بانگِ درا کی نظم ”دُعا“ علامہ اقبال نے اُس دور میں کہی جب ایران اور ترکی مصیبتوں کا شکار تھے اور دوسرے مُلک نصاریٰ سے ساز باز کر رہے تھے۔
بالِ جبریل کی نظم دُعا علامہ اقبال نے مسجدِ قُرطبہ میں بیٹھ کر لکھی۔ اِس خوبصورت اور پُر تاثیر نظم کا ہر شعر سوز و گُداز میں ڈوبا ہوا ہے۔
نظم ”طارق کی دُعا“ میں علامہ اقبال نے طارق بن زیاد کے اُن جذبات کی عکاسی کی ہے جو آغازِ جنگ سے پہلے اُس مردِ مومن کے دِل میں موجزن ہوئے ہوں۔
*رمضان کے پہلے عشرے کی دُعا* *رَبِّ اغْفِرْ وَارْحَمْ وَاَنْتَ خَیْرُ الرَّاحِمِیْنَ* *اے ہمارے رب مجھے بخش دے،* *مجھ پر رحم فرما تو سب سے بہتر رحم فرمانے والا ہے* *💜🌸*
#hadees #hadith #tawbah #gunah #muslim #rasul #dua #zikr #allah
اسم اعظم کا روحانی دم، شفائیہ دُعا اور حلقہ کشف المحجوب Ism e Azam Ka Dum, Shifaya Dua Aur Halqa Kashful Mahjoob 📌عبقری ہجویری محل ایڈریس! لاہور شیخوپورہ روڈ پر قلعہ ستا ر شاہ سٹا پ ہے۔ قلعہ ستا ر شاہ سٹا پ پر ایک روڈ ’’گالو پنڈ‘‘ کی طرف جاتی ہے۔اس روڈ کو ’’عبقری ہجویری محل روڈ‘‘ اور گالو پنڈ روڈ بھی کہتے ہیں ۔پانچ کلو میٹر اس روڈ پر سفر کرنے کے بعد آپ کے دائیں طرف ’’جامع مسجد بہار محمد ‘‘ آئے گی ۔اس سے تھوڑا سا آگے دائیں طرف عبقری ہجویری محل ہے۔ 📌گوگل میپ پر جا کر سرچ میں’’Ubqari Hajver
انبیاء اور اولیاءکے وسیلہ سے دُعا مانگنا!- مولانا الیاس گھمن بیانThis video is about "Ambiya Or Oliya Kay Waseela Se Dua Mangna - Molana Ilyas Ghuman Bayan"....
عجیب دُعا - مولانا الیاس گھمن ب"This video is about "Ajeeb Dua by Molana Ilyas Ghuman".Watch full video and Subscribe our Din E Haq YouTube Channel:https://w...
دکھ اور تکلیف کی اس گھڑی میں ہم اپنے بہادر پولیس نوجوانوں کے ساتھ کھڑے ہے۔ سابق وزیراعلی محمود خان کا صوبائی وزراء بشمول تیمورجھگڑا، کامران بنگش اور شوکت یوسفزئی کے ہمراہ لیڈی ریڈنگ ہسپتال پشاور کا دورہ، زخمیوں کی عیادت کی اور جلد صحت یابی کی دُعا کی۔
Dua Ki Qabuliyat - by Qibla Syed Sarfraz Ahmad Shah Sahab دُعا کی قبولیت - قبلہ سید سرفراز احمد شاہ صاحب #sarfrazshah #syedsarfrazshah #syedsarfraz #syedsarfrazahmedshah #sufism #islam #LoheFaqeer #KahayFaqeer #sufi #Rohaaniyat #subscribe #pakistan #unitedstates #dubai #canada #uk #india #bangladesh #rumi #youtube #facebook #love #allah #spirituality #spiritual #sufipoetry #islamicquotes #islamic #madina #sunni
ماہِ رجب المرجب! 💛🌺 یوں تو ماہِ رجب میں کسی دن بھی روزہ رکھنے کی بہت فضیلت و ثواب ہے، لیکن بالخصوص پہلی رجب، تیرہ، چودہ، پندرہ رجب، ستائیس رجب اور ماہِ رجب کی آخری تاریخ کو روزہ رکھنے کی بہت فضیلت بیان ہوئی ہے۔ التماسِ دُعا - سائرہ سید #Rajab #رجب #IslamicMonth #Shia #ShiaIslam #Islam #Azadari #Hussaini #Azadar #ShiaMultimediaTeam #SMT #ShiaMultimedia #CEO #Founder #SyedIktishaf #HeadAdmin #SairaSyed
#Quran #Dailyhadithsms #Hadith #Islam سورة بنى اسرائیل ٨٠ وَ قُلۡ رَّبِّ اَدۡخِلۡنِیۡ مُدۡخَلَ صِدۡقٍ وَّ اَخۡرِجۡنِیۡ مُخۡرَجَ صِدۡقٍ وَّ اجۡعَلۡ لِّیۡ مِنۡ لَّدُنۡکَ سُلۡطٰنًا نَّصِیۡرًا. And say, "My Lord, cause me to enter a sound entrance and to exit a sound exit (in this world and Hereafter) and grant me from Yourself a supporting authority." [17. Surah Bani Israel: 80] سورة بنی اسرائیل 80 اور آپ دُعا کریں کہ اے میرے رب ! مجھے (دنیا و آخرت میں جس جگہ بھی داخل کرے) سچائی کے ساتھ (اچھے طریقے سے) داخل کرنا اور مجھے سچائی کے ساتھ نکالنا اور اپنے پاس سے ایک غلبے کو میرا مددگار بنا۔ Surah Bani Israel: 80 Aur Aap dua karain k Ay Mere Rabb! Mujhay (dunya-o-aakhrat main jis jagah bhi daakhil kary) sachai k sath (achay tareeqay say) daakhil kerna aur Mujhay sachai k sath nikalna aur Ap
محمد حسين قادري گرڌاري، ويساهه گهاتِي ڪري وئين ياسرقاضي ”قاضِي صاحبَ! مان اسٽُوڊيو نمبر ٽُو ۾ توهان جو انتظار ٿو ڪيان... اوهان واندا ٿي مُون کي اُتئُون سَڏي وٺجو ته پوءِ چانهه گڏُ ٿا پيئيُون...“ مُنهنجي ڪنن ۾ اڄُ به سندس اهي جُملا، اُن جي ادا ڪيل اُن ئي مخصُوص پنهنجائپَ واري انداز ۾ گُونجن ٿا، جيئن هُو چوندو هو... ۽ ريڊئي حيدرآباد جي ڪاريڊور جي مخصُوص ”رِوَرب“ Reverb ۾ سندس آواز جيئن گُونجندو هو، اُهو رسُ سڄي عُمر مُنهنجيُن سماعتُن ۾ رهندو... زمانو هو ۱۹۹۶ع جو... اڄ کان ۲۲ سال کن اڳُ... جڏهن مان نئون نئون ريڊئي حيدرآباد تي وڃڻ لڳُس. ريڊئي جي جادُو نگريءَ ۾ آئي مُون کي تڏهن سالُ ئي مسَ ٿيو هو ۽ مُون کي محترمه بينظير ڀُٽو پاران لاڙڪاڻي ۾ قائم ڪيل نئين ريڊيو اسٽيشن تي ۱۶ سالن جي عُمر ۾ ڳڀرُو ڪمپئر طور ”ايپرُوو“ ڪرڻ کان ڪجهه مهينا پوءِ ئي، خواجه امداد علي (جيڪو ريڊئي لاڙڪاڻي جو پهريون اسٽيشن ڊائريڪٽر هو ۽ جنهن مُون کي لاڙڪاڻي ۾ ”ايپرُوو، ڪيو هو)، ”ڪنٽرولر“ طور ترقي ماڻي حيدرآباد ريڊئي جو سربراهه بَڻيو هو ۽ ۱۹۹۶ع ۾ جڏهن مان يُونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيس ته حيدرآباد (خاص طور ريڊئي حيدرآباد) تي اچڻ جو ڄڻ ته ڀرپُور بهانو ملي ويو. ريڊيو ڪراچي ۽ حيدرآباد اُهي اسٽيشنُون هيُون، جِن جي اندر داخل ٿيڻ به اُن دؤرَ جي مُون جهڙن ”نشرياتي رنگرُوٽن“ لاءِ ڪنهن اعليٰ اعزاز کان گهٽ ڪونه هو. اهڙيءَ صُورتحال ۾ جڏهن حيدرآباد، خواجه صاحب سان ملڻ وڃ! بنا ”سرڪاري اين او سِيءَ“ جِي فارملٽِيءَ جَي، پروگرام ڪرڻ جِي آڇ ٿئي... ته اهڙو موقعو ڪير ٿو وڃائي سگهي! اُن دؤر ۾ هُو ريڊئي حيدرآباد تان نشر ٿيندڙ زرعي پروگرام جو انچارج هو ۽ سندس ڪمرو اسٽيشن ڊائريڪٽر جي ڪمري جي سامهُون هو. اُن وقت ريڊئي حيدرآباد تي مُون کي سُڃاڻڻ وارا ڪُل چار ڄڻا هُئا... خواجه صاحب... نصير صاحب (نصير مرزا)... الاهي بخش ٻانڀڻ صاحب... ۽ هي... نصير مرزا صاحب، جيڪو بابا جو دوست هُئڻ ڪري، ڄڻ ته مُنهنجي ڄائي ڄمَ کان سُڃاڻُو هو، اُهو پهرين منزل تي ساڄي هٿ تي آخري ڪمرو الاهي بخش صاحب سان شيئر ڪندو هو ۽ وَٽس بار بار وڃڻ جي ڪري ٻانڀڻ صاحب جي شفقت جو پاڇو به نصيب ٿيو. آءٌ جنهن چوٿين شخصَ جو ذڪر ڪريان پيو، اُهو ڪو ٻيو نه، پر ناميارو اداڪار، صداڪار، مُحمّد حسين قادري آهي... جيڪو اسان کان ڪجهه ڏينهن اڳ ئي، ۶ مئي تي وڇڙيو... رمضان جي آمد واريءَ شام جو... ماڻهُو نه هو... ڀٽائيءَ جي بيت ”ڪنهن ڪنهن ماڻهُوءَ منجهه، اچي بُوءِ بهار جِي...“ جِي سراسر تفسيرَ هو... لاڙڪاڻي ڄائو... ملنسار... کِلمُک... مُون پنهنجي زندگيءَ ۾ کيس ڪڏهن به نه ڪنهن جي گلا ڪندي ڏٺو ۽ ٻُڌو ۽ نه ئي وري ڪڏهن پريشان ڏٺو مانس... سدائين زندهه دليءَ سان ملندڙ... بظاهر مُعمّر نظر ايندَي به نؤجوانن کان وڌيڪَ نؤجوان... اسان جي دُعا سلام جو آغاز به ان کان سال کن اڳ ئي... يعني ۱۹۹۵ع ڌاري ٿيو هو. لاڙڪاڻي ۾ نئين ريڊيو اسٽيشن ٺهڻ جي ڪري جڏهن به پنهنجي جنم ڀوميءَ (لاڙڪاڻي) ايندو هو ته پاڻ لڙي ايندو هو. اُتي ابتدائِي تعارف ۽ مختصر ڪچهريُون ٿيُون... رتيديري ۾ اسان جي پاڙي ۾ سندس مائٽن جو گهر هو، جتي شادي مُراديءَ تي ايندو هو ته مُون کي اطلاع ڪندو هو ۽ پوءِ اهو معمُول بڻجي ويو ته هُو جڏهن به رتيديري اچي ته مُون وٽ ضرُور اچي... ٻه پل مُون سان ۽ بابا سان ڪچهري ڪري... نئون سنئون ٿي چانهه چُڪو پي وڃي. پهريون ڀيرو سياري ۾ مُون وٽ گهر آيو ته اسان گجرن جو حلوو ۽ چانهه جو مزو ورتوسي ۽ اُن کان پوءِ جيترا دفعا سياري ۾ آيو، اُهو گجرن جو حلوو فرمائش ڪري گُهرائيندو ۽ شوقَ سان کائيندو هو. مُون ڳالهه پئي ڪئي... ۱۹۹۶ع جي... ريڊئي حيدرآباد جِي... اِهو اُهو زمانو هو جڏهن حيدرآباد ريڊئي تي اسان سوشيلا مهتاڻي، اُستاد جُمن، مصري خان جمالي، خميسي خان، منظُور علي خان ۽ يُوسف کي ته نه ڏسي سگهياسي، پر وحيد علي، فيروز گُل، جيجي زرينه، سرمد اڃا به ڏٺاسي... اچبو... ته اچڻ ساڻ خواجه صاحب وٽ وڃبو. خواجه صاحب، تڏهوڪي پروگرام مينيجر مُحمّد نقي صاحب مرحُوم سان گهڻو مصرُوف هُجي ته چُپ چاپ سندس ڪمري مان اُٿي وڃي، سامهون قادري صاحب جي ڪمري، جنهن جي ٻاهران ”انچارج، زرعي پروگرام“ جي تختي لڳل هُوندي هُئي، جو پردو هٽائي جهاتي پائبي... اڪثر قادري صاحب پنهنجي سِيٽ تي ويٺل ملندو ۽ اوچتو ڏسي، انوکي انداز ۾ گرمجوشيءَ مان رڙ ڪندو... ”قاضِي صاحب... دي گريٽ...!!!“ مخصُوص انداز ۾ دروازي تائين ايندو ۽ اچي ملندو هو... ۽ پوءِ ”ويٺي جنين وٽ ڏُکندو ڏُور ٿئي...“ جي سراپا تصويرَ بڻجي ويندو هو. ٻن ٽن منٽن کان پوءِ سندس بنا بريڪ گُفتگُوءَ جي وچئُون ”پاز“ (وِٿي) ڳولَي، جي کيس چئبو هو ته ”خواجه صاحب وٽان چورِيءَ کسڪي آيو آهيان...“ ته چوندو هو: ”اڇا! پوءِ توهان وڃو... مان ۳ لڳي تائين هتي آفيس ۾ هُوندُس... پوءِ اوهان کي ۲ نمبر اسٽُوڊيو ۾ ملندُس. اوهان واندا ٿي اچو، ته پوءِ ٻاهر هلي چانهه پيئنداسُون.“ اهو سلسلو اڪيچار مُلاقاتُن تي مُحيط رهيو ۽ تڏهن وڌي ويو، جڏهن ۲۰۰۲ع ۾ ”ڪي ٽي اين“ جو آغاز ٿيو ۽ قادري صاحب به ڪي ٽي اين ابتدائي ڊرامن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيا. پاڪستان ٽيليويزن جي اهم ۽ انوکي اداڪار جي حيثيت سان ته سندس سُڃاڻَ جهرَ جهنگ ۾ تڏهن به مشهُور هُئي.آءِ آءِ چُندريگر روڊ تي، ”خيرآباد ڪيفي“ جي ڀر ۾ بمبئي هوٽل بلڊنگ (جيڪا هاڻي ڊَهي چُڪي آهي) جي اڍائي ڪمرن واري ”ڪي ٽِي اين“ جي ابتدائي آفيس جي سوڙهي ڪوريڊور ۾ (جنهن ۾هڪڙي ڀت سان ٽيڪ ڏئي هڪڙو ماڻهُو بيهي ۽ ٻئي ڀت سان ٽيڪ ڏئي ٻيو ماڻهُو... تڏهن به وچان ٽئين ماڻهُوءَ جو گذرڻ مُشڪل ٿي پوندو هو...) اُن ڪاريڊور ۾ قادري صاحب سان ڏنل مختصر ٽهڪن کان وٺي شُوٽنگ جي لوڪيشنز تي ڪيل طويل ترين ڪچهريُون، بحثَ ۽ وڏا وڏا ٽهڪ اڻ وسرندڙ آهن. مان انهن ڏينهن ۾ ”محفل“ پروگرام جي ميزباني ڪندو هُئس، جنهن جي شُوٽنگ انهن ئي لوڪيشنز تي ٿيندي هُئي، جن تي ”ڪي ٽي اين“ جي ڊرامن جي شُوٽنگ هلندڙ هُوندي هُئي، تنهنڪري مُنهنجن اڪثر پروگرامن ۾ حاضرين طور انهن ڊرامن جي ڪاسٽ به ويٺل هُوندي هُئي. مُون کي ياد آهي ته قادري صاحب به مُنهنجي ”محفل“ جي ڪيترن ئي پروگرامن ۾ سڄي سڄِي رات ”آڊيَنس“ ۾ ويٺل هُوندو هو. اُنهن ڏينهن ۾ انور سولنگي صاحب پنهنجو ئي لکيل هڪ ”سولو پلي“ ڪي ٽي اين لاءِ ڊائريڪٽ ڪيو هو، جنهن ۾ ٻن مُک دوستن جا مرڪزي ڪردارَ، پاڻ انور سولنگي صاحبَ ۽ حُسين قادري صاحب نڀايا، جيڪي ٻن هندُو دوستن جا ڪردار هُئا... مُون کي ڊرامي جو نالو ته ياد ڪونه ٿو اچي، پر اُن ۾ انور سولنگي صاحب جي ڪريڪٽر جو نالو ”گرڌارِي“ هو. ڊرامي ۾ هڪ جاءِ تي قادري صاحب جو ڊائلاگ هو: ”گرڌاري! ويساهه گهاتِي ڪري وئين...“ اُهو ڊائلاگ، قادري صاحب ايڏو بهترين طريقي سان، پرفارمنس جي اعليٰ انداز ۾، ٿڌو ساهُه ڀري چيو، جو اُن ڏينهن کان پوءِ جڏهن به مان قادري صاحب سان مليُس ته کيس ڀاڪُر پائي، سندس اُهو ڊائلاگ، سندس ئي انداز ۾ چوندو هُئس ته ”گرڌارِي! ويساهه گهاتي ڪري وئين...!“ هُو بظاهر هڪ سڌو، سادو، علم، ادب، فلسفي کان نابلد ماڻهُو لڳندو هو، پر جڏهن تصوّف کان وٺي انساني وجُود جي اسرارن بابت ڳالهائڻ شرُوع ڪندو هو، ته حيران ڪري ڇڏيندو هو. اصل ۾ هُو جيترو ڳُوڙهو هو، اُن جي لَکا عامَ کي ڪونه ڏيندو هو. هُو هر قسم جي نمائش کان بي نياز، غرُور، تڪبُّر ۽ ڪاوڙ کان آجو الله لوڪ هو، جيڪو جڏهن ملندو هو ته ٻِٽا ڀاڪُرَ پائي بيحد خوشيءَ جو اظهار ڪندو هو ۽ اهو چئي شرمندو ڪندو هو ته ”مان توهان جو مدّاح آهيان...” اهو اصل ۾ هُن جو همّت افزائيءَ جو انداز هو، جنهن يقيناً سندس ڪيترن جُونيئرس کي اڳتي وَڌڻ جو موقعو فراهم ڪيو ۽ ٽي. وي. ڊرامن جي سيٽ تي به هن جا جُونيئر ترين اداڪار هُن سان ڪم ڪرڻ ۾ “ڪمفرٽ ايبل“ رهيا. هُو نه فقط ريڊيي جو ڀلو انائُونسر، ٽي ويءَ جو پنهنجي انداز ۽ اسلُوب جو اڪيلو اداڪار هو، بلڪه اسٽيج جو به هڪ برجستو آرٽسٽ هو.۱۹۹۶ع ۾ ريڊيي حيدرآباد جي ۴۲هين سالگرهه جي تقريب ۾ مزرا قليچ بيگ جي ڊرامي ”انڪوائري آفيسر“ کان وٺِي، فيبروري ۲۰۱۸ع ۾ ڪراچيءَ ۾ مُنعقد ڪيل ”سنڌ ٿيئٽر فيسٽيول“ ۾ پيش ڪيل مُحمّد عُثمان ڏيپلائيءَ جي ڊرامي ”سجائِي مُوڙِيءَ“ تائين هُن ڪيترن ئي ڪامياب ٿيئٽرس ۾ نمايان ڪردارَ ادا ڪيا ۽ حاضرين جُون دليُون مَنڊيُون. قادري صاحب ”ڀٽائي آرٽ ڪائُونسل“ جي بينر هيٺ آخري ڪجهه سالن ۾ انتهائي يادگار ٿيئٽرس ۾ انتهائي ڏُکيا ڪردار عُمدگيءَ سان نڀايا. پي ٽي ويءَ کان ڪي ٽي اين ۽ ٻين خانگي چينلن تائين جن جن ڊرامن ۾ هُن پنهنجي اداڪاريءَ جو ڪمال ڪم ڪيو، اُنهن جي هڪ ڊگِهي لسٽ آهي. ڳائبا ڳيچَ ناهن... ڳائبا ڳُڻَ آهن... جيڪي پاڻ قادري صاحب جا ڳايُون پيا... پر اهو ڳُڻن ڳائڻ جو سلسلو وقتي ناهي. مان سمجهان ٿو ته هڪ فنڪار جي طبعي پُڄاڻيءَ کان پوءِ ئي صحيح معنيٰ ۾ اُن جي مڃتا جو دؤر شرُوع ٿئي ٿو ۽ اُن جي زندگيءَ جي ڪُل پورهئي جي نُقطهء اختتام پُڄاڻان ئي اُن جي انداز، مڪتبِ فڪر ۽ اسٽائيل جي حوالي سان مُطالعو به ٿئي ٿو، تبصرو به... ته اُن مان واٽُون به ڳولجن ٿيُون... ۽ مُون کي پڪ آهي ته قادري صاحب جي ڪم جي مڃتا جو آغاز هاڻي ٿيندو. حُسين قادرِي صاحب جي طبعي وڇوڙي جو ڏُک، اظهار کان اؤکو آهي. سندس زندگيءَ سان ڀرپُور ٽهڪن جي سِڪَ، سريرَ ۾ هاڻي هميشه رهڻي آهي. فطرت جي اصُول تحت سندس وڇوڙي کي قبُول ڪرڻ کان سواءِ ٻي ڪا واهه ناهي، نه ته دل چوي ٿي ته جي هُو هڪ لحذي لاءِ به سامهُون اچي وڃي ته کيس آليُن اکين سان اهو ئي جُملو چوندُس، جيڪو ڪڏهن ٽهڪ ڏئي ڀاڪر پائي کيس چوندو هُئس ته: ”گرڌاري! ويساهه گهاتِي ڪري وئين...“ (روزاني ”ڪاوش“ حيدرآباد جي ايڊيٽوريل صفحي تي، اربع، ۸ مئي ۲۰۱۹ع تي شايع ٿيل، نامياري اداڪار ۽ ريڊيو انائُونسر، مُحمّد حُسين قادريءَ جي ياد ۾ لکيل ڪالم ”گرڌاري، ويساهه گهاتِي ڪري وئين.)
