کڻي آيو. چيائين ته هن خالي پني تي هاري حقدار اخبار جي ڪنهن به سب ايڊيٽر، ڪمپوزر يا ڪارندي کان لکرائي اچو ته هي پرچو هاري حقدار پريس ۾ ڇاپيو ويو. اهو ڪم ڪري اچو ته مان ٿو اخبار ڇاپي ڏيان. تاج محمد ٽڙي پيو، چيائين ته فلاڻو ڪارڪن منهنجو دوست آهي، ان کان بيٺي پير لکرائي ٿو اچان. تاج محمد هڪدم ٽانگو روڪائي حڪم ڏنو ته هل الهداد چنڊ ڳوٺ. جڏهن تلڪ چاڙي مارڪيٽ چونڪ اوريان پهتاسون ته مون ٽانگي واري کي چيو ته هلُ ٽنڊي ولي محمد. تاج محمد جوشيلو ۽ جذباتي ماڻهو هو، سو خار باز اکين سان مون ڏانهن نهاريائين. چيومانس ته ڀائو! خار نه کاءُ، هن مهل ڌرتتيءَ جو ناواقف گهٽين ۾ ڪيترو رلنداسين؟ هلي ٿا آرام ڪريون، ڪم ته ائين ئي سڀاڻي صبح جو ٿيندو. تاج محمد تمام ذهين، سمجهدار ۽ خبردار ماڻهو هو، جهٽ ڳالهه ڀانپي ورتائين. سندس ڪاوڙ ڪافور ٿي وئي. اسان به ننڊ آرام ڪري پوياڙيءَ جو گهربل ماڻهوءَ جي در تي پهتاسون. تاج محمد در کڙڪائي نالو وٺي سڏ ڪيو. اندران ئي ڪنهن پڇيو ڪير؟ تاج محمد نالو ٻڌايو ته هڪ ماڻهو چمڪدار اکين سان، وڏي اڪير سان اچي تاج محمد کي ٻک وڌو. تاج محمد جو واقعي عقيدتمند ٿي ڏٺو. ڇو ڪينَ، نيٺ ته پارٽيءَ جو ڪارڪن هو. تاج محمد کيس ڪم ٻڌايو ته ڇاتيءَ تي هٿ هڻي چيائين ته سرُ به حاضر آهي. خالي پني تي اتي ئي لکي ڏيڻ لاءِ تيار هو، پر چيوسونس ته بهتر اهو آهي ته ڏيپلائي صاحب جي روبرو لکي ڏي. چيائين حاضر، سڀاڻي صبح جو ڏهين وڳي توهان کان به اڳ ۾ عبرت پريس پهچي ويندس. ٻئي ڏينهن عبرت آفيس پهتاسون ته هو شخص (نالو وسري ويو اٿم) اڳ ۾ ئي اتي بيٺو هو. لنگهي وياسون ڏيپلائي صاحب وٽ، جنهن هڪدم ان ماڻهوءَ کي سڃاتو. اخباري دنيا جا ماڻهو هڪٻئي جا واقف ٿين ٿا. ڏيپلائي صاحب هن کان خالي پني تي لکرائي ورتو ته هي پرچو هاري حقدار پريس مان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. ڏيپلائي صاحب چيو ته شام تائين جيترا به پرچا چئو ڏيان. چيوسونس: پنج سؤ. چيائين: هيترا پيسا لڳندا. پئسا ته اسان وٽ هئا ڪونه، سو مون ۽ تاج محمد صلاح ڪري چيو ته ٻه سؤ پرچا. ڏيپلائي صاحب چيو ته ڪو خاص فرق ڪونه پوندو، توهان کان رڳو پني جا پئسا ٿو وٺان، مزدوري ۽ منافعو ڪونه ٿو وٺان. شام جو کانئس ٻه سؤ پرچا وٺي اسان جو ڳاٽ اونچو ٿي ويو. ڪجهه پرچا حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ نوابشاهه لاءِ پنهنجي دوست هاري ڪارڪن جي حوالي ڪياسون ۽ کين تاڪيد ڪيوسون ته هڪدم ورهائي ڇڏين. دادو، لاڙڪاڻي، سکر، جيڪب آباد لاءِ سؤ کن پرچا پاڻ کڻي روانا ٿياسون. ڏيپلائي صاحب جي صدقي سستي ۾ ڇٽاسون. لاڙڪاڻي پهچي چپ چاپ ۾ راتئون رات پرچا اهم ماڻهن جي گهر پهچائي ڇڏياسون ۽ هڪ مخلص ڪارڪن سکر موڪليوسون، جنهن ڏينهن وچ ۾ پرچا سکر، شڪارپور ۽ جيڪب آباد هٿيڪن ماڻهن هٿان ورهائي ڇڏيا. مزو ٿيو، ٻئي ڏينهن مولوي نذير حسين جتوئي ڳاڙهو پيلو ٿيندو دفتر ۾ گاريون ڏيندو اچي اوطاق تي نڪتو. کيس سمڪ ئي ڪونه هئي ته اهو ڪم تاج محمد ۽ مون جهڙي ڳوڀ جو ڪيل هو. تاج محمد معصوم بڻجندي مولوي صاحب کي پرچو ڏيکاري پڇيو ته: ڪامريڊ! هي هاري حقدار جو پرچو پڙهيو اٿوَ؟ مولوي صاحب جو بند ٽٽي پيو. چي: مٺا! ڏس ته هي سنئين سڌي ڀيڻچوتائي، اهو سڄو ڪارنامو انهن ڀيڻ (....) مادر (....) ڪميونسٽن جو آهي. ظاهر ظهور ڪوڙ، حرامپائيءَ جي به ڪا حد ٿيندي آهي. تاج محمد سان سندس ٻٽيهه دليون هيون ۽ کيس لينن ثاني سڏيندو هو. تاج محمد به کيس کٿ ڪرڻ لاءِ چوڪيون ڏيندو رهيو ته؛ ڪامريڊ! سڄي ڪاروائي تفصيل سان لکي پئي آهي، توهان جي تقرير ۽ دليل به لکيا پيا آهن. مولوي صاحب وهلور پيو وڃي، اهي ههڙا تهڙا (ڪچيون گاريون) ڪميونسٽ ائين ئي ڪوڙ کي سچ ڪندا آهن. ڀلا ڏس حيدر بخش جتوئي ته جيل ۾ پيو آهي، اهو ڪيئن چونڊيو؟ اهو عبدالقادر ڏنڊي، (ڪامريڊ عبدالقادر کوکر پريس وارن جهڙي ننڍي ڏنڊي ڪڇ ۾ کڻندو هو، سو مولوي صاحب کيس سڏيندو ئي ڏنڊي هو) اهو ته هٿ کڻي ويو هو، اهو ڪيئن صدر چونڊجي ويو؟ تاج محمد اطمينان سان چيس ته ڪامريڊ! اخبار ائين ٿي چوي. مولوي صاحب آپي کان ٻاهر نڪري ويو. چي: کوهه ۾ پوي اخبار، هن تي چڙهي اخبار، ڏسي وٺنداسون. تاج محمد ڪمال صبر سان چيس: مرضي جا مالڪ آهيو. وڏو چوٻول ٿيو، پر ڳالهه اها ئي بيٺي جا تاج محمد سوچي هئي. حيدر بخش جتوئي جيل مان نڪتو ته کيس هار پارائي، جلوس ڪڍي اچي هاري حقدار آفيس ۾ صدارت جي ڪرسيءَ تي ويهاريائون. نفسيات جو به وڏو عمل دخل آهي هر ڳالهه ۾. پارٽيءَ جو حڪم مليو ته حيدر بخش جتوئي کان ههڙو بيان ڏيارڻو آهي. ڪم وري به سونپيو ويو تاج محمد کي. تاج محمد هئو واچوڙو، ڪنهن ڪم پٺيان پوندو هو ته مڇڏو ٿي لڳندو هو. مون کي چيائين ته جمال! هل حيدرآباد، حيدر بخش کان هي ڪم وٺڻو آهي. مون جهٽ چيو هائو، پر چيم ته مون کي ڇو ٿو پنڌ وجهين. تنهنجو هم خيال، دوست ۽ پارٽي ميمبر اٿئي، مون کي ڇو ٿو هروڀرو وچ ۾ آڻين؟ چيائين: هڪ کان ٻه چڱا، ٻن جو وڌيڪ دٻاءُ پوندس ۽ يقين به ايندس. بس ائين بيٺي پير تيار ٿي وياسين. پوءِ به ڏٺم ته تاج محمد هڪ ڪتاب کولي وري ٻيو پيو ڪڍي! مون چيو: ڇا ٿو ڪرين؟ وقت ٿو وڃائين. چي: اهڙو ڪتاب ٿو ڳوليان، جنهن ۾ لينن جو صاف، سٺو ۽ وڏو فوٽو هجي! انهيءَ جو ڀلا ڪهڙو سود؟ اها حيدر بخش جتوئيءَ جي ڪمزوري آ. ڏسجانءِ ڪيئن ٿو ڪم وٺانس. سڄي رات ريل جو سفر ڪري صبح جو پهتاسين حيدرآباد. سڌو وياسون هاري آفيس، جتي حيدر بخش جتوئي قرب سان مليو. ڏاڍو معصوم ۽ پيارو ماڻهو هو. تاج محمد جلد ئي مدعا بيان ڪئي ۽ لکيل بيان کيس هٿ ۾ ڏئي چيو ته: ڪامريڊ! صحيح ڪري ڏي. حيدر بخش عينڪ چاڙهي سڄو بيان غور سان پڙهيو ۽ پوءِ ڪجهه بحث مباحثو ڪرڻ لڳو. تاج محمد ڪو به جواب ڏيڻ بجاءِ لينن جو فوٽو سندس اڳيان ڪري چيو ته ڪامريڊ پارٽيءَ جو آهي. حيدر بخش جتوئيءَ جا سڀ دليل ختم ٿي ويا. کاٻي هٿ جي مٺ ڀڪوڙي مٿي ڪري لينن کي سلام ڪيائين ۽ بيان تي صحيح ڪري ڇڏيائين. هي هئو نفسيات جو جادو، جنهن لاءِ تاج محمد ابڙو پنهنجي ذهانت سان اڳواٽ اهتمام ڪري آيو هو. هي ٻه واقعا مون تفصيل سان بيان ڪيا آهن، جن جي تاريخي اهميت آهي. ٻيو به هڪ اهڙو واقعو ٿيو. منهنجو پٽ بدر، دائود پٺاڻ کان هڪ بس قسطن تي وٺي حيدرآباد کان ڪراچي هلائيندو هو. هيءَ ۷۰-۱۹۷۱ع جي ڳالهه آهي. اسين ناظم آباد ۴ ۾ رهندا هئاسين. بدر رڪشا مان ترقي ڪري بس جو مالڪ ٿي ويو هو. ويهه هزار روپيه وڏي پڦيءَ کان قرض طور ورتا هئائين. بدر جي ماءُ ڏاڍي خوش هئي، جو کيس روزانو سؤ روپيا روڪ ملندا هئا. اسين غريب پگهار تي گذر ڪرڻ وارا، تن لاءِ روڪ سؤ روپيا روز وڏي ڳالهه هئي. پر ٿيو ائين جو دائود پٺاڻ کي ڪجهه قسطون نه ڏئي سگهياسون ۽ هن بس ضبط ڪري پنهنجي اڏي تي گانڌي گارڊن راڻي باغ يا چڙيا گهر وٽ بيهاري ڇڏي. بدر پاڻ پنهنجي سر گاڏيءَ ۾ هلندو هو ۽ ڊرائيوري سندس ماسات ڪوٽڙيءَ جو آفتاب شاهه ڪندو هو. ٻئي هٿ مليندي رهجي ويا. ڀلا ڪير دائود پٺاڻ سان مهاڏو اٽڪائي؟ سڀني ٻڌو هوندو، هو اهڙو مڙس هو جو پوليس تي به گوليون هلائي نڪري ويندو هو. مون ساڻس فون تي ڳالهايو ۽ تکا مٺا به ٿياسون، پر هُو ڪونه مڙيو ۽ بس حيدرآباد جي مزدور يونين جي صدر کي هلائڻ لاءِ ڏئي ڇڏيائين. اسان جا بس تي چاليهه پنجاهه هزار خرچ ٿي چڪا هئا. مون مزدور ليڊرن سان به ڳالهايو ۽ دائود پٺاڻ سان به تيز پيس، پر حق جي ڳالهه ڪيائين ته جيسين کيس سڀ قسطون نه ملنديون، تيسين هو بس واپس نه ڪندو. مان چوان ته اول بس موٽاءِ ته پوءِ ڪمائي توکي پئسا ڏيندا وڃون، پر هن نه مڃيو. مون فيصلو ڪري ورتو ته بس اڏي تان کڻي پنهنجي قبضي ۾ ڪجي، پوءِ پاڻهي ڪا واٽ نڪري ايندي. هاڻي سوال هو ته دائود پٺاڻ جي اڏي تان بس ڪير کڻي اچي. نه بدر کي همٿ ٿئي، نه آفتاب شاهه کي. ائين اوچتو تاج محمد ابڙو اچي نڪتو. مٺ جيترو مڙس پر وڄ جا پاڻي هئس. ڏاڍو دل گڙدي ۽ جگر وارو مڙس هو، شينهن جي دل هيس. پاڻ مرادو چيائين ته چاٻي ڪنهن وٽ آهي؟ آفتاب شاهه چيو ته وٽس. چيائين ته: هلو، مان ٿو بس کڻي اچان. آفتاب شاه ۽ بدر ساڻس گڏ ويا ۽ هُو رات جو يارهين ٻارهين بجي بس اڏي تان کڻائي آيو. بدر سياڻپ ڪئي جو بس کڻائي ويو نارٿ ناظم آباد، جتي رئيس روشن علي خان اسراڻ گرمين ۾ بنگلو مسواڙ تي وٺي باقبائل اچي رهندو هو. ٻئي ڏينهن دائود پٺاڻ وٺ پڪڙ ڪئي، پر خبر ڪانه پيس. هفتو کن ڪراچي، حيدرآباد ۾ ڳولا ڦولها ڪيائين، پر بس کي ڄڻ ڪو راڪاس ڳهي ويو هو، سو خبر ڪانه پيس. نيٺ مون کي فون ڪيائين. مون ٺڪ چيومانس ته بس مون کڻائي آهي، مون وٽ آهي ۽ ڏيندس ڪونه. مڙس مٿير هو، چيائين: ”شير ڪا بچا هو، اب مين ڪيا ڪهون؟“ اهو به چيائين ته بس ۽ پئسا ته وصول ڪري ويندس، رڳو اهو ٻڌاءِ ته کنئي ڪنهن ۽ بيهاري ڪٿي اٿئي؟ چيم: اهو ڪونه ٻڌائيندس، باقي پئسا تنهنجا موٽائيندس. چيائين ته: پئسا وصول ڪرڻ پٺاڻ ڄاڻي ٿو، باقي پٺاڻ جي عزت جو مسئلو آهي. مون به چار چڱا اکر ڳالهايا ۽ چيو ته: لالا! تنهنجي عزت منهنجي عزت آهي، سڏ ۾ سڏ ڏيندس، پٺتي نه پوندس. سلام دعا تي فون بند ڪيم. مون هٿان جيڪي مرحوم تاج محمد ابڙي جا ڪم ڪاريون ٿيا ۽ مددگاريون ٿيون، سي مرحوم پاڻ سان قبر ۾ کڻي ويو. (”ڏسي ڏوهه اکين سين“، ”اونهي ڳالهه اسرار جي“، ”ٿوهر ۾ ڳاڙها گل“ ۽ ”ايندو نه وري هي وڻجارو“ تان ورتل) (روزانه سچ، هلچل) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جي ناليواري سياسي ۽ ادبي شخصيت رسول بخش پليجو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو تمام گهڻو پڙهيل لکيل ماڻهو هو ۽ مختلف تنظيمن ۽ ليڊرشپ جي ويجهو رهيو. سنڌ هاري ڪميٽي کان سواءِ ڪميونسٽ پارٽي، سنڌي ادبي سنگت، عوامي نيشنل پارٽي، جيئي سنڌ، پيپلز پارٽي، سڀني جي نقطه نظر سان ڪنهن نه ڪنهن حد تائين ويجهو رهيو. ان ڪري ئي سندس جڳ مشهور ڪچهريءَ ۾ هر قسم جي سياسي عقيدي، ذوق ۽ سطح جي ماڻهن کي انتهائي گهڻو مزو ايندو هو. سنڌ اندر سندس مقبوليت ۾ ان ڳالهه کي ڪافي وڏو دخل هو. ۵۲-۱۹۵۱ع ڌاري (سال پورو ياد ناهي) ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي قمبر، شهدادڪوٽ تڪ مان سنڌ اسيمبليءَ جو اميدوار بيٺو. تن ڏينهن ۾ ڪراچيءَ ۾ علم دوست، ادب دوست، روشن خيال ۽ ترقي پسند خيالن وارن دوستن جو هڪڙو وڏو حلقو هوندو هو. آءٌ انهن جو هم خيال هوندو هوس. صبح شام سرگرم ادبي، علمي ۽ نظرياتي بحث مباحثن ۾ گذرندو رهندو هو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي ۽ دوستن چيو ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ترقي پسند هاري اڳواڻ آهي، ان جي اليڪشن ۾ ڀرپور مدد ڪرڻ کپي. جيڪي هلن، سي نالا لکائين. ان اليڪشن ۾ ڇا ڇا نه ڏٺوسين، ٻڌوسين ۽ ڪيوسين! اسان اليڪشن هارائي پر کٽيوسون جهڙو ڪر! اسان سبق سکيو ته ڌانڌليءَ سان ته ڪنهن کي به کٽائي سگهجي ٿو! آءٌ سنڌ هاري ڪميٽيءَ ۾ شامل ٿيس ۽ ان جي ورڪنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر ٿيس. اتي ڪامريڊ تاج محمد ابڙي سان ملاقات ۽ ساٿ ٿيو ۽ توڙ تائين دوستي قائم رهي. چوندا آهن ته جيڪو سڀني جو دوست هوندو، اهو ڪنهن جو به دوست ڪونه هوندو. تاج محمد ابڙي جي روشن خياليءَ ۽ ترقي پسنديءَ ۾ مضبوطيءَ سان گڏ لچڪ جي ڪا حد ئي نه هئي. جي ايم سيد، ذوالفقار علي ڀٽي سميت هر طبقي جي ماڻهن سان سندس دعا سلام، رهائي سهائي ۽ گهري ويجهڙائي هئي. پر اسين جيڪي سندس شروعاتي دؤر وارو ڪامريڊي لڏو هئاسون، تن سان سندس هلت مجموعي طور سدائين ساڳي اصلوڪي رهي. يارن جهڙو يار رهيو. سيشن ججيءَ واري دؤر ۾ آءٌ ساڻس نوابشاهه ۽ سکر ۾ مليس. عوامي تحريڪ جي چندي جي باقاعدي وصولي ڪبي هئي. حيدرآباد ۽ ٺٽي ۾ پڻ ساڻس ملاقاتون ۽ ڪچهريون رهيون. هڪڙا ساٿي سندن گهڻي عوامي سرگرميءَ يا نظرياتي جدوجهد ڪري ياد رهندا آهن ته ٻيا وري ذاتي قرب ۽ ياري باشيءَ ڪري ياد رهندا آهن. منهنجي لاءِ تاج محمد ابڙي جي مکيه سڃاڻپ سندس ذاتي قرب ۽ دوستي هئي. (روزانه سنڌ،مهراڻ، مقدمو، سوڀ، هلال پاڪستان، عبرت، سچ، عوامي آواز، هلچل) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاف گو ۽ صاف دل انسان شيخ اياز تاج محمد ابڙو، جمال ابڙي جو گهرو دوست ۽ شايد مائٽ به هو. هُو ڪامريڊ ماڻهو هو ۽ ڪامريڊ نذير جتوئي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جو دوست هو. منهنجي به هن سان ڪافي گهرائپ هوندي هئي. هُو لاڙڪاڻي ۾ وڪالت ڪندو هو ۽ جڏهن به مان لاڙڪاڻي ويو هوس ته هن فراخدليءَ سان ٻه ٽي ڀيرا منهنجي ماني ڪئي هئي. مانيءَ تي جمال ابڙي جو وڏو ڀاءُ شمس الدين ابڙو به آيو هو، جو ڪجهه سال پوءِ گذاري جمال ابڙي کي ڏاڍي غم ۾ ڇڏي ويو. في الحال مون تاج محمد ابڙي جي ڳالهه ٿي ڪئي. جڏهن ڀٽو صاحب چيف مارشل لا ائڊمنسٽريٽر ٿي آيو، تڏهن تاج محمد ابڙي کي سيشن جج ڪيو هئائين ۽ تاج محمد جي پهرين تقرري سکر ۾ ٿي هئي. هو ته اڳي ئي مون سان گهايل مايل هوندو هو، تن ڏينهن ۾ مون وٽ ٻه موٽرون هونديون هيون، ٽويوٽا ڪارونا ۽ ٽويوٽا ڪرولا. تقرريءَ کان ڏهه پندرهن ڏينهن پوءِ تاج محمد لاڙڪاڻي وڃڻ لاءِ مون کان هڪ ڏينهن لاءِ ڪار گهري، جيتوڻيڪ مون کان ڪار گهرندي ڪنهن کي ورلي همٿ ٿيندي هئي. مون خوشيءَ سان تاج محمد ابڙي کي پنهنجي ٽويوٽا ڪرونا ڏني، فقط ان ڪري جو هُو مون لاءِ ”ڪامريڊ“ هيو ۽ ان ڪري نه ته هو سکر جو سيشن جج هو. تاج محمد ٽي چار ڏينهن لاڙڪاڻي بنا اطلاع جي ڪار روڪي ڇڏي ۽ جڏهن موٽي آيو ته ڪار کي وڏو چٻ هو. مون ڊرائيور کي چيو ته ڪار ڌوئاري ڪارخاني ۾ ٺهرائڻ لاءِ ڏئي اچي. پندرهن ڏينهن پوءِ تاج محمد مون کان وري لاڙڪاڻي لاءِ ڪار گهري. مون کيس چيو ته: ”ڪرولا ۾ ڪجهه خرابي آهي ۽ ان جي ٺيڪ ٿيڻ ۾ ٻه ٽي ڏينهن لڳندا، باقي ڪارونا تي آءٌ پاڻ ڪورٽن ۾ ويندس.“ تاج محمد سمجهيو ته مان کيس ڄاڻي واڻي انڪار ٿو ڪريان. بهر صورت جڏهن لاڙڪاڻي مان موٽي آيو ته مان هن جي چيمبر ۾ ويس ته هن تڙي ڏئي چيو: ”منهنجي چيمبر ۾ اچين ته اطلاع ڏئي ايندو ڪر!“ مون به غصي ۾ کيس چيو: ” تاج محمد صاحب! تون يقين ڪر ته مان نه رڳو تنهنجي چيمبر ۾ بنا اطلاع جي نه ايندس، پر اطلاع سان به نه ايندس ۽ تنهنجي ڪورٽ ۾ نئون ڪيس به نه کڻندس ۽ جيڪي تو وٽ پراڻا ڪيس آهن، اهي به ڪوشش ڪري منهنجو جونيئر تو وٽ هلائيندو يا ٻئي ڪنهن وڪيل کي سپرد ڪندس.“ ڪجهه مهينن کان پوءِ جمال ابڙي مون کي فون ڪيو ته هُو سکر آيو آهي. هُو غالباََ ان وقت سنڌ پراونشل اسيمبليءَ جو سيڪريٽري هو. مون هن کان پڇيو: ”ڪٿان ٿو ڳالهائين؟“ جواب ڏنائين ته: ”هتي تاج محمد جي بنگلي تي لٿل آهيان.“ مون کيس چيو ته: ”رات جي ماني تاج محمد سوڌو مون وٽ کائجانءِ.“ رات جو هُو مون وٽ تاج محمد سان گڏجي پراڻي سکر آيو. هن کي خبر نه هئي ته تاج محمد ۽ منهنجي وچ ۾ ڪائي به رنجش آهي. رات جو اٽڪل هڪ بجي هو مون وٽان کل خوشيءَ سان ويا. ڪجهه مهينن کان پوءِ مون ٻڌو ته تاج محمد جو ٽرانسفر ٿيو آهي. هن جي پٽيوالي مون کي اچي چيو ته: ” تاج محمد صاحب اوهان کي سڏي ٿو.“ مون کي دل ۾ آيو ته هن کي انڪار ڪيان، پر مان هن وٽ چيمبر ۾ هليو ويس. هو اٿي بيٺو ۽ مون سان هٿ ملائي چيائين: ”اياز! تون مون سان ناراض آهين؟“ مون کيس چيو ته: ”هائو!“ ان تي چيائين: ”معاف ڪجانءِ جو مان توسان ٽرڙائپ سان پيش آيو هوس.“ مون سندس ڪلهي تي هٿ رکي چيو: ”وڌيڪ ڪجهه نه چئجانءِ! اهو ڪافي آهي. تون منهنجي لاءِ ساڳيو ڪامريڊ تاجو آهين، مون کي ڪابه غلط فهمي نه آهي.“ تاج محمد پوءِ خيرپور ۾ سيشن جج مقرر ٿيو ۽ غالبًا ٺٽي ۾ سيشن جج هو ته هن رٽائر ڪيو ۽ پوءِ جلد ئي گذاري ويو. اِنَّا لِلہ وَ اِنَّا اِلَيْهِ رٰجِعُوْنَ تاج محمد ابڙي جهڙا صاف گو ۽ صاف دل انسان مون زندگيءَ ۾ ٿورا ڏٺا آهن. (”ڪٿي ته ڀڃبو ٿَڪُ مسافر“ تان ورتل) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو تنوير عباسي تاج محمد ابڙو کلڻو ملڻو، جڏهن ملوس ته ٽهڪ ڏيندو، دوست کي ڏسي خوش ٿيندو. پهريون دفعو مون سان هو ۱۹۵۶ع ۾ مليو. سنڌي ادبي سنگت سنڌ جون شاخون مختلف شهرن ۾ قائم ٿيل هيون، پر انهن جو رابطو نه هو. مون، مقبول ڀٽيءَ ۽ رشيد ڀٽيءَ فيصلو ڪيو ته سڀني سنگتين کي هڪ لڙيءَ ۾ پوئجي ۽ پوءِ سڄيءَ سنڌ ۾ وڌيڪ سنگتون قائم ڪجن، جيئن سنڌين جو پيغام ادب ذريعي سڄيءَ سنڌ ۾ ڦهلائي سگهجي. ون يونٽ جو اونداهو دؤر هو. ادب ذريعي انقلاب جي ان تحريڪ جي روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو لاڙڪاڻي ۾ تاج محمد ابڙي جي اوطاق مان اُسريو ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ ڦهلجي ويو. ٿيو ائين جو لاڙڪاڻي ۾ ان سال ۱۹۵۶ع ۾ جمعيت الشعرا جي سالياني ادبي ڪانفرنس ٿي هئي. ان ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ سڄيءَ سنڌ جي شاعرن ۽ اديبن کي سڏ هو (پر دعوت نامي ۾ موسم آهر بستري آڻڻ جي هدايت ڪيل هئي). ان ڪانفرنس ۾ اسان جي گهڻن هم خيال اديبن ۽ شاعرن کي دعوت مليل هئي. ان ڪري ”هڪ ڪم ٻه ڪاڄ.