ﷲﷻ کی صفات بندوں کو دینا
Data Darbar, Lahore, Pakistan
تحفظ ختم نبوت ﷺ مارچ داتا دربار تا پنجاب اسمبلی 14 اگست کے دن حضور ﷺ کی ختم نبوت کیخلاف ناپاک عزائم رکھنے والوں کو انکی سازشوں سمیت روندنے کیلئے مسلمانانِ پاکستان اس مارچ میں شامل ہو کر خود کو تحفظ ختم نبوت ﷺ کیلئے پیش کریں!!! #We_Demand_Article_6_onFaezIsa
🤖 Atlas is rational and disciplined, making decisions based solely on objective data. 💡 Join us and benefit from Atlas's winning strategies. #Rationality #Discipline #WinningStrategies #Seanode
The perfect Subscribe Bell Notification Bell Animated GIF for your conversation. Discover and Share the best GIFs on Tenor.
Elevate your LinkedIn profile with AI magic! Explore stunning AI-enhanced portraits designed to make a lasting impression. As an AI expert passionate about photography, I offer cutting-edge solutions to optimize your professional image. Services include facial feature enhancement, background optimization, color correction, and more. Ready to stand out on LinkedIn? Let's transform your profile picture today! #LinkedIn #AIEnhancedPortraits #ProfessionalHeadshots #LinkedInProfilePicture #AIEditing #ProfessionalPhotography #CareerBoost #PersonalBrand #OnlinePresence #DigitalTransformation #fashionista #portraitphotography #photoshoot #AIEnhancedPhoto #ModelShoot #DigitalArtistry #FashionPhotography #FashionPortraits
Discover practical strategies from Stoicism to help navigate the complex journey of grief.
هل تبحث عن وظائف ادخال بيانات عن طريق النت او داتا انترى من المنزل؟ هل تريد افضل موقع وظائف من المنزل؟ هل تريد افضل مواقع داتا انترى او مدخل بيانات؟ لا عليك ...
وجئه ڪمار ھڪ فلم اسٽار جو ڪربناڪ زوال منصور گاڏھي/ سڪندر گلاب سومرو خيرپورناٿن شاهه جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ (پيڄاهو) ۾ جنم وٺندڙ علي حسن، ۱۹۵۰ع ڌاري فلم انڊسٽري جي سدابهار ماحول کان متاثر ٿي، اداڪاري لاءِ ڪراچيءَ ڏانهن رخ ڪيو ۽ نه چاهيندي به ادنى کان ادنى ڪم ڪيا. جڏهن ته سندس اداڪاريءَ واريءَ ڏات کي ڪيترن ئي حوالن سان پرکيو ۽ ساراهيو به ويو. عليءَ جو فلمن ۾ ڪم ڪرڻ وارو خواب اسان کي ان وقت بابت ٻڌائي ٿو، جڏهن هندستاني فلمن جي پاڪستان ۾ باضابطا طور تي نمائش ٿيندي ھئي. علي پنهنجي قسمت باليوڊ ۾ آزمائڻ چاهي پيو. هن جو انڊيا ڏانهن ايئن سرحد پار ڪري هليو وڃڻ سندس وس کان ٻاهر هو. علي جي پٽ شاهزيب ٻڌايو ته سندس پيءُ فلمن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ لاهور هليو ويو. جتي داتا درٻار تي هن اداڪار علاوالدين سان ملاقات ڪئي ۽ پنجابي فلمن ۾ هڪ ايڪسٽرا طور تي ڪجهه ڪردار به نڀايا. پر لاهوري فلم انڊسٽري جو ماحول کيس راس نه آيو ۽ مايوس ٿي واپس گهر موٽي آيو. جتي هن پنهنجي خواهشن جي ابتڙ هڪ عام رواجي ڳوٺاڻي ڇوڪري سان شادي ڪري ڇڏي. رضا شاهه پهلوي جي دور ۾ پاڙيسري ملڪ ايران، جيڪو پڻ ان وقت هڪ نصف-يورپ طور مشهور هو، هن ايران وڃڻ جو فيصلو ڪيو. اهو ۱۹۵۹ جو زمانو هو، جڏهن عليءَ جي عمر لڳ ڀڳ ۳۰ سال کن ٿيندي. هو بلوچستان جي رستي غيرقانوني طور ايران ۾ داخل ٿيو پر ٿوري ئي وقت اندر شهريت حاصل ڪري ورتي. علي ڏينهن جو ريديو جي دڪان تي ڪم ڪندو هو ۽ رات جو وري فلم اسٽوڊيو جا چڪر لڳائيندو هو. ايئن ڪيترائي سال ڪوششن بعد هو آخر فلم پروڊيوسرن کي متاثر ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ ايراني فلمن ۾ مک ڪردارن کي حاصل ڪرڻ ۾ سوڀ ماڻي ورتي. پشاور ڄائي، باليوڊ جي مشهور اداڪار يوسف خان، المعروف دليپ ڪمار جيان هن پنهنجو فلمي نالو “وجئه ڪمار” رکيو، علي حسن پنهنجي ورتاءَ ۽ اداڪاري کي دليپ ڪمار وانگر ادا ڪيو. هن جي تصوير کي ڏسڻ سان دليپ ڪمار جي چهري جهڙي پراسراريت جو احساس ٿئي ٿو. علي ٽي وي جي ڪيترن ئي ڊرامن ۽ وڏين بجيٽن وارين فلمن ۾ يادگار ڪردار ادا ڪيا. ايستائين جو هن پهلوي جي دوست نينسي ريگن، هڪ ٻئي فلم اسٽار ۽ اڳوڻي امريڪي صدر رونالڊ ريگن جي گهرواري سان گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو به ماڻي ورتو. پر افسوس ته هو پنهنجي ڏيهه ۽ ڳوٺ ۾ به اڄ نه صرف غيرمشهور آهي پر کيس ايران ۾ به ڪير سڃاڻي ڪونه ٿو، جتي هن نالو ڪمايو. پنهنجي اپنايل ان نئين ملڪ ۾ هن چار شاديون ڪيون. پهريون ٻه گهرواريون عام ايراني ڇوڪريون هيون، جڏهن ته پوين ٻن جو تعلق فلم انڊسٽري سان هو. مزي جي ڳالهه ته هن پنهنجي سنڌي گهرواري کي ايران به گهرايو پر هوءَ ڪجهه سال گذارڻ کانپوءِ ڳوٺ موٽي آئي ڇو ته پهلوي جي مغرب زده ايران ۾ هن کي سڪون ڪونه پئي آيو. پنهنجي زندگي جي شاندار ۱۵سالن کي پٺي ڏيندي، گهريلو زندگي گذارڻ ۽ پنهنجي ئي ملڪ ۾ ڪاميابي جي اميد رکڻ وارو وجئه ڪمار ۱۹۷۴ع ۾ پاڪستان موٽي ته آيو پنهنجي ايراني گهرواري عقي کي به گڏ واپس وٺي آيو. هن ڇوڪري جي چوڌاري ميڙ متو پيو هوندو هو، هوءَ بنا پردي جي ڦرندي هئي. ملڪ کان ٻاهر رهندي کيس پنهنجي گهر جي ياد ستائيندي رهندي هئي. آخرڪار عقي تڪڙي ايران واپس موٽي وئي. ان علي کي پاڻ سان گڏ هلڻ لاءِ زور ڀريو پر ذوالفقار ڀٽي جي سحر ۽ مقبوليت کان متاثر ٿيندڙ علي سياست ۾ پير پائڻ جا منصوبا جوڙي رهيو هو. ڀٽو جي ساهرن واري ملڪ جو مشهور اداڪار هجڻ جي ناتي، علي مسز ڀٽو سان رابطا قائم ڪري ورتا، ڇو ته ان وقت هن لاءِ شاهه پهلوي جو حوالو ئي ڪافي هو. اڄ ڪير به مسٽر ۽ مسز ذوالفقار ڀٽو ۽ شاهه پهلوي جي تصويرن کي خيرپورناٿن شاهه واري هن جي ننڍڙي گهر ۾ تلاش ڪري سگهي ٿو. افسوس، جڏهن ۱۹۷۷ع ۾ ڀٽي کي گرفتار ڪيو ويو ۽ پوءِ کيس ڦاسي تي چاڙهيو ويو، علي بمشڪل سان سياسي ميدان تي پير پاتو. ايراني فلم اسٽار گهرواري جي سرحد پار ڪرڻ واري پيشڪش تي جڏهن علي ايران وڃڻ جو منصوبو جوڙي رهيو هو ته ته آيت الله خميني جو “انقلاب” اچي چڪو هو. بلڊوزرن جتي ايراني سئنيما گهرن کي مسمار پئي ڪيو، اتي فلم انڊسٽري سان لاڳاپيل ماڻهن ۽ اداڪارن کي به نشانو پئي بڻايو. ۽ اهڙي ريت علي حسن تي ايران جا دروزا هميشه هميشه لاءِ بند ٿي ويا، ايستائين جو سندس گهرواري کي به جرمني ۾ پناهه وٺڻي پئجي وئي. ڀٽي جي ڦاهي کانپوءِ ڪيترن ئي سالن تائين علي پنهنجي گهر جي مٿان ڪارو جهنڊو هڻي ڇڏيو هو. ضياءُ پاڪستان ۾ فلم انڊسٽري کي چيڀاٽي ڇڏيو، سينيما گهر ۽ پروڊڪشن هائوسز بند ٿي ويا، اداڪارن ۽ فنڪارن جو هڪ وڏو انگ ملڪ مان فرار ٿي ويو. علي جي ڏهاڪن جي اداڪاري مري وئي ۽ ان ٻيهر ڪڏهن به ساهه نه کنيو. سال ۱۹۸۳ع ڌاري، جڏهن ايم آر ڊي عروج تي هئي، ان وقت عليءَ کي هي خبر ملي ته ايراني گهرواري شائستا مان ٿيندڙ هن جو پٽ، ايران-عراق جنگ ۾، مارجي ويو آهي. ان وقت دادوءَ جي ايم آر ڊي جي ڪرتا ڌرتائن عليءَ کي صفا ڪنڊائتو ڪري ڇڏيو هو. هن احتجاج ڪرڻ جا نوان طريقا اختيار ڪيا، هن ٻارن ۽ اسڪولي شاگردن جا ميڙ ڪٺا ڪرڻ شروع ڪيا، جن سان گڏجي ريليون ڪڍندو رهيو. احتجاج جي هن منفرد شڪل علي ڏانهن ماڻهن جو ڌيان ڇڪايو ۽ صرف ان وقت جي سياسي حالتن سبب وجئه ڪمار کي سرڪاري ڪارندن جي بي رحم رويي کي منهن ڏيڻو پيو. ان وقت تائين عوام کيس صرف “ايراني” جي نالي سان سڃاڻيندو هئو. پوليس کيس گرفتار ڪيو ۽ سرعام ڪوڙا لڳا. جڏهن هو اڃان جيل ۾ ئي هو ته چور گهر کي ٻهارو ڏئي ويا. ٻن سالن کانپوءِ جڏهن هو گهر پهتو ته وٽس اداڪاري جي ڏهاڙن وارين تصويرن ۽ فارسي زبان جي فلمن جي ريلن کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه هو. سال ۱۹۸۶ع ۾، سندس ڳوٺاڻي گهرواري گذاري وئي. هن جي اڪيلي ڌيءَ جي شادي ٿي وئي. جڏھن ته پٽ شاهزيب، ايران ۾ پنهنجي ماٽيجي ماءُ ڏانهن هليو ويو، جتي فوج ۾ ڀرتي ٿي ويو. عليءَ جيڪا ڪمائي، وجئه ڪمار جي حيثيت سان ڪئي، اها ڪاروبار هلائڻ جي جنجهٽن ۾ خرچ ڪري ڇڏي. زندهه رهڻ لاءِ هن وٽ جڏهن ڪجهه به نه رهيو. آخر ۾ هن هوميوپيٿڪ دوائن جو دڪان کوليو، جنهن لاءِ هڪ ڪورس به ڪيو ھيائين. ريڊيو جي مرمت ڪرڻ جو دڪان کوليائين پر ناڪام ويو. وجئه ڪمار، جيڪو ڪڏهن ايران جي شاهي اشرافيه جي صحبت ۾ رهندو هو، هڪ يگانو بڻجي، پنهنجي سدابهار ۽ پرجوش زندگيءَ کان ڪٽجي ويو. آخري ڏينهن ۾ هو مٿي تي تاج جي شڪل ۾ ٽوپلو ۽ ڳچيءَ ۾ مڻين جا هار پائي، چپڙي وڄائيندي خيرپورناٿن شاهه جي گهٽين ۾ ڪستو کڻي چڪر ڪاٽيندو هو. رات جي وقت پنهنجي فلمن جون ڪيسٽون کڻي، سينيما گهر وارن کي درخواست ڪندو هو ته اهي سندس ايراني فلمون هلائين. هڪ ڏينهن ليڙون لٽا پهريل، هي شخص انگريزي ۽ فارسي ۾ وڦليو ۽ اتي ئي فوٽ پاٿ تي آرامي ٿي ويو. سال ۱۹۹۲ع جي اونهاري جي سخت مند ۾، رستي تي بيهوش ٿيل انسان کي ماڻهن گڏهه گاڏي تي کڻي اسپتال پهچايو. ڊاڪٽرن زهر پيئڻ جي تصديق ڪئي (ڪن ماڻهن وري ڌاتوري جو ٻڌايو). ڪي اين شاهه جي هوميوپيٿڪ اسٽور ۾ نينسي ريگن سان گڏ نڪتل يادگار تصوير سان گڏ هن جو شاندار ماضي اڄ به گذريل ڏينهن جو بچيل سچيل خزانو آهي.
ھريش واسواڻي سنڌي نئين ڪوتا جو جنم داتا رکيل مورائي سنڌي ٻوليءَ جو غير معمولي ليکڪ، سنڌي ٻوليءَ ۾ نئين ڪوتا جو جنم داتا، سنڌي ٻوليءَ کي ”پرش وئشيا،“ جهڙي اڇوتي ڪوتا ڏيندڙ، هريش واسواڻيءَ، ڪيئي ورهيِھ ٿيا لکڻ ڇڏي، ادب کان پاسو وٺي ويهي رهيو. هن جي ان فرار جا ضرور ڪي سبب هوندا. هن جڏهن محسوس ڪيو ته ادب جهڙي مقدس ڪم ۾ سياست جي رنڊي گهڙي پئي آهي ته هن قلم کي الماڙيءَ ۾ رکي ڇڏيو ۽ سياست کي ادب سمجهندڙن لاءِ ميدان خالي ڪري سنتوش ماڻيو، يا پاڻ ان ڪيفيت ۾ محسوس ڪيو. ظاهر ڳالھه آهي ته في الحال ان الڳ پڻي کي سنتوش ئي چئبو. هن سچ پچ ڪيترو سنتوش ماڻيو، اهو ته اهو ئي ٻڌائي سگهي ٿو. پر هڪ ڳالھه بنهه سمجهڻ ڏکي ڪانهي ته چاليھه سال ادب کي ارپيندڙ شخص/اديب، ائين ادب کان پري ٿي وڃي ۽ اڪيلو گذارڻ لڳي ته ان عمل جي پويان ڪو درد، ڪا پيڙا، ڪا تڪليف هن ضرور ڀوڳي هوندي! ۽ اڃ جڏهن ساڻس، اڪيلائيءَ جا حال اورڻ وارو ساٿي، سندس ٽهڪن جي سڳند ماڻيندڙ ۽ سندس اڪيلاين کي ونڊيدڙ سندس دوست/اديب ڀاڀي اندرا واسواڻي بھ ساڻس گڏ نھ رهي آهي، ته سندس اڪيلائي جو ڇا عالم هوندو اهو اسان سڀ سمجهي سگهون ٿا. محسوس نه ڪريون اها ٻي ڳالھه آهي. هريش واسواڻي جنهن لکڻ جي شروعاتي عرصي ۾ پنهنجي نالي کي هڪ اهڙو مرتبو بخشيو، جيڪو اڄ تائين برقرار آهي. سندس ڪهاڻين جو اڪيلو ڪتاب ”چاليھه چوهتر“ سندس تنقيدي مضمونن جو اڪيلو ڪتاب، جنهن تي مرڪزي ساهتيھ اڪيڊميءَ کيس انعام ڏنو، ”چاليھه چوراسي“، سندس نئين ڪوتا جو اڪيلو ڪتاب ”چاليھه ڇاهتر“ ۽ سندس آخري ڪتاب ”ٻڙي ۽ ٽي ٻڙيون“ جنهن ۾ سندس ٽي ڪهاڻيون هڪ مضمون ٻه ڪوتائون ۽ هڪ سنڌي ادب جو ماسٽر پيس آهي، جنهن جو نالو آهي، ”ريت جي آڪاس ۾ ڌرتي جي کوج“ هيءُ سندس ڪڇ جو سفر نامو آهي. ڪڇ جيڪو ريت جو آڪاس آهي، ان جي ڪيتري حصي ۾ ڌرتي آهي. اهو ليکڪ جو مرڪزي آئيڊيا آهي، هيءُ سمورو سفرنامو هڪ احساس آهي، ڪڇ جي رڃ جو، جيڪا ڪڇ ۾ رهندڙن جي چهري مان ليئاڪا پائيندي نظر آئي هئي هريش واسواڻيءَ کي، ان جو تخليقي اظهار آهي هيءُ سفر نامو، دنيا جي ادب ۾ نرالو هيءُ سفرنامو. سنڌي ٻوليءَ ۾ آهي، ان ڪري، جيتري هيءَ ٻولي وڏي آهي، اوترو ئي هيءُ سفرنامو وڏو آهي. جيتري سنڌي ٻولي ننڍي آهي، اوترو هي سفرنامو ننڍو آهي، ڇاڪاڻ ته ٻولين جي اهميت جي آڌار تي ئي ادب جي اهميت جڙندي آهي.ڪڏهن ڪڏهن معجزاتي طور تي ڪي ننڍيون ٻوليون به وڏو ادب پيدا ڪري وجهنديون آهن، جيئن سنڌي ٻوليءَ شاعراڻي ادب ۾ ڀٽائي پيدا ڪيو ۽ ويهين صديءَ جي چوٿين ڏهاڪي ۾نثري ادب ۾ هريش واسواڻي پيدا ڪيو. ڪيئن به هجي پر هيءُ سنڌي ٻوليءَ جو حسين ترين سفرنامو ساڳئي وقت، ڪڇ جي ورهين جي اڃ جو احساس ڏياريندڙ داستان بھ آهي. ۽ هند جي سنڌي ادب بابت هڪ نهايت اهم تنقيدي اينٿالاجي جي آهي، جيڪا مرڪزي ساهتيھ اڪيڊميءَ پاران شايع ٿيل آهي، جنهن جو، مرتبو ڪندڙ پڻ هريش واسواڻي آهي، هيءُ ڪتاب سنڌي ادب تي تنقيد جي حوالي ۾ هڪ بيمثال ڪتاب آهي، جنهن جو نالو آهي”سنڌي تنقيد“ ۽ ان تي سندس سمپادڪي نوٽ پڙهڻ جهڙو آهي، تنقيدي ادب ۾ سندس ڪتاب، ”چاليھه چوراسي“ سنڌي ادب جو هڪ اهڙو ڪتاب آهي، جيڪو سنڌ ۾ ڇپجڻ گهرجي، ۽ جڏهن اهو سنڌ ۾ ڇپبو ته نئين سنڌي تنقيد لاءِ نوان گس کوليندو. هريش واسواڻي سنڌي ادب لاءِ اهڙو نالو آهي، جنهن تي سنڌي نثري ادب کي فخر رهندو. پر سندس غير معمولي ڪم سنڌي ادب ۾ نئين ڪوتا کي، اوج ڏيڻ آهي. نئين ڪوتا، سنڌي شاعريءَ جي مروج قدمن کان گهڻو گهڻو اڳتي وڌي هڪ اهڙي ڪوتا آهي، جنهن ۾ ويچار جو عمل دخل وڌيڪ آهي، هو نون قدرن جي نمائندگي ڪندڙ صنف آهي، جنهن کي سنڌ ۾ نثري نظم جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، جيتوڻيڪ نثري نظم ۾ نئين ويچار جي اظهار کان، احساس شدت وڌيڪ آهي. سنڌي ادب ۾ اڃ جي تاريخ تائين”پرش وئشيا“ هريش واسواڻي ۽ ”سينيٽوريم ۾ هڪ رات“ گورڌن ڀارتي جي نئين ڪوتا حوالي جي طور تي استعمال ٿينديون رهيون آهن. ۽ انهن ڪوتائن کي نئين ڪوتا جي سنگ ميل هئڻ جو اعزاز حاصل آهي. ”پرش وئشيا“ هڪ اهڙي ڪوتا آهي، جنهن لاءَ ادب ۾ نوان قدر جوڙڻا پوندا،جيڪي قدر شايد سنڌ ۾ نھ جڙي سگهن. هيءَ ڪوتا، سنڌيءَ ۾ آهي، ٻيءَ طرح هيءَ ڪوتا عالمي ادب ۾ پڻ پنهنجي نون قدرن جي سڃاڻپ کڻي ايندي، جيڪي قدر سنڌ جي حوالي سان سڃاڻپ رکندا ۽ ادب ۾ سدائين ياد رکيا ويندا! هريش واسواڻيءَ جي ڪهاڻين ۾ نئين دور جي للڪار آهي، نون قدرن جي آجيان آهي. جيتوڻيڪ سندس آخري هڪ ٻھ ڪهاڻيون سندس شعور پاران پنهنجي پاڙن هي تلاشڻ واري ڪوشش ڏانهن موٽ تي آڌاريل آهن. پر هو نئين ويچار جو نمائندو ليکڪ آهي، سندس نثري توڻي ڪوتائي لکڻي، هڪ نئون ويچار کڻي اچي ٿي، اها سندس سنڌي ادب ۾ سڃاڻپ آهي. سماجي زندگيءَ ۾ پروفيسر هريش واسواڻيءَ جي نالي سان سڃاپجندڙ، ڪڇ جي شهر آڌيپور کي پنهنجي رهڻ جو شرف بخشيندڙ هريش ٻاويھه نومبر اڻيھه سئو چاليهن ۾ نور الاهي بلوچستان ۾ ڄاول آهي ۽ اڄ ڪلھه آڌيپور جي ملير ڪالونيءَ ۾ رهي ٿو؟ سنڌي ادب کي نئون ويچار ڏيندڙ هريش واسواڻيءَ کي سندس جنم ڏينهن (جيڪو ٻاويھه نومبر آهي) تي گهڻيون واڌايون ۽ سنڌ جي نئين ويچار ڌار رکندڙ اديبن پاران نيڪ خواهشون. هُو جتي به هجي خوش هجي. ٻاويهه آڪٽوبر هريش واسواڻيءَ جو جنم ڏينهن آهي. هريش واسواڻي ڪامياب مفڪر، ناڪامياب زندگيءَ جا اڻپورا سپنا- ۶ هين ورسي جي مناسبت سان وينا شرنگي پروفيسر هريش واسواڻي سان پهرين ملاقات شايد ۱۹۸۵ع ۾ ٿي. سندس آواز کان پهرين واقف ٿيڻ جو موقعو مليو هو، جو آل انڊيا ريڊيو تي ادبي گلشن پروگرام تحت سندس ڪويتا پاٺ (شعر و شاعري) ۽ ٻين پروگرامن ذريعي سندس ڪهاڻيون وغيرهه نشر ڪرڻ دوران ٽاڪر جي حثيت ۾ ڄاڻ ۽ سندس ادب کان به واقف ٿيڻ جو موقعو مليو. بعد ۾ ڄاڻ پئي ته براڊڪاسٽر طور ميڊيا ۾ ڪم ڪرڻ جي خواهش هين جا اڌوري ئي رهين. پوليٽيڪل سائنس ۽ سياست سان دلچسپي ۽ لاڙي جي باوجود سياست ۾ شامل ٿيڻ واري سندن خواهش به اڻپوري رهجي وئي. مان جيڪر ائين چوان ته پروفيسر هريش واسواڻيءَ سان آمهون سامهون پهرين ملاقات ۱۹۸۷ع ۾ کين ساهتيه اڪادمي اوارڊ ملڻ واري اوارڊ فنڪشن واري سال کان ٿي ۽ پڇاڙي واري ملاقات به ساهتيه اڪادمي واري فيبروري ۲۰۱۳ع واري اورڊ فنڪشن ۾ ٿي. عجيب اتفاق پهرين ۽ آخري ملاقات ساهتيه اڪادمي جي ڪماني آڊيٽوريم واري هنڌ ٿي. اها ڄاڻ ڪانه هئي ته اها ملاقات انهن جي زندگي جي پڇاڙيءَ واري ملاقات هوندي. فيبروري ۲۰۱۳ع ۾ سندس شريڪ حيات اندرا واسواڻيءَ کي مرڻ پڄاڻا ساهتيه اڪادمي اوارڊ عطا ڪيو ويو، جنهن کي وٺڻ لاءِ سندس ڌيءَ شفالي اسٽيج تي موجود هئي. ڊاڪٽر پريم پرڪاش تنهن کان اڳ مون کان پڇيو هو ــ توهان اوارڊ فنڪشن ۾ اچو ٿا؟ مون وراڻيو ها مان اينديس. آڊيٽوريم کچا کچ ڀريل هو. مان ٽي چار قطارون لنگھي اڳيان آيس ته هڪ ڪرسي خالي نظر آئي، جيئن مان ويهڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڊاڪٽر پريم پرڪاش تي نظر پئي. ڪرسيءَ تي ويهندي مون کائون پڇيو پروفيسر هريش واسواڻي آيا آهن ڇا؟ هنن چيو ته تنهنجي ڀر واري ڪرسيءَ تي ته ويٺا آهن! مون پروفيسر هريش واسواڻيءَ طرف نهاريندي چيو، معافي ٿي چاهيان، مون توهان کي ڪونه سڃاتو ،مان ڪافي ششدر ٿيس ته مون کين ڇو نه سڃاتو، جو ڪافي عرصو ٿيو۽ توهان ۾ ڪافي بدلاءُ به آيو آهي. هنن عينڪ مان نهاريندي نظرن سان حامي ڀري. مون وري کين چيو ته مان توهان کي اصل سڃاڻي نه سگھيس، توهان جي طبعيت ته ٺيڪ آهي؟ سندن اکين ڳالهايو، سڀ ٺيڪ آهي. ان وچ ۾ اوارڊ فنڪشن شروع ٿي ويو. منهنجو موبائيل وڳو، ريڊيو تان فون آيو جلدي اچ تنهنجي ڊيوٽي آهي. مان ٽپ ڏيئي اٿي کڙي ٿيس، کانئن موڪلائيندي چيو ته شفاليءَ کي مون طرفان واڌايون ڏيندا. مونکي افسوس آهي مان پورو فنڪشن اٽينڊ نه ٿي ڪري سگھان. جڏهن اندرا واسواڻي گذاري وئي هئي ته مون هنن سان فون تي اعزا-پرسي ڪندي ڏک ظاهر ڪندي، مختصر گفتگو ڪئي هئي. پهرين ۽ آخري ملاقات جي تقريبا ٽن ڏهاڪن جي وچ واري عرصي دوران چار ڀيرا آديپور سندن گھر ۾ ملاقات ٿي. پر صحيح طور هريش واسواڻيءَ سان واقفيت لڇمڻ ڀاٽيا ڪرائي. جڏهن انهن جي مان ۾ گڏجاڻي رکي. مان ڪومل سان ان ڪم ۾ ٻانهه ٻيلي ٿي بيٺس جيڪا هن پنهنجي رهائش گاهه تي رکي هئي، مان ڪيڪ ٺهرائي کڻي وئي هيس، ان کان اڳ پروفيسر پوپٽي هيرانداڻي جي مان ۾ به گڏجاڻي رکي هئي. سندس گھر واري گوپي ڀاٽيا سڀني جي مرحبا ڪئي. ٻئي زال مڙس بي حد خوش هئا. گوپي خاموش طبعيت جي ۽ ڪومل ڪچهرين جو ڪوڏيو، دوستن مٿان جند جان گھورڻ وارو. هريش واسواڻي جي مان ۾ رکيل هيءَ ادبي گڏجاڻي دير رات تائين هلي. هريش پنهنجا ويچار ظاهر ڪيا. اندرا واسواڻي، پروفيسر پوپٽي هيرانداڻي ۽ دهليءَ جا ڪجھه ٻيا اديب موجود هئا. منهنجو ڀاءُ راجيندر ۽ سندس گھر واري سيما به مون سان گڏ هئا، جڏهن ته ڪومل جي صحت وقتي پڙ ڪڍي بيهي وئي پر هو ڪچهرين جو ڪوڏيو هو. هريش واسواڻي سندس دل جي قريب رهيو ۽ هن سان تمام سٺو رستو هيس. هريش جي دوستن جي فهرست ۾ ڪومل جو نالو سندس دل جي ويجهو هو. خود پاڻ هڪ هندڌ فرمايو اٿن؛ لڇمڻ ڪومل جو مون ڏانهن گهرو صدق آهي. ان جو مون کي قدر آهي. جيڪڏهن اسين سندن ڪتابن جي ڪن عنوانن تي نظر وجھنداسين ته اسين محسوس ڪري سگھنداسين ۽ چئي سگھجي ٿو ته هو اڌ بت شخصيت جا مالڪ هئا. جا ڳالهه نه صرف سندن زندگي جي مختلف پهلوئن ۽ سڀاءُ مان جھلڪندي پر ڪتابن جي عنوانن مان به نظر ايندي ۴۰ــ۶۷ ڪويتائون ۴۰ـ۸۰ ڪهاڻيون، ۴۰ـــ ۸۴ تنقيد ۽ ٻڙي-ٻڙي ٻڙي ٻڙي (۰ــ۰۰۰) ڪويتا، ڪهاڻي، سفرنامو هتي مون صرف چند عنوانن جو ذڪر ڪيوآهي. هريش واسواڻيءَ جو جنم ۲۲ نومبر ۱۹۴۰ع تي لورالائي بلوچستان ۾ ٿيو. ۱۳ اپريل ۲۰۱۳ ع تي دهليءَ ۾ وفات ڪئي. ادبي پونجي ۾ نيون ڪويتائون، ڪهاڻيون، تنقيدي مضمون جا پنج ڪتاب. انکانسواءِ گجراتي ناول جو ترجمو ڪيو. چار کن ڪتاب ايڊٽ به ڪيا. سال ۱۹۸۴ع ۾ ساهتيه اڪادمي ۴۰ـــ۸۴ تنقيدي مضمونن واري ڪتاب تي کيس انعام سان نوازيو هو. شخص يا اديب طور ان سان انصاف ڪرڻ جي دعوا نه ٿي ڪري سگھان، ان طرح جا نالا نه صرف سنڌي ادب جي تاريخ ۾ ڏسڻ وٽان نه ملندا، پر ٻئي ڪنهن ٻوليءَ جي ادب ۾ ڪتابن جا ان طرح جا عنوان ورلي نظر ايندا. انسان جو انت لهڻ ڏاڍو مشڪل آهي، اهڙين حالتن ۾ ڪنهن به طرفان کين سمجھڻ مشڪل هو. مونکي لڳي ٿو هو پاڻ به سڄي زندگي خود کي سمجھڻ جي سڄي زندگي جستجو ڪندا رهيا. ادبي لڏن جي گروهه بنديءَ کان پاڻ کي آجو رکيائون. سندس سوچ، فلسوفانه ويچار، محفل ۽ ڪچهرين کان ڪنارو ڪرڻ، تنهائي جي گھيري ۾ ٻاهرين دنيا کان پري، گھٽ ٻوسٽ جي فضا ۾ رهڻ جو احساس کين ٿيو يا نه، ان تي روشني وجھڻ مشڪل آهي زندگي جو لغام ڪسيل رکيائون، گھر جي چار ديواري پنهنجي ڪٽنمب ۽ پنهنجي اردگرد جوڙيل دنيا ۾ پاڻ ويڙهي سيڙهي رکيائون. سماجي انقلاب جا سپنا لهندڙ جانباز بڻجڻ بدران پنهنجي اردگرد سماجي ۽ ادبي ماحول ۽ حالتن ۽ حادثن جوخود شڪار بڻجي ويو. هن پنهنجي چوگرد اڏيل ڪوٽ ۾ خود کي قيد ڪري ڇڏيو ۽ گوشي نشيني اختيار ڪئي. گيتا جو هڪ شلوڪ آهي ته تون جنهن ڌرم ۾ ڄائو آهين، ان موجب ڪرم ڪر. ساڳيءَ طرح پروفيسر هريش واسواڻي ان اصول پٽاندر پاڻ کي جوڙي رکيو. نه چاهيندي به ان کي اپنائڻ ان طرح جون ٻيون ڪيتريون ڳالهيون بقول هن جي مجبوريءَ ۾ کيس قبول ڪرڻيون پيون زندگيءَ ۾، جن کي هن اتفاق طور ڏٺو. اندرا واسواڻيءَ سان شادي يا گرهست جيون جي نيمن تحت شفالي جو جنم. اندرا واسواڻي هڪ ٽيچر هئي. آدرش استاد، جنهن کي راشپٽي طرفان هڪ بيسٽ ٽيچر جو اوارڊ مليل هو. ٻئي طرف هريش به تعليمدان هو پر ٻنهي جي سوچ ۾ ڪا به هڪجھڙائي نظر نه ايندي، نه سڀاوءَ ۾. سندن ادب ۽ جيون جي نظريي کي ڏسڻ ۾ پورب ۽ پڇم؛ ٻه الڳ دشائون، انهيءَ جي باوجود هڪ معاملي ۾ اسان کي هڪجهڙائي نظر ايندي. ٻنهي طرفان کليل دل سان ٽهڪ ڏيڻ، مون ٻنهي جا ٽهڪ ٻڌا هئا. پروفيسر هريش واسواڻيءَ کي پنهنجي ننڍي قد تي ملال رهيو. جيڪي به سندس ويجهو آيا تن صرف ۽ صرف هن جي لياقت، فلسوفانه سوچ ۽ راين کي وزن ڏنو. انهيءَ جي باوجود دل ۾ ارمان..! آديپور ۾ سندن گھر ۾ اندرا ۽ هريش واسواڻيءَ سان چار ڀيرا ملاقات ٿي. ۱۹۸۹ع ۾ کين عالمي شاهه لطيف ڪانفرنس ۾ شرڪت جي نينڍ ڏني هئي. آديپور وڃڻ تي مون کين چيو هو؛ توهين ڪونه آيا. پروفيسر هريش واسواڻيءَ چيو ته؛ مان انگريزيءَ ۾ صوفي ازم تي لکان پيو. ان وقت صوفي ازم تي هڪ مئگزين جي پوسٽ، منهنجي سامهون آئي، پروفيسر صوفي ازم جي ڪنهن تنظيم سان جڙيل هئڻ جي به ڳالهه ڪئي. جنم مرڻ جي رهسين ۾ دلچسپي نه هوندي به ان تي ويچار ظاهر ڪندي، پاڻ کي ڌرم جو پيروڪار محسوس نه ڪندي به ڌرم، صوفيزم ۽ ٻڌمت جو اڀياس ڪرڻ پنهنجي اندر جي نڪتل آواز تي تجزيو ڪرڻ. پنهنجو پاڻ ۾ شخصيت جو اڌواڌ ورهاجڻ جو تاثر ملي ٿو. سندس زندگيءَ ۾ تضاد به نظر ايندو. شخصيت تي جي نظر وجھون؛ ڳالهائڻ جا ديرينه، بي جاءِ جملن جي استعمال کان ڪوهان پري، ذاتي زندگي يا ادب ۾ لفظن جي فضول خرچي ۽ عياشي کان ڪنارو ڪرڻ. منهنجي هنن سان ڇهن ستن ملاقاتن دوران هنن ڪڏهن به طنزيه انداز يا احساسي برتريءَ جو احساس مونکي ڪو نه ڏياريو. الائي ڇو مون کي ڪڏهن به اهو احساس نه ٿيو، نه ٿا ڳالهائين يا گھٽ ٿا ڳالهائين، سندس خاموشي ۽ اکيون هميشه مون ڳالهائيندي ڏٺيون. مونکي پڪ آهي ته پروفيسر سان سندس شاگرد نظرون ملائڻ بدران نظرون بچائڻ تي آمادهه ٿيا هوندا.. اکين ۾ گھرائي، قد ڪاٺ ننڍو، ديريني شخصيت، سندس ڌيءَ سان گڏجڻ تي هن کان سندس رڪارڊ جي باري ۾ پڇيو. هن چيو؛ هريش ڪو رڪارڊ رکيو ئي نه آهي. صرف کيس چند ڪتاب هٿ لڳا. خودداري جي وس ٿي پنهنجي فني صلاحيتن کي تهس نهس ڪري ڇڏيو. هر محاذ تي شڪست ۽ ناڪامي جو احساس، مٿان وري تنهائي، گوشي نشينيءَ وارو عالم. ادبي ماحول کان ڪنارا ڪشي. سندس پرش وئشيا ڪويتا تي ادب نوازن طرفان ڇرڪ ڏياريندڙ طور ذڪر، سندس تنقيد ۽ راءِ کي مان ڏيڻ. سنڌي ادب جي نانءُ تي لٽ مار جو سلسلو ڏسندي سندس من ۾ ڪيترين ڪويتائن ڪر موڙيا هوندا ان جو بخوبي احساس ڪري سگھون ٿا. ٻولي جيڪا ماءُ آ تنهنجي ڀڙ .. کائڻ تي سندس من اندر ڪيترين ڪويتائن جو سرجڻ ٿيو هوندو سو چوڻ کان ٻاهر آهي. ان موضوع تي نه لکي پروفيسر هريش واسواڻي پاڻ سان ته وڏا وڙ ڪيا، پر ادب جي ڪک مان جنم وٺندڙ رچنا جو گرڀ پات ڪيو هوندو، اگر ان تي لکي ها ته ڪيترن جا نه صرف ڇرڪ نڪرن ها پر... پروفيسر هريش واسواڻيءَ ادبي دنيا کان ڪنارو ڪندي به گھڻو ڪجھه ڏيئي ويو آهي. جيڪي به سندس تخليقي سرمايو آهي، ان مان گھڻو ڪجھه پلئه پوي ٿو. پروفيسر نامديو تاراچنداڻي هن جا انٽرويو ڪيا آهن تن ۾ هن پاڻ اوتي ڇڏيو آهي. سندس زندگي کليل ڪتاب نظر ايندي. مون جڏهن پنهنجي سوٽ کي سندس هڪ ڪوٽ پڙهي ٻڌايو ته هو چوي ٿو؛ ايشور منهنجي زندگيءَ جو وڏي ۾ وڏو ولين آهي. اهو ٻڌي هوءَ بيحد خوش ٿي. چيائين؛ واهه واهه! ڇا ته ڳالهه ڪئي اٿائين، هوءَ اڳ ئي ايشور مٿان ڪاوڙيل هئي، هن جملي هن جي دکي دل کي وڏي راحت بخشي. وتي پئي چوندي؛ ايشور وڏو ولين آهي. ساهتيه اڪادمي طرفان نان-فڪشن واري موضوع تي سيمينار لاءِ واسديو موهي هڪ پيپر لکڻ لاءِ ڏنو، ان ۾ مون نامديو طرفان ورتل انٽرويو جا ڪي ڪوٽ ڏنا، جنهن ۾موهن ڪلپنا، گُني سامتاڻيءَ ۽ لال پشپ تي کليءَ دل سان هن رايا ڏنا آهن. هو فرمائي ٿو؛ موهن وٽ ڏيڻ لاءِ مان مان، لال پشپ وٽ جواب ۾؛ تون تون تون آهي. هتي مان ان پيپر مان ڪي حصا (ڪوٽ) ضرور ڏيڻ چاهينديس. هريش واسواڻي:- * فن جي ليلو، تي مون پنهنجي صلاحيتن کي پاڻ ويهي جلايو آهي. * سنڌ کي ياد ڪرڻ تي رد عمل ڏيندي چون ٿا: ــ جي هو صرف ياد ٿا ڪن ته هنن کي پنهنجي ياد سان پيار آهي، انهن جي جذبات جو قدر ڪرڻ گھرجي. * مان آتم هتيا کي بنيادي حقن ۾ شامل ڪرڻ جي فائدي ۾ آهيان. * تنقيد جي حوالي ۾ ضرورت پوندي آهي ته ڪيترين رچنائن کي وري پڙهڻ لاءِ مجبور ٿيندو آهيان. سمورو ادب پڙهڻ منهنجي قوت/ فطرت کان ٻاهر جي چيز آهي. * دراصل اسان وٽ تنقيد جي ڪا پرمپرا نه آهي. ھري موٽوڻي، نند ڇڳاڻي ۽ نامديو تاراچنداڻي وٺ سٺ ڪري حياتيءَ دوران سندس انٽرويوز ڪري ڪجھه رڪارڊ محفوظ ڪري ورتو.
ڊاڪٽر رٿ فائو پاڪستاني مدر ٽريسا جو وڇوڙو شهزادي بلوچ تقريبن ڇهن ڏهاڪن تائين پاڪستان ۾ ڪوڙهه جي مريضن جو علاج ڪندڙ جرمني جي ليڊي ڊاڪٽر روٿ فائو، جنهن کي هتي انساني خدمتن عيوض پاڪستان جي مدر ٽريسا سڏيو وڃي ٿو، گذريل اربع تي 87 سالن جي ڄمار ۾ هيءَ دنيا ڇڏي وئي. آبادي جي لحاظ کان پاڪستان جي سڀ کان وڏي شهر ڪراچي ۾ قائم ميري ايڊليڊلپريسي سينٽر جي ترجمان سلوا زينگ ان جي تصديق ڪئي. جرمني جي شهر لائپزگ ۾ 1929ع ۾ جنم وٺندڙ ڊاڪٽر روٿ ڪيٿرينا مارٿا فائو 1960ع کان پاڪستان ۾ ترسيل هئي ۽ هتي ڪوڙهه ۾ مبتلا ماڻهن جي علاج ۾ مصروف هئي، هن پنهنجي سڄي زندگي پاڪستاني قوم جي خدمت ۾ وقف ڪري ڇڏي، ڊاڪٽر روٿ فائو جي امدادي تنظيم جي ترجمان شارق زمان موجب سندس آخري رسمن 19 آگسٽ تي ڪراچي جي سينٽ پيٽرڪ چرچ ۾ ادا ڪيون وينديون، جنهن بعد کيس ڪراچي جي گورا قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سندس لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڊاڪٽر روٿ فائو کي سندس بي لوث ۽ بي مثال خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، هن سندس تدفين سرڪاري اعزاز سان ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو. پاڪستان ۾ اهو اعزاز گهٽ ماڻهن کي ملندو آهي، يا ته حڪومتي سربراهن، رياست يا پوءِ جنگ ۾ شهيد ٿيل فوجين کي سرڪاري اعزاز سان نوازيو ويندو آهي. جنهن زماني ۾ پاڪستان ۾ ڪوڙهه جي مريضن کي شهر ۽ ملڪ کان ٻاهر منتقل ڪيو ويندو هو ۽ هنن جا پنهنجا به سندن ساٿ ڇڏي ڏيندا هئا، اهڙي مشڪل وقت ۾ ڊاڪٽر روٿ فائو پنهنجي هٿن سان ڪوڙهه جي مريضن کي پاڻ کارائيندي ۽ سندن جسم تي مرهم به رکندي هئي. ڪراچي ۾ هن ميڪلو روڊ تي ڊسپينسري سان ڪوڙهه جي مريضن جو علاج شروع ڪيو، جنهن جي ڪجهه عرصي کانپوءِ هن ميري ايڊيليڊ لپروسي سينٽر جو بنياد رکيو. اهو سينٽر 1965ع تائين اسپتال جي صورت اختيار ڪري ويو، هن ڪوڙهه جي علاج ۽ ان مرض ۾ مبتلا ماڻهن جي سار سنڀال لاءِ سڄي پاڪستان ۾ 157 مرڪز قائم ڪيا. ڊاڪٽر فائو 1975ع کان 1980ع تائين ڪوڙهه جي خاتمي جي ڪوششن لاءِ پاڪستاني حڪومت جي مشير به رهي، هي ڊاڪٽر روٿ فائو جي ان مرض خلاف اڻٿڪ جدوجهد ۽ محنت جو ئي ثمر آهي جو عالمي صحت جي اداري ڊبليو ايڇ او پاڪستان کي ايشيا جو پهريون اهڙو ملڪ قرار ڏنو، جتي ڪوڙهه جو خاتمو اچي ويو. ڊاڪٽر فائو کي سندس خدمتن تي پاڪستاني حڪومت طرفان هلال پاڪستان، ستاره قائداعظم، هلال امتياز، جناح ايوارڊ ۽ نشان قائد اعظم سان به نوازيو ويو، جڏهن ته جرمني جي حڪومت کيس بيم بي ايوارڊ ۽ آغا خان يونيورسٽي روٿ فائو کي ڊاڪٽر آف سائنس جو ايوارڊ ڏنو. ٻي عالمي دهشت جي جنگ کانپوءِ روٿ فائو اهو فيصلو ڪيو هو ته هوءَ پنهنجي زندگي انسانيت جي خدمت لاءِ وقف ڪندي، تنهن هوندي به ڊاڪٽر فائو جو پاڪستان اچڻ ۽ هتي فلاحي ڪم ڪرڻ رڳو هڪ اتفاق ئي هو. 1960ع ۾ ڊاڪٽر روٿ فائو کي ڀارت ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ وڃڻو هو، پر ويزا جي مسئلي جي ڪري کيس ڪراچي ۾ رهڻو پيو، ان دوران کيس ڪوڙهه جي متاثر ماڻهن جي هڪ ڪالوني ۾ وڃڻ ٿيو، مريضن جي رحم جوڳي حالت ڏسي ڪري هن فيصلو ڪيو ته هوءَ پاڪستان ۾ ئي رهندي ۽ اهڙن مريضن جي مدد ڪندي. جنهن بعد 1963ع ۾ ڊاڪٽر فائو جي قائم ڪيل ڪلينڪ جلد ئي ڪوڙهه جي متاثر ماڻهن لاءِ ٻن ماڙين واري اسپتال ۾ تبديل ٿي وئي ۽ پوءِ آهستي آهستي ان جون شاخون سڄي پاڪستان ۾ کوليون ويون، سندس قائم ڪيل اسپتالن ۾ نه رڳو ڊاڪٽرن کي سکيا ڏني وئي، بلڪه هزارين مريضن جو علاج به ڪيو ويو، سندس ئي ڪاوشن مان متاثر ٿي ڪري پاڪستاني حڪومت 1968ع ۾ ڪوڙهه جي مرض تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ هڪ قومي پروگرام جي شروعات ڪئي. ڊاڪٽر فائو پاڪستان جي باري ۾ چوندي هئي ته ”مون کي پاڪستان ۾ ڪڏهن به ڏکيائي محسوس نه ٿي، مون ماڻهن جي خدمت لاءِ اولهه جي قبائلي علائقن ۾ به ڪم ڪيو، جتي اڪثر ماڻهو مون کي منهنجي ڪم جي ڪري سڃاڻين ٿا ۽ ڪڏهن به ڪنهن به منهنجي ڪم ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي ڪوشش نه ڪئي“. خوشحال زندگي گذارڻ لاءِ مشڪلاتن کي به محسوس نه ڪندڙ ڊاڪٽر فائو پنهنجي سموري حياتي سنڌ ۽ ڪي پي ڪي جي ڏورانهن علائقن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندي وقف ڪري ڇڏي. ڊاڪٽر فائو ته انسانيت جي خدمت ڪندي پنهنجو فرض پورو ڪري هميشه لاءِ امر ٿي وئي، پر افسوس ان ڳالهه جو آهي ته ميڊيا سندس خدمتن کي ايترو هاءِ لائٽ نه ڪيو، جيترو هوءَ حق لهڻي پئي، ان ڪري اڄ پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا کي به ان جي ميار ڏجي ته اها غلط ڳالهه نه هوندي. ڊاڪٽر فائو جي لاڏاڻي تي پاڪستان جي سياسي رهنمائن، سماجي ڪارڪنن ۽ عوام کيس زبردست لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪري ٿو. شوڪت خانم ڪينسر اسپتال جي باني عمران خان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو آهي ته روٿ فائو جي لاڏاڻي تي غمگين آهيان، سندس خدمت جي جذبي جو پيدا ٿيل خال ڀرجڻ مشڪل هوندو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي وزيراعليٰ به ڊاڪٽر فائو جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڊاڪٽر فائو هڪ بي مثال زندگي گذاري، جنهن کي انسانيت جي خدمت لاءِ وقف ڪيو، هن کي هميشه ياد رکيو ويندو. محترمه بينظير ڀٽو جي نياڻي آصف ڀٽو زرداري به ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڊاڪٽر فائو پاڪستاني معاشري جي سڀ کان وڌيڪ ڪمزور طبقن ۾ وڃي ڪري بي مثال خدمت ڪئي، اسان سڀني کي هن جي مشن کي اڳتي وڌائڻو پوندو. ڊاڪٽر رٿ فائو جنهن جي جدوجهد سبب پاڪستان کي ڪوڙهه فري سوسائٽي قرار ڏنو ويو آصف رضا موريو ڊاڪٽر رٿ ڪيٿرينا مارٿا فائو جو جنم 9 سيپٽمبر 1929ع ڌاري جرمني جي شهر ليپزڪ ۾ ٿيو. سندس والد هڪ ڪامياب ڪاروباري ساک وارو ماڻهو هيو جنهن کي نازين کان سخت نفرت هوندي هئي. رٿ فائو به پنهنجي والد نازين جي سياسي فلسفي جي باغي هئي پر کيس زبردستي هٽلرجي نازي پارٽي جي پيرا ملٽري آرگنائيزيشن Hitler-jugened ۾ شامل ڪئي وئي. پهرين مهاڀاري جنگ ۾ جڏهن روس اوڀر جرمني واري علائقي تي قبضو ڪيو ۽ ملڪ جو سياسي، سماجي ۽ اقتصادي ڏيوالو نڪتو ته رٿ جي خاندان اتي تمام گهڻا عذاب سٺا جن ڪري 1948ع ۾ هوءَ به مشرقي جرمني کان غير قانوني طور سرحد پار ڪري مغربي جرمني پنهنجي پيءُ ڏانهن ڀڄي وئي جيڪو هڪ سال اڳ اوڏانهن فرار ٿي ويو هيو. سندس ٽي ڀينرون ۽ ماءُ به ڪجهه عرصي بعد ساڻن اچي مليون جتي هو ڏکڻ اولهه جي شهر Wiesbaden ۾ سڪونت پذير هيون جتي سندن خاندان سک جو ساهه کنيو. ٻي جنگ عظيم (1939-1945) جي هولناڪين دوران انسانيت جي تذليل کي رٿ فائو پنهنجي اکين سان ويجهي ۾ ڏٺو. سموري دنيا ۾ ٿيندڙ چيخن، ڪوڪن، آهن، لکين زخمي انسانن ۽ چچريل لاشن رٿ فائو جي ذهن ۽ ضمير کي جهنجهوڙي وڌو ان لاءِ هن ڊاڪٽر بڻجي ڏکايل انسانيت جي خدمت ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو. 1949ع ۽ 1950ع ڌاري رٿ فائو اولهه جرمني جي شهرن Mainz ۽ Murburgجي يونيورسٽين مان ڊاڪٽري ۽ دوائن جي تعليم ورتي. جرمن فلاسفر فريڊرڪ نٽشي جي سماجي ڀلائي واري تعليمات به کيس تمام گهڻو متاثر ڪيو ۽ هن انساني خدمت کي زندگي جو مقصد ۽ شعار بڻائي اڳتي قدم وڌائڻ لڳي. ميڊيڪل جي تعليم پڙهڻ دوران رٿ فائو سوچيندي هئي ته “جيڪڏهن مون کي پنهنجي جيئڻ لاءِ مناسب جواز نه مليو ته مان پاڻ کي ماري ڇڏيندم.” 1950 ۾ ڌاري سندس ملاقات هڪ ڊچ عورت سان ٿي جيڪا امن مشن جي سلسلي ۾ اولهه جرمني وڃي رهي هئي. ان عورت جي هن ڳالهه رٿ کي متاثر ڪيو ته “هن دنيا ۾ مستقبل انهن ماڻهن جو آهي جيڪي سهپ ۽ پيار جي دنيا سان تعلق رکندڙ هوندا”. ان عورت جي صحبت ۾ پروٽيسٽنٽ عقيدي واري رٿ ڪيٿولڪ بڻجي روحانيت ڏانهن پڻ مائل ٿي وئي ۽ ان کان پوءِ خدا تعالي کي ڪنهن ٻئي نظريي سان سڃاڻڻ لڳي جنهن متعلق سندس راءِ هئي ته ”توڙي جو اهو نظريو مون لاءِ محض ذاتي هيو پر اهو خيالي رشتو ئي اڳتي هلي منهنجي زندگي لاءِ تمام حقيقي ثابت ٿيو“. ڊاڪٽر رٿ فائو 1957ع ۾ هڪ سماجي سيوا جي اداري Society of the Daughters of Marry ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ جنهن ڊسپينسري ۾ رٿ فائو ڪم ڪرڻ شروع ڪيو هيو اها چار سال اڳ Bernice Bargas نالي هڪ ميڪسيڪو جي راهبه شروع ڪئي هئي جيڪا پڻ رٿ جي مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ هئي ۽ هن ان اسپتال کي Marie Adelaide de cice جي نالي سان منسوب ڪيو جنهن 2 فيبروري 1791ع ۾ Daughters of the heart of Marry جو بڻياد وڌو هيو. ان جا ميمبر سادا ڪپڙا پهريندا ۽ تڪليف جي ور چڙهيل انسانيت جي خدمت ڪندا هئا. رٿ فائو هڪ پڙهيل ڳڙهيل عورت هئي جنهنجو خيال هيو ته ”ٽين دنيا جي رهواسين لاءِ بک، ٿڌ، بيڪاري ۽ بي گهري زندگي جا اهم جز بڻجي چڪا آهن ان لاءِ مون کي سندن مدد ڪري تڪليفون گهٽائڻ گهرجن”. اهو سوچي هن پنهنجي صوبائي آفيسر کي ايشيا موڪلڻ جي درخواست ڪئي جيڪا جلد قبول ڪئي وئي ۽ کيس 1960ع ۾ انڊيا موڪليو ويو پر ويزا جي سلسلي ۾ هن کي رستي ۾ ڪراچي رڪجڻو پئجي ويو جتي پاڪستان ۾ڪوڙهه جي مريضن لاوارثي ۽ مسڪيني متعلق کيس ڄاڻ ملي. هن جڏهنMcLeod Road (هاڻوڪو چندريگر روڊ) تي ڪوڙهه جي مريضن جي بستي جي پهرين وزٽ ڪئي ته هن پاڪستان ۾ رهي ڪوڙهين جي مدد ڪرڻ جو فيصلو ڪري اتي ڪم ڪندڙ اداري سان منسلڪ ٿي وئي. ان وقت پاڪستان ۾ ڪوڙهين لاءِ ڪنهن به قسم جي سهولت موجود ڪونه هوندي هئي ۽ ان موذي مرض کان ڊنل وارث ان خوف کان مريضن کي ڪوٺين، ڪمرن ۽ غارن ۾ بند ڪري رکندا هيا يا گهر کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيندا هيا ته “متان گهر جي ڪنهن ٻئي ڀاتي کي اها بيماري وچڙي وڃي”. ملڪ ڀر مان اهڙي قسم جا تڙيل مريض پنهنجي ٿاڪن، واڙن ۽ محلن ۾ وڃي گڏ ٿيندا هيا جن مان ان دور ۾ ڪراچي ميڪلو روڊ تي ڪوڙهين جي وڏي ۾ وڏي بستي هوندي هئي جتي رهندڙ جيئڻ ڪاڻ گداگري، چوربازاري ۽ ڦرلٽ تي ڀاڙيندا هيا ۽ انهن کي سماج ۾ هڪ جانور جيتري به اهميت ڪونه هوندي هئي. رٿ فائو هڪ مظبوط قوت ارادي واري ڪردار ۽ پنهنجي مقصد جو احساس رکندڙ عورت هئي جنهن جو خيال هيو ته “اسان کي زندگي ڏانهن تبديلي جا هاڪاري رويا پنهنجي عملن ۾ چٽڻ گهرجن”. هن پنهنجي ان انقلابي سوچ جي ابتدا پاڪستان ۾ موجود هزارين ڪوڙهه جي مريضن جي مدد ۽ انهن جي وڏي ۾ وڏي دشمن بيماري سان مهاڏو اٽڪائي پنهنجو پاڻ سان پهه ڪيو ته هڪ ڏينهن هن سماج مان انسانن جي ان ويري مرض جي پاڙ پٽي رکندي. هن پنهنجي ڪم جي ابتدا ڪراچي ۾ ميڪلوروڊ واري وڏي ۾ وڏي ڪوڙهين جي بستي کان ڪئي ۽ 30 سالن جي هن نوجوان جرمن نينگري جڏهن ڪراچي رينبو سينٽر واري علائقي جي سامهون هڪ جهريل جهڳي اڏي پنهنجي ننڍڙي ڊسپينسري ٺاهي ته ان دور ۾ اها ڪاٺ ڪٻاڙ جي ڀڳل ٽٽل سامان ۽ بي ترتيبي سان جڙيل بغير ڇت واري جهڳي هر وقت ڪوڙهه جي بدبودار مريضن سان ڀريل هوندي هئي جيڪا اڳتي هلي پاڪستان ۾ ڪوڙهه جي مريضن لاءِ اميد، آٿت ۽ زندگي ڏانهن اتساهه جو واحد مرڪز ثابت ٿي جتي هن وقت ميري ايڊيليڊ جي شاندار عمارت ڪر کنيو بيٺي آهي. رٿ جي اچڻ وقت ڪراچي ريلوي اسٽيشن واري علاقي ۾ ڏيڍ سو کان مٿي ڪوڙهه جا مريض رهندا هيا جيڪو هڪ پاراتو ڏنل ۽ گندو علائقو سمجهيو ويندو هيو جتي جهيڙا ڦرون جام هيون ۽ رات جو ڪوئا ڪوڙهه جي مريضن جا هٿ، پير ۽ ٻيا عضوا به چڪيندا رهندا هيا. رٿ فائو جي ڊسپينسري ۾ ان وقت 6 کان مٿي رضاڪار 12 ڪلاڪ ڪم ڪندا رهندا رهندا هيا جڏهن ته هر مهيني 2000 کان مٿي مريض سندن سينٽر ۾ علاج خاطرايندا رهندا هيا. ٽيبلن، بسترن، ڪرسين ۽ ٻين شين جي اڻاٺ سبب رٿ فائو مٽي جي فرش تي گوڏا کوڙي ان جهڳي ۾ مريضن جا آپريشن ڪندي هئي جڏهن ته بجلي نه هئڻ ڪري هڪ رضاڪار هٿ واري وڄڻي سان وارڊ مان مکيون ڀڄائيندو هيو. برسات پوڻ ڪري اهو سمورو علائقو وشال ندي جيان وهي نڪرندو هيو پر رٿ ۽ ان جو سمورو اسٽاف گوڏي تائين بيٺل پاڻيءَ ۾ ور وجهي پنهنجو ڪم ڪندا رهندا هيا. پاڻ لاءِ ڪو ٽڪاڻو نه هئڻ ڪري رٿ فائو ڪم وهنوار لاهي پنهنجي جيپ ۾ سمهي پوندي هئي. ايترين مشڪلاتن ۽ تڪليفن جي باوجود رٿ فائو پنهنجي مريضن لاءِ جراحي جا سستا طريقا يا خراب دوائون استعمال ڪونه ڪيو ۽ انساني صحتمندي ڏانهن سدائين عمدگي کي ترجيح ڏيندي رهي. هن پنهنجي جهونپڙي جي ڪنڊ ۾ هڪ ننڍڙي ليباريٽري به قائم ڪئي هئي جتي پنهنجي رضاڪارن يا صحتمند مريضن کي ڪوڙهه جي مرض متعلق ٽيسٽن جي سکيا پڻ ڏيندي هئي. جهونپڙي ۾ هڪ پاسي کان اينٽي بائيوٽڪ ۽ ٻيون خاص دوائون پاٺن جي ڪارٽونن ۾ رکيل هونديون هيون. ان ئي جهونپڙيءَ جون ٻه ڪنڊون مريضن کي فزيوٿراپي ڪرڻ واري عملو ڪتب آڻيندو هيو. سن 1963ع ڌاري رٿ، اولهه جرمني ڪيٿولڪ فنڊنگ ايجنسي جي مدد سان ڪراچي ۾ ٻه منزله عمارت نرسنگ هوم لاءِ ڪرائي تي ورتي جنهن تي پاڙيوارن اها اسپتال بند ڪرائڻ لاءِ زور زبردستي ڪئي ته “انهن ڪوڙهه ۾ ورتل جانورن مان کين ۽ سندن ٻارڙن کي خطرو آهي.” معاملو جهيڙي جهڳڙي کان پوءِ ڪورٽ ۾ هليو ويو. رٿ ان سلسلي ۾ دنيا جي بهترين ليپرولوجسٽن کي مدد لاءِ لکيو ته انهن اعتراض ڪندڙ پاڙيوارن کي آگاهي ڏين ته ڪوڙهه جي اسپتال سندن لاءِ هاڃيڪار نه آهي. جڏهن ڪوڙِهه جي برطانوي ماهرDr. Stanlay Browne ان سلسلي ۾ پاڙي وارن کي بيان ڏنو ته؛ ”هڪ دفعو ڪوڙهه جو مريض دوا کائي ته پوءِ اهو مرض ڪنهن به صورت ۾ وچڙندڙ نه رهندو آهي.“ تنهن کانپوءِ آهستي آهستي رٿ فائو خلاف ڪنهن حد تائين ٺاپر ٿي وئي. Marie Adelaide Leprosy Centre جي سماجي نيٽ ورڪ جو ڪراچي ۾ بڻياد Dr. I. K. Gill 1962ع ۾ وڌو هيو جنهن جو انتظام بعد ۾ رٿ فائو سنڀالڻ لڳي جنهن ان سينٽر کي وڌائي 1963ع ۾ هڪ لپروسي اسپتال پڻ قائم ڪئي. ٻن سالن کان پوءِ اهو سينٽر مناسب سهولتن واري جاءِ تي منتقل ڪيو ويو جتي ڪوڙهه جي مريضن کي علاج معالجي جون مڪمل سهولتون ڏنيون وينديون هيون. ان اسپتال ۾ نه رڳو ڪراچي مان پر پاڪستان ۽ افغانستان پر ڀرپاسي جي ملڪن جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڪوڙهه جا مريض علاج خاطر اچڻ لڳا. ڪم وڌڻ سان گڏ ڊاڪٽر رٿ فائو آهستي آهستي ڪوڙهه سان آگاهي متعلق ڊاڪٽرن، ٽينڪنيشنن ۽ قومي رضاڪارن جي تربيت پڻ ڪندي رهندي هئي جنهن سان ڪوڙهه متعلق خوف ۽ انديشن مٿان صحتمند روين جي سوڀ ٿيندي رهي. آهستي آهستي رٿ فائو ڪوڙهه جي بيماري خلاف بيشمار ۽ مختلف پروگرام ۽ پروجيڪٽ مرتب ڪري پاڻ هلائيندي رهي ته حڪومت ۽ ٻين مختلف تنظيمن سان به سهڪاري بڻبي رهي. هن حڪومت کان پنج ساله پلان تحت ڪوڙهه سان ويڙهه لاءِ فنڊ مقرر ڪرايا. 1983ع ۾ رٿ فائو مريضن لاءِ هفته وار دوائن جي دوز جا پروگرام شروع ڪيا. جابلو، ڳوٺاڻي ۽ ڏورانهن علائقن ۾ جتي ڪوڙهه متعلق معاملا انتهائي گنجڙيل هيا ۽ دوائن يا ڊاڪٽرن جي به اڻاٺ هوندي هئي اتي به رٿ ڪوڙهه جي مرضن لاءِ سوين سينٽر کوليا ۽ کولرايا. ايتري تائين جو هن ئي پاڪستان ۾ نيشنل لپروسي ڪنٽرول پروگرام تيار ڪيو. ڪوڙهه جي جن مريضن جو علاج رٿ فائو ڪرڻ شروع ڪيو هيو اهي Bacilus Micro-bacterium leprae جي بيماري جا شڪار هوندا هيا جيڪي چمڙي هيٺان انساني جسم ۾ tissues ۽ Nerves کي تباهه ڪري ڇڏيندا آهن. ڊاڪٽر رٿ ڪوڙهه جي مرض سان گڏ تپِ دق جي مريضن لاءِ به پاڪستان ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو. پاڪستان جهڙي غريب ملڪ ۾ پنهنجي نيڪ مقصد جي پورائي لاءِ ڊاڪٽر رٿ فائو باقاعدگي سان جرمني ۽ ٻين ملڪن کان امداد وٺي ڪوڙهه جي موذي مرض خلاف ثابت قدمي سان مقابلو ڪندي رهي. هن وقت به رٿ فائو جي اداري جو اڌ خرچ West Germany Leprosy Relief ادا ڪندو آهي جيڪو 1961ع کان سندس مقصد کي سهائتا ڪندو رهندو آهي. وقت سان گڏوگڏ جيئن جيئن ڪم وڌندو ويو تيئن تيئن ڪوڙهه جي علاج جا ننڍا وڏا سينٽر پاڪستان جي هر علائقي ۾ کوليا ويا جن ۾ ڊاڪٽر رٿ فائو باقاعدگي سان مريضن وٽ پاڻ تپاس ڪندي رهندي هئي. هن وقت پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪوڙهه جي علاج متعلق اسپتالون، سينٽر ۽ سهولتون موجود آهن جنهن ڪري پاڪستان ۾ ڪوڙهه جو مرض پنهنجي پڄاڻين تي ليکيو وڃي ٿو. 1970ع ۾ رٿ ڪوڙهه جي ٽيڪنيشنن لاءِ تربيتي پروگرام شروع ڪيا. پاڪستان جي چئن صوبن ۾ ڪوڙهين متعلق سروي ڪائي اتي ضرورت آهر معالجي مرڪز وڌايا. پنهنجي ان جدوجهد جي دوران رٿ ڪشمير، افغانستان ۽ ٻين علائقن جا به دورا ڪيا. اتان مريض وٺي آئي. ان جدوجهد ۽ سفر ۾، مٿانئس ڪيترا ئي ڀيرا فائرنگ ڪئي وئي، ماڻهو وڙهيس، ڪتن ڏاڙهيس، ٻوڏ ۾ ٻڏندي ٻڏندي ۽ برفاني تودن هيٺان ايندي ايندي بچي پر هن عظيم عورت جي همت ۾ گهٽتائي ڪو نه آئي. پنهنجو خواب ساڀيان ڪري ساهه پٽيائين. هن وقت پاڪستان ۾ نيشنل لپروسي ڪنٽرول پروگرام جو بيشمار اسپتالون ۽ سينٽر پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. جتان هزارين مريض صحتياب ٿي جذام جي جهنم مان آزادي حاصل ڪري، صحتمنديءَ جي زندگي گذاري رهيا آهن. هن وقت ڪراچي ۾ ننڍڙي جهڳي جي جاءِ تي ميري ايڊيليڊ لپروسي سينٽر جي 8 منزله شاندار عمارت پاڪستان ۾ ڪوڙهه جي مريضن لاءِ ڀروسي واري جنت جي حيثيت رکي ٿو. سسٽر رٿ فائو جو پاڪستان کي ڪوڙهه کان آجي ڪرڻ واري خواب تڏهن خوشنما تعبير ماڻي جڏهن 1996ع ۾ ڊبليو ايچ او پاڪستان کي Leprosy-free society قرار ڏنو. واضح رهي ته پوري ايشيا اندر، ان ڏس ۾ هي پهريون ملڪ آهي. رٿ فائو، انسانن جي صحتمندي جي هاڃيڪار روين خلاف، سموري ڄمار ويڙهاند ڪري، انهن کي پسپا ڪندي رهي پر سماج جون هزارين منفي قوتون گڏجي به سندس حوصلن جي اورچائي کي ڪڏهن ڇهي نه سگهيون. سسٽر رٿ فائو پاڪستان ۽ افغانستان ۾ ڪوڙهه متعلق ڪيل پنهنجي جدوجهد تي جرمن زبان ۾ چار ڪتاب لکيا آهن جن مان هڪ To Light A Candle جو 1987ع ڌاري انگريزي زبان ۾ ترجمو ٿيو آهي. سندس انگريزي ۾ لکيل آتم ڪٿا Serving the Unserved جو اردو ۾ ترجمو ڊاڪٽر ضيا مطهر ڪيو آهي. کيس انساني خدمت جي جدوجهد جي اعتراف طور بيشمار اعزاز ۽ ايوارڊ پڻ ملي چڪا آهن. 1988ع ۾ کيس پاڪستان جي شهرت ڏني وئي. 1969ع ۾ ستاراءِ قائدِ اعظم، 1979ع ۾ پاڪستان جي مرڪزي وزارتِ صحت ۽ سماجي ڀلائي واري وزارت ڪوڙهه متعلق حڪومتِ پاڪستان اعزازي صلاحڪار مقرر ڪيو. ان سال ئي کيس هلالِ امتياز سان نوازيو ويو. 23 مارچ 1989ع ۾ کيس هلالِ پاڪستان ايوارڊ ڏنو ويو. 2003ع ۾ جناح سوسائٽي پاڪستان طرفان جناح ايوارڊ ڏنو ويو. 2004ع ۾ روٽري ڪلب ڪراچي وارن کيس لائيف ٽائيم اچيومنٽ ايوارڊ ڏنو. 2004ع ۾ ئي آغا خان يونيورسٽي وارن ڊاڪٽر آف سائنسD.Sc جي اعزازي ڊگري ڏني. 2006ع ۾ صدرِ پاڪستان لائيف ٽائيم اچيومنٽ ايوارڊ ڏنو. 12 مارچ 2010ع تي ڊائو ڪيپيٽل مئينجمنٽ لميٽيڊ وارن ليڊيز فنڊ آف دي ييئر جي شيلڊ ڏني. ساڳيو اعزاز کيس 12 فيبروري 2011ع تي به مليو. 14 آگسٽ 2010ع ۾ پاڪستان جو تمام وڏو سول ايوارڊ نشانِ قائدِ اعظم ڏنو ويو. 23 مارچ 2011ع تي صدرِ پاڪستان کيس نشانِ قائدِاعظم جو ايوارڊ ڏنو. اهڙي ريت کيس انساني خدمتن جي اعتراف طور کيس بيشمار بين الاقوامي اعزازات پڻ مليا آهن جن مان ڪجهه هيٺين ريت آهن. 1968: The Order of the Cross from Germany. 1985: The Commanders Cross of the Order of Merit with Star from Germany. 