خليل مورياڻي نسيم بخاري سنڌ جو ناميارو اديب، محقق ۽ مرتب شڪارپور جو عاشق خليل مورياڻي اڄ صبح پنهنجي گهر مورياڻي محلا شڪارپور ۾ ۷۰ سال ۽ ڪجھ مهينن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو آهي خليل مورياڻي شڪارپور هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جو باني ۽ روح روان هو سندس ترتيب ڏنل ڪتابن ۾ شڪارپور سونهن جو شهر، شڪارپور تاريخ ۽ تحقيق، ڳالهيون نعمت ڀاءُ جون، ڀڳت ڪنورام ۽ موئن جو دڙو شامل آهن شهيد قيوم منگي بابت ڪتاب ڪمپوز ٿي چڪو آهي. خليل مورياڻي انڊيا جي مشهور سنڌي رسالي ''رچنا'' جي خصوصي نمبر ثميرا زرين جو ايڊيٽر به رهي چڪو آهي پاڻ شڪارپور جي شخصيتن جي حوالي سان توڙي شڪارپور بابت ڪيترائي سيمينار به ڪرايائين خليل مورياڻيءَ بابت سنڌ جي نامياري صحافي، ناولسٽ، ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ سنڌيڪار مرحوم آغا سليم چيو هو ته اوهان کي جيڪڏهن شڪارپور سان ملڻو آهي ته اوهان خليل مورياڻيءَ سان ملو. ڪجھ وقت اڳ خليل مورياڻي پنهنجي ڪراچيءَ کان آيل هڪ دوست کي شاهي باغ گهمائڻ ويو هو ته شاهي باغ جي مک دروازي تي ٿاٻڙجڻ سبب ڪري پيو هو جنهن ڪري ڄنگھ ڀڄي پئي هئي پاڻ ڪيتري ئي عرصي کان شگر جو مريض به هو خليل مورياڻي پنهنجي زندگيءَ مان مطمئن هو هن سڄي زندگي شادي نه ڪئي کيس اڪيلائيءَ سان پيار هو. سنڌي ادبي سنگت شاخ شڪارپور جي سيڪريٽري سجاد مهر پاران خليل مورياڻيءَ جي اوچتي وڇوڙي تي ۳ ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي. --- نامياري اديب خليل مورياڻي سوين آلين اکين ۽ سڏڪن سان سوڳوار ماحول ۾ مختيارڪاري قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو جنهن جي جنازي نماز مورياڻي پاڙي ۾ قاري نثار احمد منگي پڙهائي جنازي نماز ۾ سنڌ جي نامور اديبن اسرار علوي، اياز گل، ادل سومرو، ڊاڪٽر عامر عباس سومرو، بدر اڄڻ، ارشاد شيخ (آدرش)، ضياءُ شاھ، عديل مهر، نسيم بخاري، انور سومرو، سجاد مهر، لطف سيال، اسد مڱڻهار، زبير سومرو، حسام ميمڻ، حمير چانڊيو، سلمان سومرو سميت اڳوڻي وائيس چانسلر شيخ اياز يونيورسٽي لطف الله منگي جماعت اسلامي سنڌ جي نائب امير نظام الدين ميمڻ، عبدالحئي مورياڻي، فهد مورياڻي، ڪائونسلر عرفان مورياڻي،جسقم اڳواڻ عبدالسميع بلالي، پروفيسر بدر هڪڙو، ضلعي ڪائونسل ميمبر نادر شاھ، پروفيسر پرڪاش لعل، محمد حسين سومرو پرنسپل حرا اسڪول، پروفيسر آغا سمندر خان، پروفيسر عبدالباقي شيخ، جگن ناٿ لائبريريءَ جي لائبريرين فريد احمد شيخ، پريس ڪلب صدر حاجي رحيم بخش جمالي، زاهد نون، سلطان رند، سوڍو جي، صلاح الدين اوستو، جلال الدين اوستو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. خليل مورياڻي منظور پرواز اسان جو پيارو دوست ۽ سنڌ جو مايه ناز اديب محقق سائين خليل مورياڻي اسان کان ھميشه لاء موڪلائي ويو. ساڻس آخري ملاقات ۽ ڪچھري ۱۴ نومبر خميس ڏينھن سائين ضياء شاھ سان گڏ ٿي. مگرسندس طرفان گروپ ڦوٽوء جي فرمائش پوري نه ٿي سگھي جو اسان ۾ ڦوٽو ڪڍڻ جو افعال ئي ڪونه ھيو۰مان وڏي عرصي کانپوء شايد ساڻس ئي آخري ملاقات لاء آيو ھوس جو پاڻ به فون تي بار بار ملاقات لاء ياد پئي ڪيائين شايد اسان کان جلد ئي موڪلائڻو ھيس. ملاقات دوران فزيوٿراپيءَ واري کي به ڪلاڪ دير سا اچڻ لاء چيائين. ھوھڪ ٻئي پياري دوست ارشاد ڪاغذي جي وڇوڙي کانپوءِ اڪيلو ٿي پيو ھو جيڪو کيس ھر وقت اچي سنڀاليندو ھو ۽ سندس لاء وڏو آٿت ھيو. خليل مورياڻي جو اوچتو وڇوڙو ھند سنڌ ۽ شڪارپور لاء ھڪ وڏو نقصان ۽ خال آھي جيڪو زندگيء ڀر ڀرجي نه سگھندو. خدا پاڪ کيس جنت ۾ جاء ڏيندو ۽ دوستن ۽ پوين کي صبر جي توفيق عطا ڪندو. آمين خليل مورياڻي شڪارپور جو اتهاس وحيدمحسن شڪارپور علم و ادب جي حوالي سان ڏيهان ڏيهه مشهور آهي ۽ اُن مٽيءَ جو ڪمال آهي جنهن پنهنجي خوشبو کي قائم رکيو آهي ۽ هڪ اهڙو تسلسل ڏنو آهي جنهن تي دنيا وارا رشڪ ڪندا رهن ٿا! جيئن سنڌي ٻوليءَ جي نامور ڪهاڻيڪار امر جليل هڪ تحرير ۾ لکيو آهي ته: ”آءٌ شڪارپور ۾ ڇو نه ڄميس“ بهر حال هن مٽيءَ جي محبت جا وڏا وڏا مثال ملن ٿا، جهڙي طرح سامي، غلام علي مسرور بدوي، شيخ اياز، نياز همايوني، ثميره زرين، نقش ناياب منگي، ڊاڪٽر عبدالخالق ”راز“ سومرو، آغا سليم، ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو جن هن ئي مٽيءَ مان جنم ورتو. شڪارپور جي ڇا ڳالهه ڪجي ڪو دؤر هو جڏهن شهر جي چئني طرفن کان خوبصورت باغ هوندا هئا ۽ اُتي فطرت مرڪندي هئي، اهڙي ئي ماحول ۾ هدايت الله مورياڻي جي گهر ۱۸ جنوري ۱۹۴۹ع تي خليل مورياڻي جنم ورتو جنهن جو ڇٺيءَ جو نانءُ خليل الرحمان رکيو ويو اهو ڏينهن شڪارپور جي لاءِ ڀاڳن ڀريو ثابت ٿيو. خليل مورياڻي شروعاتي تعليم جماڻي هال پرائمري اسڪول شڪارپور مان حاصل ڪئي، مئٽرڪ ۱۹۶۵ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور مان حاصل ڪئي، انٽر ۱۹۶۷ع ۾ بي.اي ۱۹۶۹ع ۾ سي.اينڊ ايس ڊگري ڪاليج شڪارپور مان ڪئي. اُن کان پوءِ ايم.اي (پوليٽيڪل سائنس) ۱۹۷۲ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي ۽ ۱۹۷۳ع ڌاري سنڌ سرڪار جي فوڊ ڊپارٽمينٽ ۾ ملازمت اختيار ڪئي. جتان جنوري ۲۰۰۹ع ۾ ڊسٽرڪٽ ڪنٽرولر جي عهدي تان رٽائر ٿيو خليل مورياڻي کي مطالعي جو ذوق اسڪول واري دؤر کان ئي رهيو هن پڙهي پرجهي مضمون لکڻ جي شروعات ڪئي جيڪي مختلف اخبارن ۽ رسالن جي زينت بڻبا رهيا ۽ سندس دلچسپيءَ جا موضوع تاريخ ۽ سنڌي ادب رهيو آهي. هڪ ڳالهه جيڪا خليل مورياڻيءَ کي نمايان ڪري ٿي اُها اهم ڳالهه اها آهي ته هن شڪارپور جي تاريخ تي وڏو ڪم ڪيو آهي ۽ ٻه ڪتاب انهيءَ موضوع تي مرتب ڪيا آهن. اسان جڏهن خليل مورياڻيءَ سان ڪچهري ڪندا آهيون ته شڪارپور جي تاريخ جا ورق کلي پوندا آهن ۽ انهيءَ مهل خليل مورياڻي شڪارپور جو اتهاس لڳندو آهي ۽ سندس گفتگو ۽ چاشني هوندي آهي هڪ تسلسل هوندو آهي. اهڙو اتهاس ٻُڌي تاريخ کي پڙهڻ جو شوق پيدا ٿيندو آهي. خليل مورياڻي شڪارپور سان بي انتها پيار ڪندي تاريخ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ پنهنجن اديب دوستن سان ملي ڪري ۱۹۸۴ع ڌاري شڪارپور هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جو بنياد وڌو ۽ شڪارپور هسٽاريڪل سوسائٽي اڄ به قائم دائم آهي ۽ مان به اُن جو حصو آهيان ورڪر آهيان، ويجهڙ ۾ خليل مورياڻي جي جستجو سان مشاهير شڪارپور ڪانفرنسون ڪوٺايون ويون آهن جنهن سان پڻ شڪارپور جي تاريخ ۽ ادب کي روشناس ڪيو پيو وڃي سندس اها خدمت پڻ قابل داد آهي، خليل مورياڻي هڪ باذوق مرتب آهي ۽ پاڻ بنيادي طور تي مضمون نگار آهي جنهن پنهنجي ڪرت کي قائم رکيو آهي سندس هيٺيان ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. ۱. ”شڪارپور: سونهن جو شهر“ ۱۹۹۶ع ۲. ”شڪارپور: تاريخ ۽ تحقيق“ ۲۰۰۴ع، ۳. ”ڳالهيون نعمت ڀاءُ جون“ ۲۰۱۰ع ، ۴. ”موهن جو دڙو“ ۲۰۱۱ع ، ۵. ”سنڌ جو ڪنور ڀڳت رام“ ۲۰۱۴ع ۶. ”ساهت ۽ ڪلا جي - رچنا ثميره زرين نمبر“ انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي طرفان شايع ڪيو ويو آهي. خليل مورياڻي جا اڻ ڇپيل ڪتاب هن ريت آهن. ۱. ٿر ۾ ڪهڙا ٿاڪ: ٿر جو سفر نامو ۲. صدين جو سرجڻهار ۳. تاج صحرائي فن ۽ شخصيت ۴. سامي سهسين سج. خليل مورياڻي ۱۹۸۴ع ۾ سرهاڻ پبليڪيشن نالي اشاعتي ادارو ڪائم ڪري سنڌ جي ترقي پسند ليکڪ ڪهاڻيڪار گوبند پنجابيءَ جي ڪهاڻين جو مجموعو ”هوءَ موٽي آئي“ شايع ڪيو هو. خليل مورياڻيءَ جي سهيڙيل ڪتابن جو جڏهن مطالعو ڪجي ٿو ته انهيءَ مان هڪ ڳالهه عيان ٿئي ٿي ته سندس ترتيب ۽ چونڊ شاهڪار آهي ۽ هن جي تحريرن ۾ سنڌ؛ شڪارپور، سونهن ۽ تاريخ جا تجلا ڏئي ٿي. خليل مورياڻي اڄ صبح ۲۶ نومبر ۲۰۱۹ ع تي شڪارپور کي الوداع ڪندي پنهنجي گهر مورياڻي محلي ۾ اسان کان ھميشھ لاء وڇڙي ويو سندس وڇوڙي تي سڄي سنڌ جا اديب سوڳوار آهن. خلیل موریانی بھی نہیں رہے علی عابد سومرو میں جب بھی شکارپور جاتا تو لکھیدر گیٹ پرموجود ادیبوں ، شاعروں اور صحافیوں کے ملنے کی جنکشن اسٹیشن۔ انڈس ہوٹل پر چکر ضرور لگاتا ، جہاں پر آدرش، سلمان سومرو، ھمیر چانڈیو اورمحترم خلیل موریانی صاحب بھی اکثر ملا کرتے تھے۔ خلیل موریاںی سے ملاقات ہوتی تو شکارپور کی تاریخ کے کسی نہ کسی پہلو پربات ضرور ہوتی۔۔کبھی وہ شکارپور کے ادب پر کبھی شکاپورکے تعلیمی اداروں پر کبھی اس شہر کی خوبصورتی اور یہاں کے لوگوں کی خوش لباسی پر بات کرتے تو کبھی شاہی باغ اور شیخ ایاز اور ان کی شاعری میں آرائیوں کے ذکر پرمفصل گفتگو کرتے۔۔۔ خلیل موریانی تقسیم ہند سے پہلے کی شکارپور اور یہاں پر ہونے والے عالمی سطح کے کاروبار اور یہاں کے لوگوں کی خوشحال زندگی پر بڑی دیر تک بات کرتے ۔۔ شکارپور میں روایتی تانگہ سواری اور تانگہ بانوں کی خوش گپیوں پر بڑے ہی دلچسپ تبصرے اورسیرحاصل گفتگو کیا کرتے ۔۔۔ان کے منہ سے نکلی ہر بات مصدقہ اورعالمانہ ہوتی تھی ۔۔ خلیل موریانی شکارپور شہرکے چلتی پھرتی انسائکلو پیڈیا کی حیثیت رکھتے تھے ۔۔وہ جہاں پیرس دور کے شکارپور کی خوبصورتیاں بیان کرکے نہیں تھکتے تھے وہیں انہیں شکارپورشہر کے اصل شہریوں کی کراچی اوردیگر ممالک نقل مکانی پربھی بڑا افسوس رہتا تھا ۔۔ وہ کہتے تھے کہ قبائلی لوگوں کی شہرمیں دھڑا دھڑ آبادی جہاں شکارپور شہر کے موجودہ حالت کی ذمہ دار ہے ۔۔وہیں اس شہر کے اصل باسیوں کی اس سے بیوفائی کو اس سے بری الذمہ نہیں کر سکتے ۔۔ خلیل موریانی صاحب کا پہلے لکھیدر پر ہی واقع ماڈرن پرنٹنگ پریس مسکن ہوا کرتی تھی ۔۔جب غلام رسول میمن جو اس وقت اپنی پرنٹنگ پریس سے قربانی اخبار سمیت رسائل اور جرائد نکالا کرتے تھے ۔۔ شکارپور میں ماڈرن پرنٹنگ پریس بھی علمی ادبی لوگوں کے ملنے کا ایک اہم مقام ہوتا تھا ۔۔ مرحوم غلام رسول میمن کے بعد وہ پریس ان کے شاگرد وحید قریشی نے آباد رکھا تھا لیکن پھرانہوں نے بھی اپنا الگ رائل پرنٹنگ پریس کے نام سے الگ پریس قائم کرلیا ۔۔خلیل موریانی سے وحید قریشی کے پریس پر بھی ملاقاتیں ہوتی تھیں ۔۔ شہر میں ادبی کانفرنسز ہوں یا دیگر تقریبات خلیل موریانی ہر جگہ پہنچ جاتے اوراپنے ہونے کا احساس دلاتے۔۔ادبی سنگت کے ہفتہ وار کلاسز ہوں یا شعرا کے ساتھ شامیں۔۔ خلیل موریانی کسی بھی نشست میں غیر حاضر نہیں رہتے تھے۔ میں نے تو ان کو موسیقی کی محفلوں میں بے حد محظوظ ہوتے اور گلوکاروں کو داد دیتے ہوئے بھی دیکھا تھا ۔گویا وہ فنون لطیفہ کی ہر صنف سے بے انتہا محبت کرتے تھے ۔ وہ فنون لطیفہ سے محبت کرنے والا بندہ تھا ، اس لیے تو مزاجاً اتنا ماٹھا ،سنجیدہ اور ملنسار تھا ۔۔خلیل موریانی اپنے اندر ایک الگ دنیا آباد رکھے ہوئے تھے ۔۔ وہ دنیا تھی ان کے خوابوں کی ۔۔ ان کا خواب تھا کہ شکارپور پھر سے پیرس بن جائے۔۔۔یہ شہر پھر سے پڑھے لکھے لوگوں کا شہر ہوجائے ۔۔اس کی سڑکیں پھر سے گلاب کے پانی سی دھوئی جائیں ۔۔۔وہ آرائیں اچانک کہیں سے آجائیں جو شاہی باغ سے پھول توڑکر ٹوکریاں بھربھر کر شہر میں ہردروازے پر پھول پیش کیا کرتے تھے ۔۔ خلیل موریانی شکارپور شہر کی ادبی محفلیں پھر سے آباد دیکھنا چاہتے تھے ، وہ اس شہر کا پھر وہی اوج دیکھنا چاہتے تھے ۔۔لیکن موت نے ان کی یہ مہلت نہیں دی ۔۔اور اچانک ہی خبر آگئی کہ خلیل موریانی اب جہاں میں نہیں رہے ۔۔۔ ہاں خلیل موریانی اس دنیائے فانی میں نہیں رہے مگران کے خیال ان کے خواب یہیں کہیں موجود ہیں ۔۔۔وہ ہمارے ارد گرد ان خیالوں اور خوابوں کی صورت میں موجود ہیں۔۔ہمیں ان کے ان خیالوں اور خوابوں کو تکمیل تک پہنچانے کے لئے ان کے اس سفر کو آگے لیکر چلنا ہوگا ۔۔ہمیں شکارپور کو پھر سے محبتوں اور ادبی سرگرمیوں کا گہوارہ بنانا ہوگا ۔۔ہمیں آنیوالی نسلوں تک خلیل موریانی کا یہ پیغام پہنچانا ہوگا ۔۔۔ خليل مورياڻي سنڌ ۽ هند کان وڇڙي ويل پيارو ماڻهو نسيم بخاري سنڌ ۽ هنڌ کان هڪڙو پيارو اديب خليل مورياڻي هميشه هميشه لاءِ وڇڙي ويو آهي، جنهن جي وڇڙي وڃڻ جو درد سندس خاندان، پاڙي ۽ شهر تائين ئي محدود ناهي پر ان جو دائرو سنڌ ۽ هنڌ تائين پکڙيل آهي. ڇو ته خليل مورياڻي صاحب جو سنڌ ۽ هنڌ جي اديبن سان هڪ ئي وقت هڪ جيترو نه رڳو تعلق هوندو هو پر مسلسل رابطو ۽ واسطو به رهندو هو. خليل مورياڻي پاڻ ته هينئر اسٽورٽ گنج ٿاڻي جي حد اناج منڊيءَ جي سامهون واري قبرستان ۾ مدفون آهي پر هن جون ساروڻيون پنهنجي شهر ۽ پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ جڳن تائين ڳائبيون رهبيون. هن سنڌ جي پراڻي تهذيب موهن جو دڙو جي حوالي سان يادگار مضمونن تي مشتمل هڪ لاجواب ڪتاب ترتيب ڏئي پڙهندڙن کي تاريخي معلومات فراهم ڪئي آهي. خليل مورياڻي صاحب سنڌ جي امر ڪردار ڀڳت ڪنور رام جي حوالي سان لکيل شاندار مضمونن کي سهيڙي ۽ ڪتابي صورت بخشي نئين نسل آڏو ڀڳت ڪنور رام جي عظمت اظهاري آهي. هن گوبند پنجابيءَ جي ڪهاڻين جو ڪتاب به ڇپرايو هو، جنهن جون ڪجھ ڪاپيون مون کي به سوکڙي ڪري ڏنيون هئائين. خليل مورياڻي صاحب شڪارپور هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جو باني ۽ روح روان رهيو، سندس محنتن سان شڪارپور ۾ ادبي سازگار فضائون يقيني بڻيون. دراصل شڪارپور ورهاڱي کان اڳ ايڏو ادبي شوق ۽ ذوق سان ڀرپور رهيو آهي جو ڪوئي چاهي يا نه چاهي، ان ۾ ادبي رجحان پيدا ٿي وڃي ٿو. اهو ئي سبب آهي ته خليل مورياڻي صاحب به ادبي دنيا ۾ پنهنجو نانءُ پيدا ڪيو؛ نه رڳو نانءُ پيدا ڪيو پر گهڻو ڪجھ ڪري به ڏيکاريائين. سندس جنم ۱۸ جنوري ۱۹۴۹ع تي مورياڻي محلا شڪارپور ۾ هدايت الله مورياڻيءَ جي گهر ۾ ٿيو. هدايت الله مورياڻي پنهنجي دور جو معتبر اوستو هو. خليل مورياڻي جنهن گهر ۾ رهندو هو، اهو ننڍڙو ۽ خوبصورت گهر به سندس بابا جي هٿن سان تعمير ٿيل آهي. هي دل سان ماڻهن جا گهر ٺاهيندو هو، جيڪي اڄ به يادگار آهن. هدايت مورياڻي ماڻهن کي اجها آڇيا، خليل مورياڻي وري ماڻهن جي دلين ۾ ادبي احساس جاڳايو ۽ اهو محسوس ڪرايو ته خوراڪ صرف جسم کي نه کپندي آهي پر روح ۽ دل کي به اها درڪار هوندي آهي، جيڪا سٺي صحبت ۽ بهترين مطالعي سان ئي ممڪن هوندي آهي. خليل صاحب جو گهر نه رڳو شڪارپور جي اديبن آرٽسٽن ۽ محققن لاءِ ادبي مرڪز بڻيل هوندو هو پر سنڌ جو يا هنڌ جو ڪو به اديب شڪارپور ايندو هو ته اهو خليل مورياڻي صاحب جو مهمان بڻبو هو ۽ خليل صاحب نه رڳو سٺي ميزبان جا فرض سرانجام ڏيندو پر ٽوئرسٽ گائيڊ بڻجي کيس پنهنجي شهر جا تاريخي ماڳ مڪان به گهمائيندو هو. هو سنڌي ادبي سنگت جو ميمبر هو. ادبي تقريبن ۾ نه رڳو شريڪ ٿيندو هو پر انهن جي اهتمام ۾ به پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪندو هو. خليل مورياڻي صاحب جي اها به خوبي هئي ته پنهنجي شهر کان ٻاهر ٻين ضلعن جي شهرن ۾ ادبي تقريبن ۾ پنهنجي شهر جي اديبن کي به پاڻ سان پنهنجي گاڏيءَ ۾ ساڻ وٺي ويندو هو. هن قرآن پاڪ جي تعليم پنهنجي مورياڻي پاڙي جي ۱۹۵۵ع ۾ عبدالمجيد مورياڻيءَ پاران قائم مدرسي مان قاري نثار احمد صاحب کان حاصل ڪئي. ان مدرسي ۾ علي محمد ڪاڪيپوٽو به ايندو هو، جيڪو جڏهن لاهور اورينٽل ڪاليج ۾ استاد هو ته لاڳيتو ٽي مهينا اردوءَ جي مشهور شاعر علامه اقبال کي فلسفو پڙهايو هئائين ۽ زندگيءَ جي پڇاڙڪي دور ۾ ساڳي مدرسي ۾ ٽي مهينا به گذاريا هئائين. خليل مورياڻيءَ جو ويجهو عزيز بشير مورياڻي سنڌي ٻوليءَ جو مشهور ڪهاڻيڪار ٿي گذريو آهي، جنهن جي ترجمن جا ڪتاب به عاليشان آهن. سندس ڪهاڻين جي مجموعن ۾ نيو فيلڊس پاران ڇپايل ڪتاب ۽ ايڇ آر احمد وارن پاران شايع ٿيل ”اجنبي“ سيني ۾ سانڍڻ جهڙو ڪتاب آهي. هن جو ٻيو به ڪيترو ئي مواد شايع ٿي چڪو آهي. خليل صاحب جي ويجهي مائٽ عبدالحئي مورياڻيءَ جو شڪارپور جي مسجدن جي حوالي سان تازو تحقيقي ڪتاب ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. اهڙي خانداني ادبي پس منظر سان تعلق رکندڙ خليل مورياڻيءَ پرائمريءَ جا پنج درجا جماڻي هال اسڪول ۾ پڙهيا، کيس پهريون ۽ ٻيون درجو نامياري محقق ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي جي والد محمد صديق هڪڙو پڙهايو. خليل مورياڻي صاحب محمد صديق هڪڙو جي آڱر پڪڙي پنهنجي گهر موٽندو هو. محمد صديق صاحب جي لاڏاڻي کان پوءِ به هن جو هٿ ڊاڪٽر انور فگار جي هٿَ ۾ رهيو ۽ ٻنهي جي پاڻ ۾ محبت ۽ عقيدت مورياڻي صاحب جي آخري پساهن تائين برقرار رهي. خليل مورياڻي ميٽرڪ هاءِ اسڪول نمبر ون مان ڪئي. گريجوئيشن سي اينڊ ايس ڪاليج ۽ ايم اي پوليٽيڪل سائنس ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي. شڪارپور سي اينڊ ايس ڪاليج ۾ اسٽوڊنٽس يونين جي حوالي سان به متحرڪ رهيو. خوراڪ کاتي ۾ فوڊ انسپيڪٽر طور نوڪريءَ جو آغاز ڪيائين ۽ ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر تائين ترقي ڪيائين. سندس شڪارپور سان بي انتها محبت هئي. اهو ئي سبب آهي جو پاڻ ناميارن ڪالمنگارن، محققن ۽ ليکڪن جو مواد سهيڙي نه رڳو شڪارپور ”سونهن جو شهر“ ڪتاب ڇپرايائين پر شڪارپور ”تاريخ ۽ تحقيق“ به پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچايائين. ويجهڙ ۾ سنڌ ثقافت کاتي پاران شڪارپور بابت مضمونن تي مشتمل شايع ڪرايل مدد علي سنڌيءَ جي ڪتاب جي حوالي سان به خليل مورياڻي صاحب جو مدد علي سنڌيءَ سان وڏو سهڪار رهيو. هن جو ٿر سان وڏو لڳاءُ هو، ان ڪري ٿر بابت لکيل مضمون ۽ سفرناما سهيڙيا هئائين. هن ڇپائيءَ لاءِ هڪ اداري کي مواد به ڏنو هو پر ڪتاب ڇپجي نه سگهيو آهي. شڪارپور جي صوفي منش سياسي شخصيت قيوم منگيءَ بابت به مختلف وقتن تي شايع ٿيل مضمون گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ آڻڻ پئي چاهيائين. هن اهو مواد ڪمپوز به ڪرائي ڇڏيو هو، پر ان ڪتاب جي ڇپائي سندس حياتيءَ ۾ ٿي نه سگهي. هن شڪارپور جي شخصيتن بابت به هڪ ڪتاب مرتب ڪري ڇپائڻ پئي چاهيو ۽ مواد به گڏ ڪري ڇڏيو هئائين. شڪارپور شهر بابت به لکيل تحريرون ڪتابي صورت ۾ آڻڻ پئي گهريائين پر بي رحم موت کيس اها مهلت نه ڏني. عام طور تي ماڻهو مرڻ کان پوءِ رڳو چند ڏينهن تائين ئي ساريو ويندو آهي پر خليل مورياڻيءَ جون ادبي خدمتون کيس گهڻي وقت تائين زنده ۽ جاويد رکنديون. خليل مورياڻي جي جنازي ۾ رڳو شهر جا ماڻهو پلٽجي نه پهتا هئا پر جتي جتي به ۽ جنهن جنهن کي به ان جي لاڏاڻي جي خبر پئي هئي. اهو اتان هلي هن جي آخري ديدار پسڻ لاءِ پهتو هو. ماڻهن جي هن سان اها محبت اسان لاءِ اهو پيغام ڏئي وئي آهي ته اسان به پنهنجي زندگي اهڙي نموني سان گذاريون جو اسان پڄاڻان ڪو اسان کي محبت سان ياد ڪرڻ لڳي. خليل مورياڻي صاحب جو مون سان تمام گهڻو پنهنجائپ وارو تعلق هو. هن جي هر روز صبح جو جيئن اک کلندي هئي، تيئن هن جو آڱريون جيڪو پهريون نمبر ڊائل ڪنديون هيون سو منهنجو هوندو هو. هن منهنجي ڪتاب ”جاگيرداراڻي جبر هيٺ“ جو نه رڳو شاهڪار مهاڳ لکيو پر منهنجي اسرار تي منهنجي ايڊيٽرشپ هيٺ شايع ٿيندڙ ماهوار ”وک“ شڪارپور جي لاءِ هندستان جي سفرنامي لکڻ جي شروعات به ڪئي، جنهن جي پهرين قسط مون پنهنجي رسالي ۾ شايع به ڪئي هئي، ان کان پوءِ اڳتي لکي نه سگهيو. خليل مورياڻي صاحب کي شگر جي بيماري هئي پر کيس شگر ايتري تڪليف نه ڏني جيتري پريشاني سندس ڄنگھ ڀڃڻ جي ڪري ڏسڻي پئي. هو پنهنجي هڪ ڪراچيءَ مان آيل دوست کي شاهي باغ گهمائڻ ويو هو ته شاهي باغ جي مک دروازي وٽ پير ٿاٻڙجڻ وارو واقعو پيش آيو، جنهن کان پوءِ ڪيترائي ڏينهن پاڻ سکر جي حرا اسپتال ۾ داخل هئا. شڪارپور ۾ ڪافي عرصو پنهنجي گهر ۾ بستري تائين محدود رهيا. بعد ۾ صحت ۾ ڪافي بهتري آئي، شهر ۾ ٻاهر چڪر لڳائڻ لاءِ به نڪرندا هئا. هن جي گهر اڪثر ادبي دوستن جي اچ وڃ سندس آخري ڏينهن تائين برقرار رهي. ۲۶ نومبر جو سج جيئن ئي اڀريو ته اهو ننڊ ستل خليل مورياڻي صاحب لاءِ ابدي آرام جو اطلاع کڻي آيو. اهو اطلاع رڳو عام اطلاع نه هو پر ان اطلاع سبب ادبي، صحافتي ۽ شهري سڄاڻ حلقن جي هانءُ ۾ هٿ پيا هئا، دلين تي سوڳ جي موسم طاري ٿي وئي هئي. ڇو ته هاڻ خليل مورياڻي صاحب هن فاني دنيا مان هليو ويو هو. خليل مورياڻيءَ جي لاڏاڻي واري خبر جيئن ئي پهتي، تيئن ئي مورياڻي محلي ۾ سندس رهائشگاھ تي پرستارن جي اچ وڃ شروع ٿي وئي. هن جي جنازي کان تدفين تائين سندس برادريءَ جي ماڻهن کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ شهر جا ٻيا ماڻهو متحرڪ به ٺاهيا. مقصود ميراڻي هجي يا ميراڻي برادريءَ جا نوجوان، آزاد جوکيو هجي يا وقار سومرو، ڪنهن ڪنهن جي ڳالھ ڪجي، مورياڻي محلي کان نئين مقام تائين وارو پنڌ چڱو خاصو پنڌ آهي. ان سفر دوران ميت کي ڪنڌي ڏيندڙن جي محبت ڏسڻ وٽان هئي. هر ڪنهن ڪلهي ڪانڌي ٿيڻ جو اعزاز ماڻڻ پئي چاهيو. اها ايڏي وڏي عوامي محبت ۽ ادبي خراج هر ڪنهن جي حصي ۾ ناهي ايندو. مورياڻي صاحب جي تڏي کڻڻ کان نئين مقام تي سندس مزار تي اديبن پاران سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت شاخ شڪارپور سجاد مهر جي اڳواڻيءَ ۾ حاضري ۽ گلن جي چادر چاڙهي قل پڙهي دعا بخشڻ تائين هر لمحو پنهنجي اندر لطيف سرڪار جي ان بيت کي جيئاري رهيو هو ته، ماڻهو سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنج ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجھ اچي بوءِ بهار جي خليل مورياڻيءَ جو موت اسان کي اهو احساس ڏياري ويو آهي ته مرڻو ته هر ڪنهن کي آهي پر موت کي جيڪڏهن مات ڏيڻي آهي ته زندگي ائين گذارجي جيئن خليل صاحب گهاري ويو آهي. خليل مورياڻي تعزيتي گڏجاڻي ۲۸ نومبر ۲۰۱۹ ع خميس ڏينهن سانجھ ڌاري نامياري اديب خليل مورياڻي جي مرتيي تي سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪراچي جي گڏجاڻي آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ گل رنگ جي آڳنڌ تي مظفر ميمڻ جي صدارت ۾ ٿي. گڏجاڻي جي ڪارروائي سيڪريٽري باري منگي ھلائي ان ڳالھائيندي چيو ته خليل مورياڻي سنڌ جو ڏاھو اديب ھو ان جون ادبي خدمتون قابل داد آهن ۽ خاص ڪري شڪارپور جي تاريخ تي جيڪي ھن ڪتاب مرتب ڪيا اھي ھن وقت اھي حوالي طور ڳڻجن ٿا ۽ ھو ترقي پسند اديب ھو سندس ڪاوشون بھترين ۽ شخصيت مثالي ھئي. وحيدمحسن پيپر پڙھندي چيو ته شڪارپور علم و ادب جي حوالي سان ڏيھان ڏيھ مشهور آهي انھيءَ مٽيءَ جو ڪمال آهي جنهن تي دنيا وارا رشڪ ڪندا رھن ٿا! خليل مورياڻي جي ھڪ مرتب طور چونڊ لاجواب ھوندي ھئي ان جا ڪتاب پنهنجي موضوع جي حوالي سان سھڻا ڪتاب آهن. پنج ڪتاب ۽ ماھوار رچنا جو خاص نمبر جنهن کي مرتب ڪيائين ”ساھت ۽ ڪلا جي رچنا ثميرا زرين نمبر“ قابل ذڪر آهن. شھيد قيوم منگي جي شخصيت تي ڪتاب ڪمپوز ٿيل موجود آهي ۽ چار ڪتاب اڻ ڇپيل موجود آهن - ادب ۽ شڪارپور جو عاشق ھو سندس گهر ۾ موجود خوبصورت لائبريري ان جي وابستگيء جو شاھڪار مثال آهي جنهن ۾ شڪارپور بابت سڀئي ڪتاب موجود آهن ۽ ان جي ڪتابن جي ڪليڪشن لاجواب آهي جنهن مان مون به ڪجهه استفادو ڪيو ھو، خليل مورياڻي منھنجن ويجهن دوستن مان ھو ڇا ته شخص ھو جڏهن اسان علمي ادبي ڪچھري ڪندا ھئاسين ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ گذري ويندا ھئا ان جو حافظو آخر تائين قائم رهيو ۽ مطالعي جي ڪرت کي به قائم رکيو جنهن جو مثال ورلي ملي ٿو اڄ ان جي مرتيي تي اسان ڏک ۾ ويڙهيل آهيون، س ا س شاخ ڪراچي ان کي ٽربيوٽ ڏيندي گڏجاڻي ترتيب ڏني. عبدالواحد سومري چيو ته خليل مورياڻي تي جيڪو مضمون وحيدمحسن پڙھيو آهي ان جي ادبي خدمتن کي ڏسي اھا ڳالهه ذهن تي لھي اچي ٿي ته ان پنهنجي حياتي ۾ تمام گهڻو ادبي ڪم ڪيو ۽ دوستن جي رھنمائي به ڪئي جيڪا وڏي ڳالهه آهي تاريخ ۽ تھذيب تي سٺو ڪم ڪيو ان جو ڪتاب ”موھن جو دڙو“ به ھڪ مثال ملي ٿو - گڏجاڻي جي صدر مظفر ميمڻ ڳالھائيندي چيو ته سائين خليل مورياڻي جي شخصيت جي وڇوڙي سان گڏ سندس تعارف منهنجي سامهون آيو اھو اسان جي سماج جو وڏو الميو آهي ڪاش سندس حياتيء ۾ اسان سندس تعارف سان ھمڪنار ٿيون ھا، اھا خلش عمر ڀر تائين رھندي - ان جا شڪارپور جي تاريخ تي سھيڙيل ڪتاب پڙهڻ لاء ذھن ۾ خيال ڊوڙن ٿا ۽ رشڪ پيدا ٿئي ٿو. امين جويي ڳالھائيندي چيو ته خليل مورياڻي جي ڪتابن جو ذڪر ٻڌي مون کي پڙهڻ جو عشق جاڳي ٿو ۽ تحقيق تي ڪتاب ھونئن به منهنجي لاء اھم ھوندا آهن. ھن گڏجاڻي ۾ ڊاڪٽر جويريا شيخ، پرويز وسطڙي، اصغر علي، ڊاڪٽر محمد حسن ۽ سليم انور عباسي شرڪت ڪئي. (وحيدمحسن جي وال تان ۲۹ نومبر ۲۰۱۹ع) ڀيٽا پيش رستم ۾ شاعر ۽ محقق جي ياد ۾ تعزيتي گڏجاڻي لکي غلام شاھ (ت ر) رستم ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ رستم پاران نامياري شاعر اديب محقق خليل مورياڻي جي ياد ۾ تعزيتي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، گڏجاڻي جي صدارت وقتي صدر فدا حسين سمون ڪئي، ان موقعي تي يونٽ سيڪريٽري گوهرسنڌي ڪارروائي هلائي، جنهن ۾ غني غمدل، سارنگ لطيف، ميان سعيد سومرو، حاجي عبدالحق سومرو، گوهرسنڌي، عرفان دانش، سهيل سومرو ۽ ٻين ادبي دوست خليل سائين جي زندگي تي روشني وڌي، وقتي صدر فداسمون، گوهر سنڌي ڳالهائيندي چيو ته خليل مورياڻي اسان جو سرمايو هو، هو هڪ بااخلاق شخص هو، جنهن جي اوچتي وڇوڙي جيءَ جهوري وڌو آهي، غني غمدل خليل مورياڻي جي ياد ۾ شاعري ٻڌائي ۽ چيو ته خليل سائين جي وڇوڙي تي ساري سنڌ ڏکاري آهي، خليل مورياڻي جو خال ڀرجڻ مشڪل آهي. آخر ۾ خليل مورياڻي جي مغفرت جي لاء دعا گهري وئي. خليل مورياڻي ھڪ ليکڪ، محقق ۽ تاريخدان فقير محمد سنڌي سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز جي جنم ڀوميءَ جي هڪ لاثاني وارث ۽ سنڌي ادب ۽ ٻولي جي عاشق، ناليواري ليکڪ، محقق ۽ تاريخدان خليل مورياڻيءَ زندگيءَ جون ۷۰ بهارن پوريون ڪري، سنڌ ۽ ادب کان هميشه لاءِ موڪلاڻي ڪئي آهي. خليل مورياڻي، سنڌي ادب جو برجستو نالو رهيو آهي. سندس اصل نالو خليل الرحمان ولد هدايت الله مورياڻي آهي. هن ۱۸ جنوري ۱۹۴۹ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم جماڻي هال پرائمري اسڪول شڪارپور مان ورتائين. ڪنهن ڄاتو ٿي ته اهو ننڍو ٻالڪ، سڀاڻي هڪ جاکوڙي فرد ثابت ٿيندو. خليل مورياڻيءَ جو شعور آهستي آهستي تعليم جي طرف وکون کڻندو رهيو. سال ۱۹۶۵ع ۾، گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور مان مئٽرڪ ڪيائين. سال ۱۹۶۹ع ڌاري، سي اينڊ ايس ڪاليج شڪارپور مان بي اي ڪري، پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ۱۹۷۲ع ۾ ايم اي (پوليٽيڪل سائنس) ۾ ڪيائين. خليل مورياڻي اسڪول جي دور کان نثر ۾ سھڻي اسلوب کي ڄاڻي ورتو هو. خليل مورياڻي، ٽئين اک جي سوجهري سان ڪيترا ئي مضمون لکي، مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ڪرايا. سندس سوچ جو محور ۽ دلچسپي جا موضوع، تاريخ ۽ سنڌي ادب رهيا. ڇو جو محقق، انساني غور ۽ فڪر، دلي امنگن جا ترجمان ئي رهن ٿا. خليل مورياڻيءَ کي ۱۹۷۳ع تي فوڊ کاتي ۾ ملازمت جو موقعو ملي ويو. جنوري ۲۰۰۹ع ۾ ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر جي عهدي تان رٽائر ٿيو. ۱۹۸۴ع کان شڪارپور هسٽاريڪل سوسائٽيءَ لاءِ پنهنجون خدمتون سر انجام ڏنائين. ادب، نالو آهي انسان لاءِ انسان کي تلاش ڪرڻ جو. ادب فن آهي، جنھن جو موضوع زندگي آهي. اهڙن ئي موضوعن کي خليل مورياڻيءَ جهڙا انسان دوست ئي تلاش ڪندا آهن. ۲ مئي ۱۹۸۵ع ۾ شڪارپور سيمينار منعقد ڪرڻ ۾ سندس ڪردار ساراهه جوڳو هو. ڪماري دُرو گرسهاڻي جي چوڻ مطابق ته “هر قوم کي پنھنجي ٻولي ۽ ادب تي فخر هوندو آهي، مون کي پنهنجي قوم، ٻوليءَ ۽ ادب تي فخر آهي. جڏهن مان سنڌين جي ساراهه ٻڌندي آهيان ته منهنجي واتان بي اختيار نڪري ويندو آهي ته مون کي ناز آهي ته مان سنڌياڻي آهيان”. خليل مورياڻي به سڄي زندگي ان سوچ تي عمل ڪيو. خليل مورياڻي جي ڇپيل ڪتابن ۾ هيٺيان ڪتاب اچي وڃن ٿا: شڪارپور سونهن جو شهر، ۱۹۹۶ع، شڪارپور، تاريخ ۽ تحقيق، ۲۰۰۴ع، ڳالهيون نعمت ڀاءُ جون، نعمت الله ڀٽو جي ياد ۾ لکيل مضمون ۲۰۱۰ع ۽ موهن جو دڙو ۲۰۱۱ع شامل آهن، جيڪي يقينن سنڌي ادب جو اثاثو آهن ۽ رهندا. فنڪار جي ميراث، ڇڏيل سندس فن ۽ فڪر آهي، جيڪو تاريخ ۾ امر رهڻو آهي. خليل مورياڻي ۱۹۸۴ع ۾ سرهاڻ پبلڪيشن قائم ڪري، سنڌ جي ترقي پسند ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪارن جا ڪتاب ڇپرايا. ۲۶ نومبر ۲۰۱۹ع تي سنڌ جو ڏاهو ڏات ڌڻي زندگيءَ جا خوبصورت لمحا ڇڏي، مختيارڪاري واري قبرستان شڪارپور ۾ هميشه لاءِ آرامي ٿيو آهي. ٻرياسون ته ٻه پل، پر اجھامڻ کان اڳ، هزارن چراغن کي ٻاري ڇڏيوسين. تعزيتي ميڙاڪو شڪارپور جي عاشق، نامياري اديب سائين خليل مورياڻيءَ جي ياد ۾ *نامور اديب مرحوم خليل مورياڻيءَ جي ياد ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ شڪارپور پاران جگن ناٿ لائبريريءَ ۾ منعقد تعزيتي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي نامور اديب اسرار احمد علوي چيو آهي ته خليل شڪارپور جو عاشق ۽ اندر جو اجرو انسان هو هن نه ته ڪڏهن ڪنهن کي تڪليف ڏني نه ئي ڪنهن جي گلا ڪئي هو ماڻهن کي منهن تي سچ چئي ڏيندو هو.* *خليل مورياڻيءَ جي ويجهي مائٽ ۽ شڪارپور جي مسجدن ۽ عيد گاهن جي حوالي سان تحقيقي ڪتاب لکندڙ عبدالحئي مورياڻي چيو آهي ته خليل مورياڻي نه رڳو ادبي پر مذهبي خدمتون به ڪيون آهن هن ٻه ڀيرا عمرا ڪيا سکر، گهوٽڪي ۽ شڪارپور ۾ مسجدون به جوڙايون.* *خليل مورياڻي جي ڀاڻيجي فهد مورياڻي چيو ته خليل مورياڻي شڪارپور بابت انگريزيءَ ۾ لکيل ۽ ڇپيل مواد سهيڙي ڪتاب ڪمپوز ڪرايو هو جيڪو جلد شايع ڪرائبو.* *نامياري صحافي ۽ ايڊيٽر عبدالحميد منگي جو چوڻ هو ته مورياڻي صاحب جيترو باشعور هو اوترو ئي بهترين انسان به هو خليل صاحب جسماني طرح جدا ٿيو آهي پر ان جو پورهيو اسان وٽ موجود آهي.* *سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت ۽ جديد غزل جي شاعر سجاد مهر چيو ته خليل مورياڻي پنهنجي زندگيءَ مان مطمئن ۽ اڪيلائيءَ سان پيار ڪندڙ انسان هو.* *ڪالمسٽ نسيم بُخاري چيو ته خليل مورياڻي سٺو نثر نويس به هو هن جي ''جاگيرداراڻي جبر هيٺ'' ڪتاب جي لکيل مهاڳ تي اديب ريس ڪندا آهن هن هندستاني سفرنامو به لکڻ پئي چاهيو ۽ ان حوالي سان ابتدائي تحرير نه رقم ڪئي هئائين.* *ڪالمسٽ ممتاز منگي چيو ته دنيا جي وڏن اديبن جيان خليل مورياڻيءَ پڄاڻان ان جو ذاتي گهر ميوزيم ۾ تبديل ٿيڻ گهرجي جيڪڏهن اهو ممڪن نه هجي ته سندس ذاتي لائبريريءَ جا ڪتاب جگن ناٿ لائبريريءَ ۾ رکي هڪ ڪارنر قائم ڪيو وڃي.* *ڪالمسٽ عديل مهر چيو ته خليل مورياڻي شڪارپور جو تعارف قلمي انداز ۾ ڪرائي وڏو ڪم ڪيو آهي خليل جو جسم ڀل قبر ۾ لهي ويو هجي پر خليل خود پاڻ اسان جي روح ۽ دل ۾ لهي ويو آهي.* *شاعر حسام ميمڻ چيو ته خليل صاحب جو تحقيقي ڪم ته گهڻو ڪيل آهي پر تخليقي ڪم گهٽ ٿيو آهي.* *پروفيسر خالد ويسر چيو ته تحقيق به هڪ قسم جي تخليق ئي هوندي آهي خليل مورياڻي تعلقات رڳو رکڻ نه ڄاڻيندو هو پر اهي نڀائڻ جو آرٽ به رکندو هو.* *پروفيسر شريف شاد چيو ته هاڻ شڪارپور جون شامون ۽ ميلا خليل کان سواءِ خالي خالي ۽ اڪيلا ٿي ويا آهن خليل جو چؤياريون هاڻ ساروڻين ۾ بدلجي ويون آه (نسيم بخاريءَ جي فيسبڪ وال تان کنيل) خليل مورياڻي شڪارپور جو اتهاس - پھرين سار وحيدمحسن شڪارپور علم و ادب جي حوالي سان ڏيهان ڏيهه مشهور آهي ۽ اُن مٽيءَ جو ڪمال آهي جنهن پنهنجي خوشبو کي قائم رکيو آهي ۽ هڪ اهڙو تسلسل ڏنو آهي جنهن تي دنيا وارا رشڪ ڪندا رهن ٿا! جيئن سنڌي ٻوليءَ جي نامور ڪهاڻيڪار امر جليل هڪ تحرير ۾ لکيو آهي ته: “آءٌ شڪارپور ۾ ڇو نه ڄميس” بهرحال هن مٽيءَ جي محبت جا وڏا وڏا مثال ملن ٿا، جهڙي طرح سامي، غلام علي مسرور بدوي، شيخ اياز، نياز همايوني، ثميره زرين، نقش ناياب منگي، ڊاڪٽر عبدالخالق “راز” سومرو، آغا سليم، ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو جن هن ئي مٽيءَ مان جنم ورتو. شڪارپور جي ڇا ڳالهه ڪجي ڪو دؤر هو جڏهن شهر جي چئني طرفن کان خوبصورت باغ هوندا هئا ۽ اُتي فطرت مرڪندي هئي، اهڙي ئي ماحول ۾ هدايت الله مورياڻي جي گهر ۱۸ جنوري ۱۹۴۹ع تي خليل مورياڻي جنم ورتو جنهن جو ڇٺيءَ جو نانءُ خليل الرحمان رکيو ويو اهو ڏينهن شڪارپور جي لاءِ ڀاڳن ڀريو ثابت ٿيو. خليل مورياڻي شروعاتي تعليم جماڻي هال پرائمري اسڪول شڪارپور مان حاصل ڪئي، مئٽرڪ ۱۹۶۵ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور مان حاصل ڪئي، انٽر ۱۹۶۷ع ۾ بي اي ۱۹۶۹ع ۾ سي اينڊ ايس ڊگري ڪاليج شڪارپور مان ڪئي. اُن کان پوءِ ايم اي (پوليٽيڪل سائنس) ۱۹۷۲ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي ۽ ۱۹۷۳ع ڌاري سنڌ سرڪار جي فوڊ ڊپارٽمينٽ ۾ ملازمت اختيار ڪئي. جتان جنوري ۲۰۰۹ع ۾ ڊسٽرڪٽ ڪنٽرولر جي عهدي تان رٽائر ٿيو. خليل مورياڻي کي مطالعي جو ذوق اسڪول واري دؤر کان ئي رهيو هن پڙهي پرجهي مضمون لکڻ جي شروعات ڪئي جيڪي مختلف اخبارن ۽ رسالن جي زينت بڻبا رهيا ۽ سندس دلچسپيءَ جا موضوع تاريخ ۽ سنڌي ادب رهيو آهي. هڪ ڳالهه جيڪا خليل مورياڻيءَ کي نمايان ڪري ٿي اُها اهم ڳالهه اها آهي ته هن شڪارپور جي تاريخ تي وڏو ڪم ڪيو آهي ۽ ٻه ڪتاب انهيءَ موضوع تي مرتب ڪيا آهن. اسان جڏهن خليل مورياڻيءَ سان ڪچهري ڪندا آهيون ته شڪارپور جي تاريخ جا ورق کلي پوندا آهن ۽ انهيءَ مهل خليل مورياڻي شڪارپور جو اتهاس لڳندو آهي ۽ سندس گفتگو ۾ چاشني هوندي آهي هڪ تسلسل هوندو آهي. اهڙو اتهاس ٻُڌي تاريخ کي پڙهڻ جو شوق پيدا ٿيندو آهي. خليل مورياڻي شڪارپور سان بي انتها پيار ڪندي تاريخ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ پنهنجن اديب دوستن سان ملي ڪري ۱۹۸۴ع ڌاري شڪارپور هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جو بنياد وڌو ۽ شڪارپور هسٽاريڪل سوسائٽي اڄ به قائم دائم آهي ۽ مان به اُن جو حصو آهيان ورڪر آهيان، ويجهڙ ۾ خليل مورياڻي جي جستجو سان مشاهير شڪارپور ڪانفرنسون ڪوٺايون ويون آهن جنهن سان پڻ شڪارپور جي تاريخ ۽ ادب کي روشناس ڪيو پيو وڃي سندس اها خدمت پڻ قابل داد آهي، خليل مورياڻي هڪ باذوق مرتب آهي ۽ پاڻ بنيادي طور تي مضمون نگار آهي جنهن پنهنجي ڪرت کي قائم رکيو آهي سندس هيٺيان ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. ۱. “شڪارپور سونهن جو شهر” ۱۹۹۶ع ۲. “شڪارپور – تاريخ ۽ تحقيق” ۲۰۰۴ع، ۳. “ڳالهيون نعمت ڀاءُ جون” ۲۰۱۰ع، ۴. “موهن جو دڙو” ۲۰۱۱ع، ۵. “سنڌ جو ڪنور ڀڳت رام” ۲۰۱۴ع ۶. “ساهت ۽ ڪلا جي – رچنا ثميره زرين نمبر” انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي طرفان شايع ڪيو ويو آهي. خليل مورياڻي جا اڻ ڇپيل ڪتاب هن ريت آهن. ۱. ٿر ۾ ڪهڙ اٿاڪ – ٿر جو سفر نامو ۲. صدين جو سرجڻهار ۳. تاج صحرائي فن ۽ شخصيت ۴. سامي سهسين سج. ۵ - شھيد قيوم منگي جي شخصيت تي ڪتاب ڪمپوز ٿيل آهي خليل مورياڻي ۱۹۸۴ع ۾ سرهاڻ پبليڪيشن نالي اشاعتي ادارو ڪائم ڪري سنڌ جي ترقي پسند ليکڪ ڪهاڻيڪار گوبند پنجابيءَ جي ڪهاڻين جو مجموعو “هوءَ موٽي آئي” شايع ڪيو هو. خليل مورياڻيء جي سهيڙيل ڪتابن جو جڏهن مطالعو ڪجي ٿو ته انهيءَ مان هڪ ڳالهه عيان ٿئي ٿي ته سندس ترتيب ۽ چونڊ شاهڪار آهي ۽ هن جي تحريرن ۾ سنڌ : شڪارپور، سونهن ۽ تاريخ جا تجلا ڏئي ٿي. خليل مورياڻي ۲۶ نومبر ۲۰۱۹ ع تي شڪارپور کي الوداع ڪندي پنهنجي گهر مورياڻي محلي ۾ اسان کان ھميشھ لاء وڇڙي ويو ھو اڄ ان جي پھرين سار آهي سڀيئي دل گهريا دوست ان کي ياد ڪري رھيا آهن. خليل مورياڻي نامور ليکڪ ۽ محقق خليل مورياڻيءَ جو پورو نالو خليل الرحمان ولد هدايت الله مورياڻي آهي. هن ۱۸ جنوري ۱۹۴۹ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم جماڻي هال پرائمري اسڪول شڪارپور مان ورتائين. ۱۹۶۵ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور مان مئٽرڪ ڪيائين، ۱۹۶۹ع ڌاري سي اينڊ ايس ڪاليج شڪارپور مان بي. اي ڪري پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ۱۹۷۲ع ۾ ايم اي (پوليٽيڪل سائنس) ۾ ڪيائين. ادبي مطالعي جو ذوق کيس اسڪول واري زماني کان ئي رهيو، ڪيترائي مضمون لکي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ڪرايائين، سندس دلچسپيءَ جا موضوع تاريخ ۽ سنڌي ادب رهيا. ۱۹۷۳ع ڌاري هن سنڌ سرڪار جي فوڊ ڊپارٽمينٽ ۾ ملازمت اختيار ڪئي، جتان جنوري ۲۰۰۹ع ۾ ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر جي عهدي تان رٽائر ٿيو. ۱۹۸۴ع ڌاري قائم ڪيل شڪارپور هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جي باني ميمبرن مان هو. ۲ مئي ۱۹۸۵ع ۾ ’شڪارپور سيمينار‘ منعقد ڪرڻ ۾ سندس وڏو ڪردار رهيو. خليل مورياڻيءَ جي ڇپيل ڪتابن ۾ هيٺيان اچي وڃن ٿا: (۱) ’شڪارپور سونهن جو شهر‘ (۱۹۹۶ع) (۲) ’شڪارپور- تاريخ ۽ تحقيق‘ (۲۰۰۴ع) (۳) ’ڳالهيون نعمت ڀاءُ جون‘ (نعمت الله ڀُٽي جي ياد ۾ لکيل مضمون: ۲۰۱۰ع) (۴) موهن جو دڙو (۲۰۱۱ع). خليل مورياڻيءَ ۱۹۸۴ع ۾ سرهاڻ پبلڪيشن نالي اشاعتي ادارو قائم ڪري سنڌ جي ترقي پسند ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار گوبند پنجابيءَ جي ڪهاڻين جو مجموعو ’هوءَ موٽي آئي‘شايع ڪيو هو. اڄوڪي ڏينهن ۲۰۱۹ع تي سنڌ جو هي يگانو اديب اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو. (انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا تان کنيل) خَليل مورياڻي پِپَر ۾ پَرميشِوَر سجاد مھر اکين جي علاج کان ويندي روحَ جي رهنمائي ڪندڙ، فِتني ۽ فساد کان ناآشنا، رابيلن ۽ گلاب جي گلن سان ڌوپجندڙ، هن شهر شڪارپور جو هڪ اهڙو شخص جنهن جي اڳيان اوڌو داس جهڙي عظيم انسان کان ويندي سَرهينري هالينڊ، چيلا سنگهه سيتل داس ۽ شهيد الهه بخش سومري جهڙن جڳ مشهور انسانن جو حوالو تاريخ جي سونن ورقن مان سِج جي ڪِرڻن جيان ليئا پائي لنگهندو هُجي، اُن شهر سان اسان جي سائين خليل مورياڻيءَ جو نالو سلهاڙجڻ کانپوءِ سَچُ پُڇو ته ائين ٿو لڳي، جيئن دَلپت جهڙي دلير شاعر پنهنجي بي باڪ اظهار ۾ چيو هو ته: ”جي پِپَر ۾ پَرميشوَر تان ڪو ٻَٻر ۾ ٻيو، مُڙهَي ۽ مسجد ۾، روشنِ هڪ ڏيئو، دَلپت ڪيئن پَيو، خلل اچي هِن خلق ۾...“ پپر ۽ پرميشور وارو اهو شاعراڻو اظهار مون کي لڳو ته اهو شعر ڪيئي سال اڳ هُو، سائين خليل مورياڻيءَ جي شخصيت لاءِ لکي ويو هُجي، يا کڻي اتفاق وارو اهو اندازو جيڪو موجوده حالتن ۾ هڪ اهڙي شخص تي سئو سيڪڙو ٺهڪي ٿو اچي، جيڪو ويندي ويندي پنهنجي دل جي اڱڻ تي نمن جي ٻُورَ جهڙو ساءُ ۽ پنهنجي پَرَ ۾، پِپَر ۾ پرميشور پوکي ويو آهي. پوشاڪ ۽ پاٻوهَه جو پُختو، ٻُڪ ۾ دُعا جيان ڀريل هي دلبر ماڻهو، سَچُ ته رابطن جو راڻو هُيو. پکيءَ جهڙي اک رکندڙ هُجومن ۽ هُشمامن کان گهڻو اڳتي هيڪلائيءَ کي پسند ڪندڙ، مِٺيءَ ماٺ جو ماهرُ هي ماڻهو پنهنجي روحَ جي سحرا ۾ اڪيلو رَهڻ ئي پسند ڪندو هو. توڙي جو هُن جي دوستن جي ڊگهي فهرست آهي، هند کان سِنڌ تائين هِن جي چاهيندڙن ۽ پيار ڪندڙن جو وڏو انگ موجود آهي ۽ انهن سڀني رشتن کي نڀائڻ ۾ ڪمال حد جو ڏانءُ رکندڙ هي محبوبُ ماڻهو وقت جي وارن ۾ وڇوڙي جي ڦَڻي ڦيري، پَرَ هڻي الاهي پَري اُڏامي ته ويو آهي پر سندس ساروڻيون ۽ ڇڏي ويل احساس اڄ به اسان جي اکڙين ۾ واسو ڪري ويهي رهيا آهن. هي شخص مُحبت جو مُنڪر ته نه هيو پر عِشق جي ڄَڻُ ته انڪار مان اُڀري آيو هو. محبت جو مڪتب ويران ڪري ويندڙ هي وجود، ڪچهريون ڪندڙ ڪتابن جي وات ۾ اچرج وچان آڱريون وجهرائي ويو آهي، هِن جي محبت جو مَحور اهي سمورا سٿيل ڪتاب، خانن ۾ پنهنجي خراب قسمت تي ماتم ڪري رهيا آهن. انهن هٿن جي ڳولها ۾ آهن، جن هٿن سان هو الماڙين جي جنت ۾ پاڻ کي محفوظ هُجڻ جي بيعت ڪري ويٺا هئا. انهن ڪتابن جو والد وفات ڪري ويو آهي، سندس سوڳ ۾ وَرق وَرق مٿان سڪتو طاري آهي، پَنو پَنو پنهنجي مالڪ جي منهن موڙڻ تي اُداس حال آهي. مورياڻي محلي ۾ اَڏيل چاهت وارو اهو چئونرو ڄَڻُ ته ڪنهن سنسان مندرَ جو ڏيک ڏئي رهيو آهي، هَڙئي ڪتابن تي چڙهيل دَز چَئي رهي آهي ته سوڳ اسان سان گڏ اچي سُتو آهي. اکرُ اکرُ اوڇنگارون ڏئي روئي رهيو آهي، اولاد جڏهن پيءُ جي شفقت کان محروم ٿي ويندو آهي ته پوءِ مايوسي ولرن جي صورت وٺي اُڏامي ايندي آهي. سائين خليل مورياڻي انتهائي عجيب ماڻهو هو، مِٺو ٿيندو هو ته صفا ماکي لڳندو هو ۽ جي تکو ٿئي ته تلوار به نه پُڄيس. اڪثر ماٺيڻو رهندو هو، هُن جي مخالفت جو انگ صفا ٿورو ۽ سندس محبت ڪندڙن جا ڪٽڪ آهن. پکين کي پيار جي دامَ ۾ ڦاسائڻ جو فن خوب ڄاڻيندو هو. هر ڪنهن لاءِ دل ۾ دُعا جا داڻا هوندا هئس. هِن جي هُجري ۾ آيل همراهه هِن جو مداحُ ٿي موٽندو هو. سندس اکين جو آکيرو هَر پکيءَ لاءِ کليل رکندو هو، ڏيکاوَ کان ڏاڍو لنوائيندو هو، اسٽيج تي ويهڻ کان اڳواٽ مَنع ڪري هَٿ ٻڌي، هيٺ ويهڻ کي پَلو پائيندو هو. هِن جي قلندريءَ دل تي جڏهن ڪيف جي ڪيفيت طاري ٿيندي هُئي ته ملاقاتين جا سلسلا وڌائي ڇڏيندو هو، هُو خيالن جي خُدائيءَ جو اڪيلو وارث هو ۽ پنهنجي بي خوديءَ ۾ پنهنجن پيارن سان پيار جا واهُڙ وهائيندو. هَڙان وَڙان خرچ ڪري ڪيڪ گهرائي سنگت جون سالگراهون ملهائيندو هو، هُو ماڻهن جي مصيبت تي گهري نظر رکندڙ هُيو. ڪيلاش واديءَ جو وڻجارو اهو شخص پنهنجي شهر مٿان وَسڻ جي موسم هرگز نه هٽائيندو هو. ٻاهريون آيل ماڻهو هِن جي شهر اچي اطلاع ڪري ته قرب ۾ قالين جيان وڇائجي ويندو هو. دل جي دَستر خوان تي ڀانت ڀانت جي سَوادنِ سان پنهنجي سِر سنوارجي ويندو هو. اکين انتظار جي موسم ۾ خالي پينگهه تي لڏڻ سيکاري ڇڏيو هئس. پُڇڻ تي ٿڌو ساهُه ڀرڻ کانپوءِ هلڪي مُرڪ سان سوال کي لوڻ پاڻي ڪري ڇڏيندو هو، اڪيلائيءَ جي اُس هُن کي ڪڏهن به تڪليف نه ڏني، دونهون بڻجي سونهون ٿيڻ ڄاڻيندو هو. عاشق ته نه هو پر انداز سمورا عاشقانه هُئس. پنهنجي شهر جو ديوانو هو. مورُ ماڻهو هو، تنهن ڪري ٿَر بَر کوڙ پنڌ ڪيائين. هُن جي خيالن جي خوشبوءِ مان گُلن جا گنجَ پيدا ٿي پيا آهن. خاموشي هِن جي گهر جي ڪيئي سال مهمان ٿي ٽِڪي هُئي، اُجري جَهرڻي جهڙي آواز ۾ ڪال ڪري جڏهن چوندو هو ته ڪٿي آهيو؟ اچو ته گڏجي چانهه پيئون ۽ ڪي گهڙيون ڪچهري ڪيون ته ماڻهو پنهنجي نصيب تي سوچڻ ويهي رهندو هو. وڃڻ وقت ڀلي گهري ننڊ ۾ هُجي پر پيرن جي آهٽ ۽ دروازي جي چيڪٽ کان پوءِ ڪيرُ چَوي ته سائين سُتل آهي. اکيون مهٽي اُٿي مُرڪ سان آڌرڀاءُ ڪندو هو. توڙي جو دردُ اڪيلائيءَ جي چَپن تي چُميون رکي ويندو هُئس پر هِن مَن جي مومن ڪڏهن به مات نه مَڃي، هن جي دل جي ڪچي قلعي ۾ سارَ ساندهه حَملا ڪندي رهندي هئي پر ناسي نيڻن وارو هي البيلو شخص پنهنجو واڱڻائي وقت گذارڻ خوب ڄاڻندو هو. لفظن جا لشڪر پالي رکندو هو ۽ پُڇڻ تي ڏاڍو سنجيدگيءَ سان چوندو هو ته يار ڪجهه گذري آ ڪجهه گذري ويندي. پنهنجي طلسماتي شهر تي پيو سوچيندو ۽ ليکڪن کي گهرائي ان جا گهڙاوٽ ۽ بُنياد تي پيو قديمي شهر جا قصا کڻندو هو. شهر هُن لاءِ شهزاديءَ مِثل هو ۽ ان جو هر منظر مَڇيءَ جي لڙاٽيل اک منجهان ڏسي وٺندو هو. وڃڻ هارو منهنجو سُپرين کلندي کلندي اکين جي اسڪرين تان اڏامي ويو. هَر فرد کي فَهد سان مِلائي ڄَڻ ته پنهنجو جانشين ادبي ڇڏيل ڪم جي پورائي لاءِ ڇڏي ويو. ڏائڻ وقت کي گُل مَروڙڻ جي عادت ته اوائلي آهي پر هي اهڙي ويل وٺي ويو جيڪا ويل وَڃڻ جهڙي نه هُئي، هِن جي وڇوڙي تي گهايل هَوا نوحو ڳايو، مَن جي موتيي، مگري سورج مُکيءَ سوچيو، مور جي ٽهوڪي سان ڪونج الائي ڇو ڪُرايو، رومَ جون رنگين بَتيون ٻري، اُجهاميون، هُجومن اهو معجزو پنهنجي گناهگار اکين سان پَسيو. هڙئي خواهشون پيرانديءَ کان پاسو جهلينديون اچي سيرانديءَ کان سُتيون، ساهَه جي اُڏامڪ پکيءَ جڏهن پَرڙا ساهيا ته ڪمري ۾ ڪاغذن وَجهه وٺي اُڏامڻ جي ڪَئي، پر پوءِ سنجهي تائين سندس ڇاتيءَ جي سرحد تي چنبڙيا رهيا، ڀَر ۾ پيل ٽيليفون جي ڀڻڪي ماڻهن جي ميڙ کي ڄَڻيو، آواز ڏنائين ته وقت جو وڻجارو وڃي رهيو آهي. ڪمري ۾ ٽنگيل تصويرن ۾ سُس پُس پئجي وئي. اکين جي خيمي مان ٻه ڳوڙها گلن جي جنت ڇُهڻ ڪاڻ لهي آيا، دردُ مِٽيءَ تي نانگ جو پٽو پائي ويو. وقت جي چيچَ مان زندگي ڇڏائجڻ لڳي، ماڻهن جو مَحبوب رُسامو ڪري رهيو هو، اينٽڪ شيون ترتيب بدلائڻ لڳيون، ڪٻٽ ۽ ڪُرسيون خاموش ٿي ويون، صوفن ۽ شيشي جي ٽيبلن روئي ڏنو، ڀڙڪو کائي ڀتيون اورانگهي هڪڙو اُلڪو اڏامي ويو. گلن جو اجلاس ٿيو، مورياڻي محلي جي هوائن اوڇنگارون ڀريون، سمورو سامان سُڏڪي رهيو هو. فرش تي پيل مجسمي مٿان پاڻي هاريو ويو، نئون وڳو اوڍايو ويو، دُعائن لاءِ هٿ هوائن ۾ هليا ويا، اکين آلو ٿي پنهنجو ڪم ڪيو. نئين قبرستان تائين پيرن پنڌ ڪيو. ساميءَ جي سلامي ڀري وئي. ڌڱ ڌوڙ ۾ لَٽجي ويو، اسان اُڀي بيهي ڏٺوسين، مٽي، مٽيءَ سان وڃي سانتيڪي ٿي ته گل مٽيءَ جي بَدن تي چُميون ڏيڻ پهچي ويا... (ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۷ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل) خليل مورياڻي شڪارپور سان نينهن جو ناتو نڀائڻ وارو نرالو ڪردار. . . حسيب ناياب منگي سنڌي ٻولي جي عظيم شاعر شيخ اياز پنهنجي جنم ڀومي شڪارپور کي “هڪ ڪيفيت” قرار ڏنو هو، واقعي شڪارپور هڪ ڪيفيت جو نالو آهي. هي شهر صدين کان وٺي سنڌ جي سونهن ثابت ٿيو آهي. علم، ادب، فن، آرٽ، سياست، صحافت، سماجي خدمت ۽ ٻين ڪيترن ئي حوالن جي ڪري شڪارپور جو مٽ ملڻ مشڪل آهي. هن شهر جي سڻڀي مٽيءَ تي جن به هيرن جو جنم ٿيو آهي، سي پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ڪندي لعل ثابت ٿيا آهن. فن ۽ آرٽ جي دنيا ۾ شڪارپوري ڪمال جو ڪم ڏيکاري ويا ۽ ساڳيو ئي جوش اڃان پڻ جاري آهي. سياست هجي يا سماجي خدمت اندر پڻ شڪارپور جا ماڻهو واقعي سنڌ اندر اڻ مٽ نقش ڇڏيندڙ ثابت ٿيا آهن. صحافت ۽ علم جون آڱريون جي روشن ٿيون ته شڪارپورين جي هٿ هيٺ! ساڳئي طرح ادب جي دنيا ۾ جهاتي پائي ڏسبي ته شڪارپور راڄ ڪندي نظر ايندي. سامي، پروفيسر جهامنداس ڀاٽيه، پروفيسر شيوارام ڦيرواڻي، فقير ميان غلام علي “مسرور”، پروفيسر لطف الله بدوي، شيخ اياز، هاسي ٻائي “نماڻو” فقير، بادام ناتوان، ثميره زرين، روشن آرا مغل، رشيده حجاب، آغا سليم، چنا شبير احمد ناز، ولي دائود پوٽو، تاج صحرائي، نورالدين سرڪي، شاهه محمد “ثاقب”، “نقش” ناياب منگي، غلام رسول ميمڻ، الهورايو طارق صديقي، پروفيسر اسرار احمد علوي، رئيس عبداللطيف ناپر، نظر محمد “بسمل”، بيدل مسرور بدوي ۽ ٻيا ڪيترائي عالم، اديب ۽ شاعر شڪارپور جي پيداوار آهن. اهڙن انمول هيرن جو ذڪر ڪندي مون کي شڪارپور سان پيار ڪندڙ ڪيترائي اهل علم ياد اچن ٿا. پروفيسر لطف الله بدوي شڪارپور متعلق گهڻا ئي سنڌي توڙي اردو ۾ مضمون توڙي مقالا لکيا. جيڪي تاريخ ۽ تحقيق جي راهه تي هلڻ وارن شاگردن لاءِ اڄ به ڪارائتا آهن. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي به شڪارپور ۾ ڄمڻ ڪري هميشه شڪارپور متعلق ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. سووينئر ۽ ڪتاب ترتيب ڏنا، “شڪارپور جي ٻولي” جهڙو بهترين ڪتاب لکيائين. سائين حبيب الله ڀٽو مشهور استاد، اديب ۽ شاعر هو. پنهنجي شهر سان بي پناهه محبت ڪندو هو، سالن جا سال شهر جي حوالي سان مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڪيترائي مضمون لکيائين. روزاني هلال پاڪستان ڪراچي جي مختلف اشاعتن ۾ سندس جيڪي مضمون ڇپيا هئا، سي ڄڻ “شڪارپور خاص اشاعت” لڳندا هئا. ڇو جو اخبار جو سمورو صفحو سندس هڪ ئي تحرير ۽ شڪارپور جي تصويرن سان سينگاريل هوندو هو. ڊاڪٽر عبدالخالق “راز” به شڪارپور متعلق ڪافي مضمون ۽ مقالا لکيا. اهڙي ريت مرحوم “نقش” ناياب منگي، مرحوم غلام رسول ميمڻ ۽ مرحوم غلام مرتضيٰ ابڙي به شڪارپور سان بي پناهه محبت ڪئي، “نقش” ناياب منگيءَ شڪارپور جي حوالي سان ڪيترائي ليک لکيا ۽ ڌارين ٻولين مان سنڌيءَ ۾ ترجما ڪيا، غلام رسول ميمڻ ڪڏهن پبلشر ته ڪڏهن تنظيم جو اڳواڻ ثابت ٿي ڪتاب ۽ اخبارون شايع ڪيون ۽ ليڪچر يا پروگرام ترتيب ڏنا، ساڳئي طرح غلام مرتضيٰ ابڙي صحافي جي روپ ۾ شڪارپور جي نمائندگي ڪندي سرخرو ٿيو. سندن ئي همعصر ۽ صحبتي خليل مورياڻي به شڪارپور جو عاشق هو. خليل الرحمٰن مورياڻي شهرين وٽ گهڻو اڳ “چَاچا خليل” جي نالي سان مشهور هو، علم ادب دوست هجن يا ڪامورا ۽ سياستدان کيس چاچو ڪري ڪوٺيندا هئا. شهر جي ننڍڙن کيس “سائين” ڪري ڪوٺيو. منهنجي نگاهه ۾ هو “شڪارپور جو عاشق” هو. چاچا خليل مورياڻي نفيس طبيعت جو مالڪ، ڪاٺ، ڪپڙي ۽ ڪتاب جو شوقين، دوستن جو خيال رکڻ وارو، مطالعي جو پابند، سير سفر جو ڪوڏيو، سنجيده شخصيت جو مالڪ هو. پنهنجي لياقت ۽ حيثيت مطابق ڪم ڪري ڏيکارڻ جو پابند هو. پاڻ ظاهري طور تي ته اسان جي وچ ۾ ناهي پر هن جون يادون ۽ صلاحون اڄ به سڀ جي ذهن تي نقش ۽ سيني ۾ سانڊيل آهن. خليل مورياڻيءَ کي شڪارپور سان گهڻو پيار هو، شهر جي تاريخ ۽ ان سان وابسته موضوعن تي پاڻ گهڻو مواد گڏ ڪيو هيائين. ڪتاب، رسالا ۽ اخبارون وٺندي انهن مان “شڪارپور” تي ڇپيل مواد گڏ ڪرڻ جو کيس گهڻو چاهه هو. اهو چاهه ۽ خاص ڪري تاريخ ۾ دلچسپي وٺڻ جو رنگ کيس “نقش” ناياب منگيءَ جي صحبت ۾ رهندي چڙهيو هو، نه ته ان کان اڳ پاڻ ۽ توڙي سندس سنگت کي ناول، ڊائجسٽ ۽ سياسي ادب پڙهڻ ۾ دلچسپي هوندي هئي. شڪارپور تي تحقيق ڪرڻ ۽ نوان موضوع ڏئي سنڌ توڙي هند جي قلمڪارن کان مضمون ۽ مقالا لکرائڻ سندس خاص مشغلو بڻجي ويو هو. خليل مورياڻي، پنهنجي دوستن: غلام رسول ميمڻ، “نقش” ناياب منگي، نثار چنا، ڊاڪٽر ڪشور ڪمار ۽ گرڏنو گرل داس وغيره سان گڏجي ۱۹۸۴ع ۾ “شڪارپور ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي” جو بنياد رکيو. نئين پليٽ فارم تان نوان موضوع متعارف ٿيا، ڪڏهن ليڪچر ته ڪڏهن ڪانفرنس جو اهتمام ڪرائڻ ۾ خليل مورياڻي پنهنجي دوستن جو ٻانهن ٻيلي ثابت ٿيو. ابتدائي طور تي ته “شڪارپور سيمينار” نالي هڪ سووينئر “نقش” ناياب منگيءَ کان ترتيب ڏياري سندس معاون ٿي ۱۹۸۵ع ۾ شايع ڪرايائين، ان کانپوءِ هڪ ڪتاب “شڪارپور صدين کان” ڊاڪٽر عبدالخالق “راز” سومري کان ترتيب ڏياري پهرين جنوري ۱۹۸۸ع تي شايع ڪرايائين، جنهن ۾ به منهنجو والد سندس ٻانهن ٻيلي هو. خليل مورياڻيءَ جو پنهنجي جنم ڀوميءَ سان اهو عشق وڌندو ويو، ان وچ ۾ هن “سرهاڻ پبليڪيشن” جو پايو وجهي سگهاري ڪهاڻيڪار ۽ شڪارپور ڄايي، هندستان جي نامور قلمڪار گوبند پنجابيءَ جي ڪهاڻين جو ڪتاب “هوءَ موٽي آئي” ڇپرائي پڌرو ڪيو هو. “شڪارپور سونهن جو شهر” ۽ “شڪارپور تاريخ ۽ تحقيق” جهڙا تحقيقي ڪتاب سهيڙي پاڻ شڪارپور سان محبت ڪرڻ جو چٽو ثبوت پيش ڪري ويو. خليل مورياڻي جا اهي ٻئي ڪتاب اڄ به تاريخ ۽ تحقيق سان دلچسپي رکڻ وارن لاءِ مددگار ثابت ٿين ٿا. شڪارپور تي انگريزي زبان ۾ ڪتاب آڻڻ جو پڻ کيس وڏو شوق هو، جيڪو افسوس جو پورو نه ڪري سگهيو، ان سلسلي ۾ پاڻ گهڻو مواد گڏ ڪيو هيائين، جيڪو هاڻي به منظر عام تي اچي سگهي ٿو. ساڳئي ڪوشش “شيخ اياز”، “قيوم منگي”، “سامي” ۽ “تاج صحرائي” متعلق پڻ ڪيائين، اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل ڪافي مواد گڏ ڪري، ڪتاب سهيڙي ويو پر ڇپجي ناهن سگهيا. “موهن جو دڙو”، “ثميره زرين رچنا خاص نمبر”، “ڀڳت ڪنوررام” ۽ “ڳالهيون نعمت ڀاءُ جون” سندس ڇپيل ڪتاب آهن. مون کي ياد آهي ته شڪارپور جي شخصيتن تي “مشاهير شڪارپور” جي نالي سان ڪجهه پروگرام ڪرايا هيائين، شڪارپور ۾ پهريون ڀيرو “صوفي ٻڍل فقير” جي حوالي سان شاندار ادبي ڪانفرنس ڪرائڻ جو سهرو به سندس سر تي رهيو، سڀني پروگرامن ۾ مون کي الڳ الڳ موضوعن تي مقالا لکڻ جي دعوت ڏنائين، مون سڀني پروگرامن ۾ نه صرف شرڪت ڪئي هئي پر پنهنجا لکيل تحقيقي مضمون ۽ مقالا پڻ پڙهيا هئا. شڪارپور چار سوءُ سالا جشن جي موقعي تي ثقافت کاتي پاران ڪرايل ڪانفرنس کي ڪامياب ڪرائڻ ۾ سندس هٿ رهيو. سنڌي ٻوليءَ جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پمفليٽ لکي گهر گهر پهچائڻ واري عمل کان ڪجهه مضمون ۽ سفرنامو وغيره لکڻ تائين سندس تحريرون پسند ڪرڻ جهڙيون ۽ معلوماتي آهن. شڪارپور شهر جي سڌاري ۽ ترقيءَ لاءِ جيڪي رٿون ترتيب ڏنيون وينديون هيون ۽ سرڪاري سطع تي جيڪي پروگرام ٿيندا هئا تن مان گهڻن ۾ وس پڄندي وڃي پهچندو هو ۽ بنا اجوري پنهنجون صلاحون، مشورا ۽ قيمتي وقت “شڪارپور” جي لاءِ پيش ڪندو هو. گهڻن ئي شهر سڌارڪ ڪاميٽين جو حصو ٿي رهيو هو. گهڻن ئي شاعرن، اديبن، استادن، عالمن، صحافين ۽ ڪامورن سان گهرا ۽ گهريلو تعلقات عمر جي آخري وقت تائين قائم رکندو آيو. اها ڳالهه کلي عام چئي سگهجي ٿي ته شڪارپور جي حصي ۾ پروفيسر لطف الله بدوي، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ۽ حبيب الله ڀٽو جهڙا لائق پٽ نه اچن ها ته شڪارپور تي لکي ڪري عشق نڀائڻ واري روايت جنم نه وٺي ها. مرحوم غلام رسول ميمڻ، مرحوم “نقش” ناياب منگي ۽ مرحوم خليل مورياڻي شڪارپور سان محبت جي عيوض علم ۽ ادب جي سخا نه ڪن ها ته شڪارپور جي تاريخ تي ايترو ادبي ۽ تحقيقي ڪم ڪڏهن به نه ٿي سگهي ها ۽ هن شهر جي تاريخ جا ورق حقيقتن سان ايترا لبريز نه هجن ها جيترو اڄ جرڪي رهيا آهن. شڪارپور کي پنهنجي انهن نيڪ صالح ٻچڙن تي ناز آهي، جن پنهنجي جيئري ته جيئري پر مُئي پڄاڻان به شهر جي نانءَ کي روشن رکيو آهي. انهن ٽنهي وڏڙن جي روايت تي هلندي اسان شڪارپور متعلق جيڪو به تاريخي ۽ ادبي يا تحقيقي پورهيو ڪري رهيا آهيون تنهن ۾ به سندن ئي علم ۽ ڄاڻ جي کاڻ جي روشني عيان آهي. شل سندن علم جي لاٽ هر دور ۾ قائم ۽ دائم رهي. خليل مورياڻي جو جنم ۱۸ جنوري ۱۹۴۹ع تي شڪارپور ۾ هدايت الله مورياڻي جي گهر ۾ ٿيو هو، پاڻ ۲۳ نومبر ۲۰۱۹ع تي گذاري ويو. (ڏھاڙي هلال پاڪستان ڪراچيءَ ۾ ۱۸ فيبروري ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)