“ اسان سنڌي ادبي سنگتن کي هڪ مرڪز تي گڏ ٿيڻ جي تياريءَ لاءِ پهرين ميٽنگ به لاڙڪاڻي ۾، ان ڪانفرنس جي موقعي تي رکي ۽ تاج محمد ابڙي ميزبانيءَ جا فرائض انجام ڏنا. ائين لاڙڪاڻي مان اياز قادري ۽ جمال ابڙو، حيدرآباد مان مقبول ڀٽي، سکر مان رشيد ڀٽي، ڪراچيءَ مان عبدالغفور انصاري، دادوءَ مان تاج صحرائي، ٻيا ڪجهه دوست، جن جا نالا ياد نٿا اچن، سڀئي لاڙڪاڻي ۾ تاج محمد جي اوطاق تي گڏ ٿيا ۽ فيصلو ڪيو ويو ته ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت جو ڪنوينشن سڏائجي، جنهن ۾ سنڌ جي سڀني ادبي سنگتن کي گڏ ڪري، سنڌ سنگت کي زور وٺائجي ۽ ان جو دستور وغيره منظور ڪرائجي. اهو روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو هو، جيڪو ون يونٽ جي اونداهي دؤر ۾ تاج محمد ابڙي جي اوطاق مان ڦُٽو ۽ سڄيءَ سنڌ کي جرڪائي ڇڏيائين. تاج محمد ابڙو وڪيل هو، پر وڪيل کان وڌيڪ دانشور هو. ادب، تاريخ، فلسفو سڀ پڙهندو هو، دوستن سان بحث ڪندو هو. لکيائين هڪ لفظ به ڪونه، پر پڙهيو به گهڻو ته ڪڙهيو به گهڻو. هُو نه رڳو پڙهڻ وارو هو، پر ڪڙهڻ وارو به هو. هاري تحريڪ، نيشنل عوامي پارٽي، سنڌ عوامي محاذ ۽ بعد ۾ پي پي ۾، مطلب ته جيڪا به تحريڪ سنڌ جي پيڙهيل طبقن جي ڀلائيءَ ۽ آجپي جي لاءِ هئي، ان ۾ ڀرپور حصو ورتائين. اڳتي هلي وڪالت ڇڏي جج ٿيو، پر سنگت سان اها ئي محبت ٽائم رکيائين. جڏهن دوست آڏو آيو ته ڇا جي ججي ڇا جي وڏائي، ساڳيا ٽهڪ، ساڳيون ڪتابن جون ڳالهيون، ساڳيون هاري تحريڪ ۽ ترقي پسنديءَ جون صلاحون ۽ مشورا. ائين لڳندو هو ته ڄڻ نوڪريءَ ۾ آهي ئي ڪونه. ساڳيو آزاد منش، ترقي پسند ۽ انسان دوست تاج محمد ابڙو آهي، جيڪو نوڪريءَ ۾ اچڻ کان اڳ هئو. اهڙن دلبرن کي وساري نه ٿو سگهجي. هن جي ياد ۾ منهنجا هي ڪجهه جملا ڪافي نه آهن، پر تڏهن به هن جي ياد ته تازي ڪن ٿا. (روزانه عبرت، پڪار، آفتاب، بخت ور، جاڳو، هلال پاڪستان، خادم وطن، سنڌ نيوز، برسات ۽ سنڌو) تاج محمد ابڙو لاڙڪاڻي ۾ جديد ادب جي سجاڳي آڻيندڙ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ادب جي اوسر ۾ ڪي اهڙيون شخصيتون به اهم ڪردار ادا ڪنديون آهن، جيڪي پاڻ ته نه لکندڙ هونديون آهن، پر لکندڙ پيدا ڪنديون رهنديون آهن. هو ادب جي آبياري ڪنديون آهن ۽ اديبن ۽ شاعرن کي پنهنجيون صلاحيتون ظاهر ڪرڻ لاءِ ميدان مهيا ڪري ڏينديون آهن. اهڙيءَ طرح هو پسمنظر ۾ رهي اديبن جي صلاحيتن کي نکيرڻ ۽ اڀارڻ ۾ بنيادي خدمت سرانجام ڏينديون آهن. ادبي تنظيمون انهن جي ئي دم سان قائم هونديون آهن ۽ انهن جي ئي ڪوشش جو نتيجو هونديون آهن. اهڙين شخصيتن مان لاڙڪاڻي جو هڪ باصلاحيت ۽ وسيع مطالعي جو مالڪ تاج محمد ابڙو مرحوم به هو. تاج محمد ابڙي سان جنهن زماني ۾ منهنجي واقفيت ٿي، ان زماني ۾ هُو لاڙڪاڻي ۾ وڪيل هو ۽ سندس اوطاق شام جي وقت ۾ اديبن، سياستدانن ۽ سماجي ڪارڪنن جو خاص مرڪز هوندي هئي. ابڙو صاحب وڏي مطالعي جو مالڪ هو ۽ سندس لئبريريءَ ۾ قانون جي ڪتابن سان گڏ هر علم جي شاخ تي ڪتاب موجود هوندا هئا. هُو سياست، فلسفي، ادب ۽ ٻين لاڳاپو رکندڙ علمن تي ڪتاب پڙهندو رهندو هو. خاص طرح سان انگريزي ٻوليءَ ۾ ڪيترا ئي ڪتاب پڙهيا هئائين ۽ هميشه پڙهندو رهندو هو. لاڙڪاڻي جا شاعر ۽ اديب، خاص طرح سان اهي اديب جيڪي جديد لاڙن موجب ادب تخليق ڪري رهيا هئا، انهن سان سندس دوستي هئي. منهنجو اشارو جمال ابڙي ۽ اياز قادريءَ ڏانهن آهي. هن پاڻ ته سنڌي ادب جي سلسلي ۾ قلم کان ڪم ڪونه ورتو، پر پنهنجي تنظيمي صلاحيتن سان سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي جي ذريعي جديد سنڌي ادب جي لاڙن جي جاڳرتا پيدا ڪيائين. مطلب ته تاج محمد ابڙي مرحوم سنڌي ادب جي خدمت هڪ تحريڪ جي ذريعي ڪئي. اها تحريڪ آهي سنڌي ادبي سنگت، جنهن اڳتي هلي سنڌي زبان ۽ ادب جي سلسلي ۾ اهم خدمتون سرانجام ڏنيون. يعني سنڌي جديد ادب جي آبياري تاج محمد مرحوم ڪئي، جنهن جي سڳنڌ ۽ سرهاڻ هينئر سڄيءَ سنڌ کي واسي ڇڏيو آهي. تاج محمد مرحوم سان منهنجي ڄاڻ سڃاڻ اياز قادريءَ ۽ خادم حسين شاهه مرحوم جي ذريعي ٿي. محترم ڊاڪٽر اياز قادري صاحب جي تمام گهري دوستي تاج محمد ابڙي مرحوم سان هئي. ساڻس گڏجي آءٌ ڪيترا ڀيرا تاج محمد ابڙي مرحوم سان ملڻ ويس ۽ انهن ڪچهرين کي ٻڌندو رهيس، جيڪي تاج محمد مرحوم جي اوطاق تي ٿينديون هيون. انهن ڏينهن ۾ يعني ۱۹۵۰ع جي ڏهاڪي ۾ تاج محمد ابڙي مرحوم جي اوطاق علمي، ادبي ۽ سياسي شخصيتن جو مرڪز هئي. لاڙڪاڻي ضلعي جون شخصيتون جهڙوڪ مولوي نذير حسين، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ علي محمد عباسي ۽ ٻيون ڪيتريون شخصيتون اتي اوطاق تي اينديون هيون ۽ وڏيون ڪچهريون ٿينديون هيون. سياسي بحث ٿيندا هئا، ملڪ جي حالتن تي ويچار ٿيندو هو ۽ علمي ادبي مجلسون منعقد ٿينديون هيون. جمال ابڙي صاحب سان به اتي ئي ملاقات ٿي ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ کي به ابڙي صاحب جي اوطاق تي ئي گفتگو ڪندي مون ٻڌو. حيدر بخش جتوئي مرحوم مون کي ڏاڍو سچو، مخلص ۽ پنهنجي نظريي سان وفادار انسان نظر آيو. ڪڏهن ڪڏهن آءٌ اتي ويندو هيس ۽ انهن شخصيتن کي ٻڌندو هيس. اهڙيءَ طرح منهنجي ذهني اوسر ٿي ۽ سنڌي ادب ۽ سنڌي ادب جي لاڙن کان واقف ٿيس. جيئن ته محفل ۾ شرڪت ڪندڙ گهڻا دوست اشتراڪي فلسفي جي سياسي، تاريخي ۽ ادبي لاڙن تي گفتگو ڪندا هئا، انهيءَ ڪري مون کي به سياسي ڳالهين جي واقفيت حاصل ٿي ۽ ادب جي جديد لاڙن کان متعارف ٿيس. بهرحال، تاج محمد ابڙي مرحوم جي اوطاق هڪ اهم مرڪز هو، جنهن سياستدانن، اديبن ۽ سماجي ڪارڪنن کي هڪ ميدان مهيا ڪري ڏنو. مون ڏٺو ته هُو پاڻ جيتوڻيڪ اشتراڪي نظريي جو قائل هو، پر هن ڪڏهن به بحث ۾ سخت رويو اختيار نه ڪيو، بلڪه گهڻي قدر بحث ۾ الجهندو ئي نه هو. ذاتي شرافت، خلوص ۽ هر انسان لاءِ محبت جو جذبو سندس طبيعت مان نمايان هوندو هو. سندس ملڻ جي انداز ۽ ٻهڪندڙ چهري مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ چاهيندو هئس ته ابڙي صاحب جي محفل ۾ وڃجي ۽ ان سان ڪجهه گهڙيون گذارجن. لاڙڪاڻو علم، ادب جو مرڪز رهيو آهي. هتان ئي ادبي ڪانفرنسن ۽ شاعرن جي ابتدا ٿي. هتان ئي ”اديبِ سنڌ“ رسالو نڪرندو هو، جنهن سنڌي عروضي شاعريءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. انهيءَ تحريڪ جو باني ۽ جمعيت الشعراءَ جو هلائيندڙ حاجي محمود خادم هن ئي شهر ۾ رهندو هو. ان سان به منهنجيون ادبي ڪچهريون ٿيون. البت جنهن دؤر جو آءٌ ذڪر ڪري رهيو آهيان، يعني ۵۰ع جو ڏهاڪو، انهن ڏنهن ۾ حاجي محمود مرحوم وٽ ٿيندڙ ڪچهريون ماٺيون ٿي ويون هيون. اهو خال تاج محمد ابڙي جي جاءِ تي ٿيندڙ محفلن ڀري ورتو. انهيءَ ئي دؤر ۾ لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت جو بنياد پيو، جنهن جي بانين ۾ تاج محمد ابڙي مرحوم، جمال ابڙي ۽ اياز قادريءَ جا نالا اچي وڃن ٿا. پهريون محرڪ ان جو تاج محمد ابڙو مرحوم هو، ڇاڪاڻ ته اهو ئي لاڙڪاڻي ۾ رهندو هو. انهيءَ لحاظ کان صحيح معنيٰ ۾ سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي جو باني تاج محمد ابڙو هو. سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري به تاج محمد ابڙو ئي هو. هُو جيتوڻيڪ پاڻ اهلِ قلم يا سنڌي زبان جو ليکڪ نه هو، پر سنڌي ادب جو پرستار ۽ سٺو ادبي ذوق رکندڙ هو. هو ادب جي ترقي پسندانه لاڙن جو قائل هو ۽ انهن کي عام ڪرڻ لاءِ سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي جي ذريعي اهم خدمت سرانجام ڏنائين. کيس سنڌي ادب جو خاموش خدمتگار سڏجي ته صحيح ٿيندو. هن ڪڏهن به پنهنجي نالي ڪڍرائڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي، پر خاموشيءَ سان سنڌي جديد ادب کي رواج ڏيڻ لاءِ ڪم ڪندو رهيو. انهن ڏينهن ۾ سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي هر هفتي شام جو مدرسه هاءِ اسڪول واريءَ بلڊنگ ۾ ٿيندي هئي، جتي هينئر گورنمينٽ گرلس ڪاليج آهي. انهن گڏجاڻين ۾ آءٌ به شريڪ ٿيندو هيس. تاج محمد صاحب مرحوم باقاعدگيءَ سان انتظام ڪندو هو. سندس ذاتي دلچسپيءَ جي ڪري ئي لاڙڪاڻي جا ڪيترا ئي اديب ۽ شاعر انهن گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندا هئا. انهن ڏينهن ۾ جيتوڻيڪ آءٌ ملازمت ڪري لاڙڪاڻي کان ٻاهر هوندو هئس، پر گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ لاڙڪاڻي ايندو هئس. مون انهن ئي گڏجاڻين ۾ جمال ابڙي جا سنڌي افسانا زباني ٻڌا، جيڪي پوءِ سه ماهي ”مهراڻ“ ۾ ڇپيا. بعد ۾ اهي ڪتابي صورت ۾ ”پشو پاشا“ جي نالي سان ڇپيا. ٿيو ائين جو انهن ڏينهن ۾ جمال ابڙو موڪل تي هو ۽ لاڙڪاڻي ۾ رهندو هو. مون به پنهنجي ادبي سفر جي ابتدا انهن گڏجاڻين کان ڪئي. مون پنهنجا ڪجهه تحقيقي مقالا انهن گڏجاڻين ۾ پڙهيا، جيڪي پوءِ سه ماهي ”مهراڻ“ مان ڇپيا. خاص طرح سان سنڌ ۽ بلوچستان مقالو انهن محفلن ۾ پڙهيو هيم. سڀني دوستن جو انهيءَ ڪري به هن مقالي توجه ڇڪرايو، ڇاڪاڻ جو ان مقالي ۾ بلوچستان جي مشهور اهلِ قلم گُل خان نصير جي تاريخ کي بحث هيٺ آندو ويو هو. مطلب ته تاج محمد ابڙي مرحوم لاڙڪاڻي ۾ ادبي سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي ۽ لاڙڪاڻي جي اديبن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ بنيادي ڪم ڪيو. سندس شمار جيتوڻيڪ سنڌي اديبن ۾ نٿو ٿئي، پر سندس شمار اهڙن ماڻهن ۾ ڪري سگهجي ٿو، جن اديبن کي ميدان تي آندو ۽ جديد سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ بنيادي ڪم ڪيو. تاج محمد ابڙو مرحوم هڪ مخلص انسان هو ۽ انسانيت جو عملي نمونو هو. هن کي ڪنهن سان نفرت ڪندي نه ڏٺم، پر هرهڪ سان خلوص ۽ محبت سان ملندي ڏٺم. منهنجا عزيز ۽ دوست سندس دوست هئا، جيڪي سندس محبت، اخلاص ۽ شرافت جون ڳالهيون ٻڌائيندا هئا ۽ سندس بي داغ ڪردار جي تعريف ڪندا هئا. گهڻي وقت کان پوءِ ساڻس ملاقاتون ۱۹۷۲ع ۾ سکر ۾ ٿيون، جڏهن هو سکر ۾ سيشن جج هو. سندس بنگلو اسلامڪ ڪاليج جي استادن جي گهرن جي لڳ هوندو هو. مان به انهن گهرن مان هڪ گهر ۾ رهندو هئس. شام جو وٽس ويندو هئس ۽ ڪيترو وقت ويهي ڪچهريون ڪندا هئاسون، پر اهي ڪچهريون به گهڻو وقت نه هليون، ڇاڪاڻ جو ۱۹۷۲ع جي آخر ۾ منهنجي سکر مان بدلي ٿي وئي. دنيا ۾ هونءَ ته ڪيترن ئي ماڻهن سان انسان جو ملڻ ٿئي ٿو، پر انهن مان تمام ٿوريون شخصيتون هونديون آهن، جيڪي ٻين کي متاثر ڪنديون آهن ۽ ٻين کي پاڻ ڏانهن ڇڪينديون آهن. انهن جي گفتگو ۾ اهڙو ته تاثير ٿئي ٿو، جو ماڻهو ان ڏانهن ڇڪجي اچي ٿو. اهڙين ئي شخصيتن مان هڪ شخصيت تاج محمد ابڙو مرحوم به هو. جن شخصيتن مون کي متاثر ڪيو ۽ انهن کي وساري نه سگهيو آهيان، انهن مان تاج محمد ابڙو مرحوم به هو. جيتوڻيڪ ساڻس ملاقاتون وقفي کان پوءِ ٿينديون رهيون، تڏهن به کيس وساري نه سگهيو آهيان. شاهه صاحب جي لفظن ۾: ڪي اوڏا ئي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين، ڪي چڙهن نه چت تي، ڪي وسرن نه مور، جيئن مينهن ڪنڍيءَ پور، تيئن دوست وراڪو دل سين. تاج محمد مرحوم اهڙو ئي شخص هو، جيڪو وسري نه سگهندو آهي. اهو فقط منهنجو رايو نه آهي، پر انهن سڀني ماڻهن جو رايو آهي، جن جا تعلقات تاج محمد مرحوم سان هئا. تاج محمد ابڙي مرحوم جا تعلقات نه فقط آزاد خيال ۽ اشتراڪي نظريو رکندڙ ماڻهن سان هئا، پر هُو ڪن ٺيٺ مذهبي ماڻهن جو دوست به هو. انهن مان هڪ منهنجو عزيز، دوست، شاگرد ۽ سيڻ حاجي قادر بخش مرحوم به هو. هُو ٺيٺ مذهبي ماڻهو هو، پر تاج محمد مرحوم سان هن جي بي انتها محبت هئي. هو جڏهن به مون سان ملندو هو ته تاج محمد مرحوم جون ڳالهيون ٻڌائيندو هو ۽ ان جو ذڪر ڏاڍي سهڻي انداز ۾ ڪندو هو. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته تاج محمد مرحوم کي انسان ذات سان محبت هئي ۽ دوستن سان تمام گهڻو خلوص ۽ محبت جو رستو هو. ان مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته هو فراخ دل انسان هو ۽ وسيع قلب جو مالڪ هو. هُو انهن آزاد خيال ماڻهن مان نه هو، جيڪي مذهبي ڳالهيون ڇيڙي، مذهبي ماڻهن جي دل آزاري ڪندا آهن. مطلب ته هو هڪ سچو، کرو ۽ شريف النفس انسان هو، جنهن کي پنهنجي وطن سان، پنهنجي زبان ۽ ادب سان ، پنهنجي وطن جي مسڪين ۽ پيڙيل طبقي سان محبت هئي، جنهن جي پنهنجي دوستن سان بي انتها محبت هئي ۽ جنهن کي پنهنجي ٻارڙن سان مشفقانه پيار هو. هُو بحيثيت هڪ انسان جي به هڪ عظيم انسان هو ته وفادار دوست به هو. پنهنجي نظريي سان به سچو هو ته پنهنجي ثقافت ۽ قديم روايتن سان به مخلص هو. بحيثيت جج جي به ڏاڍو سخت قسم جو منصف هو. جڏهن هُو عدالت جي ڪرسيءَ تي ويهندو هو ته ان وقت ڪنهن جو به رياءُ نه رکندو هو. حق ۽ سچ جو فيصلو ڪندو هو. انهيءَ ڪري سندس ڪوبه دوست يا وڪيل کانئس ناجائز فائدي حاصل ڪرڻ جي سڌ به نه ڪري سگهندو هو. عدل جي سلسلي ۾ هُو نه ڪنهن جي سفارش ٻڌندو هو، نه ڪنهن لالچ ۾ اچي سگهندو هو. انهيءَ لحاظ کان به هو صحيح معنيٰ ۾ انصاف ڪندڙ منصف هو. اهڙيون شخصيتون سنڌ لاءِ فخر جو باعث آهن ۽ اسان سنڌ واسين لاءِ هڪ مثالي نمونو آهن. (هلال پاڪستان، ڪاوش، عوامي آواز، جاڳو، الوحيد، پڪار) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو هڪ عظيم انسان انيس انصاري منهنجي واقفيت ساڻس پهريائين ۱۹۳۹ع ۾ ٿي. مان مدرسي هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي جي والي بال ٽيم سان قمبر ۾ ٽورنامينٽ ۾ حصو وٺڻ ويو هيس. راند ڏسڻ لاءِ قمبر جا ماڻهو وڏي تعداد ۾ ايندا رهيا، جن جي ويهڻ لاءِ گرائونڊ تي ڪرسيون ۽ بينچون رکيون ويون هيون. راند جي پوري ٿيڻ بعد هڪ شرميلي مسڪرائيندڙ ڇوڪري اچي سڀني کي هٿ ڏنو ۽ پڇيائين: ”ٽيم سان محمد مقيم ڪونه آيو آهي ڇا؟“ ۽ جواب مليو ته پنهنجي والده جي بيماريءَ سبب هو اچي نه سگهيو! ان شرميلي ڇوڪري اکيون زمين ۾ کپائيندي اسان جي ٽيم جي ڪئپٽن کي چيو: ”اوهين محمد مقيم جي اسڪول ۾ پڙهندا آهيو. هو منهنجو دوست آهي، ان ڪري اوهان به منهنجا دوست آهيو. هلو ته گڏجي چانهه پيئون.“ پهرئين ڏينهن ئي واقفيت دوستيءَ ۾ تبديل ٿي وئي. اهو لڄاڙو، دل جو درياهه ۽ مُنهن جو ملوڪ ڇوڪرو تاج محمد ابڙو هو، جنهن اسڪول جي هاسٽل ۾ مٺائي سان گڏ پنهنجي ڳالهائڻ جي مٺاڻ سان دل کي موهي ڇڏيو. تاج محمد جا وڏا شهدادڪوٽ جا ويٺل هئا. ننڍپڻ ۾ ئي سندس والد قادر بخش خان گذاري ويو. باوجود پنهنجي زمين هوندي به کيس مهر ۽ شفقت جي ضرورت هئي، جا سندس وڏي ڀيڻويي محمد عثمان ميمڻ پوري ڪئي، جو پوليس کاتي ۾ هڪ آفيسر هو. محمد عثمان کي پنهنجي اولاد ڪانه هئي، ان ڪري سندس محبت ۽ توجه جو مرڪز تاج محمد ئي رهيو. تاج محمد پنهنجي تعليم جي ابتدا اهڙي مڪتب ۾ ڪئي، جتي ٻار جي صحيح يا غلط تربيت ڪري سندس ايندڙ زندگي اثر وٺندي آهي. اهو مڪتب هو سندس گهر، جتي سندس تعليم ۽ تربيت سندس عالم فاضل همشيره ڪئي، جا نه رڳو پڙهيل هئي، پر فارسيءَ تي به سٺو عبور هيس. گهرو مڪتب بعد پرائمري تعليم قمبر ۾ حاصل ڪيائين، جتي باوجود ميان محمد عثمان جي بدلين جي، هاسٽل ۾ رهي يڪسوئيءَ سان تعليم حاصل ڪندو رهيو ۽ سيڪنڊري تعليم مدرسه هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو ۾ پڙهيو. ان بعد هو ڪراچي ويو، جتي ڊي.جي سنڌ ڪاليج ۾ تعليم وٺڻ لڳو. اهو ٻڌڻ تي ته ڪراچي ريڊيو تي نيوز ڪاسٽر جي مقرريءَ لاءِ آڊيشن ٿي رهي آهي، هو ويو ۽ شامل ٿيو. سندس صاف ۽ گونجدار آواز جي ڪري هو چونڊيو ويو ۽ ڪافي وقت ڪراچي ريڊيو تي نيوز ڪاسٽر جي حيثيت ۾ ڪم ڪندو رهيو. سندس خبرن پڙهڻ جو انداز وڻندڙ ۽ اثر انگيز هوندو هو. خبرن جي مناسبت سان آواز ۾ لچڪ پيدا ڪري، هو ٻڌندڙ جي دلين تي خبر جي اهميت جي ڇاپ ڇاپي ڇڏيندو هو. باوجود ٻاهرين سرگرمين جي، هو پنهنجي پڙهڻ سان سچو رهيو. ڪراچيءَ ۾ رهڻ دوران سندس واقفيت هڪ اهڙي ڪٽنب سان ٿي، جنهن وٽ هو اچڻ وڃڻ لڳو. ان گهر جي هڪ ڇوڪريءَ تاج محمد سان محبت جو اظهار ڪيو، پر خانداني شرافت، گهرو تربيت ۽ وڏيءَ ڀيڻ جي مشورن هن کي سنڀالي ورتو ۽ هن باوجود ان گهراڻي سان ڪافي وقت تعلقات هوندي به پنهنجي قدم کي ٿڙڪڻ ڪونه ڏنو. تاج محمد جي اها خصوصيت هئي، جو باوجود موقعن ملڻ جي ۽ سٺين نوڪرين تي رهڻ جي، براين جي ويجهو ڪونه ويو. نه ڪڏهن سگريٽ پيتائين ۽ نه شراب، دڳ سير ڪنهن ڌاريءَ عورت کي ڏسندو هو ته اکيون زمين ۾ کُپائي ڇڏيندو هو. ايل.ايل.بي ڪرڻ بعد تاج محمد ڪراچيءَ کي خيرباد ڪيو. ڪجهه وقت اچي قمبر ۾ ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ انگلش ٽيچر ٿيو، پر سندس طبيعت کي اهو ميدان راس نه آيو. ايل.ايل.بي ڪري وڃي شمس الدين ابڙي وڪيل سان جونيئر پليڊر جي حيثيت سان ڪم سکڻ لڳو، جو ٿورڙي وقت ۾ حاصل ڪري ورتائين. ٻنهي جي هڪٻئي سان محبت ۽ لاڳاپي کي ڏسي ماڻهو کين ڀائر سمجهندا هيا. شمس الدين سان گڏ وڪالت جي دوران ئي سندس دوستي جمال ابڙي سان ٿي. ان وقت تائين هلندي رهي، جيسين تاج محمد جي ساهه جو سڳو پئي سُريو. تاج محمد جهڙو ڪرمنل ڪيسن (Criminal Cases) جي ڪاميابين ۾ مشهور هو، اهڙي ئي سول لا (Civil Law) جي کيس ڄاڻ هئي. گهڻو ڪري هو ڪرمنل ڪيسن کي ترجيح ڏيندو رهيو ۽ جرح ۾ شاهدن جون متيون منجهائي ڇڏيندو هو. ڪرمنل ۽ سول لا جي ڄاڻ ڪري کيس پهريائين اسسٽنٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر بنايو ويو ۽ بعد ۾ ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسڪيوٽر. ان نوڪريءَ دوران سنڌ جي اڪثر ۽ بلوچستان جي ڪن شهرن ۾ مقرر ڪيو ويو. جتي به مقرر ڪيو ويو، اتي پنهنجي قانون جي ڄاڻ جي ڌاڪ ڇڏيائين. ان قاعدي ۽ قانون جي ڄاڻ سبب قدر ڪري کيس سڌو سنئون ائڊيشنل ڊسٽرڪٽ جج بڻايو ويو ۽ بعد ۾ سيشن جج. سال ۱۹۷۲ع ۾ کيس سکر ۾ پهريون دفعو ائڊيشنل سيشن جج مقرر ڪيو ويو. بعد ۾ ڪراچي، نوابشاهه، حيدرآباد ۽ جيڪب آباد وغيره ۾ به ان پوسٽ تي رهيو. سال ۱۹۷۸ع ڌاري کيس ڊسٽرڪٽ سيشن جج بنايو ويو. ڊسٽرڪٽ سيشن جج جي نوڪريءَ دوران ابڙو صاحب خيرپور، نوابشاهه، حيدرآباد ۽ ٺٽي ۾ رهيو. ٺٽي جي آبهوا ۽ ماحول کان هو ايترو ته متاثر ٿيو، جو خواهش ڏيکاريائين ته پينشن تي وڃڻ بعد هو مستقل طور اتي رهندو. شروع کان وٺي تاج محمد غريبن جي پيڙا ۽ ڏک کي پنهنجو ڏک ڪري سمجهندو هو. ان سبب ڪري هن هڙئون ۽ وڙئون غريبن جي پئي مدد ڪئي. سندس همٿائڻ ۽ مالي مدد ڏيڻ تي ڪافي غريب پڙهي وڃي چڱين نوڪرين کي لڳا. ابڙي صاحب کي پنهنجن نوڪرن ۽ پٽيوالن جي گهرجن ۽ ضرورتن تي هميشه نظر هوندي هئي. ان ڪري هُو کين وقت بوقت مالي ۽ ٻي مدد پيو پهچائيندو هو. پنهنجي در تي ڪم ڪندڙن جي پيو پرگهور لهندو هو. کين سٺي کاڌي سان گڏ سٺا ڪپڙا وٺي ڏيندو هو. کين سواريءَ لاءِ سائيڪلون ۽ وقت ڏسڻ لاءِ واچون به وٺي ڏيندو هو. البت ڌنڌي طور پنندڙ فقيرن کي هُـو ڪونه ڀائيندو هو. چوندو هو ته اهڙيءَ طرح پني نه رڳو هُو معاشري تي بوجهه بڻجن ٿا، پر ساڳئي وقت هو حقدارن جو حق به مارين ٿا. ان غريبن جي همدرديءَ ڪري مسٽر تاج محمد هاري موومينٽ ۾ فعال حصو ورتو. هن جا ان سلسلي ۾ دوست ۽ همراهه هيا، ڪامريڊ نذير حسين جتوئي، حاجي محمد پيرزادو ۽ بعد ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي. ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ سان سندس صحبتون ۽ ملاقاتون به ان سلسلي جون ڪڙيون هيون. مرحوم تاج محمد ابڙو نيمن ۽ اصولن جو پابند هو. صبح سوير هُو پنهنجي جاءِ جي نم مان ۽ جي ٻئي هنڌ هوندو هيو ته ڀرواريءَ نم مان تازو ڏندڻ پٽائي ڏندن کي هڻندو هو. ان ڪري سندس ڏند موتين وانگر پيا جرڪندا هئا ۽ پڇاڙيءَ تائين سلامت رهيا. ان کان سواءِ صبح جو پنهنجي بدن جي صفائي، ڪپڙن جي صفائي ۽ بوٽ جي پالش جو خاص خيال رکندو هو. گهر ۾ سلوار قميص استعمال ڪندو هو ۽ آفيس ۾ ڪوٽ، پتلون ۽ ٽاءِ سان ويندو هو. تاج محمد پنهنجي شخصي ڊائري پڻ بنا ناغي لکندو رهندو هو. سندس ڊائريون سال ۱۹۴۶ع کان وٺي ۱۹۸۶ع تائين سندس ڪٽنب وٽ محفوظ آهن. سندس نيمن مان B.B.C ٻڌڻ به هوندو هو، جنهن لاءِ صبح جو پنجين وڳي جاڳڻو پوندو هيس. بي.بي.سي ٻڌڻ کان سواءِ هو صاحب شيوَ وقت پنهنجي گراموفون تي پراڻا گانا پڻ ٻڌندو هو. وٽس رڪارڊ ڪافي انداز ۾ موجود هئا. تاج محمد صاحب جي نيمن ۾ وقت تي دوا جو استعمال پڻ هوندو هو. وڪالت جي دوران مسلسل دماغي ڪم ڪرڻ سبب هو ڪن بيمارين جو شڪار ٿي پيو، جن مان هڪ هئي دم جي بيماري ۽ ٻي ذيابيطس (Diabetes). پوئين مرض جي سبب سندس خوراڪ تي خاص نظر هوندي هئي. باوجود ترغيبن ملڻ جي هن ڪڏهن پرهيز ڪانه ٽوڙي. انسولن (Insulin) جي انجيڪشن پڻ بنا ناغي پاڻ هڻندو هو. هڪ دفعي بيماريءَ دوران ڊاڪٽر حيران رهجي ويا، جڏهن کين ٽيهه سالن جي عرصي جا بيمارين جا نسخا هٿ ۾ ڏنا ويا. هڪ اهڙي مجلس جتي ڪافي معزز ماڻهو هڪ وڏي هستيءَ جي محفل ۾ اچي گڏ ٿيا هئا، کيس شراب پيئڻ جي آڇ ڪئي وئي، پر هن ان کي واپرائڻ کان بنهه انڪار ڪيو ۽ چيو ته هُو شراب استعمال ڪري پنهنجو اصول نه ٽوڙيندو. منجهند جي ننڊ مسٽر تاج محمد کي ڏاڍي عزيز هئي. ان جو سبب هو رات جو دير تائين مطالعو ڪرڻ، جو صبح جو ٻين ٽين وڳي تائين هلندو هو. منجهند جي ننڊ دوران ڪنهن به صورت ۾ کيس سجاڳ ڪونه ڪيو ويندو هو ۽ نه ڪنهن کي اهڙي همٿ ٿيندي هئي، سواءِ هڪ محترم هستيءَ جي، جا وٽس محترم به هئي ۽ پياري به. اها هئي سندس والده! جا به اهڙين حالتن ۾، جن ۾ سندس جاڳائڻ ضروري سمجهيو ويندو هو، کيس بيدار ڪندي هئي. دوستن سان بنا ناغي ڪچهري به سندس اصول هوندو هو. شام جو سندس دوست مقرر وقت تي اچي سندس اوطاق ۾ ڪٺا ٿيندا هئا، جتي ڪافي وقت چانهه جي پيالن تي ساڻن روح رهاڻ ڪندو رهندو هو. پنهنجن دوستن بابت جو خيال تاج محمد پنهنجي وصيت نامي ۾ ڪيو آهي، سو هيٺ ڏجي ٿو: ”منهنجا دوست ڪافي آهن، مگر هرڪنهن کي پنهنجا مسئلا درپيش آهن، تنهنڪري انهن کي ڪا تڪليف نه ڏيندا. البت پاڻ ۾ اختلاف يا ڪنهن منجهيل مسئلي تي سندن صلاح ضرور وٺندا. انهن جي هر وقت عزت ڪرڻ اوهان جو فرض آهي ۽ سندن اولاد سان پڻ تعلق رکڻ جي ڪوشش ڪندا. کانئن ڪڏهن به مالي مدد جي طلب نه ڪندا. ها البته ضرورت وقت اخلاقي مدد ضرور وٺندا ۽ مون کي يقين آهي ته ان ۾ هو پوئتي پير نه ڏيندا. مون تي منهنجا محسن ۽ دوست سدائين مهربان رهيا آهن، جنهن لاءِ آءٌ سندس شڪرگذار آهيان.“ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي لکڻ مطابق سندس ئي چوڻ تي تاج محمد علمي ۽ ادبي ڪتابن ڏانهن راغب ٿيو. بعد ۾ ان جو اهڙو چسڪو آيس، جو پنهنجي آفيس جي ڪم ۽ دوستن جي ڪچهريءَ بعد ٽين ترجيح سندس ادبي ڪتاب هوندا هئا. رات جو جيڪو ڪتابن جو مطالعو ڪندو هو، ان ۾ علمي ادبي ڪتابن جو به حصو هو. علم ۽ ادب جي ان شوق ڪري تاج محمد ئي لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت قائم ڪئي، جن جا سرگرم ڪارڪن جمال ابڙو، هري درياني دلگير، انيس انصاري ۽ وڏيرو علي محمد عباسي هئا. هيءَ سنگت ڪافي وقت فعال رهي. تنوير عباسيءَ لکيو آهي: ”تاج محمد ابڙو وڪيل هو، پر وڪيل کان وڌيڪ دانشور. ادب، تاريخ، فلسفو سڀ پڙهندو هو. دوستن سان بحث ڪندو هو. لکيائين هڪ لفظ به ڪونه، پر پڙهيو به گهڻو ته ڪڙهيو به گهڻو.“ تاج محمد ابڙي جي ڪمزوري دوست هئا، جن کان سواءِ پاڻ کي اڌورو سمجهندو هو. ياري باشيءَ ۾ سندس ڪچهري مشهور هوندي هئي، جتي علم ادب کان سواءِ سياست تي به وڏا بحث پيا ٿيندا هئا. وڪالت جي عرصي ۾ ته ٺهيو، خود جج هئڻ دوران به اهي ڪچهريون قائم رهيون. باوجود ايماندار ۽ سچي هئڻ جي، ڪن ماڻهن سندس نالي بد ڪرڻ ۾ به ڪين گهٽايو، پر سندس آئيني جهڙي صاف شخصيت اجري جي اجري رهي. تاج محمد دوستن کي ڪافي ڪم آيو. انهن کي هڙئون وڙئون گهرج وقت مدد ڏيندو رهيو. هڪ اهڙي دوست کي (جنهن جو نالو کڻڻ مناسب نٿو سمجهان) بيماريءَ جي حالت ۾ اسپتال ۾ داخل ٿيڻ بعد هڪ ئي وقت سندس علاج لاءِ ويهه هزار روپيا ڏنائين. تاج محمد عيالدار هو. کيس پنج پٽ ۽ چار نياڻيون آهن. نياڻين ۽ پٽن جي تعليم تي خاص ڌيان ڏيندو هو. انهن کي همٿائڻ لاءِ سٺن نمبرن کڻڻ تي انعام ڏيندو هو. پنهنجين نياڻين کي گربخشاڻيءَ جا شاهه جا رسالا سندن پوزيشن حاصل ڪرڻ تي ڏنائين ۽ انهن تي رسالي کي تحفي طور ڏيڻ جو سبب به لکي ڏيندو هو. هُو پٽن سان گڏ نياڻين کي اعليٰ تعليم ڏيڻ جي حق ۾ هو. ٻارن کي دنوي تعليم سان گڏ ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ همٿائيندو رهندو هو ۽ کين قرآن مجيد پڙهڻ لاءِ جتي جتي بدلي ٿيندي هيس، هڪ ملان رکي ڏيندو هو. پاڻ به مولانا تاج محمد امروٽيءَ جو قرآن مجيد جو ترجمو ۽ بائيبل مطالعي هيٺ رکندو ايندو هو. سندس هڪ پٽ سندس نئين ڪار جو ايڪسيڊنٽ (Accident) ڪيو. ڪار کي ڪافي نقصان پهتو، پر سندس پٽ کي ڪو زخم ڪونه آيو. تاج محمد پُٽ کي هڪ حرف به ڪونه چيو. هُو ان تي خوش هو ته سندس فرزند ايڪسيڊنٽ مان بنا ڌڪ لڳڻ جي بچي نڪتو. پنهنجي گهرواريءَ سان ڪافي پيار هوندو هئس. کيس ڏک سک جو ساٿي سمجهندو هو، پر پنهنجي والده ۽ وڏيءَ ڀيڻ سان سندس ڪافي عقيدت هوندي هئي. ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جو به گهڻو مداح هو. ساڻس سندس ڪافي ڪچهريون ٿيون. تاج محمد جي اکين ۾ پاڻي ٽن وقتن تي ڏٺو ويو. اهي وقت هئا: سندس والده، ڀيڻ ۽ ڀٽي صاحب جي فوت ٿيڻ جا ڏينهن. تاج محمد ابڙو سير شڪار جو شوقين هو. هُو ميلن جا ميل پنڌ گهمندو هو. ان کان سواءِ وٽس بيلجم (Belgium) جي ٺهيل دو نالي بندوق هئي، جنهن سان شڪار ڪندو هو. ان بندوق کي صاف به پاڻ ڪندو هو ۽ پاڻ ئي حفاظت سان رکندو هيس. ان بندوق جو ڪنداڪُ هڪ نانگ کي مارڻ دوران لٺ طور استعمال ڪرڻ سان ٽُٽي پيو. مرمت جي باوجود ان بندوق ۾ اها اڳين ڳالهه نه آئي. تاج محمد کي بندوق جي خراب ٿيڻ جو احساس ته هو ئي، پر ان کان وڌيڪ خوشي ان ڳالهه جي هيس ته ان بندوق سان ئي نانگ ماري سندس پٽ کي بچايو ويو هو. تاج محمد ڪڏهن ڪڏهن خيالن ۾ اهڙو ته گُم ٿي ويندو هو، جو پنهنجو پتو ڪونه پوندو هيس. هڪ دفعي پنهنجي فرزند سان گڏ ادبيات حيدرآباد ۾ ڪتاب وٺڻ ويو. ڪتاب وٺي ڪار تي چڙهڻ وقت پٽ جي بجاءِ هڪ ٻئي ڇوڪري کي ٻانهن کان وٺي گاڏيءَ ۾ چاڙهڻ لڳو. پُٽ جي آواز تي پنهنجي غلطي محسوس ڪيائين ۽ پنهنجي بي خياليءَ تي ڏاڍو کِليو. اهڙيءَ طرح ٻئي وقت هو ساڳئي نموني پنهنجي چپل جو هڪ پادر ڇڏي وڃي گاڏيءَ ۾ چڙهيو. ٿيو ائين جو سفر دوران هڪ هوٽل ڀرسان گاڏي بيهاري، ٻاهر ڪرسيءَ تي چانهه پيئڻ وقت هن چپل جي هڪ پادر مان پير ڪڍي ڇڏيو. وڃڻ وقت چپل جي ان پادر ڏي ڌيان ئي نه ويس ۽ اچي گاڏيءَ ۾ چڙهيو، پر ڪجهه وقت کان پوءِ هن محسوس ڪيو ته سندس هڪ پير ۾ چپل ڪانه آهي ۽ وري گاڏي واپس ورائي اچي چپل کنيائين. قانون جي ڪتابن کان سواءِ ٻيا ڪتابَ به شوق سان پڙهندو هو. وٽس ڪتابن جو وڏو ذخيرو موجود هو، جنهن مان ڪجهه ته سندس ٻاهر نوڪريءَ جي دوران گهر ۾ بند هئڻ سبب اڏوهيءَ جو شڪار ٿيا ۽ ڪافي ڪتاب سندس ڪٽنب سر شاهنواز ميموريل لئبرريءَ (Sir Shah Nawaz Memorial Library) کي عام ماڻهن جي فائدي لاءِ ڏنا ۽ ڪي ڪتاب سندس دوستن کي تحفي طور پڻ ڏنا ويا آهن. ڪجهه ڪتاب جن کي مصنفن پنهنجن دستخطن سان تحفي طور تاج محمد کي ڏنا هئا، سي ڪٽنب وٽ موجود آهن. اهي ڪتاب محترم جويي، شيخ اياز، رشيد ڀٽي، جمال ابڙي، رسول بخش پليجي ۽ ڪافي ٻين جا آهن. هن وقت به گهر ۾ ڪافي تعداد ۾ ڪتاب موجود آهن، جن مان ڪجهه قاعدي قانون جا آهن ۽ باقي علم ادب، تاريخ، مذهب ۽ ٻين