1991: Damien-Dutton Award from USA. 1991: Osterreischische Albert Schweitzer Gasellschaft from Austria. 2002: Ramon Magsaysay Award from Government of Philippines. 2003: The Jinnah Award from the Jinnah Society Pakistan. 2004: Honorary Degree of Doctor of Science (D.Sc.) from Aga Khan University. 2005: Marion Doenhoff-Prize, Germany. 2006: Woman of the Year 2006 Award by City FM89. 2009: Nesvita Women of Strength Awards by TVONE ڊاڪٽر روٿ فائو زندگيءَ جا 55 سال ڪراچي ۾ رهي مُلڪ مان ڪوڙهه جو مرض ختم ڪندڙ عورت عبدالحفيظ لغاري نئون ديرو واسي دوست واحد ناريجو جنهن ڏينهن جرمن ڊاڪٽر رُٿ فاءُ جو ذڪر ڪيو تنهن ڏينهن کان ان ڊاڪٽر سان ملڻ جي خواهش جاڳي پئي. ڇو ته دوست ٻُڌايو ته ڊاڪٽر رُٿ فاءُ هڪ عام ڊاڪٽر ۽ هڪ عام انسان کان گهڻو مٿي درجو رکي ٿي جنهن پنهنجي زندگيءَ جا 55 سال ڪراچي ۾ رهي هن مُلڪ مان ڪوڙهه جي مرض ختم ڪرڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيا. 9 سيپٽمبر 1929ع تي جرمني جي شهر Leipzig ۾ جنم وٺندڙ رُٿ فاءُ ننڍي هوندي ئي ڏُکيا ڏينهن ڏٺا جڏهن هن جي اباڻي علائقي تي فوج جي حملي سبب سندس خاندان کي دربدر ٿيڻو پيو. زندگيءَ جي ڏکيائين سان جهيڙيندي هي جڏهن وڏي ٿي ته طب جي تعليم حاصل ڪري ڊاڪٽر ٿي وئي. 1955ع ۾ پاڻ کي مُڪمل سماجي خدمتن لاءِ وقف ڪرڻ لاءِ سسٽر Nun (عيسائي ڌرم ۾ شادي نه ڪري چرچ يا فلاحي ڪمن کي ڏيئي زندگي وقف ڪندڙ) ٿي وئي. پاڻ کي 1956ع ۾ Daughters of the Heart of Marry ۾ شامل ڪيائين جيڪو فرانس ۾ هڪ ”آرڊر“ ٺهيو هو. ان سلسلي ۾ کيس انڊيا وڃڻو هو ۽ ويزا جي مسئلي سبب کيس صلاح ڏني وئي ته هو پهريان ڪراچي وڃي اُتان ويزا آساني سان ملي ويندس. ڪراچي اچي جڏهن هو پاڻ جهڙي ميڪسيڪن سسٽر ۽ فلاحي ڪم ڪندڙ فارماسسٽ بيرنس سان ملي ته هن جي زندگيءَ جو مقصد ئي بدلجي ويو. بيرنس کيس ٻُڌايو ته هو هن وقت ڪراچيءَ ۾ ڪوڙهه جي مريضن جي رهائش واري علائقي ۾ ڪم ڪري رهي آهي جن جي حالت صفا خراب آهي. جڏهن ڊاڪٽر رُٿ فاءُ وڃي ڏٺو ته هو اهو عزم ڪرڻ کان رهي نه سگهي ته انهن مريضن لاءِ ڪم ڪبو. هُن نه فقط پاڪستان پر افغانستان تائين ڪم ڪيو ۽ کيس مُلڪ جي نيشنلٽي سان گڏ ڪيئي قومي ايوارڊ پڻ مليا. هُن اهو سڀ ڪيئن ڪيو؟ پنهنجي باقي حياتي ڪراچي ۾ ڪيئن گذُاري اهو تجسس کڻي ريگل چوڪ لڳ سندس هاڻي واري هاسپٽل تي ميري ايڊيليڊ ليپروسي سينٽرMALI تي پُهتس ته رسيپشن وارن ڊاڪٽر رُٿ فاءُ جي خدمت ڪندڙ هن جهڙي ئي هڪ سسٽر مارگريٽ سان ملايو. تعارف ڪرائڻ کان پوءِ وٺي هلي ڊاڪٽر جي ذاتي اسٽڊي روم تي جتي هڪ 86 ساله جهوني جرمن عورت ٽيبل لئمپ ٻاري ڪو ڪتاب پڙهي رهي هُئي. مارگريٽ پاران منهنجي ساڻس ملڻ جي خواهش جو ٻُڌي پهريان ته ڪنهن ٻي دفعي اچڻ جو چيس پر پوءِ اهو ٻُڌي ان مهل ئي ٽائم ڏيڻ تي راضي ٿي ته گهڻو وقت نه ورتو ويندو. توڙي جو کيس اردو به آئي ٿي پر انگريزي ۾ ڳالهائڻ ۾ وڌيڪ سهولت هُئس. جڏهن کيس ٻُڌايم ته هي انٽرويو ۽ احوال سنڌيءَ ۾ ڇپبو ته کلي چوڻ لڳي ”مون وٽ اسٽاف ۾ ڪافي سنڌي به آهن جيڪي ترجمو ڪري ٻُڌائيندا.“ انهي کان پوءِ جيڪي سوال جواب شروع ٿيا سي جيئن جو تيئن هتي ڏجن ٿا؛ سوال: اوهان لاءِ هتي رهي پوڻ ۽ ڪم ڪرڻ جو اصل مُحرڪ ڪهڙو هو؟ جواب: آءُ سمجهان ٿي اهو مون لاءِ انتهائي اهم آهي ته هتي ٻُڌائيندي هلان. آءُ 1960 ۾ انڊيا وڃي رهي هُئس ته وچ ۾ ڪراچيءَ ۾ لهڻ ٿيو. آءُ ان وقت هڪ بي روزگار ۽ واندي هُئس. منهنجو ڌرم ڪيٿولڪ هو. مون سان گڏ منهنجي گروپ جون سسٽرس هُيون. اسان جو جٿو انڊيا وڃي رهيو هو. ڪُجهه وقت ڪراچيءَ ۾ جو ترسياسين ته اسان کي محسوس ٿيو ته ڪوڙهه جو مرض عام جام آهي. مون سان اُن وقت ميڪسيڪو جي هڪ فارماسسٽ پڻ مِلي. اُن ئي ٻُڌايو ته هتي اها بيماري عام جام آهي. ڪو به ان تي سوچڻ ويچارڻ وارو ناهي. مون اُن وقت ئي محسوس ڪيو ته ڪنهن هِڪ ماڻهو کي هتي رهي وقت ڏيئي ان جي حل لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. ايئن اها ”هڪ“ آءُ پاڻ ئي ٿي پيس ۽ رهي پيس. ان وقت مون سان گڏ سواءِ منهنجي ميڪسيڪن دوست جي ٻيو ڪو به نه هو. ڪم جو آغاز الاهي ڏُکيو هو پر اسان جو عزم پڪو هو ته ڪُجهه به ٿئي ڪم ڪرڻو آهي. سوال: اوهان کي والدين طرفان ڪا روڪ ٽوڪ نه ٿي؟ جواب: (مُسڪرائيندي) بابا ته اڳ ئي گُذاري ويو هو. ها باقي امڙ نه چاهيندي ۽ ڊڄندي ڊڄندي ها ڪئي. اصل ۾ امڙ به راضي نه ٿئي ها پر هُن به سمجهي ورتو هو ته منهنجي ڌي جنهن اٽل ارادي سان ان جدوجهد جو سوچيو آهي اها مُڙڻ واري ناهي. هُن بس اهو چيو ”تو سوچي ئي ورتو آهي ته آءُ ڪير ٿيندي آهيان روڪڻ واري؟“ سوال: اوهان ڪراچي شهر ۾ زندگيءَ جا ساڍا پنج ڏهاڪا گُذاري ڇڏيا. هن شهر جي تبديلي کي ڪيئن ٿا ڏسو؟ جواب: هي عجيب شهر آهي. آءُ اڄ هن شهر لاءِ ڪُجهه چوان ته سڀاڻي اُهو سچ نه هوندو. آءُ ماضي جي غير يقيني ۽ تڪڙين تبديلين کي ڏِسان ٿي ته اڄ ڪا به راءِ نه ٿي ڏيئي سگهان ڇو ته سڀاڻي اُن تي ڪو به يقين ڪندو اها پڪ نه اٿم. بس اهو سو ضرور چونديس ته هن شهر جي مستقل استحڪام جي ڪوشش ڪرڻ لاءِ ڪو به اڳتي اچڻ لاءِ تيار ناهي. افسوس آهي ته ليڊرشپ صحيح ناهي (چيم اهو نه لکان؟ چوڻ لڳي ڇو نه لکندين؟ ضرور لکجان). هن مُلڪ جي سرڪار سان گڏ هلڻ ڪم ڪرڻ يا ڪا وڏي اُميد رکڻ ڏاڍي ڏُکي آهي. عوام ان ڌوڪي ۾ آهي ته اها سڀ ڌارين جي سازش آهي جڏهن ته ايئن ناهي. مُلڪ جي غير يقيني صورتِحال جو سبب هتان جا حُڪمران آهن ٻيو ڪو به نه. سوال: هڪ عورت طور اوهان ته زندگي هڪ مشن پورو ڪندي گُذاري. عورتن کي همٿائڻ لاءِ اوهان وٽ ڪو راز يا صلاح؟ جواب: افسوس آهي ته هن مُلڪ جي عورتن ۾ خوب صلاحتيون آهن پر سندن ڀائر ۽ مُڙس ئي انهن لاءِ رُڪاوٽ آهن. اُهي نه ٿا چاهين ته عورتون ساڻن ڪُلهو ڪُلهي ۾ ملائي ڪم ڪن. ڪُجهه وري هتي سماجي ۽ سياسي مسئلا پڻ آهن. حالتن جو به عمل دخل آهي. منهنجي پنهنجي اسسٽنٽ ڪانتا جيڪا ٿر جي وارياسي علائقي مٺي سان تعلق رکي ٿي سا به ڏاڍي هوشيار آهي. آءُ سمجهان ٿي اُها منهنجي جاءِ تي ڪم ڪري سگهي ٿي. آءُ کيس پنهنجو مُتبادل سمجهان ٿي پر هو هتي نه ٿي رهي. (وچان مارگريٽ ٻُڌايو ته هن وقت به ڪانتا نيپال ۾ آهي) سوال: ڀلا ڪوڙهه جي مرض کي هن مُلڪ مان ختم ڪرڻ جي مشن بابت مُختصراً ٻُڌائيندؤ؟ جوب: اسان جڏهن ڪم شروع ڪيو ته لڳو پئي ڪم ڏُکيو آهي. اُن جا وڏا داستان آهن اُن کي ڇڏيون ٿا قصو ڪوتاهه پر اڳتي هلي 1980ع ۾ WHO جي مدد سان هڪ ٻٽي علاج سان ڪوشش ڪئي ته ڪنٽرول ٿيڻ شروع ٿيو ۽ اڳتي هلي اها مُڪمل ختم ٿي وئي. 1996 ۾ ته WHO به اهو اعلان ڪيو ته هاڻ پاڪستان ڪوڙهه کان پاڪ آهي. سوال: اوهان وڏو عرصو هتي گُذاريو. ڪيئن ٿا ڏسو نئين ٽهي کي؟ جواب: (هڪ ڊگهو ساهه کڻي خاموشي کان پوءِ جڏهن جواب ڏيڻ لڳي ته اکيون ڀرجي آيس). سچ پُڇين ته مون کي ڏاڍو افسوس آهي. آءُ اولهه مُلڪن ۾ ڏسان ٿي ته ماڻهن جي صلاحيتن کي پرکيو وڃي ٿو. هو ڇا ۽ ڪيئن ڪري سگهن ٿا اهو معلوم ڪيو وڃي ٿو. ان کان پوءِ کين آماده ڪري اهو ڪم وٺي فائدا ورتا وڃن ٿا. هتي ظلم اهو آهي ته ٻيا ته ٺهيو پر ماڻهو پنهنجو پاڻ کي به ڏسڻ لاءِ تيار ناهن. اڪثريت بنا سوچي سمجهي ڪم ۾ لڳل آهي. جڏهن ته هن وقت جي گهُرج آهي پنهنجي صلاحيتن کي سمجهڻ ۽ پرکڻ جي. اوهان پاڻ کي ڏسو. پنهنجي صلاحيتن کي سمجهو. پوءِ زندگيءَ لاءِ هڪ چئلنج کڻي اُن کي پورو وقت ڏيو. ڏسو ته ڪيئن نه ٿي اچي تبديلي ۽ اوهان ڪيئن نه ٿا ڪامياب ٿيو. واعدي موجب گهُريل وقت پورو ٿيندي ڏٺم ته موڪلايم. منهنجو هٿ پڪڙي ٻيو هٿ اُن مٿي رکندي ڪا دير ڏسندي رهي ڄڻ ته نظرن ۾ ئي چوندي هُجي ”پاڻ کي سُڃاڻو ۽ سمجهو. زندگيءَ جو ڪو مقصد ٺاهي ان کي پورو ڪريو“. ان ملاقات کان پوءِ مارگريٽ مون کي اهو ميڊيڪل سينٽر گهُمايو جنهن ۾ گهڻي قدر لاچار مسڪين ۽ اپاهج هُئا جن مان گهڻن کي ته گهروارن هتي ڇڏي وري وٺي وڃڻ جي زحمت ئي ناهي ڪئي. هڪ مريض ته افغانستان جو به هو جيڪو الائي ڪيئن هتي اچي نڪتو. مارگريٽ ٻُڌايو ته هاڻ ڊاڪٽر پنهنجي جرمن دوستن جي تعاون سان هي سينٽر هلائي ٿي. گورنمنٽ جو سهڪار هاڻي نه هُجڻ برابر آهي. هي مريض به مريض کان وڌيڪ ڏُتڙيل هُجڻ جي ڪري هتي داخل آهن. ٻاهر نڪتس ته ڪراچيءَ جي گرم موسم ۽ ريگل چوڪ جو شور تنگ ڪرڻ لڳو. ڊاڪٽر رُٿ فاءُ به اڳي ڪنهن اخبار ۾ انٽرويو ڏيندي چيو هو ته ڪراچيءَ جون اهي ٻه شيون کيس اڄ به پريشان ڪن ٿيون. مون کي به ڪرڻ لڳيون پر ڪاش اسان انهن پريشانين هوندي به ڊاڪٽر رٿ فاءُ جي ڪيل ڪم جهڙو يا جيترو نه سهي پر رتي برابر به ڪري وِجهون ته ڪيڏو نه ڀلو ٿي پئي. ڪنهن سچ ئي چيو آهي ”جيستائين اسان ڪنهن جا همدرد نه ٿا ٿيون درد اسان کان ۽ اسان درد کان جُدا ناهيون ٿيندا.“ ڊاڪٽر رٿ ڪيٿرنيا مارٿا فائو الوداع اي خادمِ انسانيت الوداع محمود شام درد دل کے واسطے پیدا کیا انسان کو ور نہ طاعت کے لیے کچھ کم نہ تھے کروبیاں انسان زمين پر الله تعاليٰ جو نائب، سڄي مخلوقات ۾ اشرف، اُن کي زمين تي لاٿو ويو، جيڪو الله تعاليٰ جي نائب جي خدمت ڪري ٿو، ڪنهن غرض کان مٿانهون ٿي، بي لوث، بي مطلب، اُهو ڪيترو عظيم انسان هوندو ۽ جڏهن هو پنهنجو گهر ٻار ڇڏي اڪيلي سر صرف انسانيت جي خدمت جي لاءِ بلڪل ڪنهن اجنبي ماڳ تي اچي وڃي، اهڙي ماحول ۾ جتي صدين کان رهندڙ پاڻ هڪ ٻئي کان خوفزده هُجن، جتي غيرت جي نالي تي قتل ٿيندا هُجن، جتي موبائل ڦرجڻ ۾ مزاحمت ڪرڻ تي موت ٿيندا هجن، جتي مقامي ماڻهو پنهنجن ئي ماڻهن کي ماريندا هُجن، جتي مسلمان، مسلمانن کي موت جي انڌيرن ۾ ڌڪي رهيا هُجن، جتي انتهاپسند ٻارهين صدي جي سوچ سان گڏ ايڪيهين صديءَ جي موت مار هٿيارن سان ليس هُجن، جتي قبيلا پاڻ ۾ وڙهي رهيا هُجن، سياسي پارٽيون هڪٻئي خلاف ڪات ڪهاڙا کنيو وتن، جتي خواندگيءَ جي شرح تمام گهٽ هُجي، جتي جاگيردار سورهين صديءَ جون روايتون کنيو هارين جون زندگيون تنگ رکيو اچن، جتي سردار انسانن کي پندرهين صديءَ جي غلام جيان رکندا هُجن، اتي هڪ نوجوان عورت ڪوڙهه جي خطرناڪ مرض ۾ مبتلا انسانن کي ڏسي اهو فيصلو ڪري ته مون کي هن سرزمين تي اهو مرض هميشه لاءِ ختم ڪرڻو آهي ۽ مون کي هتي ئي رهڻ گهرجي. آفرين آهي هُن جي همت تي، هُن جي جرئت تي، هُن جي جذبي تي. ۱۹۶۰ع جي ڏهاڪي ۾ هيءَ جرمن ڄائي اهو فيصلو ڪري منهنجي، اوهان جي، قائداعظم جي مُلڪ ۾ رهائش اختيار ڪري وٺي ٿي. هي عبدالله شاهه غازي جي نگري، داتا گنج بخش جي فيض سان سيراب مملڪت، شاهه لطيف جي سُرن سان گونجندڙ ڌرتي، سلطان باهو جي هُو سان لرزندڙ سرزمين، خواجه فريد جي ڪُوڪ سان سر سرائيندڙ صحرا، اُن جو استقبال ڪري ٿي. آسمان جي اک کي يقين نٿو اچي ته لاڏ ۽ ڪوڏ ۾ پلجندڙ مهذب معاشري ۾ جنم وٺڻ واري هيءَ خوبصورت عورت هاڻي سڄي زندگي هتي گذاريندي. ہیں لوگ وہی جہاں میں اچھے آتے ہیں کام جو دوسروں کے ڪوڙهه ۾ ورتل شهرين کي وسندين مان ڪڍيو ويندو هو. اُهي جهنگلن، کنڊرات ۾ رهڻ تي مجبور ڪيا ويندا هُئا. اُنهن جا مٽ مائٽ هُنن سان نه ملندا آهن، ڊڄندا آهن ته هو به ڪوڙهه ۾ نه وٺجي وڃن. ڊاڪٽر، حڪيم اُنهن جي ويجهو نه ويندا هئا، پر هيءَ نوجوان عورت ڄاڻندي هُئي ته ان مرض جو علاج اُنهن جي ويجهو وڃڻ ۾ ئي آهي. اُنهن جو دُک درد ونڊڻ ۾ ئي آهي. شهر قائدِ ۾ اهو به ٿيو ته ڪوڙهه ۾ مبتلا ماڻهن جي گهرن تي سيٺين قبضو ڪري ورتو. اُنهن کي دربدر ڪيو ويو. سٽي ريلوي اسٽيشن جي ويجهو آءِ آءِ چندريگر روڊ تي ڪوڙهين جي وسندي هُئي، جتي هُن پهريون ڀيرو اِها بيڪسي ڏٺي. اها هئي جرمني جي هڪ شهر ليپزگ ۾ ۹ سيپٽمبر ۱۹۲۹ع تي پيدا ٿيڻ واري سسٽر ڊاڪٽر رٿ ڪيٿرنيا مارٿا فائو، جنهن ٻي مهاڀاري جنگ کان پوءِ پيدا ٿيندڙ مرضن ۽ مصيبتن کي ويجهڙائيءَ کان ڏٺو. هوءَ راهبائن جي تنظيمDaughter of the Heart of Mary جي ميمبر هُئي. تنظيم هُن کي شاگردن جي ميڊيڪل خدمتن جي لاءِ ڀارت موڪليو هو، پر پاڪستان مان گذرندي هُن ڏٺو ته ڪوڙهه جا مريض بيڪسيءَ ۽ بيوسيءَ جي عالم ۾ آهن ته هُن جا قدم اتي ئي رڪجي ويا. مسئلو ويزا جي ڪري پيدا ٿيو، پر ڪوڙهه جي پاڪستاني مريضن جي خوشقسمتي هيءَ ته مسيحا عورت ڀارت نه وڃي سگهي. مان ته سمجهان ٿو ته اهو سڀ ڪجهه قدرت جي طرف کان هڪ تحفو هو. تقريبن ۳۰ سال جي ڄمار ۾ اها سوچ حيران ڪُن آهي ۽ اُن معاشري ۾ جتي مسيحا به مريضن کي ڦُريندا هُجن. جتي رهبر رهزن آهن، پوءِ ڏسو قدرت ڪهڙي نموني مدد ڪري ٿي. ڪراچي ۾ پيرڊي جي علائقي ۾ ميري ايڊيلڊ لپروسي سينٽر قائم ڪيو ويو. ڪوڙهه جي خلاف جنگ ۾ فتح هُن جو مقدر بڻجندي وئي. هوءَ ڊاڪٽر به هُئي، رهبر به ۽ قلمڪار به، هُن جو پنهنجو گهر به بمباري سان تباهه ٿيو هو. تنهنڪري بي گهري جي درد کان خوب آشنا هُئي. هو چوندي هئي، اسان سڀ گڏجي جنگ ته نٿا روڪي سگهون، پر جسم ۽ روح تي لڳندڙ زخمن تي مرهم ته رکي سگهون ٿا. ۱۹۶۳ع ۾ هڪ ڪلينڪ تان شروع ٿيندڙ اهو سفر سڄي پاڪستان ۽ افغانستان جي ڪوڙهه جي مريضن جي لاءِ اُميدگاهه بڻجي ويو. پاڪستانين، حڪومت به هُن جي ڪم ۾ هٿ ونڊايو، وزارتِ صحت هُن کي ڪوڙهه جي سلسلي ۾ پنهنجو مشير بڻايو، ڏينهن رات هُن جون ڪوششون جاري رهيون. حالتون مونجهاري واريون هيون، مُلڪ ٻه اڌ ٿي ويو، حڪومتون اينديون ۽ وينديون رهيون، هوءَ پنهنجي مشن ۾ مصروف رهي. اسان جا رهبر ته ۳۰ سال حڪومت ڪرڻ کان پوءِ به انقلاب جي آرزو رکن ٿا. ڪو ڪم به مڪمل ناهن ڪري سگهندا، پر ان جرمن عورت جي ڏينهن رات جي جدوجهد پاڪستان مان ڪوڙهه جو خاتمو ڪري ڇڏيو. ۱۹۹۶ع ۾ عالمي صحت واري اداريWHO اهو اعلان ڪيو ته پاڪستان ايشيا ۾ پهريون مُلڪ آهي جتي ڪوڙهه جو خاتمو ٿي ويو آهي. هاڻي سڄي مُلڪ ۾ ۱۵۲ مرڪز آهن. هيءَ خاتون پاڪستان جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ ڪوڙهه جو تعاقب ڪندي رهي ۽ آخرڪار اُن تي قابو پائي ورتو. اها ٿيندي آهي انسان جي ڪوشش ۽ قدرت جي رحمت. انسانيت جي خدمت دلين ۾ محبتون پيدا ڪندي رهندي آهي. رٿ فائو کي جيڪا عظمت ۽ عزت نصيب ٿي، اُها اسان جي صدر ۽ وزيراعظم کي به ناهي ٿي. اُن عظيم عورت جي چهري تي هڪ عجيب ڪشش هُئي، جيڪا ۳۱ ورهين جي ڄمار کان وٺي ۸۷ ورهين تائين رهي. جهريون به محترم لڳنديون هيون. هُن سان مختلف تقريبن ۾ ملاقاتون ٿينديون هيون. اسان آداب بجا آڻيندا هئاسين. خراج تحسين پيش ڪندا هئاسين، آخري ڀيرو سوئي گئس ڪراچي جي طرف کان فرشته صفت عبدالستار ايڌي جي ياد ۾ ٿيندڙ تقريب ۾ ملاقات ٿي. هشاش بشاش، منتظمين چيو ته ويهي تقرير ڪريو، پر هوءَ ڊائس تي آئي، انسانيت جي هڪ عظيم خادم کي، انسانيت جي هڪ ٻئي خادم خراج پيش ڪري رهي هُئي. نهايت ئي شائسته اردو ۾، بااعتماد لهجي ۾. هوءَ ۱۰ آگسٽ ۲۰۱۷ تي هن دنيا مان رخصت ٿي. منهنجي تحرير کي پڙهڻ وارا بزرگو، نوجوانو، ڀينرو، مائرو ۱۹ آگسٽ ۲۰۱۷ تي اسان ان قيمتي اثاثي کي ڪراچي جي گورا قبرستان ۾ سپرد خاڪ ڪري ڇڏيو. پاڪستاني قوم جي مملڪت هُن کي ڪيترن ئي اعزازن سان نوازيو، پر هُن جي آخري رسمن تي توپن جي سلامي، پوري قومي آداب سان گڏ هُن جي تدفين، سڀ کان وڏو اعزاز هو. پاڪستانين پنهنجي ان محسن کي پوري احترام سان گڏ الوداع ڪيو. اُن ۾ رنگ نسل مذهب جو خيال نه ڪيو، اقليتن سان اُهوئي حسن سلوڪ، جيڪو مسلمانن جي روايت رهيو آهي، قائداعظم جنهن جي لاءِ هدايت ڪئي هُئي. پاڪستاني امن، انسانيت سان محبت ڪن ٿا. انسانيت جي خدمت جو درس هر مذهب ڏي ٿو ۽ اسلام ته انسانيت جي بلاامتياز احترام جو سڀ کان وڌيڪ قائل آهي. اوهان جي آسپاس به انسانيت جا اهڙا خدمتگار هوندا، اُنهن جي عزت ڪريو. اُنهن جو هٿ ونڊايو، زندگيءَ جو اهوئي مقصد آهي. اوهان جو ڇا خيال آهي؟ ايس ايم ايس ڪجو، ۷۸۰۶۸۰۰_۰۳۳۱ ڊاڪٽر رٿ فائو پاڪستان جي مدر ٽريسا ابراهيم لاشاري دنيا ۾ ان ئي انسان کي افضل سمجهو وڃي ٿو، جيڪو ٻين ڪارڻ جيئي، يعني انسانيت جو اصل خدمتگار بڻجي پنهنجي زندگي ۾ پنهنجي حصي جو ڪم انسانيت جي خدمت ڪندي گذاري ٿو اهڙي طرح هن ڪائنات جي گولي تي هڪ ملڪ جرمني نالي مشهور آهي جرمن ملڪ جي شهر ليپزگ کي اهيو اعزاز حاصل آهي ته هن ۹ سيبٽمبر ۱۹۲۹ع سومر جي ڀلاري ڏينهن انسانيت جي خدمتگار هڪ عظيم عورت رٿ ڪيٿرينا مارٿا فائو جنم ورتو. هن جي ڪٽنب ٻي جنگ عظيم کانپوءِ روسي حمايت واري اوڀر جرمني کي ڇڏي اولهه جرمني واري حصي کي اچي وسايو جتي سندس سموري خاندان اچي گهر اڏيو ۽ اتي ئي سندس والدين ميڊيڪل جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي جتان ڊاڪٽر رٿ فائو سال ۱۹۴۹ع ڌاري ڊاڪٽر جي ڊگري (مينز) مان حاصل ڪري ورتي تعليم مڪمل حاصل ڪرڻ بعد ترت ڊاڪٽر رٿ فائو (ڪيٿولڪ ڊائر آف دي هارٽ آف دي ميري) نالي تنظيم سان سلهاڙجي وئي تنظيم ۾ حصو وٺڻ بعد سال ۱۹۵۸ع ڌاري ڊاڪٽر رٿ فائوپاڪستان ۾ (ڪوڙهه) جي مريضن بابت هڪ فلم ڏٺي جنهن بعد هن ان مرض کي ختم ڪرڻ لاءِ انسايت جي خدمت ڪرڻ جي جذبي کي پنهنجي زندگي کي وقف ڪرڻ جو پاڻ سان ۽ هن دنيا جي انسانن سان وچن ڪري ورتو. ۽ واقعي ٿيو به ائين ئي جلد ان مشنري تنظيم ڊاڪٽر رٿ فائو صاحبه کي سال ۱۹۶۰ع ڌاري ڪوڙهه جي مرض جي پاڙ پٽڻ لاءِ ۽ مريضن جي علاج واسطي پياري پاڪستان موڪليو، جتي ڊاڪٽر رٿ فائو ڪراچي سنڌ ۾ پهچي ڪري ڪراچي ريلوي اسٽيشن ڀرسان (ميڪلوڊ روڊ) تي ڪوڙهه جي مرض جي خاتمي لاءِ هڪ (ميري ايڊيليڊي ليپريسي) نالي شفا خانو ڪوليائين ۱۹۶۰ع کان اڳ اسان جي ملڪ پياري پاڪستان ۾ ڪوڙهه جي مريضن جو تعداد هزارن ۾ هوندو هو هي مرض ان زماني ۾ لاعلاج تصور ڪيو ويندو هو ڪوڙهه جو مرض انسان جي سموري جسم کي ڊاوانڊول بيڪار بڻائي ڇڏيندو هو، هي مرض منهن، ٽنگون، هٿن کي تمام گهڻو متاثر ڪندو آهي، ان زماني ۾ ڪوڙهه جي مريض کي شهر کان ٻاهر ويران هنڌ تي رکيو ويندو هو ۽ مريض ويچارا تڙپي تڙپي موت جو شڪار ٿي ويندا هئا. ڊاڪٽر رٿ فائو ڪراچي ۾ دواخانو کولي مريضن جي مدد ۽ رات ڏينهن خدمت ڪرڻ لڳي ته مريضن جي تعداد ۾ تمام گهڻو اضافو نظر آيس ته ان زماني ۾ هڪ ڊاڪٽر (آءِ ڪي گل) جي مدد سان سال ۱۹۶۳ع ڌاري هڪ وڏي اسپتال ڪراچي ۾ خريد ڪري کولي وئي ۽ مريضن جو مفت ۾ علاج ڪيو ويو جلد پوءِ ڊاڪٽر رٿ فائو ڪراچي جي شهر ۽ آس پاس ۾ ننڍڙيون اسپتالون ۽ سينٽر کولي ڇڏيا ۽ ان عملي جي تربيت پڻ پاڻ ڪري رات ڏينهن مريضن جي خدمت ۾ پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي، هن ڪراچي کان علاوه روالپنڊي ۾ پڻ ڪوڙهه جي مريضن لاءِ هڪ اسپتال کوليم اهڙي ريت ڊاڪٽر رٿ فائو صاحبه نيشنل ليپريسي ڪنٽرول پروگرام تربيت ڏيڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندي رهي اهڙي ريت سندس ڪوششن سان پاڪستان منجهان ڪوڙهه جي مرض جو مڪمل خاتمو اچي ويو ڊاڪٽر رٿ فائو پنهنجي مقصد ۾ ڀرپور ڪاميابي ماڻي ورتي اهڙي ريت گڏيل قومن جي صحت واري شعبي (ورلڊ هيلٿ آرگنائزيشن ) سال ۱۹۹۶ع ۾ پاڪستان ملڪ کي ايشائي ملڪن منجهان سڀني کان پهريان ڪوڙهه جي مرض فري ملڪ قرار ڏنو . اهڙي ريت سال ۱۹۸۸ع ڌاري ڊاڪٽر رٿ فائو کي شهيد راڻي محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي حڪومتي دور ۾ پاڪستاني شهريت ملي وئي ۽ سندس دل هميشه پاڪستان سان لڳي وئي ۽ زندگي جا آخري ڏينهن به هن پاڪستان ۾ گذاريا اهڙي انسانيت جي خدمت عيوض دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۽ ادارن ڊاڪٽر رٿ فائو کي وڏن وڏن اعزازن جهڙوڪ هلال امتياز، سال ۱۹۶۹ع ۾ جرمني پاران آرڊر آف ميرٽ، هلال پاڪستان، ستاره قائداعظم، آغا خان يونيورسٽي پاران ڊاڪٽر آف سائنس ايوراڊ سان نوايو ويو ڊاڪٽر رٿ فائو پاڪستان سان گڏ جرمن شهريت رکندڙ عورت هئي هن مسلسل زندگي جا ۵۶ سال پاڪستان ۾ انسانيت جي خدمت ڪندي گذاريا هن عظيم عورت ڊاڪٽر رٿ فائو پاڪستان ۾ ڪوڙهه جي مرض ۽ علاج بابت پڻ (چار ڪتاب) لکيا جيڪي ڪنهن اعزاز کان گهٽ ڪين نه آهن. سندس زندگي جي آخري ڏينهن ۾ ساهه کڻڻ ۾ تمام گهڻي تڪليف پئي محسوس ٿي هن عظيم عورت کي علاج واسطي آغا خان اسپتال ڪراچي ۾ داخل ڪيو ويو جتي سندس علاج هلندڙ هو پر زندگي سندس ساٿ ڇڏي ڏنو اهڙي ريت هي عظيم عورت ۱۰ اگسٽ ۲۰۱۷ رات ڌاري (پاڪستان جي مدر ٽريسا) زندگي جا ۸۷ سال ۱۱ مهينا هڪ ڏينهن گذاري هميشه هميشه لاءِ وڇڙي وئي سندس جي آخري آرام گاهه عيسائين جي گورا قبرستان ڪراچي ۾ هوندو ۽سندس آخري رسمون اڄ ۱۹ آگسٽ ۲۰۱۷ تي صدر ڪراچي جي پيٽرڪس چرچ ۾ سرڪاري اعزاز سان ادا ڪيون وينديون. جڏهن ته سندس خدمتون صدين تائين ياد رهنديون. ڈاکٹر روتھ فاؤ یہ خاتون جرمنی کے شہر لائزگ کی رھنے والی تھی۔ پیشے کے لحاظ سے یہ ڈاکٹر تھیں۔ سن 1958ء کی بات ھے اس خاتون نے 30 سال کی عمر میں پاکستان میں کوڑھ (جزام) کے مریضوں کے بارے میں ایک فلم دیکھی‘ کوڑھ اچھوت مرض ہے جس میں مریض کا جسم گلنا شروع ہو جاتا ہے‘ جسم میں پیپ پڑجاتی ہے اور اس کے ساتھ ہی انسان کا گوشت ٹوٹ ٹوٹ کر نیچے گرنے لگتا ہے‘ کوڑھی کے جسم سے شدید بو بھی آتی ہے‘ کوڑھی اپنے اعضاء کو بچانے کے لیے ہاتھوں‘ ٹانگوں اور منہ کو کپڑے کی بڑی بڑی پٹیوں میں لپیٹ کر رکھتے ہیں‘ یہ مرض لا علاج سمجھا جاتا تھا چنانچہ جس انسان کو کوڑھ لاحق ہو جاتا تھا اسے شہر سے باہر پھینک دیا جاتا تھا اور وہ ویرانوں میں سسک سسک کر دم توڑ دیتا تھا۔ پاکستان میں 1960ء تک کوڑھ کے ہزاروں مریض موجود تھے‘ یہ مرض تیزی سے پھیل بھی رہا تھا‘ ملک کے مختلف مخیرحضرات نے کوڑھیوں کے لیے شہروں سے باہر رہائش گاہیں تعمیر کرا دی تھیں‘ یہ رہائش گاہیں کوڑھی احاطے کہلاتی تھیں‘ لوگ آنکھ‘ منہ اور ناک لپیٹ کر ان احاطوں کے قریب سے گزرتے تھے‘ لوگ مریضوں کے لیے کھانا دیواروں کے باہر سے اندر پھینک دیتے تھے اور یہ بیچارے مٹی اورکیچڑ میں لتھڑی ہوئی روٹیاں جھاڑ کر کھا لیتے تھے‘ ملک کے قریباً تمام شہروں میں کوڑھی احاطے تھے‘ پاکستان میں کوڑھ کو ناقابل علاج سمجھا جاتا تھا چنانچہ کوڑھ یا جزام کے شکار مریض کے پاس دو آپشن ہوتے تھے‘ یہ سسک کر جان دے دے یا خود کشی کر لے۔ _______ یہ انتہائی جاذب نظر اور توانائی سے بھر پور عورت تھی اور یہ یورپ کے شاندار ترین ملک جرمنی کی شہری بھی تھی‘ زندگی کی خوبصورتیاں اس کے راستے میں بکھری ہوئی تھیں لیکن اس نے اس وقت ایک عجیب فیصلہ کیا‘یہ جرمنی سے کراچی آئی اور اس نے پاکستان میں کوڑھ کے مرض کے خلاف جہاد شروع کر دیا اور یہ اس کے بعد واپس نہیں گئی‘ اس نے پاکستان کے کوڑھیوں کے لیے اپنا ملک‘ اپنی جوانی‘ اپنا خاندان اور اپنی زندگی تیاگ دی‘ انہوں نے کراچی ریلوے اسٹیشن کے پیچھے میکلوڈ روڈ پر چھوٹا سا سینٹر بنایا اور کوڑھیوں کا علاج شروع کر دیا‘ کوڑھ کے مریضوں اور ان کے لواحقین نے اس فرشتہ صفت خاتون کو حیرت سے دیکھا کیونکہ اس وقت تک کوڑھ کو اﷲ کا عذاب سمجھا جاتا تھا‘ لوگوں کا خیال تھا یہ گناہوں اور جرائم کی سزا ہے۔ چنانچہ لوگ ان مریضوں کو گناہوں کی سزا بھگتنے کے لیے تنہا چھوڑ دیتے تھے‘ ان کے لیے پہلا چیلنج اس تصور کا خاتمہ تھا‘ انھیں بیماری کو بیماری ثابت کرنے میں بہت وقت لگ گیا اور اس کے بعد مریضوں کے علاج کا سلسلہ شروع ہوا‘یہ عظیم خاتون اپنے ہاتھوں سے ان کوڑھیوں کو دوا بھی کھلاتی تھی اور ان کی مرہم پٹی بھی کرتی تھی جن کو ان کے سگے بھی چھوڑ گئے تھے۔اس کا جذبہ نیک اور نیت صاف تھی چنانچہ اﷲ تعالیٰ نے اس کے ہاتھ میں شفا دے دی‘ یہ مریضوں کا علاج کرتی اور کوڑھیوں کا کوڑھ ختم ہو جاتا‘ اس دوران ڈاکٹر آئی کے گل نے بھی انھیں جوائن کر لیا‘ ان دونوں نے کراچی میں 1963ء میں میری لپریسی سینٹر بنایا اور مریضوں کی خدمت شروع کردی‘ ان دونوں نے پاکستانی ڈاکٹروں‘ سوشل ورکرز اور پیرامیڈیکل اسٹاف کی ٹریننگ کا آغاز بھی کر دیا ۔ یوں یہ سینٹر 1965ء تک اسپتال کی شکل اختیار کر گیا‘ان ہوں نے جزام کے خلاف آگاہی کے لیے سوشل ایکشن پروگرام شروع کیا‘ ڈاکٹر کے دوستوں نے چندہ دیا لیکن اس کے باوجود ستر لاکھ روپے کم ہو گئے‘ یہ واپس جرمنی گئی اور جھولی پھیلا کر کھڑی ہو گئی‘ جرمنی کے شہریوں نے ستر لاکھ روپے دے دیے اور یوں پاکستان میں جزام کے خلاف انقلاب آ گیا۔ وہ پاکستان میںجزام کے سینٹر بناتی چلی گئی یہاں تک کہ ان سینٹر کی تعداد 156 تک پہنچ گئی‘ ڈاکٹر نے اس دوران 60 ہزار سے زائد مریضوں کو زندگی دی۔ یہ لوگ نہ صرف کوڑھ کے مرض سے صحت یاب ہو گئے بلکہ یہ لوگ عام انسانوں کی طرح زندگی بھی گزارنے لگے۔ ان کی کوششوں سے سندھ‘ پنجاب‘ خیبرپختونخوا اور بلوچستان سے جزام ختم ہو گیا اور عالمی ادارہ صحت نے 1996ء میں پاکستان کو ’’لپریسی کنٹرولڈ‘‘ ملک قرار دے دیا‘ پاکستان ایشیاء کا پہلا ملک تھا جس میں جزام کنٹرول ہوا تھا‘ یہ لوگ اب قبائلی علاقے اور ہزارہ میں جزام کا پیچھا کر رہے ہیں اور ان کا خیال ہے اگلے چند برسوں میں پاکستان سے جزام کے جراثیم تک ختم ہو جائیں گے۔ حکومت نے 1988ء میں ان کو پاکستان کی شہریت دے دی‘ # اسے ہلال پاکستان‘ ستارہ قائداعظم‘ ہلال امتیاز اور جناح ایوارڈ بھی دیا گیا اور نشان قائداعظم سے بھی نوازا گیا۔ آغا خان یونیورسٹی نے انہیں ڈاکٹر آف سائنس کا ایوارڈ بھی دیا۔ جرمنی کی حکومت نے بھی اسے آرڈر آف میرٹ سے نوازا۔ یہ تمام اعزازات‘ یہ تمام ایوارڈ بہت شاندار ہیں لیکن یہ فرشتہ صفت خاتون اس سے کہیں زیادہ ’’ڈیزرو‘‘ کرتی ہے‘ جوانی میں اپنا وہ وطن چھوڑ دینا جہاں آباد ہونے کے لیے تیسری دنیا کے لاکھوں لوگ جان کی بازی لگا دیتے ہیں اور اس ملک میں آ جانا جہاں نظریات اور عادات کی بنیاد پر اختلاف نہیں کیا جاتا بلکہ انسانوں کو مذہب اور عقیدت کی بنیاد پر اچھا یا برا سمجھا جاتا ہے‘ جس میں لوگ خود کو زیادہ اچھا مسلمان ثابت کرنے کے لیے دوسروں کو بلا خوف کافر قرار دے دیتے ہیں۔ ان کا نام ڈاکٹر روتھ فاؤ ھے۔۔ ڈاکٹر روتھ کا عین جوانی میں جرمنی سے اس پاکستان میں آ جانا اور اپنی زندگی اجنبی ملک کے ایسے مریضوں پر خرچ کر دینا جنھیں ان کے اپنے خونی رشتے دار بھی چھوڑ جاتے ہیں واقعی کمال ہے ۔ ڈاکٹر روتھ اس ملک کے ہر اس شہری کی محسن ہے جو کوڑھ کا مریض تھا یا جس کا کوئی عزیز رشتے دار اس موذی مرض میں مبتلا تھایا جو اس موذی مرض کا شکار ہو سکتا تھا۔ ہم مانیں یا نہ مانیں لیکن یہ حقیقت ہے یہ خاتون‘ اس کی ساتھی سسٹر بیرنس اور ڈاکٹر آئی کے گل پاکستان نہ آتے اور اپنی زندگی اور وسائل اس ملک میں خرچ نہ کرتے تو شاید ہمارے ملک کی سڑکوں اور گلیوں میں اس وقت لاکھوں کوڑھی پھر رہے ہوتے اور دنیا نے ہم پر اپنے دروازے بند کر دیے ہوتے‘ ہمارے ملک میں کوئی آتا اور نہ ہی ہم کسی دوسرے ملک جا سکتے۔ یہ لوگ ہمارے محسن ہیں چنانچہ ہمیں ان کی ایوارڈز سے بڑھ کر تکریم کرنا ہو گی۔ آشیانہ اداس ہے اعجاز منگی عورتوں کی دو اقسام ہوتی ہیں۔ ایک حسین اور ایک بیحد حسین۔ وہ ایک بیحد حسین عورت تھی۔ ہم اس کے اس حسن کی بات نہیں کر رہے جو جسمانی ہوتا ہے۔ وہ اس کے اس حسن کا تذکرہ کر رہے ہیں جو روحانی اور جذباتی ہوتا ہے۔ وہ جذباتی حوالے سے دنیا کی حسین ترین عورتوں میں ایک تھی۔ وہ عورت جس نے جرمنی میں جنم لیا۔ اس جرمنی میں جس جرمنی نے صرف ہٹلر اور اس کے ساتھیوں کو ہی نہیں بلکہ بتھوون ؛ باخ اور شوپنہار کے ساتھ ساتھ اس آئنسٹائن کو بھی جنم دیا تھا جس نے کہا تھا کہ’’تصور علم سے زیادہ طاقتور ہے‘‘ وہ لڑکی بھی ایک تصور تھی۔ جس لڑکی نے پہلی جنگ عظیم کے کھنڈارت سے جنم لیا اور دوسری جنگ عظیم کے زخم کھاتی رہی۔ اس لڑکی نے اس جرمنی میں جنم لیا جو جرمنی پہلی جنگ عظیم کی ذلت آمیز شکست کا انتقام لینے کے لیے ہٹلر کی صورت ہواؤں میں اپنے مکے لہرا تاتھا۔ مگر وہ لڑکی ایوا براؤن جیسی نہیں تھی۔ اس کے دل میں کوئی بھی منفی احساس نہیں تھا۔ وہ مکمل طور پر ایک مثبت لڑکی تھی۔ وہ لڑکی جس نے اپنی حساس آنکھوں سے اپنے ملک میدان جنگ میں تبدیل ہوتے دیکھا۔ جب دنیا کی بھیانک ترین جنگ شروع ہوئی اس وقت اس لڑکی کی عمر دس برس تھی اور جرمنی کے دو ٹکڑے ہوئے تب اس لڑکی کی عمر سولہ برس تھی۔ وہ لڑکی جو ہٹلر کے فاشسٹ نظریے کے جال میں نہ پھنسی۔ وہ لڑکی جو ’’ایک سپیشل آریا عورت‘‘ ہونے والی نفسیاتی بیماری میں مبتلا نہ ہوئی۔ وہ لڑکی جس کی آنکھوں میں دنیا پر حکومت کرنے کا خواب نہ تھا۔ وہ لڑکی جو دنیا کی خدمت کرنا چاہتی تھی۔ وہ لڑکی جس کو چرچ میں بجتے ہوئے گھنٹوں کی صدائیں پسند تھیں۔ وہ لڑکی جس کو یسوع مسیح کے حوالے سے بہت ساری دعائیں یاد تھیں۔ وہ ایک نرم اور نیک دل لڑکی تھی جس کا مشرقی جرمنی والا گھر بمباری میں کھنڈر بن گیا اور سولہ برس کی بچی اپنے خاندان کے ساتھ مغربی جرمنی منتقل ہوگئی۔ اگر وہ جرمن قومپرست ہوتی تو پوری زندگی ’’دیوار برلن‘‘ کے خلاف سیاسی جدوجہد کرتی رہتی مگر وہ قومپرستی سے ماورا تھی۔ اس کا دل پوری دھرتی کے لیے دھڑکتا تھا۔ وہ انسانیت سے محبت کرنے والی عورت تھی۔ وہ عورت جو کیتھولک فرقے کی تنظیم ’’ڈاٹرس آف دی ہارٹ آف میری‘‘ کی ہدایت پر انڈیا جا رہی تھی مگراس سرزمین نے اسے روک دیا اور ویزے کی وجہ سے اسے جو تھوڑی دیر ہوئی اس دیر میں اس نے اس ملک میں رہنے کا فیصلہ کرلیا ۔ وہ عورت جو اکتیس برس کی عمر میں پاکستان آئی اوراس نے اس ملک کو جذام کے خلاف جہدوجہد کے میدان کے طور پر قبول کیا۔ اس کی زندگی کے ستاون برس جذام جیسے خطرناک مرض کے خلاف جدوجہد کی داستان ہیں۔ یہ وہ دور تھا جب جذام کے مرض میں مبتلا مریضوں سے خاندان والے بھی خوف محسوس کرتے تھے۔ اس دور میں اس عورت نے جذام کا مقابلہ محبت سے کیا۔ وہ عورت جو میراں بائی سے ناآشنا تھی۔ اس عورت نے شاید پوری زندگی میراں بائی کا نام بھی نہیں سنا۔ مگر اس عورت کو بھی میراں بائی کی مانند یقین تھا کہ ’’محبت دل کا وہ ہتھیار ہے جس سے ہر دیوار گرائی جاسکتی ہے‘‘ اور اس عورت نے جذام جیسے مرض کو مات کیا۔ اس عورت کی وجہ سے پاکستان ایشیا کا جذام سے پاک ملک قرار پایا۔ یہ سب کچھ جو ناممکن تھا؛ وہ سب ممکن بنا ؛ صرف اس دل کی وجہ سے جس میں انسانیت کے لیے محبت تھی۔انسانیت کے لیے دھڑکنے والا وہ دل گذشتہ روز خاموش ہوگیا۔ وہ دس اگست کی صبح تھی جب ڈاکٹر نے بھاری آواز کے ساتھ سفید لباس والی ایک راہبہ کو اطلاع دی کہ ’’ڈاکٹر رتھ اب ہمارے درمیاں نہیں رہی‘‘ اس سفید لباس والی نن نے صلیب کا نشان بنایا اور اس کی سماعتوں میں کہیں دور چرچ کا گھنٹہ بجنے لگا اور ایک سفید کبوتر اڑتا ہوا نیلی فضاؤں میں غائب ہوگیا اور اس عمر رسیدہ عورت کی تصویر کو پاکستان کی بہت ساری بھیگی آنکھوں نے محبت کے ساتھ دیکھا۔بہت ساری لڑکیوں نے اپنے دل میں عہد کیا وہ انسانیت کی خدمت اس طرح کریں گی جس طرح ڈاکٹر رتھ فاؤ نے کی۔ وہ اس ملک کی نیک اور نرم دل لڑکیوں کی رول ماڈل ہے۔ اس معاشرے کو ایسے رول مڈلز کی ضرورت ہے۔ یہ معاشرہ جس میں بہت ساری لڑکیاں جوانی کی سرحد میں قدم رکھنے سے قبل ہی شوبز ماڈل بننے کے خواب دیکھتی ہیں۔ یہ معاشرہ جس کا میڈیا اپنا قیمتی وقت عوامی مسائل کو پیش کرنے پر نہیں بلکہ ماڈل ایان علی کے میکپ اور ڈریسنگ پر اظہار خیال کرنے میں ضایع کرتاہے۔ یہ معاشرہ جو جذباتی اور احساساتی حوالے سے جذام کا مریض ہے۔اس معاشرے کو ایان علی جیسی ماڈلز کی نہیں بلکہ ڈاکٹر رتھ فاؤ جیسی ماڈلز کی ضرورت ہے۔ اس معاشرے کے مڈل کلاس کا بہت بڑا حصہ پاکستان کو پنجرے کی طرح سمجھتا ہے۔ اس کی حسرت ہے کہ امریکہ اور یورپ چلا جائے۔ ڈاکٹر رتھ فاؤ اس مڈل کلاسی سوچ کے گال پر زوردار تھپڑ ہے۔ وہ تھپڑ اس مڈل کلاس کو یہ احساس دلا سکتا ہے کہ وہ اپنے ملک کو چھوڑ پر یورپ میں دوسرے درجے کے شہری بن کر جینے کے لیے تیار ہیں مگر رتھ جوانی میں یورپ کا خوبصورت ملک چھوڑ کر اس ملک میں آئی اور اس نے یہاں دکھوں میں مبتلا مریضوں کی خدمت کی۔ وہ عورت جس کو پاکستان کی طرف سے سرکاری اعزاز کے ساتھ دفن کرنے کا اعلان کیا گیا وہ عورت پاکستان میں مستقل مشیر برائے مرض جذام تھی۔ وہ عورت جس کو اس کی تنظیم نے انڈیا میں کام کرنے کے لیے بھیجا تھا۔ وہ عورت محض ایک اتفاق سے کچھ دن کراچی میں رک گئی اور جب اس نے یہاں پر آئی آئی چندریگر روڈ پر جذام میں مبتلا مریضوں کی کالونی کا دورہ کیا تو اس کے دل تڑپ اٹھا اور اس نے اپنی تنظیم سے کہا کہ وہ یہاں کام کرنا چاہتی ہے اور پھر وہ سب کچھ بھول کر جذام میں مبتلا مریضوں کی خدمت میں مگن ہوگئی۔ جذام میں مبتلا مریضوں سے گھر والے بھی ڈرتے تھے مگر جب انہوں نے دیکھا کہ رتھ فاؤ انہیں محبت کے ساتھ چھوتی اور ان کی زخموں پر مرہم رکھتی اور انہیں حوصلہ دیتی ہے اور وہ بھی بغیر کسی لالچ اور مجبوری کے! تو جزام کے مریضوں کے لیے اس معاشرے میں سوچ کی تبدیلی آئی۔ سوچ کی اس تبدیلی کا سبب رتھ فاؤ تھی۔ وہ رتھ فاؤ جس نے پورے پاکستان میں جذام کے مریضوں کے علاج کے لیے مراکز کام کیے۔ اس کا کام صرف کراچی تک محدود نہیں تھا۔ وہ کے پی کے سے لیکر کشمیر تک ہر جگہ گئی اور اس نے جذام کے خلاف طبی اور نفسیاتی جنگ لڑی ۔یہ جنگ ایک دن ؛ ایک ہفتے؛ ایک ماہ یا ایک سال کی نہ تھی۔ یہ جنگ ستاون برس کی جنگ تھی۔ یہ بہت بڑی اوربہت تھکا دینے والی جنگ تھی۔ یہ جنگ ڈاکٹر رتھ فاؤ مستقل مزاجی سے لڑتی رہی۔ اس جنگ میں جیت تو رتھ فاؤ کی ہونی ہی تھی۔ یہ جنگ رتھ فاؤ نے اس حوالے سے جیتی کہ ان کی وجہ سے پاکستان ایشیا کا پہلا جذام سے پاک ملک بن گیا۔ یہ ایک بہت بڑی کامیابی تھی۔ یہ ایک بہت بڑے فخر کی بات تھی۔ اس ملک کے لیے بھی اور اس عورت کے لیے بھی جو اس ملک کے کلچر میں رچ بس گئی۔ وہ گوری میم اس معاشرے میں جینزیا منی سکرٹ پہن کر نہیں پھرتی تھی۔ اس کی اکثر تصاویر میں اسے سر پر چادر میں دیکھا جا سکتا ہے۔ ڈاکٹر رتھ فاؤ صرف جذام کے مریضوں کے کا جسمانی علاج کرنے میں مشغول نہ تھی۔ اس نے ہمارے معاشرے میں خودغرضی اور خود ترسی میں مبتلا انسانوں کا نفسیاتی علاج کرنے کی بھی مستقل کوشش کی۔ اس نے جرمن زبان میں چار کتابیں لکھیں۔ان کی ایک کتاب کا انگریزی میں ترجمہ بھی ہوا ہے۔ان کی اس کتاب کا نام ہے ’’ٹو لائٹ اے کینڈل‘‘۔ یعنی ’’ایک موم بتی روشن کرنا‘‘ ہمارے میں معاشرے میں موم بتیاں جلانے کا عمل این جی او کلچر بن چکا ہے۔ ڈاکٹر رتھ فاؤ اس کلچر کی ہمت افزائی کرنے والی خاتون نہ تھی۔ وہ تو بذات خود ایک موم بتی تھی۔ وہ موم بتی بن کر کے پی کے اور کشمیر کے ان ہسپتالوں میں جلتی رہی جن میں جذام کے مریضوں کا علاج کیا جاتا ہے۔ ہم قندیل پر تو ڈرامہ بناتے اور چلاتے ہیں۔ ہم اس پردیسی عورت پر ڈاکیومینٹری تک نہیں بناتے جو عورت ایک مثال ہے۔ ایک ماڈل ہے۔ ایک گائیڈ ہے۔ اس عورت کو پاکستان کی مدر ٹریسا قرار دیا گیا ہے؛ مگر جس طرح مدر ٹریسا کلکتہ کی رتھ فاؤ نہیں تھیں؛ اسی طرح رتھ فاؤ پاکستان کی مدر ٹریسا نہیں ہیں۔ ہر ملک کی دھرتی کو سیراب کرنے والی ندی کا اپنا نام ہوتا ہے۔ اس کا نام ’’سسٹر رتھ فاؤ‘‘ تھا۔ یہ نام اسے خود بھی پسند تھا۔ یہ نام بہت خوبصورت ہے۔ اس عورت کی طرح جو اپنے بڑھاپے میں زیادہ حسین ہوگئی۔ وہ بڑھاپے میں ایک فاختہ کی طرح نظر آتی تھی۔ ایسی فاختہ جو سفید جھیلوں اور سبز درختوں والی دھرتی پر چھائی فضاؤں میں اڑتی تھی۔ وہ فاختہ اڑتے اڑتے اس دھرتی کے دائرے سے نکل گئی اور دھرتی ایک ویران آشیانے کے مانند اداس ہے۔
ڪامريڊ جمال الدين بخاري ٻري جن ٻاري منظور ڪوهيار مٿي تي فليٽ ڪيپ، هٿ ۾ ڇڙي، لينن ڪٽ ڏاڙهي، مڙس هلڪي قد جو، وڌ ۾ وڌ سوا پنج فوٽ، پر ڏيا ڏهه فوٽي، شعله بيان، واٽ سان جيڪو به مليو، تنهن سان ڪچهري شروع. عجيب مردِ قلندر هيو، ڪامريڊ جمال الدين بخاري. جيئن مون ڏٺو،محفل ۾، مذاڪرن ۾، ادبي گڏجاڻين ۾، دهل تي ڏونڪي مثل. ۱۹۷۶ع جي ڳالهه آهي. ڪامريڊ هڪڙي دفعي نيشنل سينٽر لاڙڪاڻي (جناح باغ اندر ٽائون هال جي عمارت) ٻاهران ڏاڪڻين تي هڪ مولوي سان بحث ۾ مصروف هيو. ٻنهي جي ڀرسان لنگھندي ائين ڦاسي پيس، جيئن اُبت ڪنڊڻيءَ ۾ ڪنهن واٽهڙو جو دامن ڦاسي پئي. ٻنهي ڄڻن بحث کي ٻڌڻ لاءِ روڪي منصف ڪري ڇڏيو،مولوي ٻيو ڪونه هيو،منهنجي اسڪول جي زماني ۾، عربي جو استاد ۽ پاڙيسري سائين مولوي نورالدين چانڊيو صاحب ۽ ٻئي طرف ڪامريڊ جمال الدين بخاري. پهريون دفعو انگريزيءَ جو اِهو محاورو سمجهه ۾ آيو ته Between fire and water ڇاکي چئبو آهي. سائين مولوي نور الدين فرمايو: ”ڪميونزم سراسر غلط آهي.“ ڪامريڊ هڪدم وراڻيو: ”اسلام پاڻ ڪميونزم سيکاري ٿو... تون وري چوين ٿو؛ ڪميونزم غلط آهي. اسلام اشتراڪ جي ڳالهه ڪندي Majority of people جي ڳالهه ڪري ٿو. اسلام چوي ٿو، عربي، عجمي، گوري ۽ ڪاري جي وچ ۾ فرق ناهي. تون وري جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي حمايت ڪندي انفراديت جي ڳالهه ڪرين ٿو.“ ”توهان سڀني انسانن کي برابر نٿا ڪري سگھو، ڇو ته اهو خدا جو فيصلو آهي، جنهن کي ذلت ڏي، جنهن کي عزت ڏي!“ ”او يو ملان..! ڳالهائين ڇا ٿو؟ اسان سڀني انسانن کي ائين برابر ڪنداسين، جيئن پاڻ رسول جن بلال حبشي کي ٻين جي برابر ڪيو.“ ڪامريڊ هوا ۾ مُڪ لهرائيندي جواب ڏنو. ”پر جمال الدين صاحب، سؤ ڳالهه جي هڪڙي ڳالهه ڪميونزم خدا کي نه ٿو مڃي.“ ”ڪميونزم انساني حقن جي ڳالهه ڪري ٿو؟ خدا به انساني حقن جي ڳالهه ڪري ٿو ....مون کي هڪڙي سوال جو جواب ڏي. ....اسلام سڀني ماڻهن جي حقن جي ڳالهه ڪري ٿو يا اُنهن جي حقن جو، جن گھڻائي جو استحصال ڪيو....؟پوءِ جيڪو نظريو حق جي ڳالهه ڪري ٿو،خدا جي خلاف ڪيئن آهي؟“ ”هي ڏس!“ ڪامريڊ جمال الدين بخاري، مولوي نورالدين چانڊئي کي سمجهائيندي چيو: ”خدا پاڻي ٺاهيو آهي... پاڻي مان مخلوق پيدا ٿي ...خالق حق آهي، مخلوق به حق آهي. منصور حلاج چيو؛ ”مان حق آهيان ته اوهان چڙي پيئه...اوهان منصور کي نه سمجهيو ته ڪميو نزم کي ڇا سمجهندؤ!.“ ٻنهي ڄڻن جي بحث مباحثي ۾ مون سان مصيبت اها هئي ته مولوي صاحب هر سوال ڪرڻ کان پوءِ مون کي داد طلب نگاهن سان پئي ڏٺو ۽ هر جواب کان پوءِ ڪامريڊ مون سان تاڙو ملائي حمايت پئي حاصل ڪئي. مولوي نورالدين چانڊيو ڪامريڊ سان ته نه پڄي سگھيو پر پاڙيسري ۽ بزرگ جي حيثيت سان مون سان ڏاڍي ڪيائين. ڪامريڊ جمال الدين بخاري سان هر هفتي جناح باغ، قائم شاه بخاري روڊ (قائد عوام روڊ) يا سندس گھر جي ٻاهرين ڪمري ۾ قائم ٿيل انصاف پرنٽنگ پريس ۾ ملاقات ٿي ويندي هئي. ملاقات اڌ ڪلاڪ کن هلندي هئي پر جي ڪامريڊ کي ڪو سياسي غم و غبار چڙهيل هوندو هيو ته پوءِ ڪچهري ڪلاڪ ڏيڍ تائين به هلندي هئي. ۱۹۷۶ع جي نومبر ڊسمبر مهينن ۾، مان پنهنجي ڳوٺ ڪنڊو خان بليدي ۾ رهيس. ۱۹۷۷ع جو جنوري مهينو هيو، مان قائم شاهه بخاري روڊ تان لنگھندي انصاف پريس ۾ جهاتي هنئي ته ڪامريڊ کي سلام ڪندي گذري وڃان. ڪامريڊ ته نظر نه آيو البت سندس پٽ ڪمال الدين بخاري کي هميشه وانگر ڪمپوزنگ جي ڪم ۾ رڌل ڏٺم. مون کيس سلام ڪري ۽ اڳتي وڃڻ پئي گھريو ته ڪمال سلام جو جواب ڏيندي چيو : ”چڱو ٿيئه، جو اچي وئين ....بابا سائين اوهان کي سنڀالي پيو.“ مون چيو، اڄ خير نه آهي .... گھڻا ڏينهن ٿيا آهن نه ملي... مان ڪمال جي پٺيان هلندو ڪامريڊ جي ڪمري ۾ داخل ٿيس. ڪمري جي اولهائين پاسي کٽ، کٽ تي اڌوراڻي چادر وڇايل، جنهن تي ڪامريڊ چڙهيو ويٺو هو. مون ڏٺو ته وڌيڪ جهونو ٿي ويو هو. ڪلها لڙڪيل، اوورڪوٽ ۾ ايئن پئي لڳو ڄڻ زير بار هجي، پر کڙڪو ۽ ڌاڌاڪُ ساڳيو: ”ڇا حال آ جوان ؟“ هٿ وڌائيندي پڇيائين. ”ٺيڪ آهي.“ مون هٿ ڏيندي ، سندس سامهون رکيل هڪ ڪرسي تي ويهندي وراڻيو . ”اڄ جي سياست جو ڇا حال آهي ...؟“ڪامريڊ پڇيو. ”ملڪي سياست مڙئي هلي پئي.“ مون بيزاري مان وراڻيو. ”هاڻي هي ڏس.“ ڪامريڊ سمجهائڻ واري انداز ۾ چوڻ لڳو. ”يا اوهان بنهه جذباتي آهيو يا وري بنهه مايوس..... جذبو جڏهن حد کان وڌي ويندو آهي ته اهو ماڻهن جي لاءِ نقصان ڪار ٿيندو آهي. جڏهن باه تيز ٿيندي آهي ته ڪُنو ٽهڪڻ لڳندو آهي. اوهان ڏاڍا خوش ٿيندو ۽ باه کي تيز ڪندو، پر ڇا ٿيندو...؟ پاڻي ٻاڦ ٿي ڍڪڻ ڪيرائيندو، پوءِ اُٻري هيٺ ڪرندو، ۽ هيٺيان واري باهه کي وسائي ڇڏيندو، جنهن کيس حرارت ڏني هئي.... مايوسيءَ جي حالت ۾ اوهان ماتم ڪندؤ.. روئيندؤ. جيڪي رڳو روئيندا ۽ ڪندا ڪجهه ناهن، انهن جي روئڻ ۽ پٽڻ مان فائدو!؟“ ڪامريڊ کي ڳالهائيندي کنگھه اچي ورتو. کنگھڻ، کڙڪڻ ۽ ٿوڪ دان ۾ کانگھاري اڇلائڻ کان پوءِ وري شروع ٿيو. ”هاڻي اسان جا ريئيڪشنري دوست ڇا ٿا چون .....“ مون سمجهي ورتو ته اڄ ٻه ٽي ڪلاڪ ڇٽا. ڇو ته اهوئي سياسي غبار هو، جيڪو ڪامريڊ کي ڪڍڻو هو . ”چون ٿا ته ذوالفقار علي ڀٽو وڏيرو آهي، هن جي سوشلزم جو نعرو ڍونگ آهي، ٺيڪ آهي، ڀٽو وڏيرو آهي، پر پنهنجي وڏيرپ تان شفٽ ٿيو آهي يا نه ...؟ اسان کي ڏسڻو آهي ڦيرو آيو آهي يانه....؟ تبديلي آئي آهي ايا نه .....؟ باقي رڳو اها تنقيد ته ڀٽو وڏيرو آهي ...پوءِ مان پڇان ٿو ته ڇا مارڪس غريب جو پٽ هو ...؟ ڇا لينن غريب جو پٽ هو ...؟ ڇا مهاتما گانڌي غريب جو پٽ هو ...؟ ڇا محمد علي جناح غريب جو پٽ هو ...؟ ڇا نهرو غريب جو پٽ هو...؟ ڏسڻو اهو آهي ته ايڪشن ڇا آهي .... ۽ ان جو ريڪشن ڇا ٿو ٿئي ...؟“ ائين لڳو ڄڻ ڪامريڊ هاڻي ترنگ ۾ اچي ويو هو: ”اري بيٽي .. ميري دانت لائو...!“ ڪامريڊ بخاريءَ زور سان رڙ ڪئي. مون کي اندازو ٿي ويو ته هاڻي سندس ڳالهائڻ جو انداز تقرير ۾ تبديل ٿيندو. سوئيٽر ۾ ويڙهيل سيڙهيل ڪامريڊ بخاري جو ننڍو پٽ معظم بخاري مصنوعي ڄاڙي کڻي آيو . ڪامريڊ چابڪدستيءَ سان ڄاڙي منهن ۾ ٽپائي ۽ پوءِ خطابت جا جوهر ڏيکارڻ شروع ڪيا: ”هاڻي اسان جا نادان دوست چون ٿا. هارين کي جيتري ٻني ملڻ کپي، ڀٽو اوتري نه ٿو ورهائي ..... ڪارخانا جهڙي نموني قومي ملڪيت ۾ وٺڻ گھرباآهن، نٿو وٺي ... اڙي، آءٌ چوان ٿو، زيرو کان وڌيو آهي ... هڪ ڪيو آهي ... ته اسان کي چوڻ کپي ... ٻه ڪر...! ڀٽو چوي ته سؤ ڪارخانا قومي ملڪيت ۾ وٺان ٿو ... اسان کي چوڻ گھرجي، شاباس ... ٻيڻا وٺ...! هو چوي ته آءٌ ٻني ورهايان ٿو ... ته اسان کي چوڻ گھرجي، ڀلي ورهاءِ، وڌيڪ ورهاءِ ...! پر ائين چوڻ ته، غلط ورهائي ٿو ...ائين نه ڪري ..... هيئن ڪري..... مڃان ٿو ذوالفقار علي وڏيرو آهي، پر وڏيرو عوام جي ڳالهه ڪري ٿو ..... چوي ٿو، طاقت جو سرچشمو عوام آهي ... پوءِ اسان جا دوست ڇو ٿا ڊڄن ... وڌڻ ڏيوس ...!“ ڪامريڊ بخاري باقاعده جوش ۽ جولان ۾ اچي ويو. ”اري بيٽي!... هماري لئي چاءِ لائو ...!“ ڪامريڊ بخاري رڙ ڪندي، چانهه لاءِ چيو. مون کي اندازو ٿي ويو ته هاڻ تقرير جو آخري حصو ناصحانه هوندو . ”هڪڙي ڳالهه ٻڌ...! اسان جا دوست بيوقوف آهن ... اقرار ۾ انڪار ٿا ڪن ... هاڻي هي مثال ٻڌ، خيال سان ... ڪچي جا هاري سست ٿيندا آهن. جيڪي درياه جي لٽ تي رڳو ڇٽ ڪندا آهن. ان سان گڏ، گھڻو گاهه به پيدا ٿيندو آهي پر گاهه ناهن ڪڍندا. ڀٽو به اَنُ ڇٽي ٿو. هن کي ڇٽڻ ڏيو....گاهه ضرور پيدا ٿيندو، پر اَن به ضرور ٿيندو ... هاڻي اسان کي اِهو ڪرڻو آهي، جو گاهه چونڊڻو آهي ۽ ان کي طاقت ڏيڻي آهي. نه ڪي ائين چوڻو آهي ته، ان ئي نه ڇٽيو وڃي. مايوس ناهي ٿيڻو، ان شاعر وانگر جيڪو هڪ مشاعري ۾ روئي پٽي پيو: اي گردشِ دؤران ڪيا هوگا؟ خبر ٿي مون ڪهڙو جواب ڏنو مانس: ”نه ...“ مون وراڻيو. ”رڙ ڪري چيو مانس: هم جو چاهين گي، وهي هوگا.“ ڪامريڊ مڪ لهرائي ڳالهه ختم ڪئي ته چانهه به آئي ۽ ان سان گڏ کاڄا به. منهنجي دل ۾ آيو ته اڄوڪي طويل ڪچهري جو فائدو وٺندي سندس شخصي پروفائيل لکي وٺجي.پين ۽ پنو کڻي کيس گذارش ڪيم. منهنجي گذارش تي ڪامريڊ پنهنجي شخصي تعارف ڪجهه هيئن لکرايو ته سندس پورو نالو جمال الدين حسن بخاري آهي، حسب نسب جي حوالي سان سيد جلال الدين سُرخ بخاري جي پونيرن مان آهي، سندس تاريخ پيدائش ۱۴ مارچ ۱۹۰۰ع آهي. جاءِ پيدائش احمدآباد گجرات هندستان آهي. علي ڳڙه ڪاليج جا مشهور شاگرد قاضي فضل الله. پير الاهي بخش، مولانا محمد علي جوهر، دين محمد وفائي، قاضي خدا بخش سندس دوستن منجهان هيا. ارڙهن سالن جي عمر ۾ کاٻي ڌر جي آزاديءَ وارين تحريڪن ۾ حصو ورتائين. روس جي انقلاب ۱۹۱۹ع کان پوءِ دوستن سان گڏجي، پشاور کان مزار شريف، ڪابل، ترمز،تاشقند ۽ بخارا پهتو. اِهو سڄو سفر پيادل يا گڏهه تي چڙهي ڪيائين. ۱۹۲۰ع ۾ هندستان موٽي آيو ۽ لاڙڪاڻي ۾ منعقد ٿيل خلافت ڪانفرنس ۾ حصو ورتائين. ڪراچي سازش ڪيس ۾ مولانا محمد علي جوهر کانپوءِ کيس ڇويهه مهينا سخت پورهئي سان سزا ملي. ۱۹۲۴ع ۾ آزاد ٿيو ته هنسا لائين ڪمپني جي سامونڊي جھاز ۾ فائرمين جي حيثيت سان ڪم ڪيائين. هن عدن، پورٽ سعيد، جبرالٽر، لورپول، لنڊن ۽ هيمبرگ (جرمني) تائين چڪر هنيا ۽ پوءِ نوڪري ڇڏي ڏنائين . ۱۹۲۵ع ۾ نارٿ ـــ ويسٽرن ريلوي يونين ڪراچيءَ جو ڊويزنل سيڪريٽري بڻيو ۽ ”آزادي“ نالي اخبار ڪڍڻ شروع ڪيائين.۱۹۲۷ع ۾ مزدور ڪسان پارٽي کي سنڌ ۾ منظم ڪيائين. ۱۹۳۰ع ۾ راجشاهي ڪانفرنس کانپوءِ کيس گرفتار ڪيو ويو. ۱۹۳۹ع تائين بنگال ۽ ڀوتان جي سرحدن وارن مختلف جيلن ۾ رهيو. جن ۾ هوراب، بهرام پور، بڪسا فورٽ وغيره هيا. ۱۹۴۰ع ۾ آزاد ٿيو ته کيس آل انڊيا ڪسان سڀا جو صدر مقرر ڪيو ويو. اپريل ۱۹۴۰ع ۾ وري گرفتار ٿي بڙودا ۽ ناسڪ جيلن ۾ رهيو. ۱۹۴۲ع ۾ کيس رهائي نصيب ٿي. اپريل۱۹۴۸ع ۾ سيفٽي ايڪٽ تحت گرفتار ٿيو. ۱۹۴۹ع ۾ لاڙڪاڻي شهر ۾ اچي رهيو. ۱۹۵۴ع ۾ ون يونٽ جي خلاف بيان ڏيڻ جي ڏوهه ۾ سکر جيل پيو. ۱۹۵۵ع ۾ سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي جو جوائنٽ سيڪريٽري ٿي رهيو. ۱۹۶۰ع ۾ ڪامريڊ جمال الدين بخاريءَ جا ڪميونسٽ پارٽيءَ سان اختلاف ٿي پيا،جنهن ڪري سياسي سرگرمين کان ڪناره ڪش ٿي ويو. البت لاڙڪاڻي ۾ ٿيندڙ سماجي، صحافتي، ادبي ۽ فلاحي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو ورتائين. ڪامريڊ جمال الدين پنهنجي زندگيءَ جو هڪ واقعو ڪجهه هيئن پئي ٻڌايو:آءٌ مزدورن سان ڪچهريون ڪري رات جو ڪلڪتي جي فوٽ پاٿ تي سمهندو هيس. اڌ رات جو ٽئين وڳي ٽي ماڻهو مون تي چڙهي ويا. مون کي سختي سان سوگھو ڪيائون. مون کانئن پڇيو؛ ”اوهان ڪير آهيو؟“ هنن چيو، ”تنهنجا بابا آهيو، توکي گرفتار ڪرڻ آيا آهيون.“ مون چيو؛ ”ڀل گرفتار ڪيو پر ائين سختي نه ڪيو. آءٌ توهان سان هلڻ لاءِ تيار آهيان.“ هنن مون کي ڇڏيو ته مان اُٿي پنهنجو کاٻو هٿ پينٽ جي کيسي ۾ وڌو ته جيئن پائيپ ڪڍي تماڪ وجهي دکائي سوٽا هڻندو ٿاڻي تي وڃان. مون جيئن ئي پائيپ ۾ هٿ وڌو ته اُن جي ڳني ٿوري ٻاهر آئي ۽ هو ڀؤ ۾ مون کان پري ٿي بيٺا ته هڪڙو چوڻ لڳو: ”بخاري! ڊونٽ لوز يوئر ٽيمپر يعني بخاري جذباتي نه ٿيءُ.“ مون کلندي وراڻيو؛ ”جيڪڏهن اوهان هڪ پائيپ کان ايترو ڊڄو ٿا، ته پوءِ پڪ سان هن ملڪ ۾ حڪومت نه ڪري سگھندؤ.“ مون کين کيسي مان پائيپ ڪڍي ڏيکاريو ته هنن کي ڏاڍي مٺيان لڳي ۽ چوڻ لڳا؛ ”هن جو دماغ گرم آهي. هن کي يخ ٿڌي جڳهه تي موڪلڻو آهي.“ پوءِ اسان کي ڀوتان جي سرحدي جيلن ڏانهن موڪلي ڇڏيائون. پهرين ڏهاڙن ۾ ڏاڍي سردي ٿيندي هئي. پر اتي هڪڙي ڪامريڊ چيو؛ ’اوهان ذهن مان سردي ڪڍي ڇڏيو ته سردي ختم ٿي ويندي.‘ پوءِ اسان ائين ڪيوسي ته سردي ختم ٿي وئي. سزا جي طور تي ميلن جا ميل خوامخواه پنڌ ڪرايو ويندو هو. حقيقت ۾ ته اهي ڏينهن ائين هيا جيئن لطيف جو بيت آهي: ”سکر سي ئي ڏينهن، جي مون گھاريا بند ۾.“ سچ پچ ته ڪامريد جمال الدين بخاري جو وجود لاڙڪاڻي ۾ ائين هيو، جيئن سقراط جو اٿينس ۾. بس جي فرق هيو ته اهو هو ته سقراط سوال ڪندو، اڳلي کان جواب وٺندو ويندو هو ،پر ڪامريڊ ”سوال خود ڪرد جواب خود دارد“ جو نمونو هو. هي اشارن ڪناين ۾ ڳالهيون ڪندڙ ”جلال الدين سرخ بخاري“ جو پونير پيدائشي سُرخو هيو. سندس ڪي ڳالهيون سمجهي سگھبيون هيون ته ڪي مٿان گذري وينديون هيون. زندگي جا ۲۲ سال جيل اندر گھاريندڙ، هي چراغ سحري ۱۲ ڊسمبر ۱۹۸۴ع ۾ گُـــل ٿي ويو . پر سندس وڃڻ کان پوءِ ائين محسوس ٿيو، ته ڄڻ لاڙڪاڻي شهر مان هلندڙ ڦرندڙ جو ش، ولولو ۽ حرارت ختم ٿي وئي آهي . کيس ياد ڪندي لطيف سائين جو اهو بيت ياد اچي ويندو آهي: جـوڳيئـڙا جـهـان ۾، نـوري ۽ نــاري، ٻري جن ٻاري آءٌ نه جيئندي اُن ري. ** ڪامريڊ جمال الدين بخاريءَ جي جدوجهد سنڌيڪار: زاهد ميراڻي ڪامريڊ جمال الدين بخاريءَ جو شمار برصغير ۾ کاٻي ڌر جي انهن چوٽيءَ جي اڳواڻن ۾ ٿئي ٿو جن انگريزن خلاف آزاديءَ جي نه صرف جنگ وڙهي پر انهن عوام کي هيٺيئن سطح تي وڃي پورهيتن جي حقن کان آگاهه ڪيو ۽ انهن ۾ پنهنجا حق حاصل ڪرڻ جو جذبو جاڳايو، انهن کي متحد ۽ منظم ڪيو. ڪامريڊ جمال الدين بخاريءَ جو سڄو نالو ڪامريڊ سيد جمال الدين حسن بخاري هو ۽ هُن جو جنم ۱۴- مارچ ۱۹۰۰ع ۾ گجرات جي سيد بخاري ڪٽنب ۾ ٿيو هو. ڪامريڊ جمال الدين بخاري سوويت سوشلسٽ انقلاب بعد روس ويو هو، جتي هن ٻن سالن تائين رهي روس ۾ آيل سوشلسٽ انقلاب جو ويجهڙائيءَ سان مطالعو ۽ مشاهدو ڪيو ۽ واپس اچي پاڪستان ۾ به سوشلسٽ انقلاب لاءِ ڪوششون ڪرڻ لڳو، هُن جو گهڻو تڻو ڪم سنڌ ۾ رهيو. ڪامريڊ جمال الدين بخاري جو شمار ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا جي باني ميمبرن ۾ ٿئي ٿو. ڪامريڊ جمال الدين بخاري پنهنجي سياسي زندگيءَ ۾ خلافت موومينٽ جي پليٽ فارم تان جدوجهد ڪرڻ جي الزام ۾ ڪراچيءَ ۾ ٻه سال جيل پڻ ڪاٽي چڪو هئو. ڪامريڊ جمال الدين بخاري بنيادي طور تي ته هڪ سياسي ورڪر ئي هيو پر ان جي فڪري پاسي، وسيع مطالعي ۽ نظرياتي لاڳاپي، پختگي ۽ ادبي ذوق سبب هو اعلى پائي جو هڪ ليکڪ ۽ صحافي پڻ هو، اهو ئي سبب آهي جو صحافي هجڻ واري حيثيت ۾ سندس ڪيترا ئي علمي، ادبي ۽ صحافتي ڪم ٿيل آهن جن سماج کي اعلى شعور ڏيڻ ۽ پورهيت ۽ مزدور فڪر سان هٿيار بند ٿيڻ ۾ مدد ڪئي. هُن پنهنجي صحافتي زندگيءَ ۾ ڇهن سالن تائين روزاني الوحيد جو ايڪٽنگ ايڊيٽر رهيو. ڪامريڊ جمال الدين بخاري سنڌ جي ممبئيءَ کان علحدگيءَ واري معاهدي تي سحصيحون ڪندڙ انهن ۲۶- اڳواڻن ۾ پڻ شامل آهي، جن رضامنديءَ بعد ئي سنڌ جي بمبئي کان علحدگي ٿي. ڪامريڊ جمال الدين بخاري سنڌ ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جو پهريون سيڪريٽري جنرل هيو، هو ذوالفقار علي ڀٽي جو سياسي استاد پڻ هيو. ڪامريڊ بخاريءَ سنڌ ۾ هارين، مزدورن، شاگردن، نوجوانن سان گڏ ادبي ۽ ثقافتي محاذ تي سنڌ ۾ بنيادي ۽ اهم ڪم ڪيو. سنڌ ڪميونسٽ پارٽي طرفان نئين دنيا ڪتاب گهر قائم ڪرڻ بعد ڪامريڊ بخاري مشهور اديبن جي لکيل ڪهاڻين ۽ ناولن کي سنڌي ۾ ترجمو ڪرائي ڇپائڻ شروع ڪيو. سال ۱۹۴۳ع ۾ بنگال جي ڏڪر تي ڪرشن چندر جي ڪهاڻي جو ”ان داتا“ جي عنوان سان ترجمو ڪيو، گوبند پنجابي ۽ ڪرشن چندر جي لکيل ڪهاڻي ”زندگي ڪي موڙ پر“ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪامريڊ گوبند مالهي ”اڌورو سفر“ نالي سان ڪيو. ڪامريڊ جمال الدين بخاري پنهنجي سڄي ڄمار سماج جي پورهيت طبقن جي آزاديءَ لاءِ وقف ڪري ڇڏي هُئي، ڪميونسٽ پارٽي آف انديا جي بانيڪار ميمبر هجڻ جي حيثيت ۾ هو ننڍي کنڊ جي انتهائي اهم سياسي اڳواڻن ۾ شمار ٿيندو هو، ورهاڱي بعد سندس سڪونت لاڙڪاڻي ۾ ٿي جتي هُن سياسي ڪم سان گڏوگڏ علمي، ادبي ۽ فڪري ڪم به ڪيو، ڪامريڊ جمال الدين بخاريءَ جو ۸۴- سالن جي ڄمار ۾ ۱۷- ڊسمبر ۱۹۸۴ع تي لاڙڪاڻي ۾ وصال ٿي ويو ۽ کيس لاڙڪاڻي ۾ ئي دفن ڪيو ويو. اڄ ڪامريڊ بخاري اسان وٽ موجود نه آهي پر سندس فڪر، نظرئي ۽ علم جي روشن ڪيل ڏياٽي اڄ به روشني ڦهلائي رهي آهي. ڪامريڊ سيد جمال الدين بخاري سدا حيات قبيلي جو فرد مسلم شميم ڪامريڊ سيد جمال الدين بخاري جو جنم اڻويهين صديءَ جي پڇاڙي واري سال ۱۹۰۰ع ۾ ٿيو ۽ هو ويهين صدي جي اٺين ڏهاڪي ۾ هن جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو. سندس زندگي غير معمولي هئي. زندگي جي سفر شروع ٿيڻ سان ئي هو سحر انگيز شخصيت (Legend) بڻجي ويو. سندس سڄي حياتي جدوجهد ۾ گذري خير ۽ شر جي جنگ ۾ ڪامريڊ بخاري جو ڪردار مثالي رهيو. هو مونکي هميشه محبت جو پيڪر، خلوص جو مجسمو، انسانيت جي عظمت جو وڏو پرچارڪ ۽ آدرشي انسان نظر آيو. پنهنجي ذات اندر وڏي ڪشش رکڻ (attraction) ڪري سندس شخصيت هر ڪنهن لاءِ ڌيان ڇڪائيندڙ هئي. ڪامريڊ جمال الدين بخاريءَ جي حوالي سان هيءَ ڳالهه رسمي نه بلڪه حقيقت آهي ته هو پنهنجي ذات ۾ هڪ انجمن، هڪ ادارو ۽ هڪ تحريڪ هو. ان سان گڏ هيئن چوڻ ۾ به ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته هو هڪ گهڻ رخي ۽ ٻهڳڻي شخصيت جو مالڪ هو. سندن شخصيت جي جامعيت ۽ ڪارفرمائي هر رخ ۽ عمل کان عيان هئي. سندن شخصيت جو هر پاسو هڪجهڙو روشن ۽ تابناڪ هو. هو آزاديءَ جو هڪ عظيم مجاهد، انقلابي رهنما، سياستدان ۽ سياستڪار هئڻ سان گڏوگڏ هڪ عظيم دانشور، شعله بيان مقرر ۽ پنهنجي راءِ رکندڙ قلمڪار هو. هن جي جدوجهد ۽ سياست عام نموني واري سياست ۽ جدوجهد ڪا نه هئي بلڪه ان جو تعلق صدين کان جاري ۽ ساري خير ۽ شر جي ويڙهاند سان هو. هن بديءَ جي قوتن خلاف هميشه خير جو جهنڊو اوچو رکيو. ان لاءِ پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏيو. هو ڏاڍ ۽ استحصال کان پاڪ معاشري جي قيام جو داعي هو. هو معاشري ۾ نالي ماتر سڌاري جو نه پر انقلابي تبديلين جو خواهشمند هو. هن انسان کي هزارين سالن کان هلندڙ ظلم ۽ اڻ برابريءَ جي زنجيرن کان آزاد ڪرڻ ٿي چاهيو. هو هڪ اهڙي سماجي نظام لاءِ سرگرم عمل هو جنهن ۾ انسان جي هٿان انسان جو استحصال نه ٿئي. هو اهڙي معاشري کي ڌرتيءَ جي جنت جي صورت ۾ ڏسڻ لاءِ آتو هو، جتي غربت، افلاس، بيوسي، بيروزگاري ۽ سماجي ناانصافيون نه هجن. هن پنهنجي زندگيءَ جو هر پل پنهنجي اُن آدرش کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ جدوجهد ۾ گذاريو، انهيءَ راهه ۾ هو انتهائي ڏکين آزمائشن مان گذريو. هن کي غير معمولي جسماني اذيتون ۽ جيلن جون سختيون برداشت ڪرڻيون پيون پر هو ڪنهن به مرحلي تي پنهنجي ڪمٽمينٽ تان نه هٽيو. هن ڪڏهن به همت نه هاري ۽ باطل جي قوت آڏو نه جهڪيو. هو سڄي عمر برطانوي سامراج سان لڙندو رهيو ۽ آزاديءَ کان پوءِ سامراج جي جانشين استحصالي قوتن سان جهيڙو جاري رکيائين. هو بصيرت ۽ بصارت جو صاحب دانشور ۽ نظريي دان هو. هن کي هڪ جينئس چوڻ ڪنهن به ريت وڌاءَ واري ڳالهه نه هوندي. سندن ڏاهپ ۽ باخبر هئڻ واري صلاحيت کي سَنَد طور تسليم ڪيو ويندو هو. اهڙين سمورين صفتن ۽ خوبين سندن غير معمولي شخصيت جي جوڙجڪ ۽ اوسر ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. ڪنهن شخص جي وجود مان شخصيت جو جنم پنهنجو پاڻ ۾ هڪ غيرمعمولي ڳالهه آهي بلڪه عظمت جو روشن دليل آهي. سيد جمال الدين بخاري منهنجي راءِ مطابق هڪ شخص جو نالو نه پر هڪ شخصيت جو نالو آهي. هو سحر انگيز شخصيت جو مالڪ هو. اهو مرتبو کيس پنهنجي زندگيءَ جي اوائلي سفر ۾ ئي حاصل ٿي ويو هو ۽ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ سندن شخصيت جا خدوخال روشن کان روشن تر ٿيندا ويا. هو آدميت جي درجي کان اوچي يعني انسانيت جي منصب تي فائز هو. مرحوم جمال الدين بخاري اهڙين شخصيتن مان هو جن جي ياد ۽ تصور ناقابل فراموش آهي. منهنجو خيال آهي ته هر ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾ ڪجهه اهڙين شخصيتن جون يادون شامل هونديون آهن جن کي لازوال چوڻ گهرجي ۽ جن جي قربت ۽ صحبت جا اثر هميشه قائم رهندا آهن ۽ جن سان واسطيداري ۽ تعلقات فخر ۽ ناز جو احساس ڏياريندا آهن. سيد جمال الدين بخاري منهنجي لاءِ انهن اڪابرن مان هڪ هو جن جي ياد فخر جوڳو سرمايو ۽ جن جو تصور نور جي مينار وارو درجو رکي ٿو. مرحوم بخاريءَ جي تصور سان منهنجو آدميت تي ناز ۽ انسانيت تي فخر سوايو ٿي ويندو آهي. هو معاشري لاءِ هڪ قيمتي اثاثو هو. هو ويهين صديءَ جي کاٻي ڌر وارن دانشورن ۽ سياستڪارن جي اُن قبيلي سان تعلق رکندو هو جن پنهنجو سڀ ڪجهه سماج جي بهتريءَ لاءِ تياڳي ڇڏيو هو. بخاري صاحب پنهنجي موروثي اثاثن کان پاڻ کي شعوري طور محروم ڪري Have واري طبقي منجهان نڪري Have not واري طبقي ۾ شامل ٿي ويو هو. هن انتهائي ديانت ۽ سچائيءَ سان پاڻ کي مظلومن ۽ استحصال جي شڪار عوام سان پنهنجي عملي يڪجهتيءَ واري واٽ ورتي. ان ڏس ۾ کيس مهاتما گوتم ٻڌ جي پيروڪارن ۾ ڳڻي سگهجي ٿو ۽ انهيءَ فهرست ۾ سيد سجاد طهير جو نالو به نمايان آهي، جن جو ذڪر بخاري صاحب وڏي پيار ۽ احترام سان ڪندو هو. اڄ کان ڇٽيهه سال اڳ اهڙو انسان اسان ۾ موجود هو جنهن تي انسانيت بجا طور فخر ڪري سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته انسان دوستي سندن خمير ۾ شامل هئي. آدميت جو احترام هُن جو مسلڪ هو ۽ انسانن سان محبت سندس ايمان هو. مرحوم جو هڪ پسنديده شعر سندن فڪري ۽ نظرياتي زندگيءَ جو پڌرو ثبوت به آهي ته تفسير به: "کافر ہوں میں کافر، ہے میرا کفر محبت کہ کفر مجھے حاصل ایمان نظر آیا." هو هڪ عظيم انسان هو ۽ منهنجي نظر ۾ هو لفظ ”عظيم“ جي سمورين تقاصائن تي پورو لهندو هو. ان عظيم انسان جي تصور ذهن ۾ اچڻ سان هن لاءِ عقيدت ۽ محبت جا جذبا بيدار نه ٿيڻ ناممڪن نه آهي. منهنجي انهيءَ ڳالهه جي تائيد اهي هزارين بلڪه لکين ماڻهو ڪندا جن کي مرحوم ڪامريڊ بخاريءَ جي محبت ۽ قربت حاصل رهي آهي. توڙي جو اها قربت ۽ محبت ڪيتري به مختصر ڇو نه هجي. مرحوم کي ڄاڻندڙ سڃاڻندڙ ۽ ساڻس عقيدت ۽ محبت ڪندڙ بنا ڪنهن وڌاءُ جي اڄ به هزارن بلڪه لکن جي تعداد ۾ ننڍي کنڊ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود آهن، خاص ڪري سنڌ جي وسندين واهڻن ۾ سيد جمال الدين بخاريءَ جو ذڪر اڄ به وڏي احترام سان ڪيو ويندو آهي ۽ محبت ۽ ڀائيچاري جي پيڪر ۽ علامت طور هو ماڻهن جي دلين ۾ هميشه زنده رهندو. لاڙڪاڻي جون گهٽيون ۽ رستا اُن درويش صفت انسان جي سڀاڳن قدمن جي نشانن سان اڄ به منور آهن. ماڻهن ۾ رهڻ، ماڻهن جي ڏک سک کي پنهنجو ڏک سک سمجهڻ ۽ عوام کي انهن ڏکن ڏاکڙن ۽ ڏاڍ ۽ استحصال مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ واري جدوجهد ۾ رُڌل هجڻ، سموري عمر انهيءَ مشن خاطر چئلينجن منجهان سرخرو ٿي پار پوڻ، ڄڻ ته هن عظيم انسان جي ڊگهي عهد آفرين زندگيءَ تي مختصر ترين تبصرو چئي سگهجي ٿو. عوام دوستي سندن فڪر جو سرچشمو، سندن نظريي جو بنياد، سندن سياست جي پيڙهه، سماجي سرگرمين جو محور ۽ جدوجهد سان ڀرپور سندن زندگيءَ جو آدرش هو. سندن انسان دوستي سمورين واسطيدارين ۽ لڳ لاڳاپن کان بي نياز هئي. هن جي نظر ۾ انسان فقط انسان آهي، پوءِ کڻي اُن جو تعلق ڪهڙي به خطي سان هجي. ڪهڙي به نسل ۽ لساني گروهه سان هجي، اُن جو رنگ ۽ نسل ۽ اُن جا عقيدا کڻي ڪهڙا به هجن، اهي سڀ ڳالهيون هن جي نظر ۾ غير اهم ۽ بي معنيٰ هيون. سندن ذهني سفر جي ڪنهن به موڙ ۽ مرحلي ۾ تعصب ۽ تنگ نظري ۽ ڪنهن به قسم جي عصبيت، فرقيواريت، ۽ ويڇن وڇوٽين جو پاڇو به نظر ڪو نه ايندو هو. ڪامريڊ بخاري هڪ اهڙي صاف ۽ پاڪ چشمي وانگر هو، جتان ڪو به انسان سيراب ٿي سگهيو پئي ۽ جنهن جي پاڻيءَ منجهان هرڪو پنهنجي اڃ اجهائي پئي سڙهيو. اهو ئي سبب آهي جو مرحوم جي چاهيندڙن ۾ مختلف لساني ۽ نسلي گروهي سان تعلق رکندڙ به نظر ايندا ته مختلف عقيدا ۽ نظريا رکندڙ پڻ. هو سڀني سان بنا ڪنهن متڀيد جي محبت ڪندو هو ۽ سڀئي ساڻس پيار ڪندا هئا. سندس شخصيت جي جوڙجڪ ۾ محبت ۽ صلح جوئي سڀ کان حاوي عنصر هئا. اِن حوالي سان هن عظيم انسان ۾ انهن سمورن درويش صفت صوفين سڳورن واريون خصوصيتون موجود هيون، جن جي دم قدم سان هن ڌرتيءَ تي محبت، ڀائيچاري ۽ صلح ۽ آشتيءَ جا گل ڦُٽا ۽ جن جي ڇانوَ ۾ نفرتن ۽ وڇوٽين جو ڪنڊيدار وڻ سدائين سوڪهڙي جو شڪار رهيو. ڪامريڊ بخاريءَ جي ۸۴ سالن جي زندگيءَ تي مٿاڇري نظر وجهجي ٿي ته هڪ طلسمي انساني پيڪر جو تصور اڀري اچي ٿو. اُن طلسمي انساني پيڪر جي زندگيءَ جا مختلف رخ ۽ شعبا آهن پر هر رخ ۽ شعبو هڪ جهڙو اجرو ۽ روشن آهي. هو هڪ عظيم انسان هئڻ کان علاوه هڪ عظيم سياستڪار، مدبر، عظيم مقرر، عظيم دانشور، عظيم صحافي، عظيم آزادي پسند، آزاديءَ جي تحريڪ جو عظيم سپاهي ۽ هڪ عظيم سماجي ڪارڪن پڻ هو. انساني معاشري کي استحصال اڻ برابري، غربت ۽ اڻهوند، ڏاڍ ۽ ظلم ۽ هر قسم جي ناانصافين کان پاڪ ڪرڻ ۽ انسانن جي انسانن هٿان ڦرلٽ کان نجات ڏيارڻ واري مشن جي تڪميل واري جستجوءَ ۾ هُن پنهنجي طويل زندگيءَ جو هڪ وڏو حصو ننڍي کنڊ جي مختلف جيلن ۾ گذاريو. اڪثر سخت پورهئي سان سزا ڀوڳيائين ۽ شديد جسماني اذيتون برداشت ڪرڻيون پيس، پوءِ به هو هر مرحلي مان سرخرو ۽ ڪامران ٿي نڪتو. افسوس اِن ڳالهه جو آهي ته مرحوم پنهنجي عهد آفرين زندگي ۽ جدوجهد جي حوالي سان ڪا به جامع يادداشت اسان لاءِ ڪانه ڇڏي. هاڻي اسان سڀني تي اهو فرض آهي ته سندس ٽڙيل پکڙيل تحريرن کي گڏ ڪريون ۽ سندن هڪ جامع سوانح عمري ترتيب ڏيون ۽ ايندڙ نسلن کي سندس ڪارگذارين ۽ ڪارنامن کان روشناس ڪرايون. ڪامريڊ بخاريءَ جهڙا انسان ڪڏهن ڪڏهن پيدا ٿيندا آهن. سندن ورثي کي زنده رکڻ دراصل اعليٰ انساني قدرن جي پاسداري ۽ تسلسل کي قائم رکڻ برابر آهي. ڪامريڊ بخاري ۱۴ مارچ ۱۹۰۰ تي پيدا ٿيو. جهڙوڪر هو ويهين صديءَ جي شروع ۾ پيدا ٿيو. ويهين صدي پنهنجي تاريخي اهميت جي لحاظ کان هزارين سالن تي حاوي آهي. ان عرصي دوران ڌرتيءَ جي هن گولي تي عظيم سياسي ۽ سماجي تبديليون رونما ٿيون، جنهن ۾ انساني تهذيب ۽ تمدن جي ارتقا جا نقش خلائن ۾ ڏسي پسي سگهجن ٿا. انسان جي پيرن جا نشان چنڊ واري سرزمين تي اڻ مِٽ نقش بڻجي چڪا آهن. ويهين صديءَ ۾ قومي آزاديءَ جي تحريڪن لاءِ نوان امڪان پيدا ٿيا، بيٺڪيت وارو نظام ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿيو ۽ پنجن ئي کنڊن جي اڪثر ملڪن تي آزاديءَ جا جهنڊا جهولي رهيا آهن. ويهين صديءَ ۾ ٻن مهاڀاري جنگين جتي تباهين ۽ هاڃيڪارين جي نئين تاريخ لکي، اتي انساني تهذيب ۽ تمدن جي بقا ۽ تحفظ لاءِ عالمي امن جي سگهاري تحريڪ کي جنم ڏنو. انهي صديءَ جي ابتدا ۾ يورپ جي ڏتڙيل ملڪ روس ۾ بالشويڪ انقلاب برپا ٿيو جنهن انساني تاريخ جي سفر کي نوان موڙ ڏنا. آڪٽوبر انقلاب جي ننڍي کنڊ ۾ خاص طور آجيان ڪئي وئي، جنهن جي ترجماني شاعر مشرق علامه اقبال جي هِن شعر مان ٿئي ٿي: آفتاب تازہ پیدا بطن گیتی سے ہوا آسمان! ٹوٹے ہوئے تاروں کا ماتم کب تک آڪٽوبر واري انقلاب ننڍي کنڊ جي حريت پسند ۽ تحريڪ آزاديءَ جي متوالن کي ڀرپور اتساهه بخشيو. اهڙن حريت پسندن ۾ مولانا حسرت موهانيءَ جو نالو سر فهرست آهي جنهن پنهنجي وطن جي آزاديءَ جي تحريڪ کي حقيقي آزادي واري تحريڪ بنائڻ لاءِ آڪٽوبر انقلاب جي آدرش کي اهميت ڏني. نوجوان ڪامريڊ بخاري مولانا حسرت موهانيءَ جي پيرويءَ ۾ آڪٽوبر انقلاب کي عالمي استحصال ۽ سرمائيداراڻي ظلم ۽ ڏاڍ جي خاتمي جو اعلان ڄاتو ۽ سرزمين تي وڃي انقلاب وارين حالتن جو ذاتي مشاهدو ڪرڻ جي ارادي سان، ڪجهه نوجوانن جو قافلو وٺي ڪابل ۽ مزار شريف جي رستي، سمرقند ۽ بخارا کان ٿيندو ماسڪو پهتو. ان پيادل قافلي جو پرجوش مسافر ڪامريڊ سيد جمال الدين بخاري هو. انهيءَ سفر ۾ هڪ سال کان ڪجهه وڌيڪ عرصو لڳو ۽ اهو قافلو ۱۹۲۱ع جي پڄاڻي تي واپس آيو. سترهن سالن جي عمر ۾ هن سياست جي ميدان ۾ قدم رکيو ته ان وقت ڏکڻ ايشيائي سياسي ميدان مولانا محمد علي جوهر جي ولولي انگيز قيادت ۽ مولانا حسرت موهانيءَ جي بي خوف سياست جي سوجهري سان جرڪي رهيو هو ۽ نوجوان جمال الدين بخاريءَ لاءِ ٻئي عظيم رهنما مشعلِ راهه بڻيا. ڪامريڊ بخاريءَ جي سياسي زندگيءَ تي انهن ڏاهن جي ڇاپ هميشه نمايان رهي ۽ هن به سياست کي ڪڏهن به پيشي ۽ گذُر جو ذريعو نه بڻايو بلڪه هڪ مشن ۽ انساني معاشري کي بدصورتين کان پاڪ ڪرڻ جو مقدس فرض ڄاتو. اٽڪل ستن ڏهاڪن تي پکڙيل جدوجهد سان ڀرپور سندس زندگي هڪ اهڙي داستانِ حيات جو درجو رکي ٿي جنهن جو مطالعو ڄڻ همعصر تاريخ جو مطالعو ڪرڻ آهي. هو هڪ اهڙي متحرڪ شخصيت هو، جنهن ڪري جولان گاهه سڄي دنيا هئي. هن ۱۹۲۴ع ۾ هڪ عام سيلر جي حيثيت سان دنيا جي مختلف حصن جو دورو ڪيو ۽ پنهنجي مشاهدن ذريعي پنهنجي بصيرت ۾ گهرائي پيدا ڪئي. اهو ئي سبب آهي ته سندس داستانِ حيات ۾ جتي اسان کي ننڍي کنڊ جي آزاديءَ واري تحريڪ جا سمورا لاها چاڙها نظر اچن ٿا، اُتي عالمي واقعن، حالتن ۽ تحريڪن جا اولڙا به پسجن ٿا. ڪامريڊ بخاريءَ سان منهنجي نيازمندي اٽڪل ويهن سالن تائين رهي هوندي. لاڙڪاڻي ۾ اِن عرصي دوران ساڻس سوين ميل ملاقاتون رهيون، جن ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ کيس ٻڌڻ جو شرف حاص رهيو. اها سعادت اسان کي بخاري منزل ۾ حاصل رهي ۽ بخاري منزل کان علاوه انصاف پريس، جتان هو پنهنجي زندگيءَ جي آخري ڏهاڙن تائين سنڌي ۾ هفتيوار ”انصاف“ ۽ انگريزيءَ ۾ هفتيوار ”نيو ايرا“ ڪڍندو هو، جيڪا سندس آفيس کان وڌيڪ ملاقات گاهه ۽ بيٺڪ هئي. جتي هو ڪنهن نه ڪنهن سان ڪچهريءَ ۾ مصروف رهندو ۽ ماڻهن کي همعصر تاريخ ۽ واقعن جي مختلف پاسن بابت ڄاڻ ڏيندو رهندو هو. هو هن دور جو ڄڻ ڳالهائيندڙ ڪتاب هو، جنهن جي هر ورق اٿلائڻ سان علم ۽ شعور جا در کلندا ويندا هئا. سندس عام گفتگو ۽ ڳالهه ٻولهه ۾ هن جو جوش جذبو دراصل سندن جذبي جي شدت ۽ پنهنجي آدرش جي سچائيءَ تي هن جي اٽل ايمان جي ساک ڏيندو هو. ميڙاڪن ۽ جلسن کي خطاب ڪرڻ هن جي وڻندڙ ڪرت هئي. هو ماڻهن سان ڳالهائڻ لاءِ هر وقت پوري طرح تيار رهندو هو. پليٽ فارم ڪهڙو به هجي، هو پنهنجي خيالن ۽ نظرين جو بنا روڪ اظهار ڪندو هو. "کوئی بزم ہو کوئی انجمن، یہ شعار اپنا قدیم ہے جہاں روشنی کی کمی ہوئی وہاں اک چراغ جلادیا." ڪامريڊ بخاري ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا جي بانين ۽ اهم اڳواڻن مان هڪ هو. ان کان علاوه به هو، سوين سياسي، سماجي، مزدور، هاري، ثقافتي ۽ تهذيبي ادارن ۽ تنظيمن جو باني ۽ روح روان هو. هو انهن ماڻهن منجهان هو، جن کي بجا طور هڪ ادارو ۽ تحريڪ چيو ويندو آهي. خاص ڪري هو ننڍي کنڊ جي مزدور تحريڪ جي بانين ۽ ان جي علمبردارن منجهان هو. ننڍي کنڊ جي ڪنڊڪڙڇ سندس سرگرمين جي گواه آهي خاص ڪري سنڌ جي سرزمين سان غير معمولي وابستگي ۽ والهانه لڳاءُ سندس داستان حيات جو روشن ترين باب آهي. هو ۱۹۲۱ع جي پڄاڻي تي ڪراچي آيو ۽ مولانا دين محمد وفائيءَ جي مشهور اخبار ”الوحيد“ سان ڇهن سالن تائين لاڳاپيل رهيو. ٿوري عرصي لاءِ ان جو ايڊيٽر به ٿي رهيو. ۱۹۲۵ع ۾ هفتيوار ”چنگاري“ پڻ ڪراچيءَ مان سندن ادارت ۾ جاري ٿي ۽ تڏهن کان هو سنڌ سان اهڙي طرح لاڳاپيل رهيو جو سنڌ جي ڪا اهڙي تحريڪ نه هئي جنهن ۾ ڪامريڊ بخاري ان جي مهندارن ۾ شامل نه رهيو هجي. پوءِ اها هاري تحريڪ هجي يا سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي جي تحريڪ، سموري عمر سنڌ سندس زندگي ۽ سنڌ جي سرزمين سندس خوابن جي ڌرتي بڻيل رهي. ڪراچي بدريءَ کان پوءِ هو مستقل طور لاڙڪاڻي ۾ اچي رهيو ۽ 3۵ سالن تائين هتي رهڻ کان پوءِ هن ڌرتيءَ جو حصو بڻجي ويو. "آسودہ خاک میں شامل ہوا ہے کون آپ میں اپنے شہر خموشاں نہیں." ڪامريڊ بخاري اهڙين هستين مان هڪ آهي جن کي لاڙڪاڻي جي مردم خيز مٽيءَ جي سڃاڻپ چئي سگهجي ٿو. لاڙڪاڻو تاريخ ساز هستين جي جنم ڀومي آهي. قومي آزادي واري تحريڪ جي اڳواڻن ۾ سرشاهنواز ڀٽو، خانبهادر کهڙو ۽ قاضي فضل الله جا نالا شامل آهن. عوامي تحريڪن جي سرواڻن ۾ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي، ڪامريڊ مولوي نظير جتوئي، ڪامريڊ عبدالقادر، ڪامريڊ سيد جمال الدين بخاري، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻيءَ جا نالا هميشه سرفهرست رهندا. هونئن ته ويهين صديءَ جي ابتدا کان ئي لاڙڪاڻي کي سنڌ جي سياسي ۽ ثقافتي زندگيءَ ۾ نمايان مقام حاصل هو پر اڳوڻي صدر ۽ ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو جي حوالي سان لاڙڪاڻي کي بين الاقوامي شهرت ۽ اهميت حاصل ٿي وئي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو مرحوم ڪامريڊ بخاري سان وڏي محبت ۽ عقيدت رکندو هو. مونکي چڱي طرح ياد آهي ته ۷۰ واري ڏهاڪي جي شروعاتي سالن ۾ جڏهن ڪامريڊ بخاري ٽي بيءَ جي مرض ۾ مبتلا ٿي پيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کيس خصوصي اهتمام سان علاج لاءِ ڪوئٽا اماڻيو هو، جتي هو اٽڪل ٽن سالن تائين علاج هيٺ رهيو ۽ مڪمل صحتيابيءَ کان پوءِ لاڙڪاڻي واپس آيو ۽ لاڙڪاڻي واسين سندس صحت جو جشن ملهايو. سندس هر دلعزيزي ۽ عام ماڻهن سان ويجهڙائي قابل رشڪ هئي. هو هر عمر جي ماڻهن ۾ هڪجهڙو مقبول ۽ محبوب هو. خاص ڪري ٻارن سان سندن بي پناهه لڳاءُ ۽ شفقت، ناقابل فراموش هئا. هو ٻارن سان ايئن رلي ملي ويندو هو جو ٻار ڪا به وڇوٽي ۽ اوپرائپ محسوس نه ڪندا هئا. تنهن ڪري سندن صحتيابي ۽ جشنِ صحت جي خوشيءَ کي بنا ڪنهن عمر جي فرق، جي هر عمر جي لاڙڪاڻي واسين عيد وانگر ملهايو. اڄ اسان جو معاشرو وحشت، تشدد ۽ بربريت جي ور چڙهيل آهي ۽ نفرتون ۽ دوريون وڌنديون پيون وڃن. سياست تجارت ۽ صحافت صنعت بڻجي وئي آهي. قومي سياست ۾ اهڙن عنصرن ۽ عملن جي رواج ٿي پيو آهي جن جو ڪجهه ڏهاڪا اڳ تصور به نه پيو ڪري سگهجي. اڄ سمورا ادارا شڪست ۽ ناڪامي جو شڪار آهن. جمهوري روايتن ۽ قدرن جو پڌري پٽ انڪار ڪيو پيو وڃي. وطن دوستي ۽ قومي مفادن تي ٻڌل سياست آڳاٽي دور جو قصو بڻجي چڪي آهي. معاشرو هڪ جهنگ ۾ تبديل ٿي چڪو آهي جتي هر ماڻهو خوف ۽ عدم تحفظ جي احساس ۾ ورتل آهي. اهڙي صورتحال ۾ سيد جمال الدين بخاري جهڙي سياسي اڪابر جي ياد هڪ اطمينان جي دريافت بلڪه پناهه محسوس ٿئي ٿي. سيد جمال الدين بخاريءَ جي وفات کي ٽن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي. انهيءَ عرصي دوران جيڪڏهن هيئن چئجي ته عالمي صورتحال ۾ بنيادي قسم جون ڪميتي ۽ ڪيفيتي (Qualitative and Quantitative changes) تبديليون اچي چڪيون آهن ته اها ڳالهه غلط نه ٿيندي، عالمي سطح تي سوويت يونين جي وِکرڻ کان پوءِ جتي هڪ پاسي سرد جنگ جو مڪمل خاتمو ٿي ويو. اُتي هيءَ (Bi-polar) دنيا (uni-polar) ٿي وئي آهي ۽ هاڻي انساني معاشرو بلڪل ئي نين حالتن ۽ حقيقتن کي منهن ڏئي رهيو آهي. جيڪڏهن بخاري صاحب زنده هجي ها ته مونکي پڪ آهي ته کيس تمام گهڻي ذهني ۽ روحاني اذيت پهچي ها پر ان جي باوجود هو پنهنجي ڪمٽمينٽ تي ساڳي طرح قائم رهي ها ۽ ڪڏهن به مايوسيءَ جو اظهار نه ڪري ها. سوويت يونين سان کيس والهانه ۽ جذباتي لڳاءُ هو پر مونکي سندن بار بار ڪيل ڳالهيون چڱي طرح ياد آهن. هن جو خيال هو ته انقلاب ڪنهن جي ميراث ناهي ۽ تاريخ جو سفر هميشه اڳڀرائيءَ جو سفر هوندو آهي. انساني شعور هر ايندڙ ڏينهن سان اڳتي وڌي رهيو آهي. انساني شعور جي اڳڀرائي اصل ۾ شر جي مقابلي ۾ خير جي قوتن جي ڪامرانين جو سفر آهي، روشنيءَ جو سفر آهي. ڪامريڊ سيد جمال الدين بخاري جي حياتيءَ جي ڪٿا لکڻ لاءِ هڪ وڏو ڪتاب گهرجي. جنهن ۾ هندوستان جي آزادي جي تحريڪ جي مختلف دور ۽ مرحلن جو تفصيلي بيان ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ ته ڪامريڊ بخاري ويهين صدي جي ٻئي ڏهاڪي جي پڄاڻي کان اڳ ۾ ئي آزادي جي هلچل ۾ شامل ٿيو ۽ هڪ غير معمولي جوش ۽ جذبي، فڪر ۽ ساڃاهه سان ان تاريخي سفر جو مسافر بڻجي ويو. ان ڪري سندس حياتي بابت ڪتاب گڏيل هندوستان جي آزادي جي تاريخ جو هڪ جامع ڪتاب جي حيثيت رکي ٿو. ڪامريڊ بخاري ڪميونسٽ تحريڪ سان ان وقت پنهنجا ناتا جوڙيا جڏهن هندوستان ۾ ڪميونسٽ پارٽي قائم ٿيڻ کانپوءِ ننڍي ٻار وانگر بانبڙا ڀري پئي. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ڪامريڊ بخاري جي زندگيءَ جي سفر ۾ گهڻا لاها چاڙها آيا پر هو ڪڏهن به غير متحرڪ نه رهيو ڇاڪاڻ ته خاموش ويهي رهڻ سندس زندگيءَ جي اصولن جي خلاف هو. فڪر ۽ دانش جي واڌاري لاءِ جاکوڙڻ سان گڏوگڏ سندس صحافتي زندگي هڪ کليل ڪتاب جيان هئي. سندس اندر ۽ ٻاهر ۾ ڪڏهن به فرق يا ٻٽو معيار ڏسڻ ۾ نه آيو. هو جتي به رهيو، جنهن به تنظيم سان واڳيل رهيو. پنهنجي اصول مطابق ۽ پنهنجي عظيم مقصدن جي حاصلات لاءِ جاکوڙيندو رهيو ۽ ان لاءِ پنهنجو سڀ ڪجهه ارپي ڇڏيو. سيد جمال الدين بخاري پنهنجي عملي زندگي جي شروعات کان ئي ننڍي کنڊ ۾ هلايل مختلف تحريڪن ۾ سرگرميءَ سان ڪردار ادا ڪيو. انهن تحريڪن ۾ خلافت تحريڪ کي وڏي اهميت حاصل آهي. سال ۱۹۱۹ع کان ۱۹۲۴ع جو دور ننڍي کنڊ جي تاريخ جو انتهائي نازڪ ۽ اهم دور ليکيو وڃي ٿو جنهن ۾ خلافت تحريڪ کي وڏو اهم مقام حاصل آهي. ڪامريڊ بخاريءَ جو ذڪر ڪندي هيءَ ڳالهه بي محل نه هوندي ته ۲۶ ڊسمبر ۱۹۲۵ع تي ڪانپور ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا جو بنياد رکيو ويو، اها ڳالهه به ذهن نشين رهي ته ڪانپور ۾ ڪوٺايل انهي ڪانفرنس ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا جي رسمي جوڙجڪ ڪئي وئي. ان جي تنظيمي ڪميٽيءَ جو چيئرمين مولانا حسرت موهاني ۽ نائب چيئرمين مولانا آزاد سبحاني هو. جيئن پهريان چيو ويو ته ڪميونسٽ پارٽيءَ جي بانين ۾ ڪامريڊ سيد جمال الدين بخاري شامل هو ۽ کين پارٽيءَ جي اهم اڳواڻن ۾ ڳڻيو ويندو هو. هو ڪميونسٽ تحريڪ سان پارٽي جي تنظيمي جوڙجڪ کان پهريان ئي لاڳاپيل هو ۽ ۱۹۱۷ع واري آڪٽوبر انقلاب کان ترت پوءِ ڪامريڊ بخاريءَ مختلف ملڪن مان ٿيندو ماسڪو پهتو هو. اهو تاريخي سفر پنهنجي لحاظ کان هڪ اهم موضوع آهي ۽ ان جي حياتي جي ڪٿا ڪميونسٽ تحريڪ بابت هڪ ڪتاب جي حيثيت رکي ٿي. بهرحال هن ماسڪو ۾ وڃي آڪٽوبر انقلاب جي شروعات جو مشاهدو ڪيو ۽ انقلاب کي اڳتي وڌندي ڏٺو. تڏهن کان هُن انقلاب واري آدرش کي سيني ۾ سانڍي رکيو هو. هو جتي ۽ جنهن به فورم تي نظر آيو، سندس خصوصي سڃاڻپ هڪ ڪميونسٽ اڳواڻ واري رهي. هو ڪميونسٽ نظريي ۽ فلسفي جي جيئري جاڳندي تصوير هو. مظلوم انسانيت کي ڏاڍ ۽ جبر جي پنجوڙن کان آزاد ۽ آجو ڪرائڻ سندس مشن هو. اهو مشن سندس زندگيءَ جي سڀ کان وڏي محرڪ قوت هئي. هو عوام جي هر طبقي ۾ پنهنجي انهي مشن جي حوالي سان ڄاتو سڃاتو ويندو هو ۽ سندس احترام به ان حوالي سان ڪيو ويندو هو. ۱۹۲۰ع جي ڏهاڪي جي شروعاتي سالن ۾ هو سنڌ آيو ۽ ان کان پوءِ سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ هر تحريڪ ۾ سڀ کان اڳتي موجود رهيو. هن جي حياتي جي ڪتاب جو هي به هڪ اهم موضوع آهي. انهيءَ حوالي سان هو سنڌ جي عوام جي دلين ۾ هميشه زندهه رهندو. ڪامريڊ بخاري ’ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا‘ جي قيادت جي ان غلطي کي انتهائي جوشيلي ۽ پراعتماد انداز ۾ ورجائيندو هو ۽ چوندو هو ته فيبروري-مارچ ۱۹۴۸ع ۾ ڪلڪتي ۾ ٿيل ڪانگريس ۾ پاڪستان لاءِ ڪميونسٽ پارٽي قائم ڪرڻ وارو فيصلو انتهائي غلط هو. ان ڪري جو پاڪستان ۾ ڪميونسٽ پارٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو پاڪستان جي ڪنهن شهر ۾ پاڪستان سان تعلق رکندڙ پارٽي جي ميمبرن جي ڪانگريس ۾ ڪرڻ کپندو هو ڇاڪاڻ ته ان وقت پاڪستان ۾ ڪميونسٽ پارٽي جا سوين ورڪر ۽ اڳواڻ موجود هئا. ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جو جنم. پاڪستان جي سرزمين تي ٿيڻ کپندو هو. هڪ اثرائتي ۽ ڪامياب حڪمت عملي هيٺ هن ڌرتي جي فرزندن لاءِ ڪميونسٽ پارٽي سان سندن وابستگي ۽ ان ۾ سرگرميءَ سان شريڪ ٿيڻ انتهائي ضرروي هو. جيڪا ڳالهه نه ٿي سگهي. ان ڪري ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي جوڙجڪ ۽ اڳتي هلي ان جي ناڪامي ڪنهن کان به لڪل نه آهي. منهنجي راءِ موجب ڪامريڊ بخاري جو تجزيو ۽ تنقيد بلڪل صحيح هئي. ڪـامـريـڊ سيـد جـمـال الـديـن بـخـاري جـي گـهــڻ پــاسـيــري (Multi-dimensional) شخصيت بابت تفصيلي ذڪر هن مضمون ۾ ڪري چڪو آهيان. ڪامريڊ پنهنجي سياسي زندگيءَ جي شروعات هڪ آدرش وادي يعني مارڪس جي آدرشي نظريي جو پوئلڳ ٿيڻ سان ڪئي ۽ عملي زندگي ۾ مرڻ گهڙي تائين انهن آدرشي اصولن تي ڪاربند رهيو. پر هو اکيون ٻوٽي مارڪس ازم جو قائل نه هو. سندس خيال هو ته اجتهاد واري اصول تي عمل ڪندي هر دور جي بدلجندڙ حالتن ۽ چيلنجز کي منهن ڏيڻ لاءِ مارڪسي نظريي جي نئين تشريح ضروري آهي. ڪامريڊ بخاري جو اهو به چوڻ هو ته لينن کانپوءِ ڪنهن به اڳواڻ مارڪس ازم جي صحيح معنيٰ ۾ تشريح نه ڪئي. ڪامريڊ بخاري گهڻن تحريڪن، ادارن ۽ تنظيمن سان واڳيل رهيو. ان حوالي سان ڪجهه فڪري ۽ عملي تضاد جي نشاندهي ته شايد ڪري سگهجي ٿي، پر سندس خلاف موقع پرستي يا ذاتي مفاد حاصل ڪرڻ جو الزام لڳائڻ ڪنهن به صورت ۾ ممڪن نه آهي جيئن مان اڳ ۾ ئي ذڪر ڪري چڪو آهيان ته ڪامريڊ جمال الدين بخاري پنهنجي هن تاريخي سفر ۾ مرڻ گهڙي تائين ڪميونسٽ آدرش (Communist Ideology) جو پيروڪار رهيو. ڪامريڊ بخاري شديد نمونيا سبب ۱۷ ڊسمبر ۱۹۸۴ع تي پنهنجي گهر بخاري منزل لاڙڪاڻو ۾ منجهند جو سوا ٻي وڳي ڌاري هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪيو. کيس سندس گهر ويجهو سيد قائم شاهه بخاري جي درگاهه جي ڀر ۾ واقع قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. ڪامريڊ بخاريءَ جي وارثن ۾ هڪ ڌيءَ ۽ اٺ پُٽ شامل آهن ۽ سڀئي ذهين ۽ سمجهدار آهن، جيئن فارسيءَ جي چوڻي آهي: ”امير خانه تمام آفتاب است“، پر منهنجي نظر ۾ سندس نظرين جي حقيقي وارث ڪامريڊ شانتا بخاري هئي، جيڪا پڻ ۲۵ جولاءِ ۲۰۱۴ع تي لاڏاڻو ڪري وئي. هوءَ نه رڳو ڪامريڊ بخاري جي جيون ساٿي بلڪه سندن سڄي سياسي، سماجي ۽ ثقافتي زندگيءَ جي ساٿي هئي ۽ زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين بخاري صاحب جي مشن جو جهنڊو سندس هٿن ۾ رهيو. آئون ڪامريڊ بخاريءَ جي ورسيءَ جي موقعي تي کيس خراج تحسين پيش ڪرڻ بدران سندس جنم ڏينهن ۱۴ مارچ تي سالگره تقريب منعقد ڪرڻ جي حق ۾ آهيان، ڇاڪاڻ ته هن جهڙا انسان جيڪي معاشري ۽ انسانيت جي بهتريءَ لاءِ زندگي گذاريندا آهن، سي زنده جاويد هوندا آهن. ڪامريڊ بخاريءَ جو تعلق به اُن قبيلي سان هو جيڪو جيئرن جاڳندن ماڻهن جو قبيلو آهي، سندن آدرش لازوال ۽ ابدي آهي، تنهن ڪري هو به امر آهي. (استاد خالد چانڊيو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۲ فيبروري ۲۰۲۲ع تي کنيل) سيد جمال الدين بخاري عبدالغفور ڀرڳڙي سيد جمال الدين حسن بخاري ولد سيد زين العابدين بخاري، احمد آباد هندستان ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم کان پوءِ مسلم يونيورسٽي عليڳڙھ ۾ ٿي هئي. ان زماني ۾ خلافت جي تحريڪ جو زور هو، هندستان جي مسلمانن جي رهبري مولانا محمد علي جوهر جي هٿ ۾ هئي. مولانا محمد علي جوهر ۽ سندس وڏو ڀاءُ شوڪت علي خلافتِ تحريڪ جا سڀ کان اهم اڳواڻ هئا ۽ انهن پنهنجو تن، من ۽ ڌن خلافت جي تحريڪ لاءِ ڄڻ وقف ڪري ڇڏيو هو. عليڳڙھ مسلم يونيورسٽيءَ جي ڪيترن ئي شاگردن، مولانا جي حڪم جي تابعداري ڪندي، پنهنجي تعليم اڌ ۾ ڇڏي، يونيورسٽي کي الوداع چيو هو. انهن ۾ سنڌ ۽ لاڙڪاڻي جو مشهور سياسي ليڊر قاضي فضل الله ۽ جمال الدين بخاري به شامل هئا. جڏهن علي برادران ڪراچي آيا هئا ته جمال الدين به انهن سان گڏجي ڪراچي آيو. بخاري صاحب جو تحريڪ سان تعلق تڏهن ختم ٿيو، جڏهن مهاتما گانڌي فيبروري ۱۹۲۳ع ۾ سياگره بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ان کانپوءِ جمال الدين بخاري جي سياسي سوچ ۽ لاڙو سوشلزم ۽ ڪميونزم طرف مائل ٿي ويا. ڪميونسٽ خيالن جي ڪري ڪامريڊ بخاري کي سياست ۾ ڪافي قربانيون ڏيڻيون پيون. ان سلسلي ۾ هو ڪيئي ورهيه جيل ۾ به رهيو. ان دوران هن هڪ هندو ورڪر سان شادي ڪئي، جنهن اسلام قبول ڪيو ۽ سندس نالو شانتي مان مٽائي زيب النساءَ رکيو ويو. جڏهن قاضي فضل الله ۱۹۴۹ع ۾ سنڌ جو هوم منسٽر هو، ان وقت بخاري ڪراچي جيل ۾ پنهنجي زندگيءَ جا ڏينهن گھاري رهيو هو. قاضي فضل الله پراڻي دوستيءَ جي خاطر بخاري کي جيل مان آزاد ڪرايو. قاضي صاحب پاڪستان جي وزير داخلا خواجا شهاب الدين سان ڳالهايو ۽ بخاري لاءِ يقين ڏياريائين ته آئنده گورنمينٽ جي خلاف ڪنهن به تحريڪ ۾ حصو نه وٺندو. هن تي باغيانه سرگرمين جي تهمت هئي. قاضي فضل الله سندس اٿڻ ويهڻ لاءِ ضامن پيو هو، انهيءَ يقين دهاني تي بخاري صاحب کي آزاد ڪيو ويو. آزاد ٿيڻ بعد بخاري صاحب ۱۹۴۹ع ۾ لاڙڪاڻي آيو. شاگردي جي زماني کان مون کي پنهنجي ملڪي معاملن ۽ مسئلن ۾ دلچسپي رهي هئي. جيتوڻيڪ ذاتي طرح منهنجي اڃا ڪا سياسي حيثيت ڪا نه هئي. مون کي به صحافت جو شوق ٿيو ۽ چاهيم ته مان به ڪا اخبار ڪڍان ۽ ايڊيٽر ٿيان. شوق ته پنهنجي جاءِ تي پر ان لاءِ ساز و سامان، وسيلا وساڻا، ڪٿان اچن؟ لاڙڪاڻي ۾ مون جڏهن نئين نئين وڪالت شروع ڪئي، تڏهن محسوس ڪيم ته ملڪي حالات بگڙي رهيا آهن، جنهن جي جيڪڏهن وقت سر روڪٿام نه ٿي ته اهي اڃا وڌيڪ بگڙندا. مون هفتيوار اخبار ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو، پر سوچيم ته اها اخبار ٻين هفتيوار اخبارن کان مختلف ڪڍندس. قصيده خواني، جيڪا اهڙين اخبارن جو شمار رهي هئي، تنهن بجاءِ وطن جي حقيقي حالات بابت ڄاڻ ڏيندس ۽ لکندس. ائين به ڪونه پئي سمجھيم ته هڪ مقامي هفتيوار اخبار ڪڍڻ سان ملڪ جا حالات سڌري ويندا، پر منهنجي ڪوشش به ان ننڍڙي پکي جيان هئي، جنهن پنهنجي چهنب ۾ پاڻي ڀري آتش نمرود مٿان ڪيرائي، ان آڙاھ کي اجھائڻ ۾ پنهنجي فرض جي ادائگي پنهنجي وس ۽ وت آهر ڪئي هئي. ۱۹۴۸ع ۾ اها سوچ منهنجي دماغ ۾ ويٺي، مون پاڻ به ڪوشش ڪئي ۽ قاضي فضل الله صاحب به ان معاملي ۾ منهنجي مدد ڪئي. آخرڪار پريس کوليم ۽ ان جو نالو ”انصاف پريس“ رکيم ۽ اخبار جو نالو به انصاف رکيم، اخبار هفتيوار هئي. ان اخبار کي قومي ۽ علائقائي معاملات تي تبصرن ۽ اظهارِ خيال جو ذريعو بڻائڻ سان صحافت جي ابتدا ڪيم. منهنجو سياسي تعلق قاضي فضل الله سان هيو، تنهن ڪري مون انصاف اخبار جي پاليسي عوام ۽ پاڪستان جي حالات مطابق رکي هئي ۽ ڪيترن موقعن تي حڪومت ۽ ان جي آفيسرن تي نڪته چيني به ڪندو هئس. بخاري اڳيئي جيل جي سزائن جو شڪار هو ۽ پنهنجي دوست طرفان يقين دهاني تي جيل مان ٻاهر ڪڍيو ويو هو، سو مون کي هميشه صلاحون ڏيندو هو ته اخبار جي پاليسي کي مناسب ۽ وچٿرو رکان. هن جي صلاحن ۾ سندس تجربي جو به هٿ هو. مون ان بعد پريس ۽ اخبار بخاري صاحب جي حوالي ڪيا، جيڪي پوءِ هو هلائيندو رهيو. بخاري صاحب ڪنهن زماني ۾ آتش فشان جي لاوي جيان هو، پر هاڻي هن هڪ امن پسند شهري ٿي رهڻ شروع ڪيو. آخرڪار گھر گرهسي جون ذميواريون مهربانن جو ضامن پوڻ به هڪ قسم جون ناگريز مجبوريون آهن. سال ۱۹۶۲ع ۾ پاڪستان نيشنل اسيمبلي جون چونڊون ٿيون، لاڙڪاڻي مان مسٽر ذوالفقار علي ڀٽو ۽ مسٽر عبدالفتاح اميدوار بيٺا. مسٽر محمد ايوب کهڙو هميشه لاڙڪاڻي مان بيهندو هو، پر هن ڀيري مارشل لا جي ايبڊو EBDO واري قانون تحت مٿس سياست ۾ بهري وٺڻ جي منع هئي. مان پڙهندڙن کي هڪ اهم سياسي حقيقت کان آگاھ ڪرڻ ٿو چاهيان ته مسٽر کهڙو ۽ مسٽر قاضي فضل الله ٻئي ايبڊو جي بندش هيٺ هئا، اليڪشن ۾ بيهي نه پئي سگھيا، تنهنڪري انهن سوچيو ته ذوالفقار علي ڀٽي جي مقابلي ڪرڻ لاءِ خان صاحب غلام رسول خان ڪيهر کي بيهارجي ته هو مضبوط اميدوار ٿيندو ۽ ڀٽو شڪست کائيندو. انهن پاڻ ۾ اهڙو ٺاھ ڪيو. ساڳئي وقت اندروني ڪوشش اها به ٿي رهي هئي ته سياسي سوديبازي ڪري ذوالفقار علي ڀٽو سان ٺاھ ڪجي. صبح جو وقت هو، مان قاضي فضل الله وٽ ويٺو هئس ته اتي مرحوم جمال الدين بخاري به آيو، قاضي صاحب بخاري کي چيو ته خان صاحب ڪيهر اڄ صبح جو جهاز ذريعي ڪراچي کان لاهور روانو ٿي رهيو آهي، جتي هو گورنر ڪالاباغ وٽ پلاننگ ڪميشن تان پنهنجي استعيفا پيش ڪندو، ڇو ته استعيفا منظور ٿيڻ کان پوءِ ئي هو اليڪشن ۾ بيهي سگھندو. قاضي صاحب بخاريءَ کي چيو ته تون ڀڄي وڃي ڀٽي صاحب کي چئيس ته هو صدر ايوب خان کي چوي ته ڪيهر صاحب جي استعيفا منظور نه ڪئي وڃي. ”بخاري صاحب هڪدم پنهنجو لکڻ کڻي ”المرتضيٰ“ ڏانهن روانو ٿيو ۽ ڀٽي صاحب کي وڃي اهو پيغام پهچايائين. نتيجو اهو نڪتو ته خان صاحب ڪيهر جي استعيفا منظور ڪا نه ٿي ۽ هو اليڪشن ۾ بيهي نه سگھيو. ٻارهن تيرهن سالن کان هاڻي ميدان ۾ ڀٽي صاحب جو مدِمقابل وڃي عبدالفتاح ميمڻ صاحب بچيو. ڀٽي صاحب چيس ته جي هو سندس حق ۾ هٿ کڻي ته کيس سفير مقرر ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو. مسٽر ميمڻ جي دوستن به کيس سمجھايو ته ڀٽو صاحب وڏي اثر وارو آهي ۽ صدر ايوب سندس سفارش ٽاري نه سگهندو، تنهنڪري تون هٿ کڻ، ائين مسٽر عبدالفتاح هٿ کنيو ۽ ڀٽو صاحب بنا مقابلي ڪامياب ٿيو. ۱۹۶۳ع جي شروع ۾ ئي وزير خارجه ٿيو ۽ واعدي وفائي ڪندي ميمڻ صاحب کي ٽن سالن لاءِ سعودي عرب ۾ پاڪستان جو سفير مقرر ڪرايائين. سياسي وابستگين کان قطع نظر، اسان جي ذاتي دوستي هميشه قائم رهي سياسي لحاظ کان سندس واسطو شروع ۾ قاضي فضل الله سان رهيو ۽ بعد ۾ نوجوان نروار ذوالفقار علي ڀٽو ۽ پيپلز پارٽي سان رهيو. بخاري صاحب ڪو پيسي وارو شخص ڪونه هو ۽ نه ئي هن وري پنهنجي سياسي وابستگيءَ کي پنهنجي لاءِ ڪنهن مالي نفعي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم آندو. هو لاڙڪاڻي آيو ته غريبي حال ۾ آيو ۽ سندس بيگم زيب النساءَ پنهنجي رفيق حيات جو هر حال ۾ مڪمل ساٿ ڏنو، کين اَٺَ پٽ ۽ هڪ ڌيءُ پيدا ٿيا، جن جي سندس والدين ڏاڍي سهڻي تربيت ڪئي. سيد جمال الدين بخاري ۱۹۵۲ ۾ لاڙڪاڻي ميونسپالٽي جو ميمبر چونڊيو ويو هو، هو هڪ سٺو دوست، باهمت انسان ۽ پبلڪ جو خير خواهه هو، ميمبر جي حيثيت ۾ هو هميشه مونکي مفيد مشورا ڏيندو رهندو هو. ۱۹۵۵ ۾ جڏهن مخالف ڌر ميونپسل بجيٽ ڪڍرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن انهن جو ساٿ ڏيڻ کان انڪار ڪندي بجيٽ جي حق ۾ ووٽ ڏنو. هن کي جيل جي ڌمڪين جي ڪا پرواهه ڪانه هئي، چوندو هو مون گهڻا ئي جيل ڏٺا آهن، تنهنڪري مونکي ڪو به جيل جي ڌمڪي نه ڏئي، هيسائڻ جي ڪوشش نه ڪري. ۵۵-۱۹۵۴ ۾ جڏهن ون يونٽ قائم ڪيو ويو ۽ سموري سنڌ ۾ وڏو ڏهڪاءُ پيدا ڪيو ويو ته ان دور ۾ به بخاري صاحب کي گرفتار ڪري جيل ۾ وڌو ويو، مٿس تهمت هئي ته هو ون يونٽ جي مخالفت ڪري رهيو هو ۽ پنهنجي پريس مان ون يونٽ خلاف اشتهار ڇاپيا هئائين. سيد جمال الدين هن جهان فاني مان ۱۷ ڊسمبر ۱۹۸۴ تي لاڏاڻو ڪري ويو. مرحوم وڏين خوبين جو مالڪ هو الله تعاليٰ کيس جنت ۾ جاءِ ڏئي. (ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۷ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل) ڪامريڊ جمال الدين بخاري جي ورسي مسلم شميم ڪامريڊ سيد جمال الدين بخاري جو جنم اڻوينهين صديءَ جي پڇاڙي واري سال ۱۹۰۰ع ۾ ٿيو ۽ هو ويهين صدي جي اٺين ڏهاڪي ۾ هن جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو. سندس زندگي غير معمولي هئي. زندگي جي سفر شروع ٿيڻ سان ئي هو سحر انگيز شخصيت (ليجنڊ Legend) بڻجي ويو. سندس سڄي حياتي جدوجهد ۾ گذري خير ۽ شر جي جنگ ۾ ڪامريڊ بخاري جو ڪردار مثالي رهيو. هو مونکي هميشه محبت جو پيڪر، خلوص جو مجسمو، انسانيت جي عظمت جو وڏو پرچارڪ ۽ آدرشي انسان نظر آيو. پنهنجي ذات اندر وڏي ڪشش (attraction) ڪري سندس شخصيت هر ڪنهن لاءِ ڌيان ڇڪائيندڙ هئي. ڪامريڊ جمال الدين بخاريءَ جي حوالي سان هيءَ ڳالهه رسمي نه بلڪه حقيقت آهي ته هو پنهنجي ذات ۾ هڪ انجمن، هڪ ادارو ۽ هڪ تحريڪ هو. ان سان گڏ هيئن چوڻ ۾ به ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته هو هڪ گهڻ رخي ۽ ٻهڳڻي شخصيت جو مالڪ هو. سندن شخصيت جي جامعيت ۽ ڪارفرمائي هر رخ ۽ عمل کان عيان هئي. سندن شخصيت جو هر پاسو هڪجهڙو روشن ۽ تابناڪ هو. هو آزاديءَ جو هڪ عظيم مجاهد، انقلابي رهنما، سياستدان ۽ سياستڪار هئڻ سان گڏوگڏ هڪ عظيم دانشور، شعله بيان مقرر ۽ پنهنجي راءِ رکندڙ قلمڪار هو. هن جي جدوجهد ۽ سياست عام نموني واري سياست ۽ جدوجهد ڪا نه هئي بلڪه ان جو تعلق صدين کان جاري ۽ ساري خير ۽ شر جي ويڙهاند سان هو. هن بديءَ جي قوتن خلاف هميشه خير جو جهنڊو اوچو رکيو. ان لاءِ پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏيو. هو ڏاڍ ۽ استحصال کان پاڪ معاشري جي قيام جو داعي هو. هو معاشري ۾ نالي ماتر سڌاري جو نه پر انقلابي تبديلين جو خواهشمند هو. هن انسان کي هزارين سالن کان هلندڙ ظلم ۽ اڻ برابريءَ جي زنجيرن کان آزاد ڪرڻ ٿي چاهيو. هو هڪ اهڙي سماجي نظام لاءِ سرگرم عمل هو جنهن ۾ انسان جي هٿان انسان جو استحصال نه ٿئي. هو اهڙي معاشري کي ڌرتيءَ جي جنت جي صورت ۾ ڏسڻ لاءِ آتو هو، جتي غربت، افلاس، بيوسي، بيروزگاري ۽ سماجي ناانصافيون نه هجن. هن پنهنجي زندگيءَ جو هر پل پنهنجي اُن آدرش کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ جدوجهد ۾ گذاريو، انهيءَ راهه ۾ هو انتهائي ڏکين آزمائشن مان گذريو. هن کي غير معمولي جسماني اذيتون ۽ جيلن جون سختيون برداشت ڪرڻيون پيون پر هو ڪنهن به مرحلي تي پنهنجي ڪمٽمينٽ تان نه هٽيو. هن ڪڏهن به همت نه هاري ۽ باطل جي قوت آڏو نه جهڪيو. هو سڄي عمر برطانوي سامراج سان لڙندو رهيو ۽ آزاديءَ کان پوءِ سامراج جي جانشين استحصالي قوتن سان جهيڙو جاري رکيائين. ڪامريڊ بخاريءَ جي ۸۴ سالن جي زندگيءَ تي مٿاڇري نظر وجهجي ٿي ته هڪ طلسمي انساني پيڪر جو تصور اڀري اچي ٿو. اُن طلسمي انساني پيڪر جي زندگيءَ جا مختلف رخ ۽ شعبا آهن پر هر رخ ۽ شعبو هڪ جهڙو اجرو ۽ روشن آهي. هو هڪ عظيم انسان هئڻ کان علاوه هڪ عظيم سياستڪار، مدبر، عظيم مقرر، عظيم دانشور، عظيم صحافي، عظيم آزادي پسند، آزاديءَ جي تحريڪ جو عظيم سپاهي ۽ هڪ عظيم سماجي ڪارڪن پڻ هو. آڪٽوبر واري انقلاب ننڍي کنڊ جي حريت پسند ۽ تحريڪ آزاديءَ جي متوالن کي ڀرپور اتساهه بخشيو. اهڙن حريت پسندن ۾ مولانا حسرت موهانيءَ جو نالو سرفهرست آهي جنهن پنهنجي وطن جي آزاديءَ جي تحريڪ کي حقيقي آزادي واري تحريڪ بنائڻ لاءِ آڪٽوبر انقلاب جي آدرش کي اهميت ڏني. نوجوان ڪامريڊ بخاري مولانا حسرت موهانيءَ جي پيرويءَ ۾ آڪٽوبر انقلاب کي عالمي استحصال ۽ سرمائيداراڻي ظلم ۽ ڏاڍ جي خاتمي جو اعلان ڄاتو ۽ سرزمين تي وڃي انقلاب وارين حالتن جو ذاتي مشاهدو ڪرڻ جي ارادي سان، ڪجهه نوجوانن جو قافلو وٺي ڪابل ۽ مزار شريف جي رستي، سمرقند ۽ بخارا کان ٿيندو ماسڪو پهتو. ان پيادل قافلي جو پرجوش مسافر ڪامريڊ سيد جمال الدين بخاري هو. انهيءَ سفر ۾ هڪ سال کان ڪجهه وڌيڪ عرصو لڳو ۽ اهو قافلو ۱۹۲۱ع جي پڄاڻي تي واپس آيو. سترهن سالن جي عمر ۾ هن سياست جي ميدان ۾ قدم رکيو ته ان وقت ڏکڻ ايشيائي سياسي ميدان مولانا محمد علي جوهر جي ولولي انگيز قيادت ۽ مولانا حسرت موهانيءَ جي بي خوف سياست جي سوجهري سان جرڪي رهيو هو ۽ نوجوان جمال الدين بخاريءَ لاءِ ٻئي عظيم رهنما مشعلِ راهه بڻيا. ڪامريڊ بخاريءَ جي سياسي زندگيءَ تي انهن ڏاهن جي ڇاپ هميشه نمايان رهي ۽ هن به سياست کي ڪڏهن به پيشي ۽ گذُر جو ذريعو نه بڻايو بلڪه هڪ مشن ۽ انساني معاشري کي بدصورتين کان پاڪ ڪرڻ جو مقدس فرض ڄاتو. ڪامريڊ بخاري ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا جي بانين ۽ اهم اڳواڻن مان هڪ هو. ان کان علاوه به هو، سوين سياسي، سماجي، مزدور، هاري، ثقافتي ۽ تهذيبي ادارن ۽ تنظيمن جو باني ۽ روح روان هو. هو انهن ماڻهن منجهان هو، جن کي بجا طور هڪ ادارو ۽ تحريڪ چيو ويندو آهي. خاص ڪري هو ننڍي کنڊ جي مزدور تحريڪ جي بانين ۽ ان جي علمبردار منجهان هو. ننڍي کنڊ جي ڪنڊ ڪڙڇ سندس سرگرمين جي گواه آهي خاص ڪري سنڌ جي سرزمين سان غير معمولي وابستگي ۽ والهانه لڳاءُ سندس داستان حيات جو روشن ترين باب آهي. هو ۱۹۲۱ع جي پڄاڻي تي ڪراچي آيو ۽ مولانا دين محمد وفائيءَ جي مشهور اخبار ”الوحيد“ سان ڇهن سالن تائين لاڳاپيل رهيو. ٿوري عرصي لاءِ ان جو ايڊيٽر به ٿي رهيو. ڪامريڊ سيد جمال الدين بخاري ويهين صدي جي ٻئي ڏهاڪي جي پڄاڻي کان اڳ ۾ ئي آزادي جي هلچل ۾ شامل ٿيو ۽ هڪ غير معمولي جوش ۽ جذبي، فڪر ۽ ساڃاهه سان ان تاريخي سفر جو مسافر بڻجي ويو. ڪامريڊ بخاري ڪميونسٽ تحريڪ سان ان وقت پنهنجا ناتا جوڙيا جڏهن هندوستان ۾ ڪميونسٽ پارٽي قائم ٿيڻ کانپوءِ ننڍي ٻار وانگر بانبڙا ڀري پئي. جيئن پهريان چيو ويو ته ڪميونسٽ پارٽيءَ جي بانين ۾ ڪامريڊ سيد جمال الدين بخاري شامل هو ۽ کين پارٽيءَ جي اهم اڳواڻن ۾ ڳڻيو ويندو هو. هو ڪميونسٽ تحريڪ سان پارٽي جي تنظيمي جوڙجڪ کان پهريان ئي لاڳاپيل هو ۽ ۱۹۱۷ع واري آڪٽوبر انقلاب کان ترت پوءِ ڪامريڊ بخاريءَ مختلف ملڪن مان ٿيندو ماسڪو پهتو هو. اهو تاريخي سفر پنهنجي لحاظ کان هڪ اهم موضوع آهي ۽ ان جي حياتي جي ڪٿا ڪميونسٽ تحريڪ بابت هڪ ڪتاب جي حيثيت رکي ٿي. ۱۹۲۰ع جي ڏهاڪي جي شروعاتي سالن ۾ هو سنڌ آيو ۽ ان کان پوءِ سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ هر تحريڪ ۾ سڀ کان اڳتي موجود رهيو. هن جي حياتي جي ڪتاب جو هي به هڪ اهم موضوع آهي. انهيءَ حوالي سان هو سنڌ جي عوام جي دلين ۾ هميشه زندهه رهندو. ڪامريڊ بخاري ’ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا‘ جي قيادت جي ان غلطي کي انتهائي جوشيلي ۽ پراعتماد انداز ۾ ورجائيندو هو ۽ چوندو هو ته فيبروري-مارچ ۱۹۴۸ع ۾ ڪلڪتي ۾ ٿيل ڪانگريس ۾ پاڪستان لاءِ ڪميونسٽ پارٽي قائم ڪرڻ وارو فيصلو انتهائي غلط هو. ان ڪري جو پاڪستان ۾ ڪميونسٽ پارٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو پاڪستان جي ڪنهن شهر ۾ پاڪستان سان تعلق رکندڙ پارٽي جي ميمبرن جي ڪانگريس ۾ ڪرڻ کپندو هو ڇاڪاڻ ته ان وقت پاڪستان ۾ ڪميونسٽ پارٽي جا سوين ورڪر ۽ اڳواڻ موجود هئا. ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جو جنم. پاڪستان جي سرزمين تي ٿيڻ کپندو هو. هڪ اثرائتي ۽ ڪامياب حڪمت عملي هيٺ هن ڌرتي جي فرزندن لاءِ ڪميونسٽ پارٽي سان سندن وابستگي ۽ ان ۾ سرگرميءَ سان شريڪ ٿيڻ انتهائي ضرروي هو. جيڪا ڳالهه نه ٿي سگهي. ان ڪري ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي جوڙجڪ ۽ اڳتي هلي ان جي ناڪامي ڪنهن کان به لڪل نه آهي. منهنجي راءِ موجب ڪامريڊ بخاري جو تجزيو ۽ تنقيد بلڪل صحيح هئي. ڪـامـريـڊ سيـد جـمـال الـديـن بـخـاري جـي گـهــڻ پــاسـيــري (Multi-dimensional) شخصيت بابت تفصيلي ذڪر هن مضمون ۾ ڪري چڪو آهيان. ڪامريڊ پنهنجي سياسي زندگيءَ جي شروعات هڪ آدرش وادي يعني مارڪس جي آدرشي نظريي جو پوئلڳ ٿيڻ سان ڪئي ۽ عملي زندگي ۾ مرڻ گهڙي تائين انهن آدرشي اصولن تي ڪاربند رهيو. پر هو اکيون ٻوٽي مارڪس ازم جو قائل نه هو. سندس خيال هو ته اجتهاد واري اصول تي عمل ڪندي هر دور جي بدلجندڙ حالتن ۽ چيلنجز کي منهن ڏيڻ لاءِ مارڪسي نظريي جي نئين تشريح ضروري آهي. ڪامريڊ بخاري جو اهو به چوڻ هو ته لينن کانپوءِ ڪنهن به اڳواڻ مارڪس ازم جي صحيح معنيٰ ۾ تشريح نه ڪئي. جيئن مان اڳ ۾ ئي ذڪر ڪري چڪو آهيان ته ڪامريڊ جمال الدين بخاري پنهنجي هن تاريخي سفر ۾ مرڻ گهڙي تائين ڪميونسٽ آدرش (Communist Ideology) جو پيروڪار رهيو. ڪامريڊ بخاري شديد نمونيا سبب ۱۷ ڊسمبر ۱۹۸۴ع تي پنهنجي گهر بخاري منزل لاڙڪاڻو ۾ منجهند جو سوا ٻي وڳي ڌاري هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪيو. کيس سندس گهر ويجهو سيد قائم شاهه بخاري جي درگاهه جي ڀر ۾ واقع قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. ڪامريڊ بخاريءَ جي وارثن ۾ هڪ ڌيءَ ۽ اٺ پُٽ شامل آهن ۽ سڀئي ذهين ۽ سمجهدار آهن، جيئن فارسيءَ جي چوڻي آهي: ”امير خانه تمام آفتاب است“، پر منهنجي نظر ۾ سندس نظرين جي حقيقي وارث ڪامريڊ شانتا بخاري هئي، جيڪا پڻ ۲۵ جولاءِ ۲۰۱۴ تي لاڏاڻو ڪري وئي. هوءَ نه رڳو ڪامريڊ بخاري جي جيون ساٿي بلڪه سندن سڄي سياسي، سماجي ۽ ثقافتي زندگيءَ جي ساٿي هئي ۽ زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين بخاري صاحب جي مشن جو جهنڊو سندس هٿن ۾ رهيو. (ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۷ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل) ڪامريڊ جمال الدين بخاري سندس سياسي سفر ۽ ڪميونسٽ تحريڪ سھيل سانگي يوڪرين تي روس جي حملي عالمي سياست کي نئون موڙ ڏنو آهي. ان حملي کي دنيا ۾ سٺي نظر سان نه پيو ڏٺو وڃي، پر ان اها ڳالھ سامهون آندي آهي ته ۱۹۸۰ع واري ڏهاڪي جي پڇاڙڪن ڏينھن ۾ جڏهن ڪميونسٽ سوويت يونين ٽٽڻ لڳو ته ان کانپوءِ عالمي سياست ۽ معيشت هڪ قطبي محور تي هلي وئي ۽ اهو محور هو آمريڪا، جيڪو دنيا جي سرمائيدار ملڪن توڙي سرمائيداراڻي ڪمپنين جو لٺ سردار هو. سرمائيداري تضادن سان ڀريل نظام آهي، ان ڪري سوويت يونين ٽٽڻ جي ڏهاڪو کن سالن اندر عالمي سياست توڙي معيشت ۾ نئين ڇڪتاڻ شروع ٿي. اها گهڻ طبقي محورن ڏي وڃڻ لڳي. مختلف خطن ۾ نوان محور جڙڻ لڳا پر ان کان اڳي جڏهن ٻي عالمي جنگ ڇڙي، هڪ ٻئي جي وڏن دشمنن سرمائيداري نظام ۽ ڪميونسٽ نظام کي ان نقطي تي گڏ بيهاريو ته فاشزم انسان ذات ۽ دنيا لاءِ هاڃيڪار آهي ان ڪري ٻنهي نظامن جي سرواڻي ڪندڙ ڌرين سوويت يونين ۽ آمريڪا توڙي يورپ گڏجي “جيئو ۽ جيئڻ ڏيو” جو ٺاھ ڪندي جنگ ختم ڪئي ۽ ٺاھ ڪري گڏيل قومن جو ادارو جوڙيو. اها ٻي ڳالھ آهي ته سرمائيدار ملڪن جي هڪٻئي سان روايتي جنگ ته ختم ٿي پر هڪ نئين جنگ جنهن کي تاريخ ۾ سرد جنگ سڏيو وڃي ٿو، جنم ورتو. ان سرد جنگ دوران قومي آزادي جون تحريڪون به اٿيون ۽ ڪيئي ڊزن قومن سامراج جي بيٺڪي نظام کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري آزادي ماڻي. ان دور ۾ ڪڏهن پراڪسي جنگيون به ٿينديون رهيون پر ان کان چار ڏهاڪاکن اڳي، جڏهن دنيا جي سرمائيدار ملڪن پرائي مال جي حصي پتي تي پاڻ ۾ جهيڙو ڪيو ۽ پهرين عالمي جنگ لڳي، ان جنگ جي پڄاڻي تي دنيا ۾ هڪ نئون نظام سوشلزم نظريو آيو ۽ ڪارل مارڪس جي ڪميونزم واري نظرئي کي عملي جامو پارائيندي لينن روس ۾ سوشلزم رائج ڪيو ۽ سوويت يونين وجود ۾ آيو. اهڙو نظام جيڪو دنيا جي غريبن، پورهيتن، مظلومن جو خواب هو يا وري وڏن وڏن فيلسوفن جو تصور هو. دنيا گذريل هڪ صدي دوران جيتري سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ ترقي ڪئي اوتري سماجي سائنسز ۾ به تبديلي آئي آهي. اها ٻي ڳالھ آهي ته سماجي علمن ۾ ترقي اڃا تائين عام ماڻهو جي سمجھ ۽ پهچ تائين نه اچي سگهي آهي، جيتري سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ ترقي ٿي آهي. دنيا ۾ ايندڙ سماجي توڙي سائنسي علمن جي ترقي ۽ تبديلي جو مشاهدو ڪرڻ ۽ ان تجربي مان گذرڻ ڪن ڪن ماڻهن جي حصي ۾ ايندو آهي. اڄ اسين هڪ اهڙي ئي شخصيت جو بيان ڪرڻ ڏي وڃون پيا، جنهن جي دور ۾ دنيا ۾ پهريون سوشلسٽ ملڪ سوويت يونين ٺهيو. تڏهن چوطرف سوشلزم جو چوٻول ۽ چرپر هئي، اهو هو ڪامريڊ جمال الدين بخاري. مون جڏهن ڪامريڊ بخاري جي زندگي بابت حال احوال پڙهيو ۽ ٻڌو، ته مون کي لڳو ته هن جي طبيعت به ڪنهن ٿري ماڻهو وانگر آهي، جيڪو ٻڌل ڳالھ تي ويساھ ڪرڻ کان اڳ ان کي پنهنجي اکين يا وري هٿ لائي ڏسڻ چاهيندو آهي. هن به جڏهن ٻڌو ته روس ۾ سوشلسٽ انقلاب آيو آهي ته هو ان کي ڏسڻ لاءِ پنڌ پيو. افغانستان کان ٿيندو وچ ايشيا جي رياستن تائين شايد اڃا به اڳتي وچ سوويت يونين تائين پهتو. اتي پهچي هن پنهنجي اکين سان گهڻو ڪجھ ڏٺو. حالتن کي جانچيائين، ماڻهن سان ڳالهايائين، وڏي ڳالھ ته ان سفر جو ڳچ حصو هن واپارين توڙي ٻي سنگت سان گڏجي پيرين پنڌ ڪيو. جمال الدين بخاري رڳو تصوير جو هڪ رخ ڪونه ڏٺو. هن سامونڊي جهاز ۾ نوڪري ڪري دنيا جا سرمائيداري ملڪ ۽ انهن جا مکيه شهر به ڏٺا. پڪ لڳي ٿي ته هن ٻنهي نظامن جي ڀيٽ به ڪئي آهي ۽ ان جي چڱائين ۽ اوڻاين کي جانچيو ۽ پرکيو. ان ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته هو ڪو ڪتابي ڪامريڊ هو. بلڪ ٻين جو ڪم ۽ عمل کي پرکڻ بعد هن ننڍي کنڊ ۾ سوشلسٽ انقلاب آڻڻ ۽ منظم طريقي جي واٽ ورتي. حالانڪه ان کان اڳ وارن ڏينهن ۾ به سندس پورهيتن جي حقن لاءِ جاکوڙ ڪرڻ جا واقعا ملن ٿا. پر هڪ ملڪ گير نيٽ ورڪ ۽ تنظيم جو حصو بڻجڻ سياسي طور ڪيترو اثرائتو هوندو آهي، اهو هن پوءِ اختيار ڪيو. ۱۹۰۰ع ۾ جنم وٺندڙ جمال الدين بخاري علي ڳڙھ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهيو. مولانا محمد علي جوهر جهڙن آزادي پسندن ۽ مولانا حسرت موهاني جهڙن “سرخ مولوين” جي اثر هيٺ رهيو. انگريز سامراج جي بيٺڪي قبضي هيٺ آيل ننڍي کنڊ ۾ ۱۹۲۰ع واري ڏهاڪي کان ۱۹۴۰ع تائين ٿيندڙ مزدورن ۽ هارين جي تحريڪن سان سلهاڙيل رهيو. ساڳئي وقت ان دور ۾ٿيندڙ ڪميونسٽن جي ڪانفرنسن ۾ ڀرپور طريقي سان شرڪت ڪندو رهيو، تان جو وڃي باقاعده ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا جي تنظيمي ڍانچي جو اهم حصو بڻيو. ان سموري جدوجهد دوران ڪڏهن ريل ۾ ته ڪڏهن جيل ۾ وقت گذريو. روپوشي، جيل، سختيون، پنڌ ته هونئن ئي سڄي دنيا جي ڪميونسٽن جي واٽ ۽ سڃاڻپ رهي آهي. ڪامريڊ بخاري پنهنجي زندگي ۾ ۱۸ جيل ڏٺا ۽ ۲۱ سال قيد گذاريو. ۱۹۱۷ع ۾ سوويت يونين ۾ انقلاب بعد ننڍي کنڊ ۾ ڪميونسٽن خلاف سختيون ۽ ڪارروايون شروع ٿيون. ۱۹۲۱ع ۾ پشاور سازش ڪيس، ۱۹۲۴ع ۾ ڪانپور سازش ڪيس، ۱۹۲۹ع ۾ ميرٺ سازش ڪيس ٺهيا. انگريز سرڪار ڪوشش ڪري انهن ڪيسن ۾ مثالي سزائون ۽ سختيون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. اهي پابنديون قيد ۽ سختيون هڪ پاسي هيون ته وري پارٽي جي مرڪزي تنظيم سازي، مزدور، هاري، شاگرد، ادب توڙي نظرياتي محاذن تي ڪم جاري رکڻ ۽ بدلجندڙ حالتن ۾ پاليسيون ۽ حڪمت عمليون ٺاهڻ اوترو ئي اهم هو. آزادي کان اڳ ڪميونسٽن ۾ مختلف لاڙا هلندڙ هئا، هڪ اهو ته پهرين انگريزن کان آزادي وٺجي، ان بعد انقلاب کي اڳتي وڌائجي. اهو نعرو ڪميونسٽن کي گانڌي ۽ نهرو جي اڳواڻي ۾ هلندڙ انڊين نيشنل ڪانگريس جي گهڻو ويجهو وٺي ويو. نتيجي ۾ هڪ پورو دور رهيو آهي، جڏهن پارٽي متحده محاذ واري پاليسي تي هلندي رهي، جنهن ۾ ڪانگريس اندر رهي ڪم ڪرڻ شامل هو. ٻيو لاڙو سڀاش چندربوس جو هو. جنهن انگريزن مان جان ڇڏائڻ لاءِ هٿياربند ويڙھ ۽ برطانيا جي ڪنهن مخالف ملڪ جي مدد وٺڻ شامل هو. پر سڀاش چندر بوس جي هن خيال کي ڪميونسٽن اندر پذيرائي نه ملي سگهي. خود اهو سوال به اهم رهيو ته سڌي طرح سان ڪميونسٽ پارٽي جي نالي سان ڪم ڪجي؟ وري ان کي لڪائي مزدور ڪسان پارٽي ٺاهجي؟ پنج سالن جي لڳ ڀڳ اهڙو دور به رهيو جنهن ۾ مزدور ڪسان پارٽي جي نالي سان ڪميونسٽ ڪم ڪندار هيا. هتي اها ڳالھ اهم آهي ته اهي پارٽيون باقاعدي ۽ سڌي طرح ڪنهن مرڪزي قيادت جي ماتحت نه هيون. بلڪ پنهنجي پنهنجي علائقي يا صوبي ۾ هيون. گڏيل طور تي سال ۾ هڪ اڌ دفعو آل انڊيا ڪانفرنس ڪري پاليسيون ۽ حڪمت عمليون جوڙي وٺنديون هيون. ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا کي ٻه مرحلا ڏاڍا ڏکيا به آيا. پهريون مرحلو ۱۹۳۹ع ۾ ٻي عالمي جنگ جو ڇڙڻ هو. جنهن کي سڄي دنيا جي ڪميونسٽن وانگر ننڍي کنڊ جي ڪميونسٽن به سامراجي ملڪن جي پاڻ ۾ لڙائي سڏيو پر جڏهن ۱۹۴۱ع ۾ هٽلر جي فوجن سوويت يونين تي حملو ڪيو ته ڪميونسٽن انهي جنگ کي “عوامي جنگ” سڏيو ۽ سوويت يونين هٽلر جي مخالف يورپي اتحادين سان شامل ٿيو. پارٽي کي اها لائين عوام ۾ مقبول بنائڻ ۾ ڏکيائي ٿي. ٻي ڏکيائي پاڪستان جو سوال هو. ۱۹۴۰ع ڌاري پارٽي اهو موقف اختيار ڪيو ته انڊيا گهڻ قومي ملڪ آهي، جنهن ۾ ڪيئي قومون رهن ٿيون. پر مسلم ليگ لاهور واري اجلاس ۾ مسلم اڪثريتي زون جي لاءِ مڪمل آزادي جو مطالبو ڪيو، جيڪو آزاد رياستن تي ٻڌل هجي. اتي پارٽي جي جنرل سيڪريٽري اڌيڪاري مسلم قوميتن جي ڳالھ ڪئي ته “جيڪڏهن اسين ترقي پسند جوهر جي نظر سان ڏسون ته در حقيقت پنجاب، پٺاڻ، سنڌ، بلوچستان ۽ بنگال وارن صوبن جي مسلم قوميتن جي علائقن جي خوداراديت ۽ عليحدگي جو مطالبو آهي” هي هيون اهي حالتون ۽ سياسي حڪمت عملي ۽ پاليسيون جنهن جو ڪامريڊ جمال الدين بخاري نه رڳو مشاهدو ڪيو بلڪ ان سڄي تجربي مان گذريو ۽ ان جو حصو به بڻيو. ۱۹۴۹ع ڌاري سندس پارٽي کان دوري جو عمل شروع ٿيو، اها دوري آخر تائين رهي. پارٽي کان دوري جي باوجود هن پنهنجي پر جدوجهد جاري رکي ۽ هو ڪراچي مان لڏي لاڙڪاڻي ۾ اچي آباد ٿيو ۽ اتي رهي ڪري پنهنجي علم، دانش ۽ عمل ذريعي نوجواني ۾ شروع ڪيل سياسي سفر جاري رکيو. (ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۴ مارچ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل) ڪامريڊ جمال الدين بخاري ھڪ تاريخي عھد جو مھندار حميد سومرو اردوءَ جي نامياري ليکڪا زاھدہ حنا، مسلم شميم جي ڪتاب “لاڙڪانا ڪي چار درويش” ۾ لکي ٿي ته، “ھڪ زماني ۾ جڏھن ھندوستان جي آزادي جي لڙائي مختلف سياسي جماعتن، گروھن، اديبن، دانشورن طرفان وڙھي پئي ويئي، ان ۾ ڪميونزم جو جهنڊو کڻي شامل ٿيڻ ائين ھو، جيئن موت کي دعوت ڏيڻ”. اھي لفظ چئن درويشن مان ھڪ ڪامريڊ جمال الدين بخاريءَ لاءِ لکيل آھن، جيڪو ۱۹۲۵ع ۾ ڪانپور ۾ قائم ٿيندڙ ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا جي تاسيسي اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ انقلاب جي راھ تي نڪري پيو ھو. سنڌيڪا پاران ۲۰۲۳ع ۾ “ڪامريڊ جمال الدين بخاري، شخصيت ۽ سياسي جدوجھد” نالي ڪتاب ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آھي، جنھن کي پڙھندي ويساھ نٿو اچي ته سنڌ ڪو اھڙو عھد به ڏٺو ھو، جنھن ۾ جمال الدين بخاريءَ جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌ جي سياست ۾ ھيجان برپا ھو. ڪامريڊ جمال الدين بخاريءَ جي سوانح عمريءَ تي لکيل ھن ڪتاب ۾ مسلم شميم جي ڪتاب “لاڙڪانا ڪي چار درويش” ۾ لکيل، ايڊٽ ۽ اپڊيٽ ٿيل پروفائيل سميت ۳۷ مضمون شامل آھن. ڪتاب ۾ ڪامريڊ جي پُٽ مڪرم سلطان، ڊاڪٽر رياض شيخ، صحافي محمود شام، صحافي محمود الحسن شرف صديقي، ڪميونسٽ اڳواڻ اعزاز نذير، سياستدان عبدالغفور ڀرڳڙي، وڪيل سياستدان عبدالرزاق سومرو، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، صحافي، دانشور سھيل سانگي، ڊاڪٽر ڪريم دين احمد، سعيد رضا سعيد، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، منظور ڪوھيار، اشتياق اظھر، عبدالحليم شيخ، ڪريم بخش خالد، ترقي پسند اديب مظھر جميل، سليم علوي، صحافي فقير محمد لاشاري، ڊاڪٽر عسڪري حسين، رياض صديقي، ذوالفقار قادري، بشير احمد شاد، عبدالستار ڀٽي، خان محمد پنھور، تاج مري ۽ لياقت راڄپر سميت ڪامريڊ بخاريءَ جي ساٿين سوڀو گيانچنداڻي، قاضي فيض محمد، علي احمد بروھي، گوبند مالھي، ڪيرت ٻاٻاڻي، اي ڪي ھنگل جا ڪارائتا ۽ معلوماتي مضمون شامل آھن. محمود الحسن شرف صديقي “ڳالھيون آھن ڳچ” ۽ “حق شناس” ۾، مڪرم سلطان پنھنجي يادگيرين ۾ مارچ ۱۹۰۰ع ۾ احمد آباد ۾ جنم وٺندڙ ڪامريڊ، جنھن کي سامراج دشمني سُتيءَ ۾ پيل ھئي، جي پوري سياسي، صحافتي، ادبي، سماجي، ذاتي زندگي، بغاوت، ڪيسن مٿان ڪيس، ارڙھن جيلن ۾ ۲۱ سال قيد، مجلس احرار، خاڪسار، خلافت تحريڪ سان تعلق، محمد علي جوھر، جمال الدين افغاني، ڪمال اتاترڪ ۽ مولانا حسرت موھاني کان متاثر ٿيڻ، آڪٽوبر انقلاب جو اثر ۽ انکي ڏسڻ لاءِ افغانستان کان روس جو ٻن سالن جو جان کي جوکي ۾ وجهندڙ سفر، معاشي تنگدستي، علي ڳڙھ جو سفر ۽ اتان جا ساٿي، ڪانپور ۾ ۱۹۲۵ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي تاسيسي اجلاس ۾ سرگرم شرڪت، الوحيد اخبار ۾ ڪم ڪرڻ، ٽريڊ يونين سياست ۾ حصو وٺڻ، مزدور ڪسان پارٽي، ڀارت ڪسان سڀا، سنڌ ھاري ڪميٽيءَ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ، ڪميونسٽ پارٽي جي ڪلڪته ڪانفرنس ۾ سنڌ جي نمائندگي، سنڌ جي بمبئي کان آزاديءَ جي جدوجھد ۾ اھم ڪردار، گوبند مالھيءَ جي ھٿ ھيٺ سنڌي ادبي سنگت قائم ڪرائڻ، ۱۹۴۲ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي سنڌ جي سيڪريٽري ٿيڻ دوران سنڌ ۾ پارٽيءَ جي تنظيم سازي ۽ جدوجھد، ڪراچيءَ ۾ ۱۹۴۶ع ۾ جهازين جي بغاوت، ڪامريڊ شانتا سان شادي، ڪراچي پارٽي آفيس ۾ ڪميُون قائم ڪرڻ، پارٽي جي ڪميونل بنيادن تي پاڪستان ٺھڻ جي حمايت، ڪراچي پارٽي جي سيڪريٽري قاضي مجتبيٰ کي مسلم ليگ ۾ شامل ڪرڻ، ۱۹۴۸ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي بي ٽي رانڊيو لائين سان اختلاف ۽ پارٽيءَ جي مرڪزي ڪميٽيءَ جي تشڪيل، انڊيا ۾ ٿيندڙ ڪانگريس ۾ پاڪستان جي مرڪزي ڪميٽي جي نامزدگي تي اختلاف ۽ ان کان الڳ ٿيڻ باوجود ھاري ڪميٽي اينٽي ون يونٽ تحريڪ ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪرڻ، قاضي فضل اللہ، ذوالفقار علي ڀٽو، مسلم ليگ جي سياست جو حصو بنجڻ سميت سندس بيماري، لاچاري ۽ وفات جو ڊگهو داستان آھي. ڪامريڊ بخاريءَ جو پٽ مڪرم سلطان پنھجي مضمون ۾ لکي ٿو ته ڪامريڊ بخاري جا جي ايم سيد سان به ويجها لاڳاپا سنڌ جي بمبئي کان عليحدگيءَ جي جدوجھد دوران ٿيا. سيد پارٽي آفيس ۾ ايندو ھو ۽ ساڻس گڏجي بمبئي پارٽي آفيس ۾ به ويو، جڏھن ته ڪامريڊ شانتا سان شاديءَ جي پھرين دعوت به جي ايم سيد جي گهر ٿي ھئي. سوڀو گيانچنداڻي لکي ٿو ته، “مونکي پارٽيءَ ۾ جمال الدين بخاريءَ شامل ڪيو ۽ ڪوئيٽ انڊيا تحريڪ مان الڳ ٿيڻ لاءِ چيو، جنھن کان مون انڪار ڪيو”. سوڀو لکي ٿو ته، “اھا ڳالھ اڄڪلھ جي پيڙھيءَ کي عجيب لڳندي ته ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا پاڪستان کي مسلم گهڻائيءَ وارن علائقن جي حق خود اختياري سان تشبيھ ڏني ھئي ۽ گانڌي ۽ جناح جي ملڻ ۽ ٺاھ ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون ھيون”. علي احمد بروھي لکي ٿو ته، “جهازين جي بغاوت سان يڪجھتيءَ ۾ ڪراچيءَ ۾ پارٽيءَ جلسو ڪيو، جنھن ۾ مُنو لک ماڻھو موجود ھئا. ۱۹۴۶ع ۾ ۱۹ فيبروري کان ۲۵ فيبروري تائين جھازين جي بغاوت، جنھن ۾ برطانوي فوجين، خلاصين کي ڪوارٽرن ۾ واڙي بندرگاھ ۽ جھازن تي قبضا ڪيا ويا ھئا، جي سھڪار ۾ جڏھن ڪراچيءَ ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو ته ان وقت پارٽيءَ جو سيڪريٽري جمال الدين بخاري ۽ سندس نائب سوڀو گيانچنداڻي گرفتار ٿي چڪا ھئا. گوبند مالھي مطابق: انھيءَ احتجاج دوران بندر روڊ جي ٻنھي پاسي ماڻھن جو سمنڊ ھو، جيڪي “انقلاب زندہ باد” ۽ “اسان ھندوستاني ھڪ آھيون” جا فلڪ شگاف نعرا ھڻي رھيا ھئا. سنڌ جو وزير اعظم غلام حسين ھدايت اللہ مونکي ٻاڏائيندي چيو ته، “ادا، مھرباني ڪر، ھي مظاھرو بند ڪراءِ!” ۽ سنڌ جي وزير محمود ھارون گاڏيءَ مان مُنڍي ٻاھر ڪڍي چيو ته، “ڪامريڊ، عيدگاھ ميدان مان جهنڊا لھراءِ، ماڻھو ڇڙ وڇڙ ٿيندا ۽ ملٽري موٽي ويندي”. احتجاج تڏھن ختم ٿيو، جڏھن گوبند مالھي ڳاڙھو جهنڊو ھٿ ۾ کڻي ڪانگريس، مسلم ليگي ليڊرن سان کليل گاڏيءَ ۾ چڙھي احتجاج ختم ڪرايو. پارٽيءَ جو ھڪ ٻيو اھم اڳواڻ ڪيرت ٻاٻاڻي لکي ٿو ته، “انگريز سرڪار ٻي مھاڀاري لڙائيءَ کانپوءِ پنھنجي واعدي تان ڦري ويئي ۽ ڀارت کي آزادي ڏيڻ کان انڪار ڪيائين پر ۱۹۴۶ع واري سامونڊي بغاوت انگريزن جا ڍڍر ڍرا ڪري ڇڏيا”. پارٽيءَ جو سرگرم ڪارڪن ۽ ڀارت جو مشھور اداڪار اي ڪي ھنگل لکي ٿو ته، “ھڪ ڏينھن ڪراچي جيل جي سپرنٽينڊنٽ ٻڌايو ته، سوڀو گيانچنداڻي، عينشي، پوھو مل، گلاب ۽ مونکي ھندوستان منتقل ڪيو پيو وڃي. اسان ائين ڪرڻ کان جواب ڏنو ۽ وڌيڪ ڇھ مھينا جيل ۾ رھياسين”. سھيل سانگي ان وقت جي سياست جو ڇيد ڪندي لکي ٿو ته، “۱۹۴۰ع ڌاري پارٽيءَ اھو موقف اختيار ڪيو ته انڊيا گهڻ قومي ملڪ آھي، جنھن ۾ ڪيئي قومون رھن ٿيون پر مسلم ليگ مسلم اڪثريتي زون جو مطالبو ڪيو، جيڪو آزاد رياستن تي ٻڌل ھجي. اتي پارٽيءَ جي جنرل سيڪريٽري اڌيڪاري مسلم قوميتن جي ڳالھ ڪئي ته، جيڪڏھن اسين ترقي پسند جوھر سان ڏسون تہ درحقيقت پنجاب، پٺاڻ، سنڌ، بلوچستان ۽ بنگال وارن صوبن جو مطالبو مسلم قوميتن جي علائقن جي خود اراديت ۽ عليحدگيءَ جو مطالبو آھي”. ڪامريڊ جمال الدين بخاريءَ تي لکيل ھي ڪتاب ۸۴ سالن جي تاريخ آھي، جنھن ۾ ڪجھ مامرن تي ڳالھ ٻولھ ڪرڻ جي ضرورت آھي. مارڪسي دانشور لال خان پنھنجي ڪتاب Partition – Can it be undone? ۾ لکي ٿو ته ڪومينٽرن ۱۹۲۰ع اجلاس دوران لينن ۽ ڀارت جي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي روح روان ايم اين راءِ ۾ بحث ڇڙي پيو. ڪامريڊ لينن قومي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ قومي بورجوازي سان سھڪار جي تجويز رکي، جڏھن ته ايم اين راءِ ڪميونسٽن جي پھل، اڳواڻي قومي آزادي لاءِ ضروري سمجھي. ايم اين راءِ جي لائين ڪميونسٽ پارٽيءَ جي قيام واري ۱۹۲۵ع واري ڪانپور ڪانفرنس ۾ به بحث ھيٺ آئي. ۱۹۳۵ع جي پھرين ڪانگريس ۾ پارٽيءَ جو سيڪريٽري پي سي جوشي ٿيو. ڪانگريس ۾ پارٽيءَ جي اڳوڻي سيڪريٽري ڊاڪٽر گنگاڌر اڌيڪاري “گيڌرنگ اسٽارم” ٿيسز جي روشنيءَ ۾ پاڪستان ٺھڻ جي حمايت ڪئي. انھيءَ ٿيسز جي ڪري ئي پارٽي “ڪوئيٽ انڊيا” تحريڪ جي مخالفت ڪئي. ٻين عالمي جنگ ۾ سوويت يونين ۽ برطانيا ھٽلر مخالف اتحاد ۾ شامل ھئا. اڌيڪاري ٿيسز کي ان پس منظر ۾ به ڏسڻ گهرجي. ۱۹۴۸ع واري ڪانگريس ۾ پارٽي اڌيڪاري ٿيسز کي رد ڪندي بي ٽي رانڊيو، انقلاب ۽ بورجوازي جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ ڪلڪته ٿيسز ڏني. آنڌرا پرديش ۾ تلنگانه، بنگال ۾ تياڀاگا ھاري بغاوتون بالشويڪ انقلاب جي طرز تي ڪميونن ۾ تبديل ٿيون. ۱۹۵۱ع ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ تي مار پئي، ڪيئي ڪميونسٽ گرفتار ٿيا، سجاد ظھير کي چار سال کانپوءِ جيل مان ڪڍي ملڪ بدر ڪيو ويو. ۱۹۵۴ع ۾ اوڀر پاڪستان ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي پھل سان قائم جگتو فرنٽ چونڊ کٽي ۽ ساڳي سال ڪميونسٽ پارٽيءَ تي بندش پئي ۽ اولھ پاڪستان ۾ ون يونٽ قائم ٿيو. ۱۹۴۸ع کان پوءِ جي سياست ۾ سرگرم ڪميونسٽ مداخلت بي ٽي رانڊيو لائين جو نتيجو آھي پر ايندڙ ڪانگريس ۾ ھڪ ڀيرو وري اسٽالن جي چوڻ تي قومي بورجوازي جماعت ڪانگريس تي ھٿ ھلڪو رکجي ٿو ۽ دنيا جي مضبوط ۽ وڏي ڪميونسٽ پارٽي ٻن حصن ۾ ورھائجي وڃي ٿي. جمال الدين بخاري ۱۹۳۵ع کان اڌيڪاري ٿيسز سان بيٺل رھيو، پوءِ جي سياست انھيءَ جو شاخسانو آھي. ۱۹۴۸ع جي فيبروري، مارچ ۾ ڪانگريس جي روشني ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا سجاد ظھير کي پاڪستان جي پارٽيءَ جو سيڪريٽري نامزد ڪندي اٺ رڪني مرڪزي ڪميٽي ٺاھي، جنھن ۾ جمال الدين بخاري به شامل ھو پر کيس آڪٽوبر ۱۹۴۸ع ۾ پارٽيءَ سان غداري، پورٽ يونين جي اڳواڻ شرف علي جي گرفتاري دوران بزدلي، ڊسيپلين جي ڀڃڪڙيءَ ۾ سمورن تنظيمي عھدن تان ھٽائي سندس ميمبرشپ ختم ڪئي ويئي ته ھن الزامن کي رد ڪيو ۽ اعتراض واريو ته مرڪزي ڪميٽي پاڪستان جا ڪميونسٽ ڪارڪنن پاڻ گڏجي ٺاھين ھا. سنڌ ۾ اھڙي ڪوشش ۱۹۳۷ع ۾ امين کوسي ۽ قادر بخش نظاماڻي ڪئي ھئي ته کين پارٽي مان خارج ڪيو ويو ھو ۽ ان وقت ڪامريڊ جمال الدين پارٽي فيصلي سان گڏ ھو. سنڌ ۾ ۱۹۴۲ع کان ۱۹۴۸ع تائين پارٽيءَ ۾ ڪامريڊ جمال الدين بخاري، سوڀو گيانچنداڻي، گوبند مالھي، ڪيرت ٻاٻاڻي، مشھور مقبول ٽريڊ يونين ليڊر نارائڻداس بيچر، پوھو مل، ھاسا رام، قاضي مجتبيٰ، حشو ڪيولراماڻي، علي احمد بروھي سرگرم ھئا. ڄاڻايل ڪتاب ۾ ڪنھن ويل حسن ناصر جي بازگشت به ٻڌڻ ۾ اچي ٿي، جيڪو به مسلسل روپوشيءَ کانپوءِ ھڪ ڏينھن پڪڙجي مارجي ٿو ۽ سندس لاش ماءُ جي سڃاڻڻ جهڙو به نٿو رھي. ڪامريڊ بخاريءَ کي ھٽائڻ کانپوءِ سوڀو گيانچنداڻي سنڌ جي پارٽيءَ جو سيڪريٽري ٿيو. سوڀي کان سواءِ ٻيا سڀ ھندو ڪامريڊ وقت جي جبر آڏو آھستي آھستي ڀارت ھليا ويا. علي احمد بروھي جو نالو پوءِ ٻُڌڻ ۾ نٿو اچي. قاضي مجتبيٰ کي مسلم ليگ راس اچي ويئي. سوڀي گيانچنداڻي ۱۹۵۰ع ۾ آزاد ٿيو. عزيز سلام بخاري روپوشيءَ کانپوءِ ۱۹۵۰ع تائين جيل ۾ رھيو، نتيجي ۾ سنڌ اندر ڪميونسٽ پارٽي اھڙي گم ٿي، جو ويساھ ئي نٿو اچي ته اھڙي انقلابي صورتحال به ڪا ھئي، جو سنڌ جي وڏي وزير ۽ محمود ھارون جهڙو سگهو وزير گوبند مالھيءَ کي احتجاج ختم ڪرڻ لاءِ منٿون ڪندي نظر پئي آيا. ڪامريڊ جمال الدين بخاري ھڪ دفعو ٿڙيو ته پوءِ کيس ڪٿي به چين نہ مليو. ۱۹۴۹ع کان ۱۹۸۴ع تائين واري زندگيءَ کي علي احمد بروھي لاچاري، بيوسي ۽ گهاڻي ۾ وھائڻ واري زندگي چوندي ان لاءِ لکي ٿو: “جياپي جون گهڙيون گهارڻ، پنھنجي اھل عيال جي پرورش ڪرڻ، پاڻ کي مشغول رکڻ لاءِ ھر پليٽفارم تي بار ڍوئيندو رھيو، جنھن مسواڙي سياست سان سندس ذھن ۽ ضمير جو ڪو واسطو ڪونه ھو. مولانا ابوالڪلام آزاد ڪامريڊ جمال الدين بخاريءَ جي سياسي اوج واري عھد ۾ قلعه احمد نگر ۾ قيد ھو. ۱۱ آگسٽ ۱۹۴۲ع “غبارِ خاطر” ۾ جيل يادگيرين ۾ هو لکي ٿو، “ھتي ڪجھ ماڻڻ جو مزو اھو وٺي سگهي ٿو، جيڪو ڪجھ وڃائڻ ڄاڻندو ھجي. جنھن ڪجھ وڃايو ئي نه ھجي انکي ماڻڻ جي مزي جي ڪھڙي خبر؟”. ھڪ تاريخي عھد جي سياست جي مھندار ڪامريڊ جمال الدين بخاري سياسي ورثو ڇڏي جيڪو ماڻي ويو، ھن ملڪ ۾ اھو مان مرتبو ڪنھن خوش نصيب جي پلئه ئي پيو ھوندو. (ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۲ اپريل ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)