سائينداد ساند اسحاق مڱريو مٺيءَ جو اهو شھر، جنھن کي اسان سڃاڻندا هئاسين، سو سٺ سيڪڙو ته تڏهن گذاري ويو هو، جڏهن ڀلي پار تان ڪويل جي ڪوڪ صادق فقير جي لاڏاڻي جي خبر آئي هئي، سائينداد ساند جي موت، مٺيء جي ڪلاسيڪل تعارف جي موت کي اڄ مڪمل ڪيو. هڪ اهڙو شاعر، جنھن جو نه ڪتاب ڇپيو، نه ڪنھن مشاعري ۾ ٻانهون کنجي شعر پڙهندي نظر آيو، نه هن کي پبلڪ رليشننگ ۾ ڪا دلچسپي هئي، نه ڪنھن اخبار۾ هن جو انٽرويو پڙهيوسين، نه ڪنھن رسالي هن جو نمبر ڪڍيو... پر اسان جي نسل جي دل ۾ هن سان ملڻ جي حسرت وڌي وڻ ٿيل هئي. سبب؟ سبب هن جا آهي حسين ۽ رومانس جي مٽيءَ ۾ ڳوهيل دليون ڌڙڪائيندڙ غزل هئا، جيڪي صادق فقير سنڌ جي هر محفل ۾ وڏي پيار سان ڳائيندو هو. “دردن جو داستانو، ڀلا ڪير ٿو ٻڌي” ۽ “دل کي ڌوڏيندڙ هيء گهڙي آهي” ته هرهڪ کي برزبان هوندا هئا. پر اها اسان کي پوء خبر پئي ته فوزيه سومري جو ڳايل هانءَ ۾ هٿ وجهندڙ غزل “ڪنھين هٿ هلايا ته ڳوڙها ڳڙي پيا” ۽ وحيد عليءَ جو غزل “ڳاڙهو جوڙو پاتل هوندو” به سائينداد ساند جو ئي آهي. اياز گل کان پوء هن جي همعصرن ۾ ايتري شھرت ٻئي ڪنھن شاعر جي غزلن کي نه ملي، جيتري سائينداد کي ملي. پر پنھنجيءَ طبيعت جي ٻي پرواهيءَ سبب هن کي ان سان به ڪا گهڻي دلچسپي نه هئي. مٺيء جا اڌ نوجوان هن جا شاگرد هئا، ان ڪري جنھن گھٽيء مان لنگهندو هو، هر ڪو هن کي ‘سائين سائين’ پيو ڪندو هو. سمورو شهر هن جي محبت ۽ احترام ۾ ورتل هو. پر هو محبوبن وانگر بي پرواهه پيو گهمندو هو. بلڪ لوڪ کان لڪندو نظر ايندو هو. هو شرميلي طبيعت رکندڙ، ڪنڊ ۾ جيئڻ وارو ۽ ميڙ کان پري ڀڄندڙ شاعر هو. صادق فقير ۽ سائينداد ساند ئي آهي ٻه ڪردار هئا، جن کي مٺيءَ جي هر گهر جو هر ڀاتي سڃاڻندو هو، ۽ هر گهر هنن جي مهمانيءَ ۾ خوشي محسوس ڪندو هو. جڏهن هن جو پھريون شعري مجموعو “ڳوڙهن ڳالهايو” ڇپيو، ته ڏينھن اندر وڪامي ويو، ۽ پوءِ سالن جا سال اهو مجموعو ٿر ڪتاب گهر تي فوٽو اسٽيٽ ٿي وڪامندو رهيو. مون پنھنجي ڪتاب صدا بي چين آهي جون فوٽو ڪاپيون به اتان ئي ورتيون هيون. سائينداد هڪ گهٽ ڳالهائو، پر گهڻو محسوس ڪندڙ شاعر هو. ماڻهن سان ملڻ کان لنوائڻ ۽ گهٽ ڳالهائڻ سندس شخصيت ۾ هڪ پراسراريت به پيدا ڪري ڇڏي هئي. جڏهن ۲۰۰۱ ۾ منھنجو پهريون شعري مجموعو “صدا بي چين آهي” ڇپيو، ته ان جو مھورت سائينداد ٿر ادبي سنگت پاران مٺيء ۾ ڪرايو هو،جيڪا هنن سنڌي ادبي سنگت جي ضد ۾ ٺاهي هئي. ان ڪتاب جي صدقي اسان جي واقفيت دوستيءَ جي درجي کي پھتي. ان ڪتاب ۾ شامل نظم “ڇا تون ندي آهي” هن کي بيحد وڻندو هو. سائينداد سان پھرين ملاقات صادق ڪرائي، جڏهن مٺيءَ ۾ رائچند راٺوڙ جي پھرين شاندار ورسي ملهائي ٿي وئي. ان رات شديد بارش ۽ گجگوڙ پروگرام درهم برهم ڪري ڇڏيو. صادق ۽ مان پسڻ کان بچڻ لاءِ ڊوڙي وڃي هڪ هوٽل جي ڇاپري هيٺان بيٺاسين، ته جيڪو شخص اڳ ئي اتي موجود هيو، سو سائينداد هيو. اوندهه، وڄ، هوائن ۽ شديد بارش ۾ هن سان ملي دل ۾ بيٺل ملڻ جي حسرت واري وڻ تي بھار چڙهي آئي. سائينداد سان آخري ملاقات مٺيءَ ۾ هڪ پروگرام ۾ شرڪت وقت ٿي، جنھن ۾ هو آيو ته نه هو، پر اسان کي شهر ٻاهران هڪ هوٽل تي زبردستي روڪي هن ماني به کارائي ۽ نصير مرزا سان يونيورسٽيءَ جي ڏينهن جون يادگيريون، ماٺيڻي اوٺي جي خودڪشي، طارق عالم جي عشق سميت ڪئين موضوعن تي مزا وٺي ڳالهايو ۽ چرچا گهٻا به ڪيا. اهڙي کليل ڪچھري ان کان اڳ سائينداد سان ڪڏهن نه ٿي. شايد ان ڪري به ته اها آخري ڪچهري هئي. ھاڻ جڏهن هن جي ڇڄڻ واري باهه جهڙي خبر ملي آهي، تڏهن خليل ڪنڀار ۽ مان مريءَ جي برفن مان نڪري، اسلام آباد پهتا آهيون. اڪيڊمي ادبيات جي رائيٽرس هائوس واري چنار جي ڇڻي ويل وڻ هيٺان بيهي، آسمان ۾ ٽمٽمائيندڙ ستارن کي ڏسي سوچيان ٿو، ڇا ڪنھن شاعر جي موت واري ڏينھن به فطرت پنھنجو معمول تبديل نٿي ڪري سگهي؟ اڄ جڏهن مٺيءَ جي گڊي ڀٽ تان شھر آرتيءَ جي ٿالهي نه لڳندو هوندو، ڇا تڏهن به آسمان جو ڏيئا ٻاري رکڻ ضروري آهي؟ سائينداد جو ئي غزل، سائينداد جي نالي. ھُو روانو ٿي چُڪو - مُون اکيون پُوري ڇڏيون ڪو زمانو ٿي چُڪو - مُون اکيون پُوري ڇڏيون تون جي ناھين ڇا ڏسان تُون جي ناھين ڇو ڏسان بس بھاُنو ٿي چُڪو - مون اکيون پُوري ڇڏيون مُون کي آھي پنھنجي ھِن خُوش نصيبي تي خُوشي !! غم، ترانو ٿِي چُڪو - مُون اکيون پُوري ڇڏيون ھھڙي ھاڻُوء دؤر مٍ ڪوئي جاھل ئي جِئي نيھن نشانو ٿي چُڪو - مُون اکيون پُوري ڇڏيون داد اھڙو ماڻھَو ھو، جنھن جو متبادل نہ ھو پر دِوانو ٿي چُڪو- مون اکيون پُوري ڇڏيون عشق مُنھنجي تي چڙھي وقت جي واري وَئي ڦَٽ، فسانُو ٿي چُڪو - مُون اکيون پُوري ڇڏيون۔ پروفيسر سائينداد ساند سگهارو شاعر ۽ استاد ڀارومل امراڻي سانوري رنگ ۽ سٻاجهي سڀاءُ وارو شاعر جنهن جي شاعري ۾ ڳوڙها ڳالهائيندا آهن ۽ دل جي تاريخ لکبي آهي. جنهن جي ڪلا صديون سميٽي ڪروکيتر جو ڪرڀ سنڌو ڌارا جي ڪنارن تي محسوس ڪندي آهي. جنهن جي قلم جي ‘ڪرڻ ڦل’ مان غم جي گلابن جو عرق ٽپڪندو آهي. جنهن وٽ شاعري جي ٻولن سان ٻڌندڙ جي روح کي گرمائڻ جي سگهه آهي. جنهن جي شاعري کي واريءَ جي ڀٽن جي ديس ۾ ‘وهائو تاري’ جو ويس ڌارڻ اچي ٿو.جنهن جي شاعري مان معلوم ٿيندوآهي ته، درد کي لفظن ۾ ڪيئن لهرائي سگهجي ٿو. جنهن ڪوي سو دکن دردن، اڪيلاين ۽ اداسين مان گذري ڪوتا سان نڀايو آهي. روز جنهن جي روح ۾ پيار جو تاڙو تنواريندو آهي. محبت جا مور ٽهوڪندا آهن. هُو قرب جي مينهن ڦڙي جي لاءِ واجهائي شاعري سان رسول حمزا توف جي لفظن ۾ مخاطب ٿيندو آهي ته؛ “شاعري ڇا تون نٿي ڄاڻين ته آئون توکي ڪڏهن به ترڪ نٿو ڪري سگهان، ڇا آئون پنهنجي زندگي ۾ ايندڙ خوشين ۽ پنهنجي اکين ۾ اُٿلي ايندڙ ڳوڙهن جي درياه کان ڪيڏانهن ڀڄي سگهان ٿو؟” هن کي پتو آهي ته مومل کان سواءِ مينڌرو ڪجهه نه آهي. سارنگا جي سڪ بن سڏونت جو سارو پنڌ اڪارٿ آهي. ملير جي مٽي جي تانگهه سان مارئي ابديت پاتي آهي. سنڌي ٻولي جو هي سگهارو شاعر سائينداد ساند جنهن جي شاعري جي ٻي مجموعي ‘دل جي تاريخ’ جو مهاڳ لکندي مون واضع لفظن ۾ لکيو آهي ته؛’سائين سائينداد ساند جي شاعري جو سرور من ۾ ماڻڻ کان اڳ ۾ سندس اباڻي خطي ٿر جي لوڪ شاعري جي حسناڪي جو لطف دل ۾ اُتارڻ ضروري آهي. جنهن ۾ وطن سان محبت ۽ بيپناهه جماليات جا جذبا سمايل آهن،جنهن جو پرتوو هن جي شاعري تي آهي. ۱. اڄ صبح جو سوير تلاءُ جي ڀرسان ڏٺو، ته زمين جي ٽڪري کي ديوتا سجدو ڪري رهيا هئا، آئون حيران ٿي ويس، مون اُها جاءِ وڃي ڏٺي، معلوم ٿيو ته تون اسر ويل پاڻي ڀرڻ ويئي هئين تنهنجي پيرن تي جيڪا مهيندي لڳل هئي تنهن جا نشان اُتي هئا. ديوتا اُنهي پوتر زمين کي سجدو ڪري رهيا هئا. ۲. رات امراڻي ۽ ڍاٽ جي پاسي وڄ جي چمڪاٽ جهڙي روشني ٿي، آئون پرديس ويل هئس، مون پرديس ۾ اها روشني ڏسندي ڀانيو وسڪارو ٿر تي وريو آهي. انهي مهل نڪتس، وچ رستي ۾ هڪ واٽهڙو گڏيو تنهن چيو ته مينهن ته نه وسيو آهي، ان وقت مون سوچيو ته تون شايد پينگهه لڏي هوندينءَ تنهنجي بدن تان پولڪو پري ٿيو هوندو، جنهن جي اُهاءُ سان اها چمڪاٽ ٿي آهي. ۳. اي منهنجا پٽ اُٿ مٽي جي پڪار ٻڌ، هن قومي ويڙهه واري موقعي تي پري هٽندين ته منهنجي ٿڃ تو لاءِ زهر برابر آهي. ۴. اي سکي مون کي ڪانئرن جو پاڙو ڪڏهن پسند نه آهي، آئون انهن جوڌن تان ٻلهار وڃان جيڪي سرن جو سودو ڪندا آهن. ۵. ملڻ ڀلو آهي نه وڇڙڻ، ٻنهي کي ڇڏي ڏي، وڇڙندي مڇي مري ويندي آهي، ملڻ سان پتنگ موت جو کاڄ ٿيندو آهي.’ سنڌ جي ڪڙم قبيلن ۾ سوڍا قبيلو نامور قبيلو رهيو آهي. جنهن سچائي، سورهيائي ۽ سخاوت ۾ پاڻ ملهايو آهي. چارڻ ڪوي چوي ٿو ته؛ ڪڇوا جهالا ڪم ڌج، جگ سسوڏيا جو، مڇري ڪو جادم ملي، سوڍي سمهو نا ڪو. (ڪڇوا، جهالا، ڪم ڌج (هجن) يا جڳ جا (واکاڻيل) سسوڏيا نهار، مڇري جا جادم ملن، پر انهن مان ڪو به سوڍن جو ڪڏهن مٽ نه ٿو ٿي سگهي.) سنڌ جي سوڍن پٽن رحمڪي بازار جي رڻ ۾ دودي سومري تان گهورڻ کان وٺي ٽلٽي ميدان ۾ جونجهارڪو جهيڙو مچائڻ تائين پاڻ ملهايو آهي.هانسي سوڍي کان رڻمل سوڍي تائين تاريخ جا صفحا سچن سوڍن جي تاريخي ڪارنامن سان ڀريل آهن. سنڌ جي ڪلاسيڪل توڙي جديد ادب ۾ ‘سوڍا’ لاکيڻا ڪردار رهيا آهن. ساند قبيلو جنهن کي ٿري ٻولي ۾ ‘سائوند’ سڏيو ويندو آهي.سوڍا قبيلي جي پنجٽيهه شاخن مان هڪ شاخ آهي. چيو وڃي ٿو ته گجو راڻي کان ٽي پيڙهيون اڳ ۾ ساوند سوڍو ٿيو هو. جنهن جو اولاد ساوند/ساند سڏجي ٿو. نسل در نسل تلوار جي طاقت رکندڙ سوڍن جي قبيلي ۾ ساند نک جي سڃاڻپ سنڌ ۾’تلوار ڌڻي’ کان وڌيڪ ‘قلم ڌڻي’ جي رهي آهي. ڪوتا جي ڪاڪ جي راڻن ۾ ماما جمن دربدر، حليم باغي ۽ سائينداد ساند کان وٺي حاجي ساند، انور ساند ۽ اسحاق ساند تائين ڪيترائي نامور نالا آهن. جن مڃتا جي مومل کي ماڻيو آهي. اسلام ڪوٽ لڳ ڳوٺ متاري ساند جي رهواسي محمد حسن ساند جي پنجن پٽن ۾ سائين سائينداد ننڍو پٽ آهي.سائينداد کان وڏن ڀائرن ۾ لونگ، امام بخش، پيرڏنو ۽ منڱيو شامل آهن.سائين سائينداد ساند جي جنم تاريخ اسڪول جي رڪارڊ مطابق پهرين مارچ ۱۸۶۰ع آهي. جڏهن ته اصل ۾ سال ۱۸۶۱ع آهي. سائينداد ساند پڙهائي ۾ ننڍپڻ کان وٺي ذهين رهيو آهي. پڙهائي جي لاءِ هن مختلف ڳوٺن جي اسڪولن جو سفر ڪيو. تن ۾ جوگلار، وينجهڻياري، اسلام ڪوٽ، جوڳي مڙهي، فضل ڀنڀرو ۽ نئون ڪوٽ شامل آهن. ميرپورخاص جي شاهه عبداللطيف ڪاليج مان فرسٽ ايئر جو امتحان ڏيئي انٽر جي لاءِ سچل ڪاليج حيدرآباد ۾ داخل ٿيو. ائين پڙهائي جو پنڌ ڪري سنڌ يونيورسٽي جي اولڊ ڪئمپس ۾ پهتو. هن پرائمري کان وٺي ايم اي سنڌي تائين هن سدائين نمبر کنيو.ايم اي سنڌي فرسٽ ڪلاس مان پاس ڪيائين. سائينداد ساند پڙهائي جي ڏينهن جي ساروڻين ۾ اڪثر فضل ڀنڀري جو ذڪر ڪندو آهي. جتي فقير شير محمد بلالاڻي ۽ سائينداد ساند گڏ رهندا ۽ پڙهندا هئا. نامور ڪهاڻيڪار، ڊراما نويس عبدالقادر جوڻيجو ۽ پريم شيواڻي استاد هوندا هئا. جيڪي نصاب سان گڏ ڪهاڻين، شاعري ۽ مصوري جي موضوعن تي پڙهائيندا هئا. سائينداد ساند عبدالقادر جوڻيجي جو تذڪرو ڪندي ماضي ۾ ٽٻي هڻي ٻڌائيندو آهي ته، عبدالقادر هڪ استاد کان سنڌالاجي جي ڊائريڪٽر تائين ڪيئن سفر ڪيو آهي. عبدالقادر جوڻيجي جو چاچو رمضان وقت جو ڏاهو ماڻهو هو. رمضان جي ڳالهين ۾ تشبيهون منفرد هونديون هيون. عبدالقادر جوڻيجو به سائينداد ساند کي اهڙي ئي الفت سان ساريندو آهي. سائينداد ساند ۱۸۷۸ع کان ۱۸۸۶ع تائين سنڌ الاجي ۾ ملازم ٿي رهيو. جتي سائينداد ساند جي بقول ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ ميڊم مهتاب اڪبر راشدي کان لڪي شاعري جي فن تي ڪتاب پڙهندو هو. پر انهن ڪتابن مان حاصلات غير عملي هئي. سنڌالاجي ۾ ماٺيڻو اوٺو هن سان گڏ ڪم ڪندو هو. ڄامشوري ۾ سائينداد ساند عبدالقادر جوڻيجي، امداد حسيني، ستيه پال سنتوش ڪامراڻي، الهڏتو وگهيي، نياز پنهور، قيس عالم ابڙي، ماٺيڻو اوٺي، ڊاڪٽر پرويز پٺاڻ، نصير مرزا جي سٿ ۾ رهيو. سائينداد ساند کي طارق عالم ابڙو جڏهن ياد ايندو آهي ته هُن جي لطيفن جون ڪهاڻيون مٺي ۾ دوستن کي ٻڌائي پاڻ کي سرچائيندو آهي. ۽ ماٺيڻو به سائينداد جي من تان ڪيئن اتري سگهي ٿو. جنهن جي وڇوڙي تي هن اکيون ابر جيان وسايون هيون. ۲۲ سيپٽمپبر ۱۸۸۶ع تي ڊگري ڪاليج مٺي سنڌي جي مضمون جو ليڪچرار ٿي آيو.مٺي ڪاليج ۾ رهي هن ترقي ماڻي ليڪچرار مان پروفيسر جي عهدي تي پهچي مٺي ڪاليج جو پرنسيپال پڻ بڻيو. ڊگري ڪاليج مٺي جو نالو نامور راڳي صادق فقير جي نالي منسوب هن جي ايامڪاري دوران ٿيو. سائين سائينداد فيبروري ۲۰۱۷ع ۾ ڊگري ڪاليج ڏيپلو مان سرڪاري نوڪري تان رٽائر ڪيائين، پر هڪ استاد جي حثيت ۾ اڄ به شاگرد ساٿين جو غير رسمي ڪلاس وٺي علم ونڊي رهيو آهي. پروفيسر سائينداد ساند شعر چوڻ جي شروعات انٽر ۾ پڙهڻ دوران ڪئي هئي. ڪيترن سالن تائين شعر لکي پوءِ ٽوڙي ڇڏيندو هو. پر زندگي جو پهريون غزل هن کي پهرين پيار جيان ياد رهجي ويو؛ يادون جاڳيون، سپنا جاڳيا، اکين اندر ڳوڙها جاڳيا. ‘ڳوڙهن ڳالهايو’ هن جي شاعري جو پهريون مجموعو آهي. جنهن ۾ اهو غزل شامل آهي.هن غزل کي پهرين ڪريم فقير ڳايو. پوءِ ٻين راڳين ڳايو. پر ڪريم پاري ننگر جي پوري اداسي ميڙي اهڙي پُر سوز آلاپ ۾ ڳايو آهي جو ٻڌڻ سان محسوس ٿيندو آهي ته جين مندر ۾ سڏونت سارنگا ساري ڳائي رهيو آهي. سائينداد ساند جهڙي طرح پهرين ڪتاب ‘ڳوڙهن ڳالهايو’ جي ڇپائي جي لاءِ راضي نه هو. پر دوستن دليپ ڪوٺاري ۽ ٻين جي گهڻي اسرار آڏو ڪڇي نه سگهيو. اهڙي طرح ٻي شاعري جي مجموعي ‘دل جي تاريخ’ جي لاءِ پڙ ڪڍي بيهي رهيو هو. پوءِ دليپ دوشي لوهاڻو ۽ آئون ڪنهن ريت هن کي راضي ڪري ويا هئاسين. شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت تي هن روئي روئي بيت لکيا هئا. جيڪي سندس مجموعي ‘سنڌ ڪرو کيتر جيان’ ۾ شامل آهن. صرف اهو ڪتاب ڇپرائڻ جي لاءِ شاعر پاڻ آماده هو، اميشا پبليڪشن پاران دوست واشديو جاني ڇپرايو آهي. ‘دل جي تاريخ’۽ ‘سنڌ، ڪرو کيتر جيان’ جا مهاڳ مون لکيا آهن. ‘سنڌ ڪرو کيتر جيان’ مجموعي ۾ پنجاهه کن بيت، هڪ وائي ۽ شهيد راڻي جي يادگار تصويرن تي مشتمل آهي. آئون هن ڪتاب جو مهاڳ لکندي وڏي ڪرڀ مان گذريو هوس. ڌرتي جي دامن ۾، سُتي منهنجي ڀيڻ، دنيا بڻجي نيڻ، روئي تنهن کي روز ٿي. _ راڻي تنهنجي رت مان، جُڙيا جيالا، ڀالا ئي ڀالا، سنڌ ڪُروکيتر جيان. سائينداد ساند ڪلهه ڪاليج جي هاسٽل جي ڪمري ۾ تنهائي سان ڳالهيون ڪندي سگريٽ تي سگريٽ دکائي رات آڌي ڌاري شاعري سرجندو هو. هاڻي گدام ڪالوني جي ڀر سان پنهنجي ڀرئي گهر ۾ سج اڀرڻ جي پهرين لالاڻ تي شعر لکي ٿو. پر اندر جون اڪيلايون، زماني جون تلخيون، ڳوڙها ۽ غم ساڳي ريت ساٿ آهن. هن ڪڏهن اهو الڪو نه ڪيو آهي ته ڪير نقاد بڻجي شاعري کي فٽ پٽي سان ماپي رهيو آهي ته ڪير نظرياتي نقطه نظر سان بال پين کڻي شاعري جي سٽن کي انڊر لائين ڪري رهيو آهي. هن پنهنجي جذبن جو فطري ۽ بي ساخته اظهار ڪيو آهي. هن جي زندگي جي پوري سچائي شاعري ۾ آهي. منهنجي هڪ دوست شاعري تي ڳالهائيندي مون کان سوال ڪيو ته؛ ڇا شاعري شاعر جي آتم ڪٿا هوندي آهي ؟مون بي اختياري سائين سائينداد ساند جي شاعري مان ڪجهه شعر ٻڌائيندي چيو ته، سائين سائينداد زندگي جا راز ائين سليا آهن. دل جي درري کولي نيڻ نهار کان وٺي تصورن جي ترورن تائين خوبصورتي جي تلاش ڪندي جيڪي رومانوي رنگ پسيا آهن. سوچ ۽ لوچ ۾ فڪر ۽ نفسيات جا جيڪي نوان نقطا نوٽ ڪيا آهن. تن کي شاعري ۾ پيش ڪيو آهي. ۸۰۽ ۸۰ جي وچ وارو عرصو صادق فقير ۽ ڪريم فقير جي اڀرڻ جو وقت هو، سائينداد ساند جي شاعري کي پهرين انهن راڳين ڳايو آهي، پوءِ پوري سنڌ جي گلوڪارن جي ڳلي مان هن جي شاعري گونجي آهي. فوزيه سومرو جي آلاپن ۾ سائينداد ساند جي شاعري ڏاڍي مقبول رهي آهي؛ خاص طور ‘ڪنهن هٿ هلايا ته ڳوڙها ڳڙي پيا’ ‘ڪوته اهڙو هجي، ڳوڙها منهنجا اگهي’، ‘مرڪندي مرڪندي جي تون مون سان ملين غم منهنجا خوشي ۾ بدلجي وڃن’، ‘وڇڙي وڃين ٿو تون پر ياد ڪندين ڏاڍو’ جي ڪلامن جا ٻول آهن. صادق فقير جيان سائينداد ساند جي انهن ٻولن ‘ ٽوليءَ مان ئي ٽاريو ٿا، دل پٿر جي ڌاريو ٿا،’ ‘دل کي ڌوڏيندڙ هي گهڙي آهي’ کي ڪير ڳائي نه سگهيو آهي. صادق فقير سائينداد ساند جي غزل ‘ جڏهن گهيري وڃي غم ڪو، تڏهن مون ڏي هلي اچجان’ جي هڪ بند ۾ ‘ منهنجي مٺي جانان’ جا لفظ اهڙي مٺڙي آلاپ ۾ آلاپيندو هو، جو ٻڌڻ سان اهي لفظ ڪوئل جي ڪوڪ وانگر من ۾ پيهي ويندا هئا. پيارو رجب فقير به سائينداد ساند کي روح سان ڳائي رهيو آهي. سائينداد ساند کي استاد حسين فقير پڻ غضب جو ڳائيندو هو.سائين سائينداد استاد حسين فقير کان راڳ ۽ موسيقي سکڻ جي لاءِ نئين هارمونيم ورتي. استاد هاسٽل جي روم تي سيکارڻ جو عمل شروع ڪيو هو، پوءِ اهو سلسلو ڪيترا ڏينهن هليو؟سائين راڳ ۽ موسيقي جي مانڊاڻ کي ڪيترو سکي سگهيو ؟انهي ڳالهه جو مون کي پتو نه آهي پر مون سُر ۽ ساز سان هن جي پُراڻي پريت کي ويراوير وڌ ڀيرا ڏٺو آهي. منهنجي سائين سائينداد ساند سان پهرين ملاقات ڪڏهن ٿي؟ چٽي طرح ياد نه آهي.پر اها ڳالهه ياد آهي ته ۱۸۸۷ع ۾ صادق فقير ۽ ڪجهه ٻين ساٿين پاران مٺي جي سراڻ ڪالوني ۾ جڏهن ‘وسڪاري جي آجيان’جو ڏهاڙو ملهايو ويو هو، تڏهن ان پروگرام ۾ مون هڪ ‘وائي’ پڙهي هئي ان تي سائين وڏو داد ڏيئي اتساهيو هو. ڪاليج ۾ داخلا جي پهرين ڏينهن تي سائين سائينداد ڪلاس ۾ اچي شاهه لطيف بابت اسان کان سوال پڇيا هئا. صحيح جواب ڏيندڙن ۾ آئون به شامل هوس. ڪاليج جي پڙهائي دوران ڪلاس روم کان سائين سائينداد جي هاسٽل جي ڪمري تائين علم، ادب، شاعري، ۽ زندگي جي مختلف قدرن تي روز ڪچهريون ٿينديون رهيون.ڪڏهن ڪڏهن آڌي اسر جو پتو نه پوندو هو. هڪ سرد سياري ۾ ڪچهري ڪري سائين جي ڪمري مان اٿياسين مون وٽ ڪوٽ نه جرسي. سائين سائينداد ساند پنهنجي اجرڪ ڏني، اوڍي گهر آيس. اجرڪ ڀلي هئي. اهڙي اجرڪ ان وقت خريد ڪرڻ منهنجي وس ۾ نه هئي. ٻي ڏينهن شام جو سائين کي اجرڪ واپس ڏيڻ کان اڳ ۾ اجرڪ ڪلهن ۾ وجهي شهر مان ٻه چار چڪر لڳايا هئا. سائين سان جڏهن به ملبو آهي، ساڳيو مان مرتبو، عزت احترام، ساڳي حجت ڀريو انداز رهندو آهي.سائين تمام گهڻي حساس طبيعت جو مالڪ آهي.زماني سازي جي دستور وڌيڪ دل جي چوڻ تي هلندو آهي. پنهنجي شاگردن جو خاص خيال رکندو آهي. سائين سائينداد ساند چوندو آهي ته ماڻهو ‘ڊي ڪلاس’ رهي سگهي ٿو پر ‘ڊي گريڊ’ ٿي ڪڏهن نه، ان ڪري سائيداد ساند ‘انسلٽ’ ڪڏهن برداشت نه ڪندو آهي.هن وٽ فنڪارانه انا آهي. ڪاليج ۾ ان وقت جو پرنسيپال سائين ريجهو ڪرشناڻي هوندو هو. ڇا ڳالهه ڪجي سائي ڪرشناڻي صاحب جي! گريٽ ماڻهو هو. منهنجو تمام گهڻو خيال رکندو هو. اسان ڪجهه شاگرد دوستن سائين ڪرشناڻي صاحب کي ڪارونجهر جو سير ڪرائڻ جو عرض ڪيو. سائين سائينداد اسان جي مڪمل طرفداري ڪئي. اسان سان گڏ هليو. پارڪر جو پورو پٽ گهمياسين. مون سائين جي لائبريري جا اڪثر ڪتاب پڙهيا آهن. سائين جي ويجهڙائپ جي ڪري ڪاليج جي زماني ۾ ڪاليج جي لائبريري جا ڪتاب پڙهڻ جو وڏو موقعو مليو. ٿر ۾ جديد ادب ۽ ترقي پسند فڪر جو وڏو ترجمان رهيو آهي. ‘ٿر سيمنار’ کان پوءِ ترت مٺي ۾ سائين سائينداد ساند سان رهاڻ جو وڏو پروگرام ٿيو. اهو پروگرام سائين جي شاگردن ڊاڪٽر لال لهاڻي، ڊاڪٽر سريش مکي، ڊاڪٽر ڪشور کتري، واشديو جاني ۽ ٻين رکيو هو. اهو فوزيه سومرو جي عروج جو زمانو هو.ان پروگرام جي رڪارڊنگ پپو ڪوٽڪ وٽ سنڀالي رکيل آهي. سائينداد نثر تمام ٿورو لکيو آهي پر خوبصورت لکيو آهي. ڪتاب ‘خيالن جا پکي’ سائينداد ريڊيو اسڪرپٽ، تقريرن ۽ انٽريوز جو مجموعو آهي. سائينداد جو ريڊيو پروگرام مشهور ۽ مقبول رهيو. سائينداد ساند جو لکيل هڪ ڪتاب’ ٿر جي ادبي تاريخ’ اڻ ڇپيل آهي. سائين سائينداد هڪ روزاني اخبار ۾ ڪالم لکڻ جو سلسلو شروع ڪيو هو پر ڪجهه ڪالمن کان پوءِ ڇڏي ڏنائين. سائينداد ساند جڏهن ڪاليج جو پرنسيپل ٿيو ته مون پنهنجن ساٿين شهاب نهڙيو ۽ ناشاد سمون سان گڏجي آجياڻي جو مٺي پريس ۾ پروگرام ڪرايو. سائين سائينداد پروگرام جي لاءِ راضي نه هو پر پنهنجي شاگرد ۽ دوست جي هجت کي جواب ڏيئي نه سگهيو. سائين جو ڀاءُ امام بخش راڄ نيتي جو رڄ مڙس هو. امام بخش جڏهن مٺي سائينداد ساند سان ملڻ ايندو هو ته سٺي ڪچهري ٿي پوندي هئي. راڄ ڀاڳ جا قصا، ڪهاڻيون، ٿر جي سماجي معاشي صورتحال تي تذڪرو ٿيندو هو. ڳجهارتن ۽ بيتن جي ڏي وٺ به ڪڏهن ڪڏهن سرس ٿي پوندي هئي. مون لکڻ هاءِ اسڪول ۾ پڙهائي دوران لکڻ شروع ڪيو هو. پر شاعري جي بحروزن بابت سکيا سائينداد ساند ورتي.ان کان اڳ ۾ تاج جويي جي ڪتاب ‘سنڌي گيت’ کي پڙهي ڇند وڌيا تي شعر سرجڻ جي جستجو ڪندو هوس.پر آئون ڏڏ جو نه بحر وزن کي ڀرپ ۾ ڀري سگهيس نه ڇند وڌيا کي. منهنجي نامور ڪهاڻيڪار ۽ ناول نويس علي بابا سائين پهرين ملاقات سائينداد ساند جي وليمي دعوت ۾ ٿي هئي. سهڻي شاعرحسن درس، نصير مرزا، ساغر سميجي ۽ بخشڻ مهراڻوي سان به سائينداد ساند ملايو. سائين سائينداد ساند بلبل کورواهي جو تمام وڏو احترام ڪندو آهي. بلبل کورواهي جي شاعري هن کي پنهنجي شاعري جيان ياد آهي. بلبل سان مکا ميلو به سائين سائينداد جي طفيل ٿيو . حيدرآباد جي هڪ اخباري دفتر ۾ ڪم ڪرڻ دوران جڏهن مهان ڏاهي ابراهيم جو انٽرويو ڪرڻ جو موقعو مليو. تڏهن جويي صاحب خوش خيريت کان پوءِ پهرين سائين سائينداد ساند جي شاعري بابت ڳالهه ڪئي هئي. آئون ايم اي سنڌي جي زباني امتحان ۾ مون کان گهڻو سائينداد ساند جي شاعري ۽ شخصيت متلعق پڇيو ويو. سائين سائينداد منهنجو تمام گهڻو خيال رکندو آهي. سائين مون سان ملهايل شام جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو ته، ‘آئون پنهنجي زندگي جي چئن ڪرڻن مان هڪ ڪرڻو ڀارو دوستي جو سمجهندو آهي.’ سچ ته اها سائين جي وڏائي آهي. آئون ته ايترو لهان نٿو. ڏک سک ۾ اسين هڪ ٻي جي هڪ هڪل تي گڏ ٿيا آهيون، مرڻي پرڻي جي ريتن رسمن ۾ ڀائرن جيان شرڪت ڪئي آهي. مون جڏهن هفتوار ٿر نيوز اخبار ڪڍي تڏهن به سائين سائينداد جو مڪمل ساٿ رهيو. مسلسل پنج سال ‘ ٿر نيوز جي سفر ۾ سائين اسان جي رهنمائي ڪئي. ‘ماٿاري ماٿي موريڙو ٻولي، مانرو هينئڙو هچڪولي’ جهڙي شاهڪار لوڪ گيت جو سرجڻهار پروفيسر سائينداد ساند ٿر ۾ گهري نگاهه ۽ اعليٰ حوصلي سان زندگي جا قدر طئه ڪري رهيو آهي. سائين سائينداد ڄامشوري جي دور کان وٺي سنڌي ادبي سنگت جو سرگرم ڪارڪن رهيو آهي. مٺي ۾ ڪيتري وقت تائين مٺي شاخ جي گڏجاڻي سائين جي هاسٽل واري روم تي ٿيندي رهي. سائين شاخ جو مختلف وقتن تي سيڪريٽري پڻ رهيو آهي. سائين سائينداد ساند کي ڏسي مون کي سدائين غالب جو شعر ياد ايندو آهي ته؛ نه جانوُ نيڪ هون يا بد هون، پر صحبت مخالف هي! جو گل هون تو هون صحرا مين، جو خس هون تو هون گلشن مين. صحرا جي دامن ۾ ٽڙيل گل جهڙو شاعر خوشبوءِ جيان اڪيلو آهي. پنهنجي مٽي تي منفرد آهي.هن لڙڪن جو عرق لفظن ۾ آڻي ڪوتا کي پياري رهيوآهي. ۱۸۸۸ع جي زماني ۾ سائين جي شاعري جو مسودو هاسٽل جي ڪمري مان چوري ٿي ويو. جنهن جو ارمان هن کي اڄ به آهي. آخري حصو؛ مون سائين سائينداد ساند جي شاعري تي اڳ ۾ ڪافي لکيو آهي. خيالن جا پکي ۾ نثر جو جائزو پيش ڪري چڪو آهيان. هن خاڪي ۾ سائين جي شخصيت ۽ شاعري تي لکندي دهراءٌ کان بچڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن خاڪي سان ڪيترو نڀائي سگهيو آهيان اهو پڙهندڙ فيصلو ڪري سگهن ٿا. مون سائين جي شاعري ۽ شخصيت کي جيئن محسوس ڪيو آهي. ائين لکيو آهي. ڪافي ڳالهيون رهن ٿيون. انهن جو تذڪرو ڪنهن ٻي ڀيري ڪبو . ڪنهن دور ۾ سائينداد ساند پنهنجو هي غزل بار بار ٻڌندو هو. رات گذري وڃي ته ڏاڍو سٺو، ياد وسري ته ڏاڍو سٺو. اڄڪلهه نجي ڪچهري ۾ پنهنجي دوست خالق درس کي حسن درس جا ٻول ترنم ۾ ٻڌائڻ جي بار بار فرمائش ڪندو آهي. هڪ ڏيک يادگيري هڪ شام جو تصور، کڙندڙ گلاب آهي هڪ نام جو تصور. (ڀارومل امراڻي جي ڪتاب ٿر ٿر اندر ٿاڪ ۾ ڇپيل) سائينداد ساند ۽ دروازو بند ٿي ويو! خليل ڪنڀار کليا هوندا کليا هوندا سدا دروازا هن دل جا، جڏهن مون ۾ پوي ڪم ڪو، تڏهن مون ڏي هلي اچجان! جڏھن سائينداد ساند مٺيءَ جي ڳلين کي ڇلي جيئن پاتل هوندو هو، تڏھن اسين هن جي خوبصورت غزلن جي خوبصورت ڪردارن کي ڏٺي سڃاڻندا هئاسين. اڄ به جڏھن آئون سندس غزل ڪنهن هٿ هلايا ته ڳوڙھا ڳڙي پيا اوهين ياد آيا ته ڳوڙھا ڳڙي پيا ٻڌندو آھيان ته مون کي دُور ديس کان مٺي بدلي ٿي آيل ٽيليفون آپريٽر جي اُھا بي انتها حسين ڌيءَ ياد ايندي آھي، جنهن مٺيءَ مان وڃڻ ويل ايس آر ٽي سي بس جي دريءَ مان پنهنجي ڳوري ٻانهن ڪڍي لوڏي هئي ۽ سائينداد ساند ٻارن وانگي ڍاڍون ڏيئي رُنو هو. اهو حادثو سائينداد کي سُڃاڻندڙ سڀني ماڻھُن جي مٿان ريل جيان گذريو هو ۽ سائين سائينداد ان منظر کي پنهنجي غزل ۾ چٽيو هو: کڻي آئي برسات يادُون اوهان جون کنوڻ رنگ لايا ته ڳوڙھا ڳڙي پيا هن جي مشھوري جو اهو عالم هو جو مٺي جا ننڍڙا ٻار ۽ جوان مايون سائينداد ساند کي سڃاڻنديون هيون. هو مٺي شھر جو شاعر هيرو هو. سائينداد کي ماڻھُن کان، ڪچهرين کان، محفلن کان ۽ هجومن کان ڊپ ٿيندو هو. هُو انتهائي تنهائي پسند ماڻھو هو. پاڻ سان ملهائجندڙ شام واري ڏينهن ڪاليج جي هاسٽل واري ڪمري کي تالو هڻي گم ٿي ويندو هو ۽ ماڻھو سندس غير موجودگي ۾ پيا سندس شاعري تي ڳالهائيندا هئا. هن جي شاعري جا پهريان سامعين اسين هوندا هئاسين. صادق فقير جي صدارت ۾ ڪاڪي جهامن جي هوٽل جي کٽن تي روز شام جو محفل سجندي هئي. صادق فقير اسان کان وڇڙي ويو. ان کانپوءِ اسين سڀ هڪٻئي کان وڇڙي وياسين ۽ مٺي جو شھر اُردو جي هن شعر جيئن ٿي ويو ته، ڪون ديک ڀال ڪري اس گهر ڪي روز اڪ چيز ٽُوٽ جاتي هي اسين جيڪي هڪٻئي جي اکين ۾ پرويا پيا هئاسين، اهي هڪٻئي کي ڏسڻ لاءِ سِڪي وياسين. هڪ ٻئي جي ڏُکن سُکن کان اڻ ڄاڻ بي خبر ڪير ڪنهن جو حال ڀائي نه رهيو. آئون ۽ پيارو شواڻي هن جي شاعري جي ڪڏھن ڪڏھن پئروڊي به ٺاهيندا هئاسين. ٻه چار ڏينهن جي رُسامي کانپوءِ پيرن تي هٿ رکي پرچائيندا هئاسين. تنهنجي در تان جو به اُڏاڻو پنڇي پر ۾ ويٺاسين هئاسين تون جي ڳولين ها ته پرين وارن ور ۾ ويٺا هئاسين انهيءَ غزل جي پئروڊي لکي کيس ٻڌائي سين: پوڙھا ڪنوارا، مٿان سيارا انهيءَ عمر ۾ ويٺا هئاسين سائين اسان کان رُسي ويو. هُو هڪڙو رُسڻو ماڻھُو ۽ معصوم رُوح هو. هن کي رُسي پرچڻ ۾ قرار ملندو هو. سائينداد ڪڏھن، ڪٿي، ڪيئن ۽ ڇو رسندو، ان جي ڪا به خبر نه هوندي هئي. ملڻ ۾ وڏو وقت لڳي وڃي ته سمجهبو هو ته سائين ناراض آھي. هن پنهنجي سڄي حياتي ۾ سليقي سان صرف شاعري ڪئي، باقي هر لحاظ کان بي ترتيب ئي رهيو. ڪنهن ڏنا غم ۽ ڪنهن ڏنيون خوشيون هاڻ وسري وڃي ته ڏاڍو سُٺو هڪڙي ڀيري آئون ۽ کاٽائو جاني ٿر ڪتاب گهر جي بئنچ تي ويٺا هئاسين. سائين سائينداد آيو. اسان کي اورانگهي ڪشور کان سامان وٺي واپسي ۾ به بغير نهارڻ جي هليو ويو. کاٽائو مشڪيو. مون کاٽائو کان پڇيو ته سائينءَ ايئن ڇو ڪيو؟ ته کاٽائو چيو ته، ايئن ڪرڻ سبب ئي پاڻ کيس ڀانيون ٿا. جي ايئن نه ڪري ته هو سائينداد مان هڪڙو عام ماڻھو ٿي وڃي. اها ادا ئي هن کي منفرد بڻائي ٿي. هن مون کي سدائين دعائون ڏنيون ۽ منهنجي لاءِ سدائين دعائون لکيون. خليل شال خوش ھوئين، ڪومائين نه ڪُنڀار توسان منهنجو پيار، ٻُڌائڻ کان ٻيڻو ٿيو سائين سائينداد ساند اگهو ٿي پيو آھي ته سنڌي غزل جي اڱڻ تي چوڙيلي ٻانهن واري لوڏ سان هلندڙ من موهيندڙ غزلن جي تخليقڪار لاءِ مٺي جو سڄو شھر دُعا پيو هو پر هو اسان جي هٿن مان ڪري پيل دعا بنجي ويو. اکيون انتظارن ۾ آھن، اجهو ڄڻ اچين پئي اچين پئي وڌل ڦول وارن ۾ آھن، اجهو ڄڻ اچين پئي اچين پئي نه ڪا دعوا، نه ڪي لشڪر. نه ڪي نعرا، نه ڪي تڪرار. هُن بس پنهنجي شاعري وسيلي ئي زنده رهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ھو پنهنجي ڏات جي ڪرشمي سان هر اسٽيج، هر محفل ۽ هر رهاڻ ۾ پڙھيو، جهونگاريو ۽ ڳايو ويو. سندس غزل زبان زد عام رهيا. ڌنارن جي بانسرين ۾ وڄندا رهيا،ٻانهارين جي جهرمٽ ڳايا ويا ۽ ڳائڻن جي صدا ۾ گونجندا رهيا ۽ هر پيار ڪندڙ ماڻھُو جي اظھار جو حيلو وسيلو بڻيا. هن ڪڏھن به شاعر ٿيڻ جي سازش ۾ ڪنهن کي ٺونٺ ڪو نه هنئي، ڪنهن کان مدد ڪو نه طلبي، ڪنهن تي اُلر به ڪانه ڪيائين. هن بس غزل لکيا ۽ ڇا ته غزل لکيا: ولي ٿيندي ٿيندي ٿي شاعر وياسين ڪري ڀي ڪرامت ڪري تو نه ڄاتي اسين خوش نصيب آھيون جو اسان کي هن جي دعائن جي اوٽ ۾ رهڻ جو موقعو مليو. اسان هن جي شاعري جا پهريان سامعين رهياسين. اسان هن جي شاعري جي هڪڙي هڪڙي سٽ جي پويان موجود واردات جا واقف ڪار آھيون. اسين هن جي خوبصورت شاعري ۾ موجود خوبصورت پَرين جي روپهري ٻانهن ۾ پاتل ڪنگڻن جي واڄي کي ٻڌي سگهڻ وارا خوشنصيب آھيون. اسين ڇورا ڇنا، گهر گهاٽ بنا ڄڻ ڪي هُلندڙ ھوائون اسان جون مائون نه محبوبائون سائينداد ساند پنهنجي سڀاءُ، زندگي گذارڻ جي طور طريقن ۽ پنهنجي حسين غزلن ۾ هر لحاظ کان، هر زاويي کان بس شاعر رهيو، جيئن شاعر هوندا آھن تڪرار کڙا ڪري شاعر ٿيندڙ زماني ۾. هن صرف ۽ صرف شاعري لکي. ايڏو رُوئندو نه ڪري ايڏو رلندو نه ڪر ڪوئي مون کي چوي ڪو ته اهڙو هجي اڄ مٺي هڪڙي حسين شاعر کان محروم ٿي وئي. هن پنهنجي زندگي کي ڀرپور گذاريو، حسين شاعري لکي. مٺي جو گيتن ڀريو تعارف بڻيو ۽ اڄ گذاري ويو. پنهنجي آسپاس موجود وڏن ماڻھُن سان ننڍڙا ننڍڙا حساب نه ڪندا ڪريو. توهان نٿا ڄاڻو ته اُهي جڏھن هليا ٿا وڃن ته ڌرتي جي جهولي خالي ٿي ٿي وڃي. خدا حافظ سائينداد ساند! (ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۲ فيبروري ۲۰۲۴ع تي ڇپيل) سائينداد ساند اڃان ياد آهن، گهڻيون تنهنجون ڳالهيون مشتاق ٽانوري جيئن دنيا جو تخليقي تصور، عورت جي موجودگي کانسواءِ اڻپورو آهي. بلڪل ايئن علم ۽ ادب جي دنيا، شاعريءَ جي تصور کانسواءِ اڻپوري آهي. شاعري جي جھان ۾ سنڌي شاعري لطيف سائين، شيخ اياز، نارائڻ شيام، استاد بخاري، تاجل بيوس ۽ ٻين ڏات ڌڻين جي تخليقي سگھه سبب ڪنڌ کڻي بيٺل آھي. سنڌي شاعريءَ ۾ اهڙيون کوڙ ساريون نيون صنفون متعارف ٿيون آهن، جيڪي سنڌي ٻوليءَ ۾ سنڌي شاعريءَ جي روپ طور ضم ٿيون آهن. انهن ۾ غزل واري صنف پڻ شامل آهي. غزل کي جيتوڻيڪ فارسي ادب جو مک محرڪ سمجهيو وڃي ٿو، پر حسن جي سورن ماڻ، ماپن سان سرجندڙ غزل واري هن صنف سنڌي شاعريءَ ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن. غزل جهڙي نازڪ ادبي صنف جو ذڪر، ٿر جي وارياسين ڀٽن سان تعلق رکندڙ سائينداد ساند جي ذڪر کانسواءِ اڌورو آھي. جديد سنڌي شاعري ۾ غزل جو سھڻو شاعر ۽ استاد، سائينداد ساند ۱۸۶۰ع ۾ ٿرپارڪر ضلعي جي مٺي تعلقي جي ڳوٺ متاري ساند ۾ محمد حسن ساند جي گهر ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ بعد مئٽرڪ نئون ڪوٽ هاءِ اسڪول مان ۱۸۷۶ع ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين ۽ ۱۸۸۵ع ۾ ايم. اي (سنڌي ادب) فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان حاصل ڪري، عملي زندگيءَ جو آغاز ليڪچـرار طـور ۱۸۸۶ع ۾ ڪـيـائيـن.سائينداد ساند ٻه دفعا گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مٺي جو پرنسپال ۽ هڪ دفعو ڊگري ڪاليج ڏيپلو جي پرنسيپال جي عهدي تي رهي چڪو آهي ۽ هن مختلف وقتن تي تعليم ۽ تدريس جي عمل ۾ ڪاليج جي هزارين شاگردن کي علم سان روشناس ڪرائي ۲۸ فيبروري ۲۰۱۷ع تي رٽائرمينٽ ورتي. سائينداد ساند غزل سميت شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي. سندس شاعري مختلف اخبارن توڙي علمي ۽ ادبي رسالن ۾ ڇپجي چڪي آهي. سندس شاعريءَ ۾ عوامي رنگ وڌيڪ نمايان آهي، اهوئي سبب آهي، جو هن جي شاعري ڪيترن فنڪارن ۽ فنڪارائن ڳائي خوب داد حاصل ڪيو آهي. سائينداد ساند جا گيت ۽ غزل عوام جي دلين جي ترجماني ڪن ٿا. پنهنجي مزاج ۾ انتھائي گھڻو نفيس ۽ حساس طبعيت رکندڙ ھي اھو شخص آهي جنهن جي شاعري عام لوڪن جا ماڻهو به فوزيا سومرو، صادق فقير، الھڏنو جوڻيجو، ڪريم فقير، رجب فقير، رفيق فقير ۽ ٻين جي آواز ۾ وڏي دلچسپي سان ٻڌن ٿا ۽ سنڌ جو پڙھيل لکيل طبقو پڻ ھن جي شاعري جو مداح رھيو آهي. سائينداد سنڌ جي علمي ادبي لڏي ۾ ھڪ غير تڪراري ماڻھو رھيو. ھو پنھنجي شخصيت جي جوھر ۾ ھڪ خوددار شاعر من موجي ماڻھو ھو. ھن جي شاعري ۾ ھڪ وسيع انسپائيريشن ھئي. ھو سنڌي ٻوليءَ جو پختو شاعر ھو، کيس شاعري جي ھر صنف تي چڱو خاصو دسترس حاصل ھو. ھڪ نقاد جي حيثيت سان سنڌي شاعري جي ھر صنف تي خوبصورتي سان ڳالهائي سگهي پيو. کيس خبر ھئي ته سنڌي شاعري جي جدت جا رنگ ڪھڙا آهن ۽ ھن وقت سنڌي شاعري جو معيار ڪھڙي موڙ تي بيٺل آهي. سائينداد ساند جي شاعري جا اڪثر گيت ۽ غزل موسيقي جي رڌم جي تسلسل ۾ آهن اهو ئي سبب آهي جو سندس گيتن کي سرن جي آلاپ ۾ سموئڻ ڪنهن فنڪار لاءِ ايترو مشڪل ڪونهي.سائينداد ساند سنڌي ٻولي جو سگهارو شاعر ھو. سندس شاعريءَ جا ٽي مجموعا “ڳوڙهن ڳالهـايــو” “سنڌ ڪُروکيتر جيان” “دل جي تاريخ” ڇپجي پڌرا ٿيا آهن. ان کان سواءِ سندس نثري خيالن ۽ انٽرويوئن تي مشتمل ڪتاب “خيالن جا پکي” پڻ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. ٿر واسي پروفيسر سائينداد ساند کي آنڊي جي تڪليف سبب ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي آنڊي جي آپريشن بعد سندس طبيعت وڌيڪ خراب ٿي وئي. ماءُ ٻولين جي عالمي ڏھاڙي ۲۱ فيبروري ۲۰۲۴ع تي سنڌي ٻوليءَ جو سٻاجهو شاعر سائينداد ساند ڪراچيءَ جي خانگي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. الائي ڇو اسان کي وڻيون تنهنجون ڳالهيون جتي ڀي وياسين ڳڻيون تنهنجون ڳالهيون اڃان زندگي مان ٿڪا ڪونه آهيون اڃان ياد آهن، گهڻيون تنهنجون ڳالهيون (ڏھاڙي ھمسري حيدرآباد آنلائين ۾ ۲۴ فيبروري ۲۰۲۴ع تي ڇپيل) سائينداد ساند ڳوڙھن ۽ ٽھڪن جو شاعر وڇڙي ويو! ديال صحرائي زندگي ۾ سڀ کان پھرين جيڪو ڪلام ياد ڪيو ۽ دل سان ننڍپڻ ۾ ڪچھرين ۾ ڳايو اھو ھو “اوھين ياد آيا ته ڳوڙھا ڳڙي پيا..” ھي ڪلام اھڙو مشھور ٿيو جو جيڪو به ڇوڪرو نئون سکندو ھو ته ھي ڪلام سولائي سان ڳائي سگھندو ھو. فوزيه سومرو جا ڪلام ھونئن ئي ٿر جي ڳوٺن ۾ اڻپڙھيل ماڻھن کي به ياد ٿي ويندا آھن. ھڪ ته شاعري سادي سَولي، ٻيو ٻولي عوامي ھوندي آھي، موضوع به عوامي سطح جا ھوندا آھن ۽ وري ڌنون پڻ سَوليون ۽ وڻندڙ ھونديون آھن! سائينداد ساند جو اھو مشھور ڪلام اسان وٽ جڏھن ننڍپڻ ۾ سجاڳ ٻار تحريڪ جون گڏجاڻيون ٿينديون ھيون تڏھن سڀني ٻارن جي اھا خواھش ھوندي ھئي ته پھرين منھنجو وارو اچي ته اِھو ڪلام ڳائي وٺان، متان ٻيو ڪير ڳائي نه وڃي! سادي ٻولي اھڙو وڻندڙ ڪلام لکندڙ شاعر وڇڙي ويو! ھو ھروڀرو ڏکيا لفظ ٽُنبڻ واري بيماري کان بچيل تخليقڪار ھو. سادي ۽ وڻندڙ ٻولي ۾ نوان ۽ نرالا خيال پروئيندو ھو. سائين سائينداد ساند، صادق فقير سان گڏ ٿر ڪتاب گھر تي بيٺو ھو آئون ڪو ڪتاب وٺڻ ويس، سائين سان ھٿ ملايو تڏھن سائين صادق سائينداد ساند کان منھنجي باري ۾ پڇيو ته ھن کي سڃاڻين؟ سائين چيو نه ادا، تڏھن سائين صادق منھنجو تعارف ڪرايو ته ھي پنھنجو پاڻ کي الائي ڇا ٿو ڏسڻ چاھي پر آئون ديال صحرائي کي ھڪ آرٽسٽ ئي ڏسڻ چاھيان ٿو! آئون تڏھن سنڌ يونيورسٽي جي جيئالاجي شعبي ۾ پڙھائي ڪري رھيو ھئس. تڏھن سائين سائينداد وري ھٿ ڏنو ۽ چيائين ته اسان جون اھڙيون ئي نيڪ تمنائون اوھان سان گڏ آھن! پوء سائين جتي به ملندو ھو، انھي ياد کي تازي ڪندا ھئاسين! ھن سڄي خطي جي ماڻھن کي تاريخ وڏا ڏنڀ ڏنا آھن. ماڻھن جي پاڻي لاء اُڪير، تڙپ ۽ اُڃ جا قصا ته سڄي تاريخ جو پيٽ ڀري ويٺا آھن. اڃ انھن جو اڄ بي پيڇو نٿي ڇڏي. اربين روپين جا آر او پلانٽ به ھاڻوڪن واڳ ڌڻين جي لَڇڻن جي ڪري ٿر جي ماڻھن جي اُڃ گھٽائي ناھن سگھيا. ورھاڱي وارو تازو وڍ ته جيترو ھن وارياسي کي ڏنگي ٿو ايترو ڪنھن به علائقي کي نٿو ڏنڀي. ھن بارڊر جي ڀرپاسي وارن ماڻھن کي ھر شعبي جي ماڻھن زھر جا ڍُڪ آڇيا آھن. صحرا جي اينٿراپالاجي ۾ درد پرويا پيا آھن. اڪثر صحرائي ماڻھن جا ھينئان پرڻ ٿيل ھوندا آھن! انھي صحرائي علائقي جي دردن جو سائين وڏو ترجمان رھيو! ڪيترين ئي دلين جي احساسن کي منظوم ٻولي ڏني! جدائي، رشتا، لڙڪ، محبت، نڀاءُ ۽ بي وفائي جھڙن احساسن جي وڪالت ڪندڙ لفظن کي پنھنجي غزلن جي گود بخشي! ھن پنھنجي زندگي کي خوب ملھايو. ھن جي شاعري اڻپڙھيل کي به سمجھ ۾ ايندي ھئي ۽ ٻڌي دل سان واھ واھ ڪندو ھو ته وري ادب تي پي ايڇ ڊي ڪندڙ شخص به ھن جي شاعري ياد ڪرڻ تي مجبور ٿيندو ھو! ھن جي غزلن کي صادق جي آواز ۾ ٻڌڻ واري خواھش چانڊوڪي رات ۾ ٿر جي ڀٽ تي ويھي اُڀ ۾ چنڊ سان مقابلو ڪندڙ تارو تَڪَڻ واري تمنا جھڙي ئي خوبصورت لڳندي آھي! ھر شاعر غزل جو شاعر نٿو ٿي سگھي. سھڻا غزل لکڻ واري ڏات رياضت سان سنڀالڻ ايئن ڏکيو آھي جيئن ٿر جي واري کي مُٺ ۾ سنڀالڻ ڏکي آھي! سٺو غزل باذوق ماڻھو جي موڊ کي نيراڻي آرس موڙڻ کان وڌيڪ چس ڏيندو آھي! سائينداد ساند جھڙا غزل سنڌي شاعري جا چند نالا ئي لکي سگھيا آھن! پنھنجي علائقي جو ساءُ شاعري ۾ رچائڻ ۽ زندھ رکڻ جو ڏانءُ ھن وٽ ھو، ھن جا غزل ٿر جي مال جي اڃاري گھوري کي ٻني م پيل ڪوري گھڙي جي ٿڌي پاڻي جھڙي تاسير ڏيندا آھن! وڻن جي ٿڙھن تي لکيا پاڻ نالا اھي ڪنھن مٽايا ته ڳوڙا گڙھي پيا! سادگي ھن شخصيت جو سينگار ھئي. ٻولي کان وٺي شاعري پڙھڻ ۽ لفظن جي ادائگي تائين سائين جي شخصيت مان نوڙت، پنھنجائپ ۽ سچائي بَکندي پيئي ھئي. سائينداد ساند کي ڪيترن ئي بھترين راڳين ڳايو. انھن. سڀني ڪلامن مان جڏھن وحيد علي خان، “ڳاڙھو جوڙو پاتل ھوندو” ڳائيندو ھو ته ٻڌندڙن کي ڄڻ ته ساھ کڻڻ وسري ويندو ھو. موسيقي سان پيار چَئوڻ تي وڌي ويندو ھو، ڍولڪ جي تِيائي ۽ ٺيڪن تي آئيڊيئنس کي رقص ڪرائيندو ھو. راڳي کي شاعري وڻندي آھي تڏھن انھي کي ٺھڪندڙ ڌُن ترتيب ڏيئي سگھندو آھي. شاعري جڏھن پابند ھوندي آھي تڏھن موسيقي ۾ رچاءُ ايندو آھي.صادق فقير سميت جن به ڳايو آھي عوام انھي کي پنھنجي دل ۾ جاء ڏني آھي. اھو ئي سبب آھي جو سائينداد ساند جي وڇوڙي تي ادب ۽ فن سان تعلق رکندڙ ھر ماڻھو پنھنجي دل ۾ تڏو وڇائي ويٺو آھي ۽ ڏک جي اظھار ۾ سائين ۽ سندس پونئيرن سان پنھنجائپ جا ڀاڪر آڇي پيو (ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۸ فيبروري ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)