علمن بابت ڪتاب آهن. انهن ڪتابن مان اڃا تائين گهرجائو پنهنجو ڪم حاصل ڪندا رهن ٿا. اهي ڪتاب يادگيريءَ طور گهر جي ڀاتين پاڻ وٽ رکيل آهن. تاج محمد جا پويان ڪتابن ڏيکارڻ ۽ مطالع ۾ ڏيڻ ۾ بخل ڪونه ڪندا آهن. سال ۱۹۸۵ع ۾ پينشن تي اچڻ بعد هن پنهنجي آئندي جي پروگرام تي عمل ڪرڻ لاءِ اچي ٺٽو وسايو، جتي پنهنجي رهڻ لاءِ بنگلو ۽ گذر سفر لاءِ هڪ سروس اسٽيشن ٺهرائي هئائين. ٺٽي جي آبهوا ۽ کليل فضا ته کيس راس آئي، پر اهي دوست جن سان دل جون ڳنڍيون هيس، سي ته هئا لاڙڪاڻي ۾. ان طرح هو هفتي ۾ ڪجهه ڏينهن لاڙڪاڻي پنهنجي دوستن سان ملڻ ايندو هو. اهڙيءَ طرح هڪ دفعي موٽندي ڌاڙيلن سندس گاڏي بيهاري ۽ ڦر ڪري ويا، پر هن اها ڳالهه پنهنجن گهروارن سان نه ڪئي. ڪجهه ڏينهن بعد جڏهن مسٽر غلام محمد راجپوت ڊسٽرڪٽ سيشن جج دادو چوري ٿيل سامان هٿ ڪري کيس پهچائڻ آيو ته گهر وارن کي ان ڳالهه جو پتو پيو. ڦر جو ذڪر نڪتو آهي ته هيءَ ڳالهه ٻڌائڻ مناسب ٿيندي ته سکر ۾ ابڙي صاحب جي گهر مان چوري ٿي وئي. چور سڄو گهر ٻهاري ويا. چوريءَ ۾ تاج محمد جي گهرواري، والده ۽ ڀيڻ جا سونا زيور به شامل هئا. اها چوري پڪڙجي نه سگهي، البته پوليس جڏهن ڪجهه پڪڙيل چورين جا زيور سڃاڻپ لاءِ سندس گهر آندا ته تاج محمد پنهنجي گهر تاڪيد سان چيو ته هُو صرف پنهنجا زيور پنهنجا ڪن، پراون تي هٿ نه رکن. انهن زيورن ۾ سندن ڪوبه زيور ڪونه هو، ان ڪري ڪوبه زيور پنهنجو نه ڪيائون. ڦر جي واقعي ۽ تاج محمد جي لاڙڪاڻي ۽ ٺٽي جي وچ ۾ اچڻ وڃڻ سبب سندس گهر جي ڀاتين اهو فيصلو ڪيو ته هُو سڀ لاڙڪاڻي وڃي رهندا، حالانڪه ٺٽو سندن طبيعت ۽ تندرستيءَ لاءِ بهتر هو. ان بعد سڀ گهر جا ڀاتي ابڙي صاحب جي خوشيءَ خاطر لاڙڪاڻي اچي رهيا. باوجود نيمن ۽ اصولن جي پالنا ۽ دوائن جي بلا ناغي استعمال ۽ پرهيزي کاڌي جي، ذيابيطس جي بيماري سندس اندر کوکلو ڪري ڇڏيو. کيس دل جو سور (Angina Pectoris) به ٿي پئي. فيبروريءَ ۱۹۸۶ع ۾ سندس بيماري وڌي وئي. پهريائين مقامي ڊاڪٽرن کان علاج ڪرايائين ۽ آخر جڏهن ڳالهه وڌي وئي ته جمال ابڙي ڪراچيءَ مان فون ڪري کيس اتي اچڻ لاءِ چيو. کيس جناح اسپتال جي Cardio Vascular ۾ داخل ڪيو ويو، جتي باوجود علاج جي هو تاريخ ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع تي الله کي پيارو ٿي ويو. سندس لاش لاڙڪاڻي آندو ويو، جتي ابوبڪر مقام ۾ پنهنجن عزيزن جي قبرن ڀرسان کيس دفنايو ويو. (هلال پاڪستان، عوامي آواز، عبرت، جاڳو، ڪاوش، سرواڻ، پڪار) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۽ مچ ڪچهريون مير نادر علي ابڙو لطيف سائين جي ڌرتي سنڌ جيڪا مختلف روايتن ڪهاوتن ڪارڻ هر وقت ڪنهن لاءِ ڪنهن حد تائين پر ڪشش رهي آهي. ان سر زمين تي هميشه محبت جا ميلا متل رهيا آهن، اهي ميلا مختلف روين ۾ سجندا رهندا آيا. ميلن ملاکڙن کان ويندي اوطاق ڪچهريون سنڌ جون پراڻيون روايتون ۽ هڪ ٻئي جا سور سٽڻ جو جتي مرڪز بڻيل رهيون آهن ته اتي وري سياري جي سرد هوائن ۾ سنڌ اندر ٿيندڙ مچ ڪچهريون مشهور آهن. توڙي جو اتي اڄوڪي دؤر ۾ اهو رواج گهٽ ٿيندو وڃي پر تنهن باوجود سنڌ ۾ اڃا تائين مچ ڪچهريون ٿيندو اچن. انهن ڪچهرين ۾ ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن کان ويندي دوستن تائين باهه جي چوطرف محبتن جا ميلا مچايا ويندا آهن. هڪ ٻئي سان جتي گلائو ۽ شڪوائون هجتن جا پل پسڻ لاءِ ملن ٿا. لاڙڪاڻو ضلعو انهيءَ حوالي سان تمام گهڻو زرخيز رهيو آهي. اتي مچ ڪچهرين جي روايت ۽ سلسلو تمام آڳاٽي زماني کان هلندو اچي ۽ اڃا تائين اهوئي مچ ڪچهرين جو جوڀن جاري آهي. هتي جڏهن به مچ ڪچهرين جو تذڪرو ٿيندو ته اتي ڀلا ڪيئن مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي لاڙڪاڻي واري اوطاق کي وساري ٿو سگهجي، جتي سموري سنڌ جا ڏاها اچي مچ تي محبتن جا ميلا مچائيندا هئا. اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀُٽو کان ويندي سوڀي گيانچنداڻي تائين هر مڪتبه فڪر جو ماڻهو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي مچ ڪچهريءَ جو روح روان هوندو هو. انهن ڪچهرين ۾ جتي باهه جي شعلن تي عظيم اراده سرجيا ويندا هئا ته هتي وري ايندڙ صبح جي ڀليڪار جا جتن ڪيا ويندا هئا ۽ هڪ ٻئي جا لڙڪ اگهي کين آٿت ڏني ويندي هئي. انهيءَ مچ ڪچهري ۾ جيڪو شرڪت ڪندو هو تنهن جي اٿڻ لاءِ دل نه ڪندي هئي. اهي مچ ڪچهريون ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سجائي انهن وسيلن علم ادب جو درس ڏيندو هو ۽ سموري سنڌ کان سواءِ بلوچستان، سرحد ۽ پنجاب جا سلجهيل اديب ۽ سماج سڌارڪ انهن مچ ڪچهرين ۾ اچي ڪجهه پرائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا ۽ اتي تمام وڏو سياسي سماجي ۽ادبي بحث ٿيندا هئا، پر اڄ سيٽلائيٽ دؤر جا ڪجهه آثار ضرور هن مچ ڪچهرين تي اثر انداز ٿيا آهن ۽ ماڻهن ۾ انهيءَ حوالي سان اڳيون چاهه ناهي رهيو ۽ سماجي قيد خاني ۾ بند ٿي رهجي ويا آهن پر تنهن پڄاڻا به ڪي آهن جيڪي انهن مچ ڪچهرين کي آباد رکيو اچن ۽ هر ڪنهن کي سڏي گڏ ڪري مچ مچائيندا اچن. انهن مچ ڪچهرين کي لاڙڪاڻي ۾ آباد رکڻ ۾ جتي ٻيا طبقا سرگرم آهن، اتي وري لاڙڪاڻي ضلعي ۾ مچ ڪچهرين جو رواج وجهندڙ مرحوم تاج محمد ابڙو جو فرزند ايڊووڪيٽ مظهر علي تاج ابڙو به ڪنهن کان پٺتي ڪونهي ساڳيو علم هٿ ۾ کڻي لاڙڪاڻي ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جو درس ڏيندو ۽ ادبي سماجي ميلا مچائيندو اچي. اهوئي ڪارڻ آهي جو اڄ لاڙڪاڻي جي عوام ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي لاڏاڻي کانپوءِ سندس جي سڪ مظهر علي تاج ابڙو مان لاهي ٿي جيڪو انهن مچ ڪچهرين ۾ پاڻ ملهائيندو اچي، جيڪا ڳالهه انتهائي ڀلوڙ آهي. سنڌ جي سمورن نوجوانن کي اهي مچ ڪچهريون ۽ پراڻن جي ڇڏيل روايتن کي پاڻي ڏئي اڳتي وڌائڻ گهرجي، ڇو جو پراڻن جون ڇڏيل انهن روايتن ۾ اسان جي سماج لاءِ هڪ محبتن جو سنديسو سمايل آهي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اڪثر اها ڳالهه ڪندو هو ته جن به قومن پنهنجن وڏن جو ڏنل درس ڇڏيو ته اهي تباهه برباد ۽ نقصان ۾ ويون آهن. انهي لاءِ اسان ماڻهن کي هن وقت تائين انهن مامرن کي ويجهائي کان وٺي ڪم ڪري پنهنجو پاڻ ۾ ڪنهن حد تائين متحرڪ ٿيڻ جي قوت پيدا ڪرڻ کپي ته جيئن اسان وڏن جي ڇڏيل روايتن کي قائم ۽ دائم رکي سگهون. اڪثر طور تي وقت نه هجڻ واري عام ۽ غيرذميواري ڪارڻ انهي جا اثرات اسان تي ڀاري نموني اثرانداز ٿيندا رهندا آهن. هاڻ جڏهن سياري جا پڇاڙڪا پل ماضي بڻجي گذري رهيا آهن، ته مچ ڪچهريون به پڄاڻي تي پهچي چڪيون آهن. (خبرون، سنڌو ڊائجسٽ، هلچل، سنڌ، مهراڻ، عوامي آواز، مقدمو، فيصلو، عبرت، سڪار، تعمير سنڌ، هلال پاڪستان، نوائي وقت، خبرين، وکٽوريه) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جج، اديب، وڪيل، سياستدان ۽ سماجي شخصيت ڊاڪٽر اياز قادري هڪ پارسي زبان جي شاعر چيو آهي: ”تون اسان وٽان هليو وئين، مگر تنهنجي ياد اسان جي دلين ۾ سمايل آهي.“ تاج محمد ابڙي کي اسان کان جدا ٿئي ڏينهن، ڏينهن مان مهينا ۽ مهينن مان سالَ ٿي ويا آهن، پر هُو اسان کان جدا نه ٿيو آهي. هن جون يادگيريون، هن جون ڳالهيون، ائين تازيون آهن، جيئن بهار ۾ ٽڙندڙ تازا گل. تاج محمد ابڙو منهنجو هاءِ اسڪول کان وٺي ڪاليج تائين ڪلاس فيلو، هاسٽل ۾ روم ميٽ ۽ زندگيءَ ۾ پيارو دوست هو. اسين هڪٻئي جي ويجهو رهياسين. ڏک سک جا ساٿي، حال ڀائي ۽ همدرد، اسان ۾ ڪڏهن به هڪٻئي سان ڪاوڙ پيدا نه ٿي، نه جهيڙو ئي ٿيو. هڪ ڀيري مون کي هن جي ڪنهن ڳالهه جو ڏُک ٿيو ۽ مان ٽي چار ڏينهن ناراض رهيس. تڏهن مون ڏانهن چٺي لکيائين: Make new friends but keep the old ones; for one is silver another is gold. ناراضپو ختم ٿي ويو ۽ اسين کير کنڊ ٿي وياسين. تاج محمد ابڙي کي ننڍپڻ کان ئي سياست سان دلچسپي هئي. اسين جڏهن مدرسه هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ پڙهندا هئاسين ته ڪڏهن ڪڏهن سياست تي به ڳالهائيندا هئاسين. اهو ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جو دؤر هو، هندو مسلم ڇڪتاڻ جا ڏينهن هئا. هندن جو لاڙو ڪانگريس ڏانهن ۽ مسلمانن جو مسلم ليگ ڏانهن هو. ڪٽر هندو جماعت ”هندو مهاسڀا“ سنڌ جي صوفي ماحول کي بگاڙي، هندو مسلمانن ۾ وڏا ويڇا وجهي رهي هئي. هندن ۾ مسلمانن خلاف ان جماعت نفرت جو وڌيڪ زهر وڌو. مسلمان شاگردن جو لاڙو مسلم ليگ ڏانهن هو. اهو زمانو ۱۹۴۲ع وارو زمانو هو، مگر تاج محمد ابڙو ان وقت به هارين ۽ غريبن جي ڳالهه ڪندو هو. ننڍپڻ ۾ سندس گهرو تربيت اعليٰ نموني ٿي هئي. سمجهه ۾ ائين ٿو اچي ته سندس گهر جي ماحول جو هن تي گهرو اثر هو. انهن ڏينهن ۾ سنڌ جون مکيه روزانه اخبارون هيون : (۱) ”هندو“ جنهن جو پوءِ نالو مٽائي ”هندستان“ رکيو ويو. هيءَ ڪانگريس جي اخبار هئي. (۲) ”سنسار سماچار“ هيءَ مهاسڀاين (ڪٽر هندن) جي اخبار هئي ۽ (۳) ”الوحيد“ هيءَ مسلم ليگ جي خيالن جي اخبار هئي. انهن کان سواءِ ڪيتريون هفتيوار اخبارون نڪرنديون هيون. تاج محمد ابڙو ۽ مان اخبارون وڏي چاهه سان پڙهندا هئاسين. پوءِ سياسي حالتن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي هئي. ۱۹۴۳ع ۾ مئٽرڪ ۾ پاس ٿياسين. ان وقت مسلمانن جي تعليم جو هي حال هو، جو مان لاڙڪاڻي شهر جو واحد مسلمان شاگرد هوس، جو مئٽرڪ ۾ پاس ٿيو هوس. اسين گهڻو ڪري سڀ سنگتي پاس ٿياسين. انهيءَ زماني ۾ ۱۹۴۳ع ۾ پير الاهي بخش سنڌ جي تعليم جي وزير جي ڪوشش سان سنڌ مسلم ڪاليج کليو هو. مسلمان شاگردن لاءِ ان ڪاليج ۾ في، هاسٽل جي رهائش، کاڌي ۽ اسڪالرشپ جون وڏيون سهوليتون هيون. انهيءَ ڪري تاج محمد ابڙو ۽ مون به ايس.ايم ڪاليج ۾ داخلا ورتي ۽ گڏ هاسٽل جي روم ۾ رهڻ لڳاسين. تاج محمد ابڙي کي ڪراچيءَ ۾ پنهنجي سوشلسٽ خيالن وارن ماڻهن سان ملڻ ۽ سوشلزم کي سمجهڻ جو وڏو موقعو مليو. لائيٽ هائوس سئنيما سامهون (جا هينئر ڊهي وئي آهي) ڪچهري روڊ جي شروعات تي ٽريڊ يونين ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي آفيس هئي. تاج محمد ابڙي باقاعده اُتي وڃڻ شروع ڪيو. ڪميونسٽ پارٽي سنڌ جو سيڪريٽري ڪامريڊ جمال الدين بخاري هو ۽ سرگرم ڪارڪنن ۾ سوڀو گيانچنداڻي، پوهو، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي، قادر بخش نظاماڻي ۽ ٻيا هندو مسلمان جوشيلا جوان هئا. ڪميونسٽ پارٽيءَ طرفان سوشلزم ۽ ڪميونزم کي سمجهڻ لاءِ ڪلاس ٿيندا هئا. تاج محمد ابڙو انهن ڪلاسن ۾ باقاعدي ويندو رهندو هو. سياسي طرح هُو ڪامريڊ قادر بخش نظاماڻيءَ کي ئي پنهنجو استاد سمجهندو هو. قادر بخش نظاماڻيءَ پهريان سنڌين ۾، پوءِ بلوچن ۾ نئشنلزم ۽ سوشلزم جي تربيت جو ڪم شروع ڪيو. ڪجهه سالن کان هاڻي هو لنڊن ۾ مقيم آهي. اسين جڏهن ڪراچيءَ ۾ تعليم لاءِ پهتاسين ته ورلڊ وار سيڪنڊ (Scond World war) جي خاتمي جا ڏينهن هئا. ته به انگريز سپاهي ڪارين ڪرسچن ڇوڪرين کي ڀاڪر پايو صدر جي بازارين ۾ عام جام گهمندا ڏسڻ ۾ ايندا هئا. ايس.ايم ڪاليج، سنڌ مدرسه هاءِ اسڪول جي احاطي اندر قائم ڪيو ويو هو. مدرسه هاءِ اسڪول جي بورڊنگ هائوس جو هڪ حصو ڪلاسن لاءِ، باقي حصو ڪاليج جي شاگردن جي رهائش لاءِ مخصوص ڪيو ويو هو. ڪاليج ڇا هو؟ ان وقت ته ڪنهن ننڍي هاءِ اسڪول جي ئي برابر هو. مدرسه هاءِ اسڪول جي ٻاهرئين وڏي دروازي جي مٿان، جيڪو ڪاليج جو به دروازو هو، وڏن اکرن ۾ لکيل هو: Enter to learn, go forth to serve! تڏهن شاگرد نوڪريون به ڪندا هئا ۽ پڙهندا به هئا. ان زماني ۾ نوڪريون جام هيون. مسلمان ڇوڪرا تمام گهٽ پڙهيل هئا. سنڌ سرڪار نوڪرين ۾ هندن ۽ مسلمانن جي ڪوٽا مقرر ڪئي هئي: ۶۰ سيڪڙو مسلمان ۽ چاليهه سيڪڙو هندو. مسلمان ڇوڪرا هڪ نوڪري ڇڏي ٻي نوڪري ڪندا هئا. تاج محمد ابڙي به مختلف هنڌن تي نوڪري ڪئي. ڪجهه عرصو ان وقت جي مشهور اخبار ”الوحيد“ ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر ٿي ڪم ڪيائين. پوءِ ريڊيو پاڪستان ۾ سنڌي خبرن جو انائونسر (Announcer) ٿي رهيو. ڪاليج لائيف ۾ هن اسٽوڊنٽ تحريڪن ۾ پس پرده وڏو ۽ اهم حصو ورتو. محمود هارون (پوءِ جو اڳواڻ سنڌ جو گورنر)، سندس ڀاءُ سعيد هارون، قاضي عبدالمنان (پوءِ جو سنڌ جو روينيو منسٽر) علي گوهر کهڙو، سڀ مسلم ليگي ۽ مسلم شاگردن ۾ پنهنجي ليڊري قائم ڪرڻ گهرندا هئا. تاج محمد کي شاگرديءَ واري زماني ۾ اخبار ڪڍڻ جو ڏاڍو چاهه هو. ان بابت مون سان صلاح ڪندو هو. مان هميشه چوندو هومانس: ”تيل کان سواءِ ڏيئو نه ٻرندو.“ پاڻ تڪڙا ماڻهو آهيون، پيٽ ئي مشڪل ٿا پاليون، پوءِ اخبار جي عياشي ڪيئن ڪري سگهنداسين؟ ۽ هن ڪجهه پئسا پاڻ ۽ ڪجهه پئسا ٻين دوستن کان هٿ ڪري ”نوجوان“ نالي سان هفتيوار اخبار شروع ڪئي. ان جو ايڊيٽر مون کي مقرر ڪيائين. ان وقت نه سنڌي مسلمانن ۾ هو مڊل ڪلاس نه تعليم، نه وري اخبار پڙهڻ جو چاهه، تنهنڪري ”نوجوان“ جا فقط ڪجهه پرچا نڪتا، پوءِ اخبار مالي مشڪلاتن سبب بند ٿي وئي. تاج محمد ابڙو ۴۸-۱۹۴۷ع ڌاران وڪالت پاس ڪري لاڙڪاڻي هليو آيو. ان وقت قاضي فضل الله، حنيف صديقي، خانبهادر يار محمد جوڻيجو، شمس الدين ابڙو، عبدالوحيد ڪٽپر، عبدالفتاح ميمڻ ۽ ٻيا لاڙڪاڻي جا برک وڪيل هئا. هن پهريان عبدالفتاح ميمڻ سان گڏ وڪالت شروع ڪئي، پر طبيعت جي فرق سبب ان کي ڇڏي شمس الدين ابڙي جي چوڻ تي ان جو پارٽنر ٿي وڪالت ڪيائين. مان هر روز شام جو چانهه تاج محمد وٽ سندس اوطاق ۾ وڃي پيئندو هوس. شام جو تاج محمد ابڙو پنهنجي اوطاق تي ڪچهريءَ ۾ مست رهندو هو. مون هن کي بلڪل ويجهائيءَ کان ڏٺو. هن جو دامن دنيا جي آلودگين کان بلڪل صاف ۽ شفاف رهيو. لاڙڪاڻي جون ڪچهريون ايامن کان مشهور هيون. لاڙڪاڻو وڏيرن، وزيرن ۽ وڪيلن جو شهر هو. شهر ۾ ڪيتريون ڪچهريون قائم هيون: لاهورين ۾ نواب حاجي امير عليءَ جي ڪچهري، پوسٽ آفيس سامهون عبدالغفور ڀرڳڙيءَ جي ڪچهري، اسٽيشن جي ڦاٽڪ لڳ قاضي فضل الله جي ڪچهري، ٿورو هيٺ عبدالفتاح ميمڻ جي ڪچهري، ٽائون ٿاڻي (اڳيون) لڳ تاج محمد ابڙي جي ڪچهري، مارڪيٽ لڳ ميان غلام عباس قادري جي ڪچهري، قافله سراءِ ۾ خان صاحب فقير محمد انڙ جي ڪچهري، اهي ڪچهريون سڀ بلي بلي هيون. پر انهن سڀني مان تاج محمد ابڙي جي ڪچهريءَ جي ڪهڙي ڳالهه ڪري ڪهڙي ڪجي. هن جي ڪچهريءَ جو رنگ ئي پنهنجو هو. هن ڪچهريءَ ۾ مختلف قسمن، طبيعتن، سياسي پارٽين، ادبي گروهن، زميندارن ۽ هارين سان واسطو رکندڙ ۽ مذهبي طبقي سان واسطو رکندڙ ماڻهو ايندا هئا، جن ۾ ڪامريڊ علي محمد عباسي (بيگم اشرف عباسي جو وڏو ڀاءُ)، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، عبدالخالق آزاد (نوابشاهه)، ڪامريڊ عبدالقادر جوڻيجو، مولوي نذير حسين جتوئي، حاجي محمد پيرزادو، ڪامريڊ جمال الدين بخاري، جمال ابڙو، مان ۽ ٻيا ڪيترا حباب شريڪ ٿيندا هئا. هر ماڻهوءَ جو آڌرڀاءُ چانهه سان ٿيندو هو. چانهه جي ديڳڙي هميشه گرم رهندي هئي. تاج محمد ابڙي جو دسترخانو نهايت ئي ڪشادو هوندو هو. سنڌ توڙي پاڪستان جي مختلف حصن مان مختلف قسمن جا ماڻهو وٽس اچي مهمان ٿيندا هئا، جن ۾ وڏو تعداد سياسي ماڻهن جو هوندو هو. شيخ اياز سکر مان جڏهن به ڪنهن ڪيس جي سلسلي ۾ لاڙڪاڻي ايندو هو، ته وٽس اچي مهمان ٿيندو هو. ڀارت مان اتم ۽ سندري اتمچنداڻي جڏهن لاڙڪاڻي آيا، ته تاج محمد ابڙي انهن جي دعوت ۽ ميزباني ڪئي. سياست تاج محمد ابڙي جي رڳ رڳ ۾ سمايل هئي. هُو سوشلزم ۽ ڪميونزم سان ڪميٽڊ (Committed) هو. جيئن ته لاڙڪاڻي ۾ ڪوبه ڪارخانو ۽ فيڪٽري ڪانه هئي، تنهنڪري هتي مزدور طبقو ڪونه هو. هن سنڌ جي وڌ ۾ وڌ ڏتڙيل ۽ پٺتي پيل طبقي هارين لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. هارين جي بيداريءَ جي ڪم جي شروعات ڪجهه سال اڳ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ڪري چڪو هو. تاج محمد ابڙو، مولوي نذير حسين جتوئي، عبدالواحد سومرو (رتيديري وارو)، ڪامريڊ علي محمد عباسي، عبدالخالق آزاد (نوابشاهه)، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، قاضي فيض محمد، شمس الدين شاهه وڪيل (سکر)، ڪامريڊ عبدالقادر جوڻيجو (ڌامراه) ۽ ٻين ڪيترن دوستن ”هاري پارٽيءَ“ جي نالي تنظيم قائم ڪئي ۽ هارين جي بهبود لاءِ ڪم شروع ڪيو. لاڙڪاڻي ۾ تاج محمد ابڙي ان ڏس ۾ پاڻ چڱو موکيو. هڪ ڀيري مشهور ڪميونسٽ ليڊر ۽ شاعر ناصر زيدي، تاج محمد ابڙي وٽ لاڙڪاڻي اچي نڪتو. ايوب جو آمر شاهي دؤر هو. هن جي پٺيان سي.آءِ.ڊيءَ وارا لڳل هئا. تاج محمد ابڙي جي اوطاق عام ماڻهن لاءِ کليل هوندي هئي. خطرو اهو هو ته سي.آءِ.ڊيءَ وارن کي سندس لاڙڪاڻي ۾ آمد جو پتو نه پوي ۽ کيس گرفتار نه ڪري وڃن، ان ڪري هن کي تاج محمد ابڙي منهنجي اوطاق ۾ رهايو، جتي هڪ اڌ ڏينهن رهي، هو خير سلامتيءَ سان روانو ٿي ويو. ڪجهه وقت کان پوءِ کيس گرفتار ڪري لاهور جي قلعي ۾ بند ڪيو ويو، جتي مٿس گهڻيون سختيون ڪيون ويون ۽ هُو مري ويو. تاج محمد ابڙي کي ڪتابن پڙهڻ ۽ ڪٺي ڪرڻ جو بي انتها گهڻو چاهه هو. هو زياده تر سياسي، بايوگرافي (سوانح حيات) ۽ تاريخي ڪتاب پڙهندو هو. سواءِ ڪنهن اعتماد واري دوست جي، ٻئي کي ڪتاب نه ڏيندو هو. مون کانئس جو ڪتاب گهريو، سو ڏيندو هو. مون ”ڪنفيشنس آف روسو“، ”تاريخ بلوچستان (هوتورام)“، ”ٿنڪ اينڊ گرو رچ“، ٻيا ڪيترائي ڪتاب سندس لائبريريءَ مان وٺي پڙهيا. هن کي هفتيوار ”ٽائيم“ ۽ رسالي پڙهڻ جو نه صرف شوق هو، پر هو باقاعدگيءَ سان انهن کي سنڀالي رکندو هو ۽ جلدَ چاڙهائي ڇڏيندو هو. جيڪڏهن ڪو پرچو پوسٽ وارا گُم ڪري ڇڏيندا هئا ته پوءِ مان اهو پرچو کيس ڪراچيءَ جي اسٽالن يا فوٽ پاٿن تان هٿ ڪري ڏيندو هوس. تاج محمد ابڙي کي انگريزيءَ ۾ هڪ هفتيوار اخبار View and Review نالي ڪڍڻ جو ڏاڍو شوق هو. هو چوندو هو: ”جيستائين سنڌ جي ماڻهن ۾ سياسي حالتن تي تنقيدي جائزي وارو مواد نه پهچندو، انهن ۾ سياسي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ جي سمجهه نه پيدا ٿيندي.“ تاج محمد ابڙي جا سنڌ، بلوچستان، پنجاب ۽ سرحد جي ڪيترن ئي سياستدانن سان انتهائي گهرا تعلقات هئا، جن سان هن جون شخصي ۽ سياسي ملاقاتون ٿينديون هيون. سنڌ جي سياستدانن ۾ جي ايم سيد، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، محمد امين کوسو، شيخ عبدالمجيد سنڌي، قاضي فيض محمد، غلام محمد لغاري ۽ بي شمار ٻين سان هن جا گهرا تعلقات هئا. لاڙڪاڻي جي سياستدانن مان قاضي فضل الله ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سان نه فقط هن جا گهرا تعلقات هئا، پر اهي ٻئي هن جي سياست ۽ ضلعي جي ماڻهن جي نفسيات جي ڄاڻ سبب ضلعي جي ڪيترن مسئلن بابت هن کان هميشه مشورا وٺندا رهندا هئا. مون کي ياد آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو خاص طرح اليڪشن واري زماني ۾ هن وٽ ايندو هو يا هن کي پاڻ وٽ گهرائيندو هو ۽ ضلعي جي ماڻهن ۽ ضلعي جي وڏيرن بابت جن جو ماڻهن تي اثر هوندو هو، هن سان صلاح مصلحت ڪندو هو. ڀٽو صاحب تاج محمد ابڙي تي ايترو ته مهربان هو، جو هن کي بقا پور واري تڪ مان نه صرف بي ڊي ميمبر چونڊرايائين، پر اتي جو چيئرمين پڻ مقرر ڪيائين. تاج محمد ابڙي کي سنڌي ادب ۽ زبان سان بيحد گهڻي دلچسپي هئي. اسان جڏهن ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت قائم ڪئي ته ڏاڍو خوش ٿيو ۽ اسان سان پيش پيش رهيو. هُو چاهيندو هو ته سنڌي ادب کي پراڻي پيچري تان هٽائي نون ترقي پسند راهن ۽ رستن تي هلائجي. هو سنڌي ادبي سنگت جي ميڙن ۾ پيش ٿيندڙ نئين روشنيءَ واري ادب کان ايترو متاثر ٿيو، جو هن پاڻ لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي شاخ قائم ڪئي. سنگت جو سيڪريٽري پاڻ هو. سنگت جي ميڙن ۾ لاڙڪاڻي جا پراڻا ۽ نوان اديب سڀ شريڪ ٿيندا هئا، جن ۾ حاجي محمود خادم، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ، انيس انصاري، جمال الدين بخاري، جمال ابڙو ۽ مان گهري دلچسپي وٺندا هئاسين. تاج محمد ابڙي جي ڪوششن سان سال ۱۹۵۶ع ۾ لاڙڪاڻي جي تجر باغ ۾ شاهه عبداللطيف جي شاندار ورسي ملهائي وئي. ان وقت عبدالله چنو لاڙڪاڻي جو ڪليڪٽر هو. هن کي شاهه جي ڪلام سان گهڻي دلچسپي هئي. ان ڪري صدارت ان کان ڪرائي وئي. ورسيءَ جي خرچ جو بار سڄو تاج محمد ابڙي برداشت ڪيو. جيتوڻيڪ ورسيءَ جو سمورو بندوبست هُن پنهنجي هڙون توڙي وڙون ڪيو، پر جيڪي دعوت ناما جاري ڪيا ويا، اهي منهنجي نالي سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت جي حيثيت سان ويا. ورسي نهايت ڪامياب رهي. مان سمجهان ٿو ته لاڙڪاڻي جي تاريخ ۾ ڀٽائيءَ جي اهڙي شاندار ورسي اڳ ڪڏهن نه ٿي هئي. تاج محمد ابڙي کي ۱۹۷۰ع ڌاران نوڪري ڪرڻ جو خيال پيدا ٿيو. سڀني دوستن ان ڳالهه جي مخالفت ڪئي، مگر هُو پنهنجي ڳالهه تي قائم رهيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي زور ۽ اسرار تي هو ۱۹۷۲ع ۾ سيشن جج مقرر ٿيو. نوڪريءَ واري زماني ۾ به هو ساڳيو يار ويس ۽ مهمان نواز رهيو ۽ سندس اهي ئي ڪچهريون رهيون. سال ۱۹۸۵ع ۾ نوڪريءَ تان رٽائر ٿي لاڙڪاڻي آيو، ته بلڪل کيسين خالي آيو. اهڙي سادي، ايماندار ۽ هيري جهڙي ماڻهوءَ وٽ پئسي جو ڪٺو ٿيڻ ڏکيو هو. هُو جڏهن لاڙڪاڻي واپس آيو ته پاڻ سان دل جو مرض به کڻي آيو. ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع تي ڪارڊيو ويسڪيولر اسپتال ڪراچيءَ ۾ سندس انتقال ٿيو ۽ اسان کان هميشه هميشه لاءِ دور ٿي ويو ۽ اڪيلو ڪري ويو. هن جي وفات سان لاڙڪاڻي ۾ ڪچهرين جو دؤر ختم ٿي ويو، ڄڻ هي آخري ڏئيو هو، جو گُل ٿي ويو. ** (هلال پاڪستان، بختاور، برسات، عوامي آواز، عبرت، سنڌو، جاڳو، آفتاب، پُڪار، مهراڻ ۽ الوحيد) مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو منهنجو دوست ڪامريڊ روچي رام ڪامريڊ تاج محمد تاج محمد ابڙو سياست صحافت ۽ ادب جو هڪ جاکوڙي ڪردار هو پر زاتي طور جنهن کي تاج محمد جي محبت جي سِکِ لڳل هوندي سو کيس کيس ڪنهن به صورت ۾ وساري ڪين سگهندو. هو منهنجو پيارو دوست محسن ۽ استاد هو. اها شمع ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ تي اُجهامي ويئي پر منهنجي دل ۽ دماغ ۾ انجي جوت اڃان تائين روشن آهي. تاج محمد ابڙو جي قابليت مطالع عمل جي صلاحيت مهمانوازي ۽ پيار هر وقت هر دور ۾ مقدر رهندي آئي آهي. ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي چوندو هو ته تاج محمد ابڙو بذات خود هڪڙي انجمن هو ان وٽ سياسي، ليڊرن روپوش ڪارڪنن ۽ اديبن جي هميشه امدرفت رهندي هئي سنڌ جي چوٽي جي سياست دانن ورڪرن ۽ اديبن جو مرڪز ڪامريڊ تاج محمد جي اوطاق هوندي هئي جيڪا سندس آفيس ۽ ميل ميلاپ، سياسي عمل ۽ گفتگو جو مرڪز به هئي جنهن جو سمورو خرچ تاج محمد ابڙو زاتي طور ڀريندو هو. مون ۱۹۵۲ع ۾ ايل ايل بي پاس ڪئي هئي ۽ حيدرآباد ۾ ديوان ڌرمداس مولچند هيراننداڻي سينئر وڪيل جي فورم ۾ جونيئر وڪيل طور شامل ٿيو هوس. ان وقت وڪيلن جي پيشي ۾ هڪ نئون نمونو شروع ٿيو هو. رجسٽريشن ۽ ڪسٽوڊين جا کاتا کوليا ويا هئا جتي گهڻو ڪري هندوستان مان لڏي آيل مسلمان آفيسر رکيا هئا جيڪي هتان سنڌ مان نه لڏي ويندڙ هندوئن کي تنگ ڪندا هئا جيڪو هندو لڏي ويا هئا تن تي به هتي سنڌ ۾ ڪو ڪيس نه هلي سگهندو هو پر هتي ويٺلن پاڪستان جي شهري ٿيلن کي به تنگ ڪندا هئا ته توهان لڏي ويا هئا وري آيا آهيو انهن جا ڪيئي ڪيس ديوان ڌرمداس وڪيل وٽ هئا. اهڙن ڪيسن ۾ هو مونکي لاڙڪاڻي ڪسٽوڊين جي ڪورٽ ۾ موڪليندو هو اتي ان دور ۾ لاڙڪاڻي جو ڀلوڙ وڪيل ڪٽپر صاحب هو جو مونکي پنهنجي اوطاق ۾ رهائيندو هو اها اوطاق سندس آفيس به هئي ۽ مهمانوازي ڪرڻ جي جڳهه به. لاڙڪاڻي ۾ وڪيلن جي آفيس جي خاص خصوصيت هوندي هئي ته اها آفيس به هئي، اوطاق به ۽ مهمانوازي ڪرڻ جي جڳهه به ائين هڪ آفيس اوطاق تاج محمد ابڙي صاحب جي به هئي اهو وڪيل جي اوطاق جو رواج اسان وٽ حيدرآباد، ڪراچي ۽ ميرپورخاص ۾ ڪين هو. ۱۹۷۲ع ڌاري جڏهن تاج محمد ابڙو صاحب سيشن جج مقرر ٿيو ته شايد پهرين نوڪري حيدرآباد کان شروع ڪيائين اسان وٽ ميرپورخاص بار روم ۾ اها ڳالهه هلي ته تاج محمد ابڙو صاحب وڏي شخصيت آهي اها نوڪري نه وٺڻ کپيس ها. تاج محمد ابڙو صاحب جي آفيس جيڪا اوطاق وانگيان هئي جيڪا سندس سموري مشغولين جو مرڪز هئي اتي سنڌ دوست وڪيل ڪيسن وارا اسير سياستدان ۽ سياسي ورڪر ۽ ڪامورا ۽ سندس لاڳاپيل شخص گڏبا هئا ڪچهريون ٿينديون هيون جنهن جو زڪر مختلف دوستن پنهنجي لکڻين ۾ ڪيو آهي اهو ڏيکاري ٿو ته لاڙڪاڻي جو وڪيل ۽ سياستدان باقي سنڌ جي شهرن جي وڪيلن کان مختلف ۽ الگ هو. تاج محمد ابڙو کي سندس ڪرم فرمائن زور ڏئي جج ٿيڻ تي مجبور ڪيو ۽ هو سڌو سيشن جج ٿيو پنهنجي پهرين مقرري جي دور ۾ هو حيدرآباد مان پنهنجي موٽر ۾ چڙهي مون وٽ ميرپورخاص آيو جو عمل هڪ سيشن جج لاءِ عام نه هو هو ته وڪيل جي گهر وڃي تاج محمد ابڙو جي اها خصوصيت هئي ۽ ان جي ذهن ۾ اهو ڊپ بنجيو ڪين هو ته ان جي هن عمل تي ڪو اعتراض ٿيندو هو سنگت ۽ دوستي ۽ ذاتي تعلق کي پروٽوڪول کان مٿانهون سمجهندو هو. سيشن جج تاج محمد ابڙو ساڳيو ئي ڪامريڊ دوست ۽ سياسي ساٿي هو. ايئن هو پنهنجي سڀني لاڳاپن ۽ دوستن سان تعلق قائم رکندو آيو انهيءَ ڳالهه کان انڪار ڪونهي تنهن جي انهي عمل تي ڪنهن به ڪا ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ جي همت نه ٿيندي هئي. جڏهن ڪو دوست ڪنهن غلط فهمي سبب ناراض ٿيندو هو ته انهيءَ کي پاڻ لنگهي وڃي پرچائيندو هو. ايتري غير معمولي زندگي جي تجربن کان پوءِ به هو حياتي کي سونهن ۽ سوڀيا جو ويس سمجهندو هو ڪنهن ماڻهو سان شڪايت نه هوندي هئي هو هر ماڻهو کي سونهن ۽ ديا وارو سمجهي پيار ڪندو هو. هن ڪڏهن به ڪنهن سان شڪايت نه ڪئي هن زاتي طرح ايمانداري سان گڏ سچائي، سبتازي، سپتائي ۽ سٺائي سان پنهنجي جيئڻ جي ڍنگ سان شامل ڪري پاڻ کي مثالي بنايو. منهنجو ساٿ سدائين سندس مشغولين سان رهيو. تاج محمد ابڙو سچو سوشلسٽ ۽ سنڌ پرست هو. هن جو ڪردار هڪ مثالي ڪردار هو. هن جي هڪ جج طور حيثيت به Up to the Mark هئي هن جا فيصلا انصاف جي معيار تي پورا لهندا هئا. تاج محمد جي ڪيل فيصلن جي ايپيليٽ ڪورٽن به سدائين قبوليت ڪئي ۽ ڪي به ريمارڪ نه ڏنا هئا هن جي انصاف ۽ عدل ۾ يقينن ساراهه جوڳو آهي. اسانجو دوست تاج محمد ابڙو هڪ سخي مرد، وطن دوست اوطاق هلائيندڙ مهمانواز، پڙهڻ لکڻ ۽ ڪتابن جي شوقين، قلم جي اهميت سمجهڻ وارو، روشن خيال پڙهيو لکيو وڪيل ۽ هڪ انصاف پسند جج هو. (ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۰ مارچ ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)