Crochet school bag (Mickey or Mini) is very easy step by stepكروشيه شنطة مدرسة (ميكي او ميني)سهلة جداشرح بسيط وسهل لشنطة مدرسة سهلة جدا للصبيان والبنات خطوة ...
Twitterの新しいロゴXアイコンデザインに関するこの無料のベクターをダウンロードし、Freepikで公開されている15万を超えるプロのグラフィック素材を閲覧しよう
https://youtu.be/FhcV8SafDBYطريقة فتح نصف طوق دون وجود الهبطة ديال الجلابة بتقنية بسيطة المبتدئات👆🏻🌹https://youtu.be/Z4-1nNAgXIsطريقة فتح نصف طوق خطوة خطو...
سيد الهندو شاهه سج اُلٿي سيئن شعبان وسطڙو سنڌ صدين کان وٺي سکي ستابي رهي آهي پر جڏهن به ڪو ڪوسو واءُ سنڌ تي گهليو به آهي تڏهن به ڪو نه ڪو سرواڻ ۽ مانجهي مڙس سامهون نروار ٿي انهي مشڪل کي آسان نڀايو ۽ سنڌ جو ڳاٽ اوچو ڪرايو آهي، اهڙو هڪ مڙس مٿير جڏهن تعليمي حوالي سان سنڌ اونداهي ڄار ۾ ڌڪليجي وڃي رهي هئي، تڏهن هڪ اهڙو غازي جنهن سموري سنڌ مان جهالت ختم ڪرڻ جو وچن ڪيو ۽ ساهتي پرڳڻي کان شروعات ڪئي ۽ اهڙو ته ڪارنامو سرانجام ڪري ڏيکاريو جنهن ساهتي پرڳڻي کي تعليمي روشني سان منور ڪري جاکوڙي ڪردار ادا ڪيو، اهو ڪردار نڀائيندڙ هو خان بهادر الهندو شاهه هو، جيڪو اهڙو ته تاريخي ڪم ڪري ويو، جنهن هزارين خاندانن جون زندگيون جياري پاڻ امر ڪردار بنجي تاريخ ۾ پنهنجو نانءُ جياري ويو. انگريزن جي حڪومت ۾ جڏهن پڙهائي جي جديد طرز عمل تي نظرثاني ڪئي وئي ۽ روايتي ڍانچي کي تبديل ڪيو ويو تڏهن مسلمانن جدت پسندن ۾ انهي طريقي کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ جتن ڪيا ويا، حالانڪه ان وقت جي مذهبي ماڻهن انهن عمل جي سخت مخالفت ڪئي پر ڏاها ماڻهو جن جي سوچ ۽ فڪر جي انتها اها هئي ته جيڪڏهن ايندڙ وقت جي حالتن کي مدنظر رکندي انهي تي عمل نه ڪبو ته قوم کي ڪهڙين ڀوڳنائن کي منهن ڏيڻو پوندو. جنهن جو ازالو ڪرڻ کان ماڻهو قاصر رهجي وڃي ۽ ان دک جو درد قوم کي ڀوڳڻو پوي، ان لاءِ ڇونه قوم کي اهڙي طرف وٺي وڃجي، جيڏانهن واءُ گهلندو هجي ۽ اها به وڏي ڏاهپ چئبي جو انهي طرف جي انهن کي ڄاڻ هئي ته واءُ ڪهڙو گهلندو، اهڙن ڏاهن، مدبر انسانن مفڪرن ۽ آئيندي جي سوچ رکندڙن مان ساهتي پرڳڻي جو هڪ ڀوتار، وڏيرو ۽ زميندار جنهن جي ذهنيت، قوم جي ماڻهن کي اذيت ڏيڻ نه پر انهن جون زندگيون تبديل ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات انهي فڪر ۾ هيون ته قوم کي ڪنهن اهڙي منزل تي پهچائجي جو جنهن ۾ هن کي پنهنجي سڃاڻپ ۽ شناخت ملي. اهڙو مانجهي مڙس مٿير شخص شعور ۽ ساڃاهه رکندڙ سادات گهراڻي جو سيد الهندو شاهه ئي هيو جنهن انهن حالتن کي ڏسندي ايندڙ وقت لاءِ قوم لاءِ ڪجهه سوچيو. لاکا لک هئا، فلاڻي ڀير ٻيو، اَجا اوڏ ٿيا، پکئي لڳي جنهن جي. ڪنهن ڏاهي جا لفظ آهن ته، ”وڏا خوش قسمت ۽ ڀاڳن وارا اهي شخص آهن جن کي اونداهن لمحن ۾ اميدن جا ڪرڻا نظر ايندا آهن.“ ۽ مون کي انهي ڳالهه جي خوشي آهي ته اسان جي معاشري جو هڪ اهڙو فرد جيڪو سيد به هجي ۽ وڏيرو به هجي، ان جي اها سوچ ته قوم جي لاءِ ڪجهه ڪرڻو آهي، سچ ته ان دور ۾ انهي وقت جو وڏو ڏاهو ۽ مفڪر شخص سيد الهندو شاهه ئي ملي ٿو ۽ شيخ سعدي جي انهي لفظن ۾ ته ”اهو ئي مڪمل انسان آهي، جنهن وٽ نصيحت لاءِ لفظن بدران سٺو عمل ۽ ڪردار هوندو آهي.“ هن اڪيلي سر جيڪو ڪم ڪري ڏيکاريو، سو ڪنهن به تعريف جو محتاج ناهي، بلڪ سندس ڪيل تاريخي ڪم، تاريخ جي ورقن ۾ سنهري اکرن سان لکي سگهجي ٿو، هونءَ به چوندا آهن ته جنهن شخص جا خيال نيڪ، نظريا بلند ۽ دل وسيع هوندي آهي، اهو اڪيلي هوندي به اڪيلو نه هوندو آهي. سيد الهندو شاهه ۱۸۶۳ع ۾ سيد يوسف شاهه جي گهر ۾ ڊڀرئي جي هڪ ننڍڙي پر تاريخي شهر ۾ جنم ورتو. بنيادي تعليم ڊڀري (جيڪو پوءِ درٻيلي جي نالي سان مشهور ٿيو) جي ديني مدرسي مان پرايائين. سيد الهندي شاهه سياسي ڪيرئير جي شروعات ضلعي لوڪل بورڊ کان ڪئي، جتي ۱۸۹۷ع کان ۱۹۱۹ع تائين ضلعي لوڪل بوڊ حيدرآباد جو ميمبر رهيو ۽ سندس سياسي جاڳرتا کي مڃتا ڏيندي ۱۹۰۹ع ۾ ممبئي ڪائونسل جو چونڊيل ميمبر مقرر ٿيو ۽ ۱۹۱۶ع کان وائسراءِ اسيمبلي جو چونڊيل ميمبر رهيو. پنهنجي ان سموري سياسي دور ۾ هن پنهنجي ٻاجهائپ صبر ۽ تحمل واري طبيعت سان سياسي دور ۾ هڪ بهترين ڪردار ادا ڪيو، جنهن جي مڃتا سبب انگريز سرڪار کيس ۱۸۹۸ع ۾ اعزازي جج مئجسٽريٽ مقرر ڪيو. بنيادي طور شاهه صاحب هڪ نرم دل، حليم ۽ ٻاجهاري طبعيت وارو شخص هو پر ان سان گڏ هو هڪ اصول پرست به رهيو جنهن لاءِ نه هن ڪڏهن اصول کي ٽوڙيو ۽ نه ٽوڙڻ ڏنو، جنهن به عهدي تي رهيو، نهايت ايماندارانه صلاحيتن ۽ پنهنجي قابليت سان پنهنجا فرض خوش اسلوبي سان نڀايا. سيد الهندو شاهه ننڍي هوندي کان ئي ڏاڍو ذهين ۽ هوشيار ۽ مثبت سوچ رکندڙ ماڻهو هو، کيس عربي ۽ فارسي زبانن تي عبور حاصل هو پر جنهن دور جي هو پيداوار هو ته هن کي به اها سرت ۽ ساڃاهه ذهن ۾ ويٺي ته ڪو اهڙو ڪمال ڪجي جنهن سان قوم کي دڳ لائي سگهجي. پاڻ سيد گهراڻي ۾ پلجندي به ديني تعليم سان گڏ سندس ذهني صلاحيتن ۾ سياسي ۽ سماجي شعور به پلجندو رهيو، پاڻ سر سيد احمد خان جي علي ڳڙهه واري تحريڪ کان متاثر ٿيندي، آل هند محمدن ايجوڪيشن جي ڪيترن ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪئي ۽ ان وقت پنهنجي من ۾ اها ڳالهه سمائي ڇڏي ته سر سيد احمد خان ۽ حسن علي آفندي جي ڪيل محنتن ۽ ڪاوشن جيان پاڻ به هڪ اهڙو ادارو قائم ڪري جيڪي ديني تعليم سان گڏ انگريزي ۾ به اتان جي ماڻهن کي شعور ۽ سمجهه جي ڄاڻ فراهم ڪري ۽ اڳتي هلي سندس من جون مرادون پوريون ٿيون، نوشهروفيروز ۾ مدرسا ۽ هاءِ اسڪول قائم ڪرڻ ۾ ڪاميابي ماڻي. شاهه صاحب هڪ زندهه دل شخص هو هن کي پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتي وارن سان بيحد چاهه ۽ محبت هئي، هن پنهنجي سموري ڄمار جهڙي قوم کي ارپي ڇڏي هئي. سندس زندگي جو هڪ اهم ڪارنامو جيڪو تاريخي حيثيت ۾ اڄ به پيو ڳائجي، هن جيڪا پنهنجي ماڻهن يعني آبادگارن، هارين لاءِ هڪ وڏي جدوجهد ڪري ڍل معاف ڪرائي جيڪا انگريز سرڪار غيرآباد زمين تي به لاڳو ڪئي هئي. سندس اهڙي ڪارنامي تي ماڻهن ۾ اهڙي ته سرهائي اچي وئي جو سندس خدمتن، همتن جا گيت ڳائڻ لڳا، هونءَ به اها ڪوشش، ڪاوش ۽ همت ڪا معمولي ڪانه هئي پر انهن سڀني ڳالهين کي مدنظر رکندي جنهن ڳالهه جو کيس وڌيڪ اونو ۽ فڪر هيو سا هئي سنڌ جي ماڻهن جي تعليم. سنڌ جو وڏيرو ۽ ڀوتار هونءُ ئي سنڌ جي ماڻهن کي هيل تائين غلام رکندو پئي آيو، جيڪا ڳالهه شاهه صاحب کي ڏاڍي ڏکي لڳندي هئي. هن کي ننڍڙي هوندي کان ماءُ اها سُتي ڏني هئي ته علم حاصل ڪريو يا ٻين ماڻهن کي علم جهڙي زيور سان روشناس ڪرايو ۽ سنڌ جي غريب ماڻهن کي تعليم ڏياري خدمت ڪجي، اها ڳالهه شاهه صاحب جهڙي پلاند ۾ ڳنڍ ٻڌي ڇڏي، ارسطو جي انهي جملي ۾ ته ”جيڪو شخص علم جي ڳولا جي تڪليف برداشت نه ڪندو، انهي کي جهالت جون تڪليفون برداشت ڪرڻيون پونديون.“ ۽ انهي معاملي ۾ هن هڪ مجاهد جيان اهڙو ته تير ڪمان مان ڪڍي نشاني تي هنيو جنهن اونداهي جي ڪارن ڪڪرن کي اُڀ کان هٽائي روشن ڪري ڇڏيو ۽ نوشهروفيروز ۾ بي پهچ ۽ غريب ماڻهن لاءِ ۱۹۰۳ع ۾ مدرسو قائم ڪيو جنهن جو نانءُ رکيائين ”نوشهرو مدرسو.“ اها سنڌ جي ماڻهن لاءِ وڏي سرهائي هئي پر خاص ساهتي پرڳڻي جي ماڻهن لاءِ ته اها خوشي هئي جنهن ۾ هو ماپي نه پئي سگهيا. مدرسو قائم ٿيڻ سان هتان جي غريب مسڪين ۽ بي پهچ ماڻهن مدرسي جي تعليم مان لاڀ حاصل ڪيو ۽ فيض پرايو ۽ ڏسندي ڏسندي هي سمورو خطو تعليمي خزاني سان مالا مال ٿيندو ويو. هونءَ به هتان جا ماڻهو انگريزي تعليم پرائڻ لاءِ ڪراچي جو رخ ڪندا هئا پر انهن ۾ جيڪي سرندي وارا، باقي بي پهچ ۽ غريب ويچارا من ۾ حسرتون سانڍي پنهنجو جيون خاموشي سان گذاريندا رهيا، تڏهن ڊڀرئي جي هڪ وڏيري سيد الهندي شاهه قومي درد محسوس ڪندي اهو سوچيو ته جيستائين مسلمانن جا ٻار انگريزي تعليم حاصل نٿا ڪن تيستائين اسان جي سنڌ ڪا خاص ترقي نه ڪري سگهندي، تڏهن پاڻ مسلمانن جي ٻارن لاءِ انگريزي تعليم پڙهائڻ لاءِ مدرسي جو بنياد وڌو. سندس خدمتن کي مدنظر رکندي نه رڳي خطي جي ماڻهن سندس ساراهه ۾ ڳيچ ڳايا پر انگريز سرڪار به سندس سياسي سماجي ۽ تعليمي خدمتن کي پرکيندي ان وقت جي وڏي سول ايوارڊ ”خانبهادر“ جهڙي لقب سان نوازيو. سنڌ اڄ جنهن دور مان گذري رهي آهي سا ڳالهه هر ماڻهو اکين سان ڏسي رهيو آهي ته سنڌ ڪيڏانهن وڃي رهي آهي اهڙين حالتن ۾ اڄ اسان کي ڪو الهندو شاهه ڳولي نه پيو لڀي، اهڙي هڏڏوکي سچي ۽ همدرد ماڻهو لاءِ اسان جا هٿ دعائن لاءِ کڄن ٿا، پر ان سان گڏ سندس ڪمي محسوس ڪندي شاهه صاحب جو هي بيت هانو تي هُري اچي ٿو ته: ويو ٻاروچو نڪري هاڻي ڪريان ڪيئن؟ سج اُلٿي سيئن، سٽون ڏينديس سڃ ۾. سيد الهندو شاهه شاهد چنه جڏهن برصغير ۾ تعليم جي کوٽ هئي ته ان وقت سنڌ جي آفندي خاندان جيان ساهتيءَ جي سپوت سيد الهندو شاهه ۳۳ سالن جي ننڍڙي عمر ۾ ۱۸۸۳ع ڌاري مدرسه هاءِ اسڪول نوشهروفيروز جوڙايو، انهي مڪتب مان ڪيترا ئي عالم اديب پڙهي نڪتا. علامه آءِ آءِ قاضي کان وٺي ڊاڪٽر دائودپوٽي تائين، کوڙ سارا سنڌ جا ماڻهو جيڪي علمي روشنيءَ کان وانجهيل هئا انهن اها علمي لاٽ اتان ئي حاصل ڪئي. سيد الهندي شاهه جون ڪوششون علمي حوالي سان ساراهڻ جوڳيون هيون. ڇو ته برطانوي راڄ دوران، سنڌ ۾ تعيلم جو فقدان ۽ اڻهوند انتهائي حد کان وڌيڪ هئي. انهن حالتن کي نظر ۾ رکندي، سيد الهندي شاهه سنڌ جي ماڻهن لاءِ علمي مڪتب کولي وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو. اهو ئي سبب آھي جو، هن وقت به هند توڙي سنڌ ۾، جن به هن مڪتب مان علم جي روشني حاصل ڪئي، سي اڄ به سيد الهندي شاهه کي ياد ڪري سندس فضيلتن جو بيان ڪندي کيس ساراهين ٿا. حقيقت به اها آهي ته سنڌ جي هن سپوت پاران، جيڪڏهن هي مدرسه هاءِ اسڪول ۱۹هين صديءَ ۾ نه جڙي ها ته ڪيترا ئي عالم اديب، جنم نه وٺن ها. افسوس جو سنڌ حڪومت کان وٺي ڪنھن ساڃاهه وند تائين، ڪو به هن کاهوڙي ڪردار جي ياد تازي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. نه وري ڪڏهن سندس جوڙايل مڪتب ڏي، ڪنھن منهن ورائي ڏٺو آهي ته ان جي حالت، پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ڪهڙي بڻجي وئي آهي. اهي هاسٽلون، اهي ڪلاس روم ۽ سندس جوڙايل انهيءَ پارڪ ۽ لائبريريءَ جو هن وقت نشان به نظر نٿو اچي. ان تباهيءَ تي ٻيو ڪو ڳوڙها ڳاڙي نه ڳاڙي پر درٻيلي ۾ ۱۹ آڪٽوبر ۱۹۱۹ع تي، ھيءُ جھان ڇڏيندڙ، سيد الهندي شاهه ضرور لڙڪ لاڙيا هوندا. ڪيڏي نه افسوس جوڳي ڳالهه آهي، جو سندس جوڙايل تاريخي مدرسه هاءِ اسڪول کي سوا صدي گذري چڪي آهي پر هن وقت تائين ان جي تاريخي حيثيت کي وڌائڻ لاءِ ڪهڙي به سرڪار ڪردار ادا ناهي ڪيو. جنهن جي ڪري هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سيد الهندي شاهه جي خدمت ۽ وقار کي جيڪڏهن اڳتي وڌائڻو آهي ته سنڌ جي ساڃاهه وندن کي ان جي ٻاريل شمع کي روشن ڪرڻو پوندو. اڄ به سيد الهندي شاهه کي سنڌ ساري ٿي. ان جي مڪتب ڏانهن نهاري ٿي. چوي ٿي ته؛ سيد الهندي شاهه جي ٻاريل شمع کي اچو ته روشن ڪريون. افسوس جو سنڌ جي ٻين عظيم هستين جيان سيد الهندو شاهه به سنڌ کان وڇڙي ويو. سڄي سنڌ توڙي هند، کيس اڄ به خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. سيد الهندو شاهه [ ۱۸۶۷ع – ۱۹۱۹ع ] ميمڻ عبدالغفور سنڌي سنڌ جي سر زمين تي ڀانت ڀانت جي انسانن جنم ورتو آهي، جيڪي مختلف قسمن ۽ حيثتن جا مالڪ ٿي گذريا آهن؛ انهن مان ڪن جي زندگي نيڪيءَ ۾ گذري آهي، ته ڪن وري پنهنجي خداداد لياقتن سببان قوم جي ڏک ۾ ڀاڱي ڀائيواري ڳنڍي آهي. اهڙن نيڪو ڪارن جو نالو سنڌ جي تاريخ ۾ سدائين عزت ۽ احترام سان ورتو وڃي ٿو. تعلقي ڪنڊياري، ضلعي نوابشاه جي ڳوٺ ”ڊڀري“ جو مشهور زميندار، سيد الهندو شاه ولد سيد يوسف شاه به هڪ زنده دل ۽ غريبن جو هڏ ڏوکي ٿي گذريو آهي، سندس ولادت ۲۴ شعبان ۱۲۸۴ هه مطابق ۱۷ آڪٽوبر ۱۸۶۷ع تي ٿي آهي. ٻهراڙيءَ جي رواج موجب، ڊڀري جي مدرسي مان عربي ۽ فارسيءَ ۾ ڀڙ ٿيو. سندس طبيعت ۾ سنجيدگي، سادگي ۽ نرمائي زياده کان زياده هئي، خداوند سندس ذهن تيز ڪيو هو؛ جنهن ڪري ٿوري وقت ۾ سنڌيءَ سان گڏ انگريزيءَ جي به خاص ڄاڻ حاصل ڪري ورتائين. سيد صاحب کي، قوم لاءِ هر وقت اونو هوندو هو. ننڍي خواه وڏي ۽ امير توڙي غريب لاءِ وٽس ساڳئي ئي ڪرسي هئي. ڪنهن کي به ڪڏهن گهٽ نه گهريائين. اهوئي سبب هو، جو ۲۴ ورهين جي عمر ۾ دهليءَ جي وائسراءِ جي ليجسليٽو اسيمبليءَ جو رڪن منتخب ٿيو. موقعي ملڻ سان، ويتر قومي خدمت کي پنهنجو فرض ڪري ڄاتائين، ان زماني ۾، سنڌ جي ماڻهن تي، غيرآباد پيل زمين تي زوريءَ ڍل وصول ڪئي ويندي هئي؛ جنهن کي ”نوبت“ چوندا هئا. نوبت نه ڏيڻ جي صورت ۾، زمين ضبط ٿيندي هئي. سيد صاحب هن ڏس ۾ ذاتي دلچسپي وٺي، نوبت کي هميشہ هميشہ لاءِ معاف ڪرائي ڇڏيو. سيد صاحب، قومي خدمتن سان گڏوگڏ سخاوت ۾ به مشهور هو. وس ورندي ضرورت مند خواه محتاج در تان واپس نه موٽائيندو هو. قومي خدمتن عيوض، سرڪار طرفان کيس ”فرسٽ ڪلاس آنرري مئجسٽريٽ“ به مقرر ڪيو ويو؛ جنهن عهدي تي پاڻ ڪافي وقت رهيو. سندس پوشاڪ سادي ۽ گهڻو ڪري سفيد هوندي هئي. اڪثر پهرياڻ تي پٽڪو ٻڌندو هو. انگريزي رواج موجب ٽاءِ (Tie) به ڳچيءَ ۾ وجهندو هو. پيرن ۾ سنڌي جتي ۽ موسم مطابق ڪوٽ پائيندو هو. پاڻ عوام جي سک ۽ سهنج لاءِ ڪيترا ئي ڪم ڪيائين. خاص ڪري مسلمانن جي تعليم لاءِ ۱۹۰۳ع ۾ نوشهري فيروز ۾ مدرسو قائم ڪري، مسلمان ٻارن کي خوب همٿايائين. مدرسي لڳ ٻاهران آيل شاگردن لاءِ رهائشگاه (هاسٽل) پڻ تعمير ڪرايائين. اڄ هي مدرسو هاءِ اسڪول جي صورت ۾ سندس ياد تازي ڪري رهيو آحي. اهڙيءَ طرح لوڪل بورڊ جي سهڪار سان نياڻين جي تعليم لاءِ پڻ ڪافي مڪتب کولرايائين. افسوس! سنڌ جي هن مثال انسان کي حياتيءَ ساٿ نه ڏنو؛ جنهن ڪري ۵۳ ورهين جي ڄمار ۾، ۱۳۳۸ هه مطابق ۱۹۱۹ع تي راه رباني ورتائين. پاڻ صوم صلوات جو پابند ۽ هر روز صبح جو قرآن پاڪ جي تلاوت ڪندو هو. مسجدون جوڙائڻ، مسافر خانا ٺهرائڻ، کوه کوٽائڻ ۽ آئي وئي لاءِ کاڌي جو بندوبست ڪرڻ؛ سندس خاص مشغلو هو. ازانسواءِ سرڪاري ڪمن سان وڏو سهڪار ڪيائين سندس خدمتن عيوض سرڪار کيس آفرين نامن سان گڏ ”آنربل“ ۽ ”خانبهادر“ جا خطاب به ڏنا. پٺيان ٻه فرزند: قرارو شاه ۽ محمد علي شاه ڇڏيائين. (۱)– پاڻ متعلوي سيدن جي شاخن مان هڪ وڏي خاندان جو فرد ۽ وڏيءَ پڄنديءَ وارو شخص هو. [”الوحيد“ (سنڌ آزاد نمبر)، ۱۵ جون ۱۹۳۶ع، ص -۱۶۳]. (۱) – سيد صاحب، درٻيلي ۾ عيد گاه جي تعمير لاءِ هندن سان سخت جدوجهد ڪئي. نوبت آخر فساد جي صورت اختيار ڪئي؛ جنهن کي پاڻ ڏاهپ سان، مقدمي جي وسيلي نهايت ئي مدبرانه انداز ۾ ڪاميابيءَ سان نبيريو. الهندو شاھ ساهتي پرڳڻي جو سرسيد فتح محمد برفت نوشھروفيروز (رپورٽر) سنڌ يونورسٽي ڪيمپس خانبهادر سيد الھندو شاھ نوشھروفيروز ۾ بزنس ارينا (روزگار جا ذريعا) جي عنوان سان ھڪ پروگرام ٿيو، جنهن کي خطاب ڪندي سنڌ يونورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد برفت چيو ته جنهن وٽ لطيف، سچل ۽ علامه اقبال جهڙا آفاقي شاعر ھجن اها قوم ترقي ئي ڪندي. ھن چيو ته سيد الهندو شاھ ساهتي پرڳڻي جو سرسيد احمد خان ھو علي ڳڙھ به هڪ اسڪول هو جيڪا يونورسٽي بڻي مدرسه هاءِ اسڪول نوشھروفيروز ھڪ يونورسٽي آھي. ظفر علي شاھ چيو ته ۱۹ صدي جي آخر ۱۸۹۳ع ۾ ھي ادارو قائم ٿيو، ان وقت نوشھروفيروز هڪ واهڻ هيو ان دور ۾ اسان جي وڏن خانبهادر سيد الهندو شاھ انگريزي تعليم جي شمع ٻاري، سيد الهندو شاھ شاگردن کي ھاسٽل ۾ رھائڻ جو بندوبست به ڪندو هو ۽ تعليم به ڏياريندو هو. ھن يونورسٽي ڪيمپس جي لائبريري جي ڪتابن جي لاءِ ۲ لک رپين جو اعلان ڪيو. تعليمي ماھر ۽ يونورسٽي لاءِ جدوجهد ڪندڙ فقير محمد ميمڻ مطالبو ڪيو ته ڪيمپس کي الڳ يونورسٽي جو درجو ڏنو وڃي جنهن لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ ۲۱ فيبروري ۲۰۱۲ تي ايم پي اي احمد علي شاھ هڪ ريزوليشن پڻ پاس ڪرايو هو. ڪيمپس جي پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر اسلم پرويز ميمڻ چيو ته بزنس ارينه پروگرام منعقد ڪرڻ جو مقصد نوجوانن کي تعليم کان پوءِ پنهنجي پيرن تي بيهارڻو آھي، جنهن لاءِ اسان مختلف اسٽال پڻ لڳايا آھن. تقريب کي ايم پي اي شھناز انصاري ضلع وائيس چيئرمين پير قربان علي ۽ ٻين خطاب ڪيو. (پنھنجي اخبار ۾ ۱۴ اپريل ۲۰۱۹ع تي شايع ٿيو) خانبهادر سيد الهندو شاھ تاريخ ساز شخصيت مبين چنا ساهتيءَ جي اھم تهذيب يافتہ شهرن مان درٻيلو پڻ هڪڙو خصوصي ۽ نمايان حيثيت رکندڙ شهر هو. هن شهر جو پراڻو نالو ڊڀرو هو. ”راڻو سهتو ڀوئر راٺوڙ (سهتو) درٻيلي تي راڄ ڪندو هو. جنهن جي گاديءَ جو هنڌ ديرو هو.“ شايد ڊڀرو ”ديرو“ جي بگڙيل صورت آهي. ڪن تاريخدانن جو خيال آهي تہ درٻيلو هڪ پرڳڻي جو نالو هو. هيءُ شهر آمدرفت جي لحاظ کان تمام اهم هو. سيوهڻ شهر کي سامهون هئڻ جي ڪري هن جي اهميت اڃان بہ وڌي وئي هئي. سيوهڻ ۽ درٻيلي جي وچ ۾ سنڌو درياھ هن وقت بہ پنهنجي پوري آب تاب سان وهي رهيو آهي. جيڪو آمدرفت جو بهترين ذريعو هو ۽ آهي، ارغونن ۽ ترخانن جي دور ۾ هي شهر وڏي افاديت ۽ اهميت رکندڙ هو. هن شهر جو اوج ڪلهوڙن جي اوائلي دور ۾ بہ قائم هو پر ڪلهوڙن جي پوئين دور ۾ جڏهن هالاڻي کي محالڪاريءَ جو درجو مليو تہ هن شهر جي اهميت گهٽجي وئي ۽ پوءِ مدد خان پٺاڻ جي حملي هن شهر جو آڪي باقي اوج بہ ختم ڪري ڇڏيو. اڄ ڪالھ درٻيلو پراڻو يونين ڪائونسل جي سطح وارو شهر آهي جڏهن تہ درٻيلو نئون ڀريا تعلقي جي حددن ۾ آهي. درٻيلي شهر هر دور ۾ انمول هيرا پيدا ڪيا آهن جن پنهنجي سموري زندگيءَ انسانيت جي خدمت ڪندي گذاري آهي اهڙن ئي انمول هيرن مان هڪڙو سيد الهندو شاھ بہ آهي، جيڪو متعلوي ساداتن جي هڪ معزز گهراڻي ۾ ۱۸۶۴ع ۾ درٻيلو شهر ۾ تولد ٿيا. سندس وڏا اصل ۾ مٽياريءَ جا هئا جتان هجرت ڪري درٻيلي ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. سندس والد سيد يوسف علي شاھ پنهنجي وقت جو وڏو بزرگ ۽ پهتل ٻانهو هو، فقير فولاد شر پنهنجي ڪتاب ”روح اعظم “ ۾ لکيو آهي تہ مون کي فيض درٻيلي جي بزرگ سيد يوسف علي شاھ کان مليو آهي. سيد الهندي شاھ کي بنيادي تعليم لاءِ درٻيلي جي ديني مدرسي ۾ داخل ڪيو ويو جتي هن عربي، فارسي ۽ سنڌي ۾ تعليم حاصل ڪئي. شاھ صاحب ۱۸۹۷ع کان ۱۹۰۹ع تائين حيدرآباد لوڪل بورڊ جو چونڊيل ميمبر، ۱۹۰۹ع تائين بمبئي ڪائونسل جو چونڊيل ميمبر ۽ ۱۹۱۶ع کان هندوستان جي وائسراءِ اسيمبلي جو چونڊيل ميمبر رهيو. خانداني پيشي زمينداري سان گڏ ۱۸۹۸ع ۾ جڏهن هو حيدرآباد لوڪل بورڊ جو چونڊيل ميمبر هو تہ سندس لياقتون ۽ صلاحيتون ڏسي، انگريزن کيس قاضي يا اعزازي اسپيشل مئجسٽريٽ پڻ مقرر ڪيو. جنهن منصب کي هن نهايت ئي قابليت ۽ ايمانداري سان ادا ڪيو، جنهن ڪري انگريزن کيس ”خانبهادر“ جو لقب عطا ڪيو. شاھ صاحب اعلي دماغ ۽ رعبدار شخصيت جو مالڪ هو. پاڻ پنهنجي دور جو ڏهيسر هو. قومي درد رکندڙ ۽ مسلمانن جو هڏ ڏوکي هو. شاھ صاحب جڏهن دهلي جي وائسراءِ جي ليجسليٽو اسيمبلي جو ميمبر هو تہ انهن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ غير آباد زمين تي بہ ڍل هوندي هئي. جنهن کي نوبت سڏيو ويندو هو. ان جي نہ ڏيڻ تي سرڪار زمين ضبط ڪري ڇڏيندي هئي. آنربل سيد الهندي شاھ جي ڪوششن سان اها ڍل يعني غير آباد زمين تي معاف ٿي. ان کان سواءِ زمينداري جي ڌنڌي ٽيڪس جي مقرري جو بل پيش ٿيو تہ شاھ صاحب اهو بل ٻئين ميمبرن جي مدد ۽ تعاون سان رد ڪرايو. خانهادر سيد الهندو شاھ پوک ۽ باغباني جو وڏو عالم هو، پاڻ پنج وقت پابندي سان نماز پڙهندڙ، خوش اخلاق خوش طبع، مهمان نواز، انسان دوست ۽ نهايت ئي سادو انسان هو. سندس پوشاڪ نهايت صاف ۽ سادي هوندي هئي. پاڻ نهايت ئي سخي مرد هوندو هو، سندس در تان ڪو بہ ضروت مند خالي واپس نہ ويندو هو. کيس ”ساهتيءَ جو سرواڻ“ واري لقب سان پڻ ياد ڪيو ويندو آهي. خانبهادر سيد الهندي شاھ کي خدا پاڪ ٻہ لائق فرزند عطا فرمايا (۱) سيد قرارو شاھ جيڪو ۱۹۰۸ع ۽ ڄائو ۽ (۲) سيد محمد علي شاھ جو ۱۹۱۲ع ۾ ڄائو. جئين تہ شاھ صاحب پاڻ علم جو وڏو شائق هو ان ڪري پنهنجي اولاد جي تعليم ۽ تربيت لاءِ ان وقت سنڌ جي وڏي عالم مولوي ميان فتح محمد سيوهاڻي جن جون خدمتون حاصل ڪيو ۽ ٻنهي کي مدرسہ هاءِ اسڪول نوشهرو فيروز ۾ داخل ڪرايو. جڏهن انگريزن ۱۸۴۳ع ۾ ٽالپرن کان سنڌ فتح ڪئي ۽ هتي انگريزن جو راڄ شروع ٿيو تہ انگريزن سنڌ جي لاءِ نئين تعليمي پاليسي اختيار ڪئي. ان کان پهريون سنڌ جي مدرسن ۽ مڪتبن ۾ عربي، فارسي ۽ سنڌي ۾ تعليم ڏيڻ وارو سسٽم رائج هو جنهن کي ڪافي ڌڪ لڳو. وري جڏهن ۱۸۵۳ع ۽ انگريزن سنڌي ٻوليءَ لاءِ نئي الف بي تيار ڪرائي سنڌ جي تعليمي درسگاهن ۾ مروج ڪرائي تہ سنڌ جي هندن انگريزيءَ تعليم ۾ وڏي ترقي ڪئي هر هنڌ اسڪول ۽ ڪاليج قائم ڪيا ۽ سنڌ جي مسلمانن ۾ انگريزن خلاف سخت نفرت موجود هئي جنهن ڪري سنڌ جي عالمن ۽ عام ماڻهن انگريزي تعليم جي بہ سختي سان مخالفت ڪئي، اهو ئي ڪارڻ هو جو سنڌي مسلمان انگريزي تعليم پرائڻ کان اُن وقت پيٺي رهيا. ان ئي صورتحال کي ڏسي برصغير جي مسلمانن انگريزي تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ وڏي جدوجهد شروع ڪئي. انهي ڏس ۾ جسٽس امير علي ۱۸۷۶ع ۾ ڪلڪتي ۾ ” سينٽرل نيشنل محمدن ائسوسيئيشن“ نالي هڪڙي جماعت قائم ڪئي، ۱۸۸۴ع ۾ جڏهن ڪنهن ڪم جي سلسي ۾ جسٽس امير علي ڪراچي آيو تہ هتان جي سنڌي ملسمان اڳواڻن سان ڪافي گڏجاڻيون ڪيون ۽ کئين مسلمانن لاءِ انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ تي زور ڀريو ۽ ان ئي سلسلي ۾ ڪراچي ۾ ”محمدن ايسوسئيشن“ جي شاخ قائم ڪئي. ان ئي سلسلي ۾ ۱۸۸۵ع ۾ حسن علي آفندي ڪراچي ۾ ”سنڌ مدرسہ السلام" جو بنياد رکي سنڌ جي مسلمانن کي انگريزي تعليم پرائڻ جو آغاز ڪيو. ساھتي پرڳڻو سنڌ جو وچولو وارو خطو آهي ان ۾ ڪيترائي ورھ انگريزي تعليم لاءِ ڪو بہ خاطر خواہ بندوبست ٿيل نہ هو. انهن مڙني ڳالھن کي آڏو رکندي سيد الهندي شاھ پنهنجي اباڻي شهر درٻيلو کي ڇڏي نوشهرو فيروز ۾ ۱۹۰۳ع ۾ مسلمانن جي لاءِ انگريزي تعليم پرائڻ لاءِ ”مدرسہ هاءِ اسڪول نوشهرو فيروز" جو بنياد رکيو. نوشهرو فيروز ۾ ان مدرسہ جو بنياد رکڻ جو هڪڙو سبب اهو بہ هو تہ ان وقت نوشهرو فيروز ڊويزن جو هيڊڪوارٽر هجڻ سان گڏ ساھتي پرڳڻي ۾ هن شهر کي قديم زماني کان وٺي مرڪزي حيثيت حاصل هئي. هن مدرسہ جو پهريون نالو ”نوشهرو فيروز مدرسہ" رکيو ويو هو جتي صرف ڇهين ڪلاس تائين انگريزي تعليم ڏني ويندي هئي. ۱۹۰۴ع ۾ ضلعي لوڪل بورڊ شاگردن جي رهائش لاءِ هڪ عاليشان هاسٽل تعمير ڪرائي هئي. سيد الهندي شاھ جي ذاتي ڪوششن سان مدرسو اڳٿي هلي ”ھاءِ اسڪول“ جي سطح تي آندو ويو ۽ ۱۹۱۸ع ۾ ميٽرڪ تائين تعليم ڏيڻ جو بندوبست ڪيو ويو. سيد الهندي شاھ هر وقت وڏي فراخدلي سان هن مدرسي جي وڏي مالي مدد ڪئي ۽ ڪيترن ئي غريب ۽ نادار شاگردن کي اسڪالرشپ ڏئي کئين تعليم جي راھ ۾ همٿايو. سنڌ جا وڏن نالن هن اسڪول مان تعليم حاصل ڪئي آهي جن ۾ شمش العلماءِ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، غلام رباني آگرو، جسٽس محمد بچل ميمڻ، اسٽيٽ بينڪ جي اڳوڻو گورنر جي اين قاضي، پاڪستان جو اڳوڻو وزير اعظم غلام مصطفي جتوئي سميت بيشمار نالا آهن جيڪي هن اسڪول مان تعليم حاصل ڪري وڏن عهدن تي پهتا. ۳۱ آڪٽوبر ۱۹۹۵ع ۾ ”سئو سالا جشن گورنمينٽ مدرسہ ھاءِ اسڪول نوشهرو فيروز“ ملهايو ويو جنهن ۾ وڏي ڪوشش سيد ظفر علي شاھ صاحب جي هئي، هن جشن ۾ صدر پاڪستان محترم فاروق احمد لغاري صاحب شرڪت ڪئي ۽ صدارتي فنڊ مان مدرسہ هاءِ اسڪول لاءِ ۳۰ لک روپين جي فنڊ جو اعلان ڪيو. سيد ظفر علي شاھ صاحب ۽ ڊاڪٽر احمد علي شاھ صاحب جي ذاتي ڪوشش سان نوشهرو فيروز ۾ خانبهادر سيد الهندو شاھ جي نالي سان سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشوري جي ڪمپس قائم ٿي آهي جتان هن علائقي جي غريب شاگردن کي اعلي تعليم حاصل ڪرڻ جي سهولت حاصل ٿئي آهي. ساھتي جو سرواڻ، درٻيلو شهر جو شان سيد الهندو شاھ جهڙو تاريخ ساز اڳواڻ ۱۹ آڪٽوبر ۱۹۱۹ع ۾ ۵۶ سالن جي عمر ۾ اسان کان وڇڙي ويو ۽ کيس درٻيلو شهر ۾ سندس اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. درٻيلو جي ڪنهن دوست کي سيد الهندي شاھ جي سياسي، ادبي ۽ علمي خدمتن تي پي ايڇ ڊي ڪرڻ گهرجي ۽ ان گڏ سان شاھ صاحب جو جيڪڏهن لکيل ڪو مواد هجي تہ ان کي جلد کان جلد شايع ڪرڻ گهرجي تہ جئين سنڌ جي نئي نسل کي اسان جي اصل هيرن جي باري ۾ معلومات ملي سگهي. (ڏھاڙي سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد ۾ ۱۹ ڊسمبر ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
گوبند مالهي سنڌي ناول ۾ اعليٰ مرتبو رکندڙ ليکڪ رکيل مورائي هند ۽ سنڌ جو هاڪارو اديب، دانشور ۽ ٻين ڪيترين خوبين جو مالڪ گوبند مالهي، ۵ آگسٽ ۱۹۲۱ع تي ساهتي پرڳڻي جي نهايت اهم، پران وقت جي ننڍي شهر ٺاروشاهه ۾ جنم ورتو. هن سنڌ ۾ رهڻ دوران ئي ادبي ۽ سياسي حوالي سان لکڻ شروع ڪيو ۽ هند ۾ وڃي آخري عمر تائين لکندو رهيو. ”ناول سمراٽ“ جو خطاب ماڻيندڙ گوبند مالهي، هند ۾ رهندڙ سنڌي جاتي ۽ سنڌي اديبن جي مستقبل کي ٺاهيندڙ شخصيتن مان هڪ اهم شخصيت آهي، هن ڪيترا ناول لکيا، ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ۽ مختلف موضوعن تي ڪيترائي ڪتاب لکيا ۽ ڪيترائي نوجوان اديب، ادب جي ميدان ۾ پنهنجي رهبريءَ هيٺ آندا. گوبند مالهيءَ سنڌي ”آوازي ڪلچر“ کي هند ۾ متعارف ڪرائڻ لاءِ ڪيترن هنڌن جا چڪر لڳايا ۽ ڀارت ۾ وسندڙ سنڌين کي وسائڻ ۽ سنڌي ٻولي ۽ ڪلچر کي قائم ڪرڻ لاءِ سڄي زندگي ارپي ڇڏي ۽ ساڳئي وقت تخليقي ڪم به ڪندو رهيو. گوبند مالهي هند جي سنڌين جي وڏي ۾ وڏي ادبي تنظيم ”اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا“ جو اڏيندڙ به آهي ته وڏو ناٽڪ نگار ۽ ناٽڪ ڊائريڪٽر به رهيو آهي. کيس سندس ناول ”پيار جي پياس“ تي هند سرڪار جي وڏي ۾ وڏي ادبي اداري مرڪزي ساهتيه اڪيڊميءَ ۱۹۷۳ع سال لاءِ انعام سان نوازيو ويو. هن ڪيترين ڪهاڻين، ناولن ناٽڪن ۽ ٻين موضوعن کان سواءِ پنهنجي، آتم ڪٿا به پنجن جلدن ۾ لکي آهي. جيڪا وڏي مڃتا ماڻي چڪي آهي ۽ ٻيهر سنڌ ۾ پڻ شايع ٿي آهي. گوبند مالهي شايد پهريون سنڌي اديب آهي، جنهن تي ”ڪونج“ ۽ ”سپون“ رسالن، خاص نمبر ڪڍيا. ان کان سواءِ سندس شخصيت ۽ ادبي ڪارج تي ممبئيءَ جي هڪ اديب، هولارام هنس هڪ ڪتاب ”گوبند مالهيءَ جي سنڌي ناول ۾ يگاني دين“ نالي ليکو آهي. شايد هيءُ ئي اڪيلو اديب آهي، جنهن تي ممبئي يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري ورتي وئي آهي ۽ ان ڪتاب کي ممبئي يونيورسٽيءَ پاران ۲۰۰۲ع ۾ ڇپايو ويو آهي، جنهن جو نالو آهي: ”گوبند مالهي، شخص ۽ اديب“. هن ڪتاب جو ليکڪ آهي، ڊاڪٽر منوهر مٽلاڻي. اهو ممڪن آهي ته مون جهڙي ٿوري علم رکڻ واري پاٺڪ کان گوبند مالهيءَ جا ڪي ڪتاب ذڪر ڪرڻ کان رهجي ويا هجن، تنهن هوندي به سندس جيڪي ڪتاب مون کي ميسر ٿي سگهيا آهن، انهن جو تعداد ۵۱ آهي. هن سنڌي ٻوليءَ ۾ الڳ الڳ ٻولين جا ڪيترائي ڪتاب ترجمو ڪري سنڌي ٻوليءَ جي جهولي ڀري آهي. ورهاڱي کان اڳ هو پنهنجي ڳوٺ ٺارو شاهه مان پڙهڻ لاءِ ڪراچي آيو جتي سندس ملاقات گوبند پنجابيءَ سان ٿي، جيڪو ان وقت ترقي پسند ادب کي ڇاپڻ لاءِ پريس قائم ڪري چڪو هو ۽ اتان ئي ”نئين دنيا“ نالي پبليڪيشن جاري ڪري چڪو هو، جنهن پاران سنڌيءَ ۾ ڪي اصلوڪا ڪتاب ۽ ڪي ترجمو ڪري ڇاپي چڪو هو، ڪراچي ۾ گوبند مالهيءَ جي دوستن ۾ شيخ اياز، نارايڻ شيام، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، اي ڪي هينگل، موهن پنجاپي، ڪيرت ٻاٻاڻي، اي جي اتم ۽ ٻيا ڪيترائي ترقي پسند شامل آهن، جيتوڻيڪ حشو ڪيولراماڻي کائنس عمر ۾ وڏو هئو تڏهن به سندن دوست ڪوٺي سگهجي ٿو. هي سڀ اهي شخص هئا جن سنڌي ٻوليءَ ۾ ترقي پسند ادب جي آبياري ڪئي. ورهاڱي کان پوءِ حشو ڪيولراماڻي، گوبند مالهي، ڪيرت ٻاٻاڻي، اي جي اتم ۽ ٻيا ڪيترائي ترقي پسند سنڌي اديب هند لڏي ويا، پر ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ سنڌ نه ڇڏي ۽ هتي ئي رهي پيو، هند ۾ وڃي گوبند مالهي، اي جي اتم ۽ ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جي ٽمورتيءَ ”نئين دنيا“ جاري ڪئي جيڪا آخر تائين اي جي اتم جي سمپادڪيءَ هيٺ ڪتاب ڇاپيندي رهي، نئين دنيا پبليڪيشن جا ڪيترائي ڪتاب ترقي پسند ادب جا شاهڪار ڪتاب آهن، جيڪي وري وري ڇپائڻ جهڙا آهن. گوبند مالهيءَ لکڻ کان سواءِ هند ۾ جيڪا سنڌي ادب جي واڌ ويجهه لاءِ ڪوشش ڪئي اها پڻ هاراهڻ جوڳي آهي پر هن جيڪي پنهنجون لکڻيون ايڪونجاهه ڪتابن ۾ ڏنيون آهن اهي سنڌي ادب جو اهڙو حصو آهن، جنهن کي سدائين ياد رکيو ويندو. گوبند مالهيءَ هند ۾ آوازي ڪلچر کي ڦهلائڻ لاءِ ڪيترائي فورم جوڙيا، جن سڀني کي هو ڪاميابيءَ سان هلائي سگهيو. هڪ طرف تخليقي ڪم ڪرڻ ۽ ٻئي طرف سنڌيت جي ڦهلاءَ لاءِ جيڪا هن تبليغ ڪئي، اها خود هڪ تاريخ ۾ لکڻ جهڙي آهي. ڪوئل جهڙي مٺڙي آواز واري ڀڳونتي ناواڻي، مالهي صاحب جي دريافت هئي، جنهن پنهنجي مٺڙي آواز سان هند جهڙي وڏي ملڪ ۾ ڇڙ وڇڙ ٿي رهندڙ سنڌين کي ته پاڻ ۾ جوڙيو پر سنڌ جي سنڌين کي به هند جي سنڌين سان ڳنڍيو. گوبند مالهيءَ هند ۾ سنڌي ناٽڪ کي جيڪو اوڄ ڏياريو اهو پڻ مثالي اهميت رکي ٿو. ان سڀ جي باوجود گوبند مالهي، هڪ عظيم سنڌي ناول نويس طور سنڌي ادب ۾ هڪ خاص مقام تي رهندو، ان مقام لاءِ سرحدي حد بنديون ڪا به معني نه رکنديون، جڏهن به سندس ذڪر نڪرندو ته سندس نالو احترام سان کنيو ويندو اهڙي پڪ آهي، ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي لکڻين وسيلي پنهنجو اهڙو مقام ٺاهي ويو آهي. هو اول ۽ آخر سنڌي ناول جو اهڙو ليکڪ آهي جنهن جو مثال سنڌي ٻوليءَ جي ادب ۾ ٻيو ڪو به نه آهي. گوبند مالهي سڄي زندگي سنڌ پرست ڪميونسٽ رهيو پر آخري عمر ۾ هو سڀني ترقي پسند دوستن کي چوندو هئو ته ”هاڻ مون ڪميونزم کي تصوف ۾ وهنجاريو آهي“ ان ڳالهه مان ڀلي ڀت سمجهي سگهجي ٿو ته هو آخري عمر ۾ تصوف ڏانهن لاڙو رکندو هئو. ٻئي طرح سندس ڪهاڻين توڻي گهڻن ئي ناولن مان اهڙو اشارو ملي ٿو، جنهن مان سندس لاڙو يا مزاج تصوف يا ويدانت ڏانهن محسوس ٿئي ٿو. جيتوڻيڪ اهو به سچ آهي ته جيڪي شخص/اديب/شاعر ساڻس مليا آهن انهن سڀني هن کي صوفي طبعيت رکندڙ ڪوٺيو آهي. هو پنهنجي طبعيت ۾ بنهه سادو سودو، کاڌيءَ جي پهراڻ ۽ پاجامي ۾ هڪ ساڌو يا سنت وڌيڪ لڳندو هئو هڪ ليکڪ يا دانشور گهٽ. گوبند مالهيءَ جي زندگيءَ ۾ هڪ خوش نصيبي اها آئي جو هو پنهنجي عمر جي آخري حصي ۾ ۱۹۸۹ع ۾ هڪ ڀيرو سنڌ ڏسي سگهيو، جيڪا ورهاڱي کان پوءِ سندس زندگيءَ جي آخري رهجي ويل خواهش هئي. ساڻس سنڌ اچڻ واري وفد ۾ ڊاڪٽر مرلي ڌر جيٽلي، ڪرشن کٽواڻي، قيمت هريسنگهاڻي، ڊاڪٽر نارايڻ ڀارتي ۽ وينا شرنگي گڏ آيل هئا، پر وفد ۾ جيڪا آجيان گوبند مالهيءَ جي ٿي اها مثالي هئي. هو سنڌ ڏسي ويو سنڌ جي سفر بابت هڪ ڏکوئيندڙ سفر نامو لکيائين، جنهن هند ۽ سنڌ ۾ ڪافي پذيرائي ماڻي. پنهنجي آتم ڪٿا جا پنج جلد لکيائين ۽ ڏهين فيبروري ۲۰۰۱ع تي ممبئيءَ ۾ دهانت ڪيائين. سندس وڇوڙي جو ڏک هند توڻي سنڌ ۾ هڪ جيترو محسوس ڪيو ويو ڇاڪاڻ ته سندس وڇوڙو ٻنهي ملڪن جي سنڌين لاءِ هڪ جهڙو ڏکوئيندڙ هيو سندس وڇوڙي سان سنڌي ادب کان هڪ عظيم ناول نويس موڪلائي ويو، جنهن جو پوراءُ هند توڻي سنڌ اڄ جي تاريخ تائين نه ڪري سگهي آهي ۽ بس. دادا گوبند مالهي سنڌي ادبي سنگت جو باني شاهد چنه جتي سنڌ جي عظيم هستين جو ذڪر اچي ٿو اتي ڏات جا ڏيئا ٻاريندڙ گوبند مالهي به هڪ اهڙي عظيم شخصيت آهي جنهن علم ۽ ادب، سياست ۽ پورهيت سماج لاءِ، اهڙي جدوجهد ڪئي جو صدي گذرڻ باوجود به سندس نانءُ سڀني مورچن تي سپهه سالار جي حيثيت ۾ اڄ به موجود آهي. گوبند مالهي، ساهتي پرڳڻي جي شهر ٺارو شاهه ۾ ۸ آگسٽ ۱۹۲۱ع ۾ جنم ورتو. هن علمي ادبي حوالي سان ايڏو ته مان ماڻيو جو اڄ به ادبي کيتر ۾ نمايان نظر اچي ٿو. هن سنڌي ادبي سنگت جو بنياد وڌو ۽ سنڌي ادب، سياست، ناٽڪ، ڊراما، ڪهاڻيون ۽ تنقيدي ادب تي ۳۶ ڪتاب لکيائين. جنهن ۾ ”ڳالهيون منهنجي ڳوٺ جون“، ”شرم ٻوٽي“، ان کان علاوه ”سنڌوءَ ڪناري“ فلم به جوڙيائين پر وقت جي بيرحم وهڪري جڏهن کيس ماتر ڀومي کان ڇني ڌار ڪيو ته وطن جي سرحد ڳوڙها ڳاڙيندي پار ڪري ڀارت پهتو. ان اتي به سنڌ ۽ سنڌي ادب لاءِ تمام گهڻو جاکوڙيو ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ اتان جي ٽه-مورتي؛ ڪيرت، اتم ۽ مالهي ايتري ته جدوجهد ڪئي جو نتيجي ۾ هندستان اندر سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو ويو. مالهي جڏهن پنهنجي ماتر ڀومي سنڌ گهمڻ لاءِ ۱۹۸۴ع ۾ هتي آيو ته ڪراچيءَ جي آرٽ ڪائونسل ۾ سگا پاران ڏنل آجياڻي دوران سنڌ جي ڏات ڌڻين سان مخاطب ٿيندي نيڻن مان نير وهائيندي چيو ھيائين ته؛ ”جنهن مالهي ۱۳ آڪٽوبر ۱۹۴۶ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جو ننڍڙو ٻوٽو پوکيو هجي ۽ اهو ٻوٽو جڏهن وڏو ٿي خوشبو جو رس ڦهلائي ۽ ان وقت ان مالهيءَ کي ان وڻ کان ڌار ڪيو وڃي، اوهان ٻڌايو ته ان وقت ان مالهيءَ جي ڪهڙي حالت ٿي هوندي؟“ واقعي به مالهي سنڌي ادب جي حوالي سان جيڪو ٻوٽو پوکيو، ان جي خوشبوءِ جڏهن ڦهلجڻ لڳي ته کيس ڌڪي ڌار ڪيو ويو. مالهي ممتا جي هنج ڇڏڻ بعد به الهاس ننگر جي اداس گهٽين ۾ خاموش ٿي نه ويٺو. لطيف جي ان سٽ وانگي؛ ”جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺي.“ واقعي به مالهي پنهنجي زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين خاموش ٿي نه ويٺو. هن سڄي زندگي سنڌي ادب ۽ پورهيت جدوجهد لاءِ ڪم ڪيو. انهيءَ جاکوڙ ۾ ۱۰ فيبروري ۹۰ واري ڏهاڪي ۾ وڇڙي ويو، جنهن کي اڄ به دادا گوبند مالهي جي حوالي سان سنڌ توڙي هند ۾ ياد ڪيو وڃي ٿو ۽ جيستائين سنڌي ٻوليءَ ۽ ان کي چاهيندڙ رهندا، گوبند مالهي جو نانءُ امر رهندو. گوبند مالهي سنڌي ادبي سنگت جو باني گل مورو هيءُ ۴۵ ۽ ۴۶ جو زمانو هو سڄي برصغير ۾ انگريز سامراج خلاف نفرت چوٽ چڙهيل هئي، بنگال جي ڌرتيءَ تي ٽئگور جي گيتن جي گونجار هئي ته ٻولي بچايو، ڌرتي بچايو اهو ئي منظر نامو ڏسي ڪري سنڌ ۽ هند جي عظيم سپوت داد گوبند مالهي سنڌي ٻولي وطن ۽ ڌرتيءَ کي بچائڻ لاءِ ممتا جو مالهي بڻجي سنڌي ادبي سنگت جي نالي سان اهڙو ته ٻوٽو پوکيو جو سموري برصغير ۾ ڀٽائيءَ جي بيتن، سچل جي تصوف عنايت جي، جو کيڙي سو کائي جي فڪر کان وٺي هاري هلچل واري اهڙي ته لهر اُٿي پئي جو سنڌ جا فڪرمند ماڻهو ميدان تي نڪري پيا ٽئگور جي گيتن جيان سنڌ جا شاعر، اديب ۽ قلمڪار نارائڻ شام کان وٺي ڪيرت ٻاٻاڻي تائين کوڙ سارا قلمڪار پنهنجو قلم کڻي ڌرتيءَ جي بقا جي جنگ وڙهڻ شروع ڪري ڇڏي ان زماني ۾ ساهتي پرڳڻي ۾ جنم وٺندڙ گوبند مالهي پنهنجي ئي جنم ڀومي ٺاروشاهه ۾ مهاتما گانڌي کي گهرائي ڪري کيس مڃتا ڏني ته فڪر ۽ نظريا مذهب جي بنياد تي ناهن ٿيندا قومن جو بنياد فطري ٻولين تهذيبن ۽ ثقافت جي بنياد تي ٿيندو آهي ان زماني ۾ سنڌ توڙي هند اندر سنڌي ادب، سنڌي ٻولي ۽ تهذيب جي حوالي سان ۳ عظيم شخصيتون جن کي ٽي مورتي جي حوالي سان سڃاتو ويندو هو ۽ اڄ به انهن ئي ٽنهي شخصيتن کي ادبي حوالي سان هند توڙي سنڌ ۾ وڏي مڃتا ملي ٿي جن ۾ گوبند، اُتم ۽ ڪيرت اهي ٽئي شخصيتون ئي هيون جن ڀٽائيءَ جي فڪر کي کڻي جهرجهنگ پهچايو ۽ سنڌي ٻوليءَ کي قومي بڻائڻ لاءِ جدوجهد ڪئي ايتري قدر جو جڏهن ۱۹۳۰ع ڌاري جمشيد مهتا سنڌ هاري ڪميٽيءَ جو بنياد وڌو ته ان وقت به هي ٽئي شخصيتون ئي هيون جن رت ست ڏئي پوري برصغير ۾ پورهيتن جي راڄ کي قائم ڪرڻ لاءِ ۽ انهن جي وارثي لاءِ ميدان ۾ نڪري عملي قدم کنيا ۽ جڏهن سائين جي ايم سيد ۽ شيخ اياز جي استاد حشو ڪيول راماڻي ڀريا جهڙي قديمي شهر ۾ ديوان ڪوڙو مل جي اڪيڊمي ۾ ناٽڪ منڊلين جو بنياد وڌو ته ان وقت اها علمي درسگاهه جنهن سڄي سنڌ کي شعور ڏنو پئي ته نياڻيون پڙهايو ڌرتي بچايو، انهيءَ تحريڪ ۾ به گوبند مالهي انهن سان گڏجي هر هنڌ هر جدوجهد ۾ شامل رهيو، اڄ به سنڌ جو اهو جهونڙو سيد فتح علي شاهه جنهن ديوان ڪوڙل مل جي ناٽڪ منڊلين ۾ خوبصورت نوجوان نينگري جو ڪردار ادا ڪندو هو ان جي اندر ۾ اهي ئي سمايل ڳالهيون بر زباني ياد آهن ۽ اهو ماسٽر چندر جيڪو مالهي جي گهر ڀرسان رهندو هو ۽ جتي پنهنجي پٽ منسک جي ياد ۾ منسک محل جوڙائي روزانو رات جو رياض ڪندو هو ۽ ڀڳت وجهندو هو ان وقت به هي گوبند مالهي هيو جنهن ڀڳت ڪنور رام کي گهرائي هن ئي نارنگين واري شهر ٺاروشاهه ۾ سڄي راڄ کي گڏ ڪري اهي درد ڀريا گيت ۽ وڇوڙي جا آواز سڻائيندو هو، ان سڄي عمل ۾ گوبند مالهيءَ جو ڪردار سنڌي ادب کي نوان رنگ ڏيڻ ۽ هند توڙي سنڌ ۾ پنهنجي سنڌي ٻولي جي بقا جي جنگ وڙهڻ لاءِ جيترو ڪردار ادا ڪيو اهو شايد ڪنهن ماڻهوءَ گهٽ ادا ڪيو هجي، اها پوهوءَ ماءُ جيڪا سمورين ڀڳتين کي ديس جي دردوندن کي ممتا جا گيت ٻڌائيندي هئي لوريون ڏيندي هئي ۽ نارائڻ شام جون سٽون ورجائيندي هئي ته: الا ائين م ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي ته هُئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي. ته ڪيترن ئي دردوندن جي نيڻن ۾ لڙڪ لڙي پوندا هئا پر بي رحم ورهاڱي مالهيءَ کي وطن کان جڏهن ڌڪي ڌار ڪيو ته هن هند ۾ وڃي ساهتيا اڪيڊمي کولي اتي به پنهنجي ٽه مورتي واري ساٿين ڪيرت، اتم، نارائڻ شام کان وٺي حشو ڪيول راماڻي تائين گڏجي سنڌي ٻولي قومي ٻولي جي تحريڪ هلائي ۽ هندوستان ۾ سنڌي ٻولي کي نيٺ هندوستاني سرڪار قومي ٻولي جو درجو ڏنو پر جهڙي طرح گوبند مالهي جو روح پنهنجي جنم ڀومي لاءِ آخري گهڙيءَ تائين هڏڪيون کائيندو ۽ تڙپندو رهيو ائين ئي سنڌي ٻولي قومي ٻولي بڻجڻ لاءِ پنهنجي ئي ڌرتي تي مالهي جي روح جيان تڙپي رهي آهي. اچو ته گوبند مالهي جي روح سنڌي ٻولي قومي ٻوليءَ کي بچايون. گوبند مالھي سنڌ تو کي ياد ڪري ٿي رکيل مورائي گوبند مالهي، سنڌ ۾ ڄائو ۽ هند ۾ وفات ڪيائين. دراصل اھو هڪ ئي کنڊ هئو، جنهن کي ۱۹۴۷ع ۾ ورهايو ويو. کنڊ کي ڇا ورهايو ويو، ماڻهن کي ورهايو ويو. انهن جي مذهبن کي ورهايو ويو. انهن جي خوابن کي ورهايو ويو. وڏي ڳالهه ته هن کنڊ جي سموري روشن مستقبل کي ورهايو ويو. ائين گوبند مالهيءَ ۽ ٺارو شاهه کي به ورهايو ويو. ٺارو شاهه، ساهتي پرڳڻي جو اهو ننڍڙو شهر آهي، جنهن ادب ۽ ٻين فنن سان لاڳاپيل ڪيترين ئي اهم شخصيتن کي جنم ڏنو. جن مان ٻه شخصيتون هن کنڊ جي لاءِ گهڻيون اهم آهن. انهن مان هڪ آهي، هند جهڙي وڏي ۽ گهڻيون ٻوليون ڳالهايون ويندڙ ۽ لکيون ويندڙ ملڪ ۾ ”ناول سمراٽ“ جو اعزاز ماڻيندڙ گوبند مالهي ۾ ٻيو آهي ”سنگيت آچاريه“ جو اعزاز ماڻيندڙ ماسٽر چندر! سنڌ وچين دور کان وٺي الڳ الڳ پرڳڻن جي حوالن ۾ به سڃاتي ويندي هئي. جن مان هڪ پرڳڻو ”ساهتي پرڳڻو“ جي نالي سان به آهي. جنهن ۾ نوابشاهه، سڪرنڊ، مورو، نوشهروفيروز ۽ ڪنڊيارو شهر اچي وڃن ٿا. هيءُ پرڳڻو، سنڌي ادب جي حوالي سان نهايت ئي اهم رهيو آهي ۽ ان اهم هجڻ جو هڪ اهڃاڻ گوبند مالهي به آهي. گوبند مالهي نوشهري فيروز تعلقي جي هڪ ننڍڙي شهر ٺارو شاهه ۾، پنجين آگسٽ ۱۹۲۱ع تي ڄائو ۽ ۲۶ سالن جي عمر تائين سنڌ ۾ رهيو. هو سنڌي ادبي سنگت جو پهريون جنرل سيڪريٽري رهيو. ڪراچي ۾ گوبند پنجابيءَ جي نئين دنيا پريس کي مرڪز بڻائي، هن سنڌي ترقي پسند لٽريچر ڇپائڻ جي شروعات ڪئي. ساڳئي وقت، ترقي پسند تحريڪ کي به زور وٺايو. گوبند پنجابي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، ڪيرت ٻاٻاڻِي، اي جي اتم ۽ ٻيا ڪيترا ئي ترقي پسند، سنڌ ۾ سندس ساٿي رهيا. سندس پهريان چار ڪتاب به ڪراچيءَ ۾ ئي ڇپيا، جيڪي هيٺ ڏنل آهن. ۱ . ساٿي (ترجمو) ۱۹۴۱ع ۲ . انقلابي سپاهي ۱۹۴۱ع ۳ . چتر ليکا (ترجمو) ۱۹۴۶ع ۴ . انقلابي شاهراهه ۱۹۴۷ع هن مٿيان سڀ ڪتاب، ترقي پسند سوچ ۽ نظريي جي اثر هيٺ لکيا. ائين ورهاڱو آيو ۽ هن کي اڏائي کڻي ويو. پر هو جتي پهتو، اتي يڪدم هڪ ٽمورتي جوڙي ورتائين. جيڪا ترقي پسند ادب جي جڳ مشهور ٽمورتي جي نالي سان اڄ تائين پنهنجي هڪ خاص سڃاڻپ رکي ٿي. اها ٽمورتي آهي؛ گوبند مالهي، اي جي اتم ۽ ڪيرت ٻاٻاڻي. هن ٽمورتيءَ، سنڌ مان جلا وطن ٿيل/ ڪيل سنڌين کي، هندستان جهڙي وڏي ملڪ ۾ ڪيئن ٿانئيڪو ڪيو ۽ انهن کي پاڻ ۾ جوڙيو، اهو تاريخ جو هڪ ڊگهو داستان آهي، جيڪو گوبند مالهيءَ جي چئن جلدن ۾ لکيل آتم ڪهاڻيءَ، ”ادب ۽ اديب“ ۽ ڪيرت ٻاٻاڻي جي چئن جلدن ۾ لکيل آتم ڪهاڻي ”ڪجهه ٻڌايم، ڪجهه لڪايم“ ۽ سنڌيت جي هلچل بابت سندس لکيل بيمثال ڪتاب ”سنڌيت جو سفر“ ۾ پڙهي سگهجي ٿي. هت فقط ايترو چوڻو آهي ته هن پنهنجي لکڻين جي معرفت، ناٽڪ منڊلين جي معرفت ۽ ڪماري ڀڳونتي ناواڻيءَ جي ڪوئل جهڙي مٺڙي آواز جي معرفت، جيڪا هند ۾ سنڌين کي جوڙڻ لاءِ جدوجهد ڪئي، اها هڪ بيمثال جدوجهد هئي. جنهن ۾ اي جي اتم ۽ ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جو به هڪ اهم حصو آهي. سنڌ سان اڻميو پيار ڪندڙ گوبند مالهي، انهن ٿورڙن خوشنصيب اديبن مان هئو، جن کي ورهاڱي کان پوءِ هڪ ڀيرو وري سنڌ ڏسڻ نصيب ٿي. هو ۱۹۸۹ع ۾ سگا پاران ملهايل سچل امن ڪانفرنس ۾ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، نارايڻ ڀارتي، ڪرشن کٽواڻي، قيمت هريسنگهاڻي ۽ وينا شرنگيءَ سميت شامل ٿيو. ائين هن کي هڪ ڀيرو سنڌ سان گڏ پنهنجي جنم هنڌ وارو ڳوٺ ٺارو شاهه به ڏسڻ نصيب ٿيو. ان وقت هن ڇا محسوس ڪيو هوندو، ان جو بيان سنڌ جي اديب عظيم سنڌي صاحب جي لفظ ۾ اهو هو ته ”هو جيترو وقت به ٺارو شاهه ۾ هئو، سندس اکين مان پاڻي نه بيٺو، پر هن اتي ڪو به اظهار نه ڪيو ۽ روشن تارا اسڪول موري ۾ اچي، هن پنهنجي جذبن جو اظهار ڪندي چيو هو ته ”مان مالهي آهيان، مون جيڪي گل ننڍپڻ ۾ ٺارو شاهه ۾ پوکيا هئا، انهن جي خوشبوءِ اڄ به مونکي اچي رهي آهي، جنهن ڪري منهنجو روح تازو توانو ٿي ويو آهي.“ گوبند مالهي هڪ نظرياتي ۽ تخيلقي اديب طور، سنڌ ۾ ئي پنهنجي آبرو دار جڳهه جوڙي ورتي هئي. پر هن هند ۾ وڃي سنڌين ۾ جيڪو مرتبو حاصل ڪيو، ان جو مثال نه ٿو ملي. هن پنهنجي ڄمار جيئندڙ سالن جيترا ئي ڪتاب لکيا. هن تي جيئري ئي رسالن خاص نمبر شايع ڪيا. سندس وفات کان پوءِ، مٿس ٻيا ته ڪي اهم ڪتاب لکيا ويا آهن، پر ممبئي يونيورسٽيءَ جهڙي اداري مٿس پي ايڇ ڊي جي ٿيسز قبول ڪندي، اسان جي دوست ڊاڪٽر منوهر مٽلاڻي کي اهڙو اعزاز ڏنو، جنهن هڪ لاجواب ڪتاب ”گوبند مالهي: شخص ۽ اديب“ نالي لکي، ممبئي يونيورسٽيءَ مان ڊگري حاصل ڪئي. ساڳئي وقت ممبئي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي اهو لاجواب ڪتاب پڻ شايع ڪيو آهي. گوبند مالهي، الڳ الڳ موضوعن تي، مٿس ڪيل تحقييق موجب ۶۹ ڪتاب لکيا ۽ ترجمو ڪيا آهن. جيڪو هڪ تمام وڏو تخليقي پورهيو آهي. هند جي ادبي/ حلقي ۾ ”ٺاهه گرو“ جي لقب سان ياد ڪيو ويندڙ گوبند مالهي، هاڻ نه رهيو آهي. پر سندس سمورا ڪتاب سنڌي ادب جو اهڙو سرمايو آهن، جنهن تي سنڌي ادب فخر ڪندي ۽ هو سنڌي ادب ۾ سدائين ياد ڪيو ويندو. گوبند مالھي کان به ٺاروشاھ نه وسريو ھيو علي رضا قاضي ساهتي پرڳڻي جي شهر ٺارو شاهه ۾ ۵ آگسٽ۱۹۲۱ع ڌاري جنم وٺندڙ گوبند مالهي، جديد سنڌي ادب جو وڏو نالو آهي ۽ هميشه رهندو. دادا گوبند مالهي هڪ سؤ کان مٿي ڪهاڻيون، ۲ سئو کان مٿي مضمون، ۳۵ ناٽڪ ۽ ۲۸ ناول لکيا، ان ڪري ئي هن کي هند توڙي سنڌ ۾ سڀ کان گهڻا ناول لکڻ ڪري “ناول سمراٽ” (ناول جو شهزادو) سڏيو ويو. گوبند مالهي کي ۱۲- ۱۳ سالن جي ننڍي عمر ۾ ئي لکڻ جو شوق جاڳيو، اهو زمانو ۳۵-۱۹۳۴ع وارو هو. هن جي شروعاتي لکڻي مشهور جرمن شاعر گوئٽي جي ڪنهن نظم جو ترجمو هو، جيڪو سناتن ڌرم جي پرچارڪ ماهوار سنڌي رسالي “شڪارپور” ۾ ڇپيو. گوبند مالهي کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هن ۴۲-۱۹۴۱ع ۾ سنڌي ادب ۾ ترقي پسند ڌارا جو بنياد وڌو، جڏهن ته سياسي حوالي سان ڪانگريس جو اثر قبول ڪيائين. هن ان عرصي ۾ ئي شاگرد سياست جي پيڙهه جو پٿر به رکيو، جنهن دوران هن جو ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي سان تعلق پيدا ٿيو، جنهن کان هن مارڪسزم ۽ ڪميونزم جو سائنسي طريقي سان اڀياس سکيو ۽ گڏوگڏ ٻنهي ڄڻن ڪامريڊ محمد امين کوسي سان واسطو وڌايو. دادا گوبند ۱۹۴۲ع ۾ ۳ مهينا جيل ۾ به رهيو، جيل مان نڪرڻ بعد ڪميونسٽ پارٽي ۾ شامل ٿيو. ۱۹۴۴ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي ڪراچي جو سيڪريٽري پڻ ٿيو. ساڳي ئي سال هن ايل ايل بي جو امتحان به پاس ڪيو. نامياري اديب ڪيرت ٻاٻاڻي پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکيو آهي ته “۱۹۴۲ع جي جنگ آزادي وقت مون ۲ ترقي پسند شخصن جو نالو ٻڌو هو. هڪ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، ٻيو دادا گوبند مالهي”. ان مان مالهي جي حيثيت جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. دادا گوبند مالهي، ۱۹۴۲ع جي تحريڪ دوران سنڌ ۾ هڪ نئين تنظيم ٺاهڻ ڏانهن راغب ٿيو. سنڌي سرڪل کان سنڌي ادبي سنگت تائين جو سفر ان دور ۾ ٿيو. گوبند مالهيءَ کي ورهاڱي کان اڳ سنڌي ادبي سنگت جو پهريون سڪريٽري هجڻ جو اعزاز به حاصل آهي. گوبند مالهي صحافت به ڪئي ۽ اسٽيج ناٽڪن، توڻي فلم جي هدايت ڪاري ۽ اداڪاري ۾ به حصو ورتو. مالهي جا پنج ناول “پکيئڙا”، “ولر کان وڇڙي”، “ڏيهي پرڏيهي”، “پيار جي شڪست” ۽ “پيار جي پياس” تمام مشهور رهيا آهن. مالهي، ۱۹۴۷ع ۾ سنڌ کان جدا ٿي هندستان ڏانهن اڻ ڏٺي منزل ڏانهن روانو ٿيو. هو، جنهن جو ساهه سنڌ هئي، انهي کان وڇڙڻ وقت هن جي حالت ڪهڙي هوندي سا بيان کان ٻاهر آهي! سنڌ جي دل ٺارو شاهه شهر واسين کان اهو ڏينهن به ناهي وسريو، جڏهن ۳۰ نومبر ۱۹۸۹ع تي اسان جو دادا گوبند مالهي، ٺارو شاهه ۾ آيو هو. گوبند جو ڪتاب “ڳالهيون منهنجي ڳوٺ جون” شاهد آهي ته گوبند کي سنڌ ۽ ٺارو شاهه سان ڪيڏي محبت هئي. ڀلا ڪيئن نه محبت هجي، جنهن جڳهه تي انسان ڄمي، نپني، وڏو ٿئي، اتي لاتعداد محبتون ڪري، اهو خطو هن کان ڪيئن وسري سگهندو. اڄ جڏهن گوبند جي اوڻويهين ورسي آهي ته هن کي خراج پيش ڪرڻ لاءِ هن جي ڪتاب “ڳالهيون منهنجي ڳوٺ جون” مان هڪ ٽڪرو پيش ڪجي ٿو: “مان پنهنجي پاڙي واري ڇوڪريءَ تي عاشق ٿي پيس، هوءَ ڏاڍي سندر هئي پر هڪ مسئلو هو ته اسان ٻنهي جو مذهب الڳ هو. ان سهڻي ڇوڪريءَ سان سرعام عشق ڪرڻ جو مطلب هٿ وٺي مذهبي فساد ڪرائڻ هو، جيڪا ڳالهه مان ڪڏهن به نه پيو چاهيان، پر هن نادان دل کي ڇا ڪجي، جيڪا ڪنهن به صورت قابو نه اچي رهي هئي. آخر وڏي دليري ڏيکاريندي، اکين سان انهي من موهڻي صورت ڏانهن محبت جو پيغام موڪليم، جيڪو قبول پيو. هاڻي زبان سان همٿ ڪري شام جي ويل پنهنجي گهر جي پويان ٺهيل چوپائي مال جي واڙي ۾ ملڻ جو وچن ٿيو. شام ٿي اسان لڪي لڪي اتي پهتاسين، تنهن زماني ۾ ٺارو شاهه ۾ بجلي نه آئي هئي، انهي ڪري شام به رات ٿي ويندي هئي. منهنجو من عشق جي آتش ۾ سر پور هو، ڪجهه دير ويهي رهاڻ ڪئي سين انهي کانپوءِ خوف جو عالم ۽ موڪلاڻي! موڪلائڻ مهل اسان ٻنهي کي الائي ڇا ٿيو جو بي اختيار ڳراٺڙيءَ ۾ پئجي وياسين! خبر ناهي ته اسان جو ڀاڪر ڪيستائين جاري رهيو؟ پر مون کي پنهنجي جسم ۾ هڪ عجيب ڪيفيت معلوم ٿي، جيڪا لفظن ۾ بيان ڪرڻ کان ٻاهر هئي!؟ ڪجهه مهينن اندر انهي مسلمان ڇوڪري سان ته منهنجي عشق جو ڊراپ سين ٿي ويو پر هن سان پاتل ڀاڪر جي ڪيفيت سمجهي نه سگهيم، تان جو ٺارو شاهه ۾ بجلي به اچي وئي. هڪ ڏينهن امان گهر ۾ بجلي جي تار ٺاهڻ جو چيو، مان به بجلي جي ڪم کان اڻواقف سو نه ڪيم هم نه تم سڌو هٿ بجلي جي تار ۾ ڪجهه سيڪنڊن اندر جسم ۾ ڪرنٽ ڊوڙي ويو. ڪجهه وقت لاءِ ته جسم ڄڻ سن ٿي ويو. انهي وقت پنهنجي يادداشت تي زور ڏنم ته بجليءَ جو هي ڪرنٽ اهو ساڳيو معلوم ٿيو، جيڪو ڪجهه سال اڳ مينهن جي واڙي ۾ انهيءَ چنچل ڇوڪريءَ سان ڀاڪر ۾ محسوس ٿيو هو.” اهو شوخ ۽ چنچل ڳالهين وارو گوبند ۱۰ فيبروري ۲۰۰۱ع ۾ اسان سڀني کان موڪلائي ڪٿي ڏور سنڌ جي آسمان ۾ گم ٿي ويو. هن جي وڇوڙي تي جتي سڄي سنڌ رنجيده هئي، اتي ٺارو شاهه جي به ڪيترن ئي گهرن مان سڏڪن ۽ آهن جا آواز اٿيا هئا. روئڻ وارن ۾ هن جا اهي دوست هئا، جن سان هن شهر جي شاهي بازار ۾ ويهي نوري مشڪري سان ڀوڳ ڪيا هئا. گوبند جي مرتيي تي سڏڪا انهن به ڀريا هئا جن ڪتاب “ڳالهيون منهنجي ڳوٺ جون” پڙهي پنهنجي سيني ۾ فخر جي لهر اٿندي محسوس ڪئي هئي ته گوبند کان پنهنجو محبوب شهر ٺاروشاهه اڃان به وسريو ناهي. گوبند مالھي تون وڇڙيو آهين، وسريو ناهين رکيل مورائي هند ۽ سنڌ جو هاڪارو اديب، دانشور ۽ ٻين ڪيترين خوبين جو مالڪ گوبند مالهي، ۵ آگسٽ ۱۹۲۱ع تي ساهتي پرڳڻي جي نهايت اهم، پران وقت جي ننڍي شهر ٺاروشاهه ۾ جنم ورتو. هن سنڌ ۾ رهڻ دوران ئي ادبي ۽ سياسي حوالي سان لکڻ شروع ڪيو ۽ هند ۾ وڃي آخري عمر تائين لکندو رهيو. ”ناول سمراٽ“ جو خطاب ماڻيندڙ گوبند مالهي، هند ۾ رهندڙ سنڌي جاتي ۽ سنڌي اديبن جي مستقبل کي ٺاهيندڙ شخصيتن مان هڪ اهم شخصيت آهي، هن ڪيترا ناول لکيا، ڪيتريون ئي ڪهاڻيون لکيون آهن. گوبند مالهيءَ سنڌي ”آوازي ڪلچر“ کي هند ۾ متعارف ڪرائڻ لاءِ ڪيترن هنڌن جا چڪر لڳايا ۽ ڀارت ۾ وسندڙ سنڌين کي وسائڻ ۽ سنڌي ٻولي ۽ ڪلچر کي قائم ڪرڻ لاءِ سڄي زندگي ارپي ڇڏي ۽ ساڳئي وقت تخليقي ڪم به ڪندو رهيو. گوبند مالهي هند جي سنڌين جي وڏي ۾ وڏي ادبي تنظيم ”اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا“ جو اڏيندڙ به آهي ته وڏو ناٽڪ نگار ۽ ناٽڪ ڊائريڪٽر به رهيو آهي. کيس سندس ناول ”پيار جي پياس“ تي هند سرڪار جي وڏي ۾ وڏي ادبي اداري مرڪزي ساهتيه اڪيڊميءَ ۱۹۷۳ع سال لاءِ انعام سان نوازيو ويو. هن ڪيترين ڪهاڻين، ناولن ناٽڪن ۽ ٻين موضوعن کان سواءِ پنهنجي، آتم ڪٿا به پنجن جلدن ۾ لکي آهي. جيڪا وڏي مڃتا ماڻي چڪي آهي ۽ ٻيهر سنڌ ۾ پڻ شايع ٿي آهي. گوبند مالهي شايد پهريون سنڌي اديب آهي، جنهن تي ”ڪونج“ ۽ ”سپون“ رسالن، خاص نمبر ڪڍيا. ان کان سواءِ سندس شخصيت ۽ ادبي ڪارج تي ممبئيءَ جي هڪ اديب، هولارام هنس هڪ ڪتاب ”گوبند مالهيءَ جي سنڌي ناول ۾ يگاني دين“ نالي ليکو آهي. شايد هيءُ ئي اڪيلو اديب آهي، جنهن تي ممبئي يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري ورتي وئي آهي ۽ ان ڪتاب کي ممبئي يونيورسٽيءَ پاران ۲۰۰۲ع ۾ ڇپايو ويو آهي، جنهن جو نالو آهي: ”گوبند مالهي، شخص ۽ اديب“. هن ڪتاب جو ليکڪ آهي، ڊاڪٽر منوهر مٽلاڻي. اهو ممڪن آهي ته مون جهڙي ٿوري علم رکڻ واري پاٺڪ کان گوبند مالهيءَ جا ڪي ڪتاب ذڪر ڪرڻ کان رهجي ويا هجن، تنهن هوندي به سندس جيڪي ڪتاب مون کي ميسر ٿي سگهيا آهن، انهن جو تعداد ۵۱ آهي. هن سنڌي ٻوليءَ ۾ الڳ الڳ ٻولين جا ڪيترائي ڪتاب ترجمو ڪري سنڌي ٻوليءَ جي جهولي ڀري آهي. ورهاڱي کان اڳ هو پنهنجي ڳوٺ ٺارو شاهه مان پڙهڻ لاءِ ڪراچي آيو جتي سندس ملاقات گوبند پنجابيءَ سان ٿي، جيڪو ان وقت ترقي پسند ادب کي ڇاپڻ لاءِ پريس قائم ڪري چڪو هو ۽ اتان ئي ”نئين دنيا“ نالي پبليڪيشن جاري ڪري چڪو هو، جنهن پاران سنڌيءَ ۾ ڪي اصلوڪا ڪتاب ۽ ڪي ترجمو ڪري ڇاپي چڪو هو، ڪراچي ۾ گوبند مالهيءَ جي دوستن ۾ شيخ اياز، نارايڻ شيام، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، اي ڪي هينگل، موهن پنجاپي، ڪيرت ٻاٻاڻي، اي جي اتم ۽ ٻيا ڪيترائي ترقي پسند شامل آهن، جيتوڻيڪ حشو ڪيولراماڻي کائنس عمر ۾ وڏو هئو تڏهن به سندن دوست ڪوٺي سگهجي ٿو. هي سڀ اهي شخص هئا جن سنڌي ٻوليءَ ۾ ترقي پسند ادب جي آبياري ڪئي. ورهاڱي کان پوءِ حشو ڪيولراماڻي، گوبند مالهي، ڪيرت ٻاٻاڻي، اي جي اتم ۽ ٻيا ڪيترائي ترقي پسند سنڌي اديب هند لڏي ويا، پر ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ سنڌ نه ڇڏي ۽ هتي ئي رهي پيو، هند ۾ وڃي گوبند مالهي، اي جي اتم ۽ ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جي ٽمورتيءَ ”نئين دنيا“ جاري ڪئي جيڪا آخر تائين اي جي اتم جي سمپادڪيءَ هيٺ ڪتاب ڇاپيندي رهي، نئين دنيا پبليڪيشن جا ڪيترائي ڪتاب ترقي پسند ادب جا شاهڪار ڪتاب آهن، جيڪي وري وري ڇپائڻ جهڙا آهن. گوبند مالهيءَ لکڻ کان سواءِ هند ۾ جيڪا سنڌي ادب جي واڌ ويجهه لاءِ ڪوشش ڪئي اها پڻ هاراهڻ جوڳي آهي پر هن جيڪي پنهنجون لکڻيون ايڪونجاهه ڪتابن ۾ ڏنيون آهن اهي سنڌي ادب جو اهڙو حصو آهن، جنهن کي سدائين ياد رکيو ويندو. گوبند مالهيءَ هند ۾ آوازي ڪلچر کي ڦهلائڻ لاءِ ڪيترائي فورم جوڙيا، جن سڀني کي هو ڪاميابيءَ سان هلائي سگهيو. هڪ طرف تخليقي ڪم ڪرڻ ۽ ٻئي طرف سنڌيت جي ڦهلاءَ لاءِ جيڪا هن تبليغ ڪئي، اها خود هڪ تاريخ ۾ لکڻ جهڙي آهي. ڪوئل جهڙي مٺڙي آواز واري ڀڳونتي ناواڻي، مالهي صاحب جي دريافت هئي، جنهن پنهنجي مٺڙي آواز سان هند جهڙي وڏي ملڪ ۾ ڇڙ وڇڙ ٿي رهندڙ سنڌين کي ته پاڻ ۾ جوڙيو پر سنڌ جي سنڌين کي به هند جي سنڌين سان ڳنڍيو. گوبند مالهي سڄي زندگي سنڌ پرست ڪميونسٽ رهيو پر آخري عمر ۾ هو سڀني ترقي پسند دوستن کي چوندو هئو ته ”هاڻ مون ڪميونزم کي تصوف ۾ وهنجاريو آهي“ ان ڳالهه مان ڀلي ڀت سمجهي سگهجي ٿو ته هو آخري عمر ۾ تصوف ڏانهن لاڙو رکندو هئو. گوبند مالهيءَ جي زندگيءَ ۾ هڪ خوش نصيبي اها آئي جو هو پنهنجي عمر جي آخري حصي ۾ ۱۹۸۹ع ۾ هڪ ڀيرو سنڌ ڏسي سگهيو، جيڪا ورهاڱي کان پوءِ سندس زندگيءَ جي آخري رهجي ويل خواهش هئي. ساڻس سنڌ اچڻ واري وفد ۾ ڊاڪٽر مرلي ڌر جيٽلي، ڪرشن کٽواڻي، قيمت هريسنگهاڻي، ڊاڪٽر نارايڻ ڀارتي ۽ وينا شرنگي گڏ آيل هئا، پر وفد ۾ جيڪا آجيان گوبند مالهيءَ جي ٿي اها مثالي هئي. هو سنڌ ڏسي ويو سنڌ جي سفر بابت هڪ ڏکوئيندڙ سفر نامو لکيائين، جنهن هند ۽ سنڌ ۾ ڪافي پذيرائي ماڻي. پنهنجي آتم ڪٿا جا پنج جلد لکيائين ۽ ڏهين فيبروري ۲۰۰۱ع تي ممبئيءَ ۾ ديهانت ڪيائين. گوبند مالهي ترقي پسند تحريڪ جو اڏيندڙ سجاد ظهير ترقي پسند سياست سنڌ جي سڃاڻپ رهي آهي، هن سياست سنڌ ۾ ادب ۽ سماج جا جيڪي ڳانڍاپا جوڙيا اهي ترقي پسند فڪر جا تمام وڏا اهڃاڻ آهن. اهڙو ادب جيڪو سماج ۾ مظلوم جي ڏکن ۽ ڏوجهرن جي ترجماني ڪري، انهي جي عملي شروعات انساني تاريخ جي شروع ٿيڻ کانپوءِ، انساني جاکوڙ سان جڙيل نظر اچي ٿي. ننڍي کنڊ ۾ ترقي پسندي جي نالي هيٺ انهي ادب جو بنياد پيو. هي ادبي تحريڪ انهي سامرج دشمني جو بنياد هئي جيڪا برصغير ۾ انگريزن جي اچڻ کان پوءِ شروع ٿي. هن ادب تاريخ ۾ جيڪا سوڀ حاصل ڪئي، اها پنهنجي دور جي تاريخ سمجهي وڃي ٿي. سنڌي سماج تي ان ادب ۽ سياست جا تمام چٽا ۽ پختا اثر نظر اچن ٿا. کوڙ نالا ڳڻائي سگهجن ٿا. هڪ ڊگهي قطار آهي جنهن تي تحقيقي طور لکڻ جي ضرورت آهي. هيءَ اها عوامي تاريخ آهي جنهن جا بنياد تاريخ جي جديد تاريخدانن مرتب ڪيا. انهن ترقي پسند سياست کي نه رڳو هٿي ڏني پر انهي کي تمام مضبوط لاڙا ڏنا. اڄوڪو ڏينهن انهي تحريڪ جي هڪڙي سرواڻ جي وڇوڙي جو ڏهاڙو آهي. اسان جي تاريخ کيس گوبند مالهي جي نالي سان ياد ڪري ٿي. هو هڪ ئي وقت سياست ڪار سان گڏ هڪڙو اهڙو ليکڪ هئو جنهن هڪ نئين ترقي پسند سنڌ جو بنياد پئي وڌو. سندس قلم ناول، ڪهاڻي، ناٽڪ، ترجمي، مضمون، سهيڙ ۽ آتم ڪٿا تي تاريخي ليک لکندو رهيو. سندس جنم ۵ آگسٽ ۱۹۲۱ع موجودهه ضلعي نوشهري فيروز جي شهر ٺاروشاهه (ان وقت ضلعي نواب شاهه) ۾ ٿيو. سندس خاندان جو پيشو زمينداري هو. ميٽرڪ تائين پاڻ اباڻي شهر۾ پڙهيو. جڏهن ته ميٽرڪ جا اهي امتحان سنڌ جي ٽن شهرن جهڙوڪ ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ ٿيندا هُئا. گوبند اهي امتحان ڪراچي ۾ ڏنا هُئا. انهي دروان هن پنهنجي ويجهي مختلف سياسي تبديلي ۽ خيالن کي ڏٺو ۽ محسوس ڪيو. هيءُ سماج هندو مسلم فرقن ورهايل هو، انساني رويا ڏاڍا سخت ٿيندا پئي ويا. هيءُ هندستان جي سياسي اُٿل پُٿل جو دور هيو جنهن ۾ هڪ طرف ڪانگريس جي انگريزن سان ڳٺ جوڙ واري پاليسي جي سياست جاري هئي ته ٻئي طرف مسلم ليگ مسلمانن کي هروڀرو قوم جي قطار ۾ بيهاريو بيٺي هئي. ٽئين طرف اهڙا محاذ هئا جيڪي انگريزن جي تڏا ويڙهه کان سواءِ ٻئي ڪنهن به فارمولي جي حق ۾ ڪين هئا. ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا اهڙي ڌڙي جي سرواڻي ڪري رهي جنهن ۾ مزاحمت ڪندڙ جٿا به سندن ڪردار ۽ عمل کان متاثر ٿي جدجهد ۾ اڳ ڀرا هئا. گوبند مالهيءَ به اهڙي دور ۾ اک کولي سندس شعور ان سموري ماحول کي پرکڻ شروع ڪيو. هو ننڍپڻ ۾ پيار جي ٻنڌڻن ٻڌجڻ شروع ٿي ويو. زينو(زينت) نالي ڇوڪرِيءَ جو ذڪر سندس ياد جي پنن ۾ ملي ٿو. ڀوڳن ۾ کيس زينو پاران شيطان سڏيو ويو. هِن اُن نالي کي پنهنجو تخلص بڻائي ڇڏيو. سندس پهريان شعر انهي نالي سان “سنسار سماچار” ۽ “هندو” ۾ ڇپيا. سندس وڌيڪ تعليم لاءِ شڪار پور جي سي ائنڊ ڪاليج جي چونڊ ڪئي وئي. انهي جا ٻه سب ڄاڻايا ويا آهن، سندس گهرڀاتين مطابق ته اتي ڪراچي جهڙو ماحول آزاد خيالي ۽ بري سنگت جو نه هجڻ هو، ٻيو ته شڪارپور ۾ ڪجهھ ڄاڻ سڃاڻ وارا سندس مائٽ هُئا. ڪاليج شڪار پور شهر کان ٻاهر هو، آزادي جي تحريڪ جو مرڪز هو. وچولي طبقي جا شاگرد تعيلم هيٺ هُئا. سي ائند ڪاليج جو ماحول مالهي صاحب تي اثرانداز ٿيو. هن اتي سياست جا مختلف پاسا ڏٺا ۽ پرکيا. ۳۱ آڪٽوبر تي جڏهن سنڌ جي درويش صوفي راڳي سائين ڀڳت ڪنور رام کي رُڪ اسٽيشن وٽ شهيد ڪيو ويو، گوبند مالهي انهي وقت پنهنجي ڳوٺ ٺارو شاهه ۾ هو. هيءُ سموري سنڌ ۾ تمام وڏو واقعو هو، جنهن امن کي ڦاهي تي چاڙهي ڇڏيو هو. سموري سنڌ ٻري اٿي هُئي، هڪ طرف اهو بنياد پرستي جو ماحول هو ته ٻئي پاسي ترقي پسند سياست جا نعرا انقلاب زندهه باد، سامراج مردهه باد تحت گونجي رهيا هُئا. مالهي صاحب وڏي تيز نظر سان ڏسي رهيو هو، سموري عالمي توڙي ڏيهي تبديلي کي محسوس ڪري رهيو هو. مالهي صاحب جي اڳيان سنڌ جو هڪ ٻيو نقشو گردش ڪري رهيو هو، جيڪو فقط بنياد پرستي جي برساتي تباهي کانسواءِ ڪجهھ به نه هو، سندس ذهن تي ٻيو بم تڏهن ڪريو، جڏهن سکر ۾ هندو مسلم تڪرار شروع ٿيو، جنهن کي تاريخ مسجد – منزل گاهه جي سانحي طور ياد ڪري ٿي. انهن واقعن سنڌي سماج تي تمام گهرو اثر ڇڏيو، ڀڳت ڪنور رام جنهن اڪثر مسلمانن جا گيت ۽ ڪافيون ڳايون، پري پري تائين سندس راڳ ۾ ڪو مذهبي فرق اڄ تائين نظر ڪونه ٿواچي. انهن واقعن سنڌ جي هندن کي جهوري وڌو هو. گوبند جو جيءُ جهري پيو هو. سندس والد کيس ڀڳت ڪنور جي ڏکوئيندڙ شهادت کان پوءِ شڪارپور ڪاليج بجاءِ ڪراچي پڙهائڻ جو فيصلو ڪيو. گوبند ٻيو ٽرم ڏيڻ لاءِ ڪراچي پهتو. مٺارام هاسٽل شاگردن سان ڀريل هجڻ ڪري گوبند پنهنجي رهائش دولت آهوجا وٽ ڪئي، جيڪو سندس ڪنهن وقت ۾ پاڙيسري هو. ڪراچي ۾ سندس ڪچهرين جا مرڪز ايراني ريسٽورنٽ، مٺارام هاسٽل، ڊي جي سنڌ ڪاليج ۽ مزدور يونيون رهيون. هو سياست ۽ سماج کان واقف ٿيڻ لاءِ “سنڌ آبزرور” ۽ “ڊيلي گزيٽ” پڙهندو رهيو. هندو مسلم جهيڙن کان پوءِ ڳوٺ ۾ سندس مسلمان دوستن جا لاڙا تبديل ٿيڻ لڳا. سندس ننڍپڻ جا ساٿاري هندن بجاءِ مسلمان کي ترجيع ڏيڻ لڳا. ڪانگريس ۽ ليگ مخالف فقط مذهبي نقطو وڃي بچي هُئي. ٻئي ڌريون آزادي ۽ مفاد پرستي جي چڪر ۾ عظيم تهذيب کي ڳڀا ڳڀا ڪرڻ لاءِ سندرو ٻڌيو بيٺيون هيون. گوبند مالهي لاءِ اهڙي ٻُوسٽ ۽ گھُٽ واري ماحول ۾ ڪراچي هڪ نئون جيئدان ثابت ٿي. ڊي جي سنڌ ڪاليج ان وقت سنڌ جي انقلابين ۽ وطن پرستن جو ڳڙهه هو، شاگردن جي تحريڪ کيس تمام گهڻو متاثر ڪيو. “فيون گهٽايو قسطن ۾ وٺو” نعري واري جدوجهد سندس زندگي جي پهرين سياسي تحريڪ هوئي جنهن کي هن پنهنجي اکين سان ڏٺو. ان سموري تحريڪ جو سرواڻ حشو ڪيولراماڻي هئو، جيڪو ڪاليج جو شاگرد نه هجڻ باجود شاگرد سياست ڪري رهيو هو، سندس علمي ڇاپ ڏاهپ جي ذريعي شاگردن تي قائم هُئي. گوبند مالهي جي شخصيت تي سندس اثر وڌندو ويو. سندس سياسي ڏاهپ ترقي پسند سياست ۾ گوبند کي سرگرم بڻايو. حشو جي تقرير ۽ تحريرگوبند کي متاثر ڪندي رهي. اتي سندس ملاقاتون نارائڻ داس بيچر، قاضي غلام مجتبيٰ، ڪيرت ٻاٻاڻي، اي ڪي هنگل ۽ امين کوسي سان ٿيون. جن ملاقاتن کان پوءِ سندس ذهن تبديل ٿيڻ لڳو. مالهي جي بقول ته کيس راڌو تلسياڻي مختلف ننڍين وڏين تقريبن ۾ وٺي وڃڻ لڳو، گانڌي گارڊن پٺيان رام مشن ۾ سندس ملاقات سوامي رنگا ناٿا سان ٿي، مالهي تي انهي جي فڪري ۽ علمي ڄاڻ جو سٺو اثر ٿيو. رنگا ناٿا مارڪسزم ۽ سماج واد تي بهترين انداز سان ويچار ونڊيندو هو، رنگا ناٿا سوشلزم کي هندو ازم جي اثر هيٺ ڏسڻ جو ورد ڪندو، هن جو مقصد هو ته Socialism Through to Geeta سمجهجي، جنهن مالهي کي انهي عنوان وارو سوامي شوانند جو ڪتاب ڏنو. سوامي جي خيال پرست نظرين مالهي جي ذهن ۾ ڌرم جي لاءِ سافٽ ڪارنر جڏهن ته سياست لاءِ تنقدي خيالن جو اثر وڌايو. گوبند مالهي جي بقول ته سندس مائٽ ليکي کيس ايل ايل بي ڪرڻ جو مشهورو ڏنو، رهائش لاءِ شهاڻي ڪاليج ڀرسان کيس هڪ فليٽ جي افر ڪيائين، ليکي کيس ٻڌايو ته اتي سندس هڪڙو دوست به گڏ رهندو، ليکي کيس ان دوست جا قصا ٻڌائڻ شروع ڪيا، اهو شانتي نڪيتن مان پڙهي ايندڙ سوڀو گيان چنداڻي هو، گوبند جي بقول اتي سوڀو ۽ آئون ساهتي ڪلب ۾ ماني کائيندا هئاسين، هفتي جي اندر سوڀي ۽ گوبند ۾ اهڙي گهرائي ٿي وئي ڄڻ ورهين جا وڇڙيل هُئا. کاٻي ڌر سان تعلق رکندڙ ادب ۽ سياسي فڪري ڪتاب به گوبند کي سوڀي پڙهايا. سويت جنگ جا اثر اسان جي خطي تي جيئن وڌڻ لڳا. تيئن ڪراچي جي شاگرد هلچل ۾ تيزي آئي. هڪڙو ڏينهن اهڙو به آيو جو ڪاليج منجهان ۱۴ شاگردن کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن ۾ گوبند مالهي به شامل هو. مالهي صاحب جي بقول ته جيل سندن لاءِ ناناڻو گهر هئو. ساڻن ملاقات لاءِ هڪ ڏينهن ڪاليج جو پرنسپال به آيو. ٽن مهينن جو قيد ڪاٽي جڏهن گوبند آزاد ٿيو ته سوشلسٽ خيالن جو پختو ڪامريڊ ٿي موٽيو. جڏهن “نئين دنيا” جاري ٿيو ته گوبند کي ان جو ايڊيٽر بڻايو ويو. گوبند ان دوران خواجه احمد عباس جي ڪهاڻين جو مجموعو “رقاصه” ترجمو ڪيو. جڏهن ته ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا ڪراچي جي سيڪريٽري طور ذميواريون به سنڀاليائين. سنڌي ادبي سنگت جو بنياد پڻ عمل ۾ آندائين. پاڻ پهريون سيڪريٽري بڻيو. ورهاڱي کان پوءِ هندستان ۾ هن آرٽ ۽ ادب کي موضوع بڻايو. ڪميونسٽ پارٽي جي ساٿي تنظيم آل انڊيا پيپلز ٿيٽر ايسوسيئيشن جو صدر پڻ رهيو. هو ترقي پسند فڪر تي قائم رهيو، سندس سٿ ”ٽه مورتي“ جنهن ۾ ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ اي جي اتم شامل رهيا. گوبند انهن سان گڏجي ترقي پسند ادب جي آبياري ڪندو رهيو. سندس آتم ڪٿا پنجن ڀاڱن ۾ ڇپي جيڪا سنڌ ۾ “سنڌڙي منهنجي جندڙي” جي نالي سان هڪ ئي ڪتاب جي شڪل ۾ ڇپجي چڪي آهي. جنهن کي سنڌي ادب ۽ ترقي پسند ادب جو ڊاڪيومينٽ چئي سگهجي ٿو. سنڌي ٻوليءَ جي هن عظيم ترقي پسند ليکڪ جو وڇوڙو ۱۰ فيبروري ۲۰۰۱ع تي بمبئي ۾ ٿيو، سندس جسم جدا ٿيو پر سندس فن ۽ فڪر جنهن هڪ نئين سماج جي ويڙهه جي شروعات پنهنجي جنم ڀومي کان ڪئي هُئي، اها فڪري ويڙهه مرڻ گهڙي تائين هن قلم جي جي صورت جاري رکي. جيڪا اڃا تائين ڪتابن جي صورت حيات آهي. حيات رهندي. گوبند مالهي ترقي پسند اديب رڪ سنڌي ساڻيهه اشاعت گهر طرفان اسان اهڙو مواد پيش ڪندا رهنداسين، جيڪو سنڌ ۾ انقلابي ماحول ۽ سياسي سجاڳي پيدا ڪري سگهي. اسان جي پـٺتي پيل سماج ۾ نئون روح ڦوڪي، ان کي تازو توانو رکڻ سان گڏ ان جو آئيندو به روشن ڪري سگهي. جيئن سنڌي قوم غفلت جي ننڍ ڇڏي سجاڳ ٿي، پنهنجو وڃايل قومي وقار بحال ڪرائي ۽ ٻيهر دنيا جي آزاد قومن سان گڏ ترقيءَ جي ڊوڙ ۾ شريڪ ٿي سگهي. ان مقصد تحت اسان هند ۽ سنڌ جي ترقي پسند اديب سائين گوبند مالهيءَ جو ورهاڱي کان اڳ ڇپيل اصلوڪو ناول ”انقلابي سپاهي“ ٻيهر ڇپائي رهيا آهيون. گوبند مالهيءَ جو هيءُ ناول سنڌي زبان جي انهن ٿورڙن اصلوڪن ناولن منجهان هڪ آهي، جيڪي برصغير ۾ انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ توڙي طبقاتي سماج خلاف ٿيندڙ جدوجهد جي پس منظر ۾ لکيا ويا آهن ۽ خاصي شهرت حاصل ڪري چڪا آهن. گوبند جون لکڻيون، هند سنڌ جي سياسي ۽ سماجي حالتن جون آئينيدار آهن. سندس لکڻيون سماجي حقيقت نگاريءَ تي ٻڌل هجڻ سان گڏ، انقلابي عمل کي تيز ڪرڻ جون سموريون گهرجون پوريون ڪن ٿيون. هن جون لکڻيون اڄ به اسان جي لاءِ ايتريون ئي سودمند آهن، جيتريون اهي لکڻ وقت هيون. هن ناول ڇپجڻ کان ٿورو اڳ (جولاءِ ۱۹۸۴ع ۾) سنڌ ۾ ”نيو فيلڊس پبليڪيشن“ طرفان گوبند جو هڪ ٻيو اصلوڪو ناول ”شرم ٻوٽي“ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. جيڪو سنڌ ۾ غير طبقاتي سماج لاءِ جدوجهد جي پس منظر ۾ لکيل آهي ۽ سنڌ جي ڀرندڙ جاگيرداري سماج جي قدرن جي تصوير ڪشي ڪري رهيو آهي. جڏهن ته هيءُ ناول ”انقلابي سپاهي“ برصغير، هند سنڌ ۾ انگريزن خلاف ڏيهي ماڻهن جي هلايل آزاديءَ جي تحريڪ جي پس منظر ۾ لکيل آهي. اهي ٻئي ناول اسان جي هن دور جي حالتن مطابق آهن. هن وقت سنڌ ۾ سنڌي ماڻهو ٻه طرفي ويڙهه وڙهڻ ۾ مشغول آهن. هڪ طرف هو مادر وطن کي پرڏيهي پرمارن جي چنبي مان آزاد ڪرائڻ جي جنگ جوٽي چڪو آهي ته ٻئي طرف ڏيهي ڦورن ۽ لٽيرن جي ستيا ناس ڪري غير طبقاتي سماج قائم ڪرڻ لاءِ جدوجهد ۾ مصروف آهي. ان ڪري گوبند مالهيءَ جا هيءُ ٻئي ناول اسان جي ضرورتن جو پورائو ڪندڙ آهن ۽ انهن جو عملي اڀياس ڪرڻ ۽ انهن ۾ ڏسيل واٽ تي عمل ڪرڻ اسان جي فرضن ۾ شمار ٿئي ٿو. (رڪ سنڌي طرفان گوبند مالهيءَ جي ڪتاب ”انقلابي سپاهي“ جا ٻه اکر، ڇپيل، آگسٽ ۱۹۸۴ع) دادا گوبند مالهي ۽ پڊعيدن جي مائي پٺاڻي گل مورو مرد ڀل ڪيترو طاقتور ۽ بهادر ڇونه هجي پر جيڪڏهن ڪا عورت مڙس ماڻهو بڻجي ميدان تي نڪري پوي ته گهڻن ئي مردن کي مات ڏئي سگهي ٿي. عيدن مل جي پٽ تي جوڙيل شهر پڊعيدن جي پهلوان مائي پٺاڻي ايتري ته طاقتور هئي جو سڄي ڏيهه ۾ مشهور هئي، جو اوچتو ئي اوچتو پڊعيدن ۾ رهندڙ ”ڀتلي“ پٺاڻي ۽ سنڌي ادب جي مالهي گوبند مالهيءَ جي وچ ۾ پريت جو پيچ جڙي پيو. جنهن جو ذڪر گوبند مالهيءَ پنهنجي جيون ڪهاڻيءَ ۾ ساڻس ٿيل پهرئين ملاقات جو ذڪر ڪجهه هن ريت ڪيو آهي ته: ”مان اسڪول جي وئڪيشن ۾ ڪيڏانهن وڃان نه وڃان پر ڀاءُ جي ساهرن ڏي ضرور ويندو هئس. هڪڙي دفعي ڀاءُ جي ساهرن جي پاڙي ۾ اوچتو مائي پٺاڻي ڇوڪريءَ جي هاڪ ٻڌم ته ڇوڪرن کان چالاڪ به آهي ته بهادر به. مجال آ جو ڪو به هن سان سينو ساهي سگهي. هوءَ هر ڪنهن جا ور لاهي ڇڏيندي آهي. زبان سان به ته، مُڪن سان به. مون ڀاڄائيءَ جي سؤٽ ”هرگن“ کان پڇيو گهڻي عمر اٿس؟ هرگن جواب ڏنو ته تو کان مون کان سال ٻه وڏي ٿيندي. مان بي اختيار چئي ويٺس ته جي مردن جو مٽ آهي ته شڪل صورت ۾ ضرور موچاري هوندي؟ اوچتو هوءَ ڪمري اندر گهڙي آئي، وڄ جيان چوندي آئي، موچاري ٿي لڳان مان توکي!؟ منهنجو وات اتي ئي گودو ٿي ويو. الائي ڪيئن مون کان وسري ويو ته، جنهن کي پٺاڻي ٿا چون سا سانوري ڪيئن هوندي؟ هن نالي جي ٻنهي وصفن سان نڀايو هو. هن جي فلڪ به پٺاڻڪي هئي ته ڳلن مان به ڄڻ رت ٿي ٽپڪيس. مان هن ڏانهن ئي نهاري گم ٿي ويس، هن منهنجو هٿ پڪڙي ورتو، للڪاريائين ”ڇڏاءِ پنجو“ وڌاءُ نٿو ڪريان جو زور ڏنائين ته مون کان دانهن نڪري وئي. هن ٽهڪ ڏنو ۽ هُن منهنجو هٿ ڇڏي ڏنو. چيائين وٺ معاف ڪيو مانءِ. مهمان آهين، پهريون دفعو آيو آهين. هوءَ منهن ڦيري هلي وئي. چوندي وئي ”موچاري نه چئج“ هرگن ٺٺول ڪندي، چيو ته ڏٺئي نه پڊعيدن جي پٺاڻي.“ پٺاڻي ۽ مالهي جي ٻي ملاقات ڪراچي گارڊن واري علائقي ۾ اتي ٿي، جڏهن پٺاڻي پرڻجي ڪراچيءَ ۾ رهندي هئي. جڏهن مالهي ساڻس ملڻ لاءِ سندس گهر پهتو ته پٺاڻيءَ جو مڙس جيڪو منارڪي دڪان جو ڌنڌو ڪندو هو، اتي پهچڻ سان ئي پٺاڻي پڻ پهچي وئي. هن جي مڙس پٺاڻيءَ کي چيو کيس مٿي گهر وٺي هلينس. پٺاڻي پنهنجي ور کي چيو هي آهي منهنجي ڌرم جو ڀاءُ ”گوبند“ مون ڏانهن نهاريندي چوڻ لڳي ٿيندين نه منهنجو ڀاءُ! ٻيو ڪجهه نه کپي مون کي پنهنجي شاديءَ ۾ گهرائجانءِ. منهنجي دل جي خواهش آهي ڀاءُ جي شادي ڏسڻ جي! پر افسوس جو پويتر پيار پٺاڻيءَ جو ئي رهيو. جڏهن مالهي انقلابي سرگرمين جي ڪري ٽي مهينا جيل ويو ته پٺاڻي جيل وڃي پهتي. گوبند جي سرد مهري هوندي به سندس لاءِ راهون پئي نهاريون. پر مالهيءَ شادي ڪئي ته کيس دعوت ئي نه ڏنائين. پر جڏهن ٻچا وٺي ڪراچيءَ آيو ته پٺاڻي ڳولهي وڃي سندس گهر هٿ ڪيو. اٺين پندرهين ڏينهن سندس گهر ۾ ڀيرو ضرور ڀڃندي هئي. گوبند جي (پتني) گهرواري ديوي پڻ کيس نڻان سمجهي جهجهو قرب ڏيندي هئي. جڏهن گوبند گهر کان ٻاهر هوندو هو. پٺاڻيءَ جو خطن ذريعي گوبند جي ماءُ پيءُ ۽ ڀيڻ سان رابطو رهندو هو. نيٺ اهو اڀاڳو ورهاڱي جو واءُ وريو، جنهن ٻنهي کي سنڌ ڌرتيءَ تان ڌڪي ڌار ٿيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. آگري واري اسٽيشن تي اوچتو گوبند کي سڏ ٿيو. پٺاڻي تون هتي؟ ڇرڪ نڪري ويو! مان توکي واقعي پٺاڻي ٿي لڳان؟ هن جو آواز ورهاڱي جي واچوڙي اداس ڪري ڇڏيو هو. سنڌ ڇڏڻ جي سربستي ڪهاڻي ٻڌائي چوڻ لڳي: ”منهنجو پتي“ سنڌ ڇڏڻ وقت دڪان ۽ گهر جي (نيڪال) ڪنهن هڪ ڪنڌيءَ تي ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ ئي رهيو. مونکي ٻارن سميت اجمير ڏانهن موڪلي ڇڏيائين. ۲ فيبروري وارن فسادن ۾ منهنجو ور موت جو بک بڻجي ويو! هي درد ٻڌي مون سچ پچ هن کي ڀاءُ جو سهارو ڏنو. چيائين مان توکي ڳولي لهنديس. پر دعا ڪر ته اهڙي شامت وري نه اچي. پوءِ وقت جي وهڪري ۾ ڪٽجي سال پاڻيءَ جيان وهي ويا. گهڻي وقت کان پوءِ اچي ڳلي ملي. چيائين آيس ڪر توکي گڏ وٺي يا خط لکڻ تي دل نه ٿئي، چڱو آسرو نام جو هوءَ مڙي هلي ويئي ۽ اوندهه ۾ گم ٿي ويئي.“ جڏهن گوبند جي (پتني) ديوي ديهانت ٿي وئي ته آمريڪا مان پٺاڻي فون ڪري پنهنجو ڀاءُ سڏيندي مالهيءَ کي آٿت ڏني ته تنهنجي ڀيڻ پٺاڻي! ساڻس ان وقت ڌيءَ به گڏ رهندي هئي، ان کان پوءِ مالهي هنن ويچارن سان سوچيندو رهيو ”هي رشتا ناتا، عجيب رشتا ناتا“ مرندا ناهن. ٽُٽندا به نه آهن ۽ بس.... ڪيئن ته پٺاڻي جي پريت ۽ مالهيءَ جي مالها پنهنجي وطن کان جدا ٿي وئي، پر سندن يادون اڄ به زنده آهن. (ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۱ فيبروري ۲۰۲۱ع تي ڇپيل) گوبند مالهي سنڌيت جو مالهي ڊاڪٽر سليمان شيخ سيپٽمبر ۱۹۸۹ع جو سال سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن لاءِ نوجوانيءَ جو سال هو. ڊسمبر ۱۹۸۸ع ۾ سگا جي ميمبرشپ تان پابندي سنڌ اسيمبليءَ جي ٺهراءَ وسيلي لٿي هئي ۽ اسان وري سرگرم ٿي ويا هئاسون. انهن ڏينهن ۾ محترمه بينظير ڀٽو جو دور هو، هوءَ ملڪ جي وزيراعظم هئي. سگا هن سال کي سچل جو سال ڪري ملهائڻ جو وچن ڪيو. ان سلسلي ۾ سيپٽمبر ۱۹۸۹ع ۾ بين الاقوامي سچل ڪانفرنس ڪوٺائي وئي ان لاءِ ضروري هو ته ڏيساور ۾ رهندڙ سنڌي اديبن ۽ دانشورن کي به ڪوٺ ڏجي پر اهو ڪم ايترو سولو ڪو نه هو ان لاءِ وڏا اڻانگا رستا جهاڳڻا هئا، اسان همٿ ڪا نه هاري ۽ دعوت ناما موڪلياسين. سرڪاري ڪاغذ پٽ به تيار ڪراياسين. سيد غلام مصطفيٰ شاهه ان وقت وزير تعليم هو کين مدد لاءِ وينتي ڪيم پاڻ خوشيءَ سان مدد ڪيائون ۽ پهريون ڀيرو سنڌي اديبن جو وفد هن ڪانگريس ۾ ڀارت مان اچي شامل ٿيو. ورهاڱي کانپوءِ اهو پهريون ڀيرو هو جو اسان جا سنڌي پنهنجي سنڌ ڏانهن موٽڻ لڳا هئا. دوستن کي ويزا ملي پر صرف ۶ ساٿي هن يادگار ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿي سگهيا. هيءَ ڪانفرنس يادگار ڪيترن ئي حوالن سان هئي. ۱. ته سگا ۶ سالن جي پابنديءَ واري پردي کي هٽائي روز روشن وانگر پنهنجو وجود ياد ڏياريو. ۲. ته هيءَ پهرين ڪانفرنس هئي جنهن ۾ هند کان سنڌي اديبن جو پهريون وفد شامل ٿي سگهيو هو. هيءَ ڪانفرنس وزيراعظم پاڪستان کي کولڻي هئي پر وقت جي جاسوسي کاتي کين ايئن ڪرڻ کان روڪيو پر ڪانفرنس پنهنجي وقت تي ٿي ۽ وزيراعظم جي ماءُ بيگم نصرت ڀٽو هن ڪانفرنس جو افتتاح ڪيو. هن ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي مک يونيورسٽين جا وفد شامل ٿيا. ڪانفرنس جي وفدن کي سڄي سنڌ جي زيارت ڪرائي وئي. اسان جا ساٿي جيڪي ۱۹۴۷ع ۾ سنڌ ڇڏي ويا انهن لاءِ پنهنجا ماڳ ڏسڻ هڪ وڏو عظيم تجربو هو. هن ڪانفرنس ۾ پهريون عالمي سنڌي مشاعرو ٿيو. ان کانپوءِ اڃان تائين وري ان قسم جو ادبي ميڙاڪو نه ٿي سگهيو آهي. هن اهم عالمي مشاعري جي صدارت شيخ اياز ڪئي ۽ منچ تي مالهي صاحب براجمان هو جيڪا ڳالهه وڏي فخر جي آهي. ان کانسواءِ ادبي ڪانفرنس جي هڪ سيشن جي صدارت گوبند مالهي صاحب جن ڪري اسان کي عزت بخشي. هن ڪانفرنس ۾ سنڌي ادبي سنگت جو پايو وجهندڙ جناب گوبند مالهي سنڌي ٻوليءَ جو برک شاعر پڻ شريڪ ٿيو. گوبند مالهي اديبن جي سٿ ۾ هڪ قداور اديب ۽ شاعر هو. پاڻ هن يادگار سفر متعلق پنهنجو سفرنامو ”سنڌ ياترا“ پڻ لکيو اٿن هن چند دوستن سان گڏجي سنڌي ادبي سنگت جو بنياد وڌو ان ڪري به هن جو نالو سنڌي ادبي جي مهنداري ۾ ليکجي ٿو. گوبند مالهي ۵ آگسٽ ۱۹۲۱ع تي ٺاروشاهه سنڌ ۾ جنم ورتو. سندن ننڍپڻ اتي گذريو پر وڌيڪ تعليم لاءِ ڪراچيءَ ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ داخلا ورتائون. ان دور ۾ ترقي پسند ادب طرف سندن لاڙو ٿيو ۽ سنڌي ادبي سنگت ۱۹۴۶ع ۾ قائم ٿي. ۱۹۴۷ع ۾ هن عظيم ترقي پسند ليکڪ ۽ امن پسند سياسي ڪارڪن کي هڪ ٻاهران ايندڙ سندس دفتر ۾ اچي ڌمڪايو ته هو وطن ڇڏي وڃي. اها ڏکوئيندڙ صورتحال هئي. انگريزن جي ڊگهي غلامي کانپوءِ هڪ آزاد وطن جو آسرو ٿيو هو ته هي فرقيوار فساد هن ملڪ جي نصيب ۾ آيا ڪيترا ئي سڄاڻ اديب عالم دانشور واپاري ۽ زميندار پنهنجو ديس آلين اکين سان ڇڏي هڪ نئين ملڪ ڏانهن راهي ٿيا جتي هو ڏکين حالتن مان گذرندا رهيا. گوبند مالهي همٿ نه هاري سنڌي ٻولي کي عام ڪرڻ لاءِ هو لاڳيتو جدوجهد ڪندو رهيو هن اکل سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا جو بنياد رکيو. هن اتم ۽ ڪيرت سان گڏجي نئين دنيا رسالي جو بنياد رکيو. ان رسالي جو ايڊيٽر پڻ رهيو. گوبند سنڌي ادب کي ۵۱ ڪتابن سان نوازيو هن سڀ کان وڌيڪ سنڌي ناول لکيا ان ڪري هن کي سنڌي ناولن جو سمرٽ (شهزادو) سڏيو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ پاڻ فيبروري ۲۰۰۱ع ۾ اسان کان جدا ٿي ويا پر سندن ڪتاب اسان کي سدائين هڪ عظيم انسان جي ياد ڏياريندا رهندا. مالهي جي شخصيت: هڪ انٽرويو ۾ پاڻ چيائون ته؛ ”ساهت، سياست ۽ انقلاب کان وڌيڪ منهنجي لاءِ اهميت رکندڙ آهي. انساني زندگي،“ بنيادي طور منهنجي رُچي انساني زندگيءَ ۽ ان کي بهتر بنائڻ ۾ رهي آهي. ان ئي مقصد کي اڳيان رکي شروعاتي دور ۾ ڌرم ۾ دلچسپي هيم. پوءِ صوفي ازم ۾ رهي جا اڄ به سلامت آهي. جوانيءَ ۾ مارڪسواد ڏانهن مائل ٿيس. سدائين ساهت ۽ سياست وچ ۾ پل جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. مقصد اهو ئي هو ته طبقن جو تفاوت مٽجي اميري غريبيءَ جو فرق ختم ٿئي ۽ هر انسان کي لائقيءَ موجب اسرڻ جا وجهه ۽ مناسب معاوضو ملي. لٿي پٿي تحرير کي تقدير مٿان ترجيح ڏني اٿم ۽ سچ اهو آهي ته ساهت ۽ ڪلا سان وڌيڪ نڀائڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. سنڌيت جو مالهي: پاڻ هڪ انٽرويو ۾ چيائون ته ”منهنجي زندگي اتفاقن جي ڪهاڻي رهي آهي. گڏوگڏ سنڌيت بچائڻ جو جنون به سر تي سدائين سوار رهيو آهي اها چاهنا هر دم ڀريل رهي آهي ته جي تنهن جي ڄاڻ ۾ وقت ڏيڻ سان سنڌي ٻولي ساهت سنسڪرتيءَ جو ڀلو ٿيڻو آهي ته مون کي ان ۾ ايندڙ تڪليفون برسر آهن. گوبند مالهي صاحب سنڌي ناٽڪ وسيلي به ڀارت جي مختلف شهرن ۾ ناٽڪ منڊليون مچايون ۽ سنڌيت جو پرچار ڪيو. هن وقت سنڌي ٻولي ڏيها ڏيهي ٻولي بڻجي وئي آهي اسان سنڌي گڏجي سنڌيت کي مضبوط ڪريون. اهوئي سبق مالهي پڙهايو آهي. اچو ته ان ڏياٽيءَ کي روشن ڪريون. (ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱ آگسٽ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل) دادا گوبند مالهي اسان شرمسار آهيون ساحل سڪندر جروار سنڌ اندر ترقي پسند سوچ رکندڙ اديبن جو ڪم هر دور ۾ اسان لاءِ اتساهه جو سبب بڻجندو رهيو آهي. ورهاڱي کان اڳ اديبن سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جي ترقي ۽ واڌ ويجهه لاءِ تمام گهڻو ساراهيندڙ ۽ اتساهيندڙ ڪم ڪيو آهي. ورهاڱي کان اڳ توڙي پوءِ به جن اديبن سنڌ جي عاشقي جو ثبوت ڏنو، انهن ۾ گوبند مالهي جو نالو به نمايان نظر ايندو آهي. ڏات جا ڏيئا ٻاريندڙ گوبند مالهي سنڌ ۽ سنڌ ٻولي جي ترقي لاءِ عملي ڪم ڪيو. گوبند مالهي وٽ علم ۽ ادب جو وڏو خزانو هو جنهن جي جدوجهد اڄ به اسان لاءِ اتساهه جو سبب بڻيل آهي. ساهتي پرڳڻي جي شهر ٺارو شاهه ۾ جنم وٺندڙ گوبند مالهي سنڌي ادبي سنگت جو باني هو. هن سنڌي ادبي سنگت جو بنياد وڌو ۽ پهرين سيڪريٽري هئڻ جو اعزاز پڻ حاصل ڪيو. هن سنڌي ادب، سياست، ڊراما، ڪهاڻيون ۽ تنقيدي ادب تي ڪيترائي ڪتاب لکيا. ورهاڱي کانپوءِ سنڌي جي ڪيترن ئي اديبن کي جلاوطن ڪيو ويو جنهن ۾ گوبند مالهي حشو ڪيولراماڻي ۽ موهن ڪلپنا سميت ڪيترائي سنڌي اديب وطن جي سرحد مان ڳوڙها ڳاڙيندي روانا ٿيا هئا. انهن جي درد جو ڪاٿو اسان لڳائي نٿا سگهون ڇو جو وڇوڙي جا وڍ تڪليف ڏيندڙ آهن، جلاوطن ٿيل سنڌي اديبن جي سيني تي آيل زخمن کي پاڻ بيان نٿا ڪري سگهون. جيئن حشو ڪيولراماڻي سنڌ سنڌ ڪندي الهاس نگر مان گم ٿي ويو هو ايئن ئي ڪيترن ئي اديبن کي ورهاڱي وڍي ڇڏيو هو. گوبند مالهي به انهي ورهاڱي جا وڍ سهندڙ شخص هو. گوبند مالهي جديد سنڌي ادب جو وڏو نالو هو دادا گوبند مالهي ۴۲-۱۹۴۱ع ڌاري سنڌي ادب ۾ ترقي پسند ڌارا جو بنياد وجهي چڪو هو. هن سياسي حوالي سان ڪانگريس جو اثر قبول ڪيو هو ۽ انهي عرصي ۾ هن شاگرد سياست جي پيڙهه جو پٿر پڻ رکيو هو. گوبند مالهي جيل جون سختيون پڻ برداشت ڪيون، ۱۹۴۲ع۾ جيل مان نڪرڻ بعد هو ڪميونسٽ پارٽي ۾ شامل ٿيو ۽ ڪراچي جو سيڪريٽري پڻ رهيو. گوبند مالهي ترقي پسند اديبن ۽ سنڌي ٻولي جي بقا لاءِ سنڌي ادبي سنگت جو بنياد وڌو هن سنڌي ادب جي حوالي سان جيڪو ٻوٽو پوکيو اهو ٻوٽو وڌي وڻ ٿيو پر وقت ۽ حالتن جي حساب سان انهي وڻ جي حفاظت نه ٿي سگهي ۽ اهو وڻ هن وقت اديبن جي اناپرست ۽ هٺ ڌرمي سبب سڪي رهيو آهي. گوبند مالهي کي جڏهن ڌرتي کان ڌار ڪيو ويو تڏهن به هن الهاس نگر جي اداس گهٽين ۾ خاموشي اختيار نه ڪئي هئي. هو هندوستان ۾ رهي ڪري به ڌرتي ۽ ٻولي جي بقا لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو هو. لطيف جي هنن سٽن وانگي رهيو ته جان جان هئي جيئري ورچي نه ويٺي وڃي ڀونءَ پيٺي ساريندي کي سڄڻين اهي قومون عظيم هونديون آهن جيڪي قومون ثقافت ۽ ورثي کي ياد ڪرڻ سان گڏ عظيم اڳواڻن کي وسارينديون ناهن. ٻه ڏينهن اڳ گوبند مالهي جو جنم ڏينهن هو پر افسوس سان گڏ حيرت ٿي رهي آهي ته ايشيا جي عظيم ۽ اديبن جي نمائنده تنظيم سڏرائيندڙ سنڌي ادبي سنگت دادا گوبند جي جنم ڏينهن جو ڏهاڙو ملهائي نه سگهي، سنگت پاران ڪا ننڍڙي تقريب به منعقد نه ٿي سگهي آهي. سنگت جي باني کي ياد نه ڪرڻ افسوس جو مقام آهي. دادا گوبند اسان تنهنجا مياري آهيون جو نه ادبي سنگت کي بچائي سگهياسين نه وري تنهنجي پڄاڻان ڪجهه ڪري سگهياسين ۽ دادا اڄ لاءِ به معافي جا طلبگار آهيون جو تنهنجو عظيم ڏهاڙو به ملهائي نه سگهياسين، دادا اسان شرمسار آهيون. (ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۸ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل) گوبند مالهي جيڪو ٺاروشاه وارن کان ڪڏهن نه وسرندو علي رضا قاضي هند سنڌ جي نامياري اديب ڪيرت ٻاٻاڻيءَ پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکيو: “۱۹۴۲ع جي جنگ آزادي وقت مون ٻن ترقي پسند شخصن جو نالو ٻڌو هو. هڪ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ٻيو دادا گوبند مالهي.” ان ڳالهه مان دادا گوبند مالهيءَ جي حيثيت جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. دادا، ۱۹۴۲ع جي تحريڪ دوران سنڌ ۾ هڪ نئين تنظيم ٺاهڻ ڏانهن راغب ٿيو.سنڌي سرڪل کان سنڌي ادبي سنگت تائين جو سفر ان دور ۾ ٿيو. گوبند مالهيءَ کي ورهاڱي کان اڳ سنڌي ادبي سنگت جو پهريون سيڪريٽري هجڻ جو اعزاز به حاصل آهي. دادا گوبند مالهيءَ جو جنم ساهتي پرڳڻي جي شهر ٺاروشاهه ۾ ۵ آگسٽ ۱۹۲۱ع ڌاري ٿيو.گوبند مالهيءَ کي ٻارنهن تيرهن سالن جي ننڍي عمر ۾ ئي لکڻ جوشوق جاڳيو، اهو زمانو ۳۵-۱۹۳۴ع وارو هو. هن جي شروعاتي لکڻي سناتن ڌرم جي پرچارڪ ماهوار سنڌي رسالي ’شڪارپور‘ ۾ مشهور جرمن شاعر گوئٽي جي ڪنهن نظم جو ترجمو ڇپي.مالهيءَ کيءَ اهو اعزاز حاصل آهي ته ۴۲-۱۹۴۱ع ۾ سنڌي ادب ۾ ترقي پسند ڌارا جو بنياد وڌو؛ جڏهن ته سياسي حوالي سان ڪانگريس جو اثر قبول ڪيائين. هن انهيءَ عرصي ۾ ئي شاگرد سياست جي پيڙهه جو پٿر به رکيو، جنهن دوران هن جو ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ سان تعلق پيدا ٿيو، جنهن کان هن مارڪسزم ۽ ڪميونزم جو سائنسي طريقي سان اڀياس ڪيو، گڏوگڏ ٻنهي ڄڻن ڪامريڊ محمد امين کوسي سان واسطو وڌايو.دادا گوبند ۱۹۴۲ع ۾ ٽي مهينا جيل ۾ به رهيو. جيل مان نڪرڻ بعد ڪميونسٽ پارٽي ۾ شامل ٿي ۱۹۴۴ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي ڪراچيءَ جو سيڪريٽري پڻ ٿيو. ساڳي ئي سال هن ايل ايل بي جو امتحان به پاس ڪيو. گوبند مالهي صحافت به ڪئي ۽ اسٽيج ناٽڪن، توڻي فلم جي هدايت ڪاريءَ ۽ اداڪاريءَ ۾ به حصو ورتو. هن هڪ سؤ کان مٿي ڪهاڻيون، ٻه سؤ کان مٿي مضمون، پنجٽيهه ناٽڪ ۽ اٺاويهه ناول لکيا، ان ڪري ئي هن کي هند توڻي سنڌ ۾ سڀ کان گهڻا ناول لکڻ ڪري ’ناول سمراٽ‘ (ناول جو شهزادو) سڏيو ويو.مالهيءَ جا پنج ناول ’پکيئڙا، ولر کان وڇڙي، ڏيهي پرڏيهي، پيار جي شڪست ۽ پيار جي پياس‘ تمام مشهور رهيا آهن. مالهي، ورهاڱي بعد سنڌ کان جدا ٿي هڪ اڻ ڏٺي منزل ڏانهن روانو ٿيو. هو، جنهن جو ساهه سنڌ هئي، انهيءَ کان وڇڙڻ وقت هن جي حالت ڪهڙي هوندي سا بيان کان ٻاهر آهي!سنڌ جي دل ٺاروشاهه شهر واسين کان اهو ڏينهن به ناهي وسريو جڏهن ۳۰ نومبر ۱۹۸۹ع تي اسانجو داد گوبند مالهي، ٺاروشاهه ۾ آيو هو.گوبند جو ڪتاب ’ڳالهيون منهنجي ڳوٺ جون‘ شاهد آهي ته گوبند کي سنڌ ۽ ٺاروشاهه سان ڪيڏو پيار هو. ڀلا ڪيئن نه پيار هجي، جنهن جڳهه تي انسان ڄمي، نپني، وڏو ٿئي، اتي لاتعداد محبتون ڪري اهو خطو ان کان ڪيئن وسري سگهندو. اڄ جڏهن گوبند جي ٻاويهين ورسي آهي ته هن کي خراج پيش ڪرڻ لاءِ هن جي ڪتاب ’ڳالهيون منهنجي ڳوٺ جون‘ مان هڪ ٽڪرو پيش ڪجي ٿو:”مان پنهنجي پاڙي واري ڇوڪريءَ تي عاشق ٿي پيس، هوءَ ڏاڍي سندر هئي پر هڪ مسئلو هو ته اسان ٻنهي جو مذهب الڳ هو. ان سهڻي ڇوڪريءَ سان سرعام عشق ڪرڻ جو مطلب هٿ وٺي مذهبي فساد ڪرائڻ هو، جيڪا ڳالهه مان ڪڏهن به نه پيو چاهيان، پر هن نادان دل کي ڇا ڪجي، جيڪا ڪنهن به صورت قابو نه اچي رهي هئي. آخر وڏي دليري ڏيکاريندي، اکين سان انهيءَ من موهڻي صورت ڏانهن محبت جو پيغام موڪليم، جيڪو قبول پيو، هاڻي زبان سان همٿ ڪري شام جي ويل پنهنجي گهر جي پويان ٺهيل چوپائي مال جي واڙي ۾ ملڻ جو وچن ٿيو. شام ٿي اسان لڪي لڪي اتي پهتا سين، تنهن زماني ۾ ٺاروشاهه ۾ بجلي نه آئي هئي، انهي ڪري شام به رات ٿي ويندي هئي، منهنجو من عشق جي آتش ۾ سر پور هو، ڪجهه دير ويهي رهاڻ ڪئيسين انهي کانپوءِ خوف جو عالم ۽ موڪلاڻي!موڪلائڻ مهل اسان ٻنهي کي الائي ڇا ٿيو جو بي اختيار ڀاڪر ۾ پئجي وياسين! خبر ناهي ته اسان جو ايئن چنبڙڻ ڪيستائين جاري رهيو؟ پر مونکي پنهنجي جسم ۾ هڪ عجيب ڪيفيت معلوم ٿي، جيڪا لفظن ۾بيان ڪرڻ کان ٻاهر هئي!؟ ڪافي سمو گذري ويو. گهڻي ڪوشش جي باوجود ان اپسرا سان پاتل ڀاڪر جي ڪيفيت کي سمجهي نه سگهيس! ڪجهه وقت اندرٺاروشاهه ۾ بجلي به اچي وئي. هڪ ڏينهن امان گهر ۾ بجلي ٺاهڻ جو چيو، مان به بجلي جي ڪم کان اڻواقف سو نه ڪيم هم نه تم سڌو هٿ بجلي جي تار ۾ ڪجهه سيڪنڊن اندر جسم ۾ ڪرنٽ ڊوڙي ويو. ڪجهه وقت لاءِ ته جسم سُن ٿي ويو. انهي وقت پنهنجي ياداشت تي زور ڏنم ته بجليءَ جو هي ڪرنٽ اهو ساڳيو معلوم ٿيو، جيڪو ڪجهه سال اڳ مينهن جي واڙي ۾ انهيءَ چنچل ڇوڪري سان ڀاڪر ۾ محسوس ٿيو هو.” ياد رهي ته ٺاروشاهه ۾ سال ۱۹۴۴ع ۾ بجلي اچي وئي هئي. مسٽر گياني جي ڪوشش سان شهر ۾ بجليءَ جو پهريون جنريشن پلانٽ لڳو. پلانٽ مان پيدا ٿيندڙ واڌو بجليءَ کي ’ساهتي اليڪٽرڪ ڪمپني‘ جو نالو ڏئي ڀر وارن شهرن مورو، ڪنڊيارو، درٻيلو، نوشهروفيروز، ڀريا ۽ ٻين ننڍن ڳوٺن کي به سپلاءِ ڪيو ويو هو. ٺاروشاهه جو اهو عروج هو جڏهن هتي پيدا ٿيندڙ بجلي، موري ۽ ڪنڊياري کي فراهم ٿيندي هئي. فرنيس آئل تي تيار ٿيندڙ هيءَ بجلي تنهن زماني ۾ انهن ماڻهن جي ڪمال جو مظهر هئي. بعد ۾ جڏهن پاڪستان وجود ۾آيو ته به ۱۹۵۵ تائين ٺاروشاهه انهن شهرن کي بجلي مهيا ڪندو رهيو. اهي ڀاڳ وارا سال هئا، ان ڪري به جو ٺاروشاهه ۾ هڪ پاسي موسيقيءَ جي دنيا ۾ ماسٽر چندر فڪشن ۾ ڪرشن کٽواڻي، ادبي، سياسي ۽ سماجي دنيا ۾ گوبند مالهيءَ جا نالا آسمان تي چمڪي رهيا هئا ۽ پوءِ هڪ ڏينهن هو هتان هليا ويا. هنن هي دنيا پرديس ۾ ڇڏي. گوبند به ۱۰ فيبروري ۲۰۰۱ع ۾ اسان سڀني کان موڪلائي ڪٿي ڏور آسمان ۾ گم ٿي ويو هن جي وڇوڙي تي جتي سڄي سنڌ رنجيده هئي اتي ٺاروشاهه جي به ڪيترن ئي گهرن مان سڏڪن ۽ آهن جا آواز اٿيا هئا. روئڻ وارن ۾ هن جا اهي دوست هئا، جن سان هن شهر جي شاهي بازار ۾ ويهي نوري مشڪري سان ڀوڳ ڪيا هئا ۽ انهن به سڏڪا ڀريا هئا جن ڪتاب ’ڳالهيون منهنجي ڳوٺ جون‘ پڙهي پنهنجي سيني ۾ فخر جي لهر اٿندي محسوس ڪئي هئي ته گوبند کان پنهنجو محبوب شهر ٺاروشاهه اڃا به وسريو ناهي. هاڻي جڏهن گوبند ناهي ته ٺاروشاهه وارا به هن کي ڪونه وساريندا آهن. هي جي وڇوڙي جي ڏينهن تي شهر ۾ ضرور پروگرام رٿيو ويندو آهي. ان لاءِ چئي سگهجي ٿو ته ٺاروشاهه وارن کان داد گوبند مالهي، ڪڏهن به نه وسرندو. (ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۰ فيبروري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل) دادا گوبند مالهي! سنڌي ادب جو مالهي مظھر خاصخيلي اڄ ۱۰ فيبروريءَ جو ڏينهن آهي. اڄوڪي ڏينهن تي اسان سنڌ واسين کان سال ۲۰۰۱ع ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو ٻوٽو پوکيندڙ سنڌي ادب جو مالهي دادا گوبند مالهي جسماني طور وڇڙي ويو. اڄ سندس ورسيءَ جي موقعي تي سنڌي ادبي سنگت سنڌ جا مون سميت هزارين ڪارڪن کيس احترام سان ياد ڪندي سلام پيش ڪيون ٿا، باقي دنيا جهان ۾ اها عام ڪهاوت آهي ته هر صديءَ ۾ ڪو نه ڪو تاريخ جو وڏي ۾ وڏو ماڻهو پيدا ٿيندو آهي. جئين ۱۹ع صديءَ جي شروعاتي ڏهاڪي ۾ ۵ آگسٽ ۱۹۲۱ع ۾ سنڌو ماٿر جي ڌرتيءَ تي ساهتي پرڳڻي جي قديمي شهر ٺاروشاهه ۾ گوبند مالهيءَ جنم ورتو. گوبند مالهيءَ جو ننڍپڻ به عجيب و غريب ڪيفيتن مان گذريو آهي. هيءَ پهريون ٻارڙو هو جڏهن برطانوي سرڪار جي جوڙيل ريلوي لائين تي ٺاروشاهه ۾ ريل گاڏي پهتي هئي ته سوين ماڻهن جي هجوم ۾ هن ٻارڙي ريل جي ڊرائيور جي ڳچيءَ ۾ هار وڌو هو. هيءَ خوشنصيب ٻارڙو چئجي جو جڏهن سندس ۱۲ سالن جي عمر هئي ته سڄي سنڌ ۾ ۱۹۲۹ع ڌاري مها ٻوڏ آئي هئي، جنهن ۾ سنڌ جي ڪکاون گهرڙن کي بي پرواهه سنڌو درياه ٻوڙي تباهه ڪري ڇڏيو هو. ان ٻوڏ متاثرين جي مالي سهائتا لاءِ مهاتما گانڌي پنهنجي وفد سميت جڏهن ٺاروشاه پهتو ته ان جي آجيان ڪندڙ به هيءَ گوبند ئي هيو. گوبند شاعري به ڪئي ۽ هن ننڍپڻ ۾ ڪيترا ئي تخلص اختيار ڪيا. شاعري دوران بي بقا، مخلص ۽ شيطان پڻ تخلص اختيار ڪيو. هن جي زندگيءَ ۾ ان وقت تبديلي آئي جڏهن کيس ساهتي جي شهر نوشهري جي رهواسي ڀٽائي جي پارکو جيوت رام مٽاڻي جيڪو ٽنڊو جهانيان جي صوفي شاعر سائين قطب الدين شاهه جو عقيدتمند هيو. ان کيس ڀٽائي جو رسالو، ساميءَ جا سلوڪ، سچل جوسچ کيس ڏنو. جڏهن گوبند ان جو مطالعو ڪيو ته کيس گهڻو ئي سمجهه ۾ اچي ويو ته اصل ۾ علم ئي ماڻهو کي مهان بڻائيندو آهي. وري جڏهن سندس ملاقات ڀٽائيءَ جي پارکو لالو جوتواڻي سان ٿي ته ان کيس چيو ته گوبند ماڻهوءَ جي زندگيءَ تي تخلص به اثر انداز ٿيندو آهي، ان ڪري توتي شيطان تخلص نه ٿو ٺهي، تو آخر ڀٽائي جو ڪيتري قدر مطالعو ڪيو آهي جنهن تي گوبند کيس چيو ته مان اڃان تائين ڀٽائي جي اها سٽ “ جي تو بيت ڀانيان، سي آيتون آهن” آئون انهيءَ فلسفي کي سمجهي ناهيان سگهيو. جنهن تي لالو جوتواڻي کيس چيو ته ڀٽائيءَ کي صرف ڀٽائي نه چئو، هيءَ دنيا جو وڏو مفڪر آهي، ان کي عزت احترام سان حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي چئو ۽ کيس اهو به چيو ته توتي شيطان تخلص ٺهي ئي نه ٿو تون اڄ کان وٺي نه رڳي هنن ليمن، انبن، زيتونن جي باغن جو مالهي آهين پر تون هڪ ڏينهن علم ادب جو به مالهي بڻجندي سو مالهي ٿي شيطان نه ٿي. ائين ئي گوبند علم ادب جو مالهي بڻجي ويو. ٺاروشاهه جي لوڪي مل واري اسڪول مان پرائمري ۽ ميٽرڪ پاس ڪري کيس والد شڪارپور جي ڪاليج سي اينڊ سي ۾ موڪليو اتي سندس ملاقات ڪامريڊ سوڀي، شيخ اياز، هري دلگير ۽ ٻين سان ٿي اتي به هن شاعري ڪرڻ کي اهميت ڏني ڇو ته هن جو عشق “زينوءَ” سان اهڙو جڙي چڪو هو جو سندس ننڊ ئي ڦٽي وئي هئي. هن شاعريءَ جي شوق ۾ ان وقت جي عظيم شاعر نارائڻ شيام ڏانهن خط لکيو ته آئون شاعريءَ جا سبق سکڻ چاهيان ٿو جنهن تي نارائڻ شيام کيس خط لکيو ته شاعري اندر جي عشق جو آواز هوندي آهي اها خطن وسيلي ناهي سکي سگهبي. جڏهن مالهيءَ کي سندس والد ڊي جي لا ڪاليج ڪراچيءَ ۾ قانون جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليو ته ان جي اندر ۾ نواڻ اچي وئي ڇو ته اتي انهيءَ وقت دوران ڪامريڊ حشو ڪيول راماڻي برطانيا مان بئريسٽري جي ڊگري حاصل ڪري ڪراچي پهتو هو، جنهن اچي شاگرد جدوجهد جو بنياد رکيو هو ۽ ان سوچيو ته ڇو نه ڊي جي ڪاليج کي تحريڪ جو مرڪز بڻائجي. ائين سندس گوبند مالهي، ڪامريڊ سوڀي ۽ شيخ اياز سان ملاقات ٿي. انهيءَ ملاقات سبب مالهي شاگرد تحريڪ ۾ به برطانوي سامراج خلاف جدوجهد ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ پاڻ ۳ مهينا جيل به ويو. انهيءَ ڪاليج ۾ هڪ عجيب واقعو پيش آيو شهيد الهه بخش سومري جو ڀاڻج رحيم بخش سومرو جيڪو پڻ انهيءَ ڪاليج ۾ پڙهندو هو هڪڙي مسڪين پارسي شاگرد “يڪيشب” کي چماٽ وهائي ڪڍي هئي جنهن تي ڪاليج جي پرنسپال پنهنجي شاگرد کي وٺي روئي اچي مالهي، اياز ۽ ڪامريڊ سوڀي کي دانهن ڏني انهيءَ دانهن تي مالهيءَ فيصلو ڪيو ته جيستائين رحيم بخش سومرو انهيءَ شاگرد کان معافي نه وٺندو اوستائين ڪاليج بند رهندو. الهه بخش سومري ان وقت جي اسپيڪر سائين جي ايم سيد جي لاڏلي ڄيٺ مل پرسرام يعني ڄيٺي سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر هئي ان کي هنن ڏانهن موڪليو ته آئون هن جي پاران معافي وٺڻ لاءِ تيار آهيان پر هنن ضد نه ڇڏيو، نيٺ مجبور ٿي امن پسند انسان ۽ ڌرتي جي عاشق هندو مسلم اتحاد جي باني الهه بخش سومري رحيم بخش سومري کي وٺي اچي انهيءَ شاگرد کان ۽ پرنسپال کان معافي وٺرائي. ڏٺو وڃي ته گوبند مالهي بنيادي طور تي سوشلسٽ يعني پورهيت انقلاب جو حامي هو جيڪو سنڌ جو پهريون ڪميونسٽ پارٽي جو جنرل سيڪرِيٽري پڻ ٿي گذريو. انهيءَ زماني ۾ جمال بخاري، زيڊ اي بخاري تمام وڏي ۾ وڏا سوشلسٽ ليڊر ليکيا ويندا هيا. مالهي هر جدوجهد ۾ پاڻ ملهايو. ڪجهه وقت کان پوءِ مالهي فيصلو ڪيو ته ڇو نه اهڙو ڪم ڪجي جو سڄي زندگي ياد رهي. ڪميونسٽ پارٽيءَ تان استعيفيٰ ڏئي اپريل ۱۹۴۷ع ۾ سنڌي ادبي سنگت سرڪل جيڪا بعد ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ ٿي وئي جو بنياد رکيو، ان جو پهريون صدر آسانند ماموترا، جنرل سيڪريٽري گوبند مالهي، جوائنٽ سيڪريٽري شيخ اياز، خزانچي بهاري لال ڇابڙيا کي چونڊيو ويو. انهيءَ دور ۾ سنڌي ادب جي حوالي سان سنڌي ادب جي ٽمورتي مالهي، اي جي اتم ۽ ڪيرت ٻاٻاڻي کي سڏيو ويندو هو. جڏهن ورهاڱي جو وقت آيو ۽ ۴۷ع ۾ مالهي سميت ڌرتيءَ جي ٻين ڌرتي ڌڻين کي ڌڪي ڌار ڪيو پئي ويو ته ڪامريڊ حشو جيان مالهي به ڌرتي ڇڏڻ کان انڪار ڪيو ۽ مالهي هتان وڃڻ کان پوءِ چند مهينن کان پوءِ يعني ۴۸ع جي شروعات ۾ واپس ڪراچي ڌرتي تي موٽي آيو پر کيس هڪ پٺاڻ سندس آفيس “نئين دنيا” ۾ گهڙي آيو ۽ کيس پٿر کڻي اُلاري چيو ته گوبند هاڻ اسان مسلمانن جو راڄ آهي، تون هندو آهين، توکي هتي رهڻ جو ڪو به حق ناهي. نيٺ مجبور ٿي مالهي ڌرتي ڇڏي ويو ۽ هن پرديس وڃي وسايو. انهيءَ ورهاڱي واري دردناڪ ڪٿا تي خوبصورت پهريون ناول آنسو لکيو جيڪو اڄ به يادگار ليکيو وڃي ٿو. سنڌي ادب جي تاريخ ۾ ڏٺو وڃي ته مرزا قليچ بيگ کان پوءِ سنڌي ناول ۾ مالهيءَ ناول نگار بڻجي شاهڪار ۲۶ ناول لکيا، ۴ ڪهاڻيون، ۳۵ ناٽڪ، سنڌو ڪناري فلم، ورهاڱي تي مشتمل اباڻا فلم ۾ پڻ اهم رول ادا ڪيو. مالهيءَ اتي وڃي ڀارت جي ۲۲ صوبن ۾ ٽڙيل پکڙيل دردوند سنڌين کي گڏ ڪرڻ لاءِ سنڌي ساهت منڊل جوڙيو جنهن اتي اهم ڪردار ادا ڪيو ان جي طفيلي هن ۱۰ اپريل ۱۹۶۷ع تي سنڌي ٻولي قومي ٻولي جو بل پاس ڪرايو، انهيءَ ڪردار ۾ ڪيرت، اي جي اُتم کان وٺي اندر ڪمار گجرال، رام ڏيٺ ملاڻي ۽ ان وقت جي تعليمي وزير مولانا ابوالڪلام آزاد جو به اهم ڪردار رهيو. مالهيءَ نه رڳو هند پر دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪلاڪار منڊل جوڙي ڀڳتي ناواڻي کي کڻي سنڌي سنگيت کي جنم ڏنو ۽ ڪيترائي ميڙ سڏايا، ڪيترائي عالم، اديب پيدا ڪيا. جڏهن هيءَ گوبند مالهي پنهنجي ماتر ڀومي سنڌ ڌرتي ۱۹۸۹ع ۾ گهمڻ آيو ته ساڻس گڏ ڀارتي ناواڻي، ڪرشن کٽواڻي هئا جن کي سگا جي سرواڻ ڊاڪٽر سلمان شيخ دعوت ڏئي ڪري گهرايو هو جن کي آجياڻو شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي نياڻي شهيد بينظير ڀٽو کي ڏيڻو هو پر ان کي منع ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ اهو آجياڻو بيگم نصرت ڀٽو کين ڏنو هو ۽ مالهيءَ سنڌ ياترا دوران ڀٽائي، سچل، بيدل، شهباز قلندر سنڌ جي وستي واهڻ کان ٿيندي جڏهن پنهنجي جنم ڀومي ٺاروشاهه پهتو هو ته سوين ڌرتي ڌڻين، عالمن، اديبن، شاعرن سندس ڀرپور آجيان ڪئي هئي، جتي هن تاريخي خطبو پيش ڪندي چيو هو ته “اوهان ٻڌايو ته جنهن مالهيءَ هڪ خوبصورت باغ ۾ خوبصورت ٻوٽيو پوکيو هجي ۽ اهو ڇانو ڏيندڙ وڻ بڻجي وڃي اوهين ٻڌايو ته ان کي ڇڏڻ وقت مالهيءَ جي ڪهڙي ڪيفيت هوندي”. ائين هي ڌرتيءَ جو مالهي، ٻوليءَ جو مالهي پنهنجي وطن ۽ سنڌو ماٿر جي تهذيب ۽ تمدن جو مالهي سنڌي ادب جو مالهي پنهنجي ڌرتي ماءُ سان وڇوڙي تي ڳوڙها ڳاڙيندو هميشه لاءِ ۱۰ فيبروري ۲۰۰۱ تي علم جي عاشقن کان جسماني طور تي وڇڙي ويو. جنهن کي سنڌ اڄ به ساري ٿي (ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۰ فيبروري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
رائچند راٺوڙ آدرشي استاد ۽ تاريخ نويس ڀارومل امراڻي سوٽهڙ ٿر جو هاڪارو عالم، اديب، تاريخ نويس ۽ آدرشي استاد سائين رائچند راٺوڙ تعليمي رڪارڊ مطابق ۸ نومبر ۱۹۱۲ع تي چيلهار ۾ چتون مل سرتاڻي جي گهر ۾ جنم ورتو. ۳۱ مئي ۱۹۶۸ع تي وفات ڪري ويو. سائين رائچند ۱۹۲۷ع ۾ فائنل ڪري ۰۲ مئي ۱۹۲۸ع تي چيلهار ۾ پرائمري استاد طور ڀرتي ٿيو هو. نوڪري دوران هن ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد مان ۱۹۳۲ع ۾ سي ٽي ڪورس جو پهريون سال پاس ڪيو. ساڳي ڪورس جو ٻيو سال ۱۹۴۸ع ۾ پاس ڪيو. پراڻي ٿرپارڪر ضلعي جي ڳوٺن ۾ نوڪري ڪيائين. انهن ڳوٺن ۾ عمر انڙ آهوري ديهه نمبر ۲۶۸، ڳوٺ نو رنگ سنگهه ديهه نمبر۳۴۰، ٽنڊو جان محمد، ڀوريلو، جوڳي مڙهي، رائلو، ديهه ستڙيون ۽ مٺي شامل آهن. آخر ۾ سائين چيلهار بدلي ڪرائي آيو. چيلهار جي پرائمري اسڪول جو وڏي وقت تائين هيڊماستر ٿي رهيو. چيلهار مان ئي رٽائر ٿيو. سائين رائچند، ٿر جي مينگهواڙ قبيلي ۾ ننگرپارڪر جي هرجي مل کان پوءِ ٻيو شخص هو، جيڪو استاد مقرر ٿيو هو. سائين فرض شناس ۽ آدرشي استاد هو. اسڪول ۾ حاضري جو پابند ۽ پڙهائڻ جو نهايت قابل هو. اسڪول جو وقت ختم ٿيڻ کان پوءِ به پڙهائيندو هو. اسڪول ۾ سدائين ڌيمي آواز سان ڳالهائيندو هو. شاگردن کي سيکارڻ جو سهڻو طريقو هو. سائين رائچند جا اکر خوبصورت هوندا هئا. سائين پنهنجي شاگردن جي صورتخطي تي تمام گهڻو ڌيان ڏيندو هو. سائين رائچند جا ڪيترائي شاگرد پڙهي لکي اعليٰ عهدن تي پهچي ملڪي خدمت ۾ پنهنجو حصو شامل ڪري چڪا آهن. ناميارو اديب سائين وليرام ولڀ به سائين رائچند جو شاگرد آهي. سائين رائچند ٻه شاديون ڪيون. اولاد ۾ چار پٽ جوهرلال، پرتاب راءِ، (پرڀو) نفيس احمد شيخ ‘ناشاد’، ساجن ۽ ٻه ڌيئرون ساوتري ۽ چندرا ٿيون. جوهرلال مختيارڪار، پرتاب راءِ آڊيٽر، ناشاد سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي مهراڻ جو پهرين اسسٽنٽ ايڊيٽر، پوءِ ايڊيٽر ٿي رهيو. ناشاد سنڌ جو ناميارو اديب ۽ شاعر آهي. سائين رائچند ‘تاريخ ريگستان’ ۾ ناشاد جي شاعري ‘ٿر جي شعر’ ۾ ڏني آهي. سائين رائچند مثبت سوچ رکندڙ مخلص انسان هو. سائين منگهارام اوجها، سائين محمد رحيم ڀوريلي وارو، سائين هميرچند ويرهاڙ وارو، سائين حاجي محمد سومار چيلهار واسي، وڪيل نرسنگهه داس اوجها ۽ چيلهار واسي سائين ڀانو مل سرتاڻي سائين رائچند جا ويجها ساٿي ٿي رهيا. سائين هڪ دوست جي حيثيت ۾ سچار ۽ سنڀاليندڙ هوندو هو. سائين ڀانومل سرتاڻي رائچند جو رشتي ۾ ڀائيٽو ٿيندو هو پر درس و تدريس جي شعبي ۾ ٻنهي گڏجي ڪم ڪيو هو. سائين رائچند سائين ڀاني مل جو وڏو خيال رکندو هو. چون ٿا ته سائين رائچند لکڻ جي شروعات ۱۹۲۹ع جي زماني کان ڪئي، پر هن پنهنجون لکڻيون پڌريون نه ڪيون. چيلهار جا جهونا لوڪ چون ٿا ته سائين رائچند ۱۹۴۵ع ۾ ‘امرڪوٽ اتهاس’ جي ليکڪ تيج سنگهه سولنگي کي هڪ ڪتاب ڇپائڻ جي لاءِ ڏنو هو، پر ورهاڱي ٿيڻ سبب اهو ڇپجي نه سگهيو. مسودو سائين کي واپس ملي نه سگهيو، پر انهي ڪتاب جو نالو ڇا هو؟ موضوع ڪهڙو هو؟ اهو پتو پئجي نه سگهيو آهي. نه ڪٿي سائين رائچند پنهنجين لکڻين ۾ تيج سنگهه کي مسودو ڏيڻ جي حوالي سان ڳالهه ڪئي آهي. شايد اهو مواد ‘تاريخ ريگستان’ جو هو، جيڪو پوءِ ۱۹۴۷ع تي نامور اديب محمد اسماعيل عرساڻي کي ڏيکاريو هو. جڏهن عرساڻي صاحب فرسٽ اسسٽنٽ ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر جي عهدي جي مقرر ٿي ٿر آيو هو. عرساڻي صاحب سائين رائچند کي ‘تاريخ ريگستان’ مڪمل ڪرڻ تي تمام گهڻو اتساهيو هو. عرساڻي صاحب ايماندار آفيسر ۽ حساس دل انسان هو. ٿرين جا ڏک ڏاکڙا ڏسي هن جو اندر جهري پوندو هو. ٿري ماڻهن جي زندگي تي رحم ايندو هو. عرساڻي صاحب ٿر جي ڏک ڏاکڙن جي پسمنظر ۾ ‘بد نصيب ٿري’ ناٽڪ لکيو. عرساڻي هڪ ٻيو ڪتاب ‘سير ريگستان’ لکيو. سائين رائچند عرساڻي کي ٻنهي ڪتابن جي لکت ۾ وڏي مدد ڪئي. عرساڻي صاحب سائين رائچند جي تمام وڏي عزت ڪندو هو. سائين رائچند، اسماعيل عرساڻي صاحب کان وڏو متاثر هو. عرساڻي جي ناٽڪ ‘بدنصيب ٿري’ جي اثر ۾ سائين رائچند ‘چوڙيلڻ’ جي عنوان سان سماجي سڌاري جي لاءِ هڪ ناٽڪ پڻ لکيو. سائين رائچند ‘پير پٿوري’ جي سوانح حيات تي ڪم ڪيو. جنهن کي ۱۹۵۶ع ۾ ‘پير پٿورو’ نالي ڪتابي شڪل ۾ سندر شيوا منڊلي ڪوٽڙي پاران ڇپرايو ويو. چيلهار ۾ علمي ادبي ماحول جوڙڻ ۾ برهم چاريه رهندڙ (ڪنوار رهندڙ) ڀائرن گڻيش ۽ ٻالچند جو اهم ڪردار هو. ٻئي ڀائر درزڪو ڪم ڪندا هئا. انهن جي لائبريري هوندي هئي. انهن وٽ ان وقت جون مکيه اخبارون به اينديون هيون. سائين رائچند ڪتاب ۽ اخبارون پڙهڻ جي لاءِ انهن وٽ ايندو هو. سائين رائچند جي اچڻ کان پوءِ اتي مختلف موضوعن تي صحتمند بحث مباحثا پڻ ٿيندا هئا. اتي ويٺلن جي ائين سکيا ٿيندي هئي. سائين رائچند کي سي ٽي ڪورس دوران حيدآباد ۾ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج جي لائبريري وڏو ڪم ڏنو. سائين رائچند جي خط و ڪتابت ذريعي اديبن ۽ عالمن سان رابطو رهندو هو. ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، تيج سنگهه سولنگي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، محمد اسماعيل عرساڻي، ممتاز مرزا، نبي بخش واصف، محمد ابراهيم جويي، عبدالمجيد ميمڻ، پير علي محمد راشدي، پير حشام الدين راشدي، مولانا غلام محمد گرامي ۽ ٻين سان ٿيل خط و ڪتابت علمي ادبي تاريخ جو اهم حصو آهي. جنهن کي ڇپائي منظر عام تي آڻڻ جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سان رائچند جي وقت به وقت علمي ادبي صلاح مشورا ٿيندا رهيا. ڊاڪٽر صاحب سائين رائچند جي هر وقت حوصلا افزائي ڪئي. سائين رائچند ٻين ٿري عالمن ۽ اديبن جيان ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کي لوڪ ادب اسڪيم ۾ ٿر جو مواد ميڙڻ ۾ مڪمل ساٿ ڏنو. سائين رائچند ‘تاريخ ريگستان’ لکڻ جي لاءِ نه صرف ڳوٺن ۾ وڃي لوڪ روايتن کي ميڙيو پر تاريخ جي ڪتابن جي ڇنڊڇاڻ ڪري ٿر بابت حوالا هٿ ڪيا. سائين رائچند جي ‘تاريخ ريگستان’ کان اڳ ۾ ٿر بابت ايڏو تفصيلي ڪتاب نه آيو هو، نه وري پوءِ آيو آهي. سائين جي ڇڏيل ڪم کي به ڪير اڳتي وڌائي نه سگهيو آهي. انگريز دور جي ضلعي عملدار ڪپتان اسٽينلي نيپئر ريڪس جو ڪتابMemoir on Thar and Parker District of Sindh ’ٿر ۽ پارڪر جو احوال‘ به اڌورو آهي. سائين رائچند جو ‘تاريخ ريگستان’ ڪرنل جيمس ٽاڊ جي Annals and Antiquities of Rajasthan ’تاريخ راجسٿان‘ حالات مارواڙ جي مقابلي جو ڪتاب آهي. پر ڪرنل جيمس ٽاڊ پنهنجي دور جو وڏا وسيلا رکندڙ عملدار هو. جڏهن ته سائين رائچند هڪ پوئتي علائقي جو غريب جاتي سان تعلق رکندڙ پرائمري استاد هو. جديد سنڌي شاعريءَ جي وڏي نانءُ ۽ سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلر شيخ اياز پنهنجي آتم ڪهاڻي جي ڪتاب ‘ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر’ ۾ سائين رائچند کي ‘تاريخ ريگستان’ تي مڃتا ڏيندي لکيو آهي ته: “ٿر جي تاريخ پيرائتي پڙهڻي هجي ته رائچند جو ڪتاب ‘تاريخ ريگستان’ پڙهيو وڃي، جو ٽاڊ جي ‘راجسٿان’ وانگر آهي. جڏهن مان سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر هوس، تڏهن جيڪڏهن ڪوئي مون کي ياد ڏياري ها يا ان ڏس ۾ تحرڪ وٺي ها ته مان سئنڊيڪيٽ کي آماده ڪيان ها ته رائچند کي ان ڪتاب تي پي ايڇ ڊي جي ڊگري ڏني وڃي ها، هي ڪتاب انهن سڀني سنڌي ڪتابن کان سٺو ۽ وڌيڪ محنت سان لکيل آهي، جن تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي پي ايڇ ڊي جي ڊگري ڏني ويئي آهي”. ٿر جي تاريخ سائين رائچند جي تخليق ‘تاريخ ريگستان’ جي لولي تي ننڍ مان اک کولي ٿي.آس ڀڃي پڙهندڙ ڏانهن نهاري ٿي. ٿر جي تاريخ کي سهيڙڻ وارو پهريون پرائمري استاد پورهيت آهي، جنهن هڪ سچيت تاريخدان وانگر محنت ڪئي آهي.سائين رائچند، ٿر ۾ نه صرف پنهنجي همعصر نسل پر پوئين ايندڙ پيڙهين جو محسن آهي. هر دور سائين رائچند جا ڳڻ ڳائيندو رهندو. سائين رائچند جي جيون خاڪي کي معلوم ڪرڻ سان سماج جي ڪڙن روين جي قطار ملندي پر سائين رائچند دلي اخلاص، خالص جذبي، نئين نگاهه ۽ سجاڳ دل جو صاحب هو. ان ڪري ڪڏهن ذاتي نوعيت جي تڪليفن کي مٿي تي سوار ڪري لکڻ جي ڪم کي نه روڪيو. سماج جي ڪڙن ۽ ڪوجهن روين کي علم جي امرتا سان مٽائڻ جي جستجو ڪيائين. انسانيت جي اعليٰ اصولن تي پاڻ هليو ۽ ٻين کي تلقين ڪندو رهيو. ‘تاريخ ريگستان’ جو پهريون ڀاڱو سترنهن بابن ۽ ٻيو ڀاڱو ٻاويهه ڀاڱن تي مشتمل آهي. سائين رائچند ۱۹۵۳ع ۾ ‘تاريخ ريگستان’ جو پهريون ڀاڱو لکي مڪمل ڪري چڪو هو، جنهن کي ۱۹۵۶ع سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو. ٻيو ڀاڱو ۱ مارچ ۱۹۶۸ع تي لکي مڪمل ڪيو. هن وقت هن شاهڪار ڪتاب جا پنچ ڇاپا اچي چڪا آهن. سائين رائچند مختلف وقتن تي ‘سنسار سماچار’، ‘الوحيد’، ‘اخبار تعليم’، ‘مهراڻ’، ‘نئين زندگي’، ‘سنڌي ڊائجيسٽ’ سميت رسالن ۾ مضمون لکيا ۽ ٻيو مواد اڻ ڇپيل ڇڏيو. جنهن کي ڇپائڻ جي ضرورت آهي. سائين رائچند، ٿر جي لوڪ ادب ۽ شاهه لطيف جي شاعري جو وڏو پارکو هو. ‘تاريخ ريگستان’ ۾ مختلف هنڌن تي شاهه لطيف جي شاعري ڏني آهي. لوڪ ادب جي روايتن ۽ شعرن کي ڇنڊي ڇاڻي تاريخ جو حصو بڻائي ڇڏيو آهي. سائين رائچند ظاهري زماني جي حوالي سان مينگهواڙ قبيلي جي راٺوڙ نک سان تعلق رکندڙ هو.سائين رائچند پنهنجي ڪتاب جي ٻنهي ڀاڱن ۾ ‘هريجن ’ لکيو آهي. پر سائين جي وفات کان پوءِ اولاد لفظ ‘هريجن’ کي اڻ وڻندڙ لفظ سمجهيو، ڪٽنب جي گڏيل فيصلي طور هريجن بدران راٺوڙ لکڻ جو اعلان ڪيو ويو. چيلهار ۾ ريگستان ويلفيئر ايسوسيئيشن پاران سائين رائچند جي ياد ۾ ‘رائچند راٺوڙ لائبريري پڻ قائم ڪئي ويئي آهي، جنهن کي پنهنجي عمارت پڻ آهي. گل محمد عمراڻي جڏهن ميرپورخاص ڊويزن جو ڪمشنر هو، تڏهن لائبريري جي فرنيچر ۽ ڪتابن جي لاءِ هٿ ونڊايو هو. لائبريري جي لاءِ نفيس احمد ناشاد مختلف وقتن تي ڪتاب موڪليندو رهيو آهي. رائچند جي ڀاءُ جو پوٽو هريش راٺوڙ ۽ چيلهار جو شاعر، استاد ۽ سماجي ورڪر گوبند چيلاڻي لائبريري جي لاءِ رضاڪار طور وقت ڏيندا رهيا آهن. ٽائون ڪاميٽي چيلهار ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ چيلهار لائبريري کي سرگرم رکڻ ۾ پنهنجو حصو شامل ڪيو آهي. ۲۰۰۹ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ٿر جي اڳواڻ ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي جي درخواست تي تعليم کاتي پاران هاءِ اسڪول چيلهار جو نالو علمي، ادبي ۽ تاريخي خدمتن جي مڃتا ۾ سائين رائچند جي نالي منسوب ڪيو ويو آهي. سرڳواسي رائچند راٺوڙ سنڌ جو مايه ناز محقق ۽ تاريخ دان نند لال لهاڻو سنڌ ڌرتي جي ٿڌڙي مٽي ٿر جي ڪُک مان جن انمول شخصيتن جو جنم ٿيو آهي، انهن ۾ سرڳواسي رائچند راٺوڙ جو نانءُ پڻ سرفهرست آهي. هو تاريخ جو مشهور استاد، محقق ۽ جاکوڙيندڙ ڪردار ٿي گذريو آهي. سندس جنم ۸ نومبر ۱۹۱۲ع تي ٿر جي قديمي ۽ پرامن شهر چيلهار ۾ مينگهواڙ برادري جي هڪ چَتُون مل سرتاڻي جي گهر ۾ ٿيو.هن ننڍي هوندي کان ئي پنهنجي محنت تحت ۱۹۲۹ع ۾ فائنل پاس ڪئي ۽ پوءِ هڪ فرد پرائمري استاد طور ۲ مئي ۱۹۲۸ع ۾ چيلهار کان هن عظيم پيشي جي شروعات ڪيائين، جنهن دوران ٽيچرس ٽريننگ اسڪول حيدرآباد مان پي ٽي سي جا ڪورس ڪرڻ سان گڏوگڏ ادبي سرگرميون ۽ لکڻ واري ڪرت پڻ جاري رکيائين. نوڪري ٽوڪري هجڻ ڪري هن چيلهار کانسواءِ ڳوٺ عمر انڙ، آهوري، ديهه نورنگ سنگهه، ڀوريلو، جوڳي مڙهي، ٽنڊوجان محمد، رائلو رند، سيرو سٿڙيون ۽ مٺي ۾ پڻ نوڪري ڪئي. سندس ادبي دوستن ۾ مخدوم طالب الموليٰ، شيخ اياز، نبي بخش بلوچ، نرسنگهه داس اوجها، ابراهيم جويو ۽ ٻيا اديب شامل هئا. پاڻ پهريون ڪتاب تاريخ ريگستان لکيو، جيڪو اڄ به ٻن جلدن ۾ هر ادب جو ذوق رکندڙ جي گهر ۽ لائبريري ۾ موجود آهي، هن پير صاحب پٿوري جي سوانح عمري تي پڻ ڪتاب شايع ڪرايا هئا. ان کانسواءِ ٿر جي لوڪ ادب سميت ٻين پڻ ڪافي موضوعن تي ڪافي مواد ڇپيل توڙي اڻ ڇپيل موجود آهي. سائين رائچند راٺوڙ ۱۹۶۸ع ۾ ڀالوا ۾ حب الوطنيءَ جي عظيم ڪردار ”مارئي“ جي ميلي ۾ مارئي بابت مقالو پڻ پڙهيو هئائين ۽ سنڌ جو ناليوارو اديب ولي رام ولڀ پڻ رائچند راٺوڙ جو شاگرد آهي. جنهن پڻ هن شخصيت کان متاثر ٿي، ادبي ڪاڄ ۾ پير پاتو . رائچند راٺوڙ هڪ نهايت ئي قابل ۽ محنتي استاد ، مخلص ۽ سچار دوست ۽ مثبت سوچ جو مالڪ هو، سندس اکر پڻ تمام سهڻا ۽ موتي داڻا هوندا هئا ۽ هو هڪ عظيم فرص شناس استاد هو سندس پٽ پرڀو ناشاد آهي، جيڪو بعد ۾ نفيس احمد شيخ ٿيو ۽ ادبي ذوق جو ماڻهو آهي ۽ ڪافي عرصي کان سنڌي ادبي بورڊ جي ٽه ماهي رسالي ”مهراڻ“ جي ايڊيٽر طور پڻ ادبي خدمت ڪري رهيو آهي. رائچند راٺوڙ هڪ اهڙي سنڌ ڌرتيءَ جي پياري شخصيت هئي جنهن جي پياري نالي کان هند توڙي سنڌ ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ سنڌي پنهنجي ڌرتي جي سڃاڻپ سمجهن ٿا ۽ سندس ڪردار، عمل ۽ مهان ماڻهپي کان سڀ ڪو ئي واقف آهي ۽ اهڙا اعزاز هر ڪنهن کي ملي نه سگهندا آهن. سندس اباڻي شهر چيلهار ۾ سماجي تنظيم ريگستان ويلفيئر ايسوسئيشن پاران رائچند راٺوڙ جي نالي سان هڪ لائبريري پڻ قائم ٿيل آهي. سائين رائچند راٺوڙ ۳۱ مئي ۱۹۶۸ع تي هن فاني دنيا مان پرلوڪ پڌاريو. اسان سمجهون ٿا ته سرڪاري توڙي غيرسرڪاري ادارن کي اهڙن تاريخ جي هيرن کي ڪنهن به صورت ۾ وسارڻ نه گهرجي ۽ رائچند راٺوڙجي باقي اڻ ڇپيل مواد کي ميسارجي اڏوهي جو کاڌ ٿي وڃڻ کان پهرين ڇپائي، پڌرو ڪرڻ گهرجي ته جيئن نيئن سنڌي نوجوان ٽهي کي ماضيءَ جي تاريخ جو صحيح اندازو ٿي سگهي. رائچند راٺوڙ ”تاريخ ريگستان“ جو ليکڪ دولت رام کتري علم ۽ ادب جي دنيا ۾ اهڙين شخصيتن جو تعداد بنهه گهٽ آهي، جن تاريخ کي پنهنجي تحقيق جو موضوع بڻائي، انهيءَ تي ڪم ڪيو هجي. سنڌي ادب ۾ تحقيقي ادب جي حوالي سان موجوده دور ۾ تمام گهٽ ڪم ٿيو آهي پر ماضيءَ ۾ استاد رائچند راٺوڙ جو ڪيل تحقيقي ڪم، اڄ به پنهنجي هڪ تاريخي حيثيت رکي ٿو. استاد رائچند راٺوڙ جو تعلق ٿر سان رهيو آهي، ٿر علم ۽ ادب جي حوالي سان هڪ زرخيز ۽ وسيع خطو رهيو آهي. محمد عثمان ڏيپلائي، رائچند راٺوڙ، عبدالقادر جوڻيجو، ماٺيڻو اوٺو، غلام محمد جهنجهي، ولي رام ولڀ، سائينداد ساند، امر ساهڙ، مگهارام اوجها سميت ٿر جي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ شخصيتن سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقي ۽ اوسر لاءِ لاڀائتو ڪم ڪيو آهي. استاد رائچند راٺوڙ سنڌ جو اهو محنتي محقق ۽ تاريخدان هو جنهن ٿر جي تاريخ کي سهيڙي ”تاريخ ريگستان“ جهڙو انمول ڪتاب اسان کي ڏنو، جيڪو سنڌ ۾ تحقيقي ادب جي حوالي سان هڪ وڏو شاهڪار ڪتاب آهي. رائچند راٺوڙ جو جنم ۱۹۱۲ع ۾ چتون هريجن جي گهر ۾ چيلهار شهر ۾ ٿيو. انهيءَ وقت چيلهار شهر هڪ ننڍڙو ڳوٺ هوندو هيو. پنهنجي تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ۱۹۲۸ع ۾ رائچند راٺوڙ هڪ پرائمري اسڪول ۾ استاد جي حيثيت سان نوڪري جي شروعات ڪئي. هو پنهنجي نوڪري واري عرصي دوران سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ رهيو. خاص ڪري مٺي، ٽنڊو جان محمد، آهوري، ڀوريلو، رائلو، ديرو تڙيون، جوڳي مڙهي ۽ ٻين ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ استاد جي حيثيت سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنائين. استاد رائچند راٺوڙ جو والد چتون مل هريجن ”پيري“ هو. هن پنهنجي پيري پيءُ جي ڪم مان اُتساهه وٺي، ٿر جهڙي علائقي ۾ ڪشالا ڪڍي، پيرين، پيادل ۽ اُٺن تي سفر ڪري ٿر جي تاريخ جي حوالي سان صحيح معلومات گڏ ڪئي ۽ ٿر جي تاريخ کي سهيڙڻ جو ڪم ڪيو. ٿر جي تاريخ کي سهيڙڻ لاءِ هُن ٿر جي مقامي استادن جي پڻ مدد ورتي. ٿر ۾ سفري سهولتن جي اڻهوند جي باوجود هو ٿر متعلق مفيد معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ آيو. ٿر جي ڏورانهن ڳوٺن تائين ويندو هو ۽ اتي هو ڳوٺ جي چڱن مڙسن ۽ مقامي استادن جي مدد سان ٿر جي علم، ادب، فن، تاريخ، لوڪ موسيقي، رهڻي ڪهڻي، ثقافت، جاگرافي ۽ سماجي حالتن متعلق مواد گڏ ڪندو هو. ۱۹۴۶ع ۾ استاد رائچند راٺوڙ مٺيءَ ۾ پڻ بدلي ٿي آيو ۽ مٺيءَ ۾ پڻ نوڪري ڪيائين. ۱۹۴۶ع کانپوءِ هو جڏهن چيلهار بدلي ٿي آيو ته هن هڪ ننڍڙي لائبريري پڻ قائم ڪئي، جهن ۾ ڪجهه ڪتاب پڻ هوندا هئا. مهراج ٻالچند ۽ گڻيس داس جي ننڍڙي دڪان ۾ قائم انهيءَ لائبريري ۾ ان وقت جا دوست محمد سومار بجير، ڀانو مل، ٻالچند مهراج، گڻيس داس ۽ ٻيا علم، ادب ۽ تاريخ تي وڏا وڏا بحث ڪندا هئا. علائقائي تاريخ جي حوالي سان ”تاريخ ريگستان“ هڪ منفرد مقام رکي ٿو. هن ڪتاب ۾ رائچند راٺوڙ آسان ٻولي ۾ ٿر جي موضوعن تي تفصيلي روشني وڌي آهي. ٿر جهڙي علائقي ۾ جتي سهولتن جي اڻهوند هجي اُتي هڪ ماستر (استاد) ماڻهو ٿر متعلق معلومات قلمبند ڪري ته منهنجي خيال ۾ اهو هڪ وڏو قلمي پورهيو آهي. رائچند راٺوڙ جي تحقيقي ڪم مان اسان پنهنجي شاهوڪار لوڪ ادب ۽ تاريخي قصن جون پاڙون کوٽي هٿ ڪري سگهون ٿا. رائچند راٺوڙ پنهنجي ڪتاب ”تاريخ ريگستان“ ۾ ٿر جي ثقافت، ٻولي، ادب، فن، رهڻي ڪهڻي، جاگرافي سماجيات تي جيڪو ڪجهه لکيو آهي اهڙو ٿر جي تاريخ تي ٻئي ڪنهن اديب يا محقق ناهي لکيو. رائچند راٺوڙ پنهنجي ذات ۾ هڪ مڪمل ادارو هو، جنهن جو ڪيل تحقيقي ڪم، تاريخ ۾ پنهنجي اهم حيثيت رکي ٿو. اهڙي شاهڪار ڪتاب لکڻ تي، رائچند راٺوڙ کي، انهيءَ وقت پي ايڇ ڊي جي ڊگري ملڻ گهرجي ها. سنڌ جي عظيم تاريخ دان جي قلمي پورهئي جو قدر ڪندي، سنڌ حڪومت، چيلهار جو مين پرائمري اسڪول، رائچند راٺوڙ جي نالي منسوب ڪيو آهي. رائچند راٺوڙ جو قلمي پورهيو اسان وٽ امانت آهي، انهيءَ جي قلمي پورهئي کي مڃتا ڏيڻ لاءِ صحيح طريقو هي آهي ته انهيءَ جي اڻ ڇپيل مواد کي ڇپائي ڪتاب جي صورت ۾ آڻي پڌرو ڪيو وڃي. رائچند راٺوڙ ”تاريخ ريگستان“ جي مصنف جون علمي ادبي خدمتون دولت رام کتري سنڌ جي ريگستاني علائقي ٿر جي تاريخي اتهاس جو جڏهن تذڪرو ڪجي ته جن شخصيتن ٿر جي تاريخ کي سهيڙي منظرِ عام تي آندو، اُنهن ۾ انگريز مصنف ڪئپٽن اٽئنلي نيپئر ريڪس، منگها رام اوجها ۽ تيج سنگهه سولنڪي جا نالا قابلِ ذڪر آهن. جن تحقيق ۽ مشاهدن جي آڌار تي ٿر جي تاريخ جا مختلف پهلو نِروار ڪيا. جڏهن ته ٿر جي پيرائتي تاريخ لکڻ لاءِ جن مصنفن قلم کنيو، اُنهن ۾ رائچند راٺوڙ جو نالو سڀ کان اول اچي ٿو. ٿر جي ننڍڙي ڳوٺ چيلهار سان تعلق رکندڙ هُن محنتي محقق ڪشالا ڪڍي، ٿر جي پيرائتي تاريخ تي هڪ انمول ڪتاب ”تاريخِ ريگستان“ ڏنو. جيڪو تاريخ ۽ تحقيق جي حوالي سان هڪ شاهڪار ڪتاب آهي. رائچند راٺوڙ پنهنجي تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ۱۹۲۸ع ۾ هڪ پرائمري اُستاد جي حيثيت سان نوڪريءَ جي شروعات ڪئي. ۱۹۴۶ع ڌاري رائچند راٺوڙ جڏهن چيلهار بدلي ٿي آيو ته انهيءَ وقت چيلهار ڳوٺ ۾ هڪ ننڍڙي لائبريري قائم ڪئي هئي. جنهن ۾ ڪجهه ڪتاب پڻ هوندا هئا. مهراج ٻالچند جي دڪان ۾ قائم ٿيل انهيءَ لائبريريءَ ۾ ماڻهو اُتي اچي علم، ادب ۽ تاريخ تي وڏا وڏا بحث ڪندا هئا. اڄ کان لڳ ڀڳ ۶۰ سال اڳ رائچند راٺوڙ ٿر جي تاريخ کي سهيڙڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيو. ٿر ۾ سهولتن جي اڻهوند جي باوجود رائچند راٺوڙ پيرين پنڌ ۽ اُٺن تي سفر ڪري ٿر جي مقامي اُستادن جي سهڪار سان ٿر جي تاريخ بابت مفيد معلومات گڏ ڪرڻ شروع ڪئي. ايئن هُو مسلسل ۱۵ سالن جي جدوجهد ۽ محنت کانپوءِ ٿر جي پيرائتي تاريخ کي سهيڙڻ ۾ ڪامياب ويو. انهيءَ دوران هن کي ڪيتريون ئي ڏُکيائيون پڻ سامهون آيون ۽ انهن ڏکيائن جو ذڪر سندس ڪتاب ۾ پڻ ڪري ٿو ۽ هڪ هنڌ لکي ٿو ته؛ ”ڪجهه وقت اڳ مون خيال ڪيو ته ٿر بابت تاريخي حقيقتون گڏ ڪريان ۽ اُنهيءَ ڏس ۾ ڪوشش ڪيم پر هڪ ته ٿر وارو علائقو، ٻيو آئون پرائمري ماستر، ٻهراڙين جا اسڪول، اڻ پڙهيلن سان واسطو، لائبريرين جي سهولت ته پري جي ڳالهه پر اخبار به ميسر نه هئي. علم دوست صاحبن جي ملاقات کان محروم، نڪو مددگار يا صلاح ڏيڻ وارو، اُلٽو همت شڪني ۽ ٽوڪبازي، ڪنهن سان کڻي ڳالهه ڪر ته سڀ چَون تنهنجو مغز خراب ٿيو آهي. ٻيا عالم آهن ئي ڪا نه، جو تون هليو آهين، تاريخ لکڻ! وقتي طور تي دل مايوس ٿيو وڃي. پر اندر ۾ پڪو ارادو ڪيو هو سو اڳتي وڌندو رهيس، ڪوشش ڪري هِتان، هُتان ڪتاب، اخبارون ۽ رسالا هٿ ڪري مطالعو ڪيم ۽ مليل مواد قلمبند ڪندو رهيس“. انهي جو مطلب ته ٿر جي تاريخ کي سهيڙڻ ۾رائچند راٺوڙ ڪشالا ڪڍي محنت ڪئي هئي. اهو يقيناً هڪ وڏو ڪارنامو آهي. ٿر جي تاريخ، لوڪ ادب، ۽ ثقافت تي تحقيقي ڪم ڪندڙ رائچند راٺوڙ کي انهيءَ وقت ٿر ۾ ڪم ڪندڙ تعليمي ماهر ۽ فرسٽ اسسٽنٽ ڊپٽي ايجيوڪيشنل انسپڪٽر محمد اسماعيل عرساڻي، تاريخِ ريگستان کي سهيڙڻ لاءِ تمام گهڻو اُتساهيو هو ۽ هن جي مدد پڻ ڪئي هئي...تاريخِ ريگستان هڪ علمي ۽ تهذيبي موضوع تي اهڙي شاهڪار تصنيف آهي، جنهن مان اسان پنهنجي لوڪ ادب ۽ تاريخي قصن جي معلومات هٿ ڪري سگهون ٿا. حقيقت ۾ رائچند راٺوڙ جو ڪيل تحقيقي ڪم پي ايڇ ڊي جي ٿيسز کان گهٽ ناهي. انهيءَ حوالي سان ٿر جي مهان ڪوي شيخ اياز چيو هو ته؛ ”ٿر جي پيرائتي تاريخ پڙهڻي هجي ته رائچند جو ڪتاب تاريخِ ريگستان پڙهيو وڃي، جو ٽاڊ جي ”راجستان“ وانگر آهي. جڏهن مان سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر هئس، تڏهن جيڪڏهن ڪو به مونکي ياد ڏياري ها يا ان ڏس ۾ تحرڪ وٺي ها ته مان سئنڊيڪيٽ کي آماده ڪريان ها ته رائچند جي ان ڪتاب تي پي ايڇ ڊي جي ڊگري ڏني وڃي ها. ٿر جهڙي پٺتي پيل علائقي ۾ جتي سهولتن جي اڻهوند هجي، اُتي هڪ اُستاد ٿر متعلق نهايت مفيد معلومات گڏ ڪري، هڪ تحقيقي تصنيف مرتب ڪري ته منهنجي خيال ۾هِي هڪ وڏو قلمي پورهيو آهي. تاريخ ريگستان ٿر جي جاگرافي، سماجيات ۽ ثقافت جي هڪ تصوير آهي ۽ ٿر جو اصل چهرو تاريخِ ريگستان ۾ ئي ڏسي سگهجي ٿو. منهنجي خيال ۾تاريخِ ريگستان ٿر جو مڪمل انسائيڪلو پيڊيا آهي، ۽ اهڙي شاهڪار ڪتاب لکڻ تي رائچند راٺوڙ کي انهيءَ وقت پي ايڇ ڊي جي ڊگري ملڻ گهرجي ها.“.... ٿر جي هن محنتي محقق ۽ تاريخدان ۳۱ مئي ۱۹۶۸ع تي وفات ڪئي. رائچند راٺوڙ مور-کنڀن جو مورخ استاد نصير مرزا/حيدرآباد استاد رائچند راٺوڙ کي ٽربيوٽ، در اصل پوري ٿر ڊيزرٽ کي ٽربيوٽ ڏيڻ وانگر آهي. شيخ اياز صاحب جو هي شعر رائچند صاحب کي سندس هر ورسيءَ تي ٽربيوٽ ڏيڻ لاءِ جهڙو ڪر، منهنجي مدد ڪري رهيو آهيِ: وڃان ٿو وينجهار، موتي ڏيئي اڻ ميا، صديون پياسون سونجهبا، جن جا ڍير هزار، ٻڏي سوچ ويچار، پرکيندا مون پارکو! ۽ سچي ڳالهه ته هيءَ به آهي ته رائچند صاحب کان اڳ سنڌ جو هي هيبتناڪ هيٺاهون ڀاڱون، وٺو ته ٿر، نه ته بر ئي بر هو... رائچند جهڙي مورخ جي قلم جي ڪڪر هيٺ اچي اهو ئي ٿر اڄ ”تاريخِ ريگستان“ جهڙي انسائيڪلوپيڊيا نما ڪتاب ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. سچ پڇو ته هيءُ ڪتاب محض ريگستان جي تاريخ ڪونهي، ان ۾ هن ڄڻ، ٿر جي ثقافت جي سمفني ٺاهي آهي. ٿر بلاشڪ ته رنگارنگي ثقافت، لوڪ موسيقي، مٺڙي ٻوليءَ گاهن ٻوٽن، وڻن ٽڻن ۽ دلبر ماڻهن جو ديس آهي، پر ڪنهن به ديس جي سڃاڻپ رڳو اهي شيون ئي ڪٿي هونديون آهن؟ ڪي امر ماڻهو به ان جي سڃاڻپ جو سبب بنجندا آهن. اسان جي پنهنجي هن ٿر به ڪهڙا نه عجب عجب جهڙا انسان سنڌ کي ڏنا آهن. ننگر پارڪر وارو روپلو ڪولهي، ڏيپلي وارو محمد عثمان ڏيپلائي، اسلام ڪوٽ ۽ مٺيءَ وارو موهن ڀڳت، سامي ويريءَ وارو مسڪين جهان خان کوسو، ڏيپلي وارو ٻيو عثمان اديب ۽ چيلهار وارو استاد رائچند راٺوڙ... ٿر جي حوالي سان انهن مور مڙسن، ڪهڙو سنڌي ماڻهو آهي، جنهن کي متاثر نه ڪيو هوندو؟ ننگر پارڪر وارو تلوار ڌڻي رُوپلو ۽ چيلهار وارو قلم ڌڻي استاد رائچند، ۽ انهن ۾ هڪڙو جي ڪارونجهر پهاڙ جيڏو، ته ٻئي پاسي رائچند صاحب وري ريگستان جيڏو وشال... روپلي کي مان دولهه دريا خان جي تسلسل ۾ ڏسان ٿو ته رائچند جهڙي ثقافت دوست محقق کي وري ڀٽائيءَ جي تسلسل ۾ سمجهان ٿو. ڀٽائي کان قليچ، قليچ کان ڊاڪٽر گربخشاڻي، گربخشاڻيءَ کان جي ايم سيد، جي ايم سيد کان رائچند تائين، هي سڀ ننڍا ننڍا ڀٽائي ئي ته آهن، پنهنجي پنهنجي فيلڊ جا..... رائچند صاحب کي ننڍن ننڍن ڀٽائين مان هڪ سڏيندي، هن جي لکيل تاريخ، تاريخ ريگستان جا ٻئي واليوم منهنجي آڏو آهن. ريگستان جي تاريخ رڳو سنڌ ۾ ئي ڪانه لکي وئي آهي، ٿر ۽ ٿر جهڙا ريگستان ٻيا به گهڻا آهن. چين جي سرحدن سان صحراءِ گوبي ۾ ته روسين پاڻي پهچائي، ڪڻڪ اپائي ڏيکاري آهي. ايران، عراق جي سرحدن سان دشتِ سوس، وري ايران بلوچستان جي سرحدن سان دشت لوط... راجستان کان نئون ڪوٽ، عمر ڪوٽ تائين. هي ٿر....۽ ريگستانن ۽ صحرائن جي تاريخ جا ڪتاب ۽ انهن جي ليکڪن جو ڪئٽالاگ ڏسجي ٿو ته رائچند صاحب جو ڪتاب تاريخ ريگستان دنيا جي آڱرين تي ڳڻڻ جهڙن ڪتابن مان هڪ نظر ايندو. هن ڪتاب جي bibliography تي نظر وجهجي ٿي ته حيرت وٺيو وڃي. اڇا ته هي سڀ مواد محض هڪ انسان سهيڙيو، سوچيو ۽ لکيو آهي! ٿر جي جاگرافي، ذاتيون، ريتون، رسمون، هنر، جانور، پکي، وڻ ٻوٽا، ڳوٺ واهڻ... معاشي زندگي ۽ حڪومتون... ۽ پير علي محمد راشدي صاحب هن ڪتاب کي ”ڪلاسڪ“ جو سڏيو آهي ته هرڀرو ته ڪو نه سڏيو آهي. مون کي ته وسهي ٿو ته رائچند صاحب جي هن تحرير کان اڳ ٿر صرف هڪ ريگستان هو. اهو ئي بيابان هن ڪتاب کان پوءِ سنڌ جي رومان پسند سياحن، شاعرن، مصورن ۽ محققن لاءِ سياحت جو سبب بنجي پيو آهي. دل ته چاهي ٿي ته ايڏي وڏي خدمت سبب رائچند صاحب جي نالي سان سنڌ جي ڪا وڏي عمارت منسوب هجي ها، پر ٽرئجڊي اسان وٽ هيءَ به آهي ته هتي ڪنهن به غريب شاعر، ليکڪ، محقق، دانشور جو سوشل اسٽيٽس ۽ رتبو تسليم ٿيل ناهي ۽ نه ئي ان کي ڪو وڏو سماجي ماڻهو تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ئي آهي ۽ جتي حالت اها هجي، اتي شاعر، اديب ۽ غريب محقق جي پروجيڪشن ۾ ڪير دلچسپي وٺندو؟ رائچند صاحب باقاعده مسڪين ۽ ٿري ماڻهو هو. ديوتائن هن کي قلم هٿ ۾ ڏيئي، لفظن جي ڏات سان تونگر ڪري ڇڏيو هو. ان کي به ڀلا وقت جو ستم نه سڏجي ته ٻيو ڀلا ڇا سڏجي، جو سنڌ ۾ وڏن ماڻهن پيدا ٿيڻ هاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي. بانگ درا ۽ پيامِ مشرق وارو اقبال شايد صحيح چئي ويو آهي ته: ”بڙي مشڪل سي هوتا هي، چمن ۾ ديده ور پيدا.“ رائچند صاحب جي وصال کي ۴۴ سال گذري چڪا آهن. روپلي کي، مسڪين جهان خان کوسي کي ۽ محمد عثمان ڏيپلائي کي به ورهيه گذري ويا آهن، اهي خال رهجي ويا آهن ۽ اڃا تائين ڀريا ناهن. هن وقت تائين سندن نعم البدل پيدا نه ٿي سگهيو آهي. باوجود ان جي جو ٿر اڃا سڃو ڪونهي، هتي سائينداد ساند جهڙو شاعر به آهي ته بلاول اوٺي جهڙو عوامي انسان به، صادق فقير جو آواز به سلامت آهي ته ڪريم ڏني فقير جو آلاپ به! حاجي محمد ڪنڀر جهڙو ڪهاڻيڪار به آهي ته ڪرشن شرما جهڙو صحافي به! مون کي خوشي آهي ته اڄ مان تصور ۾ ريگستان ۾ ان ماڳ جي آس پاس بيٺو آهيان، جنهن جي طلسمي حسن ۽ هر شيءِ کي استاد رائچند، هڪ ليکڪ ۽ ثقافت جي محافظ جي نگاهه سان ڏٺو ۽ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. مانوارا دوستو! دنيا ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن جا ٻه طبقا آهن، هڪڙا ڪم گهٽ ڪندا آهن ۽ ڳالهائيندا گهڻو آهن. ٻيا ڪم ته گهڻو ئي ڪندا آهن، پر خاموشيءَ ۾ رهندا آهن ۽ آخرڪار خاموشيءَ ۾ ئي هليا به ويندا آهن. رائچند راٺوڙ صاحب پوئين قسم جي انسانن مان هڪ هو، جيڪو ۳۱ مئي ۱۹۶۸ع تي جدا ٿي ويو. سنڌ جي ان خاموش ۽ عجوبهءِ روزگار انسان جي ريگستان لاءِ ڪيل علمي، ادبي ۽ تحقيقي خدمتن کي ياد ڪندي، ٿر جا هي دڙا، ڀڙا ۽ در و ديوار ڏسندي، مون کي ته آخر ۾ هڪ جاپاني هائيڪو ٿو ياد اچي. پوپٽ مري چڪو آ، واريءَ جي ڀٽن تي پوءِ به، ڄڻ ته اڏري رهيو آ. رائچند راٺوڙ سندس علمي ادبي خدمتون دولترام کتري سنڌي ادب ۾”تاريخ” جي حوالي سان تمام گھڻا شاھڪار ڪتاب موجود آهن جيڪي وڏي اھميت جا حامل آهن. ادب جي دنيا “تاريخ “تي لکڻ ھڪ اھڙو موضوع آهي جيڪو تمام گهڻو محنت جو گھر جائو آهي. جڏهن ٿرجي تاريخ جو تذڪرو ڪجي ٿو تڏهن اھا ڳالهه ضرور سامهون اچي ٿي ته ٿر جي “پيرائتي تاريخ” لکڻ لاءِ جن تاريخ نويسن (منصفن) قلم کنيو، انهن ۾ رائچند راٺوڙ جو نالو اول اچي ٿو. ٿر جي هُن محنتي محقق تاريخ نويس، “ٿر جي تاريخ” تي هڪ انمول ڪتاب “تاريخ ريگستان” ڏنو. جيڪو سنڌي ادب ۾تاريخ ۽ تحقيق جي حوالي سان هڪ شاهڪار ڪتاب ليکيو وڃي ٿو. ۸ نومبر ۱۹۱۲۾ چيلھار شھر ۾ جنم وٺندڙ تاريخ نويس رائچند راٺوڙ جو ڪيل تحقيقي ڪم “انسائيڪلوپيڊيا نما ڪم” جي زمري ۾ اچي ٿو. ٿر جي پيرائتي تاريخ کي رائچند راٺوڙ انھي دور۾ قلمبند ڪيو ھو جنهن دور ۾ ٿر ۾ نه روڊ رستا ھئا نه ڪي بنيادي سھولتون ھيون پوءِ به ھن مورخ (تاريخ نويس) محنت ڪري سنڌي ادب کي ھڪ شاھڪار تاريخي ڪتاب تاريخ ريگستان ڏنو. رائچند راٺوڙ تاريخ ريگستان کي ٻن جلدن ۾ سهيڙي ٿر جي مستند تاريخ کي نروار ڪيو آهي، ۽ اُهو ڪتاب پڙهندڙن کي ٿر بابت مفيد معلومات فراهم ڪري ٿو. رائچند راٺوڙ پيشي جي لحاظ کان هڪ پرائمري اُستاد ھو نوڪري واري عرصي دوران رائچند راٺوڙ سنڌ جي مختلف ڳوٺن ۽ شھرن ۾ پڻ رھيو انھي عرصي دوران رائچند راٺوڙ ٿر جي تاريخ کي سهيڙڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيو ھو. ٿر ۾ سهولتن جي اڻ هوند جي باوجود رائچند راٺوڙ پيرين پيادل ۽ اُٺن تي سفر ڪري ٿر جي مقامي اُستادن جي سهڪار سان ٿر جي تاريخ بابت مفيد معلومات گڏ ڪرڻ شروع ڪئي. ايئن هو مسلسل ۱۶ سالن جي جدوجهد ۽ محنت کانپوءِ هو ٿر جي پيرائتي تاريخ کي سهيڙڻ۾ ڪامياب ويو. انهي دوارن هن کي ڪيتريون ئي ڏکيايون پڻ سامهون آيون ۽ انهن ڏکيائين جو ذڪر سندس ڪتاب ۾ پڻ ڪري ٿو ۽ هڪ هنڌ لکي ٿو ته؛ “ڪجهه وقت اڳ مون خيال ڪيو ته ٿر بابت تاريخي حقيقتون گڏڪريان ۽ اُنهي ڏس۾ ڪوشش ڪيم پر ٿرجو ملڪ، پرائمري ماستر، ٻهراڙين جا اسڪول، اڻ پڙهيلن سان واسطو، لائبررين جي سهولت ته پري جي ڳالهه پر اخبار به ميسر نه هئي. علم، دوست صاحبن جي ملاقات کان محروم، نڪو مددگار يا صلاح ڏيڻ وارو رهندو همت شڪني۽ ٽوڪبازي، ڪنهن سان کڻي ڳالهه ڪر ته سڀ چون تنهنجو مغز خراب ٿيو آهي. ٻيا عالم آهن ئي ڪو نه، جو تون هليو آهين تاريخ لکڻ، وقتي طور تي دل مايوس ٿيو وڃي پر اندر ۾ پڪو ارادو ڪيو هو سو اڳتي وڌندو رهيس، ڪوشش ڪري هِتان، هُتان ڪتاب، اخبارون ۽ رسالا هٿ ڪري مطالعو ڪيم ۽ مليل مواد قلم بند ڪندو رهيس”. اھڙي ريت ٿر جي تاريخ کي سهيڙڻ ۾رائچند راٺوڙ ڪشالا ڪڍي جيڪا محنت ڪئي ۽ قلمي پورھيو ڪيو اهو انھي دور ۾ هڪ وڏو ڪارنامو ھو ھن دور ۾ اسان جا دوست سھولتن جي باوجود ھن قسم جو ڪم ڪرڻ کان قاصر بڻيل آهن. ٿر جي تاريخ لوڪ ادب ۽ ثقافت تي تحقيقي ڪم ڪندڙ رائچند راٺوڙ کي انهي وقت ٿر ۾ ڪم ڪندڙ تعليمي ماهر ۽ فرسٽ اسٽنٽ ڊپٽي ايجوڪيشنل انسپڪٽر محمد اسماعيل عرساڻي، تاريخ ريگستان کي سهيڙڻ لاءِ تمام گهڻو اتساهيو هو ۽ هن جي مدد پڻ ڪئي هئي ۽ انهي جو ذڪر مصنف پاڻ ڪتاب ۾ پڻ ڪيو آهي. رائچند راٺوڙ جي لکيل ڪتاب تاريخ ريگستان جو پهريون ڀاڱو ۱۹۶۶ع ڌاري ڇپجي منظر عام تي آيو. جڏهن ته ٻيو ڀاڱو ۱۹۷۶ع ۾ ڇپجي منظر عام تي آيو. تاريخ ريگستان هڪ اهڙي علمي ۽ تهذيبي موضوع تي شاهڪار” تصنيف” آهي، جنهن مان اسان ٿرجي لوڪ ادب ثقافت ۽ تاريخي قصن جي معلومات هٿ ڪري سگهون ٿا. تاريخ ريگستان جو پهريون ڀاڱو ٿر جي طبعي ڀاڱن، معاشرتي حالتن، ٿر ۾ مختلف بادشاهن (جهڙوڪ: راجپوتن، سوڍن، سومرن، ڪلهوڙن، ٽالپر، انگريزن) جي مختلف دورن جي قصن تي مشتمل آهي. رائچند راٺوڙ پهرين ڀاڱن ۾ ٿر جي تعارف، پکيڙ، ايراضي آبادي، ٿر جي مختلف ڀٽن، ڏهرن، هندن جي تيرٿ آستانن، تاريخي ماڳن، تراين، ندين متعلق انتهائي مفيد معلومات قلم بند ڪئي آهي. جڏهن ته پهرين ڀاڱي ۾ هن ٿر تي بادشاهي ڪندڙ حاڪمن جي پيڙهين ۽ شجرن تي پڻ تفصيل سان لکيو آهي، تاريخ ريگستان جي ٻي ڀاڱي ۾ٿر جي سماجي حالتن، رسمن، رواجن، جانورن، پکين، جهنگلي جيوت، زرعي سرشتن، ٿر جي ميلن ملاکڙن علائقائي شخصيتن، ٻولين، قبيلن، رومانوي ۽ لوڪ داستانن ۽تاريخي واقعن جي مختلف پهلوئن کي نروار ڪيو ويو آهي. اهڙي ريت رائچند راٺوڙ تاريخ ريگستان ۾ٿر جي مڙني موضوعن تي تفصيل سان لکي، ٿر جي تاريخ ۽ اهميت کي نروار ڪيو آهي. حقيقت ۾ رائچند راٺوڙ جو ڪيل تحقيقي ڪم پي ايڇ ڊي جي ٿيسز کان گهٽ ناهي. انهي حوالي سان ٿر جي مهان ڪوي شيخ اياز چيو هو ته؛ “ٿر جي پيرائتي تاريخ پڙهڻي هجي ته رائچند جو ڪتاب تاريخ ريگستان پڙهيو وڃي، جو ٽاڊ جي “راجستان” وانگر آهي. جڏهن مان سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر هئس تڏهن جيڪڏهن ڪوئي به مون کي ياد ڏياري ها ان ڏس ۾ تحرڪ وٺي مان سئنڊيڪيٽ کي آماده ڪيان ها ته رائچند جي ان ڪتاب تي پي ايڇ ڊي جي ڊگري ڏني وڃي ها. ٿر جهڙي علائقي ۾ جتي سهولتن جي اڻ هوند هجي اُتي هڪ استاد ماڻهو ٿر متعلق نهايت مفيد معلومات گڏ ڪري، هڪ تحقيقي تصنيف مرتب ڪري ته منهنجي خيال ۾هي هڪ وڏو قلمي پورهيو آهي. تاريخ ريگستان ٿر جي جاگرافي، سماجيات ۽ ثقافت جي هڪ تصوير آهي ۽ ٿر جو اصل چهرو تاريخ ريگستان ۾ ئي ڏسي سگهجي ٿو. منهنجي خيال ۾تاريخ ريگستان ٿر جو مڪمل انسائيڪلو پيڊيا آهي. ۽ اهڙي شاهڪار ڪتاب لکڻ تي رائچندکي انهي وقت پي ايڇ ڊي جي ڊگري ملڻ گهرجي ها. ٿر جي هن محنتي محقق ۽ تاريخ دان ۳۱ مئي ۱۹۶۸ع ۾وفات ڪئي. ۱۹۹۶ع ۾انهي وقت جي ڪمشنر ميرپورخاص گل محمد عمراڻي جي ڪوشش سان چيلهار ۾ رائچند راٺوڙ جي نالي سان ادبي لائبرري جو قيام عمل ۾ آندوويو. ۲۰۰۸ ع ۾ پيپلز پارٽي جي اڳئين حڪومت ۾ تعليم کاتي سنڌ طرفان چيلهار جي گورنمنيٽ هاءِ اسڪول کي رائچند راٺوڙ جي نالي منسوب ڪيو ويو اهڙي ريت هن عظيم تاريخ دان جي شخصيت کي مڃتا ڏني وئي. ٿر جي تاريخ تي لکيل رائچند راٺوڙ جو ڪتاب هڪ اهم تاريخي دستاويز آهي ۽ سنڌي ادب ۾ مستند ڪتاب جي حيثيت رکي ٿو. پر گذريل ۶۰ سالن جي عرصي ۾ ٿر جي تاريخ جي موضوع تي ڪنهن به مصنف جو ڪو اهڙو تحقيقي ڪتاب منظر عام تي ناهي آيو. البته ۱۹۹۲ع ۾ انهي وقت جي ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر ٿر سيمينار ۾ پڙهيل مقالن تي مشتمل هڪ ڪتاب “ٿر” ترتيب ڏنو هو. جيڪو انهي وقت شايع ٿيو هو. پر ۶۰ سالن جي عرصي ۾ٿر ۾ گھڻوڪجهه بدلجي چڪو آهي. ٿر جي لوڪ ڏاهپ، ادب، ثقافت ۽ تاريخ جا ڪيئي رهجي ويل قصا اڄ به تحقيق جا منتظر آهن. چوڻ جو مطلب ته ٿر جي تاريخ جي مختلف پهلوئن تي ڪم ڪرڻ جي گنجائش موجود آهي، خود رائچند راٺوڙ به پنهنجي ڪتاب ۾انهي ڳالهه جو اعتراف به ڪيو آهي ته “اڃان ٿر جي تاريخ جون ڪي حقيقتون هونديون، جي هن ناچيز کي هٿ نه آيون آهن، البته جيڪي هٿ آيون آهن سي آئينده تاريخ نويسن لاءِ بنياد جو ڪم ضرور ڏينديون” سو رائچند راٺوڙ جي ڪتاب تاريخ ريگستان کي بنياد بڻائي ٿر جي تاريخ جا رهجي ويل پاسا ۽ قصا قلم بند ڪري سگهجن ٿا. انهي لاءِ تاريخ تي ڪم ڪندڙ مصنفن ۽ سنڌ جي علمي ادبي ادارن کي تحرڪ وٺڻ گهرجي. (ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۳۱ مئي ۲۰۲۲ع تي ڇپيل) رائچند راٺوڙ ٿر جي تاريخ جو تخليقڪار امر رائيسنگھ راٺوڙ هونئن ته ڀٽائيءَ جي سموري سرزمين هيرن جي کاڻ آهي، پر ڀٽن واري ڀونءَ جو ڀاڳ سڀني ڀاڱن کان ڪُجهه سرس ۽ سوايو آهي. انهيءَ ڀاڳ ۾ سُڀاڳ ڍاٽ جي دل چيلهار جي چمڪندڙ نگري آهي. هن ننڍڙي نگريءَ جو نصيب ئي نرالو آهي، جو ان جي آڪاش تي اهڙا چلولا چنڊ کڙيا آهن جو انهن جي سهائيءَ ۾ سمورو ساڻيهه ڪنجهي تي وڄ وانگي چمڪي رهيو آهي. آيل کي آدر ڏيندڙ سوڍائڻ جي سورج جو جهار سينگهه ساڏور، پارڪر جي پٿرن کي لتاڙي صدري ساهتيه جا سمنڊ ولوڙي پراڻي پارڪر جهڙو رتن پراپت ڪندڙ منگهارام اوجها ۽ مٽيءَ جي ماڻهن جون ڳالهيون ڳوليندڙ همروٽ ڇتيسيءَ جي سنڌيڪار، ٿر جي لوڪ ديوتا ڀارومل امراڻيءَ کان وٺي هن واريءَ جي ڪڻ ڪڻ جون ڪهاڻيون ڳولي وڻ وڻ جي وارتا لکي ٿر کي جُڳا جڳ جيئرو ڪندڙ سرڳواسي رائچند راٺوڙ تائين هن ٻهڳڻي ڌرتيءَ جا اهڙا املهه ڪردار آهن، جن کي اتهاس پنهنجي اندر ۾ صدين لاءِ سانڍي رکندو. چيلي چارڻ جي هن چلولي نگريءَ جي مٽيءَ ۾ مالڪ اهڙي ڪا مڻيا رکي آهي، جو هڪ کان مٿي هڪ هيرو پيدا ٿئي ٿو. بليڪ اينڊ وائيٽ واري پراڻي دؤر ۾ سندس فلمايل فوٽو کي ڏسڻ سان لڳي ٿو ته استاد رائچند راٺوڙ جو تعلق راجستان جي ڪنهن سورج ونسي راٺوڙ پريوار سان هو. مٿي تي راجپوتاڻي وڙي سان ٻڌل ڦينٽو، سفيد ويس ۽ مُڇن جا ڪُنڍا ڇلي نما ونگ ڏسي ائين لڳي ٿو ته ڄڻ ڪو رڻ ڀوميو راجپوت امل ڪسونٻا ڪري اجهو يُڌ جي تياري ۾ طبل وڄڻ جو انتظار ڪري رهيو هجي. مالڪ هن مهان هستي کي نوراني سونهن سان نوازيو هو. هن جي وشال اکين ۾ اهڙي ڪرشمائي ڪشش جهلڪي ٿي، جو ڪيئي سال پراڻو فوٽو به تازگيءَ جو احساس ڏياري ٿو. سر زمين سنڌ جي هن سڀاڳي پُٽ جو جنم ۸ ڊسمبر ۱۹۱۲ع تي چتون مل جي گهر ۾ ٿيو. چتون مل چيلهار شهر جو ٻڙهيو ميگهواڙ هو. شريمتي هانسو ٻائي جي ٿاوَر ٿڃ پي وڏو ٿيل رستم رائچند راٺوڙ ٿر جو اهڙو لاکيڻو رتن آهي، جنهن جي چمڪ دنيا جي هر ڪنڊ ۾ هن ڀومي جي چارن کي تارن وانگي چمڪايو آهي. هن جي شهر آفاق تصنيف “تاريخ ريگستان” (ٻن جلدن ۾) جنهن به پڙهي هوندي، تنهن اهو ضرور چيو هوندو ته رائچند جهڙا مهذب ماڻهو ڪنهن خوشنصيب خطي جي ئي مقدر ۾ ملندا آهن. اهڙا ماڻهو ديومالائي آتما جا مالڪ هوندا آهن، جيڪي پنهنجو پاڻ سُڃاڻي، پنهنجي حصي جو ڪم مڪمل ڪري وٺندا آهن. اهڙن الوڪڪ ماڻهن جا گڻ صديون ڳائينديون آهن. ٿر وطن جو هي مور پنک جهڙو مورخ شروعاتي تعليم کان وٺي ست درجا سنڌي فائينل تائين پنهنجي اباڻي شهر چيلهار ۾ پڙهيو. پڙهائي پوري ڪندي ئي ترت ماستريءَ جي نوڪري ملي ويئي. سن ۱۹۲۸ع ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول مين چيلهار ۾ استاد مقرر ٿيو. برصغير جي ورهاڱي وقت ٽريننگ ڪاليج فار مين ۾ هن ٻه سال سکيا به حاصل ڪئي. استاد رائچند راٺوڙ سرڪاري نوڪريءَ واري وقت سنڌ جي الڳ الڳ شهرن، واهڻن وستين ۾ پنهنجا فرض بنهه ايمانداريءَ سان سرانجام ڏنا. خاص ڪري مٺي، ٽنڊو محمد خان، آهوري، ڀوريلو، رائلو ۽ جوڳي مڙهي شامل آهن. استاد جڏهن چيلهار ۾ ڊيوٽي ڪئي، تڏهن سندس دوستن محمد سومار بجير، سائين ڀانو مل ۽ گڻيس داس سان گڏجي هڪ ننڍڙي لائبريري جو به بنياد رکيو. اها لائبريري گڻيس داس جي دڪان ۾ قائم هئي. جتي تاريخ تي وڏا وڏا بحث ٿيندا هئا. تاريخ تي بحث ڪرڻ، تحقيق ڪرڻ ٿر جي واريءَ جي سمنڊ کي جهاڳڻ ۽ کوجنا ڪرڻ استاد رائچند جو ننڍي هوندي کان ئي وڏو شوق هو، ان شوق هن کي سڄي عمر سڪون سان ٿانيڪو ٿي ويهڻ نه ڏنو. ڪڏهن گهوڙي تي ته ڪڏهن اُٺ تي، ڪڏهن پير ۾ جُتي ته ڪڏهن پيرين اُڀراڻون پنڌ ڪندو رهيو. جهونن جي سينن جي سمنڊن مان صدري ساهتيه جا موتي ميڙڻ لاءِ هي مرد مجاهد نه ڏينهن ترسيو نه رات.! ڏوراهن ڳوٺن ۾ وڃي ساڃاھ وندن جي ڪچهرين مان فيض پرائڻ لڳو. سفري سهولتن جي قحط ۽ علمي آسائشن جي اڻاٺ جي باوجود هي مڙيو مُور ڪونه. هار مڃي ماٺ ڪري ويهي رهڻ هن جي وڙ ۾ ئي نه هو، ڇاڪاڻ ته هن پڪو پهه ڪيو هو ته، ڪيئن به ڪري ٿر جي تاريخ ضرور لکندس. ٿر جي تاريخ لکڻ ڪو مذاق نه هو. هِي انتهائي غير معمولي ڪم هو. هن همٿ ڪئي ۽ مالڪ هن جي سهائتا ڪئي. ڏھ ٻارنهن سالن جي مسلسل جدوجهد کان پوءِ نيٺ وڃي هن گهڻي ڀاڱي مواد هٿ ڪري ورتو. سال ۱۹۴۷ع ۾ جڏهن محمد اسماعيل عُرساڻي مٺيءَ ۾ پهريون اسسٽنٽ ڊپٽي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر ٿي آيو تڏهن هن پنهنجو لکيل سمورو مواد سائين کي ڏيکاريو. عُرساڻي صاحب مواد ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين ته جلد ڪتاب لکي پورو ڪر. آئون مدد ڪندس. عرساڻي صاحب جي ڪيل همٿ افزائي هن جي اندر ۾ توانائيءَ وارو ڪم ڪيو ۽ هن ڪم کي جاري رکيو. ۱۹۵۰ع ۾ جناب مير محمد بخش خان ٽالپر سان ملاقات ٿي. جنهن به کيس همٿايو ۽ ڪجهه ڪتاب مطالعي لاءِ ڏنا ۽ چيائين ته ڪتاب لکي پورو ڪر. تنهن کان پوءِ رائچند صاحب سڄو مواد نئين سر سنواري سڌاري وري لکيو. جيڪو عوام جي هٿن تائين “تاريخ ريگستان” (ٻه جُلد) جي نالي سان پهتو، جنهن کي پڙهي ماڻهن کي ڏندين آڱريون اچي ويون ته، هڪ ميگهواڙ ماستر هيڏو وڏو ڪم ڪيئن ڪيو. انهن کي شايد اها سُڌ نه هئي ته، “ڏات نه آهي ذات تي جو وهي سو لهي” ڇوت ڇات واري قهري دور ۾ جڏهن ميگهواڙن کي اڇوت جي ذمري ۾ آڻي، انهن سان ڳالهائڻ به گناھ تصور ڪيو ويندو هو، انهن کي ڀلجي ڇُهڻ کان پوءِ “سوناڻي پاڻيءَ” جو ڇَنڊو هڻايو ويندو هو. ڪنهن وار پرٻ تي انهن جو مُنهن ڏسڻ به پاپ سمجهيو ويندو هو. رائچند هريجن نه رڳو ڏيهه جي ڏُٿ ۽ ڏوٿيئڙن تي لکيو آھي، پر هن ته چونئرن ۽ چونڪين کان وٺي ٿري عورتن جي ويس، وڳن تهذيب ۽ تمدن تي به لکيو آھي، هن لکيو آھي ٽولن ۽ ٽاجوئن تي، ٻڙهيڪن ۽ ٻٿڙيڪن تي، سُڪار ۽ ڏُڪار تي، مهمان نوازيءَ جي شان ۽ مان تي، ڌنڌي ۽ هُنر تي، ڳُجهارتن ۽ پرولين تي، آھتپي ۽ ڪسبين تي، دولت ۽ غربت تي، نشن پتن تي، ڀليڪار ۽ ڪُسراٽ تي، ميلن ۽ ملاکڙن تي، راندين ۽ پينگهن تي، چيڪلن ۽ رانديڪن تي، راڳ ۽ ساز تي، وهمن ۽ وسوسن تي، ناچ ۽ ڪلاتي، شاعريءَ ۽ لوڪ ادب تي، لوڪ گيت ۽ سنگيت تي، قبر پرستيءَ ۽ ٿان تي، مقام مساڻ تي، ڀوت ۽ ڀوپن تي، هور ۽ ڦالن تي، جهاڙن تي، ٽوڻن ۽ ڦيڻن کان وٺي هٿ جي ٽوٽڪن تائين هن وطن جي هر شئي کي پنهنجي تخليق ۾ تراشيو آھي، بس رڳو ان کي پڙھڻ ۽ پرکڻ جي ضرورت آھي. سنڌي لوڪ ادب مان ٿري لوڪ ادب کي ڪڍيو وڃي ته بي سواد ۽ ڇسو ٿي پوندو. سنڌي لوڪ ادب کي سهيڙڻ لاءِ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کي سرڪاري اسڪيم ملي هئي ۽ ھن سرڪار جي سرپرستيءَ ۾ لوڪ ادب کي سهيڙڻ لاءِ ٿر جا به پنڌ ڪيا هئا. ٿر جي ريگستاني سمنڊ ۾ هن کي هڪ هيرو هٿ چڙھيو هو اُهو هو چيلهار جو چنور رائچند راٺوڙ، ڊاڪٽر اين اي بلوچ کي لوڪ ادب سهيڙڻ لاءِ مدد ڪرڻ ۾ رائچند جو وڏو هٿ هو. ان اسڪيم ۾ استاد رائچند ڪرنگهي جي هڏي وارو ڪردار ادا ڪيو هو. استاد رائچند ٻه شاديون ڪيون هيون. پهرين شادي ڳوٺ نهٽو مان ڪئي، جنهن مان ٻه نياڻيون ۽ چئن پُٽن جو اولاد هو. جواهر لال، پرڀو لال ناشاد (جيڪو بعد ۾ مسلمان ٿيو، سائين نفيس احمد ناشاد) پرتاب راءِ ۽ ساجن داس هئا. ٻي شادي ڇاڇري جي ڳوٺ حيات ھاليپوٽو مان ڪئي، جنهن مان هڪ پُٽ جو اولاد ٿيو، جيڪو ننڍي عمر ۾ ئي گذاري ويو. ٿر جو هِي محبوب ليکڪ سڄي عمر ٿر لاءِ پاڻ پتوڙيندي نيٺ سلھه جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي ويو ۽ آخرڪار زندگيءَ جي جنگ هارائيندي ۳۱ مئي ۱۹۶۸ع تي هميشه لاءِ هن فاني جهان مان الوداع ڪري ويو. سندس ابدي آرامگاھ اباڻي شھر چيلهار ۾ آھي. چيلهار ۾ سندس نالي سان هڪ لائبريري به قائم ڪئي وئي آھي، جتي سنڌي ادبي سنگت جا پروگرام ٿيندا آھن. ان کانسواءِ چيلهار جو مين پرائمري اسڪول به سندس نالي سان منسوب ڪري هڪ بهترين شرڌانجلي ڏني وئي آھي. اسان کي گهرجي ته اسين پنهنجي ديس جي اهڙن املهه هيرن جو قدر ڪندي سندس ياد ۾ پروگرام ڪيون، انهن جي سوچ، ويچار ۽ فڪر کي ڦهلائيندي ڪي خاص اُپاءُ وٺون..!! (ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۷ ڊسمبر ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)
فقير مقيم ڪنڀار مور جي دل رکندڙ فقير منش ماڻهو دولت رام کتري دنيا ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو آهن، جيڪي جنوني حد تائين پنهنجي ڌرتيءَ، پنهنجي ثقافت ۽ پنهنجي ٻوليءَ سان پيار ڪن ٿا. دنيا جا ماڻهو انهيءَ کي حب الوطنيءَ جو عظيم ڪردار يا ”ديش ڀڳت“ سڏين ٿا. هونءَ ته دنيا ۾ ديش ڀڳت ۽ حب الوطني جا ڪيترا ئي ڪردار اسان وٽ موجود آهن، پر حب الوطني جي حوالي سان ٿر-ڄائي مارئيءَ جو مثال، دنيا ۾ ڪٿي به نٿو ملي. اسان دنيا جا خوش نصيب ماڻهو آهيون جو اسان وٽ فطرت جو هڪ شاهڪار علائقو ”ٿر“ پڻ آهي ۽ انهيءَ ٿر ۾ حب الوطنيءَ جو عظيم ڪردار مارئي پڻ هئي، جنهن جو ڪردار سڄي دنيا ۾ اڄ به ڳائجي ٿو. مارئيءَ کان پوءِ ٿر سان جيڪي ماڻهو بي انتها محبت ڪندا هئا/ آهن، انهن ۾ هڪڙو نالو مسڪين جهان خان کوسو هوندو هو، ٻيو نالو چاچي علي نواز کوسي جو پڻ آهي ۽ ٽيون نالو نهٽي جي اُنهي فقير منش ماڻهو جو هو، جيڪو ۱7 مئي ۲۰۱۲ع تي اسان کان هميشه جي لاءِ موڪلائي ويو. ها هُن شخص جو تعلق سنڌ جي انهيءَ تاريخي ڳوٺ ”نُهٽي“ سان آهي، جنهن جي پيٽ ۾ هاڪڙو درياهه وهندو هو. ٿر سان بي انتها محبت ڪندڙ هُن شخص جي ڇٺيءَ جو نالو ته فقير محمد هو، پر ڳوٺ وارا کيس ”مقيم“ فقير سڏيندا هئا ۽ اُهو مقيم فقير جڏهن ۱۹۸۰ع ۽ ۱۹۹۰ع جي وچ ڌاري، پنهنجي ٻارن جي بهتر تعليم لاءِ مٺيءَ آيو ته مٺيءَ جي ماڻهن اُنهيءَ مُقيم فقير کي ”مُقيم ڪنڀار“ بڻايو. سال ۱۹۸۸ع ڌاري انهيءَ شخص جي مُلاقات جڏهن ٿر جي صحافي ۽ سماجي ڪارڪن ڪرشن شرما سان ٿي ته هن شخص جو ڪرشن شرما سان روحاني رشتو جُڙي پيو ۽ هُو ڪرشن شرما کي پنهنجي پٽن کان وڌيڪ ڀانئڻ لڳو. هرک جو اڇو پٽڪو، سفيد ڪپڙن جو جوڙو، ڪلهن ۾ ٿر جي لوئي يا کٿي پائي جڏهن هو مٺيءَ جي گهٽين ۾ نڪرندو هو، تڏهن هُن شخص جي لوڏ ۾ ٿر جي ثقافت نکري ايندي هئي ۽ مٺي واسين سان محبت پئي بکندي هئي. هن فقيرمنش ماڻهوءَ جي ڪردار کي انهن دوستن ئي وڌيڪ سمجهيو هوندو، جيڪي هُن جي تمام گهڻو ويجها رهيا هوندا. سبحان سنگراسي، چاچو ملوڪ نهڙيو، ڀورو مل ڪولهي، الهرکيو کوسو، کاٽائو جاني، پريم شيواڻي، ڪرشن شرما، عباس کوسو ۽ ٻيا ڪيترا ئي اهڙا نالا آهن، جن فقير مقيم کي ويجهي کان ڏٺو ۽ پرکيو. مٺيءَ جي بازار ۾ دلا وڪڻي ۽ بعد ۾ اسٽامپ وينڊريءَ جو دڪان کولي پنهنجي ٻارن کي بهترين تعليم ڏياريندڙ هن شخص پنهنجي زندگي ڀرپور نموني گذاري. هو سنڌ جي هڪ قومپرست پارٽي سان ته وابسته هو، پر هن اُصولن تي سوديبازي نه ڪئي ۽ هو هميشه پنهنجي انهيءَ مؤقف تي قائم رهندو هو، جيڪو مؤقف ٿر جي ڀلي لاءِ هجي، جيڪو مؤقف سنڌ جي ڀلي لاءِ هجي، مون هن کي هميشه فقيري رنگ ۾ ڏٺو، ڪچهري جو ڪوڏيو، سگهڙ ماڻهو جڏهن ٿر جي ڪنهن موضوع تي ڳالهائڻ ويهندو هو ته اکيون پاڻيءَ ۾ ڀرجي اينديون هيون ۽ وري وڏا ٽهڪ ڏئي هو اسان کي چوندو هو ته؛ ”يار ٿر سان عشق اهڙو آهي جو الائي ڇو ٿر جي ڏکن، ڏولاون تي اکيون ڀرجي ٿيون اچن.“ هو جڏهن اسان سان نجي ڪچهرين ۾ سوڍن جي سورهيائيءَ جو ذڪر ڪندو هو يا روپلي ڪولهي ۽ مسڪين جهان خان جو ذڪر ڪندو هو ته اسان کي چوندو هو ته؛ ”يار اوهان به اهڙا ’جهونجهار شخص‘ ٿيڻ جي ڪوشش ڪجو.“ مقيم ڪنڀار، ٿر جي ثقافت جو اُهڃاڻ هو ۽ ٿر جي شاندار روايتن جو امين هو. مون کي هڪڙو قصو ياد ٿو اچي ته ۱۹۹۸ع ۾ اسان ٿر جي سڄاڻ دوستن، پنهنجي مدد پاڻ تحت، مارئيءَ جو ميلو ڀالوا ۾ ملهايو هو. مارئي ادبي ڪانفرنس ۾ مقيم کي ڳالهائڻ جو سڏ ڏنو ويو. جڏهن هو شخص اسٽيج تي آيو ته هن پنهنجي جُتي اسٽيج کان هيٺ لاهي، پوءِ تقرير جي شروعات ڪئي. پنهنجي تقرير ۾ هُن چيو ته؛ ”مارئي ٿر جي ستي ساوتري هئي. اُنهيءَ ڪري ٿر جي هن عظيم ڪردار تي جُتي پائي ڳالهائڻ، مناسب نٿو سمجهان.“ هو پنهنجي طبيعت ۽ مزاج ۾، انتهائي حساس طبيعت ماڻهو هوندو هو. هن جي دل ۾ نه صرف سنڌ جي مظلوم ماڻهن جو درد هو پر جهنگلي جيوت سان به هن جي بي انتها محبت هوندي هئي. ۱۹۹۸ع ۾ جڏهن نامعلوم شڪارين، ڀوڏيسر جي مسجد جي ڀرسان، مور کي ڪُهي ماري ڇڏيو ته هو هڪ مقامي اخبار ۾ خبر ڏسي، انهيءَ تي زاروزار روئڻ لڳو. مون پُڇيو؛ ”چاچا روئو پيا!؟ ڇا ڳالهه آهي؟“ چيائين؛ ”ظالمن وڏو ظلم ڪري ڇڏيو آهي! منهنجي ٿر جي سڃاڻپ، مُور کي ماري ڇڏيو اٿئون، ڇا مون کي روئڻ نه ايندو؟“ مقيم ڪنڀار جي دل، سچ پچ مور جي دل وانگي تمام گهڻي حساس هوندي هئي. هو ڪارونجهر جي قتل عام تي روئي پوندو هو. ڪارونجهر جبل ۾ ٿيندڙ هٿرادو ڌماڪن تي هن جو روح رڙي پوندو هو. هو چوندو هو ته؛ ”ڪارونجهر هر روز سوا سير سون ڏئي ٿو، پر ڪارونجهر جا دشمن هن جبل ۾ هٿرادو ڌماڪا ڪرائي هن جي فطري حسن کي تباهه ڪري رهيا آهن.“ ٿر ۾ جڏهن ڪوئلو نڪتو ته ٿر جي ڪوئلي تي لڳندڙ مختلف پروجيڪٽن ۽ بجلي پاور پلانٽ تي هن جو مؤقف هميشه چٽو ۽ وزنائتو هوندو هو. هو چوندو هو ته؛ ”ٿر ۾ ڪوئلي تي جيڪي پروجيڪٽ شروع ٿيندا ته پوءِ انهن مسڪين ٿرين جو ڇا ٿيندو، جيڪي سالن کان پنهنجي ڌرتي تي رهندا پيا اچن. انهن ٿرين جا گئوچر، مال متاع، سيمون ۽ ترايون سڀ تباهه ٿي وينديون.“ هن ٿر جي ڪوئلي جي اشو ۽ ٿر جي فطري حسن تي اخبارن ۾ ڪيترا ئي مضمون پڻ لکيا. ٿر ۾ ڪو مسئلو ٿي ويندو هو ته سڀ کان اڳ ۾ هن جو قلم جُنبش ۾ اچي ويندو هو. اسان پارن نوجوانن لاءِ هو اُتساهه جو سبب هوندو هو. هو ٿر جي نئين ٽهيءَ جي نوجوان ليکڪن کي لکڻ لاءِ اُتساهيندو هو ۽ لکڻ وارن دوستن کي شابسون ڏيندو هو. هُن ٿر جي نوجوانن ۾ شعور جو هڪ ڏيئو ٻاريو، جيڪو ڪڏهن به وسامي نٿو سگهي. هو ٿر جي ڪيترن نوجوانن کي پنهنجن پٽن وانگر ڀانئيندو هو. پنهنجي پٽن ۽ ڌيئرن جي تعليم جو، هن کي وڏو اونو هوندو هو. فقيريءَ واري حالت ۾ هن پنهنجي اولاد کي پڙهايو ۽ انهن کي وڏن عهدن تي پهچايو. مٺيءَ ۾ سُبحان سنگراسي، چاچو ملوڪ نهڙيو، ماما وشن ٿري ۽ ڪرشن شرما هن جا ويجها دوست هوندا هئا، جن سان هو اڪثر ڪچهريون ڪندي نظر ايندو هو. هڪ سياسي ليڊر هئڻ جي باوجود هن پنهنجو پاڻ کي ڪڏهن به ليڊر تسليم نه ڪرايو. آخري گهڙيءَ تائين هو پنهنجي سياسي پارٽيءَ سان وفادار ۽ سچو رهيو. سياسي جلسن ۾ اڪثر هو ٿر جي ڪوئلي جي مالڪي ڪرڻ ۽ ٿر ۾ ڪارونجهر ڊيم ٺاهڻ جا مطالبا ڪندو هو. هو سنڌ جي قومي اشوز تي ٿيندڙ جلسن ۾ هميشه پيش پيش هوندو هو. ٿر جي راڄ ڀاڳ ۾ شايد ٿر جو ڪو اهڙو ڳوٺ هجي، جيڪو مُقيم کي نه سڃاڻيندو هجي. هو پنهنجي طبيعت ۾ ملنسار ۽ محبتون وکيريندڙ ماڻهو هوندو هو. سنڌ جا ڪيترا ئي سڄاڻ ماڻهو مقيم ڪنڀار سان ٿر جي تاريخ، ثقافت، لوڪ ادب ۽ سگهڙائپ تي وڏا وڏا بحث ڪندا هئا. مٺيءَ کان وٺي نُهٽي تائين، ڪارونجهر کان وٺي ڪاسبي تائين، عمرڪوٽ کان وٺي ساڙ دڙي تائين، چيلهار کان وٺي ڇاڇري تائين، مقيم ٿر جي تاريخ ۽ لوڪ ادب تي دسترس رکندو هو. هو ٿر جي لوڪ داستانن، تاريخ، ادب جو وڏو ڄاڻو هو. هو صوفي منش ماڻهو هو ۽ حُسينيت جي قافلي جو پانڌيئڙو هو. محرم جي ڏينهن ۾ جتي هو ڪارا ڪپڙا پائي امام بارگاهن تي ويندو هو ته ساڳئي وقت هو هر سال ساڙ دڙي جي ميلي تي وڃي ڀڳتي ۽ صوفين جا ڀڄن ٻڌندو هو. هو صوفي ازم جو قائل هو ۽ انسان دوستي جو حامي هو. هڪ فقير منش ۽ سنڌ سان حقيقي عشق ڪندڙ هن شخص جي وڇوڙي تي سڄو ٿر سوڳوار آهي. هن فقير منش ماڻهو جي محبتن کي ٿر جا ماڻهو ڪڏهن به وساري نٿا سگهن. هو پنهنجي ذات ۾ هڪ وڏو ادارو هو ۽ ٿر واسين لاءِ رول ماڊل هو. مقيم ڪنڀار ٿر جي تاريخ جو نرالو ڪردار دولت رام کتري/مٺي ٿر جي راڄ ڀاڳ ۾ هن جو نالو ايترو مشهور هوندو هو، جو پريان کان ايندي ماڻهو کيس سُڃاڻي ويندا هئا، ته مقيم ڪنڀار پيو اچي. ٿر جي راڄ ڀاڳ ۾ شايد ٿر جو ڪو اهڙو ڳوٺ هجي، جيڪو مقيم کي نه سڃاڻندو هجي. هرک جو اَڇو پٽڪو، سفيد ڪپڙن جو جوڙو، ڪُلهن ۾ ٿر جي لوئي يا کٿي پائي، جڏهن هو مٺيءَ جي گھٽين ۾ نڪرندو هو، تڏهن هن شخص جي لوڏ ۾ ٿر جي ثقافت نکري ايندي هئي ۽ مٺي واسين سان محبت پئي بکندي هئي. ٿر جي لوڪ ادب ۽ تاريخ جي ساکِي هن فقير منش ماڻهوءَ پنهنجي سموري زندگي ٿر جي ماڻهن جي خدمت ۾ گذاري. هو ڪو فرشتو ڪو نه هو پر هن جي الستي ڪردار هُن کي عظيم ڪردار بڻايو. هن شخص جو تعلق سنڌ جي انهيءَ تاريخي ڳوٺ نُهٽي سان آهي، جنهن جي پيٽ ۾ هاڪڙو درياهه وهندو هو. ٿر سان بي انتها محبت ڪندڙ هُن شخص جي ڇٺيءَ جو نالو ته فقير محمد هو، پر ڳوٺ وارا کيس فقير مقيم سڏيندا هئا. اُهو فقير مقيم جڏهن ۱۹۸۰ع ۾ ۱۹۹۰ع جي وچ ڌاري، پنهنجي ٻارن جي بهتر تعليم لاءِ مٺي آيو، ته مٺيءَ جي ماڻهن اُنهيءَ فقير مُقيم کي مقيم ڪنڀار بڻايو. مِٺيءَ جي بازار ۾ دِلا وڪڻي ۽ بعد ۾ اسٽامپ وينڊريءَ جو دڪان کولي، پنهنجي ٻارن کي بهترين تعليم ڏياريندڙ هن شخص پنهنجي محبتن جو محور ٿر کي بڻايو. ٿر جي هر مسئلي تي بردباريءَ سان لکڻ، ٿر جي هر مسئلي تي دليلن سان ڳالهائڻ، توڙي سنڌ جي هر قومي مسئلي تي عملي جدوجهد ۾ هو هميشه اڳڀرو هوندو هو. ٿر ۾ پاڻيءَ جو مسئلو هجي يا روڊن رستن جو مسئلو هجي، يا ڪوئلي جو مسئلو هجي يا جهنگلي جيوت جي نسل ڪشي هجي،. مطلب ته ٿر ۾ ڪو به مسئلو ٿي ويندو هو، ته هن جو قلم جنبش ۾ اچي ويندو هو. مقيم ڪنڀار ڪارونجهر جي قتل عام تي خاموش ڪو نه ويٺو. ٿر جي جهنگلي جيوت سان هن جي بي انتها محبت هوندي هئي. جڏهن به ٿر ۾ جهنگلي جيوت جي نسل ڪشي ٿيندي هئي، ته هي ميڊيا جو ڌيان انهيءَ معاملي تي ڇڪائيندو هو. ۱۹۹۸ع ۾ جڏهن نامعلوم شڪارين، ڀوڏيسر جي مسجد جي ڀرسان مور کي ڪُهي ماري ڇڏيو ته هو هڪ مقامي اخبار ۾ خبر ڏسي، انهيءَ تي زارو قطار روئڻ لڳو. مون پُڇيو، ”چاچا روئو پيا، ڇا ڳالهه آهي؟“ چيائين؛ ”ظالمن وڏو ظلم ڪري ڇڏيو آهي! منهنجي ٿر جي سڃاڻپ، مُور کي ماري ڇڏيو آهي. ڇا مون کي روئڻ نه ايندو؟“ مقيم ڪنڀار جي دل، سچ پچ مور جي دل وانگر تمام گھڻي حساس هوندي هئي. مقيم ڪنڀار پنهنجي لکڻين ۾ ٿر جي مسئلن جي اُپٽار ڪئي آهي، ته گڏوگڏ ٿري ماڻهن جي دردن جي عڪاسي به ڪئي آهي. مقيم جي لکڻين ۾ هڪڙي سگهه هوندي هئي ۽ هو پنهنجي ڳالهه کي اهڙي نموني پيش ڪندو هو، جو عام ماڻهو به هُن جي ڳالهين کي آسانيءَ سان سمجهي ويندو هو. مقيم ٿر جي تاريخ جو نرالو ماڻهو هو، جيڪو ٿر جي لوڪ ادب تي به دسترس رکندڙ هو. هو ٿر جي تاريخ جو ڄاڻو به هو. سنڌ جا ڪيترا ئي سُڄاڻ ماڻهو مقيم ڪُنڀار سان ٿر جي تاريخ، ثقافت، لوڪ ادب ۽ سگهڙائپ تي وڏا وڏا بحث ڪندا هُئا. مقيم مٺي کان وٺي نهٽي تائين، ڪارونجهر کان وٺي ڪاسبي تائين، عمرڪوٽ کان وٺي ساڙدڙي تائين، ڇاڇري کان وٺي چيلهار تائين، ڀوڏيسر کان وٺي مهراڻي تائين ٿر جي تاريخ ۽ لوڪ ادب تي دسترس رکندڙ هو. ٿر جي نوجوانن کي هو هميشه مسڪين جهان خان کوسي، روپلي ڪولهي ۽ سوڍن جي سورهيائيءَ جا قصا ٻڌائيندو هو. هن پنهنجي ڏاهپ ذريعي ٿر جي نوجوانن ۾ جيڪو شعور جو ڏيئو ٻاريو، جيڪو ڪڏهن به وسامي نٿو سگهي. هن جي صوفياڻي مزاج ۾ انسان دوستيءَ وارو ڪردار نظر ايندو هو. هن جي فقيري رنگ ۾ مذهبي رواداري ۽ ڀائپي نظر ايندي هُئي. اچو ته اسان فقير مقيم جي انسان دوستي ۽ مذهبي رواداري واري ڪردار کي اپنائي پنهنجي اصلوڪن ڌرتي ڌڻين جي وارثي ڪريون. فقير مقيم ڪنڀار دولت رام کتري ٿر جي راڄ ڀاڳ ۾ هن جو نالو ايترو مشهور هوندو هو جو پريان کان ايندي ماڻهو کيس سڃاڻي ويندا هئا ته ”فقير مقيم ڪنڀار“ پيو اچي. ٿر جي الستي ڪردار مقيم ڪنڀار کي، ٿر جو اڪثر ماڻهو، انهيءَ ڪري به سڃاڻندو هو ڇاڪاڻ جو هُن جي مزاج ۾ پنهنجائپ هئي. هو محبتون وکيريندڙ، ملنسار ماڻهو هو، جنهن هڪ ”ٿريي“ وانگر پنهنجي زندگي ڀرپور نموني گذاري. ٿر جي لوڪ ادب ۽ تاريخ جي ساکي، هن فقير منش ماڻهوءَ، پنهنجي زندگي ٿر جي ماڻهن جي خدمتگاري ۾ گذاري. هو ڪو فرشتو نه هو پر هُن جي الستي (کاهوڙي) ڪردار هُن کي سماجي اڳواڻ بڻايو. هُن فقير منش ماڻهو، مقيم ڪنڀار جي وڇوڙي کي هڪ سال گذري ويو آهي، پر هُن جون يادون ذهن جي ڪينواس تي اڄ به تري رهيون آهن. خميسو ڪنڀار جي گهر ۾ جنم وٺندڙ مقيم ڪنڀار جو تعلق ٿر جي تاريخي ڳوٺ ”نهٽي“ سان هو. پنهنجي ٻارن جي بهترين تعليم ۽ پرورش لاءِ جڏهن هو مٺي لڏي آيو، تڏهن انهيءَ وقت ٿر جي صحافي ۽ ليکڪ ڪرشن شرما کيس جيءَ ۾ جايون ڏئي، فقير سان روحاني رشتو جوڙيو. مٺي جي بازار ۾ دلا وڪڻي، بعد ۾ اسٽامپ وينڊري جو دڪان کولي، پنهنجي ٻارن جي تعليم جو اونو رکندڙ هُن شخص، پنهنجي محبتن جو محور ”ٿر“ کي بڻايو. ٿر جي هر اشو تي بردباري سان لکڻ ۽ ٿر جي هر اشو تي دليلن سان ڳالهائڻ، توڙي عملي جدوجهد ۾ هو هميشه اڳڀرو هوندو هو. ۱۹۸۰ع واري ڏهاڪي دوران، جڏهن هُن مٺي شهر کي مستقل رهائشگاه بڻايو، ته فقير ان وقت کان مختلف سياسي سماجي پليٽ فارمن تان ٿر جي اشوز تي عملي جدوجهد ڪرڻ شروع ڪئي. ٿر ۾ پاڻي جو مسئلو هجي يا ڪوئلي جو اشو هجي، هُن پنهنجي آواز کي بلند ڪيو ۽ ٿر جو ڪيس وڙهندو رهيو. هو مختلف وقتن تي ٿر ۾ ڪارونجھر ڊئم ٺاهڻ جا مطالبا ڪندو رهندو هو. مقيم جي وڇوڙي کان پوءِ سندس پُٽن پاران ڇپرايل مقيم جي پهرين ڪتاب ”فقير“ ۾ مقيم ڪنڀار پنهنجي هڪ ڪالم (مضمون) ۾ لکيو آهي ته؛ ”انگريزي جي زماني ۾ جڏهن سنڌ بمبئي سان گڏ هئي، اُن زماني ۾ ڪنٺي جا سما ڍڳن جي واپار سانگي گجرات ويندا هئا ته گجراتي لوڪ چوندا هئا؛ جي ڪارونجهر جو پاڻي ڪٺو ڪجي ته سمورو پارڪر آباد ٿي سگهي ٿو.“ مقيم ڪنڀار، انگن اکرن ۽ پنهنجي دليلن سان وقت جي حاڪمن کي اها ڳالهه سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪارونجھر جو پاڻي گڏ ڪري، ڊئم ٺاهي سگهجي ٿو پر افسوس جو مقيم جي هُن منصوبي کي ڪنهن به حڪومت، عملي جامو پهرائڻ جي ڪوشش نه ڪئي. مقيم ٿر جي تاريخ جو نرالو ماڻهو هو، جيڪو ٿر جي لوڪ ادب تي به دسترس رکندڙ هو، ته هو ٿر جي تاريخ جو ڄاڻو به هو. سماج سان عشق ڪرڻ سان گڏ هو پنهنجي سياسي پارٽي سان وفادار ۽ سچو پچو ماڻهو هوندو هو ۽ آخري وقت تائين هو پنهنجي سياسي پارٽي سان ثابت قدم رهيو. مقيم ٿر ۾ رهي ٿر جي راڄ ڀاڳ واري سياست جو ڳوڙهو مطالعو ڪيو. ٿر جي نوجوانن کي هو اڪثر ڪيسوٻاءِ، روپلو ڪولهي ۽ سوڍن جي سورهيائيءَ جا قصا ٻڌائيندو هو ته ساڳي وقت هو پنهنجي هم عمر دوستن سان بحث مباحثا ڪندي نظر ايندو هو. چاچو سبحان سنگراسي، ملوڪ نهڙي، ڀورو مل ڪولهي، الهرکيو کوسو وقت جا اُهي دوست هوندا هئا جن سان مقيم اڪثر ڪچهريون ڪندي نظر ايندو هو. هي اهي دوست آهن جن فقير مقيم کي ويجهي کان ڏٺو ۽ پرکيو. فقير مقيم وٽ اڪثر دوستن جا ديرا ڄميل هوندا هئا. ڪچهري جو ڪوڏيو هي ماڻهو، هميشه محفلن جو مور هوندو هو. ٿر جي ثقافت، لوڪ ادب ۽ ٿر جي سياسي صورتحال تي بحث مباحثا ڪندڙ فقير مقيم ڪڏهن ڪڏهن وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي کلندي نظر ايندو هو ته ڪڏهن ڪڏهن ٿر جي ڏکن ڏولارن جو ذڪر ڪندي هُن جون اکيون پاڻي سان ڀرجي اينديون هيون. هو سياسي ميڙاڪن توڙي سماجي پروگرامن ۾ سنڌ جي ڪنهن به اشو تي ڳالهائڻ دوران پنهنجو موقف چٽو ۽ واضع رکندو هو. هن وٽ تقرير ڪرڻ جو نرالو فن هوندو هئو. لفظن جي خوبصورت سٽاءَ ۽ نج سنڌي ٻولي جي لهجي ۾ جڏهن هو ڳالهائيندو هو ته پنڊال ۾ ويٺل ماڻهو، خاموشي سان هُن کي ٻڌي داد ڏيندا هئا. مقيم ڪنڀار ڪارونجھر جي قتلام تي خاموش ڪو نه ويٺو. ٿر جي جهنگلي جيوت جي نسل ڪشي تي هن جو قلم جنبش ۾ آيو. ٿر ۾ ڪوئلي واري اشو کي ميڊيا تي آڻڻ ۽ انهي کي پذيرائي ڏيارڻ ۾ مقيم جو هٿ هو. جڏهن سنڌ ۾ کوکرا پار-موناٻائو جو بارڊر کلڻ جون خبرون ميڊيا تي آيون ته هن شخص جي دل باغ بهار ٿي وئي ۽ انهيءَ وقت هن اخبارن ۾ ”کوکرا پار سرحد ۽ دلين کي ڌار ڪندڙ خاردار تارون“ جي عنوان سان مضمون لکي، سنڌ واسين کي اهو پيغام ڏنو ته؛ کوکرا-پار مونوٻائو بارڊر کلڻ سان، وڇوڙي جا وڍ، ختم ٿي سگهن ٿا. هند ۽ سنڌ جي ماڻهن کي، پنهنجي اصلوڪن ڌرتي-ڌڻين ۽ مٽن مائٽن سان ملڻ جو هڪ موقعو فراهم ٿي سگهي ٿو. مقيم جي لکڻين ۾ هڪڙي سگهه هوندي هئي ۽ هو پنهنجي ڳالهه کي اهڙي نموني پيش ڪندو هو جو عام ماڻهو به هُن جي ڳالهين کي آسانيءَ سان سمجھي ويندو هو. مقيم جي وفات کان پوءِ سندس سپوت پٽن خليل ڪنڀار ۽ خالد ڪنڀار، فقير جي مضمونن تي مشتمل هڪ ڪتاب ڇپرائي مارڪيٽ ۾ آندو آهي. هن ڪتاب جو عنوان به ”فقير“ آهي، جنهن ۾ ٻه حصا آهن. هڪڙي حصي ۾ مقيم جا مضمون، انٽرويو ۽ خط شامل آهن ته ٻئي حصي ۾ مقيم جي وفات جي مناسبت سان تعزيت نامو شامل آهي، جنهن ۾ مختلف دوستن جا مقيم تي لکيل مضمون شامل آهن. مقيم ڪنڀار جي هن ڪتاب ۾ گھڻا مضمون اهڙا به آهن جيڪي ٿر جي اشوز تي لکيل آهن. هن ڪتاب ۾؛ ڪارونجھر ڊئم ڇو نه، ٿر جا خواب ٿر جون حسرتون، ٿر نه ٿانيڪو اڃا، ٿر جي لينڊگرانٽ پاليسي، ٿر ماضي ۽ هاڻوڪا ميمبر، ٿر ٿڌا ساهه کڻي ٿو، هي اهڙا مضمون آهن جن کي پڙهي تمام گھڻي معلومات حاصل ڪري سگھجي ٿي. هن ڪتاب ۾ فقير مقيم ڪنڀار پنهنجي لکڻين ۾ ٿر جي مسئلن جي اُپٽار ڪئي آهي ته گڏوگڏ ٿري ماڻهن جي درد جي عڪاسي به ڪئي آهي. اڄ جڏهن مقيم ڪنڀار جي پهرين ورسي مٺي جي گڍي واري ڀٽ تي ملهائجي رهي آهي ته اسان کي تصور ۾ ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته مٺي جي گڍي واري ڀٽ جي اوٽ ۾ مدفون سنڌ جي امر راڳي موهن ڀڳت کي سندس دوست مقيم ڪنڀار ائين چئي رهيو هجي ته ”ڏس موهن! اڄ تنهنجي شهر جا ماڙهو، مون کي محبت جا گل نڇاور ڪرڻ آيا آهن، پاڻ ته ٻئي پرلوڪ ۾ آهيون پر هي ماڙهو جيڪي پاڻ کي ياد ڪن ٿا ڄڻ انهن پاڻ کي امرتا بخشي آهي.“ مقيم ڪنڀار کي حقيقي خراج تحسين پيش ڪرڻ جو هڪڙو طريقو هي به آهي ته اسان هن جي اصولن ۽ آدرشن تي هلي هن جي آدرشي زندگي (اصولي زندگي) جي واٽ وٺون. هن ٿر جي ثقافت ۽ شاندار روايتن کي جيڪا مهانتا ڏني، انهن روايتن کي قائم رکون. هن ٿر ۾ شعور جي جيڪا لاٽ ٻاري هن کي هرگز اُجهامن نه ڏيون. هن ٿر جي اشوز تي جيڪا جدوجهد ڪئي، انهي آواز کي ماٺو ٿيڻ نه ڏيون. مقيم ڪنڀار وڏو آدرش انسان دوست هو. هن جو صوفياڻي مزاج ۾ انسان دوستي وارو ڪردار نظر ايندو هو. هن جي فقيري رنگ ۾ مذهبي رواداري ڀائپي نظر ايندي هئي. اچو ته اسان فقير جي انسان دوستي، مذهبي رواداري ۽ ڀائپي واري ڪردار کي اپنائي پنهنجي اصلوڪن ڌرتي ڌڻين جي وارثي ڪيون. مقيم جو ڪردار اسان نوجوانن لاءِ اتساهه جو سبب آهي، انهي ڪري هن ڪردار کي ياد ڪندي هن جي لکڻين مان اتساهه وٺي پنهنجي سنڌ ڌرتي سان حقيقي عشق جو اظهار ڪريون. مقيم ٿر جي مٽيءَ جو مڻيادار ماڻهو هو، جنهن پنهنجي سموري زندگي ٿر جي نالي ارپي پنهنجو پاڻ ملهايو. ٿر جي هن موجود صورتحال ۾ ٿر کي فقير جهڙن آدرشي ۽ کاهوڙي ڪردارن جي ضرورت آهي، جيڪي امن ۽ انسانيت جا علم بردار آهن. فقير مُقيم ڪنڀار سندس موڪلاڻي ارباب نيڪ محمد هاري ٻن قسمن جا هوندا هئا؛ جن وٽ پنهنجو جوڙو هوندو هو، تن کي ”جوڙي وارا“ هاري سڏبو هو. ٻيا اهي هر هاري، جيڪي پرائي جوڙي تي پوکي، راهي ۽ رک جا اهتمام سنڀاليندا هئا، تن کي”سرڙيو هاري“ سڏبو هو. اهي سيم راکا به هئا، ته ڪانگ تڙا پڻ .... مسڪين جهان خان کوسي مرهيات کان پوءِ ٿر جا قدآور سرڙيا هاري ٻه هئا؛ هڪڙو فقير ”مقيم“ ڪنڀار، جنهن خيرن سان اٺ ڏها هن ڏيهه جو واس ورتو ۽ ڪالهه ”جامِ اجل“ پي وڃي مسڪين جي ”ماڊل ٽائون“ ۾ سڪونت پذير ٿيو. ٻيو آهي چاچو نواز کوسو. هرک جو اڇي ٻوهه جهڙو پٽڪو، هرکي مينگهواڙ جي گهڙيل موجي جُتي، عقابي اکيون، جاڙا ڀرون، چاپئين ڏاڙهيءَ وارو لاکيڻي لوڏ سان ٽلندڙ ماڻهو، مٺيءَ جي گهٽين ۽ نهٽي جي ڀٽن تي چَلتو ڦرتو ڏسو، ته پڪ ڄاڻو، اهو پڪي مٽيءَ جو جُڙيل ڪنڀار هوندو ۽ جي نالو پڇندئو ته ”مقيم“ جو جواب ملندو ... هُن ڪنڀارن لاءِ ”ڪچي مٽيءَ“ جي لاحقي کي لاهي ڦٽو ڪرڻ ۾ پهل ڪئي... پر لکين رحمتون هجن رب سائينءَ جون خان صاحب محمد اسماعيل خان ”نون“ تي، جيڪو ڊپٽي ڪمشنر هوندي به فقير مقيم جهڙن سگهڙن لاءِ سدائين چشم براهه رهيو. ”نهٽو“ هاڪڙي درياهه جي عروج واري دور ۾ ”ڊراءِ پورٽ“ هو، جتي ۹۰۰ هٽن تي مشتمل تڏهوڪي دُبئيءَ جي هاڪ ڏيهان ڏيهه مشهور هئي. مقيم جڏهن مُڇن وارو ٿيو ۽ مٿس بلوغت اوهيرا ڪري اُٺي، تڏهن ”نهٽو“ اسماعيل ”نون“ جي راڄڌاني شمار ٿيندو هو. نون سنڌ جو اهو ناميارو ڪامورو هو، جنهن ”لوڪ ادب“ جي سهيڙ ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ ٻيڙي فقير ڪنڀار جهڙن ”جوهرين“ کي موتين جي تلاش ۾ زادِ راهه جا اهتمام ڪري ڏيڻ دوران ڪليدي ڪردار ادا ڪيو هو. مقيم اهي سمورا لقاءَ، گهڻي ڀاڱي مشاهدي ۾ آندا ۽ رهيل احوال جمعي چنڊاڻي جڏهن خان صاحب وطن ڏانهن واڳ ورائيندو هو، تڏهن ”پڪي مٽيءَ“ کي پاڻ سان گڏ کٽ تي ويهاري کيس ”هم پي جو گذري“ وارا سماچار ٻڌائيندو هو. ”نهٽي“ جي قدامت تي علم جي درياهه عبدالله ورياهه کي ”را مٽيريل“ فراهم ڪندڙ مقيم کيس قائل ڪيو ته هو قديم سڪن جي علم جي ڊاڪٽريٽ ڪري. ٿيو ڇا جو ”مقيم“ ايترا گهڻا سارا سڪا آڻي ڏنس، جنهن کان متاثر ٿي ورياهه هن موضوع تي پي ايڇ ڊيءَ جو مقالو لکيو، جيڪو مڪمل ٿي چڪو هو. تاهم کيس ”ڊاڪٽر“ واري سند ملي ئي ملي، تنهن کان اڳ ”اجل الارم“ وڳو ۽ ورياهه به سرور نوح جي سنڌ جا واهوندا ۽ وتايا ڇڏي تههِ خاڪ جي تمنداريءَ سان سرفراز ٿيو. ”گودڙي“ مقيم جي لختِ جگر جو لکيل ڪتاب آهي. پٽس ”جوڳي“ سڏائي ٿو، جڏهن ته موڀي پٽ پوليس جهڙي ”پوتر“ کاتي ۾ رهندي به قادر الڪلام شاعر آهي. حليم باغي ۽ حسن درس جي ”تتبع“ تي خالد جيڪي تجربا ڪيا آهن، سي سون ۾ تورڻ جهڙا آهن. سرڙيو هاري، جڙن ۽ لاهيارن جا حسابن ۽ رهتن وارا کاتا گهٽ کولائيندو آهي. ٿر جي ڪنهن به موضوع تي ”مقيم“ هر وقت ”هائر“ ٿيندو هو. ڀاڙو ۽ پن جي ٻيڙيءَ واري عياشيءَ لاءِ، اسٽامپ وينڊريءَ مان ڪمايل کيسي جا پئسا ڪتب آڻيندو هو. اضافي خمار لاءِ کيس عيسن شاهه مست جا عقيدتمند ۽ ويريسال واري تڻيراج سنگهه جهڙا سوڍا بندوبست ڪري ڏيندا هئا. گذريل ”رُبع صديءَ“ کان ٿر کي عالمي نشرياتي ادارن تي ٻن ماڻهن متعارف ڪرايو، جنهن مان نُهٽي جو نواب ته پريم نگر جو پانڌي ٿي چڪو، باقي ننگر پارڪر جو نواب چاچو نواز کوسو به کٽ تي آهي. مسڪين جهان خان کوسي جا ٻه ئي رتن هئا، جن سامي ويريءَ جي چراغ کي گُل ٿيڻ نه ڏنو. ”مقيم“ وٽ الاهي ساريون سنسني خيز خبرون هونديون هيون. جڏهن ڳالهائيندو هو ته ”بريڪنگ نيوز“ هوندي هئي سندس هر ڪا گفتگو. ميونسپل مسافرخاني جو ميرپورخاص اسٽيشن لڳ موجود اهو ڪمرو به ڏيکاريائين، جتي ۱۹۳۰ع ڌاري هاري تحريڪ جو ابتدائي اجلاس ٿيو هو. سندس چواڻي ته جمشيد نسروانجي مهتا، حاتم علوي، سائين جي ايم سيد ۽ حيدر بخش جتوئي پارن کي هاري هلچل ڏانهن وٺي ايندڙ مصري ۽ خميسو هئا، جيڪي ڏهين ميل ۽ واگهڙيجي جي پاسي انبن جي جڳ مشهور زميندار عبدالصمد ڪاڇيلي جي علائقي ۾ هاري انجمنون قائم ڪري چڪا هئا، کين مولوي عبدالحق رباني، مولوي محمد اسماعيل لغاري ۽ حاجي محمود هالائيءَ پارن جي سرپرستيءَ حاصل هئي. ڪامريڊ غلام محمد لغاري ۽ ميوو خان ”موج“، مصري-خميسي موومينٽ جا قمرالزمان ڪائرا هئا. هارين جون سرگرميون رپورٽ ٿيون ته ڪراچيءَ وارا همراهه به متحرڪ ٿيا ۽ ميونسپل مسافرخاني ۾ ٿيندڙ پهرين ”هاري ڪانگريس“ جا آرگنائيزر خميسو- مصري هئا، نڪي ڪي ٻيا. مقيم گهر تڙ کي به ڪو نه وساريو. سندس اولاد جديد تعليم سان آراسته آهي ۽ آهي به مڇي مانيءَ وارو... سندس چوڻ هو ته، اها ڪامريڊي ڀانءِ ڪا نه پيم، جنهن ڏانهن شاعر هن طرح اشارو ڪري ويو آهي؛ هوئي اس قدر معزز، ڪه ڪڀي گهر ڪا منهن نهين ديکا، عمر گذري هوٽلون پر، مري جا ڪر هسپتالون مين.... ڏيڍ ٻه سال اڳ هن ”نهٽي“ لڳ ڀٽائيءَ جي ڪردار سان منسوب ”جکري جي ڀٽ“ تي ڀلوڙ قسم جو سيمينار ڪرايو هو، جنهن ۾ سنڌ اٿلي پئي هئي. ڪانڊيرن، ريٻارڻين ۽ اوڏن، ڪنڀارن تي حسن درس کان ويندي اشرف پليءَ تائين قديم، جديد ۽ وچولن شاعرن دل کولي بيت جوڙيا هئا. ”مقيم“ جڏهن هفتو اڳ بسترِ مرگ تي دراز ٿيو هو، تڏهن ”فرنٽ“ وڃي رائيونڊ پهتو هو. موصوف سنڌ نيشنل فرنٽ جو تاحيات ضلعي صدر رهيو ۽ سنڌ جي پڳ، لوئيءَ ۽ لڄ جي وقار کي قائم رکڻ لاءِ ”مورچي“ تان ڪو نه هَٽيو. سندس نعرو به نرالو هوندو هو. ”سنڌ سلامت- ايمان سلامت.“ فقير مقيم تنهنجون ڳالهيون سڄڻ ٿيون ياد پون! خالد ڪنڀار جڏهن مسڪين اکيون پوريون هيون ۽ مٽي جو پور ٿيو هو، تڏهن پارڪريا ڪولهي ۽ ڪولهڻيون پار ڪڍي رنيون هيون. پارڪرئي ڪولهي پنهنجي دل ۾ نه رڳو مسڪين لئه تڏو وڇايو هو پر هنن مان هر ڪنهن پنهنجي دل ۾مسڪين جي قبر کوٽي هئي ۽ هاڻ انهن ڪولهين مان لڳي ٿو ته ڪو ورلي ئي بچيو هوندو، جنهن جي دل ۾ مسڪين مدفون هجي. پر مسڪين واري پيڙهي کانپوءِ پارڪرين ڪولهين لئه وري هڪڙو ٻيو کوسو ٻائوري جو گيڏيو نه پر پنهنجي دل ۾ هنن جو درد جو دم ڀريو اهو هو پارڪر جي پهاڙن جو پهريو الستي عاشق دلبر خان کوسو جنهن جي دوستي ۽ دلبري هن فقير جي دل ۾ پارڪر جو عشق اوتيو هو. هن کي اها ونڊ دلبر خان جي دل واري دڪان تان ئي ملي هئي. پارڪر سان عشق جو پهريون سبق دلبر خان ئي پڙهايو هو ۽ هي فقير اهو عشق جو پهريون سبق ئي پڙهيو هو ۽ ها عشق جو سبق هوندو ئي هڪڙو آهي. پوءِ جڏهن دلبر خان جي دل بيهي رهي ۽ هن ڌڙڪڻ ڇڏي ڏنو هو تڏهن پارڪر جا پهاڙ ڇورا ٿي ويا هئا. مورن ٽهوڪڻ ڇڏي ڏنو هو. اوڻ جي وانڊئي کان وٺي سکپور جي رٻارين تائين، سڀني ريهون ڪيون هيون ۽ جي ڪنهن کي ڪن آهن ته اهي ريهون اڄ به پارڪر جي پهاڙن ۾ پڙاڏو ٿي رهيون آهن. هوائن اڄ به انهن ريهن کي پنهنجي پانڌ ۾ سنڀالي رکيو آهي. تڏهن رڳو دلبر خان جي دل ڪو نه بيهي رهي هئي پر پارڪر ۾ وقت جي ڪانٽن تي برف ڄمي وئي هئي ۽ تڏهن هي فقير هو جيڪو مٺي ۾ ديوي هيٺان ويهي گهڙا وڪڻندڙ هو. اهو ڪنڀار هو ۽ هن کي ڪچي پڪي ۽ موري جي خبر هئي. هن سمجهيو هو ته پارڪر جي ڪڇ تي پيل ڪورو گهڙو ڀڳو آهي. هاڻ پارڪرڪي ڪيترا ڏينهن ٿڌو پاڻي ڪو نه پي سگهندو. هن جون اکيون دلبر جي عشق ۾ اوهيرا ڪو نه ٿيون هيون. هنن رنو ڪو نه هو، پر هو ائين وهيون هيون جئين گوڙدرو ۽ ڀٽياڻي وهنديون آهن. هو دلبر جي وصال کي ڪڏهن به وساري ڪو نه سگهيو هو. هو دلبر جو يار نه دوست نه پر، هو دلبر جو عاشق هو ۽ دلبر وري پارڪر ۽ پارڪرين ڪولهين جو عاشق هو. هو ڪي ڪيترا ڏينهن انهيءَ ديوي هيٺان روئيندو رهيو. هن انهن ڏينهن ۾ گهر اچڻ وساري ڇڏيو هو. هو گهر ڪو نه ايندو هو. نه وري هو ڪي ڪيترا ڏينهن دلبر خان جي تڏي تي ويو. ڪير هن کي هلڻ لئه سلهائيندو/ صلاحيندو هو ته هو ڪنڌ هيٺ ڪري روئيندو اڳتي وڌي ويندو هو ۽ چوندو هو؛ ڪنهن وٽ هلان يار ته اڪيلو ڇڏي هليو ويو. هو درد ۾ چور هو. پوءِ هن جو ئي اونرو يار، جيڪو هن جو پٽ آهي، هن جو يار آهي يا هن جو ڀاءِ آهي اهو فيصلو توڙي جو هو پاڻ ئي ناهي ڪري سگهيو. ڪرشن شرما هن فقير کي گهر وارن جي زور ڀرڻ تي وٺي ويو هو. ننگر اونرو ۽ اجرو ٿي، ڪرشن کانسوءِ ٻيو ڪير ٿي وٺي وڃي سگهيو. اهو پهريون ماڻهو ڪرشن شرما ئي هو جنهن فقير مقيم کي محبوب پارڪر سان پهريون ڀيرو ملايو هو. هو جڏهن پهريون ڀيرو پارڪر ويو هو ته ڪي ڪيترا ڏينهن دلبر خان جي تڏي تي ويٺو رهيو ۽ اتي ئي هن جي پهرين ملاقات پارڪر سان ٿي. محبوب جو حسن بي انتها هو ۽ انهي ئي حسن هن کي سوگهو ڪيو. پوءِ فَقير مقيم ۽ پارڪر هڪ ٻي جي سڃاڻپ بڻجي ڪري رهجي ويا. پوءِ هن پارڪرين کوسن ۽ پارڪر سان توڙ نڀايو ۽ پارڪريا کوسا به محبت ۾ مجاز ۽ حقيقت وارو فرق وساري ويٺا. دلبر جي وصال کانپوءِ هن جو آخري آشرم پارڪر ئي هو. هو دلبر خان کان پوءِ پارڪر جو ٻيو الستي عاشق هو. جيڪڏهن پارڪر ويندو هو ته ڏينهن مهينا مٽي ويندا هئا پر ورڻ واري ڪو نه ڪندو هو. ساڙدري تي راتين جون راتيون، رهاڻيون. ڪهڙيون به حالتون هجن پر هو ساڙدري جو ميلو ڪو نه ڇڏيندو. هر حيلي بهاني ساڙدري تي ته ضرور وڃبو. انچلاسر تان گهوئي ڪرڻي، ڄام خان جي وانڊئي تي چانهه پئڻي، چاچي الهرکئي سان پارڪر تي پلان ٺاهڻا، عباس کوسي سان بحث ڪرڻا هجن، ڦري گهري رات اچي چاچي دلبر جي اوتاري تي سڪندر کوسي وٽ رهڻي. پوءِ هن شايد دلبر خان کي چاچي الهرکي کوسي ۾ پئي ڳوليو. ڇو جو دلبر خان کانپوءِ هن جي پارڪر ۾ گهاٽي ياري الهرکئي سان ئي هئي. ڪير کڻي ڪهڙي راءِ جو هجي پر جيڪڏهن ڪير پارڪر ويو آهي ۽ چاچي الهرکئي سان ناهي مليو ڄڻ اهو پارڪر ويو ئي ڪونهي. بس ائين سمجهو پارڪر جو ڌماڪو، هن جا ڪن مٺي ۾ ٻڌندا هئا ۽ ائين محسوس ٿيندو هو؛ هن ۾ ماڻهو نه پر مور جي دل هجي، جيڪا ڌماڪي سان ڦاٽي پوندي هجي يا وري ائين محسوس ٿيندو هجي ڄڻ هي ئي اهو ڪارونجهر جبل هجي ۽ اهي ڌماڪا هن جي ئي وجود تي ٿيندا هجن. ڪڏهن ڪڏهن ته اها حالت هوندي هئي جو انهي گرينائيٽ واري اشو تي راتين جو راتيون سمهندو ڪو نه هو. ڪارونجهر تي ڌماڪن جي ڳالهه ڪندي ڪندي، هن جي دل جو درد لفظن بدران چهري تي اچي ويندو هو ۽ هن جي چهري جو رنگ ئي تبديل ٿي ويندو هو. هن جو پارڪر ۽ ڪارونجهر سان عشق هو. هي ڪاروجهر جو عاشق هو. ڪارونجهر تي ائين ڳالهائيندو هو، جئين عاشق پنهنجي محبوب جي ساراهه ۾ ڳالهائيندو آهي. پنهنجي محبوب جي محبوب جو ائين عاشق هو. هي فقير مقيم اهو ماڻهو هو جنهن قلم ۽ دل کڻي پارڪر تي پهرو ڏنو. هي پارڪر جي پهاڙن جو عاشق پهريدار هو. سائين ڳالهه ٿي ته ڪارونجهر جبل مان نڪرندڙ ندين تي ڊيم ٺهڻ کپن يا نه. انهي تي گهڻا ڏاها انهي ڳالهه جا به هجن ته نه ٺهڻ کپن. هنن انهي جا غلط يا سهي سائنسي سبب ٻڌايا پر هي انهي راءِ جو ٿي بيهي رهيو ته ڊيم ٺهڻ گهرجن انهن سان پارڪر خوشحال ٿيندو پارڪريا ڪولهي لڏي سنڌ لابارا ڪرڻ ڪو نه ويندا. ڪنهن وڏيري وٽ جهڳي ٺاهي ڪو نه وهندا. پارڪر آباد ٿيو ته پارڪر مان ٿيندڙ لڏ پلاڻ رڪجي ويندي. مال ۽ ماڻهو سولا ٿيندا. ٻيو هن کي وڻندو هو ڀوڏيسر واري سوڌي ڪيسوٻاءِ جو ڪردار. ڪٿان ڪيسوٻا جو ڦوٽو هٿ اچي ويس. انهيءَ کي وڏو ڪرائي دڪان ۾ هڻي ويٺو هو. هاڻ ڪنهن ڪيسو ٻاءِ ڏٺو هجي ته انهيءَ کي سڃاڻي. ٻيو سو جيڪو ايندو، اهو ڦوٽو ڏسي پڇندو ته؛ فقير ڏي خبر، هي ڪنهن جو ڦوٽو لڳايو ويٺو آهين؟ انهي پڇڻ واري کي سڄي وارتا ڪري سڻائي. پوءِ جيڪو فقير کان اهو وارتا سڻندو هو انهيءَ جو ڌرتي سان عشق جوان ٿي پوندو. بابا هي اهو ڪيسوٻا آهي جنهن ورهاڱي ۾ به پنهنجي ڌرتي ڪو نه ڇڏي. هن کي ٻلونت سنگهه ڌاڙيل سرحد پار وٺڻ لئه آيو پر ڪيسوٻاءِ ڪو نه ويو. جڏهن ٻلونت سنگهه هن کي چيو؛ آئون تو کي ٻڌي به وٺي ويندس، تڏهن هن گيڏيو کڻي ٻلونت سنگهه کي چيو؛ ”ٻليا تون موني ٻيهاڙي“. ڀوڏيسر جو راڻو هو. هن کي ڌرتي جو مجنون ڪيسوٻاءِ وڻندو هو. ڪيسوٻاءِ ته ويو اگني سنسڪار ٿي. هو انهيءَ جي پٽ کي به بي انتها پيار ڪندو هو. بابا ارجڻ سنگهه جو سڄو جو سڄو ڳوٺ، سرحد پار ويندو رهيو. پر جڏهن هن ڀٽ تي چڙهي، گهوڙي جي رڪاب ۾ پير وجهي، ڌرتي ڏانهن نهاريو، هڪ نظر هن چنڊ تي وڌي ۽ هڪ نظر پنهنجي ڳوٺ تي ته هن گهوڙي جي رڪاب مان پير واپس ڪڍي چيو؛ “هون مانهجي ٻاپ ري گواڙي سڄي ڪو ڇڏان.” پوءِ ارجڻ سنگهه ساڪرئي واري سان دوستي جو دم جئين جو تئين ڀريائين. بس جيڪي نه ڌرتي جا عاشق هئا، انهن جو هي به عاشق هو. پوءِ اهو ڪيسوٻاءِ هجي، ارجن سنگهه هجي يا دلبر خان کوسو هجي. هي ڌرتي سان عشق ته ڪندو هو پر هي ڌرتي جي عاشقن جو به عاشق هو. وڏي نوڙت ۽ عاجزي هئي، هن ۾. انهيءَ ڪري ئي پارڪر جي ڪولهين کان وٺي ممتاز ڀٽي تائين، ٿر جي اربابن ۽ جاگير جي اڳئين راڻي کان وٺي گهرٽياري جي رٻارين تائين، هن جي واسطي جي وڏي ۽ وسيع سر زمين هئي. پنهنجي آخري ڏينهن ۾ سائين مطلب شاهه واري دڪان جي ٿلهي تي ڀت کي ٽيڪ ڏيو ويٺو هوندو هو، نهٽي ۾. پوءِ جيڪو اتان گذري، اهو گاڏيءَ کي بريڪ هڻي. هر ڪو غريب امير بس ميلو لڳو پيو هوندو هو. بچائي وساڻ جي هوٽل تان زوريءَ مهمان کي چانهن پيارڻي، هٿ جوڙ ڪرڻي. پر انهيءَ واسطي جو اڪيلو سبب ٿر ۽ پارڪر هو. انهيءَ ڪري اڪثر اليڪشنن ۾ ٿريو اميدوار ڪهڙو به هجي، انهي جي ڌر ٿي بيهي رهندو هو. باقي امپورٽ ڪيل اميدوارن جي سرِعام مخالفت، بيهي وچ چوڪ تي به ڪري ڇڏيندو هو. انهي جي هن سزا به ڀوڳي. ڄام ساقي بيٺو اليڪشن ۾. نشان هجيس گهڙو. سڄو ڳوٺ، وڏيرن سوڌو، مخالف اميدوار جي پاسي. هيءُ سائين اڪيلو ڄام ساقي جي پاسي. جئين تئين ڪري، ڄام ساقي کي ست ووٽ ڏياري ويو پوءِ ته سائين وڏو ممڻ ڳوٺ ۾ متو. پر هن فقير انهيءَ کي هٿ جوڙ سان هلايو. هن کي ڳوٺن جي ڀيٽ ۾ شهرن کان وڏي چڙ هئي. هن کي شهر ته ٺهيو پر شهري ماڻهو به مڙئي نالي جا ماڻهو لڳندا هئا. اک پورڻ تائين چوندو ويو؛ ٻيلي نهٽو متان ڇڏيو. ننڍڙو هو ته پيءُ وصال ڪري ويو. هن کي انهيءَ جي پوري صورت به ياد ڪو نه هئي ۽ ماءُ پيءُ جو اڪيلو پٽ هو. ٻه ڀيڻون هيون، سڳو چاچو به ڪو نه هئس. نهٽي جي پوري راڄ ۾، تڏهن ڪنڀارن جو گهر ئي هڪڙو هو. پوءِ ڏاڏي سان گڏ ٿانءَ وڪڻندو هو. جنهن ڏينهن وصال ڪري. انهيءَ ڏينهن کان ڪجهه ڏينهن اڳ ۾، ادي پٺاڻي کي فون ڪري چيائين؛ اچ ڏسي وڃ. آئي ته هن جي پيرن تي پاڻي هاريائين. چيائين؛ گل ته آهن ڪو نه جو ڇٽيانءِ. هو اسان جي سڄي گهر مان سڀ کان وڌيڪ ادي پٺاڻي سان پيار ڪندو هو. ادي کي فاطمه جناح ايوارڊ مليو ته ڏاڍو خوش ٿيو. وصال کان ٻه ڏينهن اڳ ۾، ايس ايم ايس ڪيائين؛ جوڳيئڙا خدا حافظ. منهنجي پيرن هيٺان زمين ويندي رهي. جوڳي، مون تي بابا رکيو هو. وصال وارن لمحن ۾ آئون ۽ حيدر گڏ هئاسين. انهيءَ کان هڪ ڏينهن اڳ ۾، ڏاڙهي ۽ وار ٺهرايائين. انهيءَ ڏينهن وڏي تڪڙ ڪيائين ته جلدي، ڪرو پاڻي رکو، وهنجان. صفا چڱو ڀلو. بس فقيرن کي خبر پوندي آهي ته هنن جي وصال جو لمحو اچي ويو آهي. ائين هن کي به گهڻو اڳ ۾ خبر پئجي وئي هئي. بس درد هن کي اڏيو، درد هن جو اڏيندڙ هو. ڪاڪي سانگي ڏان وانگر هن کي جنهن ڏک ڏنو، انهيءَ کي هن پاليو ۽ انهيءَ ڏک مان هن جي اندر، گل ٽڙيا. انهن جي خوشبو هئي، جنهن وڻ ٽڻ واسي ڇڏيو. هلو هڪڙي ڳالهه ويندي ويندي ڪريون هو مولا علي جو حبدار هو. حسيني هو. پر تصوف جي وهندڙ دريا مان ڍڪ ڀريا هئائين. سائين اياز شاهه جي تڪئي تي عمرڪوٽ ۾ هن تڪئي جا سڀ فقير ولي محمد سائين جي اها ڪافي ڳائي رهيا آهن: تنهنجون ڳالهيون سڄڻ، ٿيون ياد پون. مقيم ڪنڀار ٿر جي املهه ڪردار عباس کوسو اڄ الائي ڇو نه چاهيندي به اُن اُملهه ماڻهو کي مرحوم ٿو لکان، جيڪو نه رڳو منهنجي پارڪر جو عاشق هو پر پوري انسانيت سان ائين پيار ڪندو هو جيئن، ماءُ پنهنجي ٻارن سان ڪندي آهي. منهنجي هن سان پهرين ملاقات ۹۲ع جي شروعاتي ڏينهن ۾ ٿي. جڏهن هو ڪجهه راتيون رهڻ ننگر پارڪر آيو هو ۽ مون سان صرف ان ڪري مليو هو ته ڪو آئون ڪجهه لکندو پڙهندو آهيان. اڇي مٿي سان، هي جهور پوڙهو، گولڊ فليڪ سگريٽ جا ڪش هڻندي، مون کي چئي رهيو هو ته؛ ”هن پارڪر جي پٽن ۽ ماڻهن لاءِ ڪجهه ڪريو. اوهان شهرن ۾ رهو ٿا، جتي جديد دنيا جون سهولتون آهن، ميڊيا جا وسيلا به آهن، ٿي سگهي ته ٿر وارن جو آواز ٿي رهو.“ سچ پڇو ته هن ڏونگر جيڏي ماڻهوءَ جي انهن ڳالهين ائين اندر ۾ ولوڙ وڌي ۽ هن پوڙهي سان اسان جو اهڙو رشتو جُڙيو جو آخر تائين به ڇڄي نه سگهيو. هُن سان ڪچهرين جو ايترو ته سگهارو سلسلو جاري ٿيو جو جڏهن به مٺيءَ ۾ اچڻ ٿيندو هو ته هن وشال دل جي مالڪ، منهنجي پارڪر جي پوڙهي عاشق وٽ، هلي وڃي اُن ديوي جي وڻ هيٺان، جتي هڪ پاسي ڪنڀارڪا ٿانو هڪ بئنچ رکيل هوندا هئا، ويهي رهاڻيون ڪبيون هيون. ٿر جي ماڻهن لاءِ پروگرام کڻي ڪٿي به هُجي، هي اڇي وڏي پٽڪي سان اچي پڄندو هو ۽ ٿر جو ڪيس، اهڙي انداز ۾ رکندو هو جو ٻُڌڻ وارا دنگ رهجي ويندا هئا. هتي آئون اُن پوڙهي محبوب، فقير مقيم ڪنڀر جون ڪجهه ساروڻيون لکندس. هڪ ڀيري آئون ڪنهن اخبار لاءِ اسٽوري ڪرڻ مٺي پهتس. اُن وقت مارئي جي ميلي تي وڏو بحث هوندو هو ته اُهو ڪٿي لڳي؟ ڀالوا، جيڪو مارئي جو ڳوٺ آهي، اُتي لڳڻ گهرجي يا مٺي ۾؟ مون اُها اسٽوري فائيل ڪئي. جڏهن اُها اخبار ۾ لڳي ته اُن وقت جي ڊي سي ميلو ته ڪينسل ڪري ڇڏيو. پر مقيم سائين ميلي کي ملتوي ڪرائيندڙن جا پيرا کڻي اچي حيدرآباد پهتو. حيدرآباد ۾ اسان دوستن گڏجي، مسڪين جهان خان کوسي جي ورسي ملهائي هئي. ان ۾ تقرير ڪندي چيائين ته؛ اڄ آئون هتي ان ڪري آيو آهيان جو اوهان ۾ ڪجهه ماڻهو آهن، انهن مارئي جو ميلو ملتوي ڪرايو آهي. مون کي چور ڏيو يا پيرا ڪڍي ڏيو! جڏهن تقرير ڪري هيٺ لٿو ته آئون سندس ڀر ۾ وڃي ويٺس ۽ کيس پيار ۾ چيم؛ ”سائين اوهان جا چور هٿيڪا آهن، پروگرام ختم ٿئي ته بلڪل پيش ٿا ڪيون.“ اُن بعد سڀئي منهنجي فليٽ تي آياسين. مون پاڻ کي سندس آڏو پيش ڪيو ته هي وٺو اوهان جو چور. مون کي ڳراٽڙي پائي چيائين ته؛ ”ننگراٽين سان ته منهنجو عشق آهي. گهُمناڻي وري منهنجا محبوب آهن.“ گهُمناڻي کوسن جو پاڙو آهي. گهمناڻي کوسن ۾ وري صمنداڻين يعني منهنجي ڏاڏي صمند خان جي گهر سان ڪهڙا حساب. سو پوري رات سڄي ڪچهري ھلندي رهي ۽ هن ڪارونجهر جيڏي دل جي مالڪ چيو ته؛ ”اوهان نوجوان آهيو، پُٽ! وارو ڪريو نه ته ٿر واڳن وات اچي ويندو.“ اسان جتي چئون ڪامريڊ هتي پهچڻو آهي، اتي ڪامريڊ هڪيو تڪيو حاضر هوندو هو. هفتي ۾ هڪڙو ڀيرو ته فون ضرور ڪري. هڪ ڀيري فون ڪيائين ته؛ ”يار اڄ ڏاڍو ياد آيو آهين، خبر ناهي ته منهنجي حياتي پوري پيئي ٿي ڇا سو ڀانئيم تو سان ڳالهايان ۽ پنهنجي اندر جو بار هلڪو ڪيان.“ سو سائين هي فقير ماڻهو اسان کي ائين ڀائيندو هو. تازو حيدرآباد علاج جي سلسلي ۾ آيل هيو. چيائين؛ ”اچ ته ڪچهري ڪريون! حياتي الائي ڪيتري آهي.“ پر ڏک صرف اهو اٿم ته هن درياهه دل ماڻهو جي هڪڙي خواهش پوري نه ڪري سگهيم. هميشه چوندو هو ته؛ ”مون کي ننگرپارڪر ۾ هڪڙي ننڍڙي جهوپڙي ٺهرائي ڏي ته حياتيءَ جا باقي ڏينهن، اُتي ويهي ڪٽيان. ڪارونجهر پهاڙ جي ويهي تپسيا ڪريان.“ آئون وري هر واري کيس چوندو هئس؛ ”ڪامريڊ! ايندڙ وزٽ ۾ پاڻ ننگر پارڪر هلنداسين.“ پر افسوس! کيس حياتيءَ ايتري مهلت نه ڏني. ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ سندس نياڻي ۽ اسان جي ڀيڻ پٺاڻيءَ سان فيس بُڪ تي ڳالهه ٻولهه دوران چيو هئم ته؛ ”فقير سائينءَ کي اسان پارڪر وٺي وينداسين.“ پر اي موت! تو اسان جي ڇپر ۽ ڇانو، اسان کان کسي، اهڙي ديس هليو ويو آهين جتي ڪا به حاجت ناهي هلي سگهندي. خليل ڪنڀر، جيڪو مقيم جو پٽ آهي، اسان جو پيارو دوست آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ ۾، مون پاران سندس پروگرام ۾ شريڪ نه ٿيڻ تي، ناراض ٿيو هو ۽ نه پيو ڳالهائي. فون ڪري چيومانس ته؛ ”مقيماڻين جي صمنداڻين سان ڪاوڙ ٺهي نٿي. اسان ڪاوڙجي ويهي نه ٿا سگهون.“ ڪالهه جڏهن مون کي خليل فون ڪري، وڏي اوڇنگار ڏيندي چيو ته؛ ”عباس! پاڻ کي جيڪو پرچائيندو هو. اُهو اڄ اسان کان موڪلائي هليو ويو آهي.“ سچ پچ ته ان خبر جيءُ جهوري وڌو. جيڪا الله جي رضا. پر ڪي ڪي موت، وڏا نقش ڇڏي ويندا آهن. آئون ٿو سمجهان، مقيم جي هن وڇوڙي، ڪارونجهر، وٽ، ڍٽ، مهراڻي ۽ سامروٽيءَ کي به جهوري وڌو آهي. خليل، خالد ۽ پٺاڻي، الله جي اها رضا آهي اُن تي ڪو به زور ناهي. صبر سان ڪامريڊ جي ڏسيل واٽ جا ڌڻي ٿجو. فقير مقيم ڪنڀار امر رهڻو آهي! انجنيئر ايوب شر/حيدرآباد انسان جي سڃاڻپ دنيا ۾ ڪنهن نه ڪنهن ڪرت جي ڪري ٿئي ٿي، انسان، جيڪو مٽي جي پيدا وار آهي ۽ ڄمڻ کان مرڻ تائين سندس لاڳاپو مٽيءَ سان رهي ٿو! مٽي کي پنهنجو محبوب ڪندڙ ڪنڀار، جنهن مٽي سان عشق ڪري انسان لاءِ کاڌ خوراڪ جا ٿانوَ تيار ڪيا، جنهن کي چٽن وانگر چٽسالي ڪري خوب داد ماڻيائين. اهڙو ئي هڪ امر انسان هو فقير مقيم جيڪو ذات جو ڪنڀار هو ۽ پنهنجي سڃاڻپ پڻ ڪنڀارڪي ڪرت سان پيدا ڪري سماج اندر نالو پيدا ڪيو ۽ پنهنجي زندگي جا سماجي ۽ سياسي پيچرا ٺاهيا، جنهن ڪارونجهر تي گرينائيٽ مٿان ٿيندڙ ڌماڪن سبب مور پکي جي دل بيهڻ جو منظر ڏٺو ته، هن جا حواس ئي دنگ رهجي ويا! هن مور وانگر اکين مان لڙڪ وهائي وقت جي حاڪمن کي مور جي نسل کي ختم ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيا. گگرال کي ڪيميڪل لڳائي ان قيمتي ٻوٽي کي ختم ڪرڻ خلاف ٿر جي راهن تي اڪيلي سر آواز بلند ڪيا. ننگرپارڪر کان ڇاڇري تائين مندرن جي حفاظت ڪندي چيائين ته ڪنهن به مذهب جي ماڻهوءَ کي تڪليف نه پهچي. فقير مقيم پنهنجي زندگي اصولن تحت گذاري ۽ خود کي ٿر جو ارڏو انسان ثابت ڪيو، جتي نواب، مير، پير ۽ ارباب موجود هئا، اتي هي فقير شخص ٿر جي عشق ۾ پيادل گهمندي نظر آيو، تڏهن وقت جي حاڪمن به سلام ڪيو ۽ مشورا ورتا ته ٿر کي ڪيئن خوبصورت بڻائي سگهجي ٿو. سماج سان عشق سان گڏ هڪ نظرياتي سياسي عشق پڻ هو، جنهن سان پنهنجي زندگي آخري دم تائين سلهاڙيل رکندو آيو. فقير مقيم ڪنڀار شابس اٿئي موڪلائي به نه وئين!! فيض کوسو ان ڏينهن جڏهن آئون ڪي ٽي اين نيوز جي ”تاريخ“ پروگرام لاءِ نهٽي جي ماڳ جي رڪارڊنگ ڪرڻ ويو هوس، تڏهن فقير مقيم ڪنڀار ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيو. فقير مقيم ڪنڀار جي شايد اها آخري خواهش هئي ته ڪنهن به طرح سان نهٽي جو ماڳ رڪارڊ ٿئي ۽ اها رڪارڊنگ هلي به ڪي ٽي اين نيوز جي پروگرام ”تاريخ“ ۾!! ان ماڳ جي رڪارڊنگ لاءِ فقير مقيم مون کي مٺيءَ ۾ ئي صلاحيو هو. ساڻس منهنجي پهرين ملاقات به مٺيءَ جي شهر ۾ ٿي هئي. انهن ڏينهن ۾ آئون ننگر پارڪر ۽ پاري نگر جي علائقن جي رڪارڊنگ ڪرڻ ويو هوس. فقير مقيم ڪنڀار انهن ٻنهي پروگرامن ۾ دل کولي ڳالهايو هو ۽ پنهنجي سريلي آواز ۽ ڄاڻ سان مون کي ايترو ته متاثر ڪيو هو، جو منهنجي دل پئي چاهيو هو ته هن ڪراڙي همراهه سان ويهي رڳو ڪچهريون ئي ڪجن ۽ کانئس سنڌ جي ٿر واري حصي بابت معلومات ڪٺي ڪجي. هڪ لحاظ سان هو ٿر جي معلومات جو ڀنڊار هو. آئون جڏهن نهٽي پهتس ته مون کيس گهر جي ٻاهران رستي تي انتظار ڪندي ڏٺو. هُو، هئو ته مڙهو مڙس پر سندس ڦڙتي، چاهه ۽ جذبي مان اهو هرگز محسوس نه ٿي ٿيو ته ڪو هن عمر جا 6۰ ڏهاڪا پورا ڪري ورتا آهن. ان ڏينهن به هو ٿورو بيمار هو، پر هن اسان کي هڪ لمحي لاءِ به بيماري جي لکا ڪا نه ڏني هئي. هو اسان سان نه رڳو نهٽي جي ماڳ تائين گڏجي هليو هو، پر آس پاس جا جيڪي به ماڳ مڪان هئا، سي به هن اسان کي ڏيکاريا هئا. هن جي اها به خواهش هئي ته ڪنهن نه ڪنهن طرح سان نهٽي جي نسبت ۾ مهر راڻي جي قبر به رڪارڊ ٿئي. ان پاسي روڊ ڪونه هو، ان ڪري اسان جي گاڏي اوڏانهن نه پئي وڃي سگهي، تنهن ڪري هن جيپ جو بندوبست ڪري ڏنو هو ته جيئن اسان اهو ماڳ به رڪارڊ ڪري سگهون. رات جو هن اسان سان ڏاڍي ڪچهري ڪئي ۽ ٿر جي روايتي کاڌن سان تواضع به. اهي جنوري ۲۰۱۱ع جا ابتدائي ڏهاڙا هئا. جنوريءَ جي ٿڌ جيتوڻيڪ ماڻهوءَ کي ڏڪايو پئي، پر فقير مقيم ڪنڀار ان ٿڌ جي به ڪا پرواهه نه پئي ڪئي. فقير مقيم ڪنڀار مون کي ان ڏينهن پنهنجي ڳوٺ وٽان لنگهندڙ رستي جي اڏاوت جو هڪ عجيب قصو به ٻڌايو هو، جيڪو مون کي اڄ تائين ياد آهي ۽ شايد سندس اهي گفتا مون کي سڄي زندگي وسري نه سگهن. فقير مقيم ڪنڀار سنجيده ڪچهريءَ دوران اوچتو مون کي مخاطب ٿيندي چيو. ”فيض! توهان اسان جي ڳوٺ وٽان لنگهندڙ رستي ۾ وَر (موڙ) ڏٺو آهي؟“ مون هائوڪار ڪئي ۽ سندس ان ڳالهه تي ڏاڍو حيران ٿيس ته هي ڪهڙي ڳالهه آهي، جيڪا فقير مقيم ڪنڀار سنجيده ڪچهري جي وچ پيو بيان ڪري..!! هن ٻڌائڻ شروع ڪيو ته اهو وَر ان ڪري رستي ۾ آيو آهي، جو جڏهن رستي جي ماپ ڪرڻ وارا آفيسر هتي آيا هئا، تڏهن هنن هتان سڌو رستو پئي ڪڍڻ چاهيو ۽ ان رستي جي وچ ۾ اهو ڪنڊي جو وڻ به پئي آيو، جنهن سان هتان جي ماڻهن کي ڏاڍو پيار آهي. هن ٻڌايو ته سندس دوست چاچي الهورائي خاصخيليءَ کي ان ڳالهه جي گهڻي پريشاني هئي ۽ هو روز پيو ماڻهن کي مهڻا ڏيندو هو ته توهان ڳوٺ وارا سڀ خاموش آهيو ۽ نيٺ اهو ڪنڊي جو وڻ به وڍجي ويندو. اها ڳالهه ڪندي فقير مقيم ڪنڀار ڏاڍو اداس ٿي پيو هو. هن ٻڌايو ته هڪ ڏينهن آئون کيکڙي ۾ چڙهي مٺيءَ لاءِ روانو پئي ٿيس ته الهورايو خاصخيلي کيکڙي ۾ چڙهي آيو ۽ چيائين ته اوهان پٽڪا ٻڌي ڀلي مٺي گهمو، وڻ آهي سو ڀلي وڍجي وڃي. فقير مقيم ڪنڀار ٻڌايو ته ان مهڻي مٿس ايترو ته اثر ڪيو، جو جيستائين ڪنڊي جي وڻ کي بچائڻ لاءِ رستي کي موڙ نه آيو، تيستائين هو به سک سان نه ويٺو هو. فقير مقيم ڪنڀار جي ان قصي جو ذڪر مون ”تاريخ“ پروگرام ۾ به ڪيو هو ته ڪڏهن سنڌ ۾ اهڙا ماڻهو به هئا، جيڪي هڪ وڻ کي بچائڻ لاءِ به پيا جدوجهد ڪندا هئا ۽ هاڻي سنڌ ۾ اهڙو وقت آيو آهي، جو وڻ ته ٺهيو پر ماڳهين ماڻهو ڌرتيءَ جا ٽڪرا وڍيو کڻيو پيا وڃن، پر ڪا پهر ڪانهي جو ان هاڃي خلاف اٿي کڙي ٿئي!! فقير مقيم ڪنڀار بنهه گهڻو محبتي ماڻهو ۽ سنڌ جو سچو عاشق هو. سندس گفتگو مان ئي سنڌ سان سچائي ۽ محبت پئي بکندي هئي. ان ڏينهن نهٽي ۾ جڏهن اسان کي رات پئجي ويئي هئي ته هو اسان کي سيءَ کان بچڻ لاءِ ويڙهي سيڙهي سمهڻ جي تاڪيد ڪري پاڻ گهر هليو ويو هو، تڏهن اسان کانئس موڪلائڻ بنا ئي نهٽي مان واپس حيدرآباد هليا آيا هئاسين. صبح جو اڃا منهنجي اک ئي ڪا نه کلي هئي، جو سندس فون آيو هو. ڏاڍي افسردگي، ڏک ۽ ملال سان چيائين، ”ادا شابس اٿئي، موڪلائي به نه وئين!!“ مون سوچيو هو ان بي ادبيءَ تي کانئس نهٽي وڃي معافي وٺندس پر....آئون پوءِ وٽس وڃي نه سگهيس ۽ نه ئي وري کانئس معافي ورتم. اڄ جڏهن اوچتو اوچتو اخبار ۾ سندس مرتئي جي خبر پڙهيم ته هانءُ ۾ وڍ پئجي ويا آهن، هي سٽون لکندي آئون به اداس ملول، افسرده ۽ ڏکارو آهيان ۽ اها ئي ميار کيس به ڏيڻ چاهيان ٿو ته: ادا شابس اٿئي، موڪلائي به نه وئين!! فقيريءَ ۾ اميري فقير مقيم ڪنڀار جي چاليهي جي حوالي سان نصير ڪنڀر جيتوڻيڪ وقت جو ڊوڙندڙ بي لغام گهوڙو ڏاڍي تيزي سان هڻڪارون ڪندو پنهنجي منزل طرف روان آهي ۽ انهيءَ ڊوڙ ۾ ڪير ڪٿي پيو موڪلائيندو وڃي خبر ئي ڪانه ٿي پوي، پر انهي سفر ۾ ڪي مسافر موڪلاڻي جي هٿ جوڙ ڪن ٿا ته هوند انهيءَ موڪلاڻي تي اعتبار ئي نه ٿو اچي. جي ها اهڙي موڪلاڻي جنهن کي اڄ چاليهه ڏينهن ٿي چڪا آهن، پر حواس انهيءَ ڳالهه کي قبولڻ لاءِ تيار ئي نه آهن. حقيقتن سچائي کان منهن موڙي نه ٿو سگهجي. ذهن مڃي ئي نه ٿو ته موڪلاڻي ٿي چڪي آهي ۽ ڪيئن چئجي ”اکيون پاڻي پاڻي، مٺا موڪلاڻي“. مون انهيءَ عرصي دوران جڏهن به فقير مقيم بابت سوچيو ته منهنجي ذهن تي نوبل انعام يافتا ناول نگار ارنيسٽ هيمنگوي جي ناول ”پوڙهو ۽ سمنڊ“ جي پڄاڻي تري ٿي آئي. ”ماڻهو ته مري سگهي ٿو پر جدوجهد ختم نٿي ٿي سگهي“. فقير مقيم جي وڇوڙي پڄاڻان منهنجو انهن سٽن تي ويتر ويساهه وڌي ويو آهي. ”دلبر هن دنيا ۾ وڃي رهندو واس“. هن دنيا ۾ ماڻهوءَ جو صرف ڪردار رهي ٿو. جيڪر اوهان جي ڪردار جي سفيد چادر تي ڪوبه داغ نه آهي ته دنيا اوهان کي جيءَ ۾ جايون ڏئي سگهي ٿي. فقير مقيم هميشه پنهنجي ڪردار جي اڇڙي چادر کي داغدار ٿيڻ نه ڏنو. اڇي ويس ۽ اڇي ڏاڙهي سان هر اسٽيج تي حق سچ جي ڳالهه ڪندڙ هي ماڻهو سچ جو سچو پوڄاري هو، هر ڪنهن کي نياز نوڙت سان ملندڙ هي فقيري رنگ ۾ رڱيل هو. خميسو ڪنڀار جي گهر جنم وٺندڙ ”فقيرو“ ماءُ پيءَ جو اڪيلو پٽ هو. سندس وڏا چار پيڙهيون اڳ اسلام ڪوٽ ويجهو ڳوٺ جوڳي مڙهي مان لڏي اچي آباد ٿيا هئا. جڏهن نهٽو به شهر هو، خميسو ڪنڀار سٺو درزي هئڻ ڪري آسپاس جا رهاڪو توڙي ڳوٺاڻا ڏاڍي عزت ڪندا هئا، ٿر مان جيڪي قافلا پنڌ جهاڳي نهٽي رستي سنڌ جي ٻين علائقن ڏانهن ايندا هئا، انهن ۾ ڪنڀار برادري جو وڏو ٺڪاڻو خميسو هوندو هو، پر فقير محمد عرف مقيم کي حبيباڻي حال تحت خدمت چاڪري ڪندڙ خميسو ڪنڀر جي ڇانوَ گهڻو وقت نصيب ڪونه ٿي ۽ ننڍي عمر ۾ ئي يتيم ٿي ويو. ڪنهن ٿي ڄاتو ته پهرين گڏهه تي دلا وجهي وڪڻندڙ ۽ پوءِ اڳتي هلي گاڏيون ڀري مٽي ۾ ”ٺيڪري“ جو دڪان هلائيندڙ فقير محمد مقيم هن نڌڻڪي ديس جي مالڪي لاءِ هر فورم تي بي ڌڙڪ ڳالهائيندو. ڪنهن ٿي ڄاتو ته ڪوريئڙي جو ڄار بڻيل ٿر جي روينيو قانون کي سلجهائي ٿر جي اٻوجهه ماڻهن لاءِ ڀرجهلو ٿيندڙ هي فقير منش ماڻهو سنڌ جي ساڃاهه وند هر اک آلي ڪري ويندو. روينيو جا اِهي گر سکڻ لاءِ هن ٿر جا پنڌ جهاڳيا هئا. روينيو جا گر پيچ هن ماهر تپيدارن سانگيڌان سنگهه ۽ ابوبڪر راهمون کان سکيا هئا. فقير مقيم جي گهاريل زندگي جو پيرو اسين اتان کڻون ٿا، جڏهن هن مٺي شهر ۾ ٿانوَ وڪڻڻ جو دڪان کوليو، پر فقير مقيم جي زندگي جون تلخ حقيقتون ته ان کان اڳ جون آهن. جنهن ۾ هن ڪيترو پنهنجو پاڻ ولوڙيو آهي. نه ڄاڻ ڪيترا ڌنڌا ڪيائين، پر ڪنهن وڏيري جاگيردار جو هارپو ڪونه ڪيائين. بقول خالد جوڳي ”مٺي اچڻ کان اڳ واري بابا جي زندگي مسلسل گهاٽي واري هئي، جنهن تي الڳ ڪتاب لکي سگهجي ٿو.“ هن ارڏي ماڻهو ڪيترا ڌنڌا ڪيا، مزدوريون ڪيائين، پر هارپو نه ڪيائين. انهيءَ ڪري ڪيتريون تڪليفون سهڻيون پيون. ۱۹۸۸ع جي اليڪشن ۾ جڏهن ڄام ساقي اميدوار هو ته پاڻ ڪيئن به ڪري ڄام کي ست ووٽ ڏياريائين. خبر هئس ته ڄام ڪونه کٽندو، پر پاڻ پنهنجي ضمير کي مطمئن ڪرڻ لاءِ ڪيائين. بدلي ۾ ڪيتري رسوائي ۽ تهمتون سهڻيون پيون، بوهه جون ٽرڪون ڀري وڪيائين، ماڻهو پئسا کائي ويا، کنڊ جا ڊيپو کنيائين وڏيرن جي ناجائزين/ ارهه زوراين تي احتجاجن ڇڏي ڏنائين. دڪان کوليائين وڏيرا ۽ ڇاڙتا پئسا کائي ويا، اهڙا ڪيئي گهاٽي جا سودا ڪندو رهيو، پر ڪاڻ ڪونه ڪڍيائين. فقير جي انهيءَ تڪليف دهه زندگي تي ٽالهي جو الف ڪنڀار ڳالهائي سگهي ٿو، جنهن هٿين خالي فقير مقيم کي ٿانون جي گاڏي ڀري ڏني ۽ فقير مٺي جو رخ ڪيو. جتان هن جي زندگي ۾ ”بريڪ ٿرو“ آيو. فقير مقيم جي شخصيت هڪ چمڪندڙ هيري وانگر هئي، جنهن جو رنگ هرطرف کان نرالو هو. هو سياست جي داءُ پيچ کان پري چٽي ڳالهه ڪندڙ ڪميٽيڊ ڪارڪن هو، جنهن سان نينهن لاتائين انهيءَ سان نڀايائين. ڳالهه سچي ۽ سڌي ڪرڻ ڪير فقير کان سکي. کوکڙا پار ريلوي اشو تي سڀني قومپرست ڌرين کوکڙا پار بارڊر کلڻ جي مخالفت ڪئي. پر فقير مقيم انهيءَ جي حق ۾ هو. پاڻ وڏي واڪ چوندو هو، ڪيسوٻاءِ جي قرب ۾ ڪٺل ٺڪراڻي جو درد ۽ ڪڇ ڀڄ ۾ پرڻايل نياڻي جي ماءُ جي سڪ کي اهي ڪامريڊ ڪٿي ٿا سمجهي سگهن. پاڻ انهيءَ وقت جي سنڌ نيشنل فرنٽ جي سينٽرل ڪاميٽي ۾ اها ڳالهه رکيائين. چوڻ هو ته اسين پنهنجين پارٽين جا ڪارڪن آهيون، غلام ڪونه آهيون، راءِ رکڻ منهنجو جمهوري حق آهي ۽ فيصلو اڪثريت راءِ جو مڃبو، اها جمهوري روايت آهي.“ جڏهن ته اسان جي ڪيتري سنگت پنهنجين انقلابي پارٽين ۾ اختلاف راءِ رکڻ جي بنياد تي ائين نڪري وئي، جيئن مکڻ مان وار ڪڍبو آهي. ۲۰۰۱ع جي بلدياتي اليڪشن ۾ هڪ بلدياتي ووٽ سندس ڀيڻ جو هو. پنهنجو اخلاقي قرض سمجهي ڳوٺ جي وڏيري کان پڇيائين ته ووٽ ڪنهن کي ڏجي. تنهن تي هن سندس مرضي تي ڇڏيو ته پاڻ ارباب خاندان سان واعدو ڪري ويٺو، پر آخري ڏينهن تي انهيءَ وڏيري چيو ته ووٽ لاٽ کي ڏيڻو آهي. انهي تي فقير پڙ ڪڍي بيهي رهيو، جنهن تي ڳوٺ مان لڏڻ جو الٽيميٽم مليو ۽ اهو سمورو معاملو پريس ۾ هليو، پر پاڻ آڻ ڪونه مڃيائين. هيليڪاپٽر جي ٺهڻ کان وٺي پولٽري فارم جي فائدن تائين ڪالم لکندڙ هڪ ٿر جي مهان ڪالم نگار لکيو ته فقير مقيم فرنٽ جو (ن) ليگ ۾ ضم ٿيڻ جو صدمو نه سهي سگهيو، پر فقير مقيم هميشه چوندو هو ته هن جو ممتاز ڀٽو سان پارٽي/ سياسي رشتي کان وڌيڪ محبت جو رشتو آهي، تنهن ڪري جيڏانهن هو ويندو اوڏانهن آئون ويندس، اهو ئي سبب هو جو ۲6 سالن جي ڊگهي سفر ۾ هو انهيءَ ليڊر سان گڏ رهيو. سماجي حوالي سان فقير مقيم اهو پهريون ماڻهو آهي جنهن ٿر جي سماجي سينوريل تلاءُ ۾ پهريون پٿر اڇلايو. ٿر هسٽاريڪل ايندڙ ريسرچ ڪائونسل ٺاهي ٿر ۾ سماجي ڪمن جي شروعات ڪيائين. ڪيترن دوستن کي پروموٽ ڪري اسٽيجن تي آندائين. جيڪر اڄ انهن جي ڪردار ۽ قول کي ڏسجي ته فقير جي شاگردي جا دعويدار اهي ”معتبر ماڻهو“ لکن ۽ ڪروڙن جا فنڊ ٿر جي نالي ۾ هڙپ ڪندڙن ۾ نظر ايندا، پر فقير مقيم پنهنجو پانڌ بچائيندي پنهنجو پاڻ کي اڇي ”هرک“ جهڙو اڇو اجرو رکيو ۽ انهن کي محسوس به ڪونه ڪرايائين، جيڪي نالي ۾ نهال ٿيو پيا هلن. فقير مقيم جي قلم ۾ قدرت طاقت رکي هئي. هو لکڻ جو ڏانءُ ڄاڻيندو هو. هن فقير محمد لاشاري جي دؤر واري جاڳو ۾ ڪيترائي ڪالم لکيا، جيڪي ٿر جي جهنگلي جيوت، ڪارونجهر جو جبل، گرينائيٽ لاءِ ٿيندڙ ڌماڪا، ڏڪار ۽ روينيو جون ڏاڍايون وغيره تي آهن. انهن ڪالمن ۾ ٿر جي ڏک ۽ پيڙاءَ کي بهتر نموني بيان ڪيو آهي. اهي سڀ پيڙائون هن پاڻ به سٺيون هيون. انهيءَ ڪري جڏهن اسٽيج تي ايندو هو ته انهيءَ درد کي ويتر بهتر نموني بيان ڪندو هو. منهنجو هڪڙو دوست هميشه ايستائين پروگرام ۾ ويٺو هوندو هو جيستائين فقير تقرير نه ڪندو هو. چوندو هو ته ”فقير مقيم، عليءَ جو حبدار آهي، انهيءَ ڪري انهيءَ جي تقرير ۾ اهڙو درد آهي.“ حقيقت ۾ فقير مقيم جي دل ۾ غمِ حسين کانپوءِ وڏو غم ٿر ۽ انهيءَ جي مسڪين ماڻهن جو هو ۽ مٿان وري قدرت تقرير جو فن ۽ لفظن جو ذخيرو اهڙو عطا ڪيو هوس جو سندس لفظن جي جڙاوت ۽ مؤقف بيان ڪرڻ وارو انداز هر ڪنهن کي موهي وجهندو هو. سنڌ جي تاريخ تي دسترس حاصل هئس. خاص ڪري ٿر جو خطو، انهيءَ جي فلورا فانا، ماڳ مڪان، تاريخي هنڌ، تڙ تيرٿ، پکي پکڻ سڀني جي عادتن، مزاجن ۽ موسمن تي هو دسترس رکندڙ هو. هو انهن جي سماجياتي اثرن ۽ پهلوئن تي ڳالهائيندو هو. خاص ڪري تاريخ جهڙي خشڪ موضوع کي ائين بيان ڪندو هو، ڄڻ ٻار ٻڪيءَ جو کوڙو پڙهي هجي، انهيءَ ڪري هر ٻڌندڙ انهيءَ کان متاثر ٿي پوندو هو. گهريلو زندگي ۾ هو اڪثر گهر کان ٻاهر رهندو هو. ڪڏهن ڪنهن دوست جي سڏ تي ڪڏهن ڪنهن ڪامريڊ سان گڏ پيو پنڌ جهاڳيندو هو، پر ڳوٺ هر هفتي ضرور ايندو هو. هٿ ۾ ايترو ڪو گهڻو ڏوڪڙ ڪونه هو، پوءِ به سڀني پٽن ۽ نياڻين کي تعليم ڏياريائين. اڄ سمورو اولاد معاشري جا فرد نه بلڪه ذميوار فرد آهن. هن جي شخصيت جا سمورا رنگ پٽن ۾ آهن. سندس وڏو پٽ سليم برادري ۽ ڳوٺاڻي رنگ ۾ رڱيل آهي. شاعراڻي خوبي خليل ۾ آهي ۽ فقيري جو سمورو رنگ خالد ۾ آهي، جيڪو بهترين ڪالمسٽ به آهي. سياسي جانشين ارشاد آهي. ذهانت ۽ شرافت جا سمورا رنگ نياز ۾ آهن ۽ حيدر هٺ ۽ ارڏائي جو مجسمو آهي. جڏهن ته مٿيون سڀ خوبيون اسان جي ڀيڻ پارسا عرف پٺاڻي ۾ آهن. جنهن سماجي سيڪٽر ۾ ڪم ڪندي پوري پاڪستان ۾ ”فاطمه جناح ايوارڊ“ حاصل ڪيو آهي. مون جڏهن فقير صاحب کي فون تي ادي پٺاڻي جي ايوارڊ جون مبارڪون ڏنيون ته پاڻ چيو هئائين ”مونکي هن نياڻي تي اڳي به ناز هو، پر اڄ منهنجو ڪنڌ ويتر مٿي ٿي ويو آهي، انهن طعنن کان آجو ٿي ويو آهيان، جيڪي مون کي ”پٺو“ جي نوڪري ڪرڻ تي مليا هئا!! هو پنهنجن پٽن سان عشق ڪندو هو ۽ پٽن جو به ساڻس اهڙو ئي رشتو هو. انهيءَ ڪري پٽ هن تي انگل ڪندا هئا ۽ هو انهن تي انگل ڪندو هو، پر ادي انهن سڀني کان وڌيڪ فقير کي ڀائيندي هئي. فقير مقيم دوستي جي رشتي کي تمام گهڻي اهميت ڏيندو هو. ڪهڙي به مڪتبِ فڪر جو ماڻهو هجي، جيڪر انهيءَ سان دوستيءَ جو رشتو رکيائين ته خوب نڀايائين. پوءِ اهو ڀل ڪيترو پري رهندڙ هجي. مٺي ۾ فقير جي سنگت کينراج جاڙيجي ۽ ملوڪ نهڙي واري ٻاري سان هئي، جيڪي هن جي هر سڏ تي لبيڪ ته چوندا هئا، پر طنزيه جملا هڪٻئي تي اهڙا هڻندا هئا، جيڪي ٻڌڻ وٽان هوندا هئا. هڪٻئي سان گوڏو گڏي ويهندا هئا ته هڪٻئي جي اوڻائين تي تنقيد ڪندي ائين چٿر لائيندا هئا، جيئن ڪاسائي ڪٺل جانور جي کل لاهيندو آهي. هن جي سنگت ۾ وقت جا وڏا پارکو، امير به هوندا هئا ته اخبارون وڪڻندڙ نواز حيدري به ويٺل هوندو هو، فقير جو اڱڻ هر ڪنهن لاءِ ڪشادو هوندو هو. مون فقير مقيم ۾ جيڪا سڀ کان وڏي ڳالهه ڏٺي اُها هن ۾ ذاتيات پرستي نه هئي. سال اڳ ذاتيات جي بنياد تي جڏهن اليڪشني ”تروٽين“ اچي رڻ ٻاريو ۽ ماڻهن کي قوميت مان ڪڍي ذات پرستي ڏانهن گهليو ته فقير انهيءَ جي سخت مخالفت ڪئي. هو ذات پرستي کان نفرت ڪندڙ انسانيت جو علمبردار هو. انهيءَ ڪري منهنجو اڪثر ٺڪاڻو سندس آفيس/ دڪان هوندو هو. فقير سان واسطي جي ئي ڪري منهنجي دوستي خليل، خالد ۽ ارشاد سان ٿي. فقير مقيم جي اڇي پٽڪي جي ور ۾ ٿر جي سچائي ۽ سورهيائي نظر ايندي هئي ۽ نرڙ جي گهنج ۾ سموري ٿر جو درد سمايل هو. پنهنجي سموري زندگي جي جدوجهد ٿر ۽ ٿر جي نالي کي ارپيندڙ هن ماڻهوءَ جي سچائيءَ جو احساس انهيءَ ڏينهن ٿيو، جڏهن سموري سنڌ نهٽي جي دڙي تي اٿلي پئي هئي. مون کي انهيءَ ڳالهه تي يقين ٿيڻ لڳو ته هو جسماني طور ته جدا ٿي سگهي ٿو، پر هن جون ڳالهيون، خيال ۽ جدوجهد اسان لاءِ مشعلِ راهه آهن. مٺي جو مقيم ڀارومل امراڻي مٺي جو مقيم ڪيڏانهن هليو ويو!؟ ڇا موت جا قهري هٿ هن کي اسان کان ڌار ڪري ويا!؟ ڌرتي جي ڪهڙي گهاڙو تي هن کي ڳولهجي!؟ هي مندر مڙها، هي چوئنرا چونڪيون، هي چنڊ ستارا، هي بادل برساتون، هي ڏوئنرا پسي، هي روهيڙن رتا گل، هي ڏهرن ڏياٽيون، هي مورن ٽهوڪا، هي ڪارونجهر، هي ڪجلاسر، هي ڀٽون ڀڙا، هي ڪهڙا ڪهڙا من موهيندڙ رنگ روپ ڇڏي هليو ويو!! ۱۷ مئي ۲۰۱۲ جي شام هن جي وڇڙڻ جا سوين موبائيل ميسيج کڻي آئي. هر ڪو نهٽي ڏانهن ڳرا ڳرا قدم کڻڻ لڳو. هر ڪنهن جي من ۾ هُن سا گهاريل گهڙيون هُرڻ لڳيون، ڪو ڪيئن ساري رهيو هو. ڪو ڪيئن ڳڻ ڳوت ڪري رهيو هو پر نهٽي جي دڙي تان سج لهي رهيو هو ۽ مٽيءَ جو ماڻهو مٽيءَ سان ملي رهيو هو. لٿو سج لڪن ۾ راسيون رتائين، مون کي ماريائين. اديون اونداهي ڪري. (شاه) مٽي اول مٽي آخر مٽي زنده باد (شيخ اياز) فقير مقيم ٿر کي ڪيئن ڏٺو هو،!؟ ٿر تي ڳالهائيندي هن جا اکين جا ڇپر آلا ٿي پوندا هئا، لڙڪن مان مقيم قوت حاصل ڪندو هو. ٿر مان هن جون اکيون ڪڏهن ڍاپيون نه. هن وٽ ٿر جو ماضي به هو ته مستقبل به. ٿر هن جي سوچن سپنن ۾ ڪر موڙي اٿندو هو، هو ٿر جي حسن جي تلاش ۾ رهيو. ادب، آرٽ، سياست، سماج، ثقافت، سڀ ۾ هن ٿر جي حسن جي تلاش ڪئي. سدائين سفر ۾ رهيو. ٿر جي ازلي حسن جون جهلڪيون جهٽڻ جي لاءِ هن پنهنجي پوري جستجو ڪئي ساهڙ مون جئن سرتيون ڏسو سڀيئي، ته سمهو ڪين سک ٿي پاسو ور ڏئي. منهان اڳيئي، گهڙو سڀ گهڙا کڻي هن پنهنجي زندگي کي ڪوڙي ڪهاڻي نه بڻائي. فريبن پويان نه ڦٿڪيو. سيراب جو سوداءُ نه ٿيو. هن جي اندر ۾ اڃ ته هئي پر رڃ جو راهي نه ٿيو. هن جي روح ۾ ڪڏهن رڻ نه ڦهليو، هن جو جيءُ جڳ مڳ جرڪندو رهيو. هوهم اوست جو پوئلڳ هو يا همه اوست جو. هن کي نرڳڻ ڀڳتي وڻندي هئي يا سرڳڻ ڀڳتي پر هن ويراني کي وسايو. جهڳين ۾ جوت آندي. هو اوتارن آستانن. ميلن ملاکڙن. ساڌوئن سنتن. فقير فقرائن جي منڊلين جو مهمان بڻيو، ڪميون ڪوتاهيون هر ماڻهو ۾ هونديون آهن. ڪي اڀريون سڀريون هن فقير ۾ هونديون. پر مجموعي طور تي هن فقير جي ذات مان ڪنهن به مٽي هاڻي ماڻهو کي نقصان نه مليو. هن مٽي جي مهانتا کي نه لڄايو. جيون جي چار پهري ڇايا ۾ نرواڻ ڳوليندي اڻ ڄاتي کي ڄاتو. اڻ ڳاتي کي ڳاتو. نه ابتدا ۾ دک. نه انتها ۾ دک. هن جي مرڪ ۽ محبت زمان و مڪان جي سرحدن کي هڪ ڪري ڇڏيندي هئي. هن جو جنم مٽي کي ڳوهڻ ۽ گهڙڻ واري قبيلي ۾ ٿيو هو پر هن جو پيءَ خميسو درزيڪو ڪم ڪندو هو. عام ٿري ٻارن جيان هن جي جنم جي تاريخ ۽ سن اندازي وارو هو. فقير اڃان ننڍڙو ئي هيو ته سندس پيءَ هن فاني دنيا کي الوداع ڪري ويو. پنهنجن وڏن کي واڪا ڪري چوندو هوته مون کي پڙهايو. هن جي دل پڙهڻ جي لاءِ گهڻي ٿيندي هئي پر يتيمي واري زندگي جي ڪري پورا پنج درجا پاس ڪري نه سگهيو، ”پڙهڻ ته پروِڙڻ نه ته پڙهڻ ته آ مذاق “ وانگر هن تمام گهڻو پروڙيو. پڙهڻ جي تڙپ ۽ تمنا هن جي اندر مان ڪڏهن نه وئي. انهي آس نراس جي ڪيفيت ۾ هن پنهنجي اولاد کي ڀرپور پڙهائڻ جا جتن ڪيا. اولاد کي پڙهائڻڻ جي لاءِ پنهنجا گهر گهاٽ ڇڏي مٺي ۾ رهائش اختيار ڪئي، . هڪ مهربان ۽ مثالي پي ءُ وارو ڪردار ادا ڪيو. پٽ ۽ نياڻي سان شفقت ۾ ڪو فرق نه رکيو. پنهنجي نياڻي کي پڙهڻ سان گڏ سياست سماجيات. ادب ۽ تاريخ ۾ پنهنجون مڪمل صلاحتون استعمال ڪرڻ جو مڪمل موقعو فراهم ڪيو. مٺي ۾ هو مٽي جا ٿانو کڻي آيو، مٺي پريس ڪلب واري جاءِ جي سامهون واري ميدان ۾ (جتي هاڻي دڪان ٺهي چڪا آهن) ڪنڊن واري لوڙهي ۾ ٿان ءُ اچي رکيا. ڀرسان فقير مقيم ڪنڀر اسٽامپ وينڊر جو بورڊ لڳايو. ٻه چار کٽون رکيون. فقير ميڙو مچائي ڳالهين جا سڄو ڏينهن ڳوٺ ٻڌندي آخر اتي اچي بيهندو هو ته دليون ٺڪر ٿانءُ جيئن ٿڌيون ڪري جي، انهي کان مٿي. ٻي ڪا ناهي ڳالهڙي. (شيخ اياز) فقير جو نالو سندس ڏاڏي جي نالي پويان فقير محمد رکيل هو پر امڙ مقيو سڏيندي هئي. ۽ پوءِ جڏهن هو ۹۲_۹۳ ڌاري مٺي پهتو ته مٺي هن مقيئي کي فقير محمد مقيم بڻائي ڇڏيو. ماڻهو هن کي ٿر جو سياستدان. سماجي اڳواڻ. ليکڪ ۽ انساني حقن جو اڳواڻ سميت ڪيترين ئي صورتن ۽ سڃاڻپن ۾ ڳڻڻ لڳاپر هن جي من ۾ اها ئي قلندري. اهائي فقيري جيڪا ڳوٺان کڻي آيو هو. ، هن پورو ڍوءُ نه هوندي به ڍول رکيا. هن جو هر ٻول اُڪنڍ ۽ اُڪير سان ٻريو. آدرش اخلاق ۽ انسانيت کي ڪڏهن پيٽ جي تنور ۾ جلائي رک نه ڪيا ئين. جڳن جا دراوڙ هن جي دل ۾ هئا ته چندر ونسي سوڍن ۾ هن جو ساه پساه هو. سورج جي پوجا ڪندڙن جا هن وٽ پار پتا هئا ته بڙ يا پپر جي ٿڙ وٽ ڏيئا جلائيندڙن جي جيون ڪٿا هئي. هن وٽ ڪڏهن نا اُميدي نه هئي اُمنگن جا جهولا هئا. آسن جا موتي هئا چانڊوڪي سان هن جي چاهت هئي. چنڊ پويان هن چارا ڳوليا، پر اوڻٽيهين اونداهي ۾ به ستارن کان سهارو ورتو. لکڻو هجي يا اسٽيج تي بيهي ڳالهائڻو. لفظ ته هن وٽ پکيڙن جيان پرڙا ڦڙڪائيندا ايندا هئا روح جي مٺڙي موسيقي سان ٻڌندڙن ۽ پڙهندڙن جي ساه جي ستار کي تڙپائي ڇڏيندو هو. مٺي جو فقير منفرد مقرر هيو. مٺي ۾ هن جي دل جڏهن اداس ٿي پوندي هئي. ته بيڪس جي ڪافي من جو بار اتارڻ جي لاءِ ڳائيندو هو ته؛ ڪاڪ ڪماڻي، ويل وهاڻي، ڀينگ ٿيا سڀ ڀاڻا، وري موٽي آءٌ راڻا. پر اڃان دل ۾ راحت نه آئي ته هو نهٽي هليو ويندو هو يا ننگرپارڪر، ننگرپارڪر ۾ هن جي لاءِ ڪارونجهر. دلبر کوسو. الهرکيو کوسو، پانڌي کوسو. رستم کوسو. ڊاڪٽر نوبت خان ۽ نهٽي ۾ وري مهر راڻي ۽ لاکي ڦلاڻي جو ماڳ. جکري جي واري ساري وارا ڀڙا، نون ڀائر، اباڻو پڊ ۽ جيون جي پهرين پهرن جون سارون سنڀارون. ننگرپارڪر ۾ دلبر جي وڇوڙي هن جو وجود ڄڻ وڍجي ويو هو. نهٽي ۾ نون ڀائرن جي ناراضگي تي من ملول ٿي پيو هو، دلبر جي تڏي تي هن پاڻ کي گهڻو ميڙڻ جي ڪئي پر روح اڌ رات جو روئي پوندو هو ته “دلبر بنان دانهن. ڪنهن کي ڏيان ڪارونجهر “ڪارونجهر کي هن پهريون دفعو ۱۹۹۴ ۾ ڏٺو. هن کان ڇرڪ نڪري ويو هو. ايڏو سهڻو. . . . . .!؟ ڪارونجهر هن جي لاءِ ديوتا هو. ديومالائي پهاڙجي پوڄا ڪري پوءِ دلبر سان رهاڻ اچي ڪندو هو. دلبر جي وڇوڙي تي هن زندگي جو پهريون بيت چيو. پوءِ ڪوتا سرجي سگهيو يا نه پر. نثر ۾ نوان رنگ کڻي آيو. مضمون. اخباري ڪالم واه جا لکيا. جنهن ۾ نه صرف پنهنجو چٽو موقف لکيو، پر ٻولي به ڄڻ ٻاٻيهي کان چورائي ڪم آندي. مٺي جي ڪرشن شرما سان پهرين ايڇ آر سي پي ۾ سرگرم ٿي رهيو. پر هن جي تنظيم ڪاري ۾ به ٻانهن ٻيلي بڻيل رهيو. ڪرشن سان گڏجي هفتيوار ٿرپارڪر اخبار پڻ ڪڍي. زندگي ۾رس ڪس ڪيترا به کاڌا پر دوستن جي گلا ڪڏهن به نه ڪئي. شهرت هن جي پيرن کي چميو. تڏهن به هن گمنامي واري زندگي جي ساٿين سان ڪڏهن لاتعلقي نه ڪئي. هر ڪنهن جا ڀلايون ڀيرا وڏي واڪي ڳاتا. پر پنهنجو هڪڙو قدم به ٿوري طور نه ڳڻايو. سياسي طور سنڌ نيشنل فرنٽ ۾ فرنٽ جي جڙڻ واري پهرين ڏينهن شامل ٿيو، سالن سال گذري ويا. ٻي هنڌ لوڻو ڦيري به نه ڏٺائين. سياسي سرواڻ صوبي جي وڏي انتظامي ڪرسي جو نگران دور ۾ مالڪ بڻيو. تڏهن ضلعي جي ٻڌي ڇوڙي هن جي حوالي. پر هن فقير ڪا آڪڙائپ اختيار جي بدران اڳيئين کان به وڌ نوڙت ڌاري. انهي دور ۾ به هن ماڻهو ميڙيا. مال ميڙي اميري جو گس وٺڻ جو ڄڻ ته هن قسم کڻي ڇڏيو هو. سڄي زندگي پنهنجي قداور هاٺي، چانپونئي ڏاڙهي اڇي وڳي ۽ اهڙي اڇي پٽڪي سان لاکيڻي لوڏ ڪري جتي ڪٿي امن ۽ انسانيت جا گيت ڳائي چوندو رهيو ته جيڪو ماڻهو سان محبت نٿو ڪري اهو زندگي جي عظيم گنهگارن مان آهي. (ڀارومل امراڻي جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۹ مئي ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)
مسڪين جهان خان کوسو ٿر جو سچو سماجي خدمتڪار ڀارومل امراڻي سنڌي ادب ۾ اهڙو ڪو ناول نگار نه آهي، جيڪو هالينڊ جي عظيم مصور ونسينٽ وان گوگ جي زندگي تي ارونگ اسٽون جي لکيل ناول ‘اُڃ’ جهڙو ‘مسڪين جهان خان’ تي ناول لکي. مسڪين جهان خان پورهيتن، مزدورن، ڪولهين، ڪڙمين کي چوندو ته: “غربت ۾ انسان جو شعور ڪڏهن مرندو نه آهي، پر ضمير وڌيڪ ڦڙت بڻبو آهي ۽ هن جي روح کي وسعت عطا ٿيندي آهي. اسان کي غربت جو مقابلو کليل دل سان ڪرڻ گهرجي.” مسڪين، ٿر ۾ هڪ ‘اسڪول آف ٿاٽ’ جو نالو آهي. مسڪين، غريبي ۾ گذاريو هو. خلق جي خدمت عبادت سمجهندو هو. اڄ ڏينهن تائين مسڪين جي ڪم ڪو جانشين پيدا ٿي نه سگهيو آهي. مسڪين جي ٿر سان مارئي جهڙي محبت هئي. مسڪين، ٿر جي ڏڪار بابت انگن اکرن سان ڳالهائيندو هو. هو ٻڌائي سگهندو هو ته ٿر جي ڪهڙي ڳوٺ ۾ ڪيترا گهر آهن. ڪيترو چوپايو مال آهي. ڪيترا ماڻهو ڏڪار ۾ متاثر ٿيا آهن. ٿر جي سياست، سماجيات ۽ اقتصاديات تي بهتر نموني ڳالهائي ويندو هو. هن نه صرف فلاحي ڪمن تي توجهه ڏني پر هن جي اندر جي آرزو هئي ته نظام تبديل ٿئي. سياسي ورڪر به هو. انسان دوست ۽ نظرياتي سياستدانن سان گڏجي سياست ڪئي. هن پاليسيون ٺاهيندڙ ادارن تي پريشر پيدا ڪرڻ جي لاءِ ايڊووڪيسي ڪئي. اخبارن ۾ ايڊيٽوريل لکرايا. مسڪين وٽ رضاڪار دوست هوندا هئا، پر پهرين پاڻ پوليس جي نوڪري ڇڏي اڪيلو نڪتو هو. پوءِ قافلا ٺهندا ويا. ڪنهن سان ظلم ٿيندو هو. اتي مسڪين پهچي ويندو هو. هن هيومن رائٽس جي ورڪر جو ڪردار ادا ڪيو. مسڪين جي نوڪري ڇڏڻ جو واقعو به غريبن سان ظلم ٿيڻ جي واقعي سان جڙيل آهي. مٺيءَ ٿاڻي تي ڏڪار ورهيه ۾ ننگرپاڪر کان بئراج ويندڙ ڪولهين جي قافلي کان رشوت گهري ويئي، غريب ماڻهو پئسا ڏين ڪٿان؟ هجن ته ڏين! ٻيو ڏين به ڇا جا؟ پئسا نه ڏيڻ تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو. مسڪين جهان خان ان ٿاڻي تي سپاهي هو، جيئن مسڪين کي پتو پيو ته غريبن سان اچي مليو. حال حقيقت معلوم ڪري پنهنجي اعليٰ آفيسر کي احتجاجن پوليس جي نوڪري وارو ‘پٽو’ ۽ بندوق واپس ڏيئي نوڪري کي الوداع ڪيو. محمد بخش مجنون مسڪين جي نوڪري ڇڏڻ جو سال ۱۹۳۷ع لکي ٿو. جڏهن ته وليرام ولڀ پنهنجي هڪ ليک ۾ ۱۹۳۵ع ڄاڻائي ٿو. اهو ڏينهن تڏهوڪو ڏينهن مسڪين غريبن جي حقن جي لاءِ نڪري پيو. ڪڏهن ننگرپارڪر جا وانڊيا ته ڪڏهن ميرپورخاص جي عثمانيه هوٽل، ته ڪڏهن حيدرآباد ۾ اخباري دفتر. مسڪين جيترا ڪنهن پنڌ به نه ڪيا هوندا، مسڪين ڪڏهن اڃ ۽ بک جي پرواهه نه ڪئي. مسڪين ڳوٺان نڪرندو هو ته ڏينهن جا ڏينهن ٿي وينداهئا مسڪين واپس نه ورندو هو. گهر وارا مسڪين جي منهن جي لاءِ سڪندا هئا! ڳوٺ ۾ ڪو مرڻو پرڻو ٿيندو هو، مسڪين جي ڪنن ڪٿان سڌ پئي ته پوءِ اچي حاضر ٿيندو هو نه ته ٿيو مڙئي خير. غريبن جي مسئلن جي حل جي لاءِ مظاهرا ڪندو هو. ‘مفت اسٽامپ وينڊر’ بڻجي درخواستون لکي گڏجي وڃي ڏيندو هو. مسڪين، ٿر جي ڪيترن ماڻهن کي روزگار تي به لڳايو. ماڻهن کي هِتان هُتان ڪري معاشي مدد به ڪئي پر هي سڀ لڪيل خيرات هوندي هئي. هن ڪڏهن پنهنجي ڪم کي اشتهار نه بڻايو. هن ڪڏهن ‘ڊالر’ ۽ ‘ڊونر’، ‘پروجيڪٽ پروپوزل’ جي ٻولي نه ٻولي. هن وٽ ماڻهن جي خدمت ڪرڻ جو اٿاهه جذبو هو. جنهن جذبي تحت هن رضاڪار ٿر جي سچي خدمت ڪئي. مسڪين جهان خان جي ان پورهئي جي ڪري جديد سنڌي شاعريءَ جي وڏي نانءُ شيخ اياز پنهنجي آتم ڪهاڻي ‘ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر’ ۾ لکيو آهي ته: “مون کي مسڪين ڏسي يڪدم حافظ جو هي شعر ياد اچي ويو: خاڪساران جهان را به حقارت منگر توچه داني که دراين خاک سُواري باشد (جهان جي خاڪسارن کي حقارت سان نه ڏس، تون ڇا ڄاڻين ته متان ان خاڪ ۾ ڪوئي سوار هجي ) لفظ ‘جهان’ جي بدران جيڪڏهن حافظ ‘جهان خان’ شعر ۾ لفظ وجهي ها ته شعر جو وزن ته ضرور ڪري ها پر ان جي معنيٰ ڳري ٿي وڃي ها. مسڪين جهان خان کوسي ۾ انڪساري، خودداري، هڪ ظلم تي ٻڌل ڪامورڪي نظام لاءِ بي انتها نفرت ۽ پنهنجي مظلوم عوام لاءِ بيحد محبت هئي، مجنون کان بهتر هُن تي ڪير ٿو لکي سگهي!مسڪين جهان خان ست درجا سنڌي پڙهيل هو، هو خود مصنف نه هو ۽ هن جي سوانح حيات هڪ مختيارڪار محمد بخش مجنون پنهنجي مخصوص انداز ۾ لکي آهي. پر مسڪين جي نسبت به فقط ‘خاڪ ’ سان نه هئي، پر ‘عالم پاڪ’ سان به هئي، جي انسان ذات جي بي لوث خدمت، رنگ، نسل، قوميت ۽ مذهب جو خيال نه رکي ڪئي وڃي ۽ ماڻهو سان دک درد بنان ڪنهن غرض يا مطلب جي ورهايو وڃي ته ان کان بهتر عبادت ٻي نه آهي ۽ انسانيت لاءِ احترام کان وڌيڪ ٻي وڏي عظمت جي نشاني نه آهي. بين القوامي سطح تي البرٽ شوائيٽرز ۽ قومي سطح تي مسڪين اهڙا ماڻهو آهن. جن جي زندگيءَ جي لاءِ لانگ مارچ مائوءَ کان بنهه مختلف آهي. انهن ڪنهن کي دک نه ڏنو آهي. فقط سٺو آهي.” شيخ اياز پنهنجي دل جي گهرائي سان مسڪين کي ڀيٽا ڏني آهي. مسڪين تمام وڏو ماڻهو هو. سچا شاعر پنهنجي عظيم ماڻهن کي ائين ڀيٽا ڏيندا آهن. ۽ اهو سچ آهي محمد بخش مجنون کان ڪوئي بهتر هن وقت تائين مسڪين تي لکي نه سگهيو آهي. ۸ آگسٽ ۱۹۶۷ع تي حيدرآباد ۾ مولانا غلام محمد گرامي جي صدارت ۾ مسڪين سان يادگار شام ملهائي ويئي. ان موقعي تي محمد بخش مجنون جي ڪتاب جي مهورت ٿي. ڪتاب تي تمام تعريفي تبصرا آيا. اديبن کليل دل سان مسڪين کي ڀيٽا ڏني. محمد بخش مجنون جو لکيل ڪتاب ‘مسڪين جهان خان کوسو’ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ نصاب طور پڙهايو وڃي ٿو. مسڪين جي ڪردار تي سنڌ يونيورسٽيءَ کي نوجوانن کان پي ايڇ ڊي ڪرائڻ گهرجي. ٿر جي نوجوانن لطيف ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان ڪتاب جي تحفي ۾ ‘مسڪين جهان خان’ ڪتاب ڏيڻ جو رواج وڌو آهي. سچ ته ڏاڍو سٺو سنئوڻ آهي. ۱۹۸۰ع جي ڏهاڪي ۾ لکيل ڊاڪٽر محمد خان سميجي جي ناول ‘رت ريجالا سپرين’ جا ڪردار مسڪين جهان خان کوسو، سائين سچل جنجهي ۽ ٻيا ان وقت جا تبديلي پسند ڪردار آهن. هي ناول اڻ لڀ ٿي ويو آهي. ٻيهر ان جو ڇاپو اچي نه سگهيو آهي. ناليواري اديب، ناول نگار، ناٽڪ نويس، صحافي عثمان ڏيپلائي ڏڪارن ۾ مسڪين جي جدوجهد کي پنهنجي هڪ ناٽڪ ڏڪار ۾ بهتر انداز ۾ پيش ڪيو آهي. ڪتاب ‘ماڻهو ميگهه ملهار’ ۾ ناليواري دانشور عبدالواحد آريسر جو مسڪين تي لکيل خاڪو سڻئي ڦل جهڙي سهڻي نثر جو روپ آهي.مسڪين جهان خان کوسي ننگرپارڪر جي ڳوٺ سامي ويري جي رئيس بجرخان کوسي جي گهر ۾ ۹ جولاءِ ۱۹۰۹ع تي جنم ورتو. مسڪين جو شجرو ننڍي کنڊ جي مزاحمتي ڪردار شهيد شادي خان کوسي سان ملي ٿو، ميمڻ عبدالغفور سنڌي پنهنجي هڪ ليک ۾ لکيو آهي ته: “مسڪين جهان خان ولد رئيس بجار خان بن ميرحسن خان بن خانبهادر سردار خان بن شهيد شادي خان کوسو بلوچ”، ننگر جي سماجي اڳواڻ تاريخ جي ڄاڻو مانائتي الهه رکيي کوسي به ان شجري جي تصديق ڪندي چيو ته: “شادي خان انگريز سامراج سان لڙيو هو”. چارڻ ڪوين شادي خان جي سورهيائي ڳائيندي چيو آهي ته: اڙٻنگ عزت خان رو، شادي ونڪو شير. _ ڏونگر تون ڪئين ڏهڪڻو، تو ۾ رهي کوسو شادي خان. مسڪين، ٿر جي تاريخ ۽ لوڪ ادب جو به ڄاڻو هو. ٿر جي ڳوٺن، ڍاڻين ۽ وانڊين ۾ رهڻ دوران رات جو ڪچهري ۾ لوڪ ادب جي وکر جي سگهڙن، سياڻن سان ڏي وٺ به ٿيندي هئي. ٿر جي ڪولهي، ڀيل ۽ غريب لوڪن مسڪين تي لوڪ گيت سرجي ڳايا، اڄ به خوشي جي منڊپ ۾ مسڪين تي جڙيل گيت گونجن ٿا: مانري گهر آويو، مسڪين اوتاري، منگل هون گائون، جائون ٻلهاري. (منهنجي گهر مسڪين اوتاريءَ آيو آهي، آئون خوشي جا گيت ڳائي آجيان ڪري، هن تان ٻلهار وڃان) _ مانري آنگڻيئي مسڪين پڌاريو، هاٿان ري وادڙ ڪران ڇايا. (منهنجي اڱڻ مسڪين پڌاريو آهي، آئون هٿن سان بادل جهڙي ڇانو ڪريان) مانرا مسڪين ويرا مزماڻ رهو وانڊئي اجوڻي رات ڪران ٻيسي من ري بات، آج اماري ڏونگر ني ڏيکيو، روپي پاڇي روح پي سڪيو، ڪوئي راوت سور نهين سڻيو ڏيٺو نهين ڪو جگ ۾ ڏاتار امارو بڻيو ڇي تون آڌار. (اي منهنجا مسڪين ڀاءُ! تون مهمان بڻجي اڄوڪي رات منهنجي وانڊئي (ڳوٺ) ۾ اچي رهه، آئون تو سان ويهي من جون ڳالهيون ڪريان. (توکي ڏسي) اڄ مون پنهنجي ڏونگر ڏانهن نهاريو آهي. روپي کان پوءِ روح سڪي رهيو هو، ڪوئي بهادر سورهيه نه ٻڌو ، نه ئي جڳ ۾ ڪوئي ڏاتار ڏٺو، تون اسان جو آڌار بڻيو آهين) مسڪين تي لوڪ گيت ٻڌندي مون کي روسي لوڪ گيت ياد آيا، جيڪي اتان جي لوڪن لينن سان مخاطب ٿي چيا آهن.ننڍي کنڊ جي لوڪ ادب کي سهيڙيندڙ ديويندر ستيارٿي پنهنجي ڪتاب ‘ڌرتي گاتي هي’ ۾ ڏنا آهن. انهن مان هڪ گيت هتي ڏجي ٿو؛ تون ئي اهو پهريون شخص هئين، جنهن اسان کي انسان سڏيو. تو ئي اونداهه ۾ رهندڙ انسانن کي هن پرڪاش ۾ آندو. تو ئي اسان کي سپني مان جاڳايو مسڪين، ٿر بابت ننڍا ننڍا ليک پڻ لکيا. ٻين ليکڪن، اديبن ۽ صحافين کي ٿر بابت معلومات به ڏني. هن ٿر جي هڪ رهنما طور ڪم ڪيو. ٿر جي مسئلن بابت اخبارن کي خبرون پهچائيندو هو. ان دور ۾ رابطي جا ذريعا محدود هئا، پوسٽ تار يا روبرو پهچ ٿيندي هئي. مسڪين ۱۹۳۰ع کان ٿر بابت خبرن ۽ ليکن واريون اخبارون ۽ رسالا ميڙي رکيا.ٿر جي تروٽي پٽيلن پاران مسڪين جهان خان تي ڪوڙا ڪيس به داخل ٿيا. هر طرح تنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي، پر هُو جهڪي ڪيئن ٿو سگهي!؟ هن ڪارونجهر کان پختگي ورتي هئي. هڪ ڀيري مسڪين کي جيل ياترا به ڪرائي وئي، جنهن تي قائد ملت فاطمه جناح پنهنجي ذاتي وڪيل ذريعي هاءِ ڪورٽ مان ضمانت ڪرائي آزاد ڪرايو. ٿر جي نوجوان ليکڪ پرديپ ڀاناڻي پنهنجي هڪ ليک ‘مسڪين مظلومن جو آواز هو’ ۾ لکيو آهي ته: “مسڪين جي بي لوث خدمتن عيوض سنڌي ادبي سنگت ميرپور شاخ پاران کيس “مُحب سنڌ” جو لقب ڏنو ويو.” مسلسل پنڌ، اوجاڳن، بک ۽ اڃ جي پيڙائن ۾ هلندي مسڪين بيمار ٿي پيو. سول اسپتال ڄامشوري ۾ داخل ٿيو. پر بيحسي جي بارش ۾ ٻڏي ويل سماج مسڪين جي خاطر خواه سنڀال نه ڪئي. ۲۳ جولاءِ ۱۹۸۰ع تي ڪارونجهر جو هي عظيم ڪردار هن فاني دنيا کي الوداع ڪري ويو. چون ٿا ته مسڪين جو لاش ٻين مسڪينن وانگر ٻن ڏينهن تائين اسپتال جي سرد خاني ۾ پيل رهيو. منهنجون مسڪين جي سڪيلڌي پٽ بجار خان سان ننگرپارڪر ۾ پياري دوست ناشاد سمي، ساگر خاصخيلي ۽ سليم کوسي جي معرفت ڪافي ڪچهريون ٿيون. مسڪين جي وفات کان پوءِ بجارخان ڪوشش ڪري هر سال ورسي جو ڏهاڙو ملهائيندو هو. گوڙهيار ۾ سنڀومل هميراڻي جي ورسي ۾ بجار خان مليو، تڏهن طبيعت چاڪ نه هئي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ٻڌوسين ته مسڪين جيان بجارخان کي به مفلسي ريڙهي ويئي. پنڌ نه کٽو، پر پانڌيئڙو مارڳ ۾ موڪلائي ويو. مسڪين جي سماجي خدمتن عيوض يو ايس اي جي هڪ اداري پاران “گولڊن ڪارڊ آف اچيومينٽ” ايوارڊ ڏنو ويو، پر سندس پٽ بجار خان غربت سبب وٺڻ لاءِ وڃي نه سگهيو. سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي پاران ۲۰۱۵ع ۾ ننگرپارڪر جي هائير سيڪنڊري اسڪول جو نالو مسڪين جي سماجي خدمتن جي مڃتا طور منسوب ڪيو. مسڪين جهان خان کوسو سندس ايمانداري ۽ انسان دوستي محمد بخش ”مجنون“ بلوچ مسڪين جي امانت داريءَ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! هڪ سياري جي رات، ڀريءَ ننڊ ۾ ستو پيو هوس ته آڌيءَ رات جو گهر جو ٻاهريون دروازو کڙڪيو. وڃي ڏٺم ته مسڪين! چيائين؛ ”سڀاڻي ڳوٺ وڃان ٿو، سو موڪلائڻ آيو آهيان.“ دل ۾ چيم ته ”ٻيلي! تو ڪئي ته بنهه زورآوري! ناحق ننڊ مان اٿاري مون کي سرديءَ جي سڙهه تي کڻي چاڙهيو اٿيئي!“ پر منهن تي خواهه مخواهه جي مرڪ آڻي، پڇيومانس؛ ”ٻيو حڪم!“ چيائين؛ ”ٻيو سڀ خير!“ موڪلائي وري اچي گرم بستري ۾ پيس. پر ننڊ هڪ دفعو جا ڦٽي، سا نڌڻڪي ڪٿي ٿي ٻيهر سولائيءَ سان اچي! پاسا ورائيندي، اڃا اک مس لڳي هيم ته وري در تي ”دٻيڙ، دٻيڙ!“ جل تون جلال تون! هيءُ وري ٻيو ڪهڙو مسڪين؟! وڃي ڏسان ته ساڳيو سڄڻ سامهون! پڇيومانس؛ ”مسڪين! تو سان وري خير؟“ چيائين ته؛ ”هڪ امانت اوهان لاءِ ملي هيم. آئون صبح جو وڃان هليو ها ته امانت، مون وٽ رهجي وڃي ها. الله جو ڏوهاري ٿيان ها.“ مون هٿ ڊگهيڙي چيومانس ته؛ ”مون کي ڏي امانت!“ مشڪي چيائين: ”سانوڻ خان، اوهان لاءِ سلام ڏنا هئا، سي اوهان کي ڏيان ٿو. حاجي صاحب مون کي خدا ڪارڻ جو واسطو وڌو هو.“ هاڻي ڀلا حساب لڳايو، مسڪين جي امانت داريءَ جو!! هڪ دفعي هاءِ ڪورٽ جي شنوائي تان موٽندي مسڪين حيدرآباد ۾ هڪ رات ”هاري حقدار“ آفيس جي اڳيان ستل هو ته رات جو اٽڪل ٽين وڳي مهل ڀرسان هڪ ٻه ماڙ جڳهه ڪري پئي. جاءَ ڪرڻ جي زبردست ڌماڪي ۽ ان ۾ دٻيل ماڻهن جي چيخ و پڪار تي مسڪين جي اک کلي. ڀڄي وڃي بر وقت سر زمين تي پهتو. اوڏي مهل ڪرندڙ جڳهه ۾ ڪير ٿو وڃي؟ پر مسڪين پهريون ئي ماڻهو هو جوپنهنجي جان کي خطري ۾ وجهي گهڙي پيو جڳهه ۾ دٻجي ويل ۽ زخميل ماڻهن کي سهارو ڏئي ٻاهر ڪڍندو رهيو. زخمي ماڻهن کي ٻاهر ڪڍڻ کان پوءِ وري ڀر واري گهر مان ڪوڏر ۽ تغاري وٺي کوٽائي جي ڪم ۾ جنبي ويو. نهايت ئي چستي ۽ هوشياري سان ملبو هٽائيندو رهيو ته متان ڪو دٻيل زنده ماڻهو وڌيڪ ملبي ڪرڻ ڪري يا ڪوڏر لڳڻ ڪري وڌيڪ زخمي نه ٿي پوي. ملبي جي کوٽائي ۽ تغاري ۾ کڻي ٻاهر اڇلائڻ ۽ جڳهه ۾ پيل سامان ۽ ڪريل ڪاٺ جو ذور ذرو کڻي ٻاهر جدا رکڻ جو ڪم مسڪين اها باقي رات ۽ورندو سڄو ڏينهن ويندي سج لٿي تائين ڪيو. انهيءَ وچ ۾ کيس ماني پاڻي حرام. انهيءَ منحوس جڳهه جي هيٺان ۱۹ ماڻهو دٻجي مري ويا ۽ اڄ ڏينهن تائين اها کنڊ رات جي حالت ۾ پئي آهي، شايد ڪو به ان نڀاڳي هنڌ تي نئين اڏاوت ڪرڻ لاءِ خواهان ڪونهي. مسڪين ۽ ٻين کوٽيندڙن سان صبح جو اٽڪل ۹ بجي مهل پنج سئو کن سينٽرل جيل جا قيدي به اچي کوٽائي جي ڪم ۾ شامل ٿيا. مسڪين ڪم ڪندي مٽي ۾ ڀڀوت ٿي ويو هو ۽ سڃاڻپ کان پري هو، مگر مير رسول بخش خان جي عقابي نگاهن کيس انهيءَ حالت ۾ به سڃاڻي ورتو. ٻين به هزارين ماڻهن جون نظرون مسڪين ۾ کتل هيون جنهن نهايت ئي تيزي سان ۽ جوشيلي نموني دنيا و مافيه کان بي نياز ٿي پنهنجو ڪم پئي ڪيو. ايڏو ڪم ڪندي ڏسي، فرط جوش ۾ مير صاحب وڃي کيس ڀاڪر پاتو ۽ کيس چيائين ته فقط پنج منٽ ڪم بند ڪري ٻاهر نڪر. اوڏي مهل اتي ڪمشنر، ڪليڪٽر ۽ ٻيا هزارين آفيسر ۽ پبلڪ جا ماڻهو اچي ڪٺا ٿيا هئا. مير صاحب مسڪين کي انهيءَ ئي ڀڀوتي حالت ۾جڏهن ڪوڏر سندس ڪلهي تي ۽ تغاري هٿ ۾ هئي ڀاڪر پائي تعارف ڪرائيندي چيو ته هن شخص جي انسان ذات لاءِ محبت اوهين پنهنجي اکين سان ڏسي رهيا آهيون ۽ جنهن جوش خروش سان رات کان وٺي جيڪو هي ڪم ڪري رهيو آهي، اهو اوهان کي بخوبي معلوم آهي ۽ اوهان کي اهو ٻڌي عجب لڳندو ته هي اهو شخص آهي جنهن کي غنڊا ائڪٽ ۾ ٻه سال سخت پورهئي سان سزا ڏني وئي آهي. مسڪين جهان خان کوسو اياز علي لغاري ٿر جي تتل واري ۽ پارڪر جي پٿرن تي پيرين اگھاڙي انگريزن خلاف لڳاتار سورھن سالن تائين ڏڦن، ڀالن، ڪاترن، غليلن ۽ ٻين ھٿراڌو ھٿيارن سان ويڙھ ڪندڙ روپلي ڪولھي جي سرزمين ننگر پارڪر جو ھڪ وساريل ڪردار، جنھن جي اڄڪلھ جي نوجوانن ته ٺھيو پر گھڻن وڏن کي به شايد خبر ھجي، اھو آھي ”مسڪين“ جھان خان کوسو. ھي ڪو وڏو سردار، ڀوتار يا امير ته ھيو ڪونه جو تاريخ جي حوالن ۾ اچي. پر جي اسان ان کي وساريو، ڄڻ ته سنڌ جي ھن عظيم سماجي ڪارڪن سان ناانصافي ڪئيسين. مسڪين ۹ جولاءِ سن ۱۹۰۹ع تي ننگرپارڪر جي ھڪ ننڍڙي ڳوٺ سامي جي ويري ۾ پيدا ٿيو. سندس ڳوٺ جا اڪثر ماڻھو پوليس ۾ ايئن ڀرتي ٿيندا ھئا ڄڻ ته ڪو باقائدي رواج پيل ھجي. مسڪين کي به پوليس جي نوڪري ورثي ۾ ملي. پر ھي ٻين پوليس وارن کان گھڻو الڳ طبع ھوندو ھيو. ڳوٺ جي وڏيري سان جھيڙو ٿيڻ جي ڪري ھن پنھنجي نوڪري تان استعفيٰ ڏئي پنھنجي زندگيءَ کي ھڪ اھڙي ڪم لاءِ وقف ڪري ڇڏيو جنھن ۾ خودي خاڪ ۾ مليو وڃي ۽ ڌڻي طرفان ڀلائي جا ڀاڙا ملڻ شروع ٿيو وڃن. محمد بخش ”مجنون“ بلوچ، مسڪين جي سوانح لکندي سندس تعارف لاءِ جيڪو خاڪو پيش ڪيو آھي اھو ڪجھ ھن ريت آھي: ”ڪرڙوڍ، قد درميانو، جسم جو جانٺو، موڪري منھن تي سفيد سھڻي چاپنئي سونھاري اڇي جھڙي ٻُوھ، مٿو اڪثر اگھاڙو، سياري ۾ اڪثر ملن واري برقعي ٽائيپ ٽوپي يا ڪڏھن ڪڏھن گرمين ۾ کجي واري مولانا ڀاشاني ٽوپي، مليشا جا ڪپڙا سي به ميل ۾ ڪِچ، ھڪ دفعو پائڻ کانپوءِ سج کٽي يا ٻج کٽي، پاڻھيئي ڳري سڙي پنھنجي جان ڇڏائين ته واھ نه ته ٻيو ٿيو خير، ساڄي ڪلھي تي پٺارڪ ڪتابن ۽ اخبارن جي، کاٻي ڪڇ ۾ ٻه ٽي سير اخبارن جو پلندو، ان سان گڏ ٻاوري جو گيڏيو، ھٿ ۾ مس ڪپڙي، کڙيون ڀڄي سپاٽا ٿيل سليپرن سان کرت کرت ڪندو، مٽي جي اڻمئي کِھ اڏائيندو، ٿرين جا ولرن جا ولر پويان لايو ڪنھن آفيس ڏانھن واڪيندو ڪو ماڻھو ويندو ڏسو ته پڪ سمجھو ته اھو مسڪين جھان خان کوسو!“ مسڪين جي پنھنجي ٿر جي محبت جو اندازو ان مان لڳائي سگھجي ٿو ته ھو ٿر ۽ ٿرين کي سکيو ستابو ڏسڻ لاءِ سرڪار کان مختلف طريقن سان گھرون ڪندو رھندو ھو، ڪتاب ڇپرائي اختياري وارن ۽ اسيمبلي جي ميمبرن ۾ ورھائيندو، اخبارن ۾ ليک لکندو ۽ حڪومت کي پنھنجون تجويزون سدائين پيو موڪليندو ھو. پر مسڪين جي ھمٿ جا اصلي جوھر ته ٿر جي ڏڪار وارن ڏينھن ۾ ظاھر ٿيندا ھئا. جيئن ئي ٿر ۾ ڏڪار منھن ڪڍندو، مسڪين پنھنجو ھيڊڪوارٽر وڃي ميرپورخاص کي ٺاھيندو ھو، ڇو ته انھن ڏينھن ۾ سڄي ٿر جون ضلعي ۽انتظامي آفيسون ميرپورخاص ۾ ھونديون ھيون. اتان پاڻ پنھنجي مھمن جي شروعات ڪندو. سندس ھيڊڪوارٽر آفيس ته ھميشه سندس ڪڇ واري گبري ۾ ھوندي ھئي، جنھن ۾ سڄي سنڌ جون اخبارون، ڏڪار بابت مليل اطلاع، ڪجھ ڪتاب ۽ اڇا پنا ھوندا ھئا، لکڻ لاءِ مس ڪپڙي ۽ قلم سندس ھٿ ۾ ھوندا ھئا. شام جو ميرپورخاص ريلوي اسٽيشن جو در وڃي جھليندو ھو. جنھن به ٿري تي نظر پوندس، پاٻوھ منجھان ان سان ڀاڪر پائي ملندو، ان کان ٿر جا حال احوال وٺندو، رات جو ويھي انھن ڏڪار سٽيلن جون درخواستون لکندو، جنھن ۾ ٿرين جي لڏپلاڻ، فصل ۽ پاڻي جي اڻھوند، ٻارن جي بيمارين، موت، مال جي مرڻ جا احوال قلمبند ڪندو، ڏڪار دوران سرڪاري اناج جي ورھاست بابت آڏي پڇا ڪندو، ڪٿي ڪا گڙٻڙ معلوم ٿيس ته ان خلاف درخواستون لکندو، جيڪي واپاري ۽ دڪاندار ڏڪار جي مجبوري ۾ ماڻھن کي ڦريندا لٽيندا، انھن جا احوال ھٿ ڪري انھن خلاف شڪايتون لکندو، رات جي پيٽ ۾ مختلف اخبارن جي دفترن جا دورا ڪري، اھي خبرون سربستيون اخبارن ۾ ڇپرائيندو ھيو. مسڪين صبح جي شروعات به ريلوي اسٽيشن کان ڪندو، جيئن ئي اسٽيشن تي پھچندو ته پليٽفارم تي ۽ آس پاس جي ھوٽلن تي غريبن، ڏتڙيلن جا انبوھ سندس انتظار ۾ ويٺا ھوندا ھئا جيڪي چقمق وانگر ڏانھنس ڇڪبا ايندا ۽ جلوس جي صورت ۾ سندس پويان پويان ھلڻ شروع ڪندا ۽ ويندا سڌو ڪليڪٽر جي آفيس. جتي مسڪين مسڪينن لاءِ مفت درخواستون لکڻ ۽ انھن جي پيروي ڪري، ڪامورن کان ڪارروايون ڪرائي، کين اناج جون پرمٽون وٺرائي ڏيندو، پوءِ نوجوانن جي ولر کي ساڻ ڪري، مختلف آفيسن جا چڪر لڳائيندو ۽ آفيسرن، بيوروڪريٽن ۽ ڪامورن کي منٿ ميڙ ڪندو ته من ڪنھن جوان کي ڪا ڪچي پڪي بيلداري، مقدمي، ٽنڊيلي يا چوڪيداري جھڙي نوڪري ملي پوي. انھن خفن کان جيڪڏھن جھٽ به فرصت مليس ته سڄي شھر جي ميڊيڪل اسٽورن تي وڃي پڄندو ۽ انھن کان ڏڪار سٽيل ٿرين جي لاءِ مفت دوائن جي صدا ھڻندو. ميڊيڪل اسٽورن وارا به سندس سچائي ۽ ايمانداري جا شاھد ٿي ڪري نه فقط ڪيتريون ئي دوائون کيس مفت ۾ ڏيندا، پر وقت ڪڍي انھن جي استعمال جا طريقا به کيس ٻڌائيندا، جيڪي اچي ھو ٿرين ۾ ورھائيندو. ڪجھ عرصو پوليس ۾ نوڪري ڪرڻ جي ڪري ڪيترن ئي پوليس وارن ۽ ڪامورن سان واسطا ھئس، غريب ٿرين جو ھڏڏوکي بڻجڻ خاطر انھن واسطن جو ڀرپور فائدو وٺندو ھو. ڪنھن غريب جي چوري چڪاري ٿيندي ته يڪدم اتي پھچندو، پوليس ۽ ٻين عملدارن جي مدد سان چوريون واپس ورائيندو ھيو. جيڪڏھن کيس ٿرين جو والي وارث چئجي ته ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو. ڪن حاسدن کيس عوام جي خادم بدران ڪولھين جو خادم چوڻ کان به ڪين ڪيٻايو، پر ان ۾ عيب به ڪھڙو؟ مسڪين ٿر جي جنھن علائقي ۾ ڄائو نپنو ان علائقي ۾ آھن ئي اسي سيڪڙو ڪولھي ته پوءِ انھن جي خدمت ڪرڻ ۾ ڪو عيب سُجھي؟ گھران نڪرندو ته مھينن جا مھينا واپس ڪو نه ورندو. غريبن جي خدمت مان فرصت ملي ته پنھنجي ذات ڏانھن ڏسي. ھن پنھنجي عمر جا اٽڪل ٽيتاليھ ورھيه انسانذات جي جيڪا خدمت ڪئي سا ڳڻڻ ۽ لکڻ کان وڌيڪ آھي. ۲۳ جولاءِ سن ۱۹۸۰ع تي نھايت مسڪيني جي حالت ۾ مسڪين جھان خان ھن فاني جھان کان، جنھن دردناڪ حالت ۾ موڪلاڻي ڪئي، اھا لکندي منھنجا ھٿ ڏڪن ٿا. اياز علي لغاري ولد استاد لغاري، ڇپيل روزاني عبرت، هلال پاڪستان، سوڀ، جيجل ۽ مهراڻ ۾، اڱارو بتاريخ ۲۳ جولاء ۲۰۱۹ع تي، ليکڪ جي فيس بڪ وال تان کنيل.) مسڪين جهان خان کوسو [ ۱۹۰۹ع – ۱۹۸۰ع ] ميمڻ عبدالغفور سنڌي مارئيءَ جي ملڪ ”ٿر“ لاءِ محبت رکندڙ ۽ حب الوطنيءَ جو عديم النظير دنيا آڏو مثال پيش ڪندڙ، مسڪين جهان خان ولد بجار خان بن رئيس مير حسن خان (رئيس مير حسن، سنڌ پوليس ۾ انسپيڪٽر جي عهدي تي فائز هو؛ ۽ لاڙڪاڻي ۾ (۱۸۲۱ع ۾) شهيد ٿيو هو. [مسڪين جهان خان کوسو؛ محمد بخش ”مجنون“، ۱۹۶۷ع، صفحو ۲۸].) بن خانبهادر سردار خان بن شهيد شادي خان کوسو بلوچ، (بلوچن ۾ ”کوسا“ مشهور ذات ليکجي ٿي. هو سنڌ ۾ ڪلهوڙن سان گڏجي آيا هئا. وڏا جنگجو ۽ بهادر سڏجن ٿا. ڪلهوڙن جي زوال بعد (۱۸۷۲ع ۾) سنڌ ڇڏي مارواڙ ۽ ڪڇ جي صحرائي حصن ۾ ٺڪاڻا ٺاهي رهڻ لڳا. تتيءَ ٿڌيءَ جا عادي ۽ بهادريءَ جا بهترين جوهر ڏيکاريندي، ٿر ۾ پنهنجو ناماچار ڪڍيائون. ڏسو؛ Memoirs on the Thar & Parker -Capt: Stanley Napier Raikes: ۱۸۵۶, P.P۶۸) هڪ عظيم انسان ٿي گذريو آهي. سندس ولادت ۱۲ صفرالمظفر ۱۳۳۸هه مطابق ۹ جولاءِ ۱۹۰۹ع تي ننگرپارڪر ۾ ٿي هئي. ننڍپڻ کان ئي رحمدل، سلڇڻو ۽ ماٺيڻي طبيعت جو مالڪ هو. ”کوسا“ ۽ ”مسڪين“! سچ پچ ته متضاد صفتون آهن، ڇاڪاڻ جو کوسا، حالانڪ پئسي پنجڙ ۾ مسڪين (غريب) به ڇو نه هجن، بلڪ طبيعت ۾ هو مسڪين ٿي هرگز نٿا سگهن!! کوسا، کٽل ته به ”خان“ جي ڏک ڏيندا. پير ۾ جتي نه به هوندن، تاهم به جوش ۾ سيٽيل ضرور نظر ايندا. سندن گهر ۾ ڀل چار ڏينهن دانگي نه به چڙهي، مگر سندن ٻاهر ڳالهائڻ جو انداز اميراڻو پيو معلوم ٿيندو. وات جي کڙڪي ۾ هو اهڙا ته کرا آهن، جو اڳلو کين ائين سمجهندو، ته ”مڙسن جو شايد لک تي مٿو ٿو ڌوپي!!!“ مطلب ته کوسن جي ٻاهرين بناوت اهڙي ته ڀرجهلي ڏسڻ ۾ ايندي آهي، جو سندن اندر کوکلي هجڻ جي هوند کڙڪ به محسوس ڪري نه سگهبي آهي. مگر هت ته قصوئي انهيءَ جي برعڪس آهي، ته جهان خان جهڙو جوڌو جوان؛ جنهن کي پوليس جي ملازمت به ورثي ۾ مليل هجي، تنهن جي طبيعت ۾ ايتري قدر ته حسين امتزاج موجود ملي، جو سندس سيرت، بلوچن جو ناز بڻجي پوي. خدا ڄاڻي ڪهڙي اچي دل ۾ پيس؛ جنهن کان پاڻ کي ئي جوانيءَ ۾ ئي ”مسڪين“ سڏائڻ لڳو. ”مسڪين“، ۱۹۳۷ع کان ملازمت ترڪ ڪرڻ بعد، غريبن جي خدمت لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو هو. ايتري تائين جو مهينن جا مهينا مسڪينن جي مدد لاءِ گهر کان ٻاهر رهيو. پوءِ ڀل ٻچا پيا سندس صورت لاءِ ترسن. سندس گهر موٽڻ جو سبب، مٽ مائٽ جو موت يا زوري غريبن جي گهيري مان کنڀي کڻي اچڻ هوندو هو. ورنه پاڻمرادو موٽڻ مشڪل هوس. پڇاڙيءَ ۾ هڪ ڊگهي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي پيو؛ جنهن ڪري ۹ رمضان المبارڪ ۱۴۰۰هه مطابق ۲۳ جولاءِ ۱۹۸۰ع تي وفات ڪيائين. اڪثر هٿ ۾ گيڏيو (ٿري لڪڻ) هوندو هوس. مليشيا جو لباس سندس جسم جي سونهن سمجهبو هو. وٽس ”سماجڪ سڌار جذبو“ پڇاڙيءَ تائين قائم رهيو. پٺ پڌري اٿس. کيس زندگيءَ ۾ ته سک نصيب نه ٿيو، پر مرڻ وقت به سندس ڪو اوهي واهي نه ٿيو. ڄامشوري اسپتال ۾ (وارڊ ۶) لاوارثن جيان باقي حياتيءَ جا سج ڳڻيندي، آخري ۷۰ سالن جي عمر ۾ ”مسڪين“ موڪلايو. اها ڪيڏي نه قومي بي حسي آهي، جو برابر ٻه ڏينهن سندس لاش اسپتال جي سرد خاني ۾ پيو رهيو. آخر ڊاڪٽرن جي ذاتي دلچسپي، ٿرپارڪر جي انتظاميه تائين پهچائي، کيس سپرد خاڪ ڪرايو ويو. وٽس ورثي ۾ ۱۹۳۰ع کان روزانه اخبارن جا مڪمل فائيل رکيل آهن. کيس ”ٿرپارڪر جي گشتي تاريخ“ سڏجي ته بيجاءِ نه ٿيندو. دنيا ۾ ڪيترا ئي قومي ڪارڪن، سوشل ۽ پبلڪ ورڪر ٿي گذريا آهن، مگر مسڪين کوسي جهڙا جذباتي ۽ جنون رکندڙ ورلي لڀندا. مسڪين، هڪ اعليٰ ۽ بهادر بلوچ خاندان جو چشم چراغ هو. ميراڻي دور ۾ سنڌ ۽ مارواڙ جي هڪ وڏي حصي تي کين حڪومت حاصل هئي. مسڪين کوسي جي ٿر لاءِ محبت انهيءَ اعليٰ ۽ ارفع دائري ۾ داخل ٿي چڪي هئي؛ جنهن ۾ مارئيءَ جو بي چين ۽ ڀٽڪيل روح ورهين کان وٺي ٿر جي ڀيانڪ ڀٽن جو واس وٺندو رهيو آهي. انهيءَ عفت ماب ۽ اعليٰ ڪردار، غيرتمند مارئيءَ جي روح کي يقياً تسڪين ڏني هوندي؛ جنهن سندس حب الوطنيءَ جي جذبي کي زنده جاويد رکڻ لاءِ ”مسڪين“ جهڙو مرد مجاهد، سندس ئي ڏاڏهي ڏيهه ۾ پاڻ پتوڙيو هو. انهن ئي نيڪين عيوض کيس ”ٿر جو گانڌي“ به سڏيندا هئا. ٿر ۾ رهندڙ اقليتي فرقا ته کيس ”پير“ ڪري سمجهندا هئا. مسڪين جهان خان کوسو الله جڙيو شاد/جهڏو روپلي ڪولهيءَ جي ننگر پارڪر جي ڌرتيءَ جي هڪ ڳوٺ ۾ پيدا ٿيندڙ جهان خان کوسو جو شمار عظيم سماجي ڪارڪنن ۾ ٿئي ٿو. سندس وڏڙا پوليس جي نوڪري ڪندا هئا ۽ پاڻ به ۱۸ سالن جي عمر ۾ پوليس کاتي ۾ ڀرتي ٿيو پر جلدي ئي ڳوٺ جي وڏيري سان وڙهي پيو ۽ نوڪريءَ کي خير باد چئي، اچي غريبن جي ڪمن کي لڳو. بعد ۾ پاڻ کي جهان خان مان مسڪين جهان خان کوسو سڏائڻ لڳو. مسڪين جهان خان اڪيلو هو ۽ اڪيلي ئي ڪشالا ڪاٽيائين. ان ۾ سندس عظمت ان ڪري به آهي، ته مسڪين کي ڪوڙا ڏَٽا ڏيئي، غريب ٿرين کان ووٽ وٺي ويندڙن تي ڀروسو ڪونه هو. ساڳئي وقت مسڪين ووٽ وٺي خدمت ڪرڻ واري راهه کي غلط سمجهيو. ڇاڪاڻ ته هن جي اکين اهڙا تجربا ڏٺا هئا، ته اختيار اچي وڃڻ سان نيت بدلجيو وڃي. انڪري هن ٻي ڪا واٽ نه ڏسي ٿر واسين جي خدمت جو بار پنهنجي ڪلهن تي کنيو ۽ هن ۴۵ سال انسانذات جي خدمت ڪئي. مسڪين جهان خان کي تَر جي وڏيرن غُنڊا ائڪٽ تحت جيل اُماڻي ڇڏيو ۽ بنا ڪنهن سبب جي هن کي ٻه سال سزا آئي ۽ هن هڪ سال سزا ڪاٽي آزادي ماڻي. مسڪين جهان خان کوسو ٿري هو، سندس رَڳ رَڳ ۾ ٿر رچيل هو، سندس جيئڻ به ٿر لاءِ ۽ مرڻ به ٿر لاءِ هو. مسڪين جهان خان کوسو ڄڻ ته ٿر پارڪر جي گشتي تاريخ هو. هن سڄي حياتي ٿري ماروئڙن جا مسئلا نبيرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو ۽ پوري زندگي ٿرين لاءِ وقف ڪري ڇڏيائين. مسڪين جي ٿر لاءِ محبت جي اها انتها هئي، جو هو پنهنجي ههڙي برپٽ بيابان کي به جنت سمجهندو هو. ٿر ۾ ڪابه مصيبت آئي، ڏُڪار آيو يا ڪا بيماري وغيره منهن ڪڍيو، ته مسڪين جو سُک ڦِٽي ويندو ۽ ٿرين جي مصيبت کان آگاهه ڪرڻ لاءِ اختيارين کي ننڊ مان اٿارڻ لاءِ پيو ڪوششون ڪندو هو. مسڪين جهان خان کي آمريڪا جي هڪ اداري طرفان سماجي خدمتن جي حوالي سان عالمي مڃتا طور انعام پڻ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جيڪو سندس پٽ جي معاشي حالت ڪمزور هئڻ سبب ملي نه سگهيو. مسڪين جهان خان جي زندگيءَ تي هڪ ڪتاب پڻ ڇپرايو ويو آهي. آخري ڏينهن ۾ لاڳيتو بيماريءَ سبب هو ذهني توازن وڃائي ويٺو هو ۽ ڪنهن کي به ڪونه سڃاڻندو هو ۽ بيماريءَ سبب تمام گهڻو ڪمزور ٿي ويو هو، پر هي ظالم زمانو مسڪين کي بچائي ڪو نه سگهيو ۽ تڙپي تڙپي هو ۲۳ جولاءِ ۱۹۸۰ع ۾ سول اسپتال ڄامشوري ۾ اسان سڀني کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويو. مسڪين جهان خان کوسو ٿر جو امر ڪردار مير نادر علي ابڙو ٿر جو نالو وٺڻ سان ذهن جي آغوش تي پراڻي يادن جي ڊائري جا ورق ڪنهن ماضي وانگي اچي بيهي رهندا آهن ۽ مون کي اياز جون اهي سٽون ياد پونديون آهن ته: جت لڪ لڳي جتي اڪ پچن، سو ديس مسافر منهنجو ڙي! اڄ ۲۳ جولاءِ انهي ٿر ڄائي ڪارونجهر جي رکوالي مسڪين جهان خان کوسي جي ورسي جو ڏينهن آهي پر اسان سڀ معاشرتي تنگ نظري سبب کيس وساري ويٺا آهيون، ڪنهن کي ياد ڪونهي، ته ڪو اڄ ۲۳ جولاءِ تي مسڪين جهان خان کوسي جي ورسي آهي ۽ نه وري منهنجي ناليج تائين اهڙو ڪو سنڌ ۾ ڪٿي پروگرام رکيو ويو آهي، اها اسان جي ڪيڏي بدنصيبي آهي، جو اسان پنهنجي محسن کي وساريندي پراڻيون روايتون ڇڏيندي رڳو مفادن جي جنگ پويان پيل آهيون. مون کي ياد پوي ٿو ته جڏهن منهنجو والد ڪامريد تاج محمد ابڙو ميرپورخاص ضلعي جو ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج هو، ته انهي وقت مٺي ۽ عمرڪوٽ ضلعا ميرپورخاص سان سلهاڙيل هئا. ميرپورخاص ۾ رهندي والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو واتان خبر پيم، ته هن علائقي جو هڪ وڏو سماج سڌارڪ آهي جيڪو پاڻ کي مسڪين ٿو سڏائي. منهنجي والد مسڪين جهان خان کوسي جي حوالي سان کوڙ ساريون ڳالهيون ٻڌايون جنهن کي ٻڌڻ بعد دل ۾ خيال آيو ته مسڪين جهان خان کوسي سان ضرور ملبو. انهي نيت هيٺ ميرپورخاص ريلوي اسٽيشن لڳ موجود عثمانيه مسافر خانو جتي ٻڌو هيم ته مسڪين جهان خان کوسو رهندو آهي اتي وڃڻ ٿيو، بعد ۾ خبر پئي ته پاڻ ننگر پارڪر ڏي ويل آهن. هوٽل تي ويٺل هڪ پيرسن سان مسڪين جهان خان کوسي جي حوالي سان حال احوال اورياسين ته هن هڪ کٽ ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته اها کٽ مسڪين جهان خان کوسي جي حوالي ٿيل آهي. پاڻ سڄو ڏينهن اتي آرام ڪندا آهن ۽ وٽن ٿر مان لا تعداد ٿريا ڪم لاءِ ايندا آهن. پاڻ بغير ڪنهن لوڀ لالچ جي آفيسن ۾ وڃي انهن جا ڪم ڪرائي ڏيندو آهي. هن پيرسن ٻڌايو ته سندس سماجي خدمتن جي سبب هوٽل مالڪ مسواڙ به ناهي وٺندو. تنهن بعد بابا سائين جي ميرپورخاص مان بدلي ٿيڻ ڪارڻ مسڪين جهان خان کوسي ساڻ ملاقات جو خواب اڌورو رهيو پر سندس شخصيت جي حوالي سان جيڪي ڪجهه ٻڌو، تنهن کي ٻڌڻ بعد ذهن چڪرائجي ويو، دل ۾ اهو خيال آيو ته ڪو ٿر جهڙي پٺتي پيل وارياسي علائقي مان سنڌ جي ايڏي سڄي تاريخ ساز شخصيت به جنم وٺي سگهي ٿي. جيڪر ٿر مان مسڪين جهان خان کوسي جو نالو ۽ ڪارونجهر جو پرچار ڪٽجي ته ٿر ۾ باقي ڇا وڃي رهندو. مسڪين جهان خان کوسو بنيادي طور فقير صفت انسان هو، هن ٿرين جي هر قسم جي سار لڌي انهيءَ وقت ۾ جڏهن ٿر جي اندر پٽيل راڄ جو داٻو هو، مسڪين جهان خان کوسي کان غريبن جي حالت ڏٺي نه ٿيندي هئي هو انهن جي اکين ۾ آيل ڳوڙهن کي برداشت نه ڪري سگهندو هو، اهو ئي سبب هو جو جڏهن ٿر ۾ ڀيانڪ ڏڪار آيو ۽ ٿريا ماني ڳڀي لاءِ پريشان هئا، ته انهي وقت ۾ مسڪين جهان خان کوسي پنهنجا سمورا غم وساري پنهنجي سموري ملڪيت کپائي سمورو پئسو غريب ٿرين ۾ تقسيم ڪري ڇڏيو. جڏهن ته ان وقت ۾ مسڪين جهان خان کوسي جو شمار ٿر جي امير ماڻهن ۾ ٿيندو هو، مسڪين جهان خان کوسي جي سماجي خدمتن ۽ انسان دوست رويي سبب کيس آمريڪا جي هڪ تنظيم آمريڪن بايو گرافيڪل انسٽيٽيوٽ پاران مڃتا ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو، اهڙو اطلاع مسڪين جهان خان کوسي جي پٽ مسڪين بجر خان کوسي کي تنظيم جي اختيارن هڪ ليٽر ذريعي ڏنو پر هو غربت سبب آمريڪا نه وڃي سگهيو نه ئي ايوارڊ وصول ڪري سگهيو پر ان وقت جي عمرڪوٽ جي ايس پي سيد احسان شاهه راشدي پوليس جي پگهارن ۾ ڪٽوتي ڪئي ۽ مسڪين بجر خان کوسي کي ڏوڪڙ ڏنا، ته هو آمريڪا وڃي پنهنجي والد جو مڃتا ايوارڊ وٺي اچي، پر اهي به ڏوڪڙ آمريڪا وڃڻ لاءِ ناڪافي هئا. جڏهن ته انهي آڙ ۾ عمرڪوٽ جي چند سفيد پوش ماڻهن چندا پڻ ڪيا، جيڪي ڏوڪڙ مسڪين جهان خان کوسي جي پٽ بجر خان کي نه مليا. بعد ۾ پريس ڪلب عمرڪوٽ جي اندر پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مسڪين بجر خان کوسي چيو ته هاڻ هو ايوارڊ وٺڻ لاءِ ڪنهن جي آڏو هٿ نه ڦهلائيندو، پوليس واري ڊيوٽي کان رٽائرمينٽ وٺڻ بعد انهن پئسن مان آمريڪا وڃي مسڪين جهان خان کوسي کي مليل مڃتا ايوارڊ وٺي ايندو پر سپنو هن جو ساڀيان نه ٿي سگهيو. هو پوليس واري ڊيوٽي تان ته رٽائرڊ به ٿيو ته وري به ڏوڪڙن جي کوٽ ان لاءِ مسئلو بڻيل هئي. اڄ انهي ٿرين جي هڏ ڏوکي انسان مسڪين جهان خان کوسي جي ورسي جو ڏينهن ۲۳ جولاءِ آهي، پر وري به ڏک ان ڳالهه جو آهي ته اسان هن مهان انسان لاءِ ڪجهه به ناهيون ڪري سگهيا، هن جا خواب اڌورا رهجي ويا اڄ ٿر ۾ ٿرين جي نالي تي کوڙ اين جي اوز ڪم ڪن پيون پر اهي اهڙو ڪوبه انقلاب نه آڻي سگهيون، نڪو وري انهن اهڙو ڪو ٿرين کي شعور ڏنو آهي، جيڪو مسڪين جهان خان کوسي ڏنو هو. منهنجي سنڌ حڪومت کي اها وينتي آهي، ته ٿرپارڪر ضلعي ۾ هر ۲۳ جولاءِ تي مسڪين جهان خان کوسي واري ورسي واري ڏينهن عام موڪل جو اعلان ڪيو وڃي ۽ سرڪاري طرح سان ٿرپارڪر ضلعي جي هيڊ ڪوارٽر يا ننگر پارڪر ۾ ورسي ملهائي وڃي، مختلف شخصيتن جن پنهنجي فيلڊ ۾ نانءُ ڪمايو آهي، تن کي مسڪين جهان خان کوسو ايوارڊ ڏنا وڃن ۽ مسڪين جهان خان کوسي جي نالي تي ٿر ۾ ڪاليج، يونيورسٽي، اسٽيڊيم ۽ ميوزيم وغيره قائم ڪيا وڃن. ائين ڪرڻ سان اسان دنيا جي اڳيان اهو چورائڻ جي لائق ٿي وينداسين ته اسان پنهنجن محسنن جي تهه دل سان عزت ڪيون ٿا. (خبرون، سنڌو ڊائجسٽ، هلچل، عوامي آواز، مقدمو، سوڀ، هلال پاڪستان، سنڌ، مهراڻ، سنڌو، سڪار، عبرت، فيصلو، تعمير سنڌ) مسڪين جهان خان کوسو سنڌ جو هڪ کاهوڙي ڪردار فقير حاجن نظاماڻي رب سائينءَ جي هن دنيا ۾ ڪيترائي انسان اهڙا پيدا ٿيا آهن، جن پنهنجي زندگيءَ کي انساني ڀلائيءَ جو مقصد بڻايو. اهڙن نيڪ دل انسانن مان مسڪين جهان خان کوسو به هڪ هو. هو ۱۹ جولاءِ ۱۹۰۹ع تي ڳوٺ سامي ويري ۾ ڄائو، ۱۹۸۰ع ۾ وفات ڪيائين. مسڪين جهان خان کوسي جي شخصيت تي محمد بخش مجنون ڪتاب لکي عملي ڪردار ادا ڪيو آهي، جنهن سببان سندس شخصيت جي ڪم کي ساراهيو ويو، نه ته ڪا به خبر نه پوي ها. هن دلير شخصيت جهڙا ڪيترائي سنڌ جي ڌرتيءَ جا اهڙا جُوڌا، جوان پيدا ٿيا آهن، جن جا نالا نشان ڪنهن به واضح ناهن ڪيا، جن بنا لالچ جي عوامي ڪم ڪيا آهن، جيڪي خدا جي مخلوق سان محبت ۽ شفقت ڪندا رهيا، جن پنهنجي زندگي رب سائينءَ جي مخلوق کي ارپي ڇڏي، انهن ۾ حاجي اشرف ٿيٻو بدين وارو به آهي، جنهن جي زندگي تي ڪيترائي ڪتاب لکي سگهجن ٿا. هُن هميشه غريبن جي مدد ڪندي پنهنجي زندگي گذاري هئي. جيڪو مسڪين جهان خان وانگر ته نه هو، ڇو ته امير ماڻهو هو، ڪيترائي سؤ ايڪڙن جو زميندار هو، پر زندگي غريب ماڻهن جي حوالي ڪري ڇڏي هئي. غريبن جي نياڻين جون شاديون ڪرائڻ، اناج جي خيرات ٻارهن ئي مهينا ڪندو رهندو هو. اهڙن مثالي ڪردارن ۾ پير محمد جڙيل عرف جڙيو ڀٽ شاهه، جنهن جي ٻارهن سؤ ايڪڙ زمين هئي پر گهر ۾ جيڪي ڪجهه هوندو هو، غريبن کي ڏئي ڇڏيندو هو. گهر ۾ ڪڏهن ڪڏهن ويلا پئجي ويندا هئا، ان کان علاه گهوڙا به بنا کاڌي جي بيٺا هوندا هئا، پر مجال آهي جو محمد جڙي پير جو گهوڙو بک تي دانهن ڪري. ماڻهو ڳالهيون ڪندا آهن ته پير محمد جڙيو گهوڙن سان مخاطب ٿي چوندو هو ته اسان جي ماني پوءِ پهرين اوهان جي ڪُتر يا گاهه جو بندوبست ڪيو ويندو، پر دانهون نه ڪجو ته گهوڙا خاموش ٿي ويندا هئا. سوين مريد، سوين ايڪڙ زمين سان گڏ ڀٽ شاهه جي اهم شخصيت هوندو هو پر توڪل صرف رب سائينءَ تي هوندو هو. غريبن جي لاءِ هر وقت مددگار هوندو هو. ڪپڙن ۾ کيسو به نه هوندو هئس، جيڪي ملي رب جي راهه ۾ ڏيئي ڇڏيندو هو. اهڙن مثالي ڪردارن تي ڪم گهٽ ٿيو آهي. رئيس حاجي حيدر خان نظاماڻي به هڪ اهڙي ئي انمول شخصيت هئي، جيڪو ملڪان ملڪ مشهور هو. سندس سخاوت جي هاڪ پوري سنڌ ۾ ته هئي پر جڏهن حاجي حيدر خان نظاماڻي سعودي عرب حج جي سعادت ادا ڪرڻ ويو ته اُتي جي بادشاهي مهمان خاني ۾ سندس سخاوت جي ڪري رهايو هو. ڏينهن هجي يا رات مسافر اٺن وارا هجن يا ڪي وري مسافري وارا، انهن جي رهائش جو مڪمل بندوبست ٿيل هوندو هو. اسڪول جي لحاظ کان سندس ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻي مشهور هو، حاجي حيدر خان نظاماڻي مهمان خاني ۾ هڪ سو کان وڌيڪ مسافر ٻاهر رهندا هئا، جن جي سار سنڀار حاجي حيدر خان نظاماڻي صاحب پاڻ ڪندو هو. غريبن جي مدد ڪرڻ تي خوشي محسوس ڪندو هو. مسافر شاگردن کي کاڌي پيتي کان وٺي ڪپڙا خرچي سندس ذمي هوندي هئي. ان کان علاوه به خرچي ڏيندو هو. استادن جي مڪمل رهائش به سندس ئي ذمي هوندي هئي. سندس ئي خاندان جي حاجي شفيع محمد نظاماڻي مدرسي کي ۽ اسڪول کي ٽي سو ايڪڙ زمين ڏني، جيڪي هن وقت تعليمي نظام کي وقف ڪيل آهن. جيڪا منصورا جي مدرسي کي زمين مليل آهي پر هنن عظيم شخصيتن کي محمد بخش مجنون نه ملي سگهيو، جيڪي هنن جي ڪردار کي اُجاگر ڪري سگهي. ڀلي ڳالهه آهي جو محمد بخش مجنون، مسڪين جهان خان کوسي کي مليو، جنهن مٿس ڪتاب لکي هُن جي ڪردار کي محفوظ ڪيو. الغرض اهڙن مثالي ڪردارن بابت لکڻ گهرجي، جنهن جو رجحان اسان وٽ گهٽ آهي. ليکڪن کي پنهنجي اردگرد جي ماحول ۾ رهندڙ سخي مردن، بيباڪ ماڻهن جي تاريخ تي لکڻ گهرجي. ڪي ٽي ڏينهن اڳ ميرپورخاص اجرڪ ڪلب ۾ مسڪين جهان خان کوسي جي ڪردار تي ٿيل سيمينار ۾ ڪافي دوستن اهم ڳالهيون ڪيون،ان جو ظاهري مثال هڪ آئون ڏيان ته مسڪين جهان خان کوسي جي ڏوهٽي علي بخش کوسي جي شرڪت ٿي پر ان کي ڪنهن سيڪشن جي صدارت نه ڏني ويئي هئي، جنهن جو مونکي ذاتي ڏک ٿيو. آئون پڻ ان سيمينار ۾ شريڪ ٿيو هئس. ان ۾ انتظاميه جو ڪو معاملو به ٿي سگهي ٿو پر جيڪا حقيقت آهي، اُها اوهان جي سامهون آهي. اسان تي هڪ ٺپو به لڳل آهي ته اسان مرده پرست آهيون، مرڻ کان پوءِ ڳالهين جي پرچار ڪجي ته ڪهڙو فائدو. آئون وري جس ٿيو ڏيان جيڪي ڪجهه نه ڪجهه ڪم ڪن ٿا، ڪي تنظيمون ته رڳو ڪاغذن جو پيٽ ڀرڻ ۾ پوريون آهن. هن سيمنار ۾ ڪافي ڳالهيون سکڻ لاءِ به مليون، پر اسان جي شوق جو صرف مقام پنهنجي پاڻ تائين نه هئڻ گهرجي. اسان جي سوچ غريب عوام لاءِ هئڻ گهرجي، جيڪي صرف الله جي سهاري انسان آهن، انهن انسانن جو به خيال رکڻ گهرجي. جيئن مسڪين جهان خان کوسو خيال رکندو هو. چون ٿا ته ريلوي اسٽيشن تي وڃي ويهندو هو، اُتي ايندڙ ماڻهن کان، انگ اکر پڇندو هو ته ڪيترا ماڻهو ڏڪار جي ڪري گس ۾ اوهان کي مليا هئا، ڪيترو مال اوهان مئل ڏٺو؟ اُهي انگ اکر گڏ ڪري، وري انهن مٿان آرٽيڪل لکي، عبرت اخبار ۾ شايع به ڪرائيندو هو. ڇا ته هي انسان هئا، غريبن جي مدد بنا لالچ جي ڪندا هئا. ماڻهن وري سياست جي حوالي سان سمجهي هن فقير صفت انسان کي جيل جو منهن به ڏيکاري هو، پر اهڙين ڳالهين جي هن فقير صفت انسان کي ڪا به پرواهه ڪانه هوندي هئي. ڇو ته پوليس جي نوڪري به خلقِ خدمت جي ڪري اڳ وڃائي چڪو هو. ڪيترائي سندس دشمن هئا، پر پنهنجي ڪم ۾ اڳي کان اڳرو هوندو هو. هر قسم جي متڀيد کان عاري هي فقير سدائين ميگهواڙن، ڀيلن جي مدد ڪندو به ائين ئي ڪندو هو، جيئن مسلمانن جي ساهتا ڪندو هو. هن دولهه دلير انسان کي جس هجي، پنهنجي حياتي ٿر جي غريب بي سهارا ماڻهن جي لاءِ ارپي ڇڏي هئي. ٿر سنڌ جو پسمانده علائقو ضرور آهي پر هتي ڪي اهڙيون شخصيتون ٿي گذريون آهن جن جي ڪم کي بلڪل وساري نٿو سگهجي. مسڪين جهان خان کوسو جون ڳالهيون ٻڌي مولانا جلال الدين رومي جي شعر جو مفهوم ياد اچي ٿو ته خدا جي طرف ڪيترائي رستا وڃن ٿا پر مون خدمتِ خلق وارو رستو اپنايو آهي. الله جي مخلوق سان پيار ڪرڻ ئي رب سائينءَ سان پيار ڪرڻ جو اظهار آهي، جيڪي ماڻهو رب جي مخلوق جي خدمت ڪن ٿا، انهن کي جيڪو سڪون رب سائينءَ نصيب ڪري ٿو، اهو دنيا جي ڪنهن به ڪرت ۾ نٿو ملي، نه بنگلا نه ماڙيون، نه لگزري گاڏين مان، نه ئي وري ڪنهن لذت واري ڪم ۾ اها ڪيفيت موجود هوندي آهي. هڪ ڳالهه جي صلاح ضرور ڪندس ته مسڪين جهان خان کوسو جيڪو ڪم ڪيو آهي، انهيءَ ڪم کي مدِنظر رکندي ان جي مشن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ سرڪاري طور ادارو سندس ئي نالي تي قائم ڪيو وڃي، جيڪي ٿري ماڻهن کي مشڪلاتون پيش ان وقت اينديون هيون، اُهي اڄ به آهن، پر مسڪين جهان خان کوسو ڪو به ڪونهي ڪو، امداد لاءِ ٻني ٻاري لاءِ غريبن جي سهائتا لاءِ هڪ جامع ادارو ڪم ڪري، جيڪي مقامي انتظامي نظام جي هيٺان هلي، جنهن سان غريبن جي مدد ٿيندي ۽ مسڪين جهان خان کوسو جو روح پرسڪون ٿيندو. (ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۳ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل) مسڪين جهان خان کوسو ٿر جو مسيحا ناشاد سمون ٿرپارڪر جي ننگرپارڪر تعلقي جي هندستاني سرحد جي ويجهو ڳوٺ سامي جي ويري جي روايتي ٻروچ بجر خان کوسي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ان ٻالڪ جي باري ۾ ڪنهن ٿي ڄاتو ته کوسا خاندان جو هوندي پاڻ کي مسڪين سڏائيندو ۽ مظلومن، محڪومن، مسڪينن جو سهارو بڻبو، جيڪو ڏتڙيل ڏيهه واسين جي حقن لاءِ ڏاڍن سان ٽڪرون کائي ڪارونجهر جيئن ثابت قدم ٿي بيٺل رهندو، مسڪين جهان خان کوسو جنهن کي ٿر جا ماڻهو مسڪين جي نالي سان ياد ڪندا آهن، اهو هڪ شخص نه هو هڪ سماجي خدمت ۽ انساني محبت جو اهڙو ادارو آهي جنهن جي ڪردار جي وجو د کي دائمي بقا آهي ۽ تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ اها ڪٿا آهي جنهن جي پڙهڻ کانسواءِ سماجي خدمت جي دعويٰ ڪرڻ پاڻي تي ليڪي برابر آهي، رڳو پڙهن ئي نه پر اپنائڻ جي به ضرورت آهي. مسڪين جنهن قبيلي ۾ جنم ورتو ۽ روايتن کي ٽوڙي پاڻ مسڪين بڻيو اها اڻ ٿيڻي هئي، ڇو ته بقول محمد بخش مجنون جي “کوسو ۽ مسڪين، کوڙو ئي ڪو نه لڳي”، محمد بخش مجنون مسڪين جهان خان کوسي جي زندگي ۽ ڪردار تي بهترين ڪتاب لکيو آهي، جنهن پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته کوسو معاشي طور تي غريب ڀلي هجي پر ظاهري روپ ۾ اهو ئي رعب ۽ دٻدٻو هوندس. مسڪين انهن سڀني روايتن کي ڇڏي فقيري طبيت اختيار ڪندڙ پهريون شخص هو، جنهن ٿر جي ڏکن ماريل ماروئڙن سان اها محبت ڪئي جيڪا صدين تائين نٿي ميسارجي سگهي، جن جي جيون ۾ هر اڀرندڙ سج جا پهريان ڪرڻا وڏيرن ۽ رئيسن جي اوطاقن ۾ ٻهاريون ڪڍندي ۽ ٿاڻن تي ڪاٺيون ۽ پاڻي پهچائيندي اکين تي پوندا ها، ۽ هر شام سڄي ڏينهن جي سخت ڪاڙهي ۾ ڪڙهي ٿاڻن ۽ وڏيرن جي بيگرون ڪرڻ کانپوءِ ڪچي ۽ ڪکائين جهوپڙي جي اداس اڱڻ ۾ جهڪيل ڪنڌ سان ڇنل کٽ تي سليماني چانهه جا گرم ڍڪ ڀريندي مس گذرندي هئي ته شام ٿيڻ سان پوليس وارا صوبيدار جي آيل خاص دوستن جي گهوڙن جي تيمارداري ڪرڻ لاءِ گهر جي گهٽي تي اچي سڏيندا هئا ۽ ائين انهن غريبن جون ڪيئي راتيون به ٿاڻن ۾ گهوڙن جي چاڪري ڪندي گذر ٿي ويندوين هيون، جڏهن ٿر سڀني سهوليتن کان محروم ۽ جدتن کان وانجهيل هو ۽ تعليم جو تناسب نه هئڻ برابر هو، شعور جو ڏڪار هو، غريب ٿر واسي وڏيرن رئيسن ۽ پوليس جي رحم ڪرم تي هئا، اظهار جي آزادي لاءِ چپن تي مهرون مڙهيل هيون، ڪڇڻ ڪافر ٿيڻ برابر هو ۽ محافظن هٿان مسڪين ماڻهن جو بي ڏوهه گرفتار ٿيڻ ۽ وڏيرن رئيسن جو چوڻ نه مڃيندڙ ٻي معني ۾ ونگارون نه وهندڙن جي بدن تي پوليس جي لٺين جو وسڻ عام هو ۽ ۽ ان ظلم ۽ ناانصافي جي روڪٿام لاءِ ڪنهن جو آواز جو اٿڻ به مشڪل هو ته ان وقت ڪنهن مسيحا جونه اچڻ به اڻٽر هو، اهو ئي وحشتن ۽ ظلمتن جي دور هو، جڏهن مسڪين پوليس جي نوڪري کي لت هڻي اچي غريبن مظلومن سان گڏ بيٺو ۽ سندن حقن جي آواز ۾ هم آواز ٿيو مسڪين جي ٿر ۽ ٿر واسين سان محبت ۽ سماجي خدمتن کي ڪنهن ماپ ۽ پيماني جي ضرورت ئي ناهي هن ته پنهنجو پاڻ انهن ڌڪاريل ماڻهن ۾ سمائي ڇڏيو هو ۽ انهن جي ڏکن دردن کي پنهنجو درد سمجهي ورتو هو، سندن سڀني انساني حقن جي لتاڙ ۽ پلئه پوندڙ بي واجبين جي کيس بخوبي خبر هئي، مسڪين جهان خان کوسو انهن مسڪينن لاءِ ڄڻ ته مسيحا هو، جنهن محبت ۽ آٿت جو ڇانورو آڙهر بڻيل زندگين لاءِ پناهه جيئن هو. مسڪين جو هڪ هڪ ٿر جي تتل ريت تي پيرين پنڌ ڪيل ڊگهو سفر ڪنهن ٺلهي هام هڻدڙ نام نهاد اين جي اوز جي وڏي پراجيڪٽ کان مٿي آهي، هن ته انيڪ ٺار ٺريل ڏيل ڏڪائيندڙ سرد راتيون ميرپورخاص جي فوٽ پاٿن تي غريب ٿر واسين سان گڏ گذاريون مسڪين ٿر جي ماروئڙن جي مسئلن جي حل لاءِ ڪيئن ڏينهن رات ڪوششون ڪندو هو ۽ ڪهڙي رٿابندي تحت مختلف شعبن ۾ ورهائي رکندو هو، ان سڄي ڪٿا کي هڪ ته وڏڙا ٻڌائي سگهن ٿا، جن جي دلين ۾ اهي ڏينهن اڻ وسرندڙ ياد بڻجي سمايل آهن، ٻيو محمد بخش مجنون جي ڪتاب مسڪين جهان خان کوسو جي صفحن ۾ پڙهي سهگجي ٿو. مسڪين وٽ مذهب، ذات ۽ رنگ نسل جي فرق کان بلڪل فراريت هئي ۽ ڪائنات جي ڪل رنگي ۽ انساني ڀائپي برابري واري سوچ هئي اهو ئي سبب هو جو ڏاڍن جي ستايل مظلوم ڪولهين جا ولر مسڪين جي پويان هوندا هئا ۽ هي ڪنهن ديومالائي ڪردار جهڙو شخص ميرن ڪپڙن ۾ (گيڏيو) ننڍڙي لٺ هٿ ۾ اخبارون، مسئلن بابت درخواستون ۽ ڪورن ڪاڳرن جون ڀريون ڪڇ م کنيو سرڪاري آفيسن جا چڪر پيو ڪاٽيندو هو ۽ ٿر کان هر ايندڙ ويندڙ کان پيو پڇندو هو ته ٿر ۾ ڏڪار جي صورتحال ڪيئن آهي امدادي ڪاراويون ڪيئن پيون هلن، ٿر واسين جو حال ڪيئن آهي؟ مسڪين ٿر جي سماجي ۽ شعوري تبديلي لاءِ جيڪو خواب ڏٺو هو ته يا جنهن مقصد لاءِ جدوجهدو ڪئي هئي اها هڪ تاريخ آهي ۽ تاريخ ڪڏهن به تاريڪ ناهي ٿيڻي مسڪين زندگي جو وڏو عرصو ننگرپارڪر شهر ۾ گذاريو، ننگرپارڪر شهر ۾ مسڪين ۽ سندس خاندا ن جو ڪو هڪ به پلاٽ ناهي.! اڃا به ٿر جي ٻهراڙي انيڪ مسئلن ۾ جڪڙيل آحي ۽ وحشتن جي وات ۾ اڃا ڪات اچي نه سگهيو آهي، بااثر وڏيرن رئيسن سياسي ڌرين جي قبضا گيري قائم آهي، ۽ مسڪين جا مسڪين ماروئڙا موت جهڙي حالتن ۾ حياتي جا زهر ٿيل پل گذارن ٿا، اڄ به پوليس ۽ پٽيلن جو اهو ئي ڳٺ جوڙ آهي، ۽ مظلومن سان اها ئي ڪار ڪئي وڃي ٿي اڄ نه تپيدار پنهنجي مرضي سان سرڪاري حڪم نه هئڻ باوجود ٻيڻون ڍلون لاپا ۽ رشوتون وٺي وڃن ٿا، ڇا اڄ مسڪين هجي ها ته ماٺ رهي ها ڪڏهن به نه. دنيا جي نامياري ناول نگار هيمنگوي لکيو آهي ته سج اڀريو۽ لهي ويو، مسڪين جهان خان کوسو به ايئن سامي جي ويري جي ڪنهن ڀٽ جي اوٽ مان سج جيان اڀريو ۽ لهي ويو، پويان ڪو به ڏيئو ناهي جيڪو ذري برابر به روشني جي جرئت ڪري ۽ ٻاٽ جي ٽڪساٽ کي ٽوڙڻ لاءِ وک وڏائي اڄ جڏهن ان عظيم انسان جي ابدي وڇوڙي جو ڏينهن آهي. هونئن تہ پوري سنڌ جي آدرشي ماڻهن جي مسڪين سان محبت ۽ عقيدت وڏو اعزاز آهي پر آمريڪا ۾ ڪنهن اداري طرفان مسڪين جهان خان کوسو کي سماجي خدمت جو ايوارڊ ڏنو ويو پر سندس فرزند ڪسمپرسي جي ڪري آمريڪا وڃي اهو ايوارڊ وصول نه ڪري سگهيو.! (ناشاد سمون جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۳ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي کنيل) مسڪين جھان خان کوسو ٿر جو گانڌي - ۲۳ جولاء ورسي جي ڏهاڙي تي کيس پيار ڀري ڀيٽا پروفيسر ستار سومرو ٿر، اسان جي ڀلاري ڀونءِ، وادي مهراڻ جي سون ورني ڌرتئ جو اهو خطو رهيو آهي جتي هميشه سڪ، محبت، پيار امن ۽ آشتتي پلبا آهن. جنهن خطي جون خاص نشانيون لک عزتون ڏيڻ، سادگي ۽ سچتيائيءَ ۾ پاڻ حوالي ڪري ڇڏڻ، آئي جو کلي دل سان آڌرڀاءُ ڪرڻ اڻ ڄاتل مهمان کي به دل ۽ روح جي سمورين سچاين سان جيءَ ۾ جايون ڏيئي رهيو آهي. جتان جا سادڙا، سٻاجھڙا، اٻوجھڙا، ڪوجھڙا، ماروڙا، اڪيلڙا، گھيلڙا، سانگئڙا، ماروئڙا، ڏوٿيئڙا، جھانگيئڙا، جن جا گھرڙا، پکڙا، جھوپڙا، اجھڙا، ته ڪبوترن جي کڏن جيا ننڍڙا هوندا آهن. پر انهن جون پيار ڪندڙ دليون ڌرتي ۽ آسمان جيان وسيح ۽ ڪشاديون هونديون آهن. جيڪي هزارين سالن کان وٺي پنهنجي تهذيب، ثقافت، علم، ۽ ادب، تاريخ ۽ ٿر جي ڀنل ڀٽن جا وارث ۽ محافظ آهن. جيڪي پنهنجن عزتن، غيرتن، لڄن ۽ ننگن جا رکوالا ۽ سنڀاليندڙ آهن. اهو ئي سبب آهي جو لطيف جي شاعريءَ جا پورا ٽي سر، سرمارئي، سر ڏهر ۽ سر سارنگ ٿر تي ئي رچيل آهن جن ۾ ٿر ۽ ٿري ماڻهن جي اٿڻي ويهڻي، رهڻي ڪهڻي، ريتن رسمن جي خوبصورت انداز ۾ ترجماني ٿيل آهي. ان ٿر جا خوبصورت منظر ۽ حسين نظارا ڏسڻ کان پوءِ خوابن ۾ به ايندا آهن خاص ڪري جڏهن ملهار وسندو آهي ته ٿر ڌرتيءَ جي جنت ڪشمير بڻجيو وڃي. ٿر جي مهڪندڙ مٽيءَ مان ساوا گاهه ڦٽي نڪرندا آهن پوءِ ته ٿر سڄو سرسبز ۽ شاداب ٿي ويندو آهي. چوڏس ساوڪ ئي ساوڪ پکڙي پئي هوندي آهي جيڪا دماغ، دل، ۽ روح کي تازگي بخشي ڇڏيندي آهي. روهيڙي جا رنگ برنگي ساوا، پيلا ۽ سونهري گل ٻوٽا ۽ وليون به ڪنهن ٿر جي ناريءَ جي جوڀن جي موهيندڙ اٿل جيان ڦٽي پوندا آهن جن مٿا من موهن ٿي پوندو آهي. ٿر جا هاري ناري همرچو جھڙا گيت ڳائي خوشي منجھ جھمريون پائيندا آهن، تاڙو به تنواريون آهي، تتر تيز اڏارون ڪندي نظر ايندا آهن ته مور به پنهنجا سهڻا پر کولي مستن جيان رقص ڪندو آهي. ان ٿر کي وڏو شرف اهو به حاصل آهي ته اتان جي مهڪندڙ ۽ تاريخي سر زمين مان ڪيترن ئي تاريخ ساز انسانن جنم ورتو آهي جن پنهنجي ڏات، ڏانءُ، فن فڪر، عقل ۽ فهم ذريعي پنهنجي پاڻ ملهايو آهي ۽ هن نڌڻڪي قوم جو ڦٽل نصيب سنوارڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي ۽ اتان جي مظلوم ۽ محڪوم قوم جي بي غرض ۽ بي لوث خدمت پڻ ڪئي آهي. ان ٿر جي خوشبو ۽ کستوري ڏيندڙ مٽيءَ مان سانگھڙ جھڙي قومي ۽ انقلابي ناول جي خالق اديب ۽ ڏاهي محمد عثمان ڏيپلائي جنم ورتو آهي ته مشهور ڊراما نويس ۽ اديب عبدالقادر جوڻيجي به جنم ورتو آهي. سنڌ ۽ سيد جي فڪر جي عاشق سياستدان ۽ دانشور عبدالواحد آريسر جنم ورتو آهي ته ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻ ڄام ساقي به جنم ورتو آهي. ٿر جي ڪوئل، لوڪ گيتن جي راڻي مائي ڀاڳي جنم ورتو آهي ته شاهه لطيف جون جھر جھنگ وستي واهڻ وايون جھونگاريندڙ (سرتيون اوهين ته وڃوڙي وڃو لا، منهنجو ته ليک لڪن سين) موهن ڀڳت به جنم ورتو آهي. سنڌ جي قومي سورمي جنهن انگريزي کي ٽوٽا چٻائي ڇڏيا ۽ رازن تان پردو نه هٽائڻ جي ڪري پنهنجن ڏندن سان ئي پنهنجي زبان کي چچرڇڏيو هو. اهڙي اڙٻنگ، بهادر ۽ قومي اڳواڻ روپلي ڪولهي به هن ئي ڀونءِ مان اکيون پٽيون، ان کان علاوه شاهه لطيف جي قومي سورمي مارئي پڻ ان ئي مٽيءَ جي پيداوار آهي جيڪا عزت، عصمت، غيرت، حب الوطني ۽ محبت جو اوچو مينار آهي جنهن جا نرالا مثال اڄ به دهرايا ٿا وڃن. اهڙي ڪارونجھر جي ڪور ۽ مارئي واري ٿر مان هڪ انتهائي مسڪين ۽ غريب شخص پيدا ٿيو، جيڪو هنج ۽ مور جھڙو صپيارو، اٻوجھ ۽ پيڙهيل طبقي جي ماڻهن جھڙو سادو ۽ سٻاجھو، بيواهن، مجبورن، لاچارن، محتاجن، غريبن ڏکويلن، ستايلن، ڏتڙيل، مظلوم ۽ محڪومن جو محسن ۽ همدرد انهن جي ڏکن ۽ سورن جو ويڄ ۽ مسيحا، ساري ٿر جو خير خواه، جنهن ٿر کي خوشحال ڪرڻ لاءِ رات ڏينهن پئي سپنا ڏٺا. کاهوڙڪي کيتوريءَ جھڙن عظيم ڪردارن جھڙو بيباڪ، اڏول مضبوط ۽ بهادر مسڪين جھان خان کوسو به هڪ آهي. مسڪين جھان خان لاءِ محمد بخش (مجنون ) پنهنجي ڪتاب مسڪين جھان خان کوسي لاءِ محمد بخش مجنون پنهنجي ڪتاب مسڪين جھان خان کوسو ۾ لکي ٿو ته (ڪرڙوڍ، قد درميانو، جسم جو جانٺو، موڪري ماٺيڻي منهن تي سفيد سهڻي چاپونئي سونهار اڇي جھڙي ٻوهه، مٿو اڪثر اگھاڙو، ڪڏهن ڪڏهن سياري ۾ ملڻ واري برقعي ٽائيپ ٽوپي يا اونهاري ۾ کجيءَ واري مولائا ڀاشاني ٽوپي، مليشا جا ڪپڙا، سي به ميل ۾ڪچ کٽي، هڪ دفعو پائڻ کان پوءِ سج کٽي يا ٻج کٽي پاڻيهي ڳري سڙي پنهنجي جان ڇڏائين ته واهه نه ته ٻيو ٿيو خير. ساڄي ڪلهي تي پٺارڪ ڪتابن ۽ اخبارن جي کاٻي ڪڇ ۾ ٻه ٽي سير اخبارن جو پلندو ۽ ان سان گڏ ٻاوريءَ جو گيڌيو هٿ ۾ مس ڪپڙي کڙيون ڀڄي ويل، سپاٽا ٿي ويل سليپرن سان کرت کرت ڪندو مٽيءَ جي اڻ مئي که اڏائيندو ٿرين جا ولرن جا ولي پويان لاَ يوَ ڪنهن نه ڪنهن آفيس ڏانهن واڪيندو ڪو ماڻهو ڏسو ته پڪ سمجھو ته اهو مسڪين جھان خان کوسو آهي. ) مسڪين لاءِ شيخ اياز به پنهنجي جيون ڪهاڻيءَ ؛ڪٿي ته ڀڃو ٿڪ مسافر؛ ۾ لکي ٿو ته؛ مسڪين جھان خان کوسو ست درجا سنڌي پڙهيل هو، هو خود مصنف نه هو ۽ هن جي سوانح حيات هڪ مختيارڪار محمد بخش مجنون؛ پنهنجي مخصوص انداز ۾ لکي آهي، پر مسڪين جي نسبت به فقط (خاڪ) سان نه هئي، پر عالم پاڪ سان به هئي، جي انسانذات جي بي لوث خدمت رنگ نسل، قوميت ۽ مذهب جو خيال رکي نه ڪئي وڃي ۽ ماڻهو سان دک درد ڪنهن مطلب بنا ورهايو وڃي ته ان کان بهتر عبادت ٻي ڪانه آهي ۽ انسانيت لاءِ احترام کان وڌيڪ ٻي ڪا وڏي عظمت جي نشاني نه آهي، بين الاقومي سطح تي الرٽ شوائييزر ۽ قومي سطح تي مسڪين جھان خان اهڙا ماڻهو آهن، جن جي زندگي جي لانگ مارچ مائوءَ کان بنهه مختلف آهي، انهن ڪنهن کي ڏک نه ڏنو آهي، فقط سٺو آهي، مسڪين اعلي گھراڻي ۽ بهادر حاڪماڻي خاندان مان هڪ هو، جنهن خاندان سنڌ جي ماروڙ جي هڪ وڏي علائقي تي ميرن جي بادشاهي تخت سوين سالن تائين حڪومت ڪئي. پاڻ ڪلهوڙن صاحبن جي حڪومت کان وٺي سنڌ ۾ رهائش پذير هئا. سندن سنڌ ملڪ ۾ پنهنجون جاگيرون هيون، ڪلهوڙن جي پوئين حڪمرانن سان تڪرار ٿيو جنهن ڪري کين پنهنجو ملڪ ڇڏڻو پيو، وري جڏهن ميرن جي صاحبي ٿي ته انهن سان گڏ حڪومت ڪرڻ لڳا. ننگر پار جي ڳوٺ سامي ويريءَ ۾ مسڪين جھان خان کوسو جو جنم ٿئي ٿو، جتان جا ٻه ڌنڌا مشهور هوندا هئا، هڪ پوليس جي نوڪري ۾ ٻيو چوري، اتان جا ماڻهو تقريبن پوليس ۾ ملازم يا چور هوندا هئا. مسڪين جو ڏاڏو مرحوم رئيس مير حسن خان به سنڌ پوليس ۾ انسپيڪٽر هو، جيڪو لاڙڪاڻي ۾شهيد ٿيو هو. مسڪين جو والد بزرگ رئيس بجار خان پڻ سنڌ پوليس ۾ جمعدار هو، جنهن نوڪري پوري ڪري رٽائرڊ ڪيو هو، اهو ئي خاص سبب هو جو مسڪين به پنهنجي اباڻي روايتن کي برقرار رکيو ۽ پوليس ۾ ئي ڀر تي ٿيو. سندس شروع کان ئي آزادانه ۽ فقيراڻه طبيعت هئي، جو ايڏانهن آمائده ٿي نه سگھيو، سندس حساس ۽ درد مندانه دل پوليس جا غريبن مٿان ڪيل ظلم، زور زبردستيون سمجھي نه سگھي. اهڙي ماحول مان جان ڇڏائڻ خاطر ڪافي بهانا پئي ڳولهيائين، نيٺ وڃي ڪنهن سان تڪرار ڪري نوڪري کان آزاد ٿي غريبن ۽ مسڪينن جي ڪمن ۾ ائين گم ٿي ويو جو پنهنجي وجود کان به بي خبر رهندو هو، نه لٽي ڪپڙي سان ڪو چاهه رهيس نه ئي کائڻ پيئڻ سان ڪا دلچسپي، مطلب ته پنهنجا سمورا مفاد وساري ذاتي خواهشون ۽ ذاتي گھرجون ڦٽيون ڪري خلق خدا جي خدمت ۾ ائين جنبي ويو جو ڄڻ ته ڄائو ئي انهن لاءِ هو، گھران نڪرڻ کان پوءِ گھر به تڏهن موٽندو هو جڏهن ڪو مرڻو پرڻو ٿئي نه ته مڙيئي خير. مسڪين پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به آرام جي خواهش جو اظهار نه ڪيو. ڪڏهن به سک جوساهه نه کنيائين. بس تتي ٿڌي ڪاهه ڪانهين ويل ويهڻ جي واري فڪر جي ويٽ وٺي رهندو هو. اهو کاهوڙي جو پيرين پنڌ ڪندي مسڪين ڪڏهن به ٿڪو نه هو، هڪ ڪم ختم ڪري ٻي ڪم جي شروعات ڪندو هو. مسڪين کي اندر ۾ هڪ درد هو، محبت هئي پيار هو، جيڪو هُو ٿر ۽ ٿري عوام سان ڪندو هو، دردر دانهين ٿيندو، ڪڏهن ڪتابن جا ڪتاب چورائي اختياري واري ميمبرن ۾ ورهائيندو هو ته ڪڏهن اخبارن ۾ وڏا وڏا بيان ڇپرائيندو هو ته ڪڏهن ڪورٽن ۽ ٿاڻن جا چڪر لڳائي انهن کي پنهنجون تجويزون ڏيندو هو ته من ڪو ٿر جو اوهي واهي نڪري پئي ته. جيئن ٿر مٿان ڏولائيءَ جا ڏينهن ڏور ٿين ۽ ساڻيهه سک جو ساهه کڻي. مسڪين جي وڏي ۾وڏي خوبي اها هئي ته مسڪين نه ته ڪو سياسي ماڻهو هو ۽ نه ئي ڪنهن سياسي جماعت سان واسطو رکندو هو، پر مسڪين انسان دوست هو، بلڪه ائين چوان ته مسڪين خود هڪ پارٽيءَ جو نانءَ آهي، هڪ فرض شناس اداري جو نانءَ آهي. مسڪين الله پاڪ جو نيڪ ۽ پرهيزگار بندو ۽ بزرگ شخص هو، هن کي هميشه ٻه ڪتاب گڏ هوندا هئا، هڪ قران پاڪ ۽ ٻيو شاهه جو رسالو، اتان بخوبي اهو اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته انهن ٻنهي عظيم ڪتابن جو مسڪين جي طبيعت تي ڪيڏو نه اثر رهيو هوندو، مسڪين علي الفجر، صبح صادق ٿيڻ سان ئي خلق خدا جي خدمت ۾ لڳي ويندو هو، مسڪين جي ڪم جي شروعات روزانو ريلوي اسٽيشن کان ٿيندو هئي، اتان جي ماڻهو جا مسئلا ٻڌي وس وارن تائين پهچائيندو هو، مسڪين ٿرين جون پاڻ درخواستون لکي سرڪار تائين کڻي ويندو هو، پنهنجا مطالبا منظور ڪرائڻ لاءِ مقامي ليڊرن سان حال اوريندو هو، باقي جيڪڏهن ڪو ٽائيم بچندو هو، مفت اسٽور تائين پهچندو هو، اتان مفت دوائون آڻي بيمارن کي ڏيندو هو. شابس آ انهن اسٽور وارن کي جيڪي سوين روپين جون دوائون مسڪين کي مفت ۾ ڏيندو هئا، اهو سڀ ڪجھ مسڪين جي سچائي ۽ ايمانداريءَ جو نتيجو هو، انهن سڀني ڪمن کان فارغ ٿي جڏهن مسڪين گھر ايندو هو ته گھر وارا چوندا هئس ته پاڻي گھر ۾ گھڻو آهي، تون تڙ تڪڙ ڪري ڪپڙا لاهي ڏي ته ڌوئي وٺئون. مسڪين جو کين اهو جواب هوندو هو ته آئون ڪپڙا ڌورايان ۽ گھر ۾ ويهي رهان ته منهنجا مسڪين ٿري ته رلي ويندا. انهن جو مون کان سواءِ ٻيو ڪير آهي. اهڙو خلق خدا جي خدمت جي انهيءَ جذبي تحت مسڪين ميرو رهڻ به قبول ڪندو هو. مسڪين جي اها سچائي، سادگي ۽ ٿرين سان بي انتها محبت جي ڪري سندس هڪ قدر شناس دوست کيس (ٿر جو گاندي) ڪري سڏيو آهي ڇو ته مسڪين جون حڪمت عمليون گانڌيءَ جھڙيون ئي هيون. بلڪه ان کان به ٻه چار وکون اڳتي سياست ۾ نه سهي پر غريبن ۽ مسڪينن جي بي لوث خدمت ۾ مسڪين گانڌيءَ کي ته ماري ويو آهي. گانڌي پنهنجي غريب نوازي ڏيکارڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ دهلي جي هڪ ڀنگي ڪالونيءَ ۾ رهندو هو پر مسڪين ويچارو اٺئي پهر ڪولهين جي واهڻن ۾ گذريندو هو. ماني به پنهنجو پاڻ پچائي کائيندو هو. گانڌي پنهنجي پويان کوڙ ساري ملڪيت ڇڏي هوندي پر مسڪين هڪ ٽيڊي پائي به نه. مسڪين پنهنجي پنجاهه سال واري عمر ۾ سڀ ڪجھ ختم ڪري ڇڏيو. گانڌي جيڪڏهن جيلن جون سختيون سٺيون آهن ته مسڪين به جبلن ۾ گذاريو آهي. مسڪين جي ايڏين خدمتن جي ڪري ٿر ۾ايڏي وڏي کيس ئي اهميت ملي هئي. ماڻهو مسڪين کي ته پوڄيندا هئا. ڪولهي مسڪين کي ته (اوتار) ڪري تسليم ڪندو هئا. مينگھواڙن جو ته اهو عقيدو ته مسڪين پير پٿوري جو نئون جنم آهي. ڀيلن وٽ مسڪين جهان جي ٽانيءَ جودرجو رکندو هو. ڪي اڇوٽ اهڙا به آهن جيڪي مسڪين کي عقلمندي منجھان چوندا هئا ته ( مسڪين) تم هي همارا ڀگوان هو. اهي ته آهن انهن جا رايا، جن مسڪين جيئري ڏٺو ۽ سمجھيو. مان مسڪين جهان خان کوسي کي جڏهن پڙهيم حيران ٿي ويم ته ههڙو شخص به ٿر جي مٽيءَ مان پيدا ٿيو آهي! اتان مان اهو اندازو لڳايو آهي ته جنهن شخص پنهنجي ٿر جي اٻوجھ، مسڪين ۽ غريب عوام ۾ سماجي شعور سياسي سجاڳي ۽ بيماري جو انقلاب آندو جنهن پنهنجي سر تي ڪيتريون ئي تڪليفون ۽ سختيون سهي ڪري ڏک ڏاکڙي کڻي خلق خدا جي خدمت ۾ پنهنجي ساري ڄمار حوالي ٿو ڪري ڇڏي. اهي انسان صدين پڄاڻان پيدا ٿيندو آهي. جيڪو انسان جي درجي کان فرشتو بڻجيو وڃي. اهڙا خلق خدا جي خدمت ڪندڙ مسڪين جي واقعي ڪهڙي ڳالهڙي ڪجي جيڪو کير ٿر ۽ ڪارونجھر جيان وڏو ۽ اڏول ماڻهو هو، جنهن جي ڪور تي پهچڻ لاءِ اسان کي مسڪين جي فڪر جي واٽ اسان کي وٺڻي پوندي، جيڪا واٽ اسان جي انسانيت جو صحيح گس ۽ رستو ٿي ڏيکاري، جنهن تحت اسان ڪڏهن به اوجھڙ ڪين پونداسين. مسڪين جھڙا موتي مڻيادار ما ڻهو اسان کان جسماني طور ته ڌار ٿي سگھن ٿا، پر روحاني طور ڪڏهن به نه. اهي فرشتا صفت ۽ ناياب انسان هن جھان ۾ عارضي زندگي جو سفر گذاري پنهجو دائمي مقام ٺاهي پنهنجون نه وسرندڙ يادون اسان وٽ ڇڏي هليا ويندا آهن، جيئن شاهه لطيف چيو آهي ته؛ لاهي حاج هتان ويا مارو ٿر اڪري، الله عبداللطيف چئي ٿي ته وڃي ٿر ٿيا، رهجي ڳڻ ويا ڪي مارو جا ملير ۾! (ستار سومرو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۳ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل) مسڪينن جو مسڪين جهان خان واگهومل ميگهواڙ ٿر جي ڀرڀانگ ڀٽن کي پار ڪندي، پارڪر جي ڪنڌيءَ تي آباد ننڍڙي ڳوٺ سامي جي ويري جا اهي تڙ، اهي ويڙها ۽ وستيون ڪيڏيون نه خوش قسمت آهن، جن جو سمورو ماحول ئي فطرت جي سونهن سان سلهاڙيل آهي. اتر ڪنڌي واري جي ڀٽن جون اڻ کٽ قطارون، ڏکڻ طرف ڪڇ ۽ ڏکڻ اولهه طرف ڪارونجهر جون ڪورون، اهڙي ئي حسناڪ علائقي ۾ ۱۹۰۹ع ۾ جنم وٺندڙ جهان خان کوسو ڪنهن ڄاتو هو ته وڏو ٿي هو مسڪين بڻجي ويندو. سندس جيون ساگر جو سفر ٿر جي ڀڙڀانگ ڀٽن جي اڙانگن سفرن، ڏولاون ۽ پنڌ جي پيچرن ۾ پورو ڪندو، جيڪو مسڪين پاڻ مسڪينن سان آخري گهڙين تائين اڙانگي سفر ۾ ساڻ رهيو ٿر جتي لڪون لڳن، اڪ تپن، ڏوڪار جا ڏولاوا، اهڙين ڏکيائين جي ڏيهه جو هي ماڻڪ موتي نوجوان پوليس سپاهي ۱۹۳۷ع تان استيعفٰي ڏئي غريبن ۽ مسڪينن جي ڏک کي پنهنجي سمهي کڙيو (ڳوٿري جنهن ۾ کاڌي پيتي جو سامان کڻجي) ڪلهي تي کڻي ڏکن جي سفر جو ساٿي ٿيو، تڏهن ڪنهن به ڄاتو نه ته اها هستي ڏتڙيل سماج لاءِ هڪ رول ماڊل ڪردار طور سامهون ايندي. سامان جي ڳوٿري ڪلهي تي ۽ اخبارن جا بنڊل بغل ۾ کڻي، ڏڪار جي حالت ۾ روينيو جي آفيسن ۾ لهي پوندو هو. ڪٿي ڪو غريب اڃ ۽ بک وگهي مئو، ڪٿي ڪنهن مسڪين کي راشن نه مليو، پاڻ پيٽ بکئي وڃي سرڪاري ڪامورن ۽ عملدارن جي پٺيان پوندو هو. سندس سفر راتين جون راتيون ڏينهن جا ڏينهن اڻ کٽ ۽ سسئي جي ڪردار وانگي اڙنگو هوندو هو. ڏکوئلن جي ڏيهه جو اهو شخص غريبن لاءِ ڇا! ڇپر ڇانوءُ هو. کيس ملندڙ ٻاجهري جي ماني هجي توڙي، ٻاجهري جي رٻ لسي هجي توڙي کي پر سڀ کان پهرئين هو غريبن ۽ مسڪينن کي ورهائي ڏيندو هو. ٿر ۾ چوپائي مال جي چوري چڪاري ۽ پٽيلن جي ڪردار کان چڱي طرح واقف هو، ڪٿي به شل ڪنهن غريب جي ڪا به ٻڪري چوري ٿئي وٽس پهچي ويندو هو ۽ چورن وٽ پهچڻ تائين دير نه لڳندي هئس سردين توڙي گرمين ۾ غريبن لاءِ سفر ڪندڙ اهو شخص سرڪار توڙي وقت جي حڪمرانن کان لاوارث ٻڻيل علائقي ٿر لاءِ ڄڻ ڪو والي هو. هن لاءِ ماروئڙن ۽ مڪينن جا اهنج پنهنجا هوندا هئا. هو بنا متڀيد ۽ بنا فرق جي پوري ٿر جي هر مسئلي کي پنهنجو سمجهي ڪامورن جي پٺيان لڳي ويندو هو. جيسئن وڃي مسئلو حل ٿئي تيستائين ساهه نه پٽيندو هو. وڏيرن جي ڪرتوتن ۽ پوليس جي ڪردار جو اصل مخالف هي پوڙهو جُهور شخص جنهن سندس مال متاع غريبن لاءِ وقف ڪري ڇڏيا، سماج سڌارڪ جي اهڙي ڪردار کي اسان نه صرف ٿر جو وهائو تارو چئي سگهون ٿا پر هن کي اسان سماج جو املهه هيرو به چئي سگهون ٿا. اهڙو هيرو ڄامشوري جي پٿريلي علائقي واري اسپتال ۾ هن سماج جي بي حسي جي ڪري ڪيتروئي وقت بيماري جي بستري رهيو پر ڪنهن به سندس سار نه لڌي ۽ آخرڪار ۲۳ جولاءِ ۱۹۸۰ع ۾ ڪارونجهر جي هنج واري شهر ننگرپارڪر ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. سندس سماج لاءِ ڪيل خدمتون هميشه لاءِ امر رهنديون. اهڙي ئي ڪردار ۽ خدمتن جي مڃتا تي کيس مرڻ کانپوءِ يو ايس اي جي بايواگرفيڪل انسٽيٽيوٽ طرفان گولڊن ڪارڊ آف اچيومينٽ ايوارڊ سان نوازيو ويو. سندس نالي تي ننگرپارڪر ۾ هڪ لائبريري پڻ قائم آهي. مسڪين جھان خان کوسو ڪارونجھر جو اڏول ۽ ديومالائي ڪردار دولترام کتري چون ٿا ته دنيا جا ليجنڊ ڪردار گهڻو ڪري انھن علائقن مان جنم وٺندا رھيا آهن جتي دک درد بک ۽ افلاس جو اگھاڙو راڪاس راڄ ڪندو آهي. سنڌ جي صحرائي علائقي ٿر ۾ بجرخان کوسو جي گھر ۾ جنم وٺندڙ “سامي ويري” جي ڀٽن تي بابنبڙا پائيندڙھن ٻروچاڻي ٻار کي تاريخ ھڪ اھڙي موڙ تي بيھاريو جيڪو اڳتي ھلي ھو مسڪين ۽ غريب ماڻهن جو آواز بڻجي ويو. پارڪري ڪولھين جي ھن“ديومالائي ڪردار”کي سنڌ جي تاريخ “مسڪين جھان خان” جي نالي سان ياد ڪري ٿي. سنڌ جي ھن کاھوڙي ڪردار پنهنجي سموري ڄمار رضاڪارانا طور بي سهارا ۽ بي پهچ ماڻهن جي خدمت ڪندي گذاري. ۹ جولاءِ ۱۹۰۹ع ۾ سامي ويري ۾جنم وٺندڙ مسڪين جھان خان کوسي جو شجرو شھيد شادي خان کوسي سان ملي ٿو جيڪو ننڍي کنڊ جو ھڪ“ مزاحمتي ڪردار ”ھو شادي خان کوسو مسڪين جو تڙ ڏاڏو ھو جنھن جي نالي پويان ننگر پارڪر ۾ کوسن ھڪ وڏو پاڙو “شادياڻي پاڙو ” موجود آهي. مسڪين جھان خان جاوڏا پوليس کاتي ۾ نوڪري ڪندا رھيا آهن. مسڪين کي پڻ ۱۹۲۷ ع ۾ ۱۸ سالن جي عمر ۾ پوليس کاتي ۾ نوڪري ملي ھئي. ۱۹۷۰ کان پوءِ سامي ويري جا کوسا اتان لڏي ننگرپارڪر ۾ آبادي ٿيا ھئا. گول مھانڊو سانورو رنگ ھلڪي ڏاڙھي مٿي تي اڇي ٽوپي ھٿن ۾ ڪاغذن جا دستا کنيل سماجي خدمتن جو شوق رکندڙ ھي اڙٻنگ شخص جڏهن پارڪر جي ڳوٺن ۾ نڪرندو ھو تڏهن ھن جي سادگي ۾ غريب ماڻهن سان محبت پئي بکندي ھئي. ھوٿر جي راڄ ڀاڳ ۾غريبن (خاص طور تي پارڪر جي ڪولهين) جو ڀرجهلو هو تڏهن ته پارڪر جا ڪولهي چوندا هئا. ته “مسڪين مارو ديوتا سي. ” پارڪر جي، علائقي جا اھي ڪولهي اڄ به مسڪين کي ساريندا رھن ٿا. ٿر جي هن انسان دوست ڪردار، انهي دور ۾ بي سهارا ۽ بي پهچ ماڻهن جي خدمت ڪرڻ شروع ڪئي هئي. جڏهن ٿر ۾ روڊ رستا ڪو نه هئا، ڪچا رستا هئڻ ڪري، ٿر ۾ سواري جي سهولت تمام گهٽ هوندي هئي. ٿر جي ڳوٺن ۽ شهرن تائين اڪثر ماڻهو اٺن تي سفر ڪندا هئا. ڪجهه ڳوٺن ۽ شهرن تائين ڇڪڙن جي سواري هوندي هئي، انهي دور ۾ ميڊيا به ڪاترقي ڪونه ڪئي هئي. ماڻهن جي هڪ ٻئي تائين رسائي به ڪو نه هئي، اھڙي دور ۾ مسڪين جهان خان ٿري ماڻهن جي هڙان وڙان مدد ڪندو ھو، جيڪڏهن ڪومقامي پٽيل وڏيرو ڪنهن غريب ڪولھي يا مسڪين ٿريي سان ظلم ڪندو ھوته مسڪين انھي مظلوم سان گڏ بيھندو ھو. پوليس ۾ نوڪري ھوندي به ھو بي پهچ ماڻهن جو ڀرجهلوٿيندو ھو ۽ ماڻهن کي درخواستون لکي ڏيڻ ۽ غريب ماڻهن جا مسئلا سرڪاري دفترن ۽ اخباري ادارن تائين پهچائڻ واري ڪم ۾ پنهنجو ڪرداراداڪندورھو. مسڪين جھان خان غريبن جي مدد ڪرڻ کي پنهنجو آدرش سمجهندوهو. جڏهن پارڪر جامقامي وڏيرا پٽيل ۽ پوليس جا عملدار مسڪين ڪولھين تي ظلم ڪندا هئا تڏھن ھو مظلوم ڪولھين سان گڏ بيھندو ھو ۽ ھو وڏيرن خلاف آواز اٿاريندو ھو اھا ڳالھه مقامي وڏيرن ۽ پٽيلن کي تمام گهڻي ڏکي لڳندي ھئي. مقامي وڏيرا ھن کي ھيسائڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ڪندا ھئا. ھڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته ننگرپارڪر کان بيراجي علائقي ڏانھن ويندڙ ڪولھين جي ھڪ قافلي کان مقامي پوليس رشوت گھري نه ڏيڻ جي صورت ۾ پوليس ٿاڻي تي انهن ڪولھين خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو. جڏهن اھا خبر مسڪين جھان خان کي پئي تڏهن ھو ڪولھين سان گڏ بيٺو ۽ پوليس جي اعليٰ عملدارن خلاف آواز اٿاريو. مسڪين جي ھن احتجاج کان پوءِ مقامي پوليس عملدارن ۽ وڏيرن ھن کي تمام گهڻو تنگ ڪيو، نيٺ ھن تنگ ٿي۱۹۳۷ ع ۾ پنهنجي نوڪري تان استعفيٰ ڏئي ڇڏي بعد ۾ ھن پنهنجي سماجي ڪم کي جاري رکيو. مٺي ۾ ھو چاچي رتن مالھي جي ھوٽل تي ترسندو ھو ۽ اتي وڃي ٿڪ ڀڃيندو هو، ٽي چار ڏينهن ڪشالا ڪڍي جڏهن هوميرپورخاص پهچندو هو، تڏهن هو ريلوي اسٽيشن لڳ قائم“عثمانيه مسافر خاني” ۾ رھي ضلعي جي سرڪاري دفترن ۾ وڃي اتي ماڻهن جا مسئلا حل ڪرائيندو هو. انھن ڏينهن ۾ اولڊ ٿرپارڪر جو ضلعي ھيڊڪوارٽر ميرپورخاص ھوندو ھو. ٿر ۾ جڏهن ڏڪار پوندا ھئا ته ھي کاھوڙي شخص بالا آفيسرن سان خط ڪتابت ڪندو ھو ۽ ڏڪارن جا احوال ميڊيا ۽ اخباري دفترن تائين پھچائيندو ھو. ۱۹۷۷ع ۾ جڏهن ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اولڊ ٿرپارڪر ايٽ ميرپورخاص ضلعي ۾ سيشن جج ٿي آيوهو، تڏهن مسڪين جهان خان کوسو، ڪامريڊ تاج محمد ابڙي وٽ به ٿر جي مظلوم ماڻهن جامسئلا کڻي ويندو هو ۽ اتي ڪامريڊ مسڪين جهان خان کوسي کي ڀر ۾ ويهاري انهي جا مسئلا ٻڌندو هو ۽ ٿرين جي مسئلن کي حل ڪرائڻ ۾هو مسڪين جهان خان کوسي جو ساٿ به ڏيندو هو. انهن ڏينهن ۾ مسڪين جهان خان کوسو حيدرآباد وڃي ٿر جي ماڻهن جي مسئلن ۽ درد ڪهاڻين جون خبرون پڻ اخباري دفترن تائين پهچائيندو هو. حيدرآباد جي اخباري دفترن ۾ ھومحمد عثمان ڏيپلائي سان لھه وچڙ ۾ ايندو ھو. حيدرآباد ۾ ڪڏهن ڪڏهن ھو فوٽ پاٿن تي پڻ رھي پوندوھو. ھن وٽ ڪڏهن ڪڏهن ڀاڙي۽ ماني جا پئسا پڻ ڪونه ھوندا هئا. سماجي ڪمن ۾ ھن پنهنجو پاڻ کي ارپي ڇڏيو هو. مطلب ته مسڪين جهان خان ٿر جي وجود جو هڪ اهڙو واس هو، جنهن پنهنجي سماجي خدمتن عيوض “انساني دوستي” کي ترجيح ڏئي پنهنجو پاڻ ارپيو ۽ بنا ڪنهن لوڀ لالچ ۽ بنا ڪنهن مذهبي فرق جي ھوٿر جي مسڪين ماڻهن جي رضاڪاراڻا طور خدمت ڪندورهيو. مسڪين جي زندگي جا آخري ڏينهن ڪسمپرسي واري حالت ۾ بيماري جي بستري تي گذريا ھئا. ٿر جو ھي مسيحائي ڪردار ۲۳ جولاءِ ۱۹۸۰ع ۾ وفات ڪري ويو. اڄ تاريخ جي ھن ديومالائي ڪردار جي ورسي جو ڏھاڙو پڻ آهي پر ڪنهن به سماجي اداري ھن جي ورسي ملھائڻ لاءِ ياد ناھي ڪيو. مسڪين جي وفات کان پوءِ مسڪين جھان خان جي سماجي خدمتن عيوض آمريڪا جي ھڪ اداري پاران “گولڊن ڪارڊ آف اچيومينٽ ايوارڊ ”پڻ ڏنو ويو ھو. جڏهن ته ۲۰۱۵ع ۾ تعليم کاتي سنڌ مسڪين جھان خان جي ڪردار کي سامهون رکندي ننگرپارڪر جي ھائير سيڪنڊري اسڪول کي مسڪين جھان خان کوسي جي نالي سان منسوب ڪيو ويو ۽ تازو ثقافت کاتي سنڌ پاران ننگرپارڪر ۾ ڪلچرل ڪامپليڪس جي ميوزيم کي پڻ مسڪين جھان خان جي نالي سان منسوب ڪيو ويو آهي. سنڌ ۾ هن وقت ۾ سماجي خدمتن جو هڪ وڏو فقدان نظر اچي رهيو آهي. جيڪو سماجي ڪم مسڪين جهان خان، رضاڪارانه طور ڪندو هو. اهو ڪم اڄ جا دوست لکين روپيا پگهارون کڻڻ جي باوجود به نٿاڪري سگهن. وقت جي دز ۾ اسان جا آدرشي ڪردار پڻ وڃائجي ويا آهن. مسڪين جهان خان ٿر جو انسان دوست ۽ آدرشي ڪردار هو، مسڪين جهان خان جهڙن ماڻهن جو وڏو ظرف بنا ڪنهن لالچ جي سچائي ۽ ايمانداري سان ڪم ڪرڻ هو. سندس زندگي جو مقصد انسانيت جي خدمت ڪرڻ شامل هو. هن وقت سنڌ کي مسڪين جهان خان کوسي جهڙن انسان دوست ڪردارن جي ضرورت آهي. (ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۳ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل) مسڪين جهان خان کوسو ٿري مفلس پر مخلص شخص ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ “مسڪين جهان خان کوسو” عنوان وارو ڪتاب مجنون بلوچ لکيو آهي، جو پاڻ روينيو کاتي ۾ مختيارڪار هو پر کيس ادب سان دلچسپي رهي ۽ سندس لکڻ جو نوع نرالي هئڻ ڪري لکيل مضمون پڻ وڻندڙ آهن. هن ڪتاب کي پسند ڪرڻ ۽ اُن مٿي تنقيدي، تاثراتي ۽ تعريفي مضمون جن شخصيتن لکيا، انهن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، شيخ عبدالحليم جوش، ڊاڪٽر شيخ ابراهيم خليل، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، لطف الله بدوي، قاضي عبدالمجيد عابد، احمد خان آصف مصراڻي، ڪريم بخش خالد، نجم عباسي، حميد سنڌي، م.ع ڏيپلائي ۽ ٻيا شامل آهن. ڪيترين اخبارن ۾ هن ڪتاب جي تعريف ۾ ڪالم آيا، جنهن سان اهو مختصر ڪتاب ڪافي مقبول ٿيو ۽ يونيورسٽيءَ جي نصاب ۾ پڻ مقرر ٿيو، جو انهيءَ کان اڳ هن قسم جو سوانحي احوال موجود نه هو. ليکڪ جي حسن بيان ۽ حسن انتخاب هن ڪتاب کي نه فقط مشهور و معروف ڪيو پر رائيٽرس ڪلب جو انعام يافته ڪتاب پڻ قرار ڏنو ويو ۽ هڪدم ڪتاب جو ٻيو ڇاپو ڇپيو، جنهن ۾ اهي رايا ۽ مضمون پڻ شامل ڪيا ويا، جيڪي مٿين ليکڪن هن ڪتاب تي لکيا هئا. ”مسڪين جهان خان کوسو” ڪتاب هڪ ٿري مفلس پر مخلص شخص جي حياتيءَ جو زوردار ۽ اثرائتو عڪس آهي. هيءَ سوانح فقط ڄم ۽ موت جي رسمي تاريخ ۽ زندگيءَ جي سلسليوار بيان جي ڪٿا نه آهي، بلڪه ليکڪ هن ڪتاب ۾ مسڪين جهان خان جي دلي جذبن، پنهنجي ڏتڙيل ٿرين جي ڏکين حياتين تي آب هاريندڙ اکين کي فوٽو گرافر جيان چٽيو آهي. ننگرپارڪر تعلقي جي ڳوٺ سامي ويري ۾ ۹ جولاءِ ۱۹۰۹ع تي کوسن جي خاندان ۾ جنم وٺندڙ، جهان خان فطري طور مسڪين طبع پر اندران فولاد هو. سندس پيءُ رئيس بجار خان پوليس ۾ صوبيدار هو ته چاچو پڻ پوليس ۾ هو. کيس پڻ گهر وارن پوليس ۾ ڀرتي ڪرايو پر هو پوليس کاتي جي ظلمن ۾ غريبن کي تڙپندو ڏسي نه سگهيو ۽ نوڪري ڇڏي سڄي حياتي غريبن جي خدمت کي ارپي ڇڏيائين. هيءُ بلوچ بهادر ۽ نڊر هو. انهيءَ ڪري ڪنهن به بالا آفيسر سان ملڻ ۾ ڪڏهن به حجاب نه ڪندو هو. بلڪه کين ڳولهي وڃي لهندو هو ۽ پنهنجي هٿ ۾ ٻڌل فائيل جنهن ۾ ڳوٺاڻن جي سورن جا داستان هوندا هئا (يعني مختلف مسئلن جون درخواستون) سي آفيسرن جي اڳيان پيش ڪري سادن سودن ٿرين جا ڪم ڪرائيندو هو، بغير ڪنهن اُجوري ۽ محنت جي. ڏڪار جي ڏينهن ۾ ڊوڙ ڊڪ ڪري ٿرين لاءِ اناج ۽ ٻين سهولتن جو بندوبست ڪندو هو. حڪومت کي ٿر لاءِ تعميري تجويزون لکي درخواستون موڪليندو هو ته ڪتابچا ڇپرائي اختياريءَ وارن ڏي موڪليندو هو. هن نه ڪڏهن سردي جي پرواهه ڪئي ۽ نه ڪڏهن گرمي جي. فائيلن جا انبار کڻي آفيسن جي در در تي رلندو هو ۽ تيستائين سڪون سان ڪونه ويهندو هو، جيستائين اهو ڪم ٿي نه وڃي. جمال ابڙو پنهنجي آتم ڪٿا ۾ ٿر ۱۹۳۳ع ۾ وڃڻ جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته، “مسڪين جهان خان بلڪل فقير منش، ننڍي سفيد ڏاڙهي، درخواستن جي پٺارڪ ڪلهي تي، کيس سڻس پئجي ويئي ته چار چڱا اچي بنگلي تي لٿا آهن، سو هليو آيو ملڻ، تمام ڳنڀيرتا سان ٿر ۽ ٿرپارڪر جا مسئلا بيان ڪرڻ شروع ٿي ويو. ڏک، بک، سال جون بيماريون، نانگ بلائن جي علاج لاءِ دوائن جي اڻ هوند، کڻي پڇوس ته پوءِ ڇا ڪم ڪجي؟ ته هڪدم پٺارڪ لاهي ان بابت درخواستون پيو ڪڍي ڏيکاري، جيڪي اڳيئي بالا اختياري وارن کي ڏنيون هئائين. اسان کي عرض رڳو اهو آهي ته ان جي پوئواري ڪجو. بالا عملدارن کي ڪن کڻائجو. هڪ عجيب آسماني انسان هو، جو ٿر جي واريءَ مان اڇي کنڀيءَ وانگر ڦٽي نڪتو هو. ٿر ۽ ٿر واسين لاءِ سندس هڏ ٿي ڪم ڪيو. اهڙو عجب انسان جو ڪو ديوتا هو يا اوتار يا ڪو ولي الله. مون حيدرآباد جي ڪمشنر عبدالله ميمڻ کي چيو ته تنهنجي ڊويزن ۾ ٻه وڏا ماڻهو رهن ٿا، انهن جو خيال رکجانءِ، هڪڙو استاد منظور علي خان ۽ ٻيو مسڪين جهان خان کوسو. لک احسان جناب محمد بخش مجنون صاحب جا جنهن مسڪين جهان خان جي شخصيت تي هڪ نهايت چڱو ڪتابڙو لکي ڇپائي ڇڏيو ۽ اهو ڪيئن به ڪري پڙهي ڇڏڻ گهرجي. ناياب هوندو.” مون وٽ هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو موجود آهي، جو جميل پبليڪيشن ميرپورخاص وارن ۱۹۳۹ع ۾ شايع ڪيو. پهريون ڇاپو ۱۹۳۷ع ۾ ڇپيو هو. ۱۳۲ صفحن جي هن ڪتاب ۾ ۸۸ صفحن تائين پهرين ڇپيل ڇاپي جي باري ۾ تبصرا آهن ۽ ۸۹ کان ۱۳۲ تائين صفحن ۾ مسڪين جهان خان جو ذڪر آهي. محمد بخش مجنون، مسڪين جي طبع جي باري ۾ لکي ٿو ته، “کوسو” ۽ “مسڪين”؟! کوڙو ئي ڪونه ٿو لڳي، کوسو پئسي پنجڙ ۾ کڻي مسڪين هجي پر طبيعت جو مسڪين ڪڏهن به ٿي نٿو سگهي. کوسو کٽل ته به خان آهي، جُتي نه آهي ته به جوان آهي. گهر ۾ ڀل، ٽي ڏينهن دانگي به نه چڙهي هجيس، پر ٻاهر کوسو، اهڙي مخرج سان ڳالهائيندو ۽ اها ڏيکاري ڏيندو جو اڳلو سمجهندو ته مڙس ڪو لک تي مٿو ڌوئي آيو آهي.“ اڳيان لکي ٿو ته، “مسڪين نه رڳو هڪ درويش صفت ۽ درويش سيرت بزرگ آهي مگر هڪ بلند اخلاق ۽ نڊر بلوچ پڻ آهي.” اهو به لکيو اٿس ته مسڪين جي ٿر لاءِ محبت پڻ، انهيءَ اعليٰ ۽ ارفع دائري ۾ داخل ٿي چڪي آهي، جنهن ۾ مارئيءَ جو بيچين روح، ورهين کان وٺي ٿر جي ڀيانڪ ڀٽن ۾ ڀٽڪندو رهيو آهي. انهيءَ عفت ماب ۽ اعليٰ ڪردار مارئيءَ جي روح کي اڄ يقينن تسڪين هوندي ته سندس حب الوطنيءَ جي مشن کي زنده جاويد رکڻ لاءِ مسڪين جهڙو مجاهد سندس ئي ڏاڏاڻي ڏيهه ۾ پاڻ پتوڙي رهيو آهي.“ ”سرمائيدارن جي اکين ۾ مسڪين هميشه ڪنڊو ٿي چڀندو رهندو آهي. انهيءَ ڪَک جي ڪانيءَ ڪڍڻ لاءِ، وڏا ڪي وس ۽ حيلا هلائيندا آهن، آخر ۱۹۵۳ع ۾ اندريان ٻاهريان جانٺا هڻي، وارو ڪڍي مسڪين کي غنڊا ائڪٽ جي ڪارروائي ۾ اڙائي، کڻي دسي وڌائون مسڪين غريب کي، ٻه سال سخت پورهئي سان سزا ملي، ٻارنهن مهينا جيل ۾ رهيو.“ ليکڪ موجب مسڪين جهان خان جي انهيءَ گرفتاري سڄي سنڌ ۾ ٿرٿلو آڻي ڇڏيو. ڪيترن اخبارن ليک لکيا، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين تائين سندس گرفتاريءَ جا احوال ويا. وڏن وڪيلن سندس وڪالت ڪئي. هاءِ ڪورٽ ۾ رٽ پٽيشن داخل ٿي ۽ هو ضمانت تي آزاد ٿيو، پوءِ به سندس ويهه شنوايون ٿيون، جيڪي هُن سامي ويري کان ڪراچيءَ تائين سُڃ جي ثمر تي ٿرن جي ڀٽن ۽ ريل جي سفرن سان ڪيون. ٿر جي ڪولهين، مينگهواڙن مطلب ته هر ڪنهن سان رهائيندو هو. ڪولهي ته سندس محبوب قوم رهي، جو اهي سندس وانگر محنتي ۽ جفاڪش آهن. هو ٿرين جي ڪيترن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوشان رهندو هو ۽ ان ۾ ڪامياب پڻ ٿيو. هر ننڍي وڏي مسئلي کي لکت ۾ آڻيندو هو پين ۽ مس ڪپڙي گڏ گڏ ئي هوندا هئس. پنهنجيءَ هڙ ۾ هر شيءَ رکندو هو. سندس پويان ٿرين جا ولرن جا ولر هوندا هئا. پنڌ هلڻ کي ترجيح ڏيندڙ رهيو. سندس کاڌو صفا سادو ۽ اڪثر بکئي پيٽ هوندو هو. ڪٿي به زمين تي ڪنڊ ۾ سمهي رهندو هو. کيس پنهنجي ذات لاءِ ڪوبه شوق نه هو. نه هو سياسي ماڻهو هو ۽ نه ئي علمي ۽ ادبي پر سندس سماجي خدمتن کيس سڀني جو محبوب بنايو. سندس شاندار سماجي خدمتن جو اعتراف آمريڪن بايو گرافيڪل انسٽيٽيوٽ ۱۹۹۳ع ۾ کيس عالمي ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ٻنهي ملڪن جي بارڊرن تي پاسپورٽ ۽ ويزا سسٽم جا معاهدا اڃان ڪونه ٺهيا هئا ته چوري چڪاري وڌي ويئي. بارڊرن جي ٻنهي طرفن جا ڳوٺ خالي ٿيڻ لڳا. انهيءَ وقت مسڪين ميدان ۾ لٿو ۽ هڪ اهڙو ڪارنامو سرانجام ڏنائين، جنهن سان سندس واهه واهه ٿي ويئي ۽ هن “بين المملڪتي” حيثيت ماڻي. سندس ڳوٺ سامي ويري پاڪستان جو بارڊر ۽ ٻاکاسر هندوستان جي بارڊر جي آفيسرن جون ميٽنگون انهيءَ وقت جي مختيارڪار عبدالغفور آرائين ۽ صوبيدار عبدالله خان بروهيءَ جي حاميءَ سان ڪرايائين ته جيئن امن امان قائم ٿئي ۽ ان ريت چوري ٿيل مال پڻ ڀاڳين کي واپس وٺرايائين ۽ ائين ماهوار ميٽنگون منعقد ٿينديون هيون. ٻنهي ملڪن جي بارڊرن تي آباد ڳوٺن ۾ امن امان قائم ٿيو ۽ عوام جي چورن ۽ ڌاڙيلن جي آزار مان جند ڇٽي. هو پنهنجا ڪک ڇڏي لڏڻ کان بچي ويا. اهو سندس وڏو ڪارنامو آهي. مطلب ته هن سوانحي ڪتاب ۾ مسڪين جهان خان کوسي جي نيڪ نيتي، درياهه دلي، عاجزي، همٿ، محنت، خلوص، پنهنجي تر جي ماڻهن سان گڏ سڄي انسانيت جو ڀلو چاهڻ ڏسيل آهي. اهو ڪتاب هن نيڪ دل انسان جي حياتيءَ ۾ ڇپيو. کيس وڏي مڃتا ملي. نيڪي ڪڏهن به ضايع نه ٿيندي آهي. مسڪين جهان خان جون خدمتون ٿر جي عوام کي هميشه ياد رهنديون. هن عظيم انسان ۲۳ جولاءِ ۱۹۸۰ع تي ڄامشوري ۾ وفات ڪئي. سندس جسد خاڪيءَ کي ڪارونجهر جي هنج ۾ دفن ڪيو ويو. (ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۳ فتيبروري ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)
سيد امداد محمد شاھ سنڌ جو بي داغ سياستدان ۽ مخلص سماج سڌارڪ سهيل ميمڻ وچولي طبقي جي پڙهيل لکيل سماج سڌارڪ، سياستدان، سائين جي ايم سيد جي ننڍي فرزند، سياست ۾ شرافت ۽ ايمانداريءَ جي روايت برقرار رکندڙ ۽ سنڌي روايتن جي بهادر سپاهي، سائين امداد محمد شاهه جي اڄ نائين ورسي آهي. ۳۰ ڊسمبر ۱۹۳۵ع تي سن ۾ جنم وٺندڙ سيد امداد محمد شاهه پنهنجي پرائمري تعليم سن ۾ ۽ پوءِ سيڪنڊري تعليم ڪراچي جي سينٽ پيٽرڪ مشنري اسڪول ۾ ورتي، انٽر ميڊيئٽ ۽ سائنس ۾ گريجويشن پڻ ڪراچيءَ جي مشهور ڊي جي ڪاليج مان ڪرڻ بعد اسلاميه ڪاليج مان قانون جي ڊگري حاصل ڪئي. سائين امداد محمد شاهه اصولن جو ايترو ته پڪو هو پنهنجي اولاد جي به نه ٻڌندو هو. ٺيٺ سنڌي لهجي ۾ گفتگو ڪندو هو، انگريزيءَ تي عبور حاصل هئس، سادو کائيندو هو ۽ سادو پائيندو هو، وڏي گاڏي رکي وڏيرن وانگر ڳوٺ وارن تي داٻي بجاءِ عام ڪار ۾ سفر ڪندو هو، روڊ جو سفر سائين امداد شاهه ايترو ڪيو جو جيڪڏهن چئجي ته سندس اڌ زندگي روڊ تي سفر ۾ گذري ته به غلط نه ٿيندو. هو چوندو هو، پرڻو ڀلي ڪنهن جو نه کائي سگهجي ته خير آهي پر مرڻي تي اڳ يا پوءِ ضرور پهچجي. اهوئي سبب هو جو سائين امداد محمد شاهه جي ڪارجي ڊگيءَ ۾ اجرڪون هميشه پيل هونديون هيون. سائين امداد محمد شاهه وٽ، سائين جي ايم سيد جيان شام جو کل، ڀوڳ جي محفل نه لڳي اهو ممڪن نه هو. قانون جو ايترو احترام ڪندو هو جو، پنهنجي ڪار جي ريڊيو جو لائسنس به ٺهرائيندو هو. ڏوهارين لاءِ پويون ڏينهن هو، سندس چوڻ هو ته جي ڪو ڏوهاري درياهه ۾ ٻڏندو هجي ۽ توهان کي بچائڻ لاءِ هٿ ڏئي ته، ان کي هٿ کان وٺي درياهه مان ڪڍڻ بجاءِ، اڃا به ڌڪو ڏئي ڇڏجي. سائين امداد محمد شاهه طبيعت ۾ صوفي هو، ملڪ جي سڀني صوبن ۾ اڪثر صوفين اوليائن جي درگاهن تي ويندو رهندو هو. سائين امداد محمد شاهه جو وقت سائين جي ايم سيد جو فرزند هجڻ ڪري ننڍي کنڊ جي اهڙن با اصول ۽ باضمير ماڻهن سان گذريو، جيڪي سنڌ جي اصل سڃاڻ ۽ فخر هئا ۽ آهن. سائين امداد شاهه انهن عظيم هستين کان پرايو ۽ اهڙو ئي بااصول، شريف ۽ سماج سڌارڪ انسان ٿيو. ننڍپڻ ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي سرپرستيءَ ۾ سندس تربيت ٿي. سائين امداد شاهه، پارسين کان سڀ کان وڌيڪ متاثر هو، هو چوندو هو ته پارسي ته مرڻ بعد به پنهنجو جسم پکين کي کارائين ٿا ۽ ملڪ ۾ عضون جي پيوندڪاري پارسين کان ئي شروع ٿي. سڪرنڊ تعلقي جي ڳوٺ مجيد ڪيريو ۾ سائين امداد محمد شاهه جي زمينداري رهي، انهيءَ ڳوٺ ۾ پهريون پرائمري اسڪول ۱۹۶۰ ۾ سندس ئي ڪوششن سان قائم ٿيو ۽ پوءِ تعلقي سڪرنڊ جا مڊل اسڪول مجيد ڪيريو، صابو راهو، کڏهر، محراب پور، گبر ڏاهري، مير محمد جوڻو، لاکاٽ، لاکا آباد ۽ رمضان راهو سائين امداد محمد شاهه ئي قائم ڪرايا. علائقي جي ڳوٺن دليل راهو، خيبر لکمير، لانڍي، حسن جمالي، مهر علي جمالي، محمد فقير لغاري، ٻڍل شاهه، بچل پور ۽ ماڙي جلباڻي، جا هاءِ اسڪول ۽ قاضي احمد هائير سيڪنڊري اسڪول به امداد محمد شاهه ئي قائم ڪرايو. ان کان علاوه سنڌوءَ جي بچاءُ بندن تي سندس نظر هميشه رهي، ان کي ڪڏهن به ڪمزور ٿيڻ نه ڏنائين. صحت جي سهولتن لاءِ ڪيترائي بي ايڇ يو قائم ڪرايائين. سائين امداد محمد شاهه سياست جي شروعات عوامي ليگ کان ڪئي. بنگلاديش ٺهڻ بعد سائين امداد شاهه ڪنهن ٻي پارٽيءَ ۾ شامل نه ٿيو. ۱۹۷۹ع ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل نوابشاهه ۾ آزاد اميدوار طور بيٺو ۽ ڪامياب ٿيو، ان بعد ۱۹۸۵ع ۽ ۱۹۸۸ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي آيو ۽ مخالف ڌر جو اڳواڻ بڻيو، سائين امداد محمد شاهه بي باڪ ۽ بي پرواهه ٿي ڳالهائيندو هو، کيس نوابشاهه ضلعي جي سيدن جي سياست جو ماسٽر مائينڊ سڏيو ويندو هو. سائين امداد محمد شاهه ثقافتي ميدان ۾ پڻ پاڻ ملهايو، حمل فقير جو ميلو شروع ڪرائڻ جو بنياد سائين امداد شاهه ئي وڌو. سائين جي ايم سيد کان پوءِ سائين امداد محمد شاهه به قومپرست ڪارڪنن جي ٽيڪ ۽ ڏڍ هو، پري پري هو پر پوءِ به سندس هوندي ڪارڪنن کي وارث هجڻ جو احساس ٿيندو هو. هو سکر ايندو هو ته مٿئين طبقي جي دوستن وٽ نه رهندو هو، جيڪي ساڻس ايم پي ايز رهيا ۽ کيس منٿون ڪندا هئا يا ناراض ٿيڻ جي ڌمڪي ڏيندا هئا، مونکي اهو اعزاز حاصل آهي ته سائين امداد محمد شاهه جڏهن به سکر ايندو هو ته مونکي خدمت جو شرف بخشيندو هو. سيد امداد محمد شاهه جا آخري سال پڻ پنهنجي ڳوٺ مجيد ڪيريو ۾ زمينون سنڀالڻ، راڄوڻي فيصلا ڪرڻ، حمل فقير جو ميلو لڳرائڻ، مرڻي پرڻي ماڻهن سان پير ڀرڻ، ڳوٺاڻن، سياسي ڪارڪنن، اديبن ۽ هر ايندڙ ويندڙ سان ڪچهري ڪرڻ، پنهنجن ئي قائم ڪرايل اسڪولن ۽ اسپتالن جي سار سنڀال لهڻ، مالڪي ڪرڻ گذاريا. سيد امداد محمد شاهه ڪجهه وقت بيمار رهڻ بعد ۲۹ سيپٽمبر ۲۰۰۴ع تي گذاري ويو، کيس وصيت موجب سندس پنهنجي ٻنين ۾ ڳوٺ مجيد ڪيريو ۾ دفنايو ويو. سيد امداد محمد شاهه هڪ صالح قومپرست اڳواڻ ابو ايلسا سنڌ جي سياست ۾ صالح اڳواڻن جي هڪ ڊگهي قطار آهي، جن جا نالا وٺڻ سان تاريخ جا ڪيئي دور ياد اچي وڃن ٿا، سيد امداد محمد شاهه به انهن نالن مان هڪ آهي، هو بنيادي طور تي هڪ بهترين سماج سڌارڪ هو، سياست کيس وڏڙن جي طرفان ورثي ۾ ملي، پر هن مخلص سماجي اڳواڻ ۽ اصول پرست پارلياماني سياستدان طور پنهنجي سڃاڻپ پنهنجي ڪردار ذريعي ڪرائي، سن ۾ جنهن بنگلي ۾ هن وقت سائين جلال محمود شاهه ويهندو آهي، ان بنگلي جي مرمت سائين امداد محمد شاهه ڪرائي، شام جو وقت هو ماڻهن سان ڪچهري دوران سائين امداد محمد شاهه چيو ته اسان جا وڏڙا گهڻو ڪجهه ڇڏي ويا آهن ۽ اسان کي مرمت ڪرائڻ به ڏکي لڳي ٿي، پر پوءِ به نڀائي وينداسين. ”ٻري جن ٻاري، هلو تڪيا پسون تن جا“ لطيف جو شعر چئي هن وڌيڪ چيو ته اسان پنهنجو فرض نڀايون پيا، اميد ته اسان جا پونئير ٻاريندا، سائين امداد محمد شاهه جي سماجي ڪم جو بنياد شاهه حيدر ايجوڪيشنل سوسائيٽي آهي، ان کي لڳ ڀڳ ۴۰ سال ٿي ويا آهن، جيڪا هينئر به پنهنجو ڪم جاري رکندي پئي اچي، ان تنظيم جو بنياد وجهڻ وقت سن شهر جي هر دڪاندار کي ان ڳالهه جو پابند بڻايو ويو هو ته هر دڪاندار روزانو ۵ پيسا جمع ڪرائيندو ۽ رقم گڏ ڪرڻ لاءِ هڪ وڏو ڀانڊارو ٺهرايو ويو هو ۽ سوسائيٽي لاءِ شايد ۴۰ ايڪڙ زمين به رکي وئي هئي، سوسائيٽي جو ڪم صرف ۽ صرف غريب شاگردن کي يونيفارم ۽ ڪتاب ڏنا ويندا هئا ۽ اداري طرفان هڪ هاسٽل به ٺهرائي وئي هئي، جنهن ۾ ٻاهريان شاگرد، ڊيوٽي ڪندڙ ملازم ۽ آفيسر ماني کائيندا هئا، انهن شاگردن ۾ تازو چونڊيل ايم پي اي فقير داد کوسو به آهي، مهراڻ، لمس ۽ سنڌ يونيورسٽي ۾ غريب شاگردن جي فيس ۽ ٻيو خرچ ٻه ادارو ادا ڪري ٿو، تازو شاهه حيدر ايجوڪيشنل سوسائٽي طرفان لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي، سنڌ يونيورسٽي ۽ قائدعوام يونيورسٽي سان سائين جي ايم سيد، سيد امداد محمد شاهه ۽ جيجي درشهوار سيد جي نالن تي غريب شاگردن کي اسڪالرشپ ڏيڻ جو معاهدو ڪيو ويو آهي، سائين امداد محمد شاهه جو اهو خواب هو ته اهڙا ادارا قائم ڪري بهتر تعليم ۽ بهتر سماج اڏي سگهجن ٿا، سياسي زندگي ۾ سائين امداد محمد شاهه هڪ بهترين پارليامينٽيرين ۽ اصول پسند سياستدان هو، شيخ مجيب الرحمان جي عوامي ليگ سنڌ جو اڳواڻ به هو، ان پارٽيءَ ۾ شموليت کان اڳ ۾ سائين جي ايم سيد کان اجازت ورتي هئائين، پر اتي به هن پنهنجي ايمانداري سان ڪم ڪيو، ۱۹۸۸ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي آيو ۽ جڏهن به اسيمبليءَ ۾ خطاب ڪندو هو ته خاموشي ڇائنجي ويندي هئي، ٻيو عبدالحميد خان جتوئي لاءِ به مشهور هوندو هو، اهو به جڏهن قومي اسيمبليءَ ۾ ڳالهائيندو هو ته ايوان ۾ جيڪڏهن سئي به اڇلائجي ته ان جو آواز به ٻڌڻ ۾ ايندو هو، ان دور ۾ سائين جي ايم سيد کي اسيمبليءَ ۾ غدار قرار ڏيڻ لاءِ ڪجهه ميمبرن گوڙ ڪيو هو ته عبدالحميد جتوئي گجگوڙ تي کين خاموش ڪرائي چيو ته جي پاڪستان ۾ توهان ويٺا آهيو ان جو جي ايم سيد سنڌ اسيمبليءَ مان ٺهراءُ پاس ڪرايو هو. ايئن ئي جڏهن به عبدالحميد جتوئي اسيمبليءَ ۾ ڳالهائيندو هو ته خاموشي ڇائنجي ويندي هئي، سنڌ اسيمبليءَ ۾ تقرير لاءِ سائين امداد محمد شاهه اٿندو هو ته سمورا ميمبر کيس سنجيدگي سان ٻڌندا هئا، هن جي اسيمبلي ۾ احتجاج جو به انداز هڪ نرالو هوندو هو، توڙي ڦاٽڪ جي اسيرن جي آزادي لاءِ اسيمبلي ۾ زمين تي اجرڪ وڇائي ان تي ويهي احتجاج ڪيو هو، سندس هڪ ٻيو تاريخي ڪردار به وسارڻ جهڙو نه آهي، ايم آر ڊي جي دور ۾ سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ پنهون خان چانڊيو ۾ فوجين جي گولين سان پروڻ ٿيل ڳوٺاڻن جي لاش به فوجين وٽان پاڻ کڻائي نوابشاهه اسپتال آندا ۽ ان جي ڪفن ۽ دفن جو به بندوبست ڪرايائين، سنڌ اڄ اهڙي ڪردار کي ياد ڪندي پنهجو ڪنڌ فخر کان اوچو ڪري رهي آهي. سيد امداد محمد شاهه سنڌ جو محب وطن اڳواڻ ۽ سماج سڌارڪ ايم حنيف لاشاري سنڌ ڌرتيءَ تي اهڙن سنڌ امڙ جي پٽن جنم ورتو آهي جن کي سنڌ جي خدمت جو اونو هجڻ ڪري اڻ ٿڪ ڪوششن، قربانيءَ جي جذبي ۽ پنهنجي وس آهر سنڌ جي خدمت ڪندا رهيا آهن.انهن سنڌ امڙ جي پٽن مان سيد امداد محمد شاهه پڻ هڪ آهي. سيد امداد محمد شاهه جو جنم ۳۰ ڊسمبر ۱۹۳۵ع تي سنڌ جي تاريخي شهر سن ۾ ٿيو. سن جو شهر سنڌ جي قومي، ادبي، ثقافتي تاريخ ۾ نمايان حيثيت رکي ٿو. سن سنڌ جي فڪري تربيت ۽ قومي هلچل جو مرڪز رهيو آهي. سن جي سرزمين تان سنڌ جي حقن لاءِ هميشه آواز گونجيو آهي. بزرگ هستي سيد حيدر شاهه سنائي کان سائين جي ايم سيد ۽ سيد امداد محمد شاهه تائين سن سنڌ جي قومي حقن لاءِ هلچل ۽ جدوجهد ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي. سيد امداد محمد شاهه جي شخصيت سنڌ جي سياست ۽ سماجي خدمت ۾ ڪنهن به تعارف جي محتاج نه آهي. هن پنهنجي حياتي دوران سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي قومي حقن لاءِ جيڪا جدوجهد ڪئي/آواز اٿاريو ان کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي. پوءِ ڇو نه اهو سنڌ اسيمبلي جو ايوان هجي يا سنڌ جو ٻيو ڪو پيلٽ فارم! سيد امداد محمد شاهه هر محاذ تي سنڌ جي حقن لاءِ آواز اٿاريو ۽ وقت جي حاڪمن سان ٽڪر به کاڌو. سندس صوبائي اسيمبلي توڙي ٻين سياسي پيلٽ فارمن تي ادا ڪيل ڪردار، جدوجهد هڪ يادگار مثال ۽ اڻ وسرندڙ باب آهي. هي پنهنجي تاريخي ڪردار، عمل ۽ جدوجهد عيوض هميشه زندهه آهي. سيد امداد محمد شاهه جو جنم سائين جي ايم سيد جي گهر ۾ ۳۰ سيپٽمبر ۱۹۳۵ع ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم جا ٻه درجا سن جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ حاصل ڪيا ۽ پرائمري کان مئٽرڪ ۵۴-۱۹۵۳ع تائين سينٽ پيٽرڪس اسڪول ڪراچي مان تعليم پرائڻ بعد انٽر ميڊيٽ ۽ بي. ايس. سي، ڊي جي سائنس ڪاليج ڪراچي مان حاصل ڪرڻ بعد ۱۹۶۵ع ۾ وڪالت جي ڊگري ايل. ايل .بي اسلاميه لا ڪاليج ڪراچي مان مڪمل ڪيائون. جنهن بعد ڪجهه وقت قاضي فيض محمد سان وڪالت به ڪيائون. سائين امداد محمد شاهه ڪراچيءَ مان پڙهائي دوران موڪلن ۾ جڏهن سن واپس موٽيا پئي ته سائين ڏٺو ته سن ۽ آسپاس ۾ تعليم جو فقدان آهي ۽ غربت سبب سوين شاگرد تعليم به نٿا پرائي سگهن ان وقت دادو ضلعو ڪراچي ۾ هوندو هو ۽ تعلقو ڪوٽڙي هو. تعلقي ڪوٽڙي جو ٻيو نمبر وڏو شهر سن هو پر ان وقت مڊل اسڪول نه هجڻ ڪري سوين شاگرد پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ بعد گهر ويهي رهندا هئا يا ڪي شاگرد دوڪان کولي پنهنجو روزگار ۾ لڳي ويندا هئا. پر اڳتي تعليم حاصل ڪري نه سگهندا هئا. سن ۾ پرائمري تائين تعليم هئڻ ڪري به سوين شاگردن سن سميت ٻين آسپاس جي علائقن جي شاگردن جيان غربت سبب اڳتي تعليم حاصل نه ڪري سگهندا هئا صرف سرنديءَ وارن جا ٻار ۽ سن جا مقامي ڪجهه ٻار اعليٰ تعليم پرائڻ لاءِ پڙهائي خاطر ٻاهر مشڪل سان نڪري سگهندا هئا. سائين امداد محمد شاهه جڏهن پاڻ اسڪول جو دورو ڪيائون ته ڏٺائين ته پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ به ٻهراڙيءَ جا ڪجهه نه هجڻ برابر شاگرد پڙهائي حاصل ڪري رهيا هئا، سائين امداد محمد شاهه، سائين عبدالواحد ميمڻ جيڪو ان وقت پرائمري اسڪول جو هيڊ ماستر هيو ۽ اسڪول جي استاد سائين محمد عرس کان سبب پڇيا ته انهن کين ٻڌايو ته سن ۽ پسگردائي وارن علائقن ۾ پڙهائي جو شعور نه آهي جنهن جو سبب غربت آهي. هتي صرف سرنديءَ وارا ميمڻ آهن، جيڪي پڻ پنهنجن ٻارن کي ستين درجي تائين پڙهائڻ بعد دوڪانن تي ويهارين ٿا. اسين بمشڪل ۲۰، ۲۵ شاگرد ڪري سگهون ٿا ۽ ٻهراڙين ۾ اسڪول نه هجڻ ڪري اتي جا رهواسي پنهنجن ٻارن کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ به سن طرف نه ٿا موڪلي سگهن . سائين عبدالواحد ميمڻ ۽ سائين محمد عرس ملاح ، سائين امداد محمد شاهه کي هڪ تجويز ڏني ته جڏهن اسين ننڍا هئاسين ته ان وقت سائين جي ايم سيد ضلعو دادو (جيڪو ان وقت ڪراچي ضلعي ۾ هو)، ان دوران سن ۾ جامع مسجد ۾ مدرسي کي هلائڻ لاءِ فري فوڊMess کولرايو هو. جنهن ۾ کاڌي وغيره جو پڻ انتظام هو. جنهن ۾ شاگرد سائين عنايت الله گائنچو ۽ ٻيا پري، پري کان پڙهڻ ايندا هئا. هن وقت غلام محمد ڏاوچ دادو وارو (جيڪو هن وقت ڊي سي آهي) ۽ محمد ابراهيم جويو صاحب (جيڪو هن وقت ملڪ جو ڏاهو ۽ اديب آهي) لڪي آباد مان پڻ انهيءَ مدرسي جا پڙهندڙ هئا ۽ تعليم حاصل ڪندا هئا. اوهين به اهڙو فري بورڊنگ کولرايو ته ماڻهو اچن نه ته غربت سبب اچي نه سگهندا. ٻئي ڏينهن تي سائين امداد محمد شاهه سن جي شهرين جي ميٽنگ گهرائي ۽ تعليم جي بهتري لاءِ شاهه حيدر ايجوڪيشنل سوسائٽي جو بنياد وڌو، جنهن ۾ سائين محمد عرس اها تجويز پيش ڪئي ته هتان جا مقامي روزگار وارا ڪجهه چندو گڏ ڪندا جنهن ۾ سن ۽ آس پاس جي ڳوٺن جي شاگردن کي سن ۾ ئي هاسٽل قائم ڪرائي کين کاڌو مفت فراهم ڪيو ويندو ته جيئن اهي انٽر تائين بهتر تعيلم حاصل ڪري سگهندا. اها تجويز شهرين کي وڻي ۽ وس آهر مالي مدد ڪئي. ۽ ڌرم شالا جي بلڊنگ ۾ جيڪا هن وقت (شاهه حيدر ايڊيوڪيشنل سوسائٽي جي ملڪيت آهي) ۽ پرائمري اسڪول جي سامهون آهي. ان جي مرمت ڪرائي ۽ ۱۹۵۶ع ۾ ان ۾ مڊل اسڪول کولرايو. ان جي پٺيان هڪ وڏي عمارت به هوندي هئي، جنهن ۾ بورڊنگ هائوس کولرايو. جنهن ۾ آس پاس جا شاگرد اچي رهيا. انهي دوران ۸۲ شاگرد اچي رهيا. ان فري فوڊ ۾ انڙپور، ٻڍاپور، چارا، ڄامشورو، مانجهند، لاکا ۽ مٽياري کان ويندي لڪي، آمري ۽ ڇڇر جا شاگرد رهندا هئا. سائين عبدالواحد ميمڻ ۽ سائين محمد عرس ملاح صاحب جن سڄو انتظام سنڀاليندا هئا شاگردن کي کاڌي پيتي ۽ رهائش سميت ٻيون سهولتون شاهه حيدر ايجوڪيشنل سوسائٽي (شيس) پاران ڪجهه شهرين جي چندي ۽ ڪجهه سائين امداد محمد شاهه جي خرچ مان مهيا ڪري ڏيندا هئا ته جيئن اُهي غريب شاگرد آساني سان پڙهائي حاصل ڪري سگهن. انهيءَ مڊل اسڪول دادو کان وٺي درياهه جي اورئين ڀر مٽيارين تائين تعليمي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو. شاهه حيدر ايجوڪيشنل سوسائٽِي (شيس) جي اسڪالرشپ ۽ فري فوڊ (ميس) واري ڪامياب عمل مان ڪيترائي شاگرد پڙهي اڳتي نڪتا کين يونيورسٽين تائين به ڪجهه شاگردن جي شاهه حيدر ايجوڪيشنل سوسائٽي (شيس) پاران سهڪار ڪيو ويو. انهن ڪجهه ڪامياب شاگردن مان هيٺ ڪجهه نالا ڏجن ٿا. فقير داد کوسو، بشير سولنگي، شبير سولنگي، سيد محمد علي شاهه ۽ ٻيا شاگرد شامل هئا. فقير داد کوسو سنڌ يونيورسٽيءَ جي دور ۾ قومپرست شاگرد اڳواڻيءَ مان سياست جي شروعات ڪئي اڄ اهو سنڌ اسيمبلي ۾ ٿاڻي بولاخان تڪ جو ايم پي اي ميمبر آهي سندس محنت ۽ شاهه حيدر سوسائٽي جي ساٿ ڪري اڄ اهو اسيمبلي جي ايوانن ۾ ويهي پنهنجي تڪ جي نمائندگي ڪري رهيو آهي. بشير احمد سولنگي لمس يونيورسٽِيءَ مان پڙهائي بعد ڊاڪٽري ڊگري حاصل ڪرڻ بعد هڪ سٺو ڊاڪٽر بڻيو ۽ اهو وڏو ڊاڪٽر ٿي اڀريو ۽ ضلعي مٽياري ۽ ضلعي حيدرآباد جو ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر پڻ ٿي رهيو، ڪجهه وقت ڊپٽي ڊي جي هيلٿ به رهيو ۽ هن وقت پاڻ رٽائرڊ آفيسر آهن. شبير احمد سولنگي مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ۽ سيد محمد علي شاهه انجنيئرنگ يونيورسٽي لاهور مان ڊگري حاصل ڪرڻ بعد وڏا انجنيئر بڻيا ۽ سرڪاري اداري ۾ انجنيئر طور خدمتون سرانجام ڏنيون. سائين امداد محمد شاهه پاران قائم ڪيل فلاحي اداري شاهه حيدر ايجوڪيشنل سوسائٽي (شيس) پاران هن وقت به سيد امداد محمد شاهه جي فرزند ڊاڪٽر سيد ضياءُ شاهه به پنهنجي والد جيان غريب ۽ بي پهچ شاگردن جي اعليٰ تعليم لاءِ جدوجهد جاري رکندو اچي جنهن ۾ يونيورسٽي تائين پهچندڙ غريب هوشيار شاگردن کي شاهه حيدر ايجوڪيشنل سوسائٽي پاران اسڪالرشپ ڏني ويندي آهي ۽ يونيورسٽي تائين پڙهائي جو سمورو خرچ شاهه حيدر ايجوڪيشنل سوسائٽي (شيس) برداشت ڪري رهي آهي. هن وقت ڪيترائي شاگرد مهراڻ انجنيرنگ يونيورسٽي ڄامشور ۽ قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاهه ۾ زير تعليم آهن. سندس پڙهائيءَ جو سمورو خرچ سائين امداد محمد شاهه پاران قائم ڪيل فلاحي اداري شاهه حيدر ايجوڪيشنل سوسائٽي طرفان سندس فرزند ڊاڪٽر سيد ضياءُ شاهه ۽ سائين امداد محمد شاهه جي وڏي نياڻي جيجي نيلوفر محمد شاهه برداشت ڪري رهيا آهن. ۽ ان سان گڏوگڏ قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاهه ۾ پڻ يونيورسٽي ٽاپ شاگرد کي ۲۰۱۳ع کان هن وقت تائين گولڊ ميڊل ڏيڻ جو سلسلو پڻ جاري ۽ ساري آهي. سائين امداد محمد شاهه جي وڇوڙي بعد سائين امداد محمد شاهه جي فلاحي ڪمن کي جاري رکڻ لاءِ سندس فرزندن سيد جلال محمود شاهه، ڊاڪٽر سيد ضياءُ شاهه ۽ سيد زين شاهه ۲۰۰۷ع ۾ سندس نالي سان هڪ ٻيو فلاحي ادارو امداد فائونڊيشن جو پڻ بنياد وڌو جيڪو پڻ نوابشاهه ضلعي جي مستحق ماڻهن جي مدد ڪري رهيو آهي تعليم ۽ صحت سميت ٻين مسئلن جي بهتري لاءِ هن وقت اهو ادارو پنهنجي مدد پاڻ تحت ئي روان دوان آهي هن وقت امداد فائونڊيشن جو موجوده چيئرمين پروفيسر انعام ڀٽي آهي. سيد امداد محمد شاهه ۱۹۸۵ع کان ۱۹۸۸ع ۽ ۱۹۸۸ کان ۱۹۹۰ع تائين ٻه دفعا سنڌ اسيمبليءَ جو صوبائي ميمبر چونڊيو ويو ته پنهنجي تڪ سڪرنڊ سميت سنڌ جي ٻين تڪن جي مسئلن ۽ ترقياتي ڪمن لاءِ اسيمبليءَ اندر ڀرپور آواز اٿاريندو رهيو. جڏهن ته ٻين تڪن لاءِ آواز اٿارڻ تي انهن تڪن جا معزز ميمبر صاحبان سيد امداد محمد شاهه تي ناراض به ٿيندا هئا. جو سيد امداد محمد شاهه سندن تڪن جي عوام لاءِ سندن بدران آواز اٿاريندو هو. پر سيد امداد محمد شاهه پاڻ ڪڏهن به ناراض نه ٿيو بلڪه مشڪندي انهي کي مخاطب ٿي چوندو هو ته مون لاءِ سموري سنڌ اکين جو نور آهي آئون چاهيان ٿو ته پوري سنڌ ۾ تعليم جي روشني ڦهلجي. کيس سندس انهن خدمتن جي سلسلي ۾ سنڌ جي ڏورانهن علائقن خاص ڪري ڏکويل ٿرين ، بدين ۽ جيڪب آباد جي علائقن مان خط ايندا هئا ته سندس ٻارن جي تعليم لاءِ کين اسڪول گهرجن نتيجي ۾ پاڻ انهن جي مطالبن جو پورائو ڪندو هو. سيد امداد محمد شاهه ٻهراڙي جي ماڻهن کي شهرن تائين پهچڻ ۽ پنهنجي خام مال کي منڊين تائين رسائڻ جي سلسلي ۾ پنهنجي علائقي ۾ رستن جو ڄار وڇارايو نتيجي ۾ ننڍا ننڍا ڳوٺ شهرن سان ڳنڍجي پيا آهن ۽ عوام ۾ ڪافي خوشحالي پيدا ٿي پئي آهي اهڙن رستن جي وچور ۾ موريو لاکو کان سعيدآباد، کڏهر کان سرهاري، سرهاري روڊ کان مير خان لغاري وايا حمل فقير، مير خان لغاري کان ڪنب ليمان ريگيوليٽر وايا ڇپر کوسو ۽ فضل ڪيريو، سرهاري روڊ کان عيسو ڪيريو وايا کڏهر روڊ، صابو راهو کان صوبدار حاجاڻو وايا علي بخش سنجراڻي، هالا برانچ کان سعيد خان لاکو وايا، محمد خان مگسي، محرابپور کان مراد علي چانڊيو، محرابپور کان قومي شاهراهه وايا راهب شاهه کان ريڻ شاخ. انهن کان سواءِ نواب ولي محمد شاهراهه کان رمضان راهو وايا، لونگ سومرو، سڪرنڊ، نوابشاهه روڊ کان خان محمد انڙ قومي شاهراهه کان ڪنگو، علي آباد کان بچاءَ بند مجيد ڪيريو کان مڏ، مڏ کان ڇتن شاهه، ڇتن شاهه کان يارمحمد ٽانوري، قومي شاهراهه تي مشائخ کان يارمحمد ٽانوري، نوابشاهه کان کڏهر روڊ کان علي مراد ڀٽو، نوابشاهه روڊ کان سرهاري روڊ قومي شاهراهه تي ڳوٺ دڌ کان جمن کيڙو ڳوٺ تائين لنڪ روڊ ۽ مراد ڪيريو، بخشو مگسي، ٻاجهي چانڊيو، رحيمون ڪيريو لنڪ روڊ اچي وڃن ٿا. اهڙي طرح سان سيد امداد محمد شاهه نه صرف ٻهراڙي جي ننڍن ننڍن ڳوٺن ۽ واهڻن کي رسستن جي ذريعي پاڻ ۾ ملايو پر انهن کي شاهراهه سان به ڳنڍي ڇڏيو. سيد امداد محمد شاهه، ايوب خان جي مارشل لا واري دور خلاف جدوجهد ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ سرگرم رهيو ۽ ايوب خان جي مقابلي ۾ قائداعظم جي ڀيڻ محترمه فاطمه جناح جي حمايت ۾ اليڪشن مهم ۾ ڀرپور حصو ورتو. پاڻ ۱۹۸۵ع ۽ ۱۹۸۸ع ۾ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر رهيو. ۱۹۹۸ع ۾ مظلوم قومن کي حق ڏيارڻ لاءِ برک سياستدان عطاءُ الله مينگل، اجمل خٽڪ ۽ ٻين سان گڏجي پونم جو قيام عمل ۾ آندو. هو ۹۰ع واري ڏهاڪي ۾ اليڪشني سياست کان پاسيرو رهيو ۽ سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ مجيد ڪيريي ۾ زمينداري ڪرڻ لڳو، پر ان دوران سنڌ جي حقن واري جدوجهد ۾ مصروف عمل رهيو. جواني کان آخر تائين زمينداري سان گڏ سياست ۽ سماجي ڪمن ۾ سرگرم رهيو. سيد امداد محمد شاهه اسيمبلي ميمبر هئڻ دوران سنڌ جي قومي مسئلن تي جيڪا نمائندگي ڪئي ۽ آواز اٿاريو، اهو قابل تعريف آهي ان کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي. اڪثر ميمبر جڏهن مصلحتن خاطر خاموش هوندا هئا .ان دور ۾ اسيمبلي ۾ سيد امداد محمد شاهه سنڌ جو ڪيس بهادري ۽ دليري سان پيش ڪيو. سيد امداد محمد شاهه سنڌ اسيمبلي جي ميمبري دوارن پهريون ميمبر هو جنهن ڪالاباغ ڊئم خلاف اسيمبلي ۾ احتجاجي ڌرڻو هنيو. سيد امداد محمد شاهه ۱۰ آگسٽ ۱۹۹۸ع تي پ پ چيئرپرسن بينظير ڀٽو، رسول بخش پليجو، بشير خان قريشي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سنڌ پنجاب جي دنگ تي ڪالاباغ ڊئم رٿا خلاف لکين ماڻهن جي ڌرڻي ۾ بيماري ۽ پيرسني ۽ سخت گرمي باوجود شرڪت ڪئي. سندس هڪ ٻي خاصيت اها به هئي ته هو هميشهه سائين جي ايم سيد وانگر تنگ نظر قومپرست شائونزم جو سخت مخالف هو. هو سنڌ اندر رهندڙ ماڻهن جي وچ ۾ محبت ۽ ڀائيچاري جو وڏو حمايتي هو. سائين جي ايم سيد وانگر امداد محمد شاهه پڻ سنڌين ۽ اردو ڳالهائيندڙن جي وچ ۾ ويجهڙائي ۽ سنڌ ۾ مستقل امن امان جي قيام لاءِ ڪوششون ڪيون ۽ سنڌ کي امن جو گهوارو بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. عوامي ليگ، جيئي سنڌ قومي محاذ، جيئي سنڌ تحريڪ، اينٽي ڪالا باغ ايڪشن ڪاميٽي، اينٽي ڪالاباغ ڊئم فرنٽ، نيشنل عوامي پارٽي، سنڌ هاري ڪاميٽي، اينٽي گريٽر ٿل ڪئنال ايڪشن ڪاميٽي، اينٽي ون يونٽ تحريڪ، پونم، ۽ ٻين پارٽين جي جلسن ۾ سندس تقريرون هميشهه ڪنن ۾ ٻرنديون رهنديون. عطاءُ الله مينگل، اجمل خٽڪ، محمود اچڪزئي، شيخ مجيب الرحمان، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي جي ساٿي سيد امداد محمد شاهه جي زندگي، ڪردار ۽ جدوجهد تي سنڌ ۽ سنڌين کي هميشهه فخر رهندو ڇو ته هن هميشهه وڏي واڪي سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪئي ۽ عملي طور به ان تي ثابت قدم رهيو. سيد امداد محمد شاهه سنڌ دوست ۽ بااصول قومپرست اڳواڻ هو. هو ڪيترين ئي تعليمي سوسائٽين جو باني چيئرمين ۽ ميمبر رهيو. جهڙوڪ: شاهه حيدر ايجوڪيشنل سوسائٽي (شيس). محمد هاشم ٺٺوي ايڊيوڪيشنل سوسائٽي. سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي طرفان قائم ڪيل قائد اعظم پبلڪ اسڪول درساڻو ڇني. ڪراچي يونيورسٽي جي سينيٽ جو ميمبر وغيره. ان کان علاوه حمل فقير يادگار ڪميٽي جو بانيڪار پڻ رهيو. پاڪستان جي مظلوم قومن جي اتحاد (PONAM) جو قيام پڻ سيد امداد محمد شاهه جي ڪاوشن جو نتيجو رهيو. سندس آئيڊيل شخصيتون شيخ عبدالمجيد سنڌي، غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي، خان عبدالغفار خان هئا. جڏهن ته پاڻ سفر/سياحت جا پڻ شوقين رهيا ۽ موجوده پاڪستان جا چار ئي صوبا، هاڻوڪو بنگلاديش، ڀارت، جاپان، برطانيا، فرانس، اسپين، آمريڪا، هالينڊ سميت ٻين ملڪن جو سير و سفر پڻ ڪيا. سندس آئيڊيل ڪميونٽي: پارسي ۽ فلاحي ڪم ڪرڻ هو. سيد امداد محمد شاهه نوابشاه ضلعي، تعلقي سڪرنڊ ۽ اباڻي تعلقي ڪوٽڙي ۾ ڪيترائي سماجي ڪم ڪيا. اسڪول، اسپتالون، ٺهرايون. ڊرينج سسٽم ۽ رستا ٺهرايا. اهوئي سبب هو جو هو جڏهن به پنهنجي سڪرنڊ واري تڪ مان چونڊن ۾ حصو وٺندو هو ته سندس مقابلي ۾ ڪنهن به پارٽيءَ جو اميدوار کٽي نه سگهندو هو. زندگيءَ ساڻس وفا نه ڪئي ۽ هن عظيم انسان جي سموري زندگي مسلسل جدوجهد ۽ سماجي خدمتون ڪندي گذري بيماريءَ جي حالت ۾ به وفات کان هڪ ڏينهن اڳ اسڪولن جو دورو ڪيو هئائين . ۲۹ سيپٽمبر ۲۰۰۴ع تي دل جو دورو پوڻ سبب ۶۹ سالن جي ڄمار ۾ سنڌ جو ناميارو قومپرست اڳواڻ ۽ سماج سڌارڪ سيد امداد محمد شاهه سنڌ امڙ جي هنج ۾ آرامي ٿيو. سندس وفات تي هزارين چاهيندڙ زارو قطار ۽ اوڇنگارون ڏيندا روئيندا رهيا. کيس ڳوٺ مجيد ڪيريي ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. سندس اسيمبليءَ ۾ ڪيل تقريرون ۽ سنڌ جي حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ سيد امداد محمد شاهه کي ان وقت جا اسيمبلي ميمبر توڙي مخالف ۽ سندس چاهيندڙ اڄ به ياد ڪن ٿا. ڀلا ڀونءِ نه وسرن، نه ڳُڻا چڙهن نه چِت، اڻ لوڀي ۽ نينهُن گهڻو، اهڙا سڄڻ ڪِٿ، جان جان وڃان جِت، تان تان هوءِ پرين جي. (شاهه) سائين امداد محمد شاھ روايتي قدرن جو مالڪ سھيل ميمڻ سنڌ هن وقت جنهن ماڻهپي جي قحط واري دور مان گذري رهي آهي، ايئن اڳ ڪڏهن به نه گذري آهي. هر عالم، فاضل، علم جو اڪابر، قلم جو ڌڻي، سياسي ليڊر توڙي ورڪر، ڪامورو توڙي نوڪر، پنهنجي قيمت لڳرائڻ جي جستجو ۾ لڳو آهي. اهڙي ماحول ۾ اهي هستيون وڌيڪ ياد اچن ٿيون، جن زندگي اصولن تحت، ايمانداري سان ۽ ماڻهن جي خدمت ۾ گذاري. سائين جي ايم سيد جو ننڍو پٽ سيد امداد محمد شاهه به اهڙن ئي ماڻهن مان هڪ آهي. اڄ سندس تيرهين ورسي آهي. سائين امداد محمد شاهه ۳۰ ڊسمبر ۱۹۳۵ع تي سن ۾ پيدا ٿيو. سن ۾ پرائمري تعليم کانپوءِ سيڪنڊري تعليم ڪراچي ۾ حاصل ڪري حيدرآباد مان قانون جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ ڪجهه سال وڪيل طور ڪم ڪيو. سائين امداد محمد شاهه پنهنجي سياسي زندگيءَ جي شروعات شيخ مجيب الرحمان جي عوامي ليگ سان ڪئي ۽ ان عوامي ليگ جي هاري فرنٽ جو مرڪزي صدر به رهيو. بنگلاديش ٺهڻ بعد عوامي ليگ بنگلاديش ۾ رهجي وئي ۽ ان کان پوءِ سائين امداد شاهه ڪڏهن به ڪنهن سياسي پارٽيءَ جو ميمبر نه رهيو. سائينءَ، ايوب جي مارشل لا خلاف بهرو ورتو ۽ فاطمه جناح جي حق ۾ چونڊ مهم پڻ هلائي. سائين امداد شاهه ۱۹۷۹ع ۾ نواب شاهه ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ چونڊجي آيو. ۱۹۸۵ع ۽ ۱۹۸۸ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو. ان دوران سائين سنڌ اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جو هڪ موثر اڳواڻ رهيو. سائين امداد محمد شاهه سنڌ جي مستقل رهواسين، سنڌين ۽ اردو ڳالهائيندڙن وچ ۾ هم آهنگي ۽ ويجهڙائپ جو وڏو قائل هو. طبيعت ۾ سائين جي ايم سيد وانگر شفيق، پر اصولن تي لوهه، ڀوڳ چرچا ڪرڻ وارو، سٺي ماني جي ڳولها ۾ لياري جي ٻاڪڙا هوٽلن جي ڳولها به جاري رکڻ وارو ۽ ماڻهو شناس شخصيت هو. سيد امداد محمد شاهه هڪ اهڙي شخصيت آهي، جنهن سائين جي ايم سيد جو لائق فرزند هجڻ سان گڏوگڏ بااصول ۽ ”سماج سڌارڪ“ واري نئين سڃاڻپ پڻ ٺاهي. هو ننڍي پئماني تي ئي سهي، پر ضلعي نوابشاهه ۽ درياهه جي هن پار سن واري علائقي سميت سڄي ضلعي دادو ۽ ڄامشوري ۾ هڪ ”ريفارمر“ طور سڃاپجي ٿو. سندس تڪ ۾ ڊاڪٽر، استاد، انجنيئر ۽ ڪاموري لاءِ ٻه صورتون هونديون هيون، يا ته اتي ڪم ڪري يا وري پنهنجي بدلي ڪرائي هليو وڃي، اتي ٽئين ڪا به ڳالهه نه ٿيندي هئي. چور ۽ ڏوهاري ماڻهو لاءِ سائين وٽ رحم جي گنجائش نه هوندي هئي. سماج کي صاف رکڻ لاءِ سائين ڏوهارين کي سخت سزائن ڏيڻ جو وڏو حامي هو. ذاتي تعلقات رکڻ ۽ نڀائڻ ڪو سائين جي ايم سيد ۽ سندس پٽن کان سکي. هر سال انبن جي مند ۾ ٻه کوکا سڪرنڊ کان ڊرائيور امام الدين سائين جي ڪار ۾ کڻي اچي روهڙي ۾ منهنجي گهر ڏي ته سائين انب موڪليا آهن ته ان کان وڏو ڪهڙو تحفو! انب روهڙي ۾ به جام ملن ٿا ۽ ۲ هزار جي انبن لاءِ پنج هزار جو پيٽرول خرچ ٿيو پئي، پر سائين امداد محمد شاهه جي محبت، سڪ، چاهت ۽ ياد رکڻ جي خبر پوي ٿي، جو انب موڪلڻ واري سندس دلبري لکندي هن وقت به اکين ۾ ڳوڙها اچي وڃن ٿا. سائين جي گاڏي جي ڊگي اجرڪن سان ڀريل هوندي هئي، مان ۽ سندس ڊرائيور سائين سان ڀوڳ ڪندا هئاسين ته سائين توهان انتظار ۾ هوندا آهيو ته ڪو فوت ٿئي ته اجرڪ کڻي پڄان. سائين ان تي پهريان مرڪندو هو ۽ پو سيريس ٿي چوندو هو، بابا! پرڻي ڀلي نه پڄي سگهجي، پر مرڻي ضرور وڃجي. سائين امداد محمد شاهه ۲۲ مئي ۲۰۰۰ع تي واشنگٽن ۾ امريڪي ڪانگريس جي انساني حقن جي ڪاڪس ۾ بي خوف تقرير ڪندي چيو هو ته: ”مان سائين جي ايم سيد جو پٽ آهيان، جنهن جي زندگيءَ جو وڏو حصو سنڌي ماڻهن جي حقِ خود اراديت، آجپي ۽ خوشحاليءَ لاءِ جدوجهد ڪرڻ جي ڏوهه ۾ جيل ۽ نظريندي ۾ گذريو آهي ۽ سندس وفات به قيد ۾ ئي ٿي. سنڌ ننڍي کنڊ ۾ اهو خطو آهي جيڪو انگريز سڀ کان آخر ۾ حاصل ڪري سگهيا ۽ سنڌ کي ڇڏڻ وقت کيس پنهنجي فيصلي جو اختيار ڏنو وڃي ها ته، هو نئين مسلم بلاڪ ۾ ويندا يا خودمختيار رهڻ چاهيندا پر ائين نه ڪيو ويو، نتيجو سامهون آهي ته امن، عدم تشدد، ڀائيچاري ۽ محبت واري سرزمين هجڻ هتي فقط خواب رهجي ويو آهي.“ سائين وڌيڪ چيو هو ته، ”سنڌي هڪ قوم آهن، جنهن کي تاريخي پس منظر، جاگرافي حدون، سامونڊي ڪنارا، امير ترين ثقافت، ٻولي ۽ قومي ورثو آهي. سنڌ وٽ صوفي ازم جو پيار ۽ محبت وارو پيغام آهي. ڀائيچارو، برداشت، عدم تشدد ۽ سيڪيولر ازم سنڌي قوم جي رت ۾ شامل آهي، پر مان هتي ٻڌائڻ چاهيندس ته سنڌ سان وفاق ۽ مذهب جي نالي ۾ انصاف نه ٿيو آهي. سنڌ جي لکين ايڪڙ بيراجي زمين مالِ غنيمت سمجهي ورهائي وئي. ڳائڻا گانو ڳائين ته زمين انهن کي سنڌ ۾ ملي، ڪرڪيٽيئر ڇڪو هڻن ته زمين انهن کي سنڌ جي ملندي آهي.“ سائين امداد محمد شاهه پنهنجي انهيءَ تقرير ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن، نوڪرين، سياست، ثقافت، ريڊيو، ٽي وي، مارشلائن، گورنر راڄن، وڏيرا شاهي، ۱۹۷۳ع جي آئين، بلوچن جي مسئلن، بنگالين جي قتلِ عام، سنڌو درياهه جو پاڻي چورائڻ، روڪڻ، ڊيم ٺاهڻ ۽ هر ناانصافي تي تفصيل سان ڳالهايو ۽ سنڌ جي هڪ سچي وڪيل جيان سنڌ جو ڪيس وڏي بهادريءَ سان رکيو. هميشه اڇو وڳو، عام اڇي ٽوپي پائيندڙ، چانهن جو بيحد شوقين، ماڻهوءَ کي اسڪين ڪندڙ تيز، پر خوبصورت اکين جو مالڪ سنڌ جو هيءُ سماجي سائنسدان سياستدان ۲۹ سيپٽمبر ۲۰۰۴ع تي اربع ڏينهن ڪجهه وقت بيمار رهڻ بعد سڪرنڊ تعلقي جي ڳوٺ مجيد ڪيريو ۾ گذاري ويو. کيس سندس وصيت موجب مجيد ڪيريو ۾ پنهنجي ٻنيءَ ۾ دفن ڪيو ويو، جو کيس ٻني ۽ ڍور مال سان عشق هو. انهيءَ ڳوٺ مجيد ڪيريو بابت سائين امداد شاهه هڪ ڀيري ٻڌايو هو ته، جڏهن هو سن کان لڏي اچي ان ڳوٺ ۾ رهڻ لڳو ته ڪجهه خوشامدي آيا ته سائين هن ڳوٺ جو نالو امداد محمد شاهه رکون. سائين انهن سان اهڙي ڪئي، جو وڃي ٿيا خير- سائين کين چيو ته، ”مان اوڌر تي اچي مجيد جي ڳوٺ ۾ رهيو آهيان، ۽ اوهين وري ان جو نالو تبديل ڪرڻ جي ڳالهه پيا ڪريو.“ سيد امداد محمد شاهه قومپرست سياست جو روشن باب آزاد انور ڪانڌڙو سن جو شهر سنڌ جي قومي، ادبي، ثقافتي تاريخ ۾ نمايان حيثيت رکي ٿو. سن سنڌ جي فڪري تربيت ۽ قومي هلچل جو مرڪز رهيو آهي. سن جي سرزمين تان سنڌ جي حقن لاءِ هميشه آواز گونجيو آهي. سيد حيدر شاهه سنائي کان سائين جي ايم سيد ۽ امداد محمد شاهه تائين سن سنڌ جي قومي حقن لاءِ هلچل ۽ جدوجهد۾ نمايان ڪردار ادا ڪيوآهي. امداد محمد شاهه جي شخصيت سنڌ جي سياست ۾ ڪنهن به تعارف جي محتاج نه آهي. هن پنهنجي حياتي دوران سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي قومي حقن لاءِ جيڪا جدوجهد ڪئي/ آواز اٿاريو ان کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي. پوءِ ڇو نه اهو سنڌ اسيمبلي جو ايوان هجي يا سنڌ جو ٻيو ڪوئي پيلٽ فارم. امداد محمد شاهه هر محاذ تي سنڌ جي حقن لاءِ آواز اٿاريو ۽ وقت جي حاڪمن سان ٽڪر به کاڌو. اڄ جڏهن هو اسان وٽ جسماني طور موجود نه آهي ته اسين محسوس ڪريون ٿا ته ويجهڙائي ۾ عبدالحميد خان جتوئي کان پوءِ سنڌ جي هڪ ٻئي وفادار مخلص، بي باڪ، بهادر ۽ سچي دل سان پيار ڪندڙ شخصيت کان محروم ٿي وئي آهي. سندس صوبائي اسيمبلي توڙي ٻين سياسي پيلٽ فارمن تي ادا ڪيل ڪردار، جدوجهد هڪ يادگار مثال ۽ اڻ وسرندڙ باب آهي. هو سنڌ جي قومپرست سياست جو روشن باب هو. امداد محمد شاهه سنڌ جو آواز هو. سنڌ جو آواز سچ جو آواز ۽ حق جو آواز هوندو آهي. امداد محمد شاهه جسماني طور اسان کان وڇڙي ويو آهي، پر هو پنهنجي تاريخي ڪردار، عمل، جدوجهد جي ڪري ڪڏهن به مرڻو نه آهي. امداد محمد شاهه ۳۰ ڊسمبر ۱۹۳۵ع تي سائين جي ايم سيد جي گهر ۾ سن ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم ڳوٺ ۾ بعد ۾ ۱۹۴۸ع ۾ گرامر اسڪول ڪراچي مان پاس ڪرڻ بعد پي ايس سي به اتي ئي پڙهيو. جڏهن ته ۱۹۶۵ع ۾ ڪراچي ۾ اسلاميه لا ڪاليج مان ايل ايل بي پاس ڪيائين. هو ڪجهه وقت قاضي فيض محمد سان وڪالت به ڪئي. سيد امداد محمد شاهه سياست جي شروعات مجيب الرحمان جي عوامي ليگ ۾ شموليت سان ڪئي ۽ عوامي ليگ سنڌ جو نائب صدر ۽ مرڪزي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جو ميمبر رهيو. بنگال سانحي بعد عوامي ليگ جي سياست کان پاسيرو ٿيو. سيد امداد محمد شاهه زندگيءَ جو وڏو عرصو ۽ عملي زندگي حيدر منزل ڪراچي ۾ گذاري، هو يونين ڪائونسل جو چيئرمين به رهيو. جتي تعليم عام ڪرڻ لاءِ ايجوڪيشن سوسائٽي به جوڙي ، سيد امداد محمد شاهه ايوب خان جي مارشل لا واري دور خلاف جدوجهد ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ سرگرم رهيو ۽ ايوب خان جي مقابلي ۾ قائداعظم جي ڀيڻ محترمه فاطمه جناح جي حمايت ۾ اليڪشن مهم ۾ ڀرپور حصو ورتو. پاڻ ۱۹۸۵ع ۽ ۱۹۸۸ع ۾ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر رهيو. ۱۹۹۸ع ۾ مظلوم قومن کي حق ڏيارڻ لاءِ برک سياستدان عطاءُ الله مينگل، اجمل خٽڪ ۽ ٻين سان گڏجي پونم جو قيام عمل ۾ آندو. هو ۹۰ع واري ڏهاڪي ۾ اليڪشن سياست کان پاسيرو رهيو ۽ سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ مجيد ڪيريو ۾ زمينداري ڪرڻ لڳو، پر ان دوران ۾ سنڌ جي حقن واري جدوجهد ۾ مصروف عمل رهيو. جواني کان آخر تائين زمينداري سان گڏ سياست ۾ سرگرم رهيو. سيد امداد محمد شاهه اسيمبلي ميمبر هئڻ دوران سنڌ جي قومي مسئلن تي جيڪا نمائندگي ڪئي ۽ آواز اٿاريو، اهو قابل تعريف آهي ان کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي. اڪثر ميمبر جڏهن مصلحتن خاطر خاموش هوندا آهن پر ان دور ۾ اسيمبلي ۾ سيد امداد محمد شاهه سنڌ جو ڪيس بهادري ۽ دليري سان پيش ڪيو. سيد امداد محمد شاهه سنڌ اسيمبلي جي ميمبري دوارن اهڙو پهريون ميمبر هو جنهن ڪالاباغ ڊئم خلاف اسيمبلي ۾ احتجاجي ڌرڻو هنيو. سيد امداد محمد شاهه ۱۰ آگسٽ ۱۹۹۸ع تي پ پ چيئرپرسن بينظير ڀٽو، رسول بخش پليجو، بشير خان قريشي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سنڌ پنجاب جي دنگ تي ڪالاباغ ڊئم رٿا خلاف لکين ماڻهن جي ڌرڻي ۾ بيماري ۽ پيرسني ۽ سخت گرمي باوجود شرڪت ڪئي. سندس هڪ ٻي خاصيت اها به هئي ته هو هميشه سائين جي ايم سيد، عبدالواحد آريسر وانگر تنگ نظر قومپرست شائونزم جو سخت مخالف هو. هو سنڌ اندر رهڻ وارن ماڻهن جي وچ ۾ محبت ۽ ڀائيچاري جو وڏو حمايتي هو. سائين جي ايم سيد وانگر امداد محمد شاهه پڻ سنڌين ۽ مهاجرن جي وچ ۾ ويجهڙائي ۽ سنڌ ۾ مستقل امن امان جي قيام لاءِ ڪوششون ڪيون ۽ سنڌ کي امن جو گهوارو بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ڪالاباغ ڊئم جو مسئلو هجي، سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري هجي يا فوجي ڇانوڻين جو مسئلو، امن امان جو مسئلو هجي يا صوبائي خودمختياري، سيد جي نظربنديءَ جو مسئلو هجي يا ڪوئي ٻيو مسئلي تي هن ڀرپور آواز اٿاريو. زندگيءَ جو وڏو عرصو حڪمرانن جي مخالفت ۾ گذارڻ ڪري سندس تڪ کي ترقياتي ڪمن، نوڪرين ۽ ٻين سهولتن جي حوالي سان نظرانداز ڪيو پر هن ان جي پرواهه نه ڪئي. ايوب خان، ضياءَ الحق کان نوازشريف، بينظير ۽ ٻين وقت جي حاڪمن سان سيد امداد محمد شاهه سنڌ جي حقن خاطر ٽڪر کاڌو، سيد امداد محمد شاهه هڪ انصاف پسند، ايماندار شخص هو. ذاتي ڪردار جي حوالي سان به هن صاف شفاف ماڻهو رهيو. علائقي ۾ ڏوهارين ۽ لوفرن جو سخت دشمن تصور ڪيو ويندو هو. اڄ جي دور ۾ جڏهن هڪڙن ماڻهن سنڌ جي نالي کي ڪمائڻ جو طريقو سمجهي ان جي نالي کي ڪيش ڪرائي وڏا فائدا حاصل ڪيا. پر امداد محمد شاهه سنڌ جي حوالي سان پنهنجي اصولي موقف تي آخر تائين ثابت قدم رهيو ۽ سدائين اسيمبلين ۾ مخالف ڌر ۾ رهيو ۽ قومي حقن لاءِ ويڙهه ڪندو رهيو. اڄ جي نفسانفسي واري دور ۾ جڏهن هڪڙن ماڻهن جي سنڌ جي نالي کي ڪمائڻ جو طريقو سمجهي، ان جي نالي کي ڪيش ڪرائي مال کائي رهيا آهن/ فائدا حاصل ڪري رهيا آهن. ان هوندي به امداد محمد شاهه سنڌ جي حوالي سان پنهنجي اصولي موقف تي ثابت قدم رهيو. هو جيڪڏهن چاهي ها ته سنڌ جي ٻين جاگيردارن، رئيسن، وڏيرن جيان حڪمرانن سان (Under deal) ڪندي ڪروڙين رپيا ڪمائي ها پر هن ايئن نه ڪيو. امداد محمد شاهه پنهنجي حياتي جي عرصي دوران ملڪ جي ايوانن ۾ سنڌ جوڪيس وڏي بهادري ۽دليري سان وڙهندو رهيو. پاڻ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي حقن لاءِ جيڪا جدوجهد ڪئي سندس اهو ڪارنامو سنڌ جي تاريخ ۾ سونهري حرفن ۾ لکيو ويندو. سنڌ ڪيس جي حوالي سان سنڌ اسيمبلي ۾ ڪيل سندس تقريرون اڄ به ماڻهن جي ڪنن ۾ گونجي رهيون آهن. هو جمهوريت پسند، ترقي پسند ۽ سنڌ سان پيار ڪندڙ يا اصول پارليامينٽرين هو. هن سنڌ جي مسئلي تي ڪڏهن به ڪمپرومائيز نه ڪئي. اڪثر حالتن ۾ ڪنهن ماڻهو جي زندگيءَ ۾ نه پر ان جي موت کانپوءِ ئي تعين ڪيو آهي ته اهو ڪيڏو اهم ۽ وڏو ماڻهو هيو. سچ پچ سيد امداد محمد شاهه سنڌ جو موجوده دور ۾ سنڌ سان بيحد پيار ڪندڙ، سچو ۽ باصول پنهنجو دور جو وڏو قومپرست اڳواڻ هو. عوامي ليگ ، جيئي سنڌ قومي محاذ، جيئي سنڌ تحريڪ، اينٽي ڪالا باغ ايڪشن ڪاميٽي، اينٽي ڪالاباغ ڊئم فرنٽ، نيشنل عوامي پارٽي، سنڌ هاري ڪاميٽي،ا ينٽي گريٽر ٿل ڪئنال ايڪشن ڪاميٽي، اينٽي ون يونٽ تحريڪ، پونم، سنڌ قومي محاذ ۽ ٻين پارٽين جي جلسن ۾ سندس تقريرون هميشه ڪنن ۾ ٻرنديون رهنديون. عطاءُ الله مينگل، اجمل خٽڪ، محمود اچڪزئي، شيخ مجيب الرحمان، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي جي ساٿي سيد امداد محمد شاهه جي زندگي، ڪردار ۽ جدوجهد تي سنڌ ۽ سنڌين کي هميشه فخر رهندو ڇو ته هن هميشه وڏي واڪي سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪئي ۽ عملي طور به ان جي ثابت قدم رهيو. سيد امداد محمد شاهه جي جاءِ هاڻي ڪير ڀريندو؟ مونکي گهٽ ۾ گهٽ سنڌ ۾ اهڙو ماڻهو نظر نه ٿو اچي. سچ پچ سيد امداد محمد شاهه سنڌ دوست ۽ بااصول قومپرست اڳواڻ هو. افسوس زندگيءَ ساڻس وفا نه ڪئي ۽ هو ۲۹ سيپٽمبر ۲۰۰۴ع تي دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو. کيس ساڳي ڏهاڙي هزارين آلين اکين سان سندس وصيت موجب ڳوٺ مجيد ڪيريو ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. سندس خال ڪڏهن به ڀرجي نه ٿو سگهي. سائين امداد محمد شاھ سھيل ميمڻ سائين امداد محمد شاھ جي اڄ چوڏينهن ورسي آهي. ۲۰ سال اڳ نواز شريف جي حڪومتي دور ۾ ڪالاباغ ڊيم خلاف ان وقت جي اپوزيشن ليڊر شھيد محترمه بينظير ڀٽو جي پيپلز پارٽي سميت سنڌ جي قومپرست پارٽين، اديبن، دانشورن ۽ سڄاڻ ڌرين پاران سنڌ - پنجاب دنگ تي واقع ڪمون شھيد وٽ تاريخي ڌرڻو ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو ھو ۽ ساڳي ڏينھن تي اٽڪ پل وٽ اي اين پي جي سربراھ ولي خان جي اڳواڻي ۾ پڻ ڌرڻي ھڻڻ جو اعلان ڪيو ويو ھو. ۱۰ آگسٽ ۱۹۹۸ع تي شھيد محترمه بينظير ڀٽو، سائين امداد محمد شاھ، بشير خان قريشي ۽ سنڌ جي تقريبن سڀني پارٽين جي قيادت جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌ-پنجاب دنگ تي ڪمون شھيد وٽ ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي کان هڪ ڏينهن اڳ ئي سڀني پارٽين جي قيادت سکر ضلعي ۾ اچي پنهنجن پنهنجن پيارن وٽ مهمان ٿي هئي. سائين امداد محمد شاهه مون وٽ روهڙي ۾ ۱۹ تاريخ منجهند جو ئي پهچي ويو. شام جو سائين جي هڪ ويجهي دوست جيڪو ساڻس گڏ سنڌ اسيمبليءَ ۾ ايم پي اي رهيو هو، ان فون ڪري هجت ڪندي کيس پاڻ وٽ اچي رهڻ جو ضد ڪيو، پر سائين امداد محمد شاھ کيس چيو ته مان ڪنهن ٻئي وٽ اچي مهمان ٿيان ها ته پو ڀلي ناراض ٿيو ها، مان ته روهڙي ۾ پنهنجي گهر اچي رهيو آهيان. ڪجهه به ٿئي اتي ئي رهندس. (هي سٽون لکندي سائين امداد جي محبت جي ياد ۾ منهنجي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا آهن) سائين امداد محمد شاھ اهڙو ئي شاندار ماڻهو هو، جيڪو آرام ۽ آسائش وارا بنگلا ڇڏي پاڻ سان محبت ڪرڻ وارن وٽ اچي ترسندو هو. امداد محمد شاهه سن جي سيد حيدر شاهه سنائيءَ جي خاندان جو چشم چراغ آهي. هن سنڌ جي سائين جي ايم سيد جي گهر ۾ ۳۰ سيپٽمبر ۱۹۳۵ع تي سومر جي ڏينهن جنم ورتو. ابتدائي سنڌيءَ جا ٽي درجا سن جي پرائمري اسڪول مان پاس ڪيائين، جنهن کان پوءِ کيس ڪراچيءَ جي گرامر اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي ۱۹۴۸ع تائين پڙهندو رهيو. هندستان جي ورهاڱي سبب لڏي آيل مسلمانن کي ڪراچيءَ جي اسڪولن ۾ رهايو ويو ۽ اسڪول بند ڪيا ويا، ان ڪري پاڻ ڳوٺ موٽي آيو. جنهن کان پوءِ واپس ڪراچي ۾ کيس سينٽ پيٽرڪ اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو، جتان ۵۴- ۱۹۵۳ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. پوءِ ڊي جي سائنس ڪاليج ۾ داخل ٿيو. سندس ارادو انٽر سائنس ڪري ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهڻ جو هو، پر اها خواهش گهرو حالتن سبب پوري ٿي نه سگهي، ڇاڪاڻ ته سندس وڏو ڀاءُ امير حيدر شاهه اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ لنڊن هليو ويو ۽ سندس والد سائين جي ايم سيد کي ون يونٽ جي مخالفت سبب جيل ۾ قيد ڪيو ويو، ان ڪري کيس تعليم سان گڏ گهرو ذميواريون سنڀالڻيون پئجي ويون. بي ايس سي جو امتحان پاس ڪري ڳوٺ سن اچي زمينداري سنڀاليائين. بعد ۾ اسلاميه ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخلا وٺي ۱۹۶۵ع ۾ ايل ايل بي جي ڊگري حاصل ڪيائين. امداد محمد شاهه کي پنهنجي اباڻي زمينداري حصي مان زمين جو حصو تعلقي سڪرنڊ جي ڳوٺ مجيد ڪيريي ۾ مليو، ان ڪري اُتي رهڻ سبب سنڌ جي مشهور قومي ڪارڪن قاضي فيض محمد ايڊووڪيٽ سان گڏجي نوابشاهه ۾ وڪالت ڪيائين. امداد محمد شاهه تعليمي ميدان ۾ ڪافي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. هن ۱۹۵۶ع ۾ سن ۾ مڊل اسڪول کولرايو ۽ ٻهراڙيءَ جي شاگردن لاءِ مفت رهائش ۽ کاڌي پيتي جي انتظام لاءِ شاهه حيدر ايجيوڪيشنل سوسائٽي قائم ڪئي. (جيڪا اڄڪلهه وڌيڪ وڏي پئماني تي سندس ٻيون نمبر پٽ ڊاڪٽر ضياءَ شاهه هلائي رهيو آهي.)امداد محمد شاهه ۱۹۷۹ع ۾ ضلعي ڪائونسل نوابشاهه جي ميمبر چونڊجڻ بعد تعلقي سڪرنڊ جي ٻهراڙيءَ ۾ تعليم جي ترقيءَ لاءِ وڏيون ڪوششون ڪري تعلقي ۾ ڪيترا ئي پرائمري، مڊل ۽ هاءِ اسڪول قائم ڪرايائين. خاص ڪري ڇوڪرين جي تعليم لاءِ اسڪول کولرايائين. سڪرنڊ شهر ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ سائنس جا ڌار ڌار ڪاليج کولرايائين. قاضي احمد جي هاءِ اسڪول کي هائير سيڪنڊري اسڪول جو درجو ڏياريائين. سائين امداد محمد شاهه پنهنجي سياسي زندگيءَ جي شروعات شيخ مجيب الرحمان جي عوامي ليگ سان ڪئي ۽ ان عوامي ليگ جي هاري فرنٽ جو مرڪزي صدر به رهيو. بنگلاديش ٺهڻ بعد عوامي ليگ بنگلاديش ۾ رهجي وئي ۽ ان کان پوءِ سائين امداد شاهه ڪڏهن به ڪنهن سياسي پارٽيءَ جو ميمبر نه رهيو. سائينءَ، ايوب جي مارشل لا خلاف بهرو ورتو ۽ فاطمه جناح جي حق ۾ چونڊ مهم پڻ هلائي. سائين امداد محمد شاهه سنڌ جي مستقل رهواسين، سنڌين ۽ اردو ڳالهائيندڙن وچ ۾ هم آهنگي ۽ ويجهڙائپ جو وڏو قائل هو. امداد محمد شاهه ۱۹۸۵ع ۽ ۱۹۸۸ع ۾ ٻه ڀيرا سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ۽ اڪيلي مخالف ڌر جي ميمبر جي حيثيت ۾ سنڌ جي حقن لاءِ ڀرپور آواز اٿاريائين. هو ڪيترين ئي تعليمي سوسائٽين جو باني، چيئرمين ۽ ميمبر رهيو آهي، جهڙوڪ شاهه حيدر ايجيوڪيشنل سوسائٽي سن، محمد هاشم ٺٽوي ايڊجوڪيشنل سوسائٽي، سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچيءَ طرفان قائم ڪيل قائداعظم پبلڪ اسڪول درساڻو ڇني ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سينيٽ جو ميمبر وغيره. سائين امداد محمد شاهه نوابشاهه ضلعي تعلقي سڪرنڊ ۽ تعلقي ڪوٽڙيءَ ۾ ڪيترا ئي سماجي ڪم ڪيا. اسڪول، اسپتالون ٺهرايون. ڊرينيج سسٽم ۽ رستا ٺهرايا. اهو ئي سبب هو، جو هو جڏهن به پنهنجي سڪرنڊ واري تڪ مان چونڊن ۾ بيٺو ته سندس مقابلي ۾ ڪنهن به پارٽيءَ جو اميدوار کٽي نه سگهيو. امداد محمد شاهه ڪجهه وقت ”پونم“ جي پليٽفارم تان سنڌ ۽ ٻين ننڍن صوبن جي قومي حقن لاءِ جدوجهد ۾ به سرگرم رهيو. سائين امداد محمد شاهه جي وفات ۲۹ سيپٽمبر ۲۰۰۴ع تي ٿي. کيس ڳوٺ مجيد ڪيريي ۾ سندس ٻنيءَ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. سندس نالي پويان هڪ فلاحي ادارو ”امداد فائونڊيشن“ ۲۰۰۷ع کان ڪم ڪري پيو. سيد امداد محمد شاھ غلام حسين جوڻو سنڌ هيرن جي کاڻ آهي. جنهن ۾ ڪيترائي هيرا جنم وٺندا رهيا آهن. اهڙن هيرن مان ته سيد امداد محمد شاهه به هڪ هو، جيڪو هڪ محبتي انسان هو. پيار ۽ پاٻوهه جي خصلتن جو مالڪ هو، کيس سنڌ جي عوام سان تمام گهڻي محبت هوندي هئي. سندس، پيار ۽ محبت هميشه سنڌي ماڻهن کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ جو درس ڏنو آهي، ان جي بدلي ۾، ماڻهو به، هن سان محبت ڪندا هئا. جنهن ڪري هر وقت هن وٽ عوام جا ميڙا ڏٺاسون. هن جون ڪچهريون قائم ۽ دائم رهيون. سائين امداد محمد شاهه، بلند اخلاق جو مالڪ هو. سندس شخصيت تي نظر وجهبي ته سندس ڪردار جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ ملندي. انهيءَ ڪردار مان، معلوم ٿئي ٿو ته شاهه صاحب هڪ سماجي ڪارڪن جي حيثيت سان عوام الناس جي خدمت ڪندو رهيو. پاڻ ٻه دفعا سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر پڻ ٿيو. ان دوران سڄي سنڌ ۾ خوب ترقياتي ڪم ڪرايائين. خاص ڪري پنهنجي تڪ، تعلقي سڪرنڊ ۾ عوام جي ڀلائي لاءِ جيڪي ڪم ڪرايائين، سي ڪنهن کان ڳجها ۽ لڪل ڪونه آهن. هر ڳوٺ ۾ اسڪول قائم ڪرايا ويا. سندس چوڻ هو ته نوجوانن کي تعليم جي زيور سان منور ڪري،انهن ۾شعور پيدا ڪيو وڃي ته جيئن هو پنهنجي ۽ پرائي دوست ۽ دشمن جي پرک ڪري سگهن. تنهن کانسواءِ هر ڳوٺ تائين روڊ جي سهولت پڻ ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي هئائين. هن وقت هر ننڍي توڙي وڏي ڳوٺ ۾ روڊن جي سهولت موجود آهي. ان کانسواءِ عوام کي علاج جي سهولت ڏيارڻ لاءِ اسپتالون اڄ به موجود آهن. جتي مفت ۾ دوائون ملي رهيون آهن ۽ علاج ٿي رهيو آهي. هاڻ غريب ماڻهو وڏين اسپتالن جي وڃڻ بدران مذڪوره اسپتالن جو رخ ڪن ٿا. اتي هو آساني سان پهچي ويندا آهن. ياد رهي ته اسپتالون به بنيادي سهولتن ۾ شمار ٿين ٿيون. شاهه صاحب، گهر گهر کي بجلي فراهم ڪرڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي. نتيجي ۾ تڪ جي اڪثر ڳوٺن ۾ بجلي جا بلب ٻرڻ لڳا ۽ روشني ڏسڻ ۾ آئي. بجلي جي ڪري رنگيني ۽ رونق پڻ پيدا ٿي ويئي. جڏهن ته ڪو هڪ اڌ ڳوٺ بجلي جي سهولت کان رهجي ويو ته اها هڪ ٻي ڳالهه آهي. ان لاءِ به سائين ڪوشش ضرور ڪئي هوندي. ڪيترن ئي نوجوانن کي سرڪاري نوڪريون وٺي ڏنائين، جنهن ڪري سوين ماڻهو روزگار سان لڳي ويا. غربت ۽ بدحاليءَ جي زندگيءَ مان نڪري خوشحالي واري زندگي گذارڻ لڳا. اهو ئي سبب آهي جو اهي سائين امداد محمد شاهه کي اڄ به دعائن ۾ ياد ڪندا رهن ٿا. سيد امداد محمد شاهه امن پسند ۽ صلح پسند شخص هو. جڏهن به ڪا ڌر فيصلي لاءِ هلي آئي، انهن جو فيصلو ڪري کين ٺاهي ڇڏيندو هو ۽ ٻئي ڌريون کير کنڊ ٿي وينديون هيون. پاڻ ۾ ڀائرن وانگر رهڻ لڳنديون هيون. فيصلا بي رياءَ ڪرڻ ڪري، سنڌ ۾ ڏاڍي مشهوري ماڻيائين. “مکڻ مان وار ڪڍڻ ” وانگر، جهيڙي ۽ فساد جو نبيرو ڪرڻ، سندس اصولن ۾ شامل هو. سندس خيال هو ته سنڌ ۾ رهندڙ ماڻهن کي وڙهندي ڏسڻ نه ٿو گهران. پر کين هڪ پليٽ فارم تي متحد، متفق ڏسڻ سان خوشي ٿئي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو کيس قومپرست سياستدانن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. جڏهن ايم آر ڊي جي تحريڪ هلي رهي هئي. سنڌ سڄي باهه جيان ٻرندي نظر آئي پئي. ان وقت ڳوٺ پنهل خان چانڊيو لڳ سڪرنڊ ۾ ايم آر ڊي جو واقعو ٿيو هو. ڪجهه ڳوٺاڻا فوجين جي گولين جو کاڄ ٿي شهيد ٿي ويا. ڪو به ماڻهو، انهن جا لاش وصول ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه ٿي نظر آيو. اهڙي حالت ۾ هن بهادر ۽ عظيم انسان پنهنجي سر جو سانگو لاهي، اهي لاش وصول ڪيا ۽ ڪفن ۽ دفن جو سمورين رسمن تائين انهن جي پونئيرن سان گڏ ۽ سندن ڏک ۾ برابر جو شريڪ ٿيو ۽ انهن سان همدردي ۽ عذرخواهي به ڪيائين. سندس هن ڪارنامي کي هميشه ياد رکيو ويندو. سيد امداد محمد شاهه رهزن، قاتل، لچ ۽ لوفر جو سخت مخالف هوندو هو. ڪڏهن به انهن سان نرمي اختيار ڪونه ڪيائين. هميشه انهن تي سختي ڪندو رهيو ته جيئن هو پنهنجي ڏوهن کان باز اچي سگهن. تاريخي ماڳن ۽ مڪانن جي حفاظت ڪرڻ لاءِ ڪوشان رهيو. اهو ئي سبب آهي جو، سنڌ جو مشهور نالي وارو شاعر ”حمل فقير لغاري“ جي مزار تي ميلو لڳرايائين ۽ تر جي سڀني ماڻهن کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر ڪونه ڇڏيائين. هن ميلي ۾ سڄي سنڌ جا ماڻهو شرڪت ڪرڻ لاءِ ايندا رهيا. جن جي رهائش ۽ کاڌو خوراڪ جو به مناسب بندوبست ڪندو رهيو. سندس وفات کانپوءِ اهو سلسلو ختم ٿي ويو آهي. اهو نه رڳو حمل فقير لغاري جي مزار تي ميلو لڳايو ويندو هو. پر سندس ڪوشش سان سنڌ جي تاريخي ۽ نامور شخصيتن جي مزار جي ڳولا ڪري انهن جي قبرن کي پڻ پڪو ڪرايائين ته جيئن اهي مسمار نه ٿي سگهن. اهڙي طرح اهڙو تاريخي ورثو هميشه محفوظ ڪيو ويو. سائين، اهڙي تاريخي ورثي کي پنهنجو سرمايو، ملڪيت ۽ دولت سمجهندو هو. انهيءَ ورثي بابت وڏي ڄاڻ به هيس. هونئن به پاڻ، علم دوست شخصيت هو. وسيع مطالعو ڪيو هئائين. جنهن ڪري تاريخي ڄاڻ جي ميدان ۾ وڏي مهارت رکندڙ هو. سندس چوڻ هو ته تاريخي ورثي جي حفاظت ۽ سنڀال ڪرڻ اسان جي فرضن ۾ شامل آهي. جنهن ڪري هر ماڻهو کي اهو فرض نڀائڻ گهرجي. ياد رهي ته پاڻ هڪ زميندا هو، جنهن ڪري زراعت جي شعبي ۾ وڏي ڄاڻ هيس، ٻجن، پاڻي جي استعمال، پيدائش وغيره جي معاملن ۾ وڏي دسترس ۽ قابليت هوندي هيس. خود زرعي ماهر به هن کان مشورو وٺڻ لاءِ ايندا هئا. جن کي پنهنجن مفيد مشورن سان نوازيندو رهيو. اهي سڀ مشورا سندس تجربن ۽ مشاهدن تي مشتمل هئا. مطلب ته سيد امداد محمد شاهه هڪ گهڻ رخي شخصيت هو. عوام جي خدمت ڪرڻ، سندس ايماني جز هو، اوليت ۽ ترجيحي بنيادن تي اهڙي خدمت ڪندو رهيو. عوام جي فلاح ۽ بهبود لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو. اهو ئي سبب آهي جو کيس، سماجي ڪارڪن ڪري سڏجي ته ڪو وڌاءَ ڪونه ٿيندو. هيءَ عظيم شخصيت جيڪا بيشمار خوبين جي مالڪ هئي، سا ڌڻي تعاليٰ جي سڏ تي لبيڪ چئي، ۲۹ سيپٽمبر ۲۰۰۴ع تي وڃي هميشه لاءَ آرامي ٿي ۽ اسان کان وڇڙي وئي. سندس ڪل ڄمار اوڻهتر سال ٿي، سندس مزار ڳوٺ مجيد ڪيريو تعلقي سڪرنڊ ۾ آهي. جيڪا ايندڙ ويندڙ نگاهن جو مرڪز بڻيل آهي. سندس وڇوڙي جي ڪري هڪ وڏو خال پيدا ٿيو آهي. جيڪو ڀرجڻ ڏاڍو ڏکيو لڳي ٿو. اڄ اسان سندس ڪيل عوامي خدمتن کي ڀيٽا ڏيندي سلام پيش ڪريون ٿا ۽ دعاگو آهيون ته مولا پاڪ سندس مزار تي بيشمار رحمتون نازل فرمائي. اها به دعا آهي ته ڌڻي تعاليٰ سندس پونيئرن کي سندس نقش قدم تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي. آمين. جان جان هئي، جيئري، ورچي نه ويٺي، وڃي ڀونءِ پيٺي، ساريندي کي سڄڻين. (شاهه) (ڏيھاڙي پنھنجي اخبار، ۲۹ سيپٽمبر ۲۰۲۰ع ۾ ڇپيل) سنڌ جو امداد جيئن مون ڏٺو فدا حسين شيخ گهڻي وقت کان ذهن ۾ اهو خيال ستائيندو پي آيس ته سائين امداد محمد شاهه کي جيئن مون ڏٺو ايئن لکان پر پنهنجي آتم ڪٿا ۾ گهڻين مجبورين ڪري سمجهان ٿو ته دير لڳي ويندي ۽ متان حياتي وفا نه ڪري ۽ سنڌ جي هن عظيم ۽ امين سماجي ڏاهي، سڌارڪ، اشراف سياستدان ۽ فقير طبعيت انسان جي ذاتي زندگي اعليٰ آدرشن ۽ اصولن جي باري ۾، توڙي جو اهي عالم آشڪار آهن پر جيئن مون هن کي ڏٺو ۽ سندس بيباڪ رمزن کي سمجهيو اسان ٻه ٽي دوست، ڊاڪٽر منظور خشڪ، اسماعيل وساڻ ۽ راقم جيڪي کين پنهنجي اولاد کان وڌيڪ عزيز هئا. اهي هجتون، دل لڳيون سامان، راز نياز، قربابئتيون ڪچهريون ۽ مستيون متان ڪنهن ٻي دوست ۽ واسطيدار جي گڏ ڪرڻ کان گهڻيون هجن يا کيس خبر ئي نه هجي، انهي ڪري بهتر سمجهيم ته سائين امداد جي يارهين ورسي جي مناسبت سان اهي رڪارڊ ڪرائي ڇڏجن. ”پوربيا پوري ويا، آسڻ اڄ صبوح، کٿوري خوشبوءِ، آهي انهيءَ ڀيڻئين.“ منهنجي سائين امداد سان ملاقات جولاءِ ۱۹۷۶ع ۾ ٿي، جڏهن نواب شاهه ۾ راشننگ آفيسر مقرر ٿيس. ٿيو هيئن جو هڪ ڏينهن پنهنجي آفيس، لال بلڊنگ نواب شاهه ۾ ويٺو هوس ته هڪڙو ماڻهو سائين امداد جي راشن ڪارڊ ۾ ٻن ماڻهن، جيڪي شايد سندس پٽ هئا جو اضافو ڪرائڻ آيو. پڇيومانس ته؛ ”ب“ فارم کڻي آيو آهين؟“ چيائين؛ ”هائو؟“ پڇيومانس؛ ”راشن ڪارڊ تنهنجو آهي.“ جواب ۾ چيائين؛ ”سائين امداد شاهه جو آهي.“ منهنجي پڇڻ تي ته؛ اهو ڪير آهي؟ چيائين؛ ”سائين جي ايم سيد جو پٽ آهي.“ آئون پنهنجي ڪرسي تان اٿي بيهي رهيس. همراهه کي ڪرسيءَ تي ويهڻ جو اشارو ڪندي، پٽيوالي کي ڊوڙايم ته چانهه وٺي اچ. جيستائين پٽيوالو چانهه وٺي اچي، مون ڪارڊ ۾ ٻن جي بدران ڇهه ماڻهن جو اضافو ڪري ڪارڊ کيس ڏنو. اهو ماڻهو هو سندس ڊرائيور محمد خان، جڏهن هن ڏٺو ته ڇهه ماڻهن جو اضافو ٿي ويو ته، هن مون کي يڪدم ڪارڊ واپس ڏيندي چيو؛ ”سائين، اهي ڪٽيو جو سائين مون سان وڙهندو. ڇاڪاڻ ته هو بلڪل ايماندار آهي ۽ اهو برداشت نه ڪندو.“ چيومانس؛ ”تون سائين امداد وٽ ڇا ڪندو آهين؟“ چيائين؛ ”ڊرائيور آهيان.“ مون چيو؛ ”ٺيڪ آهي! تون ذاتي نوڪر آهين.“ مون ڊرائيور جي ٻارن جو اضافو ڪري ڪارڊ ۾ انگ ساڳيو رکي، درست ڪري ڪارڊ ڏنو، ۽ پڇيومانس ته؛ ”سائينءَ سان ملاقات ڏکي يا سولي؟“ چيائين؛ ”سولي.“ محمد خان هليو ويو. مون کي اچي اڻتڻ ٿي ته سائينءَ سان ملاقات ڪجي. پر ڪنهن چڱي دوست جي ڳولا ۾ هئس. پندرنهن، ويهن ڏينهن کانپوءِ احمد خان ٺٽيار نوري جي آڌار اچي نواب شاهه سهڙيو هو. گهڻو وقت سن ۾ يوسي جو سيڪريٽري ٿي رهيو هو. چيومانس سائين امداد سان ملڻو آهي. چيائين هلو ته هلون. اسان شام جي وقت ٽانگي تي چڙهي سائين جي نواب شاهه واري گهر روانو ٿياسون. اڃا اڌ پنڌ ۾ هئاسون ته هن رڙ ڪئي؛ سائين گاڏي ۾ سامهون پيو اچي، هٿ به کنيائين ته سائين واري گاڏي اڳتي هلي اسان جي لاءِ بيهي رهي. ٽانگي واري کي ٿورو بيهڻ جو چئي اسان وڃي سائين سان ملياسون، جيڪو اسان جي لاءِ اڳيئي گاڏي مان لٿو بيٺو هو. چيائين؛ ٽانگي مان هٿ ڪڍو ۽ مون سان گاڏي ۾ ويهو. سائين اچي مرحوم قاضي فيض محمد جي آفيس تي لٿو ۽ اسان کي به پاڻ سان اندر وٺي ويو. مون کي ڏندين آڱريون تڏهن اچي ويون جڏهن پاڻ هڪ اسٽول تي ويهي رهيو ۽ مون کي ڪرسي تي ويهڻ لاءِ چيائين. مون گهڻيون منٿون ڪيونمانس پر نه مڙيو. قاضي صاحب چانهه وغيره پياري ٿوري ڪچهري به ٿي. چيومانس؛ سائين آئون ڪڏهن گهر واري اوطاق تي ايندس ته وري ڪچهري لڳندي. چيائين بابا جڏهن وڻي تڏهن اچو، منهنجي آفيس اتان ويجهي هئي ۽ آئون موڪلائي هليو ويس. اتفاق هيئن ٿيو جو آئون ڪجهه ڏينهن ۾ نواب شاهه کان ٺٽي بدلي ٿي ويس ۽ ايئن وري رابطو نه ڪيم. تانجو مون کي سنڌ سرڪار جاتي ۾ (جيڪو منهنجو ڳوٺ آهي) غوث بخش بزنجي مرحوم جي ۸۴، ۸۵ع ۾ جلسي ڪرڻ جي سزا ۾ نوڪري مان معطل ڪيو، جو مقامي وڏيرن جيڪي سائين ڪوڙل شاهه جي پارٽيءَ جي هئا، جي اڳواڻن مون تي الزام هنيو ته مون حڪومت مخالف جلسو ڪرايو آهي. بهرحال بحالي جي گهڻي ڪوشش باوجود وزيراعليٰ سنڌ مون کي بحال ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيو ته اٺ ايم پي اي ۽ هڪ وزير ڪوڙل شاهه انهي ۾ پيش پيش هئا ۽ هنن جو مطالبو هو ته فدا حسين شيخ کي نوڪري مان کي خارج ڪيو وڃي. مان ٻيو آسرو نه ڏسي، شاهه محمد شاهه کي ساڻ ڪري وڃي سائين امداد وٽ لٿس. جنهن چيو ته ڪوشش ڪريون ٿا ۽ سڄو مهينو گوڏو ٻڌي ڪراچي مون سان ويهي رهيو جو غوث علي شاهه ٽائيم ئي نه پيو ڏئي. سائين امداد پاڻ پريشان هو ته شاهه ايترو بي محابو ته ڪڏهن ڪو نه ٿيو آهي. انهي سڄي مهيني ۾ ايم پي اي هاسٽل ۾ سائين سان گڏ رهڻ ڪري مون کي نوڪري جو ڏک وسري ويو جو سڄو ڏينهن دوستن جي آوت، جاوت ۽ ڊاڙ ٺڪاءَ ۽ سائين امداد جي خوش اخلاقي ۽ خوش مزاج طبيعت مونکي ويتر موهي وڌو. سائين جي ايم سيد چوندو هو ته؛ ”ابا اهو ڪهڙو شيخ معطل ٿيو آهي جو سائين امداد، نه سن ٿو اچي، نه نواب شاهه.“ مهيني جي آخري ڏينهن تي دلچسپ صورتحال اها ٿي جو سائين امداد چيو ته فدا وڏو ڪو نڀاڳو آهين جو غوث علي شاهه مون کي وقت نه ٿو ڏئي، انهي ڪري رات آئون تنهنجي کڙي ڏنڀيندس. مون سمجهيو سائين مذاق پيو ڪري، صبح منهنجي عادت هئي ٿورو دير سان اٿندو هوس پر سائين سويرو اٿندو هو جو ماڻهو ڪمن ڪارن لاءِ اچي ويندا هئا. اهڙو ڪو ماڻهو جيڪو سگريٽ پي رهيو هو، سو سائين انهيءَ کان سگريٽ وٺي اوچتو منهنجي کڙي تي رکيو. آئون ٽپ ڏئي اٿيس. مون چيو؛ سائين ڇا ٿا ڪريو؟ سائين چيو؛ اهو ئي جو ڪنهن نڀاڳي سان ڪبو آهي. سڀ ويٺل ماڻهو سائين ۽ مون سميت کل ۾ رڙهي وياسون ۽ تعجب جي حد نه رهي جو اڃا چانهه ئي پيتيسون ته وزيراعليٰ جو فون آيو ته رات اٺين بجي سائين جي چيف منسٽر سان ملاقات آهي پوءِ ته هيڪاري اسان سڀ کل ۾ ڇڙيون هڻڻ لڳاسون ۽ خير سان ٻئي ڏينهن آئون بحال ٿي ويس، پر جيڪو مون کي ساندھ مهينو سائين امداد سان گڏ گذارڻ جو مليو، اهو منهنجي زندگي تي وڏا اثر ڇڏي ويو. مونکي سندس شخصيت ساندھ چوڏهين جي چنڊ وانگر نکريل نظر آئي. جنهن مون کي سندس آدرشن جي مئي تي مهراڻ ۽ خوب ٽٻيون هڻڻ جو موقعو فراهم ڪيو. آئون جيڪڏهن ائين چوان ته غلط نه هوندس ته جيڪڏهن سائين جي ايم سيد سنڌ جو عاشق ته، اهو مانوارو سيد امداد شاهه هو، جنهن تي سنڌ عاشق هئي. سندس ايم پي اي هاسٽل جي ڪمري نمبر ۶ تي، سڄي سنڌ جي ماڻهن جا ڪم سانگي انبوهه هوندا هئا. جڏهن ته انهن ماڻهن جي تڪن مان چونڊجي آيل ميمبرن جا دروازا هر سائيل تي بند هئا. پر هن فقير طبيعت انسان ڪنهن ماڻهو کي ايئن به نه چيو ته باباس تون ٻئي تڪ جو يا ٻئي ضلعي جو آهين، پوءِ چاهي اهو ڪم ڪنهن نوڪري جو هجي يا بهبود ڀلائي يا ڪنهن ترقياتي رٿا جو، هر ماڻهوءَ سان بنا رنگ نسل جي گڏجي ويندو هو ۽ وري انهي ڪم جي پروگريس به وٺندو هو هڪ ڏينهن مون چيومانس ته سائين سخت بيمار آهيو ٻيو ته اهي ماڻهو اوهان جا ووٽر به ڪو نه آهن ۽ ڇتا پيپلا به آهن، ڇڏيون ته وڃي پنهنجي پنهنجي ايم پي اي جي درن تي ڌڪا جهلين، جو اوهان کي هلائي، هلائي بيحال ٿا ڪريو وجهن، پاڻ فرمايائون ته بابا تون سمجهين ٿو ته آئون صرف سڪرنڊ تعلقي جو ايم پي اي آهيان پر ايئن نه آهي، آئون سڄي سنڌ جو نمائندو آهيان ۽ مون کي سنڌ جو هر ماڻهو پنهنجو لڳندو آهي ۽ پنهنجن سنڌ جي ماڻهن کي خصيص وزيرن جيڪي پنهنجي پيٽ ڀرڻ کان واندا نه آهن، انهن جي اڳيان ذليل ٿيندي ڏسڻ نه ٿو چاهيان، مون کي انهي وقت اکين ۾ لڙڪ اچي ويا ۽ شاهه لطيف جو هيٺيون بيت به دل تي تري آيو. ”جيها جي تيها، مارو مون مڃيا، مون جيڏيون ملير ۾، چونڊين موڪ ميها، منهنجي آهه اها، ڪڏهن ڪيرائيندي ڪوٽ کي“. اهڙي پيار ۽ پاٻوهه وارا رويا ته هئس عام ۽ اڻواقف ماڻهن سان پر سنڌ اسيمبلي ۾ سندس ڪو به مٽ يا ثاني نه هو، سنڌ جي هر مسئلي تي جنهن بيباڪيءَ ۽ قابليت سان مسئلن جي اپٽار ۽ ان جي قبوليت ڪرائي انهي جو رڪارڊ ته سنڌ اسيمبلي ۾ محفوظ آهي نه صرف ايترو پر ضرورت پئي ته اسيمبلي ٻاهران عام قومي ڪارڪنن سان بک هڙتال تي ويهي رهندو هو، هڪ دفعي جڏهن محترمه بينظير ڀٽو وزيراعظم هئي ۽ آصف زرداري سندس مڙس گڏجي ڀينگ پئي ڪئي ۽ وزير صاحب به مال ميڙڻ ۾ پورا هئا ته اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي سائين امداد محمد ساهه هيٺون شعر پڙهيو ته عبدالله شاهه جيڪو ان وقت اسپيڪر هو، رڙ ڪري چيو ته هاڻ ٿو گاريون ڏئي. ”گرگ مير و سگ وزير و موش ديوان مي شود زاغ ضابط خر تنابي، ملڪ ويران مي شود“ سائين امداد، حافظ شيرازي جو شعر ته پڙهي ويو پر پوءِ اسپيڪر سندس مائيڪ بند ڪرائي ڇڏيو. هڪ دفعي سائين سنڌ جي ڪنهن مسئلي تي اسيمبلي فلور تان تقرير ڪري رهيو هو ته انهيءَ دوران، وزيراعليٰ سائين قائم علي شاهه ايوان ۾ داخل ٿيو، تڏهن سندس مڇون رکيل هيون، سائين امداد کي وارو لڳو ۽ شاهه صاحب ڏانهن ڏسندي تقرير ۾ چيائين ته جيڪڏهن ڪنهن مڇون رکيون ته حڪمراني ۾ ڪهڙو فرق پوندو. سائين چوندو هو ته هڪڙي خواهش اٿم ته اسيمبليءَ ۾ بابا (جي ايم سيد) جي سيٽ تي وڃي ويهان معنيٰ اپوزيشن ليڊر ٿيان ۽ ايئن ٿيو. اڳئين اليڪشن ۾ اپوزيشن جي سيٽ تي ويٺو ۽ هڪڙي ماڻهو سڄي اسيمبلي ۾ نه رڳو سنڌ جي شاندار نمائندگي ڪئي پر اسيمبلي کي اڱرين تي هلايو، ڪٺ موشن، پر يو وليج موشن، ريزوليشن، پر يو وليج ڪاميٽيون، بجيٽ تقريرون ۽ تجويزون آئوٽ ۽ سوال جواب واري وقفي تي به ڇانيل رهندو هو، مون کي ساڻس گڏ رهڻ جو الاهي فائدو ٿيو جو اهي سڀ شيون مون کي سمجهائيندو هو ۽ مون کان اڪثر لکرائيندو به هو، ايئن آئون به اسيمبلي جي قانون کان گهڻو واقف ٿي ويس، سندس بيوروڪريسي ۾ ايڏي عزت هئي جو کاتي جي وزيرن جي به نه هئي. ڇو جو سائين ذاتي ڪم ۽ خانچي بازي کان سوين ڪوهه ڏور هوندو هو، آفيسرن کي خبر هئي ته امداد شاهه ڪو به غلط ڪم نه چوندو، انهي ڪري هر آفيسر کيس تمام وڏي عزت سان پيش ايندا هئو. آئون جڏهن به ڪراچي ۾ هوندس هوس ته رهندو ئي وٽس هئس. چاهي اها حيدر منزل هجي يا ايم پي اي هاسٽل، مون ڌٺو ته اڪثر سيڪريٽري کيس لفٽ تائين ڇڏڻ ايندا هئا. اڪثر ڪم ڪار وارا سائين سان سيڪريٽري جي آفيسن ۾ گهڙي پوندا پر مون ايئن ڪڏهن نه ڪيو، هڪ دفعو فرمايائين گهڻا ڪامريڊ ٽوپي نرڙ تي رکي مون سان آفيسن ۾ گهڙي پوندا آهن پر تون منهنجي چوڻ تي به اندر نٿو هلين، انهي جو ڪهڙو سبب آهي؟ چيو مانس قبله آئون اچان ته اوهان لاءِ ٿو نه آفيسرن لاءِ ٻيو هر ڪم هو توهان جي ڪري ڪندا نڪو اوهان سان گڏ هلڻ وارن جي ڪري سو آئون ڇو هلان پوءِ خوش ٿي منهنجي پٺي ٺپريندو هو. هڪ دفعو مون کي پاڻ ٻڌائين ته غوث علي شاهه صاحب کيس هڪ ڀيري چيو ته امداد سڀ ايم پي اي پلاٽن جي پٺيان آتا آهن ۽ هنن جي قانون مطابق هڪ هڪ جي Entitlement به آهي پوءِ تون ڇو نه ٿو گهرين، وڌيڪ چيائين تون گهر نه گهر مون تنهنجي لاءِ هڪ سٺو پلاٽ رکيو آهي، سائين وراڻيو شاهه صاحب مهرباني، پلاٽ انهن کي ڏي جن کي خدا بک ڏني آهي، مون کي جيڪڏهن ڏيئي سگهين ته ماڻهن جا ڪم ۽ ترقياتي اسڪيمون ڏي باقي اهڙيون جي مون کي صلاحون ڏنئين ته پنهنجي برادري ختم ٿي ويندي. سائين امداد ٻڌايو ته غوث علي شاهه سمجهيو ته امداد ٿوري تي راضي ڪو نه ٿيندو، سو ڪجهه مهينن کانپوءِ واري ملاقات ۾ هڪ فليٽ سائيت جو نقشو اڳيان رکندي چيائين ته امداد هي مون تنهنجي لاءِ رکي آهي. غوث علي شاهه جو اهو چوڻ ۽ سائين امداد جو ٽپ ڏيئي اٿڻ، ڏوراپو ڏيندي چيائين مڙو ڪو نه ٿا، توهان منهنجي قيمت لڳايو ويٺا آهيو، توهان کي خبر آهي ته جڏهن مون سنڌ جو وزيراعليٰ ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته فليٽ سائيٽ ڇا ڪندس. غوث علي شاهه صاحب شرمسار ٿي کانئس معافي ورتي ۽ وري ڪڏهن به اهڙي آفر نه ڪيائين، البت سائين امداد جي پبلڪ اسڪيمن تي خاطر خواهه ڌيان ڏيندو هو، اهڙي لالچ ۽ لوڀ کان پري رهڻ وارن کي شاهه لطيف هيئين سيگاريو آهي ”ٻجها ڪوه ٻجهن، ته سپن ۾ ڇا سچي، ڦريو ڦهيارن کي، ورثو وات وجهن، سنڌي ذات هنجن، مُنهن لايو موتي چڻي.“ هڪ دفعيسائين امداد جي ورسي جي موقعي تي ادريس راجپوت سيڪريٽري ايريگيشن، انڪشاف ڪيو ته سائين امداد راجپوت هڪ الڳ پاڻي جي نالي جي اسڪيم کڻي آيو ۽ پوءِ انهي کجي مسلسل پيو پوئواري ڪندو هو، انهي تي راجپوت صاحب کي شڪ پيو ته شايد امداد شاهه پنهنجي ٻني لاءِ اها نالي ٿو ڪڍرائي انهي ڪري سيڪريٽري صاحب خود سر زمين ڏسڻ ويو جيڪا ضلعي نواب شاهه ۾ هئي کيس وڃي حيرت ٿي ته انهي ناليءَ جي ڪمانڊ ۾ رڳو غريبن جون زمينون هيون ۽ امداد شاهه جو هڪ ايڪڙ به نه هو. اصولن جي پاسداري دور انديشي ۽ پنهنجي والد جي ناياب روايتن کي برقرار رکڻ جا ڪجهه اهم واقعا به ٻڌندا هلو. محمد خان جوڻيجي جي وزارت اعظميٰ دوران وزيراعظم صاحب سائين امداد کي سنڌ جو وزيراعليٰ ٿيڻ جي پيشڪش ڪئي. پهريائين ته نياپن ۽ اڻ سڏي طريقي سان پر پوءِ ذاتي رابطو به ڪيائين ته مهرباني ڪري سنڌ جي وزيراعليٰ جو عهدو قبول ڪريو، پر سائين جي ناڪاري جواب تي انهي وقت جي گورنر جهانداد خان کي اهو ٽاسڪ حوالي ڪيو ويو. ته ڪنهن به قيمت تي امداد شاهه کي وزارت اعليٰ لاءِ راصي ڪيو وڃي. هڪ ڏينهن آئون ڳوٺان اچي هڪ بجي ڌاري حيدر منزل تي پهتس، ڏٺم ته سائين معمول جي خلاف تيار ٿي نڪرڻ وارو هو. آئين چڱو ٿيو جي آئين، توسان هڪ صلاح ڪرڻي اٿم، ڳالهه ڪري ٻڌايائين ۽ پوءِ چيائين ته تنهنجي ڪهڙي صلاح آهي، جو آئون وڃان ٿو، گورنر صاحب منهنجي انتطار ۾ آهي، چيومانس ته سائين هڪ ته اوهان جو والد محترم نظر بند آهي ۽ ٻيو ته اوهان جي سنڌ جي باري ۾ هڪ الڳ سوچ آهي ۽ ڇا توهان کي پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ اهو ڪرڻ ڏيندي ۽ جيڪڏهن اوهان کي عهدو ڏئي مهيني ٻن ۾ محمد خان جوڻيجي سميت اوهان کي گهر روانو ڪري ڇڏين ته پوءِ اوهان جي فيملي سياست خصوصن سائين جي ايم سيد جي سياست جو ڇا ٿيندو. پاڻ چيائين ته آئون اڳئي اهو سوچيو ويٺو هوس پر تنهنجو امتحان پئي ورتم، ايئن چئي پاڻ گورنر صاحب ڏانهن هليو ويو۔ ڪلاڪ ٻن کان پوءِ واپس موٽي آيو آئون حيدر منزل تي موجود ئي هيس اچي حال احوال ڪيائين چيائين وڏي صاحب کان جند ڇڏائي آيس، شاهه لطيف ڇا خوب چيو آهي ته ”قوت نه قرار يا ڪاپڙي موهيا ڪنهن نه مال، جي ڇورين ڏنا ڇال ته به لاهوتي لنگهي ويا“. وڌيڪ گورنر صاحب چيو ته انهي فيصلي کيس وڏي حيرت ۾ وڌو آهي ۽ اهو به چيائين ته ڀلا جي اوهان نٿا ٿيو ته ڪنهن چڱي ماڻهو جو نالو ڏيو، جنهن کي وزيراعليٰ ڪيون، سائين چيس ته منهنجي نظر ۾ اوهان جي سيٽ اپ ۾ مون کي غوث علي شاهه صاحب کان ڪو بهتر ماڻهو نه ٿو لڳي، هو هاءِ ڪورٽ جو جج به رهيو آهي ۽ تعليم کاتي جو وزير به آهي، پوءِ ٿيو به ايئن غوث علي شاهه کي وزيراعليٰ مقرر ڪري کيس ڪنهن کان سيٽ خالي ڪرائي چونڊرايو ويو. سينيٽ جي اليڪشن هجي پير پاڳاري صاحب پاران بوستان علي هوتي صاحب نامزد هو، سائين امداد ۽ آئون اسيمبلي مان شام جو حيدر منزل پهتاسون، خبر پئي ته هوتي صاحب آيو هو ۽ پير سائين جو فون به آيو هو. مون کي سائين چيو ته ڀڄ ته ڀڄون جو پير صاحب جو فون يا هوتي اچي ويو ۽ پير صاحب سان رابطو ڪرائي ڇڏيائين ته هو اسان جو وڏو آهي، جواب ڪو نه ڏئي سگهبو، جو ٻئي ڏينهن تي سينيٽ جي اليڪشن هئي. سو نوڪرن کي سمجهائي ڇڏيو ۽ اسان وڃي پراڻي ايئرپورٽ واري هوٽل۾ ويهي رهياسون. جو سائين جو چوڻ هو ته کيس ووٽ چاچي عبدالحميد جتوئي جي پٽ اعجاز کي ڏيڻو آهي. سڄي رات ايئرپورٽ تي ويٺا رهياسون، ڪنهن کي خبر ڪو نه هئي ته اسان ڪٿي آهيون، ان وقت اڃا موبائل فون ڪو نه هيون، صبح جو سوير تيار ٿي سائين وڃي اعجاز جتوئي کي ووٽ ڪيو، نوڪرن ٻڌايو ته آخري دفعو هوتي صاحب رات جو هڪ بجي به آيو هو، ايئن سائين پنهنجي ضمير، والد جي دوست ۽ قوم پرست اڳواڻ عبدالحميد جتوئي کي اتم رکيو. ضلعي ۾ جتوئي صاحبن جي اثر گهٽائڻ خاطر پاڻ ڪوشش ڪري ضلعو نوشهروفيروز ٺهريائين ۽ نه صرف ايترو پر نوشهروفيروز ۾ سندن اثر محدود ڪرڻ خاطر غوث علي شاھ کي چئي مراد شاھ ڀريا واري کي وزير ڪرايائين. جيڪو جتوئي صاحب جو خاص ماڻهو هو ۽ سياست به انهن جي پٺيان ڪندو هو پر وزير ٿيڻ کانپوءِ شاھ صاحب جتوئي صاحبن کي ڳچيءَ ۾ پئجي ويو ۽ انهيءَ حڪمت عمليءَ تحت نوشهري ۾ شاھ صاحب وڌيڪ بااثر ٿي ويا. اهو ئي سبب هو جو سيد امداد شاھ تي قاضي احمد، نوابشاھ روڊ تي حملو ڪرايو ويو. پر خير سان سائين بچي ويو. کيس خبر پئي ته حاجي غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي جيڪو سائين جي ايم سيد جو پڳ مٽ يار هو جي قبر سندس پونيئرن جي بي ڌياني ڪري زبون حالت ۾ آهي ته پاڻ نوابشاھ مان اسهي پورو هفتو ميرپور خاص ۽ جيمس آباد ۾ رهي سندس قبر ٻڌرائي پوءِ موٽيو. اهڙي طرح ٺوڙهي شهيدن جو يادگار به پنهنجهي نگراني ۾ ٺهرايائين. جي ٻهراڙين جي لاءِ آفندي پبلڪ اسڪول به سائين امداد جي ڪوشش سان وجود ۾ آيو جو وزيراعليٰ کان اسڪول جي لاءِ پنج سو ايڪڙ زمين الاٽ ڪرايائين. نوابشاھ ڀرسان نه رڳو صوفي شاعر حمل فقير جي مزار ٺهريائين پر سنڌ جي هن وڏي شاعر جو زبردست ساليانو ميلو پڻ لڳرايائين ۽ جيڪو اڃا جاري آهي سنڌ مدرسو بورڊ، سنڌ اسيمبلي، سيد ايسوسيئيشن، نوابشاھ ضلعي جون مختلف ڪميٽيون ۽ پاڪستان سياسي Alliance پونم ۾ به ڏاڍو فعال ڪردار ادا ڪيا آهن. ۾ سندس بصيرت ۽ تعميري تنقيد ۽ صلاح مشهورن تي هڪ دفعو عبدالرحيم مندو خيل چيو ته شاھ صاحب اها اسان قوم پرستن جي بدنصيبي آهي جو اوهان جهڙي نبض شناس ۽ زيرڪ سياستدان سان اسان جي ملاقات تمام دير سان ٿي آهي، جڏهن اوهانجي صحت گهڻي متاثر ٿي چڪي آهي. ٻيو ته ڇڏيو رسول بخش پليجي جهڙو ماڻهو جيڪو سواءِ پنهنجي تعريف جي ٻي ڪنهن تي اک به نه ڇنڊي اهو به امداد محمد شاھ جي حڪمت عملي ۽ سياست جي ساراھ جا ڍڪ پيو ڀريندو آهي. ٻه ڀيرا سنڌ اسيمبلي جو ميمبر رهيو. هڪ دفعو نان پارٽي ۱۹۸۵ واري اليڪشن ۾ ٻيو ڀيرو ۱۹۹۳ع ۾ سيد بشير شاھ احمد جي ڪوششن سان پ پ سيد امداد محمد شاھ جي خلاف اميدوارن نه بيهاريو، انهنَ ٻنهي دورن ۾ سائين امداد سنڌ جي عام طرح ۽ پنهنجي تڪ جي خاص ڪري جيڪا خدمت ڪئي اها اڄ به ضرب مثل آهي. روڊ رستا، اسڪول، اسپتالون، هنري سکيا گهر ۽ بجلي وغيره سندس اهم ترجيحات ۾ هيون، انهيءَ لاءِ پنهنجون ذاتي زمينون ڏيڻ کان به نه ڪيٻائيندو هو، مجيد ڪيريو جنهن ۾ سندس زمينون آهن اتي لڳ ڀڳ ۳۰ يا ۴۰ ايڪڙ زمين فوڊ کاتي کي مفت ڏيئي گدام ٺهريائين جيئن اتي پنجاھ سئو ماڻهو پنهنجو روزگار ڪري سگهن، هاءِ اسڪول ٺهرايائين ڇو ته پاڻ ٻارن جي پڙهائي ۾ وڏي دلچسپي وٺندو هو ۽ تقريبن هر هفتي ٻارن جي حاضري ۽ استادن جي حاضري جو پڇاڻو ڪندو هو. عام ماڻهن سان رويو بنا ڪنهن اوچ نيچ جي هوندو هوس، سخت بيماري جي حالت ۾ به هر ماڻهو سان ڪوشش ڪري اٿي بيهي ملندو هو ۽ ماڻهو جي سڃاڻپ جي بي پناھ صلاحيت رکندو هو. حيرت ته اها ٿيندي هئي جو ايندڙ ماڻهو ڏسي اهو ٻڌائي وٺندو هو ته هو ڪهڙي ڪم سان پيو اچي. هڪ دفعي آئون وٽس مجيد ڪيري ۾ ويٺو هوس ته هڪ ماڻهو پري کان ڏسي چيائين ته اهو همراھ ڦلاڻي ڪم لاءِ پيو اچي هو همراھ ڪافي دير ڪچهري ڪرڻ کانپوءِ موڪلائي وڃڻ لڳو ته مون سائين امداد جي منهن ۾ معنيٰ خيز نظر سان ڏٺو پاڻ به کلي ڏنائين ۽ چيائين اهو اڳيان وڃي وري موٽندو ۽ ڪم چوندو ٿيو به ائين، مون چيومانس سائين ولي آهيو يا جوتشي بابا. اهو به ٻڌائيندو هلان ته سنڌ ۾ بيباڪ ۽ بيرياءُ فيصلن ڪرڻ ۾ ٻن ماڻهن وڏي مشهوري ماڻي ۽ تمام پيچيده فيصلا وٽن اينداهئا، انهن ۾ نمبر پهريون عبدالحميد خان جتوئي هو ۽ ٻئي نمبر تي سائين امداد محمد شاھ هو. سادگي جي ته انتهائي هئي. بلڪل، سادو درويش صفت ماڻهو هو ڪڏهن ڪڏهن چوندو هو ته دل چوي ٿي ته گيڙو ڪپڙا ڪري ٻڌ جو بڪشو ٿي گهران نڪري وڃان، منجهنس ڪو به ٺٺ ٺانگر نه هو اڪثر شادين ۾ مون کيس ڏٺو ته پويان پيل ڪرسين تي عام ماڻهن سان گڏ ويهي رهندو هو، جڏهن ته ٻين ٺڙڪو وڏيرن جو ڪنڌ اڳين پيل صوفن ڏانهن هوندو هو. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪاڄ ڌڻي ڊوڙندا ايندا ۽ کيس منٿون ڪري اڳيان وڃي ويهاريندا هئا. دفعي جي ڳالهه آهي جو سندس ڊرائيور چيس ته سڀني ايم پي ايز پنهنجي گاڏين تي ايم پي اي جو مونو گرام لڳايو آهي نتيجن انهن جي چيڪنگ وغيره ڪو نه ٿي ٿئي ۽ پاڻ کي جتي ڪٿي پوليس ۽ رينجرز وارا تنگ ڪن ٿا. انهيءَ ڪري اجازت ڏيو ته آئون اهو مونو گرام لڳايان. سائين چيس ڇو پاڻ کيپون ٿا پاس ڪريون جو چيڪنگ مان جند ڇڏايون. منهنجي گاڏي تي مونو گرام نه لڳاءِ. آئون ڪڏهن ڪڏهن ساڻس گڏ سفر ڪندو هوس. جتي پوليس يا رينجرس روڪيندي هئي ته پاڻ بنا چوڻ جي گاڏي مان لهي بيهندو هو ۽ انهن کي اشارو ڪندو ته چيڪ ڪري وٺو ۽ تعارف پڇڻ تي ايم پي اي وغيره ڪو نه ٻڌائيندو هو بلڪه فقط چوندو ”امداد“ مونکي ڏاڍي حيرت ٿيندي هئي آئون چوندو هوس ته سائين تعارف ڪرائڻ ۾ به ڪنجوسي ٿا ڪريو ته چوندو هو ته سڄو تعارف ڪرايان ته هو باادب ٿي ملن، انهي جي مون کي ضرورت ڪونهي. جو اهو عالم هو جو ممتاز علي خان ڀٽو جڏهن اقتدار کان آئوٽ هو ۽ نوابشاھ وارد ٿيو ته ڪنهن سندس ماني نه جلهي پر امداد شاھ توڙي جو سياسي طرح ممتاز خان سان گڏ نه هو پر سندس مان ۾ شاندار دعوت ڪئي پوءِ خير سان ممتاز علي خان نگران وزيراعليٰ ٿيو ۽ نوابشاھ آيو ته سائين امداد جيڪو ان وقت سخت بيمار هو. ان جي عيادت لاءِ به نه لڙيو. ائين جڏهن آصف زرداري عتاب هيٺ هو ۽ جيل ۾ هو ته ڪمن ڪارن لاءِ سائين امداد ڏانهن چٺيون لکندو هو ۽ چاچا لکي خط ۾ مخاطب ٿيندو هو پر جڏهن زرداري صاحب پاور ۾ آيو ته سائين امداد گذاري چڪو هو پر زرداري صاحب عذر خواهي لاءِ به نه لڙيو. نه فقط ايترو پر سائين امداد جي نوابشاھ واري گهر ۽ پلاٽ تي به قبضي جي ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين، جي زرداري صاحب لاءِ سيڪيورٽي مسئلو آهي، جو المرتضيٰ هائوس، زرداري هائوس جي پاسي ۾ آهي. پر سائين امداد جي لائق پٽ زين شاھ ڦڏي جي تياري ڪئي ته وري زرداريءَ ڏوڪڙن تي وٺڻ جي ڪوشش پر سائين زين اهو نه مڃيو. آر ڊي واري تحريڪ ۾ جڏهن قاضي احمد ويجهو ڳوٺ پنهل چانڊيو وٽ فوج ڪارروائي ڪندي ٻارنهن چوڏانهن ماڻهو ماري وڌا ته خوف هراس کان ماڻهو ڳوٺ ڇڏي ويا پر اهو سائين امداد محمد شاھ هو جنهن ڊاڪٽر منظور کي اسپتال روانو ڪري لسٽ ورتي ته ڪهڙا مري ويا۽ ڪهڙا زخمي آهن ۽ پوءِ جنازن دفن ڪفن جو انتظام ڪيو ۽ جنازي نماز پڙهي. جنهن ۾ هڪ به پيپلو يا جيالو شريڪ نه ٿيو صرف سائين امداد ۽ سندس ساٿي ڊاڪٽر منظور خشڪ، اسماعيل وساڻ ۽ انور شيخ وغيره شامل ٿيا. ابڙو وڏ وڙو، سوڙو سمون سونهن سڀن تنهن در سڀ اچن، ته ڪڌ نه ڪڍي ڪڇ ڌڻي تڪ وارن کي ڇا ته ڏنائي، هاءِ اسڪول، مڊل اسڪول روڊ، بجلي، واٽر سپلاءِ اسڪيمون ۽ ڊرينيج سسٽم. انهن شين جي ڏيڻ جو انداز مون پوري سنڌ ۾ ڪٿي ڪو نه ڏٺو. مون سڄي سنڌ ۾ نوڪري ڪئي آهي جتي عام طرح وڏيرا، ٺيڪيدار سان ساز باز ڪري يا ته پئسا هڙپ ڪري ويندا آهن ۽ ناقص ڪم ڪرائيندا آهن يا وري ڪو چڱو وڏيرو يا ايم پي اي، ايم اين اي هوندو آهي ته صرف پنهنجن ووٽرن کي اسڪيمون ۽ نوڪريون ڏيندو آهي هاڻ ته، هر شئي نيلامي تي آهي حد ته اها آهي ته ڪڻڪ جي سيزن ۾ فوڊ ڊپارٽمينٽ کان بارداڻو وٺي کپائي ڇڏيندا آهن. پر ٿوري ڄاڻ سائين امداد جي تر جي به وٺو. هر ڪم ميرٽ تي هڪ وڃي آئون ويٺو هوس ته هڪ ڳوٺ جو چڱو مڙس آيو ۽ چيائين اسان سدائين توهان کي ووٽ ڏنا آهن پر توهان اسڪيمون۽ اسڪول توهان جي ۽ اسانجي مخالفن کي ڏنو آهي اهو صحيح نه آهي. سائين چيس ته بابا تنهنجي ڳوٺ ۾ گهر گهڻا آهن ۽ گهڻيون نياڻيون پڙهڻ لائق آهن. وڏيري چيو ته سائين پندرنهن ويهه گهر آهن ۽ اٺ، ڏھ ڇوڪريون پڙهڻ جيڏيون آهن، سائين پڇيس ته پنهنجي مخالفن جي ڳوٺ جي وسندي گهڻي آهي چيائين ته ان ۾ چاليهه پنجاھ گهر آهن ۽ ٽيهارو کن ڇوڪريون پڙهڻ جيتريون هونديون پر آهن ته پنهنجا مخالف، سائين چيس ته بابا ڏاهو ٿي آئون ايڏي وڏي ڳوٺ کي ڇڏي، انهن کي سهولت کان رڳو انهيءَ ڪري محروم ڪريان جوهي مون کي ووٽ نٿا ڏين ۽ تون ئي ٻڌاءِ ته هو پنجن سالن لاءِ ٻيو نمائندو ڪٿان آڻين، انهيءَ ڪري چونڊجي وڃڻ کانپوءِ آئون مخالف چاهي مواقف جو نمائندو آهيان آئون حيران رهجي ويس سوچيم ته منهنجي ڳوٺ جا وڏيرا ته گٽر جي نالي به پنهنجي مخالف پاڙي کي ڪو نه ڏين ۽ سچي پچي سوچيندو هوس ته ڪاش سائين امداد سان، سائين جي ايم سيد جي سياست جي ريڊ لائين نه هجي ها ته هو پنهنجو بلاخوف، بيريا ۽ مدبرانه صلاحيتون استعمال ڪري سنڌ کي گل ۽ گلزار ڪري ڇڏي ها. چاچي حاڪم علي زرداري سان به ڪچهريون تي ويندو هوس ۽ هو سنڌ جي هر سيد جو نالو وٺي گُٿا لفظ ڳالهائيندو هو. سواءِ سائين امداد محمد شاھ جي، بلڪه سندس تعريف ڪرڻ کانسواءِ رهي نه سگهندو هو. هڪ دفعي آئون قاسم مير جت سان گڏ سندس ڪلفٽن واري بنگلي تي ملڻ ويس ته ڪچهري ڪندي اچي سنڌ جي سيد تي شروع ٿيو سائين امداد جي ته تعريف ڪيائين پر سائين جي ايم سيد جي نالي سخت گُٿا لفظ ڳالهايائين. مونکان، اهو سٺو نه ٿيو، جهڙو گٿو لفظ سائين وڏي کي ڳالهايائين اهڙو ئي مون کيس اتي جو اتي جارحانه انداز ۾ چيو ۽ آئون ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ۽ پيلو ٿيس ويس. چاچي حاڪم علي، قاسم ميرجت کي چيو ته ابا نوجوان کي روڪ هي ته مورڳو مونسان وڙهي ٿو. انهي ڏينهن کانپوءِ آئون وري ڪڏهن حاڪم عليءَ وٽ نه ويس. ٻي ڳالهه ٻڌائيندو هلان ته سائين امداد ۽ سائين جي ايم سيد جي طبيعتن ۾ هڪ وڏو تضاد هو. سائين وڏو Optimist هو ۽ سائين امداد ان جي برعڪس pessimist هو. مطلب ته سائين وڏو ٻين ماڻهن يا شاگرد تنظيمن ۾ اميدون وڌيڪ رکندو هو، انهي ڪري سندس سياست مان پڇاڻو نڪتل هو. جڏهن ته سائين امداد Practical ماڻهو ۽ هر ڪم جي خامين تي وڌيڪ ڌيان ڏيندو هو ۽ منهنجي ٿوري گهڻي مطالعي مطابق دنيا جا گهڻا انقلابي pessimist هئا يا practical هئا. جنهن ڪري پنهنجي مقصدن ۾ ڪامياب رهيا اهو ئي سبب هو جو سائين امداد، چئي سنڌ واري سياست کان پاسيرو رهيو ۽ سائين وڏي وٽ پڇاڻي جي عمل سست هجڻ ڪري ”جيئي سنڌ“ ڊزن کان مٿي ڌڙن ۾ ورهائجي ويئي بلڪ منهنجو ايماندار خيال ته اهو آهي ته ڌڙن جي گهڻائي سائين وڏي کي پنهنجو Cover ٺاهي پنهنجي پنهنجي ايجنڊا تي ڪم ڪرڻ لڳل هئي. نتيجو اهو ٿيو ته اڄ اهي تنظيمون نه رڳو حڪمت عملي کان خالي آهن پر سندن اڪثر ليڊرن کي دنيا جي سياست جي به ڪا خبر چار ناهي ۽ نه ئي اهي ڪنهن Talk Shows ۾ ڳالهائڻ جي صلاحيت رکن ٿا. سائين وڏو گذاري ويو ته آئون ڪجهه وڏن قومپرست ليڊرن سان سن ۾ رهيل هوس. سائين وڏي جو وڇوڙو انهن کان برداشت نه ٿيو سو غم کي غلطان ڪرڻ لاءِ پهرين رات سن جو ٺرو گهرايائون، آئون ڪجهه ڪڇي نه سگهيس. صبح انهن مان ٻن وڏن ليڊرن، جن کي پنهنجون پارٽيون هيون. مونکي چيو ته اوهان سان سائين امداد تمام گهڻون ٿو ٺهي ۽ سائين وڏي جي گذارڻ کانپوءِ اهي ڌڙا هڪٻئي جي سامهون اچي ويندا، انهي ڪري سائين امداد کي چئو ته هو پاڻ اڳواڻي ڪري. مون به وجهه وٺي ۽ سائين جو موڊ ڏسي پنهنجي پاران سائين امداد وٽ اها تجويز رکي. پهرين ته هو منهنجي منهن ۾ سواليه انداز ۾ تڪيندو رهيو پوءِ پڇيائين توکي اهو ڪنهن چيو آهي. مون ڪوڙ ڳالهايو ته اها منهنجي پنهنجي سوچ آهي، انهي تي مونکي چيائين انهن ليڊرن صاحبن کي وڌيڪ آئون سڃاڻان يا تون! آئون خاموش ٿي ويس ۽ ليڊر صاحبن کي ڪو به جواب ڏيڻ کان ڪنٽار ڪري ويس. سال ۱۹۹۵ع جي ڳالهه آهي ته سائين امداد گهڻو بيمار هو مونکي ۽ ڊاڪٽر منظور کي چيائين ته مون سان گڏ لنڊن هلو، جتي سندس چيڪ اپ رٿيل هو. پر گڏوگڏ ورلڊ سنڌي ڪانگرس جو ساليانو ميڙاڪو به هو. آئون ۽ سائين بشير احمد شاھ ساڻس گڏ وياسون ۽ سندس تيمارداري ڪئي، اسان جڏهن لنڊن پهتاسون. ته اها به خبر پئي ته ولي خان صاحب به دل جو آپريشن ڪرايو آهي. سائين چيو ته چيڪ اپ واري تاريخ ۾ اڃا ٻه ٽي ڏينهن آهن هلو ته ولي خان صاحب کان طبيعت پڇي اچون، سو برهمنگم وياسون، اتان ساڳئي ڏينهن موٽي آياسون، ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي سالياني ميڙاڪي جي ڪري اُتي جيئي سنڌ جا وڏا جبرا ليڊر به لٿل هئا، انهن مان هڪ ته هاڻي جيئي سنڌ ڇڏي ڪنهن اقتداري پارٽي ۾ شامل آهي. جڏهن انهن کي خبر پئي ته سائين امداد ولي خان وٺان ٿي آيو آهي ٻئي ڏينهن سردار عطاءُ الله خان مينگل ڏانهن سنڀريل آهي ته هڪڙي ليڊر صاحب، مونکي چيو ته جيئي سنڌ جا ته اڳواڻ اسان آهيون، امداد ته ان ۾active آهي ڪو نه پر سائين جي ايم سيد جي پٽ هجڻ جي ناتي، هن جي وڏي حيثيت آهي، ۽ اسان کي پاڻ سان گڏ نه وٺي وڃڻ ڪري سندن ساک تي ناڪاري اثر مرتب ٿيندا، تنهن ڪري توهان سائين امداد کي سمجهايو ته اسانکي به پاڻ سان کڻي هلي، مون مهربان اڳواڻ کي چيو ته ڪو وجهه وٺي ضرور سائين سان ڳالهائيندس. رات جو ڪچهري، ڪندي مون سائين وٽ اهو ڪيس هن انداز ۾ رکيو ته سائين توهان مختلف سياسي ماڻهن سان ملو ٿا پر توهان جيئي سنڌ جا نمائندا ته نه آهيو، هتي ٻه جبرا اڳواڻ جيڪي سائين وڏي جا ويجها ساٿي آهن انهن کي ساڻ نه کڻڻ، انهن جي پوزيشن خراب ڪرڻ جي برابر آهي جو سياسي ڌريون انهن تي اعتبار يا اعتماد نه ڪنديون انهي ڪري اوهانکي اهو مناسب نٿو لڳي جو اهم سياسي ماڻهو ملڻ مهل انهن کي نظر انداز ڪريو. بعد ۾ پڇيائين ته ليڊر صاحبن اهڙي شڪايت ڪئي آهي ڇا، مون وراڻيو نه سائين، آئون پاڻ اهو بهتر ٿو سمجهان جو سائين وڏي جا نمائندا ته هو آهن توهان ته ڪو نه آهيون، جواب چيائين ته جيڪڏهن آئون هنن کي وٺي ويندس ته اها انهن تي اعتماد جي confirmation ٿي ويندي، پوءِ هو پنهنجي اصل ڌنڌي چندي خوري ۾ لڳي ويندا. مون کڻي بس ڪئي ۽ اهو جواب ليڊر صاحب کي ٻڌائڻ جي سگهه نه ساري. سائين امداد ۾ ڪنهن مسئلي جي تهه تي پهچڻ ۽ Observation جي صلاحيت گهڻي هئي جيڪو مون جهڙو عام ماڻهو Notice نه ڪندو هو. هڪ دفعو هيئن ٿيو جو آئون ساڻس گڏ حيدر منزل پهتس ته سائين نوڪرن کي سڏي چيو ته هن هر ڀيري حيدر منزل تي اوپرا ۽ واپاري ٽائيپ ماڻهو ڏٺا آهن، جيڪي کيس به نه سڃاڻن، اهي ڪير ٿو وٺي اچي. نوڪرن چيو ته سائين ڦلاڻي ليڊر لاءِ ايندا آهن پوءِ ڪلاڪ کن ويهي ليڊر سان ڳالهائي هليا ويندا آهن ۽ هر ڀيري مختلف ماڻهو هوندا آهن، سائين نوڪرن تي تپي باهه ٿي ويو. چئي اوهان کيس ڇو نه ٻڌايو. نوڪرن انهن ليڊرن جا نالا کنيا جيڪي شرم کان آئون هت ڪونه ٿو لکي سگهان، سائين حڪم ڪيو ته سندس ڪمري کي تالو هڻي ڇڏيو ۽ انهن ليڊرن کي حيدر منزل تي اچڻ نه ڏيو، اهي حيدر منزل کي ڀتي خوري جو اڏو ٺاهيو ويٺا آهن، حالانڪه مون به اهڙا ايندڙ ويندڙ کوڙ ڀيرا ڏٺا پر مون انهيءَ پهرائي ۽ انهن صاحبن کي ڪڏهن به ڪو نه پرکيو هو. سائين امداد پنهنجي آتم ڪٿا ڪجهه هيئن ٻڌائيندو هو ته، ٻنهي ڀائرن معنيٰ سائين امير حيدر شاھ جيڪو سندس وڏو ڀاءُ هو ۾ ٿوري گهڻي اڻبڻت ننڍي هوندي کان رهندي هئي ۽ ٿوري گهڻي ڳالهه تان سائين امير کيس پيو ڪُٽيندو هو بقول سائين امداد جي ته، مارڪٽ دوران هن وڏي ڀاءُ جي سامهون ڪڏهن هٿ به نه کنيو ۽ اها مارڪٽ جاري رهي. جڏهن امداد کي پهريون دل جو دورو پيو ته اها مار، بند ٿي، انهي ڪري سائين وڏي سائين امداد کي مجيد ڪيريي ٻه سئو کن ايڪڙ جيڪا غير آباد ٻني هئي ڏيئي سن مان روانو ڪري ڇڏيو. جيستائين زمين وغيره آباد ٿئي. تيستائين سائين مڙنيءَ نوابشاھ ۾ وڪالت ڪندو ۽ پيٽ پاليندو هو. ۽ ٻڌائيندو هو ته ڪڏهن ڪڏهن چاچو قاضي فيضن محمد کيس گاڏي ڏيندو هو جيڪا کيس مجيد ڪيري( جيڪو سڪرنڊ کان اٺ، ڏھ ڪلوميٽر کن پري هو) ڇڏي ويندي هئي ور نه اڪثر ٽانگي ۾ ايندو ويندو هو پوءِ آهستي آهستي زمينون به آباد ٿيون ۽ مجيد ڪيرئي ۽ نوابشاھ ۾ پير کوڙيا. سائين اهو ٻه ٻڌائيندو ته محرابپور وارو حاجي حسن بخش شاھ سائين وڏي (جي ايم سيد) جو دوست نه پر جهڙو سڳو ڀاءُ هئو. سائين حاجي حسن بخش جي ٿورڙي سياسي ڪناره ڪشي ڪري سندس ئي نوازيل امام علي انڙ ايتري مڳي ڪري ويو جو سندس پٽن شبير احمد شاھ ۽ بيشر احمد شاھ کي پيو ڊوڙائيندو هو، پر نيٺ سائين امداد ۽ بشير شاھ گڏجي سياسي طرح وڃي انڙن کي اهڙو گهر ڀيڙو ڪيو جو وري نه اڀري سگهيا، هڪ دفعو ڳالهه ڪيائين ته ماڻهو ڪيڏو نه ڪمزور هوندو آهي جو کيس جڏهن محروم ڀٽي جي ڏينهن ۾ گرفتار ڪيو ويو ته سندس ضمانت لاءِ بمع چاچي قاضي فيض محمد جي جيڪو جي ايم سيد جو دوست هو، ڪو به نوابشاھ ۾ وڪيل ٿيڻ لاءِ تيار نه هو. لک آفرينيون هجن استاد رشيد وڪيل کي جنهن اردو ڳالهائيندڙ هوندي به سندس ضمانت جي درخواست دائر ڪئي ۽ ضمانت ڪرائي ۽ ٽڪو به نه ورتائين. سائين امداد جهڙو پاڻ ڀلو ماڻهو هو اهڙو ئي سندس Aesthetic Sense به اعليٰ درجي هو. وٽس روايتي انداز ۾ ڪچهريون، رهاڻيون به جاري رهنديون هيون، انهن ۾ هر مڪتب فقر جا ماڻهو موجود هوندا هئا جنهن ۾ پنجابي، اردو، سنڌي ۽ ڪٽر مذهبي، ڪميونسٽ، قوم پرست سڀ هوندا هئا ۽ اهڙيون سُريليون ڪچهريون جنهن ۾ سيد، پير، شيخ ۽ ماڇيءَ جو به فرق نه هوندو هو ۽ هر قسم جو نظرياتي يا غير نظرياتي بحث کل ڀوڳ، ڊاڙ ٺڪاءُ ۽ هڪ ٻي سان حجتون پيون هلنديون هيون. پان لتا مگيشڪر، بڙي غلام علي ۽ منظور علي کي اختري ٻائي شوق سان ٻڌندو هو، نوابشاھ ۽ مجيد ڪيريي ۾ ڪجهه سندس مستقل ملاقاتي ۽ ڪجهه غير مستقل دوست احباب پيا شريڪ ٿيندا هئا. ۽ انهن سڀني ڪچهرين جو سرموڙ ڊاڪٽر منظور خشڪ هوندو هو، جنهن کانسواءِ ڄڻ ته ڪچهري اڌوري هوندي هئي. مستقل دوستن ۾ بشير احمد شاھ، اسماعيل وساڻ، ابراهيم ڇٽو، چاچو الهداد آگرو، شعبان ڀٽي، انور شيخ، لياقت آرائين، سائين محمد شاھ(ڦنڊر) چاچو يوسف ميمڻ، غلام مصطفيٰ ميمڻ (سي ايم او) ۽ ڪڏهن ڪڏهن ايندڙن ۾ ۾ چوڌري مجيد، ڪامريڊ حميدي، حاڪم علي زرداري، فدا ڏيرو، سائين شاھ محمد شاھ، زمان شاھ، چاچو علڻ، سائين بشير احمد شاھ، سڪندر ڀنگوار، غلام مصطفيٰ ڪورائي راقم ۽ انيڪ ماڻهو جن جا نالا ياد نه اٿم. ڪراچي ۾ حيدر منزل تي جيڪي مستقل دوست سائين وٽ ايندا هئا. انهن ۾ راقم سرفهرست هو. باقي ٻين دل گهرين ۾ ڪيپٽن ذلف، ابراهيم آگرو، مشتاق شيخ، سيد بشير احمد شاھ، سڪندر ڀنگوار ڪڏهن ڪڏهن وارن جي لسٽ تمام وڏي آهي. پر پاڻ ڪراچي ۾ هوندي جن دوستن ڏانهن ڪچهري لاءِ ويندو هو. انهن ۾ چاچو غلام مصطفيٰ شاھ (اڳوڻو وفاقي وزير) سائين مرحوم نور احمد شاھ(اڳوڻو سيڪريٽري)، سيد عبدالله شاھ، سيد علي قطب شاھ، جنهن کي پاڻ حجت مان ٿري ڍڳو چوندو هو. سيد سجاد علي شاھ، محمود هارون، سائين غوث علي شاھ، سيد افضال حيدر، احمد علي قريشي، چاچو غلام مصطفيٰ ڀرڳڙِ، سيد مراد علي شاھ ڀريا وارو، ابراهيم آگرو، ڪيپٽن ذلف مولانا شاھ احمد نوراني، سيد انتظار حسين زيدي، اختر جي قاضي، چاچو عبدالحميد جتوئي، سردار عطالله خان مينگل وغيره وغيره انهن سڀني مان ڪجهه اهڙا سائين جا ويجها خدمتگذار دوست هئا جن کي سائين جا ”نورتن“ سڏيو ويندو هو، جنهن ۾ ڊاڪٽر منظور، اسماعيل وساڻ ۽ هن مضمون جو ليکڪ شامل هو. اسان تي پاڻ نالا الڳ الڳ رکيا هئائين. هڪ ڏينهن سائين کي مون جنگ صفين جو واقعو ٻڌايو جيڪا حضرت علي ۽ حضرت معاويه جي وچ ۾ ٿي هئي، انهن ۾ عمر بن عاص جيڪا حرڪت ڪري حضرت علي مان جند ڇڏائي، جنهن جو ذڪر ڪري حضرت معاويه عمر بن عاص، جو مذاق اڏائيندو هو. سائين امداد کيس چيو ته اڄ کانپوءِ پنهنجو عمرو بن عاص ڊاڪٽر منظور آهي ۽ انهيءَ نالي سان سڏيندو هوس. اسماعيل وساڻ جيڪا ڪچهري ڪندو هو ته ان ۾ ڪو به جذباتي انداز نه هوندو هو ۽ ڊاڪٽر منظور جي صلاح تي اسماعيل وساڻ جو نالو پئجي ويو فرحتي حرامي، البت آئون ٻه درجا پڙهيل هوس ۽ تاريخي بحثن ۾ پيو الجهندو هوس ته مونکي پاڻ شيخ المشائخ سڏيندو هو ۽ ڪڏهن به فدا ڪري نه سڏيائين. سائين امداد دل جو به مريض، شوگر ۽ هاءِ بلڊ پريشر جو به مريض ۽ اڪثر اسپتال داخل ٿيندو رهندو هو پر جڏهن ڊاڪٽر سختي سان ملاقات تي پابندي لڳائيندا هئا ته به چوندو هو ته فدا ۽ منظور کي اندر موڪليو جنهن تي سائين جلال شاھ اسان تي پيو ناراض ٿيندو هو ۽ اسان پاڻ به پيا ڪترائيندا هئاسون پر سائين ضياءُ شاھ اسانکي لڪائي. اندر موڪليندو هو ۽ چوندو هو ته اوهان جي ڪچهري ۽ کل ڀوڳ سائين جي طبيعت بهتر ٿي ڪري. هڪ دفعو سائين امداد OMI اسپتال داخل هو پر سندس طبيعت ۾ ڪو به فرق نه آيو. ڊاڪٽر منظور سائين سان مذق ڪندي چيو ته ڊاڪٽر پروفيسر مسعود حميد جي اوهان جي فيملي مارڻ تي آنٽي تتل آهي جو سائين جي ايم سيد ۽ جيجي درشهوار کي به ماريو اٿئين هلو ته هلون جناح واري cardiovascular ۾ نه ته خير نه اٿو! پاڻ ڏاڍو کليو ۽ فورن ڇوڪرن کي گهرائي چيائين بابا هتان هاڻ جو هاڻ ڪڍ جتي ڊاڪٽر منظور چوي ٿو اتي هلي داخل ڪريو. ائين ٿيو ته جناح اسپتال ۾ سائين امداد ٻن ڏينهن ۾ ئي بهتر ٿي ويو. (هلندڙ) سائين امداد جي يارهين ورسي جي موقعي تي سيد امداد محمد شاھ جي ياد ۾ غلام حسين جوڻو سنڌ هيرن جي کاڻ آهي. جنهن ۾ ڪيترا ئي هيرا جنم وٺندا رهيا آهن. اهڙن هيرن مان ته سيد امداد محمد شاھ به هڪ هو، جيڪو هڪ محبتي انسان هو. پيار ۽ پاٻوھ جي خصلتن جو مالڪ هو، کيس سنڌ جي عوام سان تمام گهڻي محبت هوندي هئي. سندس، پيار ۽ محبت هميشه سنڌي ماڻهن کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ جو درس ڏنو آهي، ان جي بدلي ۾، ماڻهو به، هن سان محبت ڪندا هئا. جنهن ڪري هر وقت هن وٽ عوام جا ميڙا ڏٺاسون. هن جون ڪچهريون قائم ۽ دائم رهيون. سائين امداد محمد شاھ، بلند اخلاق جو مالڪ هو. سندس شخصيت تي نظر وجهبي ته سندس ڪردار جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ ملندي. انهيءَ ڪردار مان، معلوم ٿئي ٿو ته شاھ صاحب هڪ سماجي ڪارڪن جي حيثيت سان عوام الناس جي خدمت ڪندو رهيو. پاڻ ٻه دفعا سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر پڻ ٿيو. ان دوران سڄي سنڌ ۾ خوب ترقياتي ڪم ڪرايائين. خاص ڪري پنهنجي تڪ، تعلقي سڪرنڊ ۾ عوام جي ڀلائي لاءِ جيڪي ڪم ڪرايائين، سي ڪنهن کان ڳجها ۽ لڪل ڪونه آهن. هر ڳوٺ ۾ اسڪول قائم ڪرايا ويا. سندس چوڻ هو ته نوجوانن کي تعليم جي زيور سان منور ڪري، انهن ۾شعور پيدا ڪيو وڃي ته جيئن هو پنهنجي ۽ پرائي دوست ۽ دشمن جي پرک ڪري سگهن. تنهن کانسواءِ هر ڳوٺ تائين روڊ جي سهولت پڻ ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي هئائين. هن وقت هر ننڍي توڙي وڏي ڳوٺ ۾ روڊن جي سهولت موجود آهي. ان کانسواءِ عوام کي علاج جي سهولت ڏيارڻ لاءِ اسپتالون اڄ به موجود آهن. جتي مفت ۾ دوائون ملي رهيون آهن ۽ علاج ٿي رهيو آهي. هاڻ غريب ماڻهو وڏين اسپتالن جي وڃڻ بدران مذڪوره اسپتالن جو رخ ڪن ٿا. اتي هو آساني سان پهچي ويندا آهن. ياد رهي ته اسپتالون به بنيادي سهولتن ۾ شمار ٿين ٿيون. شاھ صاحب گهر، گهر کي بجلي فراهم ڪرڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي. نتيجي ۾ تڪ جي اڪثر ڳوٺن ۾ بجلي جا بلب ٻرڻ لڳا ۽ روشني ڏسڻ ۾ آئي. بجلي جي ڪري رنگيني ۽ رونق پڻ پيدا ٿي ويئي. جڏهن ته ڪو هڪ اڌ ڳوٺ بجلي جي سهولت کان رهجي ويو ته اها هڪ ٻي ڳالھ آهي. ان لاءِ به سائين ڪوشش ضرور ڪئي هوندي. ڪيترن ئي نوجوانن کي سرڪاري نوڪريون وٺي ڏنائين، جنهن ڪري سوين ماڻهو روزگار سان لڳي ويا. غربت ۽ بدحاليءَ جي زندگيءَ مان نڪري خوشحالي واري زندگي گذارڻ لڳا. اهو ئي سبب آهي جو اهي سائين امداد محمد شاھ کي اڄ به دعائن ۾ ياد ڪندا رهن ٿا. سيد امداد محمد شاھ امن پسند ۽ صلح پسند شخص هو. جڏهن به ڪا ڌر فيصلي لاءِ هلي آئي، انهن جو فيصلو ڪري کين ٺاهي ڇڏيندو هو ۽ ٻئي ڌريون کير کنڊ ٿي وينديون هيون. پاڻ ۾ ڀائرن وانگر رهڻ لڳنديون هيون. فيصلا بي رياءَ ڪرڻ ڪري، سنڌ ۾ ڏاڍي مشهوري ماڻيائين. “مکڻ مان وار ڪڍڻ “وانگر، جهيڙي ۽ فساد جو نبيرو ڪرڻ، سندس اصولن ۾ شامل هو. سندس خيال هو ته سنڌ ۾ رهندڙ ماڻهن کي وڙهندي ڏسڻ نه ٿو گهران. پر کين هڪ پليٽ فارم تي متحد، متفق ڏسڻ سان خوشي ٿئي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو کيس قومپرست سياستدانن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. جڏهن ايم آر ڊي جي تحريڪ هلي رهي هئي. سنڌ سڄي باھ جيان ٻرندي نظر آئي پئي. ان وقت ڳوٺ پنهل خان چانڊيو لڳ سڪرنڊ ۾ ايم آر ڊي جو واقعو ٿيو هو. ڪجھ ڳوٺاڻا فوجين جي گولين جو کاڄ ٿي شهيد ٿي ويا. ڪو به ماڻهو، انهن جا لاش وصول ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه ٿي نظر آيو. اهڙي حالت ۾ هن بهادر ۽ عظيم انسان پنهنجي سر جو سانگو لاهي، اهي لاش وصول ڪيا ۽ ڪفن ۽ دفن جو سمورين رسمن تائين انهن جي پونئيرن سان گڏ ۽ سندن ڏک ۾ برابر جو شريڪ ٿيو ۽ انهن سان همدردي ۽ عذرخواهي به ڪيائين. سندس هن ڪارنامي کي هميشه ياد رکيو ويندو. سيد امداد محمد شاھ رهزن، قاتل، لچ ۽ لوفر جو سخت مخالف هوندو هو. ڪڏهن به انهن سان نرمي اختيار ڪونه ڪيائين. هميشه انهن تي سختي ڪندو رهيو ته جيئن هو پنهنجي ڏوهن کان باز اچي سگهن. تاريخي ماڳن ۽ مڪانن جي حفاظت ڪرڻ لاءِ ڪوشان رهيو. اهو ئي سبب آهي جو، سنڌ جو مشهور نالي وارو شاعر “حمل فقير لغاري” جي مزار تي ميلو لڳرايائين ۽ تر جي سڀني ماڻهن کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر ڪونه ڇڏيائين. هن ميلي ۾ سڄي سنڌ جا ماڻهو شرڪت ڪرڻ لاءِ ايندا رهيا. جن جي رهائش ۽ کاڌو خوراڪ جو به مناسب بندوبست ڪندو رهيو. سندس وفات کانپوءِ اهو سلسلو ختم ٿي ويو آهي. اهو نه رڳو حمل فقير لغاري جي مزار تي ميلو لڳايو ويندو هو. پر سندس ڪوشش سان سنڌ جي تاريخي ۽ نامور شخصيتن جي مزار جي ڳولا ڪري انهن جي قبرن کي پڻ پڪو ڪرايائين ته جيئن اهي مسمار نه ٿي سگهن. اهڙي طرح اهڙو تاريخي ورثو هميشه محفوظ ڪيو ويو. سائين، اهڙي تاريخي ورثي کي پنهنجو سرمايو، ملڪيت ۽ دولت سمجهندو هو. انهيءَ ورثي بابت وڏي ڄاڻ به هيس. هونئن به پاڻ علم، دوست شخصيت هو. وسيع مطالعو ڪيو هئائين. جنهن ڪري تاريخي ڄاڻ جي ميدان ۾ وڏي مهارت رکندڙ هو. سندس چوڻ هو ته تاريخي ورثي جي حفاظت ۽ سنڀال ڪرڻ اسان جي فرضن ۾ شامل آهي. جنهن ڪري هر ماڻهو کي اهو فرض نڀائڻ گهرجي. ياد رهي ته پاڻ هڪ زميندا هو، جنهن ڪري زراعت جي شعبي ۾ وڏي ڄاڻ هيس، ٻجن، پاڻي جي استعمال، پيدائش وغيره جي معاملن ۾ وڏي دسترس ۽ قابليت هوندي هيس. خود زرعي ماهر به هن کان مشورو وٺڻ لاءِ ايندا هئا. جن کي پنهنجن مفيد مشورن سان نوازيندو رهيو. اهي سڀ مشورا سندس تجربن ۽ مشاهدن تي مشتمل هئا. مطلب ته سيد امداد محمد شاھ هڪ گهڻ رخي شخصيت هو. عوام جي خدمت ڪرڻ، سندس ايماني جز هو، اوليت ۽ ترجيحي بنيادن تي اهڙي خدمت ڪندو رهيو. عوام جي فلاح ۽ بهبود لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو. اهو ئي سبب آهي جو کيس، سماجي ڪارڪن ڪري سڏجي ته ڪو وڌاءَ ڪونه ٿيندو. هيءَ عظيم شخصيت جيڪا بيشمار خوبين جي مالڪ هئي، سا ڌڻي تعاليٰ جي سڏ تي لبيڪ چئي، ۲۹ سيپٽمبر ۲۰۰۴ع تي وڃي هميشه لاءَ آرامي ٿي ۽ اسان کان وڇڙي وئي. سندس ڪل ڄمار اوڻهتر سال ٿي، سندس مزار ڳوٺ مجيد ڪيريو تعلقي سڪرنڊ ۾ آهي. جيڪا ايندڙ ويندڙ نگاهن جو مرڪز بڻيل آهي. سندس وڇوڙي جي ڪري هڪ وڏو خال پيدا ٿيو آهي. جيڪو ڀرجڻ ڏاڍو ڏکيو لڳي ٿو. اڄ اسان سندس ڪيل عوامي خدمتن کي ڀيٽا ڏيندي سلام پيش ڪريون ٿا ۽ دعاگو آهيون ته مولا پاڪ سندس مزار تي بيشمار رحمتون نازل فرمائي. اها به دعا آهي ته ڌڻي تعاليٰ سندس پونيئرن کي سندس نقش قدم تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي. آمين. جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺي، وڃي ڀونءِ پيٺي، ساريندي کي سڄڻين. (شاھ) (ڏھاڙي عوامي آواز، ۲۹ سيپٽمبر ۲۰۲۰ع) امداد محمد شاھ هڪ تاريخ ساز شخصيت قاضي جاويد سنائي جڳ مشهور سماج سڌارڪ سيد امداد محمد شاھ توڙي جو ايشيا جي نالي واري مفڪر اعظم ۽ ڏاهي سائين جي ايم سيد جو فرزند هو پر هن پنهنجي عملي ڪردار سان پنهنجي سڃاڻپ الڳ ڪرائي، سندن ذات ھڪ گھڻ رخي شخصيت ھئي۔ ڏٺو وڃي ته ھر انسان جي شخصيت گھڻ رخي ھوندي آھي پر تمام ٿورا ماڻھو اھڙا ھوندا آھن جن جي شخصيت جو ھر رخ شاھوڪار ھجي۔ سندس ذات جون نمايان خصوصيتون هيءَ هيون، شاندار تعليمي پس منظر (اھڙي دور ۾ تعليم يافته ھجڻ، جڏھن تعليمي سھولتون اڻلڀ ھيون. نمايان سياسي، تعليمي ۽ روحاني خانداني پس منظر، زراعت جي گهري ڄاڻ، اعليٰ سماجي ورڪر، مثالي سماجي منصف. امداد محمد شاهه ابتدائي پرائمري تعليم سن ۽ وڌيڪ تعليم ڪراچيءَ ۾ حاصل ڪيائون. قانون جي ڊگري حيدرآباد لا ڪاليج مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ ٻه سال وڪالت ڪئي. پاڻ سٺ جي ڏهاڪي ۾ سن کان سڪرنڊ جي علائقي ڳوٺ مجيد ڪيريو ۾ اچي آباد ٿيا هئا. سياسي ڪيريئر جي شروعات عوامي ليگ کان ڪئي. بنگلاديش جي الڳ ٿيڻ کانپوءِ ڪنهن به پارٽيءَ ۾ حصو نه ورتائون. امداد محمد شاھ سڄي حياتي جمهوريت جو پرجوش حامي رهيو. پاڻ ايوب خان جي مارشل لا خلاف ۽ محترمه فاطمه جناح جي اليڪشن مهم ۾ حصو ورتائون. قوم پرست سياست جي باني شخصيت غلام مرتضى شاه جو فرزند ھجڻ باوجود امداد محمد شاھ پاڻ کي پارٽي سياست کان پاسيرو رکيو۔ سڪرنڊ ۽ ان جي پس گردائيءَ ۾ پارٽي سياست، پيري مريدي، سرداري، ذات پات کان پاسيرو رھي سماجي سياست جو تصور امداد محمد شاھ ڏنو۔ سندن ذات جو محور اجتماعي تعليمي، سماجي خدمت ھئي۔ پاڻ پارلياماني سياست ۾ اچڻ کان پھرين، ۽ پوءِ انفرادي تعلقات ۽ مفادات کان بالاتر ٿي ھميشه عوام جي اجتماعي بهتري لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ ھئا۔ تعليم ۽ صحت جي شعبن سان سندن ڪمٽمنٽ انتھا درجي جي ھئي، پاڻ ذاتي، سماجي ۽ سياسي ڪوششون وٺي اسڪول، صحت جا بنيادي مرڪز نه صرف منظور ڪرائيندا ھئا، بلڪه انھن جي تعمير دوران ۽ ٺھڻ کانپوءِ عملي طور ڪم دوران ان جي انتھائي دلچسپي سان مڪمل پوئيواري ڪندا ھئا۔ سندن عام عادتن ۾ شمار ھو ته جڏھن ڪٿي اسڪول يا صحت مرڪز جي تعمير ٿيندي ھئي ته پاڻ موقعي تي اچانڪ پھچي ڪري معيار جو جائزو وٺندا ھئا۔ ڪنھن ڳوٺ ۾ يا رستي تي ڪو ٻار اسڪول ٽائيم تي ڏسندا ھئا ته اسڪول پھچي استادن کان آڏي پڇا ڪندا ھئا۔ اسڪول ۽ صحت مرڪز ۾ ذاتي ڪوششن سان قابل استادن، ڊاڪٽرن ۽ ٻئي طبي عملي جي پوسٽنگ ڪرائي انھن جي حاظري کي يقيني بنائيندا ھئا۔ عام ماڻھن جي فلاح تعليم ۾ سمجھڻ ڪري سندن خاص دلچسپي تعليم سان رھي ۽ هن آسپاس جي ڳوٺن ۾ کوڙ سارا تعليمي ادارا ۽ بيسڪ هيلٿ سينٽر منظو ڪرايا.۱۹۷۹ع ۾ پاڻ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل نوابشاھ جا ميمبر منتخب ٿيا. ۱۹۸۵ع ۽ ۱۹۸۸ع ۾ آزاد حيثيت ۾ سنڌ اسمبلي جو ميمبر منتخب ٿيا، سنڌ اسمبلي جو ميمبر منتخب ٿيڻ کانپوءِ پاڻ حڪومت ۾ شامل ٿي وزارت حاصل ڪري ذاتي مفاد حاصل ڪرڻ کان، اپوزيشن ۾ ويھي سنڌ جي اجتماعي مفادن جي تحفظ لاءِ آواز اٿاري اصولي سياست جو اهڙو شاندار مثال قائم ڪيو جنهن تي تاريخ جو ڳاٽ اوچو آهي. ان وقت سنڌ جي پاڻيءَ جي حق ۽ ڪالا باغ ڊيم جي خلاف سندن سنڌ اسمبلي جي ڏاڪڻ تي ڪيل بک ھڙتال ۽ احتجاج تاريخ جو حصو آھي۔ سماجي سطح تي بحيثيت منصف سندن ڪيل فيصلن کي سنڌ جي سطح تي ساراھيو ويندو رھيو آھي۔ سنڌ جي تاريخ ۾ جڏھن به سماجي خدمت، علم دوست ۽ بي داغ قيادت تي ورق لکبا ته انھن تي امداد محمد شاھ جو نالو نمايان سنهري لفظن طور جرڪندو. ۳۰ ڊسمبر اڄ سندس ۸۷ هون جنم ڏينهن آهي. (ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۳۰ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل) سائين امداد محمد شاهه سنڌ جو هڪ متحرڪ ۽ سڄڻ سياستدان حقيقت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ته سنڌ اها زرخيز ڌرتي آهي، جنهن جي ڪک مان انيڪ متحرڪ ۽ معتبر شخصيتن جنم ورتو آهي ۽ سنڌ جي اهڙين ئي باشعور ۽ متحرڪ شخصيتن مان سائين امداد محمد شاهه به هڪ هو، سائين امداد محمد شاهه، سنڌ جي قديم تاريخي شهر ”سن“ جي سيد حيدر شاهه سنائيءَ جي خاندان جو چشم چراغ هو ۽ هن، سنڌ جي عظيم سياستدان ۽ قومي رهبر سائين جي. ايم. سيد جي گهر ۾، ۳۰ سيپٽمبر ۱۹۳۵ع تي سومر جي ڏينهن جنم ورتو.، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۾ آيل معلومات موجب، سائين امداد محمد شاهه ابتدائي سنڌيءَ جا ٽي درجا سن جي پرائمري اسڪول مان پاس ڪيا، جنهن کان پوءِ کيس ڪراچيءَ جي گرامر اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي ۱۹۴۸ع تائين پڙهندو رهيو. هندستان جي ورهاڱي سبب لڏي آيل مسلمانن کي ڪراچيءَ جي اسڪولن ۾ رهايو ويو ۽ اسڪول بند ڪيا ويا، ان ڪري پاڻ ڳوٺ موٽي آيو. جڏهن واپس ڪراچي گرامر اسڪول ۾ ويو، ته دير سان پهچڻ سبب سندس داخلا رد ڪئي وئي. ان کان پوءِ کيس سينٽ پيٽرڪ اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو، جتان ۱۹۵۳ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ ڊي. جي سائنس ڪاليج ۾ داخل ٿيو. سندس ارادو انٽر سائنس ڪري، ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهڻ جو هو، پر اها خواهش گهرو حالتن سبب پوري ٿي نه سگهي، ڇاڪاڻ ته سندس وڏو ڀاءُ امير حيدرشاهه اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ لنڊن هليو ويو ۽ سندس والد سائين جي ايم سيد کي ون يونٽ جي مخالفت سبب جيل ۾ بند ڪيو ويو، ان ڪري کيس تعليم سان گڏ گهرو ذميواريون سنڀالڻيون پئجي ويون. اهڙيءَ طرح پاڻ بي. ايس. سي جو امتحان پاس ڪري پنهنجي اباڻي ڳوٺ ”سن“ اچي زمينداري سنڀاليائين. بعد ۾ اسلاميه ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخلا وٺي، ۱۹۶۵ع ۾، امتيازي حيثيت سان ايل. ايل. بي جي ڊگري حاصل ڪيائين. امداد محمد شاهه کي پنهنجي اباڻي زمينداري حصي مان زمين جو حصو تعلقي سڪرنڊ جي ڳوٺ مجيد ڪيريي ۾ مليو، ان ڪري اُتي رهڻ سبب، سنڌ جي مشهور قومي ڪارڪن قاضي فيض محمد ايڊيوڪيٽ سان گڏجي نوابشاهه ۾ وڪالت ڪيائين. سائين امداد محمد شاهه، تعليمي ميدان ۾ ڪافي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. هن ۱۹۵۶ع ۾ سن ۾ مڊل اسڪول کولرايو ۽ ٻهراڙيءَ جي شاگردن لاءِ مفت رهائش ۽ کاڌي پيتي جي انتظام لاءِ شاهه حيدر ايڊيوڪيشنل سوسائٽي قائم ڪئي. ۱۹۷۹ع ۾ ضلعي ڪائونسل نوابشاهه جي ميمبر چونڊجڻ بعد، تعلقي سڪرنڊ جي ٻهراڙيءَ ۾، تعليم جي ترقيءَ لاءِ وڏيون ڪوششون ڪري، تعلقي ۾ ڪيترائي پرائمري، مڊل ۽ هاءِ اسڪول قائم ڪرايائين. خاص ڪري ڇوڪرين جي تعليم لاءِ اسڪول کولايائين. سڪرنڊ شهر ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ سائنس جا ڌار ڌار ڪاليج کولرايائين. قاضي احمد جي هاءِ اسڪول کي هاير سيڪنڊري اسڪول جو درجو ڏياريائين. امداد محمد شاهه، ۱۹۸۵ع ۽ ۱۹۸۸ع ۾ ٻه ڀيرا سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ۽ اڪيلي مخالف ڌر جي ميمبر جي حيثيت ۾، سنڌ جي حقن لاءِ ڀرپور آواز اٿاريائين. هو ڪيترين ئي تعليمي سوسائٽين جو باني، چيئرمئن ۽ ميمبر رهيو آهي. جهڙوڪ شاهه حيدر ايڊيوڪيشنل سوسائٽي سن، محمد هاشم ٺٽوي ايڊيوڪيشنل سوسائٽي، سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ طرفان قائم ڪيل قائداعظم پبلڪ اسڪول درساڻو ڇني ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سينيٽ جو ميمبر وغيره. شاهه صاحب، نوابشاهه ضلعي، تعلقي سڪرنڊ ۽ تعلقي ڪوٽڙيءَ ۾ ڪيترائي سماجي ڪم ڪيائين، اسڪول، اسپتالون، موريون ٺهرايون. ڊرينيج سسٽم ۽ رستا ٺهرايائين. اهوئي سبب هو، جو هو جڏهن به پنهنجي سڪرنڊ واري تڪ مان چونڊن ۾ بيٺو ته سندس مقابلي ۾ ڪنهن به پارٽيءَ جو اميدوار کٽي نه سگهيو. سائين امداد محمد شاهه سياسي طرح عوامي ليگ جو ميمبر رهيو ۽ ڪجهه وقت ’پونم’جي پليٽفارم تان سنڌ ۽ ٻين ننڍن صوبن جي قومي حقن لاءِ جدوجهد ۾ به سرگرم رهيو. سائين امداد محمد شاهه جي انٽرويوز تي مشتمل هڪ ڪتاب ”زندگي کليل ڪتاب“، مارئي اڪيڊميءَ سڪرنڊ پاران ۱۹۹۹ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو هو. جڏهن ته ان کانسواءِ به سندس شخصيت تي ڪتاب ۽ آرٽيڪل شايع ٿيل آهن، سندس وفات ۲۹ سيپٽمبر ۲۰۰۴ع تي ٿي. کيس ڳوٺ مجيد ڪيريي ۾ مٽيءُ ماءُ حوالي ڪيو ويو. سندس نالي پويان هڪ فلاحي ادارو ”امداد فائونڊيشن“ ۲۰۰۷ع کان ڪم ڪري پيو، اهڙي طرح ڏٺو وڃي ته سائين امداد محمد شاهه سنڌ ۾ جديد قومپرستيءَ جي باني سائين جي ايم سيد جي فرزند هئڻ جي ناتي سان عملي طور تي سنڌي ماڻهن کي علم ۽ شعور جي حوالي سان سجاڳ ڪرڻ لاءِ سياسي ۽ سماجي طور تي هڪ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ۽ اڄ به سندن تڪ جا ووٽر ۽ ٻيا ماڻهو انتهائي مان ۽ مرتبي سان کيس ياد ڪن ٿا، يقينن سيد امداد محمد شاهه سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ متحرڪ ۽ معتبر سياستدان طور ڄاتو ۽ سڃاتو وڃي ٿو ۽ يقيني طور تي پنهنجي عملي، اخلاقي، ڪردار جي ڪري هو اڄ به ماڻهن جي دلين ۾ وسيل آهي، جڏهن ته سندس سياسي ۽ سماجي خدمتن جي تسلسل کي سندس لائق فرزند سيد زين شاهه ۽ سيد جلال محمود شاهه اڄ به قائم رکيو اچن ٿا. (ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۳۰ سيپٽمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
مولانا عبيدالله سنڌي امام انقلاب محمد سليمان وساڻ مولانا عبيدالله سنڌي ۱۰ مارچ ۱۸۷۲ع ۾ چيانوالي ضلع سيالڪوٽ جي هڪ سک گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس پيدائش کان اڳ، سندس والد وفات ڪري ويو. ٻن سالن جو ٿيو ته سندس ڏاڏو به وفات ڪري ويو. سندس ماءُ، کيس پنهنجي پيڪن ۾، ڊيرا غازي خان وٺي آئي. اتي هڪ دوست کان اسلامي ڪتاب پڙهڻ جو موقعو مليس. ۱۵ آگست ۱۸۸۷ع ۾ جڏهن پاڻ ڄام پور ضلع ڊيره غازي خان ۾ اٺين جماعت پڙهندو هو تڏهن اظهارِ اسلام لاءِ نڪري پيو ۽ سنڌ ۾ پهچي سيد العارفين حضرت حافظ محمد صديق ڀرچونڊي واري جي بيعت ڪيائين ۽ اتي ۶ مهينا رهيو. ۱۸۸۸ع ۾ ديوبند جي درسگاهه ۾ داخل ٿيو ۽ حضرت شيخ الهند مولانا محمود حسن رحه جي جماعت جي اندروني حلقي ۾ داخل ٿيو. حافظ سان روحاني نسبت جي ڪري پاڻ کي سنڌي سڏائڻ لڳو. ان کان پوءِ بزرگ امروٽي جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. هتي ماهوار رسالو هدايت الاخوان جاري ڪيائين. هو ۱۹۲۲ ۾ حضرت شيخ الهند رحه جي حڪم سان ڪابل ڏانهن تشريف فرما ٿيا ۽ اُتي ستن سالن تائين سياسي ڪم ڪندا رهيا. جنهن جي نتيجي ۾ امير امان الله خان مرحوم هند جي برطانوي حڪومت سان جنگ ڪئي. جنهن بعد افغانستان برطانوي اثر کان آزاد ٿيو. ۱۹۲۲ع ۾ پاڻ ماسڪو مان ٿيندا ترڪي ويا. جتي ۱۹۲۴ع ۾ اردو ۾ ۽ ۱۹۲۶ع ۾ انگريزي ۾ پنهنجو اهو شهره آفاق سياسي پروگرام شايع ڪيو، جنهن هند ۾ انگريزي سياست جو رُخ بدلائي ڇڏيو. ان ۾ پهريون ڀيرو مطالبو پيش ڪيو ويو ته بر اعظم پاڪ و هند کي ورهايو وڃي. ۱۹۲۷ع ۾ پاڻ مڪه مڪرم پهتو جتي ٻارهن سال رهي ۽ امام ولي الله دهلوي رحه جي فلسفي جو گهرو مطالعو ڪندو رهيو. ۷ مارچ ۱۹۳۹ع ۾ ۲۳ سالن جي جلاوطني کان واپس اچي ڪراچيءَ پهتو مولانا تان بندش ختم ٿي. ڪراچي بندر تي لٿو سندس استقبال ۾ سنڌ جو وزير اعلى خانبهادر الله بخش سومرو مرحوم گلن جا هار کنيو موجود هو. ۲۳ ورهين جو وڇوڙو ختم ٿيو. مولانا ۽ سنڌ وري هم آغوش ٿيا. مارئي موٽي ملير آئي. مولانا عبيد الله سنڌي، سنڌ جي دوري تي هو ۽ سنڌ مسلم شاگردن جي اجلاس کي خطاب ڪندي هن فرمايو ته، هن موقعي تي آئون اوهان شاگردن کي ٻڌائيندس ته اوهان انگريزي پڙهو، مغربي سائنس جو مطالعو ڪيو ۽ علم ۽ ڄاڻ حاصل ڪيو ته اوهان ان انقلاب کي چڱيءَ طرح سمجهو، جيڪو يورپ ۾ اڄ ڪلهه روان دوان آهي. حالانڪ پاڻ پنجن سالن تائين امام ولي الله دهلوي رحه جي فلسفي جي تشريح اشاعت ڪندو رهيو. پاڻ ان فلسفي جي تدريس جي لاءِ بيت الحڪمت پڻ قائم ڪيا. بيت الحڪمت لاهور نومبر ۱۹۴۰ع ۾ قائم ڪيائين ۽ ۱۵ مارچ ۱۹۴۴ع تي فلسفه ولي الله جي اشاعت جي لاءِ ولي الله سوسائٽي لاهور جو بنيات رکيائين. پاڻ ۲۲ آگسٽ ۱۹۴۴ع تي وفات ڪري ويو. دين پور (بهاولپور) ۾ سندس تدفين ٿي. مولانا عبيدالله سنڌي حافظ سڪندر تنيو ۱۰ مارچ ۱۸۷۲ع جي بهار جي مند ۾ سيال ڪوٽ پنجاب جي ڀر ۾ هڪ ننڍڙي ڳوٺ چيانوالي ۾ هن سدوري ٻار کي امڙ پنهنجي ڪک مان جنمي هن نئين دنيا منجھه آندو، سندس نالو بوٽاسنگھ رکيو ويو. ننڍڙي بوٽاسنگهھ کي ڇهن سالن جي ڄمار ۾ اسڪول ۾ ويهاريو ويو. هي اسڪول ۾ ذهين ٻار ليکيو ويندو هيو. هن کي ڪتابن پڙھڻ سان ننڍي عمر ۾ شوق هيو. کيس سندس هڪ سک استاد ڪتاب تحفةالهند نالي پڙھڻ لاءِ ڏنو، جيڪو هڪ نئين مسلمان ٿيل سک جو لکيل هيو.جيڪو اسلامي تعليمات تي لکيل هيو. هن ڪتاب ننڍڙي بوٽاسنگھه جي ذھن ۾ ولولو پيدا ڪري وڌو. اسلام جي توحيد پرستي کيس متاثر ڪيو ۽ وڌيڪ ڪتاب پڙھڻ لڳو. نيٺ هن جي اندر ۾ ويٺل انسان اباڻي مذهب سان بغاوت ڪري وڌي، ۽ پنجاب مان نڪري سنڌ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڀرچونڊيءَ۾ وقت جي عارف سائين حافظ محمد صديق سميجي جي هٿ تي اسلام قبول ڪيو. سندس نالو ڪتاب جي مصنف جي نسبت سان عبيدالله رکيو ويو. سندس سنڌ ۾ ڪوئي مٽ مائٽ نه هيو هن حافظ کي پنهنجو ابو سڏيو ۽ پنجابي قوميت جو چولو لاهي سنڌي قوميت جو پهراڻ بدن تي پهريو، سنڌ کي پنهنجي امڙ بڻايو. سنڌ جي مدرسن امروٽ، پير جهنڊو، کڏو ڪراچي ۾ پڙھيو، سنڌي زبان سکيو، پڙهيو، سکر جي هڪ سنڌي پٺاڻ جي گهر مان سندس شادي ٿي. اعليٰ تعليم جي ان دور جي وڏي درسگاهه دارالعلوم ديوبند مان سَندَ (ڊگري) ورتي .هن برصغير جي سياسي ۽ علمي دنيا جي وڏي شخصيت حضرت شيخ الهند مولانا محمودالحسن کان علم ۽ سياست جا سبق پڙهيا، ۽ جڏھن گانڌي ۽ نهرو سياست جي اڱڻ ۾ بانبڙا پائي رهيا هئا ته ان وقت شيخ الهند ۽ مهاراشٽر جو تلڪ مهراج انگريزن جي قيد خانن جا دڳ پڇائيندي ڏِسبا هئا، سو مولانا عبيد الله کي ڪابل موڪليو ويو ته اتي وڃي دنيا جي ملڪن کان سياسي، اخلاقي، معاشي سپورٽ حاصل ڪر.هن اتي وڃي جرمن، روس، ترڪي، جپان جي سفيرن سان رابطا ڪيا، ۽ افغانستان کي انگريزن سان وڙھڻ لاءِ همٿايو، هن جي سياسي منصوبابندي انگريز جو هيانءُ ڏاري وڌو ۽ افغانستان کي آزاد رهڻ جو حق لکي ڏنو.پر انگريزن شرط رکيو ته عبيدالله جي ٻانهن انگريزن جي حوالي ڪئي وڃي. احسان فراموش پٺاڻ مولانا کي گرفتار ڪرائڻ جي تياري ڪري رهيا هئا. مولانا کي چيو ويو ته ڪابل مان نڪري وڃ مولاناجي کيسي ۾ ھڪ رپيو ڪابلي سڪو هيو ته هي گهر کان ٻاهر نڪتو دروازي تي انگريز سپاهي پهچي ويا کانئس پڇيائون عبيدالله جو گهر هي آهي؟ چيائين ها هي اٿس پڇيائونس پاڻ ڪٿي آهي؟ چيائين ٿورو وقت اڳ ته هتي هيو اهڙي طرح هو روس نڪري ويو. ماسڪو پهتو، لينن جي گهر واريءَ سندس اڙانگي سفر ڪري پير ڦٽيل ڏسي سندس مرهم پٽي هٿن سان ڪندي هيس. ماسڪو جي هوٽل ۾ رهندي کيس نماز پڙھندي ڏٺو ويو، کيس آفيسرن آڏو آندو ويو کيس چيو ويو هتي نماز پڙھندڙ جي سزا موت آهي، هن چيو ڏيئي ڇڏيوم، هي منهنجو ذاتي عمل آهي سرڪار کي ڪهڙي تڪليف ڏني اٿم. کيس چيائون ته تو سوني پتريءَ تي پيغام لکي ڪميونسٽ فوج جي همت افزائي ڪئي هئي، جنهنڪري زار کي شڪست آئي هئي، ان احسان سبب تو کي سزا نٿا ڏيون. بادشاهي مسجد جي خطيب ٻڌايو ته هو روس ويو هڪ گهر ڏيکاريو ويس، جنهن تي ٻاهران تختيءَ تي لکيل هيو ته هي عبيدالله سنڌي جي رهائش هئي، اندر هال ۾ گهڙياسين ته روسي انقلابين جا فوٽو ٽنگيل هئا جن ۾ ڪامريڊ لينن جي تصوير به هئي پر سڀني کان مٿي مولانا جي تصوير لڳل ڏٺم، چيائون هي اسانجو محسن هيو هن زار (روس جو مطلق العنان حاڪم) کان آزادي ڏيارڻ ۾ اسانجي مدد ڪئي هئي. قصو ڊگهو آهي مختصر مضمون ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي نيٺ ۲۵ سال زندگي جا جلاوطني جي عذاب ۾ گذاريندي، ڪراچي جي ڪياماڙي بندر تي هي پوڙهو جرنيل جهاز مان لهي ٿو ته سنڌ جي حڪومت جو سربراهه وزيراعظم الله بخش سومرو، جمعيت علماء سنڌ ۽ ڪانگريس پارٽي جا اڳواڻ هار کڻي سندس سواگت ڪندي نوڙي نياز ڪرڻ آيا، پر ان وقت جي مسلم ليگي قيادت انگريزن جي ناراضپي سبب بنگلن ۾ لڪل ويٺي رهي. مولانا صاحب جي جلاوطني جي خبر جڏھن ڦهلجي ويئي ته هڪ پاڻي وارو جهاز ان رات جده کان ڪراچي لاءِ اچي رهيو هيو، ڪمپني وارا مولانا وٽ آيا کيس چيائون ته اوهين اسان جي جهاز ۾ سفر ڪريو، مولانا کين چيو ته مون وٽ ڀاڙي جا پئسا ئي نه آهن، کيس چيائون ته اوهان کان اسين ڀاڙو نه وٺنداسين اوهان جو هلڻ اسان لاءِ اعزاز ۽ سعادت هوندو. مولانا ان شرط تي سفر ڪيو ته ڪراچي پهچي اوهان کي پئسا ڏيندس جيڪي هر صورت ۾اوهان کي وٺڻا پوندا. سندس توڪل ۽ قرباني هن طرح جي هئي جو هڪ ڀيري ڪراچي کان پير جهنڊي اچڻو هيس، وٽس ڀاڙي جا پئسا نه هئا، کڏي جي جماعت کيس هڪ سؤ رپيا ڏنا، سٽي اسٽيشن تي پهتو قليءَ کي سو جو نوٽ ڏنائين ته سرهاڙيءَ جي هڪ ٽڪيٽ وٺي اچ، قلي ٽڪيٽ وٺي آيو جيڪا ٽن رپين جي ملي باقي پئسا مولانا کي ڏيڻ لڳو ته کانئس واپس نه ورتائين، چيائينس منهنجي ضرورت پوري ٿي اهي تنهنجي ضرورت جا آهن، پاڻ وٽ رکي ڇڏ، محترم جي ايم سيد صاحب شانتي نڪيتن جهڙو ادارو پنهنجي ڳوٺ سن ۾ قائم ڪرڻ پئي گهريو جن لاءِ هن ٽن ماڻھن هڪ آءِ آءِ قاضي، ٻيو ڪي ايم اشرف ڪميونسٽ اڳواڻ، ۽ ٽيون مولانا عبيد الله سنڌي ءَ کي ذميواريون ڏيڻ لاءِ گهرايو هو ٻه ڄڻا نه آيا مولانا صاحب سن آيو، هڪ هفتو سن ۾ رهيو، عبدالواحد آريسر لکيو آهي ته جي ايم سيد سان ٿيل ان ڪچهرين سيد جي ذهن کي بدلائي ڇڏيو ۽ سيد جي سنڌ دوستي واري سياست تي ان ملاقاتن جا اثر ٿيا جنهن کيس بدلائي وڌو. دهليءَ ۾ ساڻس هندستان جو اڳوڻو صدر ذاڪرحسين اچي مليو، جيڪو سندس شاگرد به هيو. کانئس پڇيائين مولانا ڇا پاڪستان بڻجي ويندو؟ سنڌي صاحب چيس ته ها بڻجي چڪو آھي. چيائين؛ ڪيئن؟ هيءَ ۱۹۳۹ جي ڳالھه آهي چاليهن جي قرارداد به اڃا نه آئي هئي. چيائينس؛ ذاڪر صاحب انگريز ڏھ سال اڳ ۾ پلاننگ ڪري ڇڏيندو آهي، هن هندستان کي ورهائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. جڏھن ملڪ ورهائجي ويو مولانا ابوالڪلام آزاد کي مولانا سنڌيءَ جي ڏوهٽي مولوي ظھيرالحق ۱۹۴۸ع ۾کيس آزادي مبارڪ جو خط لکيو، کيس جواب ۾ جيڪو خط آزاد لکيس سو ماهوار سنڌي رسالي الرحيم ۾ مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي ڇاپيو هيو. آزاد لکي ٿو ميان ظهيرالحق اوهانجو آزادي مبارڪ جو خط مليم خير مبارڪ. مونکي هتي مولانا عبيدالله سنڌي ياد اچي رهيو آهي، ان جي دردن جو داستان دل مان نڪري زبان تي آيو آھي، جنهنکي قلم جي نوڪ جي اڳيان ٿو آڻيان. ۱۹۱۴ع جي عالمي جنگ جا ڏھاڙا هئا، شاهه ولي الله قافلي جي امير مولانا محمود الحسن پاران عبيدالله کي ڏکين حالتن ۾ ڪابل موڪليو ويو، جتي کيس مختلف ملڪن جي سياسي اڳواڻن سان ملي ڪم ڪرڻ جو موقعو ميسر ٿيو. جن ۾ جرمن، جاپان، فرانس جا سفير هئا، جن مان ڪيترا اڄ پنهنجي ملڪن جي حڪومتن جون واڳون سنڀاليو ويٺا آهن. مولانا افغانستان ۾ آزاد جلاوطن حڪومت هند قائم ڪئي، ان جو اڳواڻ مهندر پرتاب مقرر ٿيو. مولانا ان جو وزير هند (خارجا وزير) بڻيو، ريشمي رومال تي خط لکي برطانيا جي سڄي دنيا مٿان چڙھيل سج کي لاهڻ لاءِ للڪاريو، کيس ميدان جنگ ۾ هارائي وڌو. جو برطانوي نمائندي جنگ جي خاتمي تي مصالحتي دستاويز تي صحيحون ڪيون، ڪابل حڪومت جي خود مختاريءَ کي تسليم ڪيو. ان سان گڏ هند جي آزادي جو پڻ مطالبو مڃي ورتو ۽ آهستي آهستي هندستان کي ڇڏڻ جو يقين ڏياريو. ان جو انتقام برٽش حڪومت امير امان الله کي قتل ڪرائي کانئس ورتو، پر مولانا جو وار ونگو نه ڪري سگهي، جو مولانا جو وڏو قد ۽ ڪردار ڏسي کانئس مرعوب رهي هئي. ۲۵ سالن جي جلاوطني کان پوءِ ۱۹۳۹ع ۾ مولانا هتي پهتو ته ٻي عالمي جنگ جو آغاز هيو. مولانا هندستان خالي ڪريو تحريڪ جو اعلان ڪيو، گانڌي جي ان جي مخالفت ڪئي، پر اهو نعرو ايوان اسيمبليءَ ۾ گونجڻ لڳو، جنهن جو پڙاڏو برمنگهم پيلس لنڊن سان ٽڪرايو. هن ڪنهن به بحث ۾ حصو نه ورتو نه ئي ڪنهن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي پر اهو فن مولانا ئي ڄاڻندو هيو. مون سان (آزاد) هڪ چانھه جي ڪچهري ڪندي ملاقات ٿي. سندس چهري جي رنگت مان ڪجھ عجيب تاثرات ڏسندي کانئس پڇي ويٺم ته ڇا ڪرڻ جو ارادو آهي؟ چيائين سباش چندر بوس کي جاپان موڪلڻ ٿو گهران، ڪجھ دير ماٺ ۾ رهي مونکان موڪلائي هليو ويو. ٻئي ڏينهن تي دهليءَ کي اوکلي سان ملائيندڙ اٺ ميل ڊگهي سڙڪ جي هڪ ويران ڪنڊ تي سباش سان سندس ملاقات ٿي ۽ ٻي ملاقات ساڻس بالي گنج ڪلڪتي ۾ پڻ ٿي. کيس جپان موڪلڻ لاءِ تيار ڪيو ويو. حڪومت هند جي اڳواڻ جي حيثيت وارو ڪارڊ ۽ خط جپان حڪومت لاءِ کيس ڏنائين ته هي اسانجو نمائندو اچي ٿو، هن سان سهڪار ڪجو. سباش بابو جيئن ئي جپان پهتو سندس شاندار آجيان ڪئي ويئي. برطانيا حڪومت کي اها کڙڪ پيئي ته گهٻرائجي ويئي، ۽ ڪانگريس جي جيڪا هاءِ ڪمان قيادت، قلعي احمد نگر ۾ اسان قيد هئاسين، تن کي بنا شرطن جي آزاد ڪرڻ لڳي. جڏھن ته اڳ ۾ ھي فيصلو ٿي چڪو هيو ته قلعي کي بم سان اڏائي سموري قيادت کي ماريو ويندو. ان سان گڏ هندستان کي آزادي ڏيڻ جو به اعلان ڪيو ويو. ڪير ٿو ڄاڻي ته اهي قربانيون ڏيندڙ ڪير هئا، جپان کي به ان جي سزا هيروشيما ۾ ڀوڳڻي پئي. مولانا کي ڳجهي نموني انگريزن زهر ڏياريو، جنهن سبب سندس کل هڏن تان لهڻ لڳي هئي، نظر به گهٽجي ويس. آخر ڪار ۲۲ آگسٽ ۱۹۴۴ع تي ان ماڳ تي رسيو جيڪوسندس لاءِ الله تعاليٰ مخصوص ڪيو هيو. اڄ ان عظيم المرتبت انسان جي۱۴۵ هين سالگرهه جو ڏينهن سنڌ ساگر پارٽي لاڙڪاڻي ۽ نوشهرو فيروز ۾ ملهائي کيس سليوٽ ڪري رهي آهي. مولانا عبيدالله سنڌي ماڻهو جيڪي مرڻا ناهين حافظ سڪندر تنيو جڏهن سياست بازار جو وکر نه بڻي هئي ته اها پيغمبري پيشو بڻيل هئي، سياست تي جڏهن پيسي وارن جي غلط نظر پيئي ته هنن کيس بازار جو ڪوٺو سمجهي کانئس خوب ڪمايو، اڄ سياست جي نالي م بينڪن جا لاڪرز ڀريا ٿا ڏسجن، پر ماضيءَ جي سياست عبادت ڪري پوڄي ويندي هئي، اهڙو هڪ سياستڪار مولانا عبيد الله سنڌي جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، هي درويش صفت ماڻهو دنيا جي بادشاهن، وزير اعظمن، وڏن قوم جي سردارن جي صحبت ۾ رهيو، کيس پيسو ڏوڪڙ به سياسي ڪم لاءِ ملندو رهيو، پر هن ان دولت کي قوم جي امانت سمجهي منجهس ٽڪي پيسي جي ڪڌت ڪا نه ڪئي، ڪڏهن شاهاڻي زندگي ۾ رهندو هيو ته ڪڏهن انگ تي ڪيترن ڏينهن جا ميرا ٿيل ڪپڙا ڍڪيل هوندا هيس، سدائين توڪل جي ترهو ٻڌي سياست جي سمونڊ ۾ ترندو رهيو، سيالڪوٽ جي ڀرسان چيانوالي ڳوٺ ۾ ۱۰ مارچ ۱۸۷۲ع ۾ امڙ پريم ڪور جي ڪک مان نڪتو، والد سيالڪوٽ ۾ سون جو واپار ڪندڙ هئس، کانئس سک سردار، مسلمان چوڌري، ڪامورا زالن لاءِ ڳهھ ڳٺا ٺهرائيندا هئا، پٽ جو نالو بوٽا سنگھه رکيس، پر ٻالڪ پيءُ جو پيار وٺي نه سگهيو، هو بوٽا جي ننڍي عمر ۾ ئي پرلوڪ پڌاري ويو، امڙ کيس ڄام پور پيڪن جي گهر کڻي آيس، ماما تپيدار هيس، اڄ جو تپيدار به وڏي ٺٺ واري زندگي ۾ گذاري ٿو، ان وقت جو تپيدار ته ڄڻ تپي مٿان بادشاھ بڻيل هوندو هيو، وڏيرا سندس خدمت چاڪري ڪرڻ ۾ کٿا نه ماپبا هئا، هڪ زناني تقريب ۾ مختيارڪار ۽ تپيدار جون زالون شريڪ هيون، تپيدار جي زال جو سون ۾ جهنجهيل بدن، نواز شريف جي ڌيءَ جيان انساني جسم نه پر سون جو بڻايل مجسمو لڳي رهيو هيو، مختيار ڪار جي زال سندس تجمل ڏسي وائڙي ٿي ويئي، گهر اچي مڙس کي چيائين ته تون تپيدار ڪڏهن ٿو ٿئين؟ بوٽا سنگھه کي پڙهڻ لاءِ ويهاريو ويو، هي اسڪول جي ٻارن ۾ ذهين ٻار شمار ٿيڻ لڳو، نصابي ڪتابن سان گڏ ادبي ڪتاب پڻ پڙهڻ لڳو، هڪ ڀيري سندس ماما جو هڪ مناظرو سک ۽ هندو مذهب جي ٻاون ٻانڀڻن سان ٿيو، جنهن ۾ هي اسلام جو طرفدار بڻجي دليل ڏيڻ لڳو، اسلام جي ٻين مذهبن سان ڀيٽ ڪندي کيس بهتر مذهب ڪري پيش ڪيو، جنهنجو اثر سندس ننڍڙي ڀاڻج بوٽا سنگھه تي گهرو پيو، وڌيڪ کيس هڪ ڪتاب تحفت الهند نالي سان اسلام تي لکيل پڙهڻ لاءِ مليو، جنهن جي پڙهڻ سان هن جي ذهن ۾ هلچل مچي ويئي، هن اسلام کي قبولڻ جو فيصلو ڪري وڌو، اڄ هتي هندو جو مذهب مٽائڻ ۽ خاص ڪري هندو نياڻي کي مسلمان ڪري ساڻس سيڪس جي ورونھ خاطر دين جي خدمت سمجهيو وڃي ٿو، سرڪار پڻ ان کي سپورٽ ڪندي رهي ٿي، پران دور ۾ مذهب مٽائي مسلمان ٿيڻ ڄڻ ڪاريهر تي پير رکڻ جيان هوندو هيو، ان ڪري بوٽا سنگھه پنجاب مان ڀڄي اچي سنڌ ۾ ڀرچونڊي بزرگ حافظ محمد صديق سميجي جي هٿ تي مسلمان ٿي عبيد الله سنڌي جي نالي جي سڃاڻپ حاصل ڪئي، هي مختلف مدرسن ۾ پڙهندي اڄ جي دور جي آڪسفورڊ يونيورسٽي جي حيثيت رکندڙدارالعلوم ديوبند ۾ داخل ٿيو، جتي صرف اسلامي ڪتاب نه پر منطق، فلسفو، رياضي، سياست، سماجيات جا موضوع پڙهايا ويندا هئا، هي ديوبند مدرسي مان اسڪالر عالم جي ڊگري وٺي سنڌ ۾ اچي ڪراچي، پيرجهنڊو ۽ امروٽ ۾ پڙهائڻ لڳو. کيس دارالعلوم ديوبند سڏايو ويو سندن استاد شيخ الهند مولانا محمود الحسن چيو مون خواب ۾ سنڌ جا ٻه پنهنجا شاگرد هڪ عبيد الله سنڌي ۽ ٻيو مولانا محمد صادق کڏي ڪراچي جو رهاڪو ڏٺا آهين، ان ڪري اوهان مٿان وڏي ذميواري وارو بار رکڻ ٿو چاهيان، جُهنڊيون هڻي ڪنڌ ڌوڻيل مدرسا ٻارن کي ته هر هنڌ اسلامي ڪتاب پڙهائي رهيا آهن، پر اسان جنهن مقصد لاءِ هي مدرسو قائم ڪيو ھيو، ان جو مکيو مقصد انگريز کان آزادي وٺڻ هيو، ان لاءِ ويڙهاڪ جٿا پيدا ڪرڻا آهين، خود رسول اڪرم کي قرآن پاڪ ۾ مزمل نالي سان مخاطب ٿيندي چيو ويو آهي ته اي نظرياتي ساٿي، ورڪر تيار ڪندڙ اٿي ڪارڪن تيار ڪر(پڙهي ڏسو مولانا ٻير واري جو قرآن پاڪ جو سنڌي ترجمو جنهن ۾مزمل جي معني’ ساٿي بڻائڻ لکي اٿس) ان ڪري اوهان ٻنهي مان هڪ کي افغانستان وڃڻو آهي، جتي دنيا جي سفيرن سان ملي کانئن مالي، اخلاقي، عسڪري، سياسي مدد حاصل ڪري آزادي وٺڻي آهي، عبيد الله سنڌي ڏوري تي هٿ رکي چيو آئون ويندس، ٻيئي بزرگ سنڌ موٽي آيا، مولانا عبيد الله سنڌي پير جهنڊي لڳ نيو سعيد آباد ۾ پڙهائي رهيا هئا، پنهنجي اعتماد واري شاگرد عبدالله لغاري کي هالا جي مخدوم ڏانهن موڪليس ته کيس چئو ته مولانا کي اهم ڪم لاءِ ڳپل پيسن جي گهرج آهي، جيڪو ڪم هن وقت ٻڌائي نٿو سگهجي، اڳتي هلي توھان کي خبر پوندي ته ڀلي مقصد خاطر ڪم آيا هئا، پر جي پيسا نه ڏنا ته پوءِ انهن سون جي گينين کي ٺڪر جون ڪوڏيون سمجهي رکي هٿ هڻندا رهندا، جيئن اڄ هڪ ڀوتار جي بينڪ لاڪر ۾ خانداني سونيون گينيون پڪڙيون ويون آهن، مخدوم صاحب هڪ هزار ان دور ۱۹۱۵ع ۾ ڏيئي ڇڏيا جيڪي مولانا کي ڪابل افغانستان جي سفر ۾ ڪم آيا هئا، ان سان گڏ سنڌ جي وڏي سياسي ماڻهو آچاريا ڪر پلاڻي جي ننڍي ڀاءُ نئين مسلمان ٿيل شيخ عبدالرحيم حيدرآباد واري پنهنجي گهر واري ءَ جا سونا زيور وڪڻي پڻ مولانا جي مدد لاءِ ڏنا هئا، اهڙي طرح مخدوم صاحب جو هڪ هزار ۽ شيخ صاحب جا پيسا آزادي جي حصي وٺڻ ۾ وڏو ڪردار بڻيا هئا، اسين مخدوم صاحبن جا پڻ ٿورائتا آهيون، جو هنن ان تحريڪ ۾ پيسو ڏيئي نالو تاريخ ۾ لکرائي ڇڏيو. مولانا ڪابل ۾ ست سال رهيو، اتان جرمني، روس، جاپان کان هر طرح جي مدد ورتس، ويڙهه لاءِ هٿيار پڻ جرمني ڏنا هيا، جيڪي سنڌ تائين پهچايا ويا هئا، مولانا جي حڪمت عملين سبب افغان امير کيس رات جو مشوري لاءِ گهرائي وٺندو هيو، جنهن ڪري افغانستان جي آزادي، ترڪي جي آزادي ۽ برصغير جي آزادي ۾ مولانا جو ڪردار يادگار بڻيل آهي، هي سفيرن وزيرن سان سندن پهريل قيمتي ڪپڙن ۾ ملندو هيو، ساڻن گڏ ڇري ڪانٽن سان کائيندو هيو، چوندو هيو اسين انقلاب آڻڻ ۾ ڪامياب وياسين ته سنڌي هاري ءَ کي بلڪل يورپي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي مطابق بڻائيندا سين،جو هو مٿي تي هيٽ پائي هلندو، پٽڪن وارن وڏن ڦيڙهن ٻڌڻ جو وقت ويو هليو، انڪري مولانا پاڻ به پٽڪو نه ٻڌندو هيو، اڪثر مٿو اگهاڙو ڪري هلندو هيو، مون کڏي مدرسي ڪراچي جي مهتمم حافظ اسماعيل کي ڏٺو هيو، هو پانچا هيٺ ڪري نماز پڙهندو هيو، مون هڪ ڀيري کجي جي پوٽن جي ٺهيل ٽوپي سان نماز پئي پڙهي، مونکي چيائون ان ٽوپي پائڻ کان بھتر اٿئي ته مٿو اگهاڙو ڪري نماز پڙهندا ڪريو. مولانا صاحب ڪابل مان هڪ ريشمي رومال تي پنهنجي منصوبن کي لکي سنڌ ڏانهن موڪليو هيو، جنهن ۾ سموري پلاننگ ٿيل هئي ته ڪهڙن جڳهن تي انگريزي فوجين مٿان حملا ڪرڻا آهين، اهو ڳجهو پيغام شيخ الهند ڏي حجاز موڪلڻو هيو، جيڪو حج جي بهاني ويل ھيو، اهو رومال ملتان ۾ هڪ غدار وڏيري هٿ ڪري انگريزن کي آگاهه ڪيو، جنهن ڪري سنڌ ۾ گهڻيون گرفتاريون ٿيون، مولانا جا ساٿي پڪڙجڻ لڳا، حجاز مان شيخ الهند، مولانا سيد حسين احمد مدني ۽ سندن ساٿين کي گرفتار ڪري مصر ڀرسان سامونڊي بيٽ مالٽا ۾ کين قيد ڪري رکيو ويو، مولانا ترڪي مان منشور جاري ڪيو، مولانا مذھب جي نالي ۾ هندوستان جي ورهاست جو مخالف هيو، هن هندستان جي تاريخي قومن ۽ خطن تي ٻڌل ڏهه رياستون جوڙڻ جو منصوبو ڏنو هيو، جنهن ۾ تاريخي قومن جا سياسي، لساني، ثقافتي، سماجي، جاگرافي، معاشي حق محفوظ ڏسيل هئا، مرڪز وٽ رڳو ٻه ٽي کاتا رکڻا هئا، باقي سڀني رياستن کي مڪمل خود مختياري ڏسيل ھئي، سندس نعرو هيو پنجاب جا مالڪ پنجابي، بنگال جا بنگالي، بلوچستان جا بلوچي، سنڌ سنڌين جي، ۽ ٻين قومن جي خطن جي وارثي مالڪي پڻ هرهڪ جي هٿ ۾ هوندي، گهڻ قومي ملڪن ۾ اڄ به سندس فارمولو پراڻو نه ٿيو آهي. ريشمي رومال پڪڙجڻ سبب حيدرآباد ۾ شيخ عبد الرحيم جي گهر تي پوليس چڙهائي ڪئي، شيخ صاحب ڀت ٽپي نڪري ويو، سندس نياڻي خديجه جنهن پنهنجي آتم ڪھاڻي” شيخياڻي جي ڪهاڻي ” جي نالي سان لکي آهي، خديجه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي جي سس هئي، ڪتاب ۾ لکي ٿي بابا جيئن ئي گھر مان نڪري ويو ته وري موٽي نه مليو، چيو ٿو وڃي هندستان جي سرهند شهر ۾ گنمامي جي صورت ۾ گذاري ويو، ڪجھه هيئن به چيو ٿو وڃي ته کيس انگريزن مارائي لاش ڪٿي دفنائي ڇڏيو هيو، اهڙي طرح مولانا مذهبي رواداري جو قائل هيو، جلاوطن حڪومت هند قائم ڪيس ان جو سربراهه هندو کي بنايس، پاڻ ھندو مذهب وارن کي ڪافر نه چوندو هيو، هن وٽ ڪافر جو تصور هي هيو ته جيڪو فلاحي رياست قائم ڪرڻ ۾ رڪاوٽ پيدا ڪري ۽ انقلابي ورڪرن سان ويڙهه ڪري سوئي ڪافر آهي، اسين قرآن پاڪ ۾ پڻ ڏسون ٿا ته مڪي جي انقلاب دشمن عربن کي ته ڪافر سڏيو ويو آهي، پر ٻئي ڪنھن مذهب واري يهودي، نصاري، عيسائي، هندو وغيره کي ڪافر نه چيو ويو آھي. اھڙي طرح مولانا ۲۵ سال جلا وطن رهي جڏهن ڪياماڙي بندر تي جهاز مان لھي ٿو ته سنڌين کي خبردار ڪندي چوي ٿو سنڌيو سجاڳ ٿيو، مون صنعتي انقلاب ايندي ڏٺو آهي، وڏن وڏن ترم خانن جون پڳون پيرن ۾ لتاڙيندي ڏٺيون آهن، عزتون ٽڪي ملھ تي وڪامندي ڏٺم، امير پائيءَ خاطر پنندي ڏٺم، ان ڪري ڪراچي ايندڙ وقت ۾ وڏو صنعتي شهر بڻبو، اوهان سنڌي ڪراچي لڏي اچو، اوهان جو هڪ ڀاءُ ڳوٺ ۾ هجي هڪ ڪراچي ۾ رهندڙ هجي، مَٽايو پاڻ کي نه ته اوهان پاڻ مِٽجي ويندئو، مولوين کي چيائين انهن پراڻن ڪتابن پڙهائڻ جي پچر ڇڏيو، ٻارن کي يورپي طرز جي تعليم سيکاريو، اسان آزادي وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين، اڄ اسان جو انگريز دشمن آهي پر ايندڙ وقت ۾ اسان کانئس عسڪري تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ کيس نوڪري تي رکندا سين، هن سنڌي زبان کي رومن رسم الخط ۾ لکڻ جي تجويز ڏني هئي ته جيئن دنيا جي ملڪن سان ڳنڍجي پئون، انگريزن کيس ڳجهي نموني زهر ڏياريو جنهن جا اثر سندس جسم تي ظاهر ٿيا رت جون الٽيون کيس اچڻ لڳيون جنهن ڪري ۲۲ آگسٽ ۱۹۴۳ تي سندس ساه جو سڳو ٽٽي پيو، سندس مرڻ کي انگريز قبول نه پئي ڪيو، هڪ ٽيم موڪليائين ته ڏسي اچو ساڳيو شخص ئي پوريو ويو آهي يا هي ٻيو ڪوئي ماڻهو اسان کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ ماريو ويو آهي، ان ڪميٽي رپورٽ ڏني ته واقعي مولانا وفات ڪري ويو آهي، تڏھن وڃي انگريز کي سرير ۾ ساهه پيو هيو، خدا جون رحمتون هن انقلابي مٿان قائم دائم رهن. امام عبيدالله سنڌي ويا مور مري. عزيزالله ٻوهيو امام انقلاب عبيدالله سنڌي جي پيءَ جي وفات کان ترت ئي پوءِ سندس ماءَ پنهنجي پٽ سميت پنهنجي ڀائرن وٽ ڄام پور اچي رهي ۽ اتي جي هڪ اسڪول ۾ کيس پڙهڻ لاءِ ويهاريو تعليم ۾ فائنل جي ويجهو پهچڻ جي ڏينهن ۾ اسڪول اندر کيس دين اسلام تي لکيل هڪ ڪتاب پڙهڻ لاءِ مليو جنهن کان متاثر ٿي اسلام قبول ڪيائون. اها عمر سندس ڪا ايڏي ويڏي ڪا نه هئي امام سنڌيءَ جو نانو رنجيت سنگهه جي حڪومت ۾ فوج جي هڪ وڏي عهدي تي رهي چڪو هو ان کي جڏهن اها خبر پئي ته سندس خاندان جو ٻالڪ مسلمان بنجڻ گهري ٿو ته هن ان تي وڏي ڪاوڙ ڏيکاري ۽ نينگر تي نگراني ڪرڻ جو حڪم ڏنو. امام عبيدالله سنڌي ننڍپڻ کان ئي وڏو ذهين هئو ۽ مسلمان ٿيڻ ۽ ان کان پوءِ محفوظ رهڻ لاءِ پڇا ڳاڇا ڪري ڳوٺ ڀرچونڊي جي بزرگ حافظ محمد صديق جو پتو معلوم ڪري ورتائون ۽ لڪ ڇپ ۾ اتي پهچي اسلام قبول ڪيائون ۽ اڳتي هلي ديني تعليم جي لاءِ دهليءَ جي ويجهو شهر ديوبند جي مدرسي دارالعلوم پهچي اتي پڙهڻ لڳا. سندس اتي پڙهڻ جي عرصي ۾ سڄي هندستان اندر انگريزن جي حاڪميت خلاف غلام هندستان کي آزادي ڏيارڻ جي هلچل به هلي رهي هئي جنهن ۾ مدرسي۳ ديوبند جو شيخ الحديث مولانا محمود الحسن به اهڙي تحريڪ جي اڳواڻن منجهان هڪڙو هئو جنهن مدرسي جي شاگردن منجهان نوجوان عبيدالله سنڌي کي پرکي ورتو ته هن ۾ غلاميءَ خلاف آزادي حاصل ڪرڻ جي تڙپ اتم درجي جي موجود آهي، سنڌي صاحب اتي تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ اتي آزادي حاصل ڪرڻ جي مهم ۾ جنبي ويو ۽ آزادي حاصل ڪرڻ وارن اڳواڻن واري پهرين صف کي ويجهو وڃي پهتو پر مدرسي ديوبند اندر انگريز نواز گروپ مدرسي جي باني نانوتوي جي پٽ محمد احمد، شبير احمد عثماني، اشرف علي ٿانوي وغيرهه جي سازشن سان سنڌي صاحب کي ديوبند منجهان ڪڍرايو ويو پوءِ هو دهليءَ ۾ رهي سياسي ڪم ڪرڻ لڳو پر ٿوري ئي وقت کان پوءِ سنڌ ۾ واپس آيو ۽ ڪجهه وقت امروٽ ۾ مدرسو کولي پڙهائڻ لڳا پوءِ اتاهون ڇڏي سعيد آباد ويجهو پير جهنڊي ۾ اچي مدرسو کوليائون. هي اهي ڏينهن هوا جڏهن ترڪن خلاف بلقان ۾ انگريزن جنگ شروع ڪئي هئي تن ڏينهن ۾ بلوچستان جي مشهور انگريز دشمن اڳواڻ نوري مينگل بلوچ نوجوانن جي هڪ وڏي کيپ ترڪن جي مدد ۾ انگريزن جي خلاف بلقان جي محاذ تي موڪلي هئي تنهن بابت انگريزن کي شڪ پيو ته نوري مينگل کان اهو ڪم ڪرائڻ ۾ کڏي ڪراچي جي مولانا محمد صادق ۽ عبيدالله سنڌيءَ جو ئي هٿُ ٿي سگهي ٿو پوءِ انگريز حڪومت پير جهنڊي ڳوٺ جي چارئي طرف سرڪاري فورس جي ڊيوٽي لڳائي ته هو اتي عبيدالله سنڌي ۽ اچڻ وڃڻ وارن مٿان ڪڙي نظر رکن ۽ هن جا ٻاهرين دنيا سان لڳ لاڳاپا ختم ڪن. ان عرصي ۾ مدرسي ديوبند کان شيخ الهند محمودالحسن سنڌي صاحب کي هڪ مبهم پيغام موڪليو ته اوهان هند سنڌ ڇڏي ڪابل افغانستان هليا وڃو، سنڌي صاحب ان حڪم تي مخفي نموني عمل ڪيو ان سفر جي لاءِ وٽن خرچ جا پئسا ڪو نه هئا اهي حيدرآباد جي نو مسلم شيخ عبدالرحيم پنهنجي ڌيءَ جا زيور وڪڻي امام سنڌيءَ کي پئسا ڏنا. افغان حڪومت طرفان هندستان منجهان انهن وٽ ماڻهن جي داخلا تي بندش هئي البت چمن جي بارڊر تي افغان حڪومت طرفان هڪ ماڻهو مقرر ڪيل هئو جو جيڪڏهن هو ڪنهن کي هي پاس لکي ڏيندو هئو ته هن ليٽر سان اچڻ وارو ماڻهو هتي هندستان ۾ اول هندو هئو پوءِ هي مذهب مٽائي مسلمان ٿيو آهي تنهن ڪري هن کي هن جا هندو مائٽ مذهب مٽائڻ تي تنگ ڪن ٿا سو هن شخص کي دين ايمان بچائڻ لاءِ اوهان افغان حڪومت پاڻ وٽ رهائڻ جي منظوري ڏئي پوءِ اهڙي ماڻهوءَ کي بارڊر ڪراس ڪرڻ جي منظوري ملندي هئي. سو امام سنڌي صاحب به پنهنجي لاءِ ان ماڻهوءَ کان اهڙو ليٽر لکرايو ۽ بارڊر پاس ڪري ڪابل پهتا ۽ ڪابل ۾ ست سال رهي اتي رهندڙ دنيا جي ملڪن جي سفيرن سان ملاقاتون ڪري انگريزن خلاف آزاديءَ جو رستو هموار ڪندا رهيا ۽ اتي پهچڻ کان پوءِ افغانستان جي بادشاهه جي مشوري سان سنڌي صاحب هندستان ۾ هلندڙ آزادي واسطي ڪانگريس پارٽيءَ جا نمائندا بنجي مشن هلائيندا هوا ۽ غلام هندستان جي غير ملڪي آزاد حڪومت جوڙيائون جنهن جو صدر راجا مهندر پرتاب کي بڻايائون ۽ پاڻ ان حڪومت جا وزير بڻيا هُئا ۽ جنودربانيه جي نالي سان آزاد هندستان جي غير ملڪي فوج به ٺاهيائون جنهن جا هندستان ۾ مخفي طور فوجي آفيسر به مقرر ڪيائون جن منجهان تاج محمود امروٽي ۽ مولانا محمد صادق کڏي ڪراچي وارا به ڪرنل وغيرهه جي عهدن وارا مقرر ڪيا هئائون جن سان ريشمي رومال تي ٽڪ ذريعي لکليل خطن سان رابطو رکندا هوا. ان تحريڪ ريشمي رومال جو عرصو سندس ڪابل ۾ ست سال رهڻ وارو مدو هو جنهن جو تفصيل پروفيسر سرور جي لکيل ڪتاب ڪابل ۾ سال اندر ملي سگهندو. سنڌي صاحب جي ڪابل ۾ رهڻ واري عرصي دوران آزادي لاءِ هلچل کي ڄاڻڻ لاءِ انگريزن ڪابل جي جامع مسجد ۾ پنهنجي هڪ انگريز جاسوس کي مڪمل باشريعت شڪل ڏيئي پيش امام ڪري رکرايو هئو. نيٺ برطانيه حڪومت افغان بادشاهه سان ڪجهه سياسي رشوتن ڏيڻ تي عبيدالله سنڌي کي جيئرو گرفتار ڪري ڏيڻ يا قتل ڪرڻ جو معاهدو ڪيو جنهن جي ٻاڦ امام سنڌي کي پئجي وئي ۽ ترت ئي مخفي طور نامعلوم رستن ذريعي سوويت يونين روس ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ مولانا عزيزالله جروار صاحب جي چوڻ مطابق افغانستان منجهان نڪري وڃڻ وارن ڏهاڙن کان ڪجهه اڳي جڏهن جو افغان بادشاهه امير حبيب الله قتل ڪيو ويو هئو ته ان جي قتل ڪرائڻ ۾ به امام سنڌيءَ جو حصو هئو ۽ امر حبيب الله جي جاءِ نشين غازي امان الله جي بادشاهه بنجڻ کان پوءِ ان جو جيڪو برطانيه جي خلاف ذهن ۽ پاليسيون هيون ان ۾ به امام سنڌيءَ جي تربيت جو حصو هئو جو انگريزن ڪرنل لارينس جي ذريعي غازي امان الله کي هٽرائي ڇڏيو اهو هن طرح ته ڪرنل لارينس مديني شهر جي مسجد نبوي ۾ ستن سالن کان پيش امام بنجي مسلم امت جو پيش امام بڻيو پيو هئو، انگريزن ان کي اُتاهون بدلي ڪري وزيرستان جي شهر ميران شاهه ۾ پير ڪرم شاهه جي نالي خانقاهه کولي ڏني ته اُتاهون ويهي هو افغان بادشاهه غازي امان الله کي قتل ڪرائي يا معزول ڪرائي پوءِ ان ڊيوٽي دوران ڪرنل لارينس بادشاهه امان الله لاءِ اهڙو ته چڪر هلايو جو ان بادشاهي ڇڏي جلاوطن ٿي وڃڻ ۾ پنهنجي ڀلائي سمجهي سو ملڪ ڇڏي جلاوطن ٿي ويو ۽ هن اٽليءَ جي رهڻ واري عرصي ۾ اتي وفات ڪئي. امام سنڌي صاحب توڻي جو هندستان جي ورهاڱي کان ئي سال اڳي وفات ڪري ويو پر سندس نظريو ورهاست جي خلاف هئو ۽ هوا کنڊ ڀارت يعني گڏيل آزادي جو قائل هئو سندس پارٽي جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽيءَ جي منشور ۾ سڀن صوبن لاءِ وڏي خودمختياري رکيل هئي، وفاق جي مرڪزيت ڪنفيڊريشن وانگر هئي پاڻ هن ڳالهه تي گهڻو زور لڳائيندا هئا ته آزادي کان پوءِ تعليمي ادارن جي نصاب تعليم ۾ انگريزن جي پرماريت خلاف ڀرپور موقف تي مشتمل ڪتاب پڙهايا وڃن، اهو ئي نظريو سموري ڪانگريس قيادت جو به هئو جنهن تي خاص ڪري امام الهند ابوالڪلام آزاد بحيثيت وزير تعليم پورو پورو عمل ڪيو جو اڄ تائين هندستان جون فلمون ڊراما ۽ ادبي شهپارا آزاديءَ جي حق ۾ غلامي خلاف انگريز دشمنيءَ جي مواد سان ڀرپور پڙهايا ۽ فلمايا پيا وڃن، انهيءَ سبب ملڪ هند جي خارجه پاليسي به ملڪي خودمختياري ۽ وطن کي آزاد رکڻ لاءِ وڏو ڪم ڏئي رهيا آهن. امام عبيدالله سنڌي ماسڪو ۾ - جنم ڏينهن جي حوالي سان سندس يادون عزيز الله ٻوهيو ڊاڪٽر عبدالمجيد چانڊيو (اڳوڻو ڊين شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور) مون کي ٻڌايو ته آئون جڏهن پنهنجي شعبي آءِ آر ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ ماسڪو پڙهڻ ويو هئس ته اتي جي پروفيسرن کي مون پنهنجي تعارف ۾ جڏهن ٻڌايو ته آئون سنڌي آهيان ته انهن متوجهه ٿي وڏي پاٻوهه منجهان مون کان پڇيو ته تون جيڪڏهن سنڌي آهين ته تون پڪ سان مولانا عبيدالله سنڌي کي سڃاڻيندو هوندين پر افسوس جو مون کي امام سنڌي بابت اها علمي ڄاڻ ڪا نه هئي جيڪا ۽ جيتري هو پڇڻ گهرن پيا، پوءِ انهن ئي ٻڌايو ته جڏهن غلام هندستان جي زماني ۾ پنهنجي ملڪ کي آزادي ڏيارڻ لاءِ جلاوطن ٿي پهريائين افغانستان ۾ آيو ۽ اتي ست سال رهڻ کان پوءِ هتي سوويت يونين روس ۾ آيو هو ۽ اسان ان سان ملاقاتن منجهان کانئس وڏي علمي ڄاڻ حاصل ڪندا هئاسون. پروفيسر صاحب ته امام سنڌيءَ جي جلاوطني واري زندگيءَ تي ڪجهه ڪتاب لکيا جن منجهان “ڪابل ۾ سات سال” به هڪڙو ڪتاب مارڪيٽ ۾ آهي، ڪاش ڊاڪٽر مجيد چانڊيو به امام سنڌي جي روسي پروفيسرن سان علمي ۽ سياسي ملاقاتن تي اسان کي هڪ ڪتاب جوڙي ڏئي ها ته ڏاڍو ڀلو ٿئي ها. امام سنڌيءَ جو ماسڪو ۾ هڪ خاص شاگرد موسيٰ جارالله هئو جيڪو سنڌي صاحب وٽ قرآن حڪيم جو تفسير به پڙهيو هئو، ان جو اهو عربي ٻولي ۾ تفسير سوره مائده تائين مولانا قاسمي، شاهه ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد منجهان ڇپرايو هئو. موسيٰ جارالله جو گهر ماسڪو ۾ لينن گراڊ منجهه هئو، امام سنڌي هڪ هنڌ لکيو آهي ته اتي جڏهن آئون رهندو هئس ته تڏهن لينن جو انقلاب نئون آيل هئو مذهبي ريتن رسمن تي وڏي پابندي هوندي هئي، آئون موسيٰ جارالله جي گهر ۾ به سوڙ ۾ لڪي نمازون پڙهندو هئس. انڌي عقيدت وارن مسلمانن جي باري ۾ آئون هت ڇا لکان جو ڪن لاهوري مصنفن ته ايترو به ڪوڙ لکيو ته لينن جي زال امام سنڌي کي نماز پڙهڻ لاءِ وضو ڪرڻ خاطر پاڻي به ڪوسو ڪري ڏيندي هئي ۽ سنڌي صاحب جون لينن سان ڪوڙين ملاقاتن جون کوڙ ساريون خبرون به لکيائون، جڏهن ته پروفيسر سرور خود مولانا سنڌيءَ جي حوالي سان اها ڳالهه لکي آهي ته آئون جنهن وقت لينن سان ملڻ ويو هئس ته هو پنهنجي وفات واري مرض ۾ ايترو ته ڪمزور ٿيل هو جو اشارن کان سواءِ ڳالهائي به ڪو نه سگهندو هئو، مون کي ملائڻ وارن ان کي صرف ايترو ٻڌائي مون کي پيش ڪيو ته هي ماڻهو هندستان کي برطانيه کان آزاد ڪرائڻ لاءِ سوراجي ورڪر آهي. مطلب ته لينن سان ڪا به گفتگو ڪا نه ٿي هئي البته لينن جي ڪٽنب جو هڪ وزير جنهن جو سنڌي صاحب نالو به لکيو آهي جيڪو مون کي ياد ناهي اهو سنڌي صاحب سان رابطي ۾ آيو ته اسان مارڪسي فارمولن تي صنعتي شعبن ۾ ڪامياب ويا آهيون، باقي زمين ۾ ڪم ڪندڙ هاري اسان سان انقلابي تقاضائن جيترو ساٿ نه ٿا ڏين جنهن ڪري اسان جي زرعي اپت ڏاڍو پوئتي پيل آهي تنهن سنڌي صاحب ان کي مشورو ڏنو ته توهان هارين، ڪاشتڪارن ۾ هي ڳالهه عام ڪيو ۽ انهن سان وعدو ڪيو ته جيڪي زمينون اوهان پوکي رهيا آهيو اهي ڪڏهن به اوهان کان واپس ڪو نه ورتيون وينديون جيڪڏهن اوهان مري وئيو ته اهي توهان جي پونيئرن کي ڏنيون وينديون. پوءِ ان ايگريڪلچر واري وزير سنڌي صاحب جي ان ڳالهه تي عمل ڪندي هارين کي اهڙي ساک پت ڏني ڄڻ ته سرڪاري طرح ان کي قانون جي به شڪل ڏياري، جنهن کان پوءِ هارين دل لائي پوکن ۾ ڪم ڪيو، ايترو جو اهو وزير صاحب سنڌي صاحب وٽ هلي آيو ۽ چيائينس ته آئون توهان کي مبارڪ ڏيڻ آيو آهيان ته اسان توهان جي ڏس تي عمل ڪندي هارين کي پڪ ڏني ته توهان جون زمينون اوهان کان ڪو نه کسيون وينديون سو انهن هن سال اهڙو ته دل لائي ڪم ڪيو آهي جو سڄي ملڪ ۾ فصل ڏاڍا ڀلا لٿا آهن. امام سنڌي جڏهن سوويت روس کي ڇڏي جلاوطني جا ڏينهن گهارڻ لاءِ ترڪيءَ ۾ آيو تڏهن اتي ڪمال اتاترڪ جي انقلابي حڪومت قائم ٿي چڪي هئي. سلطان عبدالحميد جي خلافت واري حڪومت ختم ٿي چڪي هئي، اتاترڪ مذهبي پابندين جي خلاف پنهنجي دور ۾ وڏيون جدتون آنديون هيون سو جڏهن امام سنڌي اتي ويو ته ماڻهن ان کي دانهون ڏنيون ته اتاترڪ ايڏو بي دين آهي جو اسان جون مايون جڏهن شهر ۾ برقعا پائي ٿيون وڃن ته سرڪاري سپاهي بازارن ۾ ئي انهن جا برقعا زوريءَ لهرائي ڇڏين ٿا. تنهن تي عبيدالله سنڌي انهن کي چيو ته توهان پنهنجي عورتن کي گهرن منجهان ئي بغير برقعن جي موڪليندا ڪريو پوءِ ساڻن سپاهي اهڙي بي حرمتي ڪو نه ڪندا. هندستان جو پهريون وزيراعظم جواهر لال نهرو غلاميءَ جي زماني ۾ شايد اٽليءَ ۾ امام سنڌيءَ کي مليو، ان جو ذڪر نهروءَ پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو ته آهي پر ملاقات جو موضوع ۽ تفصيل ڪو نه لکيو اٿس صرف هي لکيو اٿس ته سنڌي صاحب وٽ هر مشڪل مسئلن جو وڏو حل موجود هو. امام سنڌي جڏهن جلاوطني ختم ڪري هندستان واپس موٽڻ لاءِ سعودي حڪومت ۾ برطانيه جي جدي واري قونصل خاني کان ويزا جو مطالبو ڪيو ته قونصلر مولانا جو اهو مطالبو لنڊن موڪليو، انهن لکيو ته هن شرط سان کيس ويزا ڏني وڃي ته هندستان ۾ وڃي ڪو به سياسي عمل نه ڪندو ۽ ان لاءِ ڪو اتان جو ماڻهو بطور ضامن جي به ڏئي ته مولانا اهو شرط قبول ڪيو ۽ ضمانت لاءِ شهيد الهه بخش سومرو وزيراعظم سنڌ کي پيش ڪيو. امام سنڌيءَ ڪنفيڊريشن قسم جي صوبائي خودمختياري واري منشور سان نئين پارٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو جنهن کي هو گهڻو هلائي نه سگهيو. مولانا جلاوطني جا ڏينهن ٻين ملڪن ۾ گهاري پڇاڙيءَ ۾ سعودي حڪومت ۾ آيو ۽ شهر مڪي جي انتظاميه کان ڪعبي ۾ درس قرآن پڙهائڻ جي اجازت گهري ته انهن به اهو شرط وڌس ته هو پنهنجي درس ۾ سياسي ڳالهيون نه ڪندو. مولانا اهو شرط مڃي درس ڏيڻ شروع ڪيو. منهنجي زندگيءَ جا حالات مولانا عبيدالله سنڌي فصل پهريون پنجاب جو مشهور تاريخي شهر سيالڪوٽ، هماليه جي دامن ۾ هوادار ۽ زرخيز ميدان تي آباد آهي. ان جي ٻهراڙيءَ ۾ پسرور جي ويجهو هڪ ڳوٺ چيانوالي آهي، اها ئي منهنجي جنم ڀومي آهي. رنجيت سنگهه جي زماني ۾ جسپت راءِ ان ڳوٺ جي مڇي مانيءَ لائق ماڻهن ۾ ليکيو ويندو هو. هڪ سناتني سونارو جيتري قدر سٺو ٿي سگهي ٿو، اوترو ئي هو سمجهيو ويندو هو. حڪومتي عملدارن ۽ عام ماڻهن جو مٿس ڀروسو هو. کيس پنج پٽ هئا. انهن مان وچئين جو نالو رام راءِ هيو، جيڪو منهنجو پيءُ آهي. حڪومت جي تبديليءَ جي ڪري منهنجو والد پنهنجي اباڻي ڌنڌي سونارڪي مان ئي گذران ڪندو هو. هو پنهنجي سمورن ڀائرن ۾ پنهنجن والدين جي خدمت ۾ وڌيڪ اڳرو هيو. منهنجو نانو ”مير علي والا“ ضلعي گوجرانوالا جو رهندڙ هڪ خانداني سک هيو ۽ ”هلو والي“ ضلعي سيالڪوٽ ۾ منتقل ٿي چڪو هو. سندس سڀ کان وڏي ڌيءَ، پريم ڪور، منهنجي امڙ آهي. منهنجو پيءُ، منهنجي ناني جي دعوت تي، رام راءِ مان رام سنگهه بڻجي ويو هو. منهنجي والد جو سؤٽ، حاڪم راءِ پنهنجي ڳوٺ جو تپيدار هيو ۽ منهنجا ٻه ماما به تپيدار هيا. منهنجون ٻه ڀينرون هيون، جيڪي منهنجي پيدائش کان اڳ، هڪ گکڙ ۾ ۽ ٻي بيگواليءَ ۾ پرڻجي ويون هيون. فصل ٻيون منهنجو ڏاڏو اڃا جيئرو هو ته منهنجو پيءُ فوت ٿي ويو، سندس مرڻ کان ٽي مهينا پوءِ ڦڳڻ مهيني جي آخري ڏهاڪي ۾ جمعي جي رات صبح ٿيڻ کان ٿورو اڳ منهنجي ولادت ٿي. امڙ سڳوريءَ جي ٻڌايل واقعن کي مختلف جنترين سان ڀيٽائڻ کان پوءِ خبر پئي ته اها تاريخ ۱۲ محرم الحرام ۱۲۸۹ هجري ۽ ۱۰ مارچ ۱۸۷۲ع جيڪو اسان جي حساب سان ۸۷۲ هندي ٿئي ٿو. مان ٻن ورهين جو هوس ته منهنجو ڏاڏو فوت ٿي ويو، مون کي سندس صورت هڪ خاص واقعي ۾ ياد آهي. ان کان پوءِ منهنجي امڙ گهڻو ڪري پنهنجي پيءُ وٽ رهڻ لڳي. ان کان پوءِ ٻن سالن جي اندر نانو به فوت ٿي ويو. ان وقت منهنجو هڪ مامو جهنگ (ضلعي) جي بندوبست واري کاتي ۾ ڪم ڪندو هو ۽ ٻيو ڄامپور ضلعي ديري غازيخان ۾ تپيدار هيو. منهنجي امڙ ۽ ناني جهنگ کان ٿي ڄامپور پهتيون، منهنجي عمر ان وقت چئن سالن جي هئي. جهڙيءَ طرح ناني سان گڏ شطرنج کيڏڻ مون کي ياد آهي، اهڙيءَ طرح ڄامپور ۾ مامي سائينءَ جو فوجي قاعدا سيکارڻ به نٿو وساريان. هڪ سال اتي رهي امڙ پنهنجي گهر موٽي آئي. (اسان) وڌيڪ عرصو پنهنجي ڀينرن کان پري نه ٿي رهي سگهيو. هتي سال کن کان وڌيڪ رهيس. آخر ۾ سخت ڏڪار پيو ۽ منهنجي امڙ پوءِ مون کي ڄامپور وٺي آئي. فصل ٽيون منهنجي عمر ڇهه ورهيه هئي ته ڄامپور جي مڊل اسڪول ۾ داخل ٿيس. ۸۷۸ هنديءَ کان ٽي سال لڳاتار پڙهندو رهيس. ۸۸۱ هنديءَ واري مردم شماريءَ ۾ مان به ڪم ڪندو رهيس. ان زماني ۾ مون کي گرمکيءَ جو پهريون ڪتاب ڏنو ويو. جيتوڻيڪ مون ان مان هڪ اکر به ڪونه پڙهيو پر ان ۾ هڪ تصوير ته ”ٻن ٻلين جي ماني ڀولو ورهائي رهيو آهي“ ضرور ياد اٿم. مون کي مامي ٻڌايو ته هي ٻه ٻليون هندو ۽ مسلمان آهن ۽ ڀولو انگريز آهي. ان کان پوءِ وري امڙ پنهنجي گهر آئي ۽ ٻه سال ضلعي سيالڪوٽ جي مختلف ڳوٺن ۾ ويجهن ۽ پري وارن مائٽن سان ملائڻ لاءِ مون کي وٺي ويندي هئي. برادريءَ جي غميءَ ۽ خوشيءَ جي تقريبن ۾ شريڪ ٿيندو رهيس. ننڍڙو هجڻ جي باوجود وڏڙا ۽ پوڙها اهڙي تعظيم سان پيش ايندا هئا، جيڪو منهنجي امڙ جو حق هيو. مان ان جو خاص اثر پنهنجي طبيعت ۾ محسوس ڪندو آهيان. يعني، پنهنجن هڪ جيڏن مائٽن کان ممتاز رهڻ جو خيال رهندو آهي. ٿوري وقت لاءِ ڄامڪي جي مڊل اسڪول جي چوٿين جماعت ۾ شامل رهيس. اڪثر موقعن ۾ مسجدين جي مولوين کان پارسيءَ جا ڪتاب ضرور پڙهندو رهيس. امڙ ان دوران منهنجي لاءِ مناسب رشتو ڳوليندي رهي. جڏهن ان ۾ ڪامياب ٿي ته مون کي وري ڄامپور موڪلي ڏنائين. فصل چوٿون انهيءَ وقت جو هڪ واقعو لکڻ جوڳو آهي، منهنجو چاچو حاڪم راءِ جڏهن ڳوٺ جي ڪچهريءَ ۾ ويهندو هو ته عام ميڙ سندس چوڌاري گڏ ٿي ويندو هو. هڪ ڏينهن مان به اتي ئي ويٺو هوس ته هن هندو ڌرم ۽ اسلام ۾ ڀيٽ ڪئي ۽ اسلام کي ترجيح ڏني. سندس تقرير جو تت مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي: ”هندن ۽ مسلمانن ۾ هڪ ڊگهو مناظرو ٿيو، پڇاڙيءَ ۾ فيصلو ٿيو ته هڪ هندو ۽ هڪ مسلمان کوهه ۾ ٽپو ڏين، جيڪو بچي وڃي، ان جو مذهب (سچو ۽) حق مڃيو ويندو. پهريائين هندو اٿيو ۽ شري رام کي پنهنجي واهر لاءِ سڏيائين ان جا عملدار اچي رهيا هئا ته هن شري ڪرشن کي سڏڻ شروع ڪيو. ان تي شري رام جا خادم واپس موٽيا. اڃا شري ڪرشن جا ماڻهو سندس مدد لاءِ نه پهتا هئا ته هن مهاديو کي ٻاڏايو، ان ڪري شري ڪرشن جي مدد به کيس نه ملي سگهي. اهڙيءَ ريت پنهنجن مختلف بزرگن کي لڳاتار مدد لاءِ سڏيندو رهيو پر جنهن وقت ٽپو ڏنائين ته ان وقت سندس ڪوبه واهر نه ڪري سگهيو. ان ڪري سندس هٿ پير ڀڄي پيا. ان کانپوءِ مسلمان اٿي بيٺو. هن هڪ الله کي زور سان سڏڻ شروع ڪيو ۽ جلدي ۾ کوهه ۾ ڪڏي پيو، الله جا فرشتا سندس مدد لاءِ پهتا ۽ کيس سلامت بچائي ورتو.“ جيستائين مون کي ياد آهي ته اسلام جي حقانيت تي هيءَ پهرين تقرير آهي، جيڪا مون ٻڌي ۽ جنهن کان متاثر ٿيس. فصل پنجون رب زدني علما انهن ٻن سالن جي وقفي سان منهنجا هم ڪلاسي ته مارچ ۸۸۴ هنديءَ تي ڇهين درجي ۾ پهچي ويا پر مان ٻه مهينا محنت ڪري چوٿين درجي جو امتحان ڏئي سگهيس ۽ پنجين درجي ۾ شامل ٿيس. هتان کان منهنجي شاگرديءَ جو زمانو شروع ٿئي ٿو. اسڪول جو مقرر ٿيل ڪم منهنجي لاءِ ڏکيو نه هو، پارسي پڙهڻ ۽ ياد ڪرڻ ۾ خاص محنت ڪندو هوس. باقي مضمون مان سال جي شروعات ۾ ڪجهه هفتا لڳائي ياد ڪري وٺندو هوس، پوءِ سڄو سال واندو رهندو هوس. امتحان کان ٿوري دير اڳ ۾ ڪتاب تي سرسري نگاهه وجهڻ ڪافي ٿيندو هو. سڀ کان وڌيڪ دلچسپ رياضي هئي. حساب، آلجبرا ۽ اقليدس ۾ جيتري قدر سٺا ۽ وڏا ڪتاب ملندا هئا، انهن کي حل ڪرڻ ۾ رڌل رهندو هوس. ڏکيا سوال حل ڪرڻ ۾ خاص لذت محسوس ڪندو هوس. ”مراة الاشڪال“ اقليدس جي چئن مقالن جي شرح هئي. مون ان جا مشقي سوال سمورا حل ڪري ڇڏيا هئا. سنه ۸۸۶ هنديءَ تي ستين درجي ۾ هوس ته ”قيصري“ جالنڌر (اخبار) ۾ هڪ حل طلب سوال ڇپيو: ا+ ب +ج= ۶، ا+ب+ ج= ۱۴، ا+ ب+ ج= ۳۶ ٻيپهريءَ کان پوءِ مڪتب ۾ مون کي اخبار ملي، پنهنجي روزاني ڪمن ۾ رڌل هيس. فقط واندڪائيءَ جا پل ان جي حل ڪرڻ تي استعمال ڪندو رهيس. تڏهن به سانجهيءَ کان اڳ مون اخبار جي نالي جواب موڪلي ڏنو. ٻئي هفتي ۾ منهنجي نالي سان ٻن ڪالمن ۾ ڇپجي آيو. مان ان خوشيءَ کي وساري نٿو سگهان. ان کانپوءِ تاريخ، قصن ۽ ناولن ۾ طبيعت خوش ٿيندي هئي. جيڪو ڪتاب ملندو هو، جيستائين سمورو ختم نه ڪري ڇڏيان، سڪون نه ايندو هو. ان دوران اخبار پڙهڻ شروع ڪيم. هفتيوار ”آفتاب پنجاب“ لڳاتار ڏسندو هوس ۽ ”پنجاب“ ۽ ”ڪوهه نور“ جا پراڻا فائيل به پڙهندو هوس پوءِ (ڄڻ) اخبار عام ڏسڻ لڳس. پنجاب جي تاريخ ۾ سکن جي حڪومت سان وڌيڪ دلچسپي محسوس ڪندو هوس. پنهنجي سک هجڻ تي فخر محسوس ڪندو هوس. ننڍپڻ ۾ پنهنجن مائٽن جي عورتن سان گڏ ديوان مولراج جي عزيزن جي گهر ويندو رهيو آهيان. ان ڪري انهن جي واقعن کان وڌيڪ متاثر ٿيندو هوس. پنجاب حڪومت جي سالياني رپورٽ اردوءَ ۾ شايع ٿيندي هئي. ان کي چڱيءَ طرح پڙهندو هوس، راجا دليپ سنگهه کي پنجاب اچڻ جي موڪل ملي ۽ منهنجي مامي رات جو خبر آندي ته اسان جي گهر ۾ عيد جهڙي خوشي ٿي ته اسان جو راجا اچي رهيو آهي. ٻئين ٽئين هفتي جڏهن هيءَ خبر ملي ته هو عدن کان موٽايو ويو ته اسان جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. جيتوڻيڪ ان علمي مشغلي مون کي سٺو کائڻ، سٺو پهرڻ جي خواهشن کان بي نياز ڪري ڇڏيو هو، تنهن هوندي به سوسائٽيءَ ۾ ڪا به اهڙي شيءِ نظر نه ٿي آئي جيڪا گهر ۾ ميسر نه هجي. سو اعليٰ سوسائٽيءَ ۾ منهنجو رابطو مضبوط رهيو. ڄامپور جي سرڪاري آفيسرن واري سوسائٽيءَ ۾ پڻ مون کي اهڙا ساٿي مليا، جن کان مٿانهان، اتي ممڪن نه هئا. مختيارڪار، نائب مختيارڪار، جج، پوليس آفيسر ۽ پوسٽ ماسٽر هندو هئا. ان مٿانهين سوسائٽيءَ ۾ منهنجي سڃاڻ عزت سان هئي. اسسٽنٽ مختيارڪار اسان جي ويجهي علائقي جو هو. سندس ڇوڪرا اسان سان گڏ پڙهندا هئا. ساڻس ۽ سندس گهر سان (اسان جو) هڪ جهڙو ۽ هڪ جيترو سلوڪ هيو ۽ ساڳيو رويو سوسائٽيءَ جي ٻين ماڻهن مختيارڪار، پوليس آفيسر، جج، پوسٽ ماسٽر ۽ ڊاڪٽر سان هيو. ذاتي ڊائريءَ جا نوٽ آءٌ ضلعي سيالڪوٽ جي هڪ ڳوٺ چيانواليءَ ۾ پيدا ٿيس. منهنجي خاندان جو اصلي ڌنڌو سونارڪو آهي، مگر ڪجهه وقت کان ڪي ماڻهو سرڪاري نوڪرين ۾ داخل ٿيا ۽ ڪي ماڻهو واپار به ڪندا آهن. آءٌ گهڻو ڪري حضرت سلمان فارسيءَ جي تابعداريءَ موجب پنهنجو نالو عبيدالله بن اسلام لکندو آهيان. مگر ڪن عرب دوستن جي زور آڻڻ تي پنهنجي والد ڏانهن منسوب ڪري لکڻو پيو ته هن ريت لکيم: عبيدالله بن ابي عائشه، ڇاڪاڻ ته منهنجي وڏي ڀيڻ جو نالو جيوڻي آهي. (جيوڻي ۽ عائشه هم معنيٰ آهن) مون ارادو ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ ان کان وڌيڪ صفائي گهري ته هن ريت لکندس ”عبيدالله بن راما بن راءِ“ منهنجي والد جو نالو رام سنگهه پٽ جسپت راءِ پٽ گلاب راءِ آهي. چون ٿا ته منهنجو ڏاڏو سک حڪومت ۾ پنهنجي ڳوٺ جو ڪاردار هو. مون جمعرات پره ڦٽڻ کان ٿورو اڳ ۾ ۱۲ محرم الحرام ۱۲۸۹هه مطابق ۱۰ مارچ ۱۸۷۲ع ۾ جنم ورتو. منهنجي ڄمڻ کان چار مهينا اڳ ۾ منهنجو والد فوت ٿي چڪو هو. ٻن سالن کان پوءِ منهنجو ڏاڏو به فوت ٿي ويو. جنهن کان پوءِ منهنجي والده مون کي ناناڻن ۾ وٺي آئي جو هڪ نج سک خاندان هو ۽ منهنجو والد به نانا صاحب جي چوڻ تي ئي سک بڻيو هو. منهنجا ٻه ماما ڄامپور ضلعي ديري غازي خان ۾ تپيدار هئا. جڏهن نانو صاحب فوت ٿي ويو تڏهن اسان ڄامپور ۾ مامن وٽ اچي رهياسين. منهنجي پڙهائي ۱۸۷۸ع کان ڄامپور جي اردو مڊل اسڪول ۾ شروع ٿي. ۱۸۸۷ع ۾ مڊل جي مٿين جماعت ۾ پڙهندو هوس ته اسلام جي ظاهر ڪرڻ خاطر گهر کي الوداع ڪيم. ان وچ ۾ ٻه سال سيالڪوٽ ۾ رهڻو پيو. جنهن ڪري هڪ سال پنهنجي جماعت کان پوئتي رهجي ويس نه ته مان پنهنجي اسڪول ۾ وڏو سمجهدار شاگرد مڃيو ويندو هوس. اسلام جو مطالعو سنه ۱۸۸۴ع ۾ مون کي اسڪول جي هڪ آريه سماجي ڇوڪري جي هٿان ڪتاب ”تحفة الهند“ مليو (اهو ڪتاب هڪ نو مسلم بزرگ جو لکيل آهي، جنهن ۾ هندو مذهب جي بنيادي ڳالهين جو بيان ٿيل آهي.) انهيءَ ڪتاب جي پڙهڻ ۾ لڳو لڳ مشغول رهيس ۽ آهستي آهستي اسلام جي سچائيءَ تي يقين وڌندو ويو. اسان جو ويجهو پرائمري اسڪول ڪوٽله مغلان جا ڪي هندو به ملاقي ٿيا جي پڻ تحفة الهند جا ڏاڍا دلداده هئا. انهن هندو دوستن وٽان مون کي مولانا محمد اسماعيل شهيد دهلويءَ جو ڪتاب ”تقوية الايمان“ به مليو، جنهن جي مطالعي کان پوءِ اسلامي توحيد ۽ هندو پرانڪ شرڪ جو مسئلو چڱيءَ طرح سمجهه ۾ اچي ويو. ان کان پوءِ مولوي محمد لکويءَ (اهل حديث سيد نذير حسين دهلويءَ جو شاگرد) جو ڪتاب ”احوال الآخرة“ هڪ مولوي صاحب وٽان مليو. مان ان وقت نماز سکي چڪو هوس ۽ پنهنجو نالو تحفة الهند جي ٺاهيندڙ جي نالي تي عبيدالله پنهنجو پاڻ رکي ڇڏيو هوم. احوال الاخرة جو بار بار مطالعو ۽ تحفة الهند جو اهو حصو جنهن ۾ نومسلمن جا حالات لکيل آهن، اهي ٻئي شيون منهنجي جلدي اسلام جي ظاهر ڪرڻ جو ڪارڻ بڻيون. ۱۰ آگسٽ ۱۸۸۷ع ۾ الله تعاليٰ تي توڪل ڪري نڪري پيس، نه ته اصل ارادو هي هو ته جڏهن ڪنهن هاءِ اسڪول ۾ ايندڙ سال داخل ٿيس تڏهن اسلام جي اظهار جو اعلان ڪندس. اسلام جو ظاهر ڪرڻ مون سان ڪوٽلا مغلان جو هڪ ساٿي عبدالقادر نالي هو. اسان ٻئي هڪ طالب العلم جي ذريعي ڪوٽلا رحم شاهه ضلعي مظفرڳڙهه ۾ پهتاسين. ۹ ذوالحج ۱۳۰۴هه تي منهنجي طهر جي سنت ادا ڪئي وئي. ان کان پوءِ ٿورن ڏينهن اندر جڏهن منهنجا عزيز اسان جي ڳولا ۾ نڪتا تڏهن اسان سنڌ ڏانهن روانا ٿي وياسين. عربي صرف جا ڪتاب اسان انهيءَ طالب علم کان پڙهڻ شروع ڪيا. سيد العارفين جي صحبت الله تعاليٰ جي خاص رحمت چئبي ته جيئن شروع ڄمار ۾ اسلام جي سمجهڻ ۾ آساني ٿي تيئن خاص رحمت جو هي اثر ظاهر ٿيو جو سنڌ ۾ اسان حضرت حافظ محمد صديق رحه صاحب (ڀرچونڊيءَ واري) جي خدمت ۾ پهچي وياسون، جو پنهنجي وقت جو جيد ۽ عارفن جو سردار هو. ڪجهه مهينا اسان سندس صحبت ۾ رهياسين جنهن جو پهريون فائدو هي ٿيو ته اسلامي معاشرت اسان جي لاءِ اهڙي طرح طبيعت ثاني بڻجي وئي جيئن هڪ پيدائشي مسلمان جي هوندي آهي. ٻيو ته حضرت حافظ صاحب هڪ ڏينهن منهنجي سامهون ماڻهن کي مخاطب ٿي فرمايو، جن ۾ گهڻو ڪري مولانا ابوالحسن امروٽي به موجود هيو ته ”عبيدالله، الله تعاليٰ واسطي پنهنجي پيءُ ماءُ کي ڇڏيو آهي، هاڻي سندس پيءُ ماءُ اسان آهيون.“ انهيءَ ڪلمه مبارڪ جو خاص اثر منهنجي دل ۾ محفوظ آهي. آءٌ مولوي عبدالقادر (حضرت مولانا دينپوريءَ جي ناٺيءَ) کان ڪتاب پڙهيا ۽ هن بزرگ کي پنهنجو ديني ابو ڪري مڃيندو آهيان ۽ خاص انهيءَ ڪري مون سنڌ کي پنهنجو وطن بنايو، يا بڻجي ويو. ٽيون ته مان قادري راشدي طريقي ۾ حضرت حافظ سان بيعت ڪئي. جنهن جو هڪ هيءُ نتيجو نڪتو جو مان ڪنهن به وڏي ماڻهوءَ کان ڪونه ڊڄندو آهيان. چئن مهينن کانپوءِ اسان علم جي طلب لاءِ موڪل ورتي. مون کي چيو ويو ته حضرت حافظ صاحب مون لاءِ خاص دعا گهري آهي ته خدا ڪري ته عبيدالله جو شال ڪنهن راسخ عالم (سچي ۽ حقيقي عالم) سان واسطو پوي. منهنجي خيال ۾ الله تعاليٰ اها دعا قبول فرمائي ۽ الله رب العزت پنهنجي فضل سان حضرت مولانا شيخ الهند محمود حسن ديوبنديءَ جي خدمت ۾ پهچايو. سيدالعارفين جي خليفه اعظم جي صحبت ڀرچونڊيءَ کان موڪل وٺي آءٌ انهيءَ طالب العلم سان گڏجي رياست بهاولپور جي ڳوٺاڻي مسجدن ۾ ابتدائي عربي جا ڪتاب پڙهندو رهيس. انهيءَ سلسلي ۾ دين پور پهتس جتي سيدالعارفين جو پهريون خليفو مولانا ابوالسراج غلام محمد صاحب رهندو هو. هدايته النحو تائين مان اتي پڙهيس حضرت خليفه صاحب خط لکي منهنجي والده کي گهرايو جنهن مون کي موٽائي وٺي وڃڻ جي سخت ڪوشش ڪئي مگر آءٌ ثابت قدم رهيس. پر هي غلط آهي ته منهنجي والده ديوبند آئي هئي. شوال ۱۳۰۵هه ۾ دينپور کان ڪوٽله رحم شاهه ۾ آيس ۽ مولوي خدابخش وٽ ڪافيه و نحو پڙهيم ۽ اتي هڪ نووارد طالب علم کان هندستان جي عربي مدرسن جو احوال معلوم ٿيو. مان مظفرڳڙهه جي اسٽيشن تان سوار ٿي سڌو ديوبند پهتس. دارالعلوم ديوبند دارالعلوم ديوبند ۾ صفر ۱۳۰۶هجريءَ ۾ داخل ٿيس. اٽڪل پنجن مهينن ۾ قطبيءَ تائين منطق جا رسالا پڙهيم ۽ شرح جامي مولانا حڪيم محمد حسن امروهيءَ کان پڙهيم. هڪ سمجهدار استاد جي خاص مهربانيءَ سان مطالعي ڪرڻ جو رستو سکيس. پوءِ پنهنجي محنت سان ترقيءَ جو رستو سامهون ٿيندو ويو. حڪمت ۽ منطق جا ڪتاب جلدي پورا ڪري ٿورن مهينن لاءِ مولانا محمد حسن صاحب ڪانپوريءَ جي مدرسي ۾ هليو ويس ۽ اتان ٿورن مهينن لاءِ مدرسي عاليه رامپور ۾ رهي مولوي ناظرالدين کان به ڪتاب پڙهيم. اهڙيءَ طرح وري صفر ۱۳۰۶هه ۾ ديوبند موٽي آيس. حضرت مولانا شيخ الهند ديوبند ۾ ٻن ٽن مهينن تائين مولانا حافظ احمد صاحب کان پڙهندو رهيس. (حافظ محمد احمد مولانا محمد قاسم باني دارالعلوم جو فرزند ۽ مدرسي جو مهتمم هو) ان کانپوءِ مولانا شيخ الهند جي درس ۾ شامل ٿيس. شعبان ۱۳۰۷هه ۾ هدايه، تلويح، مطول، شرح عقائد، مسلم الثبوت جو امتحان ڏنم، امتيازي نمبرن ۾ ڪامياب ٿيس. مولانا سيد احمد دهلوي مدرس اول منهنجي جوابن جي تمام گهڻي تعريف ڪئي ۽ فرمايو ته جيڪڏهن هن کي ڪتاب ملي ويا ته شاهه عبدالعزيز ثاني ٿيندو. ڪيترن دوستن خوشخبريءَ جهڙا خواب ڏٺا ۽ مان به رسول الله ﷺ جي خواب ۾ زيارت ڪئي ۽ امام ابوحنيفه ؐ کي به خواب ۾ ڏٺم. رمضان شريف ۾ اصول فقه ۾ هڪ رسالو لکيم جنهن کي شيخ الهند پسند فرمايو، ان ۾ بعض مسئلا جمهور جي برخلاف محققن جي راءِ مطابق لکيا ويا هئا. مثلاً مشابه آيتن جي معنيٰ ناممڪن الحصول نه آهي ۽ الراسخين في العلم وهبي علم سان سمجهن ٿا. شوال ۱۳۰۷هه ۾ تفسير بيضاوي ۽ حديث جي دوري ۾ شريڪ ٿيس ۽ جامع ترمذي حضرت مولانا شيخ الهند وٽ پڙهيم ۽ سنن ابي داؤد پڙهڻ لاءِ حضرت مولانا رشيد احمد صاحب جي خدمت ۾ گنگوهه پهتس. شاهجهان آباد دهلي گنگوهه مان بيمار ٿي دهليءَ آيس. حڪيم غلام محمود خان (حڪيم اجمل خان جي والد) جي علاج سان صحت حاصل ٿي. حديث جا باقي ڪتاب مولوي عبدالڪريم پنجابي ديوبنديءَ کان جلدي جلدي ختم ڪري ورتم. مون کي ياد آهي ته سنن نسائي ۽ سنن ابن ماجه چئن ڏينهن ۾ پڙهيو هيم ۽ سراجي ٻن ڪلاڪن ۾ پوري ڪئي هيم. اهو مولوي عبدالڪريم پنجابي حضرت مولانا محمد قاسم ديوبنديءَ ۽ حضرت مولانا رشيد احمد گنگوهيءَ جو هڪ محقق شاگرد هو. شهرت پسند نه هو، دهليءَ وارن ڏينهن ۾ ٻه دفعا حضرت مولانا سيد نذير حسين صاحب جي زيارت لاءِ ويو هوس. صحيح بخاريءَ ۽ جامع ترمذيءَ جا ٻه سبق به ٻڌا هيم. سنڌ ڏانهن موٽڻ ۲۰ جمادي الثاني سنه ۱۳۰۸هه تي دهليءَ مان سڌو ڀرچونڊي ضلع سکر ۾ پهتس. مگر ان سفر ۾ ايندي ويندي نه لاهور ۾ ۽ نه وري چينياوالي مسجد ۾ ويس. منهنجو مرشد منهنجي اچڻ کان اڳ ۾ ڏهه ڏينهن پهريائين وفات ڪري ويو هو. رجب سنه ۱۳۰۸هه ۾ حضرت شيخ الهند اجازت نامه لکي مون ڏانهن موڪليو ۽ مولوي ڪمال الدين صاحب مون وٽ سنن ابي داؤد پڙهي پوري ڪئي. امروٽ وارو بزرگ شوال ۱۳۰۸هه تي سيدالعارفين جي ٻئي خليفي مولانا ابوالحسن تاج محمود امروٽي صاحب وٽ امروٽ ضلعي سکر ۾ هليو آيس. هن صاحب پنهنجي پير رشيد جو وعدو پورو ڪري ڏيکاريو. هو مون لاءِ پيءُ وانگر هو، سندس ذريعي منهنجو نڪاح مولوي محمد عظيم خان يوسف زئي ماستر اسلاميه اسڪول سکر جي نياڻيءَ سان ڪرايو. منهنجي ماءُ کي گهرائي ڏنو جا آخر وقت تائين پنهنجي نموني تي مون وٽ رهندي آئي. منهنجي مطالعي لاءِ تمام وڏو ڪتب خانه گڏ ڪيائين. هن بزرگ جي مهربانيءَ واري پاڇي ۾ ۱۳۱۵هه تائين مطالعو ڪندو رهيس. ڪتب خانه پير جهنڊي وارو ڳوٺ پير جهنڊي ضلع حيدرآباد سنڌ ۾ راشدي طريقي جي پير صاحب وٽ دين علومن جو هڪ بينظير ڪتب خانه هو. امروٽ وارن ڏينهن ۾ مطالعي لاءِ اوڏانهن به ويندو رهندو هوس ۽ اڌارا ڪتاب به وٺي ايندو هوس. منهنجي مطالعي جي ڪماليت ۾ انهيءَ ڪتب خانه جي فيض جو به وڏو دخل آهي. ان کان سواءِ حضرت مولانا رشيد الدين صاحب العلم الثالث جي صحبت مان فائدو پرايم. مان سندس ڪيتريون ئي ڪرامتون ڏٺيون. اسماءَ الحسنيٰ جو ذڪر کانئس سکيم. سندس فرزند حضرت مولانا رشدالله صاحب العلم الرابع سان علمي صحبتون رهيون. هو علم حديث جو تمام وڏو عالم ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف هو. سندس والد حضرت مولانا رشيدالدين توحيد ۽ جهاد جي دعوت جو مجدد هو. قاضي فتح محمد نظاماڻي• (ويٺل ٽنڊه قيصر) جون علمي صحبتون به ياد رکڻ جي لائق آهن. علمي تحقيق جو مرڪز الله تعاليٰ جي رحمتن مان هڪ وڏي نعمت جنهن جو آءُ شڪر ادا ڪري نٿو سگهان، اها هيءَ آهي ته فقه ۽ حديث جي تحقيق ۽ تطبيق ۽ اهڙيءَ طرح قرآن عظيم جي تفسير ۾ حضرت مولانا محمد قاسم (نانوتوي) ديوبنديءَ کان شروع ٿي امام ولي الله دهلوي تائين سلسلو عاليه منهنجو رهبر بڻيو ۽ مان هنن کي پنهنجو اڳواڻ بڻايو. مون کي پنهنجي علمي ۽ سياسي واڌاري ۾ انهن کان ٻاهر وڃڻو نه پيو. تنهن ڪري منهنجون سموريون ڪوششون هڪ اصول تي درست ٿينديون رهيون ۽ آءُ اسلام جي فلسفي سمجهڻ جي لائق بڻيس. مان دهليءَ ۾ قبله نما جو مطالعو ڪيو (اهو ڪتاب مولانا محمد قاسم جو تصنيف ڪيل آهي) جنهن جا معارف منهنجي روح ۾ پيوست ٿي ويا. حديث جي تحقيق لاءِ حجة الله البالغه (مصنفه امام ولي الله دهلوي) سان شيخ الهند منهنجي واقفيت ڪرائي. آخر ۾ مون کي ان جي مطالعي مان اطمينان نصيب ٿيو ۽ مان عالمن جي هڪ جماعت کي حجة الله پڙهائي ان کان گهڻو وقت پوءِ شيخ الهند کان وڃي پڙهيم. طريقه قادريه جو شغل انهيءَ عرصي ۾ طريقه قادريه ۽ نقشبندي مجددي جا شغل ۽ ذڪر به پنهنجيءَ طاقت آهر حضرت سيدالعارفين جي وڏي خليفه مولانا ابوالسراج (خليفه غلام محمد صاحب) دينپوريءَ کان سکندو رهيس. جيڪڏهن منهنجي ڪا دنياوي ضرورت امروٽ مان پوري نه ٿيندي هئي ته اها دينپور مان حاصل ڪندو هوس. اهڙيءَ طرح مون کي پنهنجي مرشد جي جماعت کان ٻاهر وڃڻ جي ضرورت نه پئي. منهنجو سياسي مسلڪ اسلام سکڻ جي شروع کان وٺي منهنجو قلبي لاڳاپو مولانا شهيد مرحوم سان پيدا ٿي چڪو هو ۽ ديوبند جي طالب علميءَ واري زماني ۾ ڪيترن ئي واقعن ۽ ڳالهين سبب وڌيڪ واقفيت ٿي چڪي هئي. مولانا عبدالڪريم (پنجابي) ديوبنديءَ دهليءَ جي غدر جو اکين ڏٺو واقعو ٻڌايو هو ۽ ٻاراڻي ڄمار کان خانداني عورتن جي صحبت ۾ (ٻڌل ڳالهين جي بنياد تي) انقلاب پنجاب جي مصيبتن کان منهنجو دماغ ڀريو پيو هو، ان ۾ هڪ قسم جو انقلاب آيو، پهريان جو ڪجهه لاهور لاءِ سوچيندو هوس هاڻي دهليءَ لاءِ سوچڻ لڳس. مولانا شهيد جي مڪتوبات مان هڪ خط جو مضمون سامهون رکي مان پنهنجو مختصر سياسي پروگرام بڻايو جو اسلامي به هو ۽ انقلابي به هو. مگر هندستان کان ٻاهرين مسلمانن سان ان جو ڪوبه تعلق نه هو. مان حجة الله پڙهندڙ جماعت کي ان ۾ شامل ڪيو. اهڙيءَ ريت پنهنجي خيال موجب آهستي آهستي ڪم شروع ڪري ڏنم. ديوبند ۾ وري اچڻ ۱۳۱۵هه ۾ وري ديوبند آيس. پنهنجي علمي معلومات جي رنگ ۾ ٻه رساله لکي کڻي آيس. هڪ علم حديث ۽ ٻيو فقه حنفيءَ ۾. حضرت مولانا شيخ الهند ٻنهين رسالن کي پسند فرمايو. انهيءَ دفعي ٻارهن حديث جي مشهور ڪتابن جا اطراف ٻڌائي ٻيهر مولانا صاحب کان روبرو اجازت حاصل ڪيم. ڪن جهاد جي مسئلن وقت درس هلندي اسان جي جماعت جو ذڪر اچي ويو جنهن کي مولانا پسند فرمايو. ڪن دوستن جو مشورو ڏئي انهيءَ ڪم کي اتحاد اسلام جي هڪ ڪڙي بڻايائون ۽ انهيءَ ڪم کي جاري رکڻ جي وصيت فرمايائون. ان کان پوءِ منهنجا علمي ۽ سياسي سمورا شغل حضرت شيخ الهند سان وابسته رهيا. دارالرشاد ڳوٺ پير جهنڊو ديوبند جي انهيءَ پوئين مختصر سفر کان پوءِ مان امروٽ شريف ۾ رهي، هڪ پريس قائم ڪئي (محمود المطابع نالي سان) جنهن کي ٻن سالن تائين هلائيندو رهيس. ڪي عربي ۽ سنڌي ناياب ڪتاب ڇپايا ويا. ۽ هڪ ماهوار رساله ”هدايت الاخوان“ به شايع ٿيندو رهيو. ان سان گڏ مدرسه قائم ڪرڻ جي به ڪوشش جاري رهي. مگر ان ۾ ڪاميابي نه ٿي، هوڏانهن اسان جو ڪم مدرسه کان سواءِ هلي نٿي سگهيو. تنهن ڪري مان ٻئي ڪنهن جاءِ جي ڳولا ۾ حيران هوس ته حضرت مولانا رشدالله صاحب العلم الرابع ۱۳۱۹هه ۾ منهنجي تجويز جي موافق مدرسه بنائڻ جو ارادو ڪيو ۽ دارالرشاد مدرسه جو نالو منهنجي رٿ سان مقرر ٿيو. مان انهيءَ مدرسي ۾ شريڪ ٿي پورن ستن سالن تائين علمي ۽ انتظامي خدمتون مڪمل اختيارات سان ڪندو رهيس ۽ مدرسي ۾ انهيءَ زماني جي وڏن علمائن مان حضرت مولانا شيخ الهند ۽ حضرت مولانا شيخ حسين بن محسن انصاري يماني (محدث مقيم پوپال) امتحان وٺڻ جي ارادي سان تشريف فرما ٿيا. مان انهيءَ مدرسه ۾ حضرت رسول الله ﷺ کي خواب ۾ ڏٺو ۽ امام مالڪ کي به ڏٺو جو ڄڻ مدرسه جي هڪ حجري ۾ اچي رهيو آهي. جميعت الانصار ديوبند ۱۳۲۷هه ۾ حضرت شيخ الهند ديوبند سڏايو. مفصل احوال ٻڌي ديوبند ۾ رهي ڪم ڪرڻ جو حڪم ڏنائون ته جيئن سنڌ سان به لاڳاپو قائم رهي. چار سال جمعيت الانصار ۾ ڪم ڪندو رهيس. انهيءَ جماعت جي تحريڪ جي بنياد ۾مولانا محمد صادق سنڌي، مولانا ابو محمد احمد لاهوري ۽ عزيز مولوي احمد علي لاهوري به شريڪ هئا. نظارة المعارف دهلي حضرت شيخ الهند جي ارشاد سان منهنجو ڪم ديوبند کان دهليءَ منتقل ٿيو. ۱۳۳۱هه ۾ نظارت المعارف قائم ٿي، انهيءَ ڪم جي سرپرستيءَ ۾ شيخ الهند سان حڪيم اجمل خان ۽ نواب وقارالملڪ (سيڪريٽري علي ڳڙهه ڪاليج) ساڳئي نموني ۾ شريڪ هئا. حضرت شيخ الهند جيئن چار سال ديوبند ۾ رهي منهنجو پنهنجي جماعت سان تعارف ڪرايو، اهڙيءَ طرح دهليءَ موڪلي مون کي نوجوان طاقت سان واقف ڪرڻ گهريو. انهيءَ مقصد لاءِ ئي هڪ دفعو دهليءَ ۾ تشريف فرما ٿيو، مون کي ڊاڪٽر انصاريءَ سان ملاقات ڪرايائين ۽ ڊاڪٽر انصاريءَ مون کي مولانا ابوالڪلام ۽ مولانا محمد علي مرحوم سان ملايو جنهن ڪري مون کي ٻن سالن اندر هندستان جي اسلامي اعليٰ سياسي طاقت سان واقفيت پيدا ٿي وئي. هجرت ڪابل ۱۳۳۳هه مطابق ۱۹۱۵ع ۾ شيخ الهند جي حڪم سان ڪابل روانو ٿي ويس. مگر مون کي ڪم جو ڪوبه مفصل پروگرام ڪونه ٻڌايو ويو. جنهن ڪري منهنجي طبيعت تي اها هجرت گران پئي گذري مگر تعميل حڪم لاءِ وڃڻو ضرور هو ۽ الله تعاليٰ آسانيءَ سان هندستان مان نڪري وڃڻ جو رستو پيدا ڪري ڏنو. جنهن ڪري آءٌ افغانستان پهچي ويس. دهليءَ جي سياسي جماعت به مون کي پنهنجو عيوضي مقرر ڪيو هو. پر مان هنن کي اها ڳالهه ئي ڪانه ڪئي ته اڳ ۾ ئي شيخ الهند جي حڪم موجب منهنجي ڪابل وڃڻ جو فيصلو ٿي چڪو آهي. افسوس جو دهليءَ واري مرڪز پاران به ڪو معقول پروگرام ڪونه هو. ڪابل پهچي مون کي معلوم ٿيو ته حضرت شيخ الهند قدس سره جنهن جماعت جو پاڻ عيوضي هو تنهن جي پنجاهه سالن جي محنتن جو نتيجو غيرمنظم شڪل ۾ منهنجي سامهون تعميل حڪم لاءِ موجود آهي. جنهن ۾ حضرت شيخ الهند کي هڪ مون جهڙي خادم جي سخت ضرورت هئي. هاڻي مون کي هجرت ۽ حضرت شيخ الهند جي چونڊ تي بيحد فخر محسوس ٿيڻ لڳو. مان ستن سالن تائين حڪومت ڪابل جي امداد سان هندستان لاءِ ڪم ڪندو رهيس. ۱۹۱۶ع ۾ امير حبيب الله خان هندن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جنهن جي تعميل جي هڪ ئي صورت هئي ته نيشنل ڪانگريس ۾ شامل ٿي وڃان. ان وقت آءٌ ڪانگريس جو مبلغ بڻجي ويس. هيءَ ڳالهه نهايت عجب جهڙي آهي ته امير صاحب مرحوم نج اسلام جي ڪم کان هندستاني ڪم کي وڌيڪ پسند ڪندو هو. ۱۹۲۲ع ۾ امير امان الله خان جي زمانه ۾ ڪانگريس ڪاميٽي ڪابل ۾ قائم ڪئي وئي. ڊاڪٽر انصاريءَ جي ڪوشش سان ”گيا“ واري اجلاس ۾ ان جو الحاق انڊين ڪانگريس سان ڪيو ويو. برٽش ايمپائر کان ٻاهر اها پهرين ڪانگريس ڪميٽي هئي ۽ مان هن ڳالهه تي فخر ڪري سگهان ٿو ته آءٌ ان جو پهريون پريزيڊنٽ هوس. روس جو سفر ۱۹۲۳ع ۾ ترڪيءَ ڏانهن ويندي ست مهينا ماسڪو (روس) ۾ وڃي رهيس. سوشلزم جو مطالعو پنهنجي طاقت آهر پنهنجن نوجوان ساٿين جي مدد سان ڪندو رهيس. جنهن حالت ۾ نيشنل ڪانگريس سان لاڳاپو سرڪاري طرح ثابت ٿي چڪو هو، تنهن ڪري سويت روس مون کي پنهنجو معزز مهمان بڻايو ۽ مطالعي لاءِ هر قسم جون سهوليتون مهيا ڪري ڏنيون. هي بلڪل غلط آهي ته مان لينن سان ملاقات ڪئي، ڇو ته ڪامريڊ لينن ان وقت اهڙو بيمار هو جو پنهنجن دوستن کي به سڃاڻي نه سگهندو هو. انهيءَ مطالعي جو نتيجو آهي جو مان پنهنجي مذهبي تحريڪ کي جا امام ولي الله جي فلسفي جي شاخ آهي ان کي لادينيت جي حملي کان محفوظ ڪرڻ جي تدبير ۾ ڪامياب ٿي ويس. مان انهيءَ ڪاميابيءَ ۾ (۱) انڊين نيشنل ڪانگريس (۲) هندستاني سفر جي ساٿين جن ۾ هندو مسلم نوجوان هئا جن ۾ سوشلسٽ ۽ نيشنلسٽ ٻئي قسم جا ماڻهو هئا. (۳) سويت روس جو هميشه لاءِ شڪر گذار رهندس جيڪڏهن مون کي ٽنهين طاقتن جي امداد نه ملي ها ته آءٌ پنهنجي اصلي امتيازي مقصد ۾ ڪامياب نه ٿيان ها. نئين ترڪي ساڳئي سال ۱۹۲۳ع ۾ انگورا پهتس. منهنجي انهيءَ سفر لاءِ ماسڪو واري ترڪي سفير ۽ روس جي وزارت خارجه سفر جو رستو مقرر ڪري ڏنو. ممڪن آهي ته برطانيه جي ڪارندن کي ان جو پتو نه پيو هجي. (هي به غلط آهي ته آءٌ استنبول ان وقت پهتس جڏهن فرانس ۽ برطانيه جي متحده قوت ان تي قابض هئي) اٽڪل ۳ سال ترڪيءَ ۾ رهيس. مان اتحاد اسلامي تحريڪ جو پورو پورو مطالعو ڪيو. مگر مون کي مستقبل قريب ۾ ان لاءِ ڪوبه مرڪز نظر نه آيو. تنهن ڪري مان ترڪن جي وطني خدمت وانگر پنهنجي اسلامي تحريڪ کي انڊين نيشنل ڪانگريس ۾ شامل ڪرڻ ضروري سمجهيو ۽ ڪانگريس ۾ پنهنجي اصول جي هڪ مستقل پارٽيءَ جو پروگرام ڇاپي ڇڏيو، جنهن ڪري منهنجي تحريڪ هر هڪ مخالف انقلاب کان محفوظ رهي سگهي ٿي. اسان جو پروگرام يورپ کي ان نموني ۾ اسلام جي تعارف ڪرائڻ ۾ منهنجو خيال آهي ته آءٌ پنهنجي استاذ الاستاذ ۽ پنهنجي امام مولانا محمد قاسم ديوبنديءَ جي هڪ قلبي خواهش کي پوري ڪرڻ ۾ عملي جامه ڍڪائي رهيو آهيان. انهيءَ پروگرام کي ترڪي پريس مان شايع ڪرڻ لاءِ انگورا حڪومت کان اجازت وٺڻي پئي. جنهن کي پهريائين وزارت خارجه ٻه جدا جدا ترجمه ڪرائي جيستائين حرف بحرف نه پڙهيو تيستائين اجازت نه ڏني. ڪي هندو دوست اردو پڙهي نه ڄاڻيندا هئا تنهن ڪري انهن جي سهوليت لاءِ پروگرام جو انگريزيءَ ۾ به ترجمو ڪرايم. استنبول جي رهڻ واري زمانه ۾ لالا لڄپت راءِ سان تبادله خيالات ٿيو. اهڙيءَ طرح ڊاڪٽر انصاريءَ سان به چڱيءَ طرح ڳالهيون ٿيون، اسان جا هي ٻئي بزرگ نه انهيءَ پروگرام کي قبول ڪري سگهيا ٿي ۽ نه وري ان جو چڱو بدل ٻڌائي سگهيا ٿي، ڪوشش ڪندا ته اسان کي هزار ٻه هزار سال گذريل زمانه ڏانهن وٺي وڃن، يقيناً پنڊت جواهر لال نهروءَ هڪ فقره ان جي پسنديدگي تي لکيو. اهو منهنجي لاءِ خوشيءَ جو ڪارڻ آهي. مان پنهنجي پروگرام ۾ عدم تشدد کي ضروري ٺهرايو آهي. ان ۾ مهاتما گانڌيءَ جا ممنون آهيون ۽ عدم تشدد جي اخلاقي حيثيت کي ڄاڻان ٿو. انهيءَ بنياد تي پوليٽيڪل پروگرام جي تربيت ۽ اهميت مهاتما گانڌيءَ کان سکي. هُن اسان کي حضرت مسيح جي تعليم جي يادگيري ڏياري آهي جا اسان وساري چڪا هئاسين. مون کي اهو به پتو آهي ته اسلام جو پهريون دور انهيءَ سياسي اصول تي عامل هو، دانائيءَ جي ڳالهه مؤمن جي وڃايل وٿ آهي پوءِ جتي به هٿ اچيس ته اهوئي ان جو مالڪ آهي. مڪه معظمه ۾ پهچڻ ۱۳۴۴هه ۾ حج جي موسم ۾ مڪه معظمه ۾ خلافت ڪانفرنس منعقد ٿيڻ واري هئي ۽ منهنجا سمورا دوست ان ۾ اچڻ وارا هئا. مان هنن جي ملاقات لاءِ ترڪيءَ مان اٽليءَ جي رستي مڪه معظمه پهچڻ جي ڪوشش ڪئي. مگر ڪانفرنس ختم ٿيڻ کان پوءِ صفر ۱۳۴۵هه ۾ پهتس. آءٌ پنهنجي پوزيشن کي صحيح نموني ۾ ڄاڻيندو هوس. تنهن ڪري حجاز گورنمينٽ کي يقين ڏياريم ته آءٌ هتي ڪابه سياسي پروپيگنڊا ڪانه ڪندس، جنهن مون تي اعتماد ڪيو ۽ انهيءَ اعتماد سبب آءٌ بلڪل محفوظ رهجي ويس. مان جيڪڏهن ڪنهن وقت ڪنهن ٿورڙي امداد جي گهر ڪئي ته حڪومت ان کي پورو ڪيو ۽ منهنجي پنهنجي نموني ۽ پنهنجي مٿي رهڻ ۾ حڪومت جا اهلڪار حارج نه ٿيا تنهن ڪري هو منهنجي پاران تمام گهڻي شڪريي ۽ دعا جا حقدار آهن. جزاهم الله تعاليٰ خيراً مڪي جا علماءَ مون کي مڪي وارن مان ٽن هندوستاني ۽ هڪ عرب خاندان خاص طرح علمي امداد پهچائي، سڀ کان پهريائين شيخ عبدالوهاب دهلويءَ (حاجي علي جان وارا)، ٻيو شيخ عبدالستار بن عبدالوهاب دهلوي، ڪتبي مرحوم، ٽيون حضرت ابو اشرف مجدديءَ انهن جي ڪتب خانن مان فائدو ورتم. عرب خاندان مان منهنجي شيخ محمد بن عبدالرزاق حمزه شيخ دارالحديث ۽ شيخ ابو السمح امام الحرمين جو خاندان آهي. منهنجو علمي شغل آءٌ اٽڪل ۱۲، ۱۳ سالن کان قرآن عظيم ۽ حجة الله البالغه جو نهايت اونهي نظر سان مطالعو ڪندو رهيس. قرآن عظيم جي تفسير ۾ جيتريون جايون به مشڪل هيون تن کي مان امام ولي الله دهلويءَ جي اصول تي اطمينان سان حل ڪندو رهيس. جيڪي ماڻهو امام ولي الله دهلويءَ کي اسان وانگي نٿا مڃين اسان تن جي اطمينان ڏيارڻ جي دعويٰ ڪري نٿا سگهون. پر مون کي پنهنجي اصول تي قرآن عظيم ۾ قابل عمل نصاب تعليم نظر آيو ۽ ان معاملي ۾ هن تجلي ريز مقدس مقام (مڪه معظمه) جو تاثير ضرور قبول ڪرڻو پوي ٿو. ان زماني ۾ امام ولي الله دهلويءَ جي مشهور ڪتابن جو خاص طور مطالعو جاري رکيم. مثلاً بدور بازغه، خير ڪثير، تفهيمات الاهيه، سطعات، الطاف القدس، لمعات وغيره. انهن ڪتابن جي سمجهڻ لاءِ ڪنجيءَ طور مان مولانا رفيع الدين دهلويءَ (ولد امام ولي الله) جو ڪتاب تڪميل الاذهان ۽ (مولانا محمد اسماعيل شهيد امام ولي الله جي پوٽي جو) ڪتاب عبقات ۽ مولانا محمد قاسم جي ”قاسم العلوم“ ۽ ”تقرير دل پذير“ ۽ ”آب حيات“ کي استعمال ڪندو رهيس. مون کي انهن ڪتابن جي پڙهائڻ جو موقعو به مليو ۽ ان سان گڏ قرآن عظيم جو درس به جاري رهيو، جنهن ڪري منهنجا نظريا بلڪل وسيع ٿي ويا. (ف لله الحمد) امام ولي الله دهلويءَ جي حڪمت جيڪڏهن مون کي اجازت ڏني وڃي ته آءٌ هن ريت ظاهر ڪريان ته آءٌ امام ولي الله دهلويءَ کي حڪمت جو مجتهد مستقل فرض ڪريان ۽ امام عبدالعزيز (ولد امام ولي الله) ۽ مولانا رفيع الدين دهلويءَ کي مجتهد منتسب جو درجو ڏيان ۽ مولانا محمد اسماعيل شهيد ۽ مولانا محمد قاسم کي مجتهد في المذهب جي درجي تي تسليم ڪريان، ان کان پوءِ مان هڪ اهڙو اسڪول قائم ڪري سگهان ٿو جنهن ۾ (الف) قرآن عظيم (ب) سنت رسول الله ﷺ ۽ سنت خلفاءِ راشدين (ج) تاريخ اسلام جي پوريءَ ريت عقلي تشريح موجود هجي. ان کان پوءِ دنيا جي سمورن مذهبن ۽ سندن مقدس ڪتابن جي تحقيق ۽ تطبيق به انهيءَ اصول تي آسان ٿي سگهي ٿي. (ذالک فضل الله يؤتيه من يشاءالله ذوالفضلٍ العظيم) وطن ڏانهن واپسي سنه ۱۹۳۶ع ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس منهنجي واپسيءَ لاءِ ڪوشش ڪئي ۽ منهنجا سمورا دوست ان جي تائيد ۾ ڪوشش ڪندا رهيا. جنهن ۾ سياسي مسلڪ جي اختلاف ۽ اتحاد جو ڪوبه خيال ڪونه رکيو ويو، انهيءَ ڪوشش جو هي نتيجو نڪتو جو مون کي پهرين نومبر ۱۹۳۷ع ۾ وطن واپسي جي اجازت ملي وئي ۽ پهرين جنوري سنه ۱۹۳۹ع ۾ پاسپورٽ ڏيڻ جو فيصلو ٿي ويو پر حج جي موسم مٿان اچي وئي هئي تنهن ڪري حج جي عبادات کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ واپسيءَ جو ارادو آهي. وطن پهچڻ کان پوءِ منهنجو پروگرام قريب قريب هيٺين ريت هوندو: (۱) اسان نيشنل ڪانگريس جا معمولي ميمبر ٿي رهنداسين ته جيئن عدم تشدد جي متعلق اسان جي جوابداري قومي قانون هيٺ اچي وڃي ۽ اسان پريشان دماغ دوستن جي پريشان ڪندڙ حرڪتن کان بچي وڃون. مگر اسان ڪانگريس جي ڪنهن به پارٽيءَ سان عملي حصي ۾ شرڪت ڪانه ڪنداسين. (۲) اسان جو محبوب مشغله امام ولي الله جي تعليم جي اشاعت جو هوندو. اسان علم وارن مان اعليٰ طبقه کي ان ڏانهن متوجه ڪندا رهنداسين جنهن ۾ ديني عالم ۽ جديد تعليم يافته ٻئي مخاطب هوندا، جيڪڏهن ڪوبه غيرمسلم هندو يا عيسائي آزاد خيال وارو انهيءَ فلسفه جو مطالعو ڪرڻ پسند ڪندو ته اسان ان جي پوري امداد ڪنداسين. (۳) جڏهن به حالات سازگار ٿيا تڏهن اسان نيشنل ڪانگريس ۾ فلسفه امام ولي الله جي روشنيءَ ۾ پنهنجي هڪ مستقل پارٽي تيار ڪنداسين جيڪا عام تعليم ۽ اقتصاد جي مسئلن تي قائم هوندي. والله هو الموفق والمعين. منهنجا تجربا ۽ مشاهدا اهو ضروري نه آهي ته انسان جنهن شيءِ جي تمنا رکي، ان جو مقصد جيڪڏهن خواهش واري صورت ۾ ئي پورو ٿئي ته انهيءَ کي ڪامياب سمجهيو وڃي. ڪن وقتن ۾ اهڙيون حالتون به پيش اينديون آهن جو انسان ڪنهن ڳالهه ۾ پاڻ کي ناڪام سمجهندو آهي پر انهيءَ صورت ۾ به جيڪڏهن سندس محنت صحيح ۽ سوچيل سمجهيل پروگرام تي عمل ۾ آئي آهي ته اها ڪڏهن به ضايع نه ٿي وڃي، پر ان تجربي کي حاصل ڪري پوءِ آئنده ٻئي ڪنهن شئي ۾ اهو نقصان پورو ڪري سگهي ٿو ۽ اڳتي انهيءَ قسم جي غلطين کان بچڻ جي هڪ مستقل شڪتي پڻ پيدا ٿي وڃي ٿي جيڪا عظيم الشان نتيجا پيدا ڪري سگهي ٿي. مون پنهنجي زندگيءَ جي مختلف راهن تي ڇا ڇا حاصل ڪيو آهي. اڄ مختصر نموني ۾ ان جي واقفيت ڪرائڻ گهران ٿو. هت جيون جي سفر جي نتيجن جو سمورو ذڪر ڪرڻ منهنجو مقصد نه آهي البته ٿورا اهڙا واقعا ۽ فڪر بيان ڪنداسون جن ۾ هڪ خاص قسم جو سلسلو هوندو جو ايندڙ مسئلن جي حل ڪرڻ ۾ ڪجهه مدد ڏئي سگهندو. مون پنهنجي جيون جي سفر جون اٺ منزلون بڻايون آهن: (۱) گهر ۽ اسڪول جي زندگي (۲) ديني علم حاصل ڪرڻ ۽ ان جي تڪميل ڪرڻ (۳) عملي پروگرام جو تعين ۽ ان کي سوڀارو بڻائڻ جي ڪوشش (۴) ڪابل ۾ قيام (۵) ماسڪو ۾ قيام (۶) استنبول ۾ قيام (۷) مڪي شريف ۾ قيام (۸) وطن ڏانهن واپسي. پهرين منزل: گهر ۽ اسڪول ۾ ۱۲۸۹هه (۱۸۷۲ع) کان ۱۳۰۴هه (۱۸۸۷ع) تائين (۱) اسڪول جي شاگرديءَ جي زماني ۾ تحفة الهند ۽ تقويت الايمان جي لڳاتار مطالعي سان اسلام جي حقانيت جو يقين حاصل ٿي ويو. (۲) سمجهيم ته ڪنهن کي به اسلام جي صحيح تعليم جي ضرورت هجي ته ان کي قرآن ۽ حديث پڙهڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته قرآن ۽ حديث ۾ اصلي تعليم محفوظ آهي. (۳) عام مسلمانن ۾ هندن وانگر غلط رسمون رائج ٿي ويون آهن جن جو اسلام سان لاڳاپو ڪونه آهي. (۴) مولوي محمد لکويءَ جي ڪتابڙي ”احوال الاخرت“ جي پڙهڻ سان عمل ۽ همت ۾ تيزي ايندي وئي. ٻي منزل ديوبند ۽ سنڌ ۾: ۱۳۱۵هه (۱۸۹۷ع) تائين (۱) دارالعلوم ديوبند ۾ شروعاتي علم حاصل ڪرڻ (۲) حضرت مولانا شيخ الهند جي خدمت ۾ حديث ۽ فقهه جي تڪميل (۳) مولانا محمد قاسم رحه جي حڪمت عمليءَ جي واقفيت ۽ محبت (۴) سندس عملي طريقي کي پنهنجو مرڪزي فڪر بڻائڻ (۵) سنڌ ۾ علمي مطالعو ۽ تحقيق (۶) ڪتاب ”حجة الله البالغه“ تي پورو ڀروسو ڪرڻ ۽ ان جي برڪت سان اطمينان حاصل ٿيڻ (۷) ڪتابڙي ”الفوزالڪبير“ جي اصول تي قرآن عظيم تي غور ڪرڻ (۸) حجة الله البالغه جي بنياد تي هر هڪ سورة جي آيت ۾ لاڳاپو پيدا ڪرڻ. (۹) قرآن عظيم جو (اڳين) ”سمورن دينن کي ميٽي ڇڏڻ“ واري حڪمت جو راز کلي پوڻ. ٽين منزل: سنڌ، ديوبند ۽ دهليءَ ۾ ۱۳۳۳هه (۱۹۱۵ع) تائين (۱) حضرت مولانا محمد اسماعيل شهيد ؓ جي اصول تي ننڍين ننڍين جماعتن جي تياري (۲) حضرت مولانا شيخ الهند جي نظام تي جماعت جي اعليٰ فردن جي تياري (۳) سنڌ ۾ دارالرشاد جو بنياد رکڻ (۴) دارالعلوم ديوبند ۾ جمعيت الانصار جو سيڪريٽري ٿي رهڻ (۵) دهليءَ ۾ نظارت المعارف جو برپا ڪرڻ. چوٿين منزل ڪابل ۾ ۱۳۴۰هه (۱۹۲۲ع) تائين (۱) ڪابل ۾ امير حبيب الله جي درٻاري سوسائٽيءَ جو اعتماد حاصل ڪرڻ (۲) عملي سياست جي صحيح واقفيت حاصل ڪرڻ (۳) پوري يقين سان هڪ فڪري انقلاب پيدا ٿي ويو ته جيڪڏهن هن زماني جا مسلمان بادشاهه پنهنجون ڪمزوريون دور ڪري سگهندا ته انهن جي حڪومت جي طرز بهر صورت يورپين هوندي. دهليءَ وارو پراڻو نظام اڄ نه هلي سگهندو. (۴) امير حبيب الله خان هڪ سڌاري پسند ۽ وڏي ارادي وارو بادشاهه هيو. هن جنهن قسم جو انقلاب آڻڻ گهريو ٿي ان جو مون گهرو مطالعو ڪيو آهي. جيتري قدر مون سمجهيو آهي تنهن موجب سندس خيال ۾ يورپ جي نون اصولن تي فوجي طاقت پيدا ڪرڻ جي ضرورت هئي، ان کان بي پرواهي ڪرڻ ناممڪن هئي. انهيءَ ڪري امير حبيب الله يورپ جي پيرويءَ تي مجبور هو. (۵) امير حبيب الله خان جي حڪم يا مشوري سان مان انڊين نيشنل ڪانگريس ۾ شامل ٿي ويس. ڪابل ۾ انقلابي هندو (به) موجود هئا جن اسان کي ڪم ۾ شريڪ بڻائڻ گهريو. (۶) ڪابل جي تفصيلي حالتن سمجهڻ کان پوءِ مون کي خبر پئي ته ديوبندي نظام جيتريقدر هندوستاني مسلمان کي فائدو پهچايو آهي جنهن ڪري هنن پنهنجي مرڪزيت محفوظ ڪري ڇڏي آهي، تنهن کان وڌيڪ فائدا هن (ديوبندي) نظام افغانستان کي پهچايا آهن. افغاني حڪومت ۽ قبيلن جي سردارن ۾ اهڙا ماڻهو تمام ٿورا هوندا جن ديوبند کان فيض حاصل نه ڪيو هوندو. مگر اُهي پاڻ کي ديوبندي ظاهر نه ٿا ڪن. منهنجي آڏو ڪيترن ئي تجربن کان پوءِ جيڪي نتيجا سامهون آيا تن مان هي يقين پيدا ٿيو ته اسان جا نوجوان، ڪاليج ۾ پڙهيا هجن يا ديوبند ۾ هنن جو جيڪڏهن آزاد زندگيءَ جي پروگرام ۾ ڪنهن به ٻي قوم سان مقابلو ٿيندو ته هو ڪنهن به ٻي قوم کان پٺتي نه رهندا. هن ۾ مسلم قومون ۽ يورپين قومون ٻئي هڪ جهڙيون آهن. حقيقت ۾ انهيءَ تجربي منهنجي ذهنيت ۾ هندستانيت جو انقلاب پيدا ڪيو آهي. اڳتي هلي دولت عثمانيه جي شڪست سان اتحادِ اسلام جو مرڪز يا خلافت باقي نه رهي. انهيءَ ترڪن وانگر پنهنجي هندوستاني مرڪز تي اعتماد سيکاريو. (جيئن ترڪن دنيا جي مسلمانن کي ڇڏي پاڻ تي اعتماد ڪيو.) پنجين منزل ماسڪو ۾ ۱۳۴۱هه (۱۹۲۳ع) تائين (۱) انقلاب جي ڪاميابيءَ لاءِ پارٽي ڊڪٽيٽرشپ ضروري آهي. (۲) جنگ يا ٻئي ڪنهن حادثي جي ڪري جيڪڏهن حڪومت ڪمزور ٿي وڃي ته ان حالت ۾ ڪمزور جماعتن کي عوام جي کاڌي جي سوال جو بندوبست سڀ کان پهريائين پاڻ تي کڻڻ گهرجي. ايئن ڪرڻ سان اُها جماعت حڪومت تي قابض ٿي ويندي. (۳) جيڪڏهن هڪ ديندار جماعت، هڪ ظالم طاقت سان ظلم جي پٺڀرائي ڪندي ۽ ان جي مقابلي ۾ ٻي هڪ بي دينن جي جماعت عوام تان ظلم ختم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندي ته اها بي دينن واري ٽولي ديني جماعت تي غالب پئجي سگهي ٿي پر انهيءَ کي اسان بي دينيءَ جو غلبو نه ٿا سمجهون. ڇاڪاڻ جو امام ولي الله دهلويءَ جي اصول موجب پيٽ جي تنگي يا مالي مشڪلاتن واري ظلم جو ملڪ مان دور ڪرڻ سمورن آسماني دينن جو بنيادي مقصد آهي. (۴) ماسڪو جي سوسائٽي جي مطالعي کانپوءِ اسان امام ولي الله دهلويءَ کي سياست ۾ پنهنجو مستقل امام مڃون ٿا (۵) جيڪڏهن ڪنهن به انقلابي بي دين جماعت پاران اسلام تي حملو ٿئي ته اسان امام جي اصول جي پابنديءَ سان نوجوانن کي اسلام جي طرف کان پوري پوري مدافعت ڪرڻ جا طريقا سيکاري سگهون ٿا. ڇهين منزل: استنبول ۾ ۱۳۴۴هه (۱۹۲۷ع) تائين (۱) مون تي هيءَ حقيقت ظاهر ٿي ته هندوستاني مسلمان جي پٺتي رهجي وڃڻ جو اصلي سبب هي آهي ته هو حالتن کان ناواقف رکيا ويا آهن. مان ڏاڍو حيران ٿيس جڏهن ڏٺم ته دارالخلافه جو ننڍو وڏو ماڻهو يورپين زندگي گذاري رهيو آهي ۽ خليفة المسلمين ۽ سندس گهراڻو اٽڪل ٻن سؤ سالن کان يورپ جي مٿانهين سوسائٽيءَ جي رسمن ۽ عادتن جا پابند آهن، پر اسان جي ملڪ ۾ بهترين عالمن جو هڪ طبقو يورپين رهڻي ڪهڻيءَ کي اسلام جي ابتڙ سڏي رهيو آهي. (۲) هڪ اهڙي مسلم (ٿورائيءَ واري) قوم جيڪا غير مسلم اڪثريت جي گهيري ۾ آيل آهي تنهن جو پهريون فرض هي آهي ته: (الف) هن جو هر مرد ۽ عورت تعليم يافته هجي (ب) هن جو هر مرد يا عورت ڪانه ڪا فوجي خدمت ادا ڪرڻ جي مهارت پيدا ڪري. (ج) هو قوم جي غيرمسلمن سان گڏجي رهڻ لاءِ پنهنجي حال آهر هڪ قومي پروگرام ٺاهي. (۳) ڳوٺاڻن کي سندن مادري زبان ۾ تعليم ڏيڻ گهرجي. لکڻ جو طريقو جيستائين ممڪن ٿي سگهي اوترو سؤلو اختيار ڪرڻ گهرجي. اسان جي زماني ۾ رومن ڪيريڪٽر ۽ ٽائيپ رائيٽر جي مدد سان گهڻو ئي ڪجهه آسان ٿي ويو آهي. ان کي انٽرنيشنل پوزيشن حاصل آهي. انهيءَ ڪري ترڪن ان کي اختيار ڪيو. انور پاشا مرحوم فوجين جي جبري تعليم لاءِ لکڻ جو هڪ نئون طريقو ايجاد ڪيو هو. هڪ اهڙو واقعو پيش آيو جو اڻ آزمودگار منشين جي ٿوري غلطيءَ جي ڪري هڪ پوري فوج تباهه ٿي وئي. ان (واقعي) کان پوءِ ان (لکڻ جي نموني) کي ڇڏيو ويو. اسان هتي ويهي، سنڌ ۾ ترڪيءَ (جهڙن) سڌارن جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي: (الف) هن تعميري ڪم واسطي اسان ڊومينين اسٽيٽس جو پروگرام ٺاهيو آهي. (ب) سمورن مذهبي ۽ معاشي جهڳڙن کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان يورپين ازم کي آخري علاج ڪري مڃيو آهي. (ج) بيدينيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان يورپين ازم کي آخري علاج ڪري مڃيو آهي. (ج) بيدينيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان امام ولي الله جي فلسفي کي پنهنجي پارٽيءَ جو بنيادي اصول (ڪري) قبول ڪيو آهي. انڊين نيشنل ڪانگريس ۾ گانڌي ازم جي خلاف هيءُ پهريون ئي آواز آهي، ان کان پوءِ سوشلسٽ آهن. ستين منزل: مڪه معظمه ۾ ۱۳۵۶هه (۱۹۳۹ع) تائين (۱) سڀ کان پهريائين اسان مڪي معظمه ۾ حڪومت سان هڪ ڪانگريسيءَ جي حيثيت ۾ پنهنجو تعارف ڪرايو، جنهن جو اسان کي هيءُ فائدو ٿيو جو هندوستاني مسلمانن جي پاڻ ۾ مذهبي جهڳڙن ۾ اسان غيرجانبدار ليکجڻ ۾ آياسون نه ته مون لاءِ اُتي سخت مشڪلات پيدا ٿي پوي ها. (۲) حرم شريف ۾ مون امام ولي الله جي حڪمت پڙهائڻ شروع ڪئي جنهن ۾ چڱي درجي جا عالم شريڪ ٿيندا رهيا. خاص ڪري جاوي مسلمانن وڌيڪ دلچسپي ڏيکاري. (۳) مون امام ولي الله جي فلسفي جو اونهو اڀياس شروع ڪري ڏنو، سموري قرآن شريف جي تفسير تي نظرثاني ڪندو رهيس جنهن ڪري مون کي پنهنجا جهونا ساٿي به نه ٿا سڃاڻي سگهن. (۴) علامه موسيٰ جارالله آفنديءَ منهنجي تفسيري بيانن کي لکت ۾ آندو آهي، پر مان ان کان پوءِ به لڳاتار غور ڪندو رهيس، وقتاً فوقتاً عجيب عجيب حقيقتون ظاهر ٿينديون رهنديون آهن. افسوس اٿم جو منهنجن پراڻن ساٿين ۾ ڪوبه وڏي همت وارو ڪونه رهيو آهي جو منهنجي مطالعي ۽ ڄاڻ کي ٻڌي. اهڙيءَ ريت پنهنجي سياسي پروگرام ۾ جيڪو يورپ ۾ ڇپجي چڪو آهي ان ۾ به مان گهڻي اصلاح ڪري چڪو آهيان. (۵) مون کي ممڪن نظر نه آيو ته مان هندستان کان ٻاهر ويٺو رهان ۽ منهنجي خيالن کان فقط محدود ٽولي واقف ٿيندي رهي، تنهن ڪري جڏهن وطن واپس اچڻ جو موقعو مليو ته مان اُهي سموريون پابنديون پنهنجي فيصلي مطابق قبول ڪيون جيڪي گورنمينٽ طرفان مون کي پيش ڪيون ويون، اهڙيءَ ريت منهنجي واپسي آسان ٿي وئي. (۶) مون مڪي معظمه مان خط لکيو ته ڪانگريس کان ٻاهر رهي ڪو به سياسي ڪم نه ڪندس. سمجهو ته مسلم ليگ، جمعيت العلماء، احرار، خاڪسار وغيره تحريڪن کان واسطو ٽوڙي ڇڏيم. مان ڪانگريس اندر گانڌي پارٽي کي سرمائيداري ۽ برهمڻ ازم جو مجموعو سمجهان ٿو ۽ ماسڪو واري بي دين پروگرام کان فارع ٿي چڪو آهيان. انهيءَ ڪري ٻنهي پارٽين کي قبول نه ٿو ڪريان ۽ جڏهن ڪو موقعو مليو تڏهن پنهنجي مستقل پارٽي ٺاهيندس. اٺين منزل: وطن ۾ واپسي ۱۹۳۹ع ۾ ۷مارچ ۱۹۳۹ع تي ڪراچيءَ پهتس ۽ ۱۰ ڊسمبر ۱۹۳۹ع تي جمنانربدا سنڌ ساگر پارٽي (ٺاهڻ) جو اعلان ڪيم، اهو اُهو ئي پروگرام آهي جنهن جو خاڪو ترڪيءَ ۾ ٺاهيو هيم، نومبر ۱۹۴۰ع ۾ جامعه مليه (دهليءَ) ۾ شيخ الهند جي ياد ۾ بيت الحڪمت جي ڪوشش شروع ڪئي وئي، انهن ٻنهي تحريڪن جو تفصيلي پروگرام جدا ملي سگهندو. ۲۰ فيبروري ۱۹۴۲ هندي بيت الحڪمت قاسم العلوم لاهور مولانا عبيدالله سنڌي تاريخ ساز شخصيت عرفان ڪريم مغل مولانا محمود الحسن جي شفقت ۾ ڪيترائي عالم اڪابر دارالعلوم ديوبند مان فارغ ٿي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي ويا، انهن مان هڪ مولانا عبيدالله سنڌي پڻ هو. ۱۸۵۷ع جي انقلاب کانپوءِ هندوستان جي مسلمانن جي طاقت ٻن ڀاڱن ۾ ورهائجي وئي، هڪ جو مرڪز عليڳڙھ هو ۽ ٻئي جو مرڪز ديوبند ٿيو، عليڳڙھ مسلم ليگ پيدا ڪئي ۽ ديوبند جمعيت العلماءِ هند پيدا ڪئي. انهن عالمن اڪابرن پوري دنيا ۾ پنهنجي علم جي روشني جي ذريعي انقلاب جي باھ ٻاري ۽ شعور ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪئي، جن ۾ مولانا حسين احمد مدني، مولانا ابوالڪلام آزاد، مولانا عبدالحق، مولانا عبيدالله سنڌي شامل آهن. پنجاب جي علائقي چيانوالي، ضلعي سيالڪوٽ جي سک گهراڻي رامسنگ جي گهر ۾ ۱۰ مارچ ۱۸۷۲ع تي هڪ ٻار پيدا ٿيو، جنهن جو نالو بوٽا سنگھ رکيو ويو، سندس ڏاڏي جو نالو چسپتراءِ، ۽ سندس پڙڏاڏي جو نالو گلاب راءِ هو. سکن جي حڪومت جي دور ۾ گلاب راءِ پنهنجي ڳوٺ جو مختيارڪار هو. سندس خاندان جو اصلي پيشو سونارڪو هو پر ڪنهن وقت کان هڪ حصو سرڪاري نوڪريءَ ۾ لڳي ويو، ۽ انهن ۾ ڪيترا شاهوڪار وياج تي پيسو ڏيڻ جو ڌنڌو ڪندا هئا. بوٽا سنگھ جي ڄمڻ کان چار مهينا اڳ ئي وفات ڪري ويو هو، ٻن سالن کان پوءِ سندس ڏاڏو به گذاري ويو. جنهن بعد بوٽا سنگھ کي سندس والده پنهنجي يتيم ٻارڙن سميت پيڪن جي گهر ڄامپور ضلعي ڊيري غازي ۾ آئي. ننڍڙي بوٽاسنگهھ کي ڇهن سالن جي ڄمار ۾ اسڪول ۾ ويهاريو ويو. هي اسڪول ۾ ذهين ٻار ليکيو ويندو هيو. هن کي ڪتابن پڙھڻ سان ننڍي عمر ۾ شوق هيو. ان وقت پاڻ اٺين جماعت ۾ پڙهندو هو، ۱۸۸۴ع ۾ کيس هڪ دوست ڪتاب“تحفةالهند”نالي پڙھڻ لاءِ ڏنو، جيڪو هڪ نئين مسلمان ٿيل سک جو لکيل هيو. جيڪو اسلامي تعليمات تي لکيل هيو. هن ڪتاب ننڍڙي بوٽاسنگھه جي ذھن ۾ ولولو پيدا ڪري وڌو. اسلام جي توحيد پرستي کيس متاثر ڪيو ۽ وڌيڪ ڪتاب پڙھڻ لڳو. پنجاب مان نڪري سنڌ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڀرچونڊيءَ۾ حافظ محمد صديق سميجي جي هٿ تي بيعت قبول ڪري اسلام جي حلقي ۾ داخل ٿيو، سندس نالو ڪتاب جي مصنف جي نسبت سان عبيدالله رکيو ويو. سندس سنڌ ۾ ڪوئي مٽ مائٽ نه هيو، هن حافظ کي پنهنجو ابو سڏيو ۽ پنجابي قوميت جو چولو لاهي سنڌي قوميت جو پهراڻ بدن تي پهريو، سنڌ کي پنهنجي امڙ بڻايو. ان ڏينهن کانپوءِ تاريخ ۾ شخصيت نمودار ٿي جنهن کي اڄ پوري دنيا ۾ “مولانا عبدالله سنڌي”جي نالي سان سڄاتو وڃي ٿو. سال ۱۹۲۲ع ۾ پاڻ ماسڪو مان ٿيندو ترڪيءَ جي دوري تي ويو، روس جي دوري دوران ڪميونسٽ اڳواڻ لينن سان ملاقات جي حوالي سان ڪجھ مورخ لکن ٿا ته مولانا عبيدالله سنڌي سان ملاقات ٿي هئي ڪي مورخ لکن ٿا لينن بيمار هئڻ جي ڪري ملاقات نه ٿي سگهي. مولانا علم جو ڄاڻو، ذهين شخصيت جو مالڪ هو. روس جي حڪومت مولانا کي پنهنجو معزز مهمان ڪري ڄاتو، ۽ کين مطالعو ڪرڻ لاءِ هر قسم جي سهوليت ڪري ڏنائون، انهيءَ مطالعي جو نتيجو اهو ٿيو، جو مولانا جن پنهنجي مذهبي تحريڪ (جا امام شاھ ولي الله دهلويءَ جي فلسفي تي مبني آهي) کي هن زماني جي لادينيءَ جي حملي کان محفوظ رکڻ لاءِ تدبيرن سوچن ۾ ڪامياب ٿيا. جنهن بعد مولانا انگورا ويا. ترڪيءَ جي سفير ۽ ماسڪو جي وزارت خارجه- ٻنهي گڏجي مولانا لاءِ سفر جو رستو آسان ڪري ڏنو. برطانوي جاسوسن کي انهيءَ راز جي بلڪل خبر ڪانه هئي. مولانا جن ساندھ ٽي سال ترڪيءَ ۾ رهي، تحريڪ اتحاد اسلاميءَ جو تاريخي مطالعو ڪيو. حضرت مولانا يورپ مان ٿيندا مڪه معظمه پهتا، ۽ ساندھ ٻارهن سال مڪه معظمه ۾ رهيا پر حڪومت سان سندن ڪوبه تعلق ڪونه هو، نه وري مولانا جن ڪو سياست ۾ بهرو وٺندا هئا. مولانا جن فرمائيندا هئا ته ’اسان خانه ڪعبه ۾ اچي امن ورتو آهي‘. اتي مولانا صاحب جن ڀوپال جي رباط ۾ رهندا هئا، ۽ پنهنجي هميشه واري دستور موجب توڪل واري زندگي بسر ڪندا هئا. اسلامي دنيا جا ڪيترائي عالم ۽ هندستان جا انگريزي خواندا کانئن قرآن حڪيم جو درس وٺندا هئا. مڪي معظمه جي حرم جو پيش امام ۽ ٻيا علماء ڪرام، جي جامع ازهر جا فارغ التحصيل هوندا هئا، اهي به مولانا مرحوم وٽ قرآن حڪيم جو درس وٺندا هئا. روس جو عالم موسيٰ جارالله جڏهن مڪه معظمه ۾ آيو، ته مولانا جو درس ٻڌي گرويده ٿي پيو ۽ مولانا صاحب کان درس وٺندو رهيو. مولانا صاحب ترڪي جي دوري دوران ۱۹۲۴ع ۾ هڪ مقالو“سرواجيه پارٽي جو منشور”جي نالي سان لکي ڇپائي هندوسان موڪليو، هندوستان جي حڪوت ان جي داخلا تي پابندي لاڳو ڪئي. ان ۾ مولانا عبيدالله سنڌي لکيو ته:موجوده سرمائيداري نظام کي اسين رد ڪريون ٿا، پر ان جي بدران ڪوبه اهڙو نظام قبول نٿا ڪريون جنهن ۾ مذهب لاءِ بلڪل گنجائش نه هجي ۽ اهو ٿوري انفرادي ملڪيت جي اجازت نه ڏيندو هجي. ڇاڪاڻ ته اسان جي ملڪ جي ۷۲ سيڪڙو آبادي پراڻي زرعي سرشتي هيٺ زندگي گذاري ٿي، عوام ۾ مذهبي رسمون سندن معاشرت جو جزو بڻجي چڪيون آهن. جيڪڏهن انهن ڳالهين جو خيال نه ڪري ڪوبه پروگرام ٺاهيو ويو ته آزاديءَ جي تحريڪ گهڻو پوئتي ڌڪجي ويندي. اسان نئون اقتصادي ۽ سياسي نظام پيش ڪرڻ وقت پنهنجي پارٽيءَ جي ميمبرن لاءِ جيڪي آزاد هند جي نئين حڪومت ٺاهيندا. هي شرط لاڳو ڪيو ويو آهي ته هو پنهنجين ذاتي گهرجن ۽ خرچن کي ملڪ جي وچين هاري طبقي کان مٿي نه وڌائيندا. جيئن حڪومت ۾ سرمائيداريءَ جي ڪهڙي ريت به ٻيهر پيدا ٿيڻ جي گنجائش نه رهي ۽ اسان جي پارٽيءَ بابت هي شڪ نه ٿي سگهي ته ان جو پروگرام فقط پاڻ پالڻ آهي يا هڪ سياسي چال جي حيثيت رکي ٿو. جامعه مليه دهلي ۾“يادگار شيخ الهند”جو افتتاحي خطبي ۾ مولانا فرمايو ته:“اسان نظريا ته اُهي ئي مڃيون ٿا جيڪي امام ولي الله دهلويءَ کان وٺي شيخ الهند تائين اسان جن بزرگن مقرر ڪيا پر اڄوڪي انقلابي دور ۾ انهن عظيم مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پورگرام اسان يورپ کان سکڻ ضروري سمجهون ٿا. جيئن سڀني مشرقي ملڪن ۾ هڪ صديءَ کان ٿي رهيو آهي. جاپان، ترڪي ۽ گذريل جنگ کانپوءِ ايران، افغانستان ۽ سڀني عرب ملڪن ۾ آخر ۾ نيشنل ڪانگريس جا رهنما سڀ يورپ کان سکندا رهيا. تنهن ڪري اسان نوجوانن کي پنهنجي علمي نظرين سان گڏجي عملي تجربن سکڻ لاءِ کين يورپين بڻجڻ جي دعوت ڏيون ٿا. ” ڪانگريس جي ضلعي ڪاميٽي ڪانفرنس ۾ افتتاحي تقرير ڪندي مولانا چيو ته؛“مون ٻڌو آهي ته مسلم ليگ جو ڊڪٽيٽر مسٽر محمد علي جناح صاحب بالقابه سنڌي آهي. مان سندد خدمت ۾ آل انڊيا ليڊر جي حيثيت سان نه پر هڪ سنڌي لبرل جنٽيلمين جي حيثيت سان عرض ٿو ڪريان ته جيڪڏهن مون کي ساڻس ملڻ جو موقعو مليو ته مان کيس ٻه ڳالهيون ذهن نشين ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندس. کيس ڪرسي ڇڏي ڌرتيءَ تي ڇو ويهڻ گهرجي؟ فيڊريشن مان اسان جي مراد ڇا آهي؟ مان ڇو فيڊريشن کان سواءِ هندوستان جي ترقي جو ٻيو ڪوبه امڪان ڪونه ٿو سمجهان؟ افسوس آهي جو اسان جي نظر ۾ فيڊريشن کي نه ڪو ڪانگريس ٿي سمجهي ۽ نه ليگ. ڪانگريس کي قائل ڪرڻ لاءِ اسان کي تڪڙ آهي پر ليگ کي پنهنجو نقطه نظر سمجهائڻ اسان ضروري سمجهون ٿا. “ دارالعلوم ديوبند کان موٽي آيا ته مولانا ابوالحسن تاج محمود امروٽي وٽ پهتا، پهريان حافظ محمد صديق ڀرچونڊي وارن ڏانهن ويا جتي خبر پئين ته حافظ محمد صديق فوت ٿي ويو، جنهن بعد مولانا تاج محمد امروٽي وٽ آيا. مولانا ابوالحسن تاج محمود امروٽ کي خيال ڪيو ته مولانا جي شادي ڪرائجي، سو کين سکر ۾ اسلاميه اسڪول جي مولوي ماستر محمد عظيم خان يوسف زئي جي صاحبزاديءَ سان نڪاح ڪرايائون. مولانا جي والده کي به ان وقت گهرايو ويو. ان کان پوءِ سندن والده ساڻن گڏ رهي، ۽ پنهنجي اصلي سک مذهب تي محڪم هئي. مولانا عبيدالله سنڌي پيغام کي عام ڪرڻ جي لاءِ مولانا تاج محمد امروٽي سان گڏجي ماهوار رسالو“هدايت الاخوان”جاري ڪيو. حضرت امروٽي، مولانا جي مطالعي خاطر تمام وڏو ۽ ناياب ڪتبخانو گڏ ڪيو. مولانا جن نهايت ئي اطمينان سان مطالعو ڪندا رهيا، ۽ حضرت جن مولانا کي پنهنجي اولاد وانگر سمجهندا هئا. ڳوٺ پير جهنڊي ضلعي حيدرآباد ۾ راشدي طريقي جي پير صاحبن وٽ ديني علم جو بينظير ڪتبخانو هو. مولانا جن دوران مطالعي ۾ ڳوٺ پير جهنڊي واري پير صاحب ڏانهن به تمام گهڻو ايندا ويندا هئا. مولانا جي مطالعي جي اضافي ۾ ڪتبخاني جو وڏو دخل هو، ان سان گڏ حضرت مولانا جن پير رشيدالدين صاحب جي صحبت مان به مستفيد ٿيا، ۽ ذڪر ”اسماءَ الحسنيٰ”به انهن کان سکيا. هي بزرگ دعوت توحيد ۽ جهاد جو هڪ مجدد هو. حضرت مولانا جن پير ابوالتراب رشدالله صاحب العلم الرابع سان به علمي صحبتون ڪيون. هو صاحب علم حديث جو وڏو عالم ۽ صاحب تصنيف هو. ان کان سواءِ، قاضي فتح محمد نظاماڻي صاحب سان به علمي باري ۾ روح- رهاڻيون ڪيائون. قرآن شريف، حديث ۽ فقه جي تحقيق ۾، حضرت مولانا محمد قاسم صاحب رحه ديوبنديءَ کان ويندي امام شاھ ولي الله رحه دهلويءَ تائين جيڪي به وچ ۾ عالم ٿي گذريا، تن کي مولانا صاحب پنهنجو امام تسليم ڪيو. مولانا صاحب جن ۱۹۱۴ع ۾ دهليءَ ويا، جتي پاڻ ڊاڪٽر انصاري ۽ حڪيم اجمل خان سان گڏجي، ترڪيءَ کي بچائڻ ۽ هندستان کي آزاد ڪرڻ جي تحريڪ ۾ حصو ورتائون. هندستان جو پهريون وزيراعظم جواهر لال نهرو غلاميءَ جي زماني ۾ شايد اٽليءَ ۾ امام سنڌيءَ کي مليو، ان جو ذڪر نهروءَ پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو ته آهي پر ملاقات جو موضوع ۽ تفصيل ڪو نه لکيو اٿس صرف هي لکيو اٿس ته سنڌي صاحب وٽ هر مشڪل مسئلن جو وڏو حل موجود هو. امام سنڌي جڏهن جلاوطني ختم ڪري هندستان واپس موٽڻ لاءِ سعودي حڪومت ۾ برطانيه جي جدي واري قونصل خاني کان ويزا جو مطالبو ڪيو ته قونصلر مولانا جو اهو مطالبو لنڊن موڪليو، انهن لکيو ته هن شرط سان کيس ويزا ڏني وڃي ته هندستان ۾ وڃي ڪو به سياسي عمل نه ڪندو ۽ ان لاءِ ڪو اتان جو ماڻهو بطور ضامن جي به ڏئي ته مولانا اهو شرط قبول ڪيو ۽ ضمانت لاءِ شهيد الله بخش سومرو وزيراعظم سنڌ کي پيش ڪيو. امام سنڌيءَ ڪنفيڊريشن قسم جي صوبائي خودمختياري واري منشور سان نئين پارٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو جنهن کي هو گهڻو هلائي نه سگهيو. ۷ مارچ ۱۹۳۹ع ۾ ۲۳ سالن جي جلاوطني کان واپس اچي ڪراچيءَ پهتو مولانا تان بندش ختم ٿي. ڪراچي بندر تي لٿو سندس استقبال ۾ سنڌ جو وزير اعلى خانبهادر الله بخش سومرو مرحوم گلن جا هار کنيو موجود هو. ۲۳ ورهين جو وڇوڙو ختم ٿيو. وطن واپسي تي ڪراچي ۾ هڪ تاريخي تقرير ڪندي چيو ته:“آءُ انقلاب جو پيغامبر بڻجي هندوستان موٽيو آهيان، اُهو ڏينهن پري ناهي جو برطانيه ۽ آمريڪا وارن کي پاڻ سنڀارڻ مشڪل ٿي پوندو. هن انقلاب کي قيامت کان گهٽ نه سمجهو، مون وڏن وڏن عالمن ۽ وڏن وڏن اميرن کي پنندي ڏٺو آهي، عڳزتن کي لٽجندي ڏٺو اٿم، هي سيلاب ڪو موسمي ڇوپهو ناهي جو آيو ۽ ويو، هي موجوده دور جي تاريخي گهرجن جو قدرتي نتيجو آهي قرآن حق آهي، انجيل حق آهي، تورات حق آهي، جيڪڏهن انجيل کي غلط رنگ ۾ پيش ڪرڻ سان نصارو ڪافر ٿي سگهي ٿو ته هن ملڪ جا مسلمان قرآن پاڪ کي غلط رنگ ۾ پيش ڪرڻ سان ڪيئن ٿا مسلمان رهي سگهن. هاڻي انقلاب جي گحڙي مٿان اچي بيٺي آهي پاڻ سنڀاريو نه ته ميسارجي ويندو. جيڪڏهن زندھ رهڻ گهرو ٿا ته اهڙي فلسفي کي قبول ڪيو، جنهن سان خدا تي ايمان به رهي ۽ غريبن جو ڀلو به ٿئي، جنهن جي ترجماني امام ولي الله دهلوي ڪئي آهي. جڏهن انقلاب غريب جي جهوپڙي کان اٿندو آهي ته اهو اميرن جي محلاتن کي به زمين ۾ ملائي ڇڏيندو آهي، جيڪڏهن اوهان انقلابي بڻجڻ گهرو ٿا ته قرآن ۽ سنت جي طريقي سان انقلابي بڻجو. جيڪڏهن مان مري وڃان ۽ منهنجي مرڻ کانپوءِ ٽن سالن تائين انگريز هندستان مان نه نڪري وڃي ته منهنجي قبر تي اچي چئجو ته انگريز هتي اڃا ويٺو آهي. آءُ توهان کي قبر کان جواب ڏيندس ته مون انگريز جي پاڙ بنياد کان ئي اکيڙي ڇڏي آهي. هنيئر هو هندستان ۾ نه ٿو رهي سگهي ۽ جلد اوهان مون کي ياد ڪندو، آءُ پنهنجي معاملي کي الله جي حوالي ڪيان ٿو. ” وطن واپسيءَ بعد، شاھ ولي الله جي فلسفي جي تشريح ۽ هدايت ڪندو رهيو. ان- فلسفي جي تدريس لاءِ “بيت الحڪمت‘ قائم ڪيائين، “بيت الحڪمت لاهور ۱۹۴۰ع ۾ قائم ٿيو ۽ ۱۵ مارچ ۱۹۴۴ع تي شاھ ولي الله جي فلسفي جي اشاعت- لاءِ “ولي -الله- سوسائٽي لاهور” جو بنياد وڌائين. جلاوطني ختم ڪرڻ کانپوءِ مولانا مسلسل جدوجهد ۾ رهيو، مولانا صاحب جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽي، محمد قاسم ولي الله سوسائٽي، سنڌ ساگر اڪيڊمي، سنڌ ساگر انسٽيٽيوٽ قائم ڪئي. مولانا سنڌي جي ڪتابن ۾“التمهيد في ائمة التجديد“، “شاھ ولي الله ۽ ان جي سياسي تحريڪ”، “شاھ ولي الله- ۽ ان جو فلسفئه محموديه”، “خطبات”، “اردو- شرح حجة الله البالغه ”جلد اول، “مبحث اول و دوئم”، “سلسله تفسير- قرآن” شامل آهن ان کان علاوھ اڪثر مقالا پڻ لکيا. مولانا عبيدالله سنڌي کان انگريز سرڪار ڊنل هئي، جنهن ڪري کيس ڳجهي نموني زهر ڏياريو ويو جنهن جا اثر سندس جسم تي ظاهر ٿيا ۽ رت جون الٽيون اچڻ لڳيون، ۲۲ آگسٽ ۱۹۴۴ع تي پنهنجي ڌيءَ وٽ دينپور تعلقي خانپور(رحيم يار خان) ۾ سندس ساھ جو سڳو ٽٽي پيو، سندس مرڻ کي انگريز قبول نه پئي ڪيو، هڪ ٽيم موڪليائين ته ڏسي اچو ساڳيو شخص ئي پوريو ويو آهي يا هي ٻيو ڪوئي ماڻهو اسان کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ ماريو ويو آهي، ان ڪميٽي رپورٽ ڏني ته واقعي مولانا وفات ڪري ويو آهي، تڏھن وڃي انگريز کي سرير ۾ ساھ پيو هيو. (ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۰ مارچ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل) مولانا عبيدالله سنڌي، سائين عبدالوارث دَل ۽ نياڻين جي تعليم الطاف شيخ منهنجو والد صاحب گل محمد شيخ هڪ عجيب فقير طبيعت جو انسان هو. هو اسان جي ڏاڏي جو اڪيلو پٽ هو... زندگي جا شروع وارا سال هو ڪپڙي پوشاڪ جو شوقين رهيو.... اعليٰ عطر استعمال ڪندو هو، نيرن بعد اوچو سگريٽ وڏي شوق سان ڇڪيندو هو.... پوءِ آمريڪا جي ڪارنيل يونيورسٽي (نيو يارڪ) مان ائگريڪلچر ۾ M. Sc ڪرڻ بعد وڌيڪَ مغربي تهذيب کي فالو ڪرڻ بدران هن مذهبي رخ اختيار ڪيو ۽ بيحد سادگي جي زندگي اختيار ڪئي.... ايتري قدر جو هن ان وقت کان جو کاڌي (هٿ جي اوڄي) جا ڪپڙا پائڻ شروع ڪيا ته ڊپٽي ڪمشنر ٿيڻ جي باوجود هن اها ڊريس قائم رکي. پنهنجي گاڏي نه فقط پاڻ هلائيندو هو پر اسان پٽن سان گڏجي ان کي صاف به پاڻ ڪندو هو. نيڪ ۽ قابل ماڻهن جي هن هميشھ عزت ۽ احترام ڪيو ٿي پوءِ اهي ماڻهو سندس ڪلاس ميٽ سيد غلام مصطفيٰ شاھ ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جهڙا هجن يا اسان جي ٻنيءَ جا غريب هاري الھ رکيو ۽ خانڻن ابڙيجو جهڙا. آچر واري موڪل تي نوڪري تان جڏهن ڳوٺ ايندو هو ته هو پنهنجي ٻني (زمين) تي اسانکي به وٺي هلندو هو..... چوندو هو ته زميندار کي ٻنيءَ تي گهڻي کان گهڻو وقت گذارڻ کپي.... ٻنيءَ لاءِ سڀ کان سٺو ڀاڻ زميندار جي جتيءَ جي دز آهي.... بهرحال اسان لاءِ انهن ڏينهن ۾ ڪار جو چڪر اهم هوندو هو..... پنجين ڪلاس کان وٺي مون ٻنيءَ تي وڃڻ شروع ڪيو هو. ’گل فارم‘ نالي اسانجيون زمينون ۽ باغ هالا ۽ سعيد آباد جي وچ ۾ پڪي رستي تي “ٻاروچي باغ” ڳوٺ کان ميل کن اڳتي “ونجھيرين” جي بس اسٽاپ وٽ آهي. ٻنيءَ جي چڪر بعد بابو اڪثر ڀر وارن ڳوٺن جي وڏيرن، عالمن، ڏاهن ۽ بزرگ شخصيتن سان پاڻ به ملندو هو ۽ اسان پٽن کي به ملائيندو هو. سعيد آباد ڀرسان “ڳوٺ پير جھنڊو” ۾ رهندڙ راشدي پيرن وٽ به ترسندو هو جتي منهنجي ملاقات موجوده گادي نشين پير جھندو سائين عباد الله شاھ جي والد صاحب “پير وهب الله شاھ راشدي” سان ٿي هئي جيڪو منهنجي والد جو هم عمر هو.... اهڙي طرح ڀر وارن ٻين ڳوٺن: شهمير راهو، صابُو راهو، بکر جمالي (جتي جو اڄ ڪلھ وارو اي آئي جي پوليس جمالي صاحب آهي)، وغيره جي ڳوٺن جي ڪن ڪن اهم ۽ والد صاحب جي پسنديده ماڻهن سان ٿيندڙ ملاقاتون اڄ به ياد اٿم. انهن ڏينهن ۾ نه مون وٽ ۽ نه منهنجي والد وٽ ڪئميرا هُئي جو کڻي فوٽو ڪڍجن. ابراهيم منشي نالي بابا جو هڪ دوست جيڪو ٻيلي کاتي جو آفيسر هو، مون فقط ان وٽ ڪئميرا ڏٺي جيڪو اسانجي هالا واري اوطاق تي ايندو هو ته اسان ٻارن جا فوٽو ڪڍندو هو. بهرحال بابا جي ڏينهن وارا من پسند ماڻهو اڄ منهنجي پيءُ وانگر هن جهان ۾ نه رهيا آهن پر انهن جي اولاد سان اڄ به ملاقات ٿيندي رهي ٿي. هتي فقط هڪ، بابا جهڙي سادي طبيعت ۽ نيڪ اخلاق واري انسان مولانا عبدالوارث دَل جو ذڪر ڪرڻ چاهيندس جنهن جي بابا تمام گهڻي تعريف ڪندو هو. آئون به اڄ ڏينهن تائين اهڙن کي نه فقط اهم ۽ نيڪ انسان سمجھان ٿو.... بلڪ عظيم سمجھان ٿو ۽ اهو ئي سوچيان ٿو ته هن جهڙن ماڻهن کي جَسُ هُجي جن گهٽ پگهار ۽ وڏي عيال هوندي به پنهنجن ٻارن کي اعليٰ تعليم جهڙو زيور ۽ اخلاق ڏنو. مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي وانگر سعيد آباد جي هن ماستر عبدالوارث دَل صاحب پنهنجن پٽن سان گڏ نياڻين کي به پڙهايو. هو مولانا عبيدالله سنڌي جو وڏو معتقد هو جنهن جڏهن کيس چيو ته ٻارن کي انگريزي پڙهائڻ ضروري آهي ته هن نه فقط سڀني ٻارن کي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي اعليٰ تعليم ڏياري پر وڏن ٻن ٻارن (نياڻين) کي تعليم ڏيارڻ بعد گهر ۾ ڇوڪرين جو اسڪول هلائڻ لاءِ پڻ چيو. هو هڪ عجيب نيڪ انسان هو جنهن کي مون شروع جي سالن بعدوري سندس زندگي جي آخري سالن ۾ ڏٺو جڏهن سالن جا سال جهاز هلائي، ولايت ۾ نوڪريون ڪري پنهنجي وطن جي مئرين اڪيڊمي ۾ پڙهائڻ آيس ۽ منهنجي رٽائرمينٽ ۾ يعني سٺ سال پورا ٿيڻ ۾ باقي ڪو هڪ سال وڃي بچيو هو. سائين عبدالوارث دَل صاحب هميشه وانگر مولانا عبيدالله سنڌي صاحب جي ڪيل قرآني تفسيرن ۽ ٻين ديني ڪتاب جا بنڊل مٿي تي رکي دڪانن ۽ گهرن ۾ ماڻهن تائين پهچايا ٿي.... هي ڪو هن ڪمائيءَ لاءِ نٿي ڪيو پر بقول اسانجي ڪتابن جي پبلشر علينواز گهانگهري ۽ سنڌ يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر يوسف پرديسيءَ جي ماستر عبدالوارث دَل صاحب جو اهو جهاد يعني (Mission) مِشن هئي.... هو پاڻ به عالم، نيڪ ۽ قرآن جي تعليم جو ڄاڻو هو ۽ هن جي زندگيءَ جي خواهش به اها ئي هئي ته گهر گهر ۾ قرآن جو علم پهچايو وڃي گهر گهر ۾ ديني تعليم عام ڪئي وڃي. هتي ڪجھ سٽون مولانا عبيد الله سنڌيءَ بابت لکڻ ضروري سمجھان ٿو جيئن اڄ جي نوجوانن کي اها ڄاڻ رهي ته هن سنڌي نه هجڻ جي باوجود سنڌ سان واسطو رکيو... هو ڪنهن پير، شاھ، گادي نشين جو ڪو فرزند نه هو جو ماڻهن سندس وڏن ڪري هن جوادب، عزت ۽ فرمانبرداري ڪئي ٿي.... هو ته رام سنگھ زرگر نالي هڪ سک جو پٽ هو جنهن اسلام قبول ڪري ديني تعليم حاصل ڪئي ۽ اسلام جو پيغام ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچايو...... دهلي، لکنؤ، بڙودا کان افغانستان روس تائين... ۽ هن پنهنجي زندگيءَ جو چڱو حصو ماستر عبدالوارث دَل جي ڳوٺ “سعيد آباد” ۾ پڻ گذاريو جتي پير جھنڊو ڳوٺ ۾ “دارلارشاد” نالي مدرسي جي خذمت ڪئي.... اسان جي حڪومتن جي ڪاهلي آهي نه ته هي مدرسو اڄ قاهري ۽ ڪولالمپور جهڙي اسلامي يونيورسٽي هجي ها. مولانا عبيدالله سنڌي سيالڪوٽ جي اُپل کتري سک فئملي ۾ ۱۰ مارچ ۱۸۷۲ع تي رام سنگھ جي گهر ۾ ڄائو. سندس ڄمڻ کان ۴ مهينا اڳ سندس والد گذاري ويو. ڏاڏي ۽ پوءِ ناني کيس نپائي وڏو ڪيو. اسڪول ۾ هو ته هن کي “تفت الهند” نالي هڪ ڪتاب ڪنهن هندو دوست پڙهڻ لاءِ ڏنو. اهو ڪتاب هندو مان مسلمان ٿيل هڪ اسڪالر “مولانا عبيدالله مالرڪوٽلا” جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۽ ان بعد ڪجھ ٻين.... جهڙوڪ “تقويت الايمان” ۽ “احوال الآخرين” مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي ذهن تي وڏو اثر ڇڏيو ۽ پنڌرهن ورهين جي ڄمار ۾ سن ۱۸۸۷ع ۾ هو مسلمان ٿيو. ان ئي سال هو سيالڪوٽ کان سنڌ آيو جتي حافظ محمد صديق ڀَرچونڊيءَ جو شاگرد ٿي رهيو...... ان بعد دين پور ۾ مولانا غلام محمد کان ديني تعليم حاصل ڪئي ۽ پوءِ “دار العلوم ديوبند” ۾ داخلا ورتي جتي فقه، حديث، تفسير ۽ ٻين مذهبي مضمونن جي تعليم ورتي. ۱۸۹۱ع ۾ اتان گرئجوئيٽ ٿيڻ بعد هو سڌو سکر آيو جتي امروٽ شريف ۾ مولانا محمد صديق ڀرچونڊي جي نظر هيٺ.... ۽ ان جي وفات بعد مولانا تاج محمد امروٽي سان گڏ ٻارن کي پڙهائڻ لڳو.... ۱۹۰۱ع ۾ شاديءَ بعد مولانا عبيدالله سنڌي سعيد آباد جي پير جھنڊو ڳوٺ ۾ آيو جتي هن دارلارشاد نالي مدرسو قائم ڪيو ۽ لڳاتار ست سال رهيو. ان بعد هو وري ديوبند هليو ويو. ان بعد هن حڪيم اجمل خان ۽ ڊاڪٽر انصاريءَ سان گڏ دهليءَ ۾ پڻ ڪم ڪيو. پوءِ ڪيترا سال هو ترڪي، روس، افغانستان ۽ ٻين ملڪن ۾ اسلام جي تبليغ ڪندو رهيو ۽ “تحريڪ ريشمي رومال” ۾ به حصو ورتو. مولانا صاحب هڪ عرصو مديني ۾ به رهيو ۽ وچ وچ ۾ سنڌ جي شهرن: سکر، سعيد آباد ۽ ٻين ۾ به ايندو رهيو.... هي اهو دور هو جڏهن مولانا عبدالوارث جوان هو ۽ عبيدالله سنڌيءَ جو معتقد هجڻ ڪري هن سان ملندو رهيو ٿي. مولانا عبيدالله سنڌيءَ ۱۹۴۴ع ۾ وفات کان اڳ ماستر عبدالوارث دَل کي اها تلقين ڪئي ته هو ٻارن کي انگريزي پڙهائي ۽ اها ڳالھ پڻ ذهن نشين ڪرائي ته مسلمانن لاءِ دين سان گڏ جديد سائنسي علم حاصل ڪرڻ پڻ ضروري آهي. مٿي لکي آيو آهيان ته ماستر عبدالوارث دَل صاحب منهنجي پيءُ جو هم عمر هو ۽ سندن وڏي نياڻي ٻار منهنجي عمر جي لڳ ڀڳ هوندي. هي اهو زمانو هو جڏهن ماستر عبدالوارث جي ڳوٺ “خدا بخش دَل” (سعيد آباد کان ۱۵ ڪلوميٽر) ۾ ته ڇوڪرين جو هاءِ اسڪول نه هو پر سعيد آباد يا هالا ۾ به نه هو.... سنڌي مسلمانن ۾ ان وقت به تعليم حاصل ڪرڻ جي ايڏي سجاڳي نه هئي جو ڇوڪريون ته ڇا ڪيترن گهرن جا ڇوڪرا به وڌيڪَ تعليم حاصل ڪرڻ ۾ نه دلچسپي وٺندا هئا ۽ نه ضرورت محسوس ڪندا هئا. جن ڏينهن ۾ آئون هالا جي هاءِ اسڪول ۾ آيس ته ان سال اسانجي شهر جي پوسٽ آفيس جي پنجابي پوسٽ ماسٽر جي ڌيءَ پهريون ٻار هو جنهن اسان جي يعني ڇوڪرن جي اسڪول ۾ داخلا ورتي. اسان جي شهر جي سنڌي سرڪاري ڪامورن توڙي سکين ستابن جون نياڻيون به انگريزي نه پڙهنديون هيون... پڙهن به ڇا جڏهن ته ان وقت نه اسان جي شهر هالا ۾ گرلس اسڪول هئو ۽ نه وري اڄ واري ضلعي شهر مٽياريءَ ۾. حيدرآباد شهر ۾ البت هئا جيڪي هندستان جي ورهاڱي کان گهڻو اڳ انگريزن جي ڏينهن ۾ انگريزن ۽ سنڌي هندن ٺهرايا هئا. اڄ اهو ٿو سوچجي ته سائين عبدالوارث دَل صاحب کي شاباس هجي جنهن مولوي ٿي ڪري پنهنجي سڀني ٻارن خاص ڪري نياڻين کي به انگريزي پڙهائي. جيتوڻيڪ هو فقط هڪ گهٽ پگهار وارو ماستر ماڻهو هو.... ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جو نه پر هڪ هاريءَ جو پٽ هو..... پاڻ سائين عبدالوارث توڙي هن جو اولاد پنهنجي ڏاڏي محمد صالح دَل لاءِ اهو ٻڌائيندي عار نه محسوس ڪندا آهن ته هو هڪ ڪڙمي هو جنهن زمين ٽڪرو پاڻ ئي کيڙيو ٿي ۽ پاڻ ئي پوکيو ٿي. ماستر عبدالوارث دَل کي ڇھ نياڻين بعد ٽي پٽ ٿيا. هن جي وڏين نياڻين: حسن بانو ۽ ذوليخا جيئن ئي سعيد آباد مان پرائمري تعليم مڪمل ڪئي ته هن کين حيدرآباد جي ميران اسڪول ۾ داخل ڪرايو ۽ اتي ئي هاسٽل ۾ رکيو.... اهڙي طرح ٻين نياڻين کي پڻ. ميران اسڪول بعد هنن مڙني حيدرآباد جي زبيده گرلس ڪاليج ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان تعليم حاصل ڪئي. وچ ۾ پئسي جي تنگي ڪري وڏين ٻن ڌيئن کي ڪجھ عرصي لاءِ پڙهائي ڇڏرائي ماستري به ڪرائي ۽ پاڻ به رٽائرمينٽ کانپوءِ مولانا عبيد الله سنڌي جي تفسير جا جُلد ۽ ٻيا اسلامي ڪتاب ڇپرائي وڪڻڻ لڳو. پاڻ ڪڏهن ڪڏهن سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس ۾ پروفيسر يوسف پرديسي جي گهر اچي رهندو هو. انهن ڏينهن ۾ پرديسي صاحب ليڪچرار هو. هي مضمون لکڻ دوران پرديسيءَ کان پڇڻ تي هن مولانا عبدالوارث کي ياد ڪندي چيو ته هو ڇا ته نيڪ ۽ ايماندار ماڻهو هو. “الطاف! مون مولانا عبدالوارث دَل جهڙو محنتي ماڻهو زندگي ۾ نه ڏٺو. ” پرديسي جهڙي شخص کان، جيڪو پاڻ به ’سيلف ميڊ‘ ۽ ’هارڊ ورڪنگ‘ ماڻهو سڏيو وڃي ٿو... ٻئي لاءِ اهڙا رمارڪ ٻڌڻ وڏي ڳالھ آهي.... هن چيو ته: “اڄ به سائين عبدالوارث جن هن جي اکين اڳيان ڦري رهيا آهن. هو مٿي تي پٽڪو ٻڌندا هئا، ان مٿان ڪتابن جي وڏي هڙ رکي مختلف آفيسن ۽ دڪانن تي ماڻهن وٽ هلي ويندا هئا. پوءِ ڪي کيس ڪتابن جي قيمت ڏيندا هئا ته ڪن وٽ پئسو نه هوندو هو ته ماستر صاحب کين مفت ۾ ئي ڪتاب ڏئي ڇڏيندو هو. ” سائين عبدالوارث سن ۱۹۲۲ع ۾ ڳوٺ “خدا بخش دَل” ۾ جنم ورتو. سنڌي فائنل پڙهي هو باگراڻي ڳوٺ ۾ ماستر ٿيو. کين ٻه ڀائر هئا: مٺا خان جيڪو سعيد آباد ۾ درزي هو ۽ ٻيو محمد هاشم جنهن کي شهدادپور ۾ ڪپڙي جو دڪان هوندو هو. سائين عبدالوارث جا مڙئي ٻار ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ پروفيسر ٿيا. سندن پهرين ٻار حسن بانوءَ پوليـٽيڪل سائنس ۾ ماسٽرس ڪئي ۽ ٽيچنگ ۾ رهي ۽ ٻيو نمبر ڌيءَ پروفيسر ذواليخا ڪيمسٽري سبجيڪٽ ۾ M. Sc ڪري سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ئي پڙهايو. ٽيون نمبر خيرالنساءِ بئنڪنگ ۾ آهي ۽ اڄ ڪلھ شايد حيدرآباد ۾ ائگريڪلچر بئنڪ جي مئنيجر ۽ ائڊيشنل ڊائريڪٽر آهي. ان بعد ڊاڪٽر رضيه سلطانا حيدرآباد جي مينٽل اسپتال جي انچارج ميڊيڪل آفيسر آهي ۽ پنجون نمبر ڌيءَ جنهن فارميسي سبجيڪٽ ۾ ايم فل ڪئي آهي اها مهراڻ يونيورسٽي ۾ نوڪري ڪري ٿي. کين هڪ ٻي به ڀيڻ هئي جيڪا ننڍي هوندي گذاري وئي. پوليس ڊپارٽمينٽ جو ڊي آءِ جي ولي الله دَل ڇهن ڀيڻن بعد انهن جو ڀاءُ آهي جنهن بعد حماد الله دل آهي جنهن ڪمپيوٽر انجنيئرنگ ۾ B. E ڪئي آهي ۽ آخري ٻار عبدالقادر دَل جيڪو ايريگيشن ڊپارٽمينٽ ۾ آهي ان مهراڻ يونيورسٽيءَ مان سِول ۾ بي اي ڪئي هئي. هڪ ڳالھ آهي ته غربت ۾ رهي ڪري هر ٻار خوب محنت ڪئي ۽ پڙهائيءَ ۾ نالو روشن ڪيو. عبيدالله سنڌي اچو ته اڄ کيس ياد ڪريون شاھد جتوئي “اچو ته شيڪسپيئر جي ناخوش بادشاهه کان انڪار ڪندي گڏجي ويهون ۽ اعليٰ ۽ عظيم مردن ۽ عورتن جون ڪهاڻيون ٻُڌايون.” اها ڳالهه نامياري آمريڪي ڏاهي “ول ڊيورانٽ” پنهنجي ڪتاب “سورمن جي تاريخ” ۾ هڪ جاءِ تي لکي آهي. ول ڊيورانٽ جي ان ڳالهه جو مطلب اهو آهي ته، جڏهن ڪو ننڍا ۽ بندرا ماڻهو عظمت ۽ وڏائيءَ جا دعويدار ٿين ٿا ته، فڪري بحران پيدا ٿي ويندو آهي، ان بحران مان نڪرڻ لاءِ انهن ماڻهن جو ذڪر ڪرڻ گهرجي، جن جي عظمت کي تاريخ ۽ وقت تسليم ڪيو هُجي. اڄ اهڙي ئي عظيم شخصيت جو ذڪر ڪريان ٿو، جنهن جو جنم ڏهاڙو ۱۰ مارچ تي ملهايو وڃي ٿو. اُها شخصيت آهي مولانا عبيد الله سنڌي، جيڪو آزادي جي تحريڪ جو اڳواڻ ۽ ريشمي رومال تحريڪ جو باني هو. هُو “امام سنڌي” جي نالي سان مشهور آهي. مولانا عبيد الله سنڌي ۱۰ مارچ ۱۸۷۲ع تي سيالڪوٽ جي ڳوٺ چلان والي جي هڪ غريب سک کتري خاندان ۾ پيدا ٿيو. سندس پيدائش کان چار مهينا اڳ ئي ان جو والد بوٽا سنگهه اپل گذاري ويو. سندس پرورش سندن ڏاڏي ڪئي. ڏاڏي جي انتقال کان پوءِ هُو پنهنجي چاچي وٽ سرائڪي وسيب جي موجوده ضلعي راجنپور جي وسندي ڪوٽلا مغلان منتقل ٿي ويو، جيڪا وسندي ڄامپور جي ويجهو آهي. کيس هڪ هندو دوست “تحفته الهند” نالي ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏنو. اهو ڪتاب ملير ڪوٽلا جي هڪ نئين مسلمان ٿيل ديني عالم مولانا عبيد الله لکيو، جيڪو مولانا سنڌيءَ جو همنام هو. اهو ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ مولانا سنڌي کي اسلام سان دلچسپي پيدا ٿي ۽ هُن ٻين ڪتابن جو به اڀياس شروع ڪيو. صرف پندرنهن سالن جي عمر ۾ هُو مسلمان ٿي ويو، ان کانپوءِ علم جي تلاش جو سفر شروع ٿيو. ان کانپوءِ هُو ڀرچونڊي شريف، دينپور شريف کان ٿيندو، ديوبند تائين پهتو. ديوبند سان گڏوگڏ اُن جو امروٽ شريف ۽ دين پور شريف سان گهرو تعلق رهيو. مولانا سنڌي علم حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ آزاديءَ جي تحريڪ جو به سرگرم ڪارڪن بڻجي ويو. هن ريشمي رومال تحريڪ پڻ شروع ڪئي، جنهن جو مقصد اهو هو ته هندوستان ۾ آزاديءَ جي تحريڪ کي ڳُجهي نموني منظم ڪيو وڃي، هن هندوستان جي آزاديءَ لاءِ افغانستان، ترڪي، ايران، روس، جرمني، سعودي عرب ۽ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا دورا ڪيا ۽ اتي جي حڪمرانن ۽ ٻين حلقن جي هندوستان جي آزاديءَ جي تحريڪ لاءِ حمايت حاصل ڪئي. هُن سياسي، مذهبي موضوعن تي ڪئين درجن مقالا لکيا، تن ۾ نئين دور جي هر سوال جو جواب موجود آهي. توڙي جو امام سنڌي ديوبندي مڪتبه فڪر سان واسطو رکندڙ مذهبي شخص هو پر ان جو سياسي ۽ مذهبي فڪر مسلڪ ۽ مذهب جي قيد ۾ نه آيو. هُو سچو آزادي پسند ۽ سامراج دُشمن هو. هُو مٽيءَ سان محبت ڪندڙ شخص هو. سندس فڪر مان مٽيءَ جي سُڳنڌ اچي ٿي. هُو مذهب، فرقي، زبان، نسل ۽ علائقي جي بنياد تي انسانن جي ورڇ جي خلاف هو. اُن جو سياسي شعور تمام گهڻو بلند هو، ديوبند ۾ رهندي هُو ڪُجهه عرصي لاءِ ته هندوستان ۾ “اسلامي انقلاب” برپا ڪرڻ جو حامي رهيو. هُن “پان اسلامڪ موومنٽ” جي پڻ حمايت ڪئي پر ٿوري ئي عرصي ۾ هُو ان تحريڪ کان الڳ ٿي ويو. ڪنهن ديوبندي عالم لاءِ اهو فيصلو ايترو آسان نه هو، پر هُن اهو فيصلو ڪيو. ان جو چوڻ هو ته اها تحريڪ سامراجي قوتن جي مفادن کي پورو ڪري رهي آهي. هُن صرف هندوستان جي آزاديءَ کي ئي بهتر رستو سمجهيو. مولانا سنڌي ڪابل ۾ هندوستان جي جلاوطن حڪومت قائم ڪئي ۽ ان حڪومت جو صدر راجا مهيندرا پرتاب کي بڻايو، جيڪو اتر پرديش سان تعلق رکندڙ حريت پسند صحافي، ليکڪ ۽ مارڪسي انقلابي هو. “هندوستان خالي ڪريو تحريڪ” کي مولانا سنڌي پنهنجي غلطي قرار ڏنو. هُو چوندو هو ته، ڌرتيءَ جي جنگ ڌرتيءَ تي ئي رهي وڙهي ويندي آهي. مولانا سنڌي ڪُجهه آزادي پسندن جي ان تجويز جي زبردست مخالفت ڪئي ته ڪجهه اسلامي ملڪن جي فوج هندوستان ۾ داخل ٿي انگريزن سان وڙهي ۽ هندوستان کي آزادي ڏياري. مولانا سنڌي چيو هو ته، اسان کي ڪوبه حق نٿو پهچي ته اسان ٻين مسلمانن کي پنهنجي ڌرتي تي حملو ڪرڻ لاءِ چئون. پروفيسر محمد سرور پنهنجي ڪتاب “افاديت و ملفوظات مولانا سنڌي” ۾ لکي ٿو ته، جامعه نگر ۾ مولانا جي هڪ ويهڪ هُئي، ڪنهن کانئس پُڇيو ته، مسلمان ۽ هندو گڏجي انگريزن سان وڙهي رهيا آهن، گڏجي جيل وڃن ٿا ۽ تڪليفون برداشت ڪن ٿا، ڇا هندن لاءِ “ڪافر” جو اصطلاح استعمال ڪرڻ درست آهي؟ مولانا سنڌيءَ وراڻيو ته، هندن کي ڪافر چوڻ درست ناهي. اسان جي نبي ڪريم صلعم قيصريت ۽ ڪسرويت کي ختم ڪرڻ لاءِ سڄي زندگي جدوجهد ڪئي، جيڪي پنهنجي وقت جا سامراج هُئا. ان دور ۾ به اسلام کي به اڄ جي قيصريت ۽ ڪسرويت يعني سامراج کي ختم ڪرڻو آهي، جيڪي ماڻهو موجوده سامراج جي خلاف اسان سان گڏجي وڙهي رهيا آهن، پوءِ ڀلي اهي اسان جي مذهب جا نه به هجن، اسان انهن کي پنهنجو ساٿي سمجهنداسين ۽ انهن جي باري ۾ ڪفر جو اصطلاح استعمال نه ڪنداسين. هندوستان جي آزاديءَ لاءِ مولانا سنڌي “سرو راجيه منشور” تحرير ڪيو، جنهن ۾ آزاديءَ کانپوءِ سمورن مسئلن جو حل موجود هو. مولانا عبيد الله سنڌي ڪراچي کان ڪولمبو تائين هڪ فيڊريشن قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي، جنهن ۾ ان خطي جون سموريون رياستون شامل هجن، اهي سموريون رياستون خود مختيار هجن، هُو انهن رياستن کي صوبي جو نالو ڏيڻ، انهن رياستن ۽ ان جي عوام جي توهين قرار ڏيندو هو. مولانا سنڌي مقامي ٻولين ۽ ثقافتن کي ترقي وٺرائڻ جو حامي هو. هُن سرائڪي ٻوليءَ جو پهريون ٻاراڻو ڪتاب ترتيب ڏنو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ به عملي جدوجهد ڪئي. مولانا سنڌي جو اهو به چوڻ هو ته، اسان مسلمانن جو سڀ کان وڏو مسئلو اهو مذهبي لٽريچر آهي، جنهن کي انقلابي روح سان ترتيب ناهي ڏنو ويو. جيستائين ملوڪيت سان ترتيب ڏنل فقه اسان جي بنياد ۾ ويٺل آهي، اسان مان ڪنهن چڱائيءَ جي اُميد نٿي ٿي سگهي. پاڪستان جي موجوده حالتن ۾ ننڍن ۽ بندرن ماڻهن جيڪو بحران پيدا ڪيو آهي، ان مان ڇوٽڪاري لاءِ اڄ مولانا عبيدالله سنڌي جي فڪر سان رجوع ڪرڻ جي ضرورت آهي. (ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۵ مارچ ۲۰۲۳ع تي ڇپيل) امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي عوامي آواز ايڊيٽوريل اڄ مشھور سياسي، سماجي شخصيت انقلابن جي امام مولانا عبيدالله سنڌي جي وصال جو ڏينھن آھي. سندس اصل نالو بوٽا سنگھه ھو. پاڻ سک مذھب جي گھراڻي ۾ پيدا ٿيا ھئا. پاڻ اسلام کان متاثر ٿي ڪري اسلام قبول ڪيائين پر ان کان وڏي ڳالھه جو پاڻ پنھنجو پاڻ کي سنڌي سڏرائڻ لڳو. ان زماني ۾ ملتان ۽ بھاولپور جا علائقا سنڌ ۾ شامل ھئا سنڌ جون حدون ڪشمير تائين ھيون جتان سنڌو درياهه نڪري ٿو ان ڪري ئي اھو سمورو خطو سنڌ ئي سڏبو ھو ۽ اتي رھڻ وارا نمڪ حلال ھئا جو پاڻ کي سنڌي سڏرائيندا ھئا، اھو ئي ڪارڻ ھو جو مولانا عبيدالله پاڻ کي سنڌي سڏرائڻ لڳو. پاڻ مطالعي جو شوقين ھو. شاهه ولي الله دھلوي جي ڪتابن جو مطالعو ڪندي پاڻ به علم جو ڀنڊار بڻجي ويو ۽ مولانا جي نالي سان مشھور ٿي ويو. ھي دور سلطنت عثمانيه جو آخري دور ھو جتي پوري خطي ۾ انگريزن جي خلاف تحريڪون جاري ھيون. مولانا سنڌي به انھيءَ تحريڪ جو حصو بڻجي ريشمي رومال تحريڪ ۾ شامل ٿي ويو جيڪا انگريز سامراج جي خلاف تحريڪ ھئي ۽ اھي ان وقت گوريلا نموني سان ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ تائين رومال تي تحرير لکي پنھنجي ڪارڪنن تائين پھچائيندا ھئا. جئين ڪو شڪ نه ڪري سگھي. رومال ۾ ته ڪجھه به ناھي اھو آساني سان ھڪ کان ٻئي جڳھه تائين پھچايو ويندو ھو. اڃان به وڌيڪ تعليم جي لاءِ ۽ سياسي رابطن جي لاءِ مولانا ان وقت جڏھن روس ۾ سوشلسٽ انقلاب برپا ٿيو ته مولانا سنڌي انھي نظام کان متاثر ٿيو ۽ پنھنجن ساٿين سان گڏجي روس جي دوري تي روانا ٿيا. جتان قوم ۽ قوميت جو پرچار کڻي ٻيھر سنڌ ۾ داخل ٿيا ته پاڻ اتي سنڌي ماڻھن کي نئون فڪر ۽ فلسفو ڏنائين ته سنڌ، سنڌين جي آھي جيڪو سنڌ ۾ رھي ٿو سنڌي ڳالھائي ٿو ته اھو پاڻ کي سنڌي سمجھي ۽ ڌرتي سان وفاداري نڀائي. سندس دل ۾ قومي شعور ۽ قوميت جي پرچار جو حوصلو ڏسي ان جا تمام گھڻا پولڳ پيدا ٿي پيا ۽ مولانا جي فڪر ۽ فلسفي کي عام ڪرڻ لاءِ تحريڪن ھلائڻ لڳا. ته مذھب سان گڏوگڏ پنھنجي ٻولي ۽ ڌرتي جي به حفاظت ڪئي وڃي جنھن به ڌرتي تي رھجي ته اتي غداري نه ڪجي۔ سال ۱۹۴۴ع ۾ پاڻ پڪي علائقي ۾ ھڪ وڏي جلسي کي خطاب ڪندي چيائين ته سنڌيو ھڪ ٿيو. اسان سنڌ ۾ سنڌين جي مستقل طور تي حڪومت ڏسڻ چاھيون ٿا. انھيءَ سلسلي ۾ ڪو به مذھبي سوال پيدا ٿيڻ نه ڏينداسين. اتي مولانا قوميت جي باري ۾ فڪري پھلو ٻڌايا. اسان اڄوڪي دور ۾ ڪيترو اڳتي وڌيا آھيون يا وري سوين سال پوئتي ھليا ويا آھيون. مولانا ته پنھنجو وقت پورو ڪري پنھنجو پيغام فلسفو اسان کي ڏيئي ويو آھي ان تي ڪيتري قدر عمل ٿيو آھي يا اڃان ٿيندو. مولانا جي فڪر کي عمل جو روپ ڏيئي ان کي اڳتي وڌايون. جو ان وقت ۽ حالتن کي ڏسندي مذھب سان گڏ قوميت جي ڳالھه ڪرڻ ۽ وطن سان وفاداري ڪندي پاڻ کي ٻي قوم سڏراڻ بجاءِ سنڌي سڏائڻ وڏي بھادري آھي. واضح رھي ته مولانا جي وفات ۽ آخري آرامگاه سنڌ ۾ئي آھي پر ملڪ جي ٺھڻ ۽ جاگرافيائي ڦير گھير جي ڪري ھن وقت ڊيرا غازي خان ۾ آھي. اتي به مولانا جي پولڳن مولاناعبيدالله سنڌي اڪيڊمي قائم ڪئي آھي ۽ ان تي عملي فڪري ڪم ٿي رھيو آھي جيڪامولانا جي ڪيل ڪم جو نچوڙ آھي جو اڄ به ھي علائقو ھاڻي سنڌ ڌرتي ۾ شامل نه آھي پراتي مولانا سنڌي آھي. ان جانشين به آھن. ۽ اھي به مولانا سنڌي جي مشن کي جاري رکندا اچن. ملڪي ۽ صوبائي سرحدن ته تمام گھڻا ويڇا وڌائي ڇڏيا آھن. نئين ملڪي نظام ۾ اتي ھاڻي سنڌي ٻولي پڙھائي ڪونه ٿي وڃي. پر مولانا جو فڪر اتي موجود آھي ته سنڌ سنڌين جي آھي. سنڌ ۾ انھيءَ فڪر کي اجاگر ڪرڻ ۾ مولانا عزيز الله ٻوھيو وڏو اھم ڪردار ادا ڪندي سنڌ ساگر پارٽي جو بنياد وڌو جنھن جو نظريو منشور مولانا سنڌي جي فڪر تي ھو. مولانا عزيزالله ٻوھيو جيستائين زنده ھو انجي فڪر کي عام ڪندو رھيو ۽ اھا ھڪ سگھاري سياسي پارٽي جي طور تي سنڌ ۾ سڃاتي ويندي ھئي. اڃان به ان جا پولڳ آھن جيڪي سنڌ ساگر پارٽي کي سرگرم ڪندا نظر اچن ٿا. ۽اھا پنھنجو فعال ڪردار ادا ڪري پئي. (ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۹ مارچ ۲۰۲۳ع تي ڇپيل) مولانا عبيدالله سنڌي [ ۱۸۷۲ع – ۱۹۴۴ع ] ميمڻ عبدالغفور سنڌي امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي، خميس ۱۲ محرم الحرام ۱۲۸۹هه مطابق ۱۰ مارچ ۱۸۷۲ع تي سيالڪوٽ (پنجاب) جي ڳوٺ چيانواليءَ ۾ پيدا ٿيو هو. ڄمڻ کان چار مهينا اڳ سندس والد وفات ڪري چڪو هو. ٻن سالن جي وقفي بعد ڏاڏو به گذاري ويس؛ جنهن ڪري يتيميءَ دوران والده پيڪي آندس؛ جتي پنهنجي مامي جي نظر هيٺ پرورش ورتائين – ۱۸۷۸ع ۾ ڄامپور (ديره غازي خان) جي هڪ اردو مڊل اسڪول داخلا ورتائين. دوران تعليم پنهنجي رفيق (آريه سماج سان تعلق رکندڙ اسڪولي شاگرد) وٽ ” تحفته الهند“ ۽ ”تقويتہ الايمان“ نالي ڪتاب ڏٺائين. دل نه رهيس؛ جنهن ڪري کانئس وٺي پڙهڻ لڳو. پاڻ مطالع ۾ ايترو ته محو ٿي ويو، جو کيس ”اسلام“ جي صداقت تي يقين ٿي ويو – ۱۸۸۷ع ۾ ستين درجي ۾ پڙهندي، مسلمان ٿيڻ لاءِ پنهنجن کان جدا ٿي ويو. آخر ديس ڇڏي، سنڌ ۾ پهتو. پهريائين ڀرچنڊيءَ وار بزرگ، حافظ محمد صديق سميجو رح (۱۸۷۲ع – ۱۸۹۰ع) وٽ وڃي حاضري ڀريائين. حافظ صاحب جي صحبت مان فيض حاصل ڪري ۱۹۱۰ع ۾ پير جهنڊي ڳوٺ (حيدرآباد) ۾ ديني مدرسو کوليائين؛ جنهن جو ناظم ۽ نگران به پاڻ ٿي رهيو. پاڻ کي ڀرچنڊي بزرگ جو ديني فرزند ڄاڻي ، سنڌ ۾ مستقل رهڻ جو ارادو ڪيائين ۽ قادري ۽ راشدي طريقن ۾ بيعت به وٽانئس ورتائين. ڪجهه وقت بعد مولانا کي وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ جو شوق ٿيو؛ جنهن ڪري ۱۹ شوال ۱۳۰۸هه (۱۸۹۰ع) ۾ روحاني رهبر جي اجازت سان، سندس خليفي، موالان تاج محمود امروٽي رح (۱۸۴۴ع – ۱۹۲۹ع) جي خدمت ۾ اچي حاضر ٿيو. مولانا امروٽي رح منجهس مڻيا ڏسندي، کيس ماستر محمد عظيم خان يوسفزئيءَ جي صاحبزاديءَ سان نڪاح ڪرايائينس . امروٽي بزرگ کيس اولاد جي برابر سمجهند هو. وٽس وڏو ڪتبخانو موجود هو؛ جنهن مان ۱۳۱۵هه (۱۸۹۷ع) تائين سنڌي صاحب ڪافي استفادو حاصل ڪيو. آخر پير رشيدالدين وٽان ذڪر ”اسماء الحسنيٰ“ به حاصل ڪيائين. پير ابوتراب رشدالله ۽ قاضي فتح محمد نظاماڻي صاحبان سان به روح رهاڻيون ڪندو رهيو. قرآن شريف، حديث ۽ فقہ وغيره جي درس ۾ مولانا محمد قاسم نانو توي ديوبندي رح (وفات ۱۳۹۷هه = ۱۸۷۹) کان شاه ولي الله دهلوي رح (وفات ۱۳۶۶هه = ۱۹۴۷ع) تائين عالمن سڳورن کي پنهنجو استاد مڃيندو هو – ۱۳۲۷هه (۱۹۰۹ع) ۾ ديوبند جي صدر مدرس شيخ الهند ابوالحسن مولانا محمود حسن صاحب کيس گهرايو. پورا چار ورهيه ”جميعت الانصار“ ۾ ڪم ڪندي، ۱۳۳۱هه (۱۹۱۳ع) ۾ دهلي ويو؛ ۽ ”نظارة المعارف“ نالي ادارو قائم ڪيائين. سال بعد ڪابل روانو ٿيو – ۱۹۲۲ع ۾ ترڪي ويندي، ستن مهينن لاءِ روس ۾ رهڻ جو موقعو مليس. آخر آگسٽ ۱۹۲۳ع ۾ انقره پهتو، اتان اڍائي، سالن لاءِ استنبول به ويو. ترڪيءَ ۾ قيام دوران، اتان جي ماحول ۽ مذهبي عقيدن جو غور سان مطالعو ڪيائين – ۱۳۴۵هه (۱۹۲۶ع) ۾ مڪي معظمہ ويو، جتان پهرين نومبر ۱۹۳۷ع تي وطن واپس ورڻ جي اجازت مليس، مگر جيئن ته حج جو موقعو قريب هو؛ انهيءَ ڪري ترسي، مارچ ۱۹۳۸ع ۾ واپس سنڌ ۾ آيو. مولانا سنڌي صاحب جو شروعات کان ئي اهو نظريو هو، ته انگريزن جي خلاف جهاد ڪري، هندستان لاءِ آزاديءَ جي راه هموار ڪجي. انهيءَ جو عملي طرح آغاز ۱۹۱۵ع کان ڪيو هئائين. پاڻ عمر جو وڏو حصو قومي ڪمن ۾ صرف ڪيائين. حالانڪ ڏکن ڏاکڙن جي زندگي به کيس بسر ڪرڻي پئي. بعض اوقات ته کيس خطرناڪ صورتحال سان به منهن ڏيڻو پيو. پاڻ سياسي بيداريءَ سان گڏ تصنيف و تاليف کي به چهٽيو رهيو. هڪ طرف سفر جي تڪليفن کيس هيڻو ڪري ڇڏيو هو؛ ۽ ٻئي پاسي قومي آزاديءَ جو اونو سندس ساه کي سوگهو ڪري ڇڏيو هو. تاهم به پيري ۽ بيماريءَ جي پرواه نه ڪري، صبر سان ويهڻ نه آيس؛ جنهن ڪري ۱۶ جمادي الثاني ۱۳۶۴هه مطابق ۲۲ آگسٽ ۱۹۴۴ع جي سج ۾ لاهور ۾ پنهنجي فرزند وٽ رحلت ڪيائين. وصيت مطابق کيس رحيم يار خان (پنجاب) جي ڳوٺ ”خانپور“ ۾، ڀلارن بزرگن جي قديم قبرسان ۾ دفنايو ويو. حوالا/ حاشيا (۱) – مولانا صاحب اصل ۾ سک خاندان جو هڪ فرد هو. سندس شروعاتي نالو ”بوٽا سنگ“ هو؛ ۽ پتا رامسنگ پٽ چسپتراءِ پٽ گلاب راءِ هو، جيڪو پنهنجي ڳوٺ ۾ مختيارڪار جي عهدي تي رهي چڪو هو. هن خاندان جو بنيادي پيشو ”سونارڪو ڪم“ هو. مگر چند فردن نوڪريءَ کي ترجيح ڏني هئي. منجهن ڪافي آسودا هوندا هئا، جيڪي وياج تي پئسا به ڏيندا هئا [مولانا عبيدالله سندهي اور ان کي ناقد- سعيد احمد، لاهور، ۱۹۴۶ع؛ صفحو ۳۳۳]. (۲) – مولان صاحب جا ناناڻا، ديري غازي خان ”ڄامپور“ ضلعي جا رهاڪو هئا. سندس مامو تپيدا هو. (۳) – ”تحفته الهند“ جو مصنف، پايل (پٽيالا) جو رهاڪو، نو مسلم پنڊت اننترام پٽ منشي ڪوٽيمل، المعروف عبيدالله هو؛ جنهن کان متاثر ٿي، پاڻ کي مسلمانڪي نالي ”عبيدالله“ سان سڏائڻ لڳو [تحفته الهند – مولانا محمد عبيدالله (ديبا چه)، دهلي؛ ۱۳۳۰هه (۱۹۱۲ع)، صفحو ۱]. (۴) – ”تقويتہ الايمان“ جو ليکڪ، شاه اسماعيل شهيد (۱۷۷۹ع – ۱۸۳۱ع) هو، جيڪو عربي ڪتاب ”روالاشرڪ“ جو اردو زبان ۾ ترجمو آهي. (۵) – سچ پچ ته اها ڀرچونڊيءَ واري بزرگ جي برڪت هئي؛ جنهن مولانا کي صحيح الطريقت ۽ راسخ العقيدت مسلمان بڻائي، دين جو ڪم سونپيو هو. هڪ ڀيري حافظ صاحب، مولانا لاءِ فرمايو هو، ته ”عبيدالله، الله ڪارڻ پنهنجا مٽ مائٽ ۽ مذهب ڇڏيو آهي، هاڻي اسان هن جا ديني ماءُ پيءُ آهيون!“ [دائرة المعار اسلاميه (اردو) – دانشگاه پنجاب، لاهور (جلد ۱۲)؛ ۱۹۷۳ع” صفحو ۹۸۴]. (۶) – اهويئ سبب هو جو پاڻ کي ”سنڌي“ سڏائڻ ۾ فخر محسوس پئي ڪيائين [خطبات و مقالات مولانا عبيدالله سندهي – مرتبہ، محمد سرور، لاهور ۱۹۷۰ع؛ صفحو ۱۶۹]. (۷) – هن نيڪ رسم ۾ سندس والده به شرڪت ڪئي هئي، جيڪا پڇاڙيءَ تائين ساڻ گڏ رهي؛ ۽ پنهنجي سک مذهب تي قائم رهي [ سه ماهي ”مهراڻ“ (سوانح نمبر ۳-۴/۱۹۵۷ع)، سنڌي ادبي بورڊ، صفحو ۲۶۷]. (۸) – ”ديوبند“، برصغير ۾ نامور ديني درسگاه آهي. هي اتر پرديش (U.P) جي سهارنپور ۾ هڪ قديم شهر آهي؛ ۽ تعلقي جي حيثيت حاصل اٿس. تاريخي لحاظ کان سندس شروعاتي ذڪر ”آئين اڪبريءَ“ ۾ آيو آهي. ان کانپوءِ سندس احوال اساطيري ۽ رومانوي داستانن ۾ ملي ٿو. ڪسابن کان منجهس وڻن جي گهاٽي جهڳٽي ۾ ديوي جو مندر (تيرٿ گاه) هو؛ جنهن جي نسبت سان مٿس ”ديوي (ديبي) بن“ (ديويءَ جو جهنگل) نالو پيو، جيڪو ڪثرت استعمال سان بگڙي ”ديوبند“ ٿيو. [دائرة المعارف اسلاميه (اردو)، دانشگاه پنجاب، لاهور، جلد ۹، ۱۹۷۲ع، ص ۶۲]. هن وقت سندس آدم شماري ۵۰ هزار آحي. جن ۾ ڪثرت مسلمانن جي آحي. هڪ سؤ مسجدن جي هن سهر کي ”مسجدن جو شهر“ به سڏيو وڃي ٿو. منجهس وڏو ديني درسگاه آهي؛ جنهن جو قيام مولانا محمد قاسم نانوتوي رح (۱۸۳۲ع – ۱۸۸۰ع) جي نگرانيءَ ۾، ۱۵ محرم الحرام ۱۸۶۶هه مطابق ۳۰ مئي ۱۸۶۶ع تي ٿيو. [تاريخ ديوبند – سيد محبوب رضوي، ۱۳۷۲هه، ص ۹۷]. شروعات ۾ مولانا محمود حسن نالي صرف هڪ شاگرد سان، کٻڙ جي وڻ هيٺان مدرسي جي ڪاررواي شروع ڪئي وئي؛ جنهن ۾ پهريون معلم مولانا يعقوب نانوتوي هو [حالات دارالعلوم ديوبند، محمد طيب، ديوبند، ۱۳۷۸هه ص ۸۱] مدرسي ۾ قرآن مجيد، دارا لتفسير، دارالحديث، صرف و نحو، فلسفو، منطق، فقہ ۽ فن وغيره جا شعبا قائم ٿيل آهن. خدا جي فضل سان اڄ دنيا جو ڪو به ملڪ رهيل ناهي؛ جنهن ۾ هتان جو عالم نه پهتو آهي: ]India as I Knew it- (1855-1905)- M.O` Dwyer, London 1925. P.P 177[ مغل سلطنت جي زوال ۽ ۱۸۵۷ع واري انقلاب جي ناڪاميءَ بعد، هنستاني مسلمانن هن قسم جي ديني درسگاه قائم ڪرڻ جي اشد ضرورت محسوس ڪئي [انوار قاسمي – پروفيسر انوارالحسن قاسمي، ديوبند، ۱۹۵۸ع، ص ۴۱۸]. (۹) – مولانا سنڌي جلاوطنيءَ جي زندگيءَ ۾ هينئر ۳۳ سال گذاري چڪو هو. (۱۰) – پنهنجي تقريرن خواه تحريرن ۾ انگريزن خلاف کلم کلا آواز اٿاريائين. نتيجي طور پاڻ تي سخت پهرا به بيهاريائين. هي اُهو وقت هو، جڏهن ”آزاديءَ جي تحريڪ“ شروع ٿي چڪي هئي پوءِ سنڌي صاحب افغانستان هجرت ڪري ويو؛ جتي ڪابل ۾ ”آزاد هندستان جي عارضي حڪومت“ جو پايو وجهي، سربراهي سنڀاليائين – ۱۹۳۲ع ۾ ڇهن مهينن لاءِ روس به وڃڻو پيس آخر ترڪيءَ ۾ وڃي ڪمال پاشا ۽ عصمت انونو کان سياسي امداد به حاصل ڪيائين. ]Ubaid- Allah Sindhi in Turkey- Detleve H. Khalid (Journal of R.C.D)- Tuhran, Vol: No: 1&2: P.P 38[. (۱۱) – رسائل وغيره کان علاوه قرآن پاڪ جو تفسير پڻ لکيو هئائين؛ جنهن ۾ مولانا احمد علي لاهوري ۽ مولانا عبدالحي فاروقي به ساڻس فيض يافته هئا [بيس بڙي مسلمانان – عبدالرشيد ”ارشد“، لاهور ۱۹۶۹ع، صفحو ۴۰۹]. امام عبيدالله سنڌي جي فڪري پرواز عزيز الله ٻوهيو امام سنڌي جلاوطني جي پهرين مرحلي ۾ ۱۹۱۵ع ۾ ڪابل ويا، اتي افغانستان جي بادشاهه امير حبيب الله سان پنهنجي اچڻ جو مقصد انگريزن کان هندستان کي آزاد ڪرائڻ بيان ڪيائون، جنهن تي امير حبيب الله کيس چيو ته اوهان جيڪڏهن اسان جي ملڪ ۾ رهندڙ ٻين ملڪن جي سفيرن سان پنهنجي مقصد لاءِ ملندؤ ته ان لاءِ مناسب ٿيندو ته اوهان انهن سان پنهنجو تعارف هندستان ۾ انهيءَ مقصد لاءِ قائم پارٽي ڪانگريس جو پاڻ کي نمائندو سڏايو. امام سنڌي بادشاهه جي ان تجويز کي اهم سمجهي دهليءَ سان رابطو ڪري ڪانگريس جو ٻاهرين ملڪ ۾ يونٽ قائم ڪرڻ جي اجازت وٺي ورتي، نه صرف ايترو پر آزاد هندستان جي حڪومت جي ٻاهرين باڊي به جوڙي ورتائون. چوويهه سال جلاوطني کانپوءِ جڏهن واپس هندستان آيا ته هت مسلمانن لاءِ جدا ملڪ ٺاهڻ جي هلچل ڏٺائون. امام سنڌي انگريز سامراج خلاف آزاديءَ کانپوءِ به هندستان کي متحد رکڻ ضروري سمجهن پيا. سنڌي صاحب جي بصيرت ٻڌائي پئي ته اسان جيڪڏهن برطانيا کان آزادي حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل به ڪئي پر سامراج جي نفسيات هيءَ هوندي آهي ته هو سڄي دنيا جي ملڪن ۽ قومن جي دولت ڦٻائڻ لاءِ انهن کي نو آبادي طور غلام بنائي رکي، سو انگريز سامراج هڪ ڀيرو هتان وڃڻ کانپوءِ به وري ڪڏهن نه ڪڏهن لوهه کائي وري اچي اسان کي غلام بنائيندو ان ڪري سنڌي صاحب متحده هندستان جا حامي هئا، سنڌي صاحب ڏٺو ته هندستان جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪرڻ وارا سرڪاري بيوروڪريٽ انگريزن جا پاليل نواب قسم جا ماڻهو آهن سنڌي صاحب ڏٺو ته مسلمانن کي مذهب جي نالي الڳ رياست قائم ڪرڻ جو چمڪو پس منظر جي لحاظ سان ته انگريزن ڏنو آهي ان ڪري اها راءِ قائم ڪيائون جو انهن پرکي ورتو ته ٻه قومي وارو نظريو علي ڳڙهه يونيورسٽي جي انگريز پروفيسر جان برائيٽ ئي جوڙيو آهي ۽ سنڌي صاحب جو ڳوٺائي علامه اقبال انگريزن طرفان سر جي خطاب ملڻ جي بدلي ۾ خوامخواهه ان نظريي کي اگهائڻ لاءِ پيو شاعري ڪري. سو مسلم ليگي دانشورن جي مذهبي مسئلي ۽ ٿڏي جو حل به امام سنڌي سوچي روتو ۽ ڪانگريس جي مرڪزي قيادت کي چورايو ته اوهان پنهنجي پارٽي پاليسي طور هيءَ ڳالهه تسليم ڪيو ۽ پاس ڪيو ته هندستان جي آزاد ٿي وڃڻ کانپوءِ برصغير جي آباديءَ جي لحاظ سان مسلم اڪثريت وارن صوبن ۾ اتي مسلم اڳواڻن تي مشتمل حڪومتون قائم ڪنداسون. ان تي ڪانگريس وارن پهريائين اهڙي ڳالهه جناح کان مڃائڻ جو شرط وڌو ته هو اسان جي اهڙي اعلان کانپوءِ جدا پاڪستان ٺاهڻ جي ڳالهه تان هٿ کڻي وڃي ته اسان به سنڌي صاحب جي ان فارمولي کي قبول ڪيون ٿا پر جناح کي مڃائڻ جي ڳالهه محال سمجهيو ويو. پوءِ انهيءَ باوجود سنڌي صاحب ڪانگريس مٿان زور رکايو ته هو ان پاليسي جو هڪ طرفو اعلان ڪن، جناح کي مڃائڻ جو شرط نه وجهن. پوءِ ڪانگريس وارن سنڌي صاحب جو مطالبو مڃيندي پارٽي پاليسي طور اها تجويز پاس به ڪئي، جنهن جو ثبوت هي آهي ته اهي اڄ تائين ڪشمير ۾ مسلم قيادت کي قائم رکيو پيا اچن، جنهن کي پاڪستان وارا ڪٺ پتلي سڏيندا ايندا آهن. ان زماني ۾ جڏهن ڪانگريس وارن سنڌي صاحب جي تجويز کي پنهنجي پارٽي پاليسي طور هڪ طرفو قبول ڪيو هو ته هندستان جي ڪافي علائقن جي مسلم ليگي ليڊرن جناح صاحب سان ملاقات ڪئي ۽ کيس چيائون ته ڪانگريس طرفان مسلم اڪثريتي علائقن ۾ جڏهن هنن مسلمانن جون حڪومتون قائم ڪرڻ جو واعدو ڏنو اٿائون ته اهڙي صورت ۾ ڄڻ ته مسلم ليگ جو مقصد به حاصل ٿي ويو. اسان کي اڳتي لاءِ مذهب جي نالي تي هندستان جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪرڻ جو جواز نٿو نظر اچي. جواب ۾ جناح صاحب بغير ڪنهن دليل جي انهن ماڻهن جي ڳالهه کي ٺڪرائي ڇڏيو، پوءِ اهي ليگي اڳواڻ ليگ کان استعيفيٰ ڏيئي ڪانگريس ۾ شامل ٿي ويا. هيءَ حقيقت مون سان مرحوم ڊاڪٽر احمد حسين ڪمال ڀوپالي بيان ڪئي هئي. امام سنڌيءَ جو هي خدشو ته آزادي وٺڻ کانپوءِ به اڳتي انگريز سامراج وري اسان کي غلام بنائي ٻيهر اسان جي ڌرتيءَ جو ڌن اچي لٽيندو. انهيءَ ڳالهه جو تازو ثبوت ذوالفقار مرزا جو ميڊيا اڳيان قرآن کڻي هي بيان ڏيڻ ته انهن کي ايم ڪيو ايم جي الطاف لنڊن ۾ هڪ ملاقات ۾ ٻڌايو ته امريڪا پاڪستان کي ختم ڪرڻ گهري ٿي. اسان ان جي مدد ڪنداسين ۽ ٻيو ثبوت ته برطانوي جاسوس کاتي جي آفيسر جيمس همفري جي ڊائري جي پراڻي ڇاپي ۾ لکيل آهي ته اڳتي هلي اسان ڪراچيءَ جي ويجهو سمنڊ جي ڪناري تي نئون ملڪ اڏينداسون. همفري جي انهيءَ انڪشاف تي مون سان سردار عطاءُ الله خان مينگل پنهنجو تجزيو هي بيان ڪيو ته ان منجهان مراد هي ملڪ پاڪستان آهي مون سردار صاحب کي چيو ته ڊائري واري ڪتاب ۾ جيڪو هي لکيل آهي ته ان نئين ملڪ لاءِ عوام هندستان کان مائگريٽ ڪري آڻينداسون ۽ هاڻي ايم ڪيو ايم وارن سنڌ جو ڏاکڻيون علائقو سمنڊ تائين مهاجرستان صوبي لاءِ گهريو آهي. انهيءَ منجهان ثابت ٿئي ٿو ته ڊائري واري ڪتاب ۾ سامراج جو جيڪو اڳتي وارو پلان آهي, سنڌ کي ٽوڙي نئين صوبي وارا مطالبا اهي سڀ ان منصوبي جون شروعاتي ڪڙيون آهن، پوءِ ڀلي پاڪستان کي به انهن ڪڙين منجهان پهرين ڪڙي شمار ڪجي ته اها ڳالهه به صحيح چئبي. بهرحال امام سنڌي جو اهو خدشو ته انگريز سامراج وري ٻيهر موٽي اسان کي غلام بنائڻ جو منصوبو اندر ۾ رکي ٿو، ان ڪري سڄي هندستان کي متحد رکي دهلي کي پنهنجو مرڪز بنائي ۽ هر صوبي ۾ جنهن قوم جي اڪثريت هجي اهو صوبو ۽ ملڪ ان قوم جو موروثي وطن تسليم ڪيو وڃي ۽ پاڻ ڪانگريسي هجڻ باوجود 1939ع ۾ جيڪا جدا پارٽي جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽي ٺاهي هئائون ان جو منشور به اهو ئي پاس ڪيو هئائون. گانڌيءَ سان ڪيترن ئي اختلافن باوجود امام سنڌي ان جي متحده هندستان واري سوچ کي ڏاڍو ساراهيندو هو. هندستان کي متحد رکڻ جو نظريو ته سر سيد احمد خان جو به هو، هن ملڪ جي ميڊيا جيڪا سر سيد احمد خان کي نظريي پاڪستان جي بانين منجهان شمار ڪندي آهي اهو سراسر اجايو آهي وٽن اهڙي دعويٰ جو ڪو به ثبوت ڪونهي هائو البت سر سيد احمد خان هندن جي ڀيٽ ۾ مسلمانن جي تعليمي ۽ معاشي طور پوئتي هجڻ تي نهايت فڪرمند هو، جنهن جي حل لاءِ ان مسلم ڪاليج جي نالي سان علي ڳڙهه ۾ تعليمي ادارو کوليو هو. امام سنڌي ۽ امام الهند ابوالڪلام آزاد ٻنهي اڳواڻن سر سيد سان ان جي سياسي سوچن سان اختلاف رکڻ باوجود ان جي مسلمانن لاءِ خدمتن کي ساراهيو آهي. (نوٽ: ياد رهي ته امام عبيد الله سنڌي جي ۲۲ آگسٽ (سڀاڻي) ورسي آهي).
محمد ابراهيم جويو هڪ صديءَ جو پڙاڏو پروفيسر محمد سليم ميمڻ اڄ ۱۳ آگسٽ آهي. سائين محمد ابراهيم جويي جي ۱۰۲ين سالگرهه. کين ان سڀاڳي ڏينهن جون مبارڪون هجن. جويو صاحب، سنڌ ڌرتيءَ جو اهو چمڪندڙ تارو آهي، جيڪو گذريل هڪ صديءَ کان سنڌ جو آواز بڻجي، ان جي افق تي چمڪي، هن ڌرتيءَ ۽ ان جي رهاڪن لاءِ پنهنجي لکڻين وسيلي پنهنجي آواز کي انهن ايوانن تائين پهچائيندو رهيو آهي، جن وٽ هن ڌرتيءَ جي رهواسين جي قسمت جي فيصلي ڪرڻ جو اختيار رهيو آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن، هن عظيم ڏاهي جي ڳالهين تي ڌيان نه ڌريو آهي. محمد ابراهيم جويي جي هڪ صديءَ جي آدرشي حياتي کي هن ايڏو ته مُحرڪ، متحرڪ ۽ ڪارائتو ۽ بامقصد بڻايو آهي، جنهن جو مثال سنڌ جي تاريخ ۾ ملڻ محال آهي. جويو صاحب پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات هڪ استاد جي حيثيت سان ڪئي، پر پاڻ سدائين ان حيثيت کي برقرار رکندو آيو آهي، ڪٿي شاگردن کي تعليم ڏيندي، ڪٿي سياسي، سماجي ڪارڪنن کي سکيا ڏيندي، ته وري ڪٿي سياسي اڳواڻن جي به تربيت ۽ رهنمائي ڪندي نظر اچي ٿو. هڪ استاد سان گڏ پاڻ هڪ ڏاهو به آهي، جنهن سنڌ بابت هميشه پاڻ کي پتوڙيو آهي. سندس فڪر سندس لکڻين مان جرڪندو نظر اچي ٿو. سندس فڪر جي مٽي بنيادي طور تي ٽن ڌارائن مان ڳوهيل آهي. بنيادي طور تي پاڻ پنهنجي قوم ۽ سنڌ ڌرتيءَ جو سچو عاشق آهي، سنڌ سان سندس عشق جو جمال عمر جي هن وهيءَ ۾ به پسي سگهجي ٿو ته پنهنجي ڪمزور بُت، هاٺي ۽ ڪاٺي جي هوندي به سندس حوصلا، سندس سوچ ۽ سندس فڪر ڌرتيءَ لاءِ ڪيئن بکندو نظر اچي ٿو. ۱۳ آگسٽ ۲۰۱۴ع کان ۱۳ آگسٽ ۲۰۱۵ع تائين محمد ابراهيم جويو سؤ ساله جشن ڪاميٽي پاران ملهايل مختلف جلسن، ڪانفرنسن ۽ گڏجاڻين ۾ سندس اتساهيندڙ رويو ۽ سوچ ان جو هڪ واضح مثال آهي. سراج الحق هڪ هنڌ لکيو آهي ته، ”قوم ۽ وطن سان عشق ئي جويي صاحب جو مذهب آهي. هن هميشه روشن سنڌ جو خواب ڏٺو ۽ ان جي ساڀيان لاءِ جاکوڙيندو رهيو آهي، جنهن جو اظهار هن پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جا مون سپنن ۾ سوچي“ ۾ ڪيو اٿس. ان ڪتاب جي مضمونن ۾ هن دنيا جا سڀ عظيم اصول، آدرش، قدر ۽ روايتون سامهون رکي، اهي سپنا ڏٺا ۽ انهن جي ساڀيان لاءِ حل ۽ نبيرا به تجويز ڪيا آهن.“ جويي صاحب جي فڪر جو ٻيو پهلو ماديت پسندي ۽ عقليت پسندي آهي. ارڙهين صدي جي ماديت پسندي ۽ اڳتي هلي ان ۾ ٿيل جدلي ۽ تاريخي ماديت وارا واڌارا ۽ سڌارا، سندس سوچ جو محور رهيا آهن، ۽ سڄي ڄمار اُن جي پرچار ۽ ٻين کي ان لاءِ اتساهيندو رهيو آهي. جويو صاحب بنيادي طور تي هڪ سيڪيولر سوچ جو مالڪ هو. هن سڄي ڄمار پنهنجي لکڻين ۾ ان فڪر جو پرچار ڪيو آهي، جيڪو اڄ ڏينهن تائين جاري آهي. جويي صاحب جي زندگيءَ جو جيڪڏهن جائزو وٺجي ته پاڻ ننڍپڻ کان ئي ماءُ ۽ پيءُ جي پيار کان محروم رهيو، ڏاڏي ۽ ڏاڏيءَ جي قرب ۾ پلجي وڏو ٿيندڙ محمد ابراهيم جويو، جڏهن اسڪول جي چانئٺ اُڪري، اُتي تعليم پرائڻ لاءِ پهچي ٿو ته سندس استاد ٽيڪڻ مل سندس آدرشي استاد جي حيثيت ۾ کيس اتساهيندو نظر اچي ٿو. اسڪول ۾ داخل ٿيڻ جو پهريون ڏينهن، سندس زندگيءَ جي اهم ڏينهن مان آهي. پنهنجي زندگيءَ جي پهرئين اهم ڏينهن ۽ پنهنجي استاد سائين ٽيڪڻ مل جي ڪردار ۽ شخصيت تي هڪ خاڪي ۾ لکيو اٿس: ”پنهنجي ننڍپڻ جي پهرين يادگيريءَ مان پهريون هڪڙي جيڪا پياري ۾ پياري يادگيري منهنجي دل تي سدائين تري ايندي آهي، سا آهي منهنجي اسڪول ۾ وڃڻ جي پهرين ڏينهن جي يادگيري. منهنجي ڏاڏِي مون کي اسڪول وٺي هلي هئي. ان کان اڳ ڏاڏو مرهيات ناني احمد موچيءَ کان جُتي جوڙائي آيو هو. منهنجي غريب امڙ مون لاءِ ڪپڙن جو نئون جوڙو سُبيو هو ۽ ٽِڪن واري ٽوپي ٽونئر سان، قلم ۽ سليٽ رکڻ لاءِ هڪ بُجڪي تيار ڪئي هئي، جنهن تي به هُن ٽِڪون جَڙيون هيون ۽ ڀرت ڀري ان کي سهڻو بڻايو هو. ڪنهن دفعي آءٌ پنهنجي امڙ جي ڳالهه به لکندس، هينئر به جڏهن آءٌ هي اکر لکي رهيو آهيان، ته منهنجي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا آهن ۽ منهنجو هانءُ به ڀرجي آيو آهي.“ ”هميشه کير جهڙو اجو اجرو ڍلو چولو پائيندو هو، جنهن جي ڳچي پٽي واري هوندي هئي ۽ ڊيگهه گوڏن تائين هوندي هئي. ٻانهون کليل ۽ ويڪريون هونديون هيون، جنهن کي ڪم ڪرڻ وقت کنجي مٿي چاڙهي ڇڏيندو هو. جڏهن ته ويڪرن پائنچن وارو پاجامو پائيندو هو. پيرن ۾ ڪاري چمڙي جي جُتي ۽ مٿي تي ڪاري مخملي ٽوپي. هو عمر ۾ پنجويهن کان ٽيهن ورهين جو نوجوان هو. ڊگهو قد، ماسيرو بُت، ڪڻڪ رنگو، گول چهرو، ڊگهو نڪ، وڏيون ڪاريون اکيون، ويڪري پيشاني، وڏيرن جهڙا وڏا ڪن، جڏهن ڪنهن کي چتائي ڏسندو هو ته لڳندو هو ته پاڻ چهري جي نقش نگارن مان ان شخص جي ڪردار جي خاصيتن کي پروڙيندو هجي. سندس اکين جي چمڪ ٻين جي اکين ۾ ائين ليئا پائيندي هئي، ڄڻ ڪنهن شيءِ جي ڳولا ۾ هجن. سندس ڳالهائڻ جو انداز عجيب، دلڪش ۽ وڻندڙ هوندو هو. آواز سريلو پر کڙڪي وارو، ٻڌندڙ به ڇرڪي پوي. ڳالهائيندي سندس چپن تي هميشه مرڪ هوندي هئي. ڳالهائڻ جو ڏانءُ به ڪو کانئس سکي. ٻين جي ڳالهين کي ڏاڍي پاٻوهه مان ٻڌندو هو. سائين ٽيڪڻ مل ڳوٺ آباد جو رهواسي ڪونه هو بلڪ اتان ويهه ميل پرتي آراضي نالي ڳوٺ جو رهاڪو هو. پاڻ هر ڇنڇر تي پنهنجي ڳوٺ هليو ويندو هو ۽ سومر ڏينهن صبح جو سويل اچي اسڪول پهچندو هو. هر ڀيري ٻارن لاءِ کائڻ جي ڪانه ڪا شيءَ ضرور پاڻ سان آڻيندا هئا. ڪڏهن ڪا مٺائي، ڪڏهن ٻاجهر يا جوئر جي ماني مان ٺهيل ڪُٽي، ڪڏهن مٺي ماني، ڪڏهن بوندي، ڪڏهن مائو. ايندي ئي چوندا هئا ٻارو ڏسو! امان هن ڀيري اوهان لاءِ ڇا موڪليو آهي، اهو چوندي پاڻ سان آندل سوکڙي ٻارن ۾ ورهائي ڇڏيندو هئو. سائين ٽيڪڻ مل جي ميز جي خاني ۾ ٺڪر جي برنيءَ ۾ ٿڌ، زڪام ۽ کنگهه کان بچاءَ لاءِ گوريون، جن ۾ لونگ ۽ ڪارا مرچ پيل هوندا هئا، هميشه موجود رهنديون هيون، اهي به پاڻ پنهنجي گهران آڻيندو هئو، ۽ چوندو هو ته منهنجي ڪاڪي ٺاهيون آهن. پنهنجي بابي کي ”ڪاڪا“ ڪوٺيندو هئو، سندس والد شايد ويد هو. سياري ۾ ٿڌ لڳڻ، زڪام، کنگهه ۽ بخار جهڙا مرض ڳوٺن ۾ عام جام هوندا هئا، ۽ ڳوٺاڻا هميشه اهڙين بيمارين ۾ ورتا پيا هوندا هئا. ان مند ۾ سائين ٽيڪڻ مل جنهن به ٻار کي زڪام، کنگهه، بخار يا ٿڌ ۾ ورتل ڏسندو هو ته کيس پنهنجي ويجهو سڏي، خاني مان دوا جي برني ڪڍي کيس دوا چٽائي ڇڏيندو هو.“ ٽيڪڻ مل جي زندگيءَ جا عڪس، ابراهيم جويي جي زندگيءَ مان اسان کي جهلڪندا نظر اچن ٿا. پاڻ سڄي ڄمار ٽيڪڻ مل کي هڪ رول ماڊل جي حيثيت ۾ پسندو ۽ ان جي زندگيءَ مان اتساهه حاصل ڪندو رهيو، ڇاڪاڻ ته ٽيڪڻ مل نه فقط هڪ استاد هو، پر ساڳي وقت هڪ سماجي ڪارڪن بلڪ سماج سڌارڪ پڻ هو. جويو صاحب ننڍي کنڊ جي مارڪسي دانشور ايم. اين. راءِ جي سياسي پارٽي ”ريڊيڪل هيومنسٽ پارٽي“ جو ميمبر به هو ۽ انهن جي اخبار کي ڪجهه وقت تائين ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ڏسندو رهيو. ايم. اين. راءِ جي سوچ ۽ فڪر، جويي صاحب جي عملي زندگيءَ کي نوان رخ ڏنا ۽ پاڻ سڄي ڄمار هڪ قومي ڏاهي جي حيثيت ۾ قومي سياست سان لاڳاپيل رهيو. سرڪاري نوڪري هوندي به هن جيڪو سياسي ادب تخليق ڪيو، تنهن جي کيس وقت به وقت سزا به ڀوڳڻي پئي، پر سندس ارادو اٽل ۽ پَهه پڪو هو ۽ پاڻ ان واٽ تي هلندي، زندگيءَ جا هڪ سؤ ٻه سال مڪمل ڪري رهيو آهي. ان اڙانگي واٽ تي هلندي سندس گهريلو زندگي به سخت متاثر ٿي، جنهن جا اگرا اثر ڪٽنب جي ڀاتين تي به پيا، پر پاڻ انهن سختين ۽ ڏاڍ کي خوش اسلوبيءَ سان منهن ڏيندو رهيو. ورهاڱي وقت جيتوڻيڪ سندس عمر ڪا گهڻي ڪانه هئي، هُو فقط ۳۰ ورهين جو هو، پر سندس شعور ۽ سياسي سوچ جي پختگي کيس ورهاڱي جي وقت جي حالتن ۽ مستقبل جي اگرن نتيجن کان باخبر ڪري رهي هئي. ان صورتحال کي آڏو رکندي ابراهيم جويي صاحب، سنڌ جي وڏيرن، واڳ ڌڻين ۽ سياستدانن کي باخبر رکڻ لاءِ ۱۹۴۶ع ڌاريSave Sindh Save the Continent from the Feudal Lords, Capitalists and their Communalist ڪتاب لکيو. ڪتاب لکڻ جي ڏوهه ۾ ان وقت جي سنڌ جي تعليم جي وزير پير الاهي بخش، جيڪو سنڌ مدرسه بورڊ جو چيئرمين پڻ هو، کيس نوڪريءَ مان ڪڍرائي ڇڏيو. ان سڄي صورتحال کي جويي صاحب خنده پيشانيءَ سان قبول ڪيو. ڪتاب جي اشاعت ۽ نوڪريءَ کان جواب ملڻ تي واويلا ڪرڻ بدران پنهنجي سياسي مقصدن جي حاصلات لاءِ وڌيڪ سرگرم ٿي ويو ۽ وقت وڃائڻ کان سواءِ سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرن ڏانهن هڪ کليل خط لکيو، جنهن ۾ ڪتاب ۾ ڏنل نڪتن جي وڌيڪ وضاحت ڪئي ويئي هئي ۽ سنڌ جي عوام پاران گهر ڪئي ويئي هئي ته، شخصي، گروهي ۽ طبقاتي مفادن بدران پارلياماني سياست ۾ هلندڙ سازشن کي ٻُنجو ڏنو وڃي ۽ سماجي حقن جي تحفظ لاءِ اثرائتا اپاءَ ورتا وڃن. ابراهيم جويي اهو خط، اسيمبلي جي ميمبرن کي سنڌ بچايو ڪميٽي جي اعزازي سيڪريٽري جي حيثيت ۾ لکيو. ان خط کي سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر جي اخبارن ۾ وڏي پئماني تي پذيرائي ملي. ڳالهه اتي پوري ڪانه ٿي، بلڪ پاڻ سنڌ اسيمبليءَ جي هڪ هڪ ميمبر سان ملاقات ڪري به کين سنڌي قوم جي جذبن، خيالن ۽ اندر جي اڌمن کي پهچائڻ جي مهم شروع ڪيائين، جنهن جو مقصد فقط اهو هو ته سنڌ اسيمبليءَ جا ميمبر انهن حالتن ۽ معاملن کي چڱيءَ ريت سمجهن، جن کي سنڌ ۽ سنڌي عوام منهن ڏيئي رهيا هئا. منهنجي ذاتي راءِ اها آهي ته ”سنڌ بچايو کنڊ بچايو“، جيڪو جويي صاحب جو پهريون ڪتاب هو، تنهن ۾ جويي صاحب جن جن حالتن ۽ صورتحال جي اڳڪٿي ڪئي هئي، ورهاڱي کان پوءِ سنڌ انهن حالتن ۽ صورتحال جي وڪڙ ۾ وڪڙجندي ويئي ۽ ڏينهون ڏينهن حالتون خراب کان خراب تر ٿينديون ويون ۽ جويي صاحب جا خدشا ۽ اڳڪٿيون درست ثابت ٿين پيون. جويي صاحب جو اهو ڪتاب هڪ بنيادي ڪتاب جي حيثيت رکي ٿو. ان کان پوءِ جويي صاحب جيڪي به ڪتاب، مضمون ۽ مقالا لکيا آهن، تن جو ماخذ اهو ئي ڪتاب آهي. ان ڪتاب تي اڳتي هلي سرڪار پابندي مڙهي ڇڏي. تازو محمد ابراهيم جويو سؤ ساله جشن ڪاميٽي، اصل انگريزي ڪتاب ۽ ان جي سنڌي ترجمي کي شايع ڪرايو آهي. هونئن ته جويي صاحب پنهنجي شعوري زندگيءَ ۾ ڪيترن ئي شعبن ۾ ڪم ڪيو ۽ مختلف ادارن ۾ مختلف حيثيت ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون، پر سندس ڪم ۽ مقصد بنيادي طور تي فقط اهو هو ته پاڻ سنڌين جي شعورسازي ڪري. هڪ دانشور ۽ اديب کي پنهنجي قوم، وطن ۽ ٻوليءَ سان جيڪا دلي وابستگي هجي ۽ ان جي آئيندي جي سلامتي، مانَ ۽ شانَ لاءِ جيڪا بي لوث اون ۽ دورانديش نگاهه هجڻ گهرجي، ان جو سنڌ ۾ هڪ وڏو مثال سائين محمد ابراهيم جويو آهي. ٻولي، جيئن ته قومن جي سڃاڻپ ۽ سماج جي شعوري توڙي تحت الشعور جي ترجمان هوندي آهي، تنهن ڪري جويو صاحب هڪ اديب، ڏاهي جي حيثيت ۾ سنڌي ٻوليءَ بابت سدائين حساس رهيو آهي، بلڪ اهو چوڻ وڌيڪ مناسب ٿيندو ته پاڻ سڄي ڄمار ٻوليءَ جي بچاءَ، واڌاري، سڌاري ۽ ان کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ لاءِ هميشه پاڻ پتوڙيندو رهيو آهي. ثقافت جي صوبائي وزير سسئي پليجو، جنهن دؤر ۾ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ لاءِ سنڌ اسيمبليءَ ۾ ان معاملي کي کنيو ته سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ لاءِ گهربل سڀيئي دستاويز، محمد ابراهيم جويي صاحب تيار ڪيا هئا. اهڙي ريت هي مرد مجاهد عمر جي هن مرحلي ۾ به سنڌ، سنڌين ۽ سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪرڻ ۾ رڌل آهي. ابراهيم جويو صاحب توهان کي جنم ڏينهن مبارڪ هجي. ابراهيم جويو صديءَ جي ساڃاهه جو سفر طئه ڪندڙ عتيق ملاح - حيدرآباد سنڌ جو ڏاهي، عالم، اديب ۽ دانشور محمد ابراهيم جويو پنهنجي ۱۰۳ هين سالگرهه ملهائي آهي، محمد ابراهيم جويو جي سالگرهه جي موقعي تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تقريبون ٿيون ۽ کيس سنڌي ٻولي، ادب ۽ وطن جي خدمت ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو ويو. محمد ابراهيم جويو ۱۳ آگسٽ ۱۹۱۵ع تي اڳوڻي ضلعي دادو ۽ هاڻوڪي ضلعي ڄامشورو جي ڳوٺ آباد ۾ هاري محمد خان جويو جي گهر ۾ جنم ورتو، هو هڪ غريب گهراڻي سان تعلق رکندڙ هو، پر هن تعليم کي نه ڇڏيو، معاشي حالتون بهتر نه هجڻ باوجود هن تعليم حاصل ڪئي. سنڌيڪا موجب هن پرائمري تعليم جا چار درجا ڳوٺ ۾ پڙهيا، ۱۹۲۷ع ۾ اي وي اسڪول سن ۾ داخل ٿيو، جتي سائين جي ايم سيد جي تعاون سان ٽي درجا انگريزي پڙهي، هن ۱۹۳۰ع ۾ سنڌ مدرسي ڪراچي ۾ داخلا ورتي، جتي چوٿين کان ستين درجي تائين پڙهيو، هن ۱۹۳۸ع ۾ ڊي جي سنڌ ڪاليج مان بي اي جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ هن اتي ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي ۽ منگهارام ملڪاڻي جهڙن استادن جي صحبت ۽ محبت حاصل ڪئي، ۱۹۴۰ع ۾ سنڌ مدرسي طرفان بي ٽي ڪرڻ لاءِ بمبئي جي ايس ٽي ڪاليج پڙهڻ ويو، جتان موٽندي ئي کيس ۱۹۴۱ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ اسسٽنٽ ماسٽر مقرر ڪيو ويو، هو مختلف عهدن تي رهيو، پر هن پنهنجي رستي کي نه ڇڏيو، هو هڪ صديءَ جو سفر پورو ڪري زندگي جون ۱۰۳ بهارون مڪمل ڪري چڪو آهي، پر سندس حوصلا اڄ به بلند آهن، هن علم، ادب، شاعري ۽ عالمي ادب توڙي سياست سميت مختلف موضوعن کي تمام گهڻو لکيو آهي ۽ هن جا ڪيترائي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، هن مختلف علمي ۽ ادبي ادارن جي ڀلائي لاءِ ڪردار ادا ڪيو، سائين جي ايم سيد کي هن جو پهريون تعليمي مددگار پڻ سمجهيو وڃي ٿو. محمد ابراهيم جويو پنهنجي سالگرهه حيدرآباد واري رهائشگاهه تي ملهائي، جڏهن ته سندس سان محبت جي اظهار لاءِ مختلف ادبي حلقن پاران پڻ سالگرهه ملهائي وئي، سنڌي ادبي سنگت پاران سنڌ جي سمورين شاخن ۾ محمد ابراهيم جويو جي سالگرهه جي حوالي سان تقريبون ڪوٺائڻ جو اعلان ڪيو ويو هو ۽ مختلف هنڌن تي اهڙيون تقريبون ٿيون، محمد ابراهيم جويو جي سالگرهه جي موقعي تي مختلف سياسي، سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن سندس گهر تي پهچي کيس سالگرهه جون مبارڪون ڏنيون ۽ کيس گلدستن ۽ اجرڪن جا تحفا پڻ ڏنا. محمد ابراهيم جويو پنهنجي سالگرهه جي موقعي تي عوامي آواز معرفت سنڌ جي ماڻهن لاءِ پيغام ڏيندي چيو ته هو سنڌي قوم جو احسان مند آهي، هو پنهنجي زندگي مان ڪڏهن به مايوس ناهي ٿيو. هن چيو ته اها ڳالهه منهنجي لاءِ واضح آهي ته حياتي کان وڌيڪ مقصد اوچو هوندو آهي ۽ جيترو به مون ڪم ڪيو آهي، ان مان مطمئن آهيان، اهو احساس ضرور ٿئي ٿو ته تويل عمري جي ڪري هن عمر جي حصي ۾ هو گهڻا ڪم نه ڪري سگهيو آهيان، اڄ جي دور ۾ به ڪيترائي ڪم رهجي ويا آهن. محمد ابراهيم جويو چيو ته اها به حقيقت آهي ته ڪيترائي ماڻهو پنهنجي زندگي ۾ ئي رهجي ويل ڪم پورا ڪندا ۽ ڪري رهيا آهن. محمد ابراهيم جويو يقين ڏياريندي چيو ته کيس اهو يقين آهي ته هي علم ۽ قلم جو ڪم ڪڏهن به کٽڻو ناهي، سوچ جي فڪر جو هي ڀرپور جهرڻو سدائين پيو وهڻو آهي. هن سنڌ جي موجوده صورتحال تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته هن وقت سنڌ جي جيڪا صورتحال محسوس ڪيان ٿو ان تي ڪافي ارمان اٿم، پر اهو ڏکيو وقت گهڻو عرصو نه رهندو ۽ اسان جي ٻڌي اسان کي ان سڄي صورتحال مان ڪڍي سگهي ٿي. سنڌ جي اديبن، ليکڪن، دانشورن ۽ سياسي اڳواڻن محمد ابراهيم جويو کي ۱۰۳ سالگرهه جي موقعي تي مبارڪون ڏيندي سنڌ جي علم، ادب، ٻولي جي خدمت ڪرڻ ۽ سنڌ جي ماڻهن کي فڪري طرح سگهارو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي کيس سلام پيش ڪيو آهي. محمد ابراهيم جويو سنڌ جي علم، ادب ۽ وطن دوست سياست کي هٿي ڏيارڻ وارو ڪم ڪيو آهي، هو اڄ به بلند حوصلن سان سنڌ جي آجپي، خوشحالي ۽ ترقي جي خوابن جي سچ ٿيڻ لاءِ پراميد رهيو آهي، محمد ابراهيم جويو هڪ صديءَ جي جدوجهد، عمل ۽ پيڙا جي علامت آهي، هن سنڌ کي جديد فڪر ۽ قومي شعور ڏنو آهي، هو قلمي پورهيي سان گڏ عملي جدوجهد جي ميدان ۾ رهيو آهي، هو اڄ به سنڌ جي لاءِ فڪرمند آهي، سنڌ ۾ سياسي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ وارو سلسلو بند نه ٿيو ته سنڌ جا اديب ۽ شاعر سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪندا. سنڌي ادبي سنگت ۽ خانه بدوش رائٽرس ڪيفي پاران حيدرآباد ۾ خانه بدوش رائٽرس ڪيفي ۾ سنڌ جي ڏاهي محمد ابراهيم جويو جي ۱۰۳ هين سالگرهه واري تقريب ملهائي وئي، جنهن ۾ سياسي، سماجي اڳواڻن، اديبن ۽ شاعرن شرڪت ڪئي. سالگرهه واري هن تقريب کي عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجي خطاب ڪندي چيو ته محمد ابراهيم جويو هڪ ئي پاسي بيٺل هو ۽ آهي، ان ۾ ڪا به تبديلي نه آئي، محمد ابراهيم جويو سنڌ مدرسي ۾ منهنجا مضمون ڏسي مونکي پنهنجي آفيس ۾ سڏايو، هن منهنجي لکڻين ۾ پڙهيو ته سنڌين جا گهر سٺا ان ڪري نه آهن ته هو غلام آهن ۽ انگريزن جون رهائشگاهون ان ڪري سٺيون آهن ته هو حڪمران آهن. هن چيو ته محمد ابراهيم جويو کي اهي شاگرد وڻندا هئا، جيڪي انگريزي ۾ سٺي ڄاڻ رکندا هئا، ان ڪري آئون به انگريزي پڙهندو هوس. هن چيو ته محمد ابراهيم شروع کان وٺي اهو ئي رهيو آهي، جيڪو اڄ نظر اچي ٿو، هن ۾ سڀ کان وڏي خاصيت اها آهي ته هو ڪنهن به بااثر ۽ وڏيري جي پويان نه لڳو آهي، سنڌ ۾ محمد ابراهيم جويو جهڙو ڪو به ماڻهو نه ڄائو آهي، شل ان کانپوءِ به ٻيو ڪو پيدا ٿئي. هن ماضيءَ جي يادين کي ورجائيندي چيو ته ايوب جي مارشلا ۾ سياست تي پابندي هئي، ان ڪري مون، محمد ابراهيم جويو ۽ زرينا بلوچ گڏجي ميوزڪ لور ڪلب ٺاهيو، ان ۾ اسان شاهه لطيف ۽ شيخ اياز جي شاعري کي نئين انداز ۾ پيش ڪيو. سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري نسرين الطاف چيو ته محمد ابراهيم جويو پنهنجي فن ۽ فڪر ذريعي پنهنجو فرض پورو ڪيو، هاڻ اسان جو ڪم آهي ته ان فڪر تي هلون ۽ ان جي قلمي پورهيي جو فائدو وٺون، سوشل ميڊيا پڙهڻ جي رجحان کي گهٽايو آهي. سالگرهه واري تقريب ۾ سنڌ جي قومي ڪارڪنن جي گمشدگين واري معاملي تي پڻ سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو، نسرين الطاف سنڌي ادبي سنگت جي جوائنٽ سيڪريٽري جي حيثيت ۾ ڳالهائيندي چيو ته اسان مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ مان گم ڪيل ماڻهن کي ظاهر ڪري آزاد ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ ادبي سنگت سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪندي، سڄي سنڌ جا اديب ۽ شاعر جدوجهد جي ميدان ۾ هوندا، اهڙي طرح نامياري اديب تاج جويو چيو ته محمد ابراهيم جويو جديد سنڌ جو فڪري سرواڻ آهي، هن جديد ادب جي سرپرستي ڪئي آهي، هو جديد سنڌي ادب جو سرجڻهار آهي، سنڌي ادبي سنگت گم ڪيل ماڻهن تي واضح موقف اختيار ڪيو آهي، مختلف آجياڻي وارين تقريبن ۾ کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي گمشدگين جي مذمت ڪئي آهي، سنڌي ادبي سنگت سنڌ سان گڏ بيهندي، سڄي سنڌ مان هن هفتي ۾ ۱۵۰ ماڻهن کي کنڀيو ويو آهي. هن سپريم ڪورٽ کي اپيل ڪندي چيو ته گنڀي گم ڪيل ماڻهن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ پاڻمرادو نوٽيس وٺي ۽ لڪل قوتن کي سامهون آندو وڃي. تاج جويو چيو ته محمد ابراهيم جويو جديد سنڌي ادب جو سرجڻهار آهي، سمورو نئون سنڌي ادب جويو صاحب جي فڪري سوچ جو عڪس آهي، هن جي سنڌ جي خودمختيار حيثيت لاءِ ورهاڱي کان اڳ به ڪتاب لکيو، ون يونٽ خلاف جدوجهد ڪئي، سنڌي ٻولي قومي ٻولي واري تحريڪ ۾ به ڀرپور حصو ورتو، محمد ابراهيم جويو جديد سنڌي شاعري کي به نئون رخ ڏنو، هن سنڌ جي نئين نسل کي فڪري طرح سگهارو ڪيو. ان موقعي تي ڊاڪٽر محبوب بخاري، قومپرست اڳواڻ قمر الزمان راڄپر، ڊاڪٽر دودي مهيري، نوجوان شاعر علي آڪاش، نامياري شاعر عزيز گوپانگ، حسين مسرت شاهه، محسن جويو ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي علم، ادب ۽ قومي وحدت کي اوچو رکڻ وارا سڀئي ابراهيم جويو جي علم جي پيداوار آهن، اڄ جي سنڌ جي علمي ۽ ادبي تحريڪ جيڪڏهن ڊڪٽيشن وٺڻ وارن مان نه هجي ها ته سنڌ جي کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن کي ائين نه کنڀيو پيو وڃي ها، سياسي ڪارڪن ادب کي نوان لاڙا ۽ رجحان ڏين ٿا، سياسي ڪارڪن ادب جي ميدان ۾ اديبن ۽ ليکڪن کي جوش ۽ جذبو ڏين ٿا. محمد ابراهيم جويو صديءَ جي تاريخ آهي، هن سنڌ جي ماڻهن کي شعور ۽ فڪر ڏنو آهي، ان شعور ۽ فڪر کي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي، محمد ابراهيم جويو جهڙن ڪردارن کي مڃتا ملي آهي ۽ ملندي رهندي، اسان کي سوچڻو پوندو سائين جي ايم سيد، رسول بخش پليجو ۽ محمد ابراهيم جويو جهڙيون شخصيتون هاڻ ڇو نٿيون پيدا ٿين، هنن ڪردار گهٽ سهولتون هوندي وڏا ادارا ٺاهيا، پر اسان سموريون سهولتن هوندي به ادارن مان اهو لاڀ حاصل نه ڪري سگهيا آهيون. محمد ابراهيم جويو جي سڄي ڄمار علمي، ادبي ۽ سياسي جدوجهد ۾ گذري، محمد ابراهيم وطن ۽ قوم جي خدمت ڪئي آهي، هن سياسي ادب کي تمام گهڻو ڪجهه ڏنو آهي. هنن چيو ته پرائمري ۾ ٻارڙن کي انگريزي پڙهائڻ واري رجحان جي محمد ابراهيم جويو مخالفت ڪئي، محمد ابراهيم جويو چيو هو ته ٻارڙن کي پنهنجي مادري زبان ۾ تعليم ڏني وڃي، جويو صاحب جي زندگي ڪم ۽ عمل ۾ ڪامياب زندگي آهي. محمد ابراهيم جويو جو ورهاڱي کان اڳ وارو لکڻ وارو طريقيڪار طبقاتي هو، هو هاري جدوجهدن سان سلهاڙيل هو، پورهيتن ۽ هارين جي حقن لاءِ جاکوڙ ڪندو رهيو، هن ترقي پسند فڪر کي سنڌ ۾ رائج ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. محمد ابراهيم جويو سنڌ جي ماڻهن کي شعور ۽ ساڃاهه ڏني آهي، محمد ابراهيم جويو جهڙن ڪردارن تمام گهڻا ماڻهو ٺاهيا، انهن کي علمي، ادبي ۽ سياسي حوالي سان شعور ڏنو. هنن چيو ته محمد ابراهيم جويو کي پنهنجي شخصيت جي تعريف پسند نه ايندي آهي، محمد ابراهيم جويو هڪ صديءَ جو اوجاڳو آهي، هڪ صديءَ جي ازيت ۽ پيڙا آهي، محمد ابراهيم پنهنجي زندگي جو مقصد سنڌ جي ماڻهن جي نجات رهيو آهي. محمد ابراهيم جويو جي سالگرهه جي حوالي سان عوامي آواز سان ڳالهائيندي، عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي صدر امان الله شيخ چيو ته؛ سنڌ ۾ ۲۰ صديءَ ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا سياسي دانشور ۽ ڏاها پيدا ٿيا آهن. انهن ۾ محمد ابراهيم جويو شامل آهي ۽ محمد ابراهيم جويو جو نالو مٿي نظر اچي رهيو آهي. هن جون لکڻيون تاريخ تي اثر انداز ٿيندڙ آهن. محمد ابراهيم جويو، انهن اديبن ۽ دانشورن جي ڀيٽ ۾ عظيم آهي، جيڪي پنهنجي ذاتي مفادن خاطر وڪرو ٿيڻ ۽ مصلحت پسندي جو شڪار ٿي وڃن ٿا. محمد ابراهيم جويو، هڪ عظيم انسان آهي. هن جون سنڌ جي علم، ادب ۽ سياست لاءِ تمام گهڻيون خدمتون آهن. هن چيو ته؛ محمد ابراهيم جويو جي پيروي ڪرڻ جي دعويداري ڪندڙ، کوڙ سارا دانشور پنهنجي ذاتي مفادن کي قومي مفادن تي ترجيح ڏين ٿا ۽ سنڌ ۾ فڪري مايوسي پکيڙڻ کانسواءِ ڪو به ڪارائتو ڪم ڪرڻ کان لاچار آهن. نامياري اديب ۽ ليکڪ مدد علي سنڌي چيو؛ محمد ابراهيم جويو جون سنڌ جي علم ۽ ادب لاءِ خدمتون لازوال آهن، هن ون يونٽ خلاف سنڌ جي اديبن کي متحرڪ ڪيو، اهڙا گهٽ ماڻهو هوندا آهن، جن کي پنهنجي زندگي ۾ ئي خراج تحسين پيش ڪيو وڃي ٿو. هن کي جيترو خراج تحسين پيش ڪجي اهو گهٽ آهي، هن سنڌ جي علم ۽ ادب کي تمام گهڻو ڪجهه ڏنو آهي، هن جون ڪيتريون ئي لکڻيون اڃا به ڇپجي سگهن ٿيون، پر علمي ۽ ادبي ادارن جي تباهي جي ڪري اهو ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو آهي، آئون محمد ابراهيم جويو جي سٺي صحت لاءِ دعاڳو آهيان. سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل چيو ته محمد ابراهيم جويو سنڌي ادب جي جديد دور جو مثال آهي، هي اهو واحد اديب آهي جيڪو نون اديبن جون لکڻيون پڙهي ٿو، انهن جا ڪتاب پڙهي ٿو، پروف جي غلطين ۽ گرامر جي غلطين کي ڳولي ڪتاب تي پنهنجي راءِ ڏئي ٿو ۽ نون اديبن جي حوصلا افزائيءَ وارو ڪم پڻ ڪندو رهيو آهي. محمد ابراهيم جويو جديد سنڌ جي شعور جو اڏڻهار رکيل مورائي سنڌ کي نيئن سنڌ اڏڻ جو شعور ڏيندڙ سائين محمد ابراهيم جويو هڪ صديءَ جو سفر پارڪري ٻيءَ صديءَ تي پنهنجي ٻڍاپي جي ڇانَو ڪري بيٺل آهي، جنهن ڇانَو ۾ اڄ به ڪيترائي شخص علم جي آسيس وٺڻ لاءِ اچي ويهن ٿا. سائين جوئي صاحب جي سڄي ڄمار جي ڪيل علمي ۽ ادبي خدمتن بابت سدائين لکيو ويندو رهيو آهي ۽ اڳتي به لکبو رهبو. تازوئي جوئي صاحب سان گڏ، اڌ صدي علمي ۽ ادبي مسافت ۾ رهندڙ پروفيسر اعجاز احمد قريشيءَ پڻ مٿس هڪ بيحد اهم ڪتاب لکيو آهي. جنهن جو عنوان آهي ” محد ابراهيم جويو، جديد سنڌ جي شعور جو اڏڻهارُ“ سچ پچ ته هيءَ ڪتاب جوئي صاحب کي هڪ اهڙي ڀيٽا آهي جيڪا هُو اسان سنڌ وارن کان لهڻي به ٿو، ساڳئي وقت هن ڪتاب ۾ جوئي صاحب جي هڪ صديءَ تي ڦهليل سفر جي مختلف ڏسائن جا عڪس به آهن ته هُن جي ڪيل علمي ۽ ادبي جدوجهد جا پيرا کنيل به آهن ته هُن جي شخص جا به ڪي پاسا ظاهر ڪيا ويا آهن ۽ اهي اڄ جي پڙهندڙ لاءِ حوالائي / مستند ريفرنس ان ڪري آهن جو اعجاز قريشي صاحب سندس سفر ۾ ساڻس گڏ گڏ يا سندس پيرن تي پير رکي هليو آهي، هُن کيس پڙهيو آهي، پرکيو آهي ۽ شخص طور سندس ويجهو رهيو آهي. اعجاز قريشي صاحب اسان جي انهن اديبن، دانشورن ۽ تعليمدانن مان آهي، جن مسلسل نئين سنڌ اڏڻ جا نه رڳو خواب ڏٺا آهن پر انهن خوابن جي سا ڀيا لاءِ پنهنجون عمريون به ڏنيون آهن، ڪيترائي ڪتاب لکندڙ، ترجمو ڪندڙ ۽ ترتيب ڏيندڙ پروفيسر اعجاز احمد قريشي وطن دوست عالمن ۽ اديبن جي پهريئن صف جي اها شخصيت رهيو آهي جنهن سنڌ جي آجپي ۽ خوشحاليءَ لاءِ الڳ الڳ فورمن تان هڪ ڊگهي ويڙهه ڪئي آهي، اها ويڙهه هن پهرين شاگر طور عملي طرح ڪئي آهي ۽ پوءِ قلم وسيلي لڳاتا ڪئي آهي، ان ڪري اڄوڪي سنڌ ۾ هُو هڪ آبرودار نالو آهي، سنڌ جي ڏاهپ ۾هن جو حصو آهي سندس سائين جوئي صاحب بابت الڳ الڳ وقتن تي لکيل مضمون جڏهن هاڻ هڪ ڪتاب جي صورت ۾ ظاهر ٿيا آهن ته ڪتابي شڪل ۾ اهي جوئي صاحب جي الڳ الڳ پهلوئن جي واقفيت ڏيئي وڃن ٿا. نَون الڳ الڳ عنوانن سان ڇپيل هنن مضمونن ۾ تفصيل سان جوئي صاحب جي ڪيل جدوجهد جو پتو پئجي ٿو. اهو ته سچ آهي ته جويو صاحب تاريخ ٺاهيندڙ به آهي ته ادارا ٺاهيندڙ به، شخص ٺاهيندڙ آهي نه شعور وڌائيندڙ به. ۽ ائين به آهي ته سندس ساٿ ۾ جيڪي شخص رهيا آهن انهن مٿان سندس شعوري اثر ته رهڻو ئي آهي ۽ اهو آهي، نيئن سنڌ اڏڻ جُو خواب. جنهن جي ساڀيا لاءِ هو پنهنجي همسفرن سان گڏ نڪتو هُئو، نوجوان محمد ابراهيم جويو ۽ اڄ هُو ڪيترائي طوفان، سرديون، گرميون، لڪ ۽ لانگها پار ڪري، هڪ صديءَ کي اکين ۾ سانڍي، مُرڪي رهيو آهي. سندس مرڪڻ ان حاصلات لاءِ آهي ته هُن جيڪو سفر چونڊيو هُئو ان سفر ۾ کانئُس پوءِ به ڪيترا ئي شخص پنڌ جاري رکيو اچن ٿا ۽ اڳتي به جاري رکندا. انهن مان هڪ پروفيسر اعجاز قريشي به آهي، جنهن سندس سفر جي ماڳن مڪانن جا عڪس پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڏنا آهن، جنهن کي هُن ”جديد سنڌ جي شعور جو اڏڻهار“ نالو ڏنو آهي. هي ڪتاب اڄ جي پڙهندڙن لاءِ لازمي پڙهيو ويندڙ نصاب جيان آهي، جنهن مان هُو انهن جي شعوري اڳواڻ سائين جوئي صاحب جي جدوجهد جو اندازو به لڳائي سگهندا ساڳئي وقت اهو سفر به جاري رکي سگهندا، جنهن تي هلي، نئين سنڌ اڏڻ جو خواب ساڀيا ماڻيندو. سياسي، شعور، تاريخي شعور، مادي شعور ۽ سماجي شعور جو گڏيل مجموعو آهي سائين محمد ابراهيم جويو ۽ ساڻس گڏ سفر ۾ هلندڙ به شاهه سائين جي هن سٽ وانگر آهن. جهڙو پنهون پاڻ، تهڙي سٽا ساٿ جي. دعا آهي ته ساٿ هلندو رهي ۽ ان ساٿ جي هر مسافر جي هٿ ۾ ڪجهه ڪتاب ضرور هجن، جن مان هڪ ڪتاب هيءُ آهي، جيڪو کين پنهنجي ساٿ ڌڻي سرواڻ جي گذريل سفر کان واقف ڪندو هلندو. جيئن پروفيسر اعجاز احمد قريشي صاحب لکيو آهي ۽ اسين سڀ جوئي صاحب سان شعوري طور نسبت رکندڙ شخص به چئون ٿا ته هو ئي آهي جنهن لاءِ چئي سگهجي ٿو ته ” جديد سنڌ جي شعور جو اڏڻهار“ آهي ان ۾ ٻه ڳالهيون نه آهن. ڪتاب ۾ ڪيتريون ئي اهم تصويرون پڻ ڏنل آهن، جيڪي جوئي صاحب جي سفر سان گڏ اعجاز قريشي صاحب جي سفر کي پڻ واضح ڪري رهيون آهن، هڪ سئو چوونجاهه صفحن جو هيءُ پڪي جلد وارو ڪتاب پيڪاڪ پرنٽرز ۽ پبلشرز ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو آهي، ڪتاب جو ملهه ٻه سئو رپيا آهي، سڀ کان اهم ته هي ڪتاب پڙهڻ ۽ پُرجهڻ جهڙو آهي. محمد ابراهيم جويو سنڌي ٻولي ۽ ادب جو گھڻ گھرو رضوان گل ڪجهه ماڻهو قومن جي علم، ادب، ثقافت ۽ ذهني اوسر جي حوالي سان پيڙهه جي پٿر واري حيثيت جا حامل هوندا آهن ۽ پنهنجي علمي بصيرت ذريعي قومي شعور ۽ جاڳرتا پيدا ڪرڻ جي حوالي سان سڃاتا ويندا آهن. اهڙا ماڻهو ڪنهن به ٻولي ۽ علم و ادب لاءِ سرمايو هجن ٿا. سنڌي قوم جي ذهني تربيت ۾ جن ماڻهن تمام ڀرپور ۽ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي انهن ۾ محمد ابراهيم جويي جو نالو وڏي اهميت وارو آهي. ابراهيم جويو نظرياتي حوالي سان اڄ به اُتي ئي موجود آهي ۽ ان ئي فڪر سان سلهاڙيل آهي جتان هن پنهنجو سفر شروع ڪيو هو. هن جي خيالن ۽ نظرين سنڌ جي ماڻهن جي ذهني لاڙن ۾ انقلابي تبديليون آنديون. جويو صاحب جتي به ليڪچر ڏنا، اتي ماڻهو سندس مداح ٿي پيا. سائين جي ايم سيّد ۽ شيخ اياز جهڙين قدآور ۽ مَهان شخصيتن کان پوءِ ابراهيم جويو ۽ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ۽ اهڙا چند ئي ٻيا ماڻهو وڃي بچيا آهن، جن سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ پاڻ پتوڙيو ۽ وڙيو آهي. ڪنهن وڏي شخصيت بابت لکڻ ان ڪري به ڪافي ڏکيو هوندو آهي جو ان جي ڪيل پورهئي جا ڪيترائي رخ هوندا آهن، جن کي هڪ ئي وقت پوري ذميواريءَ سان بيان ڪرڻو هوندو آهي ۽ ٻيو ته پنهنجو قد ان وقت هماليه جي چوٽيءَ جي هيٺان بيٺل ننڍري ڪِوِل جيترو ڏسي به اهو گمان ٿيندو آهي ته شايد سندس محبت ۽ محنت سان ڪيل پورهئي جو ڪاٿو ڪري نه سگهجي ۽ سندس ذڪر ڀرپور انداز سان ٿيڻ کان رهجي وڃي. جويي صاحب جو نالو يقيناً اهڙين ئي شخيتن ۾ شامل آهي. محمد ابراهيم جويو تعلقي سيوهڻ جي لڪي تيرٿ ڀرسان ڳوٺ آباد ۾ ۱۳ آگسٽ ۱۹۱۵ع تي جنم ورتو، بنيادي تعليم آباد ۽ سنَ ۽ بعد ۾ مئٽرڪ ۱۹۳۴ ۾ سنڌ مدرسي ڪراچي، انٽر ۱۹۳۶ ۾ ڊِي جي (ڏيارام ڄيٺمل) ڪاليج، گريجوئيشن ۱۹۳۸ ۾ ڊي جي ڪاليج ڪراچي ۽ بِي ٽِي ۱۹۴۲ ۾ بمبئي مان ڪيائين. ۱۹۳۸ ۾ سنڌ مدرسي ۾ انگريزي استاد جي حيثيت سان ملازمت جو آغاز ڪيائين، ۱۹۴۲ ۾ ميونسپل هاءِ اسڪول ٺٽي جو هيڊ ماستر ٿيو، جنهن بعد گورنمينٽ ڪاليج فار مين ۾ استاد ٿيو. ۱۹۵۱ ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ۽ ۱۹۵۵ ۾ ٽه ماهي ”مهراڻ“ جو ايڊيٽر پڻ رهيو. اهڙي طرح ۱۹۷۳ ۾ نوڪريءَ تان رٽائرمينٽ ورتائين. ۱۹۹۷ کان ۲۰۰۲ تائين کيس سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمئن طور خدمت ڪرڻ جو موقعو مليو. ڪراچي ۾ ملازمت دؤران اڪثر سنڌي ادبي سنگت جون گڏجاڻيون به منعقد ڪرائيندو رهيو. سائين جي ايم سيد سان گڏجي سنڌ جو ڪيس به وڙهيو، بي ڊپو ٿي لکندو ۽ پروگرامن ۾ بيباڪيءَ ڳالهائيندو رهيو. وقت جي حڪمرانن سان اصولي ڳالهين تي مهاڏو اٽڪائڻ ۾ هن ڪا به جِجَهڪ محسوس نه ڪئي. پاڻ هميشه هڪ اديب ۽ دانشور طور ڀرپور مزاحمتي ڪردار نڀائيندو رهيو آهي. ابراهيم جويو هڪ ئي وقت بهترين نقاد ۽ دانشور به آهي ته مترجم ۽ سچو سياسي ڪارڪن به. هن هميشه هڪ ڪارڪن جيان ئي ڪم ڪيو آهي، پر سندس سوچ، فڪر ۽ ڏاهپ کيس ماڻهن جي دلين ۾ هڪ اڳواڻ واري حيثيت ڏياري آهي. پنهنجي ارادن تي اٽل رهڻ وارو هي کاهوڙي هر دؤر ۾ سنڌيت جو نعرو بلند ڪندو رهيو آهي. شيخ اياز سان سندس تمام گهڻي ويجهڙائي ۽ دوستيءَ جو سٻنڌ رهيو ۽ سائين جي ايم سيد ۽ رسول بخش پليجي جي سنڌي ماڻهن کي آزادي ۽ سندن حق ڏيارڻ واري جدوجهد ۾ پڻ سندس اهم ڪردار رهيو. هن ترقي پسند نظريي جي پرچار ۾ پنهنجا ڪيترائي هم خيال دوست پيدا ڪيا. محمد ابراهيم جويي جن ڪتابن جا ترجما ڪيا سي انتهائي ڪارائتا آهن. هن ادبي بورڊ ۾ ڪجهه معياري ڪتابن جا ترجما ٻين ناليوارن ليکڪن ۽ مترجمن کان به ڪرايا. سائين جي ايم سيّد جي ڪتابن جي شايع ڪرائڻ لاءِ پاڻ پروف ريڊنگ کان ويندي آخري مرحلن تائين جُڙيل رهيو. ساڳئي ريت هن سنڌ جي بيحد وڏي شاعر شيخ اياز جي ڪتابن جا بهترين مهاڳ پڻ لکيائين جن مان اياز کي وڏو اتساهه مليو. شيخ اياز، ابراهيم جويي بابت لکيو آهي ته: ”ابراهيم جويي ۾ ڪوئي تذبذَب نه آهي، هن جا سياسي نظريا ۽ زندگيءَ جا اصول طَي شده آهن، جن ۾ ڦير گھير جي ڪائي گنجائش نه آهي. ترتيب ۽ تسلسل هن جي زندگيءَ جون نمايان خوبيون آهن، پسِ پردا رهي هن نئين سنڌ جي ذهني تربيت ڪئي آهي.“ ابراهيم جويي بابت ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي لکيو آهي: ”محمد ابراهيم جويو هڪ اهڙو عالم، اديب، محقق، دانشور ۽ سياسي گُرو آهي، جنهن تي تمام گهڻو لکجڻ کپندو هو، پر هن يار نه ڪجهه پاڻ تي لکيو ۽ نه ڪنهن ٻئي کيس خاص ڪريڊٽ ڏنو. جِي ايم سيد، شيخ اياز، رسول بخش پليجو، مان پاڻ ۽ سنڌ جو سمورو ادبي لڏو محمد ابراهيم جويي جا مقروض آهيون. هن اسان کي صرف ڏنو آهي، ورتو ڪجهه به نه آهي.“ ابراهيم جويو بحيثيت اديب ۽ دانشور گهڻو مشهور آهي، پر هي هڪ باشعور سياسي ڄاڻ رکندڙ خاموش ۽ گم نام ڪارڪن رهيو آهي. هن تاريخي نوعيت وارا ۽ انتهائي ذميواريءَ وارا ڪم پڻ سرانجام ڏنا آهن. جويو صاحب وڏي سياسي بصيرت رکندڙ ماڻهو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سياسي ڄاڻ ڏيندڙ سندس انتهائي لاڀائتا ليک دستاويز جي حيثيت رکندڙ آهن. محمد ابراهيم جويي ڪيترائي ڪتاب ترتيب ڏنا ۽ ڪيترائي ترجمو به ڪيا. هڪ ڪتاب انگريزي ٻوليءَ ۾ ”سيوِ سنڌ سيوِ ڪانٽينينٽ فرام فيوڊل لارڊس ڪيپيٽلس“ ۱۹۴۷ ۾ هن شايع ڪرايو، جنهن سبب کيس ملازمت تان به هٿ ڌوئڻا پيا. بعد ۾ مدرسي جي شاگردن هن جي حمايت ۾ جلسا جلوس ڪڍيا. ٽه ماهي رسالو ”مهراڻ“ ۱۹۵۵ ۾ شايع ڪرائڻ شروع ڪيائين، جنهن ۾ ناليوارن ليکڪن جي ليکن شايع ڪرڻ کان علاوه نون لکندڙن جي تمام گهڻي همت افزائي ۽ اصلاح پڻ ڪيائين. جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي نوان لکندڙ اڀري آيا. ”ادب ٻولي تعليم“، ”شاهه سچل سامي“، ”هوءَ جا ٽمڪي باهڙي“، ”سيڪيولرزم ۽ اقليت پسندي“، ”علم تدريس مظلومن لاءِ“ (ترجمو)، ”ٻارن جو مسيح“ (ترجمو)، ”وحشي جيوت جا نشان“، ”ماڻهو جو ڀاڳ“، ”فلسفي جو ابتدائي ڪورس“ (ترجمو)، ”شدان جو باندي“، ”مهڪريءَ جا مضمون“ (ترجمو)، ”سنڌ منهنجي خوابن جي“، ”ادب ۽ سياست عوام لاءِ“ ۽ ان کان علاوه ٻيا ڪيترائي ڪتاب پاڻ ترتيب ڏنائين ۽ ترجمو ڪيائين. محمد ابراهيم جويو اڄ سوڌو ڌرتيءَ لاءِ پاڻ ارپڻ واري جذبي تحت ڪم ڪري رهيو آهي. محمد ابراھيم جويو جُوڻ مَٽائي آيل جوتشي سنگرام سنڌ ۾ هڪ مشهور لوڪ ڪهاڻي آهي، جيڪا اسان به ننڍي هوندي، ڪيترا ئي ڀيرا پنهنجن وڏڙن کان ٻُڌي هئي سون. اوهان جي ٻالڪپڻ جي يادگيرين کي تازو ڪرڻ لاءِ آءٌ اُهـا لـوڪ وارتا اوهان جي شيوا ۾ عرض رکان ٿو. ڳالهه ڪندا آهن ته؛ ڪنهن زماني ۾ هڪ ماڻهو، ڏاڍو ڏکيو جيوّنُ گذاري رهيو هو. سندس زندگيءَ جو هر پل ڄڻ ته هن لاءِ ڪنهن وڏيءَ آزمائش جي گهڙيءَ کان گهٽ نه هوندو هو. هُو هر روز الائي ته ڪيترا ئي ڀيرا جيئندو ۽ مرندو هو. ماڻهو سندس حالت مان عبرت حاصل ڪندا هئا. انهيءَ دوران هڪ ڏينهن ڪو زماني شناس جوتشي، جيڪو پنهنجي جوڳ تپسيا سبب، جوتش وِديا جي ٻَل تي، ماڻهوءَ جي جيوّن ۾ ليئو پائي، اُن جي حالت بابت راز ڄاڻي سگهندو هو، ۽ جيڪڏهن ڪنهن تي ڪَهَل آيس ته اُن جي مستقبل بابت اڳڪٿي به ڪري سگهندو هو، سو وٽس آيو. هِن جي بِپتا ڏسي، مٿس ڪَهَلُ آيس ۽ چـيائينس ته؛ ”تنهنجو بخت، هڪ گهاٽي وڻ جي هيٺان، اَگهور ننڊ ۾ ستو پيو آهي. جيڪـڏهن تون کيس ڳولي ۽ جاڳائي وٺيـن ته جيڪـر تنهـنجا سـڀ لُـڙ لهـي پـون. تون وڏو بختوَر ۽ سُکيو سُهنجو ٿي پوين!“ قسمت جي ستايل اُن شخص، وڏي بيچينيءَ وچان ۽ نماڻائيءَ سان کيس وينتي ڪئي؛ ”مهرباني ڪري منھنجي ڀاڳُ جو ڏَس پتو ڏي ته اُهو ڪهڙيءَ جُوءِ ۾ ملندو.“ تنهن تي اُن جوتشيءَ، مٿس ترسُ کائيندي چيو؛ ”چار ئي ڏِس وڃي ڳولا ڪرينس. هڪ هنڌ اُهو تنهنجو ڀاڳُ تو کي گهاٽي بڙ جي وڻ هيٺان سُتل ملندو. وڃي کيس جاڳاءِ ۽ پنهنجا ڪشٽَ دُور ڪر.“ ايئن چئي اُهو رمتو جوڳي، پنهنجي راهه وٺي، اَلوپ ٿي ويو. پنهنجي ڏُجهاري جيوّنَ ۾ سُک جي سُهائيندڙ سُندر ساعتن جي امڪانَ بابت، اُن نام ڪَٺئي جوتشيءَ جي واتان شُڀ واڻي ٻُڌي، همراهَه جي جيءَ ۾ اُدم لاءِ اُتساھُ ڪَر کڻڻ لڳو. هُن منَ ئي منَ ۾ الائي ته ڪيترا ئي خيالي لڏوُ ٺاهي، کائي ڇڏيا. سندس دل گد گد ڪري رهي هئي. رکي رکي خيال اچي رهيا هئس؛ ”ڏُک جا ڏينهنَ اِجهو ڪِي ختم ٿيا!“ هُو پنهنجو ڀاڳُ جاڳائڻ لاءِ ڀانت ڀانت جي ترڪيبن آزمائڻ لاءِ، پنهنجا وِيچار ويڙهائڻ لڳو. ٻئي ڏينهن سعيو ڪري، ۽ پڪو پَهه ڪري، پنهنجي ڀاڳ جي ڳولا ۾ هڪ طرف مُنهن ڪري، نڪري پيو. نَڪ جي سِڌ ۾، سڄو ڏينهن هلندو رهيو. هيڏانهن هوڏانهن پڻ نظرون ڊوڙائيندو رهيو، ڪشالا ڪڍندو رهيو، تان جو سجَ ٽُٻي ڏني، پر کيس پنهنجي ڀاڳُ جو ڪٿي به ڪو آثار نظر نه آيو ۽ ائين ٿڪو، ٽُٽو، اُداس منَ سان هو پنهنجي گهر ڏانهن واپس وريو. ٻئي ڏينهن وري ساڳي ڪِرت، ساڳي جستجو، ساڳي ڳولا. ائين هو اَٽل اِرادي سان پنهنجي بخت جي ڳولا ۾ جُنبي ويو. هر روز پرڀات ويلي هُو ڪنهن نه ڪنهن ڏِسُ ڏانهن نڪري ويندو هو ۽ سڄو ڏينهن ڀٽڪڻ کان پوءِ سانجهيءَ ٽاڻي هميشه وانگر، مايوس ۽ نامُراد بڻجي واپس موٽي ايندو هو. اِن ريت هُو ٽي دِشائون رُلي ڀٽڪي چڪو هو، پر پوءِ به همت نه هاريائين. سُک جي ڏينهن جي آس سندس اندر ۾ آنڌ مانڌ مچائي ڏني هئي. هُو هاڻي مڪمل طرح بيدار ٿي چڪو هو، پنهنجي ”بخت“، پنهنجي ”نصيب“ تي ڏمريل هو. هاڻي هُن پنهنجيءَ ”قسمت“، ”قسمت جي لکئي“ تي ماتم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو! هُو هر روز هڪ نئين اُمنگ ۽ اُميد سان وري نئين ڏِسُ جو پنڌ ڪرڻ لاءِ نڪري ويندو هو. نيٺ هڪ ڏينهن هلندي هلندي، ٽاڪ منجهند جو پري کان هڪ بڙ جو وڻ نظر آيس. کيس پنهنجي اميد ساڀيان ٿيندي محسوس ٿي. سندس دل زور سان ڌڪ ڌڪ ڪري، ڌڙڪڻ لڳي ۽ تکيون تکيون وِکون کڻي، جڏهن اُن وڻ وٽ پهتو ته جان کڻي ڏسي ته سندس ڀاڳُ، اُن وڻ جي گهاٽيءَ ۽ ٿڌيءَ ڇانءَ ۾ اَگهور ننڊ ۾ سُتو پيو هو. همراهه پنهنجي ڀاڳ کي سُڃاڻي، ننڊ مان جاڳائڻ شروع ڪيائين. وڏا جتن ڪرڻ کان پوءِ مَس وڃي اُن اک کولي ۽ هن ڏانهن ننڊاکڙن نيڻن سان ڏسي، پاسو ورائي، وري سُمهي پيو. همراهه وري خلل ڪري، جڏهن کيس ٻيهر جاڳايو ته سندس ڀاڳُ مٿس ڪاوڙجي پيو ۽ ڪروڌ مان کيس گهُورڻ لڳو. همراهَه کي تِهان ئي جوش ۾ ڏسي، ڪجهه ماٺو ٿيو ۽ کانئس حال احوال ورتائين. اِن تي همراهَه چيس؛ ”تون منهنجو ڀاڳُ آهين؛ تون هتي سُتو ننڊون پيو ٿو ڪرين ۽ هوڏانهن منهنجو جيئڻ جنجال بڻيل آهي. مون تو کي سڃاتو آهي ۽ وڏا ڪشالا ڪڍي، تو کي ڳولي لڌو اٿم. تنهن ڪري، هاڻي نڀاڳ جي ننڊ ڇڏ ۽ اُٿ ۽ مون سان گڏجي گهر هلُ ته ڪي منهنجا ڏينهنَ بدلجن ۽ آءٌ سُک جون ڪي گهڙيون جيئان، آءٌ ڏاڍو ڏُکارو آهيان.“ همراهَه جي ڳالهه ٻُڌي، سندس بخت وراڻيو: ”ٺيڪ آهه، ٺيڪ آهه. پر، ڏسين نٿو ته ٻاهر ڪهڙي نه نِٽهڻ اُس آهي، ساهه کڻڻ به دُشوار آهي. هينئر تون به ٿڪل آھين، ڪي گهڙيون هِن وڻ جي ٿڌيءَ ڇانوَ ۾ آرام ڪر! ڏينهن ڪجهه ٿڌو ٿئي، پوءِ آءٌ تو سان گڏجي هلندس، تون دلجاءِ ڪر.“ ائين چئي اُهو سندس ڀاڳُ وري سُمهي پيو. همراهه ٻيو ڪو چارو نه ڏسي، ۽ وري دل کي آٿت ڏيندي ته سندس ڀاڳُ شام ڌاري ساڻس گڏ هلڻ جو وچن ڪيو آھي، سو ضرور ساڻس گڏ هلندو ۽ پوءِ سڀ سڻايون ٿي پونديون. ائين سوچي، پاڻ به اُن وڻ هيٺان سمهي پيو. همراهه ٿڪل هو، سو ننڊ کيس گهيري وئي ۽ هُو مٺيءَ ننڊ جي من لُڀائيندڙ وادين ۾ گُم ٿي ويو. سج لٿو، رات آئي ۽ وئي؛ ٻيو سج اُڀريو، منجهند ٿي، پر نه پاڻ جاڳيو ۽ نه ئي وري سندس ڀاڳ! جنهن جوتشيءَ کيس ڀاڳُ جو ڏَسُ ڏنو هو، سو پنهنجيءَ گيان شڪتيءَ سان سڄيءَ صورتحال تي نظر رکي رهيو هو، سو اِها ماجرا ڏسي پريشان ٿي ويو. پنهنجي مُنهن هم ڪلام ٿيندي، ڀُڻڪندي چيائين: ”مار! جنهن همراهه کي پنهنجو بخت جاڳائڻ لاءِ موڪليو هئم، سو ته ماڳهين پاڻ ئي نڀاڳ جي ننڊ سُمهي پيو آهي! ائين ته سندس جيوّنُ نه فقط مشڪل پر سندس جيئڻ به جنجال بڻجي پوندو.“ اِهو خيال من ۾ سمائي، اُن جوتشيءَ اچي همراههَ کي ننڊ مان سُجاڳ ڪيو ۽ چيائينس؛ ”تون هن جي ڳالهين ۾ ڇو ڦاسي پئين؟ اِها ڳالهه ئي ته تنهنجي ڏکن جو ڪارڻ آهي؛ تنهنڪري، نڀاڳ جي ننڊ ڇڏ ۽ عمل جي گرميءَ سان پنهنجو بخت جاڳاءِ. ٻيءَ صورت ۾ بدبختي تنهنجو مقدر بڻيل رهندي، سو ويٺو سڄي ڄمار اُن جو ماتم ڪجانءِ! پر هاڻي، پنهنجي بدبختيءَ جو ذميوار تون پاڻ هوندين!“ جوتشيءَ جي اِن ڳالهه مٿس گهرو اثر ڪيو ۽ جوش ۾ اچي پاڻ به بيدار ٿيو ۽ پنهنجي سُتل ڀاڳ کي هٿوڙا هڻي جاڳايائين. جيتوڻيڪ اُن گهڻي ئي گوهيون هنيون ۽ گوٿناٿ ڪئي، پر همراهه جيڪو هاڻي بيدار ٿي چڪو هو، تنهن اُن جا هڙ ئي حيلا بهانا ناڪام بڻائي ڇڏيا ۽ پنهنجو بخت بيدار ڪري، سُک جا ڏينهن گذارڻ لڳو. اسان سنڌين جو حال به اُن همراهه وانگر ئي آهي. پنهنجي بخت سان گڏ اسين پاڻ به نڀاڳ جي مٺي اَگهور ننڊ ۾ غلطان آهيون ۽ ويٺا ”قسمت جو لکيو“ لوڙيون. اسان جي جيوّنَ ۾ به هڪ جوتشي آيل آهي. اُهو آدُجڳادي جوتشي جُوڻ مٽائي سائين محمد ابراهيم جويي جي روپ ۾ آيو آهي ۽ گذريل لڳ ڀڳ مُني صديءَ کان وٺي لڳاتار اسان کي نڀاڳ جي ننڊ مان بيدار ڪرڻ ۽ پنهنجو ڀاڳُ جاڳائڻ جا ڏَس ۽ گُر ڏَسي رهيو آهي. ضرورت فقط اِن ڳالهه جي آهي ته اسين پنهنجيءَ حالت، پنهنجيءَ دُرگت ڏانهن سنجيده روّيو اختيار ڪريون ۽ اُن جو اِدراڪ ڪري، عمل ۽ جدوجهد سان پنهنجو ۽ پنهنجن ايندڙ نسلن جو بخت سنواريون ۽ سُک جون ڪي گهڙيون شان ۽ مانَ سان گذاريون. هڪ صديءَ کان جاڳيل اکيون ٻوٽجي ويون ادل سولنگي نئين سنڌ اڏڻ جي لاءِ علمي ۽ عملي جدوجهد ڪندڙ، سنڌ جو ڏاهو محمد ابراهيم جويو، زندگيءَ جا سمورا پل پهر سنڌ جي فڪري اڏات واري ڪرت ۾ ڪتب آڻيندي ۹ نومبر ۲۰۱۷ع تي سنڌ واسين جي اکين ۾ وڇوڙي جا وڍ ڏئي سنڌ امڙ جي هنجهه ۾ سدائين لاءِ وڃي آرامي ٿيو. محمد ابراهيم جويو لڪي تيرٿ ڀرسان هڪ ننڍڙي ڳوٺ آباد ۾ هاري گهراڻي ۾ پيدا ٿيو، سائين محمد خان جويي جي هن سڀاڳي نينگر پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان پرائي، سن جي سقراط سائين جي ايم سيد جڏهن هن ننڍڙي ٻالڪ کي ڏٺو ته کيس وڌيڪ تعليم پرائڻ لاءِ سندس ڏاڏي کي چيو ته هن کي انگريزي پڙهائڻ لاءِ سن جي اسڪول ۾ داخل ڪرايو وڃي. محمد ابراهيم جويي جڏهن ٽي درجا انگريزي “سن“ جي اسڪول مان پاس ڪيا ته وڌيڪ تعليم پرائڻ لاءِ سائين جي ايم سيد کيس سنڌ مدرسي ۾ داخل ڪرايو. محمد ابراهيم جويو، نازڪ نفيس، سلڇڻو ۽ ذهين نينگر هيو، جڏهن سنڌ مدرسي ۾ داخل ٿيو، تڏهن مدرسي جو پرنسپال/هيڊ ماستر عمر بن محمد دائود پوٽو هيو، جنهن جو تعلق ان ٽلٽيءَ سان هيو، جنهن ٽلٽيءَ ۾ مخدوم بلاول جهڙا محبت وطن، عالم، اڪابر ۽ قومي اڳواڻ علم پرائڻ سانگي ڪيترا ئي ورهيه رهائش پذير هئا. سائين جي ايم سيد سن جو رهواسي جيڪو مخدوم بلاول جي بهادر خليفي حيدر شاهه سنائي جو پونئير هئوجنهن نئين سنڌ اڏڻ جا خوبصورت خواب پنهنجي نيڻن ۾ اُڻيا هئا. اڳتي هلي سنڌ ڌرتيءَ جا هي ٽيئي سپوت سنڌ جي علم، عقل، ڏاهپ ۽ جدوجهد جا مهندار ٿي سنڌ جي سينڌ سنوارڻ لڳا. ان زماني ۾ سائين جي ايم سيد عمر بن محمد دائود پوٽو ۽ محمد ابراهيم جويو اهڙا نالا رهيا آهن، جن اڳتي هلي سنڌي ادب، سنڌي ٻولي، سنڌ جي قومي تشخص، سنڌ جي ڪلچر سنڌ جي تاريخ، سنڌ جي لطيف ۽ سنڌ جي سورمن جي مان ۽ مريادا لاءِ علمي پورهيو ڪيو ۽ سنڌ سان پنهنجي تاريخي ورثي جي سڃاڻپ ڪرائي ۽ سنڌ ۾ علمي سجاڳيءَ جو تحرڪ پيدا ڪيو. اڳتي هلي محمد ابراهيم جويو سائين جي ايم سيد جو سندس فڪري جدوجد ۾ ساٿاري ۽ ٻانهن ٻيلي بڻيو ۽ وڏي حد تائين سنڌ جي روشن خيالي واري تحريڪ جو روح روان به بڻجي ويو، محمد ابراهيم جويو، سنڌ ڌرتيءَ جي سڀاڳ جي علامت ۽ اهڃاڻ رهيو، جنهن سموري زندگي علم ۽ شعور، ڏات ۽ ڏاهپ، فن ۽ فڪر، حب الوطني ۽ روشن خيالي،سهپ ۽ رواداري، سياسي ۽ سماجي سجاڳي لاءِ پاڻ پتوڙيو، زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين سائين محمد ابراهيم جويي علم ۽ شعور جون مشعلون ٻاري سنڌ کي شعور جي روشني ڏيندو رهيو، جنهن جي علمي، ادبي جاکوڙي جدوجهد ۽ هڪ مڪمل صديءَ جي تاريخ جو مشاهدو آهي ته هن سنڌ جي علمي، ادبي سنوار ۾ پنهنجون سموريون صلاحيتون ڪتب آڻيندي لازوال مثال قائم ڪيو. سنڌ واسين ارسطو ۽ سقراط ته ڪو نه ڏٺو پر هنن سائين جي ايم سيد ۽ محمد ابراهيم جويي کي ضرور ڏٺو، جن سنڌ جي عشق ۾ فنا ٿيڻ جي روايت قائم ڪئي. سائين محمد ابراهيم جويي پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات سنڌ مدرسي کان ڪئي ۽ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ سنڌ سان مستقبل ۾ ٿيندڙ سازشن ۽ ويساهه گهاتين جو ادراڪ رکندي ”سيو سنڌ، سيو سب ڪانٽيننٽ /سنڌ بچايو، کنڊ بچايو“ جهڙو لازوال ڪتاب تخليق ڪيو. جنهن جي پاداش ۾ ان وقت جي تعليم جي وزير” پير الاهي بخش کيس نوڪريءَ تان لاهي ڇڏيو، ياد رهي ته پير الاهي بخش سنڌ مان سنڌي ٻوليءَ کي نيڪالي ڏيڻ ۾ ڌارين جو ساٿ ڏيندي سڀ کان پهرين ڪراچي شهر مان ۱۳ سئو سنڌي اسڪول بند ڪرايا هئا. سائين محمد ابراهيم جويو، اينٽي ون يونٽ فرنٽ ۽ بزم صوفياءِ سنڌ جي جدوجهد ۾ سنڌ ۽ سيد سان گڏ ايوبي شاهيءَ سان مهاڏو اٽڪائي پاڻ ملهايو، جنهن جي ڏوهه ۾ کيس ڪوهاٽ بدلي ڪيو ويو هو، سائين محمد ابراهيم جويو سنڌي ادبي سنگت کي سنڌ جي ترقي پسند ۾روشن خيال تنظيم طور نه رڳو قبوليو پر ان مقصد جي حاصلات لاءِ مسلسل سنڌي ادبي سنگت سان سلهاڙيل رهندي ان جي زيادتين جي رهنمائي ڪندو رهيو. جويو صاحب ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سان گڏ سنڌ هاري ڪميٽي جي مقصدن سان سهمت ٿيندي ان جدوجهد ۾ شامل رهيو، پنهنجي شاگرد رسول بخش پليجي جي عوامي تحريڪ کي به پنهنجي اخلاقي،علمي، ادبي ۽ سياسي حمايت سان اڳتي وڌايو. هو مارڪسوادي هجڻ باوجود هتان جي اشتراڪين سان قومي سوال تي سدائين ٽڪراءَ واري پوزيشن ۾ رهيو. سائين محمد ابراهيم جويو آزاد سنڌ ۽ سيڪيولر سماج جو حامي ۽ گهرجائو هئو، جنهن لاءِ سندس ڪوششون جاري رهيون. سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري، چيئرمين رهندڙ سائين محمد ابراهيم جويي ”مهراڻ“ کي جيڪو مٿاهون مقام ڏياريو ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي نيڪ ناميءَ لاءِ جيڪو پاڻ پتوڙيو اهو به تاريخ جو اهم حصو ۽ سندس علمي ادبي ڪاميابين ۽ ڪامرانين جو هڪ اعليٰ مثال رهيو آهي، سنڌ جي نصاب کي سيڪيولر، روشن خيال ۽ انسان دوست بڻائڻ لاءِ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين جي حيثيت سان ڪيل سندس پورهيو سدائين ياد رکيو ويندو. سائين محمد ابراهيم جويو سرونٽس آف سنڌ، سوسائٽي ۽ سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت جي بينر هيٺ ڪيترا ئي ڪرائتا ڪتاب ڇپرائي سنڌ جي علم ۽ ادب جي خدمت ڪئي.. سائين جويي صاحب شاهه سچل سامي، سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعرن جي ٽه مورتي بابت ڪتاب لکڻ سميت عالمي ادب جي شاهڪار ڪتابن جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري سنڌي ادب کي مالا مال ڪيو. سندس ترجمو ڪيل ڪتابن سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ ادبي دنيا ۾ هڪ نئين روشني ۽ شعوري انقلابي هلچل پيدا ڪئي. سياسي ادارن ۾ سائين محمد ابراهيم جويي جي ترجمو ڪيل ڪتابن کي اسٽڊي سرڪل ۾ باقائدگي سان پڙهايو ويندو هيو. سائين جي ايم سيد نئين سنڌ جو خواب ڏٺو، ان خواب جي ساڀيان لاءِ محمد ابراهيم جويي زندگيءَ جي هر گهڙي جدوجهد ۾ گذاري ڪندي.هن نئين سنڌ ۾ علمي سجاڳي پيدا ڪري روشن خيال ذهن پيا ڪيا، جنهن پنهنجي قلم ذريعي روسو ۽ والٽيئرجيان ڪردار ادا ڪيو. وطن دوستي، سماجي انصاف، جمهوري سماج جي اڏاوت لاءِ علمي ادبي ميدان ۾ ڪيل سندس جدوجهد سماج جي اڏاوت لاءِ علمي ادبي ميدان ۾ ڪيل خدمتون ڪڏهن به وساري نٿيون سگهجن. سائين محمد ابراهيم جويو سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيڻ واري عملي جدوجهد ۾ سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻي ڪئي ۽ سنڌ دشمنن، رٿائن ۽ سازشن خلاف سخت مزاحمت ڪئي. سائين محمد ابراهيم جويي سنڌ ۾ مادري ٻوليءَ ۾ تعليم ڏيارڻ جي حق کي مڃرائڻ لاءِ مثالي جدوجهد ڪئي. ۱۹۶۰ع ۾ شريف ڪميٽي سنڌ جي مادري تعليم واري حق کي پٺي ڏيندي سنڌي ٻوليءَ جي تعليم کي پرائمري تعليم تائين محدود ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا، تڏهن سائين محمد ابراهيم جويي جي اڳواڻي ۾ سنڌ جي عالمن، اديبن، تعليمي ماهرن ۽ دانشورن ”شريف ڪميشنن“ خلاف مزاحمت ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ شريف ڪميشن کي اهڙو فيصلو واپس وٺڻ تي مجبور ڪيو ويو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي تعليم واري فطري حق کي مڃرايو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخي حيثيت کي بحال ڪرايو. جرمن ڏاهي ارنيسٽ ٽرمپ شاهه لطيف جي دنيا ۾ هڪ وڏي شاعر طور سڃاڻپ ڪرائي ۽ شاهه سائين جي شاعريءَ تي تحقيق ڪري دنيا جو وڏو شاعر قبول ڪرايو، اهڙي طرح سائين محمد ابراهيم جويي سنڌ جي ويهين صديءَ جي وڏي شاعرشيخ اياز جي سڃاڻپ ڪرائي، هن شيخ اياز کي سنڌي شاعريءَ جي اوچي پد تي ويهارڻ لاءِ پنهنجون علمي، ادبي، صلاحيتون ڪتب آڻيندي شيخ اياز کي سنڌ جي ٻولي جي نج پڻي ۽ ڪارائتي نموني ٻوليءَ جو استعمال ڪرڻ سان شيخ اياز کي صدين جو سرجڻهار بڻائي ڇڏيو. شيخ اياز جي شاعراڻي سنوار ۾ جنهنجو علمي ڪردار هيو، جنهن سندس ڪتابن جا شاهڪار مهاڳ لکي، سندس شاعريءَ جي خوبين، فني ۽ فڪري اڏار ۾ وسعت پيدا ڪئي، شيخ اياز جنهن جي شاعريءَ جون پاڙون پنهنجي ڌرتيءَ جي پاتال ۾ کتل هيون ۽ سندس فني ۽ فڪري اڌارون آڪاش جي پولارن تائين جاري هيون. شيخ اياز جيڪو روايتي شاعراڻي گدلي سينور ۾ ڪنهن ڪنول جيئن کڙيو هو ۽ گگهه انڌاري ۾ چڪور جيان چنڊ ڏانهن اڏارون ڪندي ڏوهاري بڻيو هو. اياز جيڪو محمد ابراهيم جويي وانگر سنڌ ۾ نئين انسان کي تخليق ڪرڻ لاءِ سندس مٽيءَ کي ٻيهر ڳوهڻ جو ڏوهاري بڻيو هو، اياز جنهن وٽ به انوکي ڏات جي جيڪا تند هئي، اها تلوارن سان ويڙهاند ڪندي هئي، جنهن جي ڏات ڏيا کان ڀاري بر بُرج لڏندي ۽ ڀُرندي محسوس ٿيندا هئا، جنهن جي شاعراڻي اظهار سان هيٿار بند به هيڻا ٿيندي محسوس ٿيندا هئا، ان شيخ اياز کي اياز جي مرتبي تي پهچائڻ لاءِ محمد ابراهيم جويي جي علمي، ادي فڪري رهنمائي واري ڪردار ڱي ڪيئن ٿو وساري سگهجي، ان شيخ اياز کي ڪيئن ٿو وساري سگهجي، جنهن محمد ابراهيم جويي ڏانهن سندس محبت ۽ مڃتا ۾ جي ”ڪاڪ ڪڪور يا ڪاپڙي“ جي سري هيٺ لازوال خط لکي، پنهنجي محسن دوست ۽ رهبر سان پنهنجي اندر ۾ پلجندڙ احساسن ۽ اڌمن کان کيس آگاهه ڪيو پر پنهنجي تخليقي نواڻ کان به باخبر رکيو، جنهن جي پس منظر ۾ محمد ابرهيم جويي شيخ اياز جي تخليقي اڏار کي مٿاهون ۽ اُتاهون رکڻ لاءِ پنهنجون سموريون علمي صلاحيتون ڪتب آنديون. محمد ابراهيم جيويو، سنڌ جي اعليٰ انسانن ۽ اعليٰ ادارن سان رهي نه رڳو اعليٰ انساني قدرن کي پنهنجي زندگيءَ جي امُلهه ميراث ڄاتو پر انهن اعلي انساني قدرن کي پنهنجي سماج ۾ رائج ڪرڻ لاءِ ڀرپور ۽ عملي ڪوششون ڪيون. سائين جي ايم سيد، حشو ڪيولراماڻي، عمر بن محمد دائود پوٽو، علامه آءِ آءِ قاضي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، قاضي فيض محمد، شيخ عبدالمجيد سنڌي، ڪامريڊ حيدربخش جتوئي، پير حسام الدين راشدي، رسول بخش پليجو، رشيد ڀٽي، سرالج الحق ميمڻ، شمشير الحيدري، حميد سنڌي، غلام محمد گدائي، غلام مصطفيٰ شاهه، عبدالڪريم گدائي، سرويچ سجاولي، محمد خان مجيدي، منشي ابراهيم، استاد بخاري، تنوير عباسي، ڄام ساقي، عبدالواحد آريسر وانگر سنڌ جي علمي، ادبي، سياسي ۽ قومي ورثي جي وارثي ڪندڙ ۽ ان شعوري روايت کي حب الوطنيءَ سان سلهاڙي نئين نسل ڏانهن پنهنجي قومي ورثي کي منتقل ڪرڻ واري عملي جدوجهد جو مهندار ۽ نئين نسل جو سونهون رهندڙ هڪ باڪردار عالم، اڪابر، اديب، دانشور، تعليمي ماهر جو رتبو ماڻيندڙ سائين محمد ابراهيم جويو جنهن پنهنجي سڄي ڄمار، علم جي روشني ڦهلائڻ واري صالح عمل کي ورجائيندي گذاري، جنهن پنهنجي نيڻن ۾ اڻيل پنهنجي خوبصورت خوابن واري سنڌ جي نئين سر اڏاوت ڪندي زندگيءَ جا سمورا پل پهر ارپي ڇڏيا، جنهن سنڌ ۾ علم ۽ ادب جا واهڙ نه پر ڪيئي درياهه وهائي سنڌ جي ذهنن کي زرخيرز بڻائي ڇڏيو. انڊس سولائيزيشن جو سفر جڏهن مُهين جي دڙي ۾ ختم ٿيو ته وري اتان نئون سفر شروع ٿيو، جيڪو مهاراجا ڏاهر جي ديول بندر کان ٿيندو روٻاهه ماڙي کان ويندي ڄام نظام جي ٺٽي ننگر کان ٿيندو مخدوم بلاول ۽ ڄام سارنگ جي ٽلٽيءَ کان ٿيندو، شهيد شاهه عنايت جي جهوڪ ۽ شاهه لطيف جي ڀٽ کان روپلي جي ڪارونجهر تائين هيمون ڪالاڻي جي سکر شهيد ۽ هوش محمد جي مياڻي کا سورهيه بادشاهه جي مکي ٻيلي کان ٿيندو، سن جي سائين جي ايم سيد تائين اچي پڳو.اتان کان ان سفر ۾ جيڪي سنڌ جا عالم، اڪابر، دانشور، قومي اڳواڻ، اديب ۽ شاعر انڊس سولائيزيشن جي ان سفر جاري رکندي نظر اچن ٿا. انهن جو مٿي ذڪر ڪيو ويوآهي، ٿلهي ليکي هن قومي قافلي جي اڳواڻي سائين جي ايم سيد شيخ اياز ۽ سائين محمد ابراهيم جويو ڪندي نظر اچن ٿا. نئين سنڌ جو هي شعوري سفر جنهن ۾ هزارين پانڌيئڙا شامل رهيا آهن ۽ مستقبل ۾ لکين پانڌيئڙا پنهنجي منزل ماڻڻ لاءِ انفرادي مفادن جي سوڙهين ٿيندڙ گهٽين مان نڪري اجتماعي مفادن واري شاهي رستي تي جدوجهد جون مشعلون ٻاري غلاميءَ جي گگهه انڌاري مان پاڻ اڪاري آجپي جي لال ڪنوار سان ضرور لائون لهندا ۽ گهوٽ اڻ موٽ ٿيندا ۽ محمد ابراهيم جويي جي خوابن جهڙيءَ آزاد، خوشحال، علم،عقل، شعور، ڏاهپ، فن، فڪر، ڏات، ڏانءَ، هنر ۽ ڪاريگريءَ سان مالا مال سنڌ اڏيندا. اها سنڌ جنهن سنڌ لاءِ اسان جي وڏڙن تاريخ جي هر دور ۾ پنهنجا سهائي سنڌ وطن جي آزاديءَ لاءِ پنهنجو رت ۽ ست قربان ڪيو آهي، پنهنجي وطن جي هزارين ورهين جي شعور جي روشنيءَ ۾ وکون کڻندڙ قومون ۽ پنهنجي قومي روايتن جي پاسداري ڪندڙ قومون ڏاڍ جا ڏونگر ڏاري پنهنجي منزل ڏانهن نوان رستا ٺاهينديون آهن، محمد ابراهيم جويو، مثال آهي، قومن جي تاريخي علم، شعور ، پنهنجي ثقافتي ۽ تهذيبي روايتن کي برقرار رکڻ جو، سائين محمد ابراهيم جويو، اهو محبت وطن، عالم، اديب، دانشور ۽ قومي اڳواڻ هيو، جنهن پنهنجي قوم جي علمي ادبي پيڙهه پختي ڪرڻ لاءِ سڄي ڄمار ڪشالا ڪندي گذاري ، جنهن ادارا جوڙيا، جنهن نئين سماج جي تخليق لاءِ شعوري ڪوششون ڪيون، جنهن نه رڳو پنهنجون اکيون سجاڳ رکيون پر سنڌ جي سمورن سڄڻن ۽ ساڃاهه وندن جي اکين ۾ سنڌ جو الڪو ۽ اوجاڳو جاڳايو، جڏهن به سنڌ پنهنجي منزل ماڻيندي۽ تڏهن هزارين شهيدن سان گڏ سائين جي ايم سيد، شيخ اياز ۽ محمد ابراهيم جويي جي عظمت کي سلام ڪيو ويندو. محمد ابراهيم جويو گهڻ پاسائين شخصيت ۽ گهڻين ئي خوبين جو مالڪ هيو، جويو صاحب سڀ کان پهرين هڪ قابل ۽ قابل احترام استاد هيو، جنهن سنڌي ٻوليءَ جي تاريخي قومي حيثيت کي برقرار رکڻ جي عملي جدوجهد ڪئي، جنهن ٻوليءَ جي ادارن جي اڏاوت ڪئي، جويو صاحب، صاحب ڪمال اديب هيو، جنهن جون لکڻيون شعور، سجاڳي ۽ روشن خياليءَ جون ساکي رهيون آهن، جويي صاحب اعليٰ درجي جو ايڊيٽر ۽ ترجمي نگار هيو، جنهن عالمي ادب مان چونڊ ڪتابن جو ترجمو ڪري سنڌ جي علم ۽ ادب کي سگهارو ڪيو، جويو صاحب اعليٰ قسم جو منتظم ۽ سياسي سماجي اڳواڻ هيو، جنهن سنڌ جي سماج کي علمي بنيادن تي مضبوط ڪرڻ جون رٿون رٿيون ۽ جدوجهد ڪئي، جويو صاحب جديد سنڌي ادب جي بانيڪارن مان هيو، جنهن مسلسل سنڌي ادب جي سوڙ ۽ سنوار ڪندي گذاري. سائين محمد ابراهيم جويي، فلسفي جو ابتدائي ڪوس، فڪر جي آزادي ، علم تدرسي، مظلومن لاءِ، گليلو، وحشي جيوت جا نشان، جهڙا شاهڪار ڪتاب ترجمان ڪيا، جويي صاحب شيخ اياز جي ڪتاب ”وڄون وسڻ آڻيون، ڪي جو ٻيجل ٻوليو، ڪپر ٿو ڪن ڪري، راڄ گهاٽ تي چنڊ، لڙيو سج لڪن ۾، بڙ جي ڇانو، اڳتي کان گهاٽي، محمد علي مانجهي، منشي ابراهيم ۽ نورالهدي شاهه جي ڪتابن جا مهاڳ به لکيا، جيڪي جديد سنڌي ادب جا شاهڪار مهاڳ آهن. غربت جي گهاڻي ۾ پيڙجندڙ هڪ عريب گهراڻي جو ٻالڪ يتيميءَ جون پيڙائون ڀوڳيندڙ،ڪيئن سنڌ جي شعور ۽ ساڃاهه جو روشن ستارو بڻجي اُڀرندو، اها ڪنهن کي به ڄاڻ ڪو نه هئي، وقت ۽ حالتون انسان کي ٺاهينديون ۽ ڊاهينديون رهيون آهن پر هن ٻالڪ جو سڀاڳ هئو، جو کيس سائين جي ايم سيد جهڙو سڄڻ مليو، جنهن کيس علم حاصل ڪرڻ ۾ مدد ۽ رهنمائي ڪئي. سائين جي ايم سيد جي فڪري ڇانو ۾ رهندي هن ٻالڪ پنهنجي علم جي حاصلات لاءِ نهايت ئي ذميواري سان زندگي جا پل پهر ڪتب آندا ۽ پنهنجي منزل ماڻي ورتي، هي ڏاهو شخص پنهنجي زندگيءَ ۾ آمريتن جي عتاب هيٺ به رهيو ۽ آمريتن سان ويڙهاند ۾ به مصروف رهيو، جنهن جي علمي حيثيت ان رتبي تي پهتي. سموري سنڌ کيس اهم حيثيت ۽ قبوليت ڏئي هڪ وڏڙي جيان کيس قبوليو ۽ مان ڏنو ۽ سائين جويي صاحب به بنا ڪنهن فرق جي سنڌ جي سمورين ڌرين کي عزت ۽ احترام ڏنو ۽ کين علمي شعور کان آگاهه ڪيو، دنيا ۾ يتيم ۽ غريب ٻالڪ ڪيئن پنهنجي زماني جا وڏا ماڻهو ٿيندا آهن، ان ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ اسان وٽ سڀ کان وڏو مثال به سائين محمد ابراهيم جويي جو ئي آهي. جنهن سماجي اونداهي مان پنڌ ڪندي علم ۽ شعور جي روشنيءَ واري منزل ماڻي، پنهنجي سماج جي رهبري ۽ رهنمائي ڪئي، محمد ابراهيم جويو قومي سياست جي مورچي جو اهڙو سپاهي ۽ اهڙو سپهه سالار هيو، جيڪو سياسي جنگ وڙهڻ جو وڏو ماهر ۽ رٿا بندي ڪندڙ ماهر ۽ ڄاتو شخص هيو، جنهن پنهنجي علمي شعور کي ڌرتي دشمنن خلاف خوب ڪتب آندو، جنهن وٽ پنهنجي بچاءَ ۽ سلامتي جا ڪيترا ئي قيمتي گڻ هئا، جنهن جي آڌار تي هن ڌرتيءَ جو ڪيس نهايت ئي خبرداريءَ سان دليلن، مثالن ۽ ڏاهپ ذريعي پيش ڪيو ۽ پنهنجي فطري ۽ تاريخي حقن جي حاصلات لاءِ ميدان ملهايو، جنهن پنهنجي ڏاهپ سان سنڌ جي حقن لاءِ جهيڙيندڙ ڌرين جي وچ ۾ ڳانڍاپي واريءَ پل جو ڪردر ادا ڪيو ۽ قومي تحريڪ جي رهنمائي ڪئي، سائين جي ايم سيد کانپوءِ قومي تحريڪ لاءِ محمد ابراهيم جي شخصيت انتهائي مان ۽ مرتبي واري رهي، ڇاڪاڻ جو پنهنجي علمي حيثيت ۾ مٿاهون، باڪردار ۽ اعتماد جوڳو هيو، جنهن جي ڪري قومي تحريڪ جي قيادت لاءِ هيءُ ڏاهو شخص انتهائي احترام لائق رهيو، اهيو ئي سبب آهي جو سندس مرتئي پڄاڻان کيس سنڌ ڌرتيءَ جي قومي تراني جي گونج ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، جنهن پنهنجي مٽيءَ سان ملي امرتا ماڻي ورتي آهي. سائين محمد ابراهيم جويو هڪ صديءَ جي سفر جِي پُڄاڻي.! شاهد حسين تيوڻو سنڌ جي هن عظيم ڌرتيءَ پنهنجي ڪک مان هر دور ۾ ڪيترا ئي اتم ۽ اعلى انسان پئي پيدا ڪيا آهن جن سنڌ جي سيڌ کي سنوارڻ ان سان محبت ۽ انچ انچ جو پئي بچاءَ ڪيو آهي اهڙا ڪيترا ئي ڪردار موجود آهن جن ڌرتيءَ سان عشق جي ڏوهه ۾ سوليون به سينگارڻ ۾ فخر محسوس ڪيو ۽ مرڪندي مرڪندي هميشه لاءِ امر بڻجي ويا. پر ڪڏهن به اهڙن انسانن پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ان جي مٽيءَ جي خوشبوءَ سان محبت کي گھٽ نه ڪيو ۽ توڙي جو صدين جي صفر ۽ زندگيءَ جي آخري پلن ۾ به ڌرتيءَ سان اٿاهه محبت جو اظهار ڪيو. اهڙن اتم انسانن ۾ محمد ابراهيم جويي جو نالو سونهري ۽ چٽن اکرن ۾ لکيل نظر ايندو. جنهن هڪ صديءَ جي صفر کان به وڌيڪ وقت هن ڌرتيءَ تي رهندڙ ماروئڙن کي شعور ڏيڻ لاءِ ارپيو ۽ وقت سان گڏ هن جھوني مڙس جنهن جي جسم جي توانائي ته ضرور گهٽ ٿي هئي پر هن جون سوچون تمام عظيم ۽ جبلن کان به اونچيون هيون جن زندگيءَ جي ان عرصي ۾ به نوجوانن کي پئي همٿايو. ۽ ڌرتيءَ سان محبت جو پئي درس ڏنو. سائين محمد ابراهيم جويو جنهن جو خال ڀرجڻ تمام ڏکيو شايد صدين تائين ڀرجڻ ممڪن ئي ناهي. سائين جهڙو اڏول انسان جيڪي هلندڙ گهمندڙ هڪ صدي جي تاريخ هو جيڪو پنهنجي محبوب مٽيءَ ۾ هميشه لاءِ آرامي ٿيو. سائين محمد ابراهيم جويو ۱۳ آگسٽ ۱۹۱۵ع ۾ تيرٿ لکي ضلعو دادو موجوده ضلعي ڄامشوري ۾ پنهنجي محسن والد محمد خان جويي جي گهر ۾ اک کولي ۽ پنهنجي زندگيءَ جي سفر جي شروعات ڪئي. نهايت خلوص ۽ نيڪ نيتيءَ سان علم جي واڌاري لاءِ لوچيندو رهيو. جڏهن ته سائين جويي صاحب ۱۹۵۱ع تائين سنڌي ادبي بورڊ ۾ سيڪرٽري جي عهدي تي خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. سائين کي وري ٻيهر ۱۹۶۱ع ۾ ساڳئي ئي عهدي تي مقرر ڪيو ويو ۽ ۱۹۷۳ع تائين سيڪريٽريءَ جي حيثيت سان به سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڪم ڪيو پر سائين ڪجهه وقت چئرمين جي حيثيت سان به سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڪم ڪيو. سائين جويو صاحب جيڪو هڪ صديءَ کان به ڊگهي تاريخ رکندڙ عظيم انسان هو جنهن کي سنڌ جو ٻچو ٻچو هڪ وڏي ليکڪ، عالم ۽ سنڌي قوم پرست جي حيثيت سان سڃاڻندو هو. جويي صاحب جي اڻٿڪ محنت ۽ جدوجهد هئي جنهن هزارين ڪتابن جو مطالعي سان گڏ ڪيترا ئي درجنن جا درجن ڪتاب لکيا ۽ ڪيترن ئي يورپي ليکڪن کي به پڙهيو ۽ انهن جي مشهور ڪتابن کي سنڌي ۾ ترجمو ڪيو ۽ انهن کي ڇپرايو سائين ابراهيم جويو جيڪو سائين جي ايم سيد جو ويجھو ساٿي ۽ قوم پرست هو جنهن سنڌ ۽ سنڌيت کي پنهنجو مرڪز بڻائي ۷۰ کان به وڌيڪ سالن جو عرصو سنڌي قوم کي شعور ڏيڻ لاءِ ڪتاب لکندو رهيو. جنهن ۾ تاريخ، فلسفو، ڪهاڻيون مهاڳ، مضمون، مقالا تقريبن ۶۰ ڪتابن مان ڪيترا ئي ڪتاب جن وڏي شهريت پڻ ماڻي پاڪستان اڪيڊمي آف لٽريسيءَ جي حيثيت سان ۲۰۱۳ ع ۾ لٽريسي ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو. پر حقيقت ته سائين جي اڻٿڪ محنت ۽ ان جي جستجو جي اڳيان اهڙا ڪيترا ئي ”ايوارڊ“ به ڪا اهميت نه ٿا رکن. ڇو ته سائين هڪ ئي وقت گهڻ-رخي شخصيت جو مالڪ اتاهون انسان هو. هن جهوني مڙس جي اکين ۾ گهوري ڏسڻ سان سنڌ جي خوشحالي امن امان، ترقي جا هزارين خواب سانڀيل هئا پر حقيقت ۾ ته هن جهوني مڙس ڌرتيءَ ماءُ جي مٽيءَ سان لڳاءُ هجڻ جي ڏوهه ۾ وقت جي فرعونن هٿان ڪيترا ئي ڀيرا زندگيءَ ۾ تڪليف کي به سٺو پر پنهنجي ماتر ڀوميءَ جي سڪ کي گهٽ ٿيڻ نه ڏنو. ۽ ڏٺو وڃي ته اهڙن ئي عظيم پٽن تي مائرن کي ناز هوندو آهي. محمد ابراهيم جويي جي شخصي ۽ فڪري تاريخ مدثر کهاوڙ اسان جي سونهاري سنڌ ڪيترا ئي دانشور، اديب، شاعر، مفڪر پيدا ڪيا آهن جن پنهنجي جوڀن جواني ۽ دنيا ڇڏڻ کانپوء به انهن جو نالو صدين تائين ياد ڪيو وڃي ٿو. شاعر، اديب، ليکڪ، مفڪر دنيا ڇڏي ته وڃن ٿا پر انهن جون يادون ۽ سماج ۾ ڪيل خدمتون وساري نٿيون سگهجن انهن مان اسان جي سنڌ جو ڏاهو محمد ابراهيم جويو صاحب به هڪ آهي. ناميارو عالم، اديب ۽ ڏاهو محمد ابراهيم جويو ۱۳ آگسٽ ۱۹۱۵ع تي اڳوڻي ضلعي دادوءَ (۽ هاڻي ڄامشوري) جي ڳوٺ ’آباد‘ ۾ هڪ هاريءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. ٽن سالن جو هو ته سندس والد محمد خان جويو، پهرين مهاڀاري جنگ بعد پکڙيل وڏيءَ بيماريءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. محمد ابراهيم جويي جو ننڍپڻ غربت ۾ گذريو، پر هن همت نه هاريندي، پرائمريءَ جا چار درجا ڳوٺ ۾ پڙهي، ۱۹۲۷ع ۾ اي. وي اسڪول سَن ۾ داخل ٿيو، جتي سائين جي. ايم. سيد جي مهربانين سان ٽي درجا انگريزي پڙهي، ۱۹۳۰ع ۾ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتائين. جتي چوٿين کان ستين درجي تائين پڙهيو، هن ۱۹۳۴ع ۾ مئٽرڪ جي امتحان ۾ سنڌ مدرسة السلام مان ٻِي پوزيشن ماڻي ۽ ۲۰ رپيا ماهوار اسڪالرشپ حاصل ڪيائين. سنڌ مدرسي ۾ ان وقت علامه عمر بن محمد دائود پوٽو پرنسپال هو ۽ جويو صاحب سندس لائق شاگردن ۾ نمايان هو. جويي صاحب ۱۹۳۸ع ۾ ڊي. جي سنڌ ڪاليج مان بي. اي جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ کيس ڪاليج ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ۽ منگهارام ملڪاڻيءَ جهڙن استادن جي صحبت ۽ محبت حاصل رهي. ۱۹۴۰ع ۾ سنڌ مدرسي طرفان بي. ٽي ڪرڻ لاءِ بمبئيءَ جي ايس. ٽي ڪاليج پڙهڻ ويو، جتان موٽندي ئي کيس ۱۹۴۱ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ ’اسسٽنٽ ماستر‘ مقرر ڪيو ويو. محمد ابراهيم جويي زندگيءَ جو پهريون سنڌي مضمون ”پڃري جا پکي“ ۱۴ سالن جي عمر ۾ لکيو، سندس انگريزي ۾ پهريون مضمون Democracy in School Administration سال ۱۹۴۶ع ۾ سنڌ مدرسي جي مئگزين ’ڪرانيڪل‘ ۾ ڇپيو. سائين جي. ايم. سيد سندس پهريون تعليمي مددگار هو. هُو ٻن مفڪرن سائين جي ايم سيد ۽ ايم. اين راءِ کان گهڻو متاثر هو، ۽ پهرين پارٽي جنهن ۾ شموليت ڪيائين، اها هئي ايم اين راءِ جي ‘Radical Democratic Party’. هُن ايم. اين راءِ جي ڪتاب ‘Historical Role of Islam’ جو سنڌي ترجمو ’اسلام جو تاريخي ڪارنامو‘ جي عنوان سان ڪيو. علمي زندگيءَ ۾ جويي صاحب سنڌ دوستيءَ جي راهه ۾ سرڪار جا عتاب ۽ ناراضگيون به برداشت ڪيون. ۱۹۴۷ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ پڙهائڻ دؤران هن هڪ ڪتاب ’سنڌ بچايو- کنڊ بچايو‘Save Sindh, Save the Continent from Feudal Lords, Capitalists and their Communalists لکيو، جنهن جي ڏوهه ۾ سنڌ مدرسي بورڊ جي صدر ۽ (تڏهوڪي وزير تعليم) سندس ملازمت ختم ڪرڻ جو حڪمنامو جاري ڪيو هو. جويي صاحب جي اهليت کي مڃيندي، ٺٽي ميونسپالٽيءَ جي چيئرمين موليڏني عباسيءَ کيس ميونسپل هاءِ اسڪول ٺٽي جو هيڊ ماستر ٿيڻ جي آڇ ڪئي، جتي ٻن سالن تائين ۲۰۰ رپيا پگهار تي پڙهايائين. بعد ۾ اهو اسڪول به سرڪاري تحويل ۾ ورتو ويو، جتان بدلي ٿي ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار مئن، حيدرآباد ۾ اسسٽنٽ ماسٽر طور فرض نڀايائين. ۱۹۵۱ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چونڊ سان ڪلاس ٻئين گزيٽيڊ آفيسر طور ”هاءِ پاور ايگزيڪٽو ڪاميٽي فار سنڌي لٽريچر“ جو سيڪريٽري مقرر ٿيو. ۱۹۵۴ع ۾ هاءِ پاور ڪميٽيءَ کي ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي نالي سان نئين سر تشڪيل ڏنو ويو، جتي ۱۹۶۱ع تائين سيڪريٽريءَ طور جانفشانيءَ سان ڪم ڪيائين. ان دوران جويو صاحب (۵۶-۱۹۵۵) ٻه سال بورڊ جي ٽماهي ’مهراڻ‘ جو ايڊيٽر به رهيو، جنهن دوران هُن جديد ادب جي وڏي سرپرستي ڪئي ۽ ’مهراڻ‘ جو اهو دؤر يادگار ليکيو وڃي ٿو. ۱۹۶۳ع کان ۱۹۶۷ع تائين هُو آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي پاڪستان ٽيڪسٽ بڪ بورڊ لاهور، ڪراچي، ڪوئيٽا ۽ حيدرآباد ۾ رهيو، ان عرصي ۾ پنج سال اعزازي طرح سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري پڻ رهيو. نومبر ۱۹۶۹ع ۾ ون يونٽ جي خاتمي جي اعلان بعد هُو سنڌ ۾ رجسٽرار ڊپارٽمينٽل ايگزئمنيشن، ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊيوڪيشن مقرر ٿي حيدرآباد ۾ آيو. پوءِ ۱۹۷۱ع ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جو ميمبر به ٿيو. هن ڪيترا ئي نصابي ڪتاب به لکيا. ۱۹۷۲ع ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر، بيورو آف ڪريڪيولم ائنڊ ايڪٽينشن سروسز سنڌ، حيدرآباد مقرر ٿيو، جتان آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي ۽ بعد ۾ سيڪريٽري سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ مقرر ٿيو ۽ ۱۲ آگسٽ ۱۹۷۳ع تي رٽائر ڪيائين. ابراهيم جويي جو سنڌي ادبي سنگت سان به ابتدا کان وٺي واسطو رهيو ۽ ۵۶-۱۹۵۴ واري دؤر ۾ سنڌي ادب ۽ ادبي سنگت جي ’نئين جاڳرتا‘Renaissance جو اهم اڳواڻ رهيو. هُو سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد شاخ جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر به رهيو. ۱۹۷۳ع ڌاري هُن ڪجهه سڄاڻ اديبن سان گڏجي ”سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت“ نالي اداري جو بنياد وڌو، پاڻ ان جو صدر ٿيو ۽ ان ئي پليٽ فارم تان چاليهه کن ڪتاب چپائي پڌرا ڪيائين. ۱۹۷۳ع ۾ ”سنڌ فرينڊس سرڪل“ قائم ڪري، ان طرفان ۲۰ ڪتاب شايع ڪرايائين. سرونٽس آف سنڌ سوسائٽيءَ جو ۱۹۸۲ع کان وائيس پريزيڊنٽ رهندو اچي. پنهنجي دوست، نامياري ليکڪ سراج الحق ميمڻ جي تحرڪ ۽ سرپرستيءَ ۾ ’سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ‘ جو بنياد رکيائين، پاڻ ان جو وائيس چيئرمين ۽ مئنيجنگ ٽرسٽي رهيو. سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ واري عاليشان عمارت سراج صاحب ٽرسٽ کي سونپي علم ۽ قلم دوستيءَ جو ثبوت ڏنو. هن ٽرسٽ جي ذريعي ليڪچرن جو سلسلو هلايو، جن ۾ اهم اديبن ۽ دانشورن ليڪچر ڏنا جن کي ڇپائي پڌرو ڪيائين. جويي صاحب ۱۹۹۷ع کان ۲۰۰۲ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين رهيو ۽ ۱۹۹۸ع کان هيل تائين، مختلف مرحلن ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس، مالي ڪاميٽي، پبليڪيشن ڪاميٽيءَ ۽ ادبي تحقيقي ڪاميٽيءَ جي ميمبر طور به ذميواريُون نڀائيندو ۽ اٿارٽيءَ جي اسڪيمن ۾ مددگار رهيو. جڏهن ۱۹۹۸ع ۾ شيخ اياز فائونڊيشن جو قيام عمل ۾ آيو ته کيس ان جو چيئرمئن مقرر ڪيو ويو. فائونڊيشن طرفان هن وقت تائين ڇهه ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا ويا آهن. ان کان علاوه پاڻ شيخ اياز چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي صلاحڪار بورڊ جو به ۲۰۰۰ع کان ميمبر رهيو آهي. ان کان سواءِ ٿياسافيڪل سوسائٽي، حيدرآباد جو وائيس پريزيڊنٽ پڻ. جويي صاحب، سنڌ جي مهان شاعر شيخ اياز جي ڪيترن ڪتابن جا مهاڳ لکيا. ويجهڙائيءَ ۾ سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي پاران ڇپجندڙ شيخ اياز جي سموري شاعريءَ ۽ نثر جي ۲۲ جامع جُلدن جي سربراهي پڻ جويي صاحب کي ڏني وئي، جنهن ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري تاج جويو رهيو. سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت نامياري اديب سراج جي لکيل اهم ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ (۱۹۶۴ع) جي مهاڳ لکڻ سان گڏ جويي صاحب سوين نوجوان اديبن ۽ شاعرن جي ڪتابن تي به مهاڳ لکيا ۽ سنڌ ۾ ”مهاڳ نويسيءَ“ جي فن جو استاد ليکيو وڃي ٿو. هن دنيا جي ڪلاسيڪي ادب مان خاص ڪري فڪري، نظرياتي ۽ فلسفياڻي نوعيت جا ڪيترا ڪتاب ترجمو ڪري، سنڌي ماڻهن جي فڪري غربت جو خاتمو آڻڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. جويي صاحب کي چئن پٽن ۽ ٻن نياڻين جو اولاد ٿيو، جن مان نيلوفر جويو ڪهاڻيڪار هئي. تازو مئي ۲۰۰۹ع ۾ سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي حڪومت سنڌ پاران پهريون ڀيرو محمد ابراهيم جويي جي مڃتا ۾ هڪ تقريب انڊس هوٽل حيدرآباد ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ثقافت ۽ سياحت جي صوبائي وزير، محترمه سسئي پليجو، سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر نثار احمد کهڙي سميت جويي صاحب جي شاگردن، مداحن ۽ اديبن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي جويي صاحب کي سنڌ جي سمورن ادبي، علمي ادارن ۽ يونيورسٽين پاران اوارڊ، شيلڊُون ۽ گلن جا تحفا ڏئي، سندس خدمتن جو اعتراف ڪيو ويو. جڏهن ته سنڌ ميوزيم، حيدرآباد ۾ ’ابراهيم جويو ڪارنر‘ پڻ قائم ڪيو ويو آهي. هو لاڏاڻي وقت صحافي ڪالونيءَ، حيدرآباد ۾ رهائش پذير هيو. محمدابراهيم جويي صاحب ۹ نومبر ۲۰۱۷ع تي پنهنجي گهر حيدرآباد ۾ خميس ڏينهن صبح جو وفات ڪري ويو. محمد ابراهيم جويي لاءِ سنڌ اسيمبلي مان ٺھراءُ به پاس ڪيو ويو ۽ محمد ابراهيم جويو جي ڪيل خدمتن کي پڻ ساراهيو ويو. محمد ابراهيم جويو سنڌ جي ڏاهپ جو پيغمبر طارق عزيز شيخ سنڌ جو عالم، اديب ترجمي نگار ۽ تعليمدان محمد ابراهم جويو انهن ڏاهن منجهان ڳڻيو وڃي ٿو. جن سنڌي ادب جي آبياري ڪئي. سائين ابراهيم جويو ترقي پسند لاڙو رکندڙ رهيو ، سنڌ جو عاشق ۽ قومي نظريو رکندڙ مفڪر رهيو جويو صاحب ۱۳ آگسٽ ۱۹۱۵ تي ڳوٺ آباد، ضلعو ڄامشورو ۾ پيدا ٿيو، سندس والد محمد خان جويو غريب هاري هئو پر سندس ارادو هو ته پٽ کي پڙهايان. محمد ابراهيم جويو ٽن ورهين جو هو ته سندس والد وفات ڪري ويو، والد جي وفات بعد پڙهڻ جي ڄمار وارو ٿيو ته سندس والده کيس اسڪول ۾ داخل ڪرايو ڏکين ڏينهن هئڻ باوجود ابتدائي تعليم حاصل ڪري ورتائين . ۱۲ ورهين جي ڄمار ۾ دادو جي تاريخي شهر سن ۾ اي وي اسڪول ۾ داخل ٿيو. سن جيڪو رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جو اباڻو علائقو آهي، اتي سائين جي ايم سيد پاران جوئي صاحب جي تعليم ۾ مالي سهڪار ساڻس رهيو، هي وقت هو جڏهن جويو صاحب ڏاڍي محنت سان پڙهي رهيو هو. اها ئي اها ڳالهه هئي جنهن سائين جي ايم سيد کي به متاثر ڪيو هو. سائين جي ايم سيد علم، ڏاهپ ۽ سياست جو سمنڊ هو ۽ علم سان چاهه رکندڙن جو کيس وڏو قدر هو. جويو صاحب علمي شوق سبب ادبي ۽ سياسي ميڙاڪن ۾ سائين جي ايم سيد سان گڏ رهيو. اهڙي ريت سندس فڪري تربيت به ٿيندي رهي. انهي کانپوءِ سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتائين ۽ مئٽرڪ ڪري فارغ ٿيو، مئٽرڪ ۾ پوزيشن اچڻ سبب اداري پاران اسڪالر شپ حاصل ڪيائين ۽ گريجوئيشن مڪمل ڪرڻ کان هڪدم پوءِ بمبئي ڪاليج مان بي ٽي ڪرڻ ويو جڏهن واپس موٽيو ته سنڌ مدرسته الاسلام ۾ ئي استاد جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو. جويو صاحب سيڪيولر رهيو، هن ڪڏهن به مذهب کي سنڌ ۽ علم جي وچ ۾ ناهي آندو مون کي عوامي آواز اخبار لاءِ انٽرويو ڏيندي چيو هئائين ته آئون سيڪيولر ازم جو حامي آهيان فلاح بهبود جو ڀلو سوشلزم ۾ آهي، انهي سوچ جا ماڻهو جتي گڏ ٿين ٿا. اتي وڃي آواز ۾ آواز ملايون ٿا. جوئي صاحب لکڻ جي شروعات ترجمي سان ڪئي هئي، سنڌ مدرسته الاسلام جي تدريسي رسالي ”ڪرانيڪل“ ۾ ترجمن وارا ليک شايع ڪرايائين، سندس علمي ادبي زندگيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ تعداد ترجمو ڪيل مضمونن ۽ ڪتابن جو رهيو آهي. انهي زماني ۾ ايم اين راءِ جي انگريزي ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ”اسلام جو تاريخي ڪارنامو“ جي نالي سان ڪيو هئائين هي ۱۹۴۵ع جو سن هو. انهي کانپوءِ مختلف ملڪن جو ادب ۽ سياسي لٽريچر وقت سر ترجمو ڪندو رهيو جن ۾ خاص طور تي انقلابي تحريڪن بابت مواد شامل رهيو، جوئي صاحب جي ڪيل علمي پورهئي جو تفصيل هن ريت آهي، (۱) اسلام جو تاريخي ڪارنامو (ترجمو) (۲) سنڌ بچايو، کنڊ بچايو (۳) ايميلي عرف تعليم (ترجمو) (۴) ٻارن جي تعليم (ترجمو) (۵) وحشي جيوت جا نشان (ترجمو) (۶) سنڌي زبان جي بنيادي لغت (۷) فڪفر جي آزادي (ترجمو) (۸) گليلو انگريزي ڊرامي جو (ترجمو) (۹) شاهه سچل سامي، (۱۰) ٻارن جو ميسج (ترجمو) (۱۱) ماڻهوءَ جو ڀاڳ، (۱۲) عورت زاد، عورتن جي تحريڪ آزادي (ترجمو) (۱۳) فلسفي جو ابتدائي ڪورس (ترجمو) (۱۴) علم تدريس مظلومن لاءِ (ترجمو) (۱۵) مهڪريءَ جا مضمون (ترجمو) (۱۶) اسان جي ٻولي اسان جي تعليم، (۱۷) فرينچ انقلاب (ترجمو) (۱۸) مُٺ مُٺ موتين جي (۱۹) هوءَ جا ٽمڪي باهڙي (۲ جلدن ۾) (۲۰) خط ٻن اديبن جا، (۲۱) ڳالهيون ڪتابن جون (۲۲) خط ٻن استادن جا (۲۳) خط دوستن جا، ان کان علاوه ثقافت کاتي پاران مون ڏات انوکي آندي آ، ۲۰۱۲ ۾ جوئي صاحب جو لکيل ڪتاب آهي، جڏهن ته اردو دانشور مظهر جميل، ”محمد ابراهيم جويو: ايڪ صدي ڪي آواز“ نالي ڪتاب لکيو جيڪو پڻ ثقافت کاتي ڇپرايو آهي، جنهن ۾ جوئي صاحب جي سوانح آهي. جويو صاحب هڪ صديءَ جي تاريخ هو. سنڌ جو مزاج ۽ فڪر به ان کي ئي چئي سگهجي ٿو. گذريل صديءَ ۾ سنڌ ۾ هزارين ادبي، دانشور، ڏاها جنم وٺي، ڪردار نڀائي ويا، پر جن شخصيتن سنڌ ڌرتيءَ تي پنهنجو اثر ڇڏيو، فڪر ڏنو، اهي سائين جي ايم سيد، شيخ اياز ۽ محمد ابراهيم جويو صاحب آهن. ترقي پسند ذهن ۽ روشن خيال سوچ رکندڙ سنڌ جي هن ڏاهي سنڌي ادبي بورڊ لاءِ جاکوڙ ڪئي ۽ آخرڪار ان جو قيام يقيني بڻايو. ۱۹۵۱ع کان وٺي اڃان جڏهن بورڊ وجود ۾ ڪونه آيو هو، انهي جي وجود لاءِ جويو صاحب ڀڄ ڊڪ ۾ اڳڀرو رهيو. ۱۹۵۴ع ۾ هيءَ ادارو هاءِ پاور ايگزيڪيوٽو ڪميٽي فار سنڌي لٽريچر مان تبديل ٿي ”سنڌي ادبي بورڊ“ بڻيو، جويو صاحٻ اڳوڻي اداري جو سيڪنڊ آفيسر ڪميشن ذريعي چونڊجي آيو هو. ادبي بورڊ وجود ۾ اچڻ بعد ان جي گهڻي کان گهڻي جوڙجڪ پاڻ ڪيائون ”مهراڻ“ رسالو شاهڪار بڻائڻ ۾ جوئي صاحب جو اهم ڪردار رهيو جنهن ان جي ڏهه ورهيه سرپرستي ڪئي. هو سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جو به سيڪريٽري رهيو ۽ نهايت معياري نصاب جي تياري ڪيائين، ماهر تعيلم هئڻ ڪري ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ کي جويو صاحب هڪ سرمايو ملي ويو، جنهن سنڌ جي تدريسي ڪتابن ۾ معياري ۽ جديد انداز آندو پاڻ به ڪتاب لکيائين ۽ سڄي سنڌ مان وڏن عالمن ۽ اديبن کان به تعليمي لحاظ کان مدد ورتائين، هو بيورو آف ڪريڪيوليم جو به ڊائريڪٽر رهيو. سنڌي ادبي سنگت جي حوالي سان پڻ اديبن جي تنظيم کي متحرڪ ڪيائين. سنڌ جي حوالي سان ڪيترا ئي قومي ۽ ادبي معاملا هن پليٽ فارم تان اٿاريائين، ادبي سنگت جي بنياد کان وٺي جوئي صاحب ان ۾ ڪردار نڀايو، ادبي سنگت کان علاوه ”سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت“ ۽ ”سنڌ فرينڊس سرڪل“ نالي پڻ جوئي صاحب اديبن جا نوان ۽ متحرڪ يونٽ کوليا جنهن جي ذريعي سنڌي ڪتاب شايع ڪرايا ويا. سنڌ جا ڪيس اٿاريا ويا ۽ اديبن ۽ شاعرن کي گڏ ڪيو ويو. اهو جوئي صاحب جي شخصيت جو ڪمال هو جو هن هر ننڍي وڏي اديب جي عزت ڪئي ۽ عزت ڪرائي سڀني سنڌي اديبن کي هڪ هنڌ ڪٺو ڪري سهگارو اتحاد بڻايو. تعليم جي حوالي سان جوئي صاحب جون ڪيل خدمتون به اهميت جوڳيون آهن، سنڌ مدرسي ۾ ۱۹۴۱ع کان استاد طور مقرر ٿيو، جنهن بعد ۱۹۴۷ع ۾ ميونسپل ٺٽي هاءِ اسڪول ۾ ٻن سالن تائين هيڊ ماستر بڻيو، تڏهن ۲۰۰ رپيا پگهار کنيائين، ٻن ورهين بعد ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد ۾ اسٽنٽ ماستر طور بدلي ٿيو، ۱۹۵۱ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾امتحان پاس ڪيائين ۽ گزيٽيڊ آفيسر طور ”هاءِ پاور ايگزيڪيو ڪميٽي فار سنڌي لٽريچر جو سيڪريٽري مقرر ٿيو، ۱۹۶۷ع ۾ گرونرمينٽ هاءِ اسڪول جيڪب آباد جو هيڊ ماستر مقرر ٿيو، ۱۹۶۸ع ۾ گورنمينٽ ٽريننگ اسڪول ڪوهاٽ جو پرنسيپال بڻيو، ۱۹۶۹ع ۾ رجسٽرار ڊپاررٽمينٽل ايگزئميشن، ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن حيدرآباد مقرر ٿيو، ۱۹۷۱ع ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو ميمبر ۽ ۱۹۷۲ع ۾ اتي ئي ڊپٽي ڊائريڪٽر مقرر ٿيو جتان ۱۹۷۳ع ۾ ريٽائرڊ ٿي سروس مڪمل ڪيائين. ريٽائرمينٽ کانپوءِ جويو صاحب مڪمل طور تي ادب حوالي ٿي ويو، جنهن سڄو سارو وقت علمي ادبي، سرگرمين کي ڏنو، ڪيترا ئي مقالا، مضمون ۽ ترجمان به ڪيائين شاهه سائين لطيف جي حوالي سان پڻ ڪم ڪيائين، ادبي حلقا قائم ڪيائين ۽ قومي سجاڳيءَ وارو سلسلو فڪري انداز ۾ اڳتي وڌايائين، سائين جي ايم سيد شيخ اياز، سراج ۽ ناميارن مدبرن ساٿين سان گڏ جي اهڙو نظرياتي ڪم ڪيائين جو سنڌي ٻولي، علم، ادب ۽ قوم کي پنهنجي منفرد سڃاڻپ ملي. سنڌ بابت جوئي صاحب جو موقف هميشه سگهارو رهندو آيو. هن عوامي آواز اخبار لاءِ مون کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو هو ته سنڌ پاڪستان سان انهيءَ لاءِ شامل ڪونه ٿي هئي ته سنڌين کي اقليت ۾ بدلايو وڃي، پر انهي لاءِ شامل ٿيا هئاسون ته جن قومن گڏجي پاڪستان ٺاهيو آهي سي سڀئي هڪ جيتريون حقدار آهن، اها زندگي جنهن ۾ ماڻهو بيوس هجي سا موت جهڙي آهي. ساڳي ريت اها آزادي جنهن ۾ اختيار نه هجي بي اختيار هجي، اها بي معنيٰ آهي، اها غلامي آهي. اسان سنڌ کي پاڪستان ۾ باوقار ۽ بااختيار ڏسڻ چاهيون ٿا. اهو حق تڏهن ملندو جڏهن سنڌين ۽ پاڪستان جي ٻين قومن کي هڪجيترو حق ملندو ۽ برادري ايندي.“ جويو صاحب سنڌ جي برابري جو خواب ڏسندو رهيو. هن سڄي ڄمار سنڌ جي حقن لاءِ ويڙهه ڪئي، نظرياتي ۽ فڪري طرح ڪم ڪيو آهي، جڏهن به سنڌ سان اناصنافي ٿي جوئي صاحب پنهنجو رد عمل ڏنو. محفلن ۾ تقريرن ذريعي، اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمونن ذريعي يا وري سماجي اڳواڻڻ ۽ دانشورن جا فورم ٺاهڻ جي صورت ۾ نهايت سنجيده طبيعت هئڻ سبب ساڻس ملڻ وارن به پنهنجو مزاج اهڙو ڪرڻ شروع ڪيو. نون ليکڪن ۽ ادب سان چاهه رکندڙن کي هميشه هٿي وٺرايائين، انهن جي ذهني صلاحيت کي روشن ڪيائين، جوئي صاحب سان هڪ ڀيرو ڪير ملاقات ڪري آيو ڄڻ ڪو تاريخ، علم ۽ ادب جو فلسفو پڙهي نڪتو، سيڪيولر هئڻ ڪري شاهه لطيف کي سنڌ جو قومي شاعر چوندو رهيو، ڪڏهن به بزرگ ۽ اولياءِ نه چيائين سچل کي جو شيلو مفڪر ڪوٺيائين پر مست الست نه ڪوٺيائين. ۲۰۰۹ع ۾ جوئي صاحب جي مڃتا لاءِ سنڌ حڪومت پاران شاندار تقريب ڪئي وئي ۽ کيس مڃتا شيلڊ ڏني وئي. حيدرآباد ۾ سنڌ ميوزم ۾ ”ابراهيم جويو ڪارنر“ قائم ڪيو ويو، ۲۰۱۱ع ۾ جوئي صاحب جي طبيعت تمام بگڙي وئي هئي جنهن ڪري هڪدم حيدرآباد مان ڪراچي شفٽ ڪري سندس علاج ڪيو ويو هو. جويو صاحب سنڌ ۾نثر کي وڏي ترقي ڏيڻ واري شخصيت رهيو، هن ڪيترن ئي ڪتاب جا شاندار مهاڳ لکيا، جيڪڏهن اهي سمورا مهاڳ گڏ ڪري هڪ جاءِ تي رکجن تڏهن به نثر جو عاليشان ڪتاب ٺهي پوندو. وڏي ڄمار هئڻ باوجود نوجوان اديبن سان عزت ۽ مانائتي انداز ۾ ملندو رهيو. سندس چوڻ هو ته ”سڀئي هڪ ٻئي کان سکون ٿا، ڪو به ماڻهو مٿانهون ناهي سڀ عزت ۾ برابر آهن“. جوئي صاحب جهڙي سوچ سنڌ جي هر دانشور جي بڻجي وڃي ته سنڌي دانشور سهڻو لکڻ سان گڏ دل دماغ جا به سهڻا ٿي وڃن، سنڌ جي قسمت چڱيءَ آهي جو سائين جي ايم سيد کانپوءِ جويو صاحب اسان کي مليو جنهن ۾ علمي ۽ نظرياتي گڻ اهي ئي نظر آيا. جوئي صاحب سان سندس پياري دوست مرحوم ابن حيات پنهور جي پٽ لطيف اياز پنهور سان گڏجي صحافي ڪالونيءَ ۾سندس گهر وڃي ڪچهريون ڪيم ته سائينءَ هميشه مانائتي موٽ ڏني ۽ ڊگها بحث ڪيائين جيڪي لاڀ وارا ثابت ٿيا، هڪ ڀيري جناح اسپتال ڪراچي جي سامهون ٽيلي فون ڪمپني جي آفيسرن جي ڪالوني ۾ آيو، جتي سندس پٽ جو گهر هو، سوهاڪي اسٽيڊيم ۾ عوامي آواز جي آفيس هليو آيو ۽ مون کي عزت ڏنائين جو رسمي دعوت تي تڪليف ڪئي هئائين، مون موقعي جو فائدو وٺندي سائين جو تفصيلي انٽرويو ڪري ڇڏيو، جنهن سنڌ جي علمي ادبي ۽ سياسي حلقي ۾ اثر ڏيکاريو، انهيءَ انٽرويو جو حوالو، انگريزي اخبار ”ڊان“ ۾ ڇپيو سنڌي اخبار جي تبصري هيٺ ڀلي نموني شايع ڪيو ويو، جويو صاحب سنڌ جي ڏاهپ جو پيامبر رهيو جنهن جي ڪردار کي ڪڏهن به فراموش نٿو ڪري سگهجي. محمد ابراهيم جويو سنڌي ادب جو پارس مير نادر علي ابڙو پنهنجي ادبي ۽ علمي گهراڻي هجڻ سبب مون کي ٻالڪپڻ کان ئي سنڌي ادب جي نمايان شخصيتن سان ملڻ جو موقعو ميسر ٿيو. ڇو ته بابا سائين ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي شام واري روزاني ڪچهرين ۾ به گهڻي قدر سندن ادبي دوست ئي گڏ ٿيندا هئا، جتي سنڌ جي سڀني وڏن ليکڪن کي مان بابا سائين جي ڪچهرين ۾ ڏٺو ۽ جڏهن به بابا سائين جي حيدرآباد بدلي ٿيندي هئي ته پاڻ پنهنجي سڀني کان وڌيڪ ويجهي دوست چاچا محمد ابراهيم جويو سان وڌيڪ وقت گذاريندا هئا. مون کي ياد آهي هڪ ڏينهن مان به بابا سائينءَ جن سان گڏ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ويو هئس، جتي چاچا ابراهيم جويو سان ويهي ڪچهري ڪرڻ لڳا هئا ۽ مون بابا جن کي چئي سنڌي ادبي بورڊ مان ڪيترا ئي ڪتاب وٺي گاڏي جي ڊڪي ڀري ڇڏي هئي. اهڙيءَ ريت چاچا ابراهيم جويو منهنجي ان معصومانه خواهش کي پورو ڪيو ۽ پوءِ پاڻ زندگيءَ ۾ منهنجي پسنديده شخصيت بڻجي ويو. ڪتابن سان منهنجي رغبت ۽ لڳاءُ ڪا نئين ڳالهه ناهي، پر امڙ سانئڻ ٻڌائيندي آهي ته مان ٻالڪپڻ ۾ به جڏهن اڃان اسڪول وڃڻ جهڙو نه هيس تڏهن به اڪثر گهر مان ڪجهه ڪتاب کڻي پراڻي اسڪولي ٿيلهي ۾ وجهي سڄي گهر ۾ گهمائيندو وتندو هيس ۽ منهنجي ان عمل تي سمورا گهر ڀاتي کلندا هئا ته پاڻ کان وڏو ٿيلهو کنيو اٿم. پوءِ عمر سان گڏ اهو چاهه ويتر وڌڻ لڳو ۽ ڪتابن جي ويجهو ٿيندو ويس. منهنجي لاءِ اها هڪ وڏي سرهائي جي ڳالهه آهي ته مون جويي صاحب جهڙي مانائتي شخصيت کي ويجهڙائيءَ کان ڏٺو، سندن لبن تي هميشه سنڌي ادب ۽ زبان جي واڌاري ۽ سنڌي سماج جي خوشحالي جون ڳالهيون رهيون. ڏٺو وڃي ته سنڌي ادب جو هي اڻٿڪ ڪردار، ادب کي ڪيترا ئي اهم ڪتاب ڏئي چڪو آهي. جنهن ۾ ادبي ٻولي ۽ ان جي فلسفيانه پيڙاهي جو وڏو عنصر موجود آهي. سندن حياتي جو احاطو ڪبو ته پوري هڪ صديءَ جو دؤر هن ادبي ميدان لاءِ ڏنو آهي ۽ ساڻن جڏهن به ڪچهري ٿيندي هئي ته هو سنڌ جي مڙنئي مسئلن، خاص ڪري تعليمي، ثقافتي، معاشرتي اوسر ۽ اقتصادي آجپي جي ڳالهه ڪندو هو. سنڌ جي هن سٻاجھڙي ڏاهي، ڪشادي صاف دل، سادي فطرت ۽ درگذر ڪندڙ طبيعت جي مالڪ سائين ابراهيم جويو جو بنيادي تعلق تعلقي ڪوٽڙي ضلعي ڄامشورو جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ’’آباد‘‘ سان هو، جتي هڪ محنت ڪش هاريءَ ميان محمد جويو جي گهر ۾ ۱۳ آگسٽ ۱۹۱۵ع ۾ جنم ٿيو ۽ سندن والد جي ان وقت وفات ٿي جڏهن محمد ابراهيم جويو جن تمام ننڍا هئا. جڏهن ته سندن ڏاڏو محبوب جويو کي ڳوٺ ۾ وڌيڪ پڙهيل لکيل ۽ سمجهدار هجڻ جي ڪري ’’آخوند‘‘ جي نالي سان سڏيو ويندو هو. محترم محمد ابراهيم جويو پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ئي حاصل ڪئي ۽ بعد ۾ ۱۹۲۷ع ڌاري اينگلو ورٽيڪلر (اي. وي) اسڪول سن ۾ داخلا ورتائون. جنهن بعد اڳيان تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ کين سنڌ مدرسه ڪراچي جي تعليم حاصل ڪرڻي پئي، جتي لوڪل بورڊ طرفان کيس ڏهه رپيا ماهانا وظيفو به جاري ٿيو. ان زماني ۾ اهو وظيفو انهن شاگردن کي ئي ملندو هو، جن جي تعليمي ڪارڪردگي نمايان هوندي هئي ۽ ابراهيم جويو صاحب اڳيان هلي سنڌ مدرسه ۾ اسسٽنٽ ٽيچر جي حيثيت سان ٻن سالن تائين خدمت به سرانجام ڏني، جنهن سان سندس ڪردار سنڌ واسين لاءِ هڪ فڪري استاد ۽ شعوري شخصيت طور پڻ رهيو آهي. ويهين صدي عيسوي جي شروعاتي ڏهاڪن ۾ جڏهن سنڌ انگريزن کان آجپي واري تحريڪ شروع ڪئي، ان زماني ۾ ايم اين راءِ جي فڪري تحريڪ اڀري رهي هئي ۽ ان فڪري ماحول ۾ محمد ابراهيم جويو ان تحريڪ جو فڪري ۽ شعوري طور تي ڳوڙهو اڀياس ڪيو. ان زماني ۾ هن ايم اين راءِ جي مضمونن جو مطالعو پڻ شروع ڪيو. جيڪي ان وقت جي ٽائمز آف انڊيا ۾ شايع ٿيندا هئا. جنهن سان جويو صاحب کي اهو احساس ٿيو ته سنڌ ۾ سائنسي ۽ تعليمي شعور جي جيڪا گهٽتائي آهي تنهن لاءِ جاڳرتا جي انتهائي اشد ضروت آهي ۽ اڳيان هلي جڏهن ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جي ڳالهه ٿي ۽ حڪمران طبقي مسلمانن لاءِ هڪ الڳ مسلم رياست جو مطالبو ڪيو ته ان وقت محمد ابراهيم جويو جهڙي دورانديش ۽ قابل ڏاهي اهو محسوس ڪري ورتو ته آئنده لاءِ سنڌ ۾ سماجي، علمي ۽ فڪري طور ڪي مشڪلاتون پيش اچي سگهن ٿيون ۽ ان حوالي سان سنڌ واسين جي جاڳرتا لاءِ پاڻ هڪ ڪتاب پڻ رقم ڪيو. سنڌي ادب ۾ جويي صاحب بين الاقوامي ادب کي متعارف ڪرائڻ لاءِ پرڏيهي ڪتابن کي ترجمو ڪري ڪيترا ئي انيڪ ڪتاب به ڇپرايا، جنهن ذريعي هن پنهنجي ترجمن ۾ فڪري ۽ شعوري طور سنڌ ۾ جديد سائنسي علم جي اوسر، ٻوليءَ جي تحفظ ۽ سماجي سڌارن بابت وسيع ڄاڻ ڏنائون ۽ گڏوگڏ هن سنڌ کي روايتي ذات پرستي، وڏيرائي سوچ ۽ تعليمي کوٽ مان پڻ ڪڍڻ ٿي چاهيو. اهڙيءَ ريت هن هميشه پنهنجي قلم ذريعي ٻولي، تعليم، ادب ۽ سماج جي وڏي خدمت ڪئي ۽ اهو چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته اڄ سنڌ ۾ علمي، ادبي ۽ فڪري طور تي جيڪو پڪو پختو شعور آهي تنهن ۾ نمايان حصو جويو صاحب جو به آهي ۽ سنڌي ادب جي ڪيترن وڏن ليکڪن شيخ اياز، سراج ميمڻ، حسام الدين راشدي، محمد عثمان ڏيپلائي، الهداد ٻوهيو ۽ ٻين ڪيترن وڏن ناليوارين شخصيتن محمد ابراهيم جويو منجهان گهڻو ڪجهه سکيو. محمد ابراهيم جويو سنڌ جو اهو دانشور، مفڪر، معلم ۽ اديب هو، جنهن پنهنجي زندگي جو مقصد سنڌي ادب جي خدمت لاءِ وقف ڪيو ۽ سنڌ جي حساسيت کي محسوس ڪندي هن سنجيده مزاج ۽ گهڻ پاسائين، اتساهيندڙ ڪردار هميشه سنڌ لاءِ هڪ روشن خواب ڏٺو. هڪ شانائتي شرڌانجلي سائين محمد ابراهيم جويي جي شان ۾! حسن منصور سنگرام سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يُورولاجي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن (S.I.U.T) جي آغا حسن عابدي آڊيٽوريم ۾ سائين محمد ابراهيم جويي جي ياد ۾ ڇنڇر ۱۸ نومبر ۲۰۱۷ تي هڪ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو، جنھن ۾ مقررن سائين محمد ابراهيم جويي جي علمي ۽ ادبي خدمتن تي کيس ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي. مقررن جو چوڻ هو ته سائين جويي صاحب اُن دور ۾، جڏهن ملڪ ۾ اظھار جي آزاديءَ تي پھرا هوندا هئا، پنھنجن شاگردن منجھه عقلي سوچ ۽ ساڃاههَ جي آبياري ڪئي، هُن نسلن کي اُتساههُ ڏنو ۽ تنقيد ۽ تشريحي تدريس واري اصول کي اپنايو. S.I.U.T جي ڊائريڪٽر، ڊاڪٽر اديب الحسن رضويءَ تعزيتي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو ته، ”ڪي ماڻھو پنھنجي پويان ڌن دولت ڇڏيندا آهن، ڪي وري غير معمولي اِدارا قائم ڪري، پنھنجي وِرثي طور پويان ڇڏيندا آهن، پر جويي جھڙا ماڻھو پنھنجو وِرثو پنھنجن ڪتابن جي صورت ۾ ايندڙ نسلن کي منتقل ڪندا آهن، اُهي ڪتاب مستقبل تي اثر انداز ٿيندا آهن.“ هيءُ ميڙاڪو اُن سلسلي جي هڪ ڪڙي هو، جنھن تحت سموريءَ سنڌ ۾ اُن هستيءَ کي سندس علمي ۽ ادبي خدمتن جي مڃتا طور ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي، جنھن پنھنجي ۱۰۲ ورهين جي ڄمار دوران اعلى پايي جا عالماڻا ڪتاب لکيا ۽ دنيا جي عظيم ڏاهن، فلسفين ۽ ليکڪن، جھڙوڪ رُوسو، والٽيئر، پائيلو فريري، شيلي ۽ ٽئگور جا ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري، اُن جي تونگريءَ ۾ بيمثال اضافو ڪيو. ڊاڪٽر رضويءَ چيو ته هُن جويي صاحب بابت اُن وقت ٻُڌو جڏهن کيس سندس لکيل هڪ خط مليو هو، جنھن ۾ هُن کيس اڪيڊمي آف ليٽرس پاران سن ۲۰۱۱ ۾ ڏنل ”ڪمالَ فن ايوارڊ“ ۾ مليل رقم، ايوارڊ سُوڌي، S.I.U.T کي عطيو ڏيڻ جي اِڇا ڏيکاري هئي. ”اسان کيس قائل ڪرڻ لاءِ ڏاڍا جتن ڪيا ته جنھن ٻُڍاپڻ واريءَ عمر ۾ پاڻ هئا، تنھن ۾ اُها رقم کين ڏاڍي ڪم اچي ها، ڇو ته سندس آمدنيءَ جو ٻيو ڪو ذريعو به نه هو، پر پاڻ پنھنجي اِرادي ۾ ڏاڍا اَٽل هئا“، S.I.U.T سربراهه چيو. مسٽر جويو S.I.U.T ۾ آيو ۽ هتي اچي ڏاڍو سَرهو ٿيو هو. ”مون نٿي ڄاتو ته عظيم ليکڪ اهڙين پَوِتُر، اهڙين اَڇيَنِ اُجرين دلين جا مالڪ به هوندا آهن. اُهي جيڪي ڪجھه ڏسن وائسن ٿا، ۽ مُشاهدو ڪن ٿا، تنھن کي پنھنجي وجود جو حصو بڻائي ڇڏين ٿا“، هُن [ڊاڪٽر رضويءَ] چيو. اُستاد ۽ ڪالم نويس توصيف احمد خان ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو مسٽر جويي پنھنجيءَ ڄمار جا ۱۰۲ ورهيه پنھنجن شاگردن جا ذهن بدلائڻ ۾ گُذاريا. ”بحيثيت اُستاد، سندس قد ڪاٺ رِيس ڪرڻ جوڳو هو. جنھن دور ۾ ڪلاس روم جي بحث مباحثن تي ڪَرڙي نظر رکي ويندي هئي، هِن ماڻھوءَ ڪلاسن اندر پنھنجي علمي ۽ ادبي قابليت جو استعمال بيباڪيءَ سان ڪيو، هُو پنھنجي ڳالھه چوڻ کان ڪڏهن به نه ڪيٻائيندو هو.“ هُن وڌيڪ چيو ته مسٽر جويو ڪلاس رُومس کان هَٽِي ڪري به سنڌ جي مسئلن تي بحث ڪندو هو ۽ هُن ڪڏهن به پنھنجو پاڻ کي ڪتابن جي نصاب تائين محدود نه رکيو، جيئن اُن وقت جا اڪثر استاد ڪندا هئا. هينئر به گھڻا تڻا استاد ائين ئي ڪري رهيا آهن [يعني اُهي پنھنجو پاڻ کي فقط ڪتابن جي نصاب تائين ئي محدود رکن ٿا]. ”جڏهن مستقبل ۾ رُونما ٿيندڙ واقعا نِروار ٿيا، ته سندس تجزياتي دُورانديشيءَ کيس درست ثابت ڪيو ۽ ملڪ تي ڏُور رس اثر ڇڏيا.“ صحافي، غازي صلاح الدين چيو ته جڏهن پاڪستان وجود ۾ آيو، جويو صاحب اُن وقت ۳۲ ورهين جو هو. هُن پاڪستان جي قيام وارا ڏينھن پنھنجي اکين سان ڏٺا هئا ۽ سندس ڏاهپ ڀريءَ قابليت جا تجلا تن ڏينھن ۾ لکيل سندس ڪتاب، ’سنڌ بچايو، وڏو کنڊ بچايو-جاگيردارن، سرمائيدارن ۽ سندن حوارين کان‘، ۾ نِروار ٿيا هئا. ”هُو ايڏو ته هر دل عزيز هو جو ذوالفقار علي ڀٽو پنھنجي جوانيءَ وارن ڏينھن ۾ ساڻس ملڻ جون سَڌُون ڪندو هو ۽ جڏهن ڀٽو صاحب ساڻس مليو، ته اُمالڪ سندس مُک مان نڪري ويو: ”اڇا، ته هيءُ آهي مسٽر جويو!“ هُن وڌيڪ ڳالھائيندي چيو ته مسٽر جويو ٽِن نسلن تائين ماڻھن لاءِ هڪ آدرشي انسان رهيو آهي ۽ پنھنجو انعام S.I.U.T کي ڏيڻ، جيڪو ڪراچيءَ جو هڪ اِدارو آهي، واضح طور تي سندس اِن سوچ کي ظاهر ڪري ٿو ته ڪراچيءَ جو سنڌ سان ڪيڏو نه اَساسي تعلق آهي. ”اُها سنڌ جي لازمي جُز آهي“، هُن چيو. ”اهڙي دور ۾، جڏهن غير تعصبي liberal، سنساري secular، ۽ انسان دوست قدُر پوين پساهن ۾ آهن، مسٽر جويي پنھنجي سموري زندگي سنسار-واديsecular ۽ ترقي پسند نظرين جي پرچار ۾ وقف ڪري ڇڏي ۽ هُو اُنھن قدُرن تي پنھنجي آخري پساهه تائين اَٽل بيٺو رهيو. مسٽر شفيق احمد پراچا ميڙاڪي ۾ ڳالھائيندي چيو ته مسٽر جويو هڪ اهڙو مالھي هو، جيڪو پنھنجي گُلشن جي هر هڪ گُل سان بي انت پيار ڪندو هو ۽ هُن اُنھن جي نھايت پريم سان سار لڌي. ليکڪ مظھر جميل گھُر ڪئي ته ڪنھن يونيورسٽيءَ ۾ مسٽر جويي جي نانءُ تي ترجمي ۽ تحقيق جي چيئر قائم ڪئي وڃي. تعليم دان ڊاڪٽر فھميدا حسين چيو ته هُن هڪ اُستاد ۽ سماج سُڌارڪ جي حيثيت ۾ ڪيترن ئي نسلن کي اُتساههُ ڏنو. سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي وائيس چانسلر، مظھرالحق صديقيءَ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي بيتُ پاڇا هِي نه پاڙيان، سَرتيُون! سُئيءَ ساڻُ، ڍَڪي اُگھاڙي کي، ڪين ڍَڪيائين پاڻُ، ٻِيھر ڄاپِي ڄاڻُ، ابر جي اوصاف کي. جو حوالو ڏيئي چيائين ته جويو صاحب جو سموُرو جيوّنُ سُئيءَ مثل هو، جيڪا ٻين جي اوگھڙ ڍَڪڻ لاءِ ڪپڙا سِبي ٿي، پر پاڻ سدائين اُگھاڙي رهي ٿي. ڊاڪٽر مُرليڌر اُن ميڙاڪي جي ڪارروائي هلائي. [نوٽ: هن مضمون ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي مرحوم جو لفظ استعمال ڪيو ويو آهي، پر آءٌ سائين جويي صاحب لاءِ اُهو استعمال ڪرڻ جي همٿ ٻَڌي نه سگھيو آهيان، تنھن لاءِ معافيءَ جو طلبگار آهيان- سنڌيڪار] (روزاني ”ڊان“ ڪراچي، ۱۹ نومبر ۲۰۱۷، جي ٿورن سان) کنيل ڏيھاڙي عبرت بتاريخ ۲۳ نومبر ۲۰۱۷ع تان ٿورن سان) محمد ابراهيم جويو هڪ صديءَ جي روشني سارنگ جويو سنڌ اڀياس اڪيڊمي ۽ سراج انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز پاران ڪالھه بتاريخ ۱۵ نومبر ۲۰۱۷ جي شام جو ۴ وڳي کان ۷ وڳي تائين جديد سنڌ جي اڏڻھار سائين ابراھيم جويي جي ياد ۾ “A Legend never Dies” جي عنوان تي زيبسٽ جي ۹۰ آڊيٽوريم ۾ ھڪ شاندار تقريب ٿي گُذري. ھن پروگرام جي شروعات سنڌ اڀياس اڪيڊميءَ پاران پڙھائي ويندڙ ڪورس سنڌ اسٽڊيز جي شاگردن ۽ سنڌ اڀياس اڪيڊميءَ جي ريسرچ ايسوسيئيٽ سارنگ جويي شاھ لطيف جي بيت “اول الله عليم، اعلي عالمٰ جو ڌڻي” سان ڳائي ڪئي، جيڪا ڌُن سنڌ اسٽڊيز جي شاگردن ۽ سنڌ اڀياس اڪيڊميءَ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر غزالا رحمان جي ٺاھيل آھي. ان کان پوءِ ھن پروگرام جي ماڊريٽر ڊاڪٽر غزالا رحمان سنڌ اڀياس اڪيڊمي ۽ سراج انسٽيٽيوٽ پاران سڀني آيل مھمانن کي آجياڻو ڏنو، جنھن کان پوءِ سنڌ اڀياس اڪيڊمي سنڌ اسٽڊيز جي شاگردياڻي خوشبخت ميمڻ سائين ابراھيم جويي جي زندگيءَ تي مختصر روشني وجھندي چيو ته، “ جويو صاحب سان مُنھنجي ڪڏھن به مُلاقات نه ٿيل ھُئي پر ان بابت اسان سنڌ اسٽڊيز جي ڪورس ۾ پڙھيو آھي، ھو ھڪ وڏي علمي شخصيت ھُئا، جن جا ڪيترا ئي ڪتاب لکيل آھن ان کان پوءِ سنڌ اڀياس جي ھڪ ٻئي شاگرد شھروز جمالي ڳالھائيندي چيو ته، “ سائين جن سنڌ جي ايڏي وڏي شخصيت آھي، جو ان تي ڳالھڻ جي آئون جسارت به نه ٿو ڪري سگھان، بس ايترو ئي چئي سگھان ٿو ته سائين جتي به رھيا ۽ جيڪي به ادارا ٺاھيا، اُتي ايمانداريءَ سان ڪم ڪيو، ۽ اسان کي به ايمانداريءَ سان ئي ڪم ڪرڻ گھرجي جنھن کان پوءِ نعيم چانڊيي ڳالھائيندي چيو ته، “سائين ابراھيم جويي جو تعارف مون وٽ سندن ناياب ترجمن جي ڪري آھي، شيلي، ٽئگور، شيڪسپيئر، پائلو فريري جا ترجما جيڪي جويي صاحب ڪيا آھن، اھي ناياب آھن، ان کان پوءِ سائين ابراھيم جويي جي پوٽيءَ بُشريٰ جويو ڳالھائيندي چيو ته، “ مُنھنجو نه رڳو ڏاڏا سائين ابراھيم جويي سان لاڳاپو آھي، پر آئون شيخ اياز جي به ڏُھٽي آھيان، ان لاءِ مون تي پريشر ھوندو ھو ته تون ھيڏين وڏين شخصيتن جي اولاد آھين توھان ڇا ڪيو آھي، منھنجو ڏاڏا بابا سان ڏاڍو ڪلوز رشتو ھو، جيڪو شايد ڪنھن سان به نه ھو، اسان سان گھڻو پيار ڪندو ھو، آئون کانئن سوشل ازم ۽ سنڌي آئڊيالاجي جي باري ۾ پُڇندي ھُيس، پر جنھن طريقي سان ھو اسان کي سمجھائيندا ھُئا اھو نھايت سولو ھوندو ھو. ھڪ اھم ڳالھ ڏاڏا بابا جي اھا ھُئي ته پاڻ سادي زندگي گُذاريندا ھُئا، اسان کي به زندگي سادگي ءَ سان گُذارڻ گھرجي ۽ ڪتابن سان پيار ڪرڻ گھرجي، ڏاڏا بابا ته پنھنجي لائبريري به ڊونيٽ ڪري ڇڏي ته جيئن سنڌ جا نوجوان ذھن اھي ڪتاب پڙھن.” ان کان پوءِ سنڌ جي ناليواري ليکڪ تاج جويي ڳالھائيندي چيو ته، سائين ابراھيم جويي جو سنڌ تي وڏو ڪم ته ترقي پسند ادب جي آبياري ڪرڻ ۽ ان کي ھٿي وٺرائڻ ھو، پر ان کان به اھم ڪم جويي صاحب جو اھو ڊاڪيومينٽ آھي، جيڪو سائين ۱۹۴۷ ۾ “سيو سنڌ سيو دي ڪانٽينينٽ” جي نالي سان لکيو، جنھن ۾ سائين جيڪا اڳڪٿي ڪئي ته اسان پاڪستان ۾ شامل ته ٿيون ٿا، پر اسان ٻئي درجي جي شھري جي حيثيت وارو رويپ رکيو ويندو، جنھن سان اسان جي ٻوليءَ، ثقافت ۽ قومي شناخت کي خطرو ٿيندو، اھي ڳالھيون اڄ به سئو آنا سچ آھن. “ جنھن کان پوءِ سحر گل ڀٽيءَ ڳالھائيندي چيو ته، “سائين جويو صاحب سنڌ جو شعور ساز ھو، جنھن پنھنجين لکڻين ۽ ترجمن ذريعي سنڌ ۾ ترقي پسند لاڙن کي متعارف ڪرايو، سائين جو ھڪ ڪتاب “سيڪيولرازم ۽ عقليت پسندي” دراصل ٻن اسڪول آف ٿاٽس جي وچ ۾ ڊبيٽ آھي، جنھن ذريعي سائين عقليت پسنديءَ کي ھٿي وٺرائي آھي. ان کان علاوه سائين سنڌ اندر جديديت لاڙن کي متعارف ڪرايو. “ ان کان پوءِ ڊائريڪٽر سنڌ اڀياس اڪيڊمي ڊاڪٽر غزالا رحمان رفيق سائين ابراھيم جويي جو سنڌ اڀياس اڪيڊميءَ سان تعلق تي ڳالھائيندي چيو ته، “سائين ابراھيم جويي جي آئون ٿورائتي آھيان جو انھن جي شفقت جو ھٿ ھميشه مون مٿان ۽ اسان جي اداري سنڌ اڀياس مٿان رھندو آيو، ھو مونکي پيار مان بابلي به چوندو ھو، منھنجو ساڻن تعلق ڏاڏا عبدالرحمان، چاچا لُطف رحمان ۽ بابا حسن علي عبدالرحمان جي ڪري به رھيو، مون کي سائينءَ ئي ٻُڌايو ته بابلي تنھنجو ڏاڏو سنڌ مدرسته الاسلام ۾ اسٽڊي سرڪل ھلائيندو ھو، جن جا موضوع ان وقت شيڪسپيئرس جا ڊراما، شيلي، گوئٽي، ۽ ٻيا ھوندا ھُئا ان کان علاوه ون يونٽ جي دور ۾ جڏھن اوھان جو والد سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ھو، تڏھن ھو حيدرآباد ۾ مٺارام ھاسٽل ۾ اسٽڊي سرڪل ھلائيندو ھو، جنھن کان پوءِ سارنگ جويي ڳالھائيندي چيو ته، “جان جان ھُئي جيئري ورچي نه ويٺي، وڃي ڀونءِ پيٺي ساريندين کي سڄڻين. سائين ابراھيم جويو جديد ۽ ترقي پسند سنڌ جو اڏيندڙ ھو. ابراهيم جويو سنڌي ادب جو پارس مير نادر علي ابڙو پنهنجي ادبي ۽ علمي گهراڻي هجڻ سبب مون کي ٻالڪپڻ کان ئي سنڌي ادب جي نمايان شخصيتن سان ملڻ جو موقعو ميسر ٿيو. ڇو ته بابا سائين ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي شام واري روزاني ڪچهرين ۾ به گهڻي قدر سندن ادبي دوست ئي گڏ ٿيندا هئا، جتي سنڌ جي سڀني وڏن ليکڪن کي مان بابا سائين جي ڪچهرين ۾ ڏٺو ۽ جڏهن به بابا سائين جي حيدرآباد بدلي ٿيندي هئي ته پاڻ پنهنجي سڀني کان وڌيڪ ويجهي دوست چاچا محمد ابراهيم جويو سان وڌيڪ وقت گذاريندا هئا. مون کي ياد آهي هڪ ڏينهن مان به بابا سائين جن سان گڏ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ويو هئس، جتي چاچا ابراهيم جويو سان ويهي ڪچهري ڪرڻ لڳا هئا ۽ مون بابا جن کي چئي سنڌي ادبي بورڊ مان ڪيترائي ڪتاب وٺي گاڏي جي ڊڪي ڀري ڇڏي هئي. اهڙي ريت چاچا ابراهيم جويو منهنجي ان معصومانه خواهش کي پورو ڪيو ۽ پوءِ پاڻ زندگي ۾ منهنجي پسنديده شخصيت بڻجي ويو. ڪتابن سان منهنجي رغبت ۽ لڳاءُ ڪا نئين ڳالهه ناهي، پر امڙ سانئڻ ٻڌائيندي آهي ته مان ٻالڪپڻ ۾ به جڏهن اڃان مان اسڪول وڃڻ جهڙو نه هيس تڏهن به اڪثر گهر مان ڪجهه ڪتاب کڻي پراڻي اسڪولي ٿيلهي ۾ وجهي سڄي گهر ۾ گهمائيندو وتندو هيس ۽ منهنجي ان عمل تي سمورا گهر ڀاتي کلندا هئا ته پاڻ کان وڏو ٿيلهو کنيو اٿم. پوءِ عمر سان گڏ اهو چاهه ويتر وڌڻ لڳو ۽ ڪتابن جي ويجهو ٿيندو ويس. منهنجا لاءِ اها هڪ وڏي سرهائي جي ڳالهه آهي ته مون جويي صاحب جهڙي مانائتي شخصيت کي ويجهڙائيءَ کان ڏٺو، سندن لبن تي هميشه سنڌي ادب ۽ زبان جي واڌاري ۽ سنڌي سماج جي خوشحالي جون ڳالهيون رهيون آهن، ڏٺو وڃي ته سنڌي ادب جو هي اڻ ٿڪ ڪردار، ادب کي ڪيترائي اهم ڪتاب ڏئي چڪو آهي. جنهن ۾ ادبي ٻولي ۽ ان جي فلسفيانه پيڙاهي جو وڏو عنصر موجود آهي. سندن حياتي جو احاطو ڪبو ته پوري هڪ صديءَ جو دؤر هن ادبي ميدان لاءِ ڏنو آهي ۽ ساڻن جڏهن به ڪچهري ٿيندي آهي ته هو سنڌ جي مڙنئي مسئلن، خاص ڪري تعليمي، ثقافتي، معاشرتي اوسر ۽ اقتصادي آجپي جي ڳالهه ڪندو آهي. سنڌ جي هن سٻاجھڙي ڏاهي، ڪشادي صاف دل، سادي فطرت ۽ درگذر ڪندڙ طبيعت جي مالڪ سائين ابراهيم جويو جو بنيادي تعلق تعلقي ڪوٽڙي ضلعي ڄامشورو جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ “آباد” سان آهي، جتي هڪ محنت ڪش هاريءَ ميان محمد جويو جي گهر ۾ ۱۳ آگسٽ ۱۹۱۵ع ۾ جنم ٿيو ۽ سندن والد جي ان وقت وفات ٿي جڏهن محمد ابراهيم جويو جن تمام ننڍا هئا. جڏهن ته سندن ڏاڏو محبوب جويو کي ڳوٺ ۾ وڌيڪ پڙهيل لکيل ۽ سمجهدار هجڻ جي ڪري “آخوند” جي نالي سان سڏيو ويندو هيو. محترم محمد ابراهيم جويو پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ئي حاصل ڪئي ۽ بعد ۾ ۱۹۲۷ع ڌاري اينگلو ورٽيڪلر (اي. وي) اسڪول سن ۾ داخلا ورتائون. جنهن بعد اڳيان تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ کين سنڌ مدرسه ڪراچي جي تعليم حاصل ڪرڻي پئي، جتي لوڪل بورڊ طرفان کيس ڏهه رپيا ماهانا وظيفو به جاري ٿيو،ان زماني ۾ اهو وظيفو انهن شاگردن کي ئي ملندو هو جن جي تعليمي ڪارڪردگي نمايان هوندي هئي ۽ ابراهيم جويو صاحب اڳيان هلي سنڌ مدرسه ۾ اسسٽنٽ ٽيچر جي حيثيت سان ٻن سالن تائين خدمت به سرانجام ڏني، جنهن سان سندس ڪردار سنڌ واسين لاءِ هڪ فڪري استاد ۽ شعوري شخصيت طور پڻ رهيو آهي. ويهين صدي عيسوي جي شروعاتي ڏهاڪن ۾ جڏهن سنڌ انگريزن کان آجپي واري تحريڪ شروع ڪئي ويئي، ان زماني ۾ ايم. اين. راءِ جي فڪري تحريڪ اڀري رهي هئي ۽ ان فڪري ماحول ۾ محمد ابراهيم جويو ان تحريڪ جو فڪري ۽ شعوري طور تي ڳوڙهو اڀياس ڪيو. ان زماني ۾ هن ايم. اين. راءِ جي مضمونن جو مطالعو پڻ شروع ڪيو. جيڪي ان وقت جي ٽائميز آف انڊيا ۾ شايع ٿيندا هئا. جنهن سان جويو صاحب کي اهو احساس ٿيو ته سنڌ ۾ سائنسي ۽ تعليمي شعور جي جيڪا گهٽتائي آهي تنهن لاءِ جاڳرتا جي انتهائي اشد ضروت آهي ۽ اڳيان هلي جڏهن ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جي ڳالهه ٿي ۽ حڪمرانن طبقي مسلمانن لاءِ هڪ الڳ مسلم رياست جو مطالبو ڪيو ته ان وقت محمد ابراهيم جويو جهڙي دور انديش ۽ قابل ڏاهي اهو محسوس ڪري ورتو ته آئنده لاءِ سنڌ ۾ سماجي، علمي ۽ فڪري طور ڪي مشڪلاتون پيش اچي سگهن ٿيون ۽ ان حوالي سان سنڌ واسين جي جاڳرتا لاءِ پاڻ هڪ ڪتاب پڻ رقم ڪيو. سنڌي ادب ۾ جويي صاحب بين الاقوامي ادب کي متعارف ڪرائڻ لاءِ پرڏيهي ڪتابن کي ترجمو ڪري ڪيترائي انيڪ ڪتاب به ڇپرايا، جنهن ذريعي هن پنهنجي ترجمن ۾ فڪري ۽ شعوري طور سنڌ ۾ جديد سائنسي علم جي اوسر، ٻوليءَ جي تحفظ ۽ سماجي سڌارن بابت وسيع ڄاڻ ڏنائون ۽ گڏوگڏ هن سنڌ کي روايتي ذات پرستي، وڏيرائي سوچ ۽ تعليمي کوٽ مان پڻ ڪڍڻ ٿي چاهيو، اهڙي ريت هن هميشه پنهنجي قلم ذريعي ٻولي، تعليم، ادب ۽ سماج جي وڏي خدمت ڪئي ۽ اهو چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته اڄ سنڌ ۾ علمي، ادبي ۽ فڪري طور تي جيڪو پڪو پختو شعور آهي تنهن ۾ نمايان حصو جويو صاحب به آهي ۽ سنڌي ادب جي ڪيترن وڏن ليکڪن شيخ اياز، سراج ميمڻ، حسام الدين راشدي، محمد عثمان ڏيپلائي، الهداد ٻوهيو ۽ ٻين ڪيترن وڏن ناليواري شخصيتن محمد ابراهيم جويو منجهان گهڻو ڪجهه سکيو آهي. محمد ابراهيم جويو سنڌ جو اهو دانشور، مفڪر، معلم ۽ اديب آهي جنهن پنهنجي زندگي جو مقصد سنڌي ادب جي خدمت لاءِ وقف ڪري چڪو آهي ۽ سنڌ جي حساسيت کي محسوس ڪندي هو سنجيده مزاج ۽ گهڻ پاسائو اتساهيندڙ ڏيندڙ ڪردار هميشه سنڌ لاءِ هڪ روشن خواب به ڏسندو رهيو آهي. محمد ابراهيم جويو سندس وڇوڙي تي دودو ديشي سنڌ جي هڪ صدي جو آواز هميشه لاءِ بند ٿي ويو پر ان سڏ پراڏو صدين تائين قائم رهڻو آهي هڪ سنڌ دوست عالم اديب اسان کان هميشه لاءِ طبقاتي طور هميشه لاءِ وڇڙي آهي پر ان جون محبتن جا سبق هميشه اسان کي ياد رهندا سنڌ جو هڪ عظيم محقق اديب ليکڪ محمد ابراهيم جويو اسان کان موڪلائي چڪو آهي جنهن کي ديس جي مٽي پنهنجي دل ۾ گهرائي ورتو پر هن جو پيغام ڪڏهن به ختم ٿيڻو نه آهي هن ڪتاب هميشه اسان سان گڏ رهندا جنهن ۾ اسان نه صرف هن نظرياتي تصوير ڏسي سگهون ٿا پر ٻڌايل واٽ تي هلندي پنهنجي سنڌ کي به سنواري ۽ سنگاري سگهون ٿا. محمد ابراهيم جو سائين جي ايم سيد سان گڏجي سنڌ جو ڪيس وڙهيو ۽ بي ڊپو ٿي سنڌ لاءِ لکندو رهيو ۽ سائين جي ايم سيد جي پروگرامن ۾ بي باڪي شرڪت سان گڏ ڳالهائيندو رهيو محمد ابراهيم جويو سان منهنجي پهرئين ملاقات ڀائو قمر ڀٽي جي ڪتاب سائين جي ايم سيد جي ساسي ذاتي زندگي بابت لکيل ڪتاب جي مهورت حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ٿي جنهن ۾ هن جو آواز گفتگو سمجهاڻي ڳالهائڻ ايڏو ته ڀرجست هو جو مان سندس جو تفصيلي ڳالهه مان مطميئن ٿيس ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ ٻيا به گهڻا اديب ليکڪ ۽ محقق شاعر ۽ سگهڙ موجود آهن پر محمد ابراهيم جويو هڪ سچو انسان ۽ سنڌ دوست قومپرست ۽ سائين جي ايم سيد جو وفادار ساٿي نظر آيو ڇاڪاڻ ته جڏهن به سن شهر ۾ رهبر سائين جي ايم سيد جي سالگراهه تي وڃڻ ٿيندو هو ته سيد جي مزار مونکي اديب محمد ابراهيم جويو نظر ايندو هو اهو ڏسي مونکي ڏاڍي خوشي ٿيندي هئي. ته هيڏو جهونو اديب محمد ابراهيم جويو سائين جي مزار تي اچي ڪري اهيو پنهنجي سچائي ۽ سنڌ پرستي ۽ قومپرستي جو ثبوت ڏيندو هو.محمد ابراهيم جويو هڪ صدي جي آدريش حياتي کي هن ايڏو ته متحرڪ ۽ ڪارائتو ۽ بامقيد بڻايو جنهن جو مثال سنڌ جي تاريخ ۾ ملڻ محامل آهي جويو صاحب پنهنجي عملي زندگي جي شروعات هڪ استاد جي حيثيت سان ڪئي پر پاڻ سدائي ان حيثيت کي برقرار رکندو آيو. ڪٿي شاگردن کي تعليم ڏياريندي ڪٿي سياسي ڪارڪنن کي سکيا ڏيندي ۽ وري ڪٿي سياسي اڳواڻن جي تربيت ۽ رهنمائي ڪندي نظر آيو. محمد ابراهيم جويو هڪ ئي وقت بهترين نقاد ۽ دانشور هو ته ۽ سچو ڪارڪن هو ۽ هو هميشه ڪارڪنن جيان ڪم ڪندو رهيو پر سندس سوچ فڪر ڏاهپ کيس ماڻهن جي دلين ۾ هڪ اڳواڻ واري حيثيت ڏياري پنهنجي ارادن تي اٽل رهڻ وارو هي کاوڙي انسان هر دور ۾ سنڌيت جو نعرو بلند ڪندو رهيو. استاد بخاري، ابراهيم منشي، شيخ اياز سان تمام گهڻي ويجهڻائپ ۽ دوستي جو سبب سنڌ هيو. سائين جي ايم سيد ۽ سنڌي ماڻهن کي آزادي ڏيارڻ ۽ حق ڏيارڻ واري جدوجهد ۾ اهم ڪردار رهيو قومپرست نظريي جي پرچار ۽ پنهنجا ڪيترائي هم خيالي دوست پيدا ڪيا سائين جي ايم سيد جا ڪتاب شايع ڪرائڻ لاءِ پاڻ پروفرينڊنگ کان آخري مرحلن تائين گڏ رهيو ساڳئي ريت هن وڏي شاعر شيخ اياز جي ڪتاب جا مهاڳ پڻ لکيا. سائين محمد ابراهيم جويو سان منهنجي آخري ملاقات ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ڪتاب جي مهورت ڪلهوڙا ڪالوني ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي جي پروگرام ۾ ٿي جتي پڻ مونکي ڀرجستو انسان ۽ قومپرست وارو خيال نظر آيو محمد ابراهيم جويو پنهنجي جدوجهد کي مات نه ڏني. ۽ هو اڳتي وڌندو رهيو ۽ سنڌي ادبي بورڊ وسيلي ڏاهپ سڃانهه جا سبق ورجايا جيڪي هئينر همت حاصل ڪن ۽ سجاڳ ٿي پنهنجي سنڌ جي وارثي کي سبڀالي سگهن ٿا. محمد ابراهيم جويو پنهنجي ڪوک مان اهڙا هزارين انسان پيدا ڪيا آهن جن هر ڏوکي ويل ڌرتي ۽ ڌرتي ڌڻين جي حفاظت ۽ پنهنجي تن من جي قرباني ڏئي ڪري سنڌ واسين جو مان مٿاهون ڪيو آهي. اهي آهن قومپرست ۽ سنڌ دوست جيڪي پنهنجي وس ۽ وتهار جدوجهد ڪندا پيا اچن. محمد ابراهيم جويو جو خال ڀرجڻ لاءِ شايد صديون انتظار ڪرڻو پوندو ۽ هن صدي جو آواز الوداع چئي ڌرتي ماءُ جي هنج ۾ هميشه لاءِ آرامي ٿي ويو مان ۽ سهاري سنڌ ۾ جويو صاحب جو دنيا ڇڏڻ کانپوءِ ان جو نالو صدين تائين ياد رهندو. استاد بخاري جي شاعري وانگر “جو عام اجاري جئيندو رهندو جو قوم اجاري جئيندو رهندو،مونکي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آ، جو سنڌ سنواري اهو جيئندو رهندو جيئندو رهندو”. محمد ابراھيم جويو سنڌ لاءِ سندر سپنا ڏسندڙ هستي مهتاب اڪبر راشدي ڪيڏي نه خوش نصيبي اٿم، جو اڄ اُن ٻاجهاري روح جي سامهون بيٺي آهيان، جيڪو پنهنجي زندگيءَ جو سفر، شانت من ۽ ايڪانت سان طئي ڪندو، هڪ صديءَ جي چانئٺ تي پير پائي رهيو آهي. سونهاري سنڌ جو هي پڪو عاشق عشق جا هڙئي مرحلا ايئن ٽپي ۽ اهڙي نموني ئي نڀائي آيو آهي، جيئن عشق جي ڪتاب ۾ لکيل هوندا آهن. جنهن جو پهريون اصول ئي هوندو آهي، پاڻ ارپڻ، خود سپردگي بس، پنهنجي محبوب کي ڏسندو وڃ، هو جيڪو چوي اُهو ڪندو وڃ، موٽ ۾ اُن کان ڪجهه گهر نه، ڇو ته ان محبوب وٽ اڳ ۾ ئي ڏيڻ لاءِ ايترو ڪجهه آهي، جو جهولن جا جهول ڀري به ميڙيندا وڃون ته سندس ڏنل خزانا کٽڻ جا ناهن. محمد ابراهيم جوئي جو اهو محبوب آهي، امڙ وانگر مٺڙي، سٻاجهي، ٻاجهاري” سنڌ“ ۽ هيءُ اُن جو ٻڌو ٻانهو. اسان مان جنهن به جوئي صاحب کي ويجهي کان ڏٺو، هنن جي تحريرن کي پڙهيو آهي ته اهو يقينن ان نتيجي تي پهتو هوندو ته، هن جي سوچ جو محُرڪ ۽ مرڪز هن جو وطن ۽ اُن جا ماڻهو رهيا آهن اها ڳالهه مان ڏاڍي پختي يقين سان چوان ٿي ته نوانوي سالن ۾ گهاريل، سندس زندگيءَ جي هر گهڙي، سندس وات مان نڪتل هر گفتو ۽ قلم مان سرجيل ڏاهپ ۽ سوچ جا هڙئي نقطا، هنجي ديس ۽ ديس واسين لاءِ ئي چيل لکيل آهن. پنهنجي محبتن ۾ ته ماڻهون خود غرض ٿي ويندا آهن پر هو جيڪو انتها درجي جو وطن دوست آهي هن جو ته عشق ئي عجيب آهي. هٿ وٺي سڀني کي پنهنجي اکين سان اُن محبوب ڌرتيءَ جي حسنا ڪي ٿو ڏيکارڻ چاهي. جيڪا سندن اکين ۾ صديءَ کان سمايل آهي. ڌرتي سان سندس محبت جي فلسفي۾، سندس اهو پختو يقين آهي ته وطن جي محبت ماڻن لاءِ، توهان پاڻ به اهڙائي ٿي وڃو. جهڙو توهان پنهنجي ڌرتيءَ کي ڏسو ٿا ڌرتي جا نقش ونگار اُن جون روايتون ۽ اُن جو اخلاق. محمد ابراهيم جوئي، جنهن سنڌ کي سچائي ان جي روايتن ۾ انسانيت کي زنده ڏٺو آهي. اهڙي انسانيت، جنهن جو مقصد ئي اهو هجي ته ڪنهن کي ڪو هاڃو نه رسي ڪنهن کي ڪو نقصان نه پهچي. اها ئي ته سنڌ جي روايت آهي ۽ جڏهين سراج الحق ميمڻ، سائين ابراهيم جوئي جو ويجهو دوست اسان کي اهو ٻڌائي ته، محمد ابراهيم جوئي جو عقيدو آهي ته سنڌ پنهنجي حيثيت ۾ مڪمل ترين وطن آهي، ملڪ آهي، جنهن ۾ هر اُها شئي آهي. جيڪا هڪ ملڪ، هڪ وطن ۾ هئڻ گهرجي. هن وٽ هڪ سمنڊ آهي، هڪ درياھ آهي. هن وٽ ڪارونجهر ۽ هالار جهڙا جبل آهن. هن وٽ ٿر جهڙو ريگستان آهي، ماٿريون آهن، ڇپر ۽ ڇانورا آهن. هن جا صبح حسين ۽ شامون سحر انگيز آهن ته انهن سڀني شين کي اُڏو رکندي سنڌ جي هيءَ شخصيت، سنڌ واسين کان ”همه گيريت“ کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه ٿي سگهي.“ اڄ سنڌ جي سٻاجهڙي سپوت، نئين سنڌ جي معمار نوانوي سالن جي جوان همت شخص جي سنڌ واسين مٿان ڪيل ٿورن لاهڻ جو موقعو آيو آهي. سنڌ واسين به پاڻ ملهايو آهي. هن جي شان ۽ مان مطابق کيس ڀيٽا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سنڌي اخبارن سهڻي نموني پنهنجي فرض ادائگي ڪئي آهي. سئو سالا جشن جي رٿ جوڙيندڙ ڪميٽيءَ پوري طرح فعال آهي. اڄ ان سلسلي جي هيءَ پهرين ڪڙي آهي ۽ هي سنڌ ڄائو، هن صديءَ جو هي مهان ڏاهو اسان جي وچ ۾ ويٺو آهي، دل ۾ هو به مطمئن هوندو ته دل جي جنهن ويساھ سان هن. سنڌ ۽ سنڌ واسين جي روايتن تي يقين ڪيو، اُهي سڀ سچيون آهن. سنڌ واسي محبت ڪري به ڄاڻن ۽ اوتري ئي محبت مورُ سوڌي موٽائي به ڄاڻن، اڄوڪي هن تقريب ۾۽ اڳتي رٿيل مختلف رهاڻين ۾ محمد ابراهيم جوئي جي هڪ صديءَ جي پورهئي تي ڪيترائي مقالا لکيا ويندا. هن جي ڪيل ڪمن جي اپٽار ٿيندي، سندس تحريرن تي تجزيا ۽ تبصرا ٿيندا. اهو هڪ نه کٽندڙ سلسلو ٿيندو، جيڪو اسان جي اُسرندڙ نسل کي هن جي سوچ جي همه گيريت، سنڌ جي ترقيءَ لاءِ سندس اکين ۾ سرجيل سپنن ۽ سندس قلم مان نڪتل مقصد جي حصول لاءِ جدوجهد جي رهبريءَ کان آگاهه ڪندو رهندو، پر مان سندس زندگي جي انهن گوشن ۾ جهاتي پائڻ ٿي چاهيان، جيڪي اڄ به سندس يادگيرين ۾ چٽا آهن، اُهي هنڌ جن هن کي ڪائنات جي آفاقيت کان روشناس ڪرايو، اُهي سيبتيون مايون، جن رت جي مختلف رشتن ۾ ٻڌجي کيس انهن لاڳاپن جي عزت ۽ محبت ڪرڻ سيکاري ۽ اُهو اُستاد، جنهن آڱر پڪڙي کيس سندس ننڍري ڳوٺ آباد جي پرسڪون دنيا مان ڪڍي، هڪ پرهجوم ۽ مسئلن سان ٽمٽار دنيا ۾ همت ۽ اعتماد سان پنهنجي سڃاڻ ۽ مقام حاصل ڪرڻ لاءِ تيار ڪري روانو ڪيو. عورت هئڻ جي ناطي، ان ڳالهه ۾ پڪو ويساھ اٿم ته هر ماڻهوءَ جي شخصيت تي انهن عورتن جو ضرور ڪونه ڪو اثر پوي ٿو، جن سان هنن پنهنجو ٻاروتڻ گذاريو هجي. جوئي صاحب جي ساروڻين ۾ به، پنهنجي اُن ڏاڏيءَ جي ياد، ڏيئي جي روشنيءَ مثل جرڪي ٿي، جنهن ۾ پرڀات مهل مصلي تي نماز پڙهڻ کان پوءِ مداحون کيس مٺڙي ننڊ مان جاڳائينديون هيون، هو ستي ستي، اهي مداحون ٻڌي، هن جي مٺڙي سُر ۾ گم ٿي ويندو هو. کانئس اُهو صبح به نه ٿو وسري، جڏهين سندس ڏاڏيءَ کيس پهرين ڏينهن اسڪول وڃڻ لاءِ تيار ڪيو، هن کي ياد آهن سڀ کان پهرين بسم الله پڙهي، الحمد پڙهيو ۽ بُڪ کڻي دعا گهريائين. سندس ڏاڏو، هن لاءِ احمد موچيءَ کان خاص جُتي جوڙائي آيو هو، سندس امڙ، اسڪول وڃڻ لاءِ ڪپڙڻ جو نئون وڳو سبيو هو، ٽونئر سان ٽڪن واري ٽوپي به ٺاهي، قلم ۽ سليٽ رکڻ لاءِ هڪ بجڪي تيار ڪئي هئي، جنهن کي ٽڪون جڙي، سهڻي ڀرت سان سينگاري پوءِ ننڍڙو محمد ابراهيم، نئون جوڙو اوڍي، نئين جتي پائي، مٿي ۾ ٽوئنرن واري ٽوپي ۽ ڪُلهي ۾ ٻُجڪي وجهي ڏاڏيءَ جي هٿ ۾ هٿ ڏيئي، پهرين ڏينهن اسڪول ويو. مان سوچيان ٿي ته اها ڪيڏي نه خوشبختي هئي، ننڍڙي محمد ابراهيم جي، جنهن لاءِ علم جو دروازو، هڪ عورت کوليو. هڪ سڄاڻ، بااعتماد ۽ ٻاجهاري مائي، جيڪا جڏهن اسڪول جي اڱڻ ۾ داخل ٿي ته، اُستاد به اُٿي بيٺو ۽ساڻس گڏ سندس ساڃاھ وند شآگرد به اُٿي بيٺا. اهو ڄڻ ته سنڌ جي انهن سهڻين روايتن جو مظهر هو، جنهن ۾ عورت جي عزت ڪرڻ ۽ مان ڏيڻ، سڀ کان مٿانهون گڻ ليکيو ويندو هو. اُها سيبتي ڏاڏي، پنهنجي پوٽي کي اسڪول داخل ڪرائڻ جي خوشيءَ ۾ پتاشن سان ڀريل ٽٻڻي به کڻي وئي جيڪي هن ٻارن ۾ ورهايا. جوئي صاحب جي دل ۽ دماغ تي، پنهنجي مٺڙي امڙ جي زندگيءَ جا هڙئي ڏک ڏاکڙا اڄ به ايئن ئي نقش آهن، جيئن اُن ڪچي وهيءَ ۾ هن کي سهندي ڏٺا ۽ محسوس ڪيا هئا. سندس امڙ جڏهين گذاري ويئي تڏهين، جويو صاحب ڪراچيءَ ۾ ڇهون درجو انگريزي پڙهندو هو هن جو موت حادثاتي ٿيو، درياھ جي ڪپ تي ٽين ڪپڙن جو ڌوئڻ وئي هئي ته پير ترڪي ويس، بلڪل ايئن جيئن سندس پهروٺي ڌيءَ ڀاڳڀري به ڪجهه سال اڳ اهڙي ئي نموني لهرن جي حوالي ٿي هئي، ۽ ڪناري ته بيٺل هٿ مهٽيندا رهجي ويا، کيس بچائي نه سگهيا، پنهنجي مٺڙيءَ ماءُ جي وڇوڙي تي، پنهنجن يادگيرين کي جيئندي، جويو صاحب لکي ٿو، ” اڄ امڙ جو مان هڪڙوئي پٽ اوڻانوي ورهين جي عمر ۾ اڃا جيان پيو سچ ته مائون ويچاريون نورَ نوازيل، نيڪ دل نماڻيون، جيءَ جياريندڙ،پاڻ گهوريندڙ ۽ ڇاڇا نه جڳ کي دان ڏيئي ويندڙ پر عيوض ۾ ڪجهه نه ڪنهن کان گهرندڙ هجن ٿيون. هن گهڙيءَ به سڀ کان وڌيڪ چاهنا منهنجي پاڻيءَ ۾ پاڻيءَ جي دنيا سان ملڻ جي آهي جت منهنجي يتيم ڀيڻ ڀاڳڀري ۽ منهنجي دکياري امڙ ڪامل ٻائي کي پوئين دم کڻڻ جي مهلت ملي سگهي هئي.“ محمد ابراهيم جوئي صاحب تي، اولين تاثر ڇڏڻ وارن ۾ سندس پهريون استاد سائين ٽيڪڻ مل هيو جيڪو هنن جو استاد به هو ته ڳوٺ ۾ بيماري سيماريءَ ۾ شاگردن کي کنگهه مهل چاٽا به چٽائيندو هو ته بخار ويل ڪوئنين جون ڪوڙيون ٽڪيون به کارائيندو هو. جيڪو سنڌي ڪتابن مان ڪهاڻيون ڪڍي، انهن مان زندگيءَ جو فلسفو به سمجهائيندو هو. اهڙي ئي هڪڙي، ڪتي ۽ سندس پاڇي واري ڪهاڻي به هئي ۽ ان ڪهاڻيءَ مان پنج لفظ ڪامُ (سڌ) ڪروڌ (ڪاوڙ) لوڀ (هٻڇ)، موهه (انڌو چاھ)، اهنڪار (وڏائي) ڪڍي انهن جي معنيٰ ٻڌائي، شاگردن کي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهو ڪتو جيئن ته ڪامي، ڪروڌي، لوڀي، موهي ۽ اهنڪاري هو، اهي پنج ئي خرابيون ان ۾ هيو ۽ اهي ئي پنج خراب عادتون يا ڪُلڇڻ ماڻهوءَ جا ٻه وڏي ۾ وڏا دشمن آهن. جيڪو ماڻهو انهن کان بچي ٿو، سوئي ماڻهو، ماڻهو سڏجڻ جي لائق ٿو بڻجي. جڏهين محمد ابراهيم کي چوٿون درجو پهرين نمبر سان پاس ڪرڻ تي امتحانن واري وڏي صاحب کيس به ڪتاب، هڪ ”گلدستو“ سنڌ ادب جا چونڊ مضمون، جيڪي ديوان ڏيارام وسڻ مل ۽ ديوان ليلا رام پريم چند جي گڏيل ڪاوش هئي، ٻيو مرزا قليچ بيگ جو ”گلن جي ٽوڪري“ جيڪو هڪ مشهور جرمن ناول جي انگريزي ترجمي جو بهترين سنڌي ترجمو هو، کيس مليا، ته سائين ٽيڪڻ مل کيس مبارڪباد ڏيندي چيو ته ”پٽ ابراهيم تون ڏاڍو ڀاڳ وارو آهين جو اهڙا ٻه ڪتاب، هن ئي عمر ۾، توکي مليا آهن، اهي ڪتاب تون وري وري پڙهج، تون انهنجي پڙهڻ مان ڪڏهين به ڪو نه ٿڪبين، انهنجون ڳالهيون توکي سڄي عمر ڪم اينديون،“ ۽ پوءِ جويو صاحب لکي ٿو، ”آنءُ انهيءَ هدايت لاءِ پنهنجي پياري سائين ٽيڪڻ مل جو شڪرگذار آهيان. جو سندن اها هدايت مون سورنهن آنا سچي ۽ صحيح ڏٺي ۽ ان تي پورو عمل ڪيم. هن وقت آنءُ ذهني طرح ۽ عملي دنيا ۾ جيئن به آهيان ۽ جو ڪجهه به آهي ان لاءِ اهي ٻه ڪتاب آنءُ پنهنجا محترم ۽ مشفق استاد سمجهان ٿو.“ اهڙي طرح ئي جوئي صاحب جي ان مهل اُسرندڙ شخصيت، ڪامريڊ ايم اين راءِ جي فڪر ۽ فلسفي جا گهاٽا اثر نظر اچن ٿا. جيڪي هنن پاڻ تمام تفصيل سان هڪ مضمون، ”ڪامريڊ ايم اين راءِ ۽ منهنجو فڪري سفر “ ۾ بيان ڪيا آهن. پر اڄ اسان جنهن شخصيت کي هن جي سامهون سندس سوچ ۽ فڪر جي مڃتا لاءِ گڏ ٿيا آهيون، تڏهين معاشري ۾ ادا ڪيل سندس هاڪاري ڪردار ۽ تحرير مان جيڪا ڳالهه اُڀري ۽ نکرجي سامهون آئي آهي اها هيءَ ته هن سندس سڄي زندگي نيڪي جي پرچار ڪندي گذاري. هن علم کي ئي ترقيءَ ۽ سجاڳيءَ جو اهڃاڻ ڄاتو آهي. هو سماجي مت ڀيد ۽ ڇوت ڇات ۾ يقين نه رکندڙ ۽ انسانيت ۾ ويساھ رکندڙ روح آهي. هو پنهنجي ڌرتيءَ جو عاشق ۽ هن ۾ ويساھ رکندڙ آهي. هن جي سوچ ۾ عقليت پسندي آهي، هو هر وقت هر معاملي ۾ متحرڪ نظر اچي ٿو. هو پنهنجي سماج کي، انڌن اونڌن وهمن ۽ عقيدن کان ٻاهر ڏسڻ ٿو چاهي. شڪست خوردگيءَ جي هن جي لغت ۾ ڪاجاءِ ڪانهي. وڏيرا شاهي ڪامورا شاهي ۽ پير پرستيءَ کي هو سنڌ واسين لاءِ زهر قاتل ٿو سمجهي. هن جي قلم جي جنگ هميشه رجعت پسند سوچ جي خلاف رهي آهي. هو حقيقت شناسيءَ جو پرچار رهيو آهي ۽ سندس سوچ هميشه انسان جي اعليٰ قدرن جي گرد ڦرندي رهي آهي. محمد ابراهيم جوئي کي جڏهن اسان نئين سنڌ جو معمار چئون ٿا ته، يقين رکو هن ان سوچ جو بنياد ئي، بنيادي انساني لڳ لاڳاپن، ۽ بهترين انساني قدرن تي رکيو آهي. جيڪو هُو پنهنجي ديس واسين ۾ ڏسڻ چاهي ٿو ۽ کيس يقين آهي ته جي هو چاهي ته انهن لاءِ هن سماج کي بدلائڻ ۾ دير نه لڳندي. ته دوستو! اچو ته اسان جوئي صاحب جي انهن اکين ۾ جهاتي پايون، جنهن سنڌ لاءِ سندر سپنا جوڙيا آهن، ايڪتا، محبت ۽ ترقيءَ جا خواب ڏٺا آهن، اهو جيئرو جاڳندو شخص جنهن پنهنجو نور نچوئي، راتيون جاڳي پنهنجي ستل قوم کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اها قوم، اڄ هن کي ڀيٽا ڏيڻ مهل اهو به وچن ڪري ته، هن جي ڏٺل، سپنن کي هوءَ ساڀيان ڪندي، جيڪا سنڌ، جوئي صاحب پنهنجي سپنن ۾ سوچي، تنهن جي تعمير ڪندي اهو ئي هن لاءِ سالگرھ جو وڏي ۾ وڏو تحفو هوندو. (محمد ابراهيم جوئي جي سئو سالا جشن جي تقريب ۾ پڙهيل مقالو) سائين محمد ابراهيم جويو پروفائيل آگسٽ ۱۳-۱۹۱۵ع – نومبر ۰۹-۲۰۱۷ع ناميارو عالم، اديب ۽ ڏاهو محمد ابراهيم جويو ۱۳ آگسٽ ۱۹۱۵ع تي اڳوڻي ضلعي دادوءَ (۽ هاڻي ڄامشوري) جي ڳوٺ ’آباد‘ ۾ هڪ هاريءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. ٽن سالن جو هو ته سندس والد محمد خان جويو، پهرين مهاڀاري جنگ بعد پکڙيل وڏيءَ بيماريءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. محمد ابراهيم جويي جو ننڍپڻ غربت ۾ گذريو، پر همت نه هاريندي، پرائمريءَ جا چار درجا ڳوٺ ۾ پڙهي، ۱۹۲۷ع ۾ اي. وي اسڪول، سَن ۾ داخل ٿيو، جتي سائين جي ايم سيد جي مهربانين سان ٽي درجا انگريزي پڙهي، ۱۹۳۰ع ۾ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتائين. جتي چوٿين کان ستين درجي تائين پڙهيو، ان زماني ۾ ستون درجو مئٽرڪ شمار ٿيندو هو، هن ۱۹۳۴ع ۾ مئٽرڪ جي امتحان ۾ سنڌ مدرسة السلام مان ٻِي پوزيشن ماڻي ۽ ۲۰ رپيا ماهوار اسڪالرشپ حاصل ڪيائين. سنڌ مدرسي ۾ ان وقت علامه عمر بن محمد دائود پوٽو پرنسپال هو ۽ جويو صاحب سندس لائق شاگردن ۾ نمايان هو. جويي صاحب ۱۹۳۸ع ۾ ڊي جي سنڌ ڪاليج مان بي اي جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ کيس ڪاليج ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ۽ منگهارام ملڪاڻيءَ جهڙن استادن جي صحبت ۽ محبت حاصل رهي. ۱۹۴۰ع ۾ سنڌ مدرسي طرفان بي. ٽي ڪرڻ لاءِ بمبئيءَ جي ايس ٽي ڪاليج پڙهڻ ويو، جتان موٽندي ئي کيس ۱۹۴۱ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ ’اسسٽنٽ ماسٽر‘ مقرر ڪيو ويو. محمد ابراهيم جويي زندگيءَ جو پهريون سنڌي مضمون ”پڃري جا پکي“ ۱۴ سالن جي عمر ۾ لکيو، سندس انگريزي ۾ پهريون مضمون Democracy in School Administration سال ۱۹۴۶ع ۾ سنڌ مدرسي جي مئگزين ’ڪرانيڪل‘ ۾ ڇپيو. سائين جي ايم سيد سندس پهريون تعليمي مددگار هو. هُو ٻن مفڪرن سائين جي ايم سيد ۽ ايم. اين راءِ کان گهڻو متاثر هو، ۽ پهرين پارٽي جنهن ۾ شموليت ڪيائين، اها هئي ايم اين راءِ جيRadical Democratic Party . هُن ايم اين راءِ جي ڪتابHistorical Role of Islam جو سنڌي ترجمو ’اسلام جو تاريخي ڪارنامو‘ جي عنوان سان ڪيو. علمي زندگيءَ ۾ جويي صاحب سنڌ دوستيءَ جي راهه ۾ سرڪار جا عتاب ۽ ناراضگيون به برداشت ڪيون. ۱۹۴۷ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ پڙهائڻ دؤران هن هڪ ڪتاب ’سنڌ بچايو- کنڊ بچايو‘ Save Sindh، Save the Continent from Feudal Lords، Capitalists and their Communalists لکيو، جنهن جي ڏوهه ۾ سنڌ مدرسي بورڊ جي صدر ۽ (تڏهوڪي وزير تعليم) سندس ملازمت ختم ڪرڻ جو حڪمنامو جاري ڪيو هو. جويي صاحب جي اهليت کي مڃيندي، ٺٽي ميونسپالٽيءَ جي چيئرمئِن موليڏني عباسيءَ کيس ميونسپل هاءِ اسڪول ٺٽي جو هيڊ ماستر ٿيڻ جي آڇ ڪئي، جتي ٻن سالن تائين ۲۰۰ رپيا پگهار تي پڙهايائين. بعد ۾ اهو اسڪول به سرڪاري تحويل ۾ ورتو ويو، جتان بدلي ٿي ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار مئن، حيدرآباد ۾ اسسٽنٽ ماسٽر طور فرض نڀايائين. ۱۹۵۱ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چونڊ سان ڪلاس ٻئين گزيٽيڊ آفيسر طور ”هاءِ پاور ايگزيڪٽو ڪاميٽي فار سنڌي لٽريچر“ جو سيڪريٽري مقرر ٿيو. ۱۹۵۴ع ۾ هاءِ پاور ڪميٽيءَ کي ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي نالي سان نئين سر تشڪيل ڏنو ويو، جتي ۱۹۶۱ع تائين سيڪريٽريءَ طور جانفشانيءَ سان ڪم ڪيائين. ان دوران جويو صاحب (۵۶-۱۹۵۵) ٻه سال بورڊ جي ٽماهي ’مهراڻ‘ جو ايڊيٽر به رهيو، جنهن دوران هُن جديد ادب جي وڏي سرپرستي ڪئي ۽ ’مهراڻ‘ جو اهو دؤر يادگار ليکيو وڃي ٿو. ۱۹۶۳ع کان ۱۹۶۷ع تائين هُو آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي پاڪستان ٽيڪسٽ بڪ بورڊ لاهور، ڪراچي، ڪوئيٽا ۽ حيدرآباد ۾ رهيو، ان عرصي ۾ پنج سال اعزازي طرح سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري پڻ رهيو. جولاءِ ۱۹۶۷ع ۾ جويي صاحب هڪ مضمون لکي ’سليم احمد‘ جي فرضي نالي سان ڇپايو، جنهن جو عنوان هو: ’اولهه پاڪستان ۾ ٻولين جو مسئلو‘. جنهن تان ناراض ٿي سرڪار کيس گورنمينٽ هاءِ اسڪول جيڪب آباد ۾ هيڊ ماستر طور بدلي ڪري ڇڏيو. اها سرڪاري ناراضگي پوءِ به ٿڌي نه ٿي ۽ کيس ۱۹۶۸ع ۾ گورنمينٽ ٽريننگ اسڪول ڪوهاٽ جو پرنسپال ڪري موڪليو ويو، جتي لڳ ڀڳ ٻه سال کن رهيو. نومبر ۱۹۶۹ع ۾ ون يونٽ جي خاتمي جي اعلان بعد هُو سنڌ ۾ رجسٽرار ڊپارٽمينٽل ايگزئمنيشن، ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊيوڪيشن مقرر ٿي حيدرآباد ۾ آيو. پوءِ ۱۹۷۱ع ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جو ميمبر به ٿيو. هن ڪيترائي نصابي ڪتاب به لکيا. ۱۹۷۲ع ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر، بيورو آف ڪريڪيولم ائنڊ ايڪٽينشن سروسز سنڌ، حيدرآباد مقرر ٿيو، جتان آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي ۽ بعد ۾ سيڪريٽري سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ مقرر ٿيو ۽ ۱۲ آگسٽ ۱۹۷۳ع تي رٽائر ڪيائين. ابراهيم جويي جو سنڌي ادبي سنگت سان به ابتدا کان وٺي واسطو رهيو ۽ ۵۶-۱۹۵۴ واري دؤر ۾ سنڌي ادب ۽ ادبي سنگت جي ’نئين جاڳرتا‘ (Renaissance) جو اهم اڳواڻ رهيو. هُو اڄ به سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد شاخ جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر آهي. ۱۹۷۳ع ڌاري هُن ڪجهه سڄاڻ اديبن سان گڏجي ”سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت“ نالي اداري جو بنياد وڌو، پاڻ ان جو صدر ٿيو ۽ ان ئي پليٽ فارم تان چاليهه کن ڪتاب چپائي پڌرا ڪيائين. ۱۹۷۳ع ۾ ”سنڌ فرينڊس سرڪل“ قائم ڪري، ان طرفان ۲۰ ڪتاب شايع ڪرايائين. سرونٽس آف سنڌ سوسائٽيءَ جو ۱۹۸۲ع کان وائيس پريزيڊنٽ رهندو اچي. پنهنجي دوست، نامياري ليکڪ سراج الحق ميمڻ جي تحرڪ ۽ سرپرستيءَ ۾ ’سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ‘ جو بنياد رکيائين، پاڻ ان جو وائيس چيئرمين ۽ مئنيجنگ ٽرسٽي آهي. سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ واري عاليشان عمارت سراج صاحب ٽرسٽ کي سونپي علم ۽ قلم دوستيءَ جو ثبوت ڏنو. هن ٽرسٽ جي ذريعي ليڪچرن جو سلسلو هلايو، جن ۾ اهم اديبن ۽ دانشورن ليڪچر ڏنا جن کي ڇپائي پڌرو ڪيائين. جويو صاحب ۱۹۹۷ع کان ۲۰۰۲ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمئن رهيو ۽ ۱۹۹۸ع کان هيل تائين، مختلف مرحلن ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس، مالي ڪاميٽي، پبليڪيشن ڪاميٽيءَ ۽ ادبي تحقيقي ڪاميٽيءَ جي ميمبر طور به ذميواريُون نڀائيندو اچي ۽ اٿارٽيءَ جي اسڪيمن ۾ مددگار رهيو آهي. جڏهن ۱۹۹۸ع ۾ شيخ اياز فائونڊيشن جو قيام عمل ۾ آيو ته کيس ان جو چيئرمئن مقرر ڪيو ويو. فائونڊيشن طرفان هن وقت تائين ڇهه ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا ويا آهن. ان کان علاوه پاڻ شيخ اياز چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي صلاحڪار بورڊ جو به ۲۰۰۰ع کان ميمبر رهيو آهي. ان کان سواءِ ٿياسافيڪل سوسائٽي، حيدرآباد جو وائيس پريزيڊنٽ پڻ آهي. بنيادي لغت)، (ساٿين سان گڏجي تيار ڪيل: ۱۹۷۶ع)، (۷). ’فِڪر جي آزادي ‘:اسٽيفن زويگ جي ڪتاب ‘The Right to Heresy’ جو ترجمو، (جون ۱۹۷۷ع)، (۸). ’گليلو ‘:برنالٽ بريخت جي ڊرامي ‘Life of Gallileo’ جو ترجمو (۱۹۷۷ع)، (۹). ’شاهه- سچل- سامي ‘:(۱۶۸۹-۱۸۵۰- هڪ مطالعو) (۱۹۷۸ع)، (۱۰). ’ٻارن جو مسيح ‘:اينڊ بلائٽن جي ڪتاب ‘Children’s Life of Christ’ جو ترجمو (۱۹۸۰ع)، (۱۱). ’ماڻهوءَ جو ڀاڳ ‘:(ناٽڪ، لوڪ ڪهاڻيون، شاعري وغيره) (۱۹۸۰ع)، (۱۲). ’عورتازاد‘ (عورتن جي تحريڪ آزادي ):ترتيب ۽ ترجمو(۱۹۸۳ع)، (۱۳). ’فلسفي جو ابتدائي ڪورس ‘:جارج پوليزر جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۸۴ع)، (۱۴). ’علم تدريس مظلومن لاءِ ‘:پائلو فراري جي ڪتاب ‘Pedagogy of the Oppressed’ جو ترجمو ۹۸۴ع)، (۱۵). ’مهڪريءَ جا مضمون ‘:(ترتيب، ترجمو ۽ پيش لفظ) (۱۹۸۳ع)، (۱۶). ’اسان جي ٻولي، اسان جي تعليم ‘:(ترتيب)، (۱۹۸۵ع)، (۱۷). ’فرينچ انقلاب ‘:ايميل ايرڪمن اليگزانڊر چيتريان جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۹۰ع)، (۱۸). ’مُٺِ مُٺ موتين جي ‘:(هفتيوار ’هدايت‘، حيدرآباد ۾ ڇپيل مواد مان چونڊ)، (۱۹۹۲ع)، (۱۹). ’هوءَ جا ٽمڪي باهڙي‘ (پهريون جلد ):مضمون ۽ ترجما (۱۹۹۵ع)، (۲۰). ’ادب- ٻولي- تعليم ‘:(هُوءَ جا ٽمڪي باهڙي‘، جلد ٻيو) (۱۹۹۸ع)، (۲۱). خط ٻن اديبن جا ‘:(عبدالقادر جوڻيجي ۽ محمد ابراهيم جويي جا خط) (۱۹۹۹ع)، (۲۲). ’ڳالهيون ڪتابن جون‘، ڀاڱو پهريون(۲۰۰۲ع)، (۲۳). ’خط ٻن اُستادن جا ‘:(محمد ابراهيم جويو ۽ غلام علي چنا) (۲۰۰۳ع)، (۲۴). ڳالهيون ڪتابن جون‘ (ڀاڱو ٻيو) (۲۰۰۳ع)، (۲۵). خط دوستن جا (جلد پهريون: پيار، نبارُ، اٿاههُ (ابن حيات پنهور ۽ محمد ابراهيم جويي جا خط) (۲۰۰۸ع)، (۲۶). Sindh Betrayed: Her Right to Redemption; Essays and Articles، Letters (۱۹۴۲-۲۰۰۳)، (۲۰۰۶). ان کان سواءِ سنڌيءَ ۽ انگريزيءَ ۾ ٻولين جي مسئلي، ون يونٽ جي خاتمي ۽ ڪراچيءَ جي عليحدگيءَ جي مسئلي، استادن، ڪريڪيولم، نصاب، ادب، سياست، شاهه لطيف، سنڌي سماج، چونڊن جي ڌار سرشتي ۽ شخصيتن تي خاڪا ۽ ٻين موضوعن تي سوين مضمون، ڪتابچا ۽ پترا لکيل ۽ ڇپيل اٿس. جن جي ذريعي هن سنڌ جي ٽن پيڙهين جي ذهني تربيت ڪئي آهي. جويي صاحب کي چئن پٽن ۽ ٻن نياڻين جو اولاد ٿيو، جن مان نيلوفر جويو ڪهاڻيڪار هئي. تازو مئي ۲۰۰۹ع ۾ سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي حڪومت سنڌ پاران پهريون ڀيرو محمد ابراهيم جويي جي مڃتا ۾ هڪ تقريب انڊس هوٽل حيدرآباد ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ثقافت ۽ سياحت جي صوبائي وزير، محترمه سسئي پليجو، سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر نثار احمد کهڙي سميت جويي صاحب جي شاگردن، مداحن ۽ اديبن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي جويي صاحب کي سنڌ جي سمورن ادبي، علمي ادارن ۽ يونيورسٽين پاران اوارڊ، شيلڊُون ۽ گلن جا تحفا ڏئي، سندس خدمتن جو اعتراف ڪيو ويو. جڏهن ته سنڌ ميوزيم، حيدرآباد ۾ ’ابراهيم جويو ڪارنر‘ پڻ قائم ڪيو ويو آهي. هو لاڏاڻي وقت صحافي ڪالونيءَ، حيدرآباد ۾ رهائش پذير هيو. محمدابراهيم جويي صاحب ۹.نومبر ۲۰۱۷ع تي پنهنجي گهر واقع صحافي ڪالوني حيدرآباد ۾ خميس ڏينهن صبح جو ۹ لڳي ۵۶ منٽن تي وفات ڪئي. سائين محمد ابراهيم جويو سنڌ جو عظيم ڏاهو نور سنڌي سائين محمد ابراهيم جويو سنڌ جو عظيم ڏاهو، دانشور ۽ علمي ادبي شخصيت ھو. علمي توڙي ادبي دنيا ۾ ڪيل سندس خدمتون اڻ وسرندڙ آهن. پاڻ سنڌ جو قومي سرمايو ھو. سندس شخصيت اسان سنڌ واسين لاءِ هڪ يونيورسٽي جي حيثيت رکي ٿي. پاڻ تعليمي ماهر، شفيق استاد، اديب، دانشور، ترجمي نگار رھيو، پاڻ سڄي زندگي سنڌي ٻوليءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو. جڏهن پاڪستان ٺهڻ بعد سنڌي ٻولي کي ڪاپاري ڌڪ لڳو ته پاڻ ان خلاف سراپا احتجاج بنجي ويو. سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان احتجاجي مهم جي اڳواڻي ڪئي ۽ ان خلاف اخبارن ۾ مضمون لکيا. سنڌي ٻوليءَ کي صوبي سنڌ جي سرڪاري ٻولي قرار ڏنو ويو. ۱۹۴۶ع ۾ پاڻ انگريزي ۾ ڪتاب ”سيو سنڌ سيو دي ڪانٽيننٽ“ (سنڌ بچايو ننڍو کنڊ بچايو) لکي مثال قائم ڪيو. حقيقت تي مبني مواد واري اهڙي ڪتاب تي وقت جا حڪمران مٿس ناراض ٿيا. جويو صاحب ان وقت سنڌ مدرسي ڪراچي ۾ استاد هو ۽ کيس ان ڪتاب لکڻ جي ڏوهه ۾ سنڌ مدرسي جي ان وقت جي صدر پير الاهي بخش ملازمت تان هٽائي ڇڏيو. ون يونٽ خلاف سندس وڏي جدوجهد رهي ۽ ان ڏوهه ۾ کيس ۲ سالن لاءِ صوبي بدر ڪيو ويو. پاڻ لاتعداد مختلف ٻولين جي ڪتابن کي سنڌي ۾ ترجمو ڪيو. جيڪو سندس وڏو ڪارنامو آهي. پاڻ سنڌي ادبي سنگت جي بانيڪارن مان هڪ ھو. پاڻ ڪراچي ۾ سنڌي ادبي سنگت جون سرگرميون جاري رکيون. ان کان اڳ پاڻ مشهور اديب ڊاڪٽر گربخشاڻي جي سرپرستيءَ هيٺ هلندڙ سنڌي ادبي سرڪل ۾ سرگرم رهيو. ۱۹۵۳ع چونڊيل اسيمبلي ۾ جيڪي سنڌي ٻوليءَ لاءِ انگريزي ۾ پيش ڪيل ٺهراءَ جي نظرثاني ڪندڙن ۾ سائين جي ايم سيد، علي محمد راشدي، عبدالستار پيرزادو، محمد ابراهيم جويو هو. نوان ليکڪ پيدا ڪرڻ ۽ اڀرندڙ ليکڪن جي همٿ افزائي ۽ کين اڳتي آڻڻ ۾ سندس شاندار ڪردار رهيو. سنڌ ڌرتي ۽ سنڌ واسين سان ٿيندڙ ويساهه گهاتين، سنڌ جي حقن، سنڌ جي ٻولي ۽ ثقافت جي حفاظت لاءِ هر دور ۾ محمد ابراهيم جويو جو هڪ ليکڪ، هڪ دانشور ۽ هڪ ڏاهي جي حيثيت سان شاندار ڪردار رهيو. ان حوالي سان پاڻ لاتعداد مضمون لکيائون. کيس سنڌي ٻولي جي ترقي، سڌاري جو فڪر رهيو. ان حوالي سان مختلف اخبارن، رسالن ۾ سندس مضمون شايع ٿيندا رهيا. پاڻ جڏهن پاڪستان ٽيڪسٽ بڪ بورڊ سنڌ لاءِ انچارج مقرر ڪيو ويو، ساڳئي وقت سنڌي ادبي بورڊ جي اعزازي سيڪريٽري طور ادب لاءِ پاڻ پتوڙيو. ساڳئي وقت پاڻ سليم احمد جي فرضي نالي سان انگريزي ۾ هڪ وال بروشر ”لينگويج پرابلم ان ويسٽ پاڪستان“ لکيو، جنهن ۾ جويو صاحب پاڪستان جي قومي زبانن جي اهميت ۽ تاريخ بابت ملڪ اندر ٻوليءَ جي مسئلي کي بهترين حل ڏنو. جڏهن اهو راز کليو ته اهو پمفليٽ محمد ابراهيم جويو جو لکيل آهي ته وقت جي حڪمرانن کيس بدلي ڪري سزا طور جيڪب آباد هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر مقرر ڪيو ته جيئن هو گهر کان پري رهي ڀلي پريشان ٿئي پر پاڻ اتي رهي به پنهنجو قومي ادبي ڪم جاري رکيو. شيخ اياز جي معرفت ترقي پسند ادبين، دانشورن لاءِ پاڪستان ادبي انجمن نالي تنظيم جو قيام آندو. ان جو پڌرنامو اردو، انگريزي، بنگالي، پشتو، سنڌي ۾ ڇپايو ويو. جنهن وڏي هلچل مچائي ڇڏي ۽ اها ڳالهه راز نه رهي ۽ حڪمرانن مٿس وڌيڪ ناراض ٿي سزا طور کيس پشاور موڪليو ۽ آرڊر ۾ لکيو ويو ته کيس جتي ماڻهن سان سندس رابطو گهٽ رهي، اتي رکيو وڃي ۽ کيس ڪوهاٽ ٽريننگ ڪاليج ۾ پرنسيپل طور مقرر ڪيو ويو. محمد ابراهيم جويو سن ويجهو ڳوٺ آباد ۾ ۱۹۱۵ع ۾ ڄائو، ننڍڙي ڄمار ۾ پهرين سندس والد پوءِ امڙ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا. سندس پالنا سار سنڀال سندس ڏاڏي ڪئي. ۴ درجا پنهنجي ڳوٺ ۾ ۵ درجو ڳوٺ تيرٿ لکي ۾، فائينل اي وي هاءِ اسڪول سن ۾ ڪئي. جتي سندس ملاقات سائين جي ايم سيد سان ٿي ۽ هنن جي دوستي ٿي وئي. ميٽرڪ ۱۹۳۰ع ۾ سنڌ مدرسو ڪراچي مان پاس ڪيائين، جتي سندس استادن ۽ ان دور جون مشهور علمي ادبي شخصيتون، ڊاڪٽر گربخشاڻي، پروفيسر منگهارام، پروفيسر ٽي ايم آڏواڻي، ڊاڪٽر ڊيو آرٿ، ڪاڪا ڀيرومل، مهر چند ۽ ٻيا هئا، اتان بي اي پاس ڪري ۱۹۳۸ع ۾ انهيءَ اداري ۾ استاد طور مقرر ٿيو. سندس سيو سنڌ سيو دي ڪانٽيننٽ لکڻ جي ڏوهه ۾ نوڪري ختم ٿيڻ بعد ڪجهه سال بيروزگار رهيو ۽ ۱۹۴۹ع ۾ کيس ميونسپل هاءِ اسڪول ٺٽو ۾ هيڊ ماستر طور مقرر ڪيو ويو. جتي شاگردن ۾ غير نصابي سرگرميون شروع ڪيون. ٺٽو ۽ جيڪب آباد جي ان وقت جي اسڪولن جي استادن ۽ شاگردن جو چوڻ آهي ته پاڻ شفيق استاد هو، والدين جهڙو پيار ڏيندو هو، ڪڏهن به شاگردن کي مار نه ڏني. هر ڳالهه پيار سان سمجهائيندو هو. شاگردن کي اولاد وانگر سمجهندو هو، سندس پڙهائڻ جو طريقو اهڙو ته پُراثر هو جو شاگرد چاهيندا هئا ته سندس پيرڊ ختم ئي نه ٿئي. انهن اسڪولن ۾ شاگردن جا ڊراما، ڊبيٽ پروگرام به ڪرايا ۽ شام جو اسڪول جي گرائونڊ تي شاگردن سان گڏ راند روند به رهندو هو. ۱۹۵۴ع ۾ هاءِ پاور ايگزيڪيوٽو ڪميٽي فار سنڌي لٽريچر ۾ نالو ڏنو ويو، ان جو ۱۰ سال سيڪريٽري مقرر رهيو. ان دوران به پاڻ سنڌي ادب جي بي مثال خدمت ڪئي. ۳ ماهي مهراڻ رسالي جو ايڊيٽر به رهيو. ۱۹۶۱ع ۾ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊيوڪيشن حيدرآباد ۾ پبليڪيشن آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي مقرر ڪيو ويو. ان بعد ساڳئي بورڊ جو حيدرآباد، ڪراچي، ڪوئيٽا ريجن جو انچارج رهيو. ۱۹۶۸ع گورنمينٽ ٽريننگ ڪاليج ڪوهاٽ جو پرنسيپل، ۱۹۷۰ع ۾ حيدرآباد ڊويزن تعليم کاتي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر رهيو. ساڳئي سال کيس سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. ۱۹۷۱ع ۾ تعليم کاتو خيرپور ڊويزن ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر رهيو. پاڻ ۱۹۷۳ع ۾ بيورو آف ڪريڪيولم اينڊ ايڪٽينشن سروس سنڌ ۾ ڊائريڪٽر ٿيو ۽ انهيءَ سال ان عهدي تان ريٽارئرڊ ٿيو. سندس اهم ادبي ۽ نصابي ڪتاب ۾ روسو جي ايملي جو ترجمو بليو ٽارچ مضمون ٻارن جي تعليم جو ترجمو، سنڌي پهريون ڪتاب، سنڌي بالغن جي تعليم جا ۳ ڪتاب، سنڌي ريڊر درجو چوٿون، سنڌي سپليمينٽري، درجو ڇهون، سنڌي اختياري درجو ڇهون، پاڪستان جي تاريخ لازمي درجو نائون ۽ ڏهون، دنيا جي تاريخ جو ترجمو، درجو نائون ۽ ڏهون، ٽيچرس گائيڊ ٽو ٽيچنگ آف سائنس درجو ٻيون ۽ ٽيون، ٽيچرس گائيڊ ٽو ٽيچنگ آف سائنس درجو چوٿون ۽ پنجون، فلسفي جو بنيادي ڪورس ترجمو گئليلو، ترجمو، ٻارن جو مسيح، ترجمو فڪر جي آزادي، ترجمو شاهه سچل سامي، هوءَ جا ٽمڪي باهڙي، وحشي جيوت جا نشان ترجمو ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب لکيائون. پاڻ شاعري تي به عبور رکندو هو. سنڌي شاعري جو بهترين پارکو هو. پاڻ شيخ اياز جي ڪيترن ئي شاعري جي مجموعن جا خوبصورت مهاڳ لکيا. سنڌي ادبي بورڊ جي مهراڻ رسالي جي ايڊيٽري دوران رسالو سرڪاري هئڻ باوجود کليل طرح سنڌيت جي پرچار ڪئي. پاڻ سچو قومپرست هو. مهان شاعر شيخ اياز پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ لکي ٿو ته محمد ابراهيم جويو سنڌي شاعري جو وڏو پارکو آهي، هو لکي ٿو ته سوڀو گيانچنداڻي، حشو ڪيولراماڻي ۽ محمد ابراهيم جويو اهي ۳ شخصيتون آهن، جن منهنجي ننڍڙي عمر ۾ تربيت ڪئي. جي مان انهن سان نه ملان هان ته مان، ڪجهه نه هجان ها. انهن سان منهنجي عقيدت ۽ محبت ائين رهي آهي جيئن رومي جي شمس تبريز سان. ابراهيم جويو سنڌ جو اُهو عظيم انسان هو، جنهن سنڌ ۽ سنڌ واسين کي سُکيو ۽ ستابو ڏسڻ پئي گهريو ۽ ان واسطي هُن پوري زندگي جدوجهد جاري رکي. پاڻ ۹نومبر ۲۰۱۷ع تي ھن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا. اڄ سندن پھرين ورسي ملھائي پئي وڃي. سياحت ثقافت کاتي پاران ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ سندس ياد ۾ ميڙاڪو ڪوٺايو ويو آهي. محمد ابراهيم جويو ڪڏهن ڪڏهن ته سارجو... علي ڏنو جروار سنڌ سونهاري هر دؤر ۾ ڪيترائي ڏاها، اديب، دانشور، شاعر ۽ ليکڪ پيدا ڪيا آهن، جن مان سائين محمد ابراهيم جويو به هڪ آهي. سائين محمد ابراهيم جويو جي اڄ پهرين ورسي آهي، جنهن حوالي سان ڪجهه سِٽون پيش ڪجن ٿيون. محمد ابراهيم جويو سنڌ جو اهو اهلِ علم ۽ دانشور هو جيڪو هڪ اداري جي حيثيت رکي ٿو. پاڻ سڄي زندگي حق، سچ، علم، ادب توڙي سنڌ ڌرتي لاءِ پتوڙيندو رهيو آهي. ان جي پاداش ۾ کيس ڪيتريون ئي تڪليفون برداشت ڪرڻيون پيون. ايتري حد تائين جو نوڪريءَ تان به هٿ کڻڻو پيو هوس. اهڙين حالتن ۾ به سنڌ سنڌ ڪندو رهيو. ڪڏهن به پنهنجي مقصد تان نه هٽيو. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ۽ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌ سان ٿيندڙ سڀني زيادتين تي اسٽينڊ وٺي مخالفت ڪندو رهيو، جن ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو قيام، سنڌ يونيورسٽيءَ جو قيام، سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جو قيام ۽ ٻين اهڙن هاڪاري منصوبن لاءِ به جاکوڙيندو رهيو ته وري ون يونٽ خلاف تحريڪ کان وٺي ڪالا باغ ڊيم جي مخالفت ۾ هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪندو رهيو. سنڌ جا ڪيترائي اديب اهڙا آهن جن جي باقاعدگيءَ سان تربيت ڪيائين، جن اڳتي هلي تمام گهڻو نالو ڪمايو. انهن ۾ غلام رباني آگرو ۽ ٻيا شامل آهن، جن سائينءَ جي تربيت مان فيض پرائي سنڌي ٻوليءَ جي تمام گهڻي خدمت ڪئي ۽ ڪيترائي ناياب ڪتاب تخليق ڪيا. آئون ۽ سنڌي ٻوليءَ جو بهترين ليکڪ اڪبر سومرو هڪ دفعي ساڻس ملڻ وياسين، اڪبر جا ڪجهه شايع ٿيل ڪتاب کيس پيش ڪيا، جنهن تي چيائين ته اڪبر به منهنجن انهن شاگردن مان آهي جن سنڌي ادب ۾ تمام گهڻو نالو ڪمايو آهي. اهڙيءَ ريت غلام رباني آگرو لاءِ به اهي لفظ ورجايائين. سنڌ جي هر مسئلي توڙي اِشوءَ تي ٻين سڀني کان هر وقت اڳرو رهندو هو. ڪڏهن به نتيجن جي پرواهه نه ڪيائين، بس هڪ اهڙي خاموش خدمتگار وانگر سنڌ ڌرتي جي خدمت ۽ حفاظت ڪندو رهيو، جن لاءِ اهو مشهور آهي ته اهي پنهنجن فرضن جي ادائيگي ڪندي ڪنهن طرف نهاريندا به ناهن، بس اهي پنهنجن حقن جي حاصلات لاءِ سوچيندا ۽ جاکوڙيندا رهيا آهن. سائين محمد ابراهيم جويو به انهن مان هڪ آهي، جن کي هر وقت سنڌ جي حقن جي تات رهندي هئي. ووٽر لسٽون سنڌيءَ ۾ ڇاپيو، ۴ مارچ جي شاگرد تحريڪ، ايم آر ڊي جون تحريڪون توڙي ٻيا سنڌ سان جيڪي به لاڳاپيل مسئلا رهيا آهن، تن متعلق هر وقت کيس اونو ۽ يادگيري رهندي هئي. هڪ دفعي سيد اڪبر، قادر بخش طالباڻي، رفيق جروار ۽ آئون زبيده ڪاليج وٽان پيادل سٽي گيٽ هوٽل طرف اچي رهيا هئاسين ته سامهون سائين محمد ابراهيم جويو گهر طرف وڃي رهيو هو، جيئن ئي سيد اڪبر ۽ قادر بخش طالباڻي تي نظر پيس ته گاڏي واري کي بيهاريائين ۽ اسان کي چيائين ته پاڻ سڀني کي يعني سنڌي ماڻهن کي هڪ ڏينهن ڌرتيءَ لاءِ ڪڍڻو پوندو، ڇو ته هن وقت سنڌ ڌرتي انتهائي سورن ۽ تڪليفن ۾ آهي. ياد رهي ته هي اهي ڏهاڙا هئا، جڏهن ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ لساني فساد عروج تي هئا. ان وقت ۳۰ سيپٽمبر وارو واقعو به تازو ئي ٿيو هو، ته اهڙي صورتحال ۾ به هو سنڌ لاءِ سوچيندو ۽ اداس ٿيندو رهندو هو. ايم آر ڊي تحريڪ دوران هدايت رسالي جو چيف ايڊيٽر هو، جنهن مختصر شايع ٿيل پرچن ۾ سنڌ بابت، جمهوريت بابت ۽ ايم آر ڊي جي تحريڪ بابت گهڻو ڪجهه شايع ڪيو. هن وقت هو اسان ۾ موجود نه آهي، پر سندس يادون موجود آهن، آئون اڄ جيڪو ڪجهه آهيان ان جي ڪري آهيان، ڇو ته لکڻ ۽ پڙهڻ جي معاملي ۾ وٽانئس ڪيتريون ئي ڳالهيون سکيون ۽ پرايون آهن. پاڻ سدائين نجي ڪچهرين ۾، ليڪچرز ۾ يا وري تقريرن ۾ ۽ تحريرن ۾ چوندو هو لکڻ لاءِ پڙهڻ ضروري آهي، توهان پڙهندا رهو، لکڻ پاڻيهي سکي ويندا. انهيءَ قسم جون هدايتون ۽ نصيحتون اڄ ڏينهن تائين اسان جن پتڪڙن ذهنن ۾ موجود آهن ۽ سندن ئي ٿورن توڙي ڪاوشن سان هي ٻه چار سِٽون لکڻ جي سگهه ساري سگهون ٿا. آئون اڄ سندس پهرين ورسيءَ جي حوالي سان سنڌ واسين کي هي اپيل ڪندس ته اهي سائين محمد ابراهيم جويي جون لکڻيون، تحريرون، ليڪچر وغيره سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکيڙين ته جيئن اسان جي سنڌ ۾ محبت، ٻڌي، اتحاد ۽ ايڪو قائم رهي سگهي ۽ سنڌ خوشحالي ماڻي سگهي. سندس ورسي جي حوالي سان ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ جي هي سِٽ ذهن ۾ تري اچي ٿي: ”ڪڏهن ڪڏهن ته سارجو“ سائين محمد ابراهيم جويي جا همعمر اديب، دانشور ۽ شاعر به پنهنجي طور تي سنڌ ۽ سنڌ واسين لاءِ گهڻو ڪجهه مواد ڇڏي ويا آهن، جن ۾ شيخ اياز، نياز همايوني، جمال ابڙو، پير حسام الدين راشدي ۽ ٻيا شامل آهن. اسان سنڌ واسين کي گهرجي ته ان دؤر جون لکڻيون ٻيهر پڙهون ۽ انهيءَ دؤر ۾ پنهنجي ڏاهن جي ڪيل تخليقن مان سبق پرايون. محمد ابراهيم جويو سندس شخصي ۽ فڪري تاريخ مدثر کهاوڙ اسان جي سونهاري سنڌ ڪيترا ئي دانشو، اديب، شاعر، مفڪر پيدا ڪيا آهن جن پنهنجي جوڀن جواني ۽ دنيا ڇڏڻ کانپوء به انهن جو نالو صدين تائين ياد ڪيو وڃي ٿو. شاعر، اديب، ليکڪ، مفڪر دنيا ڇڏي ته وڃن ٿا پر انهن جون يادون ۽ سماج ۾ ڪيل خدمتون وساري نٿيون سگهجن انهن مان اسان جي سنڌ جو ڏاهو محمد ابراهيم جويو صاحب به هڪ آهي. ناميارو عالم، اديب ۽ ڏاهو محمد ابراهيم جويو ۱۳ آگسٽ ۱۹۱۵ع تي اڳوڻي ضلعي دادوءَ (۽ هاڻي ڄامشوري) جي ڳوٺ ’آباد‘ ۾ هڪ هاريءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. ٽن سالن جو هو ته سندس والد محمد خان جويو، پهرين مهاڀاري جنگ بعد پکڙيل وڏيءَ بيماريءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. محمد ابراهيم جويي جو ننڍپڻ غربت ۾ گذريو، پر همت نه هاريندي، پرائمريءَ جا چار درجا ڳوٺ ۾ پڙهي، ۱۹۲۷ع ۾ اي. وي اسڪول سَن ۾ داخل ٿيو، جتي سائين جي ايم سيد جي مهربانين سان ٽي درجا انگريزي پڙهي، ۱۹۳۰ع ۾ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتائين. جتي چوٿين کان ستين درجي تائين پڙهيو، ان زماني ۾ ستون درجو مئٽرڪ شمار ٿيندو هو، هن ۱۹۳۴ع ۾ مئٽرڪ جي امتحان ۾ سنڌ مدرسة السلام مان ٻِي پوزيشن ماڻي ۽ ۲۰ رپيا ماهوار اسڪالرشپ حاصل ڪيائين. سنڌ مدرسي ۾ ان وقت علامه عمر بن محمد دائود پوٽو پرنسپال هو ۽ جويو صاحب سندس لائق شاگردن ۾ نمايان هو. جويي صاحب ۱۹۳۸ع ۾ ڊي. جي سنڌ ڪاليج مان بي. اي جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ کيس ڪاليج ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ۽ منگهارام ملڪاڻيءَ جهڙن استادن جي صحبت ۽ محبت حاصل رهي. ۱۹۴۰ع ۾ سنڌ مدرسي طرفان بي. ٽي ڪرڻ لاءِ بمبئيءَ جي ايس. ٽي ڪاليج پڙهڻ ويو، جتان موٽندي ئي کيس ۱۹۴۱ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ ’اسسٽنٽ ماسٽر‘ مقرر ڪيو ويو. محمد ابراهيم جويي زندگيءَ جو پهريون سنڌي مضمون ”پڃري جا پکي“ ۱۴ سالن جي عمر ۾ لکيو، سندس انگريزي ۾ پهريون مضمون Democracy in School Administration سال ۱۹۴۶ع ۾ سنڌ مدرسي جي مئگزين ’ڪرانيڪل‘ ۾ ڇپيو. سائين جي ايم سيد سندس پهريون تعليمي مددگار هو. هُو ٻن مفڪرن سائين جي ايم سيد ۽ ايم اين راءِ کان گهڻو متاثر هو، ۽ پهرين پارٽي جنهن ۾ شموليت ڪيائين، اها هئي ايم اين راءِ جيRadical Democratic Party . هُن ايم اين راءِ جي ڪتابHistorical Role of Islam جو سنڌي ترجمو ’اسلام جو تاريخي ڪارنامو‘ جي عنوان سان ڪيو. علمي زندگيءَ ۾ جويي صاحب سنڌ دوستيءَ جي راهه ۾ سرڪار جا عتاب ۽ ناراضگيون به برداشت ڪيون. ۱۹۴۷ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ پڙهائڻ دؤران هن هڪ ڪتاب ’سنڌ بچايو- کنڊ بچايو‘Save Sindh، Save the Continent from Feudal Lords، Capitalists and their Communalists لکيو، جنهن جي ڏوهه ۾ سنڌ مدرسي بورڊ جي صدر ۽ (تڏهوڪي وزير تعليم) سندس ملازمت ختم ڪرڻ جو حڪمنامو جاري ڪيو هو. جويي صاحب جي اهليت کي مڃيندي، ٺٽي ميونسپالٽيءَ جي چيئرمئِن موليڏني عباسيءَ کيس ميونسپل هاءِ اسڪول ٺٽي جو هيڊ ماستر ٿيڻ جي آڇ ڪئي، جتي ٻن سالن تائين ۲۰۰ رپيا پگهار تي پڙهايائين. بعد ۾ اهو اسڪول به سرڪاري تحويل ۾ ورتو ويو، جتان بدلي ٿي ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار مئن، حيدرآباد ۾ اسسٽنٽ ماسٽر طور فرض نڀايائين. ۱۹۵۱ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چونڊ سان ڪلاس ٻئين گزيٽيڊ آفيسر طور ”هاءِ پاور ايگزيڪٽو ڪاميٽي فار سنڌي لٽريچر“ جو سيڪريٽري مقرر ٿيو. ۱۹۵۴ع ۾ هاءِ پاور ڪميٽيءَ کي ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي نالي سان نئين سر تشڪيل ڏنو ويو، جتي ۱۹۶۱ع تائين سيڪريٽريءَ طور جانفشانيءَ سان ڪم ڪيائين. ان دوران جويو صاحب (۵۶-۱۹۵۵) ٻه سال بورڊ جي ٽماهي ’مهراڻ‘ جو ايڊيٽر به رهيو، جنهن دوران هُن جديد ادب جي وڏي سرپرستي ڪئي ۽ ’مهراڻ‘ جو اهو دؤر يادگار ليکيو وڃي ٿو. ۱۹۶۳ع کان ۱۹۶۷ع تائين هُو آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي پاڪستان ٽيڪسٽ بڪ بورڊ لاهور، ڪراچي، ڪوئيٽا ۽ حيدرآباد ۾ رهيو، ان عرصي ۾ پنج سال اعزازي طرح سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري پڻ رهيو. نومبر ۱۹۶۹ع ۾ ون يونٽ جي خاتمي جي اعلان بعد هُو سنڌ ۾ رجسٽرار ڊپارٽمينٽل ايگزئمنيشن، ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊيوڪيشن مقرر ٿي حيدرآباد ۾ آيو. پوءِ ۱۹۷۱ع ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جو ميمبر به ٿيو. هن ڪيترائي نصابي ڪتاب به لکيا. ۱۹۷۲ع ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر، بيورو آف ڪريڪيولم ائنڊ ايڪٽينشن سروسز سنڌ، حيدرآباد مقرر ٿيو، جتان آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي ۽ بعد ۾ سيڪريٽري سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ مقرر ٿيو ۽ ۱۲ آگسٽ ۱۹۷۳ع تي رٽائر ڪيائين. ابراهيم جويي جو سنڌي ادبي سنگت سان به ابتدا کان وٺي واسطو رهيو ۽ ۵۶-۱۹۵۴ واري دؤر ۾ سنڌي ادب ۽ ادبي سنگت جي ’نئين جاڳرتا‘Renaissance جو اهم اڳواڻ رهيو. هُو اڄ به سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد شاخ جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر آهي. ۱۹۷۳ع ڌاري هُن ڪجهه سڄاڻ اديبن سان گڏجي ”سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت“ نالي اداري جو بنياد وڌو، پاڻ ان جو صدر ٿيو ۽ ان ئي پليٽ فارم تان چاليهه کن ڪتاب چپائي پڌرا ڪيائين. ۱۹۷۳ع ۾ ”سنڌ فرينڊس سرڪل“ قائم ڪري، ان طرفان ۲۰ ڪتاب شايع ڪرايائين. سرونٽس آف سنڌ سوسائٽيءَ جو ۱۹۸۲ع کان وائيس پريزيڊنٽ رهندو اچي. پنهنجي دوست، نامياري ليکڪ سراج الحق ميمڻ جي تحرڪ ۽ سرپرستيءَ ۾ ’سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ‘ جو بنياد رکيائين، پاڻ ان جو وائيس چيئرمين ۽ مئنيجنگ ٽرسٽي آهي. سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ واري عاليشان عمارت سراج صاحب ٽرسٽ کي سونپي علم ۽ قلم دوستيءَ جو ثبوت ڏنو. هن ٽرسٽ جي ذريعي ليڪچرن جو سلسلو هلايو، جن ۾ اهم اديبن ۽ دانشورن ليڪچر ڏنا جن کي ڇپائي پڌرو ڪيائين. جويو صاحب ۱۹۹۷ع کان ۲۰۰۲ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمئن رهيو ۽ ۱۹۹۸ع کان هيل تائين، مختلف مرحلن ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس، مالي ڪاميٽي، پبليڪيشن ڪاميٽيءَ ۽ ادبي تحقيقي ڪاميٽيءَ جي ميمبر طور به ذميواريُون نڀائيندو اچي ۽ اٿارٽيءَ جي اسڪيمن ۾ مددگار رهيو آهي. جڏهن ۱۹۹۸ع ۾ شيخ اياز فائونڊيشن جو قيام عمل ۾ آيو ته کيس ان جو چيئرمئن مقرر ڪيو ويو. فائونڊيشن طرفان هن وقت تائين ڇهه ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا ويا آهن. ان کان علاوه پاڻ شيخ اياز چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي صلاحڪار بورڊ جو به ۲۰۰۰ع کان ميمبر رهيو آهي. ان کان سواءِ ٿياسافيڪل سوسائٽي، حيدرآباد جو وائيس پريزيڊنٽ پڻ آهي. جويي صاحب، سنڌ جي مهان شاعر شيخ اياز جي ڪيترن ڪتابن جا مهاڳ لکيا. ويجهڙائيءَ ۾ سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي پاران ڇپجندڙ شيخ اياز جي سموري شاعريءَ ۽ نثر جي ۲۲ جامع جُلدن جي سربراهي پڻ جويي صاحب کي ڏني وئي آهي، جنهن ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري تاج جويو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت نامياري اديب سراج جي لکيل اهم ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ (۱۹۶۴ع) جي مهاڳ لکڻ سان گڏ جويي صاحب سوين نوجوان اديبن ۽ شاعرن جي ڪتابن تي به مهاڳ لکيا آهن ۽ سنڌ ۾ ”مهاڳ نويسيءَ“ جي فن جو استاد ليکيو وڃي ٿو. هن دنيا جي ڪلاسيڪي ادب مان خاص ڪري فڪري، نظرياتي ۽ فلسفياڻي نوعيت جا ڪيترا ڪتاب ترجمو ڪري، سنڌي ماڻهن جي فڪري غربت جو خاتمو آڻڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. محمد ابراهيم جويي ڪيترن ئي ڪتابن جا ترجما ڪيا ۽ ڪيترائي ڪتاب لکيا جيڪي ڪجهه بيان ڪجن ٿا. (۱). اسلام جو تاريخي ڪارنامو: ايم. اين. راءِ جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۴۵ع)، (۲). Save Sindh، Save the Continent (۱۹۴۵)، (۳). ايميلي عرف تعليم: جي. جي روسي جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۶۹ع)، (۴). ٻارن جي تعليم: پليو ٽارچ جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۷۲ع)، (۵). وحشي جيوت جا نِشان ‘:هاوَرڊ موئر جي ڪتاب ‘Savage Survivals’ جو ترجمو، (۱۹۷۶ع)، (۶). سنڌي زبان جي بنيادي لغت: (وڌايل بنيادي لغت ۽ ڪاروباري بنيادي لغت)، (ساٿين سان گڏجي تيار ڪيل: ۱۹۷۶ع)، (۷). ’فِڪر جي آزادي ‘: اسٽيفن زويگ جي ڪتابThe Right to Heresy جو ترجمو، (جون ۱۹۷۷ع)، (۸). ’گليلو ‘:برنالٽ بريخت جي ڊراميLife of Galileo جو ترجمو (۱۹۷۷ع)، (۹). ’شاهه- سچل- سامي ‘:(۱۶۸۹-۱۸۵۰- هڪ مطالعو) (۱۹۷۸ع)، (۱۰). ’ٻارن جو مسيح ‘:اينڊ بلائٽن جي ڪتاب ‘Children’s Life of Christ’ جو ترجمو (۱۹۸۰ع)، (۱۱). ’ماڻهوءَ جو ڀاڳ ‘:(ناٽڪ، لوڪ ڪهاڻيون، شاعري وغيره) (۱۹۸۰ع)، (۱۲). ’عورتازاد‘ (عورتن جي تحريڪ آزادي ):ترتيب ۽ ترجمو(۱۹۸۳ع)، (۱۳). ’فلسفي جو ابتدائي ڪورس ‘:جارج پوليزر جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۸۴ع)، (۱۴). ’علم تدريس مظلومن لاءِ ‘:پائلو فراري جي ڪتاب ‘Pedagogy of the Oppressed’ جو ترجمو ۹۸۴ع)، (۱۵). ’مهڪريءَ جا مضمون ‘:(ترتيب، ترجمو ۽ پيش لفظ) (۱۹۸۳ع)، (۱۶). ’اسان جي ٻولي، اسان جي تعليم ‘:(ترتيب)، (۱۹۸۵ع)، (۱۷). ’فرينچ انقلاب ‘:ايميل ايرڪمن اليگزانڊر چيتريان جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۹۰ع)، (۱۸). ’مُٺِ مُٺ موتين جي ‘:(هفتيوار ’هدايت‘، حيدرآباد ۾ ڇپيل مواد مان چونڊ)، (۱۹۹۲ع)، (۱۹). ’هوءَ جا ٽمڪي باهڙي‘ (پهريون جلد ):مضمون ۽ ترجما (۱۹۹۵ع)، (۲۰). ’ادب- ٻولي- تعليم ‘:(هُوءَ جا ٽمڪي باهڙي‘، جلد ٻيو) (۱۹۹۸ع)، (۲۱). خط ٻن اديبن جا ‘:(عبدالقادر جوڻيجي ۽ محمد ابراهيم جويي جا خط) (۱۹۹۹ع)، (۲۲). ’ڳالهيون ڪتابن جون‘، ڀاڱو پهريون(۲۰۰۲ع)، (۲۳). ’خط ٻن اُستادن جا ‘:(محمد ابراهيم جويو ۽ غلام علي چنا) (۲۰۰۳ع)، (۲۴). ڳالهيون ڪتابن جون‘ (ڀاڱو ٻيو) (۲۰۰۳ع)، (۲۵). خط دوستن جا (جلد پهريون: پيار، نبارُ، اٿاههُ (ابن حيات پنهور ۽ محمد ابراهيم جويي جا خط) (۲۰۰۸ع)، (۲۶). Sindh Betrayed: Her Right to Redemption; Essays and Articles، Letters (1942-2003)، (2006). ان کان سواءِ سنڌيءَ ۽ انگريزيءَ ۾ ٻولين جي مسئلي، ون يونٽ جي خاتمي ۽ ڪراچيءَ جي عليحدگيءَ جي مسئلي، استادن، ڪريڪيولم، نصاب، ادب، سياست، شاهه لطيف، سنڌي سماج، چونڊن جي ڌار سرشتي ۽ شخصيتن تي خاڪا ۽ ٻين موضوعن تي سوين مضمون، ڪتابچا ۽ پترا لکيل ۽ ڇپيل اٿس. جن جي ذريعي هن سنڌ جي ٽن پيڙهين جي ذهني تربيت ڪئي آهي. جويي صاحب کي چئن پٽن ۽ ٻن نياڻين جو اولاد ٿيو، جن مان نيلوفر جويو ڪهاڻيڪار هئي. تازو مئي ۲۰۰۹ع ۾ سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي حڪومت سنڌ پاران پهريون ڀيرو محمد ابراهيم جويي جي مڃتا ۾ هڪ تقريب انڊس هوٽل حيدرآباد ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ثقافت ۽ سياحت جي صوبائي وزير، محترمه سسئي پليجو، سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر نثار احمد کهڙي سميت جويي صاحب جي شاگردن، مداحن ۽ اديبن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي جويي صاحب کي سنڌ جي سمورن ادبي، علمي ادارن ۽ يونيورسٽين پاران اوارڊ، شيلڊُون ۽ گلن جا تحفا ڏئي، سندس خدمتن جو اعتراف ڪيو ويو. جڏهن ته سنڌ ميوزيم، حيدرآباد ۾ ’ابراهيم جويو ڪارنر‘ پڻ قائم ڪيو ويو آهي. هو لاڏاڻي وقت صحافي ڪالونيءَ، حيدرآباد ۾ محمد ابراهيم جويو رهائش پذير هيو. محمدابراهيم جويي صاحب ۹ نومبر ۲۰۱۷ع تي پنهنجي گهر واقع صحافي ڪالوني حيدرآباد ۾ وفات ڪري پوري سنڌ سوڳوار ڪري ويو. محمد ابراهيم جويو لاء سنڌ اسيمبلي مان ٺھراءُ به پاس ڪيو ويو هيو ۽ محمد ابراهيم جويو جي ڪيل خدمتن کي پڻ ساراهيو ويو. اڄ سندس جي پهرين ورسي آهي جنهن ڪري سنڌ جي مختلف جڳهن تي محمد ابراهيم جويو کي ياد ڪري ڀيٽا پيش ڪئي ويندي. محمد ابراهيم جويو جسماني طور تي اسان کان ته جدا ٿي ويو آهي پر وسريو ناهي. سائين محمد ابراهيم جويو سنڌ جي اميدن جو اٽلس- ۲۰۱۹ مئي ۱۵ سڪندر گلاب سومرو جنهن ڏينهن کان ڪتابن کي پڙهڻ جو شوق جاڳيو، جتي سنڌ ڏيهه سان گڏ ڏيساور جي لکارين جا ڪتاب خريد ڪري پڙهڻ کي پنهنجي عادت بڻائي ڇڏي هئي سين، اتي سائين محمد ابراهيم جويي جا ڪتاب به، اسان جي ٽيبل جي زينت بڻجندا رهندا هئا. اسڪول جي زماني کان وٺي ڪاليج ۽ ڪاليج واري وقت کان يونيورسٽي ۾ داخل ٿيڻ ۽ يونيورسٽي ڇڏڻ تائين، سائين جي ڪتابن کي پڙهڻ پنهنجي لاءِ ضروري سمجهندا هئاسين. اسان اهو ڇو ضروري سمجهندا هئاسين ته، سائين محمد ابراهيم جويي جا ڪتاب ضرور پڙهڻ گهرجن؟ ان جا ڪيترائي سبب هئا. جن مان ڪجهه هيٺ بيان ڪجن ٿا. هڪ سنڌي هجڻ جي ناتي يونيورسٽي ۾ اسان جي سياست جو محور سنڌ هوندي هئي. سنڌ متعلق معلومات جو ذريعو يا ته سائين جي ايم سيد جا ڪتاب، شيخ اياز جا ڪتاب، ايم ايڇ پنهور جا ڪتاب يا وري سائين محمد ابراهيم جويو (سائين م ا جويو) جا ڪتاب، جيڪي اسانجي سياسي جدوجهد واري حلقه مطالعو (اسٽڊي سرڪل) ۾ اسان جي رهبري ۽ رهنمائي ڪندا رهندا هئا. سائين محمد ابراهيم جويو جي ڪتابن مان جيڪا معلومات، ڄاڻ ۽ علم اسان جهڙن نالي ماتر ڪامريڊن کي ملندي / ملندو هئو اسان کي هي احساس ڏياريندو هئو ته سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جو مستقبل اسان جي پنهنجن هٿن ۾ آهي. جيڪڏهن اسان پنهنجي ڌرتي ۽ ٻولي نه سنڀالي ته، اسان تاريخ ٿي وينداسين. مارڪيٽ ۾ اهڙا ڪتاب جيڪي سنڌي ۾ لکيل هجن ۽ انهن ۾ سنڌ متعلق مناسب ڄاڻ شامل هجي، نه هجڻ جي برابر هوندا هئا. جيڪڏهن ملي به ويندا هئا ته، انهن ڪتابن ۾ سنڌ جي تاريخ جي باري ۾ غلط معلومات ڏنل هوندي هئي يعني سرسري ڄاڻ جيڪا اسان جي ڪم جي بلڪل نه هوندي هئي. سڀ کان اهم ڳالهه ته سائين م ا جويو جا ڪتاب تمام گهڻو اتسائيندڙ هوندا هئا (آهن) ڪتاب کي جڏهن هٿ ۾ کڻبو هئو ته، جيسيتائين پڙهي پورو نه ڪندا هئاسين ڪتاب مان هٿ نه ڪڍندا هئاسين. سائين محمد ابراهيم جويو جا ڪتاب اسان کي هي موقعو مهيا ڪري ڏيندا هئا ته اسان جي سياست جو مرڪز هميشهه سنڌ ئي رهي ۽ اهي سندس هي ڪتاب ئي آهن جو سنڌ سان محبت اڄ به قائم ۽ دائم آهي. سائين محمد ابراهيم جويو جي ڪتابن مان اسان کي هي درس ۾ مليو ته، ڌرتي ۽ ٻولي جي خدمت ڪرڻ لاءِ ضروري ناهي ته، ماڻهو سياست کي پنهنجو پيشو يا عادت يا مجبوري بڻائي ڪري. هن کان علاوهه به کوڙ سارا اهڙا شعبا آهن جن جي وسيلي اسان ڌرتي ۽ ٻولي جي خدمت خوب ڪري سگهون ٿا. جنهن جو وڏو مثال سائين پاڻ آهي. آخري پر، نه حتمي، سائين جا ڪتاب ترقي پسند ادب جا شاهڪار، روشن خيالي جا مينار ۽ پنهنجي مسئلن کي عقليت ۽ سائنسي بنيادن تي حل ڪرڻ جو درس ڏيندا هئا. هي به حقيقت آهي ته، انسان فطرتي طور تي انهن شين ڏانهن گهڻو راغب ٿئي ٿو جنهن سان هن جو ثقافتي تعلق هجي ٿو. ٻولي پنهنجي هڙني لهجن سميت، ڌرتي، ڌرتي تي موجود وڻ ٽڻ، نديون، درياءَ، سمنڊ، هوائون، پهاڙ، واديون، فصل، ريتون رسمون، ڪاڄ ، رانديون، ميلا ملاکڙا، ڍنڍون ۽ ڍورا، موسمون، آبهوا، ماحوليات ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه جيڪو ان ڌرتي تي موجود هجي ٿو ان سان انسان جو جيڪو رشتو جڙي ٿو اهو ڏاڍو مضبوط هجي ٿو. انسان جو پنهنجي ڌرتي سان لاڳاپيل هرشيءِ سان جذباتي لڳاءُ هجي ٿو اهوئي سبب آهي جو سائين م ا جويو سئو سال به جيئي ٿو ته، ڪٿي به ڪنهن به مهل پنهنجو رشتو پنهنجي ڌرتي سان ٽوڙي نٿو پر، هو ان لاءِ هر نئين آئي ڏينهن نوان خواب ڏسي ٿو، پنهنجي وطن جي انهن ماڻهن کي مخاطب ٿئي ٿو جن جي هٿن ۾ وطن جي قسمت هجي ٿي ۽ ايندڙ نسل جو مستقبل هجي ٿو پنهنجي هڪ پمفليٽ ۽ خط وسيلي (۲۵ جون ۱۹۴۷ پاڪستان جي ٺهڻ کان تقريبن ڏيڍ مهينو اڳ) خبردار ڪري رهيو آهي ته، توهان هوشيار ٿيو، تاريخ هر قوم کي زندگي ۾ صرف هڪ موقعو ڏئي ٿي. انگريز (۱۹۴۷- ۱۶۱۲ مجموعي عرصو ۳۳۵ سال، ۱۶۱۲–۱۷۵۷ دوران ايسٽ انڊيا ڪمپني طور، ۱۷۵۷-۱۸۵۸ دوران ڪمپني جي حاڪميت طور ۽ ۱۸۵۸-۱۹۴۷ دوران براه راست برطانوي راڄ طور) هتان ٽپڙ گول ڪري رهيا آهن، ننڍي کنڊ جو ورهاڱو ٿي رهيو آهي ۽ ٻه ملڪ ٺهڻ وڃي رهيا آهن توهان ڪنهن جي به پاسي نه وڃو پر، پنهنجي سنڌ ڌرتي کي هڪ آزاد ملڪ جي حيثيت ۾ بحال ڪرڻ جي لاءِ سوچيو ڇو ته، سنڌ هميشهه هڪ آزاد پرڳڻو رهي آهي. اڄ قسمت جي ديوي توهان جي در تي ٺڪ ٺڪ ڪري رهي آهي. ٻيلي ڏاها ٿيو اهڙو فيصلو نه ڪيو جو سنڌ جو آئيندو هميشهه جي لاءِ اونداهو ٿي وڃي. پنهنجي ڪتابچي “سنڌ بچايو کنڊ بچايو” (وڏيرن کان، سرمائيدارن کان ۽ انهن جي فرقيواريت کان) جي عنوان هيٺ نوجوان ابراهيم ۽ سنڌ رنيئزنز ايسوسئيشن (سنڌ سجاڳي انجمن) جي اعزازي سيڪريٽري جي حيثيت ۾ پنهنجي ان ساڳي ڳالهه کي ورجائي رهيو آهي بقول شبير نظاماڻي جي “جڏهن اهو فيصلو ٿي چڪو هو ته ننڍي کنڊ جو ورهاڱو ٿيندو ۽ ان مان ٻه ملڪ هندستان ۽ پاڪستان جنم وٺندا. ان وقت جي سنڌ اسمبلي ۶۰ ميمبرن تي مشتمل هئي جنهن ۾ اڪثريت مسلمان ميمبرن جي هئي. هي ڪتابچو انهن ۽ ٻين اسمبلي ميمبرن لاءِ لکيو ويو هو ته جيئن انهن کي خبردار ڪري سگهجي ته اهي جنهن اسمبلي جا ميمبر آهن ان تي تاريخ هڪ اهم بار وجهي ڇڏيو آهي. جيڪڏهن انهن اهو وزن تاريخي سمجهه ۽ ڏاهپ جي آڌارا تي نه کنيو ته سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻهو هڪ غلامي جي کاهي مان نڪرڻ بدران ان کاهي ّذريعي ٻي کڏ ۾ وڃي ڪرندا جتان انهن جو نڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو”. (ص ۱۰، روزاني سنڌ ايڪسپريس، حيدرآباد، ۱۰ نومبر، ۲۰۱۷). سوال ٿو پيدا ٿئي ته سائين م ا جويو هي سڀ ڳالهيون ڇو، ڇالاءِ ۽ ڪنهن لاءِ ڪري رهيو هيو؟ نوجوان ابراهيم کي آخر هي الڪو ڇو اچي لڳو هو ته، تاريخ اسان کي پاڻ موقعو ڏئي رهي آهي پر اسان جي پنهنجي سنڌ اسمبلي جا ميمبر مذهب جي الائي ڪهڙي عشق ۾ مبتلا آهن جو هنن کي سندس جي ڳالهه سمجهه ۾ ڪونه ٿي اچي. تاريخ، فلسفي ۽ ڏاهپ جي شاگرد جي حيثيت سائين کي اهو خطرو نظر اچي رهيو هيو ته، هن خطي جنهن تي پاڪستان ٺهي رهيو آهي ان خطي ۾ پنجاب هڪ اهڙو علائقو آهي جنهن جو نه ته ڪو اصول آهي ۽ نه هن جو ڪو دين ايمان سان واسطو آهي. رنجيت سنگهه جي دور کان وٺي سنڌ تي ڪاهون ٿينديون رهيون آهن پر هر ڀيري هنن کي ناڪامي پلئه پئي آهي. پنجاب جي نظر سنڌ تي آهي ۽ مذهب جي آڙ ۾ ٺهندڙ هن نئين رياست جا اثرات تمام گهڻو اگرا نڪرندا! سائين هنن کي سمجهائي رهيو هيو ته، مذهب بهانو، نئون ملڪ پاڪستان آستانو ۽ سنڌ نشانو آهي. پر افسوس سنڌ اسمبلي جي ميمبرن اهوئي ڪجهه ڪيو جنهن جو انديشو هو. سائين محمد ابراهيم جويو کي نوجوان ۽ هڪ شاگرد سمجهي هن جي ڳالهه ۽ ڏاهپ تي ڪو ڌيان نه ڌريو ويو پر تاريخ ڏاڍي بي رحم آهي ان بي رحم تاريخ ثابت ڪيو ته، سائين محمد ابراهيم جويو جيڪو ڪجهه پنهنجي هڪ ننڍڙي پمفليٽ ۽ ڪتابچي ذريعي چيو ۽ لکيو اهو سچ ثابت ٿيو. تاريخ هميشهه کان ڏاهن سان دوستي رکندي آئي آهي ۽ ان دوستي جي نتيجي ۾ ڏاهن به هن سان خوب نڀايو آهي. اها ڏاهپ ئي آهي جيڪا هڪ سوچيندڙ انسان کي نه صرف سوال ڪرڻ سيکاري ٿي پر، هن جي ارد گرد ٿيندڙ مظهرن تي سوال پڻ اٿارڻ لاءِ اڀاري ٿي ۽ هڪ ڏاهو انسان جڏهن ارد گرد ٿيندڙ عجيب و غريب حرڪتن، انيائن ۽ ڏهڪائن جيڪي يا ته خدا جي نالي تي ٿي رهيون هونديون آهن يا پنهنجي اڻڄاڻائي جي سبب ماڻهو لٽجي ۽ ڦٽجي رهيا هوندا آهن انهن تي سوال اٿاري ٿو ته، معاشري ۾ هن خلاف باهه ٻري وڃي ٿي، طرح طرح جا القاب، تحمتون ۽ الزام لڳايا وڃن ٿا ايتري تائين جو ان سوال ڪرڻ واري جي ايمان تي شڪ ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪفر جون فتوائون صادر ڪيون وڃن ٿيون. سائين م ا جويو جڏهن سنڌ کي پنهنجو اهو سماج موٽائي ڏيڻ جي ڳالهه ڪري ٿو جيڪو اصل ۾ سنڌ جي سڃاڻپ هئي ۽ ان لاءِ هو ڪتاب “سيڪيولرازم ۽ عقليت پسندي” لکي سنڌ جي نوجوانن کي مخاطب ٿئي ٿو ۽ وهمن، وسوسن، توهم پرستي، انڌي عقيدي پسندي کي ننديدي هو سنڌ جي نوجوانن کي مخاطب ٿيندي چئي رهيو آهي ته توهان پنهنجي هر مسئلي کي عقل ۽ علم جي بنياد تي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو نڪي ڪنهن لولي لنگڙي ملي جي چوڻ تي ڦيڻا پڙهائي بيمارين کي ڀڄايو، گهرو اڻبڻتن تي بيبن کان تعويذ نه وٺو پر ڏاهپ ئي اها شئي آهي جنهن کي ساڻ کڻي توهان پنهنجا کوڙ سارا مامرا، معاملا ۽ مسئلا خود به خود حل ڪري سگهو ٿا.. جامي چانڊيو بطور هڪ ايڊيٽر لکي ٿو، “پنجاهه ۽ سٺ جي ڏهاڪي ۾ هتي به اوهام پرستي جي مقابلي ۾ عقليت پسندي جا لاڙا متعارف ٿيڻ شروع ٿيا. سنڌ ۾ اهڙا روشن خيال عنصر اڀري رهيا هئا جن جي بنيادي تربيت ۱۶هين صدي کان ۱۹هين صديءَ جي ان نئين سجاڳي جي فڪر منجهان ٿي هئي ۽ نتيجي ۾ انهن سنڌ ۾ دنيا جي اڳتي وڌي ويل سائنسي شعور کي متعارف ڪرائڻ شروع ڪيو. سنڌ ۾ ان نئين سجاگي جي سفر جو پهريون امين م ا جويو هو”. (ص ۸-۹، ڪتاب سيڪيولرازم ۽ عقليت پسندي، ڇاپو ٽيون، سال ۲۰۱۴، از م ا جويو). جڏهن هن ڪتاب جو واهپو وڌي ٿو ۽ ماڻهو هن ڪتاب کي پڙهڻ شروع ڪن ٿا ته هن خلاف واويلا وڌي ٿي. هو جڏهن مذهب جي نالي تي هلندڙ دڪانداري کي نندي ٿو ته هن خلاف هي آواز اٿن ٿا ته، هو سنڌ ۾ انتشار پکيڙي رهيو آهي ۽ نوجوانن کي مذهب کان ڏور ڪري رهيو آهي. جامي چانڊيو پنهنجي ان ساڳي ڳالهه جي سلسلي کي اڳتي وڌائيندي لکي ٿو، “۽ ڇاڪاڻ ته سندن بنيادي جهيڙو آهي ئي عقل، سائنسي علم، دليل ۽ مادي شعور سان، ان ڪري سندن نشانو به اهڙا ماڻهو، قدر ۽ رجحان آهن جيڪي تاريخ، فطرت ۽ سماج جي مادي شعور جي ترجماني ڪن ٿا. هڪ رسالي (نام نهاد) “بيداري” ۾ هڪ اهڙي ئي صاحب (محمد موسى ڀُٽي) طويل مضمون لکي پنهنجيءَ پر ۾ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته سنڌي سماج جي هن پست حالي جو سبب سائنسي ۽ مادي فڪر جي ترويج آهي ۽ ان سڄي “ڏوهه” جو “ذميوار” جويي صاحب کي قرار ڏئي کيس “مجرم” جي لقب سان مخاطب ڪيو آهي. جويو صاحب جا ڪيترائي اهڙا ڪتاب، مضمون، ڪالم، ليڪچر ۽ لکڻيون آهن جن کي پڙهڻ کانپوءِ انسان سوچڻ تي مجبور ٿئي ٿو. هو جڏهن هي سوچي ٿو ته، ڪاش سنڌ وطن ۾ امن هجي، بهاري هجي، سماجي انصاف هجي ته هو جويو صاحب جو ڪتاب “سنڌ جا مون سپنن ۾ سوچي” کڻي پڙهڻ شروع ڪري ٿو. هو جڏهن هڪ تعليمي ماهر، تعليمي منتظم يا استاد هجي ٿو ۽ پنهنجي کيتر ۾ تعليم کي سڌارڻ جا سانڀاها ڪري ٿو ته هو سائين پاران ترجمو ڪيل ڪتاب “تعليم جو مسيحائي ڪردار” پڙهي ٿو، هو جڏهن فڪر ۽ ڏاهپ جي ڳالهه ڪري ٿو ته هن سامهون سائين جو ڪتاب “فڪر جي آزادي” پيو آهي، هو جڏهن اخلاق جي دائرن ۾ رهندي صحيح ڇا آهي، غلط ڇا آهي گناهه ۽ ثواب جو تصور ڪيتري قدر مذهبي آهي، ڪيتري قدر سماجي يا ضرورت آڌار آهي. ماڻهو ڏوهه ۽ ڊوهه ڇوٿو ڪري، هو جيڪڏهن چڱو آهي ته پنهنجي نظر ۾ ۽ جيڪڏهن برو يا خراب آهي ته ٻين جي نظر ۾، ائين ڇو آهي. انسان ۽ حيوان جو تعلق پنهنجو پاڻ سان، معاشري سان ڪيتري قدر منطقي آهي؟ هنن ۽ اهڙن کور سارن سوالن جي جوابن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ جويو صاحب جو ڪتاب “وحشي جيوت جا نشان” پڙهي ٿو. جويو صاحب نه ڪنهن تعارف جو محتاج هيو ۽ نه ئي هن کي ڀيٽا يا مڃتا جي ضرورت آهي. جويو صاحب ته خود هڪ تعارف آهي روشن خيالي جو، شعور جو، علم ۽ عقل جو ۽ هڪ صدي جي عرصي دوران سندس ڪيل ڪم هن کي خود ڀيٽا ڏئي رهيو آهي، مڃتا ڏئي رهيو آهي. ضرورت آهي ته بس هن ڳالهه جي ته حڪومت هن جي قومي پورهيي کي دنيا جي مختلف ٻولين ۾ ترجمو ڪرائي ڏيهان ڏيهه روشناس ڪرائي ۽ هي ٻڌائي ته، دنيا ۾ هڪ خطو اهڙو به آهي جنهن کي سنڌ چون، ۽ جڏهن دنيا وارا هي پڇا ڪن ته سنڌ جا ماڻهو پنهنجن ڏاهن سان ايترو گهڻو پيار ڇوٿا ڪن ته جواب هي هجڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته اسان جا ڏاها سنڌ سان بي پناهه پيار ڪن ٿا. سنڌ جي نوجوانن، علم و ادب سان واسطو رکندڙ ادڙن ۽ ادڙين، سياسي و سماجي ڪارڪنن سماج سڌارڪ تنظيمن، اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽي ۾ درس ۽ تدريس سان واسطو رکندڙ، پڙهندڙ شاگردن، فنونِ لطيفه، آرٽ، موسيقي ۽ فلمڪاري، ناٽڪ نويسي سان لاڳاپيل دوستن ۽ سنڌ اسمبلي (سنڌ راڄ سڀا) ۾ سنڌي عوام جي ووٽ تي چونڊجي آيل ميمبرن وٽ جيڪڏهن سنڌ کي بهتر بڻائڻ جا خواب آهن، منصوبا ۽ رٿائون آهن، سنڌي عوام کي بنيادي سهولتون مهيا ڪري ڏيڻ جا قول اقرار آهن ته پوءِ توهان سڀني کي سائين محمد ابراهيم جويي جي ڪتابن کي پڙهڻ گهرجي ۽ پنهنجن خوابن، منصوبن ۽ رٿائن ۽ قول اقرارن کي سائين جي خوابن، منصوبن ۽ رٿائن سان سلهاڙي ڏسو ۽ عمل ڪري ڏسو يقين ڄاڻو توهان کي ڪاميابي ضرور ملندي اهو انهيءَ ڪري ٿو چوان ڇاڪاڻ ته سائين محمد ابراهيم جويو سنڌ جي اميدن جو اٽلس آهي ۽ جيڪدهن اسان سڀئي ملي ڪري هي فيصلو ڪيون ته ٻيلي گهڻو ٿيو هاڻي اسان جو حدف سنڌ جي بهتري ۽ عوام کي مناسب پر بنيادي سهولتون يقينن سندن چاٺ تي مهيا ڪري ڏنيون وينديون ته اسان هڙئي نه صرف سنڌ جا معمار ثابت ٿينداسين پر اسان هڪ نئين تاريخ رقم ڪنداسين. هڪ سهڻي سنڌ من مهڻي سنڌ. ابراھيم جويو صاحب جون يادون ڊاڪٽر آزاد قاضي نامور عالم محمد ابراهيم جويي صاحب سان هون ته ڪيتريون ئي يادون وابسته آهن پر هتي يوسف جي خريدارن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ٻه چار ڳالهيون پيش ڪجن ٿيون. ۲۰۰۳ع ۾ سائين جي ايم سيد جي ۱۰۰ سالا جشن ملهائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو ته ان ۾ جويي صاحب مکيه صلاحڪار هو. سمورا پروگرام سندس صلاح سان ٿيا. ايتري قدر جومختلف عالمن کان سيد جي حوالي سان ڌار ڌار عنوانن تي مقالا لکرائڻن واري اهم رٿا پڻ پاڻ تيار ڪرايائين. ان سلسلي ۾ جويي صاحب سان جيڪي لاڳيتيون ملاقاتون ٿيون انهن ۾ اهو خيال آيو ته جويي صاحب ۽ سائين جي ايم سيد جي خط وڪتابت کي ڪتابي شڪل ۾ اچڻ گھرجي. ٿيو ائين ته هڪ ڏينهن جويي صاحب سان ڪچهري ڪندي سامهون ريڪ تي رکيل فائيلن تي نظر پئجي وئي جن مان هڪ تي لکيل هو سائين جي ايم سيد جا خط!. منهنجي ذهن ۾ هڪ دم ڪتاب تيار ڪرڻ جو خيال آيو. جويي صاحب کان اجازت وٺي، اهو فائيل کڻي ويس ۽ سائين جي ايم سيد جي لائبريري مان جويي صاحب پاران سيد کي لکيل خطن جي ڳولا ڦولا ۾ لڳي ويس ڪتاب تيار ڪرڻ جي سلسلي ۾ چونڊ ترتيب کان وٺي هر عمل تائين جويو صاحب جو تعاون رهيو. ايتري قدر جو مون جڏهن کيس مواد لاءِ مهاڳ طور ڪجھه لکي ڏيڻ لاءِ چيوته پاڻ مون ڏانهن شفقت واري نظر سان ڏسندي چيو هيائين ته ڀاءُ اوهان ئي ٻه اکر لکي وٺو اها ڳالهه مون لاءِ وڏو اعزاز هئي تڏهن مون اهو مهاڳ لکي جويي صاحب کي ڏيکاريو. ڪتاب سندس ان رهبري ۾ تيار ڪري ورتو مواد جي ترتيب وقت جويي صاحب جي پاران اخترڪاڪي پوٽي جي نالي ۾ لکيل هڪ مضمون “انقلابي مُلي جو سياسي پوسٽمارٽم” جو ذڪر آيو ته کين گذارش ڪيم ته هاڻِ ته اهو اوهان جي نالي ۾ شايع ٿيڻ گھرجي پاڻ منهنجي ان راءِ سان سهمت ٿيندي کلي نه رڳو اجازت ڏنائين پر ان تي موجوده نئون نالو به پاڻ ئي تجويز ڪيائون، اهو مضمون ڪتاب ۾ شامل آهي. ڪتاب جي عنوان تي صلاح پئي ڪئي سون ته پاڻ، سڏ پڙاڏو نالو تجويز ڪيائين ان تي مون کين اها ياد دهاني ڪرائڻ چاهي ته ڪيرت ٻاٻاڻي جو ڪتاب پڻ اهڙي نالي سان آهي، تڏهن پاڻ چيائين ته ان عنوان جو ٻيو مطلب آهي. پنهنجي نالي جو مفهوم اهو آهي ته سيد سنڌ جو سڏ آهي ۽ جويو ان جو پڙاڏو آهي . جويو صاحب سنڌي قوم جي وسيح تر اتحاد جو وڏو شيدائي ۽ خواهش مند هو ڪيئي ڀيرا ڪچهرين دوران اهو اظهار ڪيائين ته سنڌ جون سياسي ڌريون مڪمل طور گڏجي جدوجهد ڪرڻ واري مرحلي تائين پهچن ئي پهچن ان کان اڳ جيڪڏهن اهي سڀ هڪ جاءِ ويهي گڏجي چانهه جو ڪوپ پي اٿن تڏهن به پنهنجن توڙي پروان تي اها ڳالهه وڏو اثر ڇڏيندي. سندس اها خواهش ئي هئي جنهن ڪري ٻه ڀيرا سنڌ جي وسيح تر اتحادن لاءِ ٿيندڙ ڪوششن ۾ پاڻ سرگرمِ عمل رهيو. هڪڙو سائين جي ايم سيد جي سربراهيءَ ۾ ٿيندڙ اتحاد ۽ ٻيو ممتاز علي خان ڀٽي جي سربراهيءَ ۾ ٿيندڙ اتحاد. سائين جي ايم سيد سان ته سندس ننڍ پڻ کان لنوَ لڳل هئي پر ممتاز علي ڀٽو جيڪو نه رڳو نالي چڙهيو وڏيرو هو پر پوءِ هٿ ٺوڪيو سردار به ٿي ويو، جويي صاحب جهڙي سوشلٽ خيال رکندڙ دانشور سنڌ جي وسيح تر مفاد لاءِ سڀ ڳالهيون درگذر ڪري ان جي سربراهيءَ ۾ به ڪم ڪيو. سندس اها ايمانداري ۽ سچائي اهڙن پاڻ پڻي جو شڪار سياست بازن لاءِ بهترين سبق آهي جيڪي ڳالهيون ته اتحاد جون ڪندا آهن پر عمل ۾ ايندڙ وسيح تر اتحادن ۾ هي وڏيرو آهي ۽ ڦلاڻو وڏيرن جو ساٿاري آهي، جهڙيون فتوائون ڏيئي ڦيٽاري وجھڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. سنڌ ۾ ڊگھي عرصي کان هتان واري سياسي وايو منڊل ۾ سنڌ جي حيثيت واري تعين واري حوالي سان بحث هلندا پئي آيا آهن جنهن جي نتيجي ۾ نوان اتحادي، نوان دوست ۽ مخالف واريون صفون ٺهنديون ۽ ڊهنديون رهيون آهن. اهو هڪ فطري عمل آهي ان سموري مهي ولوڙڻ ۾ ۱۹۴۰ وارن قراردادد جو بار بار ذڪر ٿيندو پئي رهيو آهي، هڪ طرف حڪمران قوتن به مختلف حوالن سان سوچڻ شروع ڪيو آهي ته ٻئي طرف اڳ انقلاب جون دعوائون ڪندڙ ۱۹۴۰ واري قرارداد سان ڪلهو هڻڻ لاءِ پنهنجي پنهنجي جماعتن جا نشان جهڙوڪ جهنڊا ۽ نارا تبديل ڪري ميدان ۾ لٿا آهن. ڪير ڪٿي ٿو بيهي، ڪهڙي ٿو سياست ڪري اهو هر ڪنهن کي حق آهي پر اهو ڪنهن کي به اختيار ڪونهي ته هو پنهنجون من پسند ڳالهيون ٻين سان لاڳو ڪري. تازو جويي صاحب بابت مضمون لکندي هڪ اهڙي سياست ڪار جيڪو ڦيريون کائڻ ۾ مشهور آهي، لکيو آهي ته: “جويي صاحب حيدرآباد ۾ ٿيل هڪ تقريب ۾ اظهار ڪيو ته ۱۹۴۰ع واري ٺهراءَ جو مقصد قومي وحدتن جي آزاد ۽ خودمختيار Sovereign and Autonomous حيثيت هو”. اها ڳالهه ان مهربان حسب معمول اڌوري، اڻپوري ۽ پنهنجي من پسند پيش ڪئي آهي جنهن جو بنياد ان ٻڌ سڌ واري معلومات تي آهي جيڪا کيس پنهنجي موڪليل نمائندي کان ملي سگھي. ان پروگرام ڪرائڻ ۾ منهنجو وڏو عمل دخل هو اهو پروگرام ڪنهن سياسي جماعت جو نه پر جي ايم سيد فائونڊيشن جو ڪرايل هو ان موقعي تي جويي صاحب ۱۹۴۰ واري قرارداد کي اهميت ڏيڻ ۽ ان تي ڳالهائڻ بجاءِ پنهنجو اڳ شايع ڪرايل مضمون “پاڪستان جو ٺهراءُ جيئن اهو ۳ مارچ ۴۳ تي سنڌ ليجسليٽو اسيمبليءَ ۾ بحث هيٺ آيو” فوٽو اسٽيٽ ڪرائي کڻي آيو هو. ۱۹۴۰ع جي قراردات جو مختصر ذڪر ڪرڻ بعد سائين جي ايم سيد جي ان مان مطمئن نه هئڻ جو ذڪر ڪندي ۱۹۴۳ع واري نئين سر پاس ڪرايل قرارداد بابت اهو ڇپيل پيپر پڙهيو هيائين جيڪو سندس ڪتاب سڏ پڙاڏو کان سواءِ ٻين به ڪيترين جاين تي شايع ٿيل آهي. محمد ابراهيم جويو مون سي ڏٺا ماءُ ڊاڪٽر دُر محمد پٺاڻ جناب محمد ابراهيم ولد محمد خان جويو ۱۲ آگسٽ ۱۹۱۵ع تي ڳوٺ آباد ۾ ڄائو، ابتدائي چار درجا ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهڻ کان پوءِ لڪيءَ جي اسڪول ۾ داخل ٿيو ۽ اتي ڇهين درجي سنڌيءَ تائين تعليم ورتائين. انگريزي تعليم ”اي وي اسڪول“ سن ۽ ”سنڌ مدرسي“ مان ورتائين. سال ۱۹۳۴ع ۾ مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ جويو صاحب ”ڊي جي سنڌ ڪاليج“ ڪراچي ۾ داخل ٿيو، جتان ۱۹۳۸ ع ۾ بي اي ڪيائين. گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ جويي صاحب ”سنڌ مدرسي“ ۾ استاد جي حيثيت سان پنهنجي ملازمت جو آغاز ڪيو. انهي ئي ملازمت دوران ۱۹۴۰ع ۾ بمبئي مان بي ٽي جو امتحان پاس ڪري آيو. ورهاڱي کان ڪجهه وقت ”سنڌ کي بچايو، ننڍي کنڊ کي بچايو“ نالي انگريزي ۾ ڪتاب لکيائين. وطن دوستيءَ جي انهيءَ جذبي پنهنجي ملازمت تان هٿ کڻايا. ورهاڱي کان پوءِ ۱۹۴۸ع ۾ جويو صاحب “ميونسپل هاءِ اسڪول” ٺٽي جو هيڊ ماستر ٿيو .جڏهن وقت جي سرڪار انهيءَ اسڪول کي تحويل ۾ ورتو کيس “ٽرينگ ڪاليج فارمين”حيدرآباد ڏانهن بدلي ڪيو ويو، جتي ۱۹۵۱ع تائين ڪم ڪيائين. انهيءَ کان پوءِ مارچ ۱۹۵۴ کان وٺي فيبروري ۱۹۶۱ع تائين “سنڌي ادبي بورڊ” جو سيڪريٽري ٿي رهيو. فيبروري ۱۹۶۱ع ۾ کيس حيدرآباد ريجن جي تعليمي ڊائريڪوٽريٽ ۾ پبليڪيشن آفيسر مقرر ڪيو ويو. جنهن کان پوءِ نومبر ۱۹۶۲ع ۾ “اولهه پاڪستان ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۾ آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي مقرر ٿيو. ۱۹۶۳ع کان آگسٽ ۱۹۶۷ع تائين انهيءَ بورڊ جي حيدرآباد، ڪراچي ۽ ڪوئٽيا ريجن جو انچارج ٿي رهيو، ۽ ساڳي ئي وقت ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي اعزازي سيڪريٽريءَ جي حيثيت سان به ڪم ڪيائين. ان کان پوءِ ”گورنمنٽ هاءِ اسڪول جيڪب آباد“ جو هيڊ ماستر ۽ مارچ ۱۹۶۸ع کان نومبر تائين ”گورنمينٽ ٽرينگ ڪاليج ڪوهاٽ“ جو پرنسپال ٿي ڪم ڪيائين. تنهن بعد سيپٽمبر ۱۹۷۰ع تائين حيدرآباد ريجن جي تعليمي ڊائريڪٽريٽ ۾ “کاتي جي امتحانن” جو رجسٽرار مقرر ٿيو. ان کان پوءِ جنوري ۱۹۷۱ع تائين تعليم کاتي جو ڊپٽي ڊائريڪٽر، آگسٽ ۱۹۷۱ع تائين ”سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ“ جو سيڪريٽري، سيپٽمبر ۱۹۷۱ع کان جولاءِ ۱۹۷۲ع تائين خيرپور ڊويزن ۾ اسڪولن جو انسپيڪٽر ۽ ان کان پوءِ ٻن مهينن لاءِ “ايڊيوڪيشن ايڪسٽيشن” جو ڊپٽي ڊائريڪٽر ٿي رهيو. آخر ۾ ۲۱ آگسٽ ۱۹۷۳ع تي “سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ” جي آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي جي عهدي تان رٽائر ڪيائين. جويي صاحب سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جا دل تي گهڙا ڀريا آهن. کين هڪ “استاد-اديب” جي حيثيت حاصل آهي، هن دور جا ڪتيرائي نامور اديب ۽ شاعر سندس نظرياتي تربيت جي رنگ ۾ ورتل آهن. هن صاحب ڀريا پندرهن سال “سنڌي ادبي بورڊ” جي خدمت ڪئي آهي، ۽ سندس دور جي “سنڌي ادبي بورڊ” جي ڪارڪردگي اڄ به مثال جي حيثيت رکي ٿي. سندس ئي ڪوشش سان “سنڌي ادبي بورڊ” ٻارڙن لاءِ” گل ڦل” رسالو جاري ٿيو. ان کان سواءِ پاڻ ۱۹۵۵ع کان ۱۹۵۶ع تائين ٽه ماهي “مهراڻ” جو ايڊيٽر به ٿي رهيو. جويي صاحب جي ڪوششن سان ۱۹۶۴ع ۾ “سنڌي اديبن جي ڪو آپريٽو سوسائٽي” قائم ٿي، جنهن طرفان سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي تعريف جوڳي خدمت ٿي رهي آهي. جويو صاحب نه رڳو تعليم جو ماهر ۽ اشاعتي مسئلن جي ڄاڻو جي حيثيت رکي ٿو، بلڪ سنڌي علم ادب جي دنيا ۾ اديب جي روپ ۾ به ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. پاڻ ڪجهه شاعري به ڪئي اٿس، ليڪن شاعر کان وڌيڪ مترجم ۽ ليکڪ جي حيثيت سان مشهور آهن. سندس لکيل توڙي ترجمو ٿيل ڪتابن جو وچور هن ريت ٿئي ٿو. “ايملي عرف تعليم“ (تعليم- ۱۹۵۰)، “گل” (تربيت -۱۹۵۶)، “سنڌي پهريون ڪتاب“ (نصابي ڪتاب -۱۹۶۰)، “آسان سنڌي پهريون ڪتاب” (نصابي ڪتاب -۱۹۶۱)، “تاريخ پاڪستان” (تاريخ- ۱۹۶۲)، “سنڌي چوٿون ڪتاب“ (نصابي ڪتاب- ۱۹۶۲)، “سنڌي پرائيمري“ (نصابي ڪتاب- ۱۹۶۲)، “سنڌي ڇهون ڪتاب” (نصابي-۱۹۶۶)، “سنڌي چوٿون ڪتاب” (نصابي ڪتاب- ۱۹۶۷)، “سنڌي پنجون ڪتاب” (نصابي ڪتاب-۱۹۶۷)، “سنڌي ڇهون ڪتاب” (نصابي-۱۹۶۷)، “سنڌي ستون ڪتاب” (نصابي-۱۹۶۷)، “ٻارن جي تعليم” (تعليم- ۱۹۷۲)، “انگي حساب” (نصابي- ۱۹۷۳)، “اچو ته لکون” (تعليم- ۱۹۷۳)، “بالغن جي تعليم استادن جو رهبر” (تعليم- ۱۹۷۳)، “اچو ته وڌيڪ پڙهون” (تعليمي/ نصابي -۱۹۷۳)، “سنڌي زبان جي بنيادي لغت” (لسانيات، ساڻي مرتب-۱۹۷۳)، “سنڌي زبان جي ڪاروباري بنيادي لغت” (لسانيات، ساڻي مرتب ۱۹۷۴)، “سنڌي زبان جي وڌايل لغت” (لسانيات، ساڻي مرتب- ۱۹۷۳)، “سنڌي ٻيو ڪتاب“ (نصابي- ۱۹۷۳)، “سماجي اڀياس“ (نصابي)، “گليلو“ (ترجمو ناٽڪ -۱۹۷۷)، “فڪر جي آزادي” (ترجمو) ۽ “شاھ، سچل سامي“ (تنقيد- ۱۹۷۸). جويو صاحب سنڌ جي انهن چونڊ ماڻهن مان هڪ آهي، جيڪي پنهنجي ذات ۾ هڪ مڪمل انجمن هوندا آهن. جويو صاحب هڪ مڪمل تحريڪ آهي ۽ پنهنجيءَ جاءِ تي هڪ آدرش آهي، اهو آدرش جنهن کي ڀرپور نموني سان چاهيو به ويو ۽ جنهن سان نفرتون ڪندي به ڪونه گهٽايو ويو. پوءِ به انهن سردين ۽ گرمين کي سهندي، گل ۽ خار جا مزا ماڻيندي به پنهنجي منزل طرف روان آهي. جويي صاحب سان “غائبانه ڏيٺ“ ته گهڻو اڳ ٿي چڪي هئي، پر کيس ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جو موقعو ڪراچيءَ ۾ اچڻ کان پوءِ مليو. مون کي ياد ٿو پئي ته آئون جڏهن ڏوڪري هاءِ اسڪول ۾ استاد هئس، ان وقت جويو صاحب اسان جو آفيسر ۽ انسپيڪٽر آف اسڪولس هو. هن صاحب انهيءَ ايامڪاريءَ ۾ پنهنجي زبردست هاءِ اسڪولن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي پنهنجي تاريخ مرتب ڪري ڏانهس موڪلين. انهيءَ سلسلي ۾ اسان جي اسڪولن ڏانهن به هڪ سوالنامو موڪليو ويو هو. هيڊ ماستر جي منشا تي ڏوڪري هاءِ اسڪول جي تاريخ مون کي ئي لکڻي پئي. مون کي ياد ٿو پئي ته انهيءَ مختصر تاريخ ۾ مون سموري ڏوڪري تعلقي جي ثقافتي ۽ ادبي ادارن ۽ شخصين تي به لکيو هو. ان کانسواءِ اسڪول جي پيدا ڪيل عالمن، اديبن، شاعرن ۽ آفيسرن جو وچور به ڏنو هو. ستت ئي جويو صاحب بدلي ٿي ويو ۽ خيرپور ڊويزن جي اسڪولن جي تاريخ جو اهم ڪم اڌورو رهجي ٿو. جويي صاحب جي بدلي ٿيڻ کان پوءِ اسان به ڏوڪري هاءِ اسڪول ۾ ٽڪاءُ نه ڪيو. جنگشاهي جي هاءِ اسڪول کان ڦرندا گهرندا اچي ڪراچيءَ جي ڪاليج ۾ پهتاسين. منهنجو ڪراچي اچڻ نئين جنم وٺڻ جي برابر هو. اڳ ۾ علمي ۽ ادبي ذوق هوندو هو، پر هاڻي هتي سُري پـُري پنهنجي جاءِ به وٺڻ لڳس. ائين ٿيو جو جناب وفائي صاحب ۽ سندس “آزاد“ مون کي لکڻ ۽ ڇپجڻ جو موقعو فراهم ڪيو. انهيءَ ڪري شهر ۾ “آزاد“ جي آفيس هڪ اهڙي جاءِ بڻجي وئي، جنهنجو هفتي ۾ هڪ اڌ چڪر هڻڻ ضروري ٿي پيو. “آزاد“ جي آفيس ۾ مون دنيا جا ڪيترا ئي رنگ ڏٺا. وزيرن ۽ وڪيلن کي به ايندو ڏٺم ته پيرن ۽ فقيرن کي به ڀيرا ڀريندي ڏٺم. ان کان سواءِ ڪيترين ئي علمي ادبي شخصيتن سان ملاقات به هتي ئي ٿي. جن مان جويو صاحب به هڪ هو. جويو صاحب پهرين ئي جهلڪ ۾ مون کي عالم، اديب ۽ دانشور نظر آيو. هن صاحب سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ جا بي لوث خدمت ڪئي آهي، انهيءَ ڪري ساڻس عقيدت ته اڳ ئي هئي؛ ليڪن اها عقيدت هاڻي قربت ۾ بدلجي وئي. آئون انهيءَ وقت ڌاري “آزاد“ لاءِ لڳاتار لکڻ لڳو هوس. جيئن ته “آزاد“ جويي صاحب ڏي به ويندي آهي، ان ڪري هن صاحب منهنجي لکڻين مان منهنجي شخصيت جي تلاش شروع ڪئي. منهنجو خيال آهي ته هن صاحب مون کي ”هڪ جذباتي مگر محنتي نوجوان“ جي حيثيت ۾ تسليم ڪيو. آئون وري کيس ماٺيڻو، برد بار، همدرد ۽ خير خواھ ڪري ڄاڻيندو آهيان. “آزاد“ ۾ جڏهن “سگهڙ سنگت“ جو سلسلو شروع ڪيم ته ملاقاتن ۾ آئون کانئس راءِ وٺندو هوس . پاڻ چوندو هو ته هيڏي ساريءَ جاکوڙ جي نتيجي ۾ تون رڳو هڪ مڪمل سگهڙ کي ڳولهي سگهيو آهين. اهو آهي ٽنڊي باگي جو محمد طالب لوهار، جيتوڻيڪ جويئي صاحب کي منهنجي ڪم ۽ ان جي طريقه ڪار سان ڪيترا ئي اختلاف هوندا هئا، پر ان هوندي به منهنجي ڪڏهن همت شڪني نه ڪيائين. ويتر چوندو رهيو ته جيترو ممڪن ٿي سگهي، اوترو سگهڙن کان ”راست گوئيون“ هٿ ڪيون وڃن. مون انهيءَ سلسلي ڪجهه ڪوشش به ڪئي. موجوده دور جي سنڌي ليکڪن ۾ جويو صاحب اسلوب ۽ ٻوليءَ جي معاملي ۾ پنهنجو منفرد مقام رکي ٿو. پيرائتي مگر مختصر ۽ جامع نموني ۾ ڳالهه کي نڀائڻ ڪو کانئس سکي. جيڪڏهن ڪنهن ڪتاب جو ترجمو ڪندو ته ان تي اصلوڪي هئڻ جو گمان پيو ٿيندو. پر جي اصلوڪو ڪتاب لکندو ته ٻوليءَ ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏيندو. سندس لکيل ڪتاب “شاھ، سچل ۽ سامي” مون کي ايترو ته پسند آيو، جو مون ان ڪتاب جون ٽيهارو کن ڪاپيون وٺي ڏيهي توڙي پرڏيهي دوستن ۾ ورهائيون. ساڳي نموني سان سندس ترجمو ٿيل ڪتاب “فڪر جي آزادي” به پڙهڻ وٽان آهي، جڏهن مون اهو ڪتاب پڙهيو ته الائي ڪيترا دفعا روئڻ به آيو ته کلڻ به. روئڻ ان ڪري ته انسان جڏهن انڌ جي گهوڙي تي چڙهي ٿو ته ڇا ڇا نه ٿو ڪري ۽ کلڻ ان ڪري ته ڪتاب پڙهڻ وقت اهو تاثر ملندو هو ته انسان کي ماري ته سگهجي ٿو پر کيس شڪست ڏئي نه ٿي سگهجي. (فيبروري ۱۹۸۱ ع) محمد ابراھيم جويو جديد سنڌ جي شعور جو اڏڻهار پروفيسر اعجاز قريشي گذريل سال ۹ نومبر تي سنڌ جو هڪ عظيم انسان سائين محمد ابراهيم جويو اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويو، سائين سڄي عمر يعني حياتيءَ جا ۱۰۲ سال سنڌ کي ارپيا ۽ سنڌ جي ماڻهن جي خدمت ڪئي. سنڌي ٻولي ۽ ادب سان انتهائي پيار ڪيو، جڏهن به سائين سان ملبو هو ته پاڻ سنڌي نوجوانن لاءِ نت نوان پيغام ڏيندو رهيو ۽ انهن جي شعور کي اڏڻ لاءِ پاڻ ارپيو. اڄ جڏهن هو اسان وٽ ناهي تڏهن سندس علمي/ادبي پورهيو سنڌ کي پيڙهيون ۽ صديون ياد رهندو. سائين سموري زندگي ۽ ان جو هر هڪ پل هڪ مقصد جي پنڌ تي هلندي گذاريو، هن ڪڏهن به لکڻ ۽ پڙهڻ، يعني قلم ۽ علم کي ذهني عياشي ۽ دماغي ورونهن جو وسيلو نه بڻايو. ان جي ابتڙ هن جو لکيل هر لفظ هڪ مقصد، هڪ تمنا، هڪ خواب ۽ ان جي ساڀيان جي ڏس ۾ قدم کڻي هلي ٿو، سندس هر هڪ جملو سندس سوچ جي پاتالن کان هلندي، هن جي قلم جي نوڪ تي اچي ڪا ڳر تي جرڪي پوي ٿو ۽ لڳ ڀڳ هڪ صديءَ جي ڊگهي سفر م هو ڪٿي به، ڪڏهن به ٿڪو يا مايوس نه ٿيو، ڪٿ به هن ساهي نه کنئي، لڳاتار منزلون لتاڙيون، فقط هڪ منزل کي رسڻ جي لاءِ ڇاڪاڻ ته هو ڄاڻي پيو ته حرڪت ۾ ئي برڪت آهي، ۽ هڪ خواب جي ساڀيا ٿيڻ لاءِ هن ڪيترا نه پنڌ ڪيا۽ هن ڪيترا نه ڏاکڙا ۽ ڏک ڏٺا، پر هن ڪٿي به ايئن ناهي چيو ته: ايئن ئي رهيس راهه ۾، ايئن ئي هٿ هڻي، ويا خيال کڻي،ماءُ منهنجو جندڙو. پر ان جي ابتڙ سندس سموري زندگي لطيف جي هن بيت جو اجرو ۽ چٽو عڪس آهي: ٿڪيائي ٿر ٿيل چڙهه چڪيائي چوٽئين، هلندي هوت پنهونءَ ڏي، ڀوءَ مڙيوئي ڀيل، اٿي رائو ريل، ويٺن تان واري وري، سنڌ ۾ نئين علم جي روشني پکيڙڻ ۽ جديد فڪر ۽ نظرين جا واس وٺرائڻ جي سلسلي ۾ سائين جويي صاحب جي ڀاڱي ڀائيواري بنهه بنيادي قسم جي آهي. هن سدائين، خير، خوشي، خوبي، امن، سلامي، سک ۽ انصاف لاءِ آواز اٿاريو ۽ بديءَ جون قوتون ۽ شر جي شيطانن خلاف علم بلند ڪيو. هن سدائين استحصال ۽ استبداد جي دادن خلاف ببانگ دهل ڳالهايو ۽ لکيو. هن هميشه اميرن، وزيرن، وڏيرن، جاگيردارن جي ڪارستانين ۽ ڪارنامن کي بي نقاب ڪيو ۽ مذهب جي آڙ ۾ ٿيندر انسانيت خلاف اڍنگاين ۽ مورک پاين کي للڪاريو. اهو ئي سبب آهي جو غلام رباني آگري هن لاچيو آهي ته: ” هي پيدائشي باغي آهي پر علم ۽ ڏاهپ جي مٿاهين ڏاڪي تي پهچي به هن پاڻ پڏائڻ کان پاسو ڪيو آهي. هن ڪڏهن به زبان کي مان جي ورڊ تي ناهي هيرايو. انا پرستي، طمع پروري، حرص، لالچ ۽ لوڀ جا لينگها سندس دامن تي نه ڏٺا ويا آهن، سندس من به هن جي هن اڇيءَ کاڌيءَ جيان اڇو ۽ بي داغ آهي ۽ اسين خوش نصيب آهيون جو اسان اڻويهين ۽ ويهين صديءَ جي هڪ عظيم ڏاهي ۽ ساڃهه وند کي اکين سان ڏٺو ۽ مون کي ذاتي حوالي سان ان ڳالهه تي فخر رهندو ته آئون پڻ ان دور جو آهيان، جنهن دور جو محمد ابراهيم جويو رهيوآهي ۽ آئون سمجهان ٿو ته لطيف سائينءَ به اهڙا ڪردار ڏٺا هئا، جن لاءِ هن چيو هو: بُک وڌائون بُگرئين، جوڳي ڪندا جي، طلب نه رکن طعام سين، اوتيو پيئن اڃ، لاهوتين لطيف چئي، من ماري ڪيو مُڃ، سامي جهاڳي سُڃ وسنهن کي ويجهو ٿيا، روسي ناول نگار ۽ شاعر پاسترنڪ جي جڳ مشهور ڪتاب ڊاڪٽر زواگو ۾ هڪ هنڌ بيان ڪيو ويو آهي ته: ”شايد هر زندگي ۾ ٻين خاص ماڻهن کانسواءِ هڪ ڳجهي ۽ هستي آهي، جيڪا سڏڻ کانسواءِ ئي مدد لاءِ پهچي ويندي آهي“. اهي سٽون پڙهي جڏهن آئون سائين ابراهيم جويي تي سوچان ٿو، جنهن جا هونئن ته هزارين يار، درست ۽ ساٿي آهن، پر اها ڪهڙي ڳجهي ۽ اڻ لکي طاقت آهي، جيڪا سدائين ساڻس گڏ آهي، هڪ جسم طور نه پر هڪ روح طور هن سان دمبدم ۽ هر قدم گڏ هلي ٿي، ان جي جواب لاءِ پاڻ ۾ جهاتي پائجي ٿي ته اندر جي فضائن ۾ ” سنڌ جو نالو پر کولي اڏندڙ پنڇيءَ جي ڀڙڪي جيان گونجڻ لڳي ٿو، تحقيق، اها سنڌ ئي آهي، جنهن سان سندس جنم جنم جو رشتو آهي، جيڪا هن سان سدائين ساڻ رهي آهي، اها ئي قوت آهي، جنهن جو جلوو ۽ جهلڪ اسان کي جويي صاحب جي پوري حياتيءَ ۾ نطر اچي ٿي. پوءِ ڪڏهن ڪيهي ته ڪڏهن ڪيهي، ڪڏهن ڪنهن روپ ۾ ته، ڪڏهن ڪنهنءَ رنگ ۾. ايڪ قصر در لک ڪوڙين ڪڻس ڳڙکيون، جيڏان ڪريان پرک، تيڏان صاحب سامهان. سنڌ، سنڌي قوم، سنڌي ٻولي، سنڌ جي تاريخ، سنڌي ثقافت سان جويي صاحب جو سچو عشق رهيو، هو خوابن جي سودائي نه پر ساڀيان جو سوداگر هئو. هن هيترن ڪتابن ۽ ادارن جا سانگ ان عشق جي روايتن کي ان جي حقيقي جوهر ۾ برقرار ۽ بحال رکڻ لاءِ رچايا، سنڌ سان عشق جو اعليٰ اقرار ۽ دعويٰ ته گهڻائي ڪن ٿا پر ان نينهن جي ناتي ۽ ان جي گهرجن سان نڀاءُ ڪنهن ڪنهن جي وس آهي، سنڌ سان محبت فقط سڏ جو نالو ناهي، پر ”سر کي سٽ“ ۾ ڏيڻ جو اهڃاڻ آهي ۽ جويو صاحب اهو مرد قلندر هئو، جيڪو هر دور جي ڇوهين ۽ چٽين ڇولين ۽ سير ۾ گهاگهائي گهڙيو. هن ڪڏهن به محبتن ۽ اصولن تي سوديبازي نه ڪئي. محمد ابراهيم جويو جديد سنڌ جي شعور جو اَڏڻِهارُ! پروفيسر اعجاز قريشي پلئه پايو پُوڻيون، در در ڦيرا ڏي، ڪا مون ڪَتائي، آئون ڪاپائتي آهيان. سائين محمد ابراهيم جويي به سنڌ جي سپنن جا منجهيل ڦورا کڻي سانڀر کان وٺي هوڪا ڏنا آهن. هن اڪيلي ڪتڻ کان ساٿ کي سڏي ارٽ کي اوڏو ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ هن ڪتڻ وارا ڏينهن ويهي نه وڃائيا آهن. هن سدائين ڏور ارٽ ۾ وجهي ڪتيو آهي ۽ مٿي ۾ موڙيءَ جو ڪَسو خيال ۽ ڀاونا ڀلجي به نه آئي اٿس. جيتوڻيڪ اهي ڪتڻ سندا ڏينهڙا، هن ۽ سندس ساٿين جي مٿان ڏکيا گذريا، تڏهن به جهڙي تهڙي حال سان هو پنهنجي ساٿ کي همٿائيندو رهيو ۽ جڏهن به تاڃي توريندي عيب نڪتا ته هن سڀ کان پَر ۾ پڇيو ۽ ان جي حصي جا ڀڙا هن پاڻ ڀڳا، هن بيڪاريءَ تي پاڻ نه هيريو ۽ سدائين چت جو چرخو چوريو. هن نئين ائٽ جي تمنا من ۾ رکي، سدائين ڀڳو ئي ڀيريو، ڇو ته وقت جي تقاضا اها هئي ته جيترو به ۽ جو ڪجهه به موجود آهي. ان سان هڏ هلائجي: ڀَڳو ئي ڀير، جان سين رتو راس ٿئي! هن ڪڏهن به رنڊا روڙڻ وارو اٻهرو عمل نه ڪيو. پر چت ۾ چاهت رکي ڌيان ۽ من سان سنهو ڪتيو. هن صرافن جي پرواهه نه ڪئي. پر سدائين ڪاپي سان ڪم رکيو آهي. آئون جڏهن به کيس ڏسندو هوس ته لطيف جي هيءَ سٽ چپن تي اچي ويندي هئي: مُنهن محراب پرينءَ جو، جامع سڀُ جهانُ. هيءُ سنڌ جو سچو کاهوڙي، جنهن ڪيئي ڏونگر ڏولاوا ڏٺا ۽ رڃن ۾ راتيون ڪٽيون ۽ ڏٿ ڏوريو. پاڻ هڪ ازلي درد جو نهوڙيل ۽ هڪ انوکي وچن سان سندس ساهه سٻنڌ هو، جنهن لاءِ اياز چيو هو: ڪنهن وچن جي واسطي پنهنجي اياز! زندگي بنواس ۾ گذري وئي. ۽ اهو وچن ۽ واسطو ان ڌرتيءَ ۽ ڌن سان آهي، جيڪا اسان جي ازلي ملڪيت آهي: جڏهن “ڪُن” چيائون، اسان کي ملي، اهائي ته ڌرتي، اهوئي ته ڌن، انهيءَ لاءِ بنواس ڀوڳيون پيا، انهيءَ سان اسان جو انوکو وچن. ۽ جنهن سان اهو انوکو وچن آهي اُها گنجي ڏونگر گام آهي. اها اسان جي سنڌ آهي، جنهن کي لوچڻ جي لاءِ لاهوتي ٿيڻو پوندو آهي. ان جي پروڙ ٻيا سڀ ضرور ڇڏائي ڇڏيندي آهي، ۽ ان پروڙ جو هڪ پارکو محمد ابراهيم جويو به آهي ۽ ان سان گڏ سندس کاهوڙڪي کير آهي ۽ اڄ سنڌ سنڌ ۾ علم، آگاهي، ڏاهپ، سرت، ساڃاهه ۽ سچ جو، جيڪو مچ ٻري رهيو آهي، اهو ان ئي کاهوڙڪي کير جو ٻاريل آهي ۽ ان جو مهندار اهوئي فقير منش انسان آهي. لاريب، جنهن سنڌوءَ جي ساڃاهه جا اهي مٽ چڪائي آڻي اتر واءَ ۾ کوليا آهن، جن جو ساءُ ۽ کيپ خبار اڳي ڪنهن به نه ڄاتو هو. جنهن تي ڪيئي متارا مست ٿيا آهن. ڪيترن ان مڌ جي سُرڪ کي سو کان وڌيڪ ڀانيو آهي. ان ڪري پير حسام الدين راشديءَ کي چوڻو پيو ته: “اسان کي سنڌ سان محبت جو سبق جويي صاحب ئي ڏنو.” فقط ايترو ئي نه پر سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز به اهڙو اعتراف ڪيو آهي ته: “هڪ شام جو مون ابراهيم کي پنهنجا اردو نظم ٻڌايا، جي هن کي ڏاڍا پسند آيا، جڏهن هي سٽون پڙهيون: يه دنيا، يه آماجگاهي تمنا، ڪهان جا رهي هي يه رقاصهءِ روز و شب نوڪ خنجر په يون ناچتي جا رهي هي ڪه جيسي اُسي يه يقين هوگيا هو ڪه اب پائون ڇلني نه هون گي. تڏهن ابراهيم چيو هو، “اياز، توکي مان وري به چوان ٿو ته تون پنهنجي ڏات اجائي وڃائي رهيو آهين، تون پنهنجي ڏات کي منطقي نتيجي تي رڳو سنڌيءَ ۾ پهچائي سگهين ٿو!” مون ڏک سان ڏسي ابراهيم کي چيو هو، “پر توکان سواءِ مون کي سنڌيءَ ۾ ٻڌڻ وارو ڪير آهي؟” ان تي ابراهيم سختيءَ سان چيو هو، “اسان ٻه ڪافي آهيون، اسان ٻه چاهيون ته سنڌ کي بدلائي سگهون ٿا.” “Save Sindh save the continent” جي مصنف جو ضد ڪنهن وقت ڏاڍو سجايو ثابت ٿيو آهي.” شيخ اياز اڄ اسان جي سنڌي شاعريءَ جو ڄڻ ته ديو مالائي ڪردار بنجي ويو آهي. هن جي شاعريءَ جي منڊ ۾ سڄي سنڌ منڊجي ويئي آهي. جيڪڏهن شاهه لطيف سنڌي شاعريءَ جو روح آهي ته شيخ اياز ان کي سرير بخش پورڻتا تائين پهچايو ۽ جيڪڏهن اسين شيخ اياز جي ڳالهه ڪريون ٿا ته ابراهيم جويي جي ذڪر کانسواءِ اها ڳالهه اڌوري آهي. اهو ابراهيم جويو ئي هو، جنهن سندس ڏات ۾ اجهل درياهه ڇوليون هڻندي ڏٺو ۽ هن اهو به ڄاتو ته جنهن ڏسا ۾ اهو درياهه وهندو پيو وڃي، اهو لاڀائتو ۽ سڦل نٿو ٿي سگهي ۽ ابراهيم جويي ان جي نشاندهي ڪئي ۽ اياز ان تي لبيڪ ڪئي. ائين واقعي آهي ٻه ڄڻا ڪافي ثابت ٿيا ۽ انهن اهي ڪم ۽ ڪارناما سرانجام ڏنا، جن تي اڄ اسين ناز ڪري رهيا آهيون ۽ اياز چيو: مون ڏات انوکي آندي آ، ٿي تند وڙهي تلوارن سان. اهو تلوار سان تند جي ويڙهه جو پهريون سبق شيخ اياز کي محمد ابراهيم جويي ڏنو ۽ هن کي سدائين “اسان جو شاعر” ڪري پڪاريو ۽ اسان جي ان شاعر، جنهن جي شاعري جويي صاحب جي لفظن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ڪرشمو آهي، کي صراط المستقيم تي آڻڻ وارو هيءُ عظيم انسان ئي آهي. سنڌ ملڪ تاريخ جي اولين سڌريل سماجن ۾ پنهنجي هڪ اڳ حيثيت رکي ٿو ۽ ظاهر آهي ته ڏاهپ، سرت ۽ شعور کانسواءِ ڪو ملڪ ڪيئن مهذب ۽ سڌريل ٿي سگهي ٿو. تاريخ ۾ سنڌ جي ماڻهن جي وسيع ذهن ۽ روشن دماغيءَ جا ڪيترا ئي مثال ملن ٿا. اچو ته هن سلسلي ۾ هي اقتباس پڙهون. “سن ۵۱۹ ق م ڌاري ايران جي ڪياني شهنشاهه دارا اول سنڌو نديءَ جو مغربي علائقو پنهنجي حڪومت هيٺ آندو. اٽڪل ٻه صديون پوءِ سڪندر اعظم سن ۳۲۶ ق م ڌاري سنڌ فتح ڪئي. جڏهن سنڌو ماٿريءَ ۾ ٽئڪسيلا، جهلم ۽ سنڌ جون خودمختيار شهري رياستون قائم هيون، پوءِ ٻن صدين تائين ڌارين جي يلغارن ۽ قتل ۽ غارتگري جا واقعا ٿيندا رهيا. ويهارو کن سال (۳۰۵-۳۲۵ ق م) تائين يوناني راڄ ۽ تهذيبي- ثقافتي آميزش جاري رهي. انهيءَ دؤر جو هڪ واقعو خاص اهم ۽ دلچسپ آهي: جڏهن يوناني فوج سيوهڻ جي راجا “سامبس” کي شڪست ڏني. تڏهن به عام ماڻهن ويڙهه بند نه ڪئي. معلوم ٿيو ته عام ماڻهو پنهنجي ڏاهن ماڻهن جي اثر هيٺ آهن ۽ انهن کي پڪڙيو ويو. سڪندر اعظم ۽ سندس يوناني عاملن سوچيو ته سنڌين جي ڏاهپ کي پرکڻ جو سٺو موقعو آهي، سوچيائون ته هر هڪ سنڌي ڏاهو يوناني عاملن جي پڇيل هڪ سوال جو صحيح جواب ڏئي ته سندس جان بخشي ويندي نه ته قتل ڪيو ويندو. پهرين سيوهاڻي ڏاهي کان پڇيائون ته: “مري ويل انسانن ۽ زنده انسانن جو صحيح تناسب ڇا آهي؟” هن جواب ڏنو ته “ڪجهه به نه، ڇاڪاڻ ته جيڪي مري ويا سي ڳاڻيٽي ۾ نه ايندا.” اِئين ڪيترن ئي ڏاهن جا جواب ٻُڌي هو لاجواب ٿي ويا. آخر ۾ پڇيائون ته ڪنهن انسان کي ڪيستائين ذميوار سمجهجي؟ چيائين ته: “جيستائين هو زندگي کان وڌيڪ موت جي تمنا رکندو هجي.” مٿيون بيان “مشاهير يونان ۽ روم” ۾ موجود آهي، جيستائين پوئين سوال جنهن ۾ اهو پڇيو ويو آهي ته ڪير ماڻهو ڪيترو ذميوار آهي؟ ۽ ان جي جواب، جيستائين اهو زندگيءَ کان وڌيڪ موت جو تمنا رکي ٿو جو تعلق آهي، ته صدين جي ان ڏاهپ محمد ابراهيم جويي وٽ پهچي نئون موڙ ۽ نئون گس ڳوليو آهي. هيءُ اهو چوي ٿو ته زندگي موت جي تمنا نه پر جيئڻ جو جذبو ۽ جولان آهي ۽ جيستائين جيئرو رهڻو آهي، ان وقت تائين پنهنجون لازم ذميواريون ۽ گهربل ڪم ڪرڻا آهن. اهڙيون ڏاهپ ۽ سرت جون ڏياٽيون اسان جي سامهون آهن. “سيوَ سنڌ سيو دي ڪانٽيننٽ” کان “هوءَ جي ٽمڪي باهڙي” تائين اڌ صديءَ کان وڏو سفر آهي. ان وقت ۾ سوين ذميواريون سندس ڪلهن تي آيون آهن ۽ هن سوين ڪتاب لکيا آهن. سوين ڪتاب لکرايا آهن، جيڪي سندس نگرانيءَ هيٺ ڇپيا آهن. اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿي سگهيو آهي جو سائينءَ سموري زندگي ۽ ان جو هر هڪ پل هڪ مقصد جي پنڌ تي هلندي گذاريو آهي. هن ڪڏهن به لکڻ ۽ پڙهڻ. يعني قلم ۽ علم کي ذهني عياشي ۽ دماغي ورونهن جو وسيلو نه بڻايو آهي، ان جي ابتڙ هن جو لکيل هر لفظ هڪ مقصد، هڪ تمنا، هڪ خواب ۽ ان جي ساڀيا جي ڏس ۾ قدم کڻي هلي ٿو. سندس هر هڪ جملو سندس سوچ جي پاتالن کان هلندي هن جي قلم جي نوڪ تي اچي ڪاڳر تي جرڪي پوي ٿو. ۽ لڳ ڀڳ هڪ صديءَ جي ڊگهي سفر ۾ هو ڪٿي به، ڪڏهن به ٿڪو يا مايوس نه ٿيو، ڪٿي به هن ساهي نه کنئي. لڳاتار منزلون لتاڙيون فقط هڪ منزل کي رسڻ جي لاءِ ڇاڪاڻ ته هُن ڄاتو ٿي، ته حرڪت ۾ ئي برڪت آهي پر اها حرڪت جيڪا ڪنهن ماڳ ڏانهن ڪنهن منزل ڏانهن وٺي ويندي هجي. ۽ سندس ماڳ، جيڪو اسان سڀني جو ماڳ به آهي، ان ڪري هي پاڻ “سنڌ منهنجي خوابن جي” جو نالو ڏئي ٿو ۽ هڪ خواب جي ساڀيان ٿيڻ لاءِ هن ڪيترا نه پنڌ ڪيا ۽ هن ڪيترا نه ڏاکڙا ۽ ڏک ڏٺا پر هن ڪٿي به ائين نه چيو ته: ائين ئي رهيس راهه ۾، ائين ئي هٿ هڻي، ويا خيال کڻي، ماءِ منهنجو ڄندڙو. پر ان جي ابتڙ سندس سموري زندگي لطيف جي هن بيت جو اجرو ۽ چٽو عڪس رهي: ٿڪيائي ٿر ٿيل چڙهه چڪيائي چوٽئين هلندي هوت پنهونءَ ڏي، ڀو مڙيوئي ڀيل، اٿي رائو ريل، ويٺن تان واري وري. سنڌ ۾ نئين علم جي روشني پکيڙڻ ۽ جديد فڪر ۽ نظرين جا واس وٺرائڻ جي سلسلي ۾ سائين جويي صاحب جي ڀاڱي ڀائيواري بنهه بنيادي قسم جي آهي. هن سدائين، خير، خوشي، خوبي، امن، سلامتي، سک ۽ انصاف لاءِ آواز اٿاريو ۽ بديءَ جون قوتون ۽ شر جي شيطانن خلاف علم بلند ڪيو. هن سدائين استحصال ۽ استبداد جي دادن خلاف ببانگ دهل ڳالهايو ۽ لکيو. هن هميشه اميرن وزيرن، وڏيرن، جاگيردارن جي ڪارستانين ۽ ڪارنامن کي بي نقاب ڪيو ۽ مذهب جي آڙ ۾ ٿيندڙ انسانيت خلاف اڍنگاين ۽ مورک پاين کي للڪاريو. سنڌ، ۽ سنڌي قوم، سنڌي ٻولي، سنڌي تاريخ، سنڌي ثقافت سان جويي صاحب جو سچو عشق هو. هو خوابن جو سودائي نه پر ساڀيائن جو سوداگر هو. هن هيترن ڪتابن ۽ ادارن جا سانگ ان عشق جي روايتن کي ان جي حقيقي جوهر ۾ برقرار ۽ بحال رکڻ لاءِ رچايا. سنڌ سان عشق جو اعلان اقرار ۽ دعويٰ ته گهڻا ئي ڪن ٿا پر ان نينهن جي ناتي سان نڀاءُ ۽ ان جي تقاضائن سان نڀاءُ ڪنهن ڪنهن جي وس آهي. سنڌ سان محبت فقط سڏ جو نالو ناهي، پر “سر کي سٽ” ۾ ڏيڻ جو اهڃاڻ آهي ۽ جويو صاحب اهو مرد قلندر هو جنهن هر دؤر جي چوهين ۽ چٽين ڇولين ۽ سير ۾ گهاگهائي گهڙيو آهي. هن ڪڏهن به محبتن ۽ اصولن تي سوديبازي نه ڪئي. محمد ابراهيم جويو حاجي جمالي پاڪستاني اديب، ترجميڪار، معلم ۽ دانشور، عالم، اديب ۽ ڏاهو محمد ابراهيم جويو ۱۳ آگسٽ ۱۹۱۵ع تي اڳوڻي ضلعي دادوءَ (۽ هاڻي ڄامشوري ضلعي) جي ڳوٺ ’آباد‘ ۾ هڪ هاريءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. ٽن سالن جو هو ته سندس والد محمد خان جويو، پهرين مهاڀاري جنگ بعد پکڙيل وڏيءَ بيماريءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. تعليم محمد ابراهيم جويي جو ننڍپڻ غربت ۾ گذريو، پر همت نه هاريندي، پرائمريءَ جا چار درجا ڳوٺ ۾ پڙهي، ۱۹۲۷ع ۾ اي. وي اسڪول، سَن ۾ داخل ٿيو، جتي سائين جي. ايم. سيد جي مهربانين سان ٽي درجا انگريزي پڙهي، ۱۹۳۰ع ۾ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتائين. جتي چوٿين کان ستين درجي تائين پڙهيو، ان زماني ۾ ستون درجو مئٽرڪ شمار ٿيندو هو، هن ۱۹۳۴ع ۾ مئٽرڪ جي امتحان ۾ سنڌ مدرسة السلام مان ٻِي پوزيشن ماڻي ۽ ۲۰ رپيا ماهوار اسڪالرشپ حاصل ڪيائين. سنڌ مدرسي ۾ ان وقت علامه عمر بن محمد دائود پوٽو پرنسپال هو ۽ جويو صاحب سندس لائق شاگردن ۾ نمايان هو. جويي صاحب ۱۹۳۸ع ۾ ڊي. جي سنڌ ڪاليج مان بي. اي جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ کيس ڪاليج ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ۽ منگهارام ملڪاڻيءَ جهڙن استادن جي صحبت ۽ محبت حاصل رهي. ملازمتي، سياسي ۽ ادبي خدمتون ۱۹۴۰ع ۾ سنڌ مدرسي طرفان بي. ٽي ڪرڻ لاءِ بمبئيءَ جي ايس. ٽي ڪاليج پڙهڻ ويو، جتان موٽندي ئي کيس ۱۹۴۱ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ ’اسسٽنٽ ماسٽر‘ مقرر ڪيو ويو. محمد ابراهيم جويي زندگيءَ جو پهريون سنڌي مضمون “پڃري جا پکي” ۱۴ سالن جي عمر ۾ لکيو، سندس انگريزي ۾ پهريون مضمون Democracy in School Administration سال ۱۹۴۶ع ۾ سنڌ مدرسي جي مئگزين ’ڪرانيڪل‘ ۾ ڇپيو. سائين جي. ايم. سيد سندس پهريون تعليمي مددگار هو. هُو ٻن مفڪرن سائين جي ايم سيد ۽ ايم. اين راءِ کان گهڻو متاثر هو، ۽ پهرين پارٽي جنهن ۾ شموليت ڪيائين، اها هئي ايم. اين. راءِ جي ‘Radical Democratic Party’. هُن ايم. اين راءِ جي ڪتاب ‘Historical Role of Islam’ جو سنڌي ترجمو ’اسلام جو تاريخي ڪارنامو‘ جي عنوان سان ڪيو. علمي زندگيءَ ۾ جويي صاحب سنڌ دوستيءَ جي راھ ۾ سرڪار جا عتاب ۽ ناراضگيون به برداشت ڪيون. ۱۹۴۷ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ پڙهائڻ دؤران هن هڪ ڪتاب ’سنڌ بچايو- کنڊ بچايو‘Save Sindh، Save the Continent from Feudal Lords، Capitalists and their Communalists لکيو، جنهن جي ڏوهه ۾ سنڌ مدرسي بورڊ جي صدر ۽ (تڏهوڪي وزير تعليم) سندس ملازمت ختم ڪرڻ جو حڪمنامو جاري ڪيو هو. جويي صاحب جي اهليت کي مڃيندي، ٺٽي ميونسپالٽيءَ جي چيئرمئِن موليڏني عباسيءَ کيس ميونسپل هاءِ اسڪول ٺٽي جو هيڊ ماستر ٿيڻ جي آڇ ڪئي، جتي ٻن سالن تائين ۲۰۰ رپيا پگهار تي پڙهايائين. بعد ۾ اهو اسڪول به سرڪاري تحويل ۾ ورتو ويو، جتان بدلي ٿي ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار مئن، حيدرآباد ۾ اسسٽنٽ ماسٽر طور فرض نڀايائين. ۱۹۵۱ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چونڊ سان ڪلاس ٻئين گزيٽيڊ آفيسر طور “هاءِ پاور ايگزيڪٽو ڪاميٽي فار سنڌي لٽريچر” جو سيڪريٽري مقرر ٿيو. ۱۹۵۴ع ۾ هاءِ پاور ڪميٽيءَ کي ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي نالي سان نئين سر تشڪيل ڏنو ويو، جتي ۱۹۶۱ع تائين سيڪريٽريءَ طور جانفشانيءَ سان ڪم ڪيائين. ان دوران جويو صاحب (۵۶-۱۹۵۵) ٻه سال بورڊ جي ٽماهي ’مهراڻ‘ جو ايڊيٽر به رهيو، جنهن دوران هُن جديد ادب جي وڏي سرپرستي ڪئي ۽ ’مهراڻ‘ جو اهو دؤر يادگار ليکيو وڃي ٿو. ۱۹۶۳ع کان ۱۹۶۷ع تائين هُو آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي پاڪستان ٽيڪسٽ بڪ بورڊ لاهور، ڪراچي، ڪوئيٽا ۽ حيدرآباد ۾ رهيو، ان عرصي ۾ پنج سال اعزازي طرح سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري پڻ رهيو. جولاءِ ۱۹۶۷ع ۾ جويي صاحب هڪ مضمون لکي ’سليم احمد‘ جي فرضي نالي سان ڇپايو، جنهن جو عنوان هو: ’اولھ پاڪستان ۾ ٻولين جو مسئلو‘. جنهن تان ناراض ٿي سرڪار کيس گورنمينٽ هاءِ اسڪول جيڪب آباد ۾ هيڊ ماستر طور بدلي ڪري ڇڏيو. اها سرڪاري ناراضگي پوءِ به ٿڌي نه ٿي ۽ کيس ۱۹۶۸ع ۾ گورنمينٽ ٽريننگ اسڪول ڪوهاٽ جو پرنسپال ڪري موڪليو ويو، جتي لڳ ڀڳ ٻه سال کن رهيو. نومبر ۱۹۶۹ع ۾ ون يونٽ جي خاتمي جي اعلان بعد هُو سنڌ ۾ رجسٽرار ڊپارٽمينٽل ايگزئمنيشن، ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊيوڪيشن مقرر ٿي حيدرآباد ۾ آيو. پوءِ ۱۹۷۱ع ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جو ميمبر به ٿيو. هن ڪيترائي نصابي ڪتاب به لکيا. ۱۹۷۲ع ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر، بيورو آف ڪريڪيولم ائنڊ ايڪٽينشن سروسز سنڌ، حيدرآباد مقرر ٿيو، جتان آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي ۽ بعد ۾ سيڪريٽري سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ مقرر ٿيو ۽ ۱۲ آگسٽ ۱۹۷۳ع تي رٽائر ڪيائين. ابراهيم جويي جو سنڌي ادبي سنگت سان به ابتدا کان وٺي واسطو رهيو ۽ ۵۶-۱۹۵۴ واري دؤر ۾ سنڌي ادب ۽ ادبي سنگت جي ’نئين جاڳرتا‘ (Renaissance) جو اهم اڳواڻ رهيو. هُو سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد شاخ جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر به رھيو. ۱۹۷۳ع ڌاري هُن ڪجھ سڄاڻ اديبن سان گڏجي “سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت” نالي اداري جو بنياد وڌو، پاڻ ان جو صدر ٿيو ۽ ان ئي پليٽ فارم تان چاليھ کن ڪتاب چپائي پڌرا ڪيائين. ۱۹۷۳ع ۾ “سنڌ فرينڊس سرڪل” قائم ڪري، ان طرفان ۲۰ ڪتاب شايع ڪرايائين. سرونٽس آف سنڌ سوسائٽيءَ جو ۱۹۸۲ع کان وائيس پريزيڊنٽ رهندو اچي. پنهنجي دوست، نامياري ليکڪ سراج الحق ميمڻ جي تحرڪ ۽ سرپرستيءَ ۾ ’سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ‘ جو بنياد رکيائين، پاڻ ان جو وائيس چيئرمين ۽ مئنيجنگ ٽرسٽي آهي. سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ واري عاليشان عمارت سراج صاحب ٽرسٽ کي سونپي علم ۽ قلم دوستيءَ جو ثبوت ڏنو. هن ٽرسٽ جي ذريعي ليڪچرن جو سلسلو هلايو، جن ۾ اهم اديبن ۽ دانشورن ليڪچر ڏنا جن کي ڇپائي پڌرو ڪيائين. جويو صاحب ۱۹۹۷ع کان ۲۰۰۲ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمئن رهيو ۽ ۱۹۹۸ع کان آخري ڏينھن تائين، مختلف مرحلن ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس، مالي ڪاميٽي، پبليڪيشن ڪاميٽيءَ ۽ ادبي تحقيقي ڪاميٽيءَ جي ميمبر طور به ذميواريُون نڀايائين ۽ اٿارٽيءَ جي اسڪيمن ۾ مددگار رهيو. جڏهن ۱۹۹۸ع ۾ شيخ اياز فائونڊيشن جو قيام عمل ۾ آيو ته کيس ان جو چيئرمئن مقرر ڪيو ويو. ان کان علاوه پاڻ شيخ اياز چيئر، شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي صلاحڪار بورڊ جو به ۲۰۰۰ع کان آخري ڏينھن تائين رڪن رھيو. ان کان سواءِ ٿياسافيڪل سوسائٽي، حيدرآباد جو وائيس پريزيڊنٽ پڻ رھيو. جويي صاحب، سنڌ جي شاعر شيخ اياز جي ڪيترن ڪتابن جا مهاڳ لکيا. سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي پاران ڇپجندڙ شيخ اياز جي سموري شاعريءَ ۽ نثر جي ۲۲ جامع جُلدن جي سربراهي پڻ جويي صاحب کي ڏني وئي، جنهن ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري تاج جويو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت نامياري اديب سراج جي لکيل اهم ڪتاب “سنڌي ٻولي” (۱۹۶۴ع) جي مهاڳ لکڻ سان گڏ جويي صاحب سوين نوجوان اديبن ۽ شاعرن جي ڪتابن تي به مهاڳ لکيا ۽ سنڌ ۾ “مهاڳ نويسيءَ” جي فن جو استاد ليکيو ويو. هن دنيا جي ڪلاسيڪي ادب مان خاص ڪري فڪري، نظرياتي ۽ فلسفياڻي نوعيت جا ڪيترا ڪتاب ترجمو ڪري، سنڌي ماڻهن جي فڪري غربت جو خاتمو آڻڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. ڪتاب محمد ابراهيم جويي جي ڇپيل طبعزاد ۽ ترجمو ڪيل ڪتابن مان ڪجھ اهم ڪتابن جو تفصيل هن ريت آهي. اسلام جو تاريخي ڪارنامو: ايم. اين. راءِ جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۴۵ع)، Save Sindh، Save the Continent (۱۹۴۵) ايميلي عرف تعليم: جي. جي روسي جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۶۹ع)، ٻارن جي تعليم: پليو ٽارچ جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۷۲ع)، #وحشي جيوت جا نِشان‘:هاوَرڊ موئر جي ڪتاب ‘Savage Survivals’ جو ترجمو، (۱۹۷۶ع)، سنڌي زبان جي بنيادي لغت: (وڌايل بنيادي لغت ۽ ڪاروباري بنيادي لغت)، (ساٿين سان گڏجي تيار ڪيل: ۱۹۷۶ع)، ’فِڪر جي آزادي‘:اسٽيفن زويگ جي ڪتاب ‘The Right to Heresy’ جو ترجمو، (جون ۱۹۷۷ع)، ’گليلو ‘:برنالٽ بريخت جي ڊرامي ‘Life of Gallileo’ جو ترجمو (۱۹۷۷ع)، ’شاھ - سچل - سامي‘:(۱۶۸۹-۱۸۵۰- هڪ مطالعو) (۱۹۷۸ع)، ’ٻارن جو مسيح‘:اينڊ بلائٽن جي ڪتاب ‘Children’s Life of Christ’ جو ترجمو (۱۹۸۰ع)، ’ماڻهوءَ جو ڀاڳ‘:(ناٽڪ، لوڪ ڪهاڻيون، شاعري وغيره) (۱۹۸۰ع)، ’عورتازاد‘ (عورتن جي تحريڪ آزادي ):ترتيب ۽ ترجمو(۱۹۸۳ع)، ’فلسفي جو ابتدائي ڪورس‘:جارج پوليزر جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۸۴ع)، ’علم تدريس مظلومن لاءِ‘:پائلو فراري جي ڪتاب ‘Pedagogy of the Oppressed’ جو ترجمو ۹۸۴ع)، ’مهڪريءَ جا مضمون‘:(ترتيب، ترجمو ۽ پيش لفظ) (۱۹۸۳ع)، #’اسان جي ٻولي، اسان جي تعليم ‘:(ترتيب)، (۱۹۸۵ع)، ’فرينچ انقلاب‘:ايميل ايرڪمن اليگزانڊر چيتريان جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۹۰ع)، ’مُٺِ مُٺ موتين جي‘:(هفتيوار ’هدايت‘، حيدرآباد ۾ ڇپيل مواد مان چونڊ)، (۱۹۹۲ع)، ’هوءَ جا ٽمڪي باهڙي‘ (پهريون جلد ):مضمون ۽ ترجما (۱۹۹۵ع)، ’ادب - ٻولي - تعليم‘:(هُوءَ جا ٽمڪي باهڙي‘، جلد ٻيو) (۱۹۹۸ع)، خط ٻن اديبن جا‘:(عبدالقادر جوڻيجي ۽ محمد ابراهيم جويي جا خط) (۱۹۹۹ع)، ’ڳالهيون ڪتابن جون‘، ڀاڱو پهريون(۲۰۰۲ع)، ’خط ٻن اُستادن جا‘:(محمد ابراهيم جويو ۽ غلام علي چنا) (۲۰۰۳ع)، ’ڳالهيون ڪتابن جون‘ (ڀاڱو ٻيو) (۲۰۰۳ع)، (۲۵). خط دوستن جا (جلد پهريون: پيار، نبارُ، اٿاھُ (ابن حيات پنهور ۽ محمد ابراهيم جويي جا خط) (۲۰۰۸ع)، Sindh Betrayed: Her Right to Redemption; Essays and Articles، Letters (۱۹۴۲-۲۰۰۳)، (۲۰۰۶). ان کان سواءِ سنڌيءَ ۽ انگريزيءَ ۾ ٻولين جي مسئلي، ون يونٽ جي خاتمي ۽ ڪراچيءَ جي عليحدگيءَ جي مسئلي، استادن، ڪريڪيولم، نصاب، ادب، سياست، شاھ لطيف، سنڌي سماج، چونڊن جي ڌار سرشتي ۽ شخصيتن تي خاڪا ۽ ٻين موضوعن تي سوين مضمون، ڪتابچا ۽ پترا لکيل ۽ ڇپيل اٿس. جن جي ذريعي هن سنڌ جي ٽن پيڙهين جي ذهني تربيت ڪئي. ذاتي زندگي جويي صاحب کي چئن پٽن ۽ ٻن نياڻين جو اولاد ٿيو، جن مان نيلوفر جويو ڪهاڻيڪار هئي. مئي ۲۰۰۹ع ۾ سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي حڪومت سنڌ پاران پهريون ڀيرو محمد ابراهيم جويي جي مڃتا ۾ هڪ تقريب انڊس هوٽل حيدرآباد ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ثقافت ۽ سياحت جي صوبائي وزير، محترمه سسئي پليجو، سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر نثار احمد کهڙي سميت جويي صاحب جي شاگردن، مداحن ۽ اديبن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي جويي صاحب کي سنڌ جي سمورن ادبي، علمي ادارن ۽ يونيورسٽين پاران اوارڊ، شيلڊُون ۽ گلن جا تحفا ڏئي، سندس خدمتن جو اعتراف ڪيو ويو. جڏهن ته سنڌ ميوزيم، حيدرآباد ۾ ’ابراهيم جويو ڪارنر‘ پڻ قائم ڪيو ويو. پنهنجي ۱۰۰ سالگرھ ۱۳ آگسٽ ۲۰۱۵ع تي ملهايائين. وفات محمد ابراهيم جويو ۹ نومبر ۲۰۱۷ع تي ۱۰۲ سال جي عمر ۾ حيدرآباد، پاڪستان ۾ وفات ڪري ويو. کيس سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ علامه آءِ آءِ قاضي جي مزار جي احاطي ۾ دفنايو ويو. جديد سنڌ جي اڏاوت ۽ محمد ابراهيم جويو علي محمد ميمڻ سنڌ جي برک ڏاهي، اديب، ليکڪ ۽ قلمڪار محمد ابراهيم جوئي جي ۱۰۶هين سالگرهه جو اهم ميڙاڪو سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن هيڊ آفيس، ڪراچي جي مظهر ميمڻ ريسورس سينٽر ۾ ڪوٺايو ويو. جنهن ۾ “جديد سنڌ جي اڏاوت ۽ محمد ابراهيم جوئي جي فڪر” جي حوالي سان سنڌ جي وڏين شخصيتن طرفان سنڌ جي تاريخ، ادب، سماج، سياست، تحريڪن ۽ نامور شخصيتن جي ڪردارن تي يادن جو مچ مچايو ويو. هن ميڙاڪي ۾ سائين محمد ابراهيم جوئي، ذوالفقار علي ڀٽو، جي ايم سيد، رسول بخش پليجو، شمشير الحيدري، ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ جي تاريخ ساز جدوجهد ۽ سنڌ جي بيشمار خدمتگارن ۽ خاموش ڪردارن جي ڪمن ۽ ڪارگذارين تي مقررن طرفان تفصيل سان روشني وڌي وئي ۽ تاريخي واقعن جي دلچسپ يادن ۽ يادگيرين سان ماحول مهڪي اٿيو. ميڙاڪي ۾ جوئي صاحب جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪٽيو ويو ۽ سگا طرفان جوئي صاحب جي پاڪستان جي قائم ٿيڻ جي حوالي سان تاريخي دستاويزن ۽ تحريرن تي مشتمل انگريزي ۾ شايع ڪيل ڪتاب “The Betrayal Sindh Bides، The Day for Freedom” جي پڻ مهورت ڪئي وئي. هن ميڙاڪي ۾ اتفاق ڪيو ويو ته، “ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ ايندڙ ۳۰ سالن تائين هر قيمت تي امن ۽ تعليم اوليت رهي ته، سنڌي قوم، ملڪ جي ٻين قومن جي برابر ٿي ويندي ۽ پنهنجو گهربل مقام حاصل ڪري وٺندي”. سگا ڪراچي شاخ طرفان ڪوٺايل هن ميڙاڪي جي صدارت رفيق احمد جعفري چيئرمين سگا ڪئي ۽ شريڪ ٻين اهم شخصيتن ۾ سنڌ جي تحريڪي ڪردارن ۾ مسعود نوراني، اشفاق احمد ميمڻ خاص معاون وزير اعليٰ سنڌ، پروفيسر اعجاز قريشي، ڊاڪٽر عابده گهانگهرو، محمد ابراهيم جوئي جو فرزند محبوب جويو، اشرف کهاوڙ، ڌڻي بخش اوٺو ايڊووڪيٽ، غلام اڪبر ملڪ، مولابخش چنڊ ۽ ٻين پنهنجا ويچار ونڊيا. ميڙاڪي ۾ سنڌ جي جديد تاريخ، تحريڪن، فيصلن، هلچل، علمي ۽ سماجي ڪردارن ۽ محمد ابراهيم جوئي جي زندگي ۽ سندس حياتيءَ جي علمي ڪمن ۽ ڪاوشن سان لاڳاپيل واقعن ۽ ڪتابن جي يادن جا ورق اٿلايا ويا ۽ نئين سنڌ جي تعمير جي موضوع تي کليل نموني پنهنجا خيال پيش ڪيا. سنڌ جي شاگردن جي ۴ مارچ واري تحريڪ جي ڪردار مسعود نوراني جو پنهنجي خطاب ۾ چوڻ هو ته محمد ابراهيم جويو سنڌ جي تمام وڏي شخصيت هو، سندس هم عصرن ۾ حيدر بخش جتوئي، جي ايم سيد، قاضي فيض محمد، اي ڪي بروهي، تنوير عباسي، امداد حسيني ۽ نياز همايوني سميت سموري صديءَ جون اهم علمي، ادبي، فڪري ۽ تحريڪي ۽ سياسي شخصيتون شامل آهن ۽ انهن سان جوئي صاحب جا واسطا ۽ تعلق رهيا. مسعود نوراني چيو ته محمد براهيم جويو پاڻ بنيادي طور تي ترقي پسند هو ۽ هن جي سموري زندگي جو محور سنڌ هئي. جويو صاحب، مهاتما گانڌي کان متاثر هو ۽ هو عدم تشدد جو قائل هو ۽ پنهنجي قوم کي پڻ پنهنجي حقن، ترقي ۽ تعمير لاءِ هر وقت جدوجهد ڪرڻ جي تاڪيد ڪندو رهيو ۽ هو پنهنجي صحت جو خاص خيال رکندو هو. حيدرآباد ۾ پنهنجي گهر کان شهر جي مختلف هندن تي پنڌ هلڻ پسند ڪندو هو. مسعود نوراني ٻڌايو ته هڪ ڀيري هو ساڻس گڏ سينٽرل جيل حيدرآباد واري رستي تي وڃي رهيو هو ته، جويو صاحب رستي تي بيهي رهيو ۽ کوٽائي واري کڏ جي ڪناري تي ويهي ماڪوڙن کي چتائي ڏسڻ لڳو، منهنجي پڇڻ تي سڏي هڪ ماڪوڙو ڏيکاريائين جنهن جي چيلهه پڳل هئي ۽ هو مٿي اچڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيو هو ۽ وري ڪِري ٿي پيو ۽ اٿي وري ريڙهيون پائي هلڻ ٿي لڳو. جوئي صاحب منهنجو ڌيان ڇڪائيندي چيائين ته مسعود ! “اسان جي قوم جي به هن ماڪوڙي وانگر چيلهه پڳل آهي ۽ اسان کي پڻ هن ماڪوڙي وانگر پنهنجي جياپي لاءِ جدوجهد ڪرڻي آهي”. مسعود نوراني وڌيڪ چيو ته، ابراهيم جويو صاحب حالتن مطابق هلندو هو ۽ انتهاپسند نه هو ۽ ڪنهن به معاملي تي کلي سامهون نه ايندو هو. هن وٽ تمام گهڻي برداشت هئي ۽ هو ناممڪن حالتن مان به امڪانن ۽ ممڪن جي ڳولها ڪندو رهندو هو. محمد ابراهيم جوئي جي سالگرهه تقريب جي خاص مهمان اشفاق ميمڻ، اسپيشل اسسٽنٽ وزير اعليٰ سنڌ، پنهنجي خطاب ۾ چيو ته، سائين محمد براهيم جوئي کي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي سان تمام گهڻو چاهه ۽ لاڳاپو هو. هو تعليم جي معاملي ۾ ترقي جي دنيا جي نقطن تي پنهنجي ٻولي جي ترويج ۽ ترقيءَ کي اهم سمجهندو هو. اشفاق ميمڻ ٻڌايو ته، صوبائي حڪومت جي سيڪريٽري تعليم جي حيثيت ۾ هن سنڌ جي ٻهراڙين جي اسڪولن ۾ پنجاب وانگر سنڌ ۾ پڻ پرائمري کان انگريزي تعليم رائج ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ وارن فيصلن ۽ قدمن جي حوالي سان محمد ابراهيم جوئي سان تمام گهڻا بحث ۽ مباحثا ٿيا پر هو پرائمري کان انگريزي بجاءِ مادري ٻولي سنڌي کي پڙهائڻ لازمي قرار ڏيندو رهيو ۽ پرائمري کان ٻارڙن کي انگريزي پڙهائڻ جي حق ۾ نه هو. اهڙيءَ ريت، “عقل تي محبت سرسي ۽ اوليت حاصل ڪري وئي”. اشفاق ميمڻ جو چوڻ هو ته، پنجاب ۳۰ سال اڳ پنهنجي اسڪولن ۾ پرائمري کان ئي انگريزي تعليم رائج ڪئي ۽ هن وقت هو تعليم ۽ جديد دنياوي تعليم ۾ سنڌ کان گهڻو اڳتي آهي. سنڌ ۾ سگا جي خدمتن جي حوالي سان اشفاق ميمڻ جو چوڻ هو ته، سگا سنڌ جو تمام وڏو ادارو آهي، هن جي سماجي اهميت ۽ قدر و مقام کي ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ تمام گهڻو سمجهيو ۽ سنڌ جو تعليم سان بهتر مستقبل جو لاڳاپو ۽ حال کي بهتر بنائڻ لاءِ تعليم ۽ معياري تعليم کي عام ڪرڻ سگا جو مرڪز ۽ ڪم جو محور ۽ بنيادي نقطو بڻايو. سگا لابنگ جي حوالي سان سنڌ ۾ پنهنجيون ڪيتريون ئي مهمون شروع ڪيون ۽ انهن مان سنڌ کي لاڀ مليو آهي. اشفاق ميمڻ ٻڌايو ته، سگا جي تعليم عام ڪرڻ واري لابنگ جو هڪ مثال اهو پڻ آهي ته، وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو سان سگا جي اهم شخصيتن جي وفد خاص گڏجاڻيون ڪيون ۽ ڀٽو صاحب سان بحث مباحثن ذريعي سنڌ ۾ تعلقي سطح تي انٽرميڊيٽ ڪاليج قائم ڪرائڻ جو فيصلو ڪرايو ويو. اهڙيءَ ريت، سگا جا هن وقت پنهنجا به ۲۰ کان وڌيڪ روشن تارا اسڪول ۽ تعليمي ادارا هلي رهيا آهن. اشفاق ميمڻ چيو ته، سگا جون اهڙي قسم جون مهمون سي ايس ايس، بئنڪنگ سيڪٽر ۽ دنيا جي ٻين سمورن تعليمي شعبن ۽ مهارتن ۾ سنڌين کي پنهنجا حق ڏيارڻ ۽ رستا مهيا ڪرائڻ لاءِ هر وقت همٿايو ويندو رهيو آهي. ان سموري سماج سڌارڪ ۽ سماجي ڪمن ۾ سگا جا سمورا ساڃهه وند ۽ رضاڪار پنهنجي مدد پاڻ جي جذبي تحت ڪم ڪندا رهيا آهن. سگا جو اهو فڪر ۽ عمل “هڙان ۽ وڙان ڏئي ڪم ڪرڻ ۽ پاڻ ملهائڻ” واري شعوري جذبو جو عڪاس رهيو آهي. هن سموري تحريڪ جي اڌ صديءَ واري جاکوڙ جي مختلف رخن ۽ ڪردار تي يقينن، تفصيلي نموني تحقيق ڪرڻ ۽ ريڪارڊ تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. پروفيسر اعجاز قريشي چيو ته، سائين ابراهيم جوئي جا مختلف علمي موضوعن، تعليم، ادب، عالمي ادب ۽ دنيا جي شاندار ۽ اهم ڪتابن جا ترجما ٿيل آهن، جيڪي گذريل صدي کان پڙهندڙ جي اڃ اجهائيندا رهيا آهن ۽ اها تخليق ۽ شاهڪار ڪتاب صدين تائين پڙهندڙن جي علم ۾ واڌارو ۽ رهنمائي ڪندا رهندا. تقريب ۾ سنڌ گريجويٽس ائسوسئيشن جي چيئرمين رفيق احمد جعفري پنهنجي صدارتي خطاب ۾ چيو ته، محمد ابراهيم جويو سنڌ آهي ۽ سنڌ محمد ابراهيم جوئي کانسواءِ نامڪمل آهي. سندس صد ساله تقريبات ۽ ڪتابن جي اشاعت لاءِ هلايل مهم ۾ شريڪ ۽ شامل رهي ۽ هڪ وزني ڪتاب سگا کي شايع ڪرڻ جو اعزاز حاصل ٿيو، جنهن جي ڪجهه سال اڳ مهورت ته ڪئي وئي هئي پر ڪراچي ۾ سگا جي مرڪز ۾ سائين جوئي صاحب جي ۱۰۶هين سالگرهه واري ميڙاڪي ۾ ان ڪتاب جي مهورت ڪري پنهنجو اهو فرض ۽ قرض پڻ ادا ڪيو ويو آهي. هن چيو ته، جوئي صاحب جي سالگرهه جي حوالي سان ۱۳ آگسٽ يا ۲۲ آگسٽ وارو تڪرار ڪا وڏي ڳالهه نه آهي، سال جا سمورا ڏينهن محمد ابراهيم جوئي جا ئي ڏينهن آهن. (ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۵ آگسٽ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل) سائين ابراهيم جويو جي ياد ۾ ادل سولنگي نئين سنڌ اڏڻ جي لاءِ علمي ۽ عملي جدوجهد ڪندڙ، سنڌ جو ڏاهو محمد ابراهيم جويو، زندگيءَ جا سمورا پل پهر سنڌ جي فڪري اڏات واري ڪرت ۾ ڪتب آڻيندي ۹ نومبر ۲۰۱۷ع تي سنڌ واسين جي اکين ۾ وڇوڙي جا وڍ ڏئي سنڌ امڙ جي هنجهه ۾ سدائين لاءِ وڃي آرامي ٿيو. محمد ابراهيم جويو لڪي تيرٿ ڀرسان هڪ ننڍڙي ڳوٺ آباد ۾ هاري گهراڻي ۾ پيدا ٿيو هو. اڳتي هلي محمد ابراهيم جويو سائين جي ايم سيد جو سندس فڪري جدوجد ۾ ساٿاري ۽ ٻانهن ٻيلي بڻيو ۽ وڏي حد تائين سنڌ جي روشن خيالي واري تحريڪ جو روح روان به بڻجي ويو، محمد ابراهيم جويو، سنڌ ڌرتيءَ جي سڀاڳ جي علامت ۽ اهڃاڻ رهيو، جنهن سموري زندگي علم ۽ شعور، ڏات ۽ ڏاهپ، فن ۽ فڪر، حب الوطني ۽ روشن خيالي،سهپ ۽ رواداري، سياسي ۽ سماجي سجاڳي لاءِ پاڻ پتوڙيو، زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين سائين محمد ابراهيم جويي علم ۽ شعور جون مشعلون ٻاري سنڌ کي شعور جي روشني ڏيندو رهيو، جنهن جي علمي، ادبي جاکوڙي جدوجهد ۽ هڪ مڪمل صديءَ جي تاريخ جو مشاهدو آهي ته هن سنڌ جي علمي، ادبي سنوار ۾ پنهنجون سموريون صلاحيتون ڪتب آڻيندي لازوال مثال قائم ڪيو. سائين محمد ابراهيم جويي پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات سنڌ مدرسي کان ڪئي ۽ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ سنڌ سان مستقبل ۾ ٿيندڙ سازشن ۽ ويساهه گهاتين جو ادراڪ رکندي ”سيو سنڌ، سيو سب ڪانٽيننٽ /سنڌ بچايو، کنڊ بچايو“ جهڙو لازوال ڪتاب تخليق ڪيو. جنهن جي پاداش ۾ ان وقت جي تعليم جي وزير” پير الاهي بخش کيس نوڪريءَ تان لاهي ڇڏيو، ياد رهي ته پير الاهي بخش سنڌ مان سنڌي ٻوليءَ کي نيڪالي ڏيڻ ۾ ڌارين جو ساٿ ڏيندي سڀ کان پهرين ڪراچي شهر مان ۱۳ سئو سنڌي اسڪول بند ڪرايا هئا. سائين محمد ابراهيم جويو، اينٽي ون يونٽ فرنٽ ۽ بزم صوفياءِ سنڌ جي جدوجهد ۾ سنڌ ۽ سيد سان گڏ ايوبي شاهيءَ سان مهاڏو اٽڪائي پاڻ ملهايو، جنهن جي ڏوهه ۾ کيس ڪوهاٽ بدلي ڪيو ويو هو، سائين محمد ابراهيم جويو سنڌي ادبي سنگت کي سنڌ جي ترقي پسند ۾روشن خيال تنظيم طور نه رڳو قبوليو پر ان مقصد جي حاصلات لاءِ مسلسل سنڌي ادبي سنگت سان سلهاڙيل رهندي ان جي زيادتين جي رهنمائي ڪندو رهيو. جويو صاحب ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سان گڏ سنڌ هاري ڪميٽي جي مقصدن سان سهمت ٿيندي ان جدوجهد ۾ شامل رهيو، پنهنجي شاگرد رسول بخش پليجي جي عوامي تحريڪ کي به پنهنجي اخلاقي، علمي، ادبي ۽ سياسي حمايت سان اڳتي وڌايو. هو مارڪسوادي هجڻ باوجود هتان جي اشتراڪين سان قومي سوال تي سدائين ٽڪراءَ واري پوزيشن ۾ رهيو. سائين محمد ابراهيم جويو آزاد سنڌ ۽ سيڪيولر سماج جو حامي ۽ گهرجائو هئو، جنهن لاءِ سندس ڪوششون جاري رهيون. سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري، چيئرمين رهندڙ سائين محمد ابراهيم جويي ”مهراڻ“ کي جيڪو مٿاهون مقام ڏياريو ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي نيڪ ناميءَ لاءِ جيڪو پاڻ پتوڙيو اهو به تاريخ جو اهم حصو ۽ سندس علمي ادبي ڪاميابين ۽ ڪامرانين جو هڪ اعليٰ مثال رهيو آهي، سنڌ جي نصاب کي سيڪيولر، روشن خيال ۽ انسان دوست بڻائڻ لاءِ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين جي حيثيت سان ڪيل سندس پورهيو سدائين ياد رکيو ويندو. سائين محمد ابراهيم جويو سرونٽس آف سنڌ، سوسائٽي ۽ سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت جي بينر هيٺ ڪيترا ئي ڪرائتا ڪتاب ڇپرائي سنڌ جي علم ۽ ادب جي خدمت ڪئي.. سائين جويي صاحب شاهه سچل سامي، سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعرن جي ٽه مورتي بابت ڪتاب لکڻ سميت عالمي ادب جي شاهڪار ڪتابن جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري سنڌي ادب کي مالا مال ڪيو. سندس ترجمو ڪيل ڪتابن سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ ادبي دنيا ۾ هڪ نئين روشني ۽ شعوري انقلابي هلچل پيدا ڪئي. سياسي ادارن ۾ سائين محمد ابراهيم جويي جي ترجمو ڪيل ڪتابن کي اسٽڊي سرڪل ۾ باقائدگي سان پڙهايو ويندو هيو. سائين جي ايم سيد نئين سنڌ جو خواب ڏٺو، ان خواب جي ساڀيان لاءِ محمد ابراهيم جويي زندگيءَ جي هر گهڙي جدوجهد ۾ گذاري ڪندي.هن نئين سنڌ ۾ علمي سجاڳي پيدا ڪري روشن خيال ذهن پيا ڪيا، جنهن پنهنجي قلم ذريعي روسو ۽ والٽيئرجيان ڪردار ادا ڪيو. وطن دوستي، سماجي انصاف، جمهوري سماج جي اڏاوت لاءِ علمي ادبي ميدان ۾ ڪيل سندس جدوجهد سماج جي اڏاوت لاءِ علمي ادبي ميدان ۾ ڪيل خدمتون ڪڏهن به وساري نٿيون سگهجن. سائين محمد ابراهيم جويو سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيڻ واري عملي جدوجهد ۾ سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻي ڪئي ۽ سنڌ دشمنن، رٿائن ۽ سازشن خلاف سخت مزاحمت ڪئي. سائين محمد ابراهيم جويي سنڌ ۾ مادري ٻوليءَ ۾ تعليم ڏيارڻ جي حق کي مڃرائڻ لاءِ مثالي جدوجهد ڪئي. جرمن ڏاهي ارنيسٽ ٽرمپ شاهه لطيف جي دنيا ۾ هڪ وڏي شاعر طور سڃاڻپ ڪرائي ۽ شاهه سائين جي شاعريءَ تي تحقيق ڪري دنيا جو وڏو شاعر قبول ڪرايو، اهڙي طرح سائين محمد ابراهيم جويي سنڌ جي ويهين صديءَ جي وڏي شاعرشيخ اياز جي سڃاڻپ ڪرائي، هن شيخ اياز کي سنڌي شاعريءَ جي اوچي پد تي ويهارڻ لاءِ پنهنجون علمي، ادبي، صلاحيتون ڪتب آڻيندي شيخ اياز کي سنڌ جي ٻولي جي نج پڻي ۽ ڪارائتي نموني ٻوليءَ جو استعمال ڪرڻ سان شيخ اياز کي صدين جو سرجڻهار بڻائي ڇڏيو. سائين جي ايم سيد، حشو ڪيولراماڻي، عمر بن محمد دائود پوٽو، علامه آءِ آءِ قاضي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، قاضي فيض محمد، شيخ عبدالمجيد سنڌي، ڪامريڊ حيدربخش جتوئي، پير حسام الدين راشدي، رسول بخش پليجو، رشيد ڀٽي، سرالج الحق ميمڻ، شمشير الحيدري، حميد سنڌي، غلام محمد گدائي، غلام مصطفيٰ شاهه، عبدالڪريم گدائي، سرويچ سجاولي، محمد خان مجيدي، منشي ابراهيم، استاد بخاري، تنوير عباسي، ڄام ساقي، عبدالواحد آريسر وانگر سنڌ جي علمي، ادبي، سياسي ۽ قومي ورثي جي وارثي ڪندڙ ۽ ان شعوري روايت کي حب الوطنيءَ سان سلهاڙي نئين نسل ڏانهن پنهنجي قومي ورثي کي منتقل ڪرڻ واري عملي جدوجهد جو مهندار ۽ نئين نسل جو سونهون رهندڙ هڪ باڪردار عالم، اڪابر، اديب، دانشور، تعليمي ماهر جو رتبو ماڻيندڙ سائين محمد ابراهيم جويو جنهن پنهنجي سڄي ڄمار، علم جي روشني ڦهلائڻ واري صالح عمل کي ورجائيندي گذاري، جنهن پنهنجي نيڻن ۾ اڻيل پنهنجي خوبصورت خوابن واري سنڌ جي نئين سر اڏاوت ڪندي زندگيءَ جا سمورا پل پهر ارپي ڇڏيا، جنهن سنڌ ۾ علم ۽ ادب جا واهڙ نه پر ڪيئي درياهه وهائي سنڌ جي ذهنن کي زرخيرز بڻائي ڇڏيو. (ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۹ نومبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل) سائين محمد ابراهيم جويو سنڌ جو عظيم ڏاهو علمي ادبي شخصيت نور سنڌي سائين محمد ابراهيم جويو سنڌ جو عظيم ڏاهو، علمي ادبي، شخصيت، دانشور ھو سندس علمي ادبي دنيا ۾ ڪيل خدمتون اڻ وسرندڙ آهن. پاڻ سنڌ جو قومي سرمايو آهي، سندس شخصيت اسان سنڌ واسين لاءِ هڪ يونيورسٽيءَ جي حيثيت رکي ٿي. پاڻ تعليمي ماهر، شفيق استاد، اديب، دانشور، ترجما نگار رھيو. پاڻ سنڌي ٻوليءَ لاءِ پتوڙيو، خاص ڪري جڏهن پاڪستان ٺهڻ بعد سنڌي ٻوليءَ کي ڪاپاري ڌڪ لڳو ته پاڻ ان خلاف سراپا احتجاج بنجي ويو. سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان احتجاجي مهم جي اڳواڻي ڪئي ۽ ان خلاف اخبارن ۾ مضمون لکيا، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌي ٻوليءَ کي صوبي سنڌ جي سرڪاري ٻولي قرار ڏنو ويو. ۱۹۴۶ع ۾ پاڻ انگريزيءَ ۾ ڪتاب ”سيو سنڌ سيو دي ڪانٽيننٽ“ سنڌ بچايو کنڊ کي بچايو لکي ڀنڀور کي باهه ڏيڻ وارو مثال قائم ڪيو. ان ڪتاب جو ٽائيٽل ڏاڍو خوبصورت ۽ معنيٰ خيز هو. ٽائيٽل تي سنڌ جو نقشو هو، حقيقت تي مبني مواد واري اهڙي ڪتاب تي وقت جا حڪمران مٿس ناراض ٿيا جويو صاحب ان وقت سنڌ مدرسي ڪراچيءَ ۾ استاد هو ۽ کيس ان ڪتاب لکڻ جي ڏوهه ۾ سنڌ مدرسي جي ان وقت جي صدر پير الاهي بخش ملازمت تان هٽائي ڇڏيو. ون يونٽ خلاف سندس وڏي جدو جهد رهي ۽ ان ڏوهه ۾ کيس ۲ سالن لاءِ صوبي بدر ڪيو ويو. پاڻ لاتعداد مختلف ٻولين جي ڪتابن کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. جيڪو سندس وڏو ڪارنامو آهي. پاڻ سنڌي ادبي سنگت جي بانيڪارن مان هڪ ھو، پاڻ ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت جون سرگرميون جاري رکيون. ان کان اڳ پاڻ مشهور اديب ڊاڪٽر گر بخشاڻي جي سرپرستي هيٺ هلندڙ سنڌي ادبي سرڪل ۾ سرگرم رهيو. ۱۹۵۳ع ۾ چونڊيل اسيمبلي ۾ جيڪي سنڌي ٻولي لاءِ انگريزي ۾ پيش ڪيل ٺهراءَ جي نظرثاني ڪندڙن ۾ سائين جي ايم سيد، علي محمد راشدي، عبدالستار پيرزادو، محمد ابراهيم جويو هو. نوان ليکڪ پيدا ڪرڻ ۽ اڀرندڙ ليکڪن جي همٿ افزائي ۽ کين اڳتي آڻڻ ۾ سندس شاندار ڪردار رهيو سنڌ ڌرتي ۽ سنڌ واسين سان ٿيندڙ ويساهه گهاتين، سنڌ جي حقن، سنڌ جي ٻولي ثقافت جي حفاظت لاءِ هر دور ۾ محمد ابراهيم جويو جو هڪ ليکڪ هڪ دانشور هڪ ڏاهي جي حيثيت سان شاندار ڪردار رهيو، ان حوالي سان پاڻ لاتعداد مضمون لکيا کيس سنڌي ٻوليءَ جي ترقي، سڌاري جو فڪر رهيو، ان حوالي سان مختلف اخبارن، رسالن ۾ سندس مضمون شايع ٿيندا رهيا آهن. پاڻ جڏهن پاڪستان ٽيڪسٽ بورڊ سنڌ لاءِ انچارج مقرر ڪيو ويو، ساڳئي وقت پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جو اعزازي سيڪريٽري طور ادب لاءِ پاڻ پتوڙيو ساڳئي وقت پاڻ سليم احمد جي فرضي نالي سان انگريزي ۾ هڪ وال بروشر ”لينگويج پرابلم ان ويسٽ پاڪستان“ لکيو جنهن ۾ جويو صاحب پاڪستان جي قومي زبانن جي اهميت ۽ تاريخ بابت ملڪ اندر ٻولي جي مسئلي کي بهترين حل ڏنو. جڏهن اهو راز راز نه رهيو ۽ ڳالهه کلي ته اهو پمفليٽ محمد ابراهيم جويو جو لکيو ته وقت جي حڪمرانن کيس بدلي ڪري سزا طور جيڪب آباد هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر مقرر ڪيو. ته جيئن هو گهر کان پري رهي ڀلي پريشان ٿئي پر پاڻ اتي رهي به پنهنجو قومي ادبي ڪم جاري رکيو. شيخ اياز جي معرفت ترقي پسند ادبين، دانشورن لاءِ پاڪستان ادبي انجمن نالي تنظيم جو قيام آندو. ان جو پڌرنامو اردو، انگريزي، بنگالي، پشتو، سنڌي ۾ ڇپايو ويو. جنهن وڏي هلچل مچائي ڇڏي، ۽ اها ڳالهه راز نه رهي ۽ حڪمرانن مٿس وڌيڪ نارض ٿي سزا طور کيس پشاور موڪليو ۽ آرڊر ۾ لکيو ويو ته کيس جتي ماڻهن سان سندس رابطو گهٽ رهي اتي رکيو وڃي ۽ کيس ڪوهاٽ ٽريننگ ڪاليج ۾ پرنسيپل طور مقرر ڪيو ويو. محمد ابراهيم جويو سن ويجهو ڳوٺ آباد ۾ ۱۹۱۵ع ۾ ڄائو، ننڍڙي ڄمار ۾ پهرين سندس والد پوءِ امڙ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا. سندس پالنا سار سنڀال سندس ڏاڏي ڪئي. ۴ درجا پنهنجي ڳوٺ ۾ ۵ درجو ڳوٺ تيرٿ لکي ۾ فائينل، اي وي هاءِ اسڪول سن ۾ڪئي. جتي سندسن ملاقات سائين جي ايم سيد سان ٿي ۽ هنن جي دوستي ٿي وئي. ميٽرڪ ۱۹۳۰ع ۾ سنڌ مدرسو ڪراچي مان پاس ڪيائين جتي سندس استادن ۽ ان دور جون مشهور علمي ادبي شخصيتون، ڊاڪٽر گر بخشاڻي، پروفيسر منگهارام، پروفيسر ٽي ايم آڏواڻي، ڊاڪٽر ڊيو آرٿ، ڪاڪا ڀيرو مل، مهر چند ۽ ٻيا هئا. اتان بي اي پاس ڪري ۱۹۳۸ع ۾ انهيءَ اداري ۾ استاد طور مقرر ٿيو. سندس سيو سنڌ سيو دي ڪانٽيننٽ لکڻ جي ڏوهه ۾ نوڪري ختم ٿيڻ بعد ڪجهه سال بيروزگار رهيو ۽ ۱۹۴۹ع ۾ کيس ميونسپل هاءِ اسڪول ٺٽو ۾ هيڊ ماستر طور مقرر ڪيو ويو، جتي شاگردن ۾ غير نصابي سرگرميون شروع ڪيون ٺٽو ۽ جيڪب آباد جي ان وقت جي اسڪولن جي استادن ۽ شاگردن جو چوڻ آهي ته پاڻ شفيق استاد هو. والدين جهڙو پيار ڏيندو هو، ڪڏهن به شاگردن کي مار نه ڏني، بي عزتو نه ڪيو. هر ڳالهه پيار سان سمجهائيندو هو. شاگردن کي اولاد وانگر سمجهندو هو، سندس پڙهائڻ جو طريقو اهڙو ته پر اثر هو جو شاگرد چاهيندا هئا ته سندس پيرڊ ختم ئي نه ٿئي. انهن اسڪولن ۾ شاگردن جا ڊراما، ڊبيٽ پروگرام به ڪرايا. ۽ شام جو اسڪول جي گرائونڊ تي شاگردن سان گڏ راند روند به رهندو هو. ۱۹۵۴ع ۾ هاءِ پاور ايگزيڪيوٽو ڪميٽي فار سنڌي لٽريچر ۾ نالو ڏنو ويو ان جو ۱۰ سال سيڪريٽري مقرر رهيو. ان دوران به پاڻ سنڌي ادب جي بي مثال خدمت ڪئي. ۳ ماهي مهراڻ رسالي جو ايڊيٽر به رهيو. ۱۹۶۱ع ۾ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊيوڪيشن حيدرآباد ۾ پبليڪيشن آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي مقرر ڪيو ويو. ان بعد ساڳئي بورڊ جو حيدرآباد، ڪراچي، ڪوئيٽا ريجن جو انچارج رهيو. ۱۹۶۸ع گورنمنٽ ٽريننگ ڪاليج ڪوهاٽ جو پرنسيپل، ۱۹۷۰ع ۾ حيدرآباد ڊويزن تعليم کاتي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر رهيو. ساڳئي سال کيس سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. ۱۹۷۱ع ۾ تعليم کاتو خيرپور ڊويزن ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر رهيو. پاڻ ۱۹۷۳ع ۾ بيورو آف ڪريڪرلم اينڊ ايڪٽينشن سروس سنڌ ۾ ڊائريڪٽر ٿيو ۽ انهيءَ سال ان عهدي تان ريٽارئرڊ ٿيو. سندس اهم ادبي ۽ نصابي ڪتاب ۾ روسو جي ايملي جو ترجمو، بليو ٽارچ مضمون ٻارن جي تعليم جو ترجمو، سنڌي پهريون ڪتاب سنڌي بالغن جي تعليم جا ۳ ڪتاب، سنڌي ريڊر درجو چوٿون، سنڌي سپليمينٽري، درجو ڇهون، سنڌي اختياري درجو ڇهون، پاڪستان جي تاريخ لازمي درجو نائون ۽ ڏهون، دنيا جي تاريخ جو ترجمو، درجو نائون ۽ ڏهون، ٽيچرس گائيڊ ٽوٽيچنگ آف سائنس درجو ٻيون ۽ ٽيون، ٽيچرس گائيڊ ٽوٽيچنگ آف سائنس درجو چوٿون ۽ پنجون، فلسفي جو بنيادي ڪورس، ترجمو گئليلو، ترجمو، ٻارن جو مسيح، ترجمو فڪر جي آزادي، ترجمو شاهه سچل سامي، هوءَ جا ٽمڪي باهڙي، وحشي جيوت جا نشان ترجمو، محڪري جا مضمون ترجمو، ڳالهيون، ڪتابن جون، ٻولي ادب تعليم، اسلام جو تاريخ نامون ترجمو، اسان جي ٻولي اسان جي تعليم، ماڻهو جو ڀاڳ، خط ٻن استادن جا، مٺ مٺ موتين جي، عورت زاد، علم تدريس مظلومن لاءِ ترجمو”فرينچ انقلاب“ ترجمو، سيو سنڌ، سيو دي ڪانٽيننٽ، دي نيشن ان چينس ترجمو، پاڻ شاعري تي به عبور رکي ٿو. سنڌي شاعري جو بهترين پارکو آهي. پاڻ شيخ اياز جي ڪيترن ئي شاعري جي مجموعن جا خوبصورت مهاڳ لکيا. هر اديب، هر شاعر چاهي ٿو ته سندس ڪتاب جا مهاڳ سائين محمد ابراهيم جويو صاحب لکي. پاڻ سچو قومپرست ھو. مهان شاعر شيخ اياز پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ لکي ٿو ته محمد ابراهيم جويو سنڌي شاعري جو وڏو پارکو آهي، هو لکي ٿو ته سوڀو گيانچنداڻي، حشو ڪيولراماڻي ۽ محمد ابراهيم جويو اهي ۳ شخصيتون آهن جن منهنجي ننڍڙي عمر ۾ تربيت ڪئي آهي. جي مان انهن سان نه ملان هان ته مان، مان نه هجان هان، انهن سان منهنجي عقيدت ۽ محبت ائين رهي آهي جيئن رومي جي شمس تبريز سان رهي آهي. مشهور شاعر ليکڪ تاج جويو، محمد ابراهيم جويو بابت لکيل هڪ مضمون ۾ لکي ٿو ته محمد ابراهيم جويو ۽ شيخ اياز جي دوستي ۽ رفاقت فڪري رهي آهي، ان دوستيءَ جو محور ۽ محرڪ فقط سنڌ رهي آهي. ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکي ٿو ته، سنڌ جا ناميارا اديب حفيظ شيخ، سراج ميمڻ، رشيد آخوند، خواجه سليم، اياز قادري ۽ ٻيا ڪيترائي محمد ابراهيم جويو جي ميزباني ۾ سنڌ ادبي سنگت جون ڪراچي ۾ ٿيندڙ گڏجاڻين ۾ نپجي وڏا عالم ۽ اديب ٿي نڪتا آهن. پاڻ ڪيترن ئي اديبن جي ڪچين ڦڪين لکڻين کي درست ڪري سنواري مهراڻ رسالي ۾ شايع ڪيو. شيخ اياز کي همٿائڻ ۽ مٿي آڻڻ ۾ پڻ سندس جاکوڙ ۽ ڪردار آهي. محمد ابراهيم جويو صاحب مارڪسٽ آهي، پاڻ سياسي ڄاڻ رکندڙ شريف انسان تقرير، ۽ گفتگو جو جادو ئي انداز هر ڳالهه دليلن سان مڃائيندڙ پاڻ وڏا سهپ وارا گهڻ سهو. پاڻ ڪچهريون جو ڪوڏيو ھو هر ساڃاهه وند ماڻهو جي خواهش رهي ٿي ته هو جويو صاحب سان ملي ۽ ڪچهري ٻڌي. سندس لفظ موتين جي مالها وانگر آهن پاڻ سچ چوندڙ صاف دل ۽ هر ننڍي وڏي جي عزت ڪندڙ رهيو، سنڌ جو ھيءُ عظيم شخص ۹نومبر ۲۰۱۷ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. اڄ سندس ۵ ورسي ملھائي پئي وڃي. (ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۹ نومبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
سائين جي ايم سيد استاد لغاري سنڌ ۾ جيڪي ماڻهو آزاديءَ جا علمبردار ۽ نظرين جا باني ٿي گذريا آهن، سائين جي ايم سيد جو نالو به انهن ۾ هڪ آهي. سندس پورو نالو سيد غلام مرتضيٰ شاھ ولد سيد محمد شاھ هيو. پاڻ ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع تي، سنڌ جي مشهور شهر سن ۾ پيدا ٿيو ۽ سندس وصال ۲۵ اپريل ۱۹۹۵ع تي، ۹۱ سالن جي ڄمار ۾، ڪراچيءَ جي جناح اسپتال ۾ ٿيو. ان وقت پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت هئي ۽ سائين جي ايم سيد هٿڪڙين جي حالت ۾ هو. شيخ اياز پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ لکيو آهي، ته “مون پنهنجين ڪراين ڏانهن ڏسي سوچيو، ته ڪڙيون ۽ قاتل اڃان ڪيستائين دور رهندا؟ مون زبان کي ڏند سان ڪٽي چيو، نه ڄاڻان تون ڪڏهن سمورو سچ چوندينءَ؟ نه ڄاڻا توکي ڪڏهن ڪپي ڦٽيءَ ڪندا؟”. ذوالفقار علي ڀٽي صاحب کي، وقت جي بي رحم حڪمرانن تخته دار تي چاڙهي ڇڏيو ۽ سائين جي ايم سيد کي، وقت جي جابر حڪمرانن ايستائين هٿڪڙين ۾ رکيو، جيستائين سندس روح جو پکيئڙو پرواز نه ڪري ويو. مان ذوالفقار علي ڀٽي صاحب ۽ سائين جي ايم سيد جِي مظلوميت جي مماثلت ڪرڻ نه ٿو چاهيان، پر فقط ايترو چوڻ چاهيان ٿو، ته ۱۹۷۱ع کان وٺي ۱۹۷۷ع تائين، حڪمران پارٽي، سنڌ جي قومي شعور ۽ حزبِ اختلاف سان، ڊي پي آر جي نالي تي، جيڪي ڀال ڀلايا، اهي تاريخ ڪڏهن به وساري نه سگھندي. ليڪن ذوالفقار علي ڀٽي صاحب سان، پڇاڙيءَ ۾ جيڪو ناحق ظلم ڪيو ويو، ان سندس سمورا اوگڻ اُجاري اڇا ڪري ڇڏيا. “مڙيئي معاف ڪياس، خالق بدلي خون جي”. سائين جي ايم سيد ۽ ذوالفقار علي ڀٽي صاحب ۾، جيڪا هڪجهڙائي آهي، اها هي آهي، ته اهي ٻيئي سنڌي ليڊر، جنوريءَ جي مهيني ۾ ڄاوا ۽ ٻيئي اپريل جي مهيني ۾ اَمر ٿي ويا. سائين جي ايم سيد سان، منهنجي پهرين ملاقات، ۲۳ مارچ ۱۹۸۸ع تي، سن ۾ ٿي هئي. ان وقت محمد خان جوڻيجو ملڪ جو وزير اعظم هيو. آئون، عاجز منگي، حضور بخش لغاري، اسلم لغاري، عباس جلباڻي ۽ امير حمزو، محراب پور واري ڪچي جي ٻيلي کان ٿيندا، ٻيڙيءَ جي ذريعي سنڌو درياھ اُڪري، وڃي سن پهتا هئاسين. سائين جي ايم سيد جو نظريو، دنيا جي ڪنهن به آزاد قوم جي نظريي کان مختلف ناهي. فرق فقط ايترو آهي، جو سائين جي ايم سيد عدم تشدد جو حامي آهي ۽ ٻيا دنيا جا ڪيترائي نظريا، سلامتيءَ جو چولو پائي، تشدد جا حامي هوندا آهن. ڪتاب “پتڻ ٿو پور ڪري” ۾ هڪ هنڌ لکيل آهي، ته “اي آزادي! تو ڏانهن ڪوئي شاهي رستو نه ٿو وڃي، فقط سوڙها پيچرا وڃن ٿا ۽ منهنجي ڏيھ جا سڀيئي ماڻهو، شاهيءَ رستن تي وڃي رهيا آهن ۽ مان سوڙهي پيچري ۾، مُنجھي موٽي رهيو آهيان. ڇو ته مون کي ڪوئي سُونهون به نه آهي ۽ ساٿي به نه آهي. اي آزادي! مان پوءِ به شاهيءَ رستي کان گھٻرايان ٿو، ڇو ته اهو تو ڏانهن نه ٿو وڃي”. انهيءَ آزاديءَ جي سوڙهي پيچري، شهيد سورهيه بادشاھ کان وٺي، هيمون ڪالاڻيءَ تائين ۽ ٽيپو سلطان کان وٺي، ھوشو شيديءَ تائين، ڪيترن ئي ڪُونڌرن جون قربانيون وٺي ڇڏيون آهن. پر مون کي اڃان تائين سمجھ ۾ نه ٿو اچي، ته شاهيءَ رستي تي هلندي به، ماڻهو تخته دار تي ڇو چڙهي ويا؟ ۽ گولين جو بَک ڇو بڻايا ويا؟ اي شيخ اياز! تنهنجو بيان ڪيل فقرو، اڌواڌ سچ آهي ۽ اڌواڌ سچ نه آهي. “سچ به مايا آهي”، وشنو نادر مُنيءَ کي چيو. انهيءَ سچ لاءِ، ماڻهو هڪٻئي کي رتوڇاڻ ڪندا آيا آهن. انهيءَ سچ، اتهاس جي پهراڻ تي رت جا ڪروڙين چُٽا ڇڏيا آهن. جُڳن کان پنهنجو ۽ پرايو لهوءَ وهايو آهي. ڪالهوڪو سچ اڄوڪو ڪوڙ آهي ۽ اڄوڪو سچ سُڀاڻي جو سچ نه آهي. نادر! سچ پُڇين ته نه رڳو ڪوڙ، پر سچ به مايا آهي”. انگريزن جي دور ۾، هندوستان جي آزاديءَ واري تحريڪ کي، ڪوڙ سمجھي ڪُچليو ويندو هو. ليڪن انگريزن جي دور وارو ڪوڙ، اڄ جو سچ آهي. اهڙيءَ ريت، اڄ جي ڪوڙ کي، اڃان سُڀاڻي جو سچ ثابت ٿيڻو آهي. اسان هن وقت، هڪ اهڙي آزاديءَ جا مزا ماڻي رهيا آهيون، جنهن ۾ ڦُرڻ واري کي ڦُرڻ جي ۽ ڦُرجڻ واري کي ڦُرجڻ جي، هر طرح سان ۽ مڪمل آزاديءَ حاصل آهي. شيخ اياز لکيو هو : “ هتي گدڙ آزاد آهن، مکيون آزاد آهن، مڇر آزاد آهن، هتان جا دانشور آزاد آهن. شاعر ٽي ويءَ تي نعتيه مشاعره ڪن ٿا. هتي جا هاري آزاد آهن، جي چاهين ته پنهنجي مٿي مان، جُوئُون ڀلي نه کڻي ڪڍن”. منهنجي سامهون سائين جي ايم سيد جا ڪيترائي ڪتاب موجود آهن، جن مان ڪجھ جا نالا هيٺ ڏجن ٿا: پيغامِ لطيف، پاڪستان ۾ قوميتن جو مسئلو، نئين سنڌ لاءِ جدوجهد، سنڌ جي بمبئي کان آزادي، جنب گذاريم جن سين، جيئن ڏٺو آهي مون، جديد سياست جي نوَ رتن، ساهڙ جا سينگار، واڄٽ ويراڳين جا، اڄ پڻ چڪيم چاڪ، خطباتِ سيد، جديد عالمي سياست، سنڌ جي ڪهاڻي سيد جي زباني، ديارِ دل داستانِ محبت، سنڌو جي ساڃاھ ۽ سنڌ ڳالهائي ٿي وغيره شامل آهن. سائين جي ايم سيد جو چوڻ هيو، ته منهنجي نظريي جي حق ۾، مون تي ڪيس هلايو وڃي. هُو ان جي لاءِ ڪيترائي ڀيرا ڪورٽن ۾ به ويو، پر هن جو نظريو ۽ ڪيس نه ٻُڌو ويو. ڏکڻ آفريڪا جي آزاديءَ جي علمبردار ۽ هيرو، محترم نيلسن منڊيلا ۽ سائين جي ايم سيد، اهڙا عالمي ليڊر ٿي گذريا آهن، جيڪي ٽيھ ٽيھ سال نظربنديءَ واري حالت ۾ رهيا. ليڪن نظريو ڪٿي به ختم نه ٿو ٿئي، نظريو ڪڏهن به ڪو نه ٿو مري، ها البت ان ۾ دير ضرور ٿي سگھي ٿي. سائين جي ايم سيد جي نظريي کي اڳتي وٺي ويندڙ، محترم عبدالواحد آريسر صاحب کان پوءِ، ڪي ڪي ماڻهو، هن وقت پنهنجن سڄڻن ۽ ساٿين جي پُٺن ۾ ڇُرا گھونپي رهيا آهن، ته انهن جو فقط افسوس ئي ڪري سگھجي ٿو. نه ته شيخ اياز چيو هو: “اڄ هڪ هزارين ٿي ويو آ، ڪنهن وقت ڪروڙين دانهيندا ۽ سارو سچ چئي ڏيندا، اهڙو ساهس ساهيندا، اي آزادي! اي آزادي!”. ان کان اڳ جو آئون لفظن جي پوري کاڻ کوٽيان، پنهنجي قلم کي هتي ئي ٺپيان ٿو ۽ آخري الفاظ اُچاريان ٿو: “هي اهو ديس آهي، جنهن ۾ مکيون، ڪوريئڙن جي وڏي ڄمار لاءِ دعائون گھرنديون آهن. جتي رڍون، پنهنجي خدمت خاطر بگھڙن جي چونڊ ڪنديون آهن ۽ جتي آزاد پکيئڙا، فضائن ۾ اڏرڻ بجاءِ، پڃري ۾ رهڻ وڌيڪ پسند ڪندا آهن ۽ پوءِ مطالبن جي مڃتا لاءِ، سڄي عمر احتجاج ڪندا رهندا آهن”. “ڪَھِ نه سَڪي تُو اَپنِي ڪھانِي، تيرِي ڀِي پَنڇِي! ڪِيا زندگانِي ري!؟ جِس ني تيرِي ڪَٿا لکِي، آنسُو ۾ قلم ڊُبوئي...تيرا درد نه جاني ڪوئي، پِنجري ڪي پَنڇِي ري! تيرا درد نه جاني ڪوئي...!!!”. ٿينڪس ڊيلي سوڀ خميس ۱۷ جنوري ۲۰۱۹ ع جي ايم سيد منصورن کان مٿي جنھن جي رام ڪھاڻي آ عامر خان مھيسر ويچاريون ته سنسار جي سيني مٿان بيشمار انسان آيا ۽ پنھنجو وارو وڄائي ھليا ويا اڄ تائين اھو سلسلو جاري آھي. ڪي اچڻ جي تياري ڪري رھيا آھن ۽ ڪي وڃڻ جي ويجھو آھن، ڪن مختصر جيون گھاريو ۽ ڪن ڊگھي ڄمار ماڻي، ڪن پاڻ کان پري ڏٺو ئي ڪين ۽ ڪن رڳو پري ڏٺو ۽ پاڻ ڏانھن ڏٺو ئي ڪين، ڪن ذاتي مفادن کي عزيز سمجھيو ۽ ڪن اجتمائي مفادن لاء پاڻ پتوڙيندي پنھنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي. انھن سڀني انسانن کي ياد ڪرڻ ته ممڪن ڪين آھي پر ياد ھميشه اھڙن انسانن کي رکيو ويندو آھي جن جي سوچ ۽ عمل اجتمائي ۽ مسبت ھوندو آھي سونھاري سنڌ ته اھڙن امر انسانن کي جنم ڏنو آھي جن پنھنجي پنھنجي شعبن ۾ رھندي گھڻن پنھنجي ڪرت سان نڀايو آھي پوء ڀلين کڻي اھي عالم، اديب ھجن يا شاعر مانجھي مرد ھجن يا جوڌا جوان ھجن يا سونھاري سنڌ مٿان پنھنجي جند گھوريندڙ عاشق ھجن. اھڙن ئي عاشقن ۾ مٿانھون نالو سائين جي ايم سيد جو آھي. جنھن ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع ۾ شھر سن ۾ سيد محمد شاھ جي گھر ۾ جنم ورتو ۽ سندس ڇٺيءَ جو نالو غلام مرتضيٰ شاھ رکيو ويو. ننڍي ھوندي ئي حسين ۽ ذھين ٻين ٻارڙن کان مختلف سندس لاڙو علم ڏانھن ڏسندي سندن والد کين ۱ جولاء ۱۹۱۰ ۾ پنھنجي ئي شھر سن جي سنڌي پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو جتي رڳو ڇھن درجن تائين پڙھايو ويندو ھو سائين جي ايم سيد محنت سان شفيق استادن جي نگرانيء ۾ ڇھ درجا پاس ڪرڻ کان پوء ۱۹۱۵ ۾ عربي، فارسي محترم قاضي محمد ھاشم ميمڻ کان ۽ انگريزي ماستر حامد علي ھالائي کان پرائي پاڻ ۱۶ سالن جي ننڍڙي ڄمار ۾ سياست ۾ پير پاتائون. ۱۹۲۵ع ۾ سائين جي ايم سيد لوڪل بورڊ تعلقي مانجھند جو صدر ۽ لوڪل بورڊ ڪراچي جو نائب صدر چونڊجڻ کان پوء پاڻ جيڪي سماجي ڪم ڪرايائون سي سڀ قابل تعريف ۽ سنڌ واسين جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اھم ڪردار آدا ڪن ٿا ساڳئي وقت سائين جي ايم سيد جو سنڌ سونھاري سان عشق جو اظھار به ڪن ٿا. پاڻ سنڌ ھاري ڪاميٽي قائم ڪئي جيئن سنڌ جو غريب ھاري پنھنجي پيرن تي بيھندي پنھنجي ڪٽنب کي خوشحال بڻائي سگھي. سندس ٻيو اھم ڪم اھو ھو ته ان دور ۾ ڪراچي ۾ ڪيترن ئي خاندانن جي گذر سفر واري ڪرت ماھي گيري مڇي مارڻ واري ھئي جنھن ڪري پاڻ ڪراچي ۾ مالدار ميربحر ايسوسيئيشن جو بنياد وڌو جيئن ماھي گيرن کي مانائتي زندگي گذارڻ جا موقعا ميسر ٿي سگھن سندن ٽيون اھم ڪم ڳوٺاڻي عورتن جي ڀلائي لاء ھڪ جمائت ٺاھي جنھن جي سپرد ڪيل مقصدن ۾ عورتاڻي تعليم ھٿ جو پورھيو ويم جون سھولتون ۽ ٻارڙن پالنا بھتر نموني ڪرڻ شامل ھئا. ۱۹۲۸ع ۾ سنڌ جي آزادي جي تحريڪ ھئي ته کيس بمبئي کان جدا ڪيو وڃي. تحريڪ سنڌ جي حوالي سان ھجي ۽ عاشق اڳتي نه اچي ائين ٿي نه ٿو سگھي ان ئي تحريڪ ۾ سائين جي ايم سيد تحريري تقريري مطلب ته ھر موڙ ھر موقعي تي ڀرپور ڪردار ادا ڪيو جيڪو وساري نه ٿو سگھجي ۽ اھڙي جدوجھد جي ڪري اپريل ۱۹۳۶ع ۾ سنڌ کي بمبئي کان آزاد ڪيو ويو. ۽ مٿان وري ۱۹۳۷ع ۾ سنڌ اتحاد پارٽي جي پليٽ فارم تان چونڊون وڙھيون ۽ بعد ۱۹۳۸ع ۾ مسلم ليگ ۾ شامل ٿيا ۽ ۳ مارچ ۱۹۴۳ع تي سنڌ اسيمبلي ۾ ”پاڪستان“ جي قيام واري تاريخي قرارداد پيش ڪري پاس ڪرائي جنھن ۾ سنڌ کي ھڪ خودمختيار رياست طور رکڻ جي رٿ ڏنل ھئي جنھن کي پائي تڪميل پھچائڻ لاء سائين جي ايم سيد ھر ممڪن ۽ ھر موقعي مھل تي ڪوشش جاري رکي. ايتري ۾ پاڪستان وجود ۾ اچي ويو. پاڪستان ٺھڻ کان پوء سنڌ جي عاشقي عيوض ھن ھر ظلم ۽ ڏاڍ جي ڀرپور مذمت ڪئي. پوء ڀلي ڪراچي کي مرڪز حوالي ڪرڻ ھجي يا ون يونٽ جون ڳالھيون يا وري ايوب خان جي مارشلا، مذمت دوران تڪليفين پريشانين کي به مسڪرائيندي مُنھ ڏنو پر سنڌ جي عاشقي تان ھٿ نه کنيو. مذمت دوران آيل تڪليفون ته سيد جي عزم کي وڌيڪ پختو ڪنديون رھيون جنھن جي نتيجي ۾ ۳،۴ مارچ ۱۹۷۲ع تي سنڌو ديش جي جدوجھد شروع ڪئي وئي جنھن جو بنياد سيڪيولر، ڊيموڪريٽڪ، سوشلسٽ ۽ نيشنلسٽ جھڙن اھم نقعتن تي رکيو ويو. ۱۹۹۲ع تي نشترپارڪ ڪراچي ۾ جلسو منعقد ڪرايو ويو جنھن ۾ سيد جي ۸۹ ھين سالگرھ ملھائي وئي. جنھن سيد تاريخي سپاس نامو پيش ڪندي نيو ورلڊ آرڊر جي روشني ۾ سنڌ جي آزادي جو ڪيس وضاحت سان پيش ڪيو جنھن جي نتيجي ۾ سيد کي وقفي وقفي سان جيل ۽ نظربنديء جون سزائون به ڏنيون ويون عدم تشدد جي قائل سنڌ جي ھن عاشق ۳۲ سال ۱۰ مھينا ۲۱ ڏينھن تڪليفون برداشت ڪندي آخري گھڙي تائين امن، اتحاد، ڀائيچاري، عزت، احترام، ترقي، خوشحالي جھڙا سبق ڏيندي سنڌ سان لاتل ننڍپڻ واري نيھن کي نڀائيندي پنھنجي اصولن ۽ نظريي جي پختدگيء سان پابندواري ڪندي ۲۵ اپريل ۱۹۹۵ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي ۽ کين پنھنجي جنم ڀومي سن ۾ رکيو ويو جنھن لاء ڪنھن شاعر چيو آھي ته ”ھن شھر جي گھٽين ۾ ڪا ئي انوکي خوشبوءِ ڦھليل آھي پورھئي واري پگھر جي سنڌ سان عشق جي جذبي جي سنڌ جي آزادي واري جاکوڙ جي ۽ ان قبر جي مٽيء جي جنھن ۾ آزادي جو آسودو خواب ستل آھي ۽ اھو شھر ”سن“ آھي جي ايم سيد سَنِهِيءَ سُئِيءَ سِبِيو، مُون مارُوءَ سين ساهُه‘ ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جي ايم سيد (غلام مرتضيٰ شاهه) ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع تي ضلعي دادوءَ جي ننڍڙي ڳوٺ سَن ۾ جنم ورتو. سيد صاحب جي والد محمد شاهه کي جڏهن سائين سال جو هو ته خانداني دشمنيءَ سبب شهيد ڪيو ويو ۽ يارهن مهينن بعد سندس وڏو ڀاءُ سيد احمد شاهه پڻ وفات ڪري ويو ۽ ايئن هو گهر جو اڪيلو نرينو اولاد هيو. سندس ابتدائي تعليم سن ۾ رهي. هن جي استادن ۾ ڌرمداس، ماستر ريوا چند ۽ ماستر وسڻمل هئا. قرآن پاڪ مولوي محمد صالح سيال ۽ آخوند محبوب ميمڻ وٽ، انگريزي تعليم گهر ۾ استاد حامد علي هالائيءَ کان ورتائين. ۱۶ سالن جي عمر ۾ هن سياست جي ميدان ۾ پير پاتو. لاڙڪاڻي واري خلافت ڪانفرنس جي ميڙ ۾ ۱۹۲۰ع ۾ شريڪ ٿيو. ان کانپوءِ مٽياريءَ جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪيائين. ۱۹۲۵ع ۾ تعلقي لوڪل بورڊ مانجهند جو ميمبر ۽ پوءِ اڳيان هلي پريزيڊنٽ چونڊيو ويو. شاهه صاحب ۱۹۳۰ع ۾ ”هاري ڪاميٽي“ ميرپورخاص ۾ قائم ڪرڻ ۾ پنهنجي دوستن سان گڏ هو. هن سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاد ڪرڻ جي لاءِ تحريڪ جو پورو ساٿ ڏنو. ۱۹۳۷ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊاڻو. قائداعظم کين مسلم ليگ کي منظم ڪرڻ جو ڪم سونپيو، جنهن ۾ وڏي محنت ڪري ميمبرشپ ۾ گهڻو واڌارو آندائون. پر ۱۹۴۶ع ۾ کين مسلم ليگ طرفان ٽڪيٽ نه ڏني وئي، ان کان پوءِ پاڪستان ٺهڻ بعد ون يونٽ لڳڻ، ۱۹۵۸ع جي ايوبي مارشل لا ۽ ٻين ڪيترن واقعن بعد دلبرداشته ٿي کين سنڌ جي حقن لاءِ الڳ جماعت ٺاهڻي پيئي. ۱۸ جُون ۱۹۷۲ع تي هن حيدر منزل تي ”جيئي سنڌ محاذ“ نالي نئين پارٽيءَ جو بنياد وڌو. سائين جي ايم سيد سنڌ جي انهن معتبر ماڻهن ۾ شمار ٿئي ٿو، جن حقيقي معنيٰ ۾ سنڌ لاءِ ڪجهه ڪيو ۽ نئين سنڌ کي قومي سڃاڻپ سان اڏڻ جي خواب کي ساڀيان ڏيڻ لاءِ انيڪ ڪوششون عمل ۾ آنديون. هو سنڌ جو معمار هو، جنهن سنڌ يونيورسٽي قائم ڪرائي، سنڌي ادبي بورڊ ٺهرايو ۽ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز قائم ڪيو. سندس ڪتاب ”پيغام لطيف“، سنڌي قوم لاءِ، سنڌ کي قومي تشخص ڏيڻ لاءِ هڪ بنيادي ڪوشش آهي، جنهن ۾ هن لطيفي فن ۽ فروغ لاءِ پڻ جيڪي ڇهه نقطا ڏسيا آهن، سي قوم جي مفڪر طرفان سنڌ جي عملي، ادبي، سياسي ۽ سماجي تاريخ ۾ اهميت جوڳا ثابت ٿيندا. سيد صاحب پوريءَ دنيا ۾ ڪيترائي ملڪ گهميا، جيئن فرانس، ترڪي، چين، جرمني، برطانيه، روس، اسڪاٽ لينڊ، سئزرلينڊ ۽ ڪيترن ملڪن جي عالمن اديبن ۽ سياستدانن سان سندن گڏجاڻيون ٿيون. اهڙيءَ ريت سنڌ جي هن قومي اڳواڻ جو ذهن روشن خيال ۽ ترقيءَ ڏي وڌندڙ هو، کيس دنياوي سياست، تاريخ، تمدن ۽ تهذيبن جي مڪمل ڄاڻ هئي. سندس مطالعو وسيع هيو. هن اصولن کي هميشه اهميت ڏني ۽ ڪڏهن نه جهڪيو. جمال ابڙو لکي ٿو ته، ”سائين جي ايم سيد جهڙو پختو سياستدان مون نه ڏٺو، ڀلي زمين آسمان هيٺ مٿي ٿي وڃي، سائين جي ايم ذور به نه هٽندو هو. سڄيءَ سنڌ ۾ نعرو ٿي گونجيو ’سنڌ جو سائين، جيئي سدائين‘.“ سائين جي ايم سيد کي سنڌ جي حقن جو هميشه اونو هوندو هو. پاڻ سياسي پليٽ فارم تان پاڪستان جي حمايت جي تحريڪ هلايائين پر حڪومت مان پٺڀرائيءَ جي بجاءِ کين جيلن ۾ نظربند ڪيو ويو. مختلف دورن ۾ کين تقريباً ۳۰ سال گهر ۾ يا جيل ۾ نظربنديءَ جي حالت ۾ رکيو ويو. انهيءَ سبب ڪري ئي ۱۹۷۲ع ۾ هن آزاديءَ جو نعرو هڻي سنڌ جي حقن لاءِ الڳ پليٽ فارم قائم ڪيو. هڪ تاريخ ساز شخصيت ۽ سياسي رهنما هئڻ سان گڏ سائين جي ايم سيد سنڌي ادب جي حوالي سان هڪ وڏي وٿ قرار ڏنو ويو آهي. هو هڪ عالم، اديب ۽ محقق هو. هن پنجاهه کن ڪتاب لکيا ۽ سندس سوانح ۽ شخصي خوبين تي ڪئين ڪتاب لکجي چڪا آهن. سيد صاحب جي ڪتابن ۾ ”نئين سنڌ لاءِ جدوجهد“، ”پيغام لطيف“، ”جيئن ڏنو آهه مون“، ”جديد سياست جا نورتن“، ”سنڌ جا سورما“، ”موجوده سياسي مسئلا“، ”جنب گذاريم جن سين“، (ٻه ڀاڱا) ”رهاڻ“، (ميران محمد شاهه جا خط) ”شاهه لطيف جون ڪافيون“، ”ساهڙ جا سينگار“، ”علامه آءِ آءِ قاضي جا خط“، ”ديارِ دل ۽ داستان محبت“، ”پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني“، ”چونڊ ادبي مضمون“، ”اڄ پڻ چڪيم چاڪ“، ”واڄٽ ويراڳين جا“، ”سنڌوءَ جي ساڃاهه“ (ٻه جلد) ۽ ٻيا ڪتاب آهن. سائين جي ايم سيد جا لکيل ڪتاب سندن تحريرون، تقريرون، مضمون ۽ مقالا، سنڌي قوم لاءِ، ٻولي ۽ ادب لاءِ هڪ اثاثو آهن. سائين جي ايم سيد سنڌي قوم کي پنهنجي تحريرن معرفت وطن دوستيءَ جو، سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ جو، صداقت ۽ محبت جو سبق ڏنو. سندن حوصلا بلند ڪيا، کين اٿاهه مايوسين ۽ نااميدين جي ڪُنن مان ڪڍيو. اديبن ۽ ادبي سنگت کي ڪم ڪرڻ لاءِ شوق پيدا ڪيو. ماڻهن ۾ اتحاد، ٻڌي ۽ محبت جي جذبي جا سبق ڏنا ته کين غفلت ۽ گمراهيءَ مان ڪڍڻ جا جتن ڪيا. هو شاهه جو وڏو شيدائي هيو، شاهه جي شاعريءَ معرفت هُن سندس پيغام کي ماڻهن تائين منفرد نموني پهچايو آهي، جنهن ۾ هن سنڌ واسين کي پنهنجي هر شيءِ تي فخر ڪرڻ جي تلقين ڪئي ۽ ساراهيو آهي، کيس معلوم هيو ته جيستائين قوم ۾ خودشناسي ۽ خودداري پيدا نه ٿيندي، تيستائين پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي طاقت پيدا نه ٿيندي. لطيف سائين بابت سندس خيال آهي ته، ”منهنجو اهو پڪو ويساهه آهي ته شاهه عبداللطيف سنڌ جو قومي شاعر آهي شاهه جي ڪلام مان جا نمايان ڳالهه ڏسڻ ۾ ايندي سا سنڌ ڌرتيءَ جي اڪير ۽ محبت آهي، سنڌين جي خانه جنگي، آرام طلبي کيس ڏک ٿي ڏئي ۽ هو کين وڳر ڪري محبت ميٺ سان رهڻ لاءِ وطنيت جا سبق ٿو ڏئي غافل غفلت ڇوڙ جون تنبيهون ٿو ڪري.“ پاڻ شاهه جي ڪلام مان منتخب واين ۽ ڪافين جو مجموعو پڻ ترتيب ڏنائون. اهڙيءَ ريت سندن ادبي ۽ علمي ڪوششون اعليٰ پايي جون آهن. سندن هر تحرير، هر ڪتاب مقصدي ادب آهي. چاهي ”جيئن ڏٺو آهي مون“ هجي يا ”نئين سنڌ لاءِ جدوجهد“، ”سنڌ ڳالهائي ٿي“ هجي يا ”سنڌوءَ جي ساڃاهه.“ هن هر هنڌ پنهنجائپ جو ثبوت ڏنو آهي. سيد صاحب جو حياتيءَ ۾ انيڪ سياستدانن، عالمن، اڪابرن، مفڪرن، اديبن، شاعرن، آفيسرن، وزيرن، اميرن، ملڪ جي سربراهن ۽ ٻين شخصيتن سان واسطو رهيو ۽ انهن مان ڪيترن سان اڪثر خط و ڪتابت پڻ رهي. جنهن مان سندن حياتيءَ جي مختلف رخن تي روشني پوي ٿي. ساڻس سنڌ جون وڏيون شخصيتون واسطي ۾ هيون، جيئن سر شاهنواز ڀٽو، خانبهادر ايوب کهڙو، پير حسام الدين راشدي، ميران محمد شاهه، محمد صديق ميمڻ، ميان امين کوسو ۽ ٻيا ڪيترا اهم ماڻهو هئا. ميان امين کوسي ۽ ميران محمد شاهه سان خط و ڪتابت تي مشتمل ڪتاب رهاڻ ڇپيل آهي. سيد صاحب جي حياتيءَ ۾ خط و ڪتابت جي تحرير کي خاص اهميت هئي. پاڻ پنهنجي نياڻيءَ ڊاڪٽر درِ شهوار کي سندس لنڊن ۽ ڪراچيءَ جي تعليم واري دور ۾ گهڻا خط لکيائون، جن مان ڪجهه خطن جو ڪتاب ”ڏونگر سي ڏورينديون“ جي عنوان سان ڇپيل آهي. ان کان سواءِ سندن ڪتاب، ”جديد سياست جا نورتن“، ۾ جي ايم سيد ۽ پير علي محمد راشديءَ جا خط آهن. هن ڪتاب ۾ راشدي صاحب کين هن ريت مخاطب ڪيو آهي؛ ”منهنجا پيارا سيد، زندگيءَ جو لطف ئي وڃي هليو، جڏهن ان کي ماڻهن جي ٺاهيل قانونن جي تابع بنائجي ٿو. ان کي آزاد ڪرڻ سان ئي جاودان بنائڻو آهي. دستورن جي طابع ڪڏهن به زندگيءَ ۾ موج نه آندي آهي. اهو انقلاب ئي آهي جو ان ۾ دائمي تازگي کي پيدا ڪري ٿو، پاڻ کي انقلاب جي ڪُن ۾ اڇلي ڇڏ، زندگي چرپر جو ٻيو نالو آهي.“ سيد صاحب خود پنهنجي حياتيءَ بابت لکي ٿو؛ ”مون کي جي ڪابه ڳالهه آٿٿ ڏيندڙ رهي هُئي ته اُها هيءَ هُئي ته منهنجي ساري ڪارڪردگي، هر موقعي تي، خود مطلبيءَ، چاهه طلبيءَ، بزدليءَ ۽ خريد ٿي وڃڻ جي آلائشن کان ڪجهه مڙيو ئي پري هئي. سائين جي ايم سيد سالگرهه جي مناسبت سان - ڌرتيءَ سان ڌرتيءَ جيڏو وشال عشق ڪندڙ همير چانڊيو ڌرتيءَ جي صدين جي تاريخ ۾ رڳو وحشتون ئي وحشتون آهن، حمله آورن جي گھوڙن جون هڻڪارون ۽ ڌرتيءَ ڌڻين جون هڪلون ۽ دانهون، تاريخ جي خوني ڳلين ۾ چٽيءَ طرح نقش ٿيل آهن، سنڌ ڌرتي، جيڪا آڪاش جيڏي وشال تاريخ رکي ٿي، جنهن جي پيٽ ۾ انساني عظمتن جي اعليٰ تهذيب دفن ٿيل آهي، جيڪا جُڙيل ته مٽيءَ جي آهي، پر ان تي جڙاءُ فن جي مثالي جوهريءَ جهڙو آهي، هيل تائين ڌرتيءَ جي گود مان جيڪا تهذيب هٿ آئي آهي، ان فن جي ماهرن کي ته موهيو آهي ئي! پر ڏسندڙن کي به ڏندين آڱريون ڏياري ڇڏيون آهن. موهن دڙي جي لکت ته اڃا تائين پوري ڪوبه ناهي پڙهي سگھيو، پر سنڌ جي واهن ۽ وستين ۾ وکريل تاريخ جي پروڙ به اڃا تائين درست نموني نه پئجي سگھي آهي. اسان ايستائين ڌرتيءَ تي گھمندڙ ڦرندڙ بس انسان هئاسين، جن جي قوميت جي مُنڍ جي تاريخ جا ڦرها ڦاٽل هئا، ڪٿي ڪاڇو ته ڪاڏي ڪارونجهر، بس هئاسين واءُ ۾ خوشبوءِ وانگر وکريل وکريل...! ان وکريل واءُ جي خوشبوءِ کي کٿوريءَ مشڪ مثل ماڻهو (سائين جي ايم سيد) جوڙي گھڙي، اهڙي سنڌيت جي شاهاڪار تصوير ٺاهي، جنهن تخليق جا ٿڪ ئي لاهي ڇڏيا. اها سنڌيت جي تصوير تاريخ جي فريم ۾ اهڙي ته مانائتي نموني سان فٽ ٿي، جو زندگي هزارين پردن باوجود چٽي پٽي ڏسڻ ۾ آئي. سنڌيت جي ايڏي اعليٰ صورت تي هُو فطرت وانگر پاڻ ئي موهت ٿي پيو ۽ اُن سان عشق ڪري ويٺو. هن وحدت الوجودي ۽ ديش ڀڳت انسان ڌرتيءَ کي دائمي سمجهي اُن جو عشق جاڳائڻ لاءِ ڌرتي ڌڻين کي وطن دوستيءَ جا گيت ٻڌائڻ شروع ڪيا.هن ڌرتي ڌڻين کي ٻڌايو ته اوهان رت پُونءِ جا پتلا ناهيو، نه ئي ڪي ڌرتي ڌڪاريل نسل آهيو، جن تاريخ جي ٽٽل تختي تي وڏين مسافتن کان پوءِ ڌرتيءَ جي گولي تي رهڻ لاءِ زمين جو ڪو ٽڪرو هٿ ڪيو آهي، هيءَ ڌرتي اوهان جي وجود جي خالق آهي ۽ اوهان هن جا مالڪ آهيو. ڪوبه فاشي نسل يا آمر توهان تي پنهنجي گھوڙن جي گجگوڙن سان هٿيارن جي زور تي قابض ٿي توهان جي سڃاڻپ کي ميساري نه ٿو سگهي. هي ڌرتيءَ جو عاشق پنهنجي ماروئڙن جي محبت ۾ ڪاپڙي جوڳيءَ وانگر پوري سنڌ نگر ۾ نڪري پيو، ڪارونجهر جي چوٽيءَ تي چڙهي، روپلي جي ڌرتيءَ سان عشق جا قصا بيان ڪندي ، ان جي ونيءَ جا روپلي ڏي موڪليل سنيها، سنڌ جي ماڻهن کي ٻڌايا ته متان ماتِ کائي موٽئين ۽ منهجون سهيليون ويڻ ڏين ته روپلو ڌرتيءَ جي ويرين سان نه وڙهي سگھيو، آئون توکي ڏينهنِ قيام به بخش نه ڪيان. ان وقت شاهه لطيف جي بيت جو حوالو ڏيندي سنڌ جي ونيءَ جو ڳاٽ ڪارونجهر جي چوٽيءَ سان ٿي لڳو ”مَرُ مَرين آءُ روئان، موٽي آءُ مَ ڪانڌ“ ڌرتي ڌڻين کي تاريخي ڪردارن ۽ پنهنجي قومي هيرن جا اهڙا قصا ٻڌائيندي هُو الستي انسان سنڌ جي تخت گاهه اروڙ اچي ٿو ته اُتي ڏاهر جي تخت گاهه کي چُمي ڏيندي آب ديده ٿي وڃي ٿو ۽ ان گھڙيءَ سمنڊ جهڙي گهري سوچ ۾ پئجي وڃي ٿو ۽ پنهنجا هٿ ڀڪوڙي تقدير جي ڪتبي کي غور سان پڙهندي انڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻي ٿو، اُتي هن کان بي ساخته لفظ نڪري وڃن ٿا ته هل! عقيدن جا لباس اوڙهي ڪيئن جابر شرافت ۽ امن کي پيرن ۾ ڇيريون پارائي ناچڻيءَ وانگر نچائن ٿا، هُو اياز جي هن شعر جون سِٽون جھونگاريندي ڇرڪ ڀري ٿو: آڌيءَ رات اروڙ، سوچيو ٿڌو ساهه ڀري، موڳا هاڻي موڙِ، پنهنجي واڳ وجود جي. اروڙ جي تخت گاهه تي هي هڪڙو حوصلو کڻي نڪري ٿو ته هاڻي هن وکريل قوم کي جيئڻ جو حوصلو ڏبو ۽ هن کي وري اهو ئي خود مختيار ۽ آزاد قوم وارو وڃايل تشخص واپس ڏياربو، هن ڌرتيءَ جي وڏي واڪي وارثيءَ جو هوڪو ڏئي، ڌرتيءَ دشمن قوتن کي بي چين ڪري وڌو. ڌرتيءَ سان محبت جي ڳالهه، انهن ذهنن کي ڪيئن وڻندي؟ جن جو ڪم مخصوص عقيدي سبب قومن جي وجود کان ئي انڪار آهي، پوءِ هڪ طرف هن عظيم انسان کي سوگهو ڪرڻ لاءِ قيد جي شڪل ۾ ڏانوڻ تيار ڪيا ويا ۽ ٻئي طرف مخصوص ۽ محدود سوچ جي مالڪن باغي ۽ ڪفر جون فتوائون به پنهنجي جڳاڙي مُلائيت جي معرفت ڏياريون، پر سيد سموريون تهمتون سِر تي رکي هماليا جيڏو حوصلو کڻي سنڌوءَ جي پوتر جل جيان پنهنجي ڪردار ۾ پاڪائي رکندي اڳتي وڌندو رهيو. قومن جي پيدائشي حقن جون مخالف قوتون لرزي ويون، انهن قومي تحريڪن جي اندر ۽ نام نهاد جمهوريت پسندن کي خريد ڪري سياست کي وئيشا جو پيشو بڻائي ڇڏيو، پوءِ نام نهاد جمهوريت پسندن ۽ قومي تحريڪ جي اندر گھريل ڪجهه جعلي قومپرستن ملي ڪري سازشون شروع ڪري ڏنيون، پر سيد جي باڪردار هجڻ ۽ لازوال خوبين سبب، انهن قوتن کي پنهنجون شرارتون ڪامياب ٿيندي نظر نه آيون، ڇوته سيد سياست جي انهن اعليٰ آدرشن جو سنڌ اندر تخليقڪار هو، جنهن سان نسلن جي آبياري ٿيندي آهي. سيد انساني وجودن کي ڌرتيءَ سواءِ بي معنيٰ سمجهيو ۽ وجودن کي ڪارائتو قرار ڏيڻ لاءِ انهن کي ڌرتيءَ جي تحريڪ سان ڳنڍي ماڻهن کي تاريخ ۾ زندهه رهڻ جو هنر سيکاريو، ان سان گڏ اهو به آرٽ سيکاريو ته تحريڪن اندر ٿيندڙ سازشن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ ڪردار جي پاڪائي ۽ استقامت جو هجڻ انتهائي لازمي آهي. هن پنهنجي اڪثر ڪتابن ۾ قومي تحريڪ جي ڪارڪن ۽ سنڌي قوم کي سياست ۾ باڪردار هجڻ تي زور ڏنو آهي، ڇوته هُو تاريخ جو گهرو ادراڪ رکندي ڪردار جي اهميت کي سمجهي پيو، سماج ۽ قومي تحريڪ لاءِ اهوئي ماڻهو ڪارآمد آهي، جيڪو زندگيءَ کي وطن لاءِ وقف ڪري ۽ قومي غيرت تي موت وانگر اڻٽر رهي غلاميءَ کان نفرت ڪندو رهي. سيد جو فڪر مُندائتي مينهن جيان ڌرتيءَ تي وڏ ڦڙي جيان وسندو رهيو، جنهن سان پوري ڌرتيءَ جو ادب ڌوپجي اجرو ٿي پيو. ادب جي افساني، شعر ۽ نثر ۾ ڌرتيءَ جي کيتن جي خوشبوءِ، سنڌوءَ جل ۽ موهن جي تهذيب جا شهپارا سرجڻ لڳا، سنڌي ادب کي تخليق جو اهڙو جهان مليو، جنهن ۾ فن جا واهڙ وهڻ لڳا، امر گيتن جي گونجار، ڌرتيءَ ۾ هڪ ولولو ۽ جنبش پيدا ڪئي، اهڙين لکڻين سان ڪيئي بت ڪده لرزي ويا ۽ سنڌي ادب بين القوامي معيار جي معراج تي رسيو. ادب جي اهڙي اوج کي سن جي سيد جي فڪر سبب بي پناهه طاقت ملي. سنڌ جي وستي وستي، واهڻ واهڻ ۾ هڪڙي ئي جهونگار هئي ته ڌرتي دين ڌرم ۽ ازلي سُونهن آهي، هر سٽ ۽ بند ۾ سنڌ جي سرزمين جي عشق ۾ قلم رقص ڪرڻ لڳو ۽ انهن جي اکر اکر ۾ پنهنجي مٽيءَ سان پيار جي خوشبوءِ ۽ ڌرتي دشمنن لاءِ ڌڪار هيو. اهڙي عظيم وطن پرستي تبديليءَ جو بنيادي محرڪ سن جو سيد هو، جنهن جي فڪر جي ڇاپ سنڌي ادب ۽ فن ۾ جان وجھي ڇڏي، ڌرتيءَ جي سرموڙ شاعر شيخ اياز سڌي ۽ تمثيلي شاعري ڪندي چيو ته: قدم قدم تي هجومِ رندان، نظر نظر ۾ شراب خانا. ڪري ويو ڪير بارشِ مئي، خُمار آلود ٿيا زمانا. سن جي سيد جي فڪر جي اها تيز بارش هئي، جنهن وستي وستي ۾ پنهنجي فڪر جا پياڪ پيدا ڪيا، هر طرف هجوم ئي هجوم هيا، وطن دوستيءَ جي ريشم ڌاڳي ۾ پوئجڻ لڳا، اهو سيد جو ئي فڪر هو، جنهن زمانن تي کيپ چاڙهي ڇڏيا ۽ ايندڙ زمانا هن جي فڪر جي گھاٽي ڇانوري ۾، نٽهڻ اُس ۾ جلندڙ جسم پنهنجي وجودن کي سڙڻ کان بچائي سگھندا. سيد جي فڪر جي مئڪدي مان جنهن به سُرڪي ڀري، اهو انساني آزاديءَ جو متوالو بڻجي ويو ۽ ڌرتيءَ کي ڌرمن کان مقدس ڀانئين ان جي خوشحالي ۽ آجپي لاءِ پنهنجو جيون ارپي ڇڏيو ۽ انهن پنهنجون پوريون حياتيون، ان هرڻ جي مثل گذاريون، جنهن کي پنهنجي ناف جي خوشبوءِ هميشه سرگردان رکيو. سن جي مئڪدي جا پياڪ ڌرتيءَ جي عشق ۾ وڏي عرصي کان بدترين عتاب جو شڪار آهن، ڪيئي گھوٽ گھائجي پنهنجي ڌرتيءَ جي سينڌ سنواري ويا آهن. حالتن جو گرڙ پکي، انهن کي ڳڙڪائي رهيو آهي، هڪ وحشت جو خوف برپا ٿيل آهي. تنظيمي ڍانچو ٽائيٽينڪ جي ٻيڙي وانگر پرزا پرزا ٿيل آهي، جنهن جو ڳنڍجڻ ايندڙ ٿوري وقت ۾ مشڪل پيو لڳي، اڃا به وحشون وڌنديون ۽ خوف پوري قوت سان نروار ٿي بيهندو. حالتن جي اهڙي سنگينيءَ ۾ ڌرتيءَ جي باشعور طبقي کي ٻه وکون اڳتي اچي پنهنجي قومي حقن جو ڪينرو وڄائي سُرندي ۾ ساهه وجهي، ان الستي عاشق جي پروانن کي ناحق خون ٿيڻ کان بچائي، پر موجوده حالتن اندر سن جي فڪري چشمي جي ڄمي وڃڻ ڪري ادب ۽ شعور حالتن جي ڇير پائي پنهنجي ذات لاءِ نچي رهيو آهي، سنڌ ڌرتيءَ جو اديب وقت جي ”سردار“ جي درٻار جو دربان بڻيل آهي، جنهن کي پنهنجي ماتر ڀوميءَ تي ٿيندڙ ناحق نظر نه پيو اچي. وقت جي حاڪمن کان مراعتون وٺڻ نه صرف ڌرتيءَ ڌڻين جي توهين آهي، پر ان سان گڏ خود ادب جو مذاق اڏائڻ برابر آهي، جيئن عبدالرحيم گرهوڙي چيو آهي ته: متان کائين کچڻي، حاڪمن هنڌان، رڌي هوندئون رت مان، ماري مسڪينان. ادبي تخليق جڏهن فڪري ڌاران کان ٽٽي ٿي، ان ۾ سواءِ لفاظيءَ جي باقي ڇسي هوندي آهي، سيد، جنهن سنڌ کي دريافت ڪيو ۽ ان کي ڇنڊي ڦوڪي پوري عالم ۾ سندس سڃاڻپ پرامن ۽ مهذب خطي طور ڪرائي، اڄ اها ڌرتي گھڻ طرفي بحرانن جو شڪار بڻيل آهي، جتي مذهبي انتهاپسندي ۽ رجعت پسندي هڪ منصوبا بنديءَ سان سنڌي قوم جي نَسُنِ ۾ شامل ٿي رهي آهي ۽ اهڙو خيال سيد پنهنجي سياسي تدبر سان ايندڙ وقت جي پيشنگوئي ڪري ”ويانا“ ڪانفرنس ۾ اظهاريو هو، جنهن ۾ هُن چيو هو ته جيڪڏهن هن رياست اندر سيڪيولر، روشن خيال، عوام دوست ۽ قومپرست رجحانن کي هٿي نه ملي ته ايندڙ وقت ۾ رجعت پرستي ۽ مذهبي انتها پسندي ناقابل تلافي نقصان رسائيندي. موجوده حالتن ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته مذهبن اندر شدت پسندي انسانيت ۽ قوميت لاءِ ڪيڏي هاڃيڪار آهي، هي به تاريخ جو سچ آهي ته جيڪا به رياست مذهبي انتها پسنديءَ کي قومن خلاف هٿيار طور استمعال ڪندي، اها پنهنجي ۽ عالمِ انسانن کي تباهيءَ کان سواءِ ڪجهه به نه ڏيندي. جي ايم سيد هڪ صوفي هڪ باغي حسن مجتبيٰ پاڪستان ۾ شايد هو اڪيلو ئي پوڙهو شخص هيو جنهن جا سچا عاشق اڪثر ڪري نوجوان هيا. غلام مرتضيٰ شاه بالمعروف جي ايم سيد جيڪو هر وقت سچل سرمست جي هن سٽ “ سچو! عشق ٻڍا نه ٿيوي، پانوين چٽڙي ٿي وڃي ڏاڙهي” جي جيئري جاڳندي تصوير ٿي رهيو۔ اڄ سنڌ ۾ ڪيترائي سنڌي قومپرست ۽ نوجوان سنڌو درياه جي هن پار هڪ ننڍڙي شهر “ سن ” جي طرف راهي آهن، جت جي ايم سيد هڪ کليل ڪتاب جي شڪل واري سنگمرمر جي قبر جي هيٺان دفن آهي. ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ تي سن ۾ پئدا ٿيڻ واري جي ايم سيد کي جڏهن ۲۵ اپريل ۱۹۹۵ تي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪرڻ لاءِ نيو پئي ويو ته ان جي مڙهه سان گڏ قرآن، گيتا، انجيل، توريت ۽ شاه جو رسالو به گڏ سفر ڪندو رهيو. جي ايم سيد شايد پاڪستان ۾ اهو پهريون سياستدان هيو، جنهن پنهنجي لکڻين ۽ تقريرن جي ذريعي ڪيترا سال اڳ ئي مذهبي انتها پسندي جي خطرن کان ملڪ ۽ هن خطي کي آگاهه ڪري ڇڏيو هو. جي ايم سيد اهو پهريون سياستدان به هيو جنهن سرد جنگ جي خاتمي کان اڳ ئي چيو هو ته سرمائيدارانه ۽ اشتراڪي بلاڪن ۾ ورهايل دنيا جي قطع نظر روحاني ملڪن جي گروهن جو به هڪ بلاڪ هجڻ کپي. مراد ته جنگ جي خاتمي تي هُنَ عالمي امن جي خاطر اقوام متحده جي نئين سري سان جوڙجڪ جي ڳالهه ڪئي هئي. اها ڳالهه هن ۱۹۹۲ ۾ نشتر پارڪ ڪراچي ۾ پنهنجي سالگره جي جلسي جي دوران چئي هئي، جنهن کانپوءِ جلد ئي کيس گرفتار ڪري گهر ۾ نظربند ڪيو ويو. نوازشريف جي دور ۾ شروع ٿيڻ واري اها نظربندي بينظير ڀٽو جي ٻئي ڀيري واري حڪومت جي مئي ۱۹۹۵ ۾ سندس وفات تائين برقرار رهي. سيد، شايد غفار خان کانپوءِ هن ملڪ جو سڀ کان سينيئر “غدار” هيو. پاڪستاني حڪومتن جي هر دور ۾ پاڪستان کي ختم ڪرڻ جي الزام ۾ قيد ۽ نظربند رهيو، پر سندس ۲۸ سالن جي قيد ۽ نظربندي جي دوران ڪڏهن به ۽ ڪنهن به عدالت ۾ کيس پيش نه ڪيو ويو. هڪ اهڙو الزام جنهنکي هو خوشيءَ سان قبول ڪندو رهيو. بينظير ڀٽو جي دور حڪومت ۾ سيد جي خلاف بغاوت جو مقدمو هلايو ويو، انسداد دهشتگريءَ جو جج نجي پيغام موڪليندو رهيو ته هو مهرباني ڪري عدالت ۾ پيش نه ٿئي، ڇاڪاڻ ته هو سندس اعتراف جرم جي صورت ۾ هن کي سزا ڏيڻ جو گنهگار نٿو ٿي سگهي ۔ ڪراچيءَ ۾ پنهنجي رهائشگاه حيدر منزل تي هو حاضريءَ واري ڏينهن عدالت وڃڻ لاءِ تيار ٿي ويهندو هو، پر ڪڏهن به کيس پوليس وٺڻ لاءِ نه پهتي. هو پنهنجي خلاف الزامن تي فارسيءَ جو مشهور بيت پڙهندو هو، جنهن جو ترجمو هي آهي ته؛ “ وڏي پيهه لڳل آهي، هو مونکي قتل ڪرڻ لئه وٺي وڃي رهيا آهن، منهنجا محبوب تون به ڇت تي اچي ڏس، ڇا ته نظارو آهي” جي ايم سيد بنيادي طور تي هڪ صوفي هيو، هو سنڌ جي عظيم صوفي مخدوم بلاول جو مريد ۽ هڪ ٻي بزرگ حيدرشاه سنائي جو سجاده نشين پڻ هيو. جي ايم سيد جي ننڍپڻ ۾ ئي سندس والد کي قتل ڪيو ويو هو، جيتوڻيڪ سندس سموري تعليم گهر جي عورتن وٽ يا ڳوٺ جي مڪتب ۾ يا خانگي طور تي مقامي استادن کان ٿي هئي، پوءِ به حاضر جواب، حس مزاح جو مالڪ، مڃيل سياستدان ۽ ڪيترن ڪتابن جو مصنف هيو. سندس ڪتابن مان هڪ ڪتاب “ جيئن ڏٺو آهه مون” مذاهب عالم ۽ انجي تاريخ تي لکيل ڪتاب آهي جيڪو پاڻ ۱۹۶۰ جي ڏهاڪي ۾ لکيو هو، جڏهن ته هن جي هڪ ٻي ڪتاب “ سنڌو ديش ڇ ۽ ڇا لاءِ”( پاڪستان ۾) بندش پيل ڪتابن ۾ آهي. ڪجهه ماڻهن جو خيال هو ته جي ايم سيد ته شايد مسلمان به نه هيو، جڏهن ته هو پنهنجي ڳوٺ جي مسجد ۾ گهڻي عرصي تائين نمازن جي امامت ڪندو رهيو، ۽ جمعي جا خطبه به ڏيندو هو. سندس لئه اهڙي سوچ پئدا ڪرڻ ۾ حڪومتن جو وڏو هٿ رهيو، (پنجاب جي مسجد ۾) هڪ خطبي کي ٻڌي ۱۹۷۶ ۾ گلستان خان نالي هڪ شخص پنهنجي صدريءَ ۾ خنجر لڪائي شيخ اياز ۽ جي ايم سيد کي مارڻ لاءِ ويو هو، ته “هو اسلامي جي دائري کان نڪري ويا آهن ۽ واجب القتل آهن” پر جڏهن هن سيد کي سموري رات جي ڪچهريءَ کانپوءِ اشراق ۽ تهجد پڙهندي ڏٺو ته هن خنجر سامهون ميز تي رکيو ۽ اعتراف ڪيو ته هو ڪهڙي طرح جنت ڪمائڻ نڪتو هو، سيد انکانپوءِ ان شخص جي خلاف عدالت ۾ شاهدي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ... سندس نظر ۾ سياست ٻن قسمن جي هئي، هڪ عملي يعني انتخاب ۽ اقتدار جي سياست ۽ ٻي آدرشي يا نظريات ۽ اصولن جي سياست. سندس نظريات ڪهڙا به هيا، پر پنهنجن انهن آدرشن ۽ اصولن جو سياستدان هو، هو پاڪستان ۾ اڪيلو سياستدان هو جو وڏي واڪي پاڪستان کي ڊاهي، انجي جڳهه تي سنڌ کي “ سنڌوديش” ٺاهڻ جي ڳالهه ڪندو هو. هو پنهنجي ملڻ وارن کي چوندو هو ته، ”اچو ملي دعا ڪريون ته پاڪستان ٽٽي وڃي.“ هي اهو ئي جي ايم سيد هيو جو پاڪستان جي باني جي قتل جي افواهه ٻڌي سن ۾ اوڇنگارون ڏئي رنو هيو. محمد علي جناح تي قاتلانه حملي جي منصوبي ۾ هڪ سنڌيءَ جي پڪڙجڻ تي هن چيو هو ته، “ حيرت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌي به انتها پسند ٿي سگهي ٿو” جي ايم سيد تو پڄاڻان سپرين ماھم سنڌي / ميرپورخاص اسانجي جنم ڀومي سنڌ جيڪا شاندار تھذيب، ثقافت، ٻولي، صوفي ازم، سيڪيولرزم، عدم تشدد، مذھبن جي برابري، انسانيت جي اونچائي ۽ ڀائيچاري جي حوالي سان سڃاتي وڃي ٿي. انھي سنڌ اندر سائين جي ايم سيد بابت اسان سڀ گھڻي کان گھڻا بھادري ۽ عقلمندي جا مثال، پھاڪا ۽ چوڻيون توڙي شاعريون ۽ مضمون ٻڌنڌا ۽ پڙھندا پيا اچون. ڪو ورلي به اھڙو ليکڪ سنڌ جو نه ھوندو جنھن سيد جي ڪردار جي واکاڻ پنھنجي قلم جي ذريعي نه ڪئي ھجي. سيد بابت مضمون سنڌ جي تاريخ جا اڻ کٽندڙ سلسلا آھن. ائين چئجي ته سيد سنڌ جو آئينو آھي ته غلط نه ٿيندو. ڪنھن ليکڪ ائين به چيو ھيو ته سيد ھر موضوع مذھب، قوميت، ٻولي، آزادي جي جدوجھد ۽ عشق بابت ايڏو ته جاکوڙيو آھي جو سيد جي ھر ھڪ جاکوڙ تي اڄوڪن شاگردن کي الڳ الڳ مضمون تي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري وٺڻ گھرجي. ھي ھڪ حقيقت تي مبني ڳالھ آھي ته ڪنھن به وقت سان تعالق رکندڙ ڪوئي پھاڪو ھجي، ڪائي چوڻي يا ڪنھن شاعر جي ذھن ۾ جڙندڙ ڪي شاعري جو مصرائون ھجن، اُھي سڀ ان دؤر جي عڪاسي ھونديون آھن. اسين جئين ته جٿ به شاھ عبدالطيف جي شاعري يا کڻي نالو به ٻڌون ته ھڪدم اسان سميت ٻيا به سمجھي ويندا ته اھو سنڌ سان تعلق رکي ٿو، اھو سنڌ جو لال لطيف سنڌ ديس کي پوري عالم سميت دعا ڪندڙ صوفي بزرگ آھي. ڌرتي جي پنھنجي بھادر ۽ بردبار ڪردارن سان سُڃاڻ ۽ قومي ليڊرن جي وري پنھنجي ڌرتي جي نالي سان سڃاڻپ ھڪ انتھائي خاص ۽ لازم ملزوم وارو رشتو آھي، اھي ھڪٻئي سان سڃاتا وڃن ٿا. جئين اسين مھاتما گانڌي جو نالو ٻڌون ته ھڪدم ھندوستان جو پسمنظر ذھن ۾ جڙڻ لڳندو آھي، خميني جو نالو ٻڌنڌي ئي ايران طرف اسان جون خيالي نظرون وينديون آھن. خليل جبران جو نالو ايندي ئي لبنان جا سھڻا منظر ۽ ان جي نيسان واري گُل ٽڙڻ جي موسم دل ودماغ کي معطر ڪرڻ لڳي ويندي آھي. فيڊرل ڪاسترو، لينين، نيلسن منڊيلا، ڪارل مارڪس، چي گويرا ۽ نه ڄاڻ ٻيا ڪيترائي اھڙا ڪردار آھن جيڪي اڄ اسان جي وچ ۾ موجود ناھن پر اسين جڏھن به نالو ٻڌون ته اتي جي ملڪ ۽ ڌرتي جو نقشو جڙي پوندو آھي. اسين سنڌ جي نالي اڪثر اھو چوندا رھون ٿا ته اھا شاھ لطيف، سچل، قلندر، صوفي عنايت شھيد، دودي سومري، راجا ڏاھر، ھوشو شيدي جي ڌرتي آھي. ان جو سادو مطلب اھو آھي ته اھي اھڙيون ته شخصيتون ھيون جن تي ھڙئي سنڌي قوم کي اڄ به فخر آھي. اھڙي طرح مائي بختاور ھجي، ٿرپارڪر جي مارئي ھجي، روپلو ڪولھي ھجي، سيد صبغت الله شاھ سورھيه بادشاھ ھجي، انھن جا نالا کڻندي اسين اندر ۾ اھا خوشي محسوس ڪريون ٿا جيڪا پنھنجائپ جي ھوندي آھي جنھن تي فخر ڪري ڳاٽ اونچو ڪري سگھجي. ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع تي سن شھر، ضلعي دادو سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي سائين جي ايم سيد (غلام مرتضي شاھ سنائي) جو جنم، ان بعد ان جي سحر انگيز شخصيت اڄ به اھڙو ئي فخر ھر سنڌي کي ڏياري ٿي جنھن کي پنھنجي ڌرتي سان لڳاءُ آھي. ان جي حيثيت اسان وٽ پيغمبر سنڌ واري آھي. اسين ان کي جديد سنڌي قومپرستي جو باني پڻ سمجھون ٿا. سائين جي ايم سيد جو جوش ۽ ولولو، ان جي سياسي ڏاھپ، ان جي دور انديشي، ان جي ادبي پرک، ان جون مذھبن جي ٽڪراءُ بابت سمجھاڻيون ۽ ان جي گھڻ رخي شخصيت سنڌ لاءِ سڀاڳي ئي رھي آھي. اڄ سائين جي ايم سيد جي ۲۲ھين ورسي آھي. ان کي ھن دنيا مان رخصت ٿئي پورا ۲۲ سال گزري ويا آھن. ان جي رخصتي ۹۱ سالن جي ڄمار ۾ ۲۵ اپريل ۱۹۹۵ع تي ٿي ھئي. سائين جي ايم سيد جو وڇوڙو بيشڪ اسان لاء وڏو ھاڃو آھي ان جي جڳھ ڪير والاري نه سگھندو. سائين جي ايم سيد جي وجود جو رُعب ۽ اثر ئي پنھنجو ھيو جو مخالف به سندن تعريف سوا نه رھي سگھندا ھئا. اڄ به اھا ڳالھ ھر ڪو مڃي ٿو ته ۱۹۴۴ع ۾ جيڪر سيد صاحب مسلم ليگ سنڌ جو صدر ٿي، پاڪستان جو بل سنڌ اسيمبلي مان پاس ڪرائڻ لاء ڪوششون نه وٺي ھا ته، اڄ تائين اھو بل ڪاغذ جو ٽڪرو ٿيو پيو رُلندو ھجي ھا. سائين جي ايم سيد جو جسماني وڇوڙو ھڪ وڏو قومي ھاڃو آھي، جنھن جو اسانکي اڳ کان وڌيڪ ھاڻي احساس آھي. سائين جي ايم سيد جي جسماني خاموشي بعد ڄڻ اڄ به ان بعد يتيم ٿيل سنڌي قوم اڃا تائين ڪو بلند آواز اٿاري نه پئي سگھي. سيد صاحب پنھنجي پاڻ ۾ ھڪ ھلندڙ ڦرندڙ جدوجھد ھئي ھڪ تحريڪ ھئي، ھڪ ٻرندڙ مشعل ھئي، ھڪ اميد ھئي. جئين جو سائين جي ايم سيد موڪلاڻي ڪري سَن جي سونھري زمين تي سنڌو جي ساڄي ڪپ جي ڀر ۾، سنڌ جي پاڪيزه مٽي کي چادر جيان اوڙھي وڃي آرامي ٿيو آھي، ان بعد ان جي لفظن ۽ ان جي سياسي توڙي اخلاقي تحريڪ ڄڻ ته ماٺيڻي پئجي وئي آھي. جئين جو ڪو وقتائتي طوفان سمنڊ جي ڇولين مان سڪون ڪڍي انھن کي گجگوڙ تي اٿاري ڇڏي ٿو ۽ طوفان جي واپسي بعد ساڳي ئي ساگر منجھ چپ چاپ ٿي ويندي آھي، تئين ئي سيد جي موڪلائڻ بعد سنڌ وياڪل ٿي پئي آھي. ڪو به ماڻھو سدا جئيڻو ۽ رھڻو ناھي ۽ اسين به ائين سمجھون ٿا ۽ سيد لاء اھي لفظ پر اميد ٿي چونداسين ته وٺي ھر ھر جنم وربو مٺا مھراڻ ۾ ملبو پر ان جي باوجود به سيد جي نظريي کي ڪو اھڙو جانشين نه پيو ملي جيڪو ان کي اڳتي ھلي کڻي سگھي، اھا ڳالھ صبر ڪرڻ کان گھڻو مٿي چڙھيل آھي . سيد جي خاموشي بعد سيد جي پوئلڳن سان ٿيل نانصافين جو ازالو ذري برابر به نه پيو ٿئي. ھر سنڌي جي اندر ۾ ھڪ آتش فشان پيو ٻري پر اڃا تائين صرف خاموشي سان ٻري پيو ڦاٽڻ جي ھمت ڌاري ئي نه پيو سگھي. اھو سيد ئي ھيو جنھن شروعاتي حمايت ته ڪئي پر پوء ، پاڪستان جي ۱۹۴۷ع ۾ آزادي بعد سيد صاحب جلد ئي ان ڪمزور ٻه قومي نظرئي تي جڙيل ٺھراءُ جي سخت مخالفت ڪرڻ لڳو . ڇوته ان ڄاڻي ورتو ته سنڌ جي بقا کي پاڪستان مان سخت خطرو آھي. ھن ڄاڻي ورتو ته سنڌ جي شاندار تھذيب، ان جي جدا آزاد روايتن، ان جي اھنسا واري پراڻي ريتن کي ختم ڪرڻ جي سازش پاڪستان جي نالي تي ڪئي ويندي. سائين جي ايم سيد بنگال جي ۱۹۷۱ع ۾ آزادي بعد ڄاڻي ورتو ته سنڌي، بلوچي ۽ پٺاڻ قومن سان ھڪ مفاد تحت ٺڳي ڪري پنجابي سرمائيدارن کي نوازيو ويو آھي. جنھن سبب سائين جي ايم سيد سڌو الڳ رستو ٺاھي پنھنجي قوم جي آزادي لاء ڄڻ ته سر عام جنگ جو طبلو وڄائي ڇڏيو. ۱۹۷۲ع ۾ قومپرست جماعت جئي سنڌ قومي محاذ جو بنياد وڌائين، جنھن جو متن سنڌي قوم جي ٻڌي ۽ ان جو سياسي روح سنڌين جو ھڪ جڳھ تي گڏجي سنڌ جي مقصدن لاءِ وڙھڻ ھيو، اُھا اڄ ڀاڱن ۾ ورھائجي وئي آھي. سنڌ کي الڳ وطن ڪرڻ جي نعري ھيٺ سنڌوديش جي تحريڪ ھلائي وئي، جيڪا ھاڻي پنھنجو اصل زور وڃائي رھي آھي شايد ان ڪري جو اسان وچ ۾ رھنمائي ڪرڻ وارو سائين جي ايم سيد ڪونھي. ان جا ڇڏيل پيغام، تقريرون، ڪتاب ۽ ان جو ٺاھيل سنڌوديش بابت فڪري ڍانچو اسان لاء ايڏو خاص ناھي رھيو. سيد سان گڏ رھندڙ ان جا سڀئي پوئلڳ ڌار ڌار رستا ڪري پنھنجي اوليتن تي مفادن خاطر وڙھي رھيا آھن، جنھن سبب گھڻي ڀاڱي اختلاف پيدا ٿي رھيا ۽ تحريڪ ۾ اڳوڻو زور ٽٽي ويو آھي. سائين جي ايم سيد جي زندگي دوران ھن پنھنجي سياسي بصيرت ذريعي سنڌ کي ھڪ اھڙي امن گاھ ٺاھڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن جي آزادي تي ڪو مصلحت نه ٿي سگھي . سائين جي ايم سيد عشق ۽ محبت جي فلسفي کي پڻ ڏاڍو ڳايو آھي. ھن مزاجي کان ويندي حقيقي عشق کي پنھنجي سمجھ موجب سمجھائڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي ھئي . سائين جي ايم سيد موجب جڏھن عشق جي ٻالڪپڻ ۽ جواني ھجي ٿي ته اھو ھڪ فرد تائين ھوندو آھي، پر بلوغت بعد عشق فرد نه بلڪه قوم ۽ قوم جي مجموعي مفادن سان منسلڪ ٿي وڃي ٿو. پوءِ عشق ڌرتي، پنھنجي ماڻھن ۽ پنھنجي قومي ورثي ۽ ٻولي سان ٿي ويندو آھي. سائين جي ايم سيد انھن موضوعن تي وڏي تحقيق ڪري بحث ڇيڙيا جن تي اڄ اسين لفظ ڳالھائڻ کان به ڊڄي ٿا پئون. سائين جي ايم سيد سنڌ ۾ وسيلن جي ڦرلُٽ، ڌارين جي آبادڪاري، مڪمل خودمختياري، ٻولي جي اصل اھميت، ڪلچر، پاڻي چوري جو تحفظ سميت ھن سنڌ جي ھر ان مسئلي تي کُلي ڳالھايو به ۽ جدوجھد به ڪئي جيڪي ان وقت ۾ پيش آيا پئي. ھڪ ليڊر ۽ رھنما پنھنجي ايندڙ ڪئي نسلن لاءِ مشعل راھ ڇڏي وڃي ٿو ۽ اھي ھدايتون ڇڏي وڃي ٿو جيڪي صدين تائين پيون سبق ڏينديون آھن. اڄ سنڌ جي قومپرست سياست ۽ ان جو جماعتون جيڪي گھڻيون تڻيون سائين جي ايم سيد جي نظرئي ھيٺ ٺھي ان کي پنھنجو سياسي ابو تسليم ڪري رھيو آھن، اڄ انھن جو پاڻ ۾ تضاد ۽ ھڪ مسئلي تي گڏ ٿي نه بيھڻ ھڪ پريشان ڪندڙ ڳالھ آھي. اڄوڪي دور ۾ ائين پيو ڏسجي ته ڪا به تحريڪ ايڏي زور آور ناھي جو نئي طريقي سان پنھنجي مقصد خاطر وڙھي. بلڪ اڄ اُھي سڀ پنھنجي ئي سنڌ ۽ سنڌين کي بس بچائڻ ۾ پورا آھن. ڇا اھا ھڪ قسم جي ڪمزوري نه چئبي؟ قومپرست ڪارڪن روز مختلف جڳھين تان کنڀجيو وڃن ٿا ۽ سڄي جدوجھد ان ۾ ھوندي آھي ته شل جئيرو انھن کي واپس موٽائي سگھون. خفيه ايجنسيون ۽ سنڌ دشمن قوتون ڪنھن ۾ به ھٿ وجھڻ کان ڪيٻائين ئي نٿيون ۽ پنھنجي مَن مستي تحت انھن جا مزاڪ جاري آھن. ڪيترا ئي قومپرست ڪارڪن چيچري ماريا وڃن ٿا ، گھٽين ڳلين تان بلڪه تعليمي درسگاھن تان اُھي گُم ڪيا پيا وڃن پر سندن ڪير واھر وسيلو پڇاڻي وارو ناھي . جيڪا سنڌ گئس ڪمائي وفاق ڏي آمدني اماڻي ٿي ان وٽ نه گئس آھي، نه پاڻي، نه ئي بجلي. سنڌ ته پوئين دور ۾ به ايڏي ڏکي نه ھئي جيتري ھاڻ آھي. اسين اڄ ايڏا مجبور آھيون جو پنھنجي ترقي جي نا، بلڪه بقا جي، پنھنجي قوميت جي جنگ انھن ڌارين سان پيا وڙھون جيڪي ھتان جا ڪڏھن ھئا ئي نه، پر چالاڪين سان ھاڻ سنڌ ۾ بادشاھت پيا ڪن. اسين ايڏا بي وس آھيون جو پنھنجي قوميت کي بچائڻ لاء اڄ اعلان ۽ ميڙاڪا پيا ڪريون ته مھرباني ڪري آدمشماري ۾ پاڻ کي سنڌي لکرايو، ان جو مطلب ڇا ٿيو؟ اھو ئي ته اسان کي اھو خطرو آھي ته ڪٿي اقليت ۾ تبديل نه ٿي وڃون. اسانکي کٽڪو آھي ته اردو ڳالھائيندڙ مھاجر ۽ ٻيا افغاني پٺاڻ ايترا وڌي ويا آھن جو سنڌ ڌرتي تي انھن جي اڪثريت ٿي وئي ھوندي. سائين جي ايم سيد پنھنجي جاکوڙ جيڪا شروعاتي طور مسلمانن جي قوم جي آزادي جي جدوجھد ھئي. جنھن ۾ سائين جن شريڪ ٿيو پر وقت ان کي سڀئي سبق پڙھائي ڇڏيا ته ڪئين آزادي بعد پنجابي سامراج سنڌ ۽ سنڌ جي ھر حق مٿان مسلط ٿيل آھي. سائين جي ايم سيد وڏو خدشو ظاھر ڪيو ھيو ته جيڪي اوھان اڄ انھن طالبانن کي پناھون ڏئي گھرايو پيا سي سڀاڻي وڏا نانگ بڻجي اوھان جا ٻچا پڻ کائي ويندا. سچ پچ ته اھي وڏا نانگ ٿي سنڌ ۾ ڦھلجي سنڌ جي امن کي وڏو ڇيھو رسائي رھيا آھن. پنھنجي ڦڻن جي زھر سان ڪڏھن شڪارپور، ڪڏھن جيڪب آباد، ته ڪڏھن سيوھڻ ۾ قلندر جي نگري کي ڏنگي رت ھاڻو ڳاڙھو پيا ڪن. دشمنن جي ھڪ ڌماڪي سان اسانجي صوفي ڌرتي رت ۾ رنگجي ماتم ڪرڻ لڳي وڃي ٿي. اڄ سنڌ جا ڌڻي ھوندي به سنڌي ٻين جي رحم وڪرم تي محتاج آھن. سنڌ جي روايت اپنائيندي جڏھن صوفي راڳن تي رقص ڪيو پئي ويو ته سيوھڻ اندر ٿيل ڌماڪي ۸۰ کان مٿي ماڻھن کي کاڄ بڻائي ڇڏيو ۽ دشمنن اھو واضح ڪيو ته سنڌ کي اسين پنھنجي دھشت ۾ پورو جڪڙي چڪا آھيون. سنڌ اندر ذوالفقار آباد ۽ بحريه ٽائون نالي اھڙا رھائشي علائقا جڙجي رھيا آھن جن ۾ سنڌين جي مخالف ويھي موجون ڪندا. سنڌو جو پاڻي جنھن تي اڳ ئي اھڙي رٿابندي ڪيل آھي جو پاڻي سنڌ جي حصي ۾ صفا گھٽ اچي ٿو ۽ وچ واٽ تي چوري ٿيو وڃي ان تي ڪالاباغ وٽ ڊئم اڏي، سنڌ کي سڪائڻ جي سازش پٺي پويان جاري آھي. اين ايف سي ايوارڊ ذريعي رڳو مفاد پنجاب جي حصي ۾ آھي. سي پيڪ جي اھم راھداري منصوبي تحت به سنڌ کي ڪو خاص فائدو نه ڏنو ويندو. وفاق ۽ وفاقي ادارن ۾ سنڌ جي اڌ کان گھٽ نمائندگي موجب به ان جون مخصوص سيٽون به انھن کي ناھن مليل ۽ ھو پنھنجي حق کان به محروم آھن. انھن سڀني مسئلن تي اڄ احتجاج ته ٿئي پيو ڌرڻا ۽ نعرا ته لڳن پيا پر ڪو به مسئلو نيست نابود ٿي راھ تان ھٽجي نه سگھيو آھي. سائين جي ايم سيد پنھنجي حياتي دوران قومي تحريڪ ۾ انھن ان وقت جيڪي مسئلا موجود ھيا ان مسئلن تي کلي ڳالھيائين ۽ جڏھن ڏٺائين ته پنجابين کان سواء دوکي جو ڪجھ نه ورندو ته نيٺ پوء سنڌو ديش جي تحريڪ شروع ڪيائين جنھن ۾ سڄو خاڪو ٺاھي، سڄي رٿابندي ٿيل ھئي ته سنڌي ڇو ۽ ڇا لاء پنھنجي سنڌ کي الڳ وطن ڪري ڌارين بدران ڌرتي ڌڻين جي حڪمراني چاھين ٿا. سائين موجب “سنڌ جي غلامي جو باعث پاڪستان جو نظريو آھي. انھي دوکي کان ٻاھر نڪري سنڌي قوم کي ضرورت آھي ته پاڻ کي قومپرستي جي رنگ ۾ رڱي ڇڏين“. پر اھو سائين جي ايم سيد جو ڏٺل خواب ۽ اھا پرجوش تحريڪ اڄ ماٺيڻي آھي. اڄ اھا تحريڪ ڄڻ ڪو ڪنھن موسمي لٽ اندر دٻجي وئي آھي. ڪنھن تيز ھوا جي جھونڪي بعد اجھامندڙ وسامندڙ ان ڏيئي جھڙي آھي، جيڪا اھا ڪوشش نٿي ڪري ته ڪو پنھنجي شعلن سان دشمنن کي ساڙجي، پر اھا ئي ان جي جدوجھد ھوندي آھي ته بس پاڻ بچائي سگھان، پنھنجو جئيندان قائم رکي سگھان. ڪيڏي نه ڏک جي ڳالھ چئبي جو سنڌ جي نياڻي ڊاڪٽري پڙھندڙ نورين لغاري تي اڄ دشمنن جا زھر ڀريا لفظ ايڏو اثر ڪري ويا جو ھو پاڻمرادو انھن سان شامل ٿيڻ لاء نڪري پئي آھي ۽ ھو بي ڏوھ انسانن کي مارڻ لاء جتن ڪندي ٿي وتي. سائين جي ايم سيد بعد سيڪيولر سنڌ ھڪ طرف ان جھڙي عظيم ھستي کي ڳولھي پئي ٻي طرف بلڪل ماٺيڻي ۽ ھنسا جي ھيٺ جبر ۽ انتھاپسندي ڀوڳي پئي. اڄ ورسي سنڌ جي سيد کي بس ايترو ئي پيغام ڏينداسين ته تو پڄاڻا سپرين سنڌ سوکي نه آھي. سائين جي ايم سيد سياسي سفر... سرمد کوسو سائين جي ايم سيد محمدشاهه سنائي جي گهر ۾ ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ ۾ڇنڇر ڏينهن سن شهر ۾ پيدا ٿيو، جي ايم سيد ٻاروتڻ ۾ ذهين چالاڪ حسين رهيو هن ۱۹۱۵ ۾ سنڌي پرائمري انگريزي اڳتي هلي فارسي جي تعليم پرائي هن ننڌڙي عمر ۾ والد صاحب جي شهادت جو غم سٺو هن ننڍڙي عمر ۾ قومپرستي ۽ سماج سڌارڪ وارا فرض سرانجام ڏنا هن ۱۴ ورهين جي عمر ۾ سن شهر ۾ انجمن مسلمين سن ، قائم ڪئي جنهن تحت غريب طبقي پٺتي پيل ماڻهن کي پاڻ ۾ همدرديون پيدا ڪرڻ شادي غمي ۾ هڪ ٻئي جو ڪلهي ڪانڌي ٿيڻ جو ڏس ڏنو پهرين مهاڀاري جنگ دوران ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ جڏهن هندستان آزادي کان محروم رهي ڪري انگريزن خلاف ۱۹۱۹ع ۾ جيڪا بغاوت هلي انهن ۾ سنڌ جي ماڻهن حصو ورتو ته انهن سائين جي ايم سيد مٿان سٺو اثر ڇڏيو انهن ڏينهن ۾ “ريشمي رومال تحريڪ “ جي اڳواڻن سنڌ ۾ جان محمد جوڻيجي جي اڳواڻي ۾ ۱۹۲۰ع اندر جيڪا سنڌ خلافت ڪانفرنس هلي، ان ڪانفرنس ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد شيخ عبدالمجيد سنڌي سميت سياسي توڙي مذهبي اڳواڻن شرڪت ڪئي ته ان ۾ جي ايم سيد کي ان ڪانفرنس ۾ شرڪت نصيب ٿي ان ڪانفرنس ۾ موجود اڳواڻن هن مٿان وڏو اثر ڇڏيو. اڳتي هلي هن ۱۷ مارچ ۱۹۲۰ع ۾ سن شهر ۾ خلافت ڪانفرنس جو اجلاس سڏيو جنهن جي صدارت حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ڪئي جنهن ۾ انگريزن جي لقبن ۽ ملازمتون ڇڏڻ جا اعلان ڪيا انهن ڏينهن ۾ جي ايم سيد ۾ قومي جذبو ۽ قومپرستي جو مادو حماليا جي چوٽي جيان ڪر کنيو بيٺو هو جنهن هن کي باقائدي سياسست ۾ آڻڻ تي مجبور ڪيو ۽ هن ۲۶ اپريل ۱۹۲۰ع ۾ سياست ۾ پير پاتو . جڏهن مخدوم بلاول جي درگاهه تي ٿيل جلسي کي پهريون ڀيرو خطاب ڪيو تنهن کانپوءِ جي ايم سيد سن ۽ سنڌ جي ماڻهن لاءِ مختلف روٽن تي مختلف رخن سان جدوجهد تيز ڪئي، هن سياست ۾ پير پائڻ کانپوءِ ۱۹۲۴ ۾ سنڌ جي سيدن لاءِ تعليمي سماجي ترقي لاءِ سن ۾ ، انجمن سادات مٽياري ، قائم ڪئي جنهن ۾ هن پنهنجون سرگرميون فرض سرانجام ڏئي نتيجا حاصل ڪيا هن ۱۹۲۵ ڌاري سنڌ جي آبادگارن توڙي زمنيدارن جي هڪ ايسوئيشن قائم ڪئي جنهن جا نڪتا سنڌ جي هارين زميندارن کي پنهنجا حق وٺي ڏيڻا هئا هن جي ۱۹۲۵ ۽ ۱۹۲۶ ڌاري ڪراچي ضلعي لوڪل بورڊ جو ميمبر مقرر ٿيڻ کانپوءِ هن سن ۽ سنڌ جي نياڻين جي تعليم جي واڌاري لاءِ ضلعي اندر رات توڙي ڏنهن جو اسڪول هلرائي سنڌ کي تعليم جي ميدان ۾ اڳتي آڻڻ لاءِ ڪوششون ڪيون ان دوران ۱۹۲۸ ڌاري ڳوٺ سڌار تحريڪ جو بنياد وڌوجنهن ۾ هن پنهجا فرص سرانجام ڏنا. سائين جي ايم سيد ۱۹۲۸ع ڌاري ئي بمبئي کان سنڌ جي عليحدگي واري تحريڪ هلي، ان ۾ هن حاجي عبدالله هارون شيخ عبدالمجيد سنڌي ايوب کهڙو خان بهادرسان گڏجي ان تحريڪ ۾ حصو ورتو. ۱۹۲۸ع کانپوءِ جي ايم سيد ۱۹۳۰ع ۾ ادبي ۽ ثقافتي ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو جيڪو بنياد وڌو ان کي ايتري قدر ڪامياب ڪيو جو اڄ به اهوسفر سنڌ جي صوفي بزرگن جي ميلن تي روان دوان آهي هن ساڳي ئي سال ۱۹۳۰ع ۾ هاري ڪانفرنس جوبنياد وڌو جنهنجي صدارت جمشيد مهتا ڪئي هي هاري ڪاميٽي اڳتي هلي حيدر بخش جتوئي جي جدوجهد سان ۽ سنڌ اسيمبلي مٿان گهيراءُ تحت ڪاميٽي سنڌ جي هارين کي پنهنجا حق وٺي ڏنا اهڙي طرح سائين جي ايم سيد جون سنڌ لاءِ جاني توڙي مالي خدمتون جاري رهيون ان وچ ۾ ۱۹۳۸ع ۾ سائين مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو ۽ پاڪستان جي وجوديت واري هلندڙ تحريڪن ۾ سنڌ جي ڀلائي سمجهي ڀاڱي ڀائيوار رهيو. ۱۹۴۰ واري ٺهراءُ جنهن تحت قومن جي حقن جو دستاويزي لقب مليو جنهن ۾ اسلام ۽ مسلمانيت کي ملائڻ لاءِ مينار اي پاڪستان جهڙن مقبرن تي حق سچ جو شريعتون لکي قومن کي سامراجي سزائون ڀوڳڻ تي مجبور ڪيو ۱۹۴۰ع واري ٺهراءَ يا سنڌ اسيمبلي مان ۱۹۴۳ع واري ٺهراءَ موجب قومن کي خاص ڪري سنڌ کي حق ڏيڻ بجان حق ڦرڻ وارين سامراجي سازشن کي سائين جي ايم سيد سڃاڻي ورتو هو. سو هن ٽولي سان اختلافن جي اڃان پهرين شروعات هئي هن جي اڀريل اختلافن قومپرستي واري ذهن ضمير کي ڏسي محمد علي جناح ۱۹۴۵ع ۾ جي ايم سيد کي چيو ته هاڻ تون اسان نه گڏ نه هلي سگهنداسون ۽ جدا ٿيڻ جا ڏينهن ويجهي اچي چڪا آهن ۽ ٿيو به ائين ۴۰ ۽ ۴۳ واري ٺهراءَ تي عمل نه ٿيڻ ڪري ۽ هندو مسلم ورهاست دوران ٿيل اليڪشن ۾ سائين جي ٻن تڪن تي ڪاميابي ڏسي سرڪار سڳوري چونڊن کي غير آئيني قرار ڏئي ڇڏيو ته سائين ۱۹۴۶ع ۾ مسلم ليگ ۽ جناح کي الوداع ڪيو ته پاس ٿيل ٺهرائن تحت ۱۹۴۷ع ۾ پيارو پاڪستان وجود ۾ اچي ويو جنهن لاءِ جي ايم سيد سميت سنڌ جي سورمن جيڪي قربانيون ڏنيون موٽ ۾ هنن کي جيل سختيون سزائون نظربنديون شهرن وسيلن جي ڦر لٽ ملي ۱۹۴۷ع ۾ پاڪستان وجود ۾ اڃا مس آيو ته هن پهريون وار ۱۹۴۸ع ۾ سنڌ مٿان ڪيو ۽سنڌ کان ڪراچي کي کسڻ جون سازشون ڪيون ته سائين جي ايم سيد ان فيصلي کي ٺڪرائي کلي طرح بغاوت جو اعلان ڪيو ته جي ايم سيد کي پاڪستان جي سرڪار گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو هي پاڪستان جي اسلامي رياست آڏو جي ايم سيد جي پهرين گرفتاري هئي جنهن تحت جي ايم سيد کي ٽي مهينا قيد ڪري پنهجي ڪرتوتن کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ گوڏا کوڙائڻ تي مجبور ڪيو پر سيد پوئتي موٽڻ بجان اڳتي وڌندو رهيو. جڏهن ۱۹۵۳ع ۾ جي ايم سيد سنڌ اسيمبلي جو ميمبر بنيو ته سنڌ ۽سنڌي قوم لاءِ هن پاڪستان جي وچ رياست ۾ بيهي تاريخي ڪم ڪرايا جنهن ۾ سنڌي جدا قوم هجڻ جو ٺهراءُ، سنڌي زبان کي قومي زبان ۽ پاڪستان جي قومي زبان بنائڻ لاءِ بل منظور ڪرايو ڪراچي کي سنڌ سان ملائڻ جو ٺهراءُ آندو، ڪوٽڙي کان انڊس هاءِ وي رستو منظور ڪرايو، ڀٽ شاهه ڪلچر سينٽر جو بنياد وجهرايو هن جي وزير هجڻ دوران جيڪي سنڌ جي ايندڙ نسلن جي مستقبل جو جيڪو ضمانتي بنياد وڌو اهو وڏو ڪارنامو سنڌ يونيورسٽي آهي ان سان گڏ ڪراچي اندر ريڊيو اسٽيشن کولرائڻ جون ورتل ڪوششون ۽ ادبي بورڊ کي پنهنجي خرچ تي هلائڻ واريون ڪوششون نه وسارڻ جهڙيون ته آهن، سيد اسيمبلي کان ٻاهر هجي يا اندر پر جيڪي جدوجهدو ڪئي، جيل ڀوڳيا اهي هن کي سنڌ جي حقن تي سوديبازيون نه ڪرڻ تان نصيب ٿيا پاڪستان جي سرڪار جڏهن ون يونٽ جي قيام لاءِ ڪوششون ڪيون ته سيد ان کان بيزاري جو اعلان ڪيو، موٽ ۾ هن کي ۱۹۵۴ع ۾ گرفتار ڪري جيل ڀيڙو ڪيو ويو. جڏهن ملڪ اندر ايوبي مارشل لا لاڳو ٿي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي پٽڪن سان هٿ چراند ڪئي وئي ته تڏهن به جي ايم سيد کي مخالفت جي ڏوهه ۾ ۱۹۵۸ ۾ گرفتار ڪيو ويو ۵۸ جي گرفتاري کانپوءِ لڳاتار جي ايم سيد کي پاڪستان جي سرڪار ۱۹۶۶ع تائين جيلن ۽گهرن ۾ نظربند رکيو ۶۶ ۾ جڏهن سائين صوفياءِ سنڌ ٺاهي جنهن کي صوفي بزرگن جي درگاهن مريدن ميلن تي ڀرپورموٽ ملڻ لڳي هن پرگرام کان پاڪستان جي سرڪار خوفزدهه ٿيڻ لڳي ۽ ۱۹۶۷ع ۾ جي ايم سيد کي گرفتار ڪري ۱۹۶۹ تي آزاد ڪيو ملڪ اندر ٿيل ۷۰ جي اليڪشن ۾ سائين جي ايم سيد حصو ورتو ته سائين جي ايم سيد پنهنجي تڪ تي ۶۰۰ ووٽ کنيا ۽ ملڪ سڪندر ۵۶۰۰ سو ووٽ کي کڻي سرڪار جي حمايت سان ڪامياب ٿيو پر اها ڪاميابي سرڪاري مشينري جي ڪاميابي هئي جنهن دوران سائين ڏٺو ته هاڻ پاڪستان اندر رهڻ هر پل سنڌ لاءِ عذاب آڻڻ برابر آهي ، ۷۰ جي اليڪشن رڳو جي ايم سيد کي سسٽم کان باغي نه ڪيو هو پر ساڳيو حشر بنگال سان پڻ ڪيو ويو ۽ اتي اليڪشن جا نتيجا نه قبولڻ جي صورت ۷۱ ۾ پاڪستان ٽٽو بنگال الڳ ٿيو ان دور جي حالتن کي ڏسي پاڪستان جي رياست جتي بنگالي اڳواڻن کي ڪال ڪوٺڙين ۾ بند ڪيو ته اتي سنڌ اندر سائين جي ايم سيد کي ۱۸ مئي ۱۹۷۱ع ۾نظربند ڪيو ويو ۽ بنگال جي آزادي کانپوءِ هن کي آزاد ڪيو ويو ته ٻيهر جڏهن سنڌي زبان خلاف پاڪستان جي رياست سازشون سٽيون ۽ جي ايم سيد انهن کي رد ڪيو ته هن کي ٻيهر ۱۹۷۲ع ۾ گرفتار ڪري نظربند رکيو هن آزادي کانپوءِ سائين جي ايم سيد ۷۲ ۾ ئي جئي سنڌ محاذ جو قيام آندو، جنهن کان پوءِ سنڌ جي ڦر لٽ کي سرڪاري شڪل ملي جنهن کي سائين رد ڪرڻ ۽ سسٽم سان بغاوت جي ڏوهه ۾ سائين ۷۳ کان ضيائي مارشلائن، ايم آرڊي ڀٽي جي ڦاهي وارين حالتن ۾ ۲۵ اپريل تائين لڳاتار جيلن نظربندين ۾ رهيو، سائين جي ايم سيد ۲۵ اپريل ۱۹۹۵ تي پاڻ کي تاريخ ۾ سرخرو ڪري تاريخ جي ورقن ۾ سُمهي پيو. جي ايم سيد وَيا اُڏامي ڪَک، پِڙ تان پاهُڻ نه چُري ادَلُ سولنگي “وَيا اُڏامي ڪَک، پِڙ تان پاهُڻ نه چُري” ماڻهوءَ منَجهه مُهان، سپنو هن سنسار جو، جنهن کي ڳوليندو رهيو، آزل کان اِمڪانُ، آخرِ ٿي اِنسانُ، رانول روپُ پرائيو. اڄ سائين جي ايم سيد جي وڇوڙي جو ڏينهن آهي، سائين جي ايم سيد جنهن پنهنجي سموري ڄمار سنڌ جي روشن آئيندي، اَمن، آجپي، سک، سڪار، مان مريادا ۽ ننگ مايوس لاءِ وطن جي ويري قوتن سان ويڙهاند ڪندي گذاري، جنهن جي دوستي ۽ دشمنيءَ جو محور سنڌ هئي، جنهن حياتيءَ جي آخري گهڙين ۾ به پنهنجي وطن ۽ ويڙهيچن سان پنهنجي روح جو رشتو قائم رکندي کين پنهنجي ماتر ڀومي، سنڌ جي هنن لفظن ۾ پارت ڪندي موڪلايو ته:. سنڌيو! سنڌ جي پارت اَٿو ۽ چيائين ته: هاڻي ڪير مٿو ، پڙ کان پٺيرو ڪري. اجهو سج لٿو، وڙهندي وڙهندي ويڙهه ۾ (اياز) سِرن مٿان سوڀ جون، پڳون جي پايو، متان وڙهندي ويڙهه ۾، پُٺ تي واجهايو! لايو سجايو، نيٺ ته ٿينديون لوءِ جو.(اياز) اَچو ڪُر ملهائيو، راوت رڱيو روههُ! جيسين ڏاڍا ڏيهه ۾، ڏيهه سمورو ڏوهه، للڪاري ٿو لوههُ، اڀرُو اڄ انياوَ تي (اياز) سدا اُڀريا سنڌ ۾، آنڌيءَ جيئن انسان، وڙهندي مڙس مُهان، مٽيءَ مَنجهه سمائيا(اياز) سدا اُڀريا سنڌ ۾، ڪوپا ڪَنچل لوڏ، هوڙهيايون ۽ هوڏ، ڏسي پنهنجي ڏيهه سان، (اياز) سدا آيا سنڌ ۾، نادر شاهه، ڪانهي ڪا تاريخ ۾ ويڙهه سوا ٻي واههَ، متان سوچو ساههَ، متان موٽو ماڳ تان ( اياز) سائين جي ايم سيد، سنڌ جي صدين جي تاريخ جو پڙاڏو هيو، جنهن سنڌ جي قديم تاريخي روايتن کي نئون روپ ڏئي قومي شعور ۽ حب الوطنيءَ کي جديد قومپرستيءَ جو نالو ڏنو، جنهن شهيد مخدوم بلاول جي وطن لاءِ ڪيل ويڙهاند ۽ شاهه لطيف جي فڪر ۽ شاعراڻي ڏات جون ٻريل مشعلون کڻي، غلاميءَ جي گهگهه انڌيرن سان مزاحمت ڪئي ۽ ڌرتيءَ جي وارث، اصلوڪن، لوڪن کي پنهنجي ڌرتيءَ جي رکوالي ڪرڻ لاءِ اتساهيو ۽ کين ويساهه ڏياريو ته سنڌي هڪ قوم آهي، پنهنجي زماني جو هي “منصور” وڏي واڪي “انا الحق” جو نعرو هڻندي غلاميءَ جي ڪهري ڪوٽن ۾ ڏار وجهندو رهيو. آجپي جو نئون نڪورو سج اُڀارڻ لاءِ “سوراج” جو سنيهو ڏيندو رهيو. حشو ڪيولراماڻيءَ سنڌ جي هن عظيم قومي اڳواڻ کي مذهبي ڌٻڻ مان ڪڍي پنهنجي اصليت ڏانهن موٽائيندي کيس سنڌ جي عظمتن جو درس ڏنو۽ سائين جي ايم سيد “جيئن ڏٺو آهه مون” ڪتاب لکي مذهبي ڌٻڻ کي اورانگهي روشن خيال، سيڪيولر ۽ سوشلسٽ سنڌ اڏڻ لاءِ وک اڳتي کنئي. “نئين سنڌ” اڏڻ جي رٿا بندي ۽ جدوجهد ڪندي. سنڌ وطن جو ٻولي، ادب، تاريخ، روايتن، ڪلچر، جاگرافي، حدن جي سنڀال ڪئي. تصوف جي رنگ ۾ رڱيل هي صوفي لاڪوفي اڌو گابرو ساميوادي، ماتر ڀوميءَ جي حقن ۽ وسيلن جي تحفظ لاءِ لڳاتار ويڙهاند ڪندو رهيو. سڪندراعظم: سنڌ تي ڪاههَ کان پوءِ سنڌ جا به فلسفي، پاڻ سان وٺي ويو ۽ رستي تي انهن کان پڇائين” سنڌ جو فلسفو ڇا آهي؟” انهن مان هڪ چيو ته “ هڪ ماڪوڙو جڏهن پنهنجي ٻر ۾ آهي، تڏهن هن جي سمجهه ارسطوءَ جيتري آهي” ۽ ٻئي چيو ته “ جڏهن ماڪوڙو پنهنجي دڳ تي آهي، تڏهن هو سڪندر کان و ڌيڪ عظيم فاتح آهي” سائين جي ايم سيد پنهنجي علمي، ادبي، سياسي، سماجي ۽ فڪري مٿڀرائپ جي حواليءَ سان ڌرتيءَ جو اهڙو رکوال رهيو آهي، جنهن تاريخ جي ڪيترن ئي ڪاهون ڪندڙ ڦورن ۽ لٽيرن سان پنهنجي نظرياتي ۽ فڪري سگهه وسيلي ويڙهاند ڪئي ۽ کين منهن ٽوڙ جواب ڏنو. “سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي” “ون يونٽ “ جي ڪهري ڪوٽ جا برُج ڀڃي ڀورا ڪرڻ، سنڌ جي ڇڙو ڇڙ سياست کي قومي تحريڪ جو روپ ڏئي، کين منظم ڪرڻ جي جاکوڙ ڪئي، سائين جي ايم سيد جنهن وطن جي تصور کي پنهنجي لکڻين ذريعي چٽو ۽ نروار ڪيو، سرزمين سنڌ جي عظمتن جي معراب ۾ پنهنجو سيُس نوائيندي فخر ڪيو ۽ اياز جي سٽن کي ورجائيندي چيو ته :. سنڌ ديس جي ڌرتي توتي پنهنجو سيسُ نوايان مٽي ماٿي لايان، تنهنجي مٽيءَ منجهه ملان جي آءُ امرتا پايان مٽي ماٿي لايان. سائين جي ايم سيد جنهن سنڌ وطن جي وارثي ڪندي پنهنجي وڏڙن جي ورثي کي پنهنجي ميراث سمجهي حب الوطنيءَ جي اعليٰ روايتن جي پاسداري ڪندي پنهنجو پاڻ ملهايو. وقت جي هر ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ سان مهاڏو اٽڪائي کين هر موڙ تي للڪاريو ۽ ساڻس سخت مزاحمت ڪئي. جيلن ۽ نظربندين جي پابندي هيٺ رهندي به پنهنجي محبوب وطن جي لاءِ ويرين سان ويڙهاند ڪندي، اڳ کان به اڳرو رهيو، جنهن تاريخ جا پيرا کڻي پنهنجو پاڻ ملهايو. جهرمر جهر مِر ڏيئڙا، آهي سارو پَنڌ، ڪنهن جو ڪنهن جو ڪنَڌُ، جَرڪي ٿو ان جوت ۾. آزاديءَ جي راهه ۾، ڪجُهه به نه اجايو، لالڻ! ٿئي ٿو، دير سا لايو سجايو، سو به ته ڪم آيو، ڪَنڌ ڪريو جو پنڌ ۾. سائين جي ايم سيد جنهن سنڌ جي آجپي کي سڀني قدرتي نعمتن کان اعليٰ ۽ اُتم ڄاتو، جنهن جي لاءِ پنهنجي، املهه حياتي جا پُل پهر قربان ڪندي پنهنجي ڌرتيءَ جي “ ڌاڃ ڌڻين” جي پاسداري ڪئي، جنهن پنهنجي علمي، ادبي، ميراث سنڌ جي جهوليءَ ۾ رکي جنهن سنڌ جي راڻن تي پنهنجي مقصد جي مومل ماڻڻ لاءِ ڪاڪ جي طلسمي ورن وڪڙن کان آگاهي ڏني ۽ سندن رهنمائي ڪئي ۽ سنڌ جي راڻن، ڪاڪ محل کي ڏورڻ ۽ ووڙڻ لاءِ اياز جون هي سٽون اُچاريو. مومل! ٻيهر ٻار سارا ڏيئا ڪاڪ جا، کِيههَ کٽُن ٿا ڪا مڻي، لاهي هنڌ اُجار، هئي! هان نه هار، نيٺ ته، ايندو مينڌرو. راڻو ڪاڪ سواءِ، رهي رهندو ڪيترو؟ مومل!هو تو لاءِ، اِجهو پيو پنڌ ۾. آجپي جي منزل ماڻڻ وارو سفر صدين کان جاري آهي، جنهن جي تسلسل ۾ ٽانڊن تي به ٽهڪ ٻُرن ٿا ۽ مقتلن مان به مُرڪون ملن ٿيون. صدين جو هيءُ سڏ پڙاڏو بڻجي سنڌ جي واهڻن وسندين ۾ ڳاڙهن جهنڊن جو روپ وٺي جهومي ۽ جهولي رهيو آهي. سنڌ جي رهبر سيد اعظم، جنهن سنڌ جي نئين نسل کي پنهنجي وطن جي شُناس ڪرائي ۽ قومي ويڙهاند سان سلهاڙيو ۽ پنهنجي سموري زندگي وطن جي لاءِ وقف ڪري ڇڏي. سنڌوءَ جي ساڄي ڪنڌي تي سن شهر ۾ ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ تي جنم وٺي سنڌ وطن کان ۲۵ اپريل ۱۹۹۵ع تي جسماني وڇوڙو ڪيو، جنهن لاءِ شيخ اياز جون سٽون سرجيل آهن ته: هو جو پوڙهو جهورُ، وڙهندي ٿيو ويڙهه ۾، اڃان ڏمري ڏاڍ تي، آڻ نه مڃي مُور، سوچي ڏسي، ڏور، ايندڙ آرڻ، ڏينهڙا. لَڪن مٿان سچ ۾، ڪنهن جي ڪنهن جي سار! ڪيئي ساٿي سپر جا، ڪُلهي ڪو ڏيا يار! وڙهندي جن جا ويڙهه ۾ اَڇا ٿيا وارَ، اڙي موت، ميار، جيڏا روز جدا ڪرين. جيئن هو جهونو کير ٿر، هيءُ به ايئن اَسٿرُ، پَڪي پيڙهه پهاڙ کي ، ڌرتي ۾ آڌرُ، آهي ڄڻ ته آمرُ، بيٺو جهولي جهڪَ ۾. شيخ اياز لکيو آهي ته: مان چاهيان ٿو ته جي ايم سيد تي هڪ نظم لکان، هي وحدت الوجودي ، هي صوفي لا ڪوفي، هي اڌو گابرو ساميوادي ، هي ماکيءَ کان مٺڙو ۽وههَ کان ڪڙو ماڻهو مون کي ڪنهن جهوني بڙ وانگر لڳندو آهي. جڏهن سج ٽامڻي هڻي ويندو آهي، تڏهن هن جا ڇانو وڌيڪ گهاٽي ٿي ويندي آهي، مون اُن ڇانو ۾ ڪيئي پکيئڙا پنک پساريندي ڏٺا آهن، پر مان اُن وقت جي انتظار ۾ آهيان، جڏهن عُقاب انهيءَ بڙ مٿان ڦيرا ڏيئي تتل سج کي تيز نظرن سان گهوريندي ڏسندا. نهروءَ گانڌي لاءِ چيو هو” منهنجو پوڙهي سان پيار ته ڏاڍو هو پر مان هن کي ڪڏهن به سمجهي نه سگهيو هوس! ويا اڏامي ڪَک، پڙ تان پاهڻ نه چُري، (خليفو نبي بخش) ڀليو سڀ ڀنڀور، پٺيءَ هوت ته هليو. (ڀٽائي) اياز لکيو آهي ته: هي سنڌ سدائين رهندي، اُن تي سج اڀرندو ۽ لهندو رهندو. رڳو مان جيئن اُن کي ڏٺو آهي، مون سان مري وڃڻو آهي، مان اُن مشاهدي کي پنهنجي “آءُ” مان آجو ڪرڻ ٿو چاهيان ۽ اُن کي لکيل لفظ ۾ امر ڪري پنهنجي جندڙيءَ کان وڌيڪ جٽاءُ ڏيڻ ٿو چاهيان، مون اُن ۾اُتر جون اوتون به ڏٺيون آهن، پن جهڙ ۾ ڦيراٽيون پائيندڙ پن به ڏٺا آهن ۽ ان جي لڱ ڪانڊاريندڙ سيءُ جا سياٽا به سٺا آهن، منهنجي اکين اڳيان ڪرڙ ڪڪوريا ۽ ڪنڊا مُوريا آهن ۽ ٽوهه وليون ٽهڪيون آهن، مون ڏٺو آهي ته جڏهن وڄون ورن ٿيون ته ڪيئن “ڌمامين ڌڌڪار” ٿئي ٿو. ٿر جا ٿوهر ڦلي پون ٿا ۽ پنهنجون ٻانهون آڪاس ڏانهن اُڀيون ڪري اُن جي آجيان ڪن ٿا. مون سنڌ جون لال لوئين واريون پاڻياريون به ڏٺيون آهن ۽ انهن جا ڪونڌر به ڏٺا آهن، جن جي ڪُلهن تي ڪهاڙيون هونديون هيون ۽ جي تيستائين مٿي تي پڳ نه ٻڌندا هئا، جيستائين پلئه نه ڪندا آهن، مون ڏٺيون آهن، اهي موڪريون ڇاتيون، ڀنڀيون ڏاڙهيون ۽ شهپر ۽ مڇون جي صدين کان رت جي ريت نڀائينديون ٿيون اچن ۽ مون ڏٺيون آهن، گهرُج جي گهاڻي ۾ پيڙهيل ۽ ڏمر ۽ ڏاڍ سان ڏهڪايل ۽ نپوڙيل نستيون جندڙيون ۽ اُنهن جا سارا پيڙيندڙ ۽ ڏهڪائيندڙ ۽ اهو سارو ناسور، جو سنڌ جي رڳ رڳ مان چڪي رهيو آهي، مون سنڌ جي ماضيءَ ۾ ٽٻيون هنيون آهن ۽ اُن جي مستقبل ڏانهن اڏاڻو آهيان ۽ ڪنهن اڻ ٿڪ ڪاتار وانگر مون اُڻيا آهن، سپنا، سنڌوءَ تي اُڀرندڙ سج جا سونهرا سپنا، اياز جي انهن سپنن کي ساڀيائون ڏيڻ لاءِ . جدوجهد ڪندڙ سائين جي ايم سيد، جنهن تي نئين سج اُڀار جي اميد ڪئي ۽ نئين روشني جي ڦهلاءَ جي لاءِ پنهنجي فڪري جدوجهد ڪندي سنڌ کي نئين سپُني جي ساڀيان لاءِ گڏجي جدوجهد جي ڪوٺ ڏني، اهو سائين جي ايم سيد، جنهن لاءِ شيخ اياز لکيو آهي ته:. جي ايم سيد سنڌ سان ايئن پيار ڪندو آهي، جيئن ڪوئي ٻار ڪنهن جيئري ڪوسيءَ ڪک سان ڪندو آهي، هن لاءِ سنڌ فقط ڪاڇو ۽ ڪوهستان، کير ٿر ۽ ڪارونجهر نه آهي. پر اهي ڏاڏا پڙ ڏاڏا به آهن، جي ڪڏهن به مئا نه هئا ۽ جي هر عيد نماز تي هن سان ڪٺا هوندا آهن!!. اياز چواڻي ته: جنهن ڏينهن انسان آزاديءَ جي اُميد پلي ڇڏي، اُن ڏينهن قيامت ايندي ڇو ته زندگيءَ جي وجود لاءِ ڪو به ڪارڻ نه رهندو” انسان ذات پنهنجي هرا وانداهي دور ۾ اهڙي ويساهه کان سواءِ ته نه رهي آهي، جنهن کان سواءِ ماڻهو تڳي نه سگهي ۽ جنهن لاءِ ماڻهو مري نه سگهي. سسيءَ لٿي سوڀ، جي هوندا پايان پانڌ ۾، هيءُ جڳ سوڌو لوڀَ، سوپڻ گهوريو گهوريان (خليفو نبي بخش) لهوءِ ۾ لت پت، ڌرتي منهنجي ديس جي، پرکي پئي پت، جهونجهارن جي جنگ ۾ (اياز) جي ايم سيد جي مخالفت خدا ڪارڻ؟! عبدالخالق جوڻيجو دنيا جا سمورا غيرمعمولي ماڻهو تڪراري هوندا آهن پوءِ اهي پيغمبر هجن، انقلابي هجن يا سائنسدان هجن. جي ايم سيد هن خطي جو هڪ غيرمعمولي شخص هئو، تنهن ڪري ان جو تڪراري هجڻ ڪا غير معمولي ڳالهه ناهي. جن ماڻهن کي سندس نظريي، فڪر، عمل، ڪردار ۽/يا حڪمت عملين سان اختلاف هوندو اهي مٿس تنقيد به ڪندا، اختلاف به ڪندا، اعتراض به ڪندا ۽ ڪندا به رهن ٿا، گهٽ ۾ گهٽ مون کي ان تي ڪو اعتراض ناهي، ڇاڪاڻ ته سڀني غيرمعمولي ماڻهن سان ايئن ٿيندو آهي. پر جي ايم سيد جي معاملي ۾ ڳالهه ڪجهه ٻي ۽ صورتحال مختلف آهي، هتي ڪجهه ماڻهن جي ڳالهين مان ۽ انهن جي عمل ۽ ڪردار مان ايئن محسوس ٿيندو آهي ته جهڙوڪ انهن کي جي ايم سيد جي معاملي ۾ ڳالهه ڪجهه ٻي ۽ صورتحال مختلف آهي، هتي ڪجهه ماڻهن جي ڳالهين مان ۽ انهن جي عمل ۽ ڪردار مان ايئن محسوس ٿيندو آهي ته جهڙوڪ انهن کي جي ايم سيد سان “خدا ڪارڻ” دشمني آهي، هڪ ٻئي جا سخت مخالف چيا ويندڙ ۽ سمجهيا ويندڙ جي ايم سيد دشمنيءَ ۾ هڪ ٻئي سان متفق نظر ايندا آهن. جي ايم سيد جون غلطيون ڳولهڻ لاءِ دوربينيون ۽ انهن ۾ وڌاءُ ڪرڻ لاءِ خوردبينيون کنيو پيا هلندا پر ٻيا ماڻهو ساڳئي قسم جون غلطيون ڏهوڻيون ڪندا ته يا ته انهن جو ذڪر ئي نه ڪندا يا وري ماڳهين انهن جو بچاءُ ڪندا ۽ انهن جي حق ۾ مختلف جواز گهڙيندا ۽ مجبورين جا داستان پيش ڪندا. مان هميشه چوندو آهيان ته جي ايم سيد تي ضرور تنقيد ڪريو پر انهن ڪمن ۽ عملن جي بنياد تي جيڪي هن ڪيا آهن، اهي نه جيڪي توهان جي دماغ ۾ آهن، ۽ پوءِ انهن ساڳين بنيادن ۽ معيارن تي پنهنجي پسنديده ليڊرن جو ۽ خود پنهنجو به تنقيدي جائزو وٺو. رجعت پسند هجن يا ترقي پسند، مذهبي بنياد پرست هجن يا سيڪيولر، جمهوريت جا شيدائي هجن يا آمريت جا ساٿاري، انهن جي اڪثريت جا جي ايم سيد بابت خيال هڪ جهڙا هوندا آهن ۽ اهي لڳ ڀڳ اهي هوندا آهن جيڪي حڪمرانن جا هوندا آهن ۽ جيڪي اسٽيبلشمينٽ ڦهلائيندي رهندي آهي. ايتري تائين جو ڪي ڪميونسٽ ۽ “ٺڦ انقلابي” به ان معاملي ۾ حڪمرانن جي قطار ۾ بيٺل نظر ايندا، انهن ۾ زندگيءَ جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ جهڙوڪ سياستدان، اديب، ليکڪ، صحافي، پروفيسر، ڪامورا، انساني حقن جا جاکوڙي ۽ سماجي ورڪر وغيره، ٻيو ته ٺهيو جيڪو ڪجهه به ناهي هوندو سو ڪجهه ٿيڻ لاءِ جي ايم سيد تي تنقيد ڪندو آهي. انهن سڀني جا ساڳيا الزام ۽ اعتراض هوندا آهن، جي ايم سيد مذهبي سياست ڪئي، جمهوريت جو مخالف هئو، اسٽيبلشمينٽ جو حامي هئو، ڏسجي ته انهن الزامن جي حقيقت ڇاهي. اهو صحيح آهي ته زندگيءَ جي هڪ مرحلي تي جي ايم سيد مذهبي سياست ڪئي، پر پوءِ جلدي ئي هن نه رڳو ان سياست کي رد ڪيو پر ان کي پنهنجي زندگيءَ جي عظيم غلطي تسليم ڪيو ۽ پنهنجي ان مختصر ڪردار لاءِ ڊگهي عرصي تائين تاريخ کان معافيءَ جو طلبگار رهيو، نه رڳو ايترو پر پنهنجي سڄي ڊگهي زندگي سيڪيولرزم لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو، سياست جو ميدان هجي يا فڪري ۽ نظرياتي جنگ جو محاذ، سيڪيولرزم لاءِ هن خطي ۾ جي ايم سيد جي جدوجهد ۽ قربانين جو ڪو مٽ ناهي. هاڻي اهو هڪ عالمگير اصول آهي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجو هڪڙو موقف/ڪردار ڇڏي ٻيو اختيار ٿو ڪري ته سندس سڃاڻپ پوئين حوالي سان ٿيندي. مثال طور محمد علي جناح زندگيءَ جي پهرئين حصي ۾ پڪو ڪانگريسي ۽ گانڌيءَ کان وڌيڪ سيڪيولر هئو پر دنيا کيس پوئين ڪردار جي حوالي سان مسلم قوميت جي وڪالت ڪندڙ مسلم ليگيءَ طور ياد ڪري ٿي. ٻئي طرف شيخ مجيب الرحمان پهرين مسلم ليگ ۽ مسلم قوميت جو پرجوش حامي هئو پر سندس سڃاڻپ هڪ سيڪيولر سياستدان ۽ بنگالي قومپرست طور ٿئي ٿي. جي ايم سيد تي تنقيد ڪندڙن ۾ پيپلز پارٽيءَ وارا سڀني کان اڳرا هوندا آهن، اهي اهو وساري ويهندا آهن ته اهو سندن ليڊر ذوالفقار علي ڀٽو هئو جنهن آئيني طور رياست کي مذهبي بڻايو ۽ دنيا ۾ انوکو مثال قائم ڪندي رياست کي اهو اختيار ڏنو ته اها ماڻهن جي مذهب جو تعين ڪري جڏهن ته جديد دنيا جا سمورا اصول ۽ قانون اهو ٿا چون ته مذهب انسان جو ذاتي معاملو آهي ۽ رياست جو ڪو به مذهب ناهي ٿيندو. سندس پوئلڳ صوفي يونيورسٽي ته قائم ڪن ٿا پر کين خبر ناهي ته صوفين جو رهنما اصول اهو آهي ته “اري لوگو تمهارا ڪيا، مين جانون ميرا خدا جاني”. مزي جي ڳالهه ته جي ايم سيد تي مذهبي سياست جي حوالي سان تنقيد ڪندڙ “ترقي پسند” صحافي ۽ ليکڪ ذوالفقار علي ڀٽي جي ان ڪارنامي جو ذڪر ئي ناهن ڪندا جنهن جي نتيجي ۾ هن ملڪ ۾ مذهبي انتهاپسندي وڌي ۽ ان جي ڪري ٿيندڙ دهشتگرديءَ ايتري تباهي ڪئي آهي. ويجهڙائيءَ ۾سنڌ جو هڪ اهم سياسي ڪردار ڄام ساقي گذاري ويو، ان پنهنجي زندگيءَ جو جيترو حصو (اٽڪل ۲۵ سال) ڪميونسٽ نظريي تحت هارين مزدورن جي مفادن لاءِ سيڪيولر سياست ڪئي، اوترو ئي عرصو ان جي ابتڙ وڏيرن، جاگيردارن ۽ پيرن ميرن تي مشتمل ۽ ملڪ کي مذهبي بڻائيندڙ جماعت پيپلز پارٽيءَ ۾ ڪم ڪيائين. ڪميونسٽ نظريي کي رد ڪندي پيرن جي درگاهن تي چلا ڪڍيائين ۽ ملڪ جي سڀ کان اهم مذهبي نظرياتي پارٽي جماعت اسلاميءَ جي مرڪز ادارا نورالحق ۾ وڃي سوشلزم تي تنقيد ڪيائين، هڪڙو ٻيو همراهه جنهن جي ايم سيد جي پارٽي ۽ جدوجهد کان “ترقي پسندي” جي بنياد تي علحدگي اختيار ڪئي، اهو پنهنجي هر سياسي عمل جي شروعات مذهبي رسمن سان ڪندو آهي، جڏهن عراقي ڊڪٽيٽر صدام حسين آمريڪي حملي وقت عوام جي مذهبي جذبن کي اڀارڻ خاطر ملڪي جهنڊي تي ڪلمو لکرايو ته هن همراهه سنڌ ۾ چاڪنگ ڪرائي پاڻ کي صدام وانگر مسلمانن جو ليڊر لکرايو. جي ايم سيد تي سندس هڪڙو اعتراض اهو به هئو ته اهو وڏيرو آهي ۽ وڏيرڪي سياست ٿو ڪري پر پوءِ پاڻ هي همراهه سالن جا سال ڏکڻ ايشيا جي سڀ کان وڏي جاگيردارن جي جماعت (پيپلز پارٽي) سان گڏ سياست ڪندو رهيو. ان ۾ کيس ڪا به خرابي نظر نه آئي ۽ نه ئي سيد تي تنقيد ڪندڙ لکارين ڪڏهن ان جو ذڪر ڪيو. جي ايم سيد سان “خدا ڪارڻ” دشمني رکندڙن کي هڪڙي تڪليف اها به هوندي آهي ته جنرل ضياءَ، سيد سان ملاقات ڪئي، انهن ۾ شامل هڪڙي خاتون پروفيسر به آهي، ان کي به سيد سان “ترقي پسندي” تي اختلاف رهيو آهي ۽ پاڻ کي وڏي پروگريسو چورائيندي آهي، جيتوڻيڪ ڪافي وقت ان نسل پرستيءَ جي سياست ڪئي، جنهن جي اڃا تائين معافي به نه ورتي اٿائين. اها رکي رکي جنرل، ضياءَ جي سيد سان ملاقات جي تصوير سوشل ميڊيا تي هلائيندي آهي. ان کي ضياءَ جي سيد سان ملاقات تي ته اعتراض آهي پر شيخ اياز جي جنرل ضياءَ جي نوڪري ڪرڻ ۾ کيس ڪا خرابي نظر نه ٿي اچي. دنيا ڄاڻي ٿي ته شيخ اياز کي مان مرتبو قومي تحريڪ ۾ قومي شاعريءَ جي ڪري مليو، موقعو ملڻ تي قومي تحريڪ کي تياڳي سنڌ جي قومي وجود جي انڪاري ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت ۾ وائيس چانسلر ٿيو، جڏهن ضياءُ الحق ذوالفقار علي ڀٽي کي پهرين اقتدار تان لاٿو ۽ پوءِ ڦاهيءَ تي چاڙهيو تڏهن به شيخ اياز ڪرسيءَ تي ويٺو رهيو، جيتوڻيڪ اها سڄي دنيا جي مڃيل روايت آهي ته جڏهن ڪا حڪومتي ٺيڪي(Contract) تي ڪي سفير يا ادارن جا سربراهه مقرر ڪندي آهي ته ان حڪومت جي وڃڻ سان اهي ماڻهو اعليٰ اخلاقيات جو مظاهرو ڪندي استعيفيٰ ڏيندا آهن. اياز نه رڳو ايئن ڪو نه ڪيو پر ڪرسي بچائڻ لاءِ ڀٽي واري لبرل سوچ کي به مٽيءَ ۾ دفن ڪندي جنرل ضياءَ واري مذهبي رنگ ۾ رڱجي ويو. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ جماعت اسلاميءَ جي سرپرستيءَ ۾ “نظريه پاڪستان، ۽ “اسلامي نظام” جي تبليغ جا پروگرام ٿيڻ لڳا. قومي تحريڪ سان واڳيل هجڻ ڪري درجنين شاگردن کي ريسٽيڪيٽ ڪيو ويو ته انهن جو ڪيس منهنجي استاد نورالدين سرڪيءَ کنيو. ان ۾ شيخ اياز طرفان لکت ۾ جواب پيش ٿيو ته “اهي شاگرد يونيورسٽيءَ ۾ راجا ڏاهر جي ورسي پيا ملهائين ان ڪري ريسٽيڪيٽ ڪيا ويا. اهي به خبرون ڪافي گرم رهيون ته شيخ اياز نوڪريءَ جي مدي ۾ واڌ جي درخواست جنرل ضياءَ ڏانهن موڪلي پر ان اها رد ڪري ڇڏي. اها خاتون اٺن اٺن ڏينهن جا اياز ميلا ڪرائيندي آهي جتي ڪيترا ئي “ناميارا” ليکڪ/ ليکڪائون اياز جي شان ۾ قصيدا پڙهندا آهن پر ڪير به مٿين ڳالهين مان ڪنهن هڪ جو به ذڪر ناهي ڪندو/ ڪندي. نه ئي اياز جي زندگيءَ جي پوئين ۲۲ سالن جو ذڪر ڪيو ويندو آهي. بس هر ڪنهن اها ئي وائي وات هوندي آ ته اياز عظيم هئو. اياز قديم هئو. باقي اها ڳالهه سڀ ڪندا آهن ته “جي ايم سيد جنرل ضياءَ سان ملاقات ڪئي، قهر ٿي ويو” (جيتوڻيڪ ائين چوڻ به درست ناهي، ڇاڪاڻ ته ملاقات جنرل ضياءَ جي ايم سيد سان ڪئي هئي). هڪڙو وڌيڪ “گناهه” جي ايم سيد جي کاتي ۾ اهو هوندو آهي ته هن جنرل ضياءَ کي شريف النفس چيو. مان ان لفظ جي پس منظر ۽ اڳ پوءِ ۾ في الحال ڪو نه ٿو وڃان، رڳو ايترو سوال مٿي ذڪر ڪيل ۽ ٻين “ڏاهن” جي آڏو رکان ٿو ته جنرل ايوب خان کي “ڊيڊي” سنڌ جو ڪهڙو سياستدان چوندو هئو. مان في الحال ان جو به نالو ڪو نه ٿو لکان. باقي اهو ياد ڏياريان ٿو ته ڀٽ شاهه جي ميلي تي جنرل ايوب خان جي وزير ذوالفقار علي ڀٽي چيو هئو ته “جيڪڏهن شاهه لطيف زندهه هجي ها ته ايوب خان جي شان ۾ شعر ضرور چوي ها”!!. جنرل ضياءَ جي حوالي سان ڪميونسٽ دوستن کي به سيد تي ڪاوڙ هوندي آهي، اهي به ضيا-سيد ملاقات کي وڏو هاڃو سمجهندا آهن، مان انهن کي چوندو آهيان ته هڪ ته ملاقات سيد نه پر ضياءَ جي خواهش تي ٿي، جنهن ۾ ضياءَ جي حيثيت حڪمران واري هئي، جڏهن ته سيد ان جو قيدي هئو. ٻيو ۽ وڌيڪ اهو نقطو آهي ته ڇا جنرل ضياءَ سان ملاقات کان پوءِ سيد، ضياءَ جي ڪن پاليسين پروگرام جي حمايت ڪئي؟. يا سيد پنهنجي پروگرام ۾ ڪا تبديلي ڪئي؟ (اها ته محترمه بينظير ڀٽو هئي جنهن اقتدار ۾ اچي ڊڪٽيٽر ضياءَ جي پاليسين تي عمل ڪيو). انهن سوالن جا جواب نه ملڻ تي چوندا آهن ته “پر اهڙي بدنام ۽ عوام دشمن ڊڪٽيٽر کي شريف النفس چوڻ ته غلط هئو” هاڻي اها ته هڪ عالمي طور مڃيل تاريخي حقيقت آهي ته ضياءُالحق، پنوشي، مارڪوس ۽ صدام حسين وغيره جهڙن ظالم، جابر ۽ فاشسٽ ڊڪٽيٽرن جو استاد هٽلر هئو. جنهن وقت اهو هڪ ٻئي پٺيان ملڪن تي قبضا ڪري رهيو هئو، قومن کي غلام بڻائي رهيو هئو ۽ پنهنجي ملڪ ۾ توڙي ٻين مفتوحه ملڪن ۾ ماڻهن کي گاهه جيان ڪتر ڪري رهيو هئو ۽ مکين مڇرن وانگر تباهه ڪري رهيو هئو ان وقت عظيم ڪميونسٽ اڳواڻ جوزف اسٽالن نه رڳو ساڻس ملاقات ڪرڻ برلن ويو پر ان سان جنگ نه ڪرڻ جو معاهدو به ڪري آيو. ان لاءِ چيو ويندو آهي ته اها سندس “عظيم” حڪمت عملي هئي. ڪيترن معاملن مان مٿي ذڪر ڪيل صرف چند مثال آهن جيڪي ڏيکارين ٿا ته زندگيءَ جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ۽ مختلف مڪتبئه فڪر وارا (ڪن حالتن ۾ ته مخالف) ماڻهو جي ايم سيد جي مخالفت تي متفق آهن، خاص ڪري انهن الزامن تي ته “جي ايم سيد” ڪنهن وقت مذهبي سياست ڪئي ۽ جي ايم سيد “ڊڪٽيٽرن جو حامي هو”. مٿيان مثال واضح نموني ثابت ڪن ٿا ته ڪي الزام ته مڪمل طور غلط ۽ ڪوڙا آهن جڏهن ته ٻين ۾ جيڪڏهن جي ايم سيد مختصر مدت لاءِ ثانوي ڪردار ادا ڪيو ته ٻين همراهن انهن ۾ زندگي جو وڏو حصو مکيه رول ادا ڪيو. وڌيڪ اهو ته جي ايم سيد پنهنجي غلطي نه رڳو تسليم ڪئي پر باقي سڄي عمر ان جي ازالي جي جدوجهد ۾ گذاري، جنهن دوران هن اهڙا ڪم ۽ عمل ڪيا جن جو فائدو سڄي سنڌ وانگر اهي تنقيد ڪندڙ به حاصل ڪري رهيا آهن. ان جي ابتڙ ٻيا ليڊر ۽ شاعر/دانشور پنهنجي متضاد موقفن ۽ ڪردار بابت ڪڏهن شرمندا نه ٿيا، پوءِ به اڄوڪا همراهه انهن جي تعريف ۽ سيد تي تنقيد ٿا ڪن. هاڻي سوال آ ته ايئن ڇو آهي؟ هڪڙو ته سولي سنڌيءَ ۾ جواب آهي ته خدا ڪارڻ دشمني ٻيو ڪن دوستن کي شايد حقيقت جي پوري ڄاڻ نه هجي يا رياستي پروپيگنڊا کان متاثر ٿيندا هجن. اهو به آهي ته جيئن سيد سدائين حڪمرانن سان جهيڙي ۾ رهيو آهي تنهن ڪري ان جي پاسي بيهڻ خطري کي دعوت ڏيڻ آهي، جڏهن ته ان تي تنقيد ڪرڻ سان طاقتور ڌرين جو به آشيرواد ملندو ۽ “انقلابي” سڏائن وارو فيشن به پورو ٿيندو. بهرحال جيڪي به هجي وقت اچي ويو آهي ته سنڌ، سنڌي قوم ۽ انسان ذات جي ڀلائيءَ کي بڻياد بنائي سڀ ڪنهن جو احتساب ڪجي ۽ هر ڪنهن سان ليکو چوکو ڪجي، ڪير به طئي ٿيل “معتبر ۽ مقدس” ناهي. جڏهن ماڻهن جي گڏيل مسئلن ۽ سماج جي مستقبل بابت معاملا هجن ته لکندڙن ۽ ڳالهائيندڙن کي ذميوار ٿيڻو پوندو. ايئن نه ٿيندو ته “ٻين” جي معاملي ۾ وڏو “اصول پرست” ۽ تنقيد نگار بڻجي وڃجي ۽ “پنهنجي” واري اچڻ تي يا ته قصيده گوئي ڪجي يا وري “شام غريبان” پڙهجي. سائين جي ايم سيد مُحسن انسانيت علي نواز ٻٽ جيڪي سياستدان سائين جي ايم سيد جا مخالف آهن يا اُهي سياسي ورڪر جن سائين جي ايم سيد کي ڇڏي وڃي ڌار ديرو ڄمايو، اُهي سيد جي نظرئي جو متبادل نظريو ڏئي نه سگهيا آهن پر اُهي چوندا رهندا آهن ته سائين جي ايم سيد ڊڪٽيٽر هُيو ۽ ٻئي ڪنهن جي ڳالهه نه مڃيندو هُيو. اُها ڳالهه فقط پروئگنڊا طور ڪئي ويندي هئي ۽ ڪئي وڃي ٿي. انهن لاءِ آئون ڪيترا ئي مٿال ڏئي سگهان ٿو، هڪڙو مثال جنهن جو هيٺ ذڪر ڪري رهيو آهيان ته سائين جي ايم سيد مئڊم حميده کهڙو کي جيئي سنڌ محاذ ۾ شامل ڪرڻ ٿي گهريو پر جڏهن جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻن راضپو نه ڏيکاريو ته سائين زور زبردستيءَ ان کي شامل نه ڪيو. مئڊم جي دل رکڻ خاطر کيس عورتن جي تنظيم جو سربراهه ٺاهيائين جيڪا مئڊم ٺاهي نه سگهي. ٻيو محترم عبدالواحد آريسر کي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين شپ تان هٽائڻ لاءِ ڪيئي ٽولا سائين جي ايم سيد وٽ ويا پر سيد آريسر خلاف ڪو به قدم نه کنيو. عبدالواحد آريسر خلاف الزام هيو ته هو ڪميونسٽ آهي، ٽيون سائين جي ايم سيد جيڪي به فيصل ڪندو هيو ته اُن لاءِ جيئي سنڌ جي سينيئر اڳواڻن کي گهرائي صلاح ڪندو هيو ۽ گڏيل صلاح سان ڪو به فيصلو ڪندو هيو. جيئن حبيب الله ناريجو جي باري ۾ ڪيو ويو، حبيب الله هٿرادو طريقي سان ايئرفورس جي ڪجهه نوجوانن کي ورغلائي، انهن جا آفيس ڪارڊ وٺي وڃي ڳجهن ادارن کي ڏنا هُيا ته هي را جا ايجنٽ آهن ۽ انهن خلاف ڪورٽ مارشل ڪيو ويو هُيو ۽ کين سخت پورهئي سان سزا ڏئي جيل موڪليو ويو هُيو. اهو مسئلو سائين جي ايم سيد جي سامهون آندو ويو ته ان لاءِ پوري انڪوائري ڪرايائين. اُن انڪوائري جي بنياد تي حبيب الله ناريجو جي ميمبرشپ ختم ڪئي وئي هئي. ايس اين اي جي جڙڻ وقت هر ڪنهن ڏٺو ته سائين جي ايم سيد پنهنجا خيال ونڊيا ضرور پر مڙهيا نه، گڏيل راءِ سان فيصلا ڪرايائين. سائين جي ايم سيد جيئن ته نظربند هوندو هيو، ان ڪري جماعتن کي خودمختيارڪري ڇڏيو هُيائين. آزاد ٿيو ته به پنهنجي راءِ سڀني آڏو رکندو هُيو. هڪڙي ڳالهه چٽي هوندي هُئي ته هوُ نظريي تي ڪنهن به قسم جي سودي بازي نه ڪندو هُيو. سيد حد کان وڌيڪ جمهوريت پسند هُيو ۽ تنقيد ڪندڙن کي، تنقيد ڪرڻ لاءِ پاڻ وڌيڪ موقعا فراهم ڪندو هُيو. انهيءَ لاءِ مشهور آهي ته جڏهن سندس ڪتاب “جيئن ڏٺو آهي مون” تي محمد موسيٰ ڀٽي ۽ قربان بگٽيءَ تنقيد ڪئي هئي ته پاڻ پنهنجن سمورن ڪتابن جو سيٽ انهن ڏانهن موڪليو هيائين ته هنن سڀني تي تنقيد ڪريو. سائين جي ايم سيد مٿان هي به الزام لڳايو ويندو رهيو آهي ته هن، تنظيم اندر ڪرمنل ماڻهن مٿان ڪو به ايڪشن نه کنيو ۽ اها ڳالهه به درست ڪونهي. سيد چوندو هُيو ته “ هر الزام لاءِ انهن جي ثابتي ۽ گواهيون آڻيو، بنا گواهيءَ جي ڪنهن مٿان ايڪشن نٿو کڻي سگهجي” باقي پاڻ هر دم ڪرمنل ماڻهن جي مخالف ڪندو هُيو ۽ انهن جي جڳ جهان ۾ خواري ڪندو هيو. مثال طور هڪ دفعي گل محمد جکراڻي ڪنهن ماڻهوءَ کي سن ۾ ڇڏي ويو ۽ سائين جي ايم سيد کي عرض ڪيائين ته هن ماڻهوءَ جي زندگيءَ کي خطرو آهي. مٿس قتل جو الزام آهي، ٻئي هنڌ هوندو ته مارجي ويندو. سائين جي ايم سيد سان جيڪي به ماڻهو ملڻ ويندا هُيا ته انهيءَ ماڻهوءَ جي باري ۾ انهن کي ٻڌائيندو هيو ته؛ ”اهو ماڻهو جيڪو اوهان ڏٺو، جيڪو هيٺين بنگلي ۾ رهيل آهي، انهيءَ جو خون ٿيل آهي ۽ گل محمد خان هتي ڇڏي ويو آهي.“ آ محترم سيد غلام شاهه، محترم عبدالخاق جوڻيجو ۽ محترم محمد هاشم کوسو، جڏهن سن وياسون ته سائين جي ايم سيد انهيءَ جو ٻڌايو ته انهيءَ مٿان ڪراچيءَ جي فسادن ۾ بس مٿان فائرنگ جو ڪيس آهي، انهيءَ جا پر ڪار اهي آهن ته هتي سن ۾ رهندي به نٿو مڙي ۽ پنهنجي ٽولي سان وڃيو ڦرون ڪري وري پاڻ ۾ ڦر جي پيسن تي نه ٺهن ته جهيڙا ڪن ۽ فيصلا ڪرائين، جڏهن مون کي سندن پرڪارن جي خبر پئي ته مون کين چيو ته هلو هتان وڃي ٻاهر ڌوڙ پايو، اهڙي طرح ڪجهه ٻيا قصا به ٻڌايائين ۽ اهي قصا هر هڪ کي ٻڌائيندو رهندو هيو ۽ چوندو هيو ته؛ “هاڻي انهيءَ حالت ۾ اسان ڇا ڪريون، آئون نظربند آهيان، هڪڙي ڪمري تائين محدود آهيان، اسان جا اڳواڻ اچيو هتي ماڻهو سام طور ڇڏيو وڃن، جيڪي ڏوهاري آهن، اسان جي مجبوري اها آهي ته اسان دروازو بند نٿا ڪري سگهون!. سائين جي ايم سيد اخلاق جي حوالي سان هر وقت نصيحت ڪندو هيو ۽ چوندو هيو ته بلند ڪردار وارا انقلاب آڻيندا، هوُ ڪرمنل ماڻهن مٿان به سخت تنقيد ڪندو هيو، ان حد تائين جو هو ميڊيا جو به خيال نه ڪندو هُيو ۽ صحافين ۽ عام خلق جي سامهون به چئي ڏيندو هيو، انهيءَ جو وڏو مثال سنڌي پورهيت سنگت پاران ۱۹۹۲ع تي تاج محل هوٽل ۾ جيئي سنڌ محاذ جي، مرڪزي باڊيءَ جي مان ۾ ڏنل آجياڻي ۾ مهمان خاص طور پاڻ جيڪا تقرير ڪيائين، اها رڪارد تي آهي، جنهن ۾ سائين جي ايم سيد سوين ماڻهن جي سامهو چيو ، جنهن ۾ صحافي، دانشور، مختلف جماعتن جا اڳواڻ ۽ قومي ڪارڪنن هُيا ته “اخلاق کان سواءِ ڪا به قوم ترقي نه ڪري سگهندي، اوهان بداخلاقي ڪندئو، چوريون ڪندئو، ڌاڙا هڻندئو ته اوهان ترقي ڪري نه سگهندا، سياست جو بنياد اخلاق تي آهي، بدقسمتي آهي جو اسان جا نوجوان اخلاق جي طرف گهٽ ڌيان ڏين ٿا. جيڪڏهن اوهان ڀانيو ٿا ته اوهان آزاد ٿيو، توهان هڪ قوم بڻجو ته اوهان ۾ اخلاق هئڻ گهرجي ۽ توهان کي پئسن جي لاءِ اقتدار لاءِ بداخلاقيءَ جو ڪم نه ڪرڻ گهرجي، اوهان اخلاق جي ذڙيعي ڪامياب ٿي سگهو ٿا، هي ڊگهي تقرير آهي جيڪا ڪتاب سنڌ جو آواز ۾ “صفحي ۱۹۵ کان ۲۰۰ “ تي شايع ٿيل آهي، چوڻ جو مقصد هيو ته سيد ڪرائيم ۽ اخلاق کان ڪريل هر عمل جو مخالف هيو. ۱۹۸۴ع ۾ جيڪي دوست جيئي سنڌ محاذ ۽ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن، توڻي سنڌي پورهيت سنگت کان ڌار ٿيا ته انهن به ساڳيا الزام سائين جي ايم سيد مٿان لڳايا، جيڪي اڳ ۾ ڪميونسٽ دوست هڻندا رهيا هُيا ته جي ايم سيد وڏيرو آهي، جي ايم سيد سوشلسٽ نه آهي. وغيره. جي ايم سيد وڏيرو آهي يا وڏيرن کي ويجهو ٿو رکي، انهيءَ تي ڌار بحث ڪنداسين، هتي رڳو ايترو چوندس ته اُهي دوست، سيد کي ڇڏڻ کانپوءِ سنڌ جي هڪ وڏي وڏيري جي جماعت ۾ وڃي شامل ٿيا. جيستائين رهيو سوال ته جي ايم سيد سوشلسٽ يا ڪميونسٽ نه آهي، اها ڳالهه درست آهي ته سائين جي ايم سيد ڪميونسٽ نه هيو ۽ نه ئي جيئي سنڌ محاذ ڪميونست پارٽي هُئي/ آهي. سائين جي ايم سيد نيشنلسٽ هيو ۽ جيئي سنڌ محاذ نيشلسٽ پارٽي آهي. سيد سوشلزم کي پنهنجي آئين ۾ شامل ڪرايو هُيو، جيئي سنڌ محاذ جا چار مکيه نقطا آهن (۱) نيشنلزم (۲)سوشلزم (۳) سيڪيولرازم (۴) جمهوريت. سائين جي ايم سيد جو چوڻ هُيو ته اسان وقت ۽ حالتن موجب، سنڌ اندر سوشلزم جو نفاذ ڪنداسون، هُو سوشل شعائونزم جو مخالف هيو. سندس مسلڪ صوفي هيو، هو سنڌ جي صوفين جي تعليم کان گهڻو متاثر هُو. خاص طور شاهه عبدالطيف ڀٽائي ءَ کان گهڻو متاثر هُيو ۽ سائين جي ايم سيد واحد عالم هُيو، جنهن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کي پير ۽ فقير بجاءِ هڪ عظيم رهنما ڪري پيش ڪيو، سندس ڪتاب “پيغام لطيف” کان لطيف کان پوءِ سنڌ جي دانشورن ترقي پسند سوچ تحت شاهه عبداللطيف ڀٽائي تي تحقيق ڪرڻ شروع ڪئي. هن ڳالهه کان ڪو به انڪار نٿو ڪري سگهجي ته سائين جي ايم سيد ئي آهي، جنهن سنڌ کي قومي نظريو ڏنو. ۱۹۸۴ع ۾ جيڪي دوست ڌار ٿيا، انهن مان ڪن مزدورن ۽ هارين جي جماعت ٺاهڻ جا اعلان ڪيا، ليڪن اڳتي هلي، اهي مختلف گروپن ۾ ورهائجي ويا، ڪن جو ايمان سلامت رهيو، ڌڪ کائي وري به قومي نظريي تي رهيا پر گهر ويهي رهيا جيئن سيد قائم الدين شاهه آهي، ڪيئي وڃي وفاقي جماعتن ۾ شامل ٿيا، جتي ذات وڏيرو هيو، اهو ايئن ئي آهي، جيئن ڪجهه سياستدانن ون يونٽ خلاف هلايل تحريڪ ۾ محمد محمد ايوب کهڙو ۽ پير علي محمد راشدي جي سخت مخالفت ڪري سائين جي ايم سيد مٿان تنقيد جا تير وسايا، ڇو ته انهن ون يونٽ ٺهرائڻ ۾ سرڪار جو طرف ورتو هيو پر پوءِ اُهي وڃي ذوالفقار علي ڀٽو جا ساٿاري ٿيا جيڪو ون يونٽ واري دور ۾ ايوب خان جو وزير هو، ٻيو اهو ته ذوالفقار علي ڀٽي سان ذات وڏيرو ۽ پير شامل هُيا ۽ انهن ئي ذوالفقار علي ڀٽي معرفت پنجابين، بنگال کي پاڪستان کان عليحده ڪرايو، پريسون، بند ٿيون، ڪتابن تي بندش پئي، سياسي ورڪر جيل ويا، بلوچستان ۽ سرحد ۾ گورنر راڄ لڳا، بلوچستان تي فوج ڪشي ٿي، جيڪا اڄ تائين جاري آهي. سائين جي ايم سيد محسن انسانيت هيو، هو به عالم سڀ آباد ڏسڻ پيو چاهي، ان لاءِ هوُ سنڌ کي وسيلو بڻائڻ پيو چاهي، هوُ غلاميءَ جا ڳٽ لاهڻ پيو چاهي، هوُ مذهبي مت ڀيد کان آجو ۽ رواداري وارو ماحول پيو چاهي. اڄ پاڪستان اندر انسانيت جو ڪوس ٿي رهيو آهي. ملان ازم تيزيءَ سان اڀري رهيو آهي، بم بلاسٽ تائين، مسجدن، امام بارگاهن ۽ اسڪولن، پبلڪ پليسن، آرمي جي گاڏين ۽ درويشن جي درگاهن م بم ڦاڙيا ٿا وڃن. اڄ اڌ دنيا انهيءَ مرض ۾ ڦاٿل آهي. هو انهيءَ طريقيڪار جو مخالف هيو، هو ملان، مڪتب جو مخالف هيو، پوءِ اهو ملان مسلمانن، هندن عيساين جو هجي، ڇو ته هر مذهب ۾ ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ ملان هڪ ٻئي کي ڪافر ٿا سڏين ته پوءِ مسلمان ڪير آهي؟ سيد محبت جو درس ڏنو، هُن کي انسانيت سان محبت هئي، هن سنڌ خاطر سچ چوڻ جي ڏوهه ۾ جيل ۽ نظربنديءَ ۾ گذاريو پر نظرئي تان تر جيترو به نه هيو. سندس نظريي ۾ سنڌ جي نجات ۽ دنيا لاءِ امن جو پيغام آهي. اڄ جڏهن سيد جون چيل ڳالهيون سچ ثابت ٿيون آهن، پوءِ به سيد مٿان پيروپئگنڊا جا تير وسندا رهن ٿا. جي ايم سيد ۱۷ جنوري سنڌ کي سيد جو جنم ڏينهن مبارڪ ارباب ڇڄڙو ميڏا عشق به تون.. ميڏا يار به تون.. جڏهن کان انسان شعوري اک کولي آهي تڏهن کان ڏاهن ماڻهن، انسان جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو آهي. ڪن سائنسدان بڻجي ڪم ڪار لاءِ اوزار ايجاد ڪيا، جن جي وسيلي ڪم ڪار ۾ سهولت پيدا ٿي، انهن ايجاد نه ته اڄ دنيا کي حيرانگيءَ جي حد تائين پهچائي ڇڏيو آهي، دنيا هڪ ڳوٺ مثال ٿي وئي آهي. اهڙيءَ طرح وري ٻين ڏاهن وري ٻيا ڪم ڪيا ۽ ڪن وري انسانيت کي بچائڻ لاءِ ڪي قانون ۽ متا جوڙا يا ته جيئن انسانيت حفاظت سان اڳتي وڌي سگهي. جن جي ڪامل اصولن کي اڳتي هلي مذهب جو نالو ڏنو ويو، اهڙا ڪامل انسان دنيا جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پيدا ٿيا آهن. جن کي وري مختلف نالن سان سڏيو ويو آهي عرب دنيا ۾ انهن ڪاملن کي پيغمبر ۽ نبي سڱورا سڏيو وڃي ٿو. يورپ ڏي وري انهن کي فيلسوف سڏيو وڃي ٿو. هت هندستان ۾ وري سنت ساڌو، صوفي ۽ ٻين نالن سان گڏ ڏاهو به سڏيو وڃي ٿو. هندستان ۾ ڪرشن، مهاوير ۽ گوتم ٻڌ جهڙا عظيم انسان پيدا ٿيا جن امن جو پيغام ڏنو مثال طور هي ٿئي شخص بادشاهي ڇڏي انسانن جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪندا رهيا، هنن ڪڏهن به پنهنجي پيٽ ڀرڻ جي ۽ ماڻهن کي بکيو رکڻ جي ڪوشش نه ڪئي، سندن اهو پيغام سنڌ جي عظيم شاعر شاهه لطيف رح به پنهنجي بيتن ۾ ورجايو آهي. ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع سن جي شهر ۾ جناب جي ايم سيد پيدا ٿيو. هن ڏٺو ته سنڌ جا رهاڪو لوڪ بک ڏک ۾ ان پيغام کي سانڍيو ٿا اچن. هنن وٽ دنيا لاءِ امن ۽ خوشحاليءَ جو پيغام آهي جيڪو دنيا ۾ امن پيدا ڪري سگهي ٿو، هن ڏٺو ته اڄ کان هزارين سال اڳ به هت جي لوڪن وٽ هٿيار جي بجاءِ هٿن ۾ ساز هيو.ناچ هيو ۽ راڳ هيو. اڄ به سنڌين وٽ صوفي شاعري ۽ ساز آهي. اڄ به امن جو راڳ آهي. هن پيغام جو اهڙو ته رنگ هنن ماڻهن تي جڙهيل هيو جو بقول شاهه لطيف جي. توڙي ڌوٻي ڌوءِ، ته به لالائي نه لهي. هن مهان انسان ڪڏهن به ڪو هٿيار نه ورتو ۽ نه وري ڪو شڪار ڪيائين. زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪو نشو نه ڪيائين. بس هڪ نشو هيس انسانن سان عشق ڪرڻ جو. جيڪو سڄي زندگيءَ ۾ برقرار رهيس. آخري عمر ۾ جڏهن اسپتال ۾ داخل هيو ته، چيائين ته، مون وٽ ته سواءِ امن جي ٻيو ڪجهه به نه آهي، پوءِ هو مون کان ڊڄن ڇو ٿا...؟ هن ديس جا ماڻهو ته دشمن لاءِ به دعا گهري پوءِ ننڍ ڪندا آهن. هنن جي تڏي تي دشمن هلي ٿو وڃي ته ان کي قتل جهڙا ڏوهه به معاف ڪري ٿا ڇڏين. هنن سنڌ وارن وٽ نياڻي به ست قرآن آهي. نياڻي در تان خالي هٿي ڪا نه ٿي وڃي. عورت جي ايڏي وڏي عزت ٿا ڪن. پاڻ بک تي ويهي ٻين جو پيٽ ٿا ڀرين سنڌ جي نرم زمين تي نرم دل ماڻهو ٿا رهن. جن وٽ انسان سڀ کان اڳ مهذب ٿيو هو. سنڌو درياهه جي ڪري هي سنڌ سائي ستابي رهي آهي، شايد ان ڪري بکيون قومون سدائين. هنن تي راتاها هڻنديون رهيون آهن. اڄ به تاريخ ڳالهائي ٿي ته مو هن جي عظيم شهر کي به ڪوٽ يعني قلعو ڏنل ٿو ڏسجي. جناب جي ايم سيد سمجهي ورتو هو ته هتان ئي امن جو پيغام دنيا لاءِ ملڻو آهي، ان لاءِ هن ديس جي آزادي اشد ضروري آهي. پر هن ڏٺو ته، هتي جو ماڻهون، پينون پيرن، شاهن ۽ مُلن وٽ يرغمال ٿيل آهي، مٿان وري انگريزن جا غلام آهيون، ان لاءِ غلاميءَ جي لعنت مان جان ڇڏائڻ ضروري آهي. ۱۴ سالن جي ننڍڙي ڄمار ۾ هن سياست ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو، پهري تقرير ڪرڻ وقت ايترو ننڍو هو جو اسٽول تي بيهي خطاب ڪيو هئائين. انگريزن سنڌ کي غلام ڪرڻ کان پوءِ هندستان سان ملائي ڇڏيو هو، هن مرد مجاهد پهريون ڪم اهو ڪيو جو، هندستان کان سنڌ ڇڏائي، ڪراچي سنڌ جي گادي جو هنڌ مقرر ڪرايائين. اڳتي هلي مسلمانن جي تنظيم مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو ۽ سنڌ ۾ مسلم ليگ برپا ڪيائين. پوري هندستان ۾ فقط هڪ ئي ملڪ سنڌ هيو، جتي مسلم آباديءَ جي اڪثريت هئي، ان جي ڪري ٻيو ڪو به ملڪ اهڙي حالت ۾ ڪو نه هيو جو پاڪستان لاءِ ڪا به اسيمبلي ڪو به قرار داد ڪا نه ٿي پاس ڪرائي سگهي. ان لاءِ سنڌ اسيمبلي ۱۹۳۸ع ۾ پهريون قرار داد پاس ڪيو ۽ آخري قرار داد جناب جي ايم سيد ۱۹۴۳ع ۾ پاس ڪرايو ۽ اهڙي طرح پاڪستان ٺاهڻ لاءِ رستو صاف ٿي ويو. جڏهن ۱۹۴۶ع ۾ هن ڏٺو ته پاڪستان ته انگريز پاڻ ٿا ٺاهين ته جيئن هندستان ٻن حصن ۾ ٿي وڃي ۽ پاڻ ۾ وڙهندا رهن ۽ اسان جا محتاج رهن. تڏهن هن دانهون شروع ڪيون ته اسان سان انگريز دوکو ڪيو آهي. پر سنڌ جا وڏيرا جن کي ميمبر ٿيڻ ۽ غريبن جي مال کائڻ جو چسڪو لڳي چڪو هو. تن اچي دانهون شروع ڪيون ته جي ايم سيد ملڪ دشمن آهي. وڏيرن، ميرن کي وجهه مليو جن چيو ته بابا جي ايم سيد ته مسلمان ئي ڪونهي، ان ڪري هي پڪو ديندار شخص چئو طرف کان دشمنن جي تيرن جو نشان بڻجڻ لڳو، پويان ملڪ جو ورهاڱو ٿي ويو، الله اڪبر چئي مسلمانن هندن کي قتل ڪرڻ شروع ڪيو، هوڏانهن هندن وري رام رام ڪري ماڻهن کي ماڻ شروع ڪيو ايئن هڪ وڏو قتل عام ڪيو ويو. ٻين رياستن کي ڪٽيو ويو ۽ سنڌ ملڪ جي ماڻهن کي ڪٽي جدا ڪيو ويو. جنهن ۾ سنڌ جو وڏي ۾ وڏو نقصان ٿيو، عالم، اديب ۽ واپاري ماڻهو تڙجي ويا. هي سنڌين جي وڏي ڀاڄ ٿي. پهريان آرين موهن جا سنڌي تڙي ڪڍيا هئا. اهڙي ڏکي صورتحال ۾ وري به جي ايم سيد ۽ سندس ساٿين جن ۾ ادبين ۽ شاعرن جو انگ وڌيڪ هيو انهن شاندار جدو جهد ڪري ون يونٽ ختم ڪرايو ۽ وري سنڌ اسيمبلي بحال ٿي. پر وري جي ايم سيد جيل ۾ وڌو ويو. سنڌين کي حڪومت جي وهنوار کان وري به ٻاهر رکيو ويو. جڏهن جي ايم سيد ڏٺو ته، هت ته سنڌين جو جيئڻ ئي محال ٿي ويو آهي. تڏهن پنهنجي شعور جي روشنيءَ ۾ فيصلو ڪيائين ته سنڌ ته وري به غلام آهي، انگريز اسان کي وري ٻين جي غلاميءَ ۾ ڏي ڇڏيو، سنڌ جي سياستدانن کي رڳو پيٽ جي لڳل آهي، تڏهن هن حالتن جو غور سان تجزيو ڪيو ته هاڻي، سنڌ سواءِ آزاديءَ جي اڳتي وڌي ڪا نه سگهندي، سنڌ هڪ اهڙو ملڪ آهي جنهن ۾ سون جون کاڻيون به آهن پر سنڌي بک مري رهيا آهن. هو ٻچا ٿا کپائين، خودڪشيون ٿا ڪن، نام به انصاف نه آهي. ان هوندي به سندس جذبن ۾ ڪا به ڪمي نه آئي، هو آخري خطبي ۾ به چوندو رهيو، جيئن مون محسوس ڪيو آهي، جي توهان به ايئن محسوس ڪيو ۽ همت نه هاري ته پوءِ سنڌ هن مشڪل دئور مان ضرور گذري پار پوندي، مون ڪڏهن به همت نه هاري آهي، نه وري ڪو مايوس ٿيو آهيان، واقعي مايوسي هن ٻڍڙي نوجوان جي ويجهي به ڪا نه آئي، اسان سنڌين ڪڏهن به ڪنهن تي ڪاهه نه ڪئي آهي، ان جو ڪارڻ سنڌ جي شادابي آهي. خوشحال قوم ڇو ٻين تي حملا ڪندي، اهو ممڪن ئي نه آهي، پر ان جو هرگز اهو مطلب نه آهي ته ڪو سنڌي بزدل يا ڊڄڻا آهن. جڏهن به سنڌين کي ڌارين تنگ ڪيو آهي ته پوءِ سنڌين سوين سال جنگ ڪري وري وطن ڌارين کان ڇڏائي کين ڀڄائي ڪڍيو آهي، پوءِ اهي عرب سڳورا هجن، ايراني قابض هجن ، افغاني، طو راني هجن، ڊچ، انگريز يا ڪي ٻيا هجن. سنڌ جي نرم ڀوري زمين ۾ اهڙو ڪو اثر آهي، جو اها ڌارين کي به ٿوري وقت ۾ سنڌي ڪري ڇڏيندي آهي اهڙيون حقيقتون جي ايم سيد پنهنجي سٺ ڪتابن جي تي درج ڪري ويو، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان سنڌي اهي پڙهي ته ڏسون. واقعي جي ايم سيد جو ڏنل پيغام هر روز اڳتي وڌي رهيو آهي، چوويهن ماڻهن مان هن وقت لک ٿي ويا آهن، ۽ ٻيا هٿرادو نظريه پوئتي پوندا ٿاوڃن جنهن جا اسان سب اکين ڏٺا شاهد آهيو، جيئن يوناني حملي وقت سنڌين پاڻ ساڙي، يونانين کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو هو، اڄ به سنڌي سنڌ جي آزاديءَ لاءِ سڙي ڪوئلاٿي رهيا آهن، پر حق جي راهه تا سندن پير تڙن نٿا. جي ايم سيد جمن در جو شعر چوندو رهندو هو، وٺي هر هو جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو، ختم اونداهه ٿي ويندي چٽيءَ چانڊاڻ ۾ ملبو، ۱۷ جنوري سنڌين مبارڪ هجي آمين. سائين جي ايم سيد سندس سالگرهه ۽ قومي قيادت درياهه خان جهتيال جديد قومپرستي جو بنياد وجهندڙ رهبر سنڌ سيد غلام مرتضيٰ شاهه (سائين جي ايم سيد) نه صرف قومپرست سياست جو باني، نئين سنڌ جو خوبصورت تصور ڏيندڙ آهي پر کيس جديد سنڌي ادب، ادب ۾ ترقي پسند روشن خيال لاڙن، قومي سوچ ۽ فڪر جو باني طور سڃاتو وڃي ٿو، سائين جي ايم سيد جتي سياست ۾ مُني صدي کان به وڌيڪ عرصي تائين سنڌ جي ماڻهن جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ جدوجهد ڪئي اتي قيد به ڪاٽيو ۽ اتي سنڌي ادب، ٻولي ۽ ثقافت لاءِ به پاڻ پتوڙيو، سائين جي ايم سيد جو جنم ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع تي سن ۾ سيد محمد شاهه جي حويلي ۾ ٿيو، جنهن جي هڪ سال بعد والد محترم کي ڪراچي ۾ شهيد ڪيو ويو. سائين جي ايم سيد کي سنڌي ٻولي سان عشق هو، سنڌي ٻوليءَ جي ترقي واڌاري لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي، سائين لسانيات جو به ماهر هو، سنڌي ٻولي جي قدامت ۽ تاريخ بابت ”سنڌي زبان جو مسئلو” ڪتاب ان جو عملي ثبوت آهي، ان ڪتاب ۾ سائين جي ايم سيد سنڌي ٻولي جي بين الاقومي حيثيت، انڊو آرين ٻولي ۾ سنڌي جي قدامت ڳالهائيندڙ جي تعداد جي لحاظ کان سنڌيءَ جي اهليت وسعت، تمدن اسلاميءَ ۾ سنڌي جي اهم حيثيت پاڪ_هند جي ماڊرن ٻولين ۾ سنڌيءَ جي اهم حيثيت، سنڌيءَ جي اهليت ۽ اهميت، پاڪستان ۾ قومي زبان بابت مختلف نظريا، اردو قومي زبان بڻجڻ جي اهليت آهي ڇا، ۽ ٻيا مضمون شامل آهن، سائين جي ايم سيد سنڌي ثقافت جي اهميت ۽ افاديت بابت ۱۹۶۳ع ۾ ”سنڌ ڪلچر” ڪتاب لکي سنڌي ثقافت جي مفهوم، ترڪيب ۽ صورت بابت ڄاڻ ڏني، سائين جي ايم سيد جا ۱۹۷۶ع ۾ ”جُنب گذاريم جن سين” ڪتاب ۾ سياستدانن، قومي ڪارڪنن، اديبن، شاعرن، استادن، عورتن تي لکيل سوانحي خاڪا تاريخي اهميت رکن ٿا، سائين جي ايم سيد سنڌ جي سورمن بابت ڪتاب”سنڌ جا سورما”لکي قوم کي پنهنجي قومي هيرن ۽ قومي سورمن کان واقف ڪرايو، سيد ”سنڌوءَ جي ساڃاهه”ڪتاب لکي سنڌي ماڻهن ۾ وڃايل قومي ۽ تاريخي شعور ٻيهر زنده ڪرڻ لاءِ هڪ ڪارائتو مثالي ۽ شاندار ڪم ڪيو، سيد نه رڳو سنڌ جي تاريخ ۾ مختلف وقتن تي سنڌ جي حقن جي لاءِ عملي ڪردار ادا ڪيو پر علمي حوالي سان به اڻ وسرندڙ ڪردار ادا ڪيو، سيد جا لکيل ڪتاب تاريخي حيثيت رکن ٿا. سن جهڙي پٺ تي پيل ڳوٺ ۾ ۱۹۲۵ع ۾ انگريزي جا ڪلاس شروع ڪرايا، نياڻين جي تعليم لاءِ خاص الڳ اسڪول، هارين ، نارين، پورهيتن لاءِ نائيٽ اسڪول قائم ڪرايائين ۽ ماڻهن ۾ تعليمي شعور پيدا ڪيو، سن ۾ ۱۹۲۸ع ۾ ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچي جو صدر چونڊجڻ بعد ”ڳوٺ سڌار تحريڪ” جو بنياد وڌو ۽ مشهور سماج سڌارڪ جمشيد مهتا صدر ۽ سائين جي ايم سيد پاڻ سيڪريٽري ٿيو، اڳوڻي ضلعي ڪراچي ۾ ۱۹۲۸ع ڌاري ضلي لوڪل بورڊ ڪراچي جي صدر، نائب صدر ۽ تعليمي ڪاميٽي جي چيئرمين جي حيثيت ۾ سائين جي ايم سيد ڪراچي سميت جهوڪ شريف، مانجهند، سن، لاکا، لڪي، سيوهڻ، آراضي، دادو، ميهڙ، پاٽ شريف ۽ ٻين شهرن ۽ ڳوٺن ۾ هاءِ اسڪول قائم ڪيا. سائين جي ايم سيد، سنڌ يونيورسٽي جي قيام لاءِ تمام گهڻي ڪوشش ورتي ۽ سنڌ يونيورسٽي جي بانيڪارن مان هو، سندس ئي ڪوششن سان يونيورسٽي قائم ٿي، سائين جي ايم سيد ۱۹۴۰ع ۾ صوبائي وزير تعليم هئڻ دوران پاڻ سنڌ يونيورسٽي جي ٺهڻ لاءِ ۲۴ جون ۱۹۴۰ع تي سيد ميران محمد شاهه جي سربراهي ۾ ۱۵ رڪني ”سنڌ يونيورسٽي ڪاميٽي” قائم ڪئي جنهن ۾ علامه آءِ آءِ قاضي، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو، چيلمل پرسرام گلراجاڻي، ڊاڪٽر هوت چند، مولچند گربخشاڻي، روپ چند، پِيلا رام ۽ ٻيا شامل هئا، جڏنهن ته بي جي واسواڻي ڪاميٽي جو سيڪريٽري هو، ايئن جو ۱۹۴۷ع ۾ سنڌ يونيورسٽي قائم ٿي، مارشل لا جي دور ۾ جڏهن سياسي سرگرمين تي بندش لڳائي وئي ته سائين جي ايم سيد ۱۸ اپريل ۱۹۶۶ع تي ”بزمِ صوفيا سنڌ” قائم ڪري سنڌ ۾ ثقافتي تحريڪ شروع ڪئي. سائين جي ڪوشش سان ۱۹۵۱ع ۾ سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي واڌاري ۽ ترقي لاءِ ”مرڪزي صلاحڪاري بورڊ” قائم ڪيو ويو، بعد ۾ ان بورڊ جي ۱۹۵۸ع تائين ورڪنگ ڪاميٽي جو چيئرمين رهيو، آڪٽوبر ۵۰_۱۹۴۰ع ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي سن ۾ ذاتي خرچ تي ترسائي ”سنڌي لغت” تي ڪم ڪرايو، ۱۹۵۱ع ۾ ”جامع سنڌي لغت” جي رٿ پيش ڪئي وئي ان کي منظور ڪيو ويو، سائين جي ايم سيد ۴ مارچ ۱۹۷۲ع کان سنڌ جي آجپي لاءِ باقاعدا جدوجهد شروع ڪئي، سائين جي ايم سيد ۸۸_۱۹۸۷ع ۾ سنڌ قومي اتحاد (ايس اين اي) ٺاهيو، جنهن جو چيئرمين عبدالحميد خان جتوئي هو ۽ ممتاز علي ڀٽو، مير حيدر ٽالپر، اعجاز خان جتوئي، آغا شاهين پٺاڻ، رسول بخش پليجو ۽ ٻيا سنڌ جا سمورا مک اڳواڻ ۽ قومپرست جماعتون شامل ٿيون. سائين جي ايم سيد جهڙن عظيم ڪردارن لاءِ ئي شيخ اياز چيو هو”ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا، وقت جي اهڙي چيخ ٿين ٿا، ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا”، جُمن دربدر چيو آهي ته ”وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو، ختم اونداهه ٿي ويندي، چٽي چانڊاڻ ۾ ملبو”، شيخ اياز ۽ جمن دربدر جي شاعري ۾ جرڪندڙ عظيم رهبر جي اڄ سالگرهه ملهائي پئي وڃي، پر افسوس ته وقت تيزي سان مٽنجندو پيو وڃي پر سيد جا پيروڪار هڪ پروگرام ڪرڻ لاءِ هڪ هنڌ گڏ نٿا ٿين، اهي لفظ لکڻ ۾ ڏاڍي تڪليف ٿئي ٿي ته ”سيد جي سالگرهه تي مختلف پارٽين پاران سن ۾ ڌار ڌار جلسا ڪيا ويندا”، اهي لفظ ڏاڍو ڏک ڏين ٿا، رهبر کي سندس ورسي ۽ سالگرهه تي ياد ته ڀرپور نموني سان ڪيو وڃي ٿو، ٻاهرين ملڪن سميت سڄي سنڌ ۽ سن ۾ مرڪزي تقريبون ٿين ٿيون پر هاڻي اهي ڌار ڌار جلسا نه ٿيڻ گهرجن، قوم جي ليڊرن کي هڪ ٿيڻ جي ضرورت آهي، ڇو جو سائين جي ايم سيد جي محور سنڌ هئي، سنڌي قوم لاءِ سيد پاڻ پتوڙيو نڪي پنهنجي لاءِ، سيد سنڌ پرستي، انسان دوستي، علم دوستي، عظيم مقصد لاءِ سڄي زندگي علمي ۽ عملي پورهيو ڪيو، ان جدوجهد جي پاداش ۾ زندگيءَ جو لڳ ڀڳ ٽيون حصو قيد و بند جون تڪليفون برادشت ڪيون، ان ئي سيد جا پيروڪار اڃا به جيڪڏهن گڏ نه ٿيندا ته قوم مايوس ٿيندي، هي وقت سنڌي قوم کي مايوس ڪرڻ جو ناهي، بلڪه ليڊرشپ کي هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ جو آهي جنهن سان قوم کي حق حاصل ڪرڻ جو رستو سولائي سان ملي سگهي. سائين جي ايم سيد سنڌي قومپرستيءَ جو سرواڻ قاسم اڄ ان شخص جو ڄمڻ ڏينهن آهي جيڪو سنڌ توڻي سنڌ کان ٻاهر سنڌي قومپرستي جو بنياد وجھندڙ طور سڃاتو وڃي ٿو. سائين جي ايم سيد اڄ جي ڏينهن ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع تي سن ۾ جنم ورتو. سنڌ مان جيتوڻيڪ ڪيترا ئي اهم سياسي اڳواڻ هئا جيڪي پاڪستان کان پهرين ۽ بعد ۾ سياسي ميدان ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهيا ۽ ڪندا رهن ٿا، پر انهن سڀن ۾ سائين جي ايم سيد کي خاص اهميت حاصل آهي. جيتوڻيڪ ڏٺو وڃي ته سنڌ اندر هڪ وڏو حلقو سائين کي خراج پيش ڪندو رهي ٿو ته ساڳئي وقت سنڌ اندر سائين متعلق تنقيدي راءِ به موجود رهندي پئي اچي. منهنجي خيال ۾ سڀ کان پهرين سنڌ جي عوام خاص طور سنڌ جي سياسي ڌرين، شاگردن ۽ ٻين باشعور ماڻهن کي اها ڳالهه ذهن نشين ڪرڻ گھرجي ته جيستائين اسين شخصيت پرستي ۽ اکين تي ڪاري پٽي ٻڌي، ڪنهن نظريي تي بغير غور ڪرڻ جي ان کي پوڄيندا رهنداسين، تيستائين سنڌ جي ترقي ناممڪن آهي. ڇاڪاڻ ته هيءُ دور تحقيق، سوچڻ ۽ لوچڻ جو دور آهي، هن دور ۾ اهي ئي قومون اڳتي وڌي سگھن ٿيون ۽ جٽاءُ ڪري سگھن ٿيون، جيڪي عقلي بنيادن تي شين کي پرکڻ ۽ جائز تنقيد جا دروازا کولي دنيا سان قدم ۾ قدم ملائي اڳيان وڌن ٿيون. تنهنڪري سڀ کان پهرين اسان کي طئه ڪرڻو آهي ته ڪنهن جي شخصيت جي ڪردار ڪشي ڪرڻ کان پاسو ڪندي، هر شخصيت ۽ نظريي تي تحقيقي ۽ عقلي بنيادن تي بحث مباحثو ۽ تنقيد ٿيڻ گھرجي جنهن سان يقينن نوان پيچرا نروار ٿي سگھن ٿا، جيڪي قومن جي تقديرن بدلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگھن ٿا. هن وقت ڏٺو وڃي ته سنڌ جي سياست ۾ ٽي سياسي نظريا حاوي آهن جن ۾ ڀٽو، سيد ۽ پليجو شامل آهن. جيتوڻيڪ انهن ٽنهي شخصيتن سان مختلف حوالن سان اختلاف ٿي سگھن ٿا پر ان سان گڏوگڏ اهو ياد رکڻ گھرجي ته سنڌ جي سياست ۾ انهن ٽنهي سياسي شخصيتن ۽ سندن پارٽين جو هڪ اهم ڪردار رهيو آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ فراموش نٿو ڪري سگھجي. سائين جي ايم سيد پاڪستان جي قيام کان پهرين توڻي پوءِ سنڌ جي قومي سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ٻئي طرف ڀٽي جو سنڌ جي ڏتڙيل ماڻهن کي سندن اهميت کان واقف ڪرائڻ ذريعي پڻ اهم ڪردار رهيو. ساڳيءَ طرح رسول بخش پليجي سنڌ جي سياست کي طبقاتي توڙي قومي سوال طور کڻڻدي، سنڌ جي وڏيرن، سردارن، پيرن، ميرن ۽ ساڳئي وقت لساني فاشزم کي چئلينج ڪيو. پر ان باوجود اهو ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته جيئن مان مٿي لکي چڪو آهيان ته سنڌ کي اهڙن تحقيقدانن، تجزيي نگارن، سياسي ڪارڪنن، اديبن ۽ دانشورن جي ضرورت آهي، جيڪي ماضي ۽ حال جي اهم ڪردارن جي سگھ ۽ ڪردار کي تنقيدي نقطئه نگاهه سان پيش ڪندي ۽ انهن جي سياسي ڏاهپ کي مدنظر رکندي مستقبل ۾ خطرن کان بچڻ ۽ سنڌ کي ترقي جي راهن تي گامزن ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگھن. سائين جي ايم سيد جي شخصيت جا به انيڪ پاسا آهن، هو هڪ ئي وقت سنڌ ۽ هند جو مشهور سياستدان به آهي ته ساڳئي وقت چوٽيءَ جو ڏاهو، اديب ۽ دانشور به. سائين سنڌ جي بمبئي کان عليحدگيءَ جي تحريڪ ۾ اهم ڪردار به ادا ڪري ٿو ته ساڳئي وقت هو اڳيان هلي مسلم ليگ کي سنڌ ۾ مضبوط بڻائڻ ۾ به ڪردار ادا ڪري ٿو. هي اهو ئي مانجھي مرد آهي جنهن جي ڪوششن سان ئي سنڌ اسيمبليءَ منجھان پاڪستان جي حمايت ۾ سڀ کان پهرين قرارداد پاس ڪئي وئي ۽ بعد ۾ ساڳئي شخص طرفان پاڪستان جي مخالفت ۾ سنڌوديش جو نعرو بلند ڪيو ويو، جنهن نعري تي سائين پنهنجي زندگي جي آخري لمحي تائين قائم رهيو. سائين جي ايم سيد هندستان جي سياست ۾ سنڌ جي بمبئي کان عليحدگيءَ واري تحريڪ دوران هڪ اهم شخصيت طور سامهون آيو. جيتوڻيڪ سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي جو سڀ کان پهرين مطالبو هرچندراءِ وشنداس ڀارواني طرفان ۱۹۱۳ع ۾ ڪانگريس جي سالياني ڪنوينشن ۾ ڪيو ويو هو. پر ان مطالبي کي اڳيان وٺي هلڻ ۾ محمد ايوب کهڙو ۽ سائين جي ايم سيد جو قابل ذڪر ڪردار هو. سائين سنڌ ۾ مختلف نالن سان پارٽين جي پليٽ فارم ذريعي سياست ڪندو رهيو، پر ۱۹۴۲ع ۾ مسلم ليگ جو صدر منتخب ٿيو. سائين جي ايم سيد جي مسلم ليگ قيادت جي نظر ۾ اهميت ۱۹۳۷ع جي چونڊن ۾ وڌي، جڏهن مسلم ليگ سنڌ مان صرف ۴.۶ سيڪڙو ووٽ مس حاصل ڪري سگھي. انهن چونڊن ۾ سنڌ يونائيٽيد پارٽي کي واضع اڪثريت نصيب ٿي، جنهن جي اڳواڻي سنڌ جي ڪجھ مشهور زميندارن ۽ برطانوي سرڪار نواز شخصيتن جهڙوڪر سر عبدالله هارون، سر شاهنواز ڀٽو، سر غلام حسين هدايت الله ۽ ميران شاهه جي هٿن ۾ هئي. سال ۱۹۳۷ع جي چونڊن ۾ شڪست کانپوءِ ئي مسلم ليگ کي سنڌ جي سياست جي رمزن جي پروڙ پئي ته اصل ۾ ان وقت سنڌ جي سياست جون واڳون پيرن، ميرن ۽ زميندارن جي هٿن ۾ هيون. اهو ئي اهم سبب هو جو مسلم ليگ قيادت خاص طور جناح صاحب کي سنڌ جي پيرن ۽ جاگيردارن ڏانهن هٿ وڌائڻو پيو. اهڙيءَ طرح مسلم ليگ جي سنڌ ۾ پيرن کوڙڻ کانپوءِ ۱۹۳۸ع ۾ ڪراچي ۾ پهرين سنڌ صوبائي مسلم ليگ ڪانفرنس گھرائي وئي، جنهن ۾ پهريون دفعو مسلمانن لاءِ الڳ ملڪ تي غور ڪيو ويو. هڪ طرف مسلم ليگ سنڌ جي بااثر شخصيتن کي پاڻ طرف ڇڪي رهي هئي ته ساڳئي وقت سنڌ جيڪا پنهنجي جوهر ۾ سيڪيولر رهندي پئي اچي، کي منهن ڏيڻ لاءِ مسلم ليگ ڪجھ اهڙو ڪرڻ جو سوچي رهي هئي، جنهن سان مسلم ليگ سنڌ جي مسلمانن ۾ گھر ڪري سگھي. ان لاءِ سڀ کان پهرين مسلم ليگ طرفان ڪانگريس جي حمايتي الله بخش سومري جي حڪومت ڊاهي، ان جي جڳهه تي مسلم ليگ جي حڪومت جوڙڻ جو سوچي رهي هئي، جنهن کانپوءِ مير بندا علي ٽالپر کي وڏوزارت جڏهن ته محمد ايوب کهڙو، جي ايم سيد ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي کي ان ڪئبنيٽ جو حصو بڻائڻ جو پلان جوڙيو پئي ويو. ان پلان کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ منزل مسجد گاهه واري معاملي کي هوا ڏني وئي ته جيئن سنڌ ۾ هندو‑مسلمان ڏڦيڙ پيدا ٿين جنهن صورتحال کي مسلم ليگ ڪيش ڪرائي سگھي. مسجد منزل گاهه واري قصي کي سمجھڻ لاءِ ٿورو ان جي تاريخ تي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي؛ منزل مسجد گاهه جي حوالي سان فرحان حنيف صديقي پنهنجي ڪتاب “دي پالٽڪس ان پاڪستان: دي بلوچ، سنڌي اينڊ مهاجر ايٿنڪ موومينٽس” ۾ لکي ٿو ته “مسجد منزل گاهه اڪبر جي دور ۾ سکر وٽ سنڌو ندي جي ٻن ڪپن تي واقع مسجد ۽ مسافرخانو جي عمارتن کي نالا ڏنا ويا هئا، جيڪي سيد معصوم شاهه طرفان اڪبر جي حڪومت دوران تعمير ڪرايون ويون هيون. انهن عمارتن جي حوالي سان تضادن تڏهن ڪر کڻڻ شروع ڪيو جڏهن هندن طرفان منزل گاهه جي سامهون مندر تعمير ڪرايا ويا جيڪي مندر هندن لاءِ عبادت جا تمام اهم ذريعا بڻجي چڪا هئا. مسلمانن طرفان ۱۹۲۰ع جي ڏهاڪي ۽ ۱۹۳۶ع ۾ جڏهن سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي واري تحريڪ جاري هئي، تڏهن ان اشو کي کنيو ويو. پر ان اشو کي تڏهن ڀڙڪايو ويو جڏهن مسلم ليگ کي سنڌ جي مسلمانن ۾ پنهنجي لاءِ نرم گوشو پيدا ڪرڻو هو.” (ڏسو فرحان حنيف صديقي جو ڪتاب، دي پالٽڪس ان پاڪستان: دي بلوچ، سنڌي اينڊ مهاجر ايٿنڪ موومينٽس، صفحو نمبر ۷۸). ساڳيءَ طرح سارا انصاري پنهنجي ڪتاب “صوفي سينٽس اينڊ اسٽيٽ پاور: دي پيرس آف سنڌ، ۱۸۴۳‑۱۹۴۷ع” ۾ لکي ٿي ته مسلم ليگ پنهنجو اثر قائم ڪرڻ لاءِ اها دعوا ڪئي ته منزل گاهه ڪنهن دور ۾ مسجد طور استعمال ٿيندي هئي، تنهنڪري ان کي مندر ۾ تبديل ڪرڻ خلاف مزاحمت ڪئي وئي. ان مزاحمت پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار سنڌ جي پيرن ۽ مولوين ادا ڪيو. سنڌ اندر مسلم ليگ جي اثر وڌائڻ جي حوالي سان سارا انصاري مٿي ڏنل ڪتاب جي صفحي نمبر ۱۲۱ تي لکي ٿي ته “ليگ جي حمايت وڌائڻ واري منصوبي تحت، انهن (مسلم ليگي اڳواڻن) مسلمانن جي ذهنن ۾ سياسي شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ مسلمانن کي زور ڀريو ته اهي صرف مسلمانن جي دڪانن تان ئي شيون خريد ڪن. ساڳيءَ طرح جي ايم سيد درگاهن جي سمورن پيرن کي گذارش ڪئي ته اهي مسلمان دڪاندارن کي مسلمانن جو ڪاروبار وڌائڻ لاءِ سهولتون فراهم ڪن.” ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه آهي ته پاڪستان ٺهڻ کان پهرين سائين جي ايم سيد پاڪستان جي قيام وارين ڪوششن ۾ اڳيان اڳيان هو. سائين جي ايم سيد کي سندس وقت جي سنڌي سياستدانن خاص طور ان وقت جي پير پاڳاري پير صبغت الله شاهه ۽ ڪانگريس جي حمايتي الله بخش سومري طرفان وري وري اهو سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته هو (سيد) پاڪستان ٺاهڻ لاءِ ڪوشش ڪري تمام وڏي غلطي ڪري رهيو هو. ان حوالي سان فرحان حنيف صديقي مٿي ڏنل ڪتاب جي صفحي نمبر ۷۹‑۸۰ تي الله بخش سومرو جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته “الله بخش سومري ۱۹۴۰ع ۾ سائين جي ايم سيد کي سمجھائيندي چيو ته؛ توهان ڇا ٿا سوچيو ته پاڪستان جي قيام کانپوءِ سنڌ جا سمورا مسئلا حل ٿي ويندا؟ اهو غلط آهي ۽ حقيقتن جي بلڪل ابتڙ آهي. توهان کي اڳيان هلي خبر پوندي ته اسان جون اصل تڪليفون پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ اچڻيون آهن... هن وقت، هندو سيٺين جي لٽمار توهان کي تڪليف پئي ڏئي پر بعد ۾ توهان کي پنجاب جي ڪاموراشاهي ۽ فوج ۽ يو پي جي ذهنيت سان منهن ڏيڻو پوندو.” جيتوڻيڪ ڏٺو وڃي ته سائين جي ايم سيد جي پوري زندگي سياسي تحرڪ ۾ گذري ۽ اها به حقيقت آهي ته سائين عمر جو وڏو حصو نظربندي ۾ گذاريو. ان صورتحال ۾ سوچڻ جي ضرورت آهي ته آخر ان پٺيان ڪهڙا سبب هئا، جو سائين جي ايم سيد جهڙو قدآور سياستدان جنهن پنهن ننهن چوٽي جو زور لڳائي، سنڌ اسيمبلي منجھان پاڪستان جي حمايت ۾ ٺهراءُ پاس ڪرائڻ کان ويندي، پنهنجي همعصر سنڌي سياستدانن جي تنقيد باوجود پاڪستان سان نڀايو، تنهن باوجود اڳيان هلي آخر هن کي پاڪستان کان عليحدگي وارو رستو ڇو اختيار ڪرڻو پيو؟ سائين جي ايم سيد پاڪستان تحريڪ ۾ سندس ڪردار ۽ ان کانپوءِ هن ۽ سنڌ سان ٿيل ويڌن متعلق پنهنجي ڪتاب “سنڌ ڳالهائي ٿي” ۾ تفصيلي لکيو آهي. ان ڪتاب پڙهڻ سان سائين جي جدوجهد ۽ بعد ۾ هن سان ٿيل دوکي جي پروڙ پئي ٿي. سنڌ جي پاڪستان ۾ شموليت جو اهم سبب خودمختياري وارو نقطو هو جنهن کي عملي جامو پهرائڻ جي واعدي تحت ئي سنڌ پاڪستان ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي. پر پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ بنگالين، سنڌين، بلوچن ۽ پٺاڻن سان جيڪي ويل وهايا ويا تن کي ڏسندي يقينن هر وطن دوست ماڻهو ڳالهائڻ تي مجبور بڻيو. پر سائين پاڪستان کان عليحدگي جي ڳالهه بنگال جي بنگلاديش ۾ تبديل ٿيڻ کانپوءِ ڪئي. پاڪستان ٺهڻ شرط سنڌ ۾ مهاجرن جي آمد جي مسئلي ۽ بعد ۾ ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ واري معاملي ڏاڍي ڳنڀيرتا پيدا ڪئي. هڪ طرف منزل مسجد گاهه واري معاملي کانپوءِ هندو‑مسلمانن وچ ۾ تضادن کي رد نه پئي ڪري سگھجيو ته، ٻئي طرف وري مرڪزي حڪومت طرفان مهاجرن کي ڪراچي ۾ آباد ڪرائڻ خاطر، هندن کي لڏڻ تي مجبور ڪيو پئي ويو. جيڪڏهن ظاهري طور ڏٺو وڃي ته سنڌ اندر هندو‑مسلمان فساد ضرور ٿيا هئا پر انهن پٺيان به مرڪزي حڪومت جو ئي هٿ هو. بهرحال اهي ۽ ڪجھ ٻيا اهڙا واقعا هئا جيڪي سنڌي سياستدانن خاص طور سائين جي ايم سيد کي مجبور ڪري رهيا هئا ته هو سنڌ لاءِ ڪا سياسي لائين منتخب ڪري. سنڌي هندن جي سنڌ مان لڏڻ سبب خالي ٿيل ملڪيت تي به ٻاهران آيل مهاجرن قبضو ڪرڻ شروع ڪيو، جنهن خلاف پڻ سائين جي ايم سيد ۽ ڪجھ ٻين سياستدانن مزاحمت ڪئي ته اهي وسيلا هيٺئين طبقي جي سنڌي مسلمانن تي خرچ ڪيا وڃن. پاڪستاني رياست شروع ڏهاڙن کانوٺي ننڍن صوبن جو استحصال ڪري رهي هئي پر اڳيان هلي ان استحصال کي قائم رکڻ ۽ ان خلاف مزاحمت اڳيان بند ٻڌڻ جي نيت سان، ان طرفان پاڪستان جي قومن جي اندر ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ جي سازش پڻ ڪئي وئي. ان حوالي سان فرحان حنيف صديقي مٿي ذڪر ڪيل ڪتاب ۾ لکي ٿو ته ۱۹۸۰ع جي ڏهاڪي ۾ سنڌي قوم کي ورهائڻ جو پاڪستاني رياست ضياءُ الحق جي شڪل ۾ پورو انتظام ڪري ورتو هو. ۸۰ع جي ڏهاڪي ۾ ضياءُ الحق آمريت خلاف ايم آر ڊي تحريڪ جي شڪل ۾ مزاحمت جاري هئي. ايم آر ڊي تحريڪ ۾ اهم ڪردار پ پ پ ادا ڪري رهي هئي پر اها اصل ۾ وفاقي سطح جي پارٽي هئي. پر ساڳئي وقت پ پ پ کانپوءِ ٻئين نمبر تي ايم آر ڊي ۾ ڪردار ادا ڪندڙ عوامي تحريڪ هئي. بقول فرحان صديقي جي ضياءُ الحق طرفان جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ کي ماٺو ڪرڻ لاءِ سنڌي قوم ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي. ان ئي مقصد خاطر هن سنڌي قوم کي ٻن حصن يعني هڪ پاسي رسول بخش پليجو جي اڳواڻي ۾ جدوجهد ڪندڙ عوامي تحريڪ جيڪا ايم آر ڊي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي هئي، کي ڪمزور ڪرڻ ته، ٻئي طرف سائين جي ايم سيد جي رهنمائي هيٺ هلندڙ جيئي سنڌ محاذ کي ايم آر ڊي کان پري رکڻ جي سازش ڪئي وئي. اهو ئي وقت هو جڏهن سنڌ ٻن سياسي محاذن ۾ ورهائجي چڪي هئي، هڪ طرف ايم آر ڊي حمايت ته ٻئي طرف ايم آر ڊي کي صرف پ پ پ جي تحريڪ ڪوٺي ايم آر ڊي کان پري رهڻ جي صلاح ڏيندڙ محاذ هو. ساڳئي وقت سنڌ اندر ايم ڪيو ايم جهڙي اجگر بلا جو قيام به عمل ۾ اچي ويو، جنهن سبب پڻ سنڌ ۾ اردو ڳالهائيندڙ آبادي جي حوالي سان سنڌي قوم اندر ئي ڏڦيڙ وجھڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هڪ طرف عوامي تحريڪ هئي جيڪا ڪنهن به صورت ۾ ايم ڪيو ايم سان گڏ ويهڻ لاءِ تيار نه هئي ته ٻئي طرف سائين جي ايم سيد جي جيئي سنڌ هئي جنهن طرفان سنڌي‑مهاجر ڀائيچاري جي نقطي تي ڳالهائيندي، ايم ڪيو ايم سان ويهڻ لاءِ پڻ رضامندي جي هامي ڀري پئي وئي. سائين جي ايم سيد کي به يقينن ٻين سياسي شخصيتن جيان هڪ شخصيت جي ئي حيثيت حاصل آهي ۽ يقينن سائين جي سياست ۾ ڪيتريون ئي سٺايون ته ساڳئي وقت ڪيتريون ئي اوڻايون به هيون ۽ مان سمجھان ٿو ته اهو هر ڪنهن جو حق آهي ته هو اخلاق جي دائري ۾ رهندي سائين جي سياسي زندگي جي ٻنهي پهلوئن تي ڳالهائي سگھي ٿو. تنهنڪري سائين سان سياسي طور ماڻهو ڪيترو ئي اختلاف ڪري سگھي ٿو پر اها حقيقت به تسليم ڪرڻي پوندي ته اهو سائين جو ئي ڪمال هو جنهن سنڌ جي تاريخ ۾ تڪراري ئي سهي بهرحال سنڌي قومپرستي کي دنيا جهان اڳيان پيش ڪرڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو. ساڳيءَ طرح سائين جي ادبي پورهيي کي پڻ ڪنهن به صورت ۾ نظرانداز نٿو ڪري سگھجي. جيتوڻيڪ سائين “جيئن ڏٺو آهي مون”، “سنڌ جا سورما” وغيرهه جهڙن ڪتابن لکڻ کانپوءِ ادبي حوالي سان به تڪراري شخصيت رهيو آهي. پر هر ڪنهن کي اظهار جي آزادي جو حق آهي جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو وٽ پنهنجي ڳالهه کي دليلن جي آڌار ثابت ڪرڻ جي اهليت آهي ته ان کي ڪنهن به صورت ۾ روڪي نٿو سگھجي. مان اميد ڪريان ٿو ته منهنجي هن مضمون سان ڪنهن جي به دل آزاري نه ٿي هوندي ۽ مان سمورن پڙهندڙن کي گذارش ڪيان ٿو ته اچو ته پاڻ سڀ گڏجي سنڌ اندر صحتمند تنقيد، تحقيق ۽ دليلن سان قائل ڪرڻ واري بحث مباحثي کي هٿي وٺرائيندي، سنڌي قوم کي دنيا جي نظرن ۾ سرخرو ڪيون. بهرحال منهنجي طرفان سنڌ جي هن امر ڪردار سائين جي ايم سيد جي ڄمڻ ڏينهن تي سڄي سنڌ کي لک لک واڌايون. جي ايم سيد ۽ اڄوڪي قومي تحريڪ عبدالخالق جوڻيجو دنيا جا سمورا غير معمولي انسان (پوءِ اهي پيغمبر هجن، انقلابي هجن يا وڏا سماج سڌارڪ) ٻه ڳالهيون ضرور ڪندا آهن جيڪي انهن کي عام انسانن کان مختلف ۽ منفرد ڪنديون آهن. هڪ ته اهي پنهنجي خاص سوچ، فڪر يا پروگرام ڏيندا آهن ۽ ٻيو عملي ڪردار ۽ سندن زندگيءَ جو پيغام اهو هوندو آهي ته انسانن جي نجات ان پروگرام ۾ آهي ۽ اهو پروگرام اهري ڪردار سان عمل ۾ اچي سگهندو. جي ايم سيد هن خطي جو هڪ غير معمولي انسان هئو. ان جي زندگي به انهن ٻن ڳالهين سان عبارت هئي. سندن سوچ اها هئي ته هن خطي جي ماڻهن جي نجات نيشنلزم ۽ سيڪيولر ازم سان وابسته آهي ۽ ان مقصد جي حاصلات لاءِ هن هڪ مثالي عملي زندگي گذاري. انهن غير معمولي انسانن کي جتي هڪ طرف وقت جي بالادست قوتن سان مهاڏو اٽڪائڻو پيو آهي اتي (خاص ڪري سندن وفات کانپوءِ) سندن پوئلڳن طرفان به وڏا مسئلا پيدا ڪيا ويندا رهيا آهن. جي ايم سيد سان به ساڳي صورتحال لاڳو رهي آهي. سيد جڏهن قوم پرستيءَ جي تعريف ڪئي آهي ته هن جديد قومر پرستي جو ذڪر ڪيو آهي. اتي سوال ٿو پيدا ٿئي ته هن جديد قومپرستيءَ جو اصطلاح ڇو استعمال ڪيو ۽ ان مان سندس مراد ڇا آهي. تاريخ ۾ قوم جو (۽ قوم پرستيءَ جو) تصور مختلف وقتن تي مختلف رهيو آهي. ڪڏهن قبيلي کي، ڪڏهن مذهب کي ته ڪڏهن ڪنهن ٻي ڳالهه کي قوم جو بنياد قرار ڏنو ويو. جي ايم سيد جنهن قوم پرستيءَ جي ڳالهه ڪئي آهي ان ارڙهين صديءَ ڌاري مغربي يورپ ۾ وجود ورتو. ان جا بنياد تاريخ، جاگرافي، زبان، ڪلچر ۽ مشترڪه مفاد آهن ۽ انهن ئي بنيادن تي دنيا ۾ قومن کي تسليم ڪيو وڃي ٿو. ان جي وجود وٺڻ جو هڪڙو خاص پسمنظر آهي. يورپ تي هڪ ڊگهي عرصي کان ٽن عنصرن جي بالادستي هئي. چرچ، جاگيردار ۽ بندوق جي زور تي قائم سلطنتون، اهو يورپ جو اونداهون دور سڏيو ويو آهي. جڏهن اتي سجاڳيءَ جو دور آيو ته ٽن نون عنصرن جو پراڻن سان مقابلو ٿيو. اهي هئا، سيڪيولرازم، ڪئپيٽلزم ۽ قومي رياستون ۽ پوءِ تاريخ جي فيصلي تحت پراڻن کي شڪست نصيب ٿي ۽ نئون يورپ دنيا جي نقشي تي نمودار ٿيو. ان مان ظاهر ٿيو ته جديد قوم پرستي ملائيت، جاگيرداري ۽ سامراجيت جي شڪست جي صورت ۾ وجود ورتو. ان مان اهو نتيجو نڪتو ته جديد دنيا جي قومي تحريڪ لاءِ لازمي آهي ته اها سيڪيولر هجي، لازمي آهي ته اها جاگيردار دشمن هجي ۽ لازمي آهي ته اها سامراج دشمن هجي. سنڌ ۾ قومي تحريڪ جي ارتقا جي تفصيل ۽ تشريح پيش ڪندي سائين جي ايم سيد جيڪو تجزيو ڪيو آهي ان مطابق نيشنلزم بمقابله پئن اسلامزم آهي. هڪ طرف پئن اسلامزم جي تحريڪ آهي (محمد بن قاسم ۽ جمال الدين افغانيءَ کان وٺي سر سيد احمد خان تائين) جنهن جو منشور ۽ مقصد اهو آهي ته سڄي دنيا جا مسلمان هڪڙي قوم آهن، مسلمان باقي ٻي سڄي دنيا کان معتبر (Superior) آهن ۽ سڄي دنيا تي مسلمانن جي حڪمراني هجڻ کپي. ٻئي طرف راجا ڏاهر کان وٺي سنڌ جي تشخص جي تحفظ جي جنگ مخدوم بلاول، دولهه دريا خان، هوش محمد شيدي، الله بخش سومري ۽ حيدر بخش جتوئيءَ کان ٿيندي (بنگلاديش جي قيام کان پوءِ) جديد بنيادن تي سنڌ جي آزاد ۽ خودمختيار رياست جي بحاليءَ واري جدوجهد تائين پهتي آهي. ان کان علاوه تاريخي علم ۽ پنهنجي تجربن جي روشنيءَ ۾ سائين ان نتيجي تي پهتو ته پيرن، ميرن، وڏيرن ۽ جاگيردارن سردارن مان سنڌ جي ڀلائيءَ جي اميد رکڻ اجائي آهي. اهو ئي سبب آهي ته ۱۹۷۲کان ڪوبه پير، مير، وڏيرو (بشمول سندس خاندان جي) سندس تحريڪ ۾ شامل نه رهيو. سنڌ جي قومي تشخص جي تلاش، تحفظ، بقا ۽ نجات لاءِ جنگ ڪرڻ جي پاداش ۾ سيد سان وقت جي حاڪمن ۽ انهن جي ايجنٽن جيڪي ورتاءُ ڪيو آهي ان بابت ڪافي لکيو ۽ ڳالهايو ويو آهي ۽ اهو مقابلو به اڃا جاري آهي پر اها به هڪ مڃيل ۽ ثابت ٿيل حقيقت آهي ته انساني جسم هجي يا انساني سماج اهو ٻاهرين حملن جو مقابلو تڏهن ڪاميابيءَ سان ڪري سگهندو ۽ اها مقابلي جي سگهه تڏهن پيدا ٿيندي. جڏهن اندروني نظام صحيح صورت ۾ هوندو. سو جيڪڏهن اسان سنڌ سان ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ سان پنهنجي جسم وانگر پيار ڪريون ٿا ته پوءِ سنڌ جي صحت جي ضامن قومي تحريڪ جي اندروني نظام کي درست حالت ۾ رکڻو پوندو. اهو درست تڏهن ٿيندو جڏهن ان کي لاحق بيمارين جو علاج ڪبو ۽ جديد طب ٻڌائي ٿي ته بيمارين جو صحيح علاج تڏهن ٿيندو جڏهن انهن جي تشخيص ڪبي ۽ انهن جي وجود کي تسليم ڪبو. سڀ کان پهرين ۽ مکيه ڳالهه اها آهي ته قومي تحريڪ جي سيڪيولر بنيادن تي سوديبازي ڪندي ان کي مذهبي مُلن جو محتاج بڻايو ويو آهي. فڪري ۽ تاريخي حقيقت اها آهي ته جيڪا تحريڪ سيڪيولر ناهي اها قومي تحريڪ ٿي ئي نٿي سگهي. هتي صورتحال اها آهي ته اهي مذهبي انتهاپسند جيڪي سنڌين کي قوم ئي تسليم نٿا ڪن ۽ اعلانيه طور چون ٿا ته سڄي دنيا جا مسلمان هڪ قوم آهن، سڄي دنيا تي مسلمانن جي حاڪميت قائم ڪرڻ جي جستجو ٿا ڪن ۽ سڄي دنيا جي مسلمانن جي سنڌ ۾ آمد ۽ آبادڪاريءَ جا حامي آهن انهن کي قوم پرست ڪري پيش ڪيو ٿو وڃي. جڏهن ته اصليت ۾ اهي محمد بن قاسم، محمود غزنوي ۽ جمال الدين افغانيءَ جو تلسل ۽ انهن جانشين آهن. افسوس بلڪه ماتم ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته اهڙن بنياد پرستن کي پنهنجو هيرو ۽ ”سنڌ جو شهيد“ سڏيندڙن ۾ پاڻ کي جي ايم سيد جا سچا سپاهي چوائيندڙ سياسي ليڊر به آهن ته سقراط، سارتر ۽ ايڊورڊ سعيد جا ساٿاري سڏرائيندڙ دانشور ۽ ليکڪ به شامل آهن. قومي سوال بابت سنڌ جي قومپرست ليڊرن ۽ دانشورن جي اهڙي رويي ۽ ڪردار تي روسو کان وٺي فرانز فينن ۽ جي ايم سيد جهڙا عالم ۽ لينن کان وٺي منڊيلا ۽ الله بخش سومري جهڙا ليڊر قبر ۾ به پاسا وٽيندا هوندا. سڄي دنيا وانگر پاڪستان جا دانشور به هاڻي اهو ٿا چون ۽ لکن ته وڌندڙ مذهبي انتهاپسندي ۽ دهشت گرديءَ جو مکيه ڪارڻ تعليمي نظام اندر مختلف مذهبن وچ ۾ نفرت پيدا ڪندڙ مواد آهي تنهن ڪري مذهبي انتهاپسندي ۽ نفرت ۽ تفريق کي ختم ڪرڻ لاءِ فوجي ڪارروائيءَ سان گڏ ضروري آهي ته تعليمي نصاب کي درست ڪيو وڃي. جيڪا هن خطي ۾ سيڪيولر ازم لاءِ ڪيل جي ايم سيد جي جدوجهد جي ڪاميابي آهي. پر ڪيتري نه شرم جي ڳالهه آهي ته جي ايم سيد کي رهبر چوندڙ هڪ فرقي پرست تنظيم سان گڏجي سکر جهڙن شهرن ۾ مظاهرا ٿا ڪن ته نصاب مان اهي مذهبي تفريق ۽ فرقي پرستيءَ تي ٻڌل سبق خارج نه ڪيا وڃن. ان کان اڳ ۾ سيتا ۾ هڪ اهڙو واقعو ٿيو جنهن سنڌ جي پنج هزار سالا تاريخ کي لڄائي ڇڏيو، سنڌي قوم جي انسان دوستي، رواداريءَ ۽ ڀائيچاري وارين دعوائن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو ۽ لطيف، سچل، مخدوم بلاول، شاهه عنايت ۽ جي ايم سيد جي انسانيت ۽ عالمگيريت واري پيغام کي داغدار ڪري ڇڏيو جڏهن هڪ انسان کي مذهب جي آڙ ۾ باهه ڏئي ساڙيو ويو. جنهن وقت ان انسان سان گڏ انسانيت سڙي رهي هئي ته ان جي چوڌاري نعرا هڻندڙن جي هٿن ۾ ڪهاڙيءَ وارا ڳاڙها جهنڊا هئا. اهو منظر يوٽيوب ذريعي سڄي دنيا ڏٺو. ٻي ڳالهه ته، جيئن شروع ۾ ذڪر ٿي چڪو، قومي رياستن وجود ورتو فيوڊلرزم جي شڪست ٿي. سائين جي ايم سيد جي به هر ڪتاب ۾ ۽ هر ڪتاب جي هر باب ۾ پير، مير، جاگيردار جي قوم دشمن ڪردار جو ذڪر ٿيل آهي. پر هتي ڪيترا جي ايم سيد جي نالي تي ۽ قوم پرستيءَ جي نعري تي سياست ڪندڙ همراهه انهن ئي پيرن، ميرن، جاگيردارن ۽ سردارن جون سلاميون ڀرن ٿا، انهن کي پيرين پون ٿا ۽ انهن کي پنهنجو ليڊر ۽ سنڌ جو نجات ڏياريندڙ قرار ڏين ٿا. جاگيرداريءَ کي جلا بخشيندڙ ادارو جرڳو آهي جتي اڪثريتي غريب عوام جي قتلن جي قيمت لڳائي ويندي آهي جنهن مان جاگيردار/سردار ڪميشن کائيندو آهي ۽ جتي غريب پورهيتن جي ڀينرن ۽ ڌيئرن جي عزتن جا سودا ڪيا ويندا آهن. ڪيترا قوم پرست اڳواڻ انهن جرڳن ۾ جاگيردارن جي پاسي ۾ ڪرسيءَ تي ويهڻ پنهنجي لاءِ فخر ۽ اعزاز سمجهندا آهن. ٻيا وري هڪڙا قومپرست ليڊر اهڙا آهن جيڪي پاڻ اهي جاگيردارن ۽ سردارن وارا ڪم ڪندا آهن ۽ مُلن واريون ريتون رسمون اختيار ڪندا آهن. ان مٿان ظلم ته وري اِهو ته اُهي پاڻ کي ترقي پسند سڏائيندا آهن. جديد قومپرستيءَ جي ٽين بنيادي وصف سامراج دشمني آهي. ٻي عالمي جنگ کانپوءِ دنيا جي سڀ کان وڏي سامراجي قوت آمريڪا آهي جنهن جو ڪم ۽ مقصد ئي ملڪن، قومن ۽ انسانن کي غلام بڻائي انهن جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪرڻ آهي. ان مقصد جي حاصلات لاءِ اهو هڪ طرف مني سامراجي رياستن (جهڙوڪ اسرائيل، پاڪستان ۽ ترڪي وغيره) جي پالنا ڪندو آهي ته ٻئي طرف بدترين وحشي ڊڪٽيٽرن جي تربيت ۽ پرورش ڪندو آهي جيڪي لکين انسانن کي قتل ۽ هزارن کي گم ڪري ڇڏيندا آهن. انڊونيشيا جو سوهارتو، فلپائين جو مارڪوس، چلي جو پنوشي ۽ پاڪستان جو ضياءُ الحق رڳو چند مثال آهن. دنيا جي آزادي پسند رهنمائن جهڙوڪ سوئيڪارنو، لممبا، بن بيلا، نڪروما ۽ شيخ مجيب جي حڪومتن جا تختا اونڌا آمريڪا ڪرايا، دنيا ۾ قومي آزادي ۽ سوشلزم جي تحريڪن جي حمايت ۽ مدد ڪندڙ سوويت يونين کي ڊاهڻ خاطر سڄي دنيا جي مذهبي انتهاپسندن جي مدد آمريڪا ڪئي. جنهن جا نتيجا اڄ انسانذات ڀوڳي رهي آهي. آزاد ۽ خودمختيار ملڪن عراق، ليبيا ۽ شام تي چڙهائي ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ دهشت گردي، جنگ ۽ تباهي ڦهلجي ٿي رهي. ڪيتري نه حيرت جي ڳالهه آهي ته قومي آزاديءَ جا نعرا هڻندڙ ۽ جي ايم سيد جو نيشنلزم، سيڪيولرزم، سوشلزم ۽ جمهوريت وارو منشور رکندڙ پارٽيون ۽ ليڊر آمريڪا کي مدد لاءِ منٿون ڪندا ٿا رهن. هڪڙا ته اهڙا به آهن جيڪي اسرائيل کي به اپيلون ڪندا رهندا آهن جيڪا پاڪستان وانگر مذهب جي نالي تي ۽ فلسطين جي ڌرتيءَ جي قبضو ڪري ٺاهيل رياست آهي. ٻيا وري اهڙا آهن جيڪي ڪشميرين جي حق خوداراديت واري جدوجهد جي ان ڪري حمايت نٿا ڪن ته ان سان ڀارت ناراض ٿيندو. (سنڌ جي قوم پرستي پارٽين مان جيئي سنڌ محاذ واحد جماعت آهي جيڪا واضح نموني ڪشميري جدوجهد جي حمايت ڪري ٿي). انهن کي شايد اها خبر ناهي ته جيڪا قوم ٻين جي غلاميءَ جي حمايت ڪندي اها پاڻ ڪڏهن به آزاد ٿي نه سگهندي. قومي آزاديءَ جهڙي اعليٰ ترين آدرش لاءِ عملي ڪردار به اهڙو ئي اعليٰ گهرجي جنهن جو مثال سنڌ ۾ جي ايم سيد پيش ڪيو. جي ايم سيد خانداني ملڪيت ۾ ڪوبه اضافو نه ڪيو، اڃا به اها ملڪيت قومي تحريڪ تي خرچ ڪيائين. پر اڄوڪي سنڌ ۾ ڪيترن قوم پرست ليڊرن قومي تحريڪ کي استعمال ڪندي دولت جا انبار گڏ ڪيا ۽ ڏسندي ڏسندي پورهيت مان جاگيردار بڻجي ويا. سيد جو اصول هئو ته نيڪ مقصد صرف نيڪ طريقن ۽ ڪردار سان حاصل ڪري سگهجي ٿو، جڏهن ته انهن اڳواڻن جو ايمان آهي ته نيڪ مقصد لاءِ سڀ ڪجهه جائز آهي ۽ ڪوبه ڪڌو ڪم ڪرڻ بجا آهي. جي ايم سيد پنهنجي سموري سياست، خاص ڪري قومي آزاديءَ جو پروگرام ڏيڻ کانپوءِ، قلم ۽ ڪتاب ذريعي ڪئي پر ان جي نالي تي سياست ڪندرن عملي طور ڪتابن کي باهيون ڏنيون ۽ استادن کي چماٽون هنيون. ڪنهن ڏاهي جو چوڻ آهي ته جيڪي اڄ ڪتاب ساڙيندا اهي صبحاڻي انسانن کي ساڙيندا. جن يونيورسٽيءَ ۾ ڪتابن کي ساڙيو انهن سيتا ۾ انسان کي ساڙيو. جي ايم سيد جو پنهنجي سموري جدوجهد دوران مقابلو حڪمرانن سان ۽ مُلن سان رهيو. حڪمرانن ۽ ملن جو هميشه ڪم فتوائون جاري ڪرڻ رهيو آهي. جيڪو به ماڻهو انهن جي سوچ کان مختلف سوچ رکندو ان خلاف ڪافر ۽ غدار جون فتوائون جاري ڪيون وينديون آهن پوءِ اهو سقراط هجي، گئليلو هجي، بلاول هجي يا سرمد هجي. جي ايم سيد خلاف به حڪمرانن ۽ مولوين ايئن ئي ڪافر ۽ غدار جون فتوائون جاري ڪيون. هاڻي وري اهو ئي ڪم پاڻ کي سيد جا سچا پوئلڳ، جانشين ۽ سندس فڪر جا چوڪيدار چوائيندڙ ڪن ٿا. جيڪو ماڻهو انهن جي مخصوص ۽ مجروح سوچ ۽ ڄاڻ کان ٻاهر ڪا ڳالهه ڪري ٿو ته يڪدم ان خلاف ڪفر جي فتوا جاري ڪريو ٿا ڇڏين. هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته سيد جي فڪر، پرگرام ۽ ڪردار جي ابتڙ اهي سمورا عمل اهي همراهه رڳو پنهنجي ڪم علميءَ جي ڪري ٿا ڪن يا ڪِن ننڍن ذاتي مفادن خاطر يا سيد جي خلاف ڪنهن وسيع منصوبي جي حصي طور ٿا ڪن؟ جي ايم سيد جديد قومپرستيءَ جو باني حيدري چانڊيو جي ايم سيد، ها سائين جي ايم سيد جنهن جو جنم ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع تي سنڌوءَ جي ڪناري تاريخي ڳوٺ ’سن‘ سيد خاندان حيدر شاهه جي پشت مان سيد محمد شاهه جي گهر ۾ پيدا ٿيا. هو وسيع نظر، روشن خيال، خودداري، بصيرت راءِ، پختگي فڪر، زاهد و تقويٰ جهڙين خوبين جو مالڪ هيو. سچ ته جدوجهد جي عمل ۾ پهاڙن وانگر بلند حوصلو رکندڙ، ستارن وانگر روشن خيال، چوڏهين جي چنڊ جهڙي صاف روشني جهڙو شفاف ڪردار، سج جي روشن ڪرڻن جهڙي سچائي، سمنڊ وانگر وسيع علم وارو، سنڌو درياهه جهڙي روان دوان طبيعت ۽ همه گير صلاحيتن جو مالڪ، مهمان نواز، خليق ۽ شفيق جي مجموعي جو نالو جي ايم سيد آهي، هن عظيم انسان تي لکڻ لاءِ منهنجي گهٽ ڄاڻ ۽ اڌورو علم ڪافي ناهي پر پوءِ به پنهنجي وت ۽ وس آهر چوندس ته سائين جي ايم سيد صدين کانپوءِ سنڌي قوم کي هڪ اهڙي رهنما ۽ مفڪر جي حيثيت ۾ مليو، جنهن وٽ عملي طرح پنهنجي فڪر جو تقسيم موجود هيو، جيڪو شاهه عبداللطيف ڀٽائي گهوٽ جي شاعري ۾ ته موجود هيو پر ان فڪر جو عملي پيروڪار سائين جي ايم سيد ٿي ڏيکاريو! اهڙن عظيم انسانن لاءِ شاهه عبداللطيف کي چوڻو پيو ته: ڪاڪ نه جهليا ڪاپڙي، موهيا ڪنهن نه مال، جي ڇورين ڏنا ڇال، ته به لاهوتي لنگهي ويا. ڏٺو ويندو ته ڀٽائي گهوٽ جي شاعري آيتن جي صورت ۾ اسان جي اونداهي اندر ۾ سج وانگر سوجهرو پيدا ڪري ٿي ته جي ايم سيد وري ان فڪر جو تفسير بڻجي قومي اڳواڻ جي حيثيت سان اسان جي منزل کي اجاگر ڪيو، کيس سنڌ ۽ سنڌي قوم جي عشق ۾ نظربنديون ۽ جيل جون مصيبتون ۽ پراون سان گڏ پنهنجن جون عقوبتون سهندي پنهنجي اصول کان نه هٽيو، هن تي اهي فتوائون به لڳيون ته هي سنڌي قوم خاص طرح سنڌي نوجوانن کي ڪافراڻيون ڳالهيون ٻڌائي سندن ايمان جو ٻيڙو ٻوڙي رهيو آهي! مطلب ته هن جي راهه ۾ ڪيئي رڪاوٽون وجهي کيس جهڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر هو ڪنهن جي اڳيان نه جهڪيو. آئون سمجهان ٿو ته سائين جي ايم سيد جابرن اڳيان جهڪڻ نه پر کين جهُڪائڻ يا مهاڏي اٽڪائڻ لاءِ آيو هو، ڪنهن به لُٽيري رهزن سنڌي قوم جي حقن تي ڌاڙي هڻڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي ته جي ايم سيد آواز اٿاري ٿي چيو ته خبردار متان ائين ڪيو اٿئي! سائين جي ايم سيد برصغير پاڪ هند جي اختلافي شخصيت هجڻ سان گڏ نهايت انقلابي شخصيت جو مالڪ هيو، هو سنڌ جي سياست جا سمورا گر ڄاڻڻ سڃاڻڻ سان گڏ هڪ اهڙي دل به رکندڙ هو جيڪا قوميت سان گڏ انساني جذبن سان سرشار هئي، هو عملي سياستدان هجڻ سان گڏ وڏو سياسي مفڪر به هو. هن سنڌي قوم جي اصلاح، توڙي خودمختياري جي جدوجهد جي سلسلي ۾ حال آهر اڀرندڙ سج جي پوڄارين جي وچ ۾ ويهي ڪري گهڻو ڪجهه ڪيو، پنهنجي علم عقل جي وسعت ۽ گهرائيءَ پنهنجي غور فڪر جي روشني، پنهنجي عمل ۽ ڪردار جي بلندي، پنهنجي سچائي، پنهنجي سياسي سماجي سگهه ۽ سمجهه سان سنڌي قوم جي ڀلائي لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو، هن سياسي سماجي ميدان ۾ رهندي سندس سارو توجهه سنڌي قوم جي اخلاقي اصلاح ۽ تربيت طرف رهيو، سندس هر تقرير تحرير ۾ خاص طرح نوجوانن لاءِ اهو پيغام هوندو هو ته اخلاق سڌاري بلند اخلاق بڻجو! انهيءَ ۾ اوهان جي ڀلائي جو راز سمايل آهي، حضرت علي عه جو قول آهي ته ”دنيا جي هر ميدان ۾ هار ۽ جيت هوندي آهي پر اخلاق ۾ ڪڏهن به هار نٿي ٿي سگهي، تڪبر ۾ ڪڏهن به جيت نه هوندي آهي.“ کين اها هدايت به ڪندو رهندو هو ته اوهان خوف ۽ لالچ کان پري رهو! پاڻ اجائي ڏيک ويک کان قطعي پري، نهايت ئي اعليٰ اخلاق جا مالڪ ۽ صوفي منش انسان هو، مون پنهنجي عمر جا ٽيهارو سال سندس نياز مندي ۾ گذاريا، هن وقت مون اسي سال جي ڏهاڪي ۾ پير پاتو آهي. سائين جي ايم سيد سان گذاريل ٽيهن سالن کي ئي سجايو سمجهان ٿو، باقي عمر ڄڻ اجائي گذري! مون جي ايم سيد جهڙي عظيم انسان جي ڪچهرين ۾ ويهي، ماکيءَ کان به وڌيڪ مٺن گفتن ۽ سچائيءَ جي شفاف چشمن مان جيڪي چُڪيون چکيون، انهن جي روحاني لذت کي مون پنهنجي سيني ۾ سانڍي رکيو آهي، ساڻس گڏ گهاريل گهڙيون منهنجي زندگيءَ جو اهم سرمايو آهن. هي هڪ حقيقت آهي ته سائين جي ايم سيد جن کي به سنڌي قوميت جو ڀرپور پيالو پنهنجي هٿن سان تيار ڪري اکيون اکين ۾ ملائي هڪ خاص انداز اچي چئي پياري پُر ڪيو. انهن کان اڃان تائين خمار نه لٿا آهن، اهي قوميت جي مئي جا متوالا اڄ به جهومندي نظر اچن ٿا ۽ پنهنجي منزل جي ايم سيد جي ڏنل پيغام ۾ ٿا سمجهن ۽ سندس اصولن تي ڪاربند پنهنجي حال آهر جستجو ۾ مصروف آهن ۽ اها اُميد اٿن ته هڪ ڏينهن ظلم جو ڪوٽ ضرور ڪرندو. هڙ ۾ ڪين هون، هوئين هنن نه چاڙهيا، سارو ڏينهن سمونڊ تي، لهي سج ويون، جڏهن سائينءَ سبب ڪيون، ته ستڙ ٿيا سيد چئي! جي ايم سيد سان جڏهن به سنڌ جي مختلف يونيورسٽين، ڪاليجن ۽ اسڪولن جا وفد ملڻ لاءِ ايندا هئا ته ساڻن مخاطب ٿيندي چوندو هو ته اوهان پنهنجي ڌرتيءَ سنڌ سان وابستگي، پنهنجي سنڌي زبان سان محبت، قديم روايات ۽ پنهنجي ڪلچر سان دلچسپي اوهان جا مشعل راهه هئڻ گهرجن، سنڌ کي اتحاد انساني، امن عالم، ترقي نوع انسان لاءِ پيغام آهي، اوهان کي ان پيغام جو مشنري ٿي ڪم ڪرڻو آهي، سنڌ ڌرتي دنيا لاءِ محبت ۽ امن جو پيغامبر آهي، سنڌ حب الوطني، وفا، قرباني، مهمان نوازي، رواداري، غيرت جي صفات جو مخزن آهي، سندس مٽي اسان لاءِ خاڪ شفا آهي، سندس پاڻي اسان لاءِ آب ڪوثر آهي، ان جي هر چيز باعث رحمت آهي. پيغمبر خدا کي به سرزمين سنڌ کان ٿڌڙي هير لڳي هئي، ان ڪري سندن دعائون مٿس سدائين وسن پيون، سنڌ جا دوست اسان جا دوست آهن، ان جا دشمن اسان جا دشمن آهن، اسلام بابت جي ايم سيد جو چوڻ آهي ته اسلام ماڻهن جي وچ ۾ مذهبن، نسلن، قومن ۽ رنگن جي نالي ۾ کڙي ڪيل ديوارن کي ڊاهي ختم ڪري انسان ذات ۾ اتحاد، امن، فلاح ۽ بهبود پکيڙڻ لاءِ آيو هو، اهو دين فطرت هو، ان ۾ سڀني مختلف مذهبن جي ظاهري ڪثرت پويان بنيادي وحدت سمايل هئي، اهڙي تعليم جو فروغ صحيح سمجهاڻي، اخلاق درستگي ۽ نفسياتي اصلاح ذريعي تاليف قلوب، رواداري ۽ باهمي اتفاق گفتگو وسيلي ٿيڻ هو، تشدد، نفرت، خود مطلبي ان جي راهه ۾ رڪاوٽون هيون، دين جي معاملي ۾ زور زبردستي بلڪل ناجائز هئي، پيغمبر خدا رحمت اللعالمين ٿي آيل هو، هو غلامن کي آزاد ڪرائڻ، اجائي ڦرلٽ ظلم زيادتي کي بند ڪرائڻ، انصاف جو دور قائم ڪرڻ ۽ دنيا ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ آيل هو. مذهب اسلام جي ٻي گروهه جو چوڻ هو ته مذهب اسلام هڪ نئون مڪمل عالمگير مذهب ٿي آيل هو، ان جي اچڻ سان ٻيا سڀ دين رد ٿي ويا هئا. انهن مطابق ملڪن تي چڙهايون ڪري خونريزي ڪرڻ، ان تي قبضو ڪري ڦرلٽ ڪرڻ، مردن عورتن کي غلام ڪري رڍن ٻڪرين وانگر وڪرو ڪرڻ جهڙين ڪمن کي جائز ڄاتو ٿي ويو. اڃان تائين مسلمان ساڳي طرح ٻن گروهن ۾ ورهايل آهن، جن ۾ پهرين گروهه جي مڃيندڙن کي بزرگن ۽ درويشن جو گروهه چيو وڃي ٿو. هنن جو چوڻ آهي ته اسلام جو فروغ تلوار ۽ تشدد جي ذريعي ڪو نه ٿيو هو، بلڪه تاليف قلوب ۽ بهترين اصولن جي ڪري ماڻهن قبول ڪيو هو، هڪ طرف مذهب اسلام امن امان جي خواهش ڏيکاري ٿو ۽ اهڙي تلقين ڪري ٿو، ٻئي طرف ڏسبو ته دنيا ۾ سڀ کان زياده بدامني ۽ خونريزي مذهب اسلام جي نالي ۾ ٿي رهي آهي. انهيءَ ۾ مذهب جو ڪو به قصور ناهي، ڇوته اسان جي تعليم ۽ درس واري عمل ۾ اهڙو سڌارو آڻڻ جي گهرج آهي، جنهن کان اسين وانجهيل پسجي رهيا آهيون. سائين جي ايم سيد ويهين صديءَ جو عظيم سياستدان ڊاڪٽر مير عالم مري گذريل صدي يعني ويهين صديءَ ۾ سنڌ اندر سياسي نظرين جي لحاظ سان وڏي اٿل پٿل رهي. پر وطن ۽ قوم جي بنياد يا انڪار جي حوالي سان ٽي فڪر رهيا ۽ ٽنهي جو پاڻ ۾ ٽڪراءُ رهيو. (۱) اکنڊ ڀارت جو نظريو (۲) مذهبي قومي تصور ۽ ڀارت جي ورهاڱي جو نظريو (۳) سنڌ جي آزاد رياست جو نظريو. (۱) اکنڊ ڀارت جو نظريو، جيتوڻيڪ برطانوي سامراج مخالف هو، پر ڀارت اندر تاريخي قومن جي وجود ۽ انهن جي آزاد رياستن جي حق کان انڪاري هو. انڊين نيشنل ڪانگريس ۽ مهاتما گانڌي ان جا وڏا حامي ۽ پرچارڪ هئا. (۲) مذهبي قومي تصور ۽ ورهاڱي جي نظريي جا حامي، برطانوي راڄ جا اڻ سڌا حامي ۽ انهن جي معرفت پاڪستان جي قيام لاءِ راهه هموار ڪري رهيا هئا. مسلم ليگ ۽ قائد اعظم ان جا وڏا حامي ۽ پرچارڪ هئا. (۳) آزاد سنڌ جو نظريو: هي ڳالهه سڀ کان پهرين، سنڌ مان مولانا عبيدالله سنڌي ڪئي. ٻي عالمي جنگ کانپوءِ جي عالمي ۽ علائقائي حالتن ۽ بغاوت جي پسمنظر ۾ مٿي بيان ڪيل سياسي نظرين مان فقط مذهبي قومي تصور تحت پاڪستان جي قيام جو ماحول ٺهيو، نه اکنڊ ڀارت رهيو ۽ نه سنڌ سميت ٻين ملڪن آجپو ماڻيو. جيتوڻيڪ برطانوي تسلط جو دور پورو ٿيو. ان کانپوءِ مختصر عرصي اوڀر پاڪستان بنگلاديش بنجي ويو. سائين جي ايم سيد ويهين صديءَ جي اهم سياسي شخصيت آهي. سيد پنهنجي حياتيءَ ۾ ۷۵ سال سياسي، ادبي ۽ عملي جدوجهد ڪئي. سندس پنجونجاهه ڪتاب لکيل آهن، جن مان اڪثر ڇپيل آهن ۽ مختلف ٻولين ۾ ترجما ٿي چڪا آهن. ڪل ملائي ۳۲ سال قيد ۽ نظربندي ڀوڳيائين. سڀني با اثر وڏن ماڻهن وانگر سائين جي ايم سيد جا مداح به آهن ته ڪٽر مخالف به. پر ڪجهه بنيادي ڳالهيون، جيڪي جي ايم سيد جا مخالف به تسليم ڪن ٿا، اهي هي آهن ته سيد سڄي زندگي سنڌ ۽ سنڌين جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪيو. پنهنجي خيالن ۽ نظرين تي اٽل رهيو ۽ هن ڪڏهن به سوديبازي ڪري رعايتون نه ورتيون. هو قومپرستيءَ جي جديد نظريي جو باني ۽ سنڌين ۽ سنڌ جي سڃاڻپ آهي. آئون جي ايم سيد جي سڄي حياتيءَ جي جدوجهد کي ٽن حصن ۾ ورهايان ٿو: پهريون دور ۱۹۱۷ع کان ۱۹۴۶ع تائين. ٻيو دور ۱۹۴۶ع کان ۱۷۷۱ع تائين ۽ ٽيون دور ۱۹۷۲ع کان وفات تائين. ٽنهي دورن ۾ سيد جا نظريا، خيال ۽ پارٽيون تبديل ٿيون. تجربن ۽ غلطين مان بهتر نتيجا ڪڍندو رهيو، پر ٽنهي دورن ۾ هڪڙي ڳالهه مشترڪ آهي ته جي ايم سيد وٽ شروع کان آخر تائين، اوليت ۽ اهميت هميشه سنڌ ۽ سنڌي قوم جي مفادن جي رهي. تنهن ڪري سيد، سنڌ جي سياست جو بنيادي حوالو آهي. ڪالم جي شروع ۾ مون ننڍي کنڊ ۾ ٽن سياسي جماعتن جي ڳالهه به ان ڪري ڪئي، جو جي ايم سيد جي سڃاڻپ ته سنڌ آهي، پر هو ننڍي کنڊ جو اهم سياستدان به هو. جيڪي به ماڻهو ننڍي کنڊ جي سياست کي، ڀارت ۽ پاڪستان کي يا سنڌ ۽ سنڌي قوم کي سمجهڻ ۽ پرکڻ چاهين ٿا، انهن لاءِ جي ايم سيد کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ لازمي آهي، ڇاڪاڻ ته جي ايم سيد جي راءِ گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي حوالي سان Authority آهي. ننڍي کنڊ جي سياسي نظرين جي لحاظ کان ڪالم جي شروعات ڪرڻ جو ٻيو سبب اها تنقيد آهي، جيڪا سيد جا مخالف ڪندا آيا آهن ته سيد سنڌ جي آجپي جو نعرو (۱۹۷۲ع) وقت کان اڳ ڏنو آهي. ننڍي کنڊ جي ان وقت جي سياسي نظرين جو حوالو ڏيئي، منهنجو مقصد انهن مخالفن کي اهو ياد ڏيارڻ آهي ته آزاد سنڌ جو نعرو ۱۹۷۲ع ۾ وقت کان اڳ جو نه آهي، پر جي ايم سيد جي سياسي تجربن کانپوءِ جو آهي، نه ته مولانا عبيدالله سنڌي ۱۹۴۰ع ڌاري اهو نظريو ڏئي چڪو هو ۽ ۱۹۴۳ع ڌاري شهيد سورهيه بادشاهه آزادي يا موت، وطن يا ڪفن جي نعري تحت گوريلا جنگ ڪري تختهء دار تي به چڙهي چڪو هو. دراصل نظريا جنم ئي تڏهن وٺندا آهن، جڏهن معاشري کي انهن جي ضرورت هوندي آهي. جيئن سرمائيداري جي ارتقا ۾ مارڪسزم جو نظريو، وقت جي ضرورت هئي يا انتها پسنديءَ خلاف زرعي معاشرن ۾ تصوف ۽ پاپائيت خلاف سرمائيدار معاشرن ۾ سيڪيولر ازم جي نظريي جي ضرورت هئي، ڇاڪاڻ ته نظريو ڏيندڙ صرف پنهنجي ذهني اختراع وسيلي ذهني عياشي نه ڪندو آهي، پر اهو انساني معاشري جي تاريخ، حالتن ۽ ضرورت کي گهڻ پاسائون ڏسي، اهڙا نتيجا ڪڍندو آهي، ان لاءِ ۽ ڪو هڪڙو واقعو نه، پر ڪيئي واقعا سبب بڻبا آهن. ۱۹۷۲ع ۾ چند نوجوانن تي مشتمل پنهنجي نظريي جي شروعات ڪندڙ جي ايم سيد جي هلچل، ’جيئي سنڌ‘، اڄ سنڌ جي لکين ماڻهن جي دلين جي ڌڙڪن، ۽ زبان تي نعري جي صورت وٺي رهي آهي، کڻي جو ڪيترائي ٿاڻا، ٽارچر سيل، جيل ۽ قبرون اها ڳالهه ثابت ڪن پيون ته سنڌ جي ويرين سيد جي فڪر ۽ تحريڪ کي ڪچلڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي، پر پوءِ به تحريڪ ۾ واڌ آئي آهي، جنهن سان به ثابت ٿئي ٿو ته هي نظريو ڪو اوچتو يا وقت کان اڳ جو ناهي. اڄ به سنڌ ۾ ڀلي کڻي ڪيتريون ئي سياسي جماعتون هجن، پر سياسي حوالي سان ٻه صرف ڪيمپون آهن، هڪ سنڌ دوست ڪيمپ ۽ ٻي سنڌ دشمن ڪيمپ. اهو جي ايم سيد ۽ جيئي سنڌ هلچل جي جدوجهد جو ڪمال ۽ وقت جي ضرورت آهي ته وفاق پرست جماعتون (جن مان اڪثر پنهنجي فڪر و عمل ۽ جوهر ۾ سنڌ دشمن آهن) پاڻ لاءِ سنڌ دوست تاثر ڏيڻ تي مجبور آهن ۽ اها اسان جي ڪمزوري آهي ته سنڌ دوستيءَ جون دعويدار ڌريون، وفاق پرستن سان هٿ ملائين ٿيون. اهي سنڌ دشمن ڌريون، جيڪي پاڻ کي سنڌ دوست سڏائين ٿيون، ۽ ڌارين ۽ انتها پسندن سان گڏجي سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ پارليماني واٽ وٺن ٿيون. انهن جا نتيجا ته ۱۱ مئي وارين چونڊن بعد پڌرا ٿيندا، پر آئون اڄ ئي چئي ڏيان ٿو ته قومپرست سياسي پارٽيءَ جي حيثيت ۾ يا قومپرست اتحاد جي حيثيت ۾ اهي سوڀارا نه ٿيندا، ڇاڪاڻ جو اهي جي ايم سيد جي تحريڪ کي ڌَڪين ۽ ڌِڪين ٿا ۽ رياست جي دوستن جي ڪيمپ ۾ انهن جي شرطن ۽ طريقن سبب داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪن پيا، جن کي سنڌ جو عوام رد ڪندو، ڇاڪاڻ جو سنڌ جي عوام جي نظرن ۾ قومپرستي، جيئي سنڌ سان مشروط آهي ۽ جي ايم سيد سان ڳنڍيل آهي. آخري ڳالهه ته جيتوڻيڪ سيد جي فڪر واري تحريڪ، چند نوجوانن کان شروع ٿي لکين ماڻهن تائين پهتي آهي، پر ان ۾ ٻه اوڻايون آهن، هڪ ته اها ٽڪرن ٽڪرن ۾ ورهايل آهي ۽ ٻيو فڪري لحاظ سان، ڪارڪنن جي تربيت ناهي. آدمشماري ۾ واڌ، تعليم جي شرح ۾ اضافي، ميڊيا جي ذريعن ۽ ترقي ۽ ٻين سببن جيتوڻيڪ هلچل ۾ مقداري واڌ آئي آهي، پر اها واڌ غير معياري آهي. اڄ جڏهن اسين، سن ۾ رهبرِ سنڌ جي ورسيءَ جي موقعي تي ڪارڪنن سان مخاطب آهيون ته ان وقت اسان جي سامهون جيڪي وڏا چئلينج آهن ۽ جيڪي اڄ جون ضرورتون به آهن، اهي هي آهن: . جيئي هلچل، جيڪا مختلف تنظيمن ۽گروهن ۾ ورهايل آهي، انهن گروهن جو تعداد گهٽائي منتشر طاقت کي منظم ڪريون. ڪارڪنن ۽ حامين جي فڪري تربيت ڪريون. ۱۹۷۳جي ايم سيد جي فڪر جي بنياد تي پنهنجي طاقت کي گڏ ڪريون ۽ پنهنجي فڪر ۽ طاقت جي بنياد تي سياست ڪريون.. انتهاپسندي ۽ دهشتگرديءَ کان خوفزده ٿيڻ ۽ انهن جو ساٿ حاصل ڪرڻ جون سڀ ڪوششون رد ڪري، جي ايم سيد جي تصوف، مذهبي رواداري ۽ سيڪيولرزم جي مورچي کي منظم، مضبوط ۽ وسيع ڪريون. .ڪارڪن ته هزارين/لکين پيدا ٿي چڪا آهن، پر هاڻي پنهنجي تحريڪ ۾ چند سُلجهيل ۽ هم آهنگ سياستدانن جي ٽيم به تيار ڪريون، ته پوءِ بيشڪ سيد جو خواب، ساڀيان حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندو. سيد، اڪيلو هو، پر رياستي ادارن ۽ ان جي حامين تي حاوي هو. پر اسين تعداد ۾ کڻي جو وڌيا آهيون، پر مقابلي جو معيار اهو ناهي. مقابلي جو معيار وڌائڻ ۽ ميدان جي چونڊ اسان کي ڪرڻي آهي. طريقو پنهنجي سگهه، حالتن آهر اختيار ڪبو ۽ فيصلو ايندڙ وقت ئي ڪندو. سائين جي ايم سيد جنهن سنڌين کي سنڌ ارپي هيمون ڪالاڻي/ حيدرآباد سنڌ جي هِنئين ۾ هرندڙ هي اپريل جا ڪوسا ڏينهن ۽ دردن جي دونهين ۾ دزجندڙ ڏينھن لاءِ امن عالم جو پيغام رکندڙ هيءَ ڌرتي، جنهن جي وجود تي دشمن گھات هڻڻ لاءِ آتو آهي. اتي سيد جون اکيون جل ٿل بڻجي اندر ۾ اوتبيون ٿيون اچن. سائين جي ايم سيد، جنهن نئين سنڌ جي تخليق ڪندي، ان جو شاندار ماضي ورائڻ لاءِ جيڪي جتن ڪيا، قيد ۽ نظربندين جون عقوبتون سَٺيون، انهن لمحن سميت هن قافلي جي هر هڪ شهيد جي ساهه جي آخري هڏڪيءَ جو قرض ۽ ان جو احتساب پڻ سن ۾ ٿيڻو هوندو آهي ته اڄ هن پٿرائين ڌرتيءَ تي جتي سنڌ جي آئيندي جا خواب سهيڙجن ٿا، اتان بيهي اگر سن جي سائينءَ جي سپنن جي ساڀيائن کي سمجھي، سندس ڪم ۽ رفتار کي جاچي لڌوسين ته هوند سنڌ جي ميرانجھڙي سينڌ، ڌارين جي ڪٽڪن، سنڌ جي وجود مٿان لٽڪندڙ تلوار، معاشي، سماجي ۽ سياسي ڦرلٽ، ذهني ۽ جسماني نسل ڪشيءَ سميت ٿيندڙ سڀئي ڌارين جون ارهه زورايون ۽ درپيش خطرا ڏسي سگھبا ۽ انهن حالتن ۾ قومي تحريڪ جي مزاج، ڪردار، اڳواڻن جي صلاحيتن ۽ پاليسين کي به جاچي لهڻ سهنجو هوندو. سائين جي ايم سيد، جنهن چيو هو ته: ”سنڌ کي درپيش خطرن کي جيئن مون ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي، تيئن جيڪڏهن اوهين محسوس به ڪيو ته، هوند ننڊ سمهي نه سگھو.“ اڄ تاريخ جي هن دور ۾ سنڌ جي جاگرافيائي حيثيت وري اهنج ۽ ايذاءَ جي تلوار هيٺ هئڻ سميت ’طاقت سان اڳتي وڌيو يا مرڻ لاءِ تيار ٿيو‘ واري حالت کي پهتل آهي، اتي پنهنجو احتساب ڪرڻ سميت ليڊرشپ ۽ ان جي عمل توڙي ڪردار جو احتساب ڪرڻ ضروري آهي، نه ته شينهن جي اڳواڻي ڪندڙ رڍون ڀلا دشمن کان انهن جو ڪهڙو تحفظ ڪري سگهنديون! اهو ڪارڪنن توڙي قومي تحريڪ جي اڳواڻن کي وقت سر سمجهڻو پوندو. سلام سن جي ان سائينءَ جي هر هڪ ساهس کي، جنهن سنڌ جو شعور ڏنو ۽ اڄ سنڌ سنڌين جي ماتر ڀوميءَ طور انهن جي عقيدت جو پهريون ۽ اولين نقطو آهي، جتي انگ اگھاڙا، توڙي انگوڇن ۾ ملبوس مارو گڏجي ڌرتيءَ جي سلامتيءَ لاءِ مڙي مٺ ٿين ٿا. جي ايم سيد آزاديءَ جي احساس جـهڙو شخص مولائي ملاح معصوميت ۾ ئي يتيميءَ جو بار پنـهـنجن ڪلـهـن تي کڻي جواني ماڻيندڙ، سيد گھراڻي جي هن سلڇڻي ٻار لاءِ اهو ڪنـهـن ٿي ڄاتو ته هو اڳتي هلي سنڌ جو اهڙو يگانو عاشق بڻبو جو ان جي عشق ۾ پنـهـنجي سموري حياتي داءُ تي لڳائي ڇڏيندو. هن جو ڌرتيءَ سان نينـهـن جي ناتي جو انداز به نرالو آهي. هن پـهـريون پيار پنـهـنجي ڌرتيءَ سان ڪيو. ائين ئي هن جو ڪيل عشق، عشق جي بلندين کي ڇـهـڻ لڳو جنـهـن کيس امر بڻائي ڇڏيو. هن جو عشق اتاهون هيو هر جابر جي ذات اڳيان، جنـهـن کي وقت، رياست جا لوهي هٿ به جھڪائي نه سگھيا. هن مشڪل گھڙين ۾ به امرت جو جام پيتو جنـهـن سندس عشق کي سگھارو بڻائي ڇڏيو. نياز همايونيءَ چواڻي ته: تنـهـنجو عشق اتاهون سيد، هر جابر جي ذات اڳيان، تنـهـنجو ڪنڌ جھڪڻ جو ناهي، ڪنـهـن ڀي لات منات اڳيان. سيد، سنڌي قوم کي پنـهـنجي سڃاڻپ ڏيڻ کانپوءِ، سنڌ مٿان پنـهـنجي عشق جا ساگر اٿلائي ڇڏيا. سنڌي قوم جڏهن سندس سنڌ شناسائيءَ واري پيغام کي سمجھڻ لڳي ته مٿس موهت ٿي، مداح بڻجي وئي. سنڌ جي ماڻـهـن جڏهن سيد جي ڏنل قومي فڪر ۾ پاڻ کي سڃاڻي ورتو ته سندن ۾ لطيف جي ٻوليءَ ۽ ڌرتيءَ جي وارثي ڪرڻ جو وشواس وڌڻ لڳو. جيڏي ڌرتي ديس جي، جيڏو هي آڪاس، جيڏو ماڻـهـوءَ منجھ آ، جيئڻ جو احساس، ايڏو ئي وشواس، منـهـنجو سيد سنڌ ۾. سنڌ سان سيد جي عشق جو ناتو ائين هيو جيئن ڪائي ٻڍڙي ماءُ پنـهـنجي جوان پٽ سان پيار ڪندي آهي. ان عشق ۾ کيس سڄي حياتي آزاد فضا ۾ ساهه کڻڻ جي اجازت نه رهي. هن جڏهن به پنـهـنجي محبوب قوم کي پنـهـنجي سيني سان لائڻ جي ڪوشش ڪئي ته رياست جي مـهـندارن جھنڊي جي جرم ۾ کيس قيد ڪري ڇڏيو. کيس قيد، نظر بند ته هر آمريتي دور ۾ ڪيو ويندو هيو. پر جمـهـوريت ۾ به سندس قيد سندس قيدي تاريخ جو انوکو باب بڻيو. هت هونءَ ته هر قسم جي قيديءَ کي ڪنـهـن نه ڪنـهـن طرح سان ڪائي سـهـوليت، آزادي مليل هوندي آهي پر سنڌي قوم کي سياسي قومي شعور ڏيڻ جي جرم ۾ سنائي سيد کي سدائين ڪارن قانونن هيٺ نظر بندين جي لوهي ڪوٽن ۾ بي گناهه بند ڪيو ويو. نظر بندين ۾ رهندي به سيد سندن اڳيان آڻ نه مڃي ۽ هو پنـهـنجي عمل ۾ مصروف رهيو، نظر بنديءَ جي اهڙي ماحول ۾ به هي قومي جاڳرتا لاءِ لوچيندو ۽ سوچيندو رهيو. هن اتي قلمي پورهيو جاري رکيو جنـهـن سان هي وقت جي حاڪمن جي بنيادن کي لوڏيندو رهيو. سيد، پنـهـنجي قوم کي شعور ڏيڻ لاءِ ڪيترائي ڪتاب لکيا جن تي وقت جي غاصب قوتن، پابنديون مڙهي ڇڏيون. سيد سندن قيد ۾ رهڻ کانپوءِ به کين عوامي محبت، قوت کان بي هٿيار ڪندو رهيو قيد، بند ۾ سندس ڏات ئي وڏو هٿيار رهي جئين اياز چواڻي ته: مون ڏات انوکي آندي آ، ٿي تند وڙهي تلوارن سان، ٿا ڀاري تنـهـنجا برج لڏن، تون هيڻو آن، هٿيارن سان. وقت جي آمر قوتن جڏهن سنڌ جي حقن کي ڦٻائڻ لاءِ سنڌ تي ون يونٽ جـهـڙو وار ڪيو ته سيد جي فڪر، ئي سستيءَ جي ننڊ ستل ماڻـهـن کي اکيون مـهـٽي اٿڻ تي مجبور ڪيو ۽ پوءِ سنڌ هڪ آواز ٿي ڪَرَ موڙي اُٿي پئي. جنـهـن جي گونج سنڌ جي گلي گلي ۾ اياز جي گيتن ۾ ٻرڻ لڳي. سيد پنـهـنجي سڄي حياتي ڌرتيءَ جي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجـهـد ڪندي گذاري ڇڏي. سندس زندگيءَ جا آخري ساهه پساهه به قيد، بند واري ڪيفيت، حالت ۾ ئي گذريا. اهڙي قيد تي کيس “ضمير جو قيدي” وارو اعزاز به مليو. سيد اعظم پنـهـنجي قوم کي جيڪو فڪر ڏنو ان تان هن ارڏي عاشق زندگيءَ جي آخري گھڙين تائين هٿ نه کنيو؛ ان عشق ۾ هو سڄي حياتي رمندو رهيو ۽ سنڌ جي آزاديءَ، خوشحاليءَ جي پرهه ڦٽيءَ جـهـڙي باک جي ساک جو پيغام ڏيندو رهيو. جنـهـن پيغام کي اياز پنـهـنجن لفظن ۾ عوام تائين هيئن پـهـچايو ته: جوت ٻرندي رهي رات ٺرندي رهي باک جي ساک اڄ مان ڏئي ٿو وڃان! اڄ چئي ٿو وڃان مڌ ريٽي جيان، نيٺ سنڌوءَ مٿان اڀرندو ساٿيو! مان چئي ٿو وڃان. سيد کي سڄي حياتي صرف ان جرم ۾ قيد، نظر بندين ۾ رکيو ويو جو هن سياست ۾ سچ ٿي ڳالـهـايو.!! هو هن سياست جي گدلي سينور ۾ اهو اُجرو نيل ڪنول هيو، جنـهـن جي پاڙ پاتال تائين هوندي آهي ۽ ڍنڍ جو پاڻي جيترو مٿي هوندو آهي هو ان جي مٿان پيو ترندو آهي. هن سياست جي واديءَ جي بي داغ ستاري من جي اُجري، صوفي منش ماڻـهـونءَ جو عالم انسانيت لاءِ ڏنل پيغام شاهه جي هن شعر جي تشريح آهي.ته: سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار، دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪـرين. سيد جو ڏنل پيغام دنيا جي مڙني مظلوم، محڪوم قومن لاءِ آهي؛ جنـهـن جي پالوٽ مان امن ۽ آزاديءَ جون، سڪايل ۽ اُڃايل قومون سيراب ٿي سگھن ٿيون. سيد چواڻي ته: ”سنڌ صدين کان آزاد ڌرتي رهي آهي، جنـهـن تي ڪنـهـن کي به قابض ٿيڻ، ان جي وسيلن کي ڦٻائڻ ۽ ان جي تاريخي، جاگرافيائي حدن، حقن سان هٿ چراند ڪرڻ جي ڪنـهـن کي به اجازت نه ڏبي. سنڌي هڪ قوم آهي جنـهـن کي پنـهـنجي ڌرتي آزاد گھرجي ٿي.“ اڄ سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي قوم، جنـهـن سياسي، معاشي انتشار ۽ فڪري سوڪـهـڙي جو شڪار آهن اهڙي سمي سنڌ وري به اهڙي ئي پاڻيءَ جـهـڙي پياري ماڻـهـونءَ کي ساري ٿي جيڪو سندس اڃ اُجھائي سگھي. اڄ سيد جي پيروڪارن جون، ”واٽون ويـهه ٿيون، ڪهه ڄاڻا ڪـهـڙا پرين!“ واري ڪيفيت آهي. اهڙين مايوس ڪن حالتن ۾ ئي سنڌ پاڻيءَ جـهـڙي پياري ماڻـهـونءَ جي ضرورت کي محسوس ڪري رهي آهي. جنـهـن جي سچن جذبن سان ئي سندس ترقي، امن ۽ خوشحالي سلـهـاڙيل هئي. اڄ سن کي سنڌ تي سوچڻ گھرجي. اڄ ڌرتي ڌڻين جي هڪ هنڌ گڏجڻ جو ڏينهن آهي. اڄوڪو ڏينهن سڀني قومي ڪارڪنن کان تقاضا ٿو ڪري ته پاڻ ۾ پيدا ٿيل رنجشون ويڇا وساري سنڌ جي امن ۽ سلامتيءَ خاطر هڪ ٿي سيد جي ڏنل پيغام کي اڳيان وڌايون. سائين جي ايم سيد جو ميران محمد شاھ کي لکيل يادگار خط سنڌ جي بمبئيءَ کان آزادي جو ڏينهن ور تو زين دست مرا بي سرو سامان داري، من بسه آهِ سحرت زلف مشوش دارم برادرم عزيز، تسليم اڄ اوهان جي سمع خراشي ان ڪم لاءِ ڪريان ٿو، جنهن لاءِ شايد اوهين تيار نه هجو: حديث دوست نگويم مگر بحضرت دوست، ڪه آشنا سخن آشنا نگهه دارد. سنڌ جدا ٿي، نهايت خوشيءَ جي ڳالهه آهي، پر ان سنڌڙيءَ جي مٿان مون کي نهايت پريشان ڪندڙ ڪارا ڪڪر نظر اچي رهيا آهن. سبزيءَ ۽ باد بهاريءَ جي بدلي، مون کي خزان جا آثار نظر پيا اچن. سنڌ آزاد ٿي سو ته چڱو ٿيو، پر چئوطرف کان ماڻهو ان کي مال غنيمت سمجهي هضم ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا آهن. خود مطلب ماڻهو صرف پئسي يا اثر جي سبب ان جي دامن عصمت کي ٽوڙڻ لاءِ ڳجهن وانگر اکيون کوڙيو بيٺا آهن ته ڪڏهين ٿيون اليڪشنون ٿين ته اسين ٿا چونڊجون. انهن مان هر هڪ کي پنهنجي لاءِ سبز باغ نظر اچي رهيا آهن. ڪن جو خيال آهي ته ميمبر ٿيڻ ڪري هو ووٽ جي اثر هيٺ، وزيرن معرفت ڪامورن کي پنهنجي قبضي ۾ رکي، آسپاس جي ملڪ ۽ ماڻهن تي اقتدار حاصل ڪندا. ڪي وري ان طمع ۾ گرفتار آهن ته پنهنجيءَ وسيع جائداد ۽ ملڪيت جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ هيءُ هڪ ڪارگر هٿيار ٿيندن. ڪي ائين پيا سمجهن ته هينئر ڪو پڇين به ڪو نه ٿو، سو پوءِ وڏا وڏا ماڻهو سندن درن تي ڌڪا جهليندا ڪن کي وري لقبن حاصل ڪرڻ جون لالچون آهن. لٿي به، چاچي ولي محمد شاهه وانگر، وقف ائڪٽ رد ڪرائڻ جو مقصد کنيو بيٺا هوندا. اهي ارادا آهن اڻپڙهيل يا نيم خوانده، وڏيرن جا، هاڻ هلو ته پڙهيل طبقي جي ارادن ۽ اميدن کي نظر مان ڪڍون سر غلام حسين پيو سمجهي ته سنڌ ۾ هن جهڙو قابل ۽ تجربيڪار ٻيو ڪو به ڪو نه آهي، تنهنڪري چيف منسٽر ٿيڻ لاءِ هن کان سواءِ ٻيو ڪوبه لائق ڪونه آهي. اهو وڏو گناهه ٿيندو جي ٻيو ڪوبه چونڊجي وڃي تنهنڪري، ان ڪار خير ۾ هو پنهنجي اڳين ڪمايل ملڪيت ۽ اثر صرف ڪري، ضرور انهيءَ گديءَ کي هٿ ڪندو. هن کان سواءِ سنڌ جي ستياناس ٿي ويندي، ان لاءِ هو هرڪا مناسب ۽ نامناسب ڪوشش ڪرڻ ضروري ٿو سمجهي. جنگ ۾ ڪاميابي مراد اٿس. ٻئي طرف سنڌ جي امير النسل ماڻهن جو عيوضي، سر شاهنواز ڀٽو، جو سنڌ سرڪار جو صلاحڪار آهي، سو سنڌ جي حڪومت جي واڳ سر غلام حسين يا ٻئي ڪنهن جي هٿ ۾ ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي. ٻيا سڀ سندس نظر ۾ دغاباز ۽ خود مطلب آهن. هي اخلاق جو علمبردار آهي ان ڪري سڀ طريقا اختيار ڪري حڪومت جي واڳ پنهنجي هٿ ۾ آڻڻ جي پٺيان پيل آهي. اڳتي هلندا ته ڏسڻ ۾ ايندو ته ميان کهڙو خان بلند آواز سان ماڻهن کي پڙهو ڏيئي رهيو آهي ته سنڌ آزاد ڪرڻ، ڇٻلائيءَ سان مقابلا ڪرڻ ۽ مسلمانن جي حقن لاءِ لڙڻ ۾ هن ڪثر ڪانه ڇڏي آهي. ان ڪري هن کي به ڪجهه نه ڪجهه ملڻ گهرجي، نه ته هو پنهنجو گروپ مير بنده علي خان وغيره سان ٺاهي، زوريءَ به ڪا جاءِ وٺندو. انهيءَ وچ ۾ سنڌ جي الهندي گوشي کان هڪ سنهي، چالاڪ نوجوان جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، جنهن جو نالو خانبهادر الهه بخش هو. ان سندس بمبئي ڪائونسل ۾ مختلف ڪميٽين تي ڪم ڪرڻ، تجربي، هندو. مسلم لاڳاپي ۽ سر شاهنواز ڀٽي جي دوستيءَ جو حوالو ڏيندي. پنهنجو ڪليم پيش ڪيو، سنڌ جي ڪنهن به جوڙجڪ ۾ هن جي حق کي ريٽڻ ٺيڪ نه ٿيندو. هن انهيءَ نقطه نگاهه کان اپر، سنڌ ۾ اڳي ئي اثر وڌائڻ شروع ڪيو هو، بلڪ نواب شاهه ۾ لاڳاپا قائم ڪرڻ شروع ڪيا هئا. ان کان پوءِ هڪ سيد نوجوان چڱيءَ طرح ڊريس پاتل، بي اي ايل ايل بي اٿي کڙو ٿيو. ان سندس ساداتيءَ فوور سنڌ جي نالي خدمت خلق جي آڌار تي، حق طلبي ڪرڻ شروع ڪئي: ان جو نالو سيد ميران محمد شاهه هو. ان به سنڌ جي جدائيءَ بمبئيءَ ۾ مسلم بلاڪ جي سيڪريٽريءَ هجڻ ۽ پنهنجيءَ لياقت جو حوالو ڏيئي تقاضا ڪئي ته کيس ضرور ڪجهه نه ڪجهه ملڻ گهرجي. ان کان پوءِ، گزدر صاحب پنهنجو انجنيري تجربو، سکر براج جو هلائڻ ۽ پنهنجي بمبئي ڪائونسل جي ڪار گذاري پيش ڪندي چيو ته کيس وسارڻ سراسر غلطي ٿيندي. ان کان پوءِ شيخ عبدالمجيد سنڌي اٿي، مٿين سڀني خواهشمندن کي مخالف ٿي چوڻ لڳو ته اوهين سڀ سرمائيدار گڏ ٿي، ڀانئيو ٿا سنڌ جي مال غنيمت کي ورهائي کڻندو. اوهان کي ائين ڪرڻ نه ڏبو. هن سندس خلافت، ڪانگريس، مسلم ليگ تحريڪن ۽ جيل ۾ وڃڻ جا حوالا ڏنا ۽ ”الوحيد“ اخبار ذريعي ماڻهن ۾ سجاڳي آڻڻ جو ذڪر ڪيو. اوهان سڀني کي گڏجي، سنڌ جي ڀلائيءَ خاطر، خودمطلبيءَ کي ڇڏي، باهمي سمجهوتي سان ڪم ڪرڻ گهرجي نه ته اوهان جا ماڻهن اڳيان پول پڌرا ڪبا ان کان پوءِ ٻه ٽي هندو ڪارڪن اٿيا، جن چيو ته سنڌ جدا ٿي ته ائين نه سمجهو ته سموري طاقت اوهان جي هٿن ۾ اچي ويئي. اسان جا ميمبر اسيمبليءَ ۾ ٽيون حصو آهن. اوهين وڏيرا پاڻ ۾ عهدن تان لڙي اسان جا محتاج ٿيندا، تنهنڪري حڪومت جي واڳ اسان جي هٿ ۾ رهندي، سو اوهان کي اسان سان فيصلو ڪري پوءِ ڪو ڪم ڪرڻو پوندو. اهي حالتون ڏسي مون کي هڪ هاتفي آواز ڪن پيو، جو چئي رهيو هو ته اي سنڌ جا ڪارڪن، خودمطلبي ڇڏي، ملڪ ۽ ماڻهن جي ڀلي لاءِ ڪو پروگرام ٺاهي، سنڌ جي خدمت ڪرڻ شروع ڪريو، نه ته اوهان مان گهڻن جو حشر نهايت عبرتناڪ نڪرڻ وارو آهي. ڪي اليڪشن ۾ ناڪامياب ٿي، کٽي وڃي گوشه تنهائي ۾ ويهندا. ڪي هڪٻئي جي خلاف سازش ڪري، سنڌ جي سياست کي خودمطلبيءَ جو آکاڙو بنائيندا. ڪي باوجود خدمت ڪرڻ جي ، عوام جي خواب غفلت جون دانهون ڪري، وقت گذاريندا. هندو مسلمانن جي خلاف سازشون ڪندا، ته انهن جي ردعمل ۾ مسلمانن جو هڪ فرقو فرقيوار نفرت ڦهلائيندو. نتيجو اهو نڪرندو ته اها ورهين جي محنت کان پوءِ ڪيل آزادي، ملڪ لاءِ آباديءَ جي عيوض بربادي آڻيندي. تاريخ شاهد آهي ته جيڪي ماڻهو اتفاق ۽ خدمت خلق جي راهه کي ڇڏي، خودمطلبين ڪري ورهائجي. خانه جنگيءَ ۾ مشغول ٿي ويا، انهن کان اها مليل امانت کسجي ويندي ۽ وري عبرت ۽ سزا لاءِ کين گهڻو وقت مصيبتن ۾ مبتلا ٿيڻو پوندو. ان آواز کان متاثر ٿي آءُ توکي هي خط لکي رهيو آهيان. اي ميران محمد شاهه مون کي تو ۾ گهڻيون اميدون آهن تون ان نسل جو فرد آهين، جنهن پيٽ سان پٿر ٻڌي خلق خدا جي خدمت ڪئي. جنهن جي ڏاڏي، باوجود خليفه وقت هئڻ جي، نوڪرياڻي گهر ۾ انڪري نه رکي ته متان بيت المال جو پئسو شخصي ڪم لاءِ ڪتب اچي. جنهن جو ڏاڏو حق جي آواز بلند ڪرڻ خاطر ڪربلا جي ميدان ۾ اولاد سان قتل ٿيو، پر ناحق اڳيان سر نه نمايائين ۽ تيرهن سئو ورهين تائين ان جو نسل ماڻهن جي خدا ڪارڻ خدمت ڪندو پئي آيو آهي. سياسي اقتدار حاصل ڪرڻ ۾ جڏهن به اوهان ڪوشش ڪئي آهي، اڪثري ناڪامياب ٿيا آهيو. خدا جي خواهش آهي ته جيڪڏهن اوهين پنهنجن وڏن جي روايت کي قائم ڪرڻ گهرو ته عوام جي ڀلائيءَ ۽ بهتريءَ لاءِ هر قسم جي لالچ ۽ خود مطلبي ڪڍي ڇڏيو. وزيرن ۽ گورنرن مٿان قبا ڪونه اڏبا آهن، خدا جي راهه ۾ بي لوث خدمت ڪرڻ وارن کي اهو درجو نصيب ٿئي ٿو. دنيا ۽ دين ٻيئي هڪ مُٺ ۾ نه ايندا. جيڪڏهن ڀانئين ته تنهنجي سنڌڙي سرسبز ۽ شاداب ٿئي ۽ ان ۾ تنهنجي مرضيءَ مطابق سڌارا ٿين، ته وزارت يا آمارت جي لالچ ڪڍي ڇڏ. بادشاهن کان، بادشاهه بنائڻ وارن، جو درجو وڌيڪ آهي. ”ڪانياري ٻلي، ڪُئي سندي زال“. اهو مثال مشهور آهي. خودمطلبي ٻين کي شايد ڀانءِ پوي، پر توکي نه پوندي. ان طريقي سان هلڻ ڪري، توکي وڏا مرتبا ملڻ وارا آهن. تون سمجهين ٿو ته وزير ٿيڻ سان تون وڌيڪ ملڪ جي خدمت ڪري سگهندين. پر توکي اها خبر هئڻ گهرجي ته اوستائين تون وزير ٿيندين ئي ڪو نه، جيستائين ڪنهن گروپ سان ملي، اصولن ۽ جي بهتريءَ کي هڪ طرف رکي، ڏي وٺ نه ڪئي اٿئي. مون کي تو ۾ گهڻيون اميدون آهن. انهيءَ ڪم ۾ آءُ توسان ٻانهن ٻيلي ٿي، پويان هلڻ لاءِ تيار آهيان. توکي الله تي توڪل رکي، ان ڪم ۾ هٿ وجهڻ گهرجي. اهو رازق آهي حال تي موهجي مستقبل کي قربان نه ڪرڻ گهرجيئي. جيئن هيترو وقت ڏکيو سکيو گذران پئي ٿيو اٿئي. تيئن آئيندي به پيو ٿيندءِ. پر قرباني جو خيال ڌاري، ميدان ۾ نڪرڻ گهر جيئي. تون سنڌ جو ”ڪمال“ بنجي سگهين ٿو. بشرطيڪ، بنا مطلب جي گروپ ٺاهي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ کان سواءِ، وزيرن کان پنهنجيءَ ڪي پوزيشن (Key Position) جي عيوض، ملڪ ۽ قوم جا ڪم ڪرائيندين. ان حالت ۾ وزير توکان ڪبدا، تنهنجو نالو ملڪ ۾ مشهور ٿي ويندو. وڪالت مان ئي گهڻي ڪمائي ٿيندءِ. هيءَ اپيل ٻين کي ڇڏي، توکي ان لاءِ ٿو ڪريان ته تو ۾ درويشي جزو ڏسان ٿو ۽ محبت اٿم. هن وقت مالي مشڪلاتن ۾ ذرا آسودي زندگي گذاري جي شوق توکي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي، پر اميد ته تنهنجي حميدت کي جوش ڏيارڻ ڪري تون اڳواڻيءَ جي لائق ٿي پوندي. تو باز ساعد شاهي م مگرز استخوان هماي همت خود را به بلند ده پرواز آخر ۾ خدا جي درگاهه ۾ سوال ٿو ڪريان ته اهو تنهنجي قلب مان ڪمزوري ۽ لالچ ڪوري ڪڍي ۽ توکي سندس صالح بندن جي صف ۾ کڙو ڪري. سائين جي ايم سيد ٿي ماڪ وسي ميخاني تي الطاف ملڪاڻي ۲۵ اپريل ۱۹۹۵ع جي نٽهڻ اُس هئي ۽ سنڌ جي پٿريلي علائقي ۾ سنڌوءَ ڪناري ڀرسان جڏهن سنڌ جي سائينءَ کي لحد ۾ لاٿو پي ويو ته ائين پي لڳو ڄڻ هڪ پل لاءِ زمين پنهنجي محور جي چوڌاري ڦرندي پنهنجي چرپر کي روڪي ڇڏيو هجي ۽ ڪائنات هڪ پل لاءِ پنهنجو ساهه روڪي ساڪت ٿي وئي هجي ۽ اها ئي هڪ گهڙي هئي جو سن جي شهر مٿان اوچتو خبر ناهي ته ڪا ڪڪري ڪٿان آئي ۽ هن به سيد جي موڪلاڻي واري ڏينهن تي پنهنجي ڪجهه لڙڪن جي ڀيٽا پيش ڪئي. اهو منظر هڪ پاسي حيرت ۾ وجهندڙ هو ٻئي پاسي اهو يقين ڏياريندڙ هو ته واقعي هن پاڻ ته ڪڏهن به پيغمبريءَ جي دعويٰ نه ڪئي پر شايد سندس جامي ۾ لڪل ڪو پيغمبري روح ضرور هو. جنهن ڪري ئي ته زندگيءَ ۾هن کي ڪافر، دهريو ۽ نوجوانن کي کاريندڙ انسان چئي ڌتڪاريندڙ ماڻهو به سندس وصال کانپوءِ پيغمبريءَ جو درجو ڏيڻ لاءِ تيار هئا. سنڌ جو سيد، جنهن کي دنيا جي ايم سيد جي نالي سان سڃاڻي ٿي سو سنڌ جي انهن ڇورن ڇنن، ارڏن ۽ ڏنگن ٻارن لاءِ بڙ جي هڪ اهڙي گهاٽي ڇانوَ هو جتي تتل ڏينهن ۾ لُڪن جا ماريل پکي اچي پناهه وٺندا آهن. سنڌ جنهن کي غلاميءَ جي سنگهرن ۾ سلهاڙيئي صديون ٿيون آهن ۽ جيڪا اداس، اٻالي، اٻاڻڪي هئي. انهيءَ کي سيد جي صورت ۾ هڪ اهڙو آئينو مليو جنهن ۾ کيس پنهنجي وڃايل حُسن جو پرتوو نظر پئي آيو ۽ سنڌ امڙ کي اها پڪ آهي ته هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور هن کي پنهنجو وڃايل حُسن واپس ملندو. ها يقينن جيڪڏهن سنڌ جي حسن ۽ جمال کي مادي صورت ۾ ڏسڻو آهي ته پوءِ اسان کي سائين جي ايم سيد جي لکيل ڪتابن ”سنڌي ڪلچر ۽ ديارِ دل داستانِ محبت“ کي پڙهڻو پوندو جنهن ۾ سائين لفظن جي صورت ۾ سنڌ جي حقيقي حسن کي چٽيو آهي ۽ سنڌ جي انهيءَ جوت ۽ جمال کي سيد رڳو سياسي اک سان ڪو نه ڏٺو هو پر هن وٽ لطيف جي فڪر جي اها مشعل هئي جنهن جي روشنيءَ ۾ پنڌ ڪندي سيد اهو محسوس ڪيو هو ته: ”سنڌ جهنگ جبل، نديون ۽ نالا، ميدان ۽ کيت يا رڳو جاگرافيائي ليڪن جي مادي وجود جو نالو نه آهي پر سنڌ جو هڪ ازلي روح آهي ۽ اهو روح ته اُنهي ڏينهن خلقيو ويو هو، جڏهن خالقِ ڪائنات ’الست بربڪم‘ چيو هو ۽ انهيءَ روح کي چٽو ڪرڻ لاءِ جڏهن سيد جي قلم حرڪت ڪئي ته انهيءَ مان ”سنڌو جي ساڃاهه“ جهڙو شاهڪار ڪتاب تخليق ٿيو. سنڌ جي حسن کي ڏسڻ لاءِ سيد سدائين لطيف سائين جو هيءَ بيت پڙهندو هو ته: ”اُپٽيان، ته انڌيون، پوريو پرين پسن آهي اکين، عجب پر پسڻ جي.“ سو جي سنڌ جي ازلي روح جي حسن جو پرتوو پسڻو آهي ته پوءِ سنڌ کي سياست جي ڪڌي ڄار ۽ مادي فلسفن جي اُپٽار کان هٽي ڪري جي ايم سيد جي اک سان ڏسڻو پوندو. سنڌ کي جيڪڏهن ڪو ماڻهو هڪ صوفي، هڪ عاشق ۽ ديواني جي نظر سان ڏسندو ته پوءِ هن کي سنڌ جي مٽيءَ مان اهڙي خوشبوءِ اُٿندي نظر ايندي جنهن جو واس مقتلن کي به مات ٿو ڪري ۽ محبوب جي مرڪن کان به وڌيڪ مٺو آهي. اهو ئي سبب آهي جو لطيف سائينءَ جي ميخاني جي ماڪ پي جڏهن جي ايم سيد سنڌ جي حسنِ ازل جو جلوو پسيو ته هن کان رڙ نڪري وئي هئي هو اڪثر پنهنجي زندگيءَ ۾ هيءَ ٻه فارسيءَ جا شعر ورجائيندو هو ته: ”تنهنجي عشق جي ڏوهه ۾ مون کي ڪهڻ لاءِ مقتل ڏانهن وٺيو پيا وڃن. چؤڏس وڏو شور متل آهي. اي محبوب! تون به ڪوٺي تي چڙهي ڏس ته ڪيڏو نه وڻندڙ نظارو آهي“ يا وري هيءَ شعر ته: ”عرصو ٿيو آهي منصور جو آواز، گم ٿي ويو آهي مان دارورسن کي سجائي. منصوريءَ جي ريت کي ٻيهر جيئارڻ ٿو چاهيان.“ ۽ پوءِ سائين جي ايم سيد انهيءَ منصوريءَ ريت کي عمر ڀر نڀايو ۽ سيد جي ”اناالحق“ جي نعري جي اها گونج هئي جو سنڌ جا نوجوان هن پوڙهي عاشق جي سٽ تي سن جي مچ تي ائين ڳاهٽ ٿيڻ لڳا جيئن ڪنهن مچ تي پتنگا پهه ڪري گڏ ٿيندا آهن. جن لاءِ لطيف سائين فرمايو ته: پتنگن پهه ڪيو، مڙيا مٿي مچ، پسي لهس نه لچيا، سڙيا مٿي سچ سندا ڳچنين ڳچ، ويچارن وڃائيا. سن ۾ ٻاريل سيد جي لاٽ اڄ به سنڌ جي عاشقن کي ائين سڏي رهي آهي جيئن متارن کي موکيءَ جو مٽ سڏيندو هو. سنڌ جو سيد جيڪو هاڻ تاريخ جو اُهو عظيم سچ ثابت ٿي رهيو آهي جنهن کي ڪو به ڪوڙو مؤرخ هاڻ ڪچي مٽيءَ تي لکيل ڪنهن مٽجندڙ تحرير جيان ميٽي نه ٿو سگهي سيد ۽ سنڌ ته درد کي سمجهڻ لاءِ نه ته ڪنهن مارڪس کي پڙهڻ جي ضرورت آهي نه ئي ڪو جدلياتي ماديت جي فلسفي جو ماهر ٿيڻو آهي. سيد جي فلسفي کي سمجهڻ لاءِ نه ته مائوزي تنگ جي تحريرن جو حافظ ٿيڻو پوندو نه ئي فرائيڊ يا سارتر جي خيالن جو پيرو کڻي وجوديت جي بازار گهمڻي پوندي. ها بس جي، سائين جي ايم سيد کي سمجهڻو آهي ته پوءِ سنڌ جي ازلي روح کي سمجهڻو پوندو. جتان لطيف ۽ سچل، سامي ۽ بيدل جي فڪر جا آبشار ڦٽن ٿا. رڳو سکڻي سياسي نعري بازي سان تبديلي ناهي اچڻي. تبديلي لاءِ پنهنجي پاڻ کان ابتدا ڪرڻي پوندي. پاڻ کي هڪ نئين انسان، سجاڳ انسان، باشعور انسان ۾ تبديل ڪرڻو پوندو. سائين جي ايم سيد جو فڪر هڪ نئين سنڌ جي ڳالهه ڪري ٿو. انهيءَ لاءِ سائين جي ٻن ڪتابن ”نئين سنڌ لاءِ جدوجهد“ ۽ ”سنڌ ڳالهائي ٿي“ کي پڙهڻو پوندو. پر رڳو ڪتابن پڙهڻ جي ڳالهه ناهي پر ڪتابن پڙهڻ سان گڏوگڏ سچل سائين جي هنن سٽن تي به عمل ڪرڻو پوندو ته: ”جوگي جگت ڪرتا نهين ڪپڙا رنگا تو ڪيا هوا؟ اپنا اندر رنگتا نهين، ڪپڙا رنگا تو ڪيا هوا؟ قاضي ڪتابان کول ڪي مسئلا پڙهندا غور پڙهتا پر عمل ڪرتا نهين، قاضي بنا تو ڪيا هوا؟ حاجي مديني جا ڪي سجدا ڪيا تو هوا؟ دل ڪا ڪفر ٽوٽا نهين، حاجي بنا تو ڪيا هوا؟ سچل اپني مُک سي، آنسو بها تو ڪيا هوا؟ دل ڪا رونا روتا نهين، آنسو بها تو ڪيا هوا؟ سو ۲۵ اپريل جو ڏينهن ته هر سال اچي ٿو ۽ سائين جي ايم سيد کي به هر سال ياد ڪري ٻه چار لڙڪ ته هارجن ٿا پر جي سيد جي ٻڌايل واٽ تي دل سان عمل نه ٿو ڪجي ته پوءِ ڀلا سنڌ جا درد گهٽجن ته ڀلا ڪيئن گهٽجن؟ سائين جي ايم سيد جو ورثو The Legacy of G.M. Syed زاهد ميراڻي ”تون مري ويو آھين ۽ مري ويلن تي مان تلوار نھ کڻندي آھيان“، ھي جملو جھانسيءَ جي راڻيءَ انگريز دور ۾ ھندستان جي ھڪ راجا کي مخاطب ٿيندي چيو ھو، جنھن ھندستان جي مفادن کي پُٺ ڏئي انگريزن سان وفاداري نڀائي ھُئي، جھانسيءَ جي راڻيءَ جو ھي جملو تھ بظاھر عام جملن جھڙو ئي آھي پر ان جملي جي جيڪا ڪاٽ آھي، اھا ڪنھن تکي ڪات ۽ ڪھاڙي کان وڌيڪ آھي، ھوند وقت جي انھيءَ غدار راجا جو اھي لفظ ٻڌي ڪنڌ شرم مان جھڪي ويو ھوندو. پر سنڌ ۾ بدنصيبي اھا آھي تھ ڌرتيءَ جي غدارن تي لفظ تھ پنھنجي جاءِ تي لعنت ملامت بھ اثر نھ ٿي ڪري، تھ پوءِ انھن کي لفظن ۾ احساس ڪيئن ڏياري سگنداسين، غداري ڇا؟ آھي، غداري ڪيئن ڪبي آھي ۽ غداري ڪرڻ جو انجام ڇا؟ ٿيندو آھي، اھي ٽئي اھڙا سوال آھن جن جا ھوند تھ جواب بھ سڀ ڪنھن وٽ الڳ الڳ ئي ھوندا، پر اھا ڳالھھ پڪ سان چئي سگھجي ٿي تھ انھن سڀني جوابن جو لبِ لباب ساڳيو ئي ھوندو. سنڌ ۾ سائين جي ايم سيد جي ذات صفات مان سمجھان ٿو تھ اڪيلي ئي آھي جيڪا ھاڻي تاريخ جو ھڪ زندھ ۽ جاويد باب بڻجي چُڪي آھي، دنيا ۾ شعور ۽ ساڃاھھ وند معاشرن ۾ وصال بعد انھيءَ شخصيت کي زندھ ۽ جاويد سمجهيو ويندو آھي، جن جو فن، فڪر ۽ فلسفو ڪنھن نھ ڪنھن حوالي سان سماج ۾ زندھ ھُجي، سماج جي رھنمائي ڪري ۽ ان کي سگھھ، طاقت، قوت ۽ جولان عطا ڪري ۽ ان کي اڳتي وٺي وڃڻ جو ڪارڻ بڻجي، باقي نھ تھ سماجن ۾ اھڙا بھ سوين، ھزارين فلسفي ۽ مفڪر ۽ اڳواڻ ھر وقت موجود ھجن ٿا جن جي اھا شديد خواھش ھوندي آھي تھ ڪو کين کڻي سلام ئي ڪري تھ بھ سٺو. اڄ اسان جنھن سنڌ ۾ ساھھ کڻي رھيا آھيون، اھا سنڌ ٽن ھستين جي ڪري پنھنجو وجود قائم رکي سگھي آھي، ۽ ھوند تھ ڪائنات جي آخري گھڙيءَ تائين پنھنجو وجود قائم رکندي، انھن ٽن ھستين مان پھرين ھستي مھاديو شوو جي آھي، ٻي ھستي مھا راجا ڏاھر جي آھي ۽ ٽين ھستي مھا رھبر سائين جي ايم سيد جي آھي، انھن ٽنھي ھستين جي طفيل اڄ سنڌ اسان وٽ پھتل ۽ بچيل آھي، نھ تھ ھوند سنڌ جو نالي وٺڻ وارو بھ ڪو نھ ھُجي، انھن ٽنھي ھستين جي خوبي اھا آھي تھ اھي ٽئي ھستيون سنڌ جي نالي واري مالھا ۾ املھھ موتين وانگر پويل آھن ۽ سنڌ جي سڳي ئي انهن ٽنهي املهه موتين کي هڪ مالها ۾ پوئي رکيو آهي. سنڌ ويدڪ مذھب جي ڌڻي ۽ سرجڻھار ڌرتي آھي ۽ مھاديو شوو ويدڪ مذھب جو خدا آھي، دنيا جي سمورين انسائيڪلپيڊياز، علم نامن ۽ مذھبي ڪتابن ۾ اھا ڳالھھ چٽي نموني لکيل آھي تھ، ”مھا ديو شوو سنڌو تھذيب جو خدا آھي“، تنھنڪري ئي اسان سنڌين جي اھا دعوى بھ ھوندي آھي تھ ”شوو سنڌ آھي ۽ سنڌ شوو آھي، نھ تھ سنڌ کان سواءِ ڪو شوو جو تصور آھي ۽ نھ وري شوو کان سواءِ سنڌ جو ڪو تصور ئي ڪري سگھجي ٿو. دنيا ۾ جڏھن بھ ”سنڌوءَ جي سلطنت“ جو ذڪر ٿيندو آھي تھ اتي ”مھاديو شوو“ جو ذڪر اڻ ٽر ٿي پوندو آھي جو شوو ئي اھڙي ھستي آھي جيڪا سنڌو تھذيب جي جاگرافيائي حدن جو تعين ڪري ٿي، سنڌ جنھن ۾ اسان جي رھيا آھيون، اھا سنڌ ان سنڌ جو ھڪڙو ننڍڙو پاڙو آھي ”جيڪا تھذيبي طور تي“، ”اسان جي سنڌ“ ۽ جنهن جو وجود “سنڌوءَ“ سان سلهاڙيل آهي، اهڙو سنڌو تهذيب جو تعين مھاديو شوو جي ھستيءَ ئي ڪيو آھي، قديم دور کان وٺي اسان سنڌين جو اھو مڃڻ آھي تھ جتي، جتي شوو آھي اتي، اتي سنڌ آھي، انھيءَ حوالي سان جيڪڏھن سنڌو تھذيب جي پکيڙ ڏسنداسين تھ ڪراچي ڪنڊ ملير کان وٺي، ھندو ڪش ۽ ڪيلاش بربت تائين سنڌو تھذيب جو ڦهلاءُ آھي، ھن وقت جي بلوچستان ۾ شامل علائقا جن ۾ حب، لس ٻيلو، سبي، ڍاڍر، گوادر، ڪولپور، قلات، چمن، ڪوئٽا، مڪران اچي وڃن ٿا، اھڙا علائقا آھن جن جي چپي چپي تي ھزارين سالن کان شوو مندر جوڙيل آھن ۽ سنڌي رھندڙ آھن، ھن وقت جي ڪابل ۽ قنڌار سميت ايران جي سيوستان واري علائقي تائين، شوو مندرن جو هڪ سلسلو قائم آھي، ھندستان جي ستن رياستن ٻاڙميڙ، بڙودا، جيسلمير، راجستان، رڻ، ڪڇ، ڀڄ، ڪاٺياواڙ، گجرات شوو مندرن سان سٿيو پيو آھي، مها ديو شوو جي سنڌو تھذيب جي خدا ھجڻ جي حيثيت ۾ ھر اھو خطو جيڪو سنڌوءَ جي ڪناري يا لڳ ڀڳ آباد آهي ۽ جتي شوو مندر آھي اھو علائقو سنڌو تھذيب جو حصو آھي. سنڌو جيئن ئي ھندوڪش مان پنھنجو سفر شروع ڪري ٿي تھ رستي ۾ ايندي ايندي پنھنجا تھذيبي اثر ڇڏيندي اچي ٿي ۽ اچي ٺٽي ۾ سنڌي وڏي سمنڊ سان ملي ٿي، پر رستي ۾ ڪيئي ھنڌ ۽ ماڳ اھڙا به آھن جتان سنڌو پاسو ورائي ۱۹۴۷ع بعد ھندستان ۾ شامل ٿيل سنڌ جي ريگستاني علائقن ڏانھن وڃي ٿي، سنڌ جي سرحدن مان سنڌوءَ جو اھڙو سفر علي واھڻ کان راجستان طرف شروع ٿئي ٿو ۽ نتيجي ۾ مھراڻو، پراڻ ۽ ھاڪڙو ننديون وجود ۾ اچن ٿيون جيڪي صدين تائين ٿر جي صحرا کي آباد، سائو ۽ سکيو ستابو رکن ٿيون، اھو ئي سبب آھي جو ٿر جو علائقو جيڪو ويجھي ماضيءَ جي سنڌ جي عظيم ريگستان جي علائقو رهيو آھي کي شاھوڪار چيو ويندو ھو، پر بدقسمتيءَ سان ڪلھوڙن جي دور ۾ آبياني جي مسئلي تي سنڌوءَ جو وھڪرو ٿر طرف بند ڪيو ويو جنھن بعد ئي ٿر ريگستان ۾ تبديل ٿي ويو، انھيءَ ريگستان واري علائقي ۾ سنڌو تھذيب جا ٻھ وڏا شھر ھيا جن مان ھڪ لوٿل ۽ ٻيو ڍولا ويري آهي، جن جي ڪافي وقت اڳ کوٽائي ٿي آھي، انھيءَ کانسواءِ سنڌو تھذيب جي ٻين وڏن شھرن ۾ ھن وقت جو ھڙپا، جنھن کي ۱۹۴۷ع بعد پنجاب جي حصي ۾ ڏنو ويو ۽ چيو ويو، پنجابين جو سنڌو تھذيب سان ڪو واسطو ئي نھ آھي، عجيب ڳالھھ آھي انھن سنڌو تھذيب جي قديم شھر کي پنھنجو ورثو قرار ڏئي پنهنجي تهذيب جو ورثو قرار ڏئي ڇڏيو آهي، ان بعد مھرڳڙھ (ھاڻوڪي بلوچستان ۾)، ڪوٽ ڏيجي ۽ لاکين جو دڙو سکر وارو، سنڌو تھذيب جا قديم شھر آھن. موھن جي دڙي مان ملندڙ ڪيئي مھرن تي مھاديو شوو جو خاڪو اڪريل آھي ۽ سندس سان منسوب ”ساکيو“ جي نشان جون پڻ ڪيئي مھرون مليون آھن، ”ساکيو“ ، ”سنڌو تھذيب جو قومي نشان آھي“، ھي آھي مھاديو شوو جو سنڌ سان تعلق جو ھڪڙو ننڍڙو خاڪو، اھا آھي مھاديو شوو جي تھذيبي سنڌ ۽ مھاديو شوو، جيڪي پنھنجو صدين جو سفر ڪري اچي ۷۱۲ ھھ ۾ مھا راجا ڏاھر جي دور تائين پھچن ٿا، انھيءَ وچ ۾ سنڌ پنھنجو تھذيبي، تاريخي، اقتصادي، سماجي ۽ سياسي سفر ڪندي رھي آھي، جنھن متعلق تاريخ خاموش آھي. سنڌ کي مھاراجا ڏاھر جي دور تائين پھچندي اھي ئي سمورا علائقا ورثي ۾ ملن ٿا جيڪي شوو جي تهذيبي سنڌ جا هيا، راجا ڏاهر ئي اھو ئي تھذيبي ورثو حصي ۾ اچي ٿو، جيڪو مھاديو شوو جو آھي، سنڌ مھاديو شوو کان ٿيندي مھاراجا ڏاھر تائين پھچندي ھڪ مضبوط، عظيم ۽ خوشحال سلطنت جو روپ اختيار ڪري وڃي ٿي، جنھن جي خوشحالي، سونھن، علم ۽ ھنر جي ھاڪ سڄي دنيا تائين پھچي ٿي ۽ دنيا جي ڌاڙيلن، ڦورن ۽ گھلن کي جھڙوڪر پاڻ ڏانھن متوجھ ڪري ٿي، تاريخ ۾ سنڌ جي تباھيءَ جو ھڪ وڏو سبب سندس خوشحالي پڻ رھيو آھي، جنھن ڪري ھر بکئي ۽ ڌاڙيل سنڌ تي راتاھو ھنيو آھي، مھا راجا ڏاهر جي دور تائين پھچندي پھچندي سنڌو تھذيب پنھنجي انھيءَ تھذيبي علائقي کي جنھن کي مھاديوشوو جوڙيو ھو، انھن کي جھڙوڪر ھڪ انتظامي شڪل ملي وڃي ٿي. ڪتاب سنڌو سلطنت جا صوبا پڙھڻ سان اوھان کي سنڌو تھذيب جي پکيڙ وارن علائقن متعلق ڪافي ڄاڻ ملي ويندي. سڄي دنيا جي سياسي تاريخ جي اھا ھڪ تلخ حقيقت رھي آھي تھ دنيا جي مظلوم ۽ پيڙهيل طبقن جي قيادتن کي سندن دشمن قوتون ڪيئي نموني زيرُ ڪرڻ جون ڪوشش ڪنديون آھن، پر انهن سمورين ڪوشش مان جيڪا ڪوشش انتھائي بدترين ۽ ڇسي انداز ۾ ڪئي ويندي آھي اھا آھي انھن اڳواڻن جي ڪردار ڪشي، جيڪا ھر طرح سان ڪئي ويندي آھي، انھن کي چور، ڌاڙيل، وڳوڙي، فسادي، نااھل، جاھل ۽ ڄٽ ھجڻ جھڙا سڀئي طعنا ڏنا ويندا آھن، پوءِ جيڪو جتي متاثر ٿئي، سائين جي ايم سيد گھڻو ڪري ٻين سمورين بدعتن کان پاڪ ۽ صاف صفا انسان ھو ۽ ان تي بداخلاقيءَ جو بھتان بھ نھ پيو ھڻي سگھجي، اھڙي صورتحال ۾ مٿس ٻھ ئي الزام لڳندا رھيا آھن، ھڪ تھ ھو غدار آھي جو ھُن قيام پاڪستان جو ٺهراءُ پيش ڪيو ۽ ٻيو تھ ھو عالم نه آھي، سائين جي ايم سيد جا مخالف ان کان اڳتي ٻيو ڪجھھ چئي نھ سگھندا آھن، ائين ئي جيئن مڪي ۾ محمد صلعم جا مخالف جڏھن مٿس ٻيو ڪو الزام ھڻي نھ سگھندا ھيا تھ کيس جادوگر چوڻ ئي ڪافي سمجھندا ھيا. ھتي اسان جو اھو بحث نھ آھي تھ سائين جي ايم سيد عالم نه ھيو، پر ھتي اسان فقط ايترو چوڻ چاھينداسين تھ اڄوڪي سنڌ ۾ شاھ عبدالطيف ڀٽائي ئي اھا واحد ھستي آھي جنھن ماڻھوءَ جي فن، فڪر ۽ شخصيت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ دانشورن جي ھڪ وڏي کٽ ڏينھن رات ھڪ ڪيون ويٺي آھي، سرڪاري ادارن جي وڏن وڏن عھدن تي براجمان ٿي ڪري ڪيئي ڏھاڪن کان پيٽ پاليندي رھي آھي، تحقيق جي نالي ٿاڌل ڇاڻيندي رھي آھي، سائين جي ايم سيد ئي اُھو ماڻھو آھي جنھن شاھ لطيف جي فن، فڪر ۽ شخصيت کي اڄ کان سٺ، ستر سال اڳ ان وقت سنڌي ماڻھن کي آسان ۽ سولي انداز ۾ کولي ٻڌايو ھو جڏھن شاھھ لطيف جي ڪنھن کي خبر نھ ھوندي هُئي سواءِ مئخاني جي موالين جي ٻيو ڪوبھ شاھھ لطيف کي نھ سڃاڻيندو ھو، سائين جي ايم سيد سنڌ جي تاريخ جي اھا پھرين ھستي آھي جنھن عام ماڻھن کي عام فھم انداز ۾ شاھھ لطيف جي فڪر کي سمجھايو، ھُن ماڻھن کي لطيف جي فڪر وسيلي سنڌ سمجھائي، ۽ لطيف جي فڪر ذريعي ئي وطن ۽ وطن سان محبت کي سمجھايو، اھو ڏينھن ۽ ھي ڏينھن وري ڪو سنڌي دانشور، ڏاھو ۽ عالم سنڌي عوام کي سائين جي ايم سيد وانگر لطيف ۽ ان جي فڪر ۽ شخصيت کي سمجھائي نھ سگھيو آھي، پر افسوس جو لطيف وٽ ڪا ڊاڪٽريٽ جي ڊگري نھ آھي، ھا پر اھا حقيقت آھي تھ لطيف وٽ علم ضرور ھو جيڪو اڄ جي عالمن وٽ نھ آھي، دنيا ۾ عِلمَ نسبتي لاڳاپن جي حوالي سان ترقي ڪندا آھن، جيئن يونان ۾ ڏاھپ جو علم عام ھو تنھنڪري اتي فقط ڏاھا ئي پئدا ٿيا، يونان ۾ ھڪڙو بھ صوفي پئدا نھ ٿيو، چين ۾ قديم دور کان وٺي جنگ ۽ جدل جو راڄ ھيو تنھنڪري اتي فوجي، جنرل ۽ ويڙھاڪ تمام گھڻا پئدا ٿيا جن جي فن جا لکين نمونا اڄ بھ مارشل آرٽ جي صورت ۾ موجود آھن، ۱۸۶۸ع ۾ جاپان جي شھنشاھھ ميجيءَ جي آندل صنعتي سڌارن ۽ انقلاب بعد جاپانين جھڙوڪر مشين ۽ صعنت طرف ڌيان ڏنو ۽ ان ڌيان کي جھڙوڪر جاپاني تاريخ ۾ ٻي عظيم جنگ بعد عملي روپ ڏيندي مشين سازيءَ ۾ ايترو تھ اڳتي نڪري ويا جو اڄوڪي جاپان ۾ انجنيئرنگ جي ھر شعبي ۾ انجنيئرن جو انگ دنيا جي ٻي ڪنھن بھ ملڪ کان جاپان ۾ سوايو آھي ۽ اھو ئي سبب آھي جو چيو ويندو آھي تھ ھرجاپانيءَ جو پھريون عشق مشين ۽ ٻيو عشق ڇوڪريءَ سان ٿيندو آھي، اھو ئي سبب آھي تھ سائين جي ايم سيد تاريخ جي جنھن دور ۾ ساھھ کڻي رھيو ھو ان دور جي اھا ئي ضرورت ھُئي تھ ماڻھن کي وطن جي حب ۽ ان جي تحفظ جو احساس ڏيارجي، ظاھر آھي ماڻھن کي وطن جي حب جو احساس قومي سورمن، مفڪرن ۽ واقعن جي پيرائتي ڄاڻ ڏيڻ سان ئي ٿيندو ۽ قوم جو تحفظ عملي سياست سان ئي ٿيندو، ۽ سائين جي ايم سيد اھي ٻئي عمل ان وقت ڪيا جڏھن ان طرف نھ ڪو سوچ ويچار ڪندو ھو ۽ نھ ئي ڪنھن کي ايتري ڄاڻ، ھمت ۽ عشق ھو، سائين جي ايم سيد پنھنجي دور جو نھ تھ سٺو سائنسدان ٿي سگھيو، نھ ڪو چالاڪ غدار ٿي سگھيو ۽ نه ئي شھيد ٿي سگھيو، تنھن ڪري ئي ھو نه ته عالم آھي، نھ محب وطن آھي ۽ نه ئي امر انسان آھي. رھي ڳالھ سائين جي ايم سيد جي سياست ۽ ۱۹۴۷ع واري پاڪستان جو ٺهراءُ سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيش ۽ منظور ڪرائڻ جي جنھن ڪري کيس غدار چيو وڃي ٿو، ته ان سلسلي ۾ بھ ڪجھھ ڳالھيون بيان ڪرڻ ضروري آھن، جنھن وقت انگريز سنڌ ۾ داخل ٿيا ھيا ان وقت گڏيل برصغير ٻن تھذيبي ملڪن ۾ اڳ ئي وراھيل ھو، جنھن جون جاگرافيائي حدون ته اعلانيل نه ھيون پر تھذيبي حدون ضروراعلانيل ھيون جيڪي ٻنهي ملڪن جي جاگرافيائي حدن جو تعين ڪنديون هيون، سنڌو ۽ هندو ٻه الڳ الڳ تهذيبون آهن، جيڪي پنهنجي خاصيتن ۽ ٿمل جي حوالي سان هڪ ٻئي جي ويجهو هجڻ ڪري هڪ جهڙيون لڳنديون آهن، انھن تهذيبي حدن ۾ بمبئي (اڄ جي ممبئي/ مھاراشٽر) ڪراچي ڪنڊ ملير، بدين جو زيرو پوائنٽ، کان ۱۹۴۷ع ۾ پاڪستان جي قيام بعد هندستان ۾ شامل ڏيکاريل سنڌ جون ست تهذيبي رياستون، جن ۾ جيسلمير، ڀڄ، رڻ ڪڇ، ٻاڙميڙ، بڙودا، گجرات، ڪاٺياواڙا شامل آهن، جڏهن ته هاڻوڪي سنڌ جي اتر ۾ هاڻوڪي بلوچستان ۾ شامل علائقا جيڪي حب کان ٿيندي، لس ٻيلو، گڏاڻي، سون مياڻي، گوادر، سبي، ڍاڍر، قلات، چمن، مڪران، ڪول پور سميت مهر ڳڙهه، ميراڻي ڊيم وارو علائقو، شال ڪوٽ (هاڻوڪو ڪوئٽا، شال ڪوٽ تي اهو نالو ۱۹۶۵ع ۾ رکيو ويو) ۽ ان کان اڳتي ايران جا ٻه علائقا جن ۾ هڪ سيوستان شامل آهن ۽ ايران ۽ بلوچستان سان گڏ افغانستان جا علائقا قنڌار ۽ جلال آباد قديمي طور تي سماٽن ۽ آرين جا علائقا آهن اڄ به انهن علائقن ۾ شوو جا مندر آهن، ۽ اڄ به انهن علائقن ۾ سنڌي آباد آهن، جن کي اتي “پڪا سنڌي” ڪري سڏيندا آهن. قنڌار جو شوو مندر تقريبن اڌ ڪلوميٽر جي ڊيگهه ۾ آهي، افغانين، افغانستان ۾ موجود گوتم ٻڌ جي مجسمي کي جيڪو دنيا جي قديم ۽ اوچن مجسمن مان هڪ هيو ميزائل هڻي ڊاهي ڇڏيو پر انهن شوو مندر جي هڪڙي سر به نه ڀڳي، جڏهن ته اولهه طرف لداخ کان وٺي ڪشمير جو سمورو علائقو ، اولهه-اتر طرف اڄوڪي پنجاب ۾ گڊو، ڪشمور ۽ ماڇڪي کان مٿي ملتان، پنج نند ۽ ڪالا باغ تائين وارا علائقا شامل آهن جيڪي مٿي اوڀر طرف ڪوهه هماليا، ڪوهه هندو ڪڇ ۽ ڪيلاش بربت تائين وڃن ٿا، اهي سمورا علائقا قديم سنڌو تهذيب جي ملڪ جي پکيڙ ۾ شامل هيا، انهيءَ سڄي پسمنظر ۾ انتهائي عجيب ۽ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته انهن سمورن علائقن مان سنڌو ڪنهن نه ڪنهن نموني گذري ٿي ۽ پهچي ٿي، اهو ئي سبب آهي ته قديم دور کان وٺي انهن علائقن ۾ مهاديو شوو جون سماڌيون جڙيون، ۽ سنڌو تهذيب اوسر ڪري جوان ٿي. اھا آھي تھذيبي سنڌ، مٿي ذڪر ڪيل سمورن علائقن ۾ سنڌو مت جو ڦھلاءُ ھيو، سنڌو مت سنڌين جو اصلوڪو ويدڪ مذھب آھي جنھن ۾ مھاديو شوو سنڌو تهّذيب جو خدا آهي، جنھن جا نوانوي روپ آھن ھو ضرورت پوڻ تي ڪنھن بھ روپ ۾ اچي ٿو سگھي، جتي شوو آھي، اتي سنڌ آھي، اھا قديم سنڌ جي دعوى آھي ۽ اها جديد سنڌ جي دعوى پڻ آهي، سنڌوءَ جو وطن هڪ تهذيبي وطن آهي. ۷۱۲ع ۾ مسلمانن جي حملن جي وقت تائين سنڌ پنهنجي انهيءَ سموري مهاديو شوو جي تهذيبي ورثي کي سهيڙي اچي راجا ڏاهر تائين پهچايو، ۽ راجا _ڏاهر جي دور تائين پهچندي پهچندي سنڌ هڪ اهڙو تهذيبي ملڪ بڻجي چڪو هو جنهن جي سڃاڻپ فقط سنڌو هُئي، ۽ انهيءَ تهذيبي ملڪ ۾ مٿي ذڪر ڪيل علائقا شامل هيا ۽ راجا ڏاهر سنڌوءَ جي انهيءَ سلطنت تي حڪمراني ڪندو هو، اسلام جي اچڻ بعد سرزمين عرب جا بدو مسلمان ٿي رھزنن مان ڦري مجاهد ٿي پيا، اسلام جي اچڻ بعد جھڙوڪر سندن جا دنيا تي حملا جائز ٿي پيا، جنھن لاءِ ھاڻي انھن وٽ ڪيئي خاص سبب پڻ ھيا، جن کي رد ڪرڻ ايڏو آسان به نھ ھو. انهن سنڌو تهذيب کي فتح ڪرڻ لاءِ سترنهن ڪاهون ڪيون ۽ کين هر ڪاهه تي شڪست ملندي رهي، پر بنو اُميه جي مسلسل حملن ۽ جنگي اوزارن محمد بن قاسم جي قيادت ۾ حملي کي ڪامياب بڻايو، انهيءَ حملي ۾ به سنڌ جي دلير پُٽن ڄمي مقابلو ڪيو جو محمد بن قاسم جا اوسان خطا ٿي ويا ھيا، ايتري قدر جو فتح جي اعلانن بعد هُو پنھنجن سپاھين کي چوڻ لڳو تھ ”مون کي پاڻي کارايو“، جيڪا سنڌ مهاديو شوو جي خدائيءَ جو محور ۽ مرڪز ھُئي اھا سنڌ راجا ڏاهر تائين پهچندي، هڪ عظيم سلطنت ۽ سنڌوءَ جو ديس بڻجي چڪي هُئي. قصو مختصر ته سنڌ ۾ انگريز ۱۸۴۲ع ۾ وارد ٿيا، ان کان اڳ انگريز ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ذريعي ڪلڪتي ۽ بمبئيءَ جي بندرگاهه تان ھندستان ۾ پهتل هيا ۽ ان کان اڳ ۾ پورچوگيز گووا جي سامونڊي ڪنارن سان هندستان ۾ وارد ٿي چڪا هيا، سنڌ جي تاريخ ۾ ۷۱۲ع بعد اهو ٻيو دفعو هو جو ۱۸۴۲ع ۾ انگريز آزاد ۽ خودمختيار سنڌ تي قابض ٿيا هيا، انھيءَ وچ ۾ سنڌ پنھنجي بچاءَ ۾ ڪيئي جنگيون ڪيون هيون. برصغير ۾ انگريزن جي اچڻ بعد سندن خلاف احتجاجن جو سلسلو ۱۸۵۷ع کان شرو ع ٿيو هو جنهن ۾ جيئن پوءِ تيئن واڌ ايندي پئي وئي، احتجاجن جا اھڙا سلسلا ۱۹۳۵ع ۾ سڄي برصغير ۾ ٿيا ۽ ٿيندا رھيا ۽ ۱۹۴۷ع تائين اچي پنهنجي منطقي انجام تائين پھتا، انهيءَ سموري دور دوران انگريز سرڪار سنڌ کي باقي هندستان ۽ بنگال سان گڏ هلائيندي رهي، پر هُن سنڌ جي تهذيبي علائقي سان نه ته هٿ چراند ڪئي ۽ نه ئي ان ۾ ڪا ڪٽوتي ڪئي، پر ان جي ابتڙ انگريز سنڌو تهذيب جي انهيءَ علائقي کي دستاويزي شڪل ڏني ۽ نقشا جاري ڪيا، جن مان هڪڙو نقشو اڄوڪي سرائي علائقي جو به آهي جنهن کي ان وقت انگريز ڏکڻ سنڌ چيو هو، نه ڪي سرائيڪي علائقو يا پنجاب، جڏهن ته انهيءَ علائقي مان پنج نند شروع ٿئي ٿو ۽ انهيءَ علائقي مان ستلج، چناب، بياس، راوي ۽ جهلم نديون گذرن ٿيون، انگريز انهن علائقن کي پنجاب جو نالو انتظامي سطح تي ڏنو هو نه ڪي جاگرافيائي حوالي سان يا ڪنهن قوم جي نسبت جي حوالي سان برصغير جي تاريخ ۾ پنجابيءَ جي نالي سان ڪڏهن به ڪنھن بھ قوم جو ڪو وجود ئي نه رهيو آهي. اڄ به پنجابي ڳالهائيندڙ ساڃاهه وندن جو هڪ وڏو انگ پاڻ کي سنڌو تهذيب سان جوڙي ٿو نه ڪي پنجابي ڪلچر سان، هندو سنڌين ۾ پڻ ڪيئي خاندان آهن جيڪي پنجابي نسبت سان سڃاتا وڃن ٿا جو مذڪوره پنجن ئي نندين جو تعلق سنڌو ۽ سنڌ سان آهي. سنڌ جي ويجھي تاريخ ۾ ملتان سنڌ جي گاديءَ جو ھنڌ رھيو آھي، جڏھن تھ قديم سنڌ جي حوالي سان ملتان ۽ ان جي ڀرپاسي واري جھنگ ۾ رام پنھنجي بنواس جا ۱۴- سال گذارايا آھن، هن وقت انهيءَ جهنگ واري علائقي مان هڪڙو ننڍڙو علائقو جهنگ سيال جي نالي سان مشهور آهي، هي علائقو انهيءَ جهنگ جو هڪ ننڍڙو حصو آهي، اڄ به ملتان ۾ شمس تبريز جي مزار جي ڀرسان ئي ”سوريه مندر“ آھي، جنھن کي ھر حملي آور نقصان پھچايو ۽ ان کي آخري نقصان نواز شريف جي پھرين دور ۾ بابري مسجد واري معاملي تي پھچايو ويو. سوريه مندر ڀڳوان رام جي بنواس ڪاٽڻ بعد آراڌنا طور جوڙيو ويو، ھاڻوڪي پنجاب جا ٻھ علائقا قصور ۽ لاھور ڀڳوان رام جي ٻن پٽن جا علائقا آھن ۽ تاريخ ۾ انهن جي نالن پٺيان سڏيا ويا، جن مان قصور ”ڪيش“ ۽ لاھور ”لو” جي ”نالن“ سڃاتا ويندا رهيا آهن. سنڌ مجموعي طور تي مهاديو شوو جي قديم دور کان وٺي، مهاراجا ڏاهر جي وچيئن اوائلي دور مان گذرندي جڏهن انگريز جي دور ۾ پھتي ته مڪمل طور تي هڪ سياسي ايڪي جي شڪل اختيار ڪري چڪي ھُئي، پر ان موقعي تي سنڌ جي بدنصيبي اھا ھُئي جو سنڌ کي نھ تھ ڪا مضبوط سياسي قيادت حاصل ھُئي ۽ نھ ئي ڪو شھنشاھھ گھراڻُو، راجا ڏاھر ۽ ان خاندان جي خاتمي بعد سنڌ مان اھڙي شھنشاھي گھراڻي جي پڄاڻي ٿي چڪي ھُئي. سنڌ ۾ انگريزن جي اچڻ کان اڳ ۽ ۱۹۴۷ع تائين به سنڌ ۾ اهي ئي علائقا شامل هيا، جيڪي مهاراجا ڏاهر جي دور ۾ هيا، اهو ئي سبب آهي جو جڏهن انگريز حيدرآباد قلعي ۾ خيما کوڙي ويٺل ھيا ۽ راجستان جي ڪنهن ڇانوڻيءَ مان انگريز ڊاڪٽر کي گهرائيندا هيا ته هو پنهنجي سرڪاري خط ۽ ڪتابت ۾ راجستان، سنڌ ڪري لکندا هيا، اهڙا دستاويز اڄ به ڏسي سگهجن ٿا. سنڌ ۷۱۲ع بعد جڏهن ۱۹۴۷ع تائين پهچي ٿي ته ان کي سياسي طور تي ته ڪيئي اڳواڻ ملن ٿا پر انهن مان ٻه اڳواڻ انتهائي اهم آهن انهن مان هڪ شهيد الاهي بخش سومرو ۽ ٻيو سائين جي ايم سيد شامل آهن، ٻئي سنڌ جا عاشق ۽ سچا ۽ کرا ماڻھو، پر بدقسمتي اھا آھي تھ ٻنھي کي عوامي طور تي سياسي پُٺ نھ ھُئي ۽ نھ ئي ان وقت ۾ وٽن ڪا سائنسي بنيادن تي سياسي پارٽي ھُئي، جنھن جو نقصان اھو ٿيو تھ جو ۱۹۴۷ع ۾ انھن کي جھڙي نموني سنڌ جو ڪيس عوامي عدالت ۾ پيش ڪرڻ گھرجي ھا اھو نھ ڪري سگھيا. ۱۹۴۷ع تائين برصغير جو سياسي منظر نامو ڪجهه اهڙو اچي بيٺو جهڙوڪر سمورو برصغير برٽش انڊيا جي نالي انگريزن جو هڪ ملڪ هو، جنهن جون ڪي بھ جاگرافيائي حدون/ بائونڊريون نه هيون، هڪ ئي خطي هيو، جنهن کي وڻي جيڏانهن وڃي ان تي ڪا پابندي نه ھُئي، ڪابل جي پٺاڻ کي خيال پوي تي ڇونهارن جي ٻوجهو ڪهلي تي رکي وڃي بنگال پهچي، سنڌين کي ضرورت پوي ته پڙهائي ۽ ٻين سببن ڪري وڃي ببمئي پهچن، ملباڙيءَ جو موڊ ٿئي ته اچي سکر، حيدرآباد ۽ ڪراچي پهچي، ميمڻن جو موڊ ٿئي ته بدين کان وڃي ڪاٺياواڙ پهچن، اهو ئي سبب آهي ته سنڌ ان وقت به هندستان جي ماڻهن خاص ڪري اردو ڳالهائيندڙن لاءِ هڪ پرڪشش علائقو هو جنهن جا ٽي مکيه سبب هيا هڪ سنڌ جو خوشحال هجڻ، ٻيو سنڌ جو تهذيب يافته هجڻ ۽ ٽيون ڪراچيءَ جهڙي شهر جو سنڌ جي گادي هجڻ، ان وقت ڪراچي سموري برصغير جي شهرن مان هڪ اهم ۽ جديد شهر هو، اصل ۾ ڪراچيءَ جھڙي شھر ئي ھندستان جي مسلمانن کي سنڌ اچڻ تي مجبور ڪيو جو هو گڏيل ھندستان ۾ بمبئي ۽ ڪلڪتي جھڙا شھر ڏسي چڪا ھيا جيڪي ميٽروپوليٽن ۽ بندرگاھي شھر آھن، انھن ڪراچيءَ تي قبضي لاءِ جھڙوڪر ۱۹۴۷ع جھڙي سانحي جو انتظار پئي ڪيو، اھو ئي سبب آھي جو ورھاڱي بعد برصغير جي ٻي ڪنھن به علائقي مان ھڪڙو بھ ماڻھو ڪراچيءَ نھ پھتو سواءِ يو پي، سي پي، بھار ۽ لکنئو جي مسلمانن جي، جو انھن وٽ نھ تھ ڪو بندرگاھي ۽ نھ ئي ڪو ميٽروپوليٽِن شھر. ڪراچي شھر جي جديد معيارن موجب تعمير جي شروعات اڄ کان پنج سئو سال اڳ ھندن شروع ڪئي ۽ بعد ۾ سيٺ هرچند راءِ، جمشيد نسرواجيءَ، سان گڏوگڏ سائين جي ايم سيد جديد ڪراچيءَ جي تعمير ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سنڌ، مهاديوشوو جي دور کان وٺي، مهاراجا ڏاهر جي دور کان ٿيندي جڏهن ۱۹۴۷ع ۾ پهچي ٿي تڏهن سنڌ کي وري هڪ اهڙي قائد جي ضرورت پوي ٿي جيڪو، مهاديو شوو ۽ مها راجا ڏاهر جي تسلسل کي برقرار رکندي مها رهبر ٿي سگهي ها، جو ۱۹۴۷ع وارو ئي اهڙو دور هو جڏهن هڪ تهذيبي سنڌ پنهنجي ورجاءَ ڪندي هڪ ٿيڻ جو اعلان ڪري ها، پر ائين ٿي نه سگهيو جنهن جا ڪيئي سبب ٿي سگهن ٿا پر اهڙي صورتحال ۾ جڏهن سياسي حوالي سان ان وقت جي سياسي اڳواڻن جي پنهنجي معاشري ۾ پذيرائي نه ٿيندي هُجي، جڏهن اوهان جي علائقي ۽ خطي خلاف سو سازشون ٿينديون هجن، جڏهن اوهان جي وطن جون سرحدون کليل هجن ۽ اوهان غير محفوظ هجو ته پوءِ اهڙو فيصلو ڪرڻ انتهائي ضروري ٿي پوي ٿو، جيڪو اوهان جي عوام ۽ اوهان جي خطي کي تحفظ فراهم ڪري سگهي، اهڙي صورتحال ۾ اوهان وٽ اهڙي سياسي حڪمت عمليءَ جو هجڻ ضروري آهي جيڪا اوهان جي مدد ڪندي هُجي. برصغير ۾ انگريزن جي خلاف شروع ٿيل بغاوتن جي تحريڪن ۾ تيزي اچڻ بعد اهي تحريڪون ڪنهن حد تائين سياسي جوڙجڪ ۾ اچي رهيون هيون ۽ اينديون ويون، انهن سمورين تحريڪن جي سياسي جوڙجڪ ۾ اچڻ بعد سندن سياست جو هڪ مضبوط نقطو جڙي پيو هو، اهو هو، ”انگريز برصغير مان نڪري وڃن“، پر پوءِ انهيءَ نقطي ۾ تبديلي تڏهن آئي جڏهن برصغير ۾ مسلمانن ٻھ قومي نظرئي جي بنياد تي هندستان جي ورهاڱي جو مطالبو ڪندي برصغير جي مسلمانن لاءِ الڳ وطن جي گهر ڪُئي ۽ اهڙي صورتحال ۾ جيڪو ٻيو سياسي نقطو جڙي منظر عام تي آيو اهو هو ”برصغير مان انگريزن جي نيڪاليءَ جي صورت ۾ هندستان ۽ پاڪستان نالي ٻه ملڪ قائم ٿيندا ۽ برصغير ۾ جيڪي مسلم اڪثريتي علائقا آهن، اهي علائقا پنهنجيون آزاد ۽ خودمختيار حڪومتون جوڙيندا ۽ اهي حڪومتون هڪ وفاق ۾ برابر جي نمائندگي ۽ حقن سميت شامل هونديون ۽ جيڪڏھن ڪا رياست اھڙي وفاق ۾ پاڻ لاءِ ڪي مسئلا سمجھي ٿي تھ وفاق کان الڳ به ٿي سگھي ٿي“. سائين جي ايم سيد ۱۹۴۷ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ ۾ قيام پاڪستان متعلق جيڪا ٺهراءَ پيش ڪري ۽ منظور ڪرايو هئو، اهو انهيءَ وفاق متعلق هُئو، جنهن ۾ برصغير جون مسلم اڪثريتي رياستون شامل ٿيڻيون هيون ۽ پنهنجي پنهنجي علائقائي، ثقافتي، تهذيبي ۽ اقتصادي آزاديءَ، مالڪيءَ ۽ خودمختاري سان، پاڪستان نالي وفاق ۾ گڏ ٿيڻيون ھيون، اهڙي ٺهراءَ پنهنجي تخليق جا ڪيئي مرحلا طئه ڪيا هيا ۽ ان ڏس ۾ لکنئو، ڪلڪتي ۽ لاهور جا اجلاس اهم آهن. ۱۹۴۷ع جي سنڌ ۾ جڏهن انگريز ان ڳالهه تي راضي ئي نه هُجي جو سنڌ کي الڳ ۽ خودمختيار ملڪ جي حيثيت ڏئي آزاد ڪري ۽ نه ئي ان وقت سنڌ جي سياسي قيادت ان لائق هُجي جو هو سنڌ جي آزادي ۽ خودمختيار حيثيت جي بحاليءَ لاءِ ڪا جدوجهد ڪري سگھي، اهڙي صورتحال ۾ ان کان وڌيڪ ڪهڙو فيصلو ٿيندو جو اوهان پنهنجي وطن جي حيثيت کي محفوظ ۽ مقدم بڻايو، جيڪو سياسي عمل سائين جي ايم سيد ڪيو، سائين جي ايم سيد جي ڪيل اهڙي سياسي فيصلي جا جيڪي ٻيا مثبت پهلو نڪرندا رهيا آهن، ضروري آهي ته انهن جو ذڪر به ٿئي، پر ان کان اڳ اها ڳالهه ضرور ٿيڻ گهرجي ته سنڌ سائين جي ايم سيد جي سياسي قيادت تائين پهچندي پهچندي قديم سنڌ پنهنجو سياسي ايڪو ته برقرار رکي نه سگهي پر پاڪستان جي ٺهراءَ جي صورت ۾ ٺهندڙ وفاق ۾ پنهنجي سياسي حيثيت ضرور بچائي سگهي. اها ڳالهه سياست جي شاگردن جي ڄاڻ ۾ ضرور هوندي ته دنيا ۾ ٻن قسمن جون رياستون ٿينديون آھن ھڪUnitary رياستون ۽ ٻيونNative رياستون، سياسي بيهڪ، اختيارن ۽ ذميوارين جي حوالي سان اھي الڳ الڳ ٿينديون آهن، پاڪستان جو قيام هڪUnitary رياست جي طور تي ٿيو هو جنهن ۾ شامل يونٽ خودمختيار حيثيت ۾ هڪ وفاق ۾ گڏ ھوندا، کين وفاقي اختيارن، وسيلن ۽ ادارن ۾ برابريءَ جي نمائندگي ملندي ۽ انھن جي حق حڪمرانيءَ جو تحفظ ڪيو ويندو، ايتري قدر جو انهن کي جيڪڏهن وفاق مان ڪا تڪليف آهي ته اهُي الڳ ٿيڻ جو حق به استعمال ڪري سگهن ٿيون، Unitary رياستن ۾ ھڪ کان وڌيڪ مختلف تاريخي، سياسي، سماجي ۽ تھذيبي پس منظر رکندڙ خطا گڏ ٿي سگھن ٿا جڏھن تھ اھڙي وفاق ۾ پڻ ھڪ کان وڌيڪ نسل ۽ قومون گڏ ٿي سگھن ٿيون. جڏهن تهNative رياستون فقط ھڪ ئي قوم، نسل ۽ خطي جي ماڻھن تي مشتمل ھونديون آھن، جيئن سعودي عرب، عرب امارات کيUnitary رياستن جي بھترين مثال طور ڏسي سگھجي ٿو. دنيا ۾ ھن وقت سعودي عرب، ويٽنام، ملائشيا، انڊونيشيا، جرمني ۽ فرانس Native رياستن جي مثالن طور ڏسي سگھجن ٿيون، جڏھن ته ھندستان، آمريڪا ۽ برطانيھ کي ھن وقتUnitary رياستن جي پس منظر ۾ ڏسي سگھجي ٿو، سائين جي ايم سيد جي ٺهراءَ پاڪستان اصل ۾ عرب امارات جھڙي وفاق جي لڳ ڀڳ ھُئو ۽ ان وقت مثالي ھُئو ٺهراءَ هُئي ۽ اڃا تائين هڪ مثالي ٺهراءَ آھي جيڪڏھن ان کي ان جي روح سان لاڳو ڪيو وڃي ھا تھ. سائين جي ايم سيد، ان وقت جي سياسي حالتن جي حوالي سان هڪ درست فيصلو ڪيو، پر پوءِ سياسي سازشن سبب ٿيندڙ نقصانن جو کيس الزام ڏيڻ درست ناھي. ۱۹۴۷ع ۾ سنڌ اسميبليءَ جي پاس ڪيل جنهن ٺهراءَ جي نتيجي ۾ پاڪستان، مسلم رياستن جي ميلاپ سان هڪ وفاقي ملڪ طور تي وجود ۾ آيو هو، آخرڪار اهو ملڪ به فقط ان جي ڪري ٻه ٽڪر ٿي ويو جو پاڪستان کي هلائيندڙن سنڌ اسيمبليءَ جي اهڙي ٺهراءَ جو نه ته مان رکيو ۽ نه ئي ان سان وفا ڪئي ۽ نه ئي ان تي عمل ڪيو، نتيجي ۾ هڪ وڏي آباديءَ وارو علائقو لکين ماڻهن جي قتل جي نتيجي ۾ الڳ ٿي ويو، ته ڇا؟ اسان اهڙي صورتحال ۾ اهو چئي سگهون ٿا ته بنگالين جو ۱۹۴۷ع جي سنڌ اسيمبليءَ جي ٺهراءَ کي مڃڻ غلط هو جو هو پاڪستان ۾ شامل ٿيا هيا، نه بلڪل به نٿو چئي سگهجي ڇو جو بنگالين به ائين محسوس ٿي ڪيو جيئن سائين جي ايم سيد محسوس ڪيو هو، “ ته بنگالين کي هڪ اهڙي ئي وفاق جي ضرورت آهي، جيڪو انهن جي ملڪي جاگرافيائيءَ کي سلامت رکي سگهي، انهن جي ٻولي ۽ ادب جو تحفظ ڪري سگهي ۽ گذر سفر ۽ اقتصادي وسيلن جو دفاع ڪري سگهي، بنگالي قوم جي سماجي ريتن، رسمن ۽ ثقافتي ورثي کي محفوظ بنائي سگهي، سو ائين چوڻ درست هوندو ته بنگالين جو ان وقت ڪيل اهڙُو فيصلو بلڪل به درست هيو، ۽ ۱۹۷۱ع ۾ بنگالين جو پاڪستان جي وفاق کان الڳ ٿيڻ جو فيصلو بھ ائين ئي درست هيو جيئن ۱۹۴۷ع ۾ سائين جي ايم سيد جو ٺهراءَ پاڪستان، سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيش ڪرڻ ۽ منظور ڪرائڻ جو فيصلو درست هيو، ۽ بعد جي صورتحال ۾ سائين جي ايم سيد جو اختيار ڪيل سياسي موقف بھ بلڪل ائين ئي درست آھي جيئن بنگالين جو ۱۹۴۷ع واري ٺهراءَ تسليم ڪرڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ، بدنيتين ۽ سياسي سازشن جي شروعات ان بعد ٿي جنهن جو نقصان وفاق پاڪستان کي پيو. ۱۹۴۷ع جي ٺهراءَ برصغير جي مسلم اڪثريتي علائقن تي مشتمل هڪ وفاقي ملڪ لاءِ هئو جنهن ۾ شامل ايڪا خودمختيار حيثيت ۾ وفاق جو حصو هوندا، پر بعد ۾ جڏهن سياسي سازشن جو دور شروع ٿيو ته سڀ کان پهريان ۱۹۴۷ع واري ٺهراءَ پاڪستان کي ئي رد ڪيو ويو، جنهن جي پٺيان هڪ مخصوص لابيءَ جو بي انتها خوف هيو، بنگال جيڪو اولهه پاڪستان سڏبو هو، اهو آباديءَ جي حوالي سان اوڀر پاڪستان جي چئني ايڪن جي ڀيٽ ۾ به جهڙوڪر اڪثريت ۾ هيو، جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ اوڀر پاڪستان جي چئني ايڪن کي گڏائي به لوڙائي ۾ هجڻ جي خوف سبب انهن جي اها حيثيت جيڪا ۱۹۴۷ع ۾ هُئي ختم ڪئي وئي، ۽ بنگال جي پڻ اها اهڙي سياسي، ثقافتي، سماجي ۽ اقتصادي حيثيت جيڪا ۱۹۴۷ع ۾ هُئي اها به ختم ڪئي وئي، مجموعي طور تي ۱۹۴۷ع جي ٺهراءَ کي ئي رول بيڪ ڪيو ويو، نتيجي ۾ ۱۹۷۱ع ۾ بنگال، بنگلاديش ٿي ويو ۽ ملڪ ٻه ٽڪر ٿي ويو، جيڪڏهن ۱۹۴۷ع جي ٺهراءَ تي عمل ٿيندو هُجي ها ته اها صورتحال پيش نه اچي ها. ھن ملڪ جي بدنصيبي بڻائي وئي تھ ان کي پنھنجي قيام بعد نھ ته آئين ڏنو ويو ۽ نھ ئي انھيءَ دستاويز تي عمل ڪيو ويو، جيڪو ھن ملڪ جي قيام جو بنياد بڻيو هو، ٿيڻ تھ ائين گھرجي ھا تھ جيستائين آئين جڙي، تيستائين ۱۹۴۷ع واري ٺهراءَ تحت ادارا ٺاھي ملڪ کي ھلايو وڃي ھا جو ان ٺهراءَ ۾ وفاقي يونٽن جي فرض ۽ وفاق جون ذميوايون چٽيون بيان ڪيل ھيون، پر ائين نھ ڪيو ويو نتيجي ۾ ناانصافين جي ھڪ ڊگھي دور جي شروعات ٿي جنھن جي نتيجي ۾ بنگال پاڪستان جي وفاق کان الڳ ٿي ويو، بنگال جو الڳ ٿيڻ ۱۹۴۷ع جي ٺهراءَ جي درست ھجڻ جو واضع ثبوت آھي، جيڪڏھن سنڌي اسميبليءَ جي انھيءَ ٺهراءَ تي عمل ڪيو وڃي ھا تھ بنگال ڪڏھن بھ پاڪستاني وفاق کان الڳ نھ ٿئي ھا، اھا ڳالھھ ثابت ٿي ڪري تھ سائين جي ايم سيد جو فيصلو غلط نھ ھيو. اڳتي بنگال جي سانحي بعد وري جڏھن ۱۹۷۳ع جو آئين ٺھي ٿو تھ ان آئين ۾ بھ ۱۹۴۷ع جي ٺهراءَ جي نقطن تي ڌيان نھ ٿو ڏنو وڃي، سياسي طور تي اھا عجيب ڳالھھ آھي، جو دنيا ۾ ڪٿي بھ ائين نھ ٿيندو آھي، آمريڪا جو “ ڊڪليئريشن آف انڊپينڊنس” اڄ آمريڪا جو آئين آھي، جنھن ۾ گذريل ۵ سو سالن ۾ فقط چار ترميمون ٿيون آھن، پر پاڪستان جي حوالي سان تھ ” ڊڪليئريشن آف فرڊم“ کي ٽڪي جي بھ اھميت نھ ڏني وئي، ۱۹۷۳ع جي آئين جي بدقسمتي اھا رھي جوان جي جوڙيندڙ کي ئي ڦاھي ملي، ان آئين ۾ بيشمار ترميمون ٿيون، ان آئين ۾ اھڙي ڪا سگھھ ئي نھ رھي تھ اھو ملڪ ۾ آمريتن کي روڪي سگھي، اھو آئين ھن وقت تائين وفاقي ايڪن کي نھ تھ حق ڏياري سگھيو آھي ۽ نھ ڪو سياسي استحڪام قائم ڪري سگھيو آھي، اڄ سياسي صورتحال اھا آھي تھ ۱۹۷۳ع جي آئين کي سرجيندڙ حڪمران ڌر ان ۾ ۱۸- ھين آئيني ترميم ذريعي ڪيئي ترميون ڪري ان کي وفاق جي ايڪن لاءِ مفيد بنائڻ جون ڪوششون ڪيون آھن. ملڪ ۾ ون يونٽ مڙھي ۱۹۴۷ع جي ٺهراءَ کي رد ڪندڙن پنھنجين اکين سان ڏٺو تھ ملڪ ٻھ ٽڪر ٿي ويو، سياسي فيصلي جي حوالي سان ون يونٽ مڙھيندڙ غلط ثابت ٿيا، ۽ ھاڻي ۱۹۷۳ع جي آئين ۾ ۱۸- ترميم ڪري ايڪن کي حق ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪندڙن اھو ثابت ڪيو تھ ۱۹۷۳ع جو آئين غلط ھيو، انھن ٻنھي صورتن ۾ جيڪڏھن، سائين جي ايم سيد جي ۱۹۴۷ع واري ٺهراءَ پاڪستان تي حقيقي طور تي عمل ڪيو وڃي ھا تھ ڪوبھ نقصان نھ ٿئي ھا، وقت ثابت ڪيو تو ون يونٽ مڙھيندڙ ۽ ۱۹۷۳ع جو آئين ڏيندڙ ٻئي غلط ھيا ۽ ٻنھي جو مقصد فقط پاڪستاني وفاق ۾ شامل ايڪن کي نقصان پهچائڻو هو ۽ وقت اھو بھ ڏٺو تھ انھن ٻنھي ڌرين جو انجام ڪھڙو ٿيو. انھيءَ سموري سياسي عمل اھو ثابت ڪيو تھ ۱۹۴۷ع ۾ سنڌ اسميبليءَ مان پاڪستان جو ٺهراءَ پيش ۽ پاس ڪرائڻ وارو سائين جي ايم سيد جو فيصلو درست ھيو، ۽ اھڙو درست فيصلو سائين جي ايم سيد کي تاريخ ۾ واقعي بھ مھا رھبر ڪري پيش ڪرڻ لاءِ ڪافي آھي. سائين جي ايم سيد سنڌ جو عظيم عاشق دودو ديشي سنڌو ڪناري هڪ پوڙهو جھور گيت جھونگاري ماتر ڀومي جي جياپي لاءِ دشمنن لاءِ سيهي جي دوار ثابت ٿيو. هن زندگي جا ڪيترائي حسين سال زندان جي جھوڪن ۽ نظر بندن ۾ گھاريا. دنيا جي ڌرتي ماءُ سان اڪير ڏسي کيس عاشقن سنڌ سڏڻ لڳي. هن عظيم شخصيت ۱۹۰۴ ع ۾ سيد محمد شاهه سنائي جي گھر ۱۷ جنوري تي جنم ورتو. ننڍڙي لاءِ غلام مرتضيٰ ۽ وڏي لاءِ جي ايم سيد جي نالي سان مشهور ٿيندڙ کي سنڌ صدين تائين شايد ان جو نعم البدل پيدا نه ڪري سگھي. تنهن جڏهن ڏٺو ته سنڌ جنهن کي انگريز سامراج غلام بڻائي رکيو آهي تنهن خان غفار خان سان گڏ انگريزن کي هتان نيڪالي ڏيڻ ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. کيس جڏهن ۴۷ ع کان اڳ سنڌ جي وزارت ملي ته قوم کي تعليم جهڙي عظيم زيور سان نوازڻ خاطر سنڌ يونيورسٽي جو بنياد وڌو. سيد اهڙو انسان هيو، جڏهن غدارن جي گوءِ هئي ڪي ماڻهوفرنگي سامراج جي دلالي ڪندي بهادر، سر راڻي بهادر جا لقب ماڻي رهيا هئا پر سيد انهن لقبن کي ٺڪرائي اصول پرست رهيو. سيد جي معراج ۽ منزل سنڌ رهي. حڪمرانن جون دلفريب لالچون ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ کان به هٽي ڪري هن دوستي ۽ دشمني جو محور سنڌ کي بڻايو. سنڌ سان عشق جا قصا جڏهن مشهور ٿيا ته هزارين نوجوان سندس رهبريءَ ۾ اچي هن کان آزاديءَ ۽ نجات جا درس وٺڻ لڳا. حڪمرانن هن ضعيف ۽ پوڙهي انسان کي جبري ملڪ ۽ پنهنجي لاءِ خطرو محسوس ڪري ۲۶ سالن تائين قيد ۽ نظر بند ڪيو. سندس آواز کي لبيڪ پهريان تعليمي ادارن مان ٿي. هزارين نوجوان فلسطين جي نوجوانن جيان ته هي جان عشق تي قربان آ ۽ عشق آزاديءَ تي قربان چئي محبوبن جي ٻانهن ۽ مائرن جي گودن کي الوداع چئي شمع آزادي جا پروانه بڻجي در در جوڳي بڻجي لفظن جا هٿوڙا ٺاهي غلاميءَ جي ننڊ ۾ ستل سنڌين کي جاڳائڻ لاءِ نڪتا. انهن سيد جي پوئلڳن کي ماڻهون جي ايم جا ڏنگا ٻار ڪوٺڻ لڳا. حڪمرانن کان به سٺو ڪين هزارين نوجوانن کي زندان جي ڪال ڪوٺڙين ۽ بند وارڊن ۾ بند ڪيو ويو. ڪيترن ئي رستن ۽ روڊن تي گولين جو نشانو بڻايو ويو. ڪيترن جي جسمن تي ڪوڙا ۽ ڦٽڪا هنيا ويا. ڪيترن کي تعليمي ادارن مان هميشه لاءِ رسٽيڪيٽ ڪيو ويو. پر پوءِ به اهي مڙس ماڻهو ٿي ثابت قدم رهي دشمنن کي للڪاريندا رهيا آهن. پر سامراج پوري مڪاري ۽ چالاڪي سان ان ڪوشش ۾ هيو ته ڪنهن به طريقي ۽ حيلي سان سن مان نڪرندڙ ان لاٽ آواز کي ختم ڪجي جيڪا مظلوم قوم سنڌ جي دردن جو در مان بڻجڻ واري آهي. سيد جو نظريو هڪ سمنڊ جيان آهي، جيئن سمنڊ ۾ ڪو به گند ڪچرو اندر پيٽ ۾ رهي نه سگھندو آهي ساڳئي ريت جن به غداريون مڪاريون ۽ نا انصافيون ڪيون تن کي قدرت، وري قومي تحريڪ مان لوڏي ڪڍيو. سيد هڪ همه گير شخصيت جو مالڪ هيو، ضعيف ۽ ٻڍڙن هٿن سان گھران عام ورڪرن لاءِ ماني کڻي اچڻ سياري جي سرد راتين ۾ اڌارت جو گھري ننڊ ۾ ستل تنظيمي نوجوانن مٿان هڪ ماءُ جيان سٺو هوندو هيو، متان ڪنهن جي مٿان سوڙ يا چادر لهي وڃي ته انکي سخت سردي کان بچائڻ لاءِ مٿس سوڙ وجھندو هيو. ڏکڻ ايشيا ۾ سيد واحد اڳوڻ ۽ شخصيت هيو جنهن ۾ ڪا به وڏائي، ڪوبه غرور نه هيو ۲۴ ڪلاڪ (جيل يا نظربندي کانسواءِ) عام ورڪرن ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ دروازا کليل هئا نه ٻاهر ويٽنگ روم ۾ انتظام ڪرڻو پوندو هيو نه وري چٺ موڪلي ڄاڻ ڏبي هئي ته ڪير آيو آهي، ڪير ملڻ ٿو چاهي. انهيءَ کان علاوه سائين جي ايم سيد ۾ هڪ عظيم خوبي اها به هئي ته پاڻ کڻي ڪنهن کان به ڏکارا ڇو نه هجن ليڪن ڪنهن به ميار يا ائين چيائون ته توهان کي ائين نه ڪرڻ گھرجي. سائين جي ايم سيد هڪ اهڙي مٽيءَ مان ٺهي راس ٿيو هيو جنهن رڳو وفا ڪرڻ سکي هئي. سنڌ جو هي عاشق صادق اهڙن ارادن جو مالڪ هو جو منهنجي ذهن جي ڊڪشنري ۾ ايڏا مهان الفاظ نه آهن جو انهن جي ارادن کي مهانتا ڏيان. جي ايم سيد سيد ۽ سنڌ جو عشق عامر خان مهيسر ڌرتي جو وڏو ڪارناميو اھو آھي ته جتي ھن پنهنجي وشال مان وڻ, جبل جوالان ۽ جذيرھ پيدا ڪيا آھن اتي فطرت جي پرنور تخليق انسان کي به آباد ڪيو اٿس جيڪو پنهنجي جوھر ۾ ڪائينات جو محور ٿو ڏسجي. سنسار جي سجاوٽ ۽ ان جي رنگن ۾ ازل کان اڄ تائين اھڙا ڪيترا ئي دور آيا آھن جن ۾ ڌرتي جي املھ ۽ ارڏن فرزندن پاڻ ڳولھي ڪائنات جو ازلي حسن پوڄيو آھي جنهن ۾ محبت آھي, امن آھي, اتحاد آھي ۽ ترقيء بني آدم جو بنياد آھي. اڄ تائين اھو سلسلو جاري آھي. ڪي قدر دان اچڻ جي تياري ڪري رھيا آھن ۽ ڪي وڃڻ جي ويجھو آھن، ڪن مختصر جيون گھاريو ۽ ڪن ڊگھي ڄمار ماڻي، ڪن پاڻ کان پري ڏٺو ئي ڪين ۽ ڪن رڳو پري ڏٺو ۽ پاڻ ڏانھن ڏٺو ئي ڪين، ڪن ذاتي مفادن کي عزيز سمجھيو ۽ ڪن اجتمائي مفادن لاء پاڻ پتوڙيندي پنھنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي. انھن سڀني انسانن کي ياد ڪرڻ ته ممڪن ڪين آھي, پر ياد اھڙن انسانن کي رکيو ويندو آھي جن جي سوچ ۽ عمل اجتمائي ۽ مسبت ھوندو آھي. سونھاري سنڌ به اھڙن امر انسانن کي جنم ڏنو آھي, جن پنھنجي پنھنجي شعبن ۾ رھندي گھڻن پنھنجي ڪرت سان نڀايو آھي پوء ڀلي کڻي اھي عالم، اديب ھجن يا شاعر مانجھي مرد ھجن يا جوڌا جوان ھجن يا سونھاري سنڌ مٿان پنھنجي جند گھوريندڙ عاشق ھجن. اھڙن ئي ارڏن ۽ عاشقن ۾ مٿانھون نالو جي ايم سيد جو به آھي. جنھن ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع ۾ شھر سن ۾ سيد محمد شاھ جي گھر ۾ جنم ورتو ۽ سندس ڇٽيء جو نالو غلام مرتضيٰ شاھ رکيو ويو. ننڍي ھوندي ئي حسين ۽ ذھين ٻين ٻارڙن کان مختلف سندس لاڙو علم ڏانھن ڏسندي سندن والد کين ۱ جولاء ۱۹۱۰ ۾ پنھنجي ئي شھر سن جي سنڌي پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو جتي رڳو ڇھن درجن تائين پڙھايو ويندو ھو سائين جي ايم سيد محنت سان شفيق استادن جي نگرانيء ۾ ڇھ درجا پاس ڪرڻ کان پوء ۱۹۱۵ ۾ عربي، فارسي محترم قاضي محمد ھاشم ميمڻ کان ۽ انگريزي ماستر حامد علي ھالائي کان پرائي پاڻ ۱۶ سالن جي ننڍڙي ڄمار ۾ سياست ۾ پير پاتائون. ۱۹۲۵ع ۾ سائين جي ايم سيد لوڪل بورڊ تعلقي مانجھند جو صدر ۽ لوڪل بورڊ ڪراچي جو نائب صدر چونڊجڻ کان پوء پاڻ جيڪي سماجي ڪم ڪرايائون سي سڀ قابل تعريف ۽ سنڌ واسين جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اھم ڪردار آدا ڪن ٿا ساڳئي وقت سائين جي ايم سيد جو سنڌ سونھاري سان عشق جو اظھار به ڪن ٿا. پاڻ سنڌ ھاري ڪاميٽي قائم ڪئي جيئن سنڌ جو غريب ھاري پنھنجي پيرن تي بيھندي پنھنجي ڪٽنب کي خوشحال بڻائي سگھي. سندس ٻيو اھم ڪم اھو ھو ته ان دور ۾ ڪراچي ۾ ڪيترن ئي خاندانن جي گذر سفر واري ڪرت ماھي گيري مڇي مارڻ واري ھئي جنھن ڪري پاڻ ڪراچي ۾ مالدار ميربحر ايسوسيئيشن جو بنياد وڌو جيئن ماھي گيرن کي مانائتي زندگي گذارڻ جا موقعا ميسر ٿي سگھن سندن ٽيون اھم ڪم ڳوٺاڻي عورتن جي ڀلائي لاء ھڪ جمائت ٺاھي جنھن جي سپرد ڪيل مقصدن ۾ عورتاڻي تعليم ھٿ جو پورھيو ويم جون سھولتون ۽ ٻارڙن پالنا بھتر نموني ڪرڻ شامل ھئا. ۱۹۲۸ع ۾ سنڌ جي آزادي جي تحريڪ ھئي ته کيس بمبئي کان جدا ڪيو وڃي. تحريڪ سنڌ جي حوالي سان ھجي ۽ عاشق اڳتي نه اچي ائين ٿي نه ٿو سگھي ان ئي تحريڪ ۾ سائين جي ايم سيد تحريري تقريري مطلب ته ھر موڙ ھر موقعي تي ڀرپور ڪردار ادا ڪيو جيڪو وساري نه ٿو سگھجي ۽ اھڙي جدوجھد جي ڪري اپريل ۱۹۳۶ع ۾ سنڌ کي بمبئي کان آزاد ڪيو ويو. ۽ مٿان وري ۱۹۳۷ع ۾ سنڌ اتحاد پارٽي جي پليٽ فارم تان چونڊون وڙھيون ۽ بعد ۱۹۳۸ع ۾ مسلم ليگ ۾ شامل ٿيا ۽ ۳ مارچ ۱۹۴۳ع تي سنڌ اسيمبلي ۾ ”پاڪستان“ جي قيام واري تاريخي قرارداد پيش ڪري پاس ڪرائي جنھن ۾ سنڌ کي ھڪ خودمختيار رياست طور رکڻ جي رٿ ڏنل ھئي جنھن کي پائي تڪميل پھچائڻ لاء سائين جي ايم سيد ھر ممڪن ۽ ھر موقعي مھل تي ڪوشش جاري رکي. ايتري ۾ پاڪستان وجود ۾ اچي ويو. پاڪستان ٺھڻ کان پوء سنڌ جي عاشقي عيوض ھن ھر ظلم ۽ ڏاڍ جي ڀرپور مذمت ڪئي. پوء ڀلي ڪراچي کي مرڪز حوالي ڪرڻ ھجي يا ون يونٽ جون ڳالھيون يا وري ايوب خان جي مارشلا، مذمت دوران تڪليفين پريشانين کي به مسڪرائيندي مُنھن ڏنو پر سنڌ جي عاشقي تان ھٿ نه کنيو. مذمت دوران آيل تڪليفون ته سيد جي عزم کي وڌيڪ پختو ڪنديون رھيون جنھن جي نتيجي ۾ ۳،۴ مارچ ۱۹۷۲ع تي سنڌ جي جدوجھد شروع ڪئي وئي جنھن جو بنياد سيڪيولر، ڊيموڪريٽڪ، سوشلسٽ ۽ نيشنلسٽ جھڙن اھم نقعتن تي رکيو ويو. ۱۹۹۲ع تي نشترپارڪ ڪراچي ۾ جلسو منعقد ڪرايو ويو. جنھن ۾ سيد جي ۸۹ ھين سالگرھ ملھائي وئي. جنھن سيد تاريخي سپاس نامو پيش ڪندي نيو ورلڊ آرڊر جي روشني ۾ سنڌ جو ڪيس وضاحت سان پيش ڪيو جنھن جي نتيجي ۾ سيد کي وقفي وقفي سان جيل ۽ نظربنديء جون سزائون به ڏنيون ويون عدم تشدد جي قائل سنڌ جي ھن عاشق ۳۲ سال ۱۰ مھينا ۲۱ ڏينھن تڪليفون برداشت ڪندي آخري گھڙي تائين امن، اتحاد، ڀائيچاري، عزت، احترام، ترقي، خوشحالي جھڙا سبق ڏيندي سنڌ سان لاتل ننڍپڻ واري نيھن کي نڀائيندي پنھنجي اصولن ۽ نظريي جي پختگيءَ سان پابندي ڪندي ۲۵ اپريل ۱۹۹۵ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي ۽ کين پنھنجي جنم ڀومي سن ۾ رکيو ويو. جي ايم سيد جنهن سان اڄ سنڌ جو نوجوان عشق ڪري ٿو جنهن جي شخصيت ۽ فڪر جي ڇانو ۾ سنڌ جي مستقبل ڏانهن ڏسي ٿو. سائين جي ايم سيد منهنجو محسن-منهنجو رهبر محمد ابراهيم جويو سائين جي ايم سيد سان منهنجو سڄيءَ زندگيءَ جو سنٻنڌ رهيو آهي. مون کي پاليو ۽ نپايو منهنجن مائٽن، پر مون جو ڪجهه پرايو ۽ ان پراپت مان آئون جيڪي ڪجهه بنيس، تنهن لاءِ آئون سائين جي ايم سيد جو شڪر گذار آهيان. سائين جي ايم سيد جو ڳوٺ سن آهي، ۽ آئون ان کان ويهارو ميل پري هڪڙي ننڍڙي واهڻ “آباد” ۾ ڄائو هوس. منهنجو پيءُ ته منهنجي گهڻي سانڀر کان اڳ ئي گذاري ويو هو، ۽ منهنجي ماءُ به پوءِ وڇڙي ويئي، پر منهنجو ڏاڏو ۽ ڏاڏي حيات هئا، جن مون کي ماءُ پيءُ جو پيار ڏنو. منهنجو ڏاڏو هڪ جامڙد، ڏاهو ۽ خود دار شخص هو، پنهنجو راڄ توڙي آسپاس جا راڄ هن جو ڏاڍو لحاظ رکندا هئا. مون کي ياد آهي ته آئون جڏهن يارهن ورهين کن جو هوس ۽ سنڌي ڇهون درجو پڙهندو هوس، تڏهن اسان کي هر روز ٽي ميل پري، پاسي واري ڳوٺ، تيرٿ لڪيءَ جي اسڪول ۾ سنڌي پڙهڻ لاءِ وڃڻو پوندو هو. هڪ ڏينهن ڏاڏو ڪنهن ڪم سان سن ويو ۽ موٽيو ته هڪ اهڙي ڳالهه کڻي آيو، جيڪا منهنجي نئين جنم جو سبب بڻي. جيڪڏهن اڄ مون کي اهو معلوم ٿي وڃي ته اهو ڪهڙو ڏينهن هو، جڏهن ڏاڏو سن مان موٽيو هو، ۽ منهنجي نئين جنم جي اها ڳالهه کڻي آيو هو، ته اهو ڏينهن آئون هوند پنهنجي اصلي جنم جو ڏينهن ڪري هر سال ملهايان. ڳالهه هيءَ هئي ته سائين جي ايم سيد ان سال پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ ديني تعليم جو مدرسو، بورڊنگ هائوس سميت، ۽ سنڌي اسڪول سان گڏ انگريزي تعليم لاءِ اي وي ڪلاس کولايا هئا ۽ جڏهن خبر پيس ته ڏاڏو سن ۾ هو، تڏهن هن کي سڏائي، مدرسي ۽ انگريزي ڪلاسن ۾ پنهنجن ڇوڪرن کي داخل ڪرائڻ جو سخت تاڪيد ڪيائين. جڏهن ڏاڏي گهر ۾ سن جي نئين اسڪول جي ڳالهه ڪئي، تڏهن مان ڏاڍو خوش ٿيس. هيءُ سال ۱۹۲۷ع جو هو. پوءِ آئون سن جي انگريزي اسڪول ۾ داخل ٿيس. سائين جي ايم سيد وٽ منهنجو ڏاڏو مون کي وٺي ويو، ان وقت آئون ۱۲-۱۱ ورهين کن جو هئس. سائين جي ايم سيد جي والد سيد محمد شاهه مرحوم جي شهادت ۽ سندس وڏي حضرت ميين حيدر، جنهن جي درگاهه جا پاڻ سجاده نشين هئا، تن جون ڳالهيون سڄي تر ۾ عام پکڙيل هيون. سائين جي ايم سيد لاءِ عام اها خبر ته ننڍي وڏي جي وات هئي ته پاڻ پنهنجي والد محترم جي شهادت وقت ٻالڪ اوستا ۾ هئا ۽ سندن عام ناموس هئي ته سنِ بلوغت جي عمر تي پهتا ته عام اعلان وسيلي سڄيءَ سنڌ ۾ رهندڙ پنهنجي مريدن لاءِ اهو پڌرو ڪيو هئائون ته ڪو به کين پيرين پئي نه ملي. ٻيو ته پنهنجي مريدن مان پاڻ ڪو به نذر نياز يا ڏَن نه وصول ڪندا. ان زماني ۾ لڪيءَ تائين سڄو محال ڪوهستان به ڪراچي ضلعي سان ڳنڍيل هو ۽ سائين جن پاڻ ڪراچي ضلعي لوڪل بورڊ جي اسڪول بورڊ جا تڏهن چيئرمين هئا. مون ٽي درجا انگريزيءَ جا پاس ڪيا، ته سائين جي ايم سيد مون کي ڪراچي لوڪل بورڊ جي اسڪالرشپ وٺي ڏني ۽ پوءِ آئون ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسي ۾ ۱۹۳۱ع ۾ داخل ٿيڻ لاءِ، پنهنجي ڏاڏي مرحوم سان گڏجي ڪراچيءَ ويس. اتي جڏهن ڏاڏو ۽ آئون ڪراچي جي سٽي اسٽيشن تي لٿا هئاسون ته اتي اسان کي وٺڻ لاءِ لڪيءَ جي سيٺ تيجو مل جو گماشتو آيو هو ۽ اسان کي بولٽن مارڪيٽ وٽ پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ وٺي وڃي رات اتي رهايائين. ٻئي ڏينهن تي بولٽن مارڪيٽ کان گانڌي گارڊن تائين ويندڙ ٽرام گاڏيءَ ۾ ويهاري، سائين جي ايم سيد جي بنگلي تي آڻي ڇڏيو هئائين. ٻئي ڏينهن سائينءَ ڪاغذ ڏيئي پنهنجي خاص ماڻهوءَ سان مون کي مدرسي جي پرنسپال، ڊاڪٽر علامھ دائود پوٽي صاحب وٽ موڪليو. علامه صاحب منهنجا اسڪول ليونگ سرٽيفڪيٽ ڏسي ۽ پوءِ سائين جي ايم سيد جو خط کولي پڙهيو. ائين آئون اتي اسڪول ۾ داخل ٿيس. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ ڏاڏي مرحوم جي زور ڀرڻ تي، دل تي پٿر رکي، سائين جي ايم سيد وٽ حاضر ٿيس ته مون کي ڪا نوڪري وٺرائي ڏين. مون کي مئٽرڪ جي امتحان ۾ دادو ضلعي مان پهريون نمبر بيهڻ تي اسڪالرشپ ملي هئي، تنهن جي کين خبر هئي ۽ منهنجي دلي خواهش جي به کين سڌ هئي ته مون نوڪري ڪرڻ نٿي گهري، پر وڌيڪ پڙهڻ ٿي گهريو. پاڻ همت ڏياريائون ۽ چيائون ته نوڪري ڪنهن به صورت ۾ نه ڪجي، پر، ڪيئن به ڪري، پڙهڻ لاءِ ڪاليج ۾ داخلا وٺجي. پوءِ مون کي ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچي جي پرنسپال بٽاڻي صاحب ڏانهن چٺي لکي ڏنائون ۽ جيتوڻيڪ داخلا جون تاريخون گذري چڪيون هيون، پر درويش صفت پرنسپال مون کي ڪاليج ۾ داخل ڪيو ۽ اهڙيءَ طرح زندگيءَ جي راهه ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر مون کي سائين جي ايم سيد جي رهبري ۽ مدد نصيب ٿي. هڪ ياد سيد صاحب جي حوالي سان منهنجي من ۽ ذهن تي چٽيل آهي ۽ جيڪا نه رڳو ياد جي حد تائين آهي، پر ان منهنجي پوريءَ زندگيءَ تي پڻ گهرا اثر ڇڏيا آهن. اها ياد ڪجهه هن طرح ته جڏهن آئون اڃا سورهن ورهين جو هوس ته سيد صاحب مون کي شاهه لطيف ڀٽائيءَ جي درگاهه تي حاضريءَ لاءِ وٺي ويو هو. شاهه لطيف جي مزار تي پاڻ دعا گهريائون، جا خاص طرح سنڌ جي نسبت سان هئي. انهيءَ دعا ۾ ٽي شيون شامل هيون: (۱) امن جهجهائي(Plenty of Peace) (۲) اندر اُجار (Enlightenment) (۳)آزادي (Freedom) انهيءَ دعا ۾ شامل ٽنهي شين کي مون چڱيءَ طرح ياد ڪيو، اڃا به، هانءُ سان هنڊايو ۽ انهيءَ مهل، ڀٽائيءَ سائينءَ جي آڳرن تي اهو پڪو پهه ڪيم ته انهن ٽنهي شين جي حاصلات لاءِ آئون سڄي ڄمار پاڻ کي ڪاربند رکندس. اڄ به آئون انهن ٽنهي شين جي خواهش رکان ٿو. سائين جي ايم سيد سان خيالن جي ڪڏهن به منهنجي نا اتفاقي نه ٿي آهي. سواءِ ٿورڙي وقت لاءِ هڪ مسئلي جي سلسلي ۾، اهو هو مسلم ليگ جي سياست جو مسئلو. سائينءَ جو ستيه پريم ۽ ايڪتا يعني حق، محبت ۽ وحدت جي پرورش ۽ علمبرداريءَ جو ڪردار آهي، جيڪو سنڌ جي تاريخ، لافاني ادب ۽ تهذيب جو، سنڌ جي سَنتن، اوليائن ۽ درويشن جو ۽ سنڌ جي سمورن صالح ۽ سرويچ سپوتن، اڳين توڙي هاڻوڪن جو ڪردار آهي ۽ سنڌ جي انهيءَ ئي آفاقي ڪردار جي پوئواريءَ ۾ آئون ۽ مون جهڙا ٻيا ڪيئي سنڌ ۽ سنڌ سان گڏ عالم انسانيءَ جا محب ۽ فدائي اڄ به سائين جي ايم سيد جا ساٿي ۽ ٻانهن ٻيلي ٿيو بيٺا آهن ۽ ان سندم ساٿ ڌڻي سرواڻ ۽ سندس ساٿ تي اسان کي فخر رهيو آهي. سائين جي ايم سيد جي رياست لاءِ ۽ سندس سنڌي قوم لاءِ قوم دوست فڪر جي چونڊ ۽ ان جي ڦهلاءُ لاءِ باضابطا نموني عملي، قومي، توڻي سياسي اڳڀرائي، ڪي اوچتا ئي فيصلا نه هئا، جهڙِيءَ ريت عام طرح سوچيو، چيو، لکيو ۽ اظهاريو ويو آهي. اهڙن حتمي نتيجن تي پاڻ لڳاتار عملي سياست جي تلخ تجربن ۽ سنڌي قوم سان ٿيندڙ انيڪ ناانصافين، واعدي خلافين ۽ سازشي فيصلن جي عمل ۾ اچڻ کان پوءِ پهتا هئا. اسين پڻ انهن سمورن واقعن جا اکين ڏٺا شاهد آهيون. پاڻ اهي پهريان سنڌ دوست حقيقي مفڪر هئا، جن سنڌ ۾ قومي فڪر جي پنهنجين لکڻين ۽ خطابن وسيلي باقاعدي جوڙجڪ ڪئي ۽ هڪ قوم طور سنڌي ماڻهن جو ڪيس، رياست اڳيان پيش ڪيائون، جنهن جي بدلي ۾ پاڻ رڳو جيل ۽ نظربندين جا عذاب ئي نه سٺائون، پر مٿن الزام ۽ دشنام، تهمتون ۽ بهتان به رکيا ويا، انهن مڙني الزامن، دشنامن، تهمتن ۽ بهتانن کي قبول ڪيائون، جيڪي رياست پاران انهيءَ ڪري ميدان ۾ لاٿا ۽ عمل ۾ آندا ويا هئا ته جيئن پاڻ ماٺ ڪري ويهي رهن. حقيقت هيءَ آهي ته سيد صاحب جن وٽ پنهنجي سنڌ ۽ سنڌي قوم جي تاريخي تشخص جي بحالي، ان جي مڃتا ۽ ان جي حاصلات کان سواءِ ٻيون سڀ شيون معنيٰ وڃائي ويٺيون هيون. ائين چئجي ته به غلط نه ٿيندو ته پاڻ روحاني طرح عقل جي اوچي ڏاڪي يعني عقلِ سليم تائين، ٻين لفظن ۾ سنڌ سان عشق جي منزل تائين پهچي چڪا هئا، جتي پهچي صعوبتون ۽ سختيون، ڏک ۽ اهنج به پنهنجي اساسي تاثير ۾ سک ۽ راحت بڻجي پوندا آهن. جي ايم سيد هڪ انقلابي ڪردار دلشاد ڀٽو سينئر جي ايم سيد جي ولادت سن ۱۹۰۴ ۾ ٿي هئي۔ پوري گهر ۾ واحد اولاد نرينه هو۔ جي ايم سيد جو والد، سن واري مسجد ڏانهن نماز لاءِ ويندي، عين ان وقت قتل ڪيو ويو، جڏهن جي ايم سيد جي عمر صرف پوڻا ٻه سال هئي۔ جي ايم سيد جي پرورش خاندان جي عورتن ڪئي۔ جي ايم سيد کي ابتدائي تعليم سن جي پرائمري اسڪول ۾ ڏياري وئي۔ پرائمري تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ مسئلو اهو هيو ته انگريزي تعليم لاءِ سن ۾ اسڪول ڪو نه هو۔ ان ڪري ٻه آپشن هيا يا ته جي ايم سيد کي وڌيڪ تعليم لاءِ سن کان ٻاهر موڪلجي يا ان جي تعليم جو سلسلو منقطع ڪجي۔ گهر جون عورتون سائين جي ايم سيد کان پنهنجي اکين کان پري ڪرڻ لاءِ تيار نه هيون۔ ڇو ته جي ايم سيد پوري خاندان جو اڪيلو فرد هو جنهن تي خاندان جي نسل جي بقا جو دار و مدار هو۔ انڪري جي ايم سيد جي گهر ۾ خاص سنڀال ڪئي ويندي هئي۔ جيڪا سنڀال گهر کان ٻاهر ملڻ ممڪن نه هئي۔ آخر گهڻي پس و پيش کان پوءِ اهو فيصلو ڪيو ويو ته جي ايم سيد سن ۾ رهندو ۽ ان کي سن ۾ تعليم ڏيڻ لاءِ خاص استادن جو بندوبست ڪيو ويندو۔ جيڪي ان کي گهر تي عربي، فارسي ۽ انگريزي جي تعليم ڏيندا۔ عربي ۽ فارس پڙهائڻ لاءِ قاضي محمد هاشم کي مقرر ڪيو ويو ۽ انگريزي پڙهائڻ لاءِ هڪ خاص استاد سن کان ٻاهران گهرايو ويو، جنهنجو نالو هو استاد حامد علي۔ جي ايم سيد جڏهن پنهنجن نون استادن وٽ پڙهائي شروع ڪئي ان وقت جي ايم سيد جي عمر لڳ ڀڳ ۱۰ سال هئي۔ اهو ۱۹۱۴ جو زمانو هو ۽ ۱۹۱۴ ۾ پهرين مها ڀاري جنگ شروع ٿي چڪي هئي۔ پهرين مها ڀاري جنگ جي شروعات سان هندستان ۾ انقلابي سياست جا نقاراوڄڻ شروع ٿي ويا ۽ انهن انقلابي نقارن جو آواز جي ايم سيد تائين به پهتو۔ مولانا عبيد الله سنڌي افغانستان ۾ وڃي هندستان جي آزاد جلا وطن حڪومت قائم ڪئي هئي ۽ هندستان جي آزاديءَ لاءِ انگريزن خلاف جنگ جو اعلان ڪيو هو۔ مولانا عبيد الله سنڌيءَ جي شروع ڪيل تحريڪ هندستان جي تاريخ ۾ ريشمي رومال تحريڪ جي نالي سان سڏي ويندي آهي۔ استاد حامد علي مولانا سنڌيءَ جي ريشمي رومال تحريڪ سان لاڳاپيل هو انڪري پوري هندستان ۾ ريشمي رومال تحريڪ جا ڪارڪن جيڪي به انقلابي سرگرميون ڪندا هيا استاد حامد علي انهن سرگرمين کان سائين جي ايم سيد کي واقف ڪندو هو۔ سنڌ ۾ ريشمي رومال تحريڪ جا ٻه وڏا ڳڙھ هيا۔ هڪ امروٽ جو مدرسو ۽ ٻيو پير جهنڊي وارو مدرسو۔ استاد حامد علي جو پير جهنڊي واري سان ڪافي ويجهو تعلق هو۔ انڪري جي ايم سيد جي به پير جهنڊي واري سان ويجهڙائي پئدا ٿي۔ ريشمي رومال تحريڪ جا ٻه مقصد هيا هڪ انگريز سان نفرت، ٻيو هندستان جي آزادي ۽ اهي ٻئي مقصد استادحامد علي پوري خوش اصلوبيءَ سان جي ايم سيد ڏانهن منتقل ڪيا۔ اهڙي ريت جي ايم سيد، ڏهن سالن جي عمر کان انگريز خلاف نفرت ۽ هندستان جي آزاديءَ جو تصور کڻي پروان چڙهيو۔ هي واحد انقلابي هو جيڪو ڏهن سالن جي عمر ۾ انقلاب ۽ آزاديءَ جي عشق ۾ جڙجي ويو۔ پهرين جنگ عظيم ۾ جرمنيءَ جي جنگ برطانيه ۽ فرانسى جي خلاف هئي۔ مولانا عبيدالله سنڌيءَ جا قيصر جرمنيءَ سان تعلقات جڙي چڪا هيا۔ انڪري مولانا سنڌيءَ جي معرفت جرمني هندستان جي آزادي پسندن کي اسلحو ۽ تربيت ڏئي رهي هئي۔ اهو سڀ ڪجهه جرمني هندستان جي عشق ۾ نه ڪري رهي هئي پر برطانيه کي شڪست ڏيڻ لاءِ ڪري رهي هئي۔ قيصر جرمنيءَ جو مقصد هو ته هندستان جا آزادي پسند انگريز سان وڙهن جيئن انگريز ڪمزور ٿي ۽ جنگ ۾ هارائي وڃي۔ پر جنگ ۾ برطانيه بجاء جرمنيءَ جي شڪست ٿي۔ جرمنيءَ جي شڪست سان ۱۹۱۹ ۾ پهرين عالمگير جنگ پڄاڻيءَ تي پهتي۔ اهڙي ريت جنگ جي خاتمي سان گڏ ريشمي رومال تحريڪ به غير فعال ٿي وئي۔ ريشمي رومال تحريڪ جي پس منظر تان هٽجڻ کان پوءِ انگريز خلاف پوري هندستان ۾ نيون مزاحمتي تحريڪون اڀري آيون۔ ياد رهي ته برطانيه خلاف جرمني اڪيلي نه وڙھي هئي پر ان جنگ ۾ جرمنيءَ سان گڏ اٽلي ۽ ترڪي به برطانيه ۽ فرانس جي خلاف وڙھي رهيا هيا۔ انڪري جنگ ۾ جرمنيءَ سان گڏ اٽلي ۽ ترڪيءَ کي به شڪست ملي۔ ترڪيءَ جي شڪست کانپوءِ برطانه ۽ فرانس جي فوجن ترڪيءَ تي قبضو ڪيو۔ ترڪيءَ ۾ جيئن ته مسلمانن جي اسلامي خلافت قائم ڪئي هئي۔ انڪري ترڪيءَ تي برطانوي فوجن جي قبضي کان پوءِ هندستان جي مسلمانن خلافت تحريڪ شروع ڪئي۔ خلافت تحريڪ جو مقصد هو ته برطانيه ترڪي خالي ڪري۔ پر اڳتي هلي اها تحريڪ هندستان خالي ڪيو جي تحريڪ ۾ تبديل ٿي وئي يعني انگريز هندستان خالي ڪري۔ سن ۱۹۱۹ ۾ هڪ ٻيو واقعو ٿيو. جنرل ڊائر جليانوالا باغ ۾ هڪ عوامي ميڙ تي انڌا ڌنڌ فائرنگ شروع ڪرائي ڏني۔ جنهن جي نتيجي ۾ سوين ماڻهون مارجي ويا۔ اها خبر پوري هندستان ۾ باه وانگر ڦھلجي وئي۔ ان واقعي کي بنياد بڻائي مهاتما گانڌيءَ عدم تعاون جي تحريڪ شروع ڪري ڏني۔ خلافت تحريڪ ۽ عدم تعاون جي تحريڪ ٻئي تحريڪون گڏ گڏ هليون۔ هڪ ئي وقت هندو مسلم گڏيل تحريڪن هندستان اندر انگريز جا بنياد لوڏي ڇڏيا۔ عين انهي وقت جڏهن انگريز جا بنياد لڏي رهيا هيا۔ جي ايم سيد عملي سياست ۾ پير پاتو۔ سن ۱۹۱۹ ۾ سنڌ ۾ خلافت تحريڪ جي پهرين ڪانفرنس ٿي۔ ان ڪانفرنس ۾ جي ايم سيد به شريڪ ٿيو هو۔ ۱۹۱۹ ۾ جي ايم سيد جي عمر مشڪل سان ۱۵ سال هئي۔ ان وقت قد ننڍو هجڻ سبب جي ايم سيد ميز تي چڙهي ميڙ کي خطاب ڪيو هو ۽ اها جي ايم سيد جي سياسي زندگيءَ جي پهرين تقرير هئي۔ ان ڪانفرنس کان پوءِ خلافت تحريڪ جي ٻي ڪانفرنس جي ايم سيد سن ۾ ڪرائي۔ ان ڪانفرنس ۾ جلسو به ٿيو ۽ تقريرون به ٿيون۔ تقريرن کان پوءِ خلافت تحريڪ لاءِ چندو ڪٺو ڪيو ويو۔ جي ايم سيد ان وقت عمر جي لحاظ کان نا بالغ هو۔ ۱۵ سالن جي ڪچي عمر ۾ هن کي اها خبر ڪو نه هئي ته هو ڇا ڪري رهيو آهي۔ خلافت تحريڪ لاءِ چندو ڪٺو ڪري جي ايم سيد انگريزن لاءِ موت جو سامان ٺاهي رهيو هو۔ ڇو ته ان ڪانفرنس ۾ پير جهنڊي وارو به شريڪ هو ۽ خلافت تحريڪ لاءِ سن ۾ ٿيندڙ چندو پير جهنڊي واري جي معرفت مولانا عبيد الله سنڌيءَ وٽ پهچي رهيو هو ۽ مولانا سنڌي ان رقم مان انگريز جي موت لاءِ اسلحو ۽ بارود خريد ڪري رهيو هو۔ جرمنيءَ کي شڪست ضرور ٿي هئي پر مولانا سنڌيءَ جي جلا وطن حڪومت آڃا قائم هئي۔ جنگ کٽڻ جي باوجود انگريز تان خطرو ڪونه ٽريو هو۔ انڪري اهو فيصلو ڪيو ويو ته جي ايم سيد کي ڪهن به حالت ۾ روڪيو وڃي۔ ياد رهي ته جي ايم سيد جو والد ان جي ننڍپڻ ۾ ئي قتل ٿي چڪو هو۔ جي ايم سيد جي والد جي وفات کان پوءِ هن جي خانداني ملڪيت سرڪاري سنڀال ۾ هلي وئي هئي۔ انگريزن ان ملڪيت جي سنڀال لاءِ هڪ وارڊن مقرر ڪيو هو۔ وارڊن هر مهيني خرچ لاءِ هڪ مخصوص رقم جي ايم سيد جي گهر ڏيندو هو, جنهن کي وظيفو چوندا هيا ۽ انگريزن اهو وظيفو بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو۔ پر وظيفو بند ڪرڻ کان اڳ جي ايم سيد کي گهرائي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي۔ فيصلو ٿيو ته جي ايم سيد کي ڪمشنر گهرائيندو ياد رهي ته ان وقت پوري سنڌ تي هڪ ڪمشنر مقرر هو جنهن کي گورنر جيترا پاور هيا۔ ڪمشنر طرفان جي ايم سيد کي پاڻ گهرائڻ جو فيصلو ظاهر پيو ڪري ته معاملو ڪيترو اهم هو جنهن کي ڪليڪٽر يا ڊپٽي ڪليڪٽر جي حوالي نه پيو ڪري سگهجي۔ ٻين لفظن ۾ جي ايم سيد انگريزن لاءِ انتهائي خطرناڪ بڻجي چڪو هو۔ آخر ڪار ڪمشنر پاڻ حيدر آباد آيو ۽ جي ايم سيد کي طلب ڪيو ويو۔ ڪمشنر جي ايم سيد کي چيو ته هو خلافت تحريڪ ڇڏي ڏي۔ پر جي ايم سيد هن کي منهن تي کتو جواب ڏيندي چيو ته مان خلافت تحريڪ نه ڇڏيندم۔ ان کان پوءِ ڪمشنر جي ايم سيد کي سمجهائيندي چيو ته تون اڃا صغير آهين، اسان جي سنڀال ۾ آهين۔ مان چاهيان ته تعليم لاءِ توکي بمبئي موڪلي سگهان ٿو۔ جي ايم سيد جواب ۾ چيو توهان کي جيڪو وڻي سو ڪيو پر مان خلافت تحريڪ کان علحده ڪو نه ٿيندم۔ ان کان پوءِ ڪمشنر غصي ۾ اچي چيو ته جيڪڏهن تون نه مڙندي ته اسان توکي بمبئي جي ڪنهن هاسٽل ۾ موڪلي ڇڏينداسي۔ انڱريز ڪمشنر جي ايم سيد کي بمبئي موڪلڻ جي ڌمڪي ته ڏني پر بمبئي موڪلي نه سگهيو۔ ڇو ته جي ايم سيد کي جي بمبئي موڪليو وڃي ها ته گهر جون عورتون احتجاج ڪن ها۔ جيڪڏهن سيد زاديون احتجاج ڪن ها ته مريد مڇرجي پون ها۔ ڪاڇي ۾ جي ايم سيد جا هزارين مريد هيا جيڪڏهن اهي بغاوت تي لهي اچن ها ته انگريز هڪ نئين ڏچي ۾ اچي وڃي ها۔ انڪري انگريز پنهنجي ڌمڪيءَ تي عمل نه ڪيو۔ انگريز سرڪار جي ايم سيد کي بمبئي ته نه موڪليو پر هن جو وظيفو بند ڪري ڇڏيو۔ ان فيصلي کان پوءِ وارڊن جيڪا رقم گهر جي خرچ لاءِ ڏيندو هو اها بند ڪئي وئي۔ حڪومت جا جڏهن سڀ حربا ناڪام ويندا آهن ته پوءِ اها اقتصادي ناڪه بندي تي لهي ايندي آهي۔ انگريزن به جي ايم سيد جي اقتصادي ناڪه بندي ڪئي هئي۔ جيئن مجبور ٿي جي ايم سيد سياست ڇڏي ڏي۔ پر جي ايم سيد نه سياست ڇڏي نه خلافت تحريڪ ڇڏي۔ جي ايم سيد جا مريد ايترا هيا جو گهر جو خرچ مريد به هلائي سگهن پيا۔ انڪري جي ايم سيد کي ان جي پرواه نه هئي ته انگريز وظيفو بند ٿو ڪري يا جاري ٿو ڪري۔ انگريزن جڏهن ڏٺو ته انهن جو اهو حربو ناڪام ٿو وڃي ته هنن پنهنجي چال تبديل ڪئي۔ فيصلو اهو ٿيو ته جي ايم سيد کي ان جي ملڪيت واپس ڪئي وڃي۔ اها ملڪيت نه هئي پوري جاگير هئي۔ حيدر شاه سنائي جي ڏاڏي سيد بدر الدين شاه کي ڄام نظام الدين لڪيءَ کان وٺي ڪوٽڙيءَ تائين درياه جي ٻنهي پاسن جي زمين جاگير طور ڏني هئي ۽ درياه جي انهن ٻنهي پاسن ۾ ڪيترا شهر ۽ ڪيترا ڳوٺ اچي وڃن پيا۔ ان جاگير جو پورو اڌ جي ايم سيد جي حصي ۾ آيل هو۔ جوانيءَ جي ڪچي عمر ۾ جڏهن ايڏي وڏي جاگير ملي وڃي ته چڱن ڀلن جو زهد ٽٽي پوندو آهي ۽ طبعيت عياشيءَ ڏانهن مائل ٿي ويندي آهي۔ عمر جي ان حصي ۾ عورت ۽ شراب لاءِ ڪشش پئدا ٿيندي آهي۔ خاص طور ان وقت جڏهن روڪڻ ٽوڪڻ وارو ڪوئي به نه هجي۔ انگريزن جو مقصد به اهو هيو ته جي ايم سيد کي جڏهن بي تحاشا دولت ملندي ته هو عورت ۽ شراب ڏي مائل ٿيندو۔ جڏهن عورت ۽ شراب ڏي مائل ٿيندو ته انقلابي گڻ وڃائي ويهندو۔ يقيناً انگريز ڪجهه اهڙا ماڻهون به جي ايم سيد پويان ڇڏيا هوندا جيڪي هن کي عياشيءَ ڏي مائل ڪن۔ پر آفرين آهن خاندان جي انهن عورتن کي جن جي ايم سيد جي پرورش ڪئي۔ جي ايم سيد جي پرورش ان جي پڦيءَ، ڏاڏيءَ ۽ ماءُ ڪئي هئي ۽ اهي ٽئي عورتون قابل تحسين آهن جن جي ايم سيد کي هڪ اهڙو باڪردار انسان بڻايو جنهن انڱريز جي عزائم کي شڪست ڏئي ڇڏي ۽ بي تحاشا دولت ملڻ جي باوجود به عياشيءَ ڏي مائل نه ٿيو۔ جي ايم سيد ۱۹۲۴ تائين خلافت تحريڪ سان وابسته رهيو۔ ۱۹۲۴ ۾ ترڪ اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال اتا ترڪ پاڻ ئي ترڪ خلافت ختم ڪري ڇڏي اهڙي ريت خلافت تحريڪ به ختم ٿي وئي۔ جي ايم سيد هڪ طويل عرصو خلافت تحريڪ ۾ مذهبي عالمن سان گڏ رهيو پر مذهبي انتها پسنديءَ هن کي ڇهي به نه گذري۔ سن ۱۹۲۱ ۾ جڏهن مهاتما گانڌي سنڌ جو دورو ڪيو هو ته جي ايم سيد مهاتما گانڌيءَ سان ملڻ لاءِ دادو ريلوي اسٽيشن تي ويو هو۔ جتي هن جي ريل ۾ مهاتما گانڌيءَ سان ملاقات ٿي هئي۔ مهاتما گانڌيءَ جي ايم سيد کي تلقين ڪئي هئي ته هو کاڌيءَ جا ڪپڙا پائي ۽ جي ايم سيد خلافت تحريڪ ۾ هوندي به کاڌيءَ جا ڪپڙا پائڻ شروع ڪيا هيا۔ ان مان ظاهر ٿو ٿئي ته مذهب کان بالا تر جي ايم سيد صرف انقلاب ۽ انقلابي ڪردارن جو عاشق هو۔ اهو انقلابي ڪردار مولانا عبيد الله سنڌي جو هجي يا مهاتما گانڌي جو هجي۔ سائين جي ايم سيد سياست، قيد بنر ۽ نظربندي پاويل جوڻيجو ننڍي کنڊ جي سياست، سماج ۾ جن ماڻهن فڪري تبديلي آندي، انهن ٿورن نالن جي فهرست ۾ سائين جي ايم سيد جو نالو شامل آ هي. سندس فڪر مڃندڙ رهبر سنڌ سڏين ٿا. هتي پاڻ سائين جي ايم سيد جي سياست ۽ ان سياست جي ڪري قيد و بند ۽ نظربندي جو جائزو وٺون ٿا. سائين جي ايم سيد جي سياست: سائين جي ايم سيد سياست جي شروعات ته پاڪستان ٺھڻ کان اڳ ڪري چڪو هو پر تحريڪ پاڪستان ۾ قائداعظم محمد علي جناح سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي سرگرمي ڪئي، ملڪ ٺهڻ کانپوءِ قومپرست سياست جي شروعات ڪيائين. اهو قصو هيئن آھي ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ۱۹۴۸ع ۾ ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪري مرڪز حوالي ڪرڻ جي سازش ٿي، ان وقت ايوب کهڙو سنڌ جو وزيراعليٰ ۽ مسلم ليگ جو صدر هو، جنهن ڪراچي کي مرڪز جي حوالي ڪرڻ کان انڪار ڪيو، ان تي سر غلام حسين مرڪزي سرڪار جي حڪم تي ايوب کهڙي کي هٽائي پير الاهي بخش کي وزيراعليٰ مقرر ڪيو. سائين جي ايم سيد ڪراچي کي مرڪز حوالي ڪرڻ خلاف سخت آواز اٿاريو تـه کيس سن ۾ ٽن مهينن لاءِ نظربـند ڪيو ويو. ۱۹۴۸ع ڌاري سائين جي ايم سيد ترقي پسند سياستدانن سان گڏجي “پاڪستان نيشنل پارٽي” ٺاهي، جنهن جو صدر خان عبدالغفار خان کي چونڊيو ويو. ان دوران ۱۹۵۲ع ۾ ويانا ڪانفرنس ۾ جـي ايم سيد پاڪستان ۽ خطي جي امڪاني حالتن جو درست اندازو لڳائيندي مذهبي ڪٽرپڻي جي زور وٺڻ جو خدشو ڏيکاريو هو، اڄ ۲۱ هين صدي ۾ اهو سچ ثابت ٿي چڪو آهي. ۱۹۵۳ع ۾ سنڌ اسيمبلي جون نيون چونڊون ٿيون، جن ۾ سائين جي ايم سيد ستن ميمبرن سان چونڊ کٽي آيو ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ جي حيثيت ۾ ڪراچي سنڌ کي واپس ڪرائڻ ۽ سنڌ جي حقن جي گهر لاءِ يڪراءِ ٺهراءُ پاس ڪرايائين. ان کان ڊڄي، گورنر جنرل چوڌري غلام محمد ون يونٽ ٺاهڻ جي سازش رٿي، پر وزيراعليٰ سنڌ عبدالستارپيرزادي ۽ ٻين ميمبرن ون يونٽ جي حمايت کان انڪار ڪيو، جنهن تي هن آئين ساز اسيمبلي ختم ڪري، ايوب کهڙو کي سنڌ جو وزيراعليٰ مقرر ڪرايو، جنهن پوليس جي مدد سان، ناجائز طريقن سان ميمبرن کي ڊيڄاري، سنڌ اسيمبليءَ مان ون يونٽ جي حق ۾ ٺهراءُ پاس ڪرايو. ۴ ميمبرن پير الاهي بخش، شيخ خورشيد، عبدالحميد جتوئي ۽ غلام مصطفيٰ جتوئي مخالفت ڪئي. جي ايم سيد، قاضي فيض محمد ۽ حيدربخش جتوئي ۽ ٻيا قومي اڳواڻ جيل موڪليا ويا. هن ڀيري جي ايم سيد ۶ مهينا جيل ۾ رهيو. آگسٽ ۱۹۵۵ع ۾ سائين جي ايم سيد خان عبدالغفار خان جي صدارت ۾ هڪ گڏجاڻي ڪوٺائي “اينٽي ون يونٽ فرنٽ” ٺهرايو، بعد ۾ پاڪستان جي قومپرست پارٽين سان گڏجي لاهور ۾ “نيشنل پاڪستان پارٽي“ ٺهرائي. سائين جي ايم سيد اولهه پاڪستان اسيمبلي ۾ ستن ميمبرن هوندي حڪمت عمليءَ سان ريپبلڪن پارٽي ۽ مسلم ليگ سان ٺاهه ڪري اڪثريت سان ون يونٽ مخالف ٺهراءُ پاس ڪرايو، جنهن جي صرف ۴ ميمبرن مخالفت ڪئي. ان کان پوءِ مولانا ڀاشانيءَ سان اتحاد ڪري سائين نيشنل عوامي پارٽي ٺهرائي، اڳتي هلي حڪمران ريپبلڪن پارٽي، ون يونٽ کي آئيني طرح ٽوڙائڻ ۽ اولهه پاڪستان جي قومن/ صوبن کي خودمختياري ڏيڻ واري واعدي تان ڦري وئي. جنهن کانپوءِ سائين جي ايم سيد سنڌ ۾ سڀني سياسي گروهن (ون يونٽ ٺهرائيندڙ ايوب کهڙي ۽ پير علي محمد راشدي سميت) متحد ڪري اينٽي ون يونٽ ٺهرايو. ون يونٽ خلاف سرگرميون ڏسي، حڪمرانن ۸ آڪٽوبر ۱۹۵۸ع تي ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪري اسيمبليون ختم ڪري ڇڏيون. جي ايم سيد ۽ نيشنل عوامي پارٽي جي ليڊرن کي جيل ۾ اماڻيو ويو. سائين جي ايم سيد ۱۹۶۰ع تائين جيل ۾ رهيو. ان کان پوءِ صحت جي خرابي جي ڪري کيس مارچ ۱۹۶۶ع تائين سن ۾ نظربند رکيو ويو. ان نظربنديءَ جو فائدو وٺندي، سائين جي ايم سيد مطالعو جاري رکيو ۽ ڪيترا ئي ڪتاب لکيا. آزاد ٿيڻ بعد سائين جي ايم سيد جون ۱۹۶۶ع ۾ صحت جي خرابي ۽ ٻين سببن ڪري سياست کان ڪناره ڪشيءَ جو اعلان ڪندي “بزم صوفياءِ سنڌ” جو بنياد وجهي، قومپرست ۽ ترقي پسند اديبن ۽ سياسي ڪارڪنن کي ساڻ کڻي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪانفرنسون ڪوٺايون، قومي سجاڳي ۽ جديد قوم جي تصور ۽ مذهب کي سياست کان ڌار ڪرڻ بابت صوفي بزرگن جي درگاهن تي خطبا ڏنائين، جنهن فڪري نقطه نگاهه اهو هو ته “سنڌي هڪ قوم آهي ۽ سرزمين سنڌ وٽ اتحاد انساني، امن عالم ۽ ترقي بني آدم لاءِ خاص پيغام آهي.“ ۴ مارچ ۱۹۶۷ع جي قومي واقعي کانپوءِ سنڌ ۾ سائين جي ايم سيد جي تحريڪ کي خطرناڪ سمجهي، ايوبي آمريت، کيس جولاءِ ۱۹۶۷ع کان ۱۹۶۸ع جي آخر تائين نظربند ڪيو. ان نظربندي کي جي ايم سيد ڪورٽ ۾ چئلينج ڪندي بيان ڏنو ته هو عملي سياست کان الڳ آهي، پر کيس ون يونٽ جي مخالفت سبب نظربند ڪيو ويو آهي. پهرين مارچ ۱۹۶۹ع تي سائين جي ايم سيد کي آزاد ڪيو ويو. ۹ مارچ ۱۹۶۹ع تي هڪ نئين سياسي جماعت “سنڌ متحده محاذ” قائم ڪيائين. ۱۰ آگسٽ ۱۹۶۹ع تي بنگال جي قومي اڳواڻ شيخ مجيب الرحمان کي ڪراچي گهرائي آجياڻو ڏنائين. ٻئي طرف ذوالفقار علي ڀٽي جي عوامي تحريڪ ۽ جي ايم سيد جي قومي تحريڪ آڏو فيلڊ مارشل ايوب خان گوڏا کوڙيا ۽ ملڪ جون واڳون جنرل يحيٰ خان حوالي ڪري اقتدار کان ڌار ٿي ويو ۽ يحيٰ خان پهرين جولاءِ ۱۹۷۰ع تي ون جو خاتمو آڻي ملڪ ۾ چونڊن جون اعلان ڪيو. شيخ مجيب الرحمان ۶ نقاطي پروگرام هيٺ اوڀر پاڪستان ۾ چونڊن ۾ حصو ورتو، سنڌ ۾ صرف سائين جي ايم سيد، قاضي فيض محمد ۽ شيخ اياز سندس پروگرام جي حمايت ڪئي. شيخ مجيب الرحمان کي اڪثريت جي باوجود اقتدار نه مليو. ۱۶ ڊسمبر ۱۹۷۱ع تي اوڀر پاڪستان، وڏي خون خرابي کان پوءِ بنگلاديش بڻجي ويو. ان دوران ۱۸ مئي ۱۹۷۱ع کان ۳۱ ڊسمبر ۱۹۷۱ع تائين جي ايم سيد کي پنهنجي گهر ۾ نظربند رکيو ويو. اهڙين حالتن کانپوءِ سائين جي ايم سيد جي سياست ۾ تبديلي آئي ۽ هن سنڌ جي آجپي جو نعرو هڻندي “جيئي سنڌ محاذ” جو بنياد وڌو. سائين جي ايم سيد فنا في السنڌ انعام ڀٽي سنڌ جي يگاني شخص، تقرير جي قلندر چاچي حفيظ قريشي چيو هو، “مان عاقل بالغ ٿي ويو هيس، پڙهيل ڳڙهيل به هيس پر مونکي اها خبر ڪونه هئي ته اسان سنڌي هڪ قوم آهيون! انهيءَ جي خبر تڏهن پئي جڏهن آئون سائين جي ايم سيد سان مليس.” منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن اها سوچ سائين جي ايم سيد سنڌ جي ماڻهن کي نه ڏئي ها ته شايد اها خبر سنڌ جي اڪثريت کي نه پوي ها ۽ نه ئي اهي ڪو انهي سوچ سان سلهاڙجي هڪ مالها ۾ پوئجي سگهن ها ته سنڌي هڪ قوم آهن، انهن کي پنهنجي تاريخ، جاگرافي، تهذيب، ٻولي ۽ صدين کان الڳ قومي سڃاڻپ رهي آهي. انهي جو هڪ ثبوت اهو آهي ته اڄ تائين سنڌ جا اڪثر ماڻهو پنهنجي ذات يا قبيلي کي ئي قوم سمجهندا ۽ سڏائيندا رهيا آهن. هنن لاءِ سندن خاندان جي سڃاڻپ ئي قوم جي حيثيت رکي ٿي. هنن دنيا جي تاريخ يا سماجي اڀياس ڪونه پڙهيو آهي جو کين سڌ هجي ته قوم ڇا ٿيندي آهي؟ مٿان وري جيڪي پڙهيل لکيل استاد، جن اسڪولن جو نصاب پڙهائڻ شروع ڪيو انهن کي ته اهو ئي پڙهائڻو هو جيڪو درسي ڪتابن ۾ لکيل هيو. ورهاڱي کان پهرين واري دور ۾ اکنڊ ڀارت جي هڪ قومي سوچ جو غلبو وري پاڪستان ٺهڻ بعد هڪ نئين مسلماني سوچ جي ڇاپ، سنڌ جي تاريخي، قومي تشخص ۽آزاد وجود واري تاريخ جي ورقن کي ميسارڻ شروع ڪيو ۽ ماڻهن جي ذهنن ۾ اهو ڀرڻ شروع ڪيو ويو ته ٻه قومي نظرئي تحت پاڪستان اسلام جي نالي تي ٺهيو آهي، انهي ڪري ان ۾ رهندڙ مسلمان سڀ ڀائر آهن ۽ اهي هڪ مسلمان قوم آهن. ڀلو ٿئي سن جي مٽي جي سرمدي کي زندهه رکندڙ، حيدر شاھ سنائي جي تسلسل جي وارث، سيد غلام مرتضيٰ شاھ، عرف عام سائين جي ايم سيد کي جنهن سنڌ جي ڌرتي سان پنهنجو نمڪ ملهائيندي ۽ پنهنجي وڏڙن جي روايتن کي زندھ رکندي، اهو ڄاڻي ورتو ته سنڌي هڪ قوم آهن، سنڌ سندن تاريخي وطن آهي ۽ انهي ۾ آزاد رهڻ انهن جو فطري حق آهي. ها سائين جي ايم سيد سنڌ جي مٽي سان قومي حق ۽ محبت ملهائيندڙ شاهه لطيف کان پوءِ پهريون فرد آهي جنهن سنڌ جي ماڻهن کي اهو شعور ڏنو ته سندن ڌرتي ماءُ جو هنن مٿان هڪ قرض آهي جيڪو انهن کي هڪ نه هڪ ڏينهن لاهڻو پوندو. شاهه لطيف شاعري جي صورت ۾ سنڌ جي ماڻهن کي هڪ قومي رومانويت ڏئي ويو، پر انهي کي فڪري بنياد ۽ سياسي، سماجي طور سڃاڻپ، نثر جي صورت ۾ سائين جي ايم سيد ڏئي ويو. لطيف سائين چئي ويو هو؛ “سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسي وسري، حيف تنهين کي هوءِ، وطن جن وساريو.” انهي لطيف جي سٽن کي سائين جي ايم سيد پنهنجي زندگي جو سبق سمجهي ورتو. پاڻ لطيف جي قومي رومانويت کي عملي طرح ثابت ڪري ڏيکاريائين ۽ تهان پوءِ زندگي جي هر حال ۾ جيها ڪي تيها مارو قبول ڪري انهن جي خوشحالي لاءِ پتوڙيندو رهيو. سائين جي ايم سيد کي هر دور ۾ وقت جي حاڪم ته تڪليفون پهچايون پر انهن به ساڻس گهٽ نه ڪئي جن جي قومي آزادي، خوشحالي ۽ قومي سڃاڻپ جي بحالي لاءِ هن پنهنجي زندگي وقف ڪئي. هر دور ۾ مٿس تهمتن جا تير وسايا ويا ۽ الزامن جا انبار مڙهيا ويا، پر پاڻ ڪڏهن انهي تي ارها ٿي ڪا بددعا به کين ڪونه ڏنائون. سيد جي محبت ۽ نفرت جو محور سنڌ هئي، پر جن به مٿس سنگباري ڪئي انهن اهو ڪڏهن ڪونه ڏٺو ۽ پرکيو ته هن سنڌ جي عشق ۾ جو به ڪيو جي اهو تاريخ جي وهڪري ۾ غلط به ٿي ويو ته انهي جو دليري سان ۽ ايمانداري سان هن اعتراف ڪيو ۽ انهي جي ازالي لاءِ پنهنجي سموري حياتي قيد و بند ۾ انهي تي پشيمان به رهيو. وري به چاچي حفيظ قريشي جا لفظ ٿا ياد اچن، هو چوندو هو، “سائين جي ايم سيد فنا في السنڌ آهي.” بلڪل ايئن هيو به، سيد پنهنجي ذات، پنهنجي هر خواهش کي سنڌ تان قربان ڪري ڇڏيو. هن اهو سمجهي ورتو هو ته تاريخ ۾ سندس مقام ڇا هوندو، هن کي زماني جي فڪر ڪڏهن پريشان ڪونه ڪيو، هن کي پريشان ڪيو ته انهي سوچ، انهي ميار جيڪا لطيف وطن وسارڻ تي حيف ڏيڻ جي صورت ۾ ڏئي ويو. هن کي اهو فڪر ڪڏهن ڪونه ٿيو ته هو ڪنهن جي لاءِ پيو ڪري، انهن لاءِ جيڪي مٿس تهمتون، الزام ۽ فتوائون ڏئي رهيا آهن؟ پر هن کي فڪر اهو هو ته جيها ڪي تيها مارو قبول ڪرڻا آهن. هو کيس ڪونه ٿا سڃاڻن، هنن جو عشق ساڻس ڀلي نه هجي، پر هن انهن سان الست به ربڪم وقت جيڪو وچن ڪيو هو سو پاڙڻ لاءِ پابند آهي. سائين جي ايم سيد پنهنجي ذات کان ۽ ذاتي خواهشن کان گهڻو بالاتر ٿي ڪري زندگي جو سفر ڪيو. جيڪي اياڻا عقل جا انڌا ۽ دشمنن جي ڪئمپ جي پروپئگنڊا جا گرويده آهن، انهن لاءِ هڪ واقعو سائين جي زندگي جو بيان ڪريان ٿو اهو ئي انهن جي شرمندگي لاءِ ڪافي هوندو جي کين سمجهه هوندي ته. “ڪنهن زماني ۾ دادو لوڪل بورڊ ۾ سائين جي ايم سيد نائب صدر منتخب ٿي آيو. صدر انهي وقت جيڪو به هئو انهي خلاف سائين جي ايم سيد ڪا ايجنڊا پيش ڪئي جنهن تي ان وقت جي سرڪار مٿس سخت ڏمرجي پئي. مٿس زور وڌائون ته اها ايجنڊا واپس وٺو، سائين جي مٿان اخلاقي دٻاءُ اهو به هو ته انهي ايجنڊا جي نتيجي ۾ صدر هٽايو ويو ته نائب صدر قائم مقام صدر ٿي ويندو، ڪٿي اهو نه سمجهيو وڃي ته سائين جي ايم سيد اها ايجنڊا ئي انهي ڪري پيش ڪري رهيو آهي جو کيس صدر ٿيڻ جو شوق آهي، انهي ڪري پاڻ نائب صدر تان استعيفيٰ ڏنائون ۽ ڪنهن ٻئي کي پنهنجي جاءِ تي نائب صدر چونڊرايائون. سرڪار سندس سن جي گهر کي آني بهاني ڍل جو يا ڪو ٻيو سبب ڄاڻائي ڪري سيل ڪيو، انهيءَ هوندي به پاڻ پٺتي ڪونه هٽيو ۽ انهي ايجنڊا جي نتيجي ۾ اهو لوڪل بورڊ دادو جو صدر هٽي ويو.” هي واقعو ۱۹۳۵ع يا ۱۹۳۶ع جو آهي جڏهن سندن عمر اڃا ۳۱ يا ۳۲ سال مس هوندي، انهيءَ دور ۾ به سائين جي ايم سيد جي نظر تاريخ جي ايندڙ ورقن تي هئي. کيس خبر هئي ته ڪٿي تاريخدان کيس خودغرض ۽ ذاتي عهدي جي خواهشن جو خادم ڪري نه پيش ڪن. جنهن شخص کي تاريخ جي ورقن جو فڪر هوندو آهي، اهي تاريخ ساز هوندا آهن. اهي زماني سان ناهن هلندا پر زمانا صدين تائين انهن سان، انهن جي نالي سان، انهن جي اصولن سان ۽ انهن جي ٺاهيل قدرن سان هلندا آهن. اڄ به ڪي نادان جڏهن سائين جي ايم سيد جي ماضي جي ڪيل ڪمن تي حال ۾ پنهنجي ڪوتاھ نظري سان اظهار ڪن ٿا ته انهن کان مستقبل وسريل هجي ٿو. هنن جي نظر ۽ سوچ ايتري ته تنگ هجي ٿي جو کين اهو نظر ئي ڪونه ٿو اچي ته جنهن شخص تي هو آڱر کڻي رهيا آهن اهو تاريخ جو اهڙو سچ آهي جنهن کي وقت جو ڪو به واءُ زنگ آلود نه ڪري سگهيو. هن جيڪي به ڪيو جيئن به ڪيو اهو انهن حالتن جي پيش نظر سنڌ ۽ سنڌي مارن جي محبت ۾ ڪيو. هن کي يقين هو ته سندس من ۾ محبت پائي روڙيل رنڊا هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور اگهامجندا ۽ هو جنهن حضور ۾ حاضر ٿيڻ لاءِ اهو ڪجهه ڪري ويو آهي هڪ ڏينهن کيس اهو معراج ضرور ملندو. بس رڳو اهو ارمان ضرور رهندو ته وقت جي ماڻهن کيس ڪونه سڃاتو ڇاڪاڻ ته اهي وقت جي نزاڪتن جا غلام هيا، هنن اهو ڪونه ڄاتو ته سندن ناتو ڪنهن ساڻ هجڻ گهرجي. جي تو اڃان نه ڄاتو آ، ڪير ديس واسي، تنهنجو جنم اجايو، تنهنجي مٽي اڻاسي. سائين جي ايم سيد سنڌ جو سڃاڻپ ڪارڊ زبير سومرو سنڌوءَ ڪناري سَن شهر ۾ کليل ڪتاب جي شبيهه واري سنگ مرمري مرقد ۾ هڪڙو باغي صوفي ستو پيو آهي. هُو ازل جا ٿڪ کڻي ابدي ننڊ ۾ آهي. هُن جو روح مارئي بڻجي پنهنجن مارُن لاءِ اڄ به تڙپ ۾ آهي. اهو باغي صوفي، جنهن جي جنازي ۾ قرآن پاڪ، ڀڳوت گيتا، رامائڻ، انجيل شريف، توريت شريف ۽ گرنٿ صاحب جهڙن ڪتابن جو ورد ٿيو هو، نئين صديءَ جي سنڌ جي سڃاڻپ ۽ سنڌ سان غير مشروط عشق جي علامت بڻجي چڪو آهي. هي سنڌ جو اهو دانشور سياستدان آهي، جنهن پنهنجي تحرين ۽ تقريرن ۾ ڪيئي ڏهاڪا اڳ، ننڍي کنڊ ۾ مذهبي انتها پسندي جي پيشن گوئي ڪندي خطي کي خبردار ڪيو هو. سنڌ جو هي واحد جهونڙو هو، جنهن جا عاشق سڀ جوان هيا. هُو “سچل عشق ٻڍا نه ٿيوي، توڙي چِٽي ٿيوي ڏاڙهي” جي جيئري جاڳندي تصوير هو. آفريڪي ڪارن کان ڪو پڇي ته اوهان جو ڌڻي سائين ڪير آهي ته جواب ۾ “نيلسن منڊيلا” کان سواءِ ٻيو ڪو به نالو نه کڻندا. هندستان جو باپو “گانڌي جي” ئي ٿي سگهي ٿو. جديد ملائيشيا جو اڏيندڙ “مهاتير محمد” کان سواءِ ڀلا ٻيو ڪير هوندو. نئين چين جي اڏاوت “مائوزي تنگ” ئي ڪري سگهي ٿو. آمريڪا کي عظيم بڻائيندڙ “جارج واشنگٽن” کان سواءِ ٻيو ڪير ٿي سگهي ٿو. اهڙي طرح جديد سنڌ جو روح روان جي ايم سيّد ئي ٿي سگهي ٿو. پنجاب به ڏيڍ ٻن صدين کان پوءِ راجا رنجيت سنگهه کي پنهنجو قومي هيرو مڃڻ لاءِ تيار ٿي بادشاهي مسجد ۾ سندس مجسمي جو افتتاح ڪيو. رنجيت سنگهه بابت اڄ سوا صديءَ کان پوءِ پنجابي قوم کي نيٺ احساس ٿيو آهي ته انهن جو قومي هيرو محمود غزنوي، احمد شاهه ابدالي يا قطب الدين ايبڪ نه بلڪه رنجيت سنگهه آهي. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ کان ٻاهر ٻين صوبن ۾ به اهو بحث ٻيهر ڇڙي پيو آهي ته جي ايم سيّد جو پنهنجي قوم آڏو راجا ڏاهر کي سنڌ جو هيرو ڪري پيش ڪرڻ غلط نه هو. سائين جي ايم سيّد جڏهن پهريون ڀيرو راجا ڏاهر کي سنڌ جو قومي هيرو لکيو ته مذهبي ڌرين ۾ ممڻ مچي ويو. سائينءَ دليل ڏنو ته راءِ سهاسي گھراڻي جو ولي عهد راجا ڏاهر، جيڪو پنهنجي وطن جي دنگن ۽ ننگن جي حفاظت ڪندي حمله آورن هٿان مارجي ويو. ڏاهر ان دؤر جي آزاد رياست جو اُهو هيڊ آف اسٽيٽ هيو، جنهن پنهنجي سنڌ جي سموري معلوم تاريخ جي سنڌي بادشاهن جي امن کي قائم رکڻ واري اصولي پرمپرا جي پاسداري ڪندي، ڪڏهن به ڪنهن ٻئي ملڪ ۽ قوم تي ڪاهه نه ڪئي. سنڌ ۾ وسيع پيماني تي انهي معاملي تي اتفاق راءِ هجڻ باوجود به سنڌ حڪومت سياسي مصلحتن تحت ان جو اظهار ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي. هميشه پنهنجي مٿان ٿيندڙ حملن جي بچاءَ ۾ وڙهيو. سائين جي ايم سيّد کان اڳ سنڌين کي پنهنجن قومي هيرن جي تميز ڪٿي هئي؟ سائين جي ايم سيّد سنڌ جي تاريخ جي اها غير معمولي شخصيت آهي، جنهن سنڌ واسين کي جديد سنڌ جو بنياد وجهي ڏنو. انهيءَ غير معمولي بنياد تي عمارت جُڙڻ جا مرحلا اڃا گھڻو پري آهن، پر جديد سنڌ جو تصور ايڏو ته مضبوط، منظم، مهذب ۽ ايڏو ته حسين آهي، جو ان جو خيال اچڻ سان ئي دل ۾ هڪ خوبصورت احساس ٿو اڀري ته اُهي سنڌ ديس جا الائي ڪهڙا باشندا هوندا جيڪا سيّد واري گھڙيل آجي ۽ سُکي ستابي سنڌ جا شهري هوندا. سائين جي ايم سيّد جي آفاقي نظرئي کي ڪا به طاقت، ڪنهن به دؤر ۾ روڪي نه سگهي. هر دؤر جي حڪمران پنهنجي پنهنجي وسَ، وِتُ ۽ ظرف آهر، ڀرپور ڪوشش ڪئي ته ڪنهن به ريت سيّد جي فڪر کي ميسارجي، پر ڪوبه حاڪم ڪامياب ٿي نه سگهيو. سيّد جي سياسي ساٿيءَ جناح صاحب، سيّد کي قيد رکي ڪراچيءَ کي اسلام آباد جي حوالي ڪيو. هندستان جي ڪرنال شهر کان هجرت ڪري آيل پاڻ کي نواب سڏائيندڙ لياقت عليءَ، سيّد کي قيد ڪري يُو پي سي پي جي پناهگيرن کي سنڌ ۾ آباد ڪيو. شهيد الله بخش سومري جي قتل الزام ۾ جيل ڪاٽيندڙ ايُوب کهڙي، سيّد کي قيد ڪري سنڌ ۾ پنجابي پٺاڻ آباد ڪرايا. آمريت جي آقا جنرل ايوب، سيّد کي قيد ڪري ون يونٽ جي قهر کي قائم رکيو. شيخ مجيب جهڙي عوامي ليڊر سان دوکو ڪندڙ جنرل يحييٰ، سيّد کي قيد ڪري مظلوم بنگالين سان ويساهه گھاتي ڪئي. آمريڪا ۽ پاڪستاني وفاق جي پرائي جنگ ۾ استعمال ٿيندڙ قائد عوام ذوالفقار ڀُٽي، سيّد کي قيد ڪري سنڌي اديبن ۽ قومي تحريڪ جي ڪارڪنن توڙي اڳواڻن تي قسم قسم جي ظلمن جا داستان رقم ڪيا. آمريت جي علامت بڻجي ويل جنرل ضياء، سيّد کي قيد ڪري قومي تحريڪ کي ڇيهو رسايو. اقتدارن جا مزا ماڻيندڙ شهيد راڻي بينظير ڀٽو، سيّد کي قيد ڪري، ٻاهرين ملڪ علاج ڪرائڻ جي بنيادي انساني حق جي اجازت نه ڏني ۽ کيس اسپتال ۾ دم ڏيڻ تي مجبور ڪيو. ڪوبه نه رهيو پر سيّد پنهنجي فڪر ۾ اڄ به زندهه جاويد آهي. خان غفار کان پوءِ، سائين جي ايم سيّد، سنڌ جو اهو “باغي” هو، جنهن کي ٽي ڏهاڪا قيد ۾ رکڻ جي باوجود عدالتن ۾ پيش ڪري مٿس ڪيس نه هلايو ويو. جنهن ڏينهن حاضري هوندي هئي، ان ڏينهن جج غائب ٿي ويندا هئا. سيّد پنهنجي عدالتي بيان “سنڌ ڳالهائي ٿي” ۾ پنهنجي مٿان لڳايل الزام جو اعترافِ جرم ڪيو. بينظير ڀٽو جي دؤر ۾ سيّد جي خلاف بغاوت جو ڪيس هلائيندڙ انسدادِ دهشتگردي جي جج، سائينءَ کي خاص طور تي ماڻهو موڪلي گذارش ڪئي ته هُو عدالت ۾ پيش نه ٿئي، ڇو ته اعترافِ جرم جي صورت ۾، جج لاءِ لازم آهي ته مجرم کي سزا ڏئي ۽ هُو (جج) ننڍي کنڊ جي ايڏي وڏي عظيم ليڊر کي سزا ڏيڻ جو گناهگار نه ٿو ٿيڻ چاهي. اندازو ڪيو ته ان مجرم جي تاريخي حيثيت ۽ فڪري هئيت ڇا هوندي، جنهن جي عدالت ۾ پهچندي، منصفن جا هٿ ڏڪڻ شروع ٿي وڃن ۽ فيصلو ڏيڻ کان قاصر ٿي پون ۽ مجرم کي عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ جا عرض ڪن. ذاتي زندگيءَ ۾ صوم صلوات جو پابند، تهجد گذار سيّد جو فڪري پاسو نج سيڪيولر هو. “جيئن ڏٺو آهي مون” ۽ “ديار دل داستانِ محبت” جهڙا فڪر انگيز ڪتاب لکي، هُن سچ پچ سنڌي قوم تي نه لهڻ جهڙو احسان ڪيو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪيترن ئي عطائي خانقاهن جي ڪٽڙو مسند نشينن، سيّد تي فتوائن جون هلائون ڪيون، پر سيّد جو مرتبو اڃان به بلند ٿيندو ويو. خبر ناهي ته ورَ ۾ خنجر لڪائي سيّد کي قتل ڪرڻ جي نيت سان سن آيل اُهو “گلستان خان” حال حيات آهي الائي نه، جنهن کي چيو ويو هو ته جي ايم سيّد واجب القتل آهي ۽ دين مان خارج آهي، پر هُن جڏهن سن ۾ سيّد کي تهجد ۽ اشراق جون نمازون پڙهندي ڏٺو ته هُن خنجر ميز تي رکيو ۽ قتل جي ارادي جو اعتراف ڪيو، پر سيّد کيس معاف ڪري ڇڏيو. اڄ سڄي ننڍي کنڊ ۾ بنياد پرستي ((Right Wing جو راڄ آهي، ايتري قدر جو گانڌيءَ جو اهنسا وارو سيڪيولر هندستان به ان باهه کان بچي نه سگهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ سنڌي ماڻهو اڄ به پنهنجي جوهر ۾ صوفي مزاج رکي ٿو، اڄ به سنڌي ماڻهو مذهبي هم آهنگي، ڀائيچاري، امن ۽ محبت تي يقين رکي ٿو، جنهن جو گھڻي قدر ڪريڊٽ سيّد ڏانهن ئي وڃي ٿو. پياري دوست آدرش چواڻي ته “جي ايم سيّد سنڌ جو سڃاڻپ ڪارڊ آهي.” جي ايم سيد ھڪڙو سيد آ جنھن جي پڄاڻي نه آ راشد شر حليم باغي ڪٿي لکيو آھي ته ”ھڪڙو سيد آ جنھن جي پڄاڻي نه آ“ بلڪل اھو سن جي عظيم سيد سائين جي ايم سيد لاءِ ئي حليم باغي لکيو آھي جنھن جي تاريخ علم ادب ۽ سياست جي ڪڏھن به ڪنھن به دور ۾ پڄاڻي ناھي ٿيڻي بلڪه سائين جي ايم سيد جھڙي عظيم عالم اديب ۽ سياستدان جي نرالي عظمت ھر دور ۾ رھڻي آھي. انساني تاريخ ان ڳالھ جي گواھ آھي ته جن امر انسانن جي ساڃاهه انساني سماج جي اجتماعي پيڙا جي شناس رکي ذاتي خواھشن کي ترڪ ڪري، پنهنجي سوچ سمجھ عقل ۽ ادراڪ کي عام لوڪ کان لطيف جي چواڻي، جيئن لهوارو ڪري ٿي: اَکِ اُلِـٽِي ڌارِ، وَنءُ اُلِٽو عامَ سين، جي لَهِوارو لوڪُ وَهي، تُون اُوچو وَھُ اوڀارِ، مَنجھان نُوچَ نِهارِ، پُرُ پُٺِيرو پِرِينءَ ڏي. اھا سوچ نه صرف پاڻ کي اُتم ڪري ٿي ڇڏي بلڪ اھو ڪردار پنھنجي ان فڪري سوچ آھر انساني تاريخ ۾ ھڪ اھڙو بحث ڇيڙي ٿو ڇڏي جيڪو سوچ فڪر سماج اندر رھڻ جي تميز جا طور طريقا سيکارڻ سان گڏ سماج اندر انسان شناسيءَ خلاف ٿيندڙ فيصلن ۽ قاعدن قانونن خلاف ھڪ جدوجهد جو آغاز ڪري، ھر ان ڪاري قانون خلاف آواز اٿاري ٿو جنھن سان ڌرتيءَ ڌڻين جي اهنجن ۾ اضافو ٿيندو ھجي. عظيم فلسفي گوتم ٻڌ پنھنجي چئن اتم بنيادي سچن ۾ جنھن ڳالھه کي بحث جي مرڪزي حيثيت ڏئي ٿو اھا به ساڳئي انساني زندگيءَ جي تميز ۽ زندگي ڇا آھي ان جا مقصد ڪھڙا آھن؟ ڏکن سکن جو سنگم، سبب نتيجا مسئلا ۽ حل جھڙن اھم پيچيده سوالن کي پنهنجي علمي بحث جو حصو بنائي انساني زندگيءَ کي غلاميءَ جي زنجيرن مان ڪڍي انسان شناسيءَ جي ڏاڍي خوبصورت تصوير چٽيندي انسان کي نه صرف پنهنجي ھڪ جملي ”سروم دکم دکم“ ۾ اسان جي صوفي ازم جيئن قيد ڪري بيھاريو بلڪه ھن اڳتي سمورن انساني اھنجن جي حل جي به وائکي فلسفياڻي سائنسي تشريح ڪري انسان جي ذھنن کي قيد مان جدوجهد ذريعي ڪڍڻ جي پرچار ڪئي. ھڪ اھڙي جدوجھد، ھڪ اھڙي چيٽ، ھڪ اھڙو علم ادب سياست جو ڏيئو سنڌي قوم جي خوداراديت ھزارين سالن جي آزاد رياست تھذيب ۽ تشخص جي آزاديءَ جو اعلان سائين جي ايم سيد به ڪيو جنھن کان پوءِ سندس اڳيان ٻه رستا اڀري آيا جن مان ھڪڙو رستو ھيو ته ھو پنھنجي ڌرتيءَ، ماڻھن جي جدوجھد سياست ۽ قلم جي جھاد تان ھٿ کڻي سماج کان لاتعلقي واري عياش زندگي گذاري ٻي صورت ۾ جيلن ويلن سورن سختين ۾ به وڙھندو رھي! سائين جي ايم سيد ان ٻن واٽن مان جيڪا واٽ طئه ڪئي اھا ھئي بغاوت ۽ جدوجھد واري جنھن سان ھن جي سامھون وقت جي حڪمرانن سختين جا انبار اُڀا ڪري کيس جيل موڪلڻ سان گڏ سندس قلم کي زنجيرن ۾ قيد ڪري، ڪيترن ئي ڪتابن تي پابنديون وجھي ڇڏيون پر تاريخ ۽ وقت جي انصاف سان اھي جابر حڪمران سيد جي آواز کي دٻائي ته نه سگھيا بلڪه دنيا ڏٺو ته ھن عظيم شخص جو آواز جدوجهد ۽ قلم ايترو ته طاقتور ٿي ويو جو سندس لکڻيون اڄ تائين دنيا جي وڏين وڏين يونيورسٽين ۾ نصاب طور پڙھايون پيون وڃن. سائين جي ايم سيد جي سياسي شخصيت سان گڏ سندس جيڪي ٻيو سگھارو پاسو آھي اھو آھي سندس ادبي شخصيت جو. ھن پنھنجي ادبي تخليقن ذريعي پوري سنڌي ادب سميت عالمي پاسن کان به پاڻ کي خوب مڃرايو. سائين جي ايم سيد جي سمورين لکڻين مان جيڪڏھن اسين صرف پغام لطيف ۽ جيئن ڏٺو آ مون تي ڳالھايون ته اسان کي سائين جي ايم سيد جا اھي ڪتاب ھڪ اھڙي تخليقي، ادب، سياست، مزاحمت جو مطالعو ڪرائن ٿا جن سان ڪيترن ئي رجعت پسند ڳالھين، مذھبي ڪٽر پڻي جي منھن تي چماٽ سان گڏوگڏ لطيفات کي درست معنيٰ ۾ قومي جدوجھد ۽ مزاحمت جي معنيٰ پڻ سمجهائيندي نظر اچن ٿا. سنڌي ادب ۾ جيڪڏھن لطيفات جي پاسي کان سائين جي ايم سيد کي ڏٺو وڃي ته پيغام لطيف سنڌي ادب جي تاريخ ۾ اھو پھريون ڪتاب آھي جنھن لطيف جي فڪر کي ڄڻ ته آسمان تان لاھي عقلي بنيادن تي زمين تي آڻي سامھون بيھاري رکيو ڇو ته اڳ ۾ لطيف کي صرف ھڪ پَڙن وارو ولي يا درويش سمجهو ويندو ھيو. سيد صاحب جي سمورن ڪتابن مان ٻي سندس جيڪا دلچسپ لکڻي آھي ته اھا آھي”جيئن ڏٺو آ مون“ ھي سيد جي ان دور ۾ ھڪ اھڙي جرئتمنداڻي تخليق ھئي جنھن سان سموري رجعت پسند ملائيت ڄڻ لرزي پئي ھئي ۽ اسان جي انهن اديبن تي به ھڪڙي تنقيد ھئي جيڪي ملائيت جي خوف کان پنهنجا علمي عقلي ادبي ۽ سائنسي بحث ڪمرن تائين محدود رکندا ھئا پر سائين جي ايم سيد ان دور ۾ اھڙو علمي ليک سامھون آڻي ڄڻ ھڪ انقلاب آڻي ڇڏيو جنھن کي سنڌ سميت دنيا جي ٻين ٻولين به سيني سان لائي ترجمو ڪري سيد جي ان لکڻي کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. سيد سنڌ ۽ سنڌي قوم جو ھڪ اھڙو عاشق ھيو جنھن جي ھر سوچ ويچار ۾ سنڌ وسندي ھئي ايتري قدر جو ھن جي ھر ڪتاب جي ھر موضوع ۾ ڪٿي نه ڪٿي سنڌ جي بقا بحاليءَ جو ذڪر ضرور ايندو ھيو. هُن پنھنجي فڪر سنڌ جي خوشحالي، خودمختياري، آزاديءَ ۾ ئي عالم انسانيت جو فڪر سمجهو ۽ ھن پنهنجي تحريرن ۽ تقريرن ۾ سنڌ جي تاريخ، تھذيب ۽ علم ادب کان ماڻھن کي واقف ڪيو. سيد پنهنجي سياست جو بنياد ئي سنڌ جي تعليم کي بنايو جو پاڻ پنهنجي سياسي تنظيم جو اعلان به شاگرد سياست کان شروع ڪيو ۽ سندس مقصد به اھو ھيو ته سنڌ جي بقا باهمي ۽ خوشحالي سنڌ جي پڙھيل لکيل نظرياتي نوجوانن جي شفاف سياست اخلاقيات مان ئي اڀرندي. پاڻ اھا ڳالهھ ورجائيندو رھندو ھئو ته اخلاقيات ئي ھڪ سٺي انقلابي ليڊر، ڪارڪن جو معراج آھي ڇو ته جنهن ماڻھوءَ ۾ شخصي اخلاق نه ھوندو ان مان سياسي اخلاق ۽ انقلاب جي توقع ڪرڻ اجائي آھي. اھو ھڪڙو فطري ۽ جدلياتي عمل آھي ته ھر شيءِ مستقل تبديليءَ مان گذري ٿي، ھر سادي ۽ پيچيده شيءِ ماضيءَ جي حيثيت ۾ اڳ کان وڌيڪ پيچده کان پيچيده ٿيڻي آھي. پر ڪو به امر ڪردار، امر نظريو، امر سوچ ڪنھن به دور ۾ مرڻي ناھي ڇو ته ھر دور جي ڏاھپ/ نظريو پنهنجي ھر ايندڙ ھمعصر دور جي واڌ ڪندو آھي. انڪري اسان جي قومپرست، سيڪيولر، سوشلسٽ دوستن کي به گھرجي ته سيد جھڙي عظيم درسگاھ مان تاريخ ۽ سياست جي اُڃ اجهائي سندس سياست ۽ ادب کي چاھ سان پڙھڻ سان گڏ سندس ڪيل تاريخ ساز پورهئي مان فائدو وٺي، زنجيرن ۾ قيد غلام ماڻھن جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪن. سائين جي ايم سيد بابت وڌيڪ ليک پڙھڻ لاءِ ھيٺ ڏنل لنڪ تي ڪلڪ ڪيو. سائين جي ايم سيد - ۲
ڪامريڊ تاج محمد ابڙو املهه انسان غلام محمد ڪنڀر سنڌ جو نامور اديب، دانشور، جج، سياستدان، سماج سڌارڪ، صحافي ۽ استاد مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۸ آگسٽ ۱۹۲۴ع تي شهدادڪوٽ ۾ ڄائو، شاگردي واري دؤر کان ئي پاڻ سياست ۾ سرگرم رهيا، پرائمري قمبر ۽ سيڪنڊري لاڙڪاڻي مان ڪرڻ بعد ايل ايل بي ڪراچي مان پاس ڪيائين، شاگردي واري دؤر ۾ سياست ۾ سرگرم رهيا. مسلم ليگ، ڪميونسٽ پارٽي، جيئي سنڌ، سنڌ هاري ڪميٽي، نعپ، پيپلز پارٽي سميت سنڌ عوامي اتحاد کان وٺي جيڪا تحريڪ سنڌ جي ڀلي ۽ آجپي لاءِ هئي، انهيءَ ۾ ڀرپور نموني حصو ورتائين. ايشيا جي سڀ کان وڏي ۾ وڏي ادبي تنظيم سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي باني ميمبرن ۾ سندن جو شمار ڪيو ويندو هو. هن لاڙڪاڻي واري اوطاق، سنڌ ۽ هند جي مشهور اوطاق تي سنڌي ادبي سنگت جو اجلاس ڪوٺرايو، ادب وسيلي انقلاب جي ان تحريڪ روشني جو پهريون ڪرڻو لاڙڪاڻي ۾ مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي اوطاق تان اڀريو ۽ پوري سنڌ ۾ ڦهلجي ويو ۽ سموري سنڌ کي جرڪائي ڇڏيائين. پاڪستان کان پهرين مشهوري سنڌي مسلمانن جي واحد اخبار ’الوحيد‘ جو ڪجهه وقت ايڊيٽر رهيو، جنهن پاڪستان جي تاريخ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو، پاڻ قائداعظم محمد علي جناح جي انگريزي اخبار دان جو سب ايڊيٽر پڻ رهيو. لاڙڪاڻي جي سنڌي ۽ اردو اديبن کي ويجهو ڪرڻ ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪيائين ۽ انجمن ترقي اردو پاڪستان لاڙڪاڻي شاخ جو سرگرم ڪارڪن رهيو. لاڙڪاڻي جي تاريخ ۾ اهو ئي سبب آهي جو انجمن ترقي اردو جي عمارت ۾ جيڪا لائبريري قائم ڪيائين، ان جو نالو شاهه عبداللطيف ڀٽائي رکيائين، جيڪا پهرين سندس گهر جي ڀرسان هئي. لاڙڪاڻي جي تاريخ جي سڀ کان وڏي سنڌ جي لائبريري سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريري جو بنياد به مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو رکرايو، جيڪا اپر سنڌ جي واحد لائبريري آهي، جتان هزارن جي تعداد ۾ اڄ به شاگرد اديب ۽ دانشور فيضياب ٿي رهيا آهن. هي لاڙڪاڻي شهر سان لڳو لڳ بقاپور يونين ڪائونسل جو چيئرمين به رهيو، ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي نيوز ڪاسٽر طور به ڪم ڪيائين ته گڏ قمبر هاءِ اسڪول ۾ انگريزي استاد جي حيثيت سان به پنهنجا فرض انجام ڏنائين، پاڪستان جو واحد اڳواڻ هو، جنهن کي ڪامريڊ جو خطاب مليو، هن کان پهريان خان عبدالولي خان، عطاءُ الله مينگل، مير غوث بخش خن بزنجو، اڪبر بگٽي، خير بخش مري، جي ايم سيد، ذوالفقار علي ڀٽو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، مخدوم طالب الموليٰ، حاڪم علي زرداري ۽ ٻين ملڪ جي ناميارن سياستدانن سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي سياست ڪئي، وڏيرا شاهي جي اثر رسوخ رکندڙ ضلعي جيڪب آباد ۾ شيخ المجيد سنڌي، قاضي فيض محمد، جي ايم سيد، غلام محمد لغاري جن جي مدد سان ضلعي ۾ هاري ڪاميٽيءَ جو بنياد وڌو. انهيءَ سلسلي ۾ صدر ايوب خان جي مقابلي ۾ مرڪزي اسيمبلي ۾ هن محترمه فاطمه جناح جو ساٿ ڏنو. سندس جو شمار ۱۹۵۳ع ۾ ڇپيل بايو گرافيڪل انسائيڪلو پيڊيا آف پاڪستان جنهن ۾ پنجن صوبن جي اهم ملڪ جي هڪ هزار وڏين شخصيتن منجهان هڪ قرار ڏنو ويو، انهيءَ کان علاوه پنجاب ڌرتي تان اردو ۾ ڇپجندڙ ڪتاب سنڌ ڪي چند انقلابي دانشور اور عوامي رهنما، جنهن جو ليکڪ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي آهي. ان ۾ سنڌ جي کاٻي ڌر جي ۱۵ اهم شخصيتن منجهان هڪ قرار ڏنو ويو، سندس ادبي هم اثر دوست اياز قادري، انيس انصاري، تنوير عباسي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، نسيم کرل، محمد ابراهيم جويو، جمال ابڙو، رسول بخش پليجو، شيخ اياز، حميد سنڌي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، يوسف لغاري، سوڀو گيانچنداڻي، رشيد ڀٽي، پير حسام الدين شاهه راشدي، پير علي محمد راشدي، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي، هري دلگير درياڻي، سراج ميمڻ ۽ ٻيا کوڙ سارا نالا اچي ٿا وڃن. سندس جي ذاتي لائبريري ۾ هزارين ڪتاب آهن ۽ سنڌ جي وڏين لائبريرين ۾ شمار ڪئي ٿي وئي. سندس اولاد سنڌ جي وڏن اديبن جي صلاح تي لائبريري جا ڪتاب سر شاهنواز لائبريري ۽ سنڌ جي عظيم درسگاهه سنڌالاجي کي عطيي طور ڏنا ۽ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي نالي پويان سنڌالاجي ۾ هڪ الڳ ڪارنر قائم ڪيو ويو آهي، جتي سندن جا يادگار ڦوٽو ملڪ جي وڏي سياسي شخيتن سان ميوزيم ۽ سجائي رکيا ويا آهن. سندن کي سياست سان تمام گهڻو لڳاءُ رهيو. محترمه فاطمه جي ساٿ ڏيڻ تي سنڌ مان پاڻمرادو جلاوطني اختيار ڪيائين. بلوچستان ويو ۽ اتي نعپ جي اڳواڻن جي پناهه ۾ رهيو ۽ بلوچستان جي سردارن جي پناهه ۾ رهڻ دوران انهن کيس ڪوئيٽا ۽ سبي ۾ سرڪاري وڪيل ڪري رکرايو، هن مهل به سنڌ صوبي جو عوام ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي سياسي، سماجي، ادبي، قانوني خدمتن کي مدنظر رکندي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو يادگار ڪاميٽيون ۽ بزم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جا بنياد وجهي سندن جون هر سال سنڌ صوبي ۾ ورسيون ۽ سالگرهون ملهائي رهيا آهن ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سندس جي نالي پويان لائبريريون، روڊ ۽ باغ منسوب ٿيل آهن، اهڙيون شخصيتون زنده قومن جو اهڃاڻ هونديون آهن ۽ نوجوان ٽهيءَ لاءِ مڪمل مشعل راهه هونديون آهن، اهڙن مهمان انسانن جي خدمتن ڪارڻ ئي سنڌ جيئي ٿي ۽ انهن جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي. تاج محمد ابڙو سنڌ جو روشن ضمير قومي ڪارڪن نفيس احمد شيخ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، سنڌ ۾ قومي جاڳرتا لاءِ جاکوڙ واري دلڪش گُلشن جو، هڪ نهايت ئي مَهڪندڙ ۽ شگفته گُلاب جو گُل هو! ۱۹۶۳ع ڌاري، جڏهن مون کي سنڌي ادبي بورڊ ۾ علمي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو، تڏهن اُن زماني ۾ ترقي پسند جديد سنڌي ادب جي تاريخي ترويج سان گڏ سنڌ ۾ قومي جاڳرتا لاءِ جرئتمندانه جدوجهد به پنهنجي عروج ۽ اوج اقبال تي هئي. هڪ طرف ون يونٽ جي سنڌ دشمن قهري نظام ۾ مظلوميت جو دؤر دؤرو هو ته ٻئي طرف بدترين آمريت تي مشتمل ايوب شاهي حڪومت، سنڌ جو ساهه سوڙهو ڪري رکيو هو. گهُٽ ٻُوسٽ جي اهڙي اذيتناڪ ماحول ۾ سنڌ جي سُڄاڻ ۽ باهمت عالمن ۽ محققن، روشن ذهن اديبن ۽ شاعرن، بي باڪ صحافين ۽ ليکڪن جتي ادب ۽ صحافت جي ميدانن ۾ بلند حوصلي سان سنڌ ڌرتيءَ جو پيغام پئي عام ڪيو، اُتي ساڳئي وقت سياست ۽ سماجي سُڌار شعبن ۾ وري نهايت ئي بي باڪ ۽ مخلص قومي خدمت گذارن وقت جي اسٽئبلشمينٽ سان مُنهن مقابلا ٿي قومي جاڳرتا لاءِ پاڻ پتوڙيندي جدوجهد ۽ جاکوڙ سان ڪيئي نوان قابل فخر ڪارناما پئي قائم ڪيا، جن مان تقريباً سڀني اهل دل ڪارڪنن جو تعلق کاٻيءَ ڌُر سان هو. اهڙين نيڪ نام هستين جا مبارڪ نالا اڄ هتي تحرير هيٺ آڻڻ ڄڻ هڪ وڏي شان ۽ شرف وارو خوشگوار فريضو پيو محسوس ڪريان. اول اول سائين جي ايم سيد جي چوڏهينءَ چنڊ شخصيت ۽ اُن کان پوءِ روشن ستارا: شيخ عبدالمجيد سنڌي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، قاضي فيض محمد، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، ڪامريڊ جمال الدين بخاري، باقر شاهه، ڪامريڊ عبدالقادر، ڪامريڊ برڪت علي آزاد، ڪامريڊ نذير حسين جتوئي جلالي، مولانا عزيز الله جروار، ڪامريڊ عبدالخالق آزاد، ڪامريڊ نور محمد پليجو، ڪامريڊ پوهُو، ڪامريڊ عزيز سلام بخاري، محمد صالح عاجز، حفيظ قريشي، علي احمد قريشي، رسول بخش پليجو ۽ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو. (منهنجي خوش قسمتي آهي جو اِنهن سمورين هستين جو منهنجي مٿي تي پيار جو هٿ رهيو.) سنڌي ادبي بورڊ جي بانيڪار جي حيثيت ۾، سائين جي ايم سيد جي رهنمائي ته مستقل طرح هونءَ ئي بورڊ ۾ ڪم ڪندڙ ڪارڪنن لاءِ اُتساهه جو سبب هئي، پر بورڊ ۾ سائين محمد ابراهيم جويي، غلام رباني آگري ۽ مولانا غلام محمد گرامي جهڙن ٽن مخلص ڏاهن جي ”ٽِمورتيءَ“ کي اُن زماني ۾ هڪ خاص ”قومي چقمق“ جي حيثيت حاصل هئي، جنهن جي ڇِڪ ۽ سِڪ سبب سڄيءَ سنڌ جي محب وطن جاکوڙي قومي ڪارڪنن جو رُخ سدائين اِن ”ٽِمورتيءَ“ ڏانهن هوندو هو ۽ اُهي بورڊ کي پنهنجو هڪ ”فڪري مرڪز“ تصور ڪندا هئا. بورڊ ۾ اچي انهن تجربيڪار ۽ سينئر صلاحيتمند دوستن سان ويچار ونڊڻ ۽ صلاح مشورو ڪرڻ سندن معمول جو دستور هوندو هو. توڙي جو عملي ڪم جا موضوع اڪيچار هوندا هئا، پر مقصد جو ”مرڪزي نقطو“ فقط هڪ ئي هوندو هو: ”روشن، خود اختيار ۽ خوشحال سنڌ“. لاڙڪاڻي مان مخلص قومي ڪارڪن ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، گاهي گاهي بورڊ ۾ ايندو هو. جويي صاحب سان ملاقاتون، رباني صاحب سان خيالن جي ڏي وٺ ۽ گرامي صاحب سان طويل ڪچهريون. ياد اٿم ته اهو روح پرور سلسلو ۱۹۶۳ع کان وٺي ۱۹۷۳ع تائين، منهنجي اکين اڳيان جاري رهيو ۽ ڪامريڊ تاج کي ڏسڻ پسڻ ۽ ملڻ جلڻ جا لاتعداد موقعا فراهم ٿيا. سچ! ته سراپا ”اخلاص“ هو. اهڙين ملاقاتن دوران، سائين تاج جي جنهن نمايان خوبين مون کي خاص طرح سان متاثر ڪيو، سا هئي سندس ”ذهانت ۽ سنجيدگي“ (۽ اها به ايتري قدر جو ڪامريڊ مون کي هميشه گهٽ-ڳالهائو محسوس ٿيندو هو) جويي صاحب، رباني صاحب ۽ گرامي صاحب وٽ ڪامريڊ تاج لاءِ غير معمولي طرح، بي انتها احترام هوندو هو ۽ هُو کيس جيءَ ۾ جايون ڏيندا هئا. ان حقيقت مان چٽيءَ طرح سان ثابت ٿيندو هو ته ”گهڙو ڀَريل آهي ۽ خوب ڀريل آهي!“ خاص طرح سان گرامي صاحب وٽ ڪامريڊ جون جيڪي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچهريون جاري رهنديون هيون، تن جو تات-پرج هوندو هو: ”سنڌ جي عظمت جو احساس ۽ سنڌ جي روشن مستقبل لاءِ جرئتمندانه جاکوڙ ۽ جدوجهد.“ ٻئي طرف سائين تاج جو مطمع نظر سندس سنجيده روشن چهري مان پيو بُکندو هو: ”سنڌ جي ڏتڙيل ۽ پيڙهيل طبقن، خاص ڪري هارين جي ڇوٽڪاري لاءِ پاڻ پتوڙڻ ۽ اُنهن جي خوشحال مستقبل لاءِ جَتن ڪرڻ.“ فڪر و نظر جي اها مماثلت ئي کاٻيءَ ڌُر جي مزاحمتي آدرش وادي ٻين قومي ڪارڪنن وانگر ڪامريڊ تاج کي بورڊ ۾ وٺي ايندي هئي. ۱۹۷۰ع ڌاري، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي وفات ٿي. اُن کان اڳ سانده ست سال، شايد ئي ڪا شام اهڙي خالي گذري هجي جو ”هاري حقدار“ پريس ۽ ”حيدر محفل“ (اوطاق) تي منهنجو ڀيرو نه ٿيو هجي. شام جو روزانو، گرامي صاحب ۽ ”ڪراچي هوٽل“ پاڻ ۾ لازم ملزوم هوندا هئا. گڏجي گهران هيٺ لهبو هو ته چند قدمن تي ”حيدر محفل“! (باباءِ سنڌ جي وفات کانپوءِ به اهو سلسلو قائم رهيو.) ڪامريڊ جي وڏي فرزند مظهر حيدر ۽ گرامي صاحب جي دوستي مثالي هئي. ان ڪري ”حيدر محفل“ سدائين گهر وانگر ئي هو. اهڙي پس منظر ۾، سڄيءَ سنڌ جي سمورين آفتاب ۽ ماهتاب هستين کي بار بار ڏسڻ، بار بار ساڻن ملڻ جلڻ، اُٿڻ ويهڻ ۽ سندن خيالن کي ٻُڌڻ جا اڪيچار يادگار موقعا ملندا رهيا. اُتي ڪامريڊ تاج کي ”حيدر محفل“ ۾ باباءِ سنڌ وٽ، هڪ مستقل عقيدتمند جي حيثيت ۾ مون گهڻو ڏٺو ۽ خوب ڏٺو. دستور موجب، ڪامريد وٽ سائين تاج لاءِ جيءَ ۾ جايون هيون ۽ باباءِ سنڌ سندس ججهي عزت ڪندو هو. مون کي ياد آهي ته جتوئي صاحب جي وفات کانپوءِ به سائين تاج حيدر محفل تان ڀيرو ڪو نه ڀڳو ۽ سندس فرزندن مظهر حيدر وٽ گاهي گاهي سندس اچڻ پيو ٿيندو هو. ان طرح گرامي صاحب، ڪامريڊ غلام حسين سومري، ڪامريڊ عبدالمجيد لغاري ۽ ٻين هاري ڪارڪنن سان سندس محبت جو رستو قائم رهيو. ان ڳالهه مان ثابتي ٿي ملي ته ڪامريڊ تاج کي ”هاري ڪاز“ لاءِ هڪ مستحڪم ۽ مڪمل ”ڪمٽمينٽ“ هئي، جنهن تي هُو سدائين ڪاربند ۽ پختو رهيو. اڳتي هلي جڏهن ۱۹۷۳ع ڌاري بورڊ جون آفيسون شهر مان شفٽ ٿي، ڄامشوري ۾ قائم ٿيون ته اديبن، شاعرن ۽ قومي ڪارڪنن ۽ بورڊ جي وچ ۾ ڪجهه ماٺائي ۽ فرق پيدا ٿيا. جويو صاحب بورڊ ۾ نه رهيو ۽ گرامي صاحب جهان ڇڏيو. بدليل ماحول ۾، بورڊ به تبديل ٿيل رُخ اختيار ڪيو. سائين تاج وري بورڊ ۾ ڪڏهن نظر ڪو نه آيو. ڪامريڊ تاج سان آخري ملاقات ياد اٿم، لاڙڪاڻي ۾ سندس اوطاق تي سندس يادگار دعوت ۽ علمي ڪچهري شايد ۱۹۷۴ع جو سَن آهي، جو محمد علي جوهر آل سنڌ ادبي ڪانفرنس ۽ شاعري جو انتظام ڪيو هو. ٻن ڏينهن جي ان يادگار اجتماع کان پوءِ، گرامي صاحب کي سندس عقيدتمند ۽ نامياري محقق ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ، وڏيءَ سڪ سان پاڻ وٽ ٽِڪايو ۽ ڏاڍي خدمت ۽ خاطرداري ڪيائين. دعوتن جي ان سلسلي ۾ هڪ شام ڊاڪٽر شيخ عبدالقيوم ”طراز“ چانهه پارٽي ڪئي ۽ ڪامريڊ تاج پنهنجي اوطاق تي هڪ شاندار ضيافت جو اهتمام ڪيو. اهو به ياد اٿم ته اُن عشائيه ۾ مڇيءَ جا مختلف ڊشز ۽ خاص طرح بيهَن جو پُلاءُ مکيه اسم هئا. مقامي اديبن شاعرن سان گڏ سائين تاج پنهنجا دوست عبدالرزاق سومرو، چاڪر علي جوڻيجو، پروفيسر عبدالمنان چانڊيو، عبدالحق سولنگي ۽ ڪامريڊ جمال الدين بخاري به سڏيا هئا. ڪامريڊ تاج جهڙي عُمدي ڊنر کارائي، وري اهڙي ئي شاندار علمي ڪچهري به برپا ڪيائين. سندس محبت آفرين وسيع دسترخوان، وسرڻ جو ناهي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صحيح معنيٰ ۾ هڪ اهلِ دل ۽ روشن ضمير ”سنڌ سڄڻ“ مخلص قومي ڪارڪن هو، جنهن جي سيني ۾ قدرت واري سنڌ جي خوشحاليءَ لاءِ هڪ مستقل تڙپ واري دردمند ۽ پُراُميد دل رکي هئي. تاج محمد ابڙو مرحوم منهنجو هم پيشه، هم مشرب ۽ همراز محمد ابراھيم جويو انگريزيءَ جي مشهور چوڻي آهي ته “مئن ازنون فرام دي ڪمپني هي ڪيپس.” مطلب ته “ماڻهو سڃاپجي ٿو سندس سنگت مان.” تاج محمد ابڙي جي سنگت ۾ سائين جي ايم سيد، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، شيخ اياز، شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کان وٺي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، پير حسام الدين راشدي، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، حفيظ قريشي، ضاضي فيض محمد، جمال الدين بخاري، برڪت علي آزاد، مولوي نذير حسين سنڌي، رشيد ڀٽي، گوبند مالهي، نسيم کرل، ڪيرت ٻاٻاڻي، هري دلگير درياڻي، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، سراج الحق ميمڻ حميد سنڌي، نور الدين سرڪي ۽ ٻيا سندس دور ۽ عمر جا ڪيئي مڻيادار، محبتي، ڀلارا ۽ ڀلمانس ڳڻيا وڃن ٿا، انهن مان گهڻن سان ۽ خود ساڻس سڌو سنگ منهنجو به رهيو آهي، ۽ انهن مان ڪيترن ئي ٻين سان نياز مندي جو شرف مون کي به نصيب ٿيل هو. پاڻ جڏهن صديءَ جي چاليهن وار ي ڏهاڪي جي شروع ۾ لاڙڪاڻي مان نڪري ڪراچيءَ پڙهڻ آيا، تڏهن کان وٺي تاحيات منهنجو ساڻس سڌو سنگ رهيو. ۱۹۴۱ع ۾ آءُ بمبئيءَ مان تدريسي تربيت وٺي، بي ٽيءَ جي ڊگري حاصل ڪري موٽيو هئس ۽ اچي پنهنجي مادر علمي سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچيءَ ۾ پنهنجي ماستريءَ جي منصب تي دخلڪار ٿيو هئس. بندر روڊ تي، سعيد منزل جي ڀرسان، حاجي چانڊو بلڊنگ ۾ هڪڙو فلئٽ مسواڙ تي وٺي، اسين پنج ڄڻا، دادو ضلعي جا ويٺل ٽي، سنڌ مدرسي جا ماستر حاجي خان لغاري، شير محمد راهوجو ۽ آءُ، ڪراچي لوڪل بورڊ جو اڪائونٽنٽ ڪلارڪ عبدالرحمان سومرو ۽ پنجون سکر ضلعي جو ويٺل جنرل پوسٽ آفيس ڪراچيءَ جو ڪلارڪ ڌڻي بخش دايو صاحب ان فليٽ ۾ رهائش ڪلب ٺاهي، ٿانيڪا ٿيا ويٺا هئاسين. هڪ ڏينهن محمد صالح مشوريءَ نالي خيرپور ناٿن شاهه جو هڪ جوشيلو اڌڙوٽ عمر جو همراهه حاجي خان لغاريءَ جو مهمان ٿي، اسان وٽ آيو. پاڻ فوج جي ڪنهن آفيس ۾ سينيئر ڪلارڪ هو. ڏاڍو ٿي ڳالهائين. ڪافي ڪي احوال هئس. آءُ پاڻ جيڪو بمبئيءَ مان پارٽيءَ جي باني اڳواڻ، ڪامريڊ ايم اين راءِ جا لکيل انگريزي مضمون پڙهي آيو هيس، سو محمد صالح مشوريءَ جي ملڪي ۽ عالمي ڳالهيان ۾ وٺجي ويس. ڳالهين ڳالهين ۾ هن مون کي ڪامريڊ برڪت علي آزاد جو ترجمو ڪيل سنڌي ڪتاب جو “نوجوانن” ڏانهن ۽ اصلي پرنس ڪروپاتڪن جو روسي زبان ۾ لکيل ۽ پوءِ انگريزيءَ ۾ آيل، ڪڍي ڏنو. ۽ پڻ علامه عنايت اللھ مشرقيءَ جي اردو ڪتاب “تدڪره” جو ڏاڍن دل لڀائيندڙ لفظن ۾ ذڪر ڪيائين، جيڪو ٻئي ڏينهن مون وٺي اچي پڙهڻ شروع ڪيو. نوجوانن ڏانهن ڪتابچو ته پهرين ڏينهن يڪساهي پڙهي پورو ڪيم. اهو ڪتابچو پهرينءَ ئي پڙهڻيءَ ۾ منهنجي دل ۾ ائين ويهي ويو، جو عمر ڀر منهنجو اهو بنهه ڄڻ “بائيبل” بڻجي ويو. علامه مشرقيءَ جو “تذڪره” ۽ جيڪو مذهب الاسلام جو سندس پنهنجو علقمنداڻو تعبير Rational interpretation سان رستي ۾ پڙهيم ۽ ان جي انيڪ معقول ڳالهين مان هڪ ڳالهه منهنجي ذهن تي پائدار اثر ڪيو. ڪنهن جو نالو عبداللھ هجي ۽ ٻئي جو گوپالداس وغيره! انهن ڏينهن ۾ ڊي، جي، سنڌ، ڪاليج، اين اي ڊي انجنيئرنگ ڪاليج، شهاڻي لاءِ ڪاليج جي مسلمان شاگردن دادو ضلعي جي شيخ انصاريءَ ۽ ٿرپارڪر جي ضلعي مان عبدالستار شيخ (۽ ٻين) مسلم ليگ ڏانهن مائل، “سنڌ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن” ٺاهي هئي، اهي ٻيئي ڄڻا هڪ ڏينهن اسان جي ڪلب ۾ اچي نڪتا، ساڻن گڏ تاج محمد ابڙو به هو. جنهن کي ان ڏينهن مون پهريون ڀيرو ڏٺو هو. ٽنهي مان تاج محمد ابڙو مون کي ڳالهين ۽ مامرن جي تور تڪ ۽ ڇنڊڇاڻ ۾ وڌيڪ چست ۽ باخبر لڳو. ويندي ويندي هن کي مون محمد صالح مشوريءَ وارو ڪتابچو پڙهڻ لاءِ ڏنو. ٻئي ڏينهن هو هلي مون وٽ آيو، پر ڪتابچي جي تاثر ۾ مونکي هو بنهه سرشار ڏسڻ ۾ آيو، اهو ڏينهن ۽ سندس سڄي عمر پوءِ، اسين ٻيئي هڪٻئي جي سنگ ۾ ائين گڏ رهياسين جيئن يڪ ڪالب دو جان، ۽ اڄ به جڏهن هو پنهنجي ياد ۾ هو مون سان گڏ آهي. ۱۹۴۷ع تائين جيسين هو ڪراچيءَ ۾ پنهنجي تعليم ۾ جتيل هو، خاص ٻيا ٻه ڪتاب به مون هن کي سعيو ڪري پڙهڻ لاءِ ڏنا، هڪڙو ڪامريڊ ايم اين راءِ جو ڪتاب The Historical Role of Islam جنهن جو تن ڏينهن مون سنڌي “اسلام جو تاريخي ڪارنامو” نالي سان ڪيو هو ۽ ٻيو منهنجو پنهجو ۱۹۴۷ع ۾ شايع ڪيل انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب “Save Sindh save the continent from feudal lords capitalists & their communication” (سنڌ بچايو وڏو کنڊ بچايو. جاگيردارن ۽ سرمائيندارن ۽ سندن فرقيوار گهوٽالن کان)، جنهن جي سزا ۾ مون کي سنڌ مدرسي مان پنهنجي ڏهن سالن جي نوڪريءَ تان هٿ کڻڻو پيو هو. پر ماڻهوءَ جو سنگ رڳو ماڻهن سان نه پر ٻين شين سان پڻ تاحيات جڙجي ٿو ۽ جتيو رهي ٿو. مثال طور ڪتابن سان تاج محمد ابڙي ۽ منهنجو ٻيو سنگ ڪتابن جي ڌاڳي سان ڳنڍيل هو. ان جو هڪڙو مثال اهو آهي، جو انهن ڏينهن ۾ ٿنڪرس لئبرريءَ جي سلسلي جا انگريزي ڪتاب ولايت مان ڇپجي، سڄي دنيا ۾ شايع ٿيڻ لڳا هئا، ۽ سنڌ ۾ به اچڻ لڳا هئا. قيمت اهي اٺ آنا في ڪتاب، وڌ ۾ وڌڪ روپيو به ۽ جيستائين ۱۹۴۷ع تائين تاج محمد ڪراچي ۾ رهيو ۽ پوءِ به جيستائين انهن ڪتابن جو سلسلو جاري رهيو تيستائين اسين ٻيئي پاڻ ۾ انهن ڪتابن جي عشق ۾ ڀائيوار رهياسين، تان جو جڏهن پاڻ ۱۹۸۵ع ۾ نوڪريءَ تان رٽارئڊ ڪيائين تڏهن ٻنهي پاڻ ۾ ٿنڪرس لئبرريءَ جي ڪتابن جي لسٽن جي ڀيٽا ۽ مٽاسٽا ڪري ڏٺوسين ته مون وٽ ٽيهارو کن اهي ڪتاب موجود هئا ۽ وٽس به ڪجهه اوترا ئي هئا. ايئن ٻيا اهڙا منهنجا دوست مثال طور شيخ اياز، جمال صديقي، ڊاڪٽر نجم عباسي، سوڀو گيانچنداڻي ۽ ٻيا وقت بوقت هڪٻئي سان فخر ۽ خوشيءَ ۾ ڀرجي انهن بابت پيا حالي حوالي ٿيندا هئاسين. ٻيو سنگ ماڻهو جو ماڻهن سان زندگيءَ جي ڪن اهڙن مامرن جي حوالي سان پڻ ڳنڍجي ٿو ۽ محڪم بڻجي ٿو. مثال طور هم پيشگيءَ جو سنگ جيئن مون شروع ۽ آخر تائين ماستري ڪئي ته تاج محمد ابڙي به شروع ۾ سهي پر ماستري ضرور ڪئي! هيءُ ماستري جو، استاديءَ جو منصب به منهنجي تجربي ۽ مشاهدي ۾ اهڙو لڳڻو ۽ نه ڇڏڻو پڪو ۽ پختو رنگ ٿئي ٿو. جو ٿوري مدت ئي هجي پر ماڻهن جي طبيعتن کي سڄي عمر جي سڃاڻپ ۽ ساڳيائپ ڏيئي ٿو ڇڏي. ماستري، استادي، يعنيٰ سکڻ ۽ سيکارڻ، پڙهن ۽ پڙهائڻ، پنهنجي پورهئي مان پرائڻ ۽ پراپت ڪرڻ ۽ پوءِ سڀڪجهه ڏيئي ڇڏڻ جو اتساهه مون تاج محمد ابڙي ۽ منهنجن اهڙيءَ طبعيت رکندڙ سڀني ساٿين، سنگتين ۽ دوستن ۾، پاڻ کان چار رتيون ڪثر موجود ۽ عمل پيرا ڏٺو. پنهنجي پنهنجي پيشي جي سان لاڳاپيل فرض ادائي جي دائري ۾ ۽ ان کان ٻاهر زندگيءَ جي ٻين عام معاملن ۾ به، هن سر گهور ۽ من اڇل جي عادت کي پنهنجي من ورونهن ڪري ڇڏڻ کي اعليٰ اديبن، شاعرن، فنڪارن، استادن ۽ پڻ اعليٰ مقصدي سياست ۽ پبلڪ توڙي پرائيويٽ سروس جي دائري ۾ ماڻهو جي چاهي ته پنهنجي خاص سڃاڻپ بڻائي سگهي ٿو. ان لاءِ سڀ کان وڌيڪ ماڻهوءَ جو سنگ، فرد (Individual) جي حيثيت ۾، پنهنجي پاڻ سان، پنهنجي ذهن ۽ ضمير سان، پنهنجي مقصد حيات سان هئڻ لازم آهي. ائين ماڻهوءَ لاءِ تڏهن ئي ممڪن آهي، جو هو پاڻ کي پاڻ ڏانهن ذميدار، پاڻ وٽ جوبداه، سمجهي ۽ سو تڏهن ٿيندو جڏهن اوتري قدر پاڻ کي هو آزاد به ڄاڻي. ماڻهو ڪروڙين صدين ۽ لاتعداد جڳن کان ان آزاديءَ جي احساس ۽ ماڻهن لاءِ پنهنجي ڪائناتي آسپاس سان برسر پيڪار رهيو آهي، ۽ پنهنجي فطري عقل جي آڌار تي پنهنجي ان تخليقي جدوجهد ۾ همه تن ومن مصروف پڻ رهندو آيو آهي. تاج محمد ابڙي مرحوم ۽ منهنجي سنگ سڄي عمر انهيءَ اتساهه ۽ امنگ تي هم آواز ۽ اهڙي مقصد ۽ مشرب جي همراز هجڻ ۽ رهڻ تي پڻ قائم رهيو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو منير چانڊيو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب، سنڌ جو هڪ محب وطن ۽ انسان دوست اديب، سياستدان، صحافي، استاد ۽ سماج سڌارڪ هو. جنهن سنڌ ۾ پورهيت، مظلوم ۽ محڪوم عوام جي حقن لاءِ ۽ جاگيرداراڻي ۽ طبقاتي نظام جي ظلم، جبر، ڏاڍ، ڏهڪاءَ ۽ ٻين سمورين بڇڙاين جي خلاف جدوجھد ڪئي. هن سنڌ ۾ علمي، ادبي، سياسي، سماجي ۽ قومي نئين سجاڳيءَ لاءِ ۽ سماجي انصاف ۽ برابريءَ لاءِ پنهنجو پاڻ ارپي ڇڏيو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۲ آگسٽ ۱۹۲۴ع تي لاڙڪاڻي ضلعي جي هڪ زميندار قادر بخش خان ابڙي جي گھر ۾ پيدا ٿيو. اولاد ۾ سڪيلڌو پٽ هو. اڃا ننڍو ئي هو ته سندس والد گذاري ويو. جنهن کان پوءِ مٿس وڏيءَ ڀيڻ ۽ ڀيڻيوي جي شفقت ۽ محبت رهي. سندس ڀيڻيوو محمد عثمان ميمڻ هڪ پوليس آفيسر هو، جنهن کي پنهنجي اولاد نه هئي، ان ڪري هن کيس پنهنجي اولاد جيئن پاليو ۽ پنهنجين محبتن جو مرڪز بڻائي ڇڏيائينس. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي صاحب پنهنجي ابتدائي تعليم، پنهنجي ان ئي عالم فاضل ڀيڻ وٽان پرائي، جيڪا سنڌيءَ سان گڏ فارسيءَ جي به سٺي ڄاڻو هئي. پرائمري تعليم قمبر مان حاصل ڪيائين. جنھن بعد گورنمينٽ هاءِ اسڪول قمبر ۾ داخل ٿيو، جيڪو ان وقت پنهنجي تعليمي معيار جي ڪري گھڻو مشهور هو، جتي ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ۽ ٻيا ڪيترا ئي ناليوارا سياسي ۽ سماجي اڳواڻ ۽ اديب تعليم پرائي چڪا هئا. سندس ڀيڻيوي جي پوليس کاتي ۾ نوڪري هجڻ جي ڪري، مختلف شهرن ۾ بدلي ٿيندي رهندي هئي. ان ڪري هن قمبر هاءِ اسڪول جي هاسٽل ۾ رهي ترتيب سان تعليم پرائي. ان کان پوءِ هن مدرسه هاءِ اسڪول ۾ سيڪنڊري تعليم حاصل ڪئي، ۽ وڌيڪ تعليم پرائڻ لاءِ ڊي. جي ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخل ٿيو. ڪراچيءَ ۾ رهندي هو ريڊيو ڪراچيءَ تي نيوز ڪاسٽر مقرر ٿيو ۽ ڪيتري ئي وقت تائين پنهنجي وڻندڙ، صاف ۽ گونجدار آواز ۾ خبرون پڙهندو رهيو. ڪراچيءَ مان واپسيءَ کان پوءِ ميونسپل هاءِ اسڪول قمبر ۾ انگريزيءَ جو استاد مقرر ٿيو، پر سندس شخصيت کي اهو شعبو راس نه آيو. بعد ۾ ڪراچيءَ مان ايل ايل بي ڪرڻ کان پوءِ، لاڙڪاڻي ۾ وڪالت ڪرڻ شروع ڪيائين. ڪجهه وقت کان پوءِ اسسٽنٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر ۽ پوءِ ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر مقرر ٿيو. انهيءَ عرصي ۾ هو سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪيترن ئي شهرن ۾ بدلي ٿي، پنهنجا فرض سرانجام ڏيندو رهيو. هر هنڌ، قانون جي گھري ڄاڻ جي ڪري، پنهنجو اهڙو ڌاڪو ڄمائيندو رهيو، جو کيس ان جي ڄاڻ جي ڪري ۱۹۷۲ع ۾ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشنس جج بڻايو ويو. ۱۹۷۸ع ۾ ترقي ڪري ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشنس جج مقرر ٿيو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي شادي، بيگم حاڪمزادي ميمڻ سان ٿي. جنهن مان کيس چئن نيڪ نياڻين ۽ پنجن پٽن جو صالح اولاد ٿيو. سندس وڏي نياڻي خالده ابڙو آهي، جنهن گريجوئيشن تائين تعليم حاصل ڪئي. سندس شادي محمد صديق ميمڻ سان ٿي، جيڪو ڀان سيد آباد جو زميندار آهي ۽ گذريل بلدياتي اليڪشن ۾ ناظم پڻ رهيو آهي. سندس ٻي نياڻي ڊاڪٽر عابده ابڙو آهي، جيڪا سر ڪائوسجي جھانگير انسٽيٽيوٽ آف سائيڪياٽري حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر آهي. سندس شادي ڊاڪٽر نجيب ميمڻ سان ٿي، جيڪو لياقت يونيورسٽي آف هيلٿ اينڊ ميڊيڪل سائنس ڄامشوري ۾ پروفيسر آهي. سندس ٽئين نياڻي شاهده پروين آهي، جيڪا سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي ۾ حيدرآباد ريجن جي پرائيويٽ اسڪولس ۽ ڪاليجز جي ڊپٽي ڊائريڪٽر آهي. هن جي شادي ڪوآپريٽيو هائوسنگ سوسائٽي جي رجسٽرار ساجد سرهيي سان ٿي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي چوٿين نياڻي سنڌ جي نوجوان شاعره، ڪالم نويسه ۽ مهراڻ ٽي وي جي عورتن جي پروگرام ’بنتِ هوا‘ جي ميزبان زاهده تاج ابڙو آهي. هوءَ حيدرآباد جي هڪ گرلس هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ مسلم هسٽري مضمون جي سبجيڪٽ اسپيشلسٽ آهي. سندس شادي ڊاڪٽر محمد اسماعيل ميمڻ سان ٿي، جيڪو سول اسپتال حيدرآباد ۾ ايڊيشنل ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ آهي. ان کان پوءِ سندس صالح پٽن ۾ سنڌ جو نوجوان ڪالم نويس ۽ اديب مير نادر علي ابڙو آهي. جيڪو سنڌ جي ۵۰ کان مٿي معروف ۽ ڪُنڊائيتن شخصيتن ۽ ايتري ئي تعداد ۾ ٻين سماجي ۽ ادبي موضوعن تي لکي چڪو آهي. جيڪو اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ سرڪل آفيسر آهي. ان کان پوءِ سندس ٻيون پٽ حيدر علي ابڙو آهي، جيڪو لاڙڪاڻي ۾ وڪالت ڪري ٿو. سندس ٽيون پٽ گوهر علي ابڙو گورنمينٽ ڪاليج مٽياري ۾ پوليٽيڪل سائنس مضمون جو ليڪچرار آهي. سندس چوٿون فرزند مظهر علي ابڙو آهي، جيڪو ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جو ڊپٽي ڊسٽرڪٽ اٽارني آهي. سندس آخري فرزند ذوالفقار علي ابڙو آهي، جيڪو پڻ لاڙڪاڻي ۾ ئي وڪالت ڪري ٿو. ان مان چڱيءَ ريت معلوم ٿئي ٿو ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙي صاحب، پنهنجي ٻارن جي تعليم ۽ تربيت تي خاص ڌيان ڏنو. جيئن جيئن ڪامريڊ جي شخصيت جا علمي، ادبي، سياسي، صحافتي ۽ سماجي پاسا وڌيڪ نروار ٿيندا ويندا، ساڻس بي پناهه محبت ۽ احترام پيدا ٿيندو ويندو. هو پنهنجي سوچ ۽ عمل ۾ ڏاڍو نرالو انسان هو، ۽ سندس سنڌ ۽ سنڌي قوم جي نجات لاءِ جدوجھد ته غير معمولي هئي، پر سندس ذاتي سڀاءُ ۽ طبعيت جي وڏائي به ڏسڻ ۽ خراج تحسين پيش ڪرڻ جي لائق آهي. ڊاڪٽر اياز قادري لکي ٿو ته: تاج محمد کي شاگرديءَ واري زماني ۾ اخبار ڪڍڻ جو ڏاڍو چاهه هو. ان بابت مون سان صلاح ڪندو هو. مان هميشه چوندو هيومانس؛ ”تيل کانسواءِ ڏيئو نه ٻرندو. پاڻ تڪڙا ماڻهو آهيون، پيٽ ئي مشڪل سان ٿا پاليون. اخبار جي عياشي نه ڪري سگھنداسين. هن ڪجهه پئسا پاڻ ۽ ڪجهه پئسا دوستن کان هٿ ڪري ’نوجوان‘ نالي سان هڪ اخبار شروع ڪئي. ان جو ايڊيٽر مون کي مقرر ڪيائين.“ ان مٿئين ٽڪري کي پڙهڻ سان گڏ، ڊاڪٽر اياز قادري صاحب جي ئي لکيل هن ٻئي ٽڪري کي پڙهو ۽ ڪامريڊ تاج محمد جي وڏائي ۽ عظمت جو اندازو لڳايو. ”تاج محمد ابڙي جي ڪوشش سان، سال ۱۹۵۶ع ۾ لاڙڪاڻي جي تجر باغ ۾ شاهه عبداللطيف جي ورسي ملهائي وئي. جيتوڻيڪ ورسيءَ جو سڄو سمورو بندوبست هن پنهنجي هڙون توڙي وڙون ڪيو، پر جيڪي دعوت نامه جاري ڪيا ويا سي منهنجي نالي سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت جي حيثيت سان ويا. مان سمجھان ٿو ته لاڙڪاڻي جي تاريخ ۾ ڀٽائيءَ جي اهڙي شاندار ورسي اڳ ڪڏهن به نٿي هئي.“ تنوير عباسي صاحب لکي ٿو ته: ”ون يونٽ جو اونداهو دور هيو. ادب ذريعي انقلاب جي ان تحريڪ جي روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو لاڙڪاڻي ۾ تاج محمد ابڙي جي اوطاق مان اسريو ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ ڦهلجي ويو. .... تاج محمد ابڙو وڪيل هيو پر وڪيل کان وڌيڪ دانشور هيو. ادب، تاريخ، فلسفو سڀ پڙهندو هو. دوستن سان بحث ڪندو هو. هو رڳو پڙهڻ وارو نه هو بلڪ ڪڙهڻ وارو به هو. هاري تحريڪ، نيشنل عوامي پارٽي، سنڌ عوامي محاذ، ۽ بعد ۾ پي پي، مطلب ته جيڪا به تحريڪ سنڌ جي پيڙهيل طبقن جي بحالي ۽ آجپي جي لاءِ اٿي، ان ۾ ڀرپور حصو ورتائين.“ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جو انسانذات سان روح جو اٽوٽ رشتو هو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو پنهنجي زندگيءَ جو سمورو شعوري عرصو غريب ۽ مظلوم، پورهيت ۽ هاري عوام لاءِ عملي جدوجھد ڪندي گذاريو. ھن پنهنجي هڙان وڙان ادبي ۽ صحافتي شعبن ۾ خدمتون سر انجام ڏنيون. محمد ابراهيم جويو صاحب لکي ٿو ته: ”منهنجي نظر ۾ تاج محمد ابڙو انساني معاشري جي هر ڀَلان ڀَل ڀلمانَس وانگر، پنهنجي مثالي زندگيءَ ۾ سڄو شعوري عمر جو عرصو ٽن ڳالهين کان پرهيز ۾ رهيو ــ ذاتي ۽ گروهي حرص هَوس کان، نفرت ۽ وڏائيءَ کان ۽ تاريڪ خياليءَ جي هر مونجھاري ۽ انتشار کان، ۽ خالص ان ٽنهين منفي فڪر ۽ عملي آزار کان آزاد هجڻ سبب ئي سڄو وقت هو سنڌ ۽ سنڌي قوم جي نجات لاءِ عوام دوست قومي انقلاب جي مقصد سان پوريءَ محڪمتا سان واڳيل رهيو.“ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب، شخصي حوالي کان پڻ انتهائي اعليٰ ۽ وڏ ماڻهپي وارو انسان هيو. سائين انيس انصاري صاحب لکي ٿو ته: ”پنهنجي در تي ڪم ڪندڙن جي پيو پرگھور لهندو هو. کين سٺي کاڌي سان گڏ سٺا ڪپڙا وٺي ڏيندو هو. کين سٺي سواريءَ لاءِ سائيڪلون ۽ وقت ڏسڻ لاءِ واچون به وٺي ڏيندو هو.“ اها ڳالهه پڙهي سوچيو ته اڄ جي دور ۾ جتي ڪنهن غريب کي رڳو غربت جي ڪري انسان ئي نٿو سمجھيو وڃي ۽ ساڻس بلڪل نامناسب رويو اختيار ڪيو وڃي ٿو ۽ اهڙا رويا اسان جا ڪيترا ئي نام نهاد اديب ۽ شاعر وغيره پڻ رکندا اچن. اتي هن ماڻهوءَ جو ماڻهپو ڪيترو عظيم آهي. ان ئي حوالي سان سائين انيس انصاري صاحب جون لکيل ٻه ڳالهيون ٻيون به ڏاڍيون اعليٰ آدرشي لڳيون: ”سکر ۾ ابڙي صاحب جي گھر مان چوري ٿي وئي. چور سڄو گھر ٻهاري ويا. چوريءَ ۾ تاج محمد ابڙي جي گھر واري، والده ۽ ڀيڻ جا سونا زيور به شامل هئا. اها چوري پڪڙجي نه سگھي. البته پوليس جڏهن ڪجهه پڪڙيل زيور سڃاڻپ لاءِ سندس گھر آندا ته تاج محمد پنهجي گھر تاڪيد سان چيو ته هو صرف پنهنجا زيور، پنهنجا ڪن. پروان تي هٿ نه رکن. انهن زيورن ۾ ڪو به زيور سندس ڪو نه هو، ان ڪري پنهنجو نه ڪيائون.“ ان واقعي کي پڙهڻ کان پوءِ پڙهي سچ ته ڪيترو ئي وقت هن عظيم انسان جي باري ۾ سوچيندو رهجي ٿو. سندس سچائيءَ تي بي پناهه پيار ايندو رهي ٿو. اڄ جي دور ۾ جڏهن ڪنهن مسجد مان ڪو هيروئني ڪنهن نمازيءَ جي چپل چورائي ايندو آهي ته اهو وري ٻئي جماعتيءَ جي چپل پائي ايندو آهي، پر هن اڏول شخص جي اخلاقي سطح ته ڏسو! گھر آيل زيور موٽائي ڇڏيائين. هينئر جي سوچجي ته اسان مان اهڙا گھڻا ماڻهو اهڙو اخلاقي مظاهرو ڪري سگھن ٿا! هو پنهنجي وصيت نامي ۾ پنهنجي عيال کي هدايت ڪندي لکي ٿو ته؛ ”منهنجا دوست ڪافي آهن، پر هر ڪنهن کي پنهنجا مسئلا در پيش آهن. تنهنڪري انهن کي ڪا تڪليف نه ڏيندا. البته پاڻ ۾ اختلاف يا ڪنهن مسئلي تي سندن صلاح ضرور وٺندا. انهن جي هر وقت عزت ڪرڻ اوهان جو فرض آهي ۽ سندن اولاد سان پڻ تعلق رکڻ جي ڪوشش ڪندا. کانئن ڪڏهن به مالي مدد جي طلب نه ڪندا. ها البت ضرورت وقت اخلاقي مدد ضرور وٺندا ۽ مون کي يقين آهي ته هو ان ۾ پوئتي پير نه ڏيندا. مون تي منهنجا محسن ۽ دوست سدائين مهربان رهيا آهن، جن جو آئون شڪر گذار آهيان.“ سچ ته هن عظيم انسان جو هر عمل بنهه حيرت ۾ وجھندڙ آهي. اسان پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيترن ئي نالي چڙهيل اديبن، شاعرن ۽ ڪامريڊن کي سندن شخصي زندگيءَ ۾ جيترو ننڍڙو ڏٺو آهي، اهو ڪنهن به نوجوان ليکڪ جي مايوس ٿيڻ لاءِ ڪافي آهي، پر ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب الاءِ ته ڪهڙي جُڳ جو ماڻهو هو! لطيف جي سر رامڪليءَ جو ڪو جيئرو جاڳندو ۽ حقيقي ڪردار هو؟ حضرت محمد صلعم جي انساني ڀلائيءَ واري پيغام جو عملي روپ هو؟ يا مارڪس جي پورهيت دوست فڪر جي عمل جو سچو پچو نادر شخص هو! هو اصل ۾ هو ڇا؟ پر يقيناَ هو اهو سڀ هو. نوري ۽ ناري، جوڳيئڙا جھان ۾، ٻري جن ٻاري، آئون نه جيئندس ان ري. (شاهه) تاج محمد ابڙو سندس شخصيت جا مختلف پاسا رئوف نظاماڻي سنڌ جو امله هيرو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو. هي ڪتاب محمد ابراهيم جويو جو ترتيب ڏنل آهي ۽ ۲۰۰۶ ۾ شائع ٿيو هو. هن وقت هي ڪتاب سنڌ سلامت جي ويب سائيٽ تي موجود آهي. هن ڪتاب ۾ مختلف ليکڪن، جن مان ڪي تاج محمد ابڙو سان ذاتي طور لاڳاپيل ۽ سندس دوست رهيا آهن ۽ ڪن رڳو سندس نالي ۽ ڪم متعلق ٻڌو آهي، سندس زندگي جي گھڻن پاسن متعلق لکيو آهي. تاج محمد پاڻ ڪڏهين ڪجھ به نه لکيو. جيڪڏهين ڪير کيس لکڻ لاء چوندو هو ته هو هٿ مٿي ڪري بيهي رهندو هو. پر ڪتاب جي مختلف مضمونن مان خبر پئي ٿي ته هو پاڻ هڪ گھڻ پاسائتي شخصيت جو مالڪ ۽ گھڻو پڙهيل لکيل ماڻهو هو. شروع ۾ ڪجھ عرصو استاد به رهيو. ان ڪري محمد ابراهيم جويو کيس پنهنجو هم پيشه چئي ٿو. صحافت سان سندس واسطو رهيو. هن ڪراچي ۾ ڪجھ عرصو الوحيد ۾ سب ايڊيٽر جي حيثيت ۾ نوڪري ڪئي ۽ ريڊيو ۾ انائونسر ٿي رهيو. نوجوان جي نالي سان پنهنجي هفتيوار اخبار به جاري ڪيائين جنهن جو ايڊيٽر اياز قادري هو پر مالي ڏکيائين جي ڪري گھڻي عرصي تائين ان کي جاري نه رکي سگھيو. ڪراچي ۾ سندس واسطو ڪميونسٽ پارٽي سان رهيو. هو اڳوڻي لائيٽ هائوس سينيما ويجھو پارٽي جي آفيس ۾ به ويندو هو. اتي هو. جمال بخاري، سوڀو گيانچنداڻي ۽ ٻين سان مليو. هو قادر بخش نظاماڻي کي پنهنجو استاد ڪري ليکيندو هو. هن مزدورن ۾ پارٽي جو ڪم به ڪيو پر قانون جي تعليم حاصل ڪرڻ کاننپوء لاڙڪاڻي هليو ويو جتي مختلف وڪيلن سان انهن جي جونيئرطور ڪم ڪيائين. لاڙڪاڻي ۾ جيئن ته گھڻا ڪارخانا ۽ مزدور نه هئا ان ڪري هتي موٽڻ کانپوء هن هارين ۾ ڪم ڪرڻ کي ترجيح ڏني ۽ حيدر بخش جتوئي سان سندس تعلق ٿيو. ساڳي وقت ڪميونسٽ پارٽي سان ڄڻ سندس واسطو هوندو ئي هو ۽ اهي مٿس اعتماد ۽ ڀروسو ڪندا هئا. اياز قادري پنهنجي مضمون ۾ ٻڌائي ٿو ته جڏهين مشهور ڪميونسٽ اڳواڻ حسن ناصر عتاب هيٺ ۽ روپوش هو ته ڪجھ ڏينهن لاء تاج محمد ابڙو جي اوطاق تي رهيو هو ۽ هن ڪنهن ڊپ ڊاء کانسواء کيس اتي رهايو هو. پر لڳي ائين ٿو ته لاڙڪاڻي موٽڻ کانپوء ان جي باوجود ته سندس تعلق حيدربخش جتوئي سان هو عملي سياست سان سندس واسطو ختم ٿي ويو هو. شروع ۾ ڪجھ عرصو سياست ۾ سرگرم رهڻ کانپوء هن وڪالت جو پيشو اختيار ڪيون. ائين چئي سگھجي ٿو ته تنظيمي طور سندس ڪنهن به سياسي ڌر ۽ جماعت سان واسطو نه رهيو. سنڌي ادبي سنگت کي هڪ مرڪز ڏيڻ ۾ به هن هڪ ڪردار ادا ڪيو. تنوير عباسي پنهنجي مضمون ۾ ٻڌائي ٿو ته هن رشيد ڀٽي ۽ مقبول ڀٽي اهو سوچيو ته مختلف جاين تي ڌار ڌار ادبي گڏجاڻيون ٿين ٿيون پوء ڇو نه انهن کي هڪ مرڪز تي گڏ ڪجي. ان وقت کين اهو موقعو لاڙڪاڻي ۾ جميعت الشعراء جي ڪانفرنس جي دعوت ملڻ سان هٿ اچي ويو. ان ڪانفرنس ۾ گھڻا هم خيال ليکڪ وغيره موجود هئا. ڪانفرنس کانپوء تاج محمد ابڙو اسان جي گڏجڻ جو انتظام پنهنجي جاء تي ڪيو جتي اسان گڏ ٿياسين ۽ سنگت جي نئين سر تنظيم ڪئيسين. اهڙي ريت اياز قادري ٻڌائي ٿو ته انهن ڏينهن ۾ لاڙڪاڻي ۾ لطيف ڊي جو هڪ شاندار پروگرام ڪيوسين جنهن جو سڄو خرچ ته تاج محمد پاڻ ڪيو پر ان جو سڄو ڪريڊٽ اياز قادري کي ڏنائين. . ان وقت لاڙڪاڻي ۾ سياسي ۽ ثقافتي لحاظ کان گھڻي سرگرمي ۽ گهما گهمي هوندي هئي. اياز قادري ٻڌائي ٿو ته شام جو مختلف جاين تي مختلف ماڻهن جون ڪچهريون ٿينديون هيون جن ۾ شهر ۽ ٻاهر جا گھڻا ماڻهو شريڪ ٿيندا هئا. لاهورين ۾ حاجي امير علي جي ڪچهري، پوسٽ آفيس جي سامهون عبدالغفور ڀرڳڙي جي ڪچهري، اسٽيشن جي ڦاٽڪ لڳ قاضي فضل الله جي ڪچهري، ٿورو هيٺ عبدالفتاح ميمڻ جي ڪچهري ۽ اهڙي ئي هڪ ڪحهري ٽائون ٿاڻي لڳ تاج مجمد ابڙو جي به هوندي هئي جيڪا انهن سڀني کان منفرد ۽ نرالي هوندي هئي. ان ڪچهري ۾ نه رڳو لاڙڪاڻي پر ٻين شهرن ۽ علائقن جا مختلف خيالن ۽ طبقن جا ماڻهو اچي شريڪ ٿيندا هئا ۽ چانه جي ديڳڙي هميشه گرم هوندي هئي. ان ڪچهري ۾ ڪڏهين ڪڏهين ذوالفقار علي ڀٽو، جنهن جي تاج محمد سان ويجھڙائي هوندي هئي ۽ هو مختلف معاملن ۾ ساڻس صلاح مشورا به ڪندو هو، اچي ويهندو هو. پڙهڻ سان کيس شروع کان ئي دلچسپي هئي. ڪراچي ۾ محمد ابراهيم جويو سان سندس تعلق جڙيو. هن کيس مختلف ڪتاب پڙهڻ لاء ڏنا. هو ٻڌائي ٿو ته ان وقت ٿنڪرس لائبريري جي سلسلي جا انگريزي ڪتاب ولايت ۾ ڇپجي سڄي دنيا ۾ شائع ٿيڻ لڳا هئا ۽ سنڌ ۾ به اچڻ لڳا هئا. انهن جي قيمت هوندي هئي اٺ آنا، ٻارنهن آنا في ڪتاب ۽ وڌ ۾ وڌ روپيو، ٻه ۽ جيستائين ۱۹۴۷ تائين تاج محمد ڪراچي ۾ رهيو ۽ پوء به جيستائين انهن ڪتابن جو سلسلو جاري رهيو تيساتئين اسين ٻيئي پاڻ ۾ انهن ڪتابن جي عشق ۾ ڀائيوار رهياسين. جڏهين پاڻ ۱۹۸۵ ۾ نوڪري تان رٽائر ڪيائين ته ڀيٽ ڪرڻ سان خبر پيئي ته ثنڪرس لائبريري جا جيترا ٽيهارو کن ڪتاب مون وٽ موجود هئا اوترا وٽس به هئا. اهڙي ريت ٽائيم ميگزين وٽس باقاعدي ايندو هو. وٽس ڪتابن جو چڱو خاصو ذخيرو هو. هو پوء وڪالت ڇڏي ذوالفقار علي ڀٽو جي چوڻ تي ايڊيشنل سنشن جج ۽ پوء سيشن جج ٿي رٽائر ٿيو. جج ٿيڻ کانپوء به سندس پنهنجن دوستن ۽ ٻين ماڻهن سان ساڳيو ورتاء هوندو هو. اياز پنهنجي مضمون ۾ ٻڌايو آهي ته جڏهين تاج محمد جي سکر ۾ تعيناتي هئي ته سندس ساڻس ڪجھ ذاتي ڳالهين تي اختلاف ٿيا هئا جيڪي پوء حل ٿي ويا هئا. جج هئڻ دوران به سندس طور طريقن ۾ گھڻو فرق نه آيو هو. سندس ڪوشش هوندي هئي ته عام ماڻهو کي انصاف ملي ۽ فائدو پهچي. ساڳي ريت شام جو سندس ڪچهري ٿيندي هئي. رٽائر ٿيڻ کانپوء آبهوا جي ڪري هن ٺٽي ۾ رهائش اختيار ڪئي پر لاڙڪاڻي سندس اچ وڃ هوندي هئي. هڪ ڀيري ٺٽي ۽ لاڙڪاڻي جي وچ ۾ سندس گھر وارن کان ڦر ٿي. ملزمن جي پڪڙجڻ کانپوء جڏهين تاج محمد جي گھر وارن کي سامان ڏيکاريو ويو ته هن کين خاص هدايت ڪئي ته رڳو اهو سامان کڻو جيڪو اوهان جو آهي. ان سامان مان ڪجھ به انهن جو نه هو ۽ اهو سامان ائين واپس ٿي ويو. ائين چئي سگھجي ٿو ته هو اهڙو شخص هو جنهن کي هڪ مثال طور پيش ڪري سگھجي ٿو. (رئوف نظاماڻيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۴ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي کنيل) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو تاريخ جو سرمايو فقير محمد سنڌي سنڌ جي اهم شخصيت ڪامريڊ تاج محمد ابڙو پنھنجي زندگيءَ ۾ قومي ۽ ثقافتي اهڃاڻن کي دلي داد به ڏنو ۽ ان قومي ڪردار کي تاريخ ۾ نئون موڙ به ڏنو. تاريخ ۾ تمام ٿورا فرد آهن جن قومن جي جاڳرتا کي پنھنجي زندگيءَ جو حصو سمجهي حقيقي رخن کي سماج اندر تبديليءَ، خوشحاليءَ جو پيڪر ڏئي سجاڳي جي دڳ لاٿو آهي. هي سر موڙ انسان جيڪو سدائين سنڌ جي تاريخ جو سرمايو رهندو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۲- آگسٽ ۱۹۲۴ع تي ضلعي لاڙڪاڻي جي اڳوڻي تعلقي شھدادڪوٽ ۾ جنم ورتو. بنيادي طور هر انسان پنھنجي علائقي مان تعليم حاصل ڪندو آهي، اهڙي ريت ڪامريڊ تاج محمد ابڙو به قنبر، لاڙڪاڻي ۽ ڪراچيءَ مان تعليم حاصل ڪئي. ماحول جي اثر ڪري ڪامريڊ کي سياست طرف قدم وڌائڻو پيو۽ اها دلچسپي وڌندي رهي جنھن جي ڪري ڪامريڊ تاج محمد ابڙي پنھنجي ديس واسين جي آسانيءَ سان خدمت ڪرڻ جو رستو ڳوليو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۱۹۴۷ع ۾ لاڙڪاڻي مان وڪالت شروع ڪئي. تاريخ جا ورق ٻڌائين ٿا ته ڪامريڊ گهڻي ڀاڱي فوجداري ڪيسن کي اهميت ڏيندو هو، رنگ نسل کان هٽي ڪري هر آيل ماڻهوءَ جي دل کولي مھمان نوازي ڪندو هو. شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ سيشن جج مقرر ٿيو ۽ اهڙي عھدي هوندي هن مڙس مٿير ڪڏهن به پنھنجي فرض ۾ ڪوتاهي نه ڪئي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو بنيادي طرح سوشلسٽ ۽ جمھوري خيالن جو حامي رهيو، ان ڪري هاري ڪميٽيءَ ۽ ٻين ترقي پسند جماعتن ڏانھن رخ رکندو هو. ان لاءِ ڪامريڊ جي روح ۾ پنھنجي وطن جي حُب، زبان يعني ٻوليءَ جو اُلڪو مستقل طور تي رهندو هو. ڪلچر، قومي ڪردار تي سدائين سرخرو رهيو، سياسي ۽ اقتصادي مفاد جي اصولن تي ڪڏهن به سوديبازي ڪونه ڪيائين. سماجي زندگيءَ جا طور طريقا قومي ڪردار، آرٽ ادب ۽ فن لطيف ذريعي عام انسانن تائين بھتر نموني سان پھچايا ۽ پاڻ به سماجي زندگيءَ جي ڇانوَ ۾ تربيت حاصل ڪندو رهيو. هي لاڙڪاڻي جو انمول انسان، جديد ادب جي سجاڳي جي دولت، جج، وڪيل ۽ بھترين سياستدان جو تاج پنھنجي سِرَ تي رکي قوم جي خدمت ڪئي. سنڌ جي ڏاهي محمد ابراهيم جويو جا ڪامريڊ تاج محمد ابڙي لاءِ لکيل ڪجهه سِٽون اوهان جي نظر ته: ”منھنجي نظر ۾ تاج محمد ابڙو انساني معاشري جي هر ڀَلان ڀل ڀلمانس وانگر، پنھنجي مثالي زندگيءَ ۾ سڄو شعوري عمر جو عرصو ٽن ڳالهين کان پرهيز ۾ رهيو. ذاتي ۽ گروهي حرص هَوس کان نفرت ۽ وڏائي کان ۽ تاريڪ خياليءَ جي هر مونجهاري ۽ انتشار کان ۽ خالص ان ٽنهين منفي فڪر ۽ عملي آزار کان آزاد هجڻ سبب ئي سڄو وقت هُو سنڌ ۽ سنڌي قوم جي نجات لاءِ عوام دوست قومي انقلاب جي مقصد سان پوري محڪمتا سان واڳيل رهيو.“ تنوير عباسيءَ جون سِٽون جيڪي ڪامريڊ لاءِ لکيل آهن، مختصر طور تي: سنڌي ادبي سنگت جو ڪنوينشن سڏائجي، جنھن ۾ سڀني ادبي سنگتن ۽ سندن شاخن کي گڏ ڪري سنڌ سنگت کي زور وٺائجي ۽ ان جو دستور وغيره منظور ڪرائجي. اهوو روشنيءَ جو پھريون ڪرڻو هو، جيڪو ون يونٽ جي اونداهي دؤر ۾ تاج ابڙي جي اوطاق مان ڦُٽو ۽ سڄي سنڌ کي جرڪائي ڇڏيائين. تاج محمد ابڙو وڪيل هو، پر وڪيل کان وڌيڪ دانشور هو. ادب، تاريخ، فلسفو سڀ پڙهندو هو، دوستن سان بحث ڪندو هو، لکيائين هڪ لفظ به ڪونه، پر پڙهيو به گهڻو ته ڪڙهيو به گهڻو. هو نه رڳو پڙهڻ وارو هو، پر ڪڙهڻ وارو به هو. هاري تحريڪ، نيشنل عوامي پارٽي، سنڌ عوامي محاذ ۽ بعد ۾ پ پ ۾، مطلب ته جيڪا به تحريڪ سنڌ جي پيڙهيل طبقن جي ڀلائيءَ ۽ آجپي جي لاءِ هئي، ان ۾ ڀرپور حصو ورتائين. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي زندگيءَ مان صاف ظاهر آهي ته هو سنڌي ڪلچر، جمھوريت جي رستي جو حامي هو، جنھن موجب هرهڪ انسان، قوم، مذهب ملڪ ۽ نسل جي جداگانه وجود ۽ حق خوداريءَ جو طرفدار ٿي رهيو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي پنھنجي زندگيءَ ۾ سمجهي ورتو هو ته جنھن وٽ طاقت آهي اهو تشدد جو حامي آهي. ان لاءِ ڪامريڊ کي طاقت هوندي به انسان ذات لاءِ گڏيل ڀائپي وارو پيڙهه جو پٿر رهيو. اهو پيڙهه جو پٿر سندس اوطاق هئي جتان سياسي ۽ ادبي دوست پنھنجي راهه هموار ڪري اڳتي وڌندا هئا. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي اوطاق شعور جي لاٽ کان گهٽ ڪونه هئي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو پنھنجي پيءُ ماءُ جو سڪيلڌو پُٽ هو پر پيءُ جي پرورش نه ملي سگهيس. ڀيڻ فاطمھ جي گهر گُذاريو. دنيا جا اُهي ٻارَ عظيم ٿيندا آهن، جن کي پيءُ ماءُ جي پرورش نه ملندي آهي، تمام گهڻا مثال منھنجي نظر ۾ آهن پر مضمون ۾ ڊيگهه گهڻي ٿي ويندي. مولانا جلال الدين رومي جي مثنوي مان ڪامريڊ تاج محمد ابڙي لاءِ ته، دل جو آئينو صاف ڪراءِ، ۽ ڪامريڊ جي دل جو آئينو بلڪل صاف هو. روميءَ چيو ته، جيڪي ڪنھن به ڪتاب پڙهڻ ۽ هنر سکڻ جا محتاج نه آهن، مگر انساني دلين کي لوڀ، ڪنجوسائي ۽ کوٽاين کان پاڪ ڪري ڇڏيندا آهن. جيئن سِپَ پنھنجي اندر ۾ سچا موتي سمائي چپ چاپ آرام ۾ پيئي رهي ٿي. تيئن اهڙي ڀرپور دل به راحت جي سمنڊ ۾ بي فڪري سان پيئي رهي. سپ کي ٽوٻن جي دست درازيءَ جو کٽڪو رهي ٿو، پر ان ڀرپور دل تي موت به غالب پئجي نٿو سگهي. واقعي ڪامريڊ تاج محمد ابڙي تي موت غالب نه رهي سگهيو، جسماني طور تي ڪامريڊ ۱۰- مارچ ۱۹۸۶ع تي لاڏاڻو ڪيو، پر پنھنجن دوستن ۽ تاريخ ۾ ڪامريڊ امر انسان آهي. (ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۱ مارچ ۲۰۲۳ع تي ڇپيل) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ساڃاهوند ساربان منظور ڪوهيار لاڙڪاڻي جو اڄوڪو جناح باغ، جيڪو ميرن جي زماني ۾ چانڊڪا پرڳڻي جي گورنر نواب ولي محمد جو باغ هو. سندس وفات ۱۸۳۸ع کان پوءِ نعش امانت طور رکرائي، مٿائنس تجر ٺهرائي وئي. جنهن جي ڪري اهو باغ تجر باغ نالي به سڏجڻ لڳو. انگريزن جي ايامڪاريءَ ۾ لاڙڪاڻي جي هڪ هڏڏوکي انسان ’ريجهو مل لاهوري‘ وبائي بيماري ۾ مبتلا ماڻهن جي خدمت ڪندي پراڻ ڏنا، ته سندس ياد ۾ ان دؤر جي ميونسپل ڪاميٽي، تجر باغ جو نالو ڦيرائي ريجهو مل پارڪ رکي ڇڏيو. ۱۹۴۷ع کانپوءِ اهو پارڪ به پاڪستاني بڻجي جناح باغ بڻجي ويو. پر اهو هنڌ انگريزن جي دؤر کان وٺي اڄ تائين لاڙڪاڻي واسين لاءِ هائيڊ پارڪ جهڙي حيثيت رکندو آيو آهي، جتي سياسي، سماجي، ثقافتي، مذهبي ۽ ادبي ميڙاڪا مچندا رهيا آهن. ۱۹۶۵ع ۾ آءٌ ڏهن سالن جو هيس، پاڪستان ۽ هندستان جي جنگ لڳي، سترهن ڏينهن کان پوءِ لاڙڪاڻي جي سڀني اسڪولن جي ٻارن کي جناح باغ ۾ آڻي، ’ايمان افروز جلسن‘ ۾ زوري شرڪت ڪرائي وئي، جيئن اڄڪلهه ڪرائي ويندي آهي، مون به پرائمري اسڪول جي شاگرد جي حيثيت سان شرڪت ڪئي، اڄ تائين اهو قومي گيت ياد آهي، جيڪو بک ۽ اُڃ تي استادن دڙڪا ڏئي ياد ڪرايو هو. اي خطئه لاهور تيري جانثارون ڪو سلام جڏهن ٻارهن تيرهن سالن جي عمر ٿي، ته گھر جا ڀاتي سودو سلف، گوشت مڇي وٺڻ لاءِ شهر موڪلڻ لڳا. جيڪڏهن پاڪستاني چونڪ يا مڇي مارڪيٽ وڃڻو هوندو هيو، ته لاهوري محلي کان گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڏانهن رخ ڪبو هو، پوءِ سول اسپتال ۽ آخر ۾ جناح باغ مان وچ ڪري منزل مقصود تي پهچبو هو. جناح باغ مان گذرندي رنگ وار (تاش راند جو هڪ قسم) کيڏندڙ ٽولن جا هوڪرا، مدارين جا ڪرتب، مشڪرن جو مشڪريون، سياسي، سماجي، ۽ ادبي جلسن کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جا موقعا فراهم ٿيندا هيا. ڪڏهن ڪڏهن اهڙن جھميلن ۾ ڀاڄي وٺڻ به وسري ويندي هئي. پوءِ جڏهن خالي ڇلي سان گھر پهچبو هو ته گھر وارن جي دڙڪن ۽ دهمانن سان منهن ڏيڻو پئجي ويندو هو. مون جن شخصيتن کي جناح باغ ۾ ڏٺو ۽ ٻڌو، انهن ۾ قاضي فضل الله، محمد ايوب کهڙو، مولانا محمد قاسم مشوري، نصير الجتهادي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، عبدالغفور ڀرڳڙي، ممتاز علي ڀٽو، عبدالوحيد ڪٽپر، عبدالرزاق سومرو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ جمال الدين بخاري، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو وغيره وغيره. ٻن شخصيتن جي تقرير جو انداز ڏاڍو منفرد هيو، هڪ ڪامريڊ جمال الدين بخاري جي تقرير،جيڪا باهه جي شعلي جيان ڀڙڪيلي هوندي هئي، ۽ ٻيو ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي تقرير جيڪا نار جي لوٽين جيان ٿڌي ۽ مٺي پاڻيءَ جهڙن لفظن جي پالوٽ ڪندي هئي. ايوبي آمريت جي خلاف جناح باغ يا غريب مقام ۾ پرجوش ۽ ٽوڙ ڦوڙ وارا جلسا ٿيندا هيا، پيپلز پارٽي جي جيالي مقرر عبدالوحيد ڪٽپر جي تقرير ٻڌڻ کان پوءِ، نوجوان واپس گھر ورندي ڪنهن نه ڪنهن سرڪاري دفتر جو بورڊ پٽيندا يا تعليمي ادارن جي دروازن ۾ لڳل شيشن کي پٿرن يا سروٽن سان چٽي پنهنجي نفرت جو اظهار ڪندا هيا. پر ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي تقرير ڏاڍي مدلل ۽ ملڪ جي ٻرندڙ مسئلن تي هوندي هئي، جيڪا جوش کان وڌيڪ هوش ۾ رهڻ ۽ سوچڻ تي مجبور ڪندي هئي. صدر ايوب ويو، يحيٰ آيو. ۱۹۷۰ع واري اليڪشن ٿي. اوڀر پاڪستان ۾ شيخ مجيب الرحمان کٽي ۽ اولهه ۾ ذوالفقار علي ڀٽي صاحب. پوءِ سياسي رساڪشي شروع ٿي. فوجي آپريشن شروع ٿيو. اوڀر پاڪستان جي بنگالين مزاحمت ڪئي. الشمس و البدر ۽ مڪتي باهني ٺهيون. اڳتي هلي۱۹۷۱ع ۾ هندستان ۽ پاڪستان جي جنگ لڳي ته جناح باغ ۾ چهل پهل وڌي وئي. خاڪسار تحريڪ قوم کي هوشياري وٺرائي، ’آگي چل پيڇي چل‘ واري پريڊ ٿيڻ لڳي، ٻيو ته ٺهيو شاهي بازار جي شيخ دوڪاندارن به جناح باغ ۾ ٽريننگ وٺڻ شروع ڪئي ۽ ظاهر ظهور گھاٽي جو سودو ڪيو. پر يحيٰ ميدان ڇڏي، جهنگلن ۽ درياهن ۾ وڙهڻ جو اعلان ڪيو ته شيخ صاحبن جو جوش ۽ جنون به ختم ٿي ويو . پر جي اها جنگ وڌيڪ هلي ها ته وڏو ڪِنُ ٿي ها. منهنجو ڪو ٻيو مطلب ڪانهي، سواءِ انهي جي ته شاهي بازار جا شيخ هڪ سياڻا ڪانوَ ۽ ٻيو ٿين ها جنگجو شاهين ته ڇا ٿا سمجهو!؟ جنگ جي خاتمي کان پوءِ ڀٽو صاحب اول صدر بڻيو ۽ پوءِ وزيراعظم ٿيو. جناح باغ ۾ شور وڌي ويو. جهڙوڪ ابن الوقت برساتي ڏيڏرن جو زمانو اچي ويو، جنهن جو گھر ۾ وٽي تي به نالو نه هوندو هو، سو جناح باغ جي اسٽيج تي چڙهي گھٽ ۾ گھٽ ڏيڍ لک برادري يا پنهنجي قوم سان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيندو هو.جناح باغ جي اندر ٽائون هال جي عمارت نيشنل سينٽر بڻي. مرحوم خادم حسين شاهه بخاري ريزيڊيٽ ڊائريڪٽر ٿيو. هفتي ۾ گھٽ گھٽ ٽي چار سياسي سماجي پروگرام ٿيندا رهيا. انهيءَ دؤران مون ٻن ماڻهن ۾ تبديلي نه ڏٺي، هڪڙو هيو ڪامريڊ جمال الدين بخاري ۽ ٻيو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو. مون ڪڏهن به ڪامريڊ تاج محمد ابڙي کي درٻاري انداز ۾ تقرير ڪندي يا گٿا لفظ ڳالهائيندي نه ٻڌو ۽ سندس انداز اهو ئي مختصر مگر جامع ۽ پرفضيلت رهيو. جڏهن ته برساتي ڏيڏر ان زماني ۾ آپي کان ٻاهر هوندا هيا، اجايو سجايو پيا واڦيندا ۽ ٽان ٽان ڪندا رهندا هيا. جيڪڏهن انهن تي لکجي ته اها به جهڙوڪ لاڙڪاڻي جي سياسي ۽ سماجي تاريخ بڻبي. تاج محمد ابڙي جي ڪچهرين جو چوٻول اُن دؤر ۾ چڱن ماڻهن جي وٽان ٻڌبو هيو ته سندس اوطاق لاڙڪاڻي جو علمي ۽ ادبي مرڪز آهي. پر شرڪت ڪرڻ جو ڪڏهن به موقعو نصيب نه ٿيو، البت کيس نوڙي سلام ڪرڻ ۽ ملڻ جا ڪيترائي موقعا نصيب ٿيا ۽ ڪامريڊ هميشه مشفقانه ۽ پدرانه انداز ۾ ملندو رهيو. ۱۹۷۲ع جي دؤران نيشنل سينٽر جي آڊيٽوريم هال ۾، جڏهن مون ڪامريڊ تاج محمد کي مسلسل غير حاضر ڏٺو ته ڪامريڊ جمال الدين بخاري کان پڇيم: ’سائين ڪامريڊ تاج محمد صاحب نظر نه ٿو اچي اڄ ڪلهه؟‘ ٻڌايائين ته ڪامريڊ جج ٿي سکر پهتو آهي. پوءِ لاڙڪاڻي ۽ خصوصن جناح باغ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ڪمي کي ڏاڍو محسوس ڪيو. ۱۹۷۹ع جو پرآشوب دؤر هيو. ضيائي مارشل لا عروج تي هئي، لاڙڪاڻي ۾ ڪنهن مسڪين جو اڳٺ اتفاق سان لڙڪي پوندو هو ته مارشلائي قانون جي ضد ۾ اچي ويندو هيو. اسٽيشن روڊ تي هڪ عجيب و غريب هوٽل کليو، نالو هيس تماچي ــــ اندرگھڙبو هو ته چار پنج ٿري چوئنرا ٺهيل هوندا هيا.۽ هر چوئنري اندر ڏهه ٻارنهن ڪرسيون پيون هونديون هيون شهر جا اڪثر کاٻي ڌر سان سلهاڙيل جوشيلا نوجوان ۽ نام نهاد ڪامريڊ پنهنجا پنهنجا ٽولا ٺاهيو ويٺا هوندا هيا. سندن ڀرسان انٽيليجنس جا ماڻهو به ڪن اوپڙا ڪيون ويٺا هوندا هيا. انهن چوئنرن جي اندر تيز تند ۽ ڪڏهن ڪڏهن سنجيدگي سان ستايل قوم کي جاڳائڻ جون تدبيرون ٿينديون هيون . انهن ٽولن ۾ هڪڙو ٽولو ڪامريڊ روشن شيخ جي ارد گرد به ويٺو هوندو هيو. ڪامريڊ روشن شيخ به عجيب اڌ راتي ڪردار هيو. جيڪو رات جو جاڳندو ۽ ڪم ڪرڻ جي مهل سمهي پوندو هيو. جنهن تي ڪڏهن نه ڪڏهن ضرور لکبو، اُهو هميشه اُنهن ماڻهن کي پنهنجي تنقيد جو نشانو بڻائيندو هيو، جن ڀٽي صاحب جي دؤر ۾ نوڪريون ورتيون. انهن ۾ خاص ڪري شيخ اياز ۽ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ٽارگيٽ هوندا هيا. مون به جڏهن سندس تنقيد ٻڌي ته اثر ورتو. هڪ ڏينهن بيڪر روڊ، پوءِ قائد عوام روڊ ۽ هاڻي عرف عام قائم شاهه بخاري روڊ تان لنگھندي ڪامريڊ جمال الدين جي منهن چڙهي ويس. مون تي ڪامريڊ روشن شيخ جو نئون نئون اثر هيو، سو ان حوالي سان سوال ڪري وڌم. ڪامريڊ جمال الدين نڪا ڪئي هم، نه ڪا ڪئي تم، هٿ کان ڇڪي گھر وٺي ويو، گھر جي بيٺڪ ۾ ويهاري چيائين؛ ”هاڻي چئو.“ مون چيو: ”سائين اڄڪلهه اِها عام تنقيد آهي ته ترقي پسندن ڀٽي صاحب جي زماني ۾ نوڪريون وٺي نظرياتي غداري ڪئي آهي.“ ”مثلن؟“ ”شيخ اياز ۽ تاج محمد ابڙي وغيره“ ”ٻڌ، ڪامريڊ تاج محمد ابڙي مون کان پڇيو هو ته ذوالفقار علي ڀٽو چاهي ٿو ته آءٌ ڪو منصب وٺان، تنهنجي ڇا راءِ آهي؟خبر ٿي مون ڇا چيو؟“ ”ڇا چيو؟“ ”مون چيو وڃي جج ٿيءُ، غريب ۽ مظلوم ماڻهن جي داد رسي ڪر، پوءِ هو جج ٿي ويو.“ مون وراڻيو؛ ”ڪامريڊ، پوءِ ته اُهو کاٻي ڌر وارن تي ليبل لڳندو ته هو پنهنجيون خدمتون ڪيش ڪرائن ٿا“. ڪامريڊ وراڻيو: ’اها ڳالهه ته ٻڌاءِ، جي ساڄي ڌر وارا پنهنجا ماڻهو سرڪاري ادارن ۾ موڪلن ته صحيح، جي اسان موڪليون ته غلط!؟ هن وقت سرڪاري شعبن ۾ وڌ ۾ وڌ ساڄي ڌر جا ماڻهو ويٺا آهن. ان ڪري جيڪي به پاليسيون ٺهن ٿيون، اُهي رجعت پسندانه آهن. اِن جو ٽوڙ اِهو آهي ته اسان جا ماڻهو به هر شعبي ۾ هجڻ گھرجن.“ مون کي ڪامريڊ روشن جو ڏنل بخار هيو، ڦيرائي سوال ڪيو مانس: ”پر جيڪڏهن اُهي موڪليل ماڻهو سرڪاري يا درٻاري ٿي وڃن ته ڇا اُهي نظريي سان سچا رهي سگھن ٿا؟“ ”اڙي ...! جڏهن رجعت پسندن جا ماڻهو پنهنجن سان سچا آهن، ته اوهان پنهنجن تي شڪ ڇو ٿا ڪيو...؟ ۽ ڪن کولي ٻڌي ڇڏ، ته هي جيڪو به ڀٽي صاحب سان ٿئي پيو، ان جو سبب اهو ئي آهي، ته اهم ادارن ۾ رجعت پسندن جو تعداد وڌيڪ آهي.“ ڪامريڊ اهو ٻڌائيندي جڏهن مونکي سواليه نگاهن سان ڏٺو ته مان لاجواب ٿي ويس. ۽ ذوالفقار علي ڀٽي سان ٿيندڙ عقوبتن جو سبب سمجهه ۾ اچي ويو. ۽ پوءِ مون کي احساس ٿيو ته ان وقت اِها ترقي پسندن جي حڪمت عملي هئي ته ائين ڪجي ۽ اُن حڪمت عملي سان ڪيترو نڀايو ويو، اِهو هڪ الڳ بحث آهي. پر اِها حقيقت آهي ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙي خوب نڀايو ۽ ابڙو وڏوڙو ٿي ڏيکاريو. ان جي شاهدي سنڌ جي معتبر شخصيت ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي به ڏئي ٿو: ”ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي زندگي جو مقصد هيو، ستل معاشري کي جاڳائڻ ۽ مظلوم ماڻهن جي داد رسي ڪرڻ ــ هُـو وڪيل هيو ته به ان راه تي گامزن هيو ۽ جج ٿيو ته به ساڳي مقصد جي تحت زندگي گذاريائين. سنڌ ۾ جيڪڏهن اهڙا ڪميٽيڊ ماڻهو سؤ کن به هجن ها ته معاشري ۾ انقلاب برپا ٿي سگھي پيو.“ مرحوم اياز قادري پنهنجي نجي ڪچهرين ۾ اسان کي ٻڌائيندو هيو ته لاڙڪاڻي ۾ جيڪا ترقي پسند ادب جي شمع روشن آهي، سا سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي جي پهرين سيڪريٽري جي حيثيت سان ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ٻاريل آهي. ڪي ماڻهو اِهو به ڍيڪ ڏيندا آهن ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙي سنڌي ادبي سنگت جي باني مباني هوندي به ڪجهه نه لکيو. ته اِن جو تز جواب اِهو آهي ته ڪامريڊ ادب دوست ۽ ادب پرور اڳواڻ هيو. جتي ادب دوست ۽ ادب پرور اڳواڻ هوندا آهن، اُتي ئي سرجڻهارن ۽ تخليقارن جا قافلا روان دوان هوندا آهن. ۸ آگسٽ ۱۹۲۴ع ۾، هي شهدادڪوٽ ۾ ڄائو، زندگيءَ جي آخري گھڙين تائين پنهنجي ذهن ۽ ضمير سان سچو رهيو. سچ پڇو ته لاڙڪاڻي جي ترقي پسند اديبن کي ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع تي سندس وڇوڙي کان پوءِ اِهو شدت سان احساس ٿيو ته ساڃاهوند ساربان کان سواءِ معاشرتي رڃ جو سفر ڪيڏو نه ڏکيو هوندو آهي. ** ڪامريڊ تاج محمد ابڙو هڪ امر انسان جي امر ڪهاڻي ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ اڄ بحرانن جي دؤر ۾ ويچاري انسان کي جنهن ڳالهه سڀ کان وڌيڪ حيران ۽ پريشان ڪيو آهي، اها سندس ”نظرياتي بيهڪ“ آهي. اسان مان هرڪو صبح جو هڪ خيال جو آهي ته منجهند جو ٻي ڳنڍ ٻڌي بيهي ٿو. چيو ويندو آهي ته سانڊو گهڙيءَ پل ۾ رنگ بدلائي ٿو، ليڪن اڄ جو انسان نظرياتي حوالي سان ويٺي ويٺي الائي ڪيترا رنگ بدلائي وڃي ٿو! هيءَ ڳالهه اسان کي سياستدانن ۾ چٽيءَ طرح نظر ايندي. سياستدان جنهن پارٽيءَ ذريعي سياست جي ميدان ۾ ايندو، اها ڪپڙن بدلائڻ واريءَ ويرم کان به اڳ مٽائي، ڪنهن ٻيءَ پارٽيءَ ۾ شامل ٿي ويندو. اهو ئي سبب آهي، جو سياستدانن کي اڪثر ڪري ”ڍنڍ جا پکي“ به چيو ويندو آهي، جيڪي ڪڏهن هڪڙيءَ ڀر تي هوندا آهن ته ڪڏهن ٻيءَ ڪنڌيءَ تي هوندا آهن. هي نظرياتي خلفشار ڇو پيدا ٿيو آهي؟ ماڻهو پنهنجن پيرن تي بيهڻ لاءِ تيار ڇو نه آهي؟ انسان جو پنهنجي نظريي ۾ ايمان ڇو نه رهيو آهي؟ هي اسان جي دؤر جو اهم سوال آهي. جڏهن اڳواڻن جو اهو حشر وڃي رهيو آهي ته عام ماڻهوءَ جي نظرياتي بيهڪ ڪهڙي هوندي؟ هن سوال جو هڪڙو ئي جواب آهي. اهو هيءُ ته عوام اڳيان ”آدرش“ جو تصور آهي ئي ڪونه. ماڻهن کي ڪو اهڙو مثال ئي نٿو ملي، جنهن کان متاثر ٿي هُو پنهنجي حياتي انهيءَ انسان وانگر گذارين. پر هن ۾ ڏوهه ڪنهن جو؟ ڇا سنڌ ڀلا انسان پيدا ڪونه ڪيا آهن، جن کي ”مثالي“ چئي سگهجي؟ نه، ائين ڪونه آهي. سنڌ ته هر دؤر ۾ اهڙا آدرشي انسان پيدا ڪيا آهن، جيڪي پنهنجي وجود ۾ انجمن هئا، پر بد قسمتيءَ سان نه ته اسين انهن جا وارث ٿيڻ لاءِ تيار آهيون ۽ نه وري وس وارن اسان کي انهن آدرشن جي حياتيءَ کان باخبر ڪيو. ڪيڏي نه ڏک جي ڳالهه آهي ته مغربي ملڪن ۾ شخصيتن تي ڪم ڪرڻ لاءِ بين الاقوامي اهميت ۽ نوعيت وارا ادارا قائم ڪيا ويا آهن ۽ انهن ۾ دنيا جهان جي عالمن، اديبن، شاعرن، دانشورن ۽ مفڪرن وغيره بابت احوال ڪٺا ڪري شايع ڪيا وڃن ٿا، ليڪن سنڌ ۾ ڪوبه اهڙو ادارو ڪونهي، جيڪو اسان کي ٻڌائي سگهي ته هن ڌرتيءَ ڪهڙا ڪهڙا نه وڏا ماڻهو پيدا ڪيا آهن. جنهن قوم کي آدرش اکين ۾ نه هوندا آهن، اها قوم بي دڳي ٿي پوندي آهي. اها قوم اهڙي حال کي پهچندي آهي، جنهن کي اسين پهچي چڪا آهيون. هن وقت اسان اڳيان ”ڪامل شخصيت“، ”ڀلي انسان“ ۽ ”آدرشي ماڻهوءَ“ جو ڪوبه تصور ڪونهي، ان ڪري ڌارين آدرشن مان ڪنهن جي مُنڍي، ڪنهن جي زبان، ڪنهن جو دماغ ته ڪنهن جون اکيون کڻي اسين پاڻ کي ٺاهيون ٿا ۽ پوءِ حشر اهو ٿئي ٿو ته اسين ڪجهه به ٿي نٿا سگهون. سنڌ کي نظرياتي ڀونچال مان ڪڍڻ جو واحد طريقو هي آهي ته اسين نئين نسل اڳيان انهن انسانن کي مثال طور پيش ڪيون، جيڪي بي لوث ۽ پُرخلوص هئا، جيڪي هڪ ئي وقت تي وطن دوست به هئا ته عوام دوست به هئا، جن پنهنجيون حياتيون مثالي حيثيت ۾ گذاريون ۽ جن کي پڙهڻ ۽ محسوس ڪرڻ سان اسين به مثالي، ڀلا ۽ آدرشي انسان ٿي سگهون ٿا. اسان جا هي انسان اهڙا آهن، جن جي جتيءَ ۾ پير پئجي سگهي ٿو، ڇوته هو اسان مان هئا، اسان لاءِ هئا ۽ اسان جا هئا. پوءِ هيءَ ٻي ڳالهه آهي ته اسين کين پنهنجو نٿا ڪيون ۽ پنهنجو نٿا سمجهون. دنيا جهان جي ”وڏن انسانن“ تي نظر ڦيرائبي ته اهي هڪ يا وڌ ۾ وڌ زندگيِءَ جي ٻن شعبن ۾ سرگرم عمل نظر ايندا، ليڪن سنڌ اهڙا ماڻهو پيدا ڪيا آهن، جيڪي پنهنجي وجود ۾ انجمن هئا ۽ جن هڪ ئي وقت تي ڪيترن شعبن ۾ پاڻ ملهايو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو به انهن ۽ اهڙن ماڻهن مان هڪ هو. مرحوم هڪ ئي وقت تي ماهرِ قانون، علم دوست، سياسي شعور جو ڌڻي ۽ سماجي ڪارڪن ٿي رهيو ۽ هرهڪ شعبي ۾ مثالي ڪردار ادا ڪيائين. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اهڙيءَ مقبول شخصيت جو مالڪ هو، جو سندس وفات کان پوءِ کيس ڪيترن دوستن ياد ڪيو آهي. نه فقط ايترو، پر انهن ماڻهن به قلم کنيو آهي، جن کيس تمام ويجهو ڪونه ڏٺو هوندو. ڪنهن به شخصيت جي مقبوليت جي ان کان وڌيڪ ٻي شاهدي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ته کيس هن جهان ڇڏڻ کان پوءِ ياد ڪرڻ وارا گهڻا ماڻهو هجن. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي تي مون کان اڳ ڪيترن ئي قلم کنيو آهي، جن مان ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي، ڊاڪٽر اياز قادري، ڪامريڊ برڪت آزاد، انيس انصاري، ڊاڪٽر غلام علي سانگي، هدايت منگي، امان شيخ، شرف صديقي، محمد علي پٺاڻ، ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ، جي ايم سيد، ڪامريڊ ڄام ساقي، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، انور پيرزادي، ادل سومري، جسٽس نعيم الدين ۽ عنايت وارث جا نالا ذڪر لائق آهن. ٿيڻ ته ائين گهربو هو ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جهڙن انسانن جو ذڪر اسان جي نصابي ڪتابن ۾ هجي ها، پر نڌڻڪيءَ قوم جا اهڙا نصيب ڪٿي، جو ڪتابن ۽ اخبارن ۾ پنهنجي آدرشن جا احوال پڙهي سگهن. پر هيءَ ڳالهه به ڪنهن غنيمت کان گهٽ ڪانهي ته ڪامريڊ جي وفات کان پوءِ سندس مداح ۽ دوست مرحوم جي سوانح خواهه خدمتن تي ڪجهه نه ڪجهه لکندا اچن ٿا ۽ اهو اخبارن ۾ ڇپبو رهي ٿو. منهنجي خيال ۾ هاڻي ”تاج محمد ابڙو يادگار ڪاميٽي“ کي اهي سمورا مضمون ميڙي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرائڻ گهرجن، پر شايد هن ڪاميٽيءَ لاءِ اهو مسئلو پيدا ٿئي ته ڪهڙو فرد يا ادارو ان جي مالي يا اخلاقي مدد ڪندو؟ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي کي مون ڪڏهن به روبرو ڏٺو ٻڌو نه، پر سنڌ جي تاريخ جي عاشق هئڻ جي ناتي سان مرحوم مون لاءِ اوپرو ڪونهي. مون کي ائين ٿو لڳي ته آءٌ سندس انهن ويجهن مان هڪ آهيان، جن ساڻس گڏ گذاريو هجي. جيڪڏهن مون کي سندس ڪا صحبت نصيب نه ٿي ته منهنجا بزرگ اديب ۽ شاعر ته ساڻس گڏ رهيا. محمد ابراهيم جويي، جمال ابڙي، شيخ اياز، رشيد ڀٽيءَ، ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌيءَ، مقبول ڀٽيءَ، اياز قادريءَ، ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ، انيس انصاريءَ، ڊاڪٽر سنديلي، شمشير الحيدريءَ ۽ نسيم کرل جيڪي ساڻس رهاڻيون ڪيون، انهن رهاڻين مان مون هن ريت رس ۽ چس ورتو، جو هنن مهربانن مان ڪنهن ته مون سان ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جا حوال ڪيا هوندا. ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي ۽ هري دلگير درياڻي هن وقت هتي ڪونه آهن، نه ته هُو به هن مرحوم ڪامريڊ بابت ڪيتريون ڳالهيون ٻڌائين ها، ڇوته اهي به سندس دوست رهيا. اديبن، شاعرن ۽ عالمن جون ڳالهيون نڪتيون آهن ته آءٌ اهو عرض ڪندو هلان ته اسان جي ڪامريڊ تاج محمد ابڙي ”ترقي پسند ادب“ جي تحريڪ ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو، اهو اسان جي تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ آهي. سندس ئي ڪوششن سان لاڙڪاڻي ۾ ”سنڌي ادبي سنگت“ جي شاخ هلي. نه فقط ايترو، پر ”سنڌي ادبي سنگت“ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي بنائڻ، سنڌي ثقافت کي بچائڻ ۽ ون يونٽ کي ٽوڙڻ لاءِ جيڪو به تحرڪ ورتو، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو هر موڙ تي هن سنگت جو پهرين صف وارو ساٿي رهيو. ڪامريڊ ڪٿي به رهيو، هن علم ادب جي شمع کي ٻاري رکيو. لاڙڪاڻي ۾ رهيو ته ڊاڪٽر اياز قادري، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، انيس انصاري ۽ خادم حسين شاهه سندس ادبي حلقي جا رتن رهيا. پاڻ جڏهن سکر ۾ رهيو ته شيخ اياز، رشيد ڀٽيءَ ۽ فتاح ملڪ ساڻس ادبي روح رهاڻيون ڪيون. جڏهن خيرپور ۾ رهيو ته ڊاڪٽر تنوير عباسي سندس ساٿ ساٿي رهيو. ڪامريڊ جڏهن حيدرآباد ۾ آيو ته محمد ابراهيم جويو، زيب عاقلي، رسول بخش پليجي ۽ ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جهڙا دانشور سندس اڱڻ تي ادبي محفلن مچائڻ وارن مان ٿي پيا. لاڙڪاڻي جي حوالي سان ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جا ادبي ڪارناما کيس لاڙڪاڻي جي تاريخ ۾ هميشه جاودان ۽ زنده رکندا. سر شاهنواز ڀٽو لائبريري ٺهرائڻ ۾ سندس جستجو ۽ لگن شامل رهي، ان کان اڳ پاڻ لاڙڪاڻي ۾ ”لطيف ڪانفرنس“ جو اهتمام ڪيائون ۽ ”لطيف دوستي“ جي جذبي تحت لاڙڪاڻي ۾ شاهه لطيف لائبريري قائم ڪرايائون، جيڪا هن وقت حالتن ۽ حادثن جو شڪار ٿي چڪي آهي. نه لطيف جي وارثن جي هٿ هيٺ رهي آهي ۽ نه ڪنهن فعال ادبي تنظيم جي نگرانيءَ هيٺ آهي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي هن ياد کي قائم رکڻ ۽ ڪارنامي کي باقي رکڻ جي تقاضا اها آهي ته لائبريري وري فعال ٿئي ۽ اهو ادارو اهڙن هٿن ۾ اچي، جيڪي شاهه لطيف لائبريريءَ کي سنڌ جي هڪ فعال ۽ مثالي لائبريري بڻائي سگهن، ته جيئن ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي انهن مقصدن ۽ منزلن کي ماڻي سگهجي، جن کي اڳيان رکي هن مرحوم اهڙي ڪوشش ڪئي. لاڙڪاڻي ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي ٻيو اهم ڪم هيءُ ڪيو ته سندس ڪوششن سان سنڌي اردو اديب ۽ شاعر هڪٻئي جي ويجهو آيا ۽ ”انجمن ترقي اردوءَ“ جي شاخ کلي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو علم دوست انسان هئڻ سان گڏ ترقي پسند شعور جو مالڪ پڻ هو. پڙهڻ واري زماني ۾ هن مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ حصو ورتو. پاڪستان جڙڻ کان اڳ ئي هو ”انقلابي سياست“ جو قائل ۽ مبلغ بڻجي چڪو هو. شاگرد سياست کان وٺي مزدور سياست تائين، انهن جي هر تحريڪ ۾ مدد ڪيائين. هاري تحريڪ ۽ نيشنل عوامي پارٽي ۽ سنڌ عوامي محاذ جي تاريخ جا ورق ورائي ڏسبا ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جون خدمتون نمايان طور نظر اينديون. ون يونٽ خلاف جيڪا تحريڪ هلي، هن مرحوم انهيءَ ۾ به ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. ڪامريڊ برڪت علي آزاد جو چوڻ آهي ته هن ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي تعاون سان ئي جيڪب آباد ۾ هاري تحريڪ جي شاخ کولائڻ ۾ پنهنجي سنگت جو ساٿ ڏنو هو. تاج محمد ابڙي جي دوست سياستدانن ۽ شاگرد سياستدانن جو حلقو تمام وسيع هو. چيو ويندو آهي ته جڏهن مرحوم ذوالفقار علي ڀٽو تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ لاڙڪاڻي آيو هو، ته سندس ڀاءُ سڪندر علي ڀٽي کيس ڪامريڊ تاج محمد ابڙي وٽ آڻي، سندس ڏيٺ وائٺ ڪرائي هئي، جتي نه فقط سياسي ڪچهريون ٿيون، پر اهڙين ڪچهرين ٻنهي کي هڪٻئي جي ويجهو آڻي ڇڏيو ۽ ٻئي هڪٻئي جا دوست بڻجي ويا. ڪامريڊ ڄام ساقي، رسول بخش پليجي ۽ امان الله شيخ، ڪامريڊ تاج محمد ابڙي وٽان سياست جا داؤ پيچ سکيا. مرحوم جي شاگرد سياستدانن جو تعداد گهڻو آهي، پر جيتري قدر سندس دوست سياستدانن جي حلقي جو تعلق آهي، ان لاءِ ايترو چئي سگهجي ٿو ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙي ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي جن سياستدانن سان گڏجي ڪم ڪيو، تن مان سائين جي ايم سيد، ولي خان، ايوب کهڙو، قاضي فضل الله، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، سوڀو گيانچنداڻي، عطاءَ الله مينگل، غوث بخش بزنجو، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، شيخ عبدالمجيد سنڌي، قاضي فيض محمد، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، مير رسول بخش ٽالپر، مير علي احمد ٽالپر، فاضل راهو، رسول بخش پليجو، حاڪم علي زرداري ۽ ڪامريڊ جمال الدين بخاري وغيره جا نالا ذڪر لائق آهن. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي بي ڊي نظام ۾ ميمبر ٿيڻ کان وٺي يونين ڪائونسل جي چيئرمين ٿيڻ تائين ۽ ون يونٽ ٽوڙڻ واريءَ تحريڪ کان ايوب شاهيءَ خلاف تحريڪ تائين پنهنجي دور جي هر عوام دوست ۽ ترقي پسند سياسي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. اهڙيءَ ريت هُو پنهنجي زندگي قوم لاءِ ڪارائتي بڻائي ويو. هُو انهن آدرشن ۽ ڀلن انسانن مان هڪ هو، جن جي حياتي اسان لاءِ اتساهه جا انيڪ مثال ڇڏي ٿي. جيڪڏهن اسين چاهيون ته پاڻ کي انهن انسانن جهڙو بڻائي، تاريخ جي ورقن ۾ امر ٿي سگهون ٿا. (روزانه هلال پاڪستان، عوامي آواز، جاڳو، سنڌو، مهراڻ، سنڌ نيوز) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جو درد رکندڙ حاڪم علي چانڊيو اسان جي سنڌ ڌرتيءَ تي ڪيترن ئي ليڊرن، عالمن، اديبن، شاعرن ۽ دانشورن جنم ورتو آھي جن پنھنجي سموري زندگي عوام جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي انھن مان ڪامريڊ تاج محمد ابڙو به ھڪ آھي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۰۸ آگسٽ ۱۹۲۴ع ڌاري شھدادڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي پرائمري تعليم قمبر مان حاصل ڪئي، سيڪنڊري تعليم لاڙڪاڻي مان حاصل ڪري ايل ايل بي ڪراچيءَ مان پاس ڪئي، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو شاگردي واري دور کان وٺي سياست ۾ سرگرم رھيو. مسلم ليگ ڪميونسٽ پارٽي جيئي سنڌ سنڌ ھاري ڪاميٽي نعپ پيپلزپارٽيءَ سميت سنڌ عوامي اتحاد کان وٺي جيڪا تحريڪ سنڌ جي ڀلي ۽ آجپي لاءِ بھتر محسوس ڪيائين، انھيءَ ۾ ڀرپور نموني حصو ورتائين، سنڌ جي نامور اديب دانشور جج سياستدان سماج سڌارڪ ۽ صحافي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي ۳۲ ھين ورسي آھي ھن مختلف شعبن ۾ اڻ ڳڻيون ۽ شاندار خدمتون سرانجام ڏنيون آھن ايشيا جي وڏي ادبي تنظيم سنڌ ادبي سنگت سنڌ جي باني ميمبرن ۾ شمار ڪيو ويندو آهي. ھن جي لاڙڪاڻي واري، سنڌ ۽ ھند جي مشھور اوطاق تي سنڌي ادبي سنگت جو اجلاس ڪوٺايو ويو. ون يونٽ خلاف تحريڪ دوران روشنيءَ جو پھريون ڪرڻو لاڙڪاڻي ۾ مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي اوطاق تان اڀريو ۽ پوري سنڌ ۾ ڦھلجي ويو ۽ سموري سنڌ کي جرڪائي ڇڏيائين ڪامريڊ تاج محمد ابڙو قائد اعظم محمد علي جناح جي انگريزي اخبار جو ايڊيٽر پڻ رھيو لاڙڪاڻي جي تاريخ ۾ انجمن ترقي اردو جي عمارت ۾ جيڪا لائبريري قائم ڪيائين ان جو نالو شاھ عبداللطيف ڀٽائي رکيائين دنيا ۾ اھڙا ماڻهو گهٽ ھوندا آھن جيڪي ٻين ڪاڻ جيئن خاص طور تي ڪو وڏو عھدو رکندڙ ماڻهو پنھنجي خوشيءَ بدران ٻين جي خوشيءَ کي ترجيح ڏئي مايا جو موھ ۾ پوڻ بدران غريبن جي خدمت ڪري جيڪڏهن ڪو اھي گڻ رکي ٿو ته اھو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو آھي جيڪو جج جي عھدي تي ھجڻ باوجود تمام سادگيءَ سان پنھنجي زندگي گذاري ماڻهو سندس فقير طبعيت ۽ حساسيت تي حيرت کائيندا ھئا. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ڪنھن کي به جيڪڏهن ڏکيو ڏسندا ھئا ته پاڻ به ڏکارا ٿي ويندا ھئا ڪامريڊ تاج محمد ابڙو نرم دل، نرم مزاج، نرم لھجي ۽ نرم طبعيت جا مالڪ ھئا ڪامريڊ تاج محمد ابڙو غريبن جي ھڙوان وڙان مدد ڪندو ھيو ۽ جيڪڏهن قلب جي اک سان ڏسجي ته اھا ئي انسانيت آھي جو ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جو ننڍي ھوندي کان ئي ادب ۽ سياست طرف لاڙو ھيو، ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي سياسي سماجي ادبي ۽ قانوني خدمتن کي مد نظر ۾ رکندي پوري سنڌ ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ورسي ملھائي ويندي آھي ۽ سندس نانءُ اڄ به چڱن ماڻهن جي فھرست ۾ مٿڀرو آھي ۽ سندس اولاد لاءِ ڄڻ ته ھو اھو وڏو خزانو ڇڏي ويو ھجي جو ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ڪري ھن معاشري ۾ مان مريادا آھي ماڻهن جي دلين ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي لاءِ تمام گهڻو مان آھي ڇاڪاڻ ته ھوءَ پنھنجي زندگي پيار پاٻوھ انسانيت واري جذبي ۽ ھڏ ڏوکيءَ طور زندگي گذاري ويو آھي، ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي زندگيءَ ۾ حرس حوس نفرت ۽ وڏائيءَ کان پري ۽ بالاتر رھيو ۽ عوام دوستي وارا عنصر سندس سڃاڻپ بڻجي ويا جنھن جي ڪري سندس نالو اڄ به پيو ڳائجي اھڙا ماڻهو امر ھوندا آھن ۽ جڳ جڳ جيئندا رھندا آھن. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع تي اسان کان هميشه هميشه لاءِ وڇڙي وڃي مالڪ حقيقيءَ سان مليو سندس تدفين لاڙڪاڻي جي ابوبڪر قبرستان ۾ ڪئي وئي پر سنڌ لاءِ ڪيل سندس خدمتون صدين تائين ياد رکيون وينديون ۽ اھڙا ماڻهو تاريخ بڻجي هميشه لاءِ جيئندا رھندا آھن. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو انسان دوست ۽ فرض شناس شخصيت امداد علي اوڍو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جي تاريخ جو املهه ڪردار آهي، جنهن پنهنجي مختصر زندگيءَ ۾ ڀرپور قومي جدوجهد ۾ نڀائڻ جي ڪوشش ڪئي. ۸ آگسٽ ۱۹۲۴ع ۾ هن جو جنم شهدادڪوٽ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. پرائمري تعليم قمبر علي خان ۾ حاصل ڪيائين ۽ سيڪنڊري تعليم لاڙڪاڻي ۾ پرايائين. لاڙڪاڻي ۾ پڙهائي دوران هن جو هم ڪلاسي ڊاڪٽر اياز قادري لکي ٿو ته: تاج محمد ابڙو منهنجو پيارو دوست هو. اسين هڪٻئي جي ڏک سک جا ساٿي هياسون، حال ڀائي ۽ همدرد هياسون. ڪامريڊ کي سياست سان دلچسپي هئي، انهيءَ دؤر ۾ مسلمانن جو لاڙو مسلم ليگ ۽ هندن جو لاڙو ڪانگريس ڏانهن هو. مسلم شاگردن وڏي سرگرمي سان مسلم ليگ لاءِ ڪم پئي ڪيو. هي دؤر ۱۹۴۲ع جو هيو. ان زماني ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو پورهيتن جي حقن جي ڳالهه ڪندو هو، غريبن جي مسئلن کي سمجهڻ ۽ انهن کي حل ڪرڻ متعلق ويچاريندو هو، مسڪين ماڻهو جي ڏکايل صورتحال تي ڏکارو ٿي ويندو هو ۽ آسائتو هوندو هو ته غريبي جو خاتمو ڪيئن آڻجي؟ انهيءَ جذبي هن ۾ سوچڻ واري ذات پيدا ڪئي. انهيءَ سوچ هن کي پڙهڻ ڏي راغب ڪيو. جيئن جيئن هن پڙهائي تي زور ڏنو، تيئن هن ۾ قومي جذبي تحت جدوجهد ڪرڻ وارو جذبو اجاگر ٿيو. هن اهو سمجهيو هو ته علم حاصل ڪري ئي شعوري طرح پنهنجي مسڪين ماڻهو جي تقدير بدلائڻ لاءِ جاکوڙ ڪري سگهجي ٿي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي ۱۹۴۳ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪئي. مسلمانن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جو رجحان گهٽ هيو. وڏن ماڻهن جا ٻار پڙهندا هئا، مسڪين ماڻهن لاءِ تعليم حاصل ڪرڻ ڄڻ ممڪن ڪونه هو. هندو گهڻو ڪري شهرن ۾ رهندا هيا ۽ ڪاروبار سان انهن جو تعلق هو، ان ڪري پڙهائي ۾ به هو دلچسپي وٺندا هئا. ڪامريڊ ميٽرڪ کان پوءِ اعليٰ تعليم لاءِ ڪراچي ۾ ايس.ايم ڪاليج ۾ داخلا ورتي. ۱۹۴۳ع ۾ پير الاهي بخش وزيرِ تعليم جي ڪوشش سان هي ڪاليج کليو، جتي مسلمان شاگردن لاءِ اسڪالرشپ، داخلا ۽ هاسٽل جي فين ۾ خصوصي رعايت ملندي هئي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي سان گڏ ٻين شاگردن سان گڏ ڊاڪٽر اياز قادري به گڏ هو. ڪاليج جا شاگرد پنهنجو ۽ تعليم جو خرچ پورو ڪرڻ لاءِ نوڪريون ڪندا هئا. مسلمان شاگردن لاءِ نوڪريون به جام هيون جو سنڌ ۾ نوڪرين جي ڪوٽا ۾ ۶۰ سيڪڙو مسلمانن لاءِ هوندو هو، ۴۰ سيڪڙو هندن لاءِ ڪوٽا هوندي هئي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو کي صحافت سان دلچسپي هجڻ ڪري هن تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ جڳ مشهور روزاني اخبار ”الوحيد“ ۾ سب ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ڪم ڪيائين. بعد ۾ ريڊيو پاڪستان ڪراچي ۾ نيوز ڪاسٽر جي حيثيت ۾ ڪم ڪيائين. هن جا هم ڪلاس محمد هارون (جيڪو سنڌ جو گورنر ٿيو)، سندس وڏو ڀاءُ سعيد هارون، اڳوڻو روينيو جو وزير قاضي عبدالمنان، علي گوهر کهڙو جن هئا. پڙهائي دوران هن کي پنهنجي اخبار ڪڍڻ جو شوق ٿيو. ڪامريڊ اخبار وسيلي سنڌ جي مسڪين، خصوصًا هارين جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ چاهي پيو، پر مناسب رقم نه هجڻ ڪري شروع ۾ اخبار نه ڪڍي سگهيو. ارادي جو پختو هيو، جيڪو فيصلو ڪري وٺندو هو، پوءِ ڏينهن رات اڻ تڻ هوندي هيس ته هر حال ۾ ان کي پورو ڪجي. اهڙي سوچ ۽ جذبي هيٺ ”نوجوان“ نالي سان اخبار شروع ڪئي، جنهن جو ايڊيٽر ڊاڪٽر اياز قادري کي مقرر ڪيائين. اخبار مواد جي حوالي سان انتهائي معياري هئي، پر مالي وسيلن جي نه هجڻ ڪري اخبار جو سلسلو بند ٿي ويو. ۱۹۴۷ع ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو وڪالت پاس ڪري لاڙڪاڻي واپس پهتو. وڪالت جي شروعات عبدالفتاح ميمڻ سان ڪيائين، پر پوءِ شمس الدين ابڙي سان پارٽنر جي حيثيت ۾ پريڪٽس ڪيائين. وڪالت دوران پاڻ سرڪاري وڪيل به ٿيو. هي صاف سٿري ڪردار جو مالڪ هو. وڪالت مقصد وارو پيشو سمجهي ڪئي. اڪثر مسڪين ماڻهن جا ڪيس مفت ۾ وڙهندو هو. گهڻن جون ته ڪورٽ جون فيون به پاڻ ڀريندو هو. ٿوري عرصي ۾ پيشي جي لحاظ کان مان مرتبي وارو مقام حاصل ڪيائين. وسيع مطالعي ڪري وڪالت سان گڏوگڏ سياست ۾ به دلچسپي هوندي هيس. شام جو هن جي اوطاق تي سياسي ڪچهريون ٿينديون هيون. هن جي ڪچهرين ۾ مختلف سوچ رکندڙ سياستدان، اديب، زميندار، پورهيتن سان تعلق رکندڙ دوست گڏ ٿيندا هئا. وڏو مهمان نواز هو، چانهه جو ڪيٽلو مستقل چڙهيل هوندو هو. هن جي ڪچهري جا روح روان ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ علي محمد عباسي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، عبدالخالق آزاد، ڪامريڊ جمال الدين بخاري، مولوي نذير حسين جتوئي، حاجي محمد پيرزادو، سائين جمال ابڙو، ڪامريڊ عبدالقادر جوڻيجو، عبدالخالق آزاد، ڪامريڊ برڪت علي آزاد، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، قاضي فيض محمد، شمس الدين شاهه وڪيل، شيخ اياز ۽ ٻيا ناليوارا دوست هئا. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي دوستن سان گڏ ”هاري پارٽي“ ٺاهي، جنهن هارين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي. هن کي سنڌي ادب ۽ زبان سان وڏو لڳاءُ هيو. سنڌي ادبي سنگت جي بنيادي ميمبرن ۾ شامل هيو ۽ سنڌي ادبي سنگت جي لاڙڪاڻي ۾ شاخ قائم ڪئي، جنهن جو هُو ڳچ وقت سيڪريٽري رهيو. سنگت جي ڪچهرين ۾ علم ۽ ادب دوست وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيندا هئا، جن ۾ ڪامريڊ جمال الدين بخاري، سائين جمال ابڙو، حاجي محمود خادم، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، عبدالمجيد ميمڻ، انيس انصاري، ڊاڪٽر اياز قادري ۽ ٻيا شامل هئا. ۱۹۵۶ع ۾ لاڙڪاڻو ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ورسي ملهائي وئي، جنهن جو سمورو خرچ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي ڪيو. سنڌ ۾ ڪٿي به ادبي ڪانفرنس ٿيندي هئي ته ڪامريڊ ان ۾ شرڪت ڪندو هو. هن جي سنگت جو حلقو وسيع هو. سموري سنڌ ۾ هن جا دوست هئا. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان به هن جي قرب وارو رستو هو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سان رابطي ۾ رهندو هو. ڀٽو صاحب، ڪامريڊ جي علمي، ادبي صلاحيتن کان متاثر هو. سياست متعلق هن سان صلاحون ڪندو هو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي اقتدار دوران ۱۹۷۲ع ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو کي ايڊيشنل سيشن جج مقرر ڪيو. اڳتي هلي سيشن جج ٿيو. امانتي عهدي سنڀالڻ کان پوءِ انصاف سان فيصلا ڪيائين. حيدرآباد، سکر، جيڪب آباد، نوابشاهه، ڪراچي ۽ آخر ۾ ٺٽي ۾ نوڪري ڪيائين. ۱۹۸۵ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. ڪجهه وقت ٺٽي ۾ رهيو، پر مستقل ناچاڪي جي ڪري پنهنجي زندگيءَ جو باقي حصو لاڙڪاڻي ۾ گذاريائين. ذيابيطس جي مرض ۽ دل جي تڪليف ڪري ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع ۾ ڪراچي جي جناح اسپتال جي Cardio vascular ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين. هن جي وفات سبب علم، ادب، صحافت، سياست جي هڪ شاندار باب جي پڄاڻي ٿي. سنڌ جي تاريخ هن عظيم سنڌ جي عاشق ۽ همدرد کي هميشه ياد رکندي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو پنهنجي حياتي دوران ۱۹۴۶ع کان وٺي ۱۹۸۶ع تائين پنهنجي ڊائري مستقل مزاج سان لکندو هو، جيڪا سندس ڪٽنب وٽ محفوظ آهي. چاليهن سالن جو لکيل هي ڊائري وارو مواد وڏو تاريخي آهي. سنڌ جو ڪو اشاعتي ادارو يا سندس فرزند جيڪي انتهائي لائق آهن، انهيءَ کي ڪتاب جي صورت ۾ آڻين ته جيئن مرحوم جي ذهانت، سوچ ۽ فهم مان سنڌ جو عوام لاڀ حاصل ڪري سگهي. مرحوم جيئن ته وسيع مطالعي جو مالڪ هو، ان جون لکڻيون به اهميت ۽ مڻيا واريون هونديون. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جو املهه ماڻهو حميد سنڌي پنهنجي پيارن، همسفرن ۽ سنڌ جي ماڻهن، مٽيءَ ۽ پاڻيءَ سان پيار ڪندڙن لاءِ لکڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. مان پنهنجي والد ۽ امڙ لاءِ به نه لکي سگهيو آهيان، زماني جي ڏکن ۽ ڏکيائين کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ڪندڙ هستين جيجي بيگم زينت چنا ۽ عبدالله چنا يا پنهنجي علمي ادبي رهبرن، مولانا غلام محمد گرامي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، محمد عثمان ڏيپلائي، رشيد ڀٽي ۽ ٻيا ڪيترائي سڄڻ سجاڳ ساٿي جن جي باري ۾ به دل کولي نه لکيو اٿم. تاج محمد ابڙي، نئين سنڌ جي نئين تاريخ جوڙيندڙ، همٿ ۽ صبر نه ڇڏيندڙ جاکوڙي انسان لاءِ ڪيئن لکان. تاج محمد ابڙي سان جيڪي به ڪچهريون ٿيون، انهن مان ايترو ته لاڀ پرايم جو اڄ تائين محسوس ڪندو آهيان ته تاج محمد ابڙي جنهن جي حياتي جا ڪيترائي رخ مون ۾ سمائجي ويا آهن. سندس جيڪي جاما يا ويس هئا، مون کڻي پاتا، سندس سماج سڌارڪ يا هڪ سوشلسٽ جي حيثيت هجي يا روشن خيالي ۽ ترقي پسندي هجي يا ايڊيٽر ۽ صحافي هجڻ جي حيثيت، ڪتاب پڙهڻ جو شوق هجي يا اوطاقن تي ڪچهرين وارو رنگ هجي يا ڏک سک ۽ ڀائيوار ڪرڻ هجي يا وڪالت، ماستري ۽ سرڪاري نوڪري واري ڪرت هجي، سڀئي اهي ويس وڳا هئا جيڪي مون کي نصيب ٿيا. ٿي سگهي ٿو سندس پورهيتي اجرن وڳن کي ڪنهن داغدار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هجي پر هن پنهنجي فڪر، ڏاهپ ۽ ذهني آزادي وسيلي پنهنجي دامن کي اجرو رکيو. تاج محمد ابڙي عملي ۽ مثالي طرح سان هڪ مبلغ ۽ سنت وارو ڪم پئي ڪيو پر هن اُن جي لکا نه ڏني. هو حياتي کي سونهن ۽ سوڀيا جو ويس سمجهندو هو، ڪنهن به ماڻهو سان شڪايت نه هوندي هيس، هُـو هر ماڻهو کي سهڻو ۽ ڏيا وارو سمجهي پيار ڪندو هو، هن کي مون ڪڏهن به ڪنهن سان شڪايت ڪندي نه ڏٺو هو، پنهنجي گڻن ۽ ڏيا کان ڄڻ واقف ئي نه هو، هن حياتي ائين گهاري ڄڻ حياتيءَ جو ٻيڙو سولو ۽ سنئون هو. سڙهه به سنوان ته رفتار به تکي ۽ تيز ڪيئن وقت واري جيان هٿن مان وهي پئي ويو، پر هن جي سچائي، ايمانداري ڄڻ ته کيس جيئڻ لاءِ ڪيئي جتن سولا ڪري پئي ڏنا. شيخ اياز جي ڪتاب ”ڪٿي ته ڀڄيو ٿڪ مسافر“ ۾ هڪ هنڌ شيخ اياز ۽ ڪامريڊ تاج محمد جي اڻبڻت جو واقعو بيان ڪيل آهي، جنهن بعد ڪجهه عرصي کانپوءِ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي وڃي کيس پرچايو. منهنجي خيال ۾ ڪامريڊ تاج محمد جڏهن سرڪاري نوڪري ۾ گهڙيو ته هو دوستن ۽ ڪامريڊ شپ جي بنيادي اصول تي عمل پيرا رهيو، نوڪريءَ هن کي ڪجهه وڌيڪConscious ڪري ڇڏيو هو. ڪامريڊ نظريو هجي يا سوشلسٽ، هو هڪ ڳالهه کان چڱي پر آگاهه هو، اها هئي انسان دوستي، جو پاڻ وڏو انسان دوست هو، ٻي ڳالهه هئي بحيثيت هڪ سماج سڌارڪ جي ڇاڪاڻ ته هو هن معاشري جي اوڻاين ۽ بندشن کي ڀلي ڀت ڄاڻندو هو ۽ سمجهندو هو، ان ڪري هن سڄي حياتي هڪ (Conscious) فرد طور معاشري جي عائد ڪيل بندشن خلاف جاکوڙ ڪئي. ان لاءِ هن جو بنيادي نقطو هو ته ايمانداري سان زندگي گذارجي ۽ (Personal Integrity) يعني پهريائين پنهنجي ذاتي طور ايمانداري هجڻ سان گڏ Integrity ۾ شامل عنصرن جهڙوڪ سچائي، راستبازي، سپتائيءَ ۽ سٺائيءَ کي پنهنجي جيئڻ جي ڍنگ سان شامل ڪري پاڻ کي هڪ مثال طور جڳ آڏو پيش ڪري ته جيئن پوءِ ئي معاشري جون اوڻايون، برايون پٽ پڌريون ٿي پونديون، پوءِ ئي انهن سان جنگ جوٽي سگهجي ٿي. تاج محمد ان لاءِ پاڻ Integrity جو وڏو مثال هو،Integrity رڳو ائين نه پر ان ۾ موجود سڀني عنصر جهڙوڪ سچائي، سربستائي، بي غرضائي، ايمانداري، راستبازي، سپتائي، اصليت، نرملتا ۽ سٺائيءَ جهڙا جزا سڀ شامل هجڻ کپن. منهنجي پياري رشيد ڀٽي جي اوطاق تي منهنجو تاج محمد سان جيڪي به ملاقاتون ٿيون ته هو کلي عام چوندو هو ته “يار سڀني انساني برائين جو حل اهو آهي ته هڪجهڙائي هجي، انصاف ۽ حق لاءِ آواز بلند ڪرڻ کانپوءِ اڳ ضروري آهي ته پنهنجي سپتائي ۽ مقصد ڏانهن سچي هجڻ جو ثبوت ڏجي، جنهن لاءِ ڪيترن ئي سکن، ذاتي مسرتن، تمنائن کي مارڻو پوندو“ هن جي سڄي حياتي جاکوڙ، پورهئي، سکن ۽ سهولت کان عاري زندگيءَ جي جيتوڻيڪ هڪ اهم ڪهاڻي آهي، پر اهڙي حياتي گهارڻ ۾ ڄڻ ته هن کي مزو پئي آيو جو مون کيس هميشه کِلندو ۽ ٻهڪندو ڏٺو، سوڀي گيانچنداڻي پنهنجين لکڻين ۾ کيس ”منهنجو ساٿي ڪامريڊ تاج محمد“ ڪري سڏيو آهي، سوڀو پاڻ ڪامريڊ آهي، هنن لفظن سان ڄڻ کيس ڪامريڊي جي سندَ ڏني اٿائين، هونئن به ڪامريڊ معنيٰ ئي آهي سنگتيءَ ساٿيءَ جي. ساٿي به اهو جيڪو دوستن عام ماڻهن ۽ پوري سماج لاءِ همدرد ۽ هڏ ڏوکي هجي. ڪامريڊ گهڻو تڻو ڪميونسٽن جي ساٿيءَ يا اشتراڪي ڪميونسٽ لاءِ ڪتب آندو ويندو آهي پر تاج محمد اهڙو ڪامريڊ هو جنهن جو مول متو ئي هو انسان دوستي ۾ Integrity گهرائپ يا ويجهڙائپ ۽ هڪ Association ڳنڍڻ واري ناتي کي ئي اهميت ڏيندو هو، سڪ، قرب، محبت، همدردي، هڏ ڏکائپ جو تاڃي پيٽو ائين اڻندو هو جيئن ڪو ڪاريگر ڪوري اڻت ڪري. ههڙا نينهن نپائڻ ۽ نڀائڻ وارو ماڻهو اڄ ڪو ڪو ملندو، مون کيس سکر ۾ سنڌي ادبي سنگت جي سالياني ميڙ ۾ ڏٺو، هو هڪ سرگرم ڪارڪن پئي لڳو پر هن ڪا به تقرير نه ڪئي نه پيپر پڙهيو. ادبي ڪچهرين جو ڪوڏيو هو، مون کيس گهڻو تڻو رشيد ڀٽي جي اوطاق تي ڪچهرين ۾ شريڪ ٿيندي ۽ ڳالهائيندي ڏٺو، سندس ڄاڻ ۽ حاصل ڪيل عمل جي وسعت کي ڏسي حيرت ٿيندي هئي، اها به اهم ڳالهه هئي ته ايترو پڙهيل ڳڙهيل هوندي به هو لکي نه سگهيو، مون کانئس لاڙڪاڻي واري اوطاق ۾ چانهه جون سرڪيون ڀريندي کانئس اها ڳالهه هڪ سوال جي صورت ۾ پڇي هئي، هو پهريائين چپ رهيو ۽ پوءِ اٿي بيٺو، پنهنجي سفيد پينٽ کي ڇڪي مٿي ڪيائين، پوءِ پنهنجي وڻندڙ مک تي دلپذير مشڪ آڻيندي مون ڏي ۽ ٻين دوستن ڏانهن نهاريندي، ڪجهه هيئن چيائين ته “پوءِ ڇا مان اوهان جي ادبي برادري مان نڪري وڃان، پيارا حميد ۽ دوستو! مان عمل ۽ ادب جو عاشق ۽ اوهان جي هر اول دستي جو جهنڊو کڻي هلندڙ هڪ فرد آهيان، ادب ۽ اديبن جو فهم ۽ ادراڪ وارو پيغام پهچائيندڙ آهيان، ڇڏيو ته مان زبان وسيلي مبلغي ڪريان ۽ توهان لکڻ وسيلي مبلغي ڪريو، مون کي توهان ڌار ڪري ئي نه ٿا سگهو، جو مان اوهان جي جسم ۽ روح جو حصو آهيان.” ”بس سهڻا سائين بس! مون ڪڏهن اهڙي ڳالهه نه ڪئي آهي، تون اسان جو رڳو جهنڊي بردار نه پر اهڙو اڳواڻ آهين، جنهن جو همٿ سان نه رڳو لاڙڪاڻي پر سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به تنهنجي قائم ڪيل منڊلين تي وڏو مچ مچايو آهي” مان اڄ جڏهن ماضي ۽ حال جو جائزو وٺان ٿو ته اهڙن مقصدن سان واڳيل ماڻهو ۽ اهڙا مچ منڊليون گهٽ ٿو ڏسان. اڄ جي ادبي ميڙن، مجلسن کي ڏسجي ٿو ته ائين لڳي ٿو ته جيئرا جسم ضرور آهن پر اهي روح ڪينهن، اهو مقصد ئي ڪونهي جنهن سان اسين واڳيل هجون، ڪامريڊ تاج محمد اسان سڀني اديبن جو ساٿي، سنڌي سماج جي سڌاري لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ، هڏ ڏوکي ۽ همدرد هڪ اهڙو انسان هو، جيڪو يقينن فرشته خصلت هوندي به فرشتو نه هو، جو هن کي مسئلن جي حل ڪرڻ جي طاقت يا Authority ڪين هئي، هو رڳو هن ناانصافي واري جهريل سماج جو جهريل پر مردم شناس انسان دوست فرد هو، انهي سماج اندر ٿيندڙ اڻبرابرين، زور زبردستين، ناحق ۽ ناانصافين جي مسلسل جهولن ڪري سندس ٻيڙي جا سڙهه گهڻي دير سٽ نه جهلي سگهيا، جهريل دل سگهو ئي ڏري پئي ۽ اهو اسان کان ڌار ٿي ويو ۽ اهڙين ساٿين ۽ مسافرن لاءِ مون ڪنهن هنڌ پڙهيو هو، ڄڻ ته هو هاڻ هت ويٺو هو، گهڙيءَ پل لاءِ ڪاڏي اُٿي ويو آهي!؟ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جي گهڻ رخي شخصيت ساگر جبار سومرو اڄ سنڌ سميت پوري ملڪ ۾، سنڌ جي ان بيباڪ باڪردار، گھڻ رخي شخصيت کي ياد ڪيو ويندو، جنهن شخصيت پوري زندگي، زندگيءَ جي هر طبقي سان واسطو رکندڙ ماڻهن سان، ائين نڀايو جيئن ڪو پنهنجي جيون ساٿين سان نڀائيندو آهي. هن کي سماجي ڪارڪن چئجي، سياسي شخصيت چئجي، اديب، ليکڪ، صحافي وڪيل يا جج چئجي جنهن جي شخصيت انهن سڀني ڪردارن سان ڀرپور نڀائيدي سنڌ لاءِ اهو نياپو ڇڏيو، ته سنڌ لاءِ صرف هڪ فورم تان جاکوڙ نه ڪبي آهي سنڌ لاءِ هر فورم تان ائين جاکوڙ ڪبي آهي، جو سنڌ جو آئيندو روشنين جي ضمانت ڏئي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي زندگيءَ ۾ هوش سنڀاليندي ئي شعور ۽ خدمت جا اهي سڀ مورچا سنڀاليا، جنهن سان سنڌ جي شعور کي چارچنڊ لڳائي سگهجن هو ڪراچيءَ ۾ شاگرديءَ واري دور کان ئي سياست، ادب، صحافت جو اهم حصو رهيو. هن هر ميدان ۾ پاڻ ملهايو. هو جڏهن استاد ٿي، قمبر شهر جي اسڪول ۾ آيو هو ته هن جي ٻارن جي تربيت ڏسي، قمبر واسي حيران ٿي ويا هئا. هي اهو استاد هو، جيڪو ٻاهران آيل شاگردن کي، پاڻ سان گڏ، پنھنجي مليل ڪواٽر ۾ رهائيندو هو. جڏهن هن جا ٻاهريان شاگرد ڏينهن تتي ۾ ٻاهر ويندا هئا، ته انهن کي روڪي پنهنجي جڳهه تي ويهاري ڇڏيندو هو ته مان اوهان کي ههڙي گرميءَ ۾ ڳوٺ ڪو نه ڇڏيندس. اوهان منهنجي ڪواٽر ۾ ويهو، شام ڳوٺ وڃجو. جڏهن هن جا شاگرد، هن جي ڪواٽر ۾ گرميءَ سبب، ويهڻ ايندا هئا ته انهن کي هو ماني هٿن سان کارائيندو هو. هو استاد هوندي، اهو استاد ٿيو جو هن اهو مثال قائم ڪيو ته استاد هيئن ٿيندو آهي. هن جي اسڪول واري خدمتن کي ساراهيندي، سنڌ سرڪار قمبر جو مين روڊ، هن جي نالي سان منسوب ڪيو هو، جيڪو اڄ تائين ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو چوندو هو ته؛ جيڪڏهن اسان تعليم جون راهون روشن ڪنداسين ته روشني اسان جو مقدر رهندي. هو تعليم جي حوالي سان، تمام وڏو جاکوڙي ڪردار هو. هو ڪڏهن به سک سان ڪين ويٺو هو. هن پوري زندگي جدوجهد ۾ گذاري. هن لاڙڪاڻي ۾ پهريون لائبريريءَ جو بنياد وڌو. جنهن بنياد وجهڻ کانپوءِ، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، شهيد ذالفقار علي ڀٽو سان مليو، ته اوهان لائبريءَ کي اڃا به وڌائڻ لاءِ مدد ڪيو. جنهن تي شهيد ذالفقار علي ڀٽو هن کي چيو هو ته؛ اوهان پنهنجو گهر ڏيو ته مان لائبرري قائم ڪيان. جنهن تي ڪامريڊ تاج محمد ابڙي فوري طور، پنهنجو گهر لائبرري کي ڏيڻ جو اعلان ڪيو. هو حيرانگيءَ جي ڳالھ اها ته پنهنجو گهر لائبريريءَ لاءِ ڏيندڙ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، پنهنجو ذاتي گهر آخر تائين به نه ٺاهي سگهيو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سياست ۾ تمام سگهارو هو. هو شهيد ذالفقار علي ڀٽو سان تمام ويجهو هو، ۽ شهيد ذالفقار علي ڀٽو به هن کي تمام گھڻو ڀانئيندو ھيو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي جو بنياد رکندڙن مان هو. هن جي ساٿ ۾ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ۽ ٻيا نالي وارا اديب پڻ رهيا. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، سنڌي ادبي سنگت جو تمام سرگرم ساٿي رهيو. هر گڏجاڻي، هن جي اوطاق تي ٿيندي هئي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، پنهنجي دور ۾ نالي وارو صحافي به رهيو هو. جڏهن ڪراچيءَ ۾ پڙهندو هو ته الوحيد اخبار ۾ هن صحافت جي شروعات، سب ايڊيٽر هجڻ سان ڪئي. محنتن سبب، تمام ٿوري وقت ۾ وڃي ايڊيٽر جي حيثيت تي پهتو هو. ڪراچيءَ واري رهائش دوران، دنيا جي نالي واري سماجي ڪارڪن عبدالستار ايڌي ۽ ملڪ جي ناليواري ليکڪا فاطمه ثريا بجيا جي تمام ويجهو رهيو. هو ڪراچيءَ ۾ تمام گھڻو سرگرم رهيو. هو سنڌ جو خاموش خادم هو. هن ڪڏهن به ڪو ڪم، ڪري اخبار ۾ نه ڏنو ۽ هن ڪڏهن به ڪنهن جي مدد ڪري ڪو اخبار ۾ فوٽو نه ڏنو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، لاڙڪاڻي جو پهريون مسلمان وڪيل هو. هن جڏهن ايل ايل بي ڪري، لاڙڪاڻي ۾ وڪالت شروع ڪئي ته ان وقت وڪالت ۾ هڪ مافيا سرگرم هئي، جيڪي صرف عوام کان ڳريون فيون وٺڻ ۾ مشهور هئا. پر ڪامريڊ تاج محمد ابڙي غريبن لاءِ مفت انصاف جا در کولي ڇڏيا هئا، ۽ هو هميشه اهو چوندو هو ته مان انهن جو وڪيل آهيان، انهن جو نمائندو آهن جن جو ڪو به نه آهي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي، جڏهن ايل ايل بي ڪئي هئي ته ان وقت قائد اعظم محمد علي جناح مئٽرڪ تي ايل ايل بي ڪيل ايل ايل بي هولڊر هو ۽ ڪامريڊ انٽر تي ايل ايل بي ڪئي هئي ۽ وڪالت دوران ٿيندڙ اليڪشن ۾ جڏهن ڪامريڊ محترمه فاطمه جناح جو ساٿ ڏنو هو ته ان وقت جي ڊڪٽيٽر صدر ايوب خان ڪامريڊ ڏي ملڪ جي اهم شخصيت جي معرفت پيغام موڪليو هو ته ڪامريڊ فوري طور تي محترمه فاطمه جناح جو ساٿ ڇڏي ڏي، ۽ فوري طور پريس رليز جاري ڪر. جنهن تي ڪامريڊ، ايوب خان کي اهو نياپو موڪليو هو ته؛ مان مرڻ گهڙيءَ تائين فاطمه جناح جو ساٿ نه ڇڏيندس. جنهن تي ان وقت جي ڊڪٽيٽر، ايوب خان ڪامريڊ لاءِ ڌرتي تنگ ڪري ڇڏي هئي. ڪامريڊ، بلوچستان ۾ پنهنجن گهاٽن دوستن اڪبر خان بگٽي، سردار عطاءُ الله مينگل، خير بخش مري، مير غوث بخش بزنجي وٽ وڃي سياسي پناهه ورتي هئي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، جڏهن بلوچستان ۾ پنهنجي سردار دوستن وٽ رهندو هو. تڏھن ڪامريڊ، کين چيو هو ته؛ مان اوهان جي ڪيل خدمت آڏو شرمسار آهيان. ڇو جو مان پاڻ وڪيل آهيان. پاڻ ڪمائي کائيندس. جنهن کان پوءِ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي، بلوچستان ۾ ڊي پي پي يعني سرڪاري وڪيل طور جوائن ڪيو هو. صدر ايوب جي وڃڻ کانپوءِ، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ آيو ھيو. موٽي اچي، هن پنهنجي اوطاق آباد ڪئي ھئي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي ۾ هزارين خوبيون هيون. پر هن جي هڪ خوبي، هزارن جي مثال هئي. اھا، اھا ته پوري سنڌ ۾ اوطاقي طور مشهور هو. هن جي پوري زندگي، هن جي اوطاق آباد رهي. هو، يارن جو يار هو. هن جي اوطاق، هميشه آباد رهي. هو اوطاقن ۾ سياسي، سماجي ۽ ادبي ميڙاڪا مچائڻ جو ماهر هو. ائين کڻي چئجي جيڪو اڃا بهتر لڳندو ته؛ هو اوطاقن کي آباد رکڻ ۾، سنڌ جو مثالي ڪردار هو، جنهن سنڌ جي ثقافت کي هميشه لاءِ جياريو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، تعليم جي ميدان ۾، وڏي سوچ رکندڙ، اها شخصيت هو، جو هن نياڻين کي تعليم ڏيارڻ ۾ وڏي جاکوڙ ڪئي. جنهن جو وڏو ثبوت هي آهي ته ڪامريڊ جون چار نياڻيون آهن. اڄ چار ئي سنڌ جي اهم عهدن تي آهن. هن جو چوڻ هو ته؛ نياڻيون پيءُ ۽ ماءُ جو نالو روشن ڪنديون آهن. مان چاهيان ٿو ته سنڌ جون نياڻيون، سڀ کان اڳ ۽ اڳ هجن. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي شخصيت جا هزارين پاسا آهن. هن جي شخصيت جو هر رخ، سنڌ کي جيئاريندڙ ۽ ملڪ کي اڳتي وٺي ويندڙ آهي. اڄ هن جي ۳۱ هين ورسي آهي. جيئن ڪامريڊ تاج محمد ابڙي پنهنجو فرض سمجهي سنڌ جي هر فورم تي مثالي خدمت ڪئي، ان ڪري اسان مٿان به اوترو ئي فرض آهي ته هن جي شخصيت تي اهي ڪي سنجيده ڪوششون ۽ پرگرام ڪيون جو هن جي شخصيت جا سڀ رخ، سنڌ تائين آسانيءَ سان پهچي سگهن. تاج محمد ابڙو سنڌ جو درد رکندڙ انسان الطاف شيخ لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو، سنڌ جو تاريخي شهر آهي، جنهن هر دؤر ۾ اسان کي اهڙا ته ليڊر، عالم، اديب ۽ شاعر ڏنا، جن پنهنجي ڏاهپ سان سنڌ کي واسي ڇڏيو. مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب به انهن مان هڪ آهي. پاڻ سنڌ جا نامور اديب، دانشور، جج، سياستدان، سماج سڌارڪ، صحافي ۽ استاد هئا. سندن جنم ۸ آگسٽ ۱۹۲۴ع تي شهدادڪوٽ ۾ ٿيو. پرائمري تعليم قمبر مان ۽ سيڪنڊري تعليم لاڙڪاڻي مان حاصل ڪرڻ بعد ايل ايل بي ڪراچيءَ مان پاس ڪيائون. شاگردي واري دؤر کان ئي پاڻ سياست ۾ سرگرم رهيا. مسلم ليگ، ڪميونسٽ پارٽي، جيئي سنڌ، سنڌ هاري ڪميٽي، نعپ، پيپلز پارٽيءَ سميت سنڌ عوامي اتحاد کان وٺي جيڪا تحريڪ سنڌ جي ڀلي ۽ آجپي لاءِ بهتر محسوس ڪيائين، انهيءَ ۾ ڀرپور نموني حصو ورتائين. سندن شمار سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي باني ميمبرن ۾ ٿئي ٿو. سنڌي مسلمانن جي پاڪستان کان به پهرين جي مشهور واحد اخبار ’الوحيد‘ جنهن پاڪستان جي تاريخ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو، ان جو ڪجهه وقت لاءِ ايڊيٽر ۽ قائد اعظم محمد علي جناح جي انگريزي اخبار ڊان جو سب ايڊيٽر پڻ رهيو. لاڙڪاڻي جي سنڌي ۽ اردو اديبن کي ويجهو ڪرڻ ۾ پاڻ وڏو ڪردار ادا ڪيائون ۽ انجمن ترقي اردو پاڪستان لاڙڪاڻي شاخ جا سرگرم ڪارڪن ٿي رهيا. لاڙڪاڻي جي تاريخ جي سڀ کان وڏي سنڌ جي لائبريري ”سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريري“ جيڪا اتر سنڌ جي واحد اهم لائبريري آهي، جتان هزارن جي تعداد ۾ اڄ به شاگرد، اديب ۽ دانشور فيضياب ٿي رهيا آهن، ان جي بنياد لاءِ چيو وڃي ٿو ته مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب رکرايو. پاڻ لاڙڪاڻي شهر سان لڳو لڳ بقاپور يونين ڪائونسل جو چيئرمين پڻ رهيو. پاڻ ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي نيوز ڪاسٽر طور ڪم ڪرڻ کان علاوه قمبر هاءِ اسڪول ۾ انگريزي استاد جي حيثيت سان پڻ پنهنجا فرائض سرانجام ڏنائون. ڪامريڊ تاج محمد پاڪستان جو واحد جج هو، جنهن کي ڪامريڊ جو خطاب مليو. وڏيرا شاهي جي اثر رسوخ رکندڙ ضلعي جيڪب آباد ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، قاضي فيض محمد، جي ايم سيد، غلام محمد لغاري جن جي مدد سان ضلعي ۾ هاري ڪاميٽيءَ جو بنياد وڌو. انهيءَ سلسلي ۾ صدر ايوب خان جي مقابلي ۾ هن محترمه فاطمه جناح جو ساٿ ڏنو. ۱۹۵۳ع ۾ ڇپيل بايوگرافيڪل انسائيڪلوپيڊيا آف پاڪستان ۾ پنجن صوبن جي اهم هڪ هزار وڏين شخصيتن مان کين هڪ قرار ڏنو ويو. سندن ادبي همعصر دوستن ۾ اياز قادري، انيس انصاري، تنوير عباسي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محمد ابراهيم جويو، جمال ابڙو، رسول بخش پليجو، شيخ اياز، سوڀو گيانچنداڻي، پير حسام الدين ۽ علي محمد راشدي، گوبند مالهي، هري دلگير درياڻي ۽ ٻيا کوڙ سارا نالا اچي ٿا وڃن. سندن ذاتي لائبريري ۾ هزارين ڪتاب هئا ۽ سنڌ جي وڏين لائبريرين ۾ شمار ڪئي ٿي ويئي. سندن اولاد سنڌ جي وڏن اديبن جي صلاح تي لائبريري جا ڪتاب سر شاهنواز لائبريري ۽ سنڌ جي عظيم درسگاهه سنڌالاجي کي عطيي طور ڏنا ۽ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي نالي پويان سنڌالاجي ۾ هڪ الڳ ڪارنر قائم ڪيو ويو آهي. سندن سياست سان تمام گهڻو لڳاءُ رهيو. محترمه فاطمه جناح جي ساٿ ڏيڻ تي سنڌ مان پاڻمرادو جلاوطني اختيار ڪري بلوچستان ويو ۽ اتي نعپ جي وڪالت به ڪندو رهيو. هن مهل به سنڌ جو عوام ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي سياسي، سماجي، ادبي، قانوني خدمتن کي مدنظر رکي کيس مختلف طريقن سان ياد ڪندو رهي ٿو. (ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۸ آگسٽ ۲۰۲۴ع تي ڇپيل) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ’مون سي ڏٺا ماءُ، جنين ڏٺو پرينءَ کي‘ ارشاد ڪاغذي انسان ۽ انسانيت لاءِ جيڪي ماڻهو محبت ۽ خدمت جي جذبي سان سرشار ٿين ٿا، تاريخ تن جي نانءُ کي هميشه لاءِ روشن رکي ٿي. جيڪي شخص مسڪين، محروم ۽ مظلومن جا همدرد ۽ هڏڏوکي ٿين ٿا، اهي امر بڻجي وڃن ٿا. سنڌ ۾ ڪيترا ئي اهلِ علم ۽ قلم ۽ مانجهي مڻيادار پيدا ٿيا آهن، جن پنهنجي پورهئي ۽ پگھر، سوچ ۽ لوچ سان سنڌ جي سينڌ سنواري آهي . ڪامريڊ تاج محمد ابڙو به اهڙين عظيم هستين منجهان هو، جنهن سنڌ جي مسڪين، هارين ۽ مزدورن جي بهتري ۽ ڀلائيءَ لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو هو. ڪامريڊ تاج محمد سنڌ جي قسمت بدلائڻ لاءِ علم، ادب، تعليم ۽ سماجي ڪمن ۾ جيڪي خدمتون سرانجام ڏنيون سي ڪڏهن به وسارڻ جوڳيون ناهن. ڪامريڊ ابڙو هڪ نهايت ئي مهربان، شفيق ۽ هڏڏوکي انسان هو، جنهن پنهنجي سموري ڄمار اصولن جي پاسداري ڪئي، ڪڏهن به پنهنجي نظرئي ۽ فڪر کان نه ڦريو ۽ هميشه حق ۽ سچ جي راهه تي رمندو رهيو. هن پوري حياتي لوڪ جي خدمت لاءِ ارپي ڇڏي هئي. ڪامريڊ روشن خيال ۽ مخلص شخص هو، جنهن پورهيت پنهوارن جي لاءِ پنهنجي وت ۽ وس کان وڌيڪ خدمت ۾ گذاري. پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان جي ملڪ ۾ اهڙن املهه هيرن جو قدر نٿو ڪيو وڃي. خدا ڄاڻي ته ڪنهن رنگين چمن ۾ ڇو نه ڄاياسين؟ ٽڙياسين دامنِ صحرا ۾، خوشبو ئي اجائي وئي. (شيخ اياز) ڪامريڊ تاج محمد جي ٻاريل ڏياٽيءَ جي بدولت سنڌ جي سياست ۾ جاگيرداري جي گپ اوندهه ۾ روشني جو ترورو روشن ٿيو ۽ جاگيرداري جي غلامي کي چئلينج ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪامريڊ پيش پيش هو ۽ ان جي ڪري ٻيا غريب هاري ناري ڪامريڊ جي فڪر ۽ فلسفي سان سلهاڙجي ويا. ڪامريڊ تاج محمد ڪميونسٽ پارٽي ۾ شامل هو ۽ مظلومن جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو. ڪامريڊ جي ياري دوستي وڏن وڏن ليڊرن سان هوندي هئي. ڪامريڊ جا مختلف مڪتبه فڪر جي ماڻهن سان به تعلقات هئا پر هو انهن مان نه هو جيڪي پنهنجي لاءِ ذاتي فائدو حاصل ڪن پر هو غريبن جي مدد ڪندو رهيو. ڪامريڊ تاج محمد، اوطاقي مڙس هو، هن جي بيٺڪ امير ۽ غريب لاءِ کليل هوندي هئي. هن جي اوتاري تي حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، ڪامريڊ جمال الدين بخاري، ذوالفقار علي ڀٽو ۽ لاڙڪاڻي جا اديب، شاعر ۽ سڄاڻ ميڙو مچائي علم، ادب، سياست ۽ انقلاب جا مچ مچايو ويٺا هوندا هئا، فيض جي پالوٽ ٿيندي هئي. هو تاريخ ساز شخصيت هو، جنهن سياست کان علاوه سماجي کيتر ۾ به گھڻو ڪم ڪيو. جج جي نوڪري دوران به پنهنجي ڪرت ۾ مشغول رهيو ۽ پاڻ کي هڪ اهڙو ادارو بنايو، جنهن جي ذريعي عوام کي فائدو ئي فائدو مليو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي سنڌ هاري ڪميٽي ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سان گڏجي ڪم ڪيو. لاڙڪاڻو ۽ جيڪب آباد ضلعن ۾ هاري ڪميٽي جا يونٽ کولڻ ۽ سرگرمي سان هارين جي حقن لاءِ جدوجهد هلائڻ جي ڪري پوري سنڌ ۾ هن جو نالو مشهور ٿيو. ان زماني ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جي سرواڻي ۾ جتي ڪامريڊ تاج جهڙا هاري ورڪر سرگرم هئا، اتي ٻيا هاري ورڪر غلام محمد لغاري، قاضي فيض محمد، برڪت علي آزاد، مير محمد ٽالپر وغيره به ڪامريڊ ابڙي جا دوست ۽ ساٿي هئا. هُن هاري ڪميٽي اليڪشن ۾ وڏيرن ۽ جاگيردارن جو مڙسيءَ سان مقابلو ڪيو. ڪامريڊ علم ۽ ادب سان گھڻو شوق ۽ شغف رکندو هو ۽ گھڻو پاڙهو هو. انگريزي جا ڪتاب تمام گھڻا پڙهندو هو ۽ ان ڪري سندس ذهانت اتم ۽ اعليٰ هئي. هو دانشور هو، سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي جو سيڪريٽري رهيو، پر ۵۰ واري ڏهاڪي ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي، رشيد ڀٽي ۽ ٻين جڏهن نئين سري سان سنڌي ادبي سنگت کي فعال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪامريڊ ان ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سنڌي اديبن کي هڪ هنڌ متحد ۽ منظم ڪرڻ ۾ هن جون ڪوششون ساراهڻ جوڳيون آهن. ڪامريڊ يارويش ماڻهو هو، سنڌ جي اديبن شاعرن، سياستدانن، هاري ورڪرن ۽ شاگردن سان هن جا واسطا رهيا، هو سڀ جي خدمت ڪندو هو. هو نياز ۽ نمرتا جو نمونو هو، تمام گھٽ ڳالهائو هو. هن جي اوتاري تي اچڻ وارا اديب ٿي ويا، ڇو جو اتي ڪيئي نامور اديب شاعر ۽ محقق ۽ سياستدان ايندا ويندا هئا ۽ اتي جيڪي بحث مباحثا ٿيندا هئا تن جي اثر جي ڪري نوجوان علم ۽ ادب سان چاهه رکڻ لڳا ۽ مشهور اديبن جي ميل ملاقات ۽ عليڪ سليڪ جي ڪري ڪامريڊ جي آشرم مان علم، ادب، شاعري ۽ ادراڪ جون وٽيون پي پرباش ٿي پنهنجي علم و ادب جا واهڙ وهائي ڇڏيا. نوجوانن انهن ڪچهرين مان گھڻو پرايو. هن جو تعلق گھڻن ئي ليڊرن سان هوندو هو، ملڪ جي سياسي جماعتن جي ويجهو هيو، هن جا خيال الڳ هوندا هئا. ڪامريڊ هوندي به ملڪ جو صدر ۽ وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو هن جي عزت ڪندو هو ۽ هن جي آشرم تي اچي ڪچهري ڪندو هو ۽ ڪامريڊ جو سنگتي هو. ذوالفقار علي ڀٽو جي چوڻ آکڻ تي نوڪري ۾ گھڙيو ۽ اتي به غريبن جي مدد ڪندو رهيو. هن دوستن سان به اهڙو ورتاءُ ڪيو جيڪو اڳ ۾ هوندو هو. جڏهن رٽائر ٿيو تڏهن به ايمانداري جو نمونو قائم ڪري سبڪدوش ٿيو. ڪامريڊ تاج محمد جي ياري باشي ته هر هڪ سان هئي پر پنهنجي ڪهول سان جهڙي نموني هليو ۽ انهن جي تعليم ۽ تربيت تي پورو ڌيان ڌريو، تنهن جي ڪري سندس پونئير به پنهنجي وڏڙي جي واٽ تي هلن ٿا ۽ واقعي اها هڪ خوش بختي چئبي جو اڄوڪي هن دور ۽ نفسا نفسي واري ماحول ۾ هن جا پويان به پنهنجي بابي جي ڇڏيل ورثي جي پوئيواري ڪندي انسانيت ۽ ماڻهپي ۾ آهن. وڏن عهدن تي رهندي به غريبن جو خيال رکڻ واقعي وڏي ڳالهه آهي. اهڙن ڌيئرن ۽ پٽن کي جس هجي! ڪامريڊ جي تربيت ۽ پالنا جي ڪري سندس گھرڀاتي ۽ ٻار ٻچا به ان روش جي ڪري ڪامريڊ جي دڳ تي هلي رهيا آهن. سندس فرزند ۽ ڌيئرن علم ۽ ادب جي ميدان ۾ پاڻ ملهايو آهي ۽ پنهنجي والد صاحب جي ڪم کي وڌايو آهي ۽ ان جي ياد ۾ ڪيئي ڪتاب شايع ڪرايا آهن ۽ يونيورسٽي وغيره ۾ ڪامريڊ جي ياد ۾ چيئر قائم ڪرائي تحسين لائق ڪم ڪيو آهي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جهڙا نيڪ بخت انسان ورلي پيدا ٿيندا، جيڪي پنهنجي ذات ۽ ڏات ۾ هڪ انجمن جو درجو رکندا آهن! مون سي ڏٺا ماءُ، جنين ڏٺو پرينءَ کي، رهي اچجي راتڙي، جنگن سندي جاءِ، تنين جي ساڃاءِ، ترهو ٿئي تار ۾. (شاهه لطيف) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو لاڙڪاڻي جو هڪ عظيم اوطاقي ماڻهو ولي رام ولڀ سنڌ سونهاري ڪيترن ئي حوالن سان هيري جهڙن ماڻهن جي کاڻ رهي آهي، جنهن ۾ لاڙڪاڻو سڀ کان وڌيڪ ڀاڳوند آهي. اهڙن هيرن ۾ مدبر، دانشور، اديب، سياستدان ۽ زندگيءَ جي هر ميدان ۾ ملهه ماريندڙ ڪيتريون ئي شخصيتون شامل آهن. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو به پنهنجي دﺂر جي اعليٰ پايي جي انسانن جي جهرمٽ ۾ لاڙڪاڻي جي روايتي اوطاق ذريعي ڪيترن ئي حلقن ۾ محبوب هو. سندس اوطاق تي هيٺئين سطح کان وٺي مٿئين سطح جي طبقي جا ماڻهو وٽس اوطاقي ٿيندا هئا، جن سان هو سماجي، سياسي، ادبي ۽ علمي موضوعن تي بحث ڪندو هو ۽ اهڙي طرح گفتگوءَ ذريعي ترقي پسند سوچ، فڪر ۽ نظرياتي دڳ طئه ٿيندا هئا. لاڙڪاڻو هڪ عرصي کان وٺي وزيرن، وڪيلن، وڏيرن سان گڏ عام ماڻهن جو شهر پڻ رهيو آهي. اتان جو هر ماڻهو پنهنجي رويي مان سياست جي سُتي پيل لڳندو آهي، جنهن ۾ اوطاق ڪلچر جو وڏو ڪردار رهيو آهي. گذريل صديءَ دوران، نواب حاجي امير علي لاهوري، عبدالغفور ڀرڳڙي، قاضي فضل الله، عبدالفتاح ميمڻ، ميان غلام عباس قادري، فقير محمد انڙ ۽ تاج محمد ابڙي جون ڪچهريون مشهور هونديون هيون، جن ۾ تاج محمد ابڙي جي ڪچهري سڀ کان سرس ۽ سونئالي هوندي هئي. سندس ڪچهريءَ ۾ مختلف قسمن، طبيعتن، مسلڪن، سماجي تنظيمن، مڪتبه فڪرن، سياسي پارٽين، رجعت پسندن، ترقي پسندن، سوشلسٽن، ادبي گروهن، زميندارن، هارين ۽ مزدور طبقي جي ماڻهن جي اچ وڃ رهندي هئي. هُو ساڻن سندن سطح مطابق ڪچهري ڪندو هو ۽ کين مانُ ڏيڻ سان گڏ چاهه ڀري چانهه به پياريندو هو. پر سندس مسلڪ ”ترقي پسندي“ هو، جنهن جو هُو پختو پرچارڪ هو. ابڙو صاحب پاڻ ليکڪ ته نه هو، پر هُو نوجوان ٽهيءَ کي اتساهي کين لکڻ لاءِ آماده ڪندو هو. سندس دوستن ۾ سنڌ جا چوٽيءَ جا اديب، سياستدان ۽ ڪارڪن شامل هئا، جن لاءِ سندس اوطاق بيشڪ هڪ ڪلاس روم مثل هئي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، سوڀو گيانچنداڻي، جمال ابڙو، شيخ اياز ۽ محمد ابراهيم جويي جهڙيون شخصيتون سندس محبتن ۾ شامل هيون ۽ وٽس ٻيا به ڪيترا ئي برک ماڻهو اوطاقي ٿيندا هئا. افسوس جو نئين صديءَ ۾ سنڌ جو اهو ”اوطاقي ادارو“ پنهنجو وقت پورو ڪري کڄي ويو ۽ هاڻي نڪا اوطاق، نه اوطاقي ۽ نه وري ٿري اصطلاح ۾ اوتارا. اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين، جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا. (شاهه ڀٽائي) محمد ابراهيم جويي جي سهيڙيل ڪتاب ”سنڌ جو املهه هيرو: ڪامريڊ تاج محمد ابڙو“ (۲۰۰۴ع) ۾ پروفيسر اياز قادري پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو ته: ”وٽس لائبريريءَ ۾ ڪافي سارا ڪتاب ڪٺا ٿيل هئا، جن ۾ بايوگرافي ۽ تاريخ بابت ڪافي ڪتاب هئا. هو انگريزي هفتيوار رسالي ‘Time’ (ٽائيم) جو هڪ عرصي کان خريدار هو، جن جا ٻڌل جلد سندس لائبريري جي زينت آهن.“ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سندس دل گهريو دوست هو. هُو وٽس به هليو ويندو هو ۽ بنا حجاب کيس پاڻ وٽ به گهرائيندو هو. انهيءَ دوستيءَ جي رشتي هن کيس ايوبي دﺂر جو بي ڊي (بيسڪ ڊيموڪريسي) جو ميمبر ۽ پوءِ چيئرمين بڻايو. ادب سان دلچسپيءَ سبب هن سنڌي ادبي سنگت جي شاخ قائم ڪئي، جنهن ۾ قلم قبيلي وارن جو وڏو تعداد شريڪ ٿيندو هو، جن ۾ حاجي محمود خادم، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ، انيس انصاري، جمال الدين بخاري، ڊاڪٽر اياز قادري ۽ ٻيا شامل هئا. ۱۹۷۲ع ۾ شهيد ڀٽي جي چوڻ تي تاج محمد ابڙو سيشن جج مقرر ٿيو، پر پوءِ به سندس معمول ۾ ڪو ڦيرو نه آيو. ۱۹۸۵ع ۾ رٽائر ڪيائين ۽ ۱۹۸۶ع ۾ دل جي دﺂري سبب ڪراچيءَ ۾ انتقال ٿيس. سندس اکيون ٻوٽجڻ کان پوءِ لاڙڪاڻي جي ڪچهرين جا دﺂر به ٻوٽجي ويا. هو بيشڪ لکاري نه هو، پر لکارين جي لاءِ وڏي اتساهه جو ڪارڻ هو، بلڪه ائين چئجي ته هو اديب ساز شخصيت هو. ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي لکيو آهي ته: ”.... هن سنڌي ادب تخليق ته نه ڪيو، پر پنهنجي تنظيمي صلاحيتن سان سنڌي ادبي سنگت وسيلي ادب ۾ جديد لاڙن جي جاڳرتا پيدا ڪئي. کيس سنڌي ادب جو خاموش خدمتگار سڏجي ته بهتر ٿيندو. هن ڪڏهن به پنهنجي نالي ڪڍرائڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي، پر خاموشيءَ سان جديد ادب کي رواج ڏيڻ لاءِ ڪم ڪندو رهيو.“ انيس انصاريءَ سندس خاڪي ۾ ڄاڻايو آهي ته: ” تاج محمد ابڙو پنهنجي شخصي ڊائري به لکندو رهندو هو. سندس ڊائريون ۱۹۴۶ع کان ۱۹۸۶ع تائين يعني ۴۰ سالن تي مشتمل هيون، جيڪي سندس ڪٽنب وٽ رکيل آهن.“ منهنجي سندس ڪٽنب وارن کي گذارش آهي ته اهي ڊائريون ايڊٽ ڪري ڇپرائڻ جو انتظام ڪيو وڃي، ته جيئن عمومي طور سنڌ جو ۽ خاص ڪري لاڙڪاڻي جو منظر نامو، منظرِ عام تي اچي سگهي. اهي ڊائريون يقينًا تاريخ جي ٽٽل ڪڙين کي جوڙڻ ۾ مدد ڪنديون. انيس انصاري مذڪوره مضمون ۾ تاج محمد ابڙي طرفان سندس اولاد کي وصيت جي حوالي سان لکي ٿو ته: ”.... سندس دوستن کي ڪا تڪليف نه ملڻ گهرجي، البت پاڻ ۾ اختلاف يا ڪنهن منجهيل مسئلي تي سندن صلاح ضرور وٺندا. انهن جي هر وقت عزت ڪرڻ اوهان جو فرض آهي ۽ سندن اولاد سان تعلق پڻ رکڻ جي ڪوشش ڪندا. کانئن ڪڏهن به مالي مدد جي طلب نه ڪندا.“ انهيءَ مان لڳي ٿو ته پنهنجي عزتِ نفس کي محفوظ رکڻ لاءِ پنهنجن دوستن کي ڪا تڪليف نه ڏيڻ لاءِ ڪيڏو نه تاڪيد ڪيو اٿس، ته جيئن سندس اولاد پنهنجن پيرن تي خود اعتماديءَ سان بيهي، اڏول بڻجي ۽ پنهنجي والد جي روايت کي قائم رکي. مذڪوره ڪتاب ”سنڌ جو املهه هيرو“ ۾ شامل ٻه مضمون اهڙا آهن، جيڪي سندس شخصيت جي اهڙن پهلوئن تان پردو کڻن ٿا، جن مان سندس اعليٰ ظرف، مٿڀري رتبي ۽ ترقي پسند سوچ رکندڙ ڪامريڊ هئڻ جو ڏس ملي ٿو. شيخ اياز پنهنجي لکيل مضمون ”صاف گو ۽ صاف دل انسان“ ۾ سندس ذاتي قرب ۽ دوستيءَ جو مانُ رکيو آهي ۽ ٻيو آهي حميد سنڌيءَ جو لکيل ”سنڌ جو املهه ماڻهو“، جنهن ۾ هن سندس ذاتي ايماندارانه زندگي ۽ ساک قائم ڪرڻ ۾ سچائي، سربستائي، بي غرضائي، ايمانداري، راست بازي، سڦتيائي، اصليت، نرملتا ۽ سٺائي جهڙا جزا بيان ڪيا آهن. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو دوستن جو دوست، سياست سان لڳاءُ رکندڙ، اديبن جو يار، ترقي پسند نظريي جو پڪو پوئلڳ، رک رکاءُ وارو، سنڌ جي ثقافت جو مجسمو ۽ قدامت ۽ روايتن کي مانُ ڏيندڙ، انصاف پسند ۽ انصاف ڪندڙ منصف هئڻ سان گڏ هڪ مخلص ماڻهو هو. اهڙو شخص، جنهن ۾ ايتريون ساريون خوبيون هجن ۽ پاءُ صدي اڳ هن جهان کي ڇڏي، پنهنجن پرستارن جي دلين ۾ دائمي جاءِ ڇڏي وڃي ته يقينًا اهڙين خوبين واري شخص لاءِ هن دﺂر ۾ اعتبار ئي نه ايندو ته اهڙو شخص به هن خطي ۾ زندگي گذاريندو هو ۽ گذاري ويو. هاڻي سندس ڳالهيون ڪندڙ دوست، سندس گهر ڀاتي ۽ سائين ابراهيم جويي جو سلهاڙيل ڪتاب ”سنڌ جو املهه هيرو“ اسان وٽ رهجي ويا آهن، جن مان پتو پوي ٿو ته ههڙا ماڻهو به هن ڌرتيءَ کي دان ۾ مليا هئا، جن جي صدقي هن ڌرتيءَ جو مانُ مٿانهون آهي. (روزانه ڪاوش، آچر ۱۷ اپريل ۲۰۱۱ع) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جاڳر جوڳيئڙن جو زيب نظاماڻي ڪڙو منجهه ڪڙي، جيئنءَ لهار لپيٽيو، سندم جيءُ جڙي، سُپيريان سوگهو ڪيو. (شاهه لطيف) ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين ۽ ڪيٽي بندر کان ڪشمور تائين سنڌ جي خمير ۽ ضمير جي چيڪي مٽيءَ جي سُڳنڌ وقت کي واسيندي رهي آهي. هن مٽيءَ مان ڳوهيل املهه وجود جڏهن ساهن ساڻ سينگاري موڪليا ويا ته مٽيءَ مٽيءَ جي هڳاءَ سان وفا جا نوان باب لکيا، اهي رتيون وڌيون جن جنم کان جنمن تائين پنهنجي سڀاويڪ سوچ ۽ عمل ذريعي سنڌ ڌرتي جي سڃاڻ کي سڄاڻائيءَ جي سڳي ۾ پوئي محبتن جون مالهائون جوڙيون. اهو راڄ، اهو ڀاڳ، اهو تر، اهو بي ڳڻو ليکبو هو، جنهن جي تڏي ڪو ڪهي اچي ۽ مانُ نه لهي. ڏورانهون ڪهي ايندڙ يا ڏينهن لاءِ گڏجي ويهي نبيرا ڪرڻ، پريت ونڊڻ ۽ ڏاهپ جا واهڙ وهائڻ لاءِ جنهن آڳنڌ کي عزت بخشي ويندي آهي، ان کي سنڌي ٻوليءَ ۾ اوطاق چئبو آهي. معنيٰ اوري پري کان ڪهي، رلجي سلجي هڪٻئي سان گڏجي ڪانڀا ٻڌي ويهي ڏاهپ جا نوان گس، نبيري جا نوان لاڙا ڳولي لهڻ، سنڌ جي اوطاقن جي سڃاڻپ رهي آهي. جنهن تر جي راڄ ۾ اوطاقون نه هجن ته اتي سڃ ليکبي ۽ جنهن راڄ ۾ اوطاقون نه هجن ته اتي ڏاهپ جا واهڙ وهندي ڀاسبا. هڪ راڄ وارا ٻي راڄ ۾ ڪهي وڃي مهمان ٿيندا هئا، مچ ٻرندا هئا، سياري جون ٿڌيون ڊگهيون راتيون ائين پل ۾ وهامي وينديون هيون. هڪٻئي سان رابطي جو اهو سگهه وارو ذريعو نه رڳو هڪٻئي سان ميل ميلاپ وڌائڻ ۾ مدد ڏيندو هو، پر ڏات، ڏاهپ ۽ سُگهڙ پائيءَ جا نوان باب کوليندو هو. بزرگن واتان ڏور، پهاڪا، ڳجهارتون، بيت ۽ داستان ٻڌي ائين ڀاسبو هو، ڄڻ ته عمل جي عميق مان ٽٻي ڏئي موتي ميڙي آيا هجون. ٻوليءَ جي سکيا جا فطري مرڪز سنڌ جون اوطاقون ئي رهيون آهن. ماءُ جي جهوليءَ کان پوءِ جيڪڏهن پُٽ ٻاهر علم پرائيندو هو ته اهو ذريعو اوطاقون ئي هونديون هيون. پر جيئن جيئن وقت گذرندو رهيو ته اوطاقون، جيڪي سماجي رابطي جو اهم ذريعو رهيون، پنهنجي اهميت وڃائڻ لڳيون. هاڻ اوطاقن ۾ ڏاهپ جا واهڙ وهڻ جي بجاءِ رڇ ڪتن جي ويڙهه، ڪڪڙن جا ميل ۽ ڪارو ڪاريءَ جي فتويٰ جا فيصلا، هڪٻئي تي حاڪميت هلائڻ ۽ سرڪاري پئسا کائڻ لاءِ سٽون سٽڻ لاءِ وڃي رهيون آهن، پر اهڙي پُر آشوب دؤر ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اهو واحد مردِ مجاهد هو، جنهن علم جي لاٽ ٻاري پنهنجي اڱڻ تي اها جوت جلائي، جنهن جو تجلو صدين کان صدين تائين سنڌ جي اتهاس ۾ روشن باب بڻجي نسل در نسل سرت، ساڃاهه ۽ ڏات منتقل ڪندو رهندو. پنهنجي تڏي کي ٻين جي آڌر لاءِ اڱڻ اجاري انتظار جا ڏيئا ٻاري رکجن! اها ريت سنڌ واسين جي سڃاڻپ رهي آهي ۽ ايندڙ کي چوندي آءُ، ويندڙ کي چوندي ويهه! ته پوءِ ڏوري ڏيهه، سچ ته انهيءَ قربن وارين ڪچهرين ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي اڱڻ ڪهي وڃڻ جي ريت، سنڌ ۽ سنڌ جي سرحدن کان پري کان ڪهي ايندڙ شخصيتن جي قدمن جا نشان اڄ به ان اوطاق ۾ پسي سگهجن ٿا. سندن آڌرڀاءُ ڪرڻ لاءِ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي پيار ۽ خلوص جي خوشبوءِ سان انهيءَ اوطاق جون ديوارون اڄ به مهڪي رهيون آهن، پر اڄ اهو جوڳين جو جاڳر هڪ خواب وانگر ٿو لڳي ۽ اها اوطاق جتي سچ ۽ پيار جا سوين سج اڀرندا ۽ خوشيون ۽ محبتون کڻي ايندا هئا ته الهندا به خوشيون ۽ محبتون کڻي ايندا هئا. پر اڄ ها! اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا. (شاهه لطيف) ۱۹۴۷ع ڌاري وڪالت جي تعليم حاصل ڪري قانون جا ڳاٽي ڀڳا ڳرا ڪتاب پڙهندي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو قانوني پيچيدگين ۽ قانون جو ڄڻ ياد حافظ بڻجي وڃي ٿو ۽ پوءِ پنهنجي ساٿي ۽ استاد شمس الدين ابڙي سان گڏجي وڪالت ڪرڻ لڳي ٿو. ايماندار وڪيل هر ايماندار ڪاموري جيان ڏوڪڙ ته نه، پر واهه واهه جا جهول ڀري ٿو ۽ ماڻهن جي محبت تاڙين جي روپ ۾ گڏ ڪري پنهنجي بينڪ بيلنس ۾ واڌارو ڪرائي ٿو، پر هو اهو به ڄاڻي ٿو ته انهيءَ بينڪ بيلنس مان نه ته سندس ٻارن ٻچن جو پيٽ ڀربو ۽ نه ئي پنهنجو خرچ هلندو ۽ نه ئي جيڏن، سرتن ۽ يارن دوستن جو آڌر ٿي سگهندو! انهيءَ لاءِ ڪامريڊ سنڌي اخبار الوحيد ۽ انگريزي اخبار ڊان جي سب ايڊيٽر جي حيثيت ۾ پنهنجو پاڻ مڃايو. مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي سرگرم رڪن جي حيثيت ۾ پاڻ مڃائيندڙ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جڏهن جج جهڙي حساس ۽ ذميداريءَ واري منصب تي فائز ٿيو، ته به سندس ذاتي مصروفيتن تي ڪوبه فرق نه پيو. هن طالب جي دوستي هر عام ۽ خاص، ننڍي توڙي وڏي سان هئي. مطلب ته هن وٽ دوستيءَ جو معيار عام رواجي نه، پر صوفين وارو يعني انسان ذات سان سنگت ساٿ واري ريت جيان رهيو. سياست، علم وادب سان واسطو رکندڙ ۽ واپاري، صنعتڪار، مزدور، هاري، رئيس ۽ وڏيرا، مطلب ته هر مڪتب فڪر ۽ هرهڪ طبقي جا ماڻهو سندس اوطاق تي وٽانئس محبت جا موتي ميڙي پنهنجا پالها جهول ڀريندا رهيا. ذوالفقار علي ڀٽو، اياز قادري، قاضي فضل الله، شيخ اياز، تنوير عباسي، فتح الله عثماني، رشيد ڀٽي، ڪامريڊ مولوي نظير حسين جتوئي، ڪامريڊ جمال الدين بخاري، ڪامريڊ برڪت علي آزاد، جمال ابڙو، حفيظ قريشي، قاضي فيض محمد، سائين جي ايم سيد، پير حسام الدين راشدي، پير علي محمد راشدي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، ڪيرت ٻاٻائي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، گوبند مالهي، نسيم کرل، هري دلگير، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، سراج الحق ميمڻ، حميد سنڌي، نور الدين سرڪي جي پيار جا بادل مٿس برسندا رهيا. ابڙو وڏ-وڙو سُوڙو، سمو سونهن سڀن، تنهن در سڀ اچن، ڪنڌ نه ڪڍي ڪڇ ڌڻي. (شاهه لطيف) ها انهيءَ ڪڇ ڌڻي ابڙي جهڙي شخصيت جو مالڪ هي تاج محمد ابڙو به وڏي وڙ وارو ٿي گذريو آهي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو پاڻ ڪڏهن به تخليقي ادب، تخليق نه ڪيو، پر سنڌي ادب سان سندس بي پناهه محبت ۽ عقيدت جو عملي ثبوت سنڌي ادبي سنگت مرڪز جي بنيادي ڪارڪن جي حيثيت ۾ سنڌي ادبي سنگت مرڪز جو بنياد وجهڻ آهي. اها هڪ تاريخي حقيقت آهي، جنهن جي شاهدي روزانه هلال پاڪستان ڪراچي جي اربع ۲۷ آگسٽ ۲۰۰۳ع ۾ لکيل مونس بخاري جو مضمون: ”سنڌ جو املهه هيرو: ڪامريڊ تاج محمد ابڙو“ مان ملي ٿي. مونس بخاري لکي ٿو ته: تاج محمد ابڙو جي اوطاق ۾ سنڌ جا ڏاها ۽ سرموڙ ليکڪ گڏ ٿين ٿا، جن ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي، سائين تاج محمد صحرائي، جمال ابڙو، رشيد ڀٽي ۽ ٻيا جن جي کاڌي پيتي جو انتظام به تاج محمد ابڙو پنهنجي هڙان وڙان ڪندو رهيو. اهڙيءَ ريت انهيءَ عظيم اوطاق ۾ سنڌي ادبي سنگت مرڪز جو بنياد رکيو ويو، جيڪا اڄ تائين ايشيا جي سنڌي اديبن جي واحد تنظيم آهي، جيڪا پنهنجي سگهاري حيثيت وقت جي لاهن چاڙهن ۾ به برقرار رکيو اچي، پر افسوس ته سنگت جي مرڪزي عهديدارن ڪڏهن به ڪنهن به دؤر ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي شخصيت ۽ ڪارنامن تي نه ته ڪو سيمينار ڪوٺايو، نه سندس جنم ڏينهن ملهايائون ۽ نه ئي وري سندس تي لکيل آرٽيڪل ڇپرائڻ جو ڪو خيال ڪيو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي شخصيت سندن سڀاءُ ۽ سندن علمي ڪردار ادب، سياست ۽ سماج لاءِ هڪ مشعل راهه کان گهٽ نه رهيو آهي. تون چؤ مون کان پوءِ ڪنهن جو ٿيندين ڪينرا! واڪا ڪندي ووءِ، صديون تو لاءِ سنڌڙي. (اياز) اڄ نه پسان سي، آتڻ ڪتيم جن سين هاڻي تنين کي، ڪنڌيءَ ڪاڪ نهاريان. (شاهه لطيف) ون يونٽ ختم ڪرائڻ جي ڏس ۾ عملي تحريڪ جو هي خاموش هيرو پنهنجي عمل ۾ ظاهري نماءُ ڪندڙ نام ڪٺين، جيڪي سدائين ون يونٽ ٽوڙڻ جو ڪارنامو نرڙ تي چنبڙائي قوم تي ٿورا ٿڦيندي وتن واڦيندا ٿاڦيندا ۽ ٺڙڪو ڪارنامن کي ڪيش ڪرائيندا آهن، پر ڪامريڊ تاج محمد ابڙو نه ئي ڪڏهن پاڻ پڏايو ۽ نه ئي پنهنجا ڪارناما ورجايا ۽ نه ئي انهن کي ڪيش ڪرايو. مون کي ته افسوس اسان جي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي به ٿئي ٿو، جن وٽ هاڻي جڙتو مقابلن واري ڳجهارتي روش عمل ۾ آهي. اسان جي نوجوان نسل وٽ ويجهڙائي ۾ هيروز جي اهڙي ڪابه لسٽ نه آهي، جن کي سچائي ۽ ايمانداريءَ جي ڪسوٽي تي رکي پرکي سگهجي. اسان وٽ ته پُڇ ٻَڌي مهري ڪرڻ واري روش تحت جڙتو هيرو، جن جي ساک جَــر تي ڦوٽي جهڙي آهي، جام آهن. سنڌ جي کسجندڙ وسيلن ۽ وڪامجندڙ سنڌو درياءَ جي سُڏڪندڙ صورت ڏسندي رڳو چند ڏات ڌڻين جي اکين ۾ لڙڪ تري ايندا آهن، نه ته رڳو ٻه چار مضمون، نظم، گيت، غزل، وايون، دوها ۽ ٽيڙو بس! سياستدان احتجاج ڪندا، بيان ڏيندا، پوءِ نون سودن سان مارڪيٽ جا نوان اگهه! هاڻي سنڌ ماءُ کي ائين سستي اگهه وڪڻندڙن جي هٿن کي هٿي ڏيندڙ بيحس ماڻهو سنڌ جي آئنده نسل کي ڪهڙو تاريخي آئينو ڏيکاريندا؟ ها پر اهڙي ڀڃ ڊاهه جي دؤر ۾ وري ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جهڙي شخصيت جو عملي ڪردار سندس اوطاق جي در ۽ ديوارن تي وڏي واڪي چئجي ۽ پنهنجن سچن هيروز جي سڃاڻپ پنهنجي ڌرتي جي مستقبل لاءِ ڪنهن نه ڪنهن آءِ ڊي ۾ آڻي انٽرنيٽ لاءِ منتقل ڪجي ته جيئن سنڌ جو مستقبل پنهنجي هيروز جي عملي ڪارنامن مان ڪو عملي سبق حاصل ڪري سگهي. محبتي ميڙي، ڳوٺ ٻڌجي هڪڙو تنين جي ويڙهي، پاڻهي ايندو بادشاهه. (شاهه لطيف) لاڙڪاڻو جنهن لاءِ کوڙ ساريون چوڻيون ۽ پهاڪا مشهور آهن: لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو يا هجئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو وغيره، انهيءَ لاڙڪاڻي جي لعلن ۾ هڪ لعل ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اسان کان ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع تي هميشه لاءِ جسماني طور جدا ٿي وڃي ٿو، پر سندس عملي ڪردار پوري سنڌي قوم لاءِ هڪ ڏيئي جي حيثيت رکي ٿو، جنهن جي لاٽ ۾ امن، پيار ۽ محبت جي واٽ پسي سگهجي ٿي. لاڙڪاڻو اڄ جنهن بدامني ۾ غرق ٿيل آهي، انهيءَ مصيبت مان ڪڍڻ لاءِ ڪامريڊ تاج محمد جو نينهن نياپو گهر گهر، در در پهچائڻ اسان لاءِ اولين فرض جي حيثيت رکي ٿو، ته جيئن اتي اسان پنهنجي پياري لاڙڪاڻي ۽ سونهاري سنڌ ڌرتيءَ جي کيتر ۾ پيار ڪڻيون پوکي، سک، سلامتي ۽ امن جا سنگ اپايون. اچو ته عهد ڪريون ته اتي ڪڏهن به ڪارو ڪاري رسم نه دهرائجي، جتي ڪڏهن به ڪنهن جي لڄالٽ نه ٿئي، جتي ڪڏهن به ڪنهن ٻار سان زيادتي نه ٿئي، جتي ڪڏهن به ڌاڙيل ڪچي جي حسن کي بارود جي بوءِ ۾ لوڙهي نه ڇڏين، جتي سهاڳڻين جي چوڙين جا ٽڪرا گهٽين ۾ وکرڻ بجاءِ سندس کڻڪي تي گيتن جا گلزار سجن، جتي مينديءَ جي مهڪار تي موڙ ۽ نئن جا ڳيچ ڳايا وڃن، جتي علم، ادب ۽ ڏاهپ جو سنڌو پنهنجي ڦوهه جوانيءَ جي مست ڇولين سان جهومي نچي! ها ان مٿان ڪي به ريتن رسمن جا ٿل ڪئنال ۽ ڪالاباغ يا اهڙا ڪي به ڪئنال ۽ بند نه ٿڦيا ۽ نه مڙهيا وڃن. ٻار ماءُ جي لوليءَ جي ٻولن کان ڪنائي پنهنجي سنڌي ٻولي ڳالهائڻ سکن. نئون نسل اجرڪ جي ڦلڙي، گج جي ٽوئنرن، ٽوپيءَ جي ٽڪن ۽ رليءَ جي ٽڪَ ۾ سمايل سونهن ۽ سچ جي واٽ پسي سگهي. پر اڄ اهي ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جهڙا ڪردار ڪٿي آهن! اچو ته انهن جي اوطاقن جا گس ڳوليون، جت جوڳيئڙن جو جاڳر ٿيندو هجي ۽ ڏاهپ ۽ محبت جا واهڙ وهندا هجن. پر افسوس جو: اڄ نه اوطاقن ۾، جاڳر جوڳيئڙن جو ساري سناسين کي، روئيندين يتئان رو پس پارئان تو، لاهوتي لڏي ويا. (شاهه لطيف) (روزانه عوامي آواز، جاڳو، سَچ، تعمير سنڌ، هلچل، سنڌ، مهراڻ، عبرت) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو آزاديءَ جي شمع جو پروانو برڪت علي آزاد تاج محمد ابڙي سان منهنجي واقفيت قاضي فضل الله سابق وزيراعليٰ سنڌ مرحوم جي معرفت ۱۹۴۸ع ڌاري ٿي. قاضي صاحب جا تاج محمد ابڙي سان انتهائي گهرا تعلقات هئا. تاج محمد ابڙي کي مون سياست ۽ ادب جو بيحد جنوني، شوقين، پيارو ۽ همدرد انسان دوست ڏٺو، تڏهن ئي مان سندس لاڙڪاڻي واريءَ اوطاق ۾ اچڻ وڃڻ لڳس. مان تاج محمد ابڙي جي اوطاق ۾ اڪثر اچي قيام پذير ٿيندو هئس. مون کي ابڙي صاحب وٽان چڱي آڌرڀاءُ، عزت، ماني ٽڪي ۽ خاطر تواضح ملندي هئي. تاج محمد ابڙي کي سوشلزم سان شروع کان ئي وٺي دلچسپي هئي. انهيءَ زماني ۾ مون کي به سوشلزم سان دلچسپي وڌڻ لڳي. انهيءَ دوران تاج محمد ابڙي لنڊن مان سوشلزم آئيڊيالاجيءَ جو هڪڙو ماهوار رسالو ”ليبر منٿلي“ جي نالي سان لنڊن مان گهرائي، مون کي تحفو ڪري ڏنو. اهو رسالو هاڻي به منهنجي لئبريريءَ ۾ محفوظ ۽ سانڍيل آهي، جيڪو تاج محمد ابڙي جي اسان دوستن لاءِ محبت جي يادگيري ڏياريندو رهندو آهي. تاج محمد ابڙو مرحوم ۱۹۷۰ع ۾ وڪالت ڇڏي سيشن جج ٿي، سکر آيو. مان به شيخ اياز جي چوڻ تي جيڪب آباد ڇڏي، سکر ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي. تاج محمد ابڙي جو سرڪاري بنگلو اسلاميه ڪاليج لڳ هو. مان ڏانهنس اچڻ وڃڻ لڳس. مان ۽ ابڙي صاحب جا ٻيا ڪافي دوست شام جو تاج محمد ابڙي جي بنگلي تي اچي، ڪچهري ڪندا هئاسين. تاج محمد ابڙو سرڪاري نوڪري ۾ هوندي به اهو ساڳيو ئي تاج محمد ابڙو هو، جو ججيءَ کان اڳ ۾ هو. ساڳيون ئي ڪتابن واريون ڳالهيون، ساڳيون هاري تحريڪ ۽ ترقي پسنديءَ جون صلاحون ۽ مشورا، ساڳيو آزاد منش، ترقي پسند، انسان دوست. سکر ۾ ان سلسلي ۾ اسان جو حلقو هو رشيد ڀٽي، شيخ اياز، فتح الله عثماني ۽ فتاح ملڪ وغيره. اهڙي نموني اسان جون سياسي ۽ ادبي ڪچهريون تاج محمد ابڙي جي نوڪريءَ دوران به ٿينديون رهيون. ڪجهه عرصي کان پوءِ تاج محمد ابڙي جي بدلي سکر کان حيدرآباد ٿي، پر اتي به تاج محمد ابڙي جو ساڳيو ئي شوق رهيو، يعني شام جو حيدرآباد ۽ پسگردائيءَ جي دوستن سان سندس ڪچهريون متل رهيون. حيدرآباد ۾ مان حيدر بخش جتوئيءَ جي هاري پارٽي واريءَ آفيس ۾ ايندو هئس، پر رهندو تاج محمد ابڙي وٽ هئس. تاج محمد ابڙي جون سنڌ جي مختلف شهرن ۾ بدليون ٿينديون رهيون ۽ مان هن ڏانهن هر شهر ويندو رهيس. تاج محمد ابڙي جي بدلي خيرپور ميرس به ٿي، جتان ڪڏهن ڪڏهن ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ کي وٺي ۽ رشيد ڀٽي مرحوم کي ساڻ کڻي، مون وٽ اچي منهنجي لئبريريءَ ۾ ابڙي صاحب وارا ويندا هئا، جا منهنجي گهر ۾ موجود آهي. هڪ دفعي تاج محمد ابڙي مون کي داراشڪوه جو مشهور لکيل ڪتاب تصوف تي مجمع البحراين وٺڻ لاءِ چيو، جيڪو ناياب ڪتاب هو. جڏهن مان ورلڊ سنڌي ڪانگريس انڊيا ويس ته اهو ڪتاب دهليءَ مان خريد ڪري اچي تاج محمد ابڙي کي ڏنو، جنهن کي ڏسي تاج محمد ابڙو، رشيد ڀٽي ۽ ڊاڪٽر تنوير عباسي ڏاڍا خوش ٿيا. تاج محمد ابڙي کي دل جو عارضو رهندو هو، پر ڊاڪٽر جي هدايت باوجود هو جڏهن به سکر ايندو هو ته مون وٽ منهنجي فليٽ تي ڪافي وڏي ڏاڪڻ چڙهي مٿي ايندو هو. هڪ دفعي مون کيس چيو ته: مهرباني ڪري اگر توهان مون سان ملڻ چاهيو ٿا ته نوڪر کي مون ڏانهن موڪليندا ڪريو ته مان خود توهان سان هيٺ اچي گاڏيءَ ۾ ملان، توهين ڇو تڪليف ڪري بيماريءَ ۾ مون ڏانهن مٿي اچو ٿا! ابڙي صاحب انهيءَ تي چيو ته: ”تنهنجو گهر منهنجي لاءِ هڪ درگاهه آهي، جنهن کان مان ڪنهن به قيمت تي پاڻ کي محروم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيان.“ اهو هو تاج محمد ابڙي جي اسان دوستن، ڪامريڊن لاءِ قربت ۽ پيار جو احساس، جنهن مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو. اهڙا عظيم ماڻهو مون پنهنجي زندگيءَ ۾ تمام گهٽ ڏٺا آهن. جهڙيءَ طرح مان ابڙي صاحب کي دنيا جي هر موضوع تي گوناگون ڪتاب پهچائيندو هئس، تهڙي طرح ابڙو صاحب به مون کي پنهنجا ناياب ۽ قيمتي ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏيندو هو. سندس وفات کان ڪجهه عرصو اڳ تاج محمد ابڙي مون کي هڪ اهڙي ڪتاب ڏيڻ جو چيو، جو اهو ڪتاب هڪ اڻ لڀ ۽ انتهائي ناياب قسم جو هو، پر افسوس اهو ڪتاب ابڙي صاحب جي وفات ڪري مون کي ملي نه سگهيو، پر اڄ ڏينهن تائين مون ڏاڍي ڪوشش ڪئي آهي، پر اهو ڪتاب مون کي دستياب نه ٿي سگهيو آهي، جنهن جي پڙهڻ جي مون کي اڄ به بيحد تمنا ۽ تڙپ آهي. تاج محمد ابڙو پنهنجن دوستن يارن کي پاڻ وٽ رهائڻ پنهنجي وڏي خوش قسمتي سمجهندو هو. منهنجي تاج محمد ابڙي جي معرفت ڪافي وڏين وڏين اهم شخصيتن سان واقفيت ٿي. ابڙي صاحب جو پنهنجن گهروارن ۽ نوڪرن کي بيحد سختيءَ سان چيل هو ته ڪوبه اگر منهنجو دوست اچي ته ان کي هميشه سٺي ماني ٽڪي ۽ ايئر ڪنڊيشن ڪمرو، گهمڻ لاءِ ڪار ۽ ڊرائيور وغيره ڏيندا ڪريو ۽ منهنجي غير موجودگيءَ ۾ به انهن جي خاطر تواضح کان سواءِ نه ڇڏيندا ڪيو ۽ کين مجبور ڪندا ڪيو ته رهن. تاج محمد ابڙو سنڌ جي سياست ۾ منهنجي شموليت جو بيحد منتظر هوندو هو ۽ سندس مرضي هئي ته مان ڪوئٽه واري اردو اخبار ”زمانه“ ڇڏي سنڌ واپس اچي پنهنجي قومي ڪاز هاري تحريڪ کي وڌيڪ منظم ڪرڻ لاءِ هتي اچي ڪم ڪريان. سندس چوڻ هو ته: ”ڇاڪاڻ ته تو زندگيءَ جو گهڻو حصو جيڪب آباد ۾ گذاريو آهي، هاڻي به موٽي سنڌ ۾ اچ ۽ پنهنجي پسند جي ڪم کي وڌاءِ.“ آخرڪار مان تاج محمد ابڙي جي صلاح سان پنهنجي اردو اخبار ”زمانه“ کي هڪ دوست حوالي ڪري جيڪب آباد آيس. مون ۽ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي اهو محسوس ڪيو ته جيستائين هن وڏيرا شاهيءَ جي اثر رسوخ رکندڙ ضلعي جيڪب آباد ۾ ڪجهه عوامي طاقت جي ذريعي وڏيرا شاهيءَ جي زور کي پوئتي نه ڪيو ويندو، تيستائين اسين عوام جي ڪابه خدمت ڪري ڪونه سگهنداسين ۽ نه ئي هتي ضلعي جيڪب آباد مان اسيمبليءَ اندر ڪي عوامي نمائندا آڻي سگهنداسين. هن سلسلي ۾ پوءِ جيڪو پهريون عوامي طاقت جو مظاهرو هن ضلعي جيڪب آباد ۾ ڪيوسين، ان ۾ جن بزرگن منهنجي دعوت تي قدم رنج فرمايو ۽ منهنجي جيڪب آباد ضلعي ۾ سياسي سرپرستي ڪئي، سي هئا: شيخ عبدالمجيد سنڌي، قاضي فيض محمد، جي ايم سيد، تاج محمد ابڙو ۽ غلام محمد لغاري. انهيءَ سڄي ڪم ۾ تاج محمد ابڙو اڳيان اڳيان رهيو ۽ اهڙيءَ طرح ضلعي جيڪب آباد ۾ تاج محمد ابڙي جي مدد سان هاري تحريڪ جو بنياد پيو. درحقيقت اها ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ٻاريل هڪ شمع هئي. هڪ اهڙي بنيادي روشنيءَ جي شمع، جنهن پيڙهيل هاري طبقي کي پنهنجي حقوق وٺڻ جو شعور بيدار ڪيو ۽ ورهين کان مٿن وڏيرا شاهيءَ جي غلاميءَ کان آزاديءَ جو دڳ ڏسيو ۽ ضلعي جيڪب آباد ۾ تاج محمد ابڙي هاري آفيس جو بنياد رکرايو. هن سلسلي ۾ صدر ايوب جي مقابلي ۾ مرڪزي اسيمبليءَ ۾ صدر ايوب جي مخالفت ۾ فاطمه جناح جو ساٿ ڏنو. هيءَ اسان جي خوش قسمتي هئي، جو هيڏي ساري عوام دشمن ماحول ۾، سياست جي هيڏي ساري طاقت جي موجودگيءَ ۾ به ڪي عوامي ذهن ۽ فڪر جا تعليم يافته ۽ ترقي پسند دانشور اسان وٽ موجود هئا، جن مان تاج محمد ابڙو به هو، جن کي جڏهن به موقعو مليو، انهن عوامي طاقت کي هٿي ڏيڻ ۾ پنهنجي وسئون نه گهٽايو. هڪ جاگيردارانه نظام ۽ ڳڙهه ۾ هاري تحريڪ جو بنياد رکي عوامي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ جو ثبوت ڏنو ۽ پنهنجي وت آهر پنهنجي وسان نه گهٽايو. اهڙو هو هيءُ اسان جو محبوب دوست ۽ هم خيال ساٿي مرحوم ۽ مغفور ڪامريڊ تاج محمد ابڙو. اهڙي جابرانه نظام جي ماحول ۾ قدرت طرفان دنيا ۾ ڪي اهڙا عظيم انسان به جنم وٺندا آهن، جيڪي بغير ڪنهن نالي ڪڍرائڻ جي پنهنجي ڌرتي ماتا ۽ ان جي غريب پيڙهيل طبقي جي خدمت لاءِ پنهنجي سڄي حياتي وقف ڪري ڇڏيندا آهن. تاج محمد ابڙو به اهڙن ماڻهن منجهان هڪ هو، جنهن کي تاريخ ۾ ڪڏهن به وساريندي به وساري نه سگهبو. سنڌ جون اهڙيون مها قومي هستيون تاريخ جو عظيم سرمايو آهن ۽ اسان جي ايندڙ نسل لاءِ مشعل راهه آهن. (عوامي آواز، عبرت، هلال پاڪستان، سنڌ سجاڳ، الوحيد) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سندس ڪيل سياسي، سماجي ۽ ادبي خدمت عبدالخالق شيخ/ لاڙڪاڻو سنڌ جو نامور اديب، دانشور، جج، سياستدان، سماج سڌارڪ ۽ صحافي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو شاگرديءَ واري دور کان ئي سياست ۾ سرگرم رهيو. مسلم ليگ ڪميونسٽ پارٽي، جيئي سنڌ، سنڌ هاري ڪاميٽي، نعپ ۽ پيپلز پارٽيءَ سميت سنڌ عوام اتحاد کان وٺي جيڪا تحريڪ سنڌ جي ڀلي ۽ آجپي لاءِ هئي، انهيءَ ۾ ڀرپور نموني حصو ورتائين، ايشيا جي سڀ کان وڏي ۾ وڏي ادبي تنظيم سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي باني ميمبرن ۾ سندس شمار ڪيو ويندو هو. هن لاڙڪاڻي واري اوطاق، سنڌ ۽ هند جي مشهور اوطاق تي سنڌي ادبي سنگت جو اجلاس ڪوٺرايو، ون يونٽ خلاف تحريڪ دوران روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو لاڙڪاڻي ۾ مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي اوطاق تان اُڀريو ۽ پوري سنڌ ۾ ڦهلجي ويو ۽ سموري سنڌ کي جرڪائي ڇڏيائين. پاڪستان جي پهرين مشهور سنڌي مسلمانن جي واحد اخبار ”الوحيد“ جو ڪجهه وقت ايڊيٽر رهيو. لاڙڪاڻي جي تاريخ ۾ اهو ئي سبب آهي جو انجمن ترقي اردو جي عمارت ۾ جيڪا لائبريري قائم ڪيائين، ان جو نالو شاهه عبداللطيف ڀٽائي رکيائين، جيڪا پهرين سندس گهر جي ڀرسان هئي. لاڙڪاڻي جي تاريخ جي سڀ کان وڏي سنڌ جي لائبريري سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريريءَ جو بنياد به مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو رکرايو. هي لاڙڪاڻي شهر سان لڳو لڳ بقاپور يونين ڪائونسل جو چيئرمين به رهيو. ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي نيوز ڪاسٽر طور به ڪم ڪيائين، ته گڏ قمبر هاءِ اسڪول ۾ انگريزي استاد جي حيثيت سان به پنهنجا فرائض سرانجام ڏنائين. پاڪستان جو واحد اڳواڻ هو، جنهن کي ڪامريڊ جو خطاب مليو. هن جو شمار ۱۹۵۳ع ۾ ڇپيل بائيوگرافيڪل انسائيڪلو پيڊيا آف پاڪستان ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ ملڪ جي هڪ هزار وڏين شخصيتن کي شامل ڪيو ويو آهي. انهيءَ کان علاوه پنجاب ۾ اردوءَ ۾ ڇپجندڙ ڪتاب ”سنڌ ڪي چند انقلابي دانشور اور عوامي رهنما“ ۾ ۱۵ اهم شخصيتن ۾ شامل ڪيو ويو. سنڌ صوبي جو عوام ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي سياسي، سماجي، ادبي، قانوني خدمتن کي مدنظر رکندي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو يادگار ڪاميٽيون ۽ بزم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جا بنياد وجهي سندس جون هر سال سنڌ ۾ ورسيون ۽ سالگراهون ملهائي رهيو آهي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع تي ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. کيس ابوبڪر قبرستان، لاڙڪاڻي ۾ دفنايو ويو. جڏهن ته اڄ سندس ۲۸ هين ورسي ملهائي ويندي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو هڪ دؤر جو نقيب انعام شيخ انسان جي تخليق، ڪائنات جي ڪل تخليقات کان اتم، افضل ۽ اتانهين آهي ۽ ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته آدم جي اولاد پنهنجي پروردگار طرفان عطا ڪيل ان شرف جو خوب ڀرم رکيو ۽ اهڙا اهڙا شاندار ڪارنامه سرانجام ڏنا ۽ اهڙيون اهڙيون شهڪار ايجادون ڪيون، جو عقل دنگ رهجي وڃي ۽ ڏندين آڱريون اچيون وڃن. ان ڳالهه تي ڪي به رايا ڪونه آهن ته انسان ذات پنهنجي اعليٰ صلاحيتن باوجود عيبن کان آجي، صاف سٿري يا رڳو پاڪ آهي، پنهنجي تمام تر خوبين باوجود هڪ انسان جو معاشرتي ڪردار نهايت اهم ليکيو وڃي ٿو. جيڪڏهن هو سماج لاءِ متحرڪ ۽ لاڀائتي سوچ رکي ٿو ۽ سندس مجموعي سوچ جا سرا پنهنجي قوم ۽ وطن سان واڳيل آهن ۽ اهو پنهنجي فردن ۽ سماج جي ترقيءَ جو اونو رکي ٿو ته سچ ته ان جو ڪو مٽ يا ثاني نه آهي. جيستائين سنڌ ۾ سٺن ڪردارن جو تعلق آهي، آءٌ بنا هٻڪ اهو چئي سگهان ٿو ته ماضيءَ جي خوشحال سنڌ جي شاندار جهولي ان کان خالي نه هئي ۽ اڄ انهن ڪردارن جو اهڙو ڏڪار ڪاهي پيو آهي، جو دل جي اک رت جا ڳوڙها ڳاڙڻ تي مجبور آهي. ڪاڏي ويون اڳوڻي دؤر جون شاندار روايتون، ڪاڏي ويا اهي مانجهي مڙس، جن جي دم سان اسان جي تهذيب ۽ تمدن جون صحتمند روايتون دنيا ۾ اسان جي لاءِ فخر جو سبب بڻيون آهن ۽ هيون! انهن شاندار ڪردارن جي تخليق جو سلسلو منقطع ٿي ويو. سنڌ جو ڀاڳ، نڀاڳ ۾ اجڙي ويو ۽ اڄ حالت اها آهي جو سنڌي سماج پنهنجي جوهر ۾ نهايت ويڳاڻو، معصوم، يتيم ۽ بي يارو مددگار بڻجي چڪو آهي. هر ماڻهو پنهنجي خواهشن جو غلام، هوس ۽ حرص جو پوڄاري بڻجي ويو، قوم ۽ وطن جي خوشحاليءَ واري سوچ جي جاءِ تي پنهنجا ڀڀ ڀرڻ، عزتِ نفس تين وال ڪري به پئسو گڏ ڪرڻ جهڙي مڪروهه ڪرت والاري آهي. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو اڄ اسان جو سماج برائين جي اهڙي ڪُن ۾ اچي ڦاٿو آهي، جتي سندس تنزليءَ جا نشان واضح نظر اچي رهيا آهن. فقط ڪجهه وقت اڳ سنڌ ۾ ائين نه هوندو هو، بلڪه ماڻهن کي پنهنجي اوڙي پاڙي بعد قوم ۽ وطن جو اونو هوندو هو. عزت جي نگاهه سان به اهڙن ماڻهن کي ڏٺو ويندو هو، جيڪي هيڻن جي همراهي ڪندا هئا، سندن دل کي سڪون ۽ روح کي راحت تڏهن ملندي هئي، جڏهن ٻئي جي ڪم ايندا هئا يا اجتماعي ڀلائيءَ جو ڪم سندن مبارڪ هٿن سان ٿيندو هو ۽ عوام جي خدمت کي افضل تر عبادت جو درجو حاصل هوندو هو. تنهن وقت جي ڀيٽ اڄ جي حالتن سان ڪندي سچ پچ ته بي ساخته تاج محمد ابڙي جهڙن اورچ ۽ بااصول استادن جي ياد جا رنگ ذهن جي ڪئنواس تي ڦهلجندي محسوس ٿين ٿا. مرحوم تاج محمد ابڙو لاڙڪاڻي جي مردم خيز مٽيءَ مان پيدا ٿيو، لاڙڪاڻي جي اها مردم خيز مٽي، جنهن منجهان سر شاهنواز ڀٽي، ذوالفقار علي ڀٽو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ شهيد بينظير ڀٽو جهڙن عظيم ڪردارن جنم ورتو، جن پنهنجي ڪردار ۽ خداداد صلاحيتن وسيلي پنهنجن پنهنجن دؤرن تي اڻ مٽ اثر ڇڏيا. مرحوم تاج محمد ابڙي جي شروعاتي زندگي گهڻي سٺي نه گذري، ڇو ته ننڍپڻ ۾ ئي کيس يتيميءَ جو عذاب پلئه پيو ۽ سندس والد محترم گذاري ويو. پر مرحوم حوصلو نه هاريو، پنهنجي تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ تنهن وقت جي انقلابي سوچ رکندڙ قبيلي سان سلهاڙجي زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪرڻ شروع ڪيائين ۽ هڪ فرد مان اداري جو روپ اختيار ڪري ورتائين. هونئن به تاريخ ٻڌائي ٿي ته کيس تبديل فقط انهن انسانن ڪيو آهي، جن پنهنجي زندگيءَ جو مهڙيون حصو تڪليفن کي سهندي گذاريو هوندو آهي. لاڙڪاڻي جي هن يتيم ٻار پنهنجي زندگي تمام ڏکين حالتن ۾ گذاري، پر سندس محبت جو سڳو سنڌ جي مهندارن سان سلهاڙيو رهيو. تاج محمد ابڙو مرحوم پنهنجي دؤر جي نامور شخصيتن سائين جي ايم سيد، محمد ايوب کهڙو، قاضي فضل الله، ذوالفقار علي ڀٽو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ سوڀي گيانچنداڻي، محمد امين کوسي، قاضي فيض محمد شيخ، عبدالمجيد سنڌي، غلام محمد لغاريءَ ۽ ٻين سان تعلق ۾ رهيو ۽ سندن صحبت ۾ سياسي، ادبي ۽ انقلابي شعور حاصل ڪيائين. ون يونٽ جي زماني ۾ جڏهن غلاميءَ جو ڳٽ سنڌ جي ڳچيءَ ۾ وڌو ويو هو، تاج محمد ابڙي مرحوم پنهنجو ڪردار خوب نڀايو ۽ ان اونداهي دؤر خلاف پنهنجن دوستن سان گڏجي ڀرپور جدوجهد ڪئي. مختلف شهرن ۾ جلسا ۽ جلوس منعقد ڪيا، جڏهن ته مرحوم ون يونٽ متعلق منعقد ٿيندڙ ڪيترن ميڙن جي ميزباني پڻ جهلي، جنهن ڪري کيس سرڪاري عتاب جو نشانو به بڻجڻو پڻ پيو. ان جي باوجود هُو دوستن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هليو. بلڪه سنڌ ۾ ان ڪاري دؤر خلاف شعور پيدا ڪرڻ جي سلسلي ۾ هڙان ۽ وڙان هر قرباني پڻ ڏني، جنهن جي ڪري کيس پنهنجن دوستن جي حلقن ۾ ممتاز نظر سان ڏٺو ويندو هو. ساڳيءَ جاءِ تي جيڪڏهن کيس ادبي سرگرمين جو روح روان چئجي، ته به ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي بنيادڪارن ۾ سندس شمار ٿيندو هو. سنڌي ادبي سنگت جون گڏجاڻيون هجن يا ترقي پسند ادب جي پليٽ فارم تان منعقد ٿيندڙ سيمينار، ورڪشاپ ۽ پروگرام هجن، مرحوم تاج محمد ابڙو سڀني کان اڳرو هوندو هو. سندس اوطاق تي ته اديبن ۽ سندس دوستن جو ميڙو متل رهندو هو. اهي ئي سنڌ جي خوشحاليءَ ۽ ماڻهن جي ڀلائيءَ جون ڳالهيون، رٿون يا منصوبا ويچار هيٺ رهندا هئا. لاڙڪاڻي جي اديبن مان ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ڊاڪٽر اياز قادري، انيس انصاري، خادم حسين شاهه، سکر ۽ شڪارپور مان شيخ اياز، رشيد ڀٽي، فتاح ملڪ، خيرپور مان ڊاڪٽر تنوير عباسي، حيدرآباد مان محمد ابراهيم جويو، زيب عاقلي، ڄام ساقي ۽ نه ڄاڻ ٻيا ڪيترا دوست سندس حلقي ۾ شامل رهيا. اهي سڀ جا سڀ پنهنجي پنهنجي وقت جا وڏا باشعور ۽ انقلابي سوچ رکندڙ ماڻهو هئا. انهن جي صحبت ۽ سنگت ۾ رهندي، اوهين مرحوم تاج محمد ابڙو جي شخصيت ۽ سوچ بابت آسانيءَ سان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته هُو ڪهڙي ساهه جو مسافر هو. هونئن به چوندا آهن ته ماڻهو پنهنجن دوستن ۽ سنگتين مان سڃاتو ويندو آهي. توهان مٿين نالن جي سنڌ سان ڪمينٽمينٽ جو جائزو وٺو ۽ پوءِ پاڻ ئي فيصلو ڪريو ته مرحوم ڪهڙين خوبين ۽ خصلتن جو ڌڻي هو. اها ٻي ڳالهه آهي ته مٽيءَ ۾ مٽي ٿي رهندڙ هن شخص کي نالي ۽ واهه واهه کان وڌيڪ وطن ۽ ان جي واسين سان ويجهڙائپ هئي. مرحوم تاج محمد ابڙي جي شخصيت تمام گهڻ پاسائين هئي. مان نٿو سمجهان ته ڪنهن هڪ مضمون ۾ ساڻس انصاف ڪري سگهجي ٿو. هي ماڻهو پنهنجي ڪردار ۾ تاريخي حيثيت رکن ٿا، هنن ماڻهن جا پنهنجي دؤر تي اڻ مٽ نقش چٽيل آهن، هنن تي لکڻ جي لاءِ تڏهن ئي قلم آرائيءَ جي سگهه ساري سگهجي ٿي، جڏهن سندن دؤر ۽ زماني جو مڪمل مطالعو ڪجي ۽ تنهن وقت جي حالتن ۽ واقعن کي ميڙي چونڊي يڪجاءِ ڪري سندن ڪم سان نهايت ايمانداريءَ ڀرئي انداز ۾ تقابلي جائزو وٺجي. مان سمجهان ٿو ته تڏهن ئي مرحوم تاج محمد ابڙي جهڙين شخصيتن سان حقيقي انصاف ٿي سگهي ٿو. بهرحال، اهو انصاف اسين ڪريون يا نه ڪريون، اڄوڪو دؤر ڪري يا نه ڪري، پر تاريخ پنهنجي جوهر ۾ اهڙي انصاف لاءِ نهايت بي چين آهي ۽ اها ضرور اهڙو انصاف ڪندي. (روزانه خبرون، اربع ۱۰ مارچ ۲۰۱۰ع) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ماڻهو گل گلاب نصير مرزا لاڙڪاڻو سنڌ جي تهذيب جو آسمان آهي، جنهن سنڌ جي سينڌ ۾ ازل کان ئي رڳو چنڊ ستارن جهڙا ماڻهو ئي پئي ٽانڪيا آهن ۽ ڪير آهي، جيڪو انهن جرڪندڙ ستارن جي نالن کان آگاهه ناهي! ڪشنچند بيوس، نياز علي نياز، هري دلگير، مولانا قاسمي، جمال ابڙو، سوڀو گيانچنداڻي، ذوالفقار علي ڀٽو، بينظير ڀٽو، طارق عالم ۽ تاج محمد ابڙو وغيره.... اڄ اٺين آگسٽ، لاڙڪاڻي ساهه سيباڻي جي آدرشي انسان تاج محمد ابڙي جي جنم جو ڏينهن آهي. مٿن عقيدت ۽ محبت جا ڪجهه سرها گل نڇاور ڪرڻ لاءِ جڏهن قلم هٿ ۾ اڄ کنيو اٿم ته پاڻ کان پڇان پيو: ميان محمد نصير! تاج محمد ابڙي صاحب جهڙي هاڪاري سماج سڌارڪ ۽ انصاف پسند جج کي تون سڃاڻين ٿو، ڪڏهن کان؟ تڏهن ٺهه پهه پاڻ کي پاڻ ئي آگاهه ٿو ڪريان ته: تڏهن کان جڏهن کان مون کي ماڻهوءَ سڃاڻڻ جي ساڃهه آئي آهي. تاج محمد سائينءَ جو جنم، هن ئي مهيني ۾ اڄوڪي ڏينهن تي ۱۹۲۴ع ڌاري، شهدادڪوٽ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو هو ۽ انهن ئي سالن جي آس پاس هي ڏسو ته شڪارپور جي شيخ محلي ۾. شيخ اياز، کاهي قاسم نوشهري فيروز ۾ نارائڻ شيام ۽ لاڙڪاڻي ۾ هري دلگير صاحب جهڙا جيءُ جيارا ۽ هاڪارا انسان به ساڳئي وقت جنم وٺي رهيا هئا. لاڙڪاڻي، ڪراچي، سکر ۽ ٺٽي جي هوائن دشائن ۾ شعور جون منزلون طئه ڪندي، تاج محمد ابڙي، سائين جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ سلام بخاري ۽ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي صحبت ۽ ساٿ مان ڄاڻي ورتو هو ته ”سنڌ کي جيارڻو آهي، ته پوءِ پاڻ کي وسارڻو پوندو.“ تڏهن سنڌ جي آجپي لاءِ، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي وانگر سائين تاج محمد کي به اشتراڪي نظريي ۾ نجات نظر آئي هئي ۽ پاڻ ان ازم جي پرچار لاءِ لاڙڪاڻي ۾ ”اوطاق-ڪلچر“ کي فروغ ڏنو ۽ هر وقت ۽ هر ويلي تي دوستن، ساٿين لاءِ دل ڪشادي ۽ ويڪرو دسترخوان وڇائي رکيو. هارين، مزدورن ۽ پورهيتن جي حقن جي حاصلات لاءِ سرخ پرچم کي بلند ڪيو ۽ نياڻين کي تعليم يافته ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهرين پنهنجين ئي نياڻين ۽ پوءِ پاڙي اوڙي جي ٻارڙين جي هٿن ۾ ڪتاب ۽ قلم فراهم ڪيا. آس پاس ۽ اوريان پريان ۽ جتي جتي به ۽ جنهن جنهن سان ناانصافي ٿيندي ڏٺائون ٿي، ان جي مدد لاءِ اتي پهچي ٿي ويا ۽ ڪٿي به سماج کي پٽڙيءَ تان لهندي ڏسندا هئا ته ڪامريڊ بڻجي، اڳتي وڌي، پنهنجو ڪلهو پيش ڪري، ان کي پٽڙيءَ تي چاڙهڻ لاءِ جاکوڙ ۾ جُنبي ويندا هئا. سندن ديرينه دوست ۽ هم خيال ساٿي محمد ابراهيم جويو ته کين سڏيندو ئي هو ”تاج محمد ابڙو سنڌ جو ڀرجهلو ۽ املهه هيرو.“ بقول جويي صاحب جي: ”هن حياتيءَ جا ۶۲ ورهيه ماڻيا هئا ۽ ان مان شعور واري سڄي زندگيءَ جا، سڀ ورهيه پاڻ سنڌي قوم جي نجات لاءِ ۽ عوام دوست قومي انقلاب لاءِ وقف ڪري ڇڏيا هئائون.“ ڊاڪٽر اياز قادري جي چوڻ مطابق، سماجي جاڳرتا لاءِ ۱۹۴۳ع ۾ پاڻ هفته وار اخبار ”نوجوان“ پڻ جاري ڪئي هئي، جنهن ادب سان گڏوگڏ سوشلزم ۽ ڪميونزم جي پرچار لاءِ پڻ گهڻو پتوڙيو. سنڌي ادب سان سندن چاهه جو اندازو هن ڳالهه منجهان به لڳايو، ته پاڻ لاڙڪاڻي ۾ پنهنجي اوطاق اندر سنڌي ادبي سنگت جي شاخ قائم ڪيائون، جنهن جا پاڻ سيڪريٽري ٿيا. اياز قادري صاحب لکيو آهي ته: ان حيثيت سان پاڻ ”تجر باغ“ لاڙڪاڻي ۾ شاهه لطيف جو ڏهاڙو اهڙي ته شاندار انداز ۽ ڌام ڌوم سان ترتيب ڏنائون، جو ان کان اڳ ڀٽائي صاحب بابت اهڙو ميڙاڪو لاڙڪاڻي اندر، ڪڏهن به نه ٿيو هو. ڀٽائي صاحب سان سندن عشق جي انتها هيءَ به ڏسو، جو سندن پيارين نياڻين مان شاهده ابڙو هجي، خالده يا زاهده ... امتحانن ۾ سٺن نمبرن سان پاس ٿينديون هيون ته کين وڏي عقيدت سان ڀٽائي صاحب جو رسالو، اکين تي رکي گفٽ ڪندو هو. ڪيڏو نه خوش نصيب رهيو سائين تاج محمد ابڙو، جنهن کي پنهنجي دؤر جي هر همعصر، هر سينيئر ۽ هر جونيئر، سندس بي لوث خدمتن تي رڳو سلام ئي پيش پئي ڪيو آهي. تڏهن اڄ سندس مبارڪ نقشِ قدمن کي ڏسندي ۽ کيس خراجِ تحسين پيش ڪندي، ڇو نه گڏجي سڏجي، سندن ۸۷ هين سالگرهه تي مرزا قليچ بيگ جا هي شبد هم آواز ٿي، کيس پيش ڪريون ٿا ته: ڇڏي جيئن نامور ويا پنهنجو نالو ڪريون تن جيئن اسين پڻ اڄ ڪشالو وٺون موٽي جڏهن رستو رباني ڇڏيون ڪا پاڻ پَوين لئه نشاني ته من ڪو رهگذر ان ڏي نهاري لنگهي هن رُڃ مان پهچي ڪناري روزانه ڪاوش سومر ۸ آگسٽ ۲۰۱۱ع ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ناميارو وڪيل عبدالرزاق سومرو مرحوم تاج محمد ابڙو صاحب وڏو يار ويس، ڪچهري جو ڪوڏيو ۽ نهايت چڱو ماڻهو هو. مان جڏهن لاڙڪاڻي وڪالت ڪرڻ لاءِ آيو هيس ته پهرين رات تاج محمد ابڙي وٽ رهيو هيس. پهرين مئي ۱۹۵۳ع تي مان لاڙڪاڻي پهتس. جيئن ئي ريل مان لٿس ته سڌو مرحوم عبدالفتاح جي فرم جي آفيس تي آيس، جتي سندس ڀاءُ مرحوم نظام الدين به ويٺو هيو. آچر جو ڏينهن هيو. مون کيس احوال ڏنو ۽ عبدالفتاح ميمڻ صاحب جي ريفرنس سان ڪم ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي. مرحوم نظام الدين چيو ته ٺيڪ آهي. سندس ٻه منشي هيا: هڪ غلام رسول سومرو، ٻيو عبدالرحيم آخوند. انهن ٻنهي کي سڏ ڪري چيائين ته سڀاڻي ريزيڊنٽ ميجسٽريٽ وٽ جيڪو ڪم رکيل آهي، اهو سومري صاحب کي ڏيو. هنن مون کي چار فائيل ڏنا، جن مان ٽن لاءِ چيائون ته هنن ۾ ۱۹۳ جون ڪاروايون آهن ۽ هي ڪيس نه هلندا، باقي چوٿون ڪيس چوري جو آهي ۽ هلائڻو پوندو. ان ڪيس جو ٽائيٽل هو ڪرائون بمقابلا عنايت. مون کي جڏهن هنن ڪيس ڏنا ته ان وقت مون سان گڏ ٽين جي صندوق هئي، جنهن جي رکڻ لاءِ اچي ڦاٿس، جيڪا مان سڌو ڳوٺ وڃي اتي رکي آيس. ڪارو ڪوٽ ۽ ٽاءِ به مون وٺي ڇڏي هئي. ڪجهه ڪم جا ڪتاب به مون خريد ڪري ڇڏيا هئا، جيڪي مون سان ساڻ هئا. هاڻي مان اهو سوچي رهيو هيس ته هي سامان ڪيڏانهن ڪيان ۽ رات ڪٿي رهان؟ سوچي سوچي مسٽر تاج محمد ابڙي وڪيل جي اوطاق تي هليو ويس. کيس احوال ڪيم ته ”هنن نموني هتي پهتو آهيان، سڀاڻي مون کي ڪيس هلائڻا آهن ۽ توهان وٽ رهڻ آيو آهيان.“ تاج محمد ابڙي چيو ته: ”ڀلي ڪري آئين، ڪا ڳالهه ئي نه آهي. تنهنجو پنهنجو گهر آهي، تون ڳڻتي نه ڪر، هتي رهي پؤ.“ مان به خاطري سان اتي رهي پيس. رات رهي سڀاڻي تي نڪري پيس. رات جو ڪيس به اسٽڊي ڪري ورتم. منهنجو پهريون ڏينهن هيو. ان دور ۾ هڪڙو ڪتاب هوندو هيو، جيڪو اڄ به استعمال ۾ اچي ٿو. اهو ڪتاب هيو ”پريمس آڏي پڇا ۽ دليل“ (Prem’s cross Examination & Arguments) ڇوته مون اهڙا ضروري ڪتاب وٺي ڇڏيا هئا. ان ڪتاب مان تياري ڪيم. ان ڪيس ۾ عنايت جوابدار هيو ۽ غلام صديق جاگيراڻي فريادي هو، جڏهن ته سندس ڀاءُ غلام عمر جاگيراڻي شاهد هيو. ٻنهي جي شاهدي هلي، پر شاهدي اهڙي هلي جو ٻنهي جي بيانن ۾ تضاد هيو، جيڪو منهنجي آڏي پڇا سان وڌيڪ ظاهر ٿي پيو. مسٽر ”ليلارام“ ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ هيو. ان چيو ته باقي ڪيس سڀاڻي تي رکو ۽ مشير سان گڏ جاچ آفيسر کي به گهرايو. تاريخ ملڻ کان پوءِ مئجسٽريٽ مون کان انگريزيءَ ۾ پڇيو ته: ”توکي پريڪٽس ڪندي گهڻو وقت ٿيو آهي؟“ مون چيو: ”سر! اهي ئي ٻه ڪلاڪ، جيڪي تنهنجي اڳيان پيش ٿيو آهيان.“ سڀاڻي تي وري مان تياري ڪري ويس. مشير جي شاهدي هلي، آرگيومينٽس ٿيا ۽ مئجسٽريٽ ڪيس مان جوابدار کي ڇڏي ڏنو. مون کي زندگيءَ ۾ جيڪي خوشيءَ جا لمحا ياد آهن، هيءُ به هڪ اهڙو لمحو هيو، جيڪو مون کي اڄ به ذهن تي آهي. منهنجو پهريون ڪيس هيو ۽ مان ڀرپور تياري ڪري ويو هيس، ڇاڪاڻ ته منهنجي بقا جو سوال هيو. مون وٽ رڳو پنج روپيا هڙ ۾ هيا. مان تاج محمد ابڙي صاحب وٽ ٻه ڏينهن رهي پوءِ وري دوست محمد ابڙي وٽ رهيس. تاج محمد ابڙو پهريائين استاد شمس الدين ابڙي جو جونيئر ٿي رهيو. شمس الدين ابڙو دل جو ڪشادو، يار باش قسم جو ماڻهو هوندو هيو. سندس شام جي بيٺڪ تاج محمد ابڙي جي اوطاق تي هوندي هئي. تاج محمد ابڙو ڪيترا ئي ورهيه وڪالت ڪرڻ کان پوءِ سرڪاري نوڪري ڪيائين. اول ٿرپارڪر ضلعي ۾ اسسٽنٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر ٿيو. پوءِ بلوچستان جي ضلعي ڍاڍر ۾ ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر ٿيو. ڀٽي صاحب جي دؤر ۾ ايڊيشنل سيشن جج ٿيو ۽ پوءِ ڊسٽرڪٽ سيشن جج ٿي رٽائر ڪيائين. رٽائرمينٽ کان پوءِ لاڙڪاڻي آيو ۽ وڪالت جي پريڪٽس ڪيائين. تاج محمد ابڙي جهڙو يار ويس ماڻهو ڪو ورلي هوندو. شام کان وٺي سندس اوطاق تي ماڻهن جي اچ وڃ شروع ٿيندي هئي ته رات جو دير تائين کل ڀوڳ ۽ ڪچهري هلندي هئي. سياسي طور تي کاٻي ڌر ۽ ڪميونسٽ خيالن جو ماڻهو هيو. هاري تحريڪ ۾ به سرگرم رهيو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، مولوي نذير حسين جتوئي ۽ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي سميت ڪيترائي ليفٽسٽ ۽ نيشنلسٽ اڳواڻ وٽس ايندا هئا ۽ ميٽنگون به ڪندا هيا. پاڻ جڏهن جج هيو ۽ لاڙڪاڻي ايندو هيو ته مون وٽ گيسٽ روم ۾ ترسندو هيو. ڏاڍو ڪميٽيڊ انسان هيو. منهنجو ساڻس سٺو واسطو رهيو. عالمي سياست تي به سندس گهري نظر هوندي هئي. مشهور رسالو ”ٽائيم“ به هر مهيني گهرائيندو هيو. سندس لائبريري ۾ ڪيترائي ڪتاب هوندا هيا. منهنجي مشهور هاري اڳواڻ ڪامريڊ غلام محمد لغاري سان ملاقات به تاج محمد ابڙي جي اوطاق تي ٿي. تاج محمد ابڙو ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع تي وفات ڪري ويو. (قانوندان، سياستدان ۽ سفارتڪار عبدالرزاق سومرو جون يادگيريون ڪتاب ’يادن جي ڳڙکيءَ مان‘ ورتل) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ڪو جو ڪالهه هئوم سوڍو منهنجيءَ سنڌ جو عبدالغفار تبسم اُها ستاويهين يا اٺاويهين فيبروري ٻه هزار اٺ جي ڪچڙي منجهند هئي جو منهنجي نئين ديري واري گهر ۾ ٽي جوان مون سان گڏ ويٺل هئا. تعارف ڪرائڻ تي هڪ ته منهنجي پاڙي جو احترام لائق قاضي شرف الدين ۽ ساڻس گڏ ٻه لاڙڪاڻي کان ڪهي آيل سنڌ جي عظيم ۽ املهه ڪردار مرحوم تاج محمد ابڙي صاحب جا ٻه فرزند هئا. نئين ديري ۾ پنهنجي والد بزرگوار جي نالي سان سلهاڙيل هڪ تنظيم جو بنياد رکڻ لاءِ پهتل ۽ ڳوٺ ۾ منهنجي هئڻ جو ٻڌي مون وٽ ڪهي آيا هئا. نهايت وضع دار ۽ اعليٰ سڀاءُ رکندڙ هي ٻئي ۽ مان حال احوال اورڻ ويٺاسين ته ماضيءَ جي کوڙ ساترين ساروڻين کي کن ۾ سهيڙي کڻي اڳيان رکيوسين. لاڙڪاڻي جي پراڻي ٽائون ٿاڻي ڀرسان مرحوم تاج محمد ابڙي صاحب جي گهر لڳ منهنجن عزيزن جو گهر هيو، جتي منهنجي ننڍپڻ جو ڳپل حصو گذريو. ان گهر کان باقراڻي روڊ ڏي ويندي يا ٻه چار وکون ٻاهر ڀريندي منهنجي هميشه نظر ان گهر جي مکيه در مٿان ٽنگيل ان اڇي بورڊ تي ڪارن لفظن ۾ لکيل تاج محمد ابڙو وڪيل تي ضرور ويندي هئي. تڏهن مون کي اُن گهر ڌڻيءَ جي انهيءَ ادب پروريءَ، سندس ثقافتي، سماجي، علمي ۽ آدرشي ڪردار جي امين هئڻ جي ڪا به پروڙ ڪونه هئي. منهنجي تنهن ساڃاهه مطابق ته لاڙڪاڻي جي گهٽين ۾ کوڙ سارن وڪالت ڪندڙن جي سڃاڻپ وارين تختين جيان هن گهر تي لڳل وڪيل تاج محمد ابڙو جي ڄڻ ته بنهه ڪابه الڳ ۽ منفرد سڃاڻپ ڪونه هئي. ائين ئي ڪي ٻه چار دفعا هن گهر اندر ڪنهن ڪم سانگي ويندي مون کي هڪ وڏي هال ۾ سامهون ويٺل شخصيت جي ٻنهي طرفن فريادي ۽ جوابدار ڌرين کان سواءِ ٻين به ڪيترين ئي علمي ادبي شخصيتن ۽ تر جي اهم زميندارن يا ڪامورن جو مجموعو هميشه نظر آيو هئم. اڄ ايڏن سالن پڄاڻان جڏهن نادر علي ابڙي صاحب جي سندس بابا تي مختلف مضمونن سان سهيڙيل ڪتاب مان جڏهن ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي تحرير هن ڪتاب بعنوان ”سنڌ جو املهه هيرو“ مان کولي پڙهان ٿو ته پنهنجي اُن اڻڄاڻائي ۾ هٿن مان نڪري ويل وقت تي ڏاڍو رنج ۽ افسوس ٿئي ٿو. خاص ڪري جڏهن ڪامريڊ سوڀي جي مضمون ”جو اپنی ذات میں ایک انجمن تھے“ جون صفحي نمبر ۱۳۱ تي لکيل سٽون پڙهان ٿو ته: ”جب سے تاج محمد کی شام والی محفلیں ختم ہوئی ہیں، میں وہاں کسی اور دوست کی طرف مائل نہیں ہوسکا، کیونکہ لاڑکانہ میں تاج محمد کی محفلوں کے بعد کوئی ایسی محفل باقی نہیں رہی۔“ اهي سٽون پڙهي روح مان محروميءَ جون هزارون سٽون اُڀرن ٿيون ته ايڏو ويجهو هوندي به مان هن اڪابر ۽ اديب ماڻهوءَ جي فهم ۽ فراست ڀرين محفلن ۾ ڇو نه وڃي سگهيس؟ هن بلند ڪردار ماڻهوءَ جي مثالي صحبتن مان ڇو ڪو لاڀ نه ماڻي سگهيس؟ پر ان اٿاهه مايوسين ۾ ”اياز“ جڏهن نراس ماڻهوءَ جي ڀرجهلي لاءِ هيئن چوي ٿو ته: مايوس نه ٿي تاريخ ڪنان، جو ٿيڻو ئي هو سو ٿي ويو هي هٿ هـٿـوڙا اڄ به اٿـئي ۽ دنـيـا ڏاري سگهجـي ٿـي سوچيان ٿو ته ماضيءَ جي مزار تي ڪنهن جو مجاور ٿيڻ بجاءِ ان وهي ويل گهڙين تي ماتم ڪرڻ بدران ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جهڙن اڏول ۽ اڻٿڪ ڪردارن کي جيڪڏهن رستي جي مشعل بڻائي ساڻ کڻجي ته هوند هر جند ۽ منهنجي هن سنڌ جون هڙئي اونداهه ٿيندڙ واٽون نين جوتن سان جرڪي سگهن ٿيون ۽ وري اُهي اجڙيل سماجي، ثقافتي، علمي، ادبي اوطاقون ايندڙ نسل لاءِ مثالي ادارا بڻجي سندن پرورش ڪري سگهن ٿيون. وري سنڌ جي سينڌ اجري سگهي ٿي، صرف هي عزم ورجائجي ته: هي جيون توڙي مايا آ، پر جو پل ان جي ڇايا آ ٿا ان ۾ پنهنجا پير وڌن ۽ اُس اڀاري سگهجي ٿي. (اياز) اڄ ان آدرشي ۽ امل انسان جي ۲۲ هين ورسيءَ تي سندس ڳالهيون ۽ ڳڻ ورجائي جيڪڏهن اهو پڪو عزم ڪيون ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جيان هميشه پنهنجي ڌرتيءَ، سماج ۽ ورثي جي پوئلڳيءَ ۾ باقي ڏينهن بسر ڪنداسين ته مون کي سنڌ جو سُنهن، اسين وري ٻنهي بي مثال وڃايل شان شوڪت، مانَ مريادا جا امين ٿي جڳ ۾ اوچي ڳاٽ سان جِــي سگهون ٿا. (روزانه عوامي آواز، سومر ۱۰ مارچ ۲۰۰۸ع) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو هڪ سدا بهار شخصيت يار محمد پلي چڱاڻي پنجاهه جي ڏهاڪي جو پهريون پور شايد اڻويهه سؤ چوونجاهه هو. آءٌ عمرڪوٽ هاءِ اسڪول ۾ زيرِ تعليم هئس ۽ هاسٽل ۾ رهندو هئس. هڪ لڙيءَ منجهند جو مير خان پٽيوالي سان ڪو نوجوان هڪ هٿ ۾ ٿري ڪيسل پاڪيٽ ۽ ٻئي هٿ ۾ چمڙي جي ڀوري بئگ لوڏيندي، اچي منهنجي ڪمري ۾ پهتو. انتهائي شاندار نوجوان، بدن تي اڇو ايس.او هرک جو بي داغ وڳو، مٿي تي مهانگي ڪراڪلي ٽوپي ۽ پيرن ۾ فلئڪس جو ولائتي بوٽ! آءٌ اٿيس، هٿ ملائڻ شرط چيائين: ”ادا! آءٌ آهيان قاضي محمد عالم معصوم هالائي ۽ اوهان يقينًا يار محمد چڱاڻي آهيو؟“ ڪنڌ لوڏيم. هڪ خط ڪڍي ڏنائين، هفتيوار ”همدرد“ جي مالڪ حاجي محمود هالائي مرحوم لکيو هو ته: ”هي نوجوان نوابشاهه مان نڪرندڙ ”ادا“ رسالي جو ايڊيٽر به آهي. سنڌي ادبي سنگت جي عمرڪوٽ ۾ شاخ کولڻ لاءِ سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل اياز قادريءَ ڪراچيءَ مان موڪليو آهي. عمرڪوٽ ۾ سڄاڻ ماڻهن کي ڪٺو ڪري، ميمبر ٺاهي، سنڌي ادبي سنگت جي برانچ قائم ڪندا. اها قوم ۽ زبان جي خدمت آهي ۽ اوهان جي به خواهش.“ معصوم هالائيءَ کي جذبو ئي عمرڪوٽ وٺي آيو هو ۽ سندس ڪم ئي هو شعر وشاعري ۽ زبان جي واڌ ويجهه لاءِ هٿ پير هلائڻ. ٻئي ڏينهن عمرڪوٽ جي ميونسپل آفيس جي ڪميٽي هال ۾ شهر جا لکيل پڙهيل نوجوان ۽ پوڙها ته آيا، پر ان وقت جي مختيارڪار واحد بخش سرهيو ۽ ڪٽ مست صوبيدار شير شاهه بادشاهه کي به آڻي، ميمبر بنائي، چندو وصول ڪري ڏنوسون، سيٺ ڏيارام کي، جيڪو خزانچي مقرر ٿيو ۽ آءٌ سنگت جو جنرل سيڪريٽري ٿياسين. ان کان پوءِ اياز قادريءَ جون تجويزون ۽ تحريرون پهچنديون رهيون. هڪ دفعي لکيائين: ”سنگت“ جي ساٿ سان لطيف جون ورسيون ملهائي، سنڌي ادب کي ايترو اجاگر ڪيو، جيئن لاڙڪاڻي ۾ مسٽر تاج محمد ابڙو جاکوڙي رهيو آهي. اڌ صديءَ جي وٿيءَ سان، هڪ ڏينهن، اياز قادري مرحوم جا ڪنن ۾ ٻرندڙ لفظ ته: ”ان جذبي ۽ جاکوڙ سان سنگت لاءِ سرگرم ٿيو، جيئن لاڙڪاڻي ۾ مسٽر تاج محمد آهي“ ساري، وڃي ٽاؤن هال پهتس. ٻه ڏينهن اڳ گهر ۾ ڪتاب اٿلائي رهيو هئس ته پٽ اچي ڪجهه پنا ۽ دعوت نامو ڏنو ۽ چيائين: ”عمرڪوٽ جي ائنٽي ڪرپشن جي سرڪل آفيسر مسٽر نادر علي ابڙي جو ڪو ماڻهو ڏئي ويو آهي.“ نادر علي ابڙي پنهنجي والد مرحوم تاج محمد ابڙي جي ميراث کي ڪيترو نه مضبوطيءَ سان پڪڙيو آهي! مون سوچ جي سمنڊ ۾ ٽٻي هنئين، پروفيسر ڊاڪٽر اياز قادريءَ کي ڏٺو ته مون سان هم ڪلام هو ته اوهان عمرڪوٽين جي دل جي بند دريچن تي مون آڳاٽو دستڪ ڏني، پر اوهين ستل ئي رهيا! ان ئي زماني ۾ تاج محمد لاڙڪاڻي ۾ ادبي سنگت جي برانچ قائم ڪري، جنرل سيڪريٽري بنجي، لطيف جون ورسيون ملهائي، زبان ۽ ادب جي ڏياٽيءَ کي وسامڻ ڪونه ڏنو هو. ان روشنيءَ جو هڪ ڪرڻو سندس پٽ نادر علي آهي، جيڪو ۴۸ سالن کان پوءِ اوهان کي تاج محمد ابڙي جي زباني اها نويد سڻائي رهيو آهي ته: ”جي لوچين سي لهن جڏهن تڏهن پرين کي!“ ڏکاريءَ دل ڏوراپو ڏنم ته: ”شامتِ اعمال ما، صورت نادر گرفت.“ هو عمرڪوٽ ٽائون هال ۾ اپر سنڌ جي مردم خيز علائقي جي هڪ سدا بهار شخصيت جي نالي ”بزم تاج محمد ابڙو“ جو بنياد رکي رهيو هو. سندن هوش پوش تعليم يافته مکڙيءَ مان کلي گلاب ٿيندڙ نوجوان پٽ نادر علي! واقعي ”نادر الوجود“ انسان ئي ”نادر“ کي جنم ڏيندا آهن. پيغمبر وانگر ننڍيءَ اوستا ۾ ئي پيءُ جي شفقت ڀرئي هٿ کان محروم ٿي ويل رهبرن ۽ رشين جي عمر تي پهچي، هن دولابڻ دنيا کي تياڳ ڏيندڙ تاج محمد مرحوم جي زندگيءَ جي فلم جو رول اکين آڏو هلڻ شروع ٿي ويو، جنهن جون اڪثر شامون ٽريڊ يونين ڪراچيءَ جي ڪميونسٽ آفيس ۽ ڪامريڊن سان گذريون. جمال الدين بخاري، ڪامريڊ عبدالقادر، سوڀو گيانچنداڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ حيدر بخش جتوئي ويجها رهيس، پر انهن جي خيالن ۽ قول و قرار کان وڌيڪ ترجيح مولانا تاج محمود امروٽيءَ جي تفسير ۽ ترجمي کي ڏنائين، جيئن ڀلارو ڀٽائي، مولانا روم جي مثنوي، سيرانديءَ رکي سمهندو هو، تيئن بزرگ امروٽيءَ جو تفسير لائبريريءَ جي مٿانهين خاني ۾ رکيائين. دل ۾ مونجهه وقت رهنمائي ۽ رفاقت ڪلام پاڪ کان وٺندو هو. دنياوي زندگيءَ جي رنگ آميزيءَ لاءِ پنجن پٽن ۽ چئن نياڻين کي جديد تعليم جي زيور سان آراسته ڪيائين ته مولويءَ جون خدمتون به ڪونه وساريائين. صبح سان ڪلام پاڪ جي تنوار ۽ ملان جي ڪار. ان ڪري ڪچيءَ وهيءَ ۾ اولاد جو صاف ذهن حق ۽ سچ کي سڃاڻي، پٿر تي لڪير وانگر بنائي ڇڏيو. سندن پراڻي ساٿيءَ عبدالمجيد ميمڻ مرحوم جون ساروڻيون ساريندي، ڪنهن لکيو آهي ته: هو هڪ روشن دماغ ۽ وسيع القلب انسان هو. انسانيت لاءِ پيار هن جي سرشت ۾ سمايل هو ۽ وٽس امير، غريب، ناستڪ، دهريو، هندو خواهه مسلمان عزت ۽ احترام جي لائق هئا. مولوي حاجي قادر بخش ٺيٺ مذهبي ۽ تهجد گذار انسان هو. ان کي تاج محمد مرحوم پنهنجي پيار ۾ ايترو پروئي ڇڏيو هو، جو هن جي اعليٰ اخلاق ۽ انسان ذات سان محبت ۽ خدمت جي ڳالهين مان ڍاپندو ئي ڪونه هو. مقصد ته هو پنهنجي ڪامريڊ سنگت سان به گڏ هو ته پراڻي ثقافت ۽ مقصدِ حيات جو پڪو پابند به رهيو. ائين چئجي ته جدت ۽ قدامت جي آميزيشن جي زنده تصوير هو. اهو ئي سبب هو جو پراڻين رسمن جون پاسداريون وڃائجي ويل وضعداريون وڙئون ڪو نه وڃايائين. پيءُ جو پاڇو ته اٿاڪل ۾ ئي وکريل ڪڪر وانگر واچوڙو ٿي اڏامي ويو، پوءِ پرورش ڪيس بختاور وڏي ڀيڻ، جيڪا قرآن ڪريم سنڌي زبان کان سواءِ پارسي به پڙهيل هئي. ائين اڳتي وڌندو، ترقيون ڪندو رهيو. الوحيد جي ايڊيٽوريل اسٽاف ۾ شامل ٿي ڪامياب صحافت ڪيائين. ريڊيو پاڪستان تي شوقيه ويو. صاف آواز ۽ لفظن جي ادائگي ۽ لهجو اهڙو وڻندڙ، جو آڊيشن ڏيڻ سان نيوز ڪاسٽر ٿي ويو. قمبر ۾ استاد به رهيو. بقاپور يونين جو چيئرمين چونڊيو ويو. سياست ڪيائين، عشق جي حد تائين مطالعي سان من لڳايائين. اڳتي هلي عزت ڀريءَ عدالت جو سيشن جج ٿيو. ملڪ جي انتهائي مڃيل ڪامريڊن، ڪميونسٽن ۽ سوشلسٽن سان ساٿ رهيس. سندس سڃاڻ به ان حوالي سان مشهور ٿي. هاري تحريڪ، نيشنل عوامي پارٽي، سنڌي عوامي محاذ يا ائنٽي ون يونٽ ۾ به نمايان رهيو. حقوقِ نسوان يا عورتن جي آزاديءَ لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪيائين، پر مسڪين خلق کي به آڏو رکيائين. هڪ دفعي ڪٿي عورتن جي آزاديءَ تي زوردار بحث ڪري رهيو هو ته سندس عزيز ۽ دوست جمال ابڙي صاحب اڳتي وڌي آهستگيءَ سان چيس ته: ”تون پنهنجي گهرواريءَ کي اهڙي آزادي ڏيڻ لاءِ تيار آهين؟“ هڪدم چيائين: ”ميان! توبهه ڪر.“ حقيقت ۾ پرده داري ۽ پراڻا پيوند نه هن ٽوڙڻ چاهيا ٿي، نه وري سندس گهرواري ان لاءِ آماده هئي. اهو اڪبر اله آباديءَ جي دؤر جو اثر هو. چراغ خانه بجاءِ شمع محفل ٿيڻ هن عقيفه لاءِ به عيب هو. سيشن جج جي گهرواري هئڻ جي حيثيت سان نه ڪڏهن ڪنهن مينا بازار جو افتتاح ڪيائين، نه رنگ برنگي لباس جي نماءَ سان دعوتون ۽ ڪارنر ميٽنگون اٽينڊ ڪيائين، پوري زندگي پردي ۾ رهي. اهي پابنديون صرف پاڻ تائين محدود رکيائون، پر پنهنجن پنجن پٽن وانگر چئن ئي نياڻين کي جديد تعليم کان محروم ڪونه رکيائون. ڪن نياڻين ايم بي بي ايس ڪري بيمار انسانيت ۽ دم ٽوڙيندڙ مريضن تي مسيحائيءَ جو هٿ رکيو ته ڪن وري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ تعليم جو درس ڏنو. لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو ته هونئن سنڌ جي شهه رڳ آهي، رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجي کان ويندي ذوالفقار علي ڀٽي جهڙا اڏول انسان به لاڙڪاڻي پيدا ڪيا. ايوب کهڙي، قاضي فضل الله ۽ سر شاهنواز ڀٽي جا بنگلا سياسي جوڙ توڙ جا مرڪز هئا. طاقتن جو ٽڪراءُ هڪٻئي ۾ عناد پيدا ڪيو. هرڪو شاڪي ۽ شڪي، پر تاج محمد مرحوم جي اوطاق ئي هڪ اهڙي بيٺڪ هئي، جنهن ۾ شڪ شبهي، ڪدورت ۽ ڪيني کي داخل ٿيڻ لاءِ ڪو دروازو هو ئي نه. اصل ڳالهه آهي اخلاص جي. مرحوم پاڻ مخلص هو. کهڙو هجي خواهه قاضي، ابڙي جا سڀ احسانمند ۽ پاڻ سڀني جو سڄڻ. قاضي فضل الله سنڌ جو وزيرِاعليٰ ٿيو، پر لاڙڪاڻي جي ٽوئر دوران تاج محمد جي دلين جي دڪان تي حاضري ڀرڻ کان سواءِ ڪراچيءَ ڪونه موٽندو هو. سڪندر ڀٽو وڏو وضعدار ۽ يار ويس انسان هو. تاج محمد جي قرب ڀري ڪچهريءَ ۽ غم غلط ڪرڻ وارن ٽهڪن ۾ شريڪ ٿيندو هو. ذوالفقار علي جيڪڏهن لاڙڪاڻي آيل هوندو هو ته شام جو وڏي ڀاءُ سان گڏ اچي ابڙي صاحب جي اوطاق جي سڳنڌ ۽ سرهاڻ ۾ واسبو هو. گهڻو وقت پوءِ ڀٽو صاحب، ايوب خان جي ڪابينه ۾ قدرتي وسيلن جو وزير ٿيو. ايوب جي ورڪ لاءِ تاج محمد تي حجت هلايائين، پر مرحوم ضمير کي ترجيح ڏئي ووٽ ڏنو مس فاطمه جناح کي، ان ڪري ارباب اقتدار مٿس ڏاڍو ڏمريا، پر سون کي ڪٽ نه ڪو ڪس! ڀٽي جي چوڻ تي بيسڪ ڊيموڪريسيءَ جو ميمبر چونڊجي بقاپور يونين ڪائونسل جو چيئرمين به رهيو. وقت جي وهڪري ذوالفقار علي ڀٽي کي مارشل لا ائڊمنسٽريٽر ۽ صدر پاڪستان بنائي ڇڏيو. هن جو شمار دنيا جي وڏن مدبرن ۾ ٿيڻ لڳو. چيئرمين مائوزيتنگ ۽ چواين لائيءَ مغرب جو مفڪر برٽينڊرسل ۽ ترڪيءَ جو عصمت انونو ۽ ٻيا ان پايي جا تاريخ ساز اڳواڻ به ڀٽي جا گڻ ڳائڻ لڳا. لازمي طور اها حالت انسان کي مغرور بنائي ڇڏي ٿي. ڀٽي صاحب جو غرور ۽ انانيت به انتها تي پهتي هوندي. ان حيثيت ۾ هُو لاڙڪاڻي جي دوري تي آيو. المرتضيٰ هائوس سڄو اهلڪارن ۽ ادارن جي گهيري ۾ هو. تاج محمد صاحب به ملاقات ۽ مبارڪ لاءِ حاضر ٿيو. نگاهه پوڻ سان ئي اهي پراڻيون محبتون، حجتون ۽ اوطاقي مجلسون ياد اچي ويس. محبت سان ملي پراڻيءَ حجت سان چيائين: ”ڪامريڊ تاجو! آءٌ تنهنجي لاءِ ڇا ڪريان؟“ مرحوم مسڪرائي چيو: ڪافي وقت وڪالت ڪيم، اي پي پي ٿي ڪم ڪيم، اڃا به ڪريان پيو. ائڊيشنل جج ٿيڻ ۾ ڪوبه ڏوهه ڪونهي.“ ڀٽي جي حڪم سان تاج محمد هڪ هفتي اندر پبلڪ پراسيڪيوٽر مان سکر سيشن ڪورٽ ۾ اچي عدالت جي ڪرسيءَ تي ويٺو. شيخ مبارڪ علي اياز جيڪو وڏو شاعر، وڏي دانشور هئڻ سان گڏوگڏ وڪيل به هو، جمال ابڙو ۽ تاج محمد خاص دوست هئس، سکر ۾ وڪالت ڪندو هو، سو پنهنجين يادگيرين جي ڪتاب: ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“ ۾ لکي ٿو ته: ”غلطي منهنجي هئي يا تاج محمد جي غلط فهمي، بهرحال مون کان ناراض ٿي پيو. آءٌ هميشه جي دستور موجب بنا اطلاع يا پيشگي اجازت جي هليو آيس سندس چئمبر ۾. ”ائين بنا اجازت جي نه ايندو ڪر مون وٽ.“ ابڙي صاحب جو ڳنڀير آواز گونجيو. آءٌ ماٺ ٿي ويس. بعد ۾ توانايون بحال ڪري چيم: ”انشاءَ الله اڄ کان پوءِ مون کي ڪونه ڏسندا ۽ پنهنجا ڪيس به اتان منتقل ڪرائي ٿي سگهيس، پر ائين نه ڪيم. چار پنج مهينن کان پوءِ هڪ دفعي ڪورٽ ۾ هئس ته بيلف چيو ته اندر چيمبر ۾ صاحب اوهان کي سڏايو آهي. ٿورو سوچي هليو ويس. تاج محمد اٿي بيٺو، هٿ ملائي چيائين: ”اياز! تون مون کان ناراض آهين؟“ چيم: ”هائو!“ چيائين: ”ڳالهه ٻڌ، آءٌ جج ٿي جڏهن ڪرسيءَ تي ويٺس ته مون سوچيو ته آءٌ پنهنجي قلم جي نوڪ سان ڪنهن جي گردن اڏائي سگهان ٿو، ڪنهن کي ڦاسي ڏئي سگهان ٿو. ان سوچ مون کي ٽرڙو بنائي ڇڏيو ۽ تو سان به ٽرڙائي ڪري ويٺس، مون کي معاف ڪري ڇڏ.“ مون هڪدم ڳالهه ڪٽي چيو: ”بس بس، اڳتي ڪجهه به نه چئج، تون مون لاءِ ساڳيو ڪامريڊ تاجو آهين.“ اهو آهي عظيم هئڻ جو ثبوت. غلطي ڪا ڪانه هئس، اصولي ڳالهه هئي، هلندڙ عدالت جا ڪي قاعدا ۽ ضابطا آهن. سچي دوست ۽ گڏوگڏ قانوندان کي ته وڌيڪ محتاط رهڻو آهي، ان جي باوجود مرحوم جي دل تي بوجهه رهيو، جيسين نه دوست جي دلجوئي ڪيائين، تيسين قرار ڪونه آيا.“ شيخ اياز هن جي نيڪ دليءَ ۽ معامله فهميءَ تي لکندي آخر ان جملي تي پڄاڻي ڪئي آهي: ”هن جهڙا صاف گو، صاف دل انسان مون زندگيءَ ۾ ٿورڙا ڏٺا.“ جمال ابڙو صاحب پنهنجي چئن جلدن واريءَ ڪٿا ۾ مرحوم تاج محمد جو اڪثر ذڪر ڪندو رهيو آهي. هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”حيدر بخش جتوئي هاري تحريڪ جو بانيڪار هو، تحريڪ لاءِ جان نثار ۽ ڌُن جو پڪو. هاري تحريڪ ۾ اختلاف ٿي پيو، پارٽي ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي. طاقت جو توازن بگڙيو ته تاج محمد بي چين ٿي پيو. مولوي نذير حسين جا هل هڪلون سهي، ڏيپلائيءَ وٽان اڳين تاريخن ۾ اخبار ڇپرائي، فرضي چونڊون ڪرائي، سڀني کي حيرت زده ڪري ڇڏيائين. حيدر بخش جتوئي جيل مان آزاد ٿي اچي هاري حقدار پريس ۾ ويٺو هو. هي نين چونڊن ۽ ڪاميٽيءَ جي ٻين ڪمن جا پنا کڻي وڃي هاري حقدار جي آفيس ۾ پهتو. ڪامريڊ جتوئيءَ جي ڪمزوريءَ مان پوريءَ طرح واقف هو، ان ڪري وڃڻ وقت لينن جي تصوير به کڻي ويو. صحيحن جي پوءِ ڳالهه ڪيائين، پهرين لينن جي تصوير حيدر بخش آڏو آندائين. ڪامريڊ لينن اڳيان اچي ۽ جتوئي حواسن ۾ رهي، ائين ٿيڻو ڪونه هو. هن کي حواسن مان ڪڍي يا هيپناٽائيز ڪري نفسياتي مار سان سڀ صحيحون وٺي ڇڏيائين. ان طريقي سان ڪم وٺڻ به دانائي ۽ انساني نفسيات جي ڄاڻ آهي. ان اٽڪل بازيءَ کان علاوه مرحوم ۾ همٿ ۽ حوصلو هو، جوان مرديءَ ۽ جفاڪشيءَ جو اهو عالم جو مولوي نظير حسين جيل ۾ هو، پويان ڪي برده فروش هن جي ۵، ۷ سالن جي ناسمجهه نياڻي اغوا ڪري ويا. هو سک تڏهن ستو، جڏهن جهر جهنگ جهاڳي، ڳوٺن ۾ رلي، وڃي نياڻي هٿ ڪيائين ۽ جوابدارن کي ڳٿڙ مان پڪڙي، اچي ڪورٽ حوالي ڪيائين.“ (روزانه سنڌ، هلال پاڪستان) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو قومي سياستدانن، دانشورن ۽ ليکڪن جي نظر ۾ هدايت منگي اٺين آگسٽ ۱۹۹۴ع تي سنڌ جي هڪ سدا حيات شخصيت محترم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو (مرحوم) جي ۶۹ هين سالگرهه آهي. هو سنڌ جي تاريخ ۾ سياسي، ادبي، سماجي ۽ عدالتي خدمتن جي حوالي سان هميشه ياد رهندو، ڇاڪاڻ ته انهن حلقن سان سندس وابستگي سڄي حياتيءَ دوران رهي. سندس زندگي ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کان وٺي امان الله شيخ تائين سنڌ جا سمورا آدرشي انسان سندس رهائشگاهه (اوطاق) تي ميڙا لڳايو ويٺل نظر ايندا هئا ۽ انهن ميڙاڪن ۾ سنڌي سماج جي ڪنهن بنهه معمولي سرگرمي کان وٺي آفاقي، انساني، سياسي قدرن، انقلابن، تبديلين ۽ سرگرمين بابت انتهائي سنجيده بحث مباحثا ٿيندا هئا، جن کي لاڙڪاڻي ۾ ههڙين سرگرمين جي حوالي سان انتهائي وڏي اهميت حاصل هئي. انهن سرگرمين ۽ بحث مباحثن جي محرڪ، هن سنڌ جي منفرد شخص بابت سنڌ جي قومي سياستدانن، آزادي جي ويڙهاڪن، دانشورن ۽ ليکڪن مختلف وقتن تي جيڪي تاثرات لکيا آهن، تن جا ٿورڙا ٽڪر هن موقعي تي اختصار سان پيش ڪجن ٿا. جي ايم سيد: ميان تاج محمد ابڙو لاڙڪاڻي جو انسان دوست، خوش خلق ۽ رلڻو ملڻو ماڻهو هو. افسوس جو جوانيءَ ۾ وفات ڪيائين. ان جو اسان کي ارمان آهي. مخلص دوست، يارن جو يار، ايماندار ۽ قابل ماڻهو هو. آخر ۾ وڪالت ڇڏي جج ٿيو. خدا جنت ۾ جايون ڏئيس. ڪامريڊ ڄام ساقي: سائين تاج محمد ابڙي کي اڃا تائين نه مرحوم لکڻ جي همٿ اٿم ۽ نه ئي سائين کي ڪڏهن تاج محمد سڏيم. اسين گهڻو جونيئر هوندي به سائين کي ”سائين تاج“ ئي سڏيندا هئاسين. سائين سنڌي ادبي سنگت هجي يا هاري ڪاميٽي، شاگردن جي سرگرمي هجي يا سنئين سڌي انقلابي هلچل، اسان کي هميشه ۽ هر طرح همٿائيندو رهيو. دنيا جي تازي ۾ تازي انقلابي ۽ سياسي لٽريچر هٿ ڪرڻ، پڙهڻ ۽ نوجوان دوستن کي پڙهائڻ جي ڪوشش ۾ سدائين رڌل هوندو هو. جهڙو هو صورت ۾ سهڻو ۽ سيرت ۾ صادق، اهڙو ئي محبت ۽ مڻيا وارو مانجهي مڙس هو. تمام ٿورن ماڻهن کي خبر هوندي ته هن مزدورن جي يونينن کي منظم ڪرڻ ۾ لاڙڪاڻي ليول تائين ۽ سنڌ هاري ڪاميٽي کي منظم ڪرڻ لاءِ سنڌ سطح تي ڪوششون به ڪيون ۽ هميشه وس آهر مدد به ڪئي. ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي: تاج محمد ابڙو هڪ ئي وقت پنهنجي ذات ۾ هڪ انجمن هو. هن وٽ سياسي ليڊر، روپوش سياسي ڪارڪن، هاري، مزدور، شاگرد، ڪارڪن ۽ اديب ايندڙ ويندڙ هئا. سندس تعلق ان وقت جي سمورين سياسي شخصيتن؛ محمد ايوب کهڙو، قاضي فضل الله، جي ايم سيد ۽ اڀرندڙ شخصيت ذوالفقار علي ڀٽو سان به هو. هاري ۽ مزدور تحريڪن سان تاج محمد ابڙي جو گهرو لاڳاپو هو ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، مولوي نذير حسين ۽ ٻيا ڪيترا ئي هاري ورڪر هن وٽ ايندڙ ويندڙ هئا. تاج محمد ابڙو ڏاڍو پڙهيل ۽ ادبي تنظيم جو منتظم هو. ون يونٽ قائم ٿيڻ بعد جيڪي سياسي سرگرميون رهيون، تن ۾ به تاج محمد ابڙو خاصو رول ادا ڪندو رهيو. سياسي ۽ ادبي ڪتابن جو تاج محمد شوقين هيو ۽ پوءِ حقيقت ۾ تاج محمد ابڙي ئي بحيثيت خود لاڙڪاڻي واري سنڌي ادبي سنگت به قائم ڪري ورتي. ذوالفقار علي ڀٽي سان تاج محمد جو خاصو Equation (ويجهائي) هئي. مان تقريبًا پنج سال ۱۹۵۹ع کان مارچ ۱۹۶۴ع تائين نظربنديءَ ۾ گذاريا. مون تان نظربندي جي پابندي ختم ٿي. ان ۾ به وڏو ڪردار تاج محمد ابڙي جو هو، جنهن ذوالفقار علي ڀٽي کي چئي اها پابندي هٽرائي. تاج محمد جي موت کان چند ڪلاڪ اڳ جناح اسپتال ۾ جڏهن مون ساڻس ملاقات ڪئي ته مون کي بيحد حيرت ٿي ته مون کي همٿائيندو رهيو، بجاءِ ان جي جو مون کي ڪو موقعو ڏئي ته ڪا کيس تسلي ڏيان. ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع تي تاج محمد ابڙو وفات ڪري ويو. تنوير عباسي: تاج محمد ابڙو کلڻو ملڻو، جڏهن ملوس ته ٽهڪ ڏيندو، دوست کي ڏسي خوش ٿيندو. هن سان پهريون دفعو ملاقات ۱۹۵۶ع ۾ ٿي. ون يونٽ جو اونداهو دؤر هو. ادب ذريعي انقلاب جي ان تحريڪ جي روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو لاڙڪاڻي ۾ تاج محمد ابڙي جي اوطاق مان اُسريو ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ ڦهلجي ويو. اسان سنڌي ادبي سنگتن کي هڪ مرڪز تي گڏ ڪرڻ لاءِ پهرين ميٽنگ لاڙڪاڻي ۾ رکي ۽ تاج محمد ابڙي ميزبان ٿيڻ قبوليو. سڀني تاج محمد ابڙي جي اوطاق تي گڏ ٿي فيصلو ڪيو ته ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت جو ڪنوينشن سڏائجي، جنهن ۾ سنڌ جي سڀني ادبي سنگتن کي هڪ مرڪز تي گڏ ڪري سنڌ سنگت ٺاهجي ۽ ان جو دستور وغيره منظور ڪرائجي. اهو روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو هو، جيڪو ون يونٽ جي اونداهي دﺂر ۾ تاج محمد ابڙي جي اوطاق مان ڦٽو ۽ سڄي سنڌ کي جر جر، جرڪائي ڇڏيائين. هاري تحريڪ، نيشنل عوامي پارٽي، سنڌ عوامي محاذ، مطلب ته جيڪا به تحريڪ سنڌ جي پيڙهيل طبقن جي ڀلائيءَ ۽ آجپي جي لاءِ هئي، ان ۾ ڀرپور حصو ورتائين. نواب نبي بخش خان ڀٽو: تاج محمد خان ابڙو منهنجو ڀائن جهڙو دوست، مون تي ڏاڍو مهربان ۽ همدرد هو. منهنجو ڪم پنهنجو سمجهندو هو. هن جي گذاري وڃڻ جو مون کي سخت ڏک آهي. مون کي هُو هر وقت ياد هوندو آهي. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: جن شخصيتن مون کي متاثر ڪيو ۽ انهن کي وساري نه سگهيو آهيان، اهڙين ئي شخصيتن مان هڪ تاج محمد ابڙو مرحوم به هو. تاج محمد ابڙي مرحوم لاڙڪاڻي ۾ ادبي سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي ۽ لاڙڪاڻي جي اديبن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ بنيادي ڪم ڪيو. سندس شمار اهڙن ماڻهن ۾ ڪري سگهجي ٿو، جن اديبن کي ميدان تي آندو ۽ جديد سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ بنيادي ڪم ڪيو. لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت جو بنياد پيو، جنهن جي بانين ۾ تاج محمد ابڙي مرحوم، جمال ابڙي ۽ اياز قادريءَ جا نالا اچي وڃن ٿا. پهريون محرڪ ان جو تاج محمد ابڙو مرحوم هو. ڪامريڊ مير محمد ٽالپر: لاڙڪاڻي، ذوالفقار علي ڀٽو، بئريسٽر جان محمد جوڻيجو، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۽ ٻيون بيشمار شخصيتون پيدا ڪيون. تاج محمد ابڙو من کي موهيندڙ شخصيت هو. تاج محمد ابڙو ڪير سڏائي! سندس سونهن، سوڀيا ۽ هر دلعزيزي ڪڏهن ڪانه وسرندي. منهنجي مرحوم سان پراڻي نيازمندي هئي. مرحوم منهنجو هاري ڪميٽيءَ کان وٺي دوست هو. سندس ٽڪر منهنجي پيٽ ۾ آهن. سندس قرب ڪڏهن ڪونه وساربا. لاڙڪاڻي جا اڪابر ’ابڙا‘، جن مان مون کي سرهاڻ آئي، انهن مان موتي داڻو ابڙو تاج محمد. هي صاحب وڪالت ڪندو هو. سندس اوطاق ڪامريڊن جو اجھو هوندي هئي. سڀ ڪم ڪارين وارا وٽس اچي ٿاڪ ڏيندا هئا. بسترو ماني به ملندي هئي، آفيسن جا ڪم، ڪورٽن جا قانوني ڪم به ٿيندا هئا. منهنجو جڏهن به لاڙڪاڻي وڃڻ ٿيندو هو، تڏهن سندس آشياني تي ضرور حاضري ڀربي هئي. ڪچهري ٿيندي هئي ۽ لنگر به گڏ ڪبو هو. مرحوم تاج محمد پوءِ سيشن جج ٿيو. بيحد انصاف پسند ثابت ٿيو. سندس وڇوڙو اسان سڀني ڪامريڊن لاءِ وڏو حادثو آهي. سندس اولاد آهي. مون کي ياد ڪندا آهن. ڊاڪٽر اياز قادري: تاج محمد ابڙو منهنجو هاءِ اسڪول کان وٺي ڪاليج تائين ڪلاس فيلو، هاسٽل ۾ روم ميٽ ۽ زندگيءَ ۾ پيارو دوست هو. اسين هڪٻئي جي ويجهو رهياسين. تاج محمد ابڙي کي ننڍپڻ کان ئي سياست سان دلچسپي هئي. ۱۹۴۲ع وارو زمانو هو، مگر تاج محمد ابڙو ان وقت به هارين ۽ غريبن جي ڳالهه ڪندو هو. سياسي طرح هُو ڪامريڊ قادر بخش نظاماڻيءَ کي ئي پنهنجو استاد سمجهندو هو. تاج محمد کي شاگرديءَ واري زماني ۾ اخبار ڪڍڻ جو ڏاڍو چاهه هو. هن ڪجهه پئسا پاڻ ۽ ڪجهه پئسا ٻين دوستن کان هٿ ڪري ”نوجوان“ نالي سان هفتيوار اخبار شروع ڪئي. ان وقت نه سنڌي مسلمانن ۾ هو مڊل ڪلاس نه تعليم، نه وري اخبار پڙهڻ جو چاهه، تنهنڪري ”نوجوان“ جا فقط ڪجهه پرچا نڪتا، پوءِ اخبار مالي مشڪلاتن سبب بند ٿي وئي. تاج محمد ابڙي شاگرديءَ واري دؤر ۾ مختلف هنڌن تي نوڪري به ڪئي. ڪجهه عرصو ان وقت جي مشهور اخبار ”الوحيد“ ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر ٿي ڪم ڪيائين. پوءِ ريڊيو پاڪستان ۾ سنڌي خبرن جو انائونسر (Announcer) ٿي رهيو. تاج محمد ابڙو ۴۸-۱۹۴۷ع ڌاران وڪالت پاس ڪري لاڙڪاڻي هليو آيو. شيخ اياز سکر مان جڏهن به لاڙڪاڻي ايندو هو، ته وٽس اچي مهمان ٿيندو هو. ڀارت مان اتم ۽ سندري اتمچنداڻي جڏهن لاڙڪاڻي آيا، ته تاج محمد ابڙي انهن جي دعوت ۽ ميزباني ڪئي. سياست تاج محمد ابڙي جي رڳ رڳ ۾ سمايل هئي. هن سنڌ جي وڌ ۾ وڌ ڏتڙيل ۽ پٺتي پيل طبقي هارين لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. تاج محمد ابڙي جا سنڌ، بلوچستان، پنجاب ۽ سرحد جي ڪيترن ئي سياستدانن سان انتهائي گهرا تعلقات هئا. سنڌ جي سياستدانن ۾ جي ايم سيد، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، محمد امين کوسو، شيخ عبدالمجيد سنڌي، قاضي فيض محمد، غلام محمد لغاري ۽ بي شمار ٻين سان هن جا گهرا تعلقات هئا، پر اهي ٻئي هن جي سياست ۽ ضلعي جي ماڻهن جي نفسيات جي ڄاڻ سبب ضلعي جي ڪيترن مسئلن بابت کانئس هميشه مشورا وٺندا رهندا هئا. مون کي ياد آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو خاص طرح اليڪشن واري زماني ۾ هن وٽ ايندو هو يا هن کي پاڻ وٽ گهرائيندو هو. تاج محمد ابڙي کي سنڌي ادب ۽ زبان سان بيحد گهڻي دلچسپي هئي. هُو چاهيندو هو ته سنڌي ادب کي پراڻي پيچري تان هٽائي نون ترقي پسند راهن ۽ رستن تي هلائجي. هن جي وفات سان لاڙڪاڻي ۾ ڪچهرين جو دؤر ختم ٿي ويو، ڄڻ هي آخري ڏئيو هو، جو گُل ٿي ويو. انيس انصاري: منهنجي واقفيت ساڻس پهريائين ۱۹۳۹ع ۾ ٿي. تاج محمد دل جو درياهه ۽ مُنهن جو ملوڪ هو. شروع کان وٺي تاج محمد غريبن جي پيڙا ۽ ڏک کي پنهنجو ڏک ڪري سمجهندو هو. ان سبب ڪري هن هڙئون ۽ وڙئون غريبن جي پئي مدد ڪئي. سندس همٿائڻ ۽ مالي مدد ڏيڻ تي ڪافي غريب پڙهي وڃي چڱين نوڪرين کي لڳا. تاج محمد ابڙي جي ڪمزوري دوست هئا، جن کان سواءِ پاڻ کي اڌورو سمجهندو هو. ياري باشيءَ ۾ سندس ڪچهري مشهور هوندي هئي، جتي علم ادب کان سواءِ سياست تي به وڏا بحث پيا ٿيندا هئا. وڪالت جي عرصي ۾ ته ٺهيو، خود جج هئڻ دوران به اهي ڪچهريون قائم رهيون. باوجود ايماندار ۽ سچي هئڻ جي، ڪن ماڻهن سندس نالي بد ڪرڻ ۾ به ڪين گهٽايو، پر سندس آئيني جهڙي صاف شخصيت اجري جي اجري رهي. انور پيرزادو: ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ٻاريل ڏياٽيءَ جي روشني سنڌ جي اونداهي جاگيرداري ثقافتي قدرن واري ڌُنڌ کي چيريندڙ ۽ ڦاڙيندڙ آهي. اسين سڀ سمجهون ٿا ته ”ايجها ڪم ڪريجي، جنهن وچ الله آپ بڻيجي“ ۽ هي سڀ ڪجهه ڪامريڊ تاج محمد ابڙي پنهنجي مختصر عمر ۾ ڪيو. هن تي سڄي سنڌ ۾ مظلوم انسانيت ناز ڪري ٿي. امان شيخ: هڪ بي بها عظيم انسان مون پنهنجين اکين سان ڏٺو، جيڪو انساني گڻن ۽ خوبين جو ته ڳٽڪو هو، پر ان سان گڏوگڏ لاڙڪاڻي ساهه سيباڻي جي ماضيءَ جي شام جي آخري جهلڪ هو. مون حياتيءَ جي ڊوڙ ۾ ڳچيءَ پٽ تائين اختلاف رکندڙ هستين کي يڪجا ٿيندي ڪنهن هنڌ ڏٺو، ته اهو هو لاڙڪاڻي جي شام جو آخري اوتارو يعني سائين تاج محمد ابڙي جي اوطاق. انهيءَ اوتاري تي مون ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ، ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ، مولوي نذير حسين، ڪامريڊ جمال الدين بخاريءَ، حاجي محمد پيرزادي کان وٺي اياز قادري، سيد خادم حسين شاهه، ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌيءَ ۽ کوڙ سارين لائق هستين سان روح رهاڻيون ٿيون. انهيءَ اوتاري تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو به شام جو خنڪي هڻي اچي ويهندو هو، جنهن سان ڊگها ۽ اڻ کٽ بحث ٿيندا هئا. مير علي احمد ٽالپر مرحوم: مون کي پنهنجي انتهائي پياري دوست تاج محمد ابڙي جي موت تي ڏاڍو ڏُک ٿيو آهي. مان ۽ منهنجي فيملي اوهان جي ڏک ۾ شريڪ آهيون. الله مٿس رحم ڪري. ادل سومرو: سنڌي ادبي سنگت جو ٻوٽو، جيڪو هن وقت وڌي وڻ ٿي ويو آهي، ان جي آبياريءَ ۾ جن شخصيتن پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪيو، تن ۾ محترم تاج محمد ابڙي جون خدمتون وسارڻ جهڙيون نه آهن. سنڌي ادبي سنگت جي جڏهن به تاريخ لکي وئي ته تاج محمد ابڙي صاحب جو ذڪر ان ۾ نمايان طور ايندو ۽ ائين سنڌي ٻوليءَ جو هي گمنام ساٿي اسان جي ايندڙ نسل جي دلين ۾ هميشه زنده رهندو. ڪامريڊ برڪت علي آزاد: تاج محمد ابڙو اهڙن ماڻهن منجهان هڪ هو، جنهن کي تاريخ ۾ ڪڏهن به وساريندي به وساري نه سگهبو. جيڪب آباد ضلعي ۾ تاج محمد ابڙي جي مدد سان هاري تحريڪ جو بنياد پيو. درحقيقت اها ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ٻاريل هڪ شمع هئي. ضلع جيڪب آباد ۾ تاج محمد ابڙي هاري آفيس جو بنياد پاڻ رکرايو. سنڌ جون اهڙيون مها قومي هستيون تاريخ جو عظيم سرمايو آهن ۽ اسان جي ايندڙ نسل لاءِ مشعلِ راهه آهن. چيف جسٽس نعيم الدين: مون کي مشهور ۽ نامور شخصيت تاج محمد ابڙو رٽائرڊ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي غمگين ڪندڙ وفات جو ٻڌي بيحد گهڻو ڏُک ۽ سخت صدمو رسيو آهي. مان پنهنجي ڏک جو اظهار لفظن ۾ نٿو ڪري سگهان. محمد علي پٺاڻ: تاج محمد ابڙو سنڌ جي تاريخ ساز شخصيت هو. سنڌي ادبي سنگت جي پايو وجهندڙن جي سٿ ۾ شامل ٿي، ترقي پسند ادب جي واڌاري لاءِ به هن جي عملي ڪوشش ادبي تاريخ جي ورقن ۾ سونهري اکرن سان سانڍيل آهي. (عبرت، پڪار، آفتاب، بخت ور، جاڳو، هلال پاڪستان، خادم وطن، سنڌ نيوز، برسات ۽ سنڌو ) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو فڪري راھن کي روشن ڪندڙ ڊاڪٽر ادل سومرو زندگيءَ جو سلسلو صدين کان جاري آهي. هتي لکين آيا ۽ هليا ويا، ڄڻ ته هئا ئي ڪين، سگهه سونهن، مايا، سڀئي سايا. دائميت رهي ته فقط پيار ۽ نيڪيءَ کي، پر اها ڳالهه تمام ٿورا ماڻهو سمجهي سگهيا، جن اهو رستو ورتو دنيا انهن کي ديوانو سڏيو، اهڙن عاشقن حياتيءَ جو فلسفو سمجهيو ۽ ايئن گهاريو جيئن گذارڻ گهريو هو. اهو فلسفو آهي: ڪجهه ڏئي وينداسين، ڪجهه نه کڻي وينداسين، ٻورُ آهيون، ڏئي ميوو ۽ ڇڻي وينداسين. (تنوير عباسي) ڪي گيت ڏئي ويا، ڪي فڪر فلسفا، نيتون، واٽون، آدرش ۽ اميدون ڏئي ويا، ڪي پنهنجون حياتيون ئي قرباني ڪري ويا. اهڙا انسان ئي سدائين عزت وارن لفظن سان ساريا ويندا آهن. سنڌ جي ويجهي اتهاس ۾ پنهنجي ٻولي، علم، ادب ۽ فڪري بيداريءَ وارين تحريڪن کي سڌي طرح ترقي وٺرائڻ وارو هڪ عظيم فرد هو تاج محمد ابڙو، جنهن جي زندگيءَ جو جڏهن اڀياس ڪجي ٿو ته سندس ڪردار، هڪ وطن دوست انسان جي روپ ۾ اسان کي بلندين تي نظر اچي ٿو. هن پنهنجي حياتيءَ جو گهڻو وقت هن ڌرتي جي خوشحاليءَ لاءِ ٿيندڙ سرگرمين کي ڏنو. هن طبقاتي نظام خلاف ڪم ڪندڙ ڌرين کي همٿايو. ڪامريڊ برڪت علي وٽ پاڻ لڙي وڃي ٿو. هن اديبن ۽ عالمن جي عزت ۽ همٿ افزائي ڪئي. سنڌي ٻولي تي جڏهن ڏکيا ڏينهن آيا ته هن پنهنجون صلاحيتون ارپيون. هڪ روشن خيال ۽ ترقي پسند انسان جي روپ ۾ هن غلط سماجي رسمن خالف پاڻ پتوڙيو، اديبن جي وڏي جماعت سنڌي ادبي سنگت، لاڙڪاڻي ۾ بنياد رکڻ جو اعزاز به کيس ئي حاصل ٿيو. انهيءَ سلسلي ۾ تنوير عباسي لکي ٿو ته: اهو روشنيءَ جو پهريون ڏيئو جيڪو ون يونٽ جي اونداهي دور ۾ تاج محمد ابڙي جي اوطاق مان ڦٽو ۽ سڄي سنڌ کي جرڪائي ڇڏيائين. جنهن شخص ۾ ايتريون خوبيون هجن، ان جي عزت ۽ اهميت کان ڪير ٿو انڪار ڪري سگهي! هن جو شمار اهڙين شخصيتن ۾ ٿئي ٿو، جن پس منظر ۾ رهي بنا ڪنهن شهرت ۽ نماءَ جون اهڙيون فڪري راهون روشن ڪيون، جن تي نئين نسل جي رهنمائي ٿي ۽ مجموعي طرح سنڌ ۾ روشن خيالي وارين تحريڪن کي فائدو رسيو، علم، ادب ۽ سياست جي ميدان ۾ سهپ ۽ رواداريءَ جا لاڙا متعارف ٿيا، جنهن ڪري سنڌ تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهي هئي. سنڌي سماج ۾ انتشار جو هڪ وڏو ڪارڻ فردن ۾ ميل ميلاپ جي کوٽ، هڪ ٻئي سان ڪچهري يا ڳالهه ٻولهه (ڊائيلاگ) نه ڪرڻ آهي. ڳوٺن مان اجتماعي اوطاقون ختم ٿي ويون، جنهن ڪري انائيت ۽ خود پرستيءَ جي مرضن ۾ واڌارو ٿيو. ڏاهن ماڻهن هڪ جاءِ تي ويهڻ ڇڏي ڏنو ته سوچ ويچار ۽ خيالن جي ڏي وٺ جا رستا بند ٿيا، تاج محمد ابڙي جي اوطاق تي ٿيندڙ ڪچهريون جڏهن نه ٿيون ٿين ته ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ڪنهن وٽ لڙي وڃڻ پسند نه ٿو ڪري، اها ڪهڙي ڳالهه هئي جيڪا عالمن، اديبن، دانشورن ۽ سياستدان کي تاج محمد ابڙي جي اوطاق تي گڏجڻ لاءِ اتساهيندي هئي. اها ئي ابڙي صاحب جي شخصيت جي سحر انگيزي، هن جي محبت ۽ هن جو رويو. اها ڳالهه تڏهن پيدا ٿيندي آهي جڏهن ماڻهو ”پاڻ“ کي پاسيرو ڪري سامهون واري کي اهميت ڏيندو آهي. لاڙڪاڻي ۾ اوطاقن جي کوٽ ناهي، پر اسان جي سڄاڻ دوست امان شيخ ابڙي صاحب جي اوطاق کي لاڙڪاڻي جي شام جو ”آخري“ اوتارو سڏيو آهي. اهو ابڙي صاحب جي شخصيت جو ڪمال جو هڪ ٻئي سان سخت اختلاف رکندڙ فرد به سندس اوطاق تي گڏجي ويهڻ پسند ڪندا هئا. هاڻ لاڙڪاڻي ۾ اهڙي صورتحال نه رهي آهي. جنهن ڪري امان شيخ جي راءِ سان سهمت ٿيڻو پوي ٿو. تاج محمد ابڙي صاحب پنهنجي سڄي حياتي هڪ آدرشي انسان وانگر گذاري ۽ پنهنجن نظرين يا اصولن تي ڪڏهن به سودي بازي نه ڪئي، هو چاهي ها ته عام ڪامورن وانگر پنهنجي اولاد لاءِ مال ملڪيت ڇڏي وڃي ها. پر کيس سڌ هئي ته اهي سڀ عارضي شيون آهن، بنيادي ڳالهه ڪردار جي آهي ۽ ان کي دائميت آهي، باقي مايا اچڻي وڃڻي نچڻي آهي. تاج محمد ابڙي، ساڌو واسواڻيءَ جي چواڻي مطابق هن واقعي پنهنجي حياتي ايئن گذاري جيئن هن چاهيو پئي. هو ذهني طرح هڪ آزاد انسان هو ۽ زماني سازيءَ کان پري هو، جنهن ڪري هو هر قسم جي روحاني بيمارين کان آجو، آزاد، اجرو ۽ مهربان هو. تاج محمد ابڙو سنڌ جي گهڻ رُخي شخصيت ستار ڀٽي تاج محمد ابڙو ولد قادر بخش خان ابڙو لاڙڪاڻي جي اعليٰ شخصيتن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. هيءُ هردلعزيز شخصيت وارو انسان ۸ آگسٽ ۱۹۲۴ع تي شهدادڪوٽ تعلقي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم قمبر علي خان ۾ حاصل ڪيائين. ۱۹۴۳ع ۾ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو مان پاس ڪرڻ بعد اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هو ڪراچيءَ ويو. ايس.ايم لا ڪاليج ڪراچيءَ مان ۱۹۴۷ع ۾ قانون جي ڊگري حاصل ڪري ۱۹۴۷ع ۾ وڪالت شروع ڪيائين. ڪراچيءَ ۾ رهڻ واري عرصي ۾ سنڌ جي مشهور اخبار ”الوحيد“ ۾ بحيثيت سب ايڊيٽر، علاوه ان جي انگريزي روزانه ”ڊان“ ۾ سب ايڊيٽر سان گڏ ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ ۾ نيوز ڪاسٽر به رهيو. هن جا ان وقت ڪراچيءَ ۾ ٽريڊ يونين اڳواڻ ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ جمال الدين بخاريءَ سان لاڳاپا ٿيا. پوءِ پاڻ ڪراچي ڪميونسٽ پارٽي ۽ ٽريٽ يونين ورڪرن سان گڏجي، ان وقت هاري مزدور جدوجهد ۾ سوشلسٽ انقلاب لاءِ پاڻ پتوڙيائين. جوانيءَ ۾ ئي هُو روشن خيال، غريبن جو هڏ ڏوکي هو. هر وقت سندس هڏ مسڪينن لاءِ ڪرڪندو هو. هن دنيا جي انقلابن جو گهرائيءَ سان مشاهدو به ڪيو ته سوشلسٽ اڳواڻن سان دوستي به قائم ڪئي. سوشلسٽ تنظيمن ۾ سندس ڀرپور ڪردار رهيو آهي. سال ۱۹۴۷ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ وڪالت جو آغاز ڪيائين. گهڻو عرصو سرڪاري وڪيل به رهيو هو. ڪرمنل Criminal ڪيسن جي حوالي کان گهڻو مشهور ۽ وڏو هوشيار وڪيل تصور ڪيو ويندو هو. لاڙڪاڻي ۾ اچڻ بعد به هاري تحريڪ، پي پي پي، نيشنل عوامي پارٽي ۽ سنڌ عوامي محاذ کان علاوه سنڌ جي پيڙهيل ۽ ڏتڙيل مسڪين عوام لاءِ ڏاڍ، ڏهڪاءَ ۽ ظلم کان آزادي، غلاميءَ کان آجپي يا طبقاتي بنيادن تي ڪابه تحريڪ، تنظيم ۽ جهاد ٿيو ته هن ان ۾ ديني فريضو سمجهي حصو ورتو. حقوق العباد ئي انسان ذات جي ڀلائيءَ جو اهو رستو ٻڌائي ٿو. تاج محمد ابڙو هن راهه ۽ منزل جو اڻ موٽ ساٿاري هو. سندس زندگيءَ جو مقصد ئي ٻين جي ڪم اچڻ هو. مسڪين ۽ بي پهچ ماڻهن جي ڪمن ڪارين ۾ گهڻي دلچسپي وٺندو هو. بنان لالچ جي دوستن، يارن جو ڪم ڪري کيس گهڻي خوشي حاصل ٿيندي هئي. سندس اوطاق گهڻو ڪري غريب طبقي ۽ عام ماڻهن لاءِ هڪ ”سراءِ“ طور استعمال ۾ هئي. هر روز شام جو سندس اوطاق تي چڱي چؤياري لڳندي هئي، جنهن ۾ سياسي، ادبي، سماجي ورڪرن وچ ۾ بحث مباحثا ۽ خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي نظر آئي. اهو ٻڌائڻ به ضروري آهي ته سندن وڏن سياستدانن جهڙوڪ: خان عبدالولي خان، سردار عطاءَالله مينگل وغيره سان ويجها تعلقات هئا، پر ذوالفقار علي ڀٽي سان ذاتي دوستي ۽ ويجهڙائپ هيس. هن جي پرڏيهي وزير جي عهدي تان لهڻ بعد، پيپلز پارٽيءَ جي قيام دوران تاج محمد سنڌ ۾ وڏي ڪوشش وٺي ڪيترن ئي سياستدانن جهڙوڪ: مير رسول بخش ٽالپر ۽ مير علي احمد ٽالپر کان علاوه ڪيترن ئي ڪامريڊ ساٿين کي پارٽيءَ ۾ شامل ڪرايو. سندس سياسي دائرو به وسيع هو. هُو ڪميونسٽ خيالن جو سچو ورڪر هو. قانوندان، سياستدان ۽ سماجي ورڪر کان وڌيڪ دانشور هو. فلسفي، ادب ۽ تاريخ جي وڏي ڄاڻ هيس. لکيائين هڪ لفظ به ڪونه، پر پڙهيو به گهڻو ته ڪڙهيو به گهڻو. سياست ۾ به صرف هڪ دفعو يونين ڪائونسل بقاپور جو سال ۱۹۶۵ع ۾ چيئرمين چونڊيو ۽ خدمت ڪيائين. ادب ۾ سندس ڪردار ٻن ڪنارن کي ملائڻ واري پل وارو هو. ادب سان کيس وڏي چاهت هئي. جڏهن ۱۹۵۴ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جو لاڙڪاڻي ۾ بنياد پيو ته هُو ۽ سندس اوطاق ئي سنگت لاءِ پيش پيش هئي. ائين الڳ سنڌ ۾ ادبي سنگت جو قيام ٿيو. جڏهن ۱۹۵۶ع ۾ جمعيت الشعراءَ سنڌ پاران لاڙڪاڻي ۾ آل سنڌ ادبي ڪانفرنس ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي، تاج محمد صحرائي، رشيد ڀٽي، جمال ابڙي، اياز قادريءَ جهڙا ناميارا اديب شريڪ ٿيڻ آيا، ته ان وقت تاج محمد ابڙي پنهنجي گهر ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي صدارت ۾ سڀني اديبن جو اجلاس ڪوٺائي، ميزبانيءَ جا فرض انجام ڏنا. اتي ئي اهو فيصلو ڪيو ويو ته سنڌي ادبي سنگت جي سمورين شاخن جو اجلاس يا ڪنوينشن ڪراچيءَ ۾ منعقد ڪري، مرڪز جي تنظيم ۽ منشور جوڙيو وڃي. اهو ون يونٽ جي اونداهي دؤر ۾ روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو هو، جيڪو تاج محمد ابڙي جي گهران ٻَريو ۽ سڄيءَ سنڌ کي جرجر ڪري ڇڏيائين. سڄي سنڌ جي سنگتن کي هڪ لڙيءَ ۾ سموئي، ون يونٽ خلاف ”ادبي جهاد“ جو آغاز ڪيو ويو. پاڻ ڪيترن ئي غريب شاگردن کي مالي مدد ڪرڻ ۽ لاڙڪاڻي ۾ سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريريءَ جهڙي سنڌ جي عظيم ادبي تحقيقي اداري جي بانيڪارن مان هو. سندس صلاحيتن ۽ تجربي کي ڏسندي ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت ۾ کيس ايڊيشنل سيشن جج مقرر ڪيو ويو، جنهن عهدي تي ۱۹۷۲ع کان ۱۹۸۵ع تائين ڪم نهايت ايمانداريءَ ۽ سچائيءَ سان ڪرڻ کان پوءِ ڊسٽرڪٽ سيشن جج جي عهدي تي پهچڻ کان پوءِ رٽائرمينٽ حاصل ڪري، وري واپس پنهنجي لاڙڪاڻي واري عوامي ادبي اوطاق آباد ڪيائين ۽ وڪالت جي پيشي سان منسلڪ ٿي ويو. پاڻ طبيعت جو سادو، سٻاجهڙو، محبتي ماڻهو هو. جڏهن به ملندو ته وڏا ٽهڪ ڏئي، پر دوستن سان ملي ڏاڍو خوش ٿيندو هو. آخرڪار هي موتين جهڙو ماڻهو، پورهيت دوست، دانشور، قانوندان، سياسي ورڪر ۽ علم ادب پرور شخصيت ۶۲ سالن جي ڄمار ۾ تاريخ ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع تي هن دنيا ۾ يارن دوستن جي لڏي کي ڇڏي ٻيءَ دنيا ڏانهن راهي ٿيو. اولاد ۾ کيس مير نادر علي، انجنيئر حيدر علي، گوهر علي، انجنيئر مظهر علي، ذوالفقار علي، جيڪي تعليم، انجنيئرنگ، پوليس ۽ وڪالت جي شعبي سان لاڳاپيل آهن ۽ نياڻين ۾ خالده، ڊاڪٽر عابده، پروفيسر شاهده ۽ پروفيسر زاهده، جيڪي پڻ تعليم، صحت، علم ۽ ادبي شعبي سان لاڳاپيل آهن. مددي مضمون: ڊاڪٽر تنوير عباسي، ڪامريڊ سوڀو، علي احمد بروهي ڪتاب: لاڙڪاڻو امر شخصيتون (اخبار: روزانه عوامي آواز، جاڳو، سَچ، تعمير سنڌ، هلچل، سنڌ، مهراڻ، عبرت) تاج محمد ابڙو تاريخ جي روشن راهه عبدالقادر جوڻيجو هونئن ته عام طور چڱن ماڻهن جي چڱائي جي وصف بيان ڪرڻ ڏاڍي ڏکي آهي، ڇاڪاڻ ته انساني تاريخ ۾ ڪيئي ٺڳيءَ جا ٺاهه پاتا وڃن ٿا. ڪلهه به ائين هو ته اڄ به ائين آهي. زماني تي ميارون اجايون آهن. پر هڪڙي ڳالهه هٿَ جي تريءَ وانگيان صاف بيٺي آهي ته سنڌ جي اصلي ۽ املهه هيرو، تاج محمد ابڙو پنهنجيون، پنهنجي گھر ٻار جون ۽ پنهنجن يارن پيارن جون تڪليفون وساري، پنهنجي ملڪ جي بکئي ڏکئي، ڏتڙيل ۽ بي وس عوام جي ڏکن ۽ تڪليفن ۾ جئين جو تئين شرڪت ڪئي. هو پنهنجي زندگي داءَ تي هڻي، ٻين جي غمن ۽ ڏکن جو ساٿاري رهيو. خودغرضين جي گھاٽن ڪڪرن ۾ بي غرضيءَ جي کنوڻ بڻجي، روشنين جا لامارا ڏيڻ، جيڪڏهن ڪنهن ڄاتو ته اهو تاج محمد ابڙي ڄاتو. اها صورتحال ٻڌائي ٿي ته تاج محمد ابڙو چڱائيءَ جي عمل ۾ نه رڳو نشاني هو، پر خود چڱائيءَ جي عمل کي چوٽ تي چاڙهي ڇڏيائين. چڱائيءَ جي وڏي اها ئي وصف هئي، جيڪا تاج محمد ابڙي جي شخصيت جي روپ ۾ اسان جي سامهون اچي ٿي. ايڏو خلوص، ايڏي عواميت، ايڏي جدوجھد، خلقِ خدا جي چڱائيءَ لاءِ ايڏي محبت تمام گھٽ ماڻهن ۾ پاتي وڃي ٿي، جن ۾ تاج محمد ابڙو سر فهرست رهيو. هن ليڊر بڻجي، ٻين کي قربانين جو سبق ڏيڻ جي بدران، قربانين جو اهو بار پاڻ ئي پنهنجي مٿي تي کنيو. هو هڪ عام ورڪر وانگيان ڪم ڪندو رهيو ۽ پنهنجن خوابن جي تعميل لاءِ سڄيءَ سنڌ ۾ ڀٽڪندو رهيو. جيڪو ماڻهو پاڻ کي وساري، پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جو ٿي وڃي، انهيءَ کان وڌيڪ ڀلا ٻيو ڇا ٿي سگھي ٿو. مون کي اها به خوشي آهي ته سندس صالح اولاد سندس ڇڏيل ورثي جي ايڏي سار سنڀال لڌي آهي، جنهن جو نتيجو هيءُ ڪتاب آهي. نه ته هونءَ ته حقيقت اها آهي ته چڱا چڱا ماڻهو تاريخ جي دز ۾ لٽجي ويندا آهن. پر شابس آهي تاج محمد ابڙي جي اولاد کي، جن کيس تاريخ جي دز کان بچائي ورتو آهي ۽ سندس شخصيت هڪ روشن تاريخ وانگيان نه رڳو اسان جي اڳيان آهي پر ايندڙ نسل لاءِ به هڪ روشن راهه بڻيل رهندي. (روزانه سوڀ، ڪاوش، هلال پاڪستان، تعمير سنڌ، عبرت، سچ، عوامي آواز، سنڌ، هلچل، سنڌو، پڪار) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جي تاريخ ساز شخصيت محمد علي پٺاڻ اي سنڌو! تو کي ڀـيٽ ڏنا، ڪنهن لـڙڪ-ڦـڙا، ڪنهن ماڪ-ڦــڙا جن تو کي پنهنجو خون ڏنو، سي سڀ کان پاڻ ملهائي ويا. شيخ اياز جي هن شعر جي روشنيءَ ۾ اسين جڏهن سنڌ جي آجپي لاءِ بيشمار تاريخ ساز شخصيتن کي پنهنجي مطالعي ۽ مشاهدي جي آڌار تي، سندن ڪيل جدوجهدن جي حوالي سان ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، تڏهن مايوسيءَ ۽ نااميديءَ بدران همٿ ۽ حوصلي جا سُتل جذبا ڄڻ ته نئين سر جاڳي پوندا آهن ۽ نئين سر پنهنجي وڃايل منزل جي پيچرن تي سفر جي سانباهي جو اتساهه ڪر موڙي اٿي پوندو آهي ۽ ماڻهو پنهنجي سوچ جون سڀئي واڳون ان جي حوالي ڪري ڇڏيندو آهي. مرحوم تاج محمد ابڙي جي شخصيت به اهڙن ئي املهه ماڻڪ شخصيتن مان هڪ هئي، جنهن پنهنجي سموري عمر ڏکويل ماڻهن جي اهنج گهٽائڻ لاءِ ادبي، سياسي، صحافتي ۽ قانوني مورچن تي ثابت قدميءَ سان ويڙهه ڪندي گذاري ۽ ان ڊگهي ويڙهه ۾ سرت ۽ سجاڳيءَ جي لاٽ جيڪا هو پنهنجي وک وک تي ٻاريندو آيو، تنهن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ چانڊاڻ پکيڙڻ ۾ خوب پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪيو. اڄ ان چانڊاڻ ۾ نه رڳو ڏاڍايون ڪندڙ قوتن جا ڪوڙهيل چهرا ڏينهون ڏينهن پوءِ وڌيڪ چٽا پسجي رهيا آهن، پر مظلومن کي به پنهنجي مظلوميت جا ڳجها اسرار آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي رهيا آهن ۽ هو انفرادي توڙي قومي طور ”پاڻ سڃاڻڻ“ واري عمل جي پيشقدميءَ ۾ اڳرا نظر اچي رهيا آهن. سنڌ جي هن باڪمال هستيءَ جو جنم ۸ آگسٽ ۱۹۲۴ع ۾ شهدادڪوٽ، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. پرائمري تعليم قمبر ۾ حاصل ڪيائين ۽ سيڪنڊري لاڙڪاڻي ۾. ان کان پوءِ وڪالت جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ کيس ڪراچيءَ جي ياترا ڪرڻي پئي. ۱۹۴۷ع ۾ هن قانوندان جي حيثيت سان بي پهچ ۽ بي وس ماڻهن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ ڪورٽ جي ڪٽهڙي ۾ پير ڌريو ۽ عوام دوست سياست کي فروغ ڏيڻ لاءِ سوچي سمجهي اهڙي ڪنڊائين راهه تي هلڻ شروع ڪيو، جنهن جي آخري موڙ تائين هن کي ڪو سک ۽ شانتي ته پلئه ڪانه پئي، پر ٻين هزارين ۽ لکين ماڻهن جي سک ۽ شانتيءَ جون راهون ضرور ظاهر ٿيون. وڪالت کان اڳ تاج محمد ابڙي ڪيتريون ئي نوڪريون ڪيون، جن ۾ ”الوحيد“ اخبار ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر جي حيثيت سان سندس ڪيل خدمتون وسارڻ جهڙيون نه آهن. ريڊيو پاڪستان تي به نيوز ڪاسٽر جي حوالي سان هن چڱو نالو ڪمايو هو. ان باري ۾ هن جو هڪ ويجهو دوست ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو ڪهاڻيڪار محترم انيس انصاري لکي ٿو ته: ”سندس خبرون پڙهڻ جو انداز وڻندڙ ۽ اثر انگيز هوندو هو. خبرن جي مناسبت ۾ لچڪ پيدا ڪري، هو ٻڌندڙ جي دل تي خبر جي ڇاپ ڇاپي ڇڏيندو هو.“ پاڻ جڏهن ۱۹۷۲ع ۾ سيشن جج مقرر ٿيا ته عدليه ۾ به پنهنجي مخصوص مزاج ۽ انداز جي گهري ڇاپ ڇڏيائون. اها سندن وڏي جرئت ۽ بيباڪي هئي، جو عدليه سان لاڳاپيل هجڻ جي باوجود هو پنهنجي سياسي ۽ ادبي دوستن جي حلقي ۾ سدائين موجود رهندا هئا ۽ انهن سان وابستگيون به ساڳئي نموني سان ئي روا رکيون ايندا هئا. وڏيرڪي سرشتي هيٺ پيڙجندڙ هارين جي نجات لاءِ سنڌ جي دلير ۽ جرئتمند هاري اڳواڻ حيدر بخش جتوئيءَ سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو موقعو پڻ ملين ۽ پاڻ ان ذميواريءَ کي نڀائڻ لاءِ عوامي هلچل ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيائون. سرڪاري نوڪري سندن سوچ آڏو ڪڏهن به رڪاوٽ نه بڻي. تاج محمد ابڙو گوناگون شخصيت جو مالڪ هو. نه صرف پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ۾ ۽ علم دوستيءَ جي شعور جي ورڇ ڪرڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو، پر سنڌي ادبي سنگت جو پايو وجهندڙن واري سٿ ۾ شامل ٿي، ترقي پسند ادب جي واڌاري لاءِ به سندن عملي ڪوشش ادبي تاريخ جي ورقن ۾ سونهري اکرن سان سانڍيل آهي. لاڙڪاڻي ۾ سندن اوطاق تي هر هفتي سنڌي ادبي سنگت جا ميڙ ٿيندا هئا. سندس دسترخوان سدائين دوستن يارن لاءِ کليل رهندو هو، جتي پاڪستان جون سياسي، سماجي ۽ ادبي شخصيتون اچي قيام پذير ٿينديون هيون، ائين جيئن اڄڪلهه ننڍي کنڊ جي وڏي دانشور ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي اوطاق تي آهي. تاج محمد ابڙي وٽ ماڻهو الائي ڪٿان ڪٿان ڪهي ايندا هئا. هو عزت ڏئي ۽ وٺي ڄاڻندو هو. قربائتو اهڙو هوندو هو، جو هڪڙو ڀيرو ڪو ساڻن ملندو هو ته هميشه لاءِ سندن قرب جي ڪڙي ۾ قابو ٿي ويندو هو. ابڙي مرحوم جي ويجهن دوستن کان معلوم ٿيو آهي ته سهپ، رواداري ۽ بُردباريءَ جو هو زنده مثال هوندو هو. وڏي کان وڏيءَ ڳالهه کي به پنهنجي بُردباريءَ سان حل ڪري ويندو هو. ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ڪڏهن به سندن ويجهو نه آيا. سندن ملڻ جي اهڙي قربائتي انداز بابت محترم تنوير عباسي لکي ٿو ته: ”تاج محمد ابڙو کلڻو ملڻو، جڏهن ملوس ته ٽهڪ ڏيندو، دوست کي ڏسي خوش ٿيندو.“ تاج محمد ابڙي جي شخصيت جو اهو جادوئي اثر هو، جنهن جي ڪري سدائين هن وٽ ميڙو متل هوندو هو. سندس دوستن جي تمام ڊگهي فهرست آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کان وٺي سوڀي گيانچنداڻي، اياز قادري، جمال ابڙو، انيس انصاري، ڪامريڊ جمال الدين بخاري، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، قاضي فضل الله، تنوير عباسي، عبدالحميد ابڙو، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو ۽ ٻيا ڪيترا ئي سياسي اڳواڻ، شاعر، اديب ۽ فيلسوف هن جي صحبت مان ذهني آسودگي ماڻيندا هئا. تاج محمد ابڙو اڄ اسان وٽ نه آهي، پر هُو پنهنجي انسان دوست روين جي ڪري اسان لاءِ هميشه زنده رهندو ۽ سندس ٻاريل سرت ۽ سجاڳيءَ واري لاٽ ڪڏهن به نه اُجهامندي. (روزانه عبرت، پڪار، آفتاب، بخت ور، جاڳو، هلال پاڪستان، خادم وطن، سنڌ نيوز، برسات ۽ سنڌو) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو (۸۶-۱۹۲۴ع) آئيڊيل شخص تاج بلوچ سنڌ اهو عظيم خطو آهي، جيڪا وڏن وڏن ماڻهن کي جنم ڏيندي رهي آهي. اهڙن ماڻهن، سنڌ جي هر طرح سان آبياري ڪري، ان تان جند گهوري ۽ سنڌين جي سماجي، اقتصادي ۽ فڪري مٿڀرائي لاءِ گهر ٻاري ڏياري ڪئي. ڪامريڊ تاج ابڙي جو نالو به انهن عظيم اڳواڻن ۾ شامل آهي، جن هڙان وڙان پنهنجي قوم ۽ خطي جي بي پهچ ۽ مسڪين ماڻهن لاءِ پاڻ پتوڙيو. منهنجي ئي تر جو (چيچڙو پنو عاقل) عظيم انسان ۽ بي مثال راڳي فقير ڀڳت ڪنور رام، سکر ضلعي جو هيمون ڪالاڻي، پني عاقل جي مائي پار پتي، مهراج سيتل داس ۽ ٻيا اهڙا ڪيئي ڪردار آهن، جن پٺتي پيل علائقي جي بي خبر ماڻهن جي موڳي جيون لاءِ پنهنجو رت ست ڏئي ڪنهن متڀيد کان سواءِ ماڻهپي جو مانُ مٿانهون ڪيو. پنهنجي ئي گهر جي وڏڙن مان بابا سائين مرحوم عبدالقادر خان بُلو، جنهن سِر تري تي رکي مولانا عبيدالله سنڌي کي ظالم سامراج جي جبر کان آزاد ڪرائڻ لاءِ گڏيل هندوستان جي بارڊر تان افغانستان منتقل ڪيو، بابا سائين وڏو سردار محمد مراد خان بُلو (اول)، ادو مرحوم سردار محمد حسن خان بُلو، جنهن جا راڄوڻي فيصلا سڄي اتر سنڌ ۾ مشهور ۽ مثال طور پيش ڪيا وڃن ٿا. مرحوم سؤٽ خاوند بخش خان بُلو، جنهن جي سماجي خدمتن جو پڙاڏو مون سنڌي اديبن جي وفد سان لکنؤ ۾ اتان جي گرو چانڊو رام جي واتان ٻُڌو. انهن ماڻهن جهالت جي ڌٻڻ ۾ غرق ٿيل ماڻهن ۾ سياسي شعور پيدا ڪيو ۽ سماجي خدمتن لاءِ هڪٻئي جا واهرو بڻجي بيٺا. اسان جي رهبرن مان شهيد الله بخش سومرو، قاضي فيض محمد، رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، عبدالقادر کوکر، سائين جي ايم سيد، مرحوم مولوي نذير حسين جتوئي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، مرحوم غلام محمد لغاري، غلام حيدر لغاري، قادر بخش نظاماڻي، جهان خان کوسو، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، مرحوم قادر بخش بڪڪ، مرحوم نبي بخش کوسو ۽ مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۽ ٻيا ڪيترا ئي نامور ۽ گمنام شخص آهن، جن اونداهين جو سينو چير ڪري معاشري کي هڪ نئون موڙ ڏنو. ڏُک اٿم ته مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب سان روبرو ملاقات نه ٿي سگهي، پر هاري حقدار پارٽي ۽ ڪميونسٽ پارٽي ۾ هڪ معمولي ڪارڪن جي حيثيت ۾ ڪم ڪندي، ڪامريڊ جي فڪري ۽ عملي خدمتن ۽ سندس ذات جي رهنمائي کان مون وڏي رهنمائي حاصل ڪئي. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جيل ياترا کان پوءِ سنڌ ۾ هاري پارٽي ۾ ڏار پئجي ويا ۽ ڪميونسٽ پارٽي کي ٽڪرن ۾ ورهائڻ لاءِ سانباها ٿيڻ لڳا. تڏهن ڪامريڊ تاج محمد ابڙي پنهنجي حڪمت عملي، سياسي بصيرت ۽ نفسياتي ڪيفيتن جو ادراڪ رکندي اختلافن کي جَهڪو ڪيو ۽ گهڻو گهڻو اڳ کان سٽيل سامراجي سازشن موجب، سوويت يونين کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ کان گهڻو اڳ ملڪ ۾ پارٽي کي ٽڪرن ٿيڻ کان بچائي ورتو. مرحوم تاج صاحب هڪ برجستو، ڏاهو ۽ زيرڪ سياسي ڪارڪن هو. مارڪسزم جي مطالعي ۽ لينن ازم جي تشريحن هن جي ذات کي هڪ مارڪسوادي طور انجمن جو روپ ڏنو ۽ هن پنهنجي فڪري طاقت سان سنڌ ۾ قوم پرست ترقي پسندي کي وڏو زور وٺرايو ۽ رجعت پسنديءَ کي ڌڪي ڌوڙ داخل ڪيو، جنهن جا نتيجا پاڪستان پيپلز پارٽي جي صورت ۾ ظاهر ٿيا. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۽ ٻين بزرگن جي اسٽيبلشمينٽ جي خلاف زبردست سياسي مزاحمت نه هجي ها ته هوند شهيد ذوالفقار علي ڀٽو صاحب پيپلز پارٽي وجود ۾ نه آڻي ها، ڇاڪاڻ ته گرائونڊ ورڪ سنڌ ۽ ٻين ننڍن صوبن جي قوم پرست اڳواڻن اڳواٽ ئي ڪري ڇڏيو هو، جنهن جو کٽيو ڀُٽي صاحب کاڌو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اجتماعي شعور جو هڪ ٻرندڙ شعلو هو، جنهن جي روشني پارٽي ڪارڪنن سميت عام ماڻهن جي شخصي ڀلائي لاءِ به ڪارآمد ثابت ٿي. ان ڏس ۾ اسان جي هڪ دوست بدر ابڙي جي بس وارو واقعو آهي، جيڪا هن هڪ ’ڊان‘ ٽائيپ دائود پٺاڻ کان قسطن تي حاصل ڪئي هئي. قسطون پوريون نه ٿيڻ جي صورت ۾ دائود پٺاڻ اها بس زوري ڪاهي هليو ويو هو. مرحوم تاج ابڙي اها بس جهڙي ريت موٽرائي، اهو هن دﺂر ۾ کڻي معمولي واقعو چئجي، پر اڄ کان ۴۰ سال اڳ اهو هڪ ڪارنامو هو، سماجي خدمت ۾ وڏو ڪارنامو! تاج صاحب جي زندگي بهادري ۽ ڏاهپ جو خوبصورت سنگم هئي. سڄي سنڌ ۾ سياسي ۽ دانشور حلقن ۾ بي انتها مقبوليت ۽ شهرت باوجود هن ڪڏهن به ليڊر ٿيڻ جو تصور نه ڪيو، پر هڪ عام سياسي دانشور ۽ ڪارڪن جيان خدمت ڪندو رهيو. نه رڳو انگ اگهاڙن ۽ پيٽ بکين جو واهرو ۽ ڀرجهلو ٿي رهيو، پر هن ذهني طور اپاهج ماڻهن جي به تربيت ڪئي ۽ هڪ شعوري هلچل جو بنياد وڌو. پروفيشنلي وڏو وڪيل هوندي به هن غريب عوام جي سپنن جي ساڀيان لاءِ گهڻو پتوڙيو. اسان جي بزرگ دوستن مان مرحوم شيخ اياز جي شخصي ڪردار بابت ڪڏهن به سٺي راءِ آڏو نه آئي آهي. بزرگ ته ڇڏيو، هلندڙ دﺂر ۾ نوجوان ساٿين کي به شيخ صاحب مرحوم لاءِ نرم گوشو پيدا ٿي نه سگهيو آهي. شيخ اياز پنهنجي آتم ڪٿا ’ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر‘ ۾ مرحوم تاج ابڙو ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج سکر جي حيثيت ۾ کانئس سکر کان لاڙڪاڻي وڃڻ لاءِ موٽر ڪار گهرڻ بابت جيڪو قصو منسوب ڪيو آهي، ان ۾ ڪابه صداقت نه آهي، ڇاڪاڻ ته ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج ان دﺂر ۾ يا اڄوڪي دﺂر ۾ هڪ بلند مرتبت ادارو آهي، جنهن کي اڄ جيان ڪالهه به وڏيون سهولتون ۽ مراعات حاصل هيون. تاج صاحب مرحوم پاران شيخ اياز کان گاڏي گهرڻ هڪ مفروضو آهي. بعد ۾ شيخ اياز کي ڊينٽ پيل ڪار جي واپسي وارو مسئلو به اعتبار جوڳو نه آهي، ڇاڪاڻ ته ڪامريڊ ابڙي جهڙو حساس، ايماندار ۽ ٻئي جو خيال رکندڙ ماڻهو ائين ڪيئن به ڪري سگهيو. سمورو قصو غير منطقي ۽ پاڻ کي پڏائڻ واري ڳالهه آهي. اسين يا اسان کان اڳ واري ادبي ۽ سياسي لڏي هميشه تاج صاحب کي سچائي، ايمانداري ۽ شعوري هلچل جو علمبردار ڏٺو ۽ محسوس ڪيو. تضادن کان آجو، همدرد ۽ هرهڪ جو اونو رکندڙ، سنڌ جي ايندڙ پيڙهين لاءِ مشعلِ راهه بڻيو. باوقار، بُردبار ۽ سهپ وارو انسان، ڏاڍو سچار. ڪوڙي سماج جي ڪوڙن ڪردارن تي ڪاوڙ ته ممڪن ٿي سگهي ٿي، پر ڪنهن نامعقول ڳالهه تي رنجش ڪامريڊ ابڙي جو وڙ ئي نه هو. مرحوم شيخ اياز هڪ وڪيل هو. اسين ۽ اسان جا مٽ مائٽ مختلف راڄوڻن معاملن ۾ سندس اصيل رهي چڪا آهيون ۽ آءٌ ذاتي طور ڄاڻان ٿو ته هن جو پروفيشنلي سول ججن سان به هيٺانهين (خوشامد) وارو رويو هوندو هو. اهو ڪٿي ممڪن آهي ته هُو سيشن جج، سو به تاج ابڙي جهڙي مهربان ۽ شفيق سان کهرو ٿي ڳالهائڻ جي همٿ رکندو هجي!! شيخ اياز بابت سنڌ ۽ هند کي خبر آهي ته هو ڪنهن کي سکڻي چانهه جي به صلاح نه هڻندو هو. ڪمال آهي جو هن پنهنجي ڪٿا ۾ جمال ابڙي ۽ تاج ابڙي جي مانَ ۾ رات جي ماني جهلي. آءٌ انهيءَ ڳالهه تي موران وسهڻ لاءِ تيار ناهيان ۽ دعوت کان پوءِ ڪامريڊ تاج صاحب جي موڪلائڻ وقت وارا جملا غير معقول، غير منطقي ۽ شيخ اياز جي خواهش ته ٿي سگهن ٿا، پر ان ۾ تِر جيتري به حقيقت ناهي. لفظ ’ٽرڙائپ‘ ڏاڍو ڏکوئيندڙ لفظ آهي، سو به ڪامريڊ تاج جهڙي فرد لاءِ، جيڪو خلوص، وفا ۽ محبتن جو سرچشمو هو. پرائي درد تي ڦٿڪي پوڻ وارو شخص ڪامريڊ تاج اهڙين ياوا گوين کان ڏاڍو مٿانهون هو. سنڌ ۾ مئل ماڻهن تي ڪوڙ هڻڻ تي مرحوم پير علي محمد شاهه راشدي جو ڪو ثاني ئي نه هو. پر ان جي وفات کان پوءِ مرحوم غلام رباني آگري ۽ مرحوم شيخ اياز سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا. مرحوم تاج محمد ابڙي صاحب لاءِ اسان جو محترم استاد، شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ تعليمي ماهر (تاج ابڙي جو ويجهو دوست) مرحوم پروفيسر ڊاڪٽر اياز قادري صاحب چوندو هو: ”تاج محمد ابڙو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پُر زور اسرار تي ڊائريڪٽ ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج مقرر ٿيو ۽ نوڪري واري دﺂر ۾ هن جي وضع قطع، مزاج ۽ طبيعت ۾ نوڪري کان اڳ واري مريادا موجود هئي. خلق جي خدمت جو جذبو اڳ کان به اڳرو هو. هن جي ذات ۾ نرمي ۽ گدازيت سيشن ججيءَ جي عهدي کان به وڌيڪ هئي.“ هن سنڌ جي نوجوانن ۾ پنهنجي پُر عزم ارادن، جذبي، مطالعي ۽ بي باڪ طبيعت سان ترقي پسند ادب ۽ عوامي سياست لاءِ ڪيئي دلچسپيون پيدا ڪيون ۽ سنڌ جي بي پناهه خدمت ڪئي. لاهيان جي نه چِتان، الا اُن مَ وِسران مڙهيو منجهاران، جيءُ منهنجو جِن سين (شاهه) ڏهين مارچ ڪامريڊ جي وفات جو ڏينهن آهي ۽ هي ٻه چار سٽون کيس ڀيٽا طور پيش ڪري رهيو آهيان. سرها ڏٺم سي، جن ساڃاهه سراڻ سين تيغ تنين جي کي، ڪٽ نه لڳي ڪڏهين. (شاهه) (ماهوار سوجھرو مارچ ۲۰۱۰ع تان ورتل) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جو سچو خدمتگار پروفيسر مهرالنساءِ لاڙڪ /حيدرآباد سنڌ ڌرتيءَ جي ڪک مان سوين اهڙن هيرن جنم ورتو آهي، جن چؤطرف شعور جي روشني پکيڙي، سماج ۾ مثبت تبديليون آنديون، سماج کي سڌارڻ لاءِ بي بها خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ تاريخ جي ورقن ۾ پنهنجو نالو، سونهري اکرن ۾ لکائي ڇڏيو. اهڙن املهه ماڻهن ۾ هڪ نالو ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جو به آهي. لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو، سنڌ جو تاريخي شهر آهي، جنهن هر دور ۾ اسان کي اهڙا ته ليڊر، عالم، اديب ۽ شاعر ڏنا، جن پنهنجي ڏاهپ سان سنڌ کي واسي ڇڏيو. ڪشنچند بيوس، هري دلگير، جمال ابڙو، ذوالفقار علي ڀٽو، محترمه بينظير ڀٽو، سوڀو گيانچنداڻي ۽ تاج محمد ابڙو وغيره. سڀني سياڻن سنڌ سان، ائين ناتو نڀايو، جيئن ڪو ڪم فرض سمجهي ڪيو ويندو آهي. تاج محمد ابڙي ۸ آگسٽ ۱۹۲۴ع تي، شهدادڪوٽ ۾ جنم ورتو. لاڙڪاڻي، ڪراچي، سکر ۽ ٺٽي جي هوائن ۾ شعور جون منزلون طئي ڪندي، ڏاهپ جا ڏاڪا چڙهندو اڳتي وڌندو هليو. پاڻ ۱۹۴۳ع ۾ مئٽرڪ گورنمنٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان پاس ڪرڻ بعد، اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪراچيءَ ويو. ۱۹۴۷ع ۾ ايس ايم لا ڪاليج مان قانون جي ڊگري حاصل ڪري، ۱۹۴۷ع ۾ وڪالت شروع ڪيائين. ڪراچيءَ ۾ رهڻ دوران، سنڌ جي مشهور اخبار ’الوحيد‘ ۾ بحيثيت سب ايڊيٽر، ان کان سواءِ انگريزي روزانه ’ڊان‘ ۾ سب ايڊيٽر سان گڏ، ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ ۾ نيوز ڪاسٽر به رهيو. هن جا ان وقت ڪراچيءَ ۾ ٽريڊ يونين اڳواڻ ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي مرڪزي اڳواڻن سان لاڳاپا ٿيا. پوءِ پاڻ ڪميونسٽ پارٽي ۽ ٽريڊ يونين ورڪرن سان گڏجي، ان وقت هاري مزدور جدوجهد ۽ سوشلسٽ انقلاب لاءِ پاڻ پتوڙيائين. کيس زماني جو ڳوڙهو تجربو هو. سندس سوشلسٽ تنظيمن ۾ ڀرپور ڪردار رهيو آهي. سندس دوستيءَ جو دائرو تمام وسيع هو. لاڙڪاڻي ۾ سندس اوطاق، غريب توڙي امير مطلب ته عام ماڻهن لاءِ سراءِ طور استعمال ٿيندي هئي. هر روز شام جو سندس اوطاق تي ڪچهري لڳندي هئي، جنهن ۾ سياسي، ادبي، سماجي ورڪرن وچ ۾ بحث مباحثا ۽ خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي هئي. سندس ويجهڙائپ وڏن سياستدانن سان رهي آهي، خان عبدالولي خان، سردار عطاءُ الله مينگل وغيره سان گهڻو ويجها هئا، پر ذوالفقار علي ڀٽي سان ذاتي دوستي ۽ ويجهڙائپ هُئس. هو قانوندان، سياستدان ۽ سماجي ورڪر کان وڌيڪ دانشور پڻ هو، کيس ادب ۽ تاريخ تي وڏي دسترس حاصل هئي. سياست ۾ به صرف هڪ ڀيرو يونين ڪائونسل بقا پور جو سال ۱۹۶۵ع ۾ چيئرمين چونڊيو ۽ خوب خدمت ڪيائين. سنڌي ادبي سنگت جو ٻوٽو، جيڪو هن وقت وڌي وڻ ٿيو آهي، اُن جي آبياريءَ ۾، مرحوم تاج محمد ابڙي جو ڀرپور ڪردار آهي. جڏهن ۱۹۵۶ع ۾ جميعت الشعراء سنڌ پاران لاڙڪاڻي ۾ آل سنڌ ادبي ڪانفرنس ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي، تاج محمد صحرائي، رشيد ڀٽي، جمال ابڙي ۽ اياز قادريءَ جهڙا ناميارا اديب شريڪ ٿيڻ آيا ته ان وقت تاج محمد ابڙي، پنهنجي گهر ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي صدارت ۾ سڀني اديبن جو اجلاس ڪوٺائي ميزبانيءَ جا فرائض سرانجام ڏنا. اتي ئي اهو فيصلو ڪيو ويو ته سنڌي ادبي سنگت جي سمورين شاخن جو اجلاس، ڪراچيءَ ۾ گهرائي، مرڪز جي تنظيم ۽ منشور جوڙيو وڃي. اهو ون يونٽ جو اونداهو دور هو ۽ هي فيصلو اُن اونداهي دور ۾ اميد ۽ روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو هو. سڄيءَ سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن کي هڪ مالها ۾ پوئي، ون يونٽ خلاف، ادبي جهاد جو آغاز ڪيو ويو ۽ انهيءَ جهاد آخرڪار پنهنجو رنگ ڏيکاريو ۽ وَن يونٽ ٽٽي ويو. ٻڌيءَ جي طاقت اڳيان حڪومت کي گوڏا ٽيڪڻا پيا. اياز قادري لکيو آهي ته، تاج محمد ابڙي، جڏهن لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ قائم ڪئي، ته پاڻ اُن جو سيڪريٽري ٿيو، اُن حيثيت سان پاڻ ”تجر باغ“ لاڙڪاڻي ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ڏهاڙو اهڙي ته شاندار انداز سان ترتيب ڏنائين، جو ڏسڻ وارا واهه واهه ڪرڻ کانسواءِ رهي نه سگهيا، ڇاڪاڻ جو هِن کان اڳ لاڙڪاڻي ۾ شاهه سائينءَ بابت ايڏو وڏو ميڙاڪو ڪو نه ٿيو هو. اهو سندس لطيف سرڪار سان محبت جو ثبوت آهي. تاج محمد ابڙو ڪجهه وقت استاد پڻ ٿي رهيو، سائين محمد ابراهيم جويي پنهنجي هڪ مضمون ’تاج محمد مرحوم، منهنجو هم پيشه، هم مشرب ۽ همراز‘ ۾ لکي ٿو ته، ”مون شروع ۽ آخر تائين ماستري ڪئي ته تاج محمد ابڙي به شروع ۾ سهي، پر ماستري ضرور ڪئي. هي ماستريءَ جو منصب به تجربي ۽ مشاهدي ۾ گهڻي اضافي جو سبب بڻجي ٿو ۽ هن جو رنگ تمام پڪو ۽ پختو ٿئي ٿو ۽ ماڻهوءَ کي سڄيءَ عمر جي سڃاڻپ ڏئي ٿو. ماستري، استادي، يعني سِکڻ ۽ سيکارڻ، پڙهڻ ۽ پڙهائڻ، پنهنجي پورهئي مان پرائڻ ۽ اُپت (لاڀ) حاصل ڪرڻ آهي ۽ پوءِ سڀ ڪجهه ڏيئي ڇڏڻ جو اتساهه مون تاج محمد ابڙي ۾ ڏٺو ۽ منهنجي اهڙي طبيعت رکندڙ سڀني ساٿين ۽ دوستن ۾ تاج محمد کي پاڻ کان چار رتيون بدرجه اُتم ۽ ڪثرت سان ڏٺم.“ سنڌ جو هي برک اديب، وڪيل، دانشور ۽ سماجي خدمتگذار، سنڌين جو هڏ ڏوکي، سن ۱۹۸۵ع ۾ سيشن جج جي عهدي تان رٽائر ٿيو ۽ ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع تي دل جي دوري سبب هِن فاني دنيا کي الوداع چئي ابدي دنيا ڏانهن روانو ٿيو. کيس سندس اباڻي قبرستان لاڙڪاڻي ۾ دفنايو ويو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو شوڪت حسين شورو تاج محمد ابڙو استاد، صحافي، سياستدان، سوشلسٽ، وڪيل ۽ جج هجڻ سان گڏ پنهنجي ذات ۾ هڪ انجمن ۽ يار ويس شخص هو. سندس جنم ۸ آگسٽ ۱۹۲۴ع تي تعلقي شهدادڪوٽ، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. هن ۶۲ سالن جي عمر ۾، ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع تي، دل جي دوري پوڻ سبب، وفات ڪئي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي ۱۹۴۷ع ڌاري ايل ايل بي پاس ڪري، لاڙڪاڻي ۾ شمس الدين ابڙي وڪيل جو پارٽنر ٿي، وڪالت جي پيشي جي شروعات ڪئي. کيس سياست سان تمام گھڻي دلچسپي هئي. هو سوشلزم، ڪميونزم جو نظريو رکندڙ هو. ان ڪري هن سنڌ جي، وڌ ۾ وڌ ڏتڙيل ۽ پوئتي پيل پيل طبقي، هارين جي لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. هارين کي سجاڳ ڪرڻ جي شروعات ڄيٺمل پرسرام ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ڪري چڪا هئا. تاج محمد ابڙي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، غلام محمد لغاري، قاضي فيض محمد ۽ ٻين ڪيترن ئي دوستن سان گڏجي، هارين کي سندن حقن ڏيارڻ جي لاءِ جاکوڙ ڪئي. لاڙڪاڻي جي سياستدانن مان قاضي فضل الله ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سان هن جا گھرا تعلقات هئا. ڪراچيءَ ۾ رهڻ دوران اسسٽنٽ ايڊيٽر جي حيثيت سان پڻ ڪم ڪيو. کيس ۱۹۷۲ع ۾ ائڊيشنل سيشن جج مقرر ڪيو ويو ۽ ۱۹۷۸ع ڌاري، کيس ترقي ڏيئي، سيشن جج بنايو ويو. جج بنجڻ کان پوءِ به ھو، پنهنجي سياسي ۽ ادبي سنگت ساٿ سان، ڪچهريون قائم رکندو آيو. کيس ادب سان بيحد چاهه هو. لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي شاخ قائم ڪيائين ۽ ان جي طرفان ۱۹۶۵ع ڌاري، شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي ورسي شاندار نموني سان ملهائي وئي. هن جا سنڌيءَ جي ڪيترن ئي اديبن سان دوستاڻا ناتا هئا، جن ۾ محمد ابراهيم جويو، سوڀو گيانچنداڻي، جمال ابڙو، اياز قادري، رسول بخش پليجو، تنوير عباسي، رشيد ڀٽي، انيس انصاري وغيره شامل آهن. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ذاتي لائبريريءَ ۾، ادب کان وٺي علم جي هر شاخ تي ڪتاب موجود هئا. اها شاندار لائبريري سندس پونئيرن سنڌ الاجي کي عطئي طور ڏني. جتي سنڌ الاهي لائبريريءَ ۾ ’تاج محمد ابڙو ڪارنر‘ قائم ٿيل آهي. (روزانه ڪاوش ۱۰ مارچ ۲۰۱۱) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جو خاموش خادم امان شيخ تاريخ پڙهڻ، ان منجهان رهنمائي حاصل ڪرڻ ۽ لاڀ پرائڻ کي مان پنهنجي زندگيءَ جي مکيه مقصدن ۽ مرادن منجهان سڀ کان مٿانهون ۽ مقدس سمجهندو آهيان، ڇوته حقيقي تاريخ کي انسان ذات جو هڪ محفوظ رڪارڊ سمجهندو آهيان، جنهن ۾ انسانيت جون چڱايون، ڀلايون، مندايون، ڪچايون، ڦڪايون ظاهر ظهور ملنديون آهن. ائين کڻي چئجي ته تاريخ انساني اوسر ۽ واڌاري جو رڪارڊ آهي. اهو رڪارڊ جيڪو انسان ذات جي جدوجهد ۽ ترقيءَ جو رڪارڊ هجي، جيڪو انساني شعور، سمجهه ۽ سچائيءَ کي ماڻهپي ۽ محبت سان ڳانڍاپي ۾ رکي سگهي. انهيءَ سموري ڪار گذاريءَ ۾ اٿل پٿل جو ڪاريگر ۽ ڪرشمه ساز پاڻ حضرت انسان جي ذات آهي ۽ اهڙا انسان ئي تاريخ ۾ ٻهڳڻ ۽ شاندار هستيون بڻجي رهنمائيءَ جو ڪردار ادا ڪندا آهن. اهي انسان تاريخ جي وهڪري ۾ اونها ۽ عميق هوندا آهن. اهي تاريخ جا خاموش، لائق ۽ وفادار سپوت ليکي سگهجن ٿا، جيڪي ماٺ ميٺ ۽ چپ چاپ ۾، بنان ڪنهن نالي وڌائڻ جي، انسان ذات، سو به پيڙهيل انسانن جي خدمت چاڪريءَ ۾ پاڻ لاءِ سُڪون ۽ پنهنجي سڦلتا سمجهندا هجن. اهڙا املهه ماڻڪ انسان گمناميءَ ۾ غائب ٿيل هجن، پر انهن کان سواءِ انسانيت جي تاريخ اڻ پوري چئي سگهجي ٿي. اهڙو هڪ بي بها عظيم انسان مون پنهنجين اکين سان ڏٺو، جيڪو انساني گڻن ۽ خوبين جو ته ڳٽڪو هو، پر ان سان گڏوگڏ لاڙڪاڻي ساهه سيباڻي جي ماضيءَ جي شام جي آخري جهلڪ هو، جتي وڻ وڻ جي ڪاٺي گڏ اچي ٿيندي هئي. لاڙڪاڻي جي شام جي آخري جهلڪ، انساني خوبين جو ڳٽڪو ۽ تاريخ ۾ خاموش ۽ وفادار سپوت لاڙڪاڻي جي ليکي ۾ نالو کڻبو ته امالڪ چئي سگهبو ته اهو سائين تاج محمد ابڙو هو. لاڙڪاڻي جي انهيءَ شام جي دؤر ۾ جنهن ماڻهوءَ جي اوتاري تي مون شاعر، اديب، دانشور، سياستدان، قومي ڪارڪنن ۽ ڪامورن تائين سڀني کي گڏ ٿيندي ڏٺو، مون حياتيءَ جي ڊوڙ ۾ ڳچيءَ پٽ تائين اختلاف رکندڙ هستين کي يڪجا ٿيندي ڪنهن هنڌ ڏٺو، ته اهو هو لاڙڪاڻي جي شام جو آخري اوتارو يعني سائين تاج محمد ابڙي جي اوطاق. مان ته انهيءَ اوتاري کي پاڻ لاءِ هونئن به ڀاڳ وارو ليکيان ٿو، جتي مون نه رڳو سياسي ميدان ۾ پنهنجي ديس جي گرن گنجن ۽ اٻوجهه انسانن سان ڀائپيءَ جو درس سکيو، پر سموري انسان ذات سان محبت جو پيچ پائڻ پرايم. انهيءَ اوتاري تي مون ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ، ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ، مولوي نذير حسين، ڪامريڊ جمال الدين بخاريءَ، حاجي محمد پيرزادي کان وٺي اياز قادري، سيد خادم حسين شاهه، ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌيءَ ۽ کوڙ سارين لائق هستين سان روح رهاڻيون ڪيون. انهيءَ اوتاري تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو به شام جو جهڪي هڻي اچي ويهندو هو، جنهن سان ڊگها ۽ اڻ کٽ بحث ٿيندا هئا. اسان گهڻو ڪري قوم پرستيءَ جي رءُ تي، ته وري ڀٽو صاحب اقتدار وسيلي سڀني مونجهارن کي نبيرڻ جو طرفدار رهيو. بهرحال انهيءَ سموريءَ ڪايا پلٽ جو مرڪز سائين تاج محمد ابڙي جي اوطاق يا اوتارو هو، ڇوته سائين تاج محمد ابڙو سنڌ جي روايتن ۽ انسانيت جي روشن پهلوئن جو امين هو ۽ انهيءَ روشن پهلو جو هڪ مکيه نقطو هو، هن وٽ محبت جو هڪ اڻ کٽ سلسلو هو، جنهن هيترا سارا عظيم انسان هڪ جاءِ تي گڏ ڪيا هئا، جنهن لاءِ چئي سگهجي ٿو ته: ”تنهن عشق کي شاباس، جنهن محبتي ميڙيا“. لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو، منهنجي جنم ڀومي، سياسي لحاظ کان سنڌ جي جفادري سياستدانن، معتبر وڏيرا شاهي ۽ ورهين کان قابض سياسي بازيگرن جو مرڪز رهيو آهي. ان ۾ سائين تاج محمد ابڙو هڪ اهڙي دؤر جو نمائندو هو، جيڪو پنهنجي بنيادي نقطي تان ڦرڻ جو ويچار ڪري به نه پئي سگهيو. ان ڪري سائين تاج محمد ابڙو سنڌ جي روايتي جهلڪ جي آخري شام به هو ته هڪ اهڙي دؤر جو نمائندو به هو، جنهن جي ڀيڄ ڀني ٿيڻ جي ابتدا ٿي رهي هئي. ان ڪري تاريخ جي هن خاموش ۽ وفادار سپوت سان انصاف تڏهن ٿي سگهندو، جڏهن سنڌ جي گود ۾ دائمي طور ستل اڏول انسان جي خوبين کي انسانيت جي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ وارو سمو ايندو ۽ انهن انسانن ۾ سائين تاج محمد ابڙو مٿانهون ۽ مانائتو نظر ايندو. مان هينئر به لاڙڪاڻي جي شام جي آخري جهلڪ واري اوتاري، پنهنجي سياسي سکيا جي اوطاق وٽان لنگهندو آهيان، پر اکيون کڻي تڪڻ جي همٿ ساري نه سگهندو آهيان، ڇوته: ”هنڌ اهي ماڳ، جَت نه رهيا جُوءِ ۾“ (روزانه ڪاوش، عوامي آواز، جاڳو، هلال پاڪستان، پڪار، آفتاب ۽ مهراڻ) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جو سجيلو سپوت يوسف لغاري سائين تاج محمد ابڙو صاحب لاءِ ٻه اکر لکڻ منهنجي لاءِ اعزاز آهي، پر اهو نڀائي سگهندس يا نه؟ انهيءَ جو فيصلو ته سندس دوست، ساٿي ۽ نظرياتي دوست ئي ڪري سگهندا. ان زماني ۾ جڏهن سنڌ تي ڏاڍ جا بادل پيا لامارو ڏيندا هئا، ڪجهه سنڌ جا سڄڻ، حيدر بخش جتوئي، جي ايم سيد، غلام محمد لغاري ۽ سوڀو گيانچنداڻي جيلن جي حوالي ته باقي ويچارا پاڻ نڀائڻ ۾ پورا. اهڙي ڪاري دؤر ۾ سنڌي ادبي سنگت ۽ ترقي پسند دوست، ويچارا ۽ بيوس هوندي به جاگيرداري، آفيسر شاهي، نوڪر شاهي ۽ صوبيدار شاهي جي خلاف پيا لڇندا هئا. سائين تا ج محمد ابڙو به انهن سنڌ جي سڄڻن مان هو، جيڪي سنڌ لاءِ پيا اٿندي ويهندي اڻهي سوچيندا هئا. حقيقت ۾ سنڌ جي تاريخ سياسي توڙي ثقافتي انهن دوستن ۽ ڪامريڊن کانسواءِ نامڪمل هوندي سائين تاج محمد جڏهن ۱۹۷۶ع ۾ سيشن جج ٿي ميرپورخاص ۾ آيو ته مون کي اڳئين به وڌيڪ برجستو ۽ پيارو محسوس ٿيو، پاڻ چوندو هو ته پهرين نه رڳو سنڌ جي ماڻهن کي انصاف نٿو ملي اهو پيو سوچيندو هئس، هاڻ ته اهو بارُ مٿي تي اچي پيو اٿم، شال نڀائي سگهان! اُن پنهنجي عهدي سان به نڀايائين ته اُن سوچ سان به نڀايائين. وطن، ڌرتي، ادب، ثقافت،، ٻوليءَ ۽ سچ سان کيس دل هوندي هئي. ياري نه رڳو رکي سگهندو هو پر نڀائڻ به ايندي هيس. مون کيس هن ملڪ ۾ هڪ ترقي پسند سوشلسٽ خيالن جو حامي ۽ ڌرتيءَ جي مسڪين ماڻهن جو حامي ڏٺو. دوستي ۽ مهمان نوازي سندس عادت بنجي چڪي هئي. ڪنهن به ڳالهه تي منطق کانسواءِ اعتبار نه آڻيندو هو. جيتوڻيڪ پاڻ دل ۽ ذيابيطس جي عارضي ۾ مبتلا هو پر اها بيماري سندس لاءِ وڏي بيماري ڪانه هئي، پنهنجي بيماري کان وڌيڪ سنڌ جي مسڪين ماروئڙن، ڏتڙيل ماڻهن، مظلومن جي لاءِ پيو پچرندو هو. ’’اسين ته وياسين گذاري ايندڙ نسل جو ڇا ٿيندو؟‘‘ هر دوست کان سندس سوال هوندو هو. جيتوڻيڪ پاڻ اسان وٽ موجود نه آهن پر هن موجوده دؤر جي سجاڳي ۽ شعورآڻڻ ۾ سندس ڪافي حصو رهيو آهي ۽ سندس نالي کان سواءِ سنڌ جي سياسي ادبي ۽ شعوري جدوجهد جي ڳالهه نامڪمل هوندي، جڏهن به ڪنهن دوست سنڌ جي سجاڳي ۽ شعور تي لکيو ته سندس نالو پهرين شعور آڻيندڙن ۾ هوندو. وقت ڪنهن جو ساٿ ڪونه ڏيندو آهي پر وقت سائين تاج محمد جهڙن جاکوڙي ۽ شعوري انسانن جي اڳيان مجبور به ته هوندو آهي ۽ سندس جدوجهد کي سدائين پيو نوڙي سلام ڪندو آهي. سائين تاج محمد وقت کي به هارائي ڇڏيو ۽ پنهنجي سچائيءَ، ايمانداريءَ ۽ شعوريءَ جدوجهد ذريعي پاڻ کي امر بڻائي ڇڏيو ۽ ايندڙ نسل لاءِ مشعل راهه ٿي ويو. (روزانه سوڀ، ڪاوش، هلال پاڪستان، عبرت، سچ، عوامي آواز) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سندس منزل - انقلاب جي منزل ڄام ساقي تاريخ انهن کي ڪڏهن به فراموش ناهي ڪندي، جيڪي ماڻهو خود تاريخ کي مرتب ڪندا آهن. معاشري ۾ هي ماڻهو ڪوبه ڪم مانَ مرتبي حاصل ڪرڻ لاءِ ناهن ڪندا، پر ان ڪم ۽ محنت، جدوجهد کي مڃتا سان نوازڻ معاشري جي مجبوري بڻجي پوندي آهي. ان فرد جي هر تخليق معاشري ۾ تبديلي جو باعث بڻجندي آهي، پر معاشري تي مسلط خيالات، حڪمران طبقي جا قدر، عام رواجي اخلاقيات ان فرد مٿان هر پل جبر طور لاڳو ٿيندا رهن ٿا، پر بغاوت جي عمل ۾ هي جبر اُن ماڻهو جي ارادن ۽ نظرين ۾ اڃا به طاقت پيدا ڪندا آهن، ته هو معاشري مان انهيءَ غلاظت کي ختم ڪري، هر جبر کي چئلينج ڪري ۽ عام عوام کي خوشحالي جي ضمانت ڏياري. ائين هن خطي به عظيم ذهن ۽ جدوجهد کي زندگي ارپيندڙ فرد ڏٺا آهن، پر انهن فردن هن خطي جي ڪنهن به اصول تي سودو نه ڪيو ۽ تيزي سان نوان محاذ تعمير ڪندي، انقلابي مقصدن کي پورهيت تائين پهچائيندي هڪ سوشلسٽ تبديلي لاءِ هن طبقي کي متحرڪ ڪندا رهيا. ائين ۸ آگسٽ ۱۹۲۴ع ۾ هڪ انقلابي جو جنم ٿيو، جيڪو اڳتي گهڻ رخي شخصيت جو حامل رهيو ۽ هي سڀ مثبت رخ ان ساٿي کي اڄ به زنده رکيو اچن، جيڪي شخصي طور تي اڄ اسان سان گڏ ناهن، پر اڄ ان جي سچائي، جدوجهد اسان سان گڏ آهي. اهو هو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، جنهن جو جنم ته لاڙڪاڻي ۾ ٿيو، پر ان جا آدرش پوري سنڌ توڙي پاڪستان ۾ گردش ڪندي پورهيت عوام لاءِ هڪ رهنمائي جو ڪم ڏيندا رهيا. اڄ ۸ آگسٽ تي ڪامريڊ تاج ابڙو جي سالگرهه آهي. ائين سمجهجي ڪامريڊ تاج جي جدوجهد کي سُرخ سلام پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي. جيئن ته اڄ جون حالتون جنهن ڪيفيت ۾ آهن، اهي هڪ وڏي تبديلي جون گهرجائون آهن. اها تبديلي ڪامريڊ تاج ۽ اسان سڀني گڏجي ڏٺي هئي، پر ان کي منزل نه ملي سگهي. اهي ڏينهن ۱۹۶۷ع، ۱۹۶۹ع جي تحريڪ جا هئا، جڏهن مڪمل پورهيت طبقو ميدان تي لٿل هو. ان عرصي ۾ ڪامريڊ تاج ڪميونسٽ پارٽي ۾ انتهائي سرگرم هو. هيءَ تحريڪ ايوبي آمريت جي دﺂر ۾ شروع ٿي هئي، جنهن نه صرف آمريت، پر سموري سماج جي ملڪيتي رشتن کي به چئلينج ڪري ڇڏيو هو. پوري پيداوار تي قبضو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو هو. انهيءَ عرصي ۾ ۱۹۵۰ع کان ۱۹۶۰ع تائين ڪامريڊ تاج ڪميونسٽ پارٽي ۾ وڏي جانفشاني سان ڪم ڪندا رهيا. انهيءَ مارڪسي فڪر جي ڪري ڪامريڊ هر محاذ تي سرگرم رهيا. هاري ڪميٽي ۾ رهي ڪري هارين کي وڏي پئماني تي متحرڪ ڪندا رهيا. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سان به گڏجي ڪامريڊ وڏي جدوجهد هلائي ۽ ساڻس گڏ به هوندا هئا. ڪامريڊ تاج محمد هڪ جج جي حيثيت ۾ جج وارو فرض ته نڀائيندا رهيا، پر پنهنجي سڃاڻپ وارو عام سادگي واري زندگي جو طبقو هميشه ساڻس گڏ رهيو. پاڻ وڪالت کي به وڏي زندگي ڏنائون، جنهن ۾ هنن مظلوم پورهيتن جا ڪيس مفت ۾ ڪورٽن ۾ پيش ڪيا ۽ ڪاميابي ماڻيائون. عام طرز جي سادگي هن ڪڏهن به پنهنجي شخصيت کان جدا نه ڪئي. اسين ڍاٽڪي ٻوليءَ ۾ جهونجهار ان کي چوندا آهيون، جيڪو مرڻ کان پوءِ به وڙهي سگهي، پوءِ اها ويڙهه هو پنهنجي تحريرن ذريعي جاري رکي، تنظيم جي ذريعي جاري رکي، اولاد جي ذريعي جاري رکي يا سنگت ساٿ جي ذريعي جاري رکي ته ان کي جهونجهار يا شهيد سڏي سگهجي ٿو. ايشيا ۾ اديبن جي وڏي ۾ وڏي تنظيم سنڌي ادبي سنگت آهي، جيڪا سنڌي ٻوليءَ لاءِ وڙهي ۽ ون يونٽ جي قهري ڪوٽ ڪيرائڻ ۾ ان جو وڏو هٿ آهي. ان سنڌي ادبي سنگت جي قيام جو پهريون ميڙ لاڙڪاڻي ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي گهر ٿيو. ائين ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ٻاريل لاٽ اڃا تائين ٻرندي اچي. جيستائين سنڌي ادبي سنگت رهندي، ان جا آندل نوان ادبي لاڙا رهندا. ڪامريڊ تاج محمد کي وساري نه سگهبو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جو ڊسٽرڪٽ سيشن جج هجڻ هن جي انقلابيت کي ماٺو ڪري نه سگهيو هو. سُٺا ۽ نوان ڪتاب پڙهندو ۽ پڙهائيندو هو ۽ سياسي روپوش ساٿين کي بنا کٽڪي گهر رهائي سگهندو هو. آءٌ به ضياءَ حڪومت جي ڏينهن ۾ وٽس ڪافي دفعا ويس. مالي مدد توڙي ماني ٽڪي کان سواءِ ڪڏهن به وڃڻ نه ڏيندو هو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو هاري ڪاميٽي جي ڏينهن ۾ پارٽي جو ڪُل وقتي انقلابي ساٿي به رهي چڪو هو. هن جي ڪمينٽمينٽ ۾ ڪڏهن به ڪمي ڪانه آئي. هُو سنڌي ادبي سنگت جو بنياد رکڻ وقت توڙي سياسي روپوش ساٿين کي ترسائڻ جي خطرن کان به ڀلي ڀت واقف هو، پر پوءِ به اهو سڀ ڪجهه ڪندو هو. سائين تاج محمد ابڙي کي اڃا تائين نه مرحوم لکڻ جي همٿ اٿم ۽ نه ئي سائين کي ڪڏهن تاج محمد سڏيم. اسين گهڻو جونيئر هوندي به سائين کي ”سائين تاج“ ئي سڏيندا هئاسين. سائين سنڌي ادبي سنگت هجي يا هاري ڪاميٽي، شاگردن جي سرگرمي هجي يا سنئين سڌي انقلابي هلچل، اسان کي هميشه ۽ هر طرح همٿائيندو رهيو. دنيا جي تازي ۾ تازي انقلابي ۽ سياسي لٽريچر هٿ ڪرڻ، پڙهڻ ۽ نوجوان دوستن کي پڙهائڻ جي ڪوشش ۾ سدائين رڌل هوندو هو. جهڙو هو صورت ۾ سهڻو ۽ سيرت ۾ صادق، اهڙو ئي محبت ۽ مڻيا وارو مانجهي مڙس هو. تمام ٿورن ماڻهن کي خبر هوندي ته هن مزدورن جي يونينن کي منظم ڪرڻ ۾ لاڙڪاڻي ليول تائين ۽ سنڌ هاري ڪاميٽي کي منظم ڪرڻ لاءِ سنڌ سطح تي ڪوششون به ڪيون ۽ هميشه وس آهر مدد به ڪئي. هاڻي سندس صالح اولاد پٽ توڙي نياڻيون سنگت ۽ ادب جي ذريعي هر جدوجهد ۾ شامل آهي ۽ تا دنيا رهندو. تڏهن ئي اسين هن کي صحيح معنيٰ ۾ جهونجهار چئي سگهون ٿا. چوندا آهن ته ماڻهو جي شخصيت جو دارومدار ان ماحول تي به هوندو آهي، جنهن ۾ هو پيدا ٿيندو آهي. ائين ڪامريڊ تاج جي پيدائش جنهن وقت ۾ ٿي، ان وقت روس اندر هڪ سوشلسٽ انقلاب به ٿي چڪو هو، جنهن جا اثرات هن برصغير تي به وڏي پئماني تي پيا هئا. اهو مارڪسي فڪر ۽ انقلاب ڪامريڊ تاج محمد ابڙو کي به ننڍپڻ کان ئي متاثر ڪندو رهيو. تنهن ڪري ئي ڪامريڊ پنهنجي وابستگي پورهيت طبقي سان هميشه برقرار رکي. پاڻ لاڙڪاڻي جي اندر سياسي، ثقافتي، ادبي سرگرمين ۾ به سرگرم رهيا، بلڪه اڳواڻي به ڪندا رهيا. لاڙڪاڻي اندر سنڌي ادبي سنگت جو بنياد رکندڙ به ڪامريڊ تاج هيا. ڪامريڊ هن سنگت جا جنرل سيڪريٽري به رهيا ۽ ادب ۾ تعلق کي اجاگر ڪندا رهيا. شاعري، نثر، نظم ۾ به پورهيت طبقي جي حالتِ زار جي ترجماني ڪندي ان کي وڌيڪ نکاريندا رهيا. ڪامريڊ تاج ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع کان ۱۹۸۳ع جي ايم.آر.ڊي تحريڪ به عروج تي هئي، جنهن ۾ پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن به وڏي قربانين سان آمريت کي چئلينج ڪيو. هڪ عظيم جدوجهد جو آغاز ڪيو، هيءَ جدوجهد به ڪامريڊ تاج لاءِ انتهائي اهم هئي، جنهن ۾ ڪامريڊ جو ڪردار آخري ڏينهن ۾ به رهيو، پر مجموعي تبديلي نه اچي سگهي. نظام اهو ئي رهيو، حالتون بدستور خراب ٿينديون رهيون. انهيءَ جو ڪارڻ ڪا مضبوط نظرياتي پارٽي نه هئي، جنهن جو ادراڪ ڪامريڊ تاج به رکيو پئي، پر ڪامريڊ جي زندگي اجازت نه ڏني، نه ته هيءَ کوٽ به ڪنهن نتيجي تي پهچي ها. ڪامريڊ تاج جو مقصد رائيگان ناهي ويو، ڇو ته ڪامريڊ تاج جيڪي حالتون ۱۹۵۰ع ۾ محسوس ڪيون، ۱۹۷۰ع کان ۱۹۸۰ع تائين ڏٺيون، اهي اڄ به موجود آهن. اهي آدرش اڄ جا نوجوان اڄ به سانڍيو اچن، جيئن مٿي جنهن تحريڪ جو ذڪر ڪيوسين، ان تحريڪ چيئرمين ذوالفقار علي ڀٽي کي به پيپلز پارٽي جي صورت ۾ نمودار ڪيو هو. اهي ۱۹۶۷ع کان ۱۹۶۹ع جي تحريڪ جا ڏينهن هئا، جنهن پاڪستان پيپلز پارٽي کي هڪ سوشلسٽ سماج جو منشور ڏيڻ تي مجبور ڪيو ۽ ڀٽي صاحب جي قيادت کي پيش ڪيو ۽ وڏي ڳالهه ته انهيءَ پروگرام جي ڪري ڀٽي صاحب ۽ ڪامريڊ تاج جي گهري وابستگي رهي ۽ دوستي به، جنهن ۾ هن خطي جي حالتن تي کوڙ سير حاصل بحث به ٿيا. ڀٽي صاحب ۽ ڪامريڊ تاج جو سفر به هڪ ئي رستي تي ٿيو، جنهن رستي تي پورهيت، هاري، شاگرد، نوجوان موجود هئا. ڪامريڊ تاج هڪ ئي وقت هڪ سياستدان، اديب، دانشور، وڪيل، جج ۽ هڪ عام انسان به هو، جنهن پنهنجي عمر جو وڏو عرصو جدوجهد کي ارپيو. ڪامريڊ جو مؤقف طبقاتي هو. هر مسئلي جو حل به ڪامريڊ تاج طبقاتي نظر سان ڏسندا هئا. اڄ ۸۶ هين سالگرهه هيءَ نويد ڏئي ٿي ته سماج کي تبديل ڪجي. ڪميونسٽ پارٽي گهڻن ئي مسئلن جو شڪار رهي ۽ ڪامريڊ تاج جهڙا ڪردار مسئلن جو شعور رکندي درست واٽ تي هلندا رهيا. ان واٽ جي چونڊ اسان سڀني ڪئي سين، جنهن ۾ تڪليفون به آيون، نظرين سان جٺ ٿيندي به ڏٺي سين، ماحول ۾ انقلاب کي ايندي به ڏٺوسين، پر منزل اڌوري ئي رهي، تنهن ڪري ڪامريڊ تاج محمد جي وابستگي ڪنهن ڪميونسٽ ليڊر سان ايتري نه رهي، جيتري ڀُٽي سان رهي. ان جو واحد سبب پيپلز پارٽي جي عوام ۾ حمايت هئي، بلڪه هڪ روايت بڻجي چڪي هئي، پر پيپلز پارٽي انهيءَ عوامي حمايت جو ادراڪ نه رکي سگهي، جنهن ڪارڻ ڀٽو صاحب کان وٺي بينظير تائين قربانين جو سلسلو جاري رهيو. هاري ڪميٽي ۾ تاج جون خدمتون اڄ به هارين لاءِ مشعلِ راهه آهن. سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي ۾ جيڪي پير پاتا، اهي به ڪامريڊ تاج جون سرگرميون هيون. هڪ انسان ايترو ڪجهه به ڪري سگهي ٿو، اهو اندازو لڳائڻ لاءِ ڪامريڊ تاج ابڙو کان وڌيڪ مثال مشڪل سان ملندو. هونئن به ڪنهن جي وڃڻ سان ڪو گڏجي ناهي ويندو، پر ان سان گهاريل ڏينهن ۽ قربانيون ڪڏهن به ناهن وسرنديون. اهي هميشه ساٿين جي ذهنن تي زنده رهن ٿيون. ڪامريڊ تاج سميت کوڙ انقلابين جي جدوجهد جاري آهي. اها تيستائين رهندي، جيستائين ظالم، مظلوم، امير، غريب، مزدور، سرمائيدار رهندو. انهيءَ لاءِ زندگي سڀ گذاريندا آهن، پر ڪي ڪي ماڻهو زندگي انقلاب کي، جدوجهد کي ارپيندا آهن. انهن مان ڪامريڊ تاج محمد ابڙو به هڪ آهي. روس انقلاب جي عظيم ليڊر ليون ٽراٽسڪي، ڪامريڊ تاج جهڙن لاءِ ئي لکيو هو ته: ”زندگي گذارڻ آسان ناهي، جيستائين انسان وٽ ڪو عظيم مقصد نه هجي، جيڪو انسان کي نيچ پڻي کان، ذلت کان بلند ڪري.“ انسان ڪٿي نه ڪٿي مري وڃي ٿو، کپي وڃي ٿو، جهڪي وڃي ٿو، وڪامجي وڃي ٿو، تنهن ڪري ڪامريڊ تاج محمد جا مقصد هر شيءِ کان مٿانهون هيا، جيڪي پوري تاريخ ۾ هميشه روشن مقام تي رهندا. (روزانه سوڀ، هلال پاڪستان، عبرت، سچ، عوامي آواز، سنڌ، هلچل، سنڌو، پڪار، سڪار) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جي ناقابلِ فراموش شخصيت عبدالغفور ڀرڳڙي تاج محمد ابڙو ۱۹۲۴ع ۾ ڄائو. قمبر، لاڙڪاڻي ۽ ڪراچيءَ ۾ تعليم ورتائين. مون کان اٽڪل ٽي سال ننڍو هو. مان کيس شاگرديءَ جي دؤر کان سڃاڻيندو هوس. مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ پُرجوش بهرو ورتائين. ان وقت هندستان جا نوانوي سيڪڙو شاگرد سياست جي تحريڪ ۾ هئا. ڀلا اهڙي وقت ۾ تاج محمد ابڙو ڪٿي پئي سياست کان ٻاهر رهي سگهيو! ۱۹۴۷ع ڌاري لاڙڪاڻي ۾ وڪالت شروع ڪيائين. اوائل ۾ مرحوم شمس الدين ابڙي سان گڏ ڪم ڪيائين، جو لاڙڪاڻي ضلعي جو مشهور فوجداري وڪيل هو. ڪجهه عرصي بعد الڳ ٿي ڪم ڪيائين. سندس وڪالت اڪثر ڪري فوجداري ڪيسن سان تعلق رکندڙ هئي، مگر ائين هرگز نه آهي ته سول قانون کان اڻڄاڻ هو. ڪيترن موقعن تي هُو سول ڪيس به هلائيندو هو ۽ ڪاميابيءَ سان هلائيندو هو، مگر فوجداري معاملن تي وڌيڪ دسترس هيس. هو وڏيءَ سنگت ساٿ وارو انسان هو. پئسي سان پيار به گهٽ هيس. تنهنڪري دوستيءَ ۾ ڪيترا ڪيس مفت ۾ کڻندو هو. جيڪا ڪمائي هوندي هيس، سا گهڻي قدر مهمان نوازيءَ تي خرچ ڪندو هو، تنهنڪري بچت ڪانه هوندي هيس. هن ۾ اها وڏي خوبي هوندي هئي جو اصيلن کي نه غلط مشورا ڏيندو هو، نه وري اجايا ڏٽا ۽ نه ئي ڪوڙا دلاسا ئي ڏيندو هو. سندس هٿ آئيني جيان صاف رهيا ۽ پنهنجي عزت ڀرئي ڌنڌي کي ڪوبه داغ لائڻ ڪونه ڏنائين. جج: جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو وزيراعظم ٿيو، ته کيس سيشن جج مقرر ڪيو ويو. سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ رهيو. ڪافي وڪيل ۽ سياسي ورڪر ۽ ليڊر هر شهر ۾ سندس دوست هئا. عدليه ڪنهن به ملڪ جو اهم ترين ٿنڀو آهي ۽ ويچارا مظلوم ٻين سڀني کاتن ۽ وڏن ماڻهن جي زيادتين کان پناهه لاءِ عدليه جو دروازو کڙڪائيندا آهن. تاج محمد ابڙي پنهنجي ججيءَ دوران فرض ادائيءَ ۾ ڪوتاهي ڪانه ڪئي. ڪنهن کان به مرعوب ٿي يا ڪنهن به لالچ ۾ اچي يا سفارش جو شڪار ٿي، بي انصافي نه ڪيائين، جيڪا مون کي ذاتي ڄاڻ آهي. هُو انهن سڀني ڳالهين کان تمام گهڻو مٿانهون رهيو ۽ نه وري ڪنهن کي جرئت ئي ٿيندي هئي جو کيس ڪو آڇ ڪري سگهي. البته اها ٻي ڳالهه آهي، جو ڪنهن ساده لوح ڌر ڪنهن جي وڪڙ ۾ اچي پاڻ ڦرايو هجي. جج جي حيثيت ۾ مسٽر تاج محمد ابڙو ڌرين خواهه وڪيلن سان تمام سٺي نموني پيش ايندو هو ۽ ڪنهن کي به شڪايت ڪانه هوندي هئي. هو سڀني کي غور ۽ صبر سان ٻڌندو هو. حقائق ۽ قانوني پوزيشن تي پوري غور بعد ئي فيصلو ڏيندو هو. عزت ۽ آبروءَ سان رٽائر ڪيائين، مگر پئسي جي معاملي ۾ ساڳيو ئي غريب رهيو. تاج محمد ابڙي عزت کي دنيا ۽ دولت مٿان ترجيح ڏني. معاشري ۾ مقام: اسان جو معاشرو ڪو سولو معاشرو ته نه آهي. هر قسم جا ماڻهو ان ۾ موجود آهن. اسان وٽ خوشامد، منافقي ۽ ڪوڙ عام جام رهيو آهي ۽ اڃا به ايتري نقصان باوجود اسين سکيا ڪونه آهيون. جيئن ٿڌ تيئن وڌ. تاج محمد ابڙي جو واسطو هر طبقي سان پيو، مگر پاند نه پسايائين، ڪنهن کي نه رنجايائين، نه ڪنهن جي شڪايت ڪيائين. هر ڪنهن سان چڱائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين. وٽس تهذيبي اخلاق جا انبار هئا. اٿڻ، ويهڻ جو طريقو ۽ گفتگو جو انداز ڪو هن کان سکي. ڪنهن کي برو ڀلو چوندي مون هن جي زبان مان ڪڏهن به ڪونه ٻڌو. پنهنجي محدود وسائل باوجود هن مهمان نوازيءَ جا فرض خوب بجا آندا. جيڪڏهن سرمائيدار هجي ها ته سخاوت جو وڏو ڌاڪو ڄميس ها. مگر هن عوامي ۽ سچائيءَ واري زندگي بسر ڪرڻ مناسب سمجهي. فقير راهه نشين است ودل غني دارد (دل جو غريب نه هو مگر غني هو.) ذهانت ۽ مطالعو: تاج محمد ابڙي جهڙا ذهين انسان مون پنهنجي حياتيءَ ۾ ڏاڍا گهٽ ڏٺا آهن، مگر هن ۾ جيڪا ڪمي مون محسوس ڪئي، سا اها هئي جو هن پنهنجي گهري مطالعي ۽ ذهانت جو مظاهرو ۽ نمائش ڪانه ڪئي. سندس معلومات وسيع هئي. سندس ذهن تعميري هو ۽ سندس مطالعو سطحي نه هو. جيڪڏهن ڪو ساڻس خيالن جي ڏي وٺ ڪري ها ته ان کي پتو پوي ها ته تاج محمد ابڙو نه صرف پڙهيو هو، پر ڪڙهيو به هو. هن کي نه صرف ڪتابي علم هو، پر کيس زماني جو عملي تجربو به هو. هن زندگيءَ ۾ سرديون، گرميون ۽ لاها چاڙها سڀ ڏٺا هئا، جنهن جي روشنيءَ ۾ هو راهه متعين ڪري سگهندو هو. پر منهنجي نظر ۾ هن جي روشن خياليءَ ۽ اعليٰ ذهانت مان ڪنهن گهٽ ئي فائدو ورتو. هن دؤر ۾ جڏهن هرڪو پاڻ کي ارسطو ۽ افلاطون کان گهٽ ڪونه ٿو سمجهي، اتي ڪنهن کي سمجهائڻ، قبرستان ۾ آذان ڏيڻ جي برابر آهي. اها جدا ڳالهه آهي ته ڪنهن وٽ ايترا وسائل ۽ اهڙا طريقا هجن، جو پنهنجن خيالن جي مشهوري ڪرائي، پاڻ کي جڳ مشهور دانشور سڏائي. پر تاج محمد ابڙي وٽ اهي طريقا هئا ئي ڪونه. لاڙڪاڻي ۾ هو سنڌي ادبي سنگت جو به روح روان هو. سندس علم ۽ عقل مان ڪنهن فائدو نه ورتو. هُو ته بيابان ۾ هڪ خوشبودار گُل هو، جنهن جي سڳنڌ جي سُڌ ٿورن کي نصيب ٿي هوندي. من مثل لالئه صحرا هستم سياست: اگرچه سياست سان سندس گهڻو واسطو هو، تاهم سياست جي افق تي گهڻو اُڀري نه سگهيو. جنهن انسان کي پنهنجا اصول ۽ اقدار پيارا آهن، ان جو گهڻو اسرڻ ڏکيو آهي. جتي سياست ۾ پئسي جي راند هجي، جتي سياست جو ٻيو نالو لالچ هجي، جتي سياست منافقي ۽ بي اصولي هجي، جتي سياست ۾ دلالي ۽ رشوت هجي، جتي سياست ۾ غنڊا گردي ۽ ڊڪٽيٽري هجي، اتي تاج محمد ابڙي جهڙن انسانن جي ضرورت ڪهڙي آهي! تاج محمد ابڙو بنيادي طرح سوشلسٽ ۽ جمهوري خيالن جو زبردست حامي هو. اهو ئي سبب هو، جو هُو هاري ڪاميٽي ۾ ٻين ترقي پسند ٽولن ڏانهن گهلي ويو. اتي هن اصلاح آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ باهمي ڪشيده ليڊرشپ کي ٺاهڻ جي ڪوشش ڪيائين، تاڪه پروگرام کي اڳتي وڌائي سگهجي، پر سندس بهترين ڪوششون به هن سلسلي ۾ ناڪام رهيون. لاڙڪاڻو ضلعو سياسي ليڊرن جي سرزمين رهي آهي، اتي مختلف خيالن جا مخالف سياستدان پئي رهيا آهن. اقتدار جي سياست ۾ تاج محمد ابڙي جي وقت ۾ محمد ايوب کهڙو، قاضي فضل الله ۽ ذوالفقار علي ڀٽو اعليٰ مقام تي رهيا هئا. خاص ڪري ڀٽو صاحب ته هڪ بين الاقوامي ليڊر جي حيثيت اختيار ڪري چڪو هو. مسلم دنيا ۽ ٽينءَ دنيا جو مڃيل ليڊر هو، مگر ٽنهي سياستدانن جي باهمي رقابت ۽ ڪشمڪش جو به سڀني کي اندازو آهي. پر اها ڳالهه وڏي تعجب واري آهي، جو ٽنهي صاحبن سان تاج محمد ابڙي جا تمام گهرا ۽ ويجها تعلقات هئا. شايد ڪو اڻ واقف ماڻهو ائين چوي ته تاج محمد ابڙو هڪڙي جي سامهون ٻئي جي گلا ڪري سرخرو ٿيندو هوندو ۽ فائدن وٺڻ جي ڪوشش ڪندو هوندو. ائين چوڻ حقيقت کان دور ئي ٿيندو. لاڙڪاڻي جي انهن ليڊرن کي چڱيءَ طرح ڄاڻ هئي ته تاج محمد صاحب جا تعلقات سڀني ليڊرن سان هئا. سندس گفتگو ۾ اها مٺاڻ ۽ حقيقت هئي، جو تاج محمد ابڙي جي سچائي ۽ ذهني پختگيءَ کان ڪوبه انڪار ڪونه ڪري پئي سگهيو. ان کان سواءِ هن ڪنهن کان به پرمٽ، پلاٽ، لائسنس ۽ فائدن جي گُهر ڪڏهن به ڪانه ڪئي، تنهنڪري سندس خلوص تي ڪوبه شڪ ڪري ڪونه پئي سگهيو. ڀٽو صاحب تنهنڪري مناسب سمجهيو ته اهڙي ديانتدار، اصول پرست ۽ اهليت رکندڙ شخص کي سيشن جج بڻايو وڃي، تنهنڪري هُو سيشن جج ٿيو. اها حقيقت ٻڌائڻ به ضروري آهي ته ڀٽي صاحب سان گهرا تعلقات هجڻ باوجود تاج محمد ابڙي ۱۹۶۵ع جي صدارتي انتخاب ۾ ايوب خان جي بجاءِ محترمه فاطمه جناح جي مدد ڪئي. مگر هن جي ڪم ڪرڻ جو طريقو پنهنجو هوندو هو. هُو سکڻي ڪُني وانگر ڪونه اڀامندو هو، مگر هن اندران ئي اندران هڪ ڊڪٽيٽر خلاف مقصد حاصل ڪرڻ جو طريقو اختيار ڪيو. شهيد ذوالفقار علي ان وقت وزير هجڻ جي حيثيت ۾ ايوب خان جي مدد ڪئي. بيماري ۽ وفات: تاج محمد صاحب جڏهن جج هو، تڏهن ناچاق رهندو هو. کيس دل جي تڪليف ۽ ذيابيطس جا مرض لاحق هوندا هئا. مون ڏٺو ته هُو کاڌي جي پرهيز به گهڻي ڪندو هو ۽ علاج جاري رهندو هوس، مگر انهن بيمارين کيس نه ڇڏيو. مون کي عجب ٿيندو هو ته پنهنجين بيمارين ۽ تڪليفن جو ذڪر گهڻو ڪونه ڪندو هو. ورنه ڪيترن ماڻهن جي اها طبيعت هوندي آهي، جو تڪليف ده ذڪر شروع ڪري ڏيندا آهن. تاج محمد صاحب وانگر بيمارين باوجود ماڻهن سان خنده پيشاني سان ملڻ هر ڪنهن جي وس ۾ نه آهي، مگر تاج محمد صاحب جي طبيعت ان جي برعڪس هئي، هر ڪنهن سان پنهنجي تڪليف جو ذڪر ڪري مغموم ڪرڻ نه پئي چاهيائين. نيٺ بيماري وڌندي وئي، ڦڪين ڪو فرق نه ڪيو، ڇوته حڪم الاهي ائين ڪونه هو. تون حبيب تون طبيب، تون دارون کي دردن تون ڏئين تون لاهين، ڏاتر کي ڏکندن تڏهن ڦڪيون فرق ڪن، جڏهن امر ڪيو ان کي نيٺ قضا مٿان اچي بيٺي. ڪنهن به ڊاڪٽر جي علاج مان فائدو ڪونه پيو. آخرڪار ۱۰ مارچ تي وڃي پنهنجي حقيقي خالق سان مليو. سنڌ هڪ دانشمند ۽ مهمان نواز دانشور انسان کان محروم ٿي وئي. ڪاش هن موت کي شل موت اچي، جو اهڙن عظيم انسانن کي ايڏو جلد جدا ٿو ڪري. الله تعاليٰ جون مٿس بيشمار رحمتون هجن. (روزانه عوامي آواز، هلال پاڪستان، سنڌ سجاڳ، تعميرِ سنڌ، عبرت) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو هڪ آدرشي انسان ڊاڪٽر غلام علي الانا ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جو نالو سنڌ واسين جي ذهين تان ڪجهه جهڪو ٿي ويو آهي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سچ پچ ته ڪو معمولي ماڻهو نه هو. سندس دوستن ۾ جڳ مشهور شخصيتون شامل هيون، جن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي، سائين جي ايم سيد، جمال الدين بخاري، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کانسواءِ خان عبدالولي خان، محترم عطاءَ الله مينگل ۽ حيدرآباد جي امير برادران مير علي احمد خان ٽالپر ۽ ميرل رسول بخش خان ٽالپر جا نالا وڏي فخر سان وٺي سگهجن ٿا. هو پنهنجي زماني جو هڪ مثالي ماڻهو ۽ آدرشي انسان هو، هو هڪ ايماندار جج ۽ هڪ دانشور طور سڄي سنڌ ۾ ڄاتو ۽ سڃاتو ويندو هو. مرحوم سان منهنجي ملاقات، مرحوم ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي صاحب جي اوطاق تي لاڙڪاڻي ۾ ٿي، آءٌ تڏهن سنڌ يونيورسٽي طرفان ٿيندڙ امتحانن جي سلسلي ۾ لاڙڪاڻو ويو هوس، مرحوم کي سنڌو تهذيب جي باري ۾ وڏي ڄاڻ هئي، پاڻ جڏهن مون کي موهن جي دڙي ڏيکارڻ لاءِ وٺي ويو هو. تڏهن هڪ ماهر، سنڌ شناس وانگر سنڌو تهذيب جي باري ۾ تمام گهڻي معلومات ڏنائين. ائين پئي محسوس ٿيو ته موهن جي دڙي جون ڀٽون ڀڙا، ديوارون، ڳليون ۽ ناليون ساڻس ڳالهائي رهيون هيون ۽ هو اهي ڳالهيون مون کي ٻڌائيندو رهيو، هو جڏهن مون وٽ سنڌالاجي گهمڻ آيو. تڏهن مون سنڌالاجي جي مستقبل جي پروگرامن جي باري ۾ کيس ڄاڻي ڏني. جنهن تي هو ڏاڍو خوش ٿيا ۽ سنڌالاجي جي مدد جون وڏيون اُميدون ڏيکاريائون. سندن سياسي سوچ مان محسوس ٿيندو هو ته هو سنڌ جو هڪ سڄاڻ ۽ ڏاهو شخص هو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي صحبت جو مٿس گهرو اثر ٿيل هو، سندس دل ۾ سنڌي قو م لاءِ جيڪو درد ۽ احساس هو، ان مان ائين محسوس ٿيندو هو ته مرحوم چاهي ٿو ته سنڌ جا ماڻهو سستي ڇڏين ۽ پنهنجي وطن لاءِ اڻٿڪ ڪوشش ڪن ۽ سنڌ کي بين الاقوامي درجي ڏيارڻ لاءِ پاڻ پتوڙين. مون کي اها خبر نه آهي ته سندس وڏا ڪير هئا ۽ انهن جي مالي حالت ڪهڙي هئي، پر پاڻ هميشه خوش پوش ۽ خوشحال نظر ايندا هئا. مرحوم ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو چوندو هو ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جي نياڻين جي تعليم لاءِ هميشه سرگردان هوندو هو. مرحوم تاج محمد ابڙي هڪ اصول ٺاهيو هو. جنهن موجب هو چوندو هو ته جيستائين سنڌي مائرون اڻ پڙهيل هونديون، تيستائين سنڌي معاشرو نه سُڌري سگهندو ۽ نه ئي وري ترقي ڪري سگهندو. انهيءَ اصول تحت هن سڀ کان پهرين پنهنجي پاڙي جي نياڻين کي تعليم جي زيورن سان سينگارڻ جي مهم شروع ڪئي، سندس انهيءَ جذبي جو ماڻهو به گهڻو قدر ڪيو. ساڻس ساٿ ڏنائون ۽ پنهنجين نياڻين کي پڙهائڻ جو عزم ڪيائون، ڪيتريون ئي نياڻيون پڙهي پيون. انهن مان ڪي ڊاڪٽرياڻيون بڻيون ته ڪي وري ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ استاد بڻيون ۽ ٻين نياڻين کي علم جي نور سان منور ڪيائون. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جيئن اسان سڀني کي معلوم آهي ته هو هڪ صحافي پڻ هو ۽ روزانه الوحيد اخبار جو ڪجهه ڏينهن ايڊيٽر پڻ رهيو، مرحوم هڪ مشهور سماج سُڌار شخصيت به هو، پنهنجي چوڌاري واري سماجي ماحول ۾ رائج اڍنگين ۽ خراب رسمن ۽ برين عادتن کي وڌندو ڏسي پنهنجي هڪ هفتيوار اخبار به ڪڍيائين، جنهن جو نالو رکيائين ”نوجوان“ پر اها اخبار گهڻو وقت هلي ڪا نه سگهي. آءٌ جڏهن اوپن يونيورسٽي اسلام آباد ۾ هوس تنهن زماني ۾ ۱۹۸۵ع ۾ لاڙڪاڻي ويس، ڇاڪاڻ ته مون کي فاصلائي نظام تعليم جي سلسلي ۾ اُتر سنڌ ۾ اوپن يونيورسٽيءَ جو ريجل دفتر ۽ مطالعاتي مرڪز قائم ڪرڻا هئا. ان سلسلي ۾ مون پنهنجي سفر جو آغاز گھوٽڪيءَ کان ڪيو ۽ پوءِ سکر، شڪارپور، جيڪب آباد، خيرپور ۽ آخر ۾ لاڙڪاڻي ويس. لاڙڪاڻي ۾ مرحوم تاج محمد ابڙي سان سندس اوطاق تي ڪافي وقت گذاريو. ٻيا دوست به اتي ئي آيا اسان جي اها ملاقات ڪافي سالن کانپوءِ ٿي هئي، هو مون کي گهڻو نئون نظر آيو، زندگي ۾ ڊگهو سفر ڪيو هئائين. ماستريءَ جهڙي پيغمبرانه ڌنڌي کان شروعات ڪئي هئائين پوءِ وڪيل بڻيو، سياست ۾ سرگرم رهيو، سماجي ڪارڪن رهيو ۽ آخر ۾ سيشن ڪورٽ جو جج مقرر ٿيو. سندس ڳالهين مان ظاهر هو ته هن پنهنجي انهيءَ پوري سفر کي هڪ ڪامياب سفر ٿي تصور ڪيو. هو پنهنجي زندگيءَ مان بيزار اصل نه هو پنهنجي ڪيل پورهئي ۽ ڪمائي تي گهڻو فخر هوس. البته آخري ڏينهن مٺي پيشاپ ۽ دمه جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويو، پر تنهن هوندي به ٿڪو نه هو، همت ڪا نه هاري هئائين، هو دلشڪستو هرگز نه هو، پنهنجي ايماندارانه ۽ بي داغ زندگي تي ناز هوس، هو ڏاڍو مطمئن هو، ان ملاقات ۾ هن مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو هو. اهو تاج محمد ابڙو نه هو جيڪو مون ڪجهه عرصو اڳ ڏٺو هو، هو پنهنجي سر هڪ انجمن هو، هڪ ادارو هو، هو مون کي هڪ صحيح مڻيادار انسان نظر آيو، منجهس ڪئين گڻ هئا جيڪي بکي رهيا هئا. اهڙا ماڻهو مرندا نه آهن، اهي هميشه زنده هوندا آهن، ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جهڙا آدرشي انسان اصل مرندا نه آهن، اهي هميشه زنده رهندا آهن. اهڙن امر انسانن جا ڇڏيل اصول سندن اولاد جي رهنمائي ڪندا آهن. مرحوم جو اولاد به، سندن والد جيان لائق ۽ فائق آهي. منهنجي دعا آهي ته موليٰ ڪريم مرحوم جي اولاد کي پنهنجي لائق ۽ آدرشي پيءُ جي نقش قدم تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ سندس اولاد کي اها همٿ ۽ سگهه ڏئي ته جيئن اهي به پنهنجي عظيم پيءُ جي اميدن تي پورا رهندا اچن. (روزانه سوڀ، ڪاوش، هلال پاڪستان، عبرت، سچ، عوامي آواز، سنڌ، مهراڻ، مقدمو، هلچل) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو منهنجو دوست، منهنجو ڀاءُ جمال ابڙو چڱن ماڻهن جي کوٽ ڪانهي. علامه دائود پوٽو، تاج محمد ابڙو، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، قاضي فيض محمد، تاج صحرائي، مولوي احمد ملاح ۽ ٻيا اڪيچار، جن مان هرهڪ تي جدا جدا ڪتاب لکي سگهجي ٿو، پر حياتيءَ تي ڀروسو ڪونه اٿم ته ڪو ايڏو وڏو ڪم ڪري سگهندس. تاج محمد ابڙو تمام ذهين ۽ اونهي سوچ وارو ماڻهو هو. هڪڙو تاج محمد ابڙو ئي هو، جنهن سان مان کلي ڳالهائي سگهندو هئس. حالانڪه تاج محمد اسان جو ڪو مائٽ ڪونه ٿي لڳو، پر تعلقات ڀائرن جهڙا هئس. امڙ جي وفات تي تاج محمد ابڙو پهتو ته جنازو روڪرائي چيائين ته: مان منهن ڏسندس، سو کيس منهن ڏيکاريو ويو. امڙ تاج محمد ابڙي سان به اسان پٽن جهڙو پيار ڪندي هئي. تاج محمد ابڙي سان ياراني پڪي هيم، جو مان کاٻيءَ ڌر جي تحريڪن، هاري پارٽيءَ ۽ مزدور يونين ۾ ڪم ڪرڻ لڳس. مون پنهنجي وڪالت جي آفيس ۾ پاڪ سوويت دوستيءَ جي انجمن کولي. اهو آئيڊيا به تاج محمد جو هو ۽ همٿائڻ به ان جو هو. سوويت لٽريچر جي لئبرري به اتي ئي قائم ڪيم. مون تي ايڏو ڀروسو ڪيو ويو، جو ڪميونسٽ پارٽيءَ جون ميٽنگون به اتي ڪيون وينديون هيون. اهو ڪرشمو به تاج محمد ابڙي جو هو. سرڪار مير علي احمد ٽالپر، شيخ اياز ۽ تاج محمد ابڙو ڪتابن جا عاشق هئا ۽ ڪنهن کي به ڪتاب ڪونه ڏيندا هئا. تاج محمد ابڙو، ذوالفقار علي ڀٽي کي ڪافي ويجهو هو ۽ سندس نجي محفلن جو رڪن هو. مون تاج محمد کي چيو ته ڇو نه ڀٽي صاحب کي چئي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي کي جيل مان آزاد ڪرائجي. تاج محمد کي اها ڳالهه پسند آئي ۽ هن ڀٽي صاحب سان ڳالهايو. ڀٽو صاحب خود ان خيال جو هو ته روس سان لاڳاپا وڌائجن، سو هڪدم هائو ڪيائين. سوڀو گيانچنداڻي جيل مان نڪري گهر آيو. ذوالفقار علي ڀٽي بعد ۾ تاج محمد کي چيو ته هو ڪميونسٽ پارٽيءَ تان بندش لاهي پيو ۽ ڀلي پارٽي کلم کلا پنهنجي منشور مطابق ڪم ڪري. ڀٽي صاحب ائين ڪري به ڏيکاريو، پر پارٽيءَ وارا ٻاهر ڪونه نڪتا. سو ذوالفقار علي ڀٽي، تاج محمد کي چيو ته هاڻي چئه نه پنهنجي دوست کي ته هو ڪميونسٽ پارٽيءَ کي بي ڌڙڪ منظم ڪري. تاج محمد به تمام ذهين ۽ اونهي سوچ وارو ماڻهو هو، سو مون سان صلاح ڪيائين. مون چيو ته بظاهر ته اها ڳالهه ٺيڪ ٿي لڳي، باقي فيصلو ڪامريڊ سوڀو ڪندو. مان ۽ تاج محمد ابڙو ڪامريڊ سوڀي سان سندس ڳوٺ ٻنڊي ملڻ وياسون. ڪامريڊ سوڀي ٺهه پهه جواب ڏنو ته واهه جو ٿا ڏس ڏيوم ته هٿ وٺي سڀ پارٽي ميمبر ۽ ڪارڪن ظاهر ڪري پليٽ تي رکي ڀٽي صاحب کي ڏيان ته جڏهن وڻين، تڏهن کين واڙي جيل ۾ وجهي ڇڏين. اسين ٻئي ماٺ تي وياسون. پنهنجي وزن جو پتو پئجي ويو ته سوڀي گيانچنداڻيءَ جي ڀيٽ ۾ اسين ڇوڪراٽ يا سيکڙاٽ هئاسين. هڪ ٻيو واقعو ياد ٿو اچيم. ٿيو ائين جو حيدر بخش جتوئي جيل ۾ واڙجي ويو. ڪامريڊ عبدالقادر وري چڱو مڙس، نرم مزاج ۽ اختلافي راءِ کي ريٽڻ وارو ماڻهو، انهيءَ صورتحال جو فائدو وٺي هاري پارٽيءَ جي ڪن جوشيلن حقيقت ۾ پاڻ هرتڙن پارٽيءَ اندر سٽل، ڪي پنهنجا من پسند صدر، سيڪريٽري ۽ ٻيا عهديدار چونڊي بالم ٿي ويهي رهيا. مولوي نذير حسين جتوئي به ساڻن شامل هو ۽ عهدو به قبول ڪيو هئائين. پارٽيءَ فيصلو ڪيو ته انهيءَ صورتحال جو توڙ ڪيو وڃي ۽ بلڪل زائل ڪيو وڃي. انهيءَ ڪم لاءِ تاج محمد ابڙي ۽ مون کي ذميواري سونپي وئي. پتو ئي نه پوي ته ڇا ڪجي؟ هنن يارن ڇا ڪيو جو اخبارن ۾ خبرون ڇپائي پاڻ عهدن تي قابض ٿي ويهي رهيا. تاج محمد تمام گهڻو ذهين ماڻهو هو، سو حل ڪڍي آيو. چيائين ته هاري ڪميٽيءَ جي ميٽنگ ۽ ڪاروائيءَ جا من پسند فيصلا لکي هاري حقدار اخبار ۾ ڇپائي ٿا ڇڏيون. انهيءَ جڙتو ميٽنگ جي ڪاروائي، بحث مباحثا ۽ سوال جواب اهڙي نموني لکياسون، جو سود پود سچ ٿي لڳو. هاري حقدار جو پرچو ڇپائڻ لاءِ حيدرآباد هاري آفيس ۾ وڃڻو هو. ڏهه پندرهن روپيا مون کي ۽ ڏهه پندرهن روپيا تاج محمد کي، ريل جي ٿرڊ ڪلاس گاڏيءَ ۾ حيدرآباد لاءِ چڙهي پياسون. تاج محمد چوي ته ڪو مسئلو ئي ڪونهي، سڀاڻي هلنداسون هاري حقدار پريس، اتي فلاڻا فلاڻا منهنجا واقف آهن، بس موادMatter ڪمپوز ڪري هڪ ڏينهن ۾ پرچو ڪڍي ڏيندا. ٻئي ڏينهن صبح جو تاج محمد ۽ مان نيرانو نڪري پياسون. نيرن يا ناشتي جو آسرو به ڪونه هئو. ڀيڙيوسين پيرين پنڌ کي. اچي گاڏي کاتي ۾ حقدار پريس تي پهتاسون ته ٻه ويون ڇهه به ويون. هاري حقدار پريس توڙي آفيس کي تالو لڳو پيو هو. ٻڌايائون ته گورنمينٽ بندش وجهي ڇڏي آهي. چيائين: جمال! ٻيلي ڪا واهه ڪڍ، پرچو ضرور ڪڍڻو آهي. مون کي محترم محمد عثمان ڏيپلائي سمجهه ۾ آيو. انهيءَ جي پريس به ڀرسان ئي کوکر پاڙي ۾ هئي، جتان عبرت اخبار ڪڍندو هو. تاج محمد کي چيم ته هل ته ڏيپلائي صاحب وٽ ٿا هلون. سرهائيءَ سان چيائين ته يار وارو ڪر! ڏيپلائي صاحب وٽ وياسون ته کلي کيڪاريائين. جڏهن احوال ٻڌايوسونس ۽ مدد لاءِ چيوسونس ته بنا للي چپيءَ جي صاف انڪار ڪيائين. چي: اهو بلڪل غير قانوني ڪم آهي، اخبار رڳو اتي ڇپجي سگهي ٿي، جتان سرڪاري طرح ڇپائي Publish ڪئي ويندي هجي. تاج محمد مون ڏي منهن ڪري چيو: ابا ٻڌو؟ چيومانس: ڏيپلائي صاحب! ڪا واٽ ڪڍي ڏيو. گنڀير ٿي چيائين ته: توهان کي اها خبر به ڪانهي ته هاري حقدار پريس توڙي هاري حقدار اخبار تي بندش پيل آهي. اول ته اها بندش لهرايو، پوءِ ڇپائڻ جي ڳالهه ڪيو. مون پڇيو ته بندش ڪير لاهيندو؟ چيائين ته ڊي.سي جنهن کي ڊي.ايم يعني ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ چئبو هو. چيم واهه! واٽ ته نڪري آئي. پڇيم ته ڏيپلائي صاحب! ٻڌاءِ ته ڇا اي.ڊي.ايم (ائڊيشنل ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ) کي به اهي اختيار آهن؟ چيائين: ساڳي ڳالهه آهي، جهڙو هو تهڙو هو. مون کي خبر پئي ته اي ڊي ايم هئو نذير محمد ٽڳڙ جو تمام يار گهاٽو ۽ فيض وارو ماڻهو هو. مان ۽ منهنجو ننڍو ڀاءُ ڪمال ڄڻ ته سندس گهر ڀاتي هئاسين. آياسين ٽڳڙ صاحب وٽ. سڄي ڳالهه چڱيءَ طرح پڇي پڪ ڪيائين. چيائين ته ڪم آهي ته ڏکيو، پر جمال! توکي ڪونه موٽائيندس. چيائين: بندش ڪونه لاهيندس، پر رڳو پرچو ڪڍڻ ڏيندس، سو به بندش پوڻ واري تاريخ کان هڪ ڏينهن اڳ واريءَ تاريخ ۾، پر حڪومت خلاف ڪجهه به نه لکندؤ. اهڙي خاطري ڏياريسونس. مون چيومانس ته هفتيوار اخبار آهي، سو تاريخ ڪابه نه لکنداسون. ٽڳڙ صاحب به دير ئي ڪانه ڪئي، ڪلارڪ گهرائي هڪ ۽ آخري پرچو ڪڍڻ جو اجازت نامو ٽائيپ ڪرائي صحيح ڪري مهر هڻي ڏنائين. تاج محمد ڏس ته بهار بهار پيو ٿئي. آياسون محمد عثمان ڏيپلائيءَ وٽ. کيس اجازت نامو ڏيکاريوسون. حيران ٿي چيائين ته ڪهڙو جادو ڪيوَ؟ پوءِ به اخبار ڇپڻ کان صاف انڪار ڪيائين. ڏيپلائي صاحب! هيءَ ته زور آوري آهي. چيائين ته: نه، قاعدو آهي ته اخبار رڳو اتي ئي ڇپبي، جتان شايع ٿئي ٿي. ڳالهه ته سچي هئي. منٿ ڪئي سونس ته ڪو ڳٿو ڪڍ. اٿيو وڃي هاري حقدار اخبار جو پرچو کڻي آيو. وري انهيءَ ماپ ۽ رنگ جو خالي پنو کڻي آيو. چيائين ته هن خالي پني تي هاري حقدار اخبار جي ڪنهن به سب ايڊيٽر، ڪمپوزر يا ڪارندي کان لکرائي اچو ته هي پرچو هاري حقدار پريس ۾ ڇاپيو ويو. اهو ڪم ڪري اچو ته مان ٿو اخبار ڇاپي ڏيان. تاج محمد ٽڙي پيو، چيائين ته فلاڻو ڪارڪن منهنجو دوست آهي، ان کان بيٺي پير لکرائي ٿو اچان. تاج محمد هڪدم ٽانگو روڪائي حڪم ڏنو ته هل الهداد چنڊ ڳوٺ. جڏهن تلڪ چاڙي مارڪيٽ چونڪ اوريان پهتاسون ته مون ٽانگي واري کي چيو ته هلُ ٽنڊي ولي محمد. تاج محمد جوشيلو ۽ جذباتي ماڻهو هو، سو خار باز اکين سان مون ڏانهن نهاريائين. چيومانس ته ڀائو! خار نه کاءُ، هن مهل ڌرتتيءَ جو ناواقف گهٽين ۾ ڪيترو رلنداسين؟ هلي ٿا آرام ڪريون، ڪم ته ائين ئي سڀاڻي صبح جو ٿيندو. تاج محمد تمام ذهين، سمجهدار ۽ خبردار ماڻهو هو، جهٽ ڳالهه ڀانپي ورتائين. سندس ڪاوڙ ڪافور ٿي وئي. اسان به ننڊ آرام ڪري پوياڙيءَ جو گهربل ماڻهوءَ جي در تي پهتاسون. تاج محمد در کڙڪائي نالو وٺي سڏ ڪيو. اندران ئي ڪنهن پڇيو ڪير؟ تاج محمد نالو ٻڌايو ته هڪ ماڻهو چمڪدار اکين سان، وڏي اڪير سان اچي تاج محمد کي ٻک وڌو. تاج محمد جو واقعي عقيدتمند ٿي ڏٺو. ڇو ڪينَ، نيٺ ته پارٽيءَ جو ڪارڪن هو. تاج محمد کيس ڪم ٻڌايو ته ڇاتيءَ تي هٿ هڻي چيائين ته سرُ به حاضر آهي. خالي پني تي اتي ئي لکي ڏيڻ لاءِ تيار هو، پر چيوسونس ته بهتر اهو آهي ته ڏيپلائي صاحب جي روبرو لکي ڏي. چيائين حاضر، سڀاڻي صبح جو ڏهين وڳي توهان کان به اڳ ۾ عبرت پريس پهچي ويندس. ٻئي ڏينهن عبرت آفيس پهتاسون ته هو شخص (نالو وسري ويو اٿم) اڳ ۾ ئي اتي بيٺو هو. لنگهي وياسون ڏيپلائي صاحب وٽ، جنهن هڪدم ان ماڻهوءَ کي سڃاتو. اخباري دنيا جا ماڻهو هڪٻئي جا واقف ٿين ٿا. ڏيپلائي صاحب هن کان خالي پني تي لکرائي ورتو ته هي پرچو هاري حقدار پريس مان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. ڏيپلائي صاحب چيو ته شام تائين جيترا به پرچا چئو ڏيان. چيوسونس: پنج سؤ. چيائين: هيترا پيسا لڳندا. پئسا ته اسان وٽ هئا ڪونه، سو مون ۽ تاج محمد صلاح ڪري چيو ته ٻه سؤ پرچا. ڏيپلائي صاحب چيو ته ڪو خاص فرق ڪونه پوندو، توهان کان رڳو پني جا پئسا ٿو وٺان، مزدوري ۽ منافعو ڪونه ٿو وٺان. شام جو کانئس ٻه سؤ پرچا وٺي اسان جو ڳاٽ اونچو ٿي ويو. ڪجهه پرچا حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ نوابشاهه لاءِ پنهنجي دوست هاري ڪارڪن جي حوالي ڪياسون ۽ کين تاڪيد ڪيوسون ته هڪدم ورهائي ڇڏين. دادو، لاڙڪاڻي، سکر، جيڪب آباد لاءِ سؤ کن پرچا پاڻ کڻي روانا ٿياسون. ڏيپلائي صاحب جي صدقي سستي ۾ ڇٽاسون. لاڙڪاڻي پهچي چپ چاپ ۾ راتئون رات پرچا اهم ماڻهن جي گهر پهچائي ڇڏياسون ۽ هڪ مخلص ڪارڪن سکر موڪليوسون، جنهن ڏينهن وچ ۾ پرچا سکر، شڪارپور ۽ جيڪب آباد هٿيڪن ماڻهن هٿان ورهائي ڇڏيا. مزو ٿيو، ٻئي ڏينهن مولوي نذير حسين جتوئي ڳاڙهو پيلو ٿيندو دفتر ۾ گاريون ڏيندو اچي اوطاق تي نڪتو. کيس سمڪ ئي ڪونه هئي ته اهو ڪم تاج محمد ۽ مون جهڙي ڳوڀ جو ڪيل هو. تاج محمد معصوم بڻجندي مولوي صاحب کي پرچو ڏيکاري پڇيو ته: ڪامريڊ! هي هاري حقدار جو پرچو پڙهيو اٿوَ؟ مولوي صاحب جو بند ٽٽي پيو. چي: مٺا! ڏس ته هي سنئين سڌي ڀيڻچوتائي، اهو سڄو ڪارنامو انهن ڀيڻ (....) مادر (....) ڪميونسٽن جو آهي. ظاهر ظهور ڪوڙ، حرامپائيءَ جي به ڪا حد ٿيندي آهي. تاج محمد سان سندس ٻٽيهه دليون هيون ۽ کيس لينن ثاني سڏيندو هو. تاج محمد به کيس کٿ ڪرڻ لاءِ چوڪيون ڏيندو رهيو ته؛ ڪامريڊ! سڄي ڪاروائي تفصيل سان لکي پئي آهي، توهان جي تقرير ۽ دليل به لکيا پيا آهن. مولوي صاحب وهلور پيو وڃي، اهي ههڙا تهڙا (ڪچيون گاريون) ڪميونسٽ ائين ئي ڪوڙ کي سچ ڪندا آهن. ڀلا ڏس حيدر بخش جتوئي ته جيل ۾ پيو آهي، اهو ڪيئن چونڊيو؟ اهو عبدالقادر ڏنڊي، (ڪامريڊ عبدالقادر کوکر پريس وارن جهڙي ننڍي ڏنڊي ڪڇ ۾ کڻندو هو، سو مولوي صاحب کيس سڏيندو ئي ڏنڊي هو) اهو ته هٿ کڻي ويو هو، اهو ڪيئن صدر چونڊجي ويو؟ تاج محمد اطمينان سان چيس ته ڪامريڊ! اخبار ائين ٿي چوي. مولوي صاحب آپي کان ٻاهر نڪري ويو. چي: کوهه ۾ پوي اخبار، هن تي چڙهي اخبار، ڏسي وٺنداسون. تاج محمد ڪمال صبر سان چيس: مرضي جا مالڪ آهيو. وڏو چوٻول ٿيو، پر ڳالهه اها ئي بيٺي جا تاج محمد سوچي هئي. حيدر بخش جتوئي جيل مان نڪتو ته کيس هار پارائي، جلوس ڪڍي اچي هاري حقدار آفيس ۾ صدارت جي ڪرسيءَ تي ويهاريائون. نفسيات جو به وڏو عمل دخل آهي هر ڳالهه ۾. پارٽيءَ جو حڪم مليو ته حيدر بخش جتوئي کان ههڙو بيان ڏيارڻو آهي. ڪم وري به سونپيو ويو تاج محمد کي. تاج محمد هئو واچوڙو، ڪنهن ڪم پٺيان پوندو هو ته مڇڏو ٿي لڳندو هو. مون کي چيائين ته جمال! هل حيدرآباد، حيدر بخش کان هي ڪم وٺڻو آهي. مون جهٽ چيو هائو، پر چيم ته مون کي ڇو ٿو پنڌ وجهين. تنهنجو هم خيال، دوست ۽ پارٽي ميمبر اٿئي، مون کي ڇو ٿو هروڀرو وچ ۾ آڻين؟ چيائين: هڪ کان ٻه چڱا، ٻن جو وڌيڪ دٻاءُ پوندس ۽ يقين به ايندس. بس ائين بيٺي پير تيار ٿي وياسين. پوءِ به ڏٺم ته تاج محمد هڪ ڪتاب کولي وري ٻيو پيو ڪڍي! مون چيو: ڇا ٿو ڪرين؟ وقت ٿو وڃائين. چي: اهڙو ڪتاب ٿو ڳوليان، جنهن ۾ لينن جو صاف، سٺو ۽ وڏو فوٽو هجي! انهيءَ جو ڀلا ڪهڙو سود؟ اها حيدر بخش جتوئيءَ جي ڪمزوري آ. ڏسجانءِ ڪيئن ٿو ڪم وٺانس. سڄي رات ريل جو سفر ڪري صبح جو پهتاسين حيدرآباد. سڌو وياسون هاري آفيس، جتي حيدر بخش جتوئي قرب سان مليو. ڏاڍو معصوم ۽ پيارو ماڻهو هو. تاج محمد جلد ئي مدعا بيان ڪئي ۽ لکيل بيان کيس هٿ ۾ ڏئي چيو ته: ڪامريڊ! صحيح ڪري ڏي. حيدر بخش عينڪ چاڙهي سڄو بيان غور سان پڙهيو ۽ پوءِ ڪجهه بحث مباحثو ڪرڻ لڳو. تاج محمد ڪو به جواب ڏيڻ بجاءِ لينن جو فوٽو سندس اڳيان ڪري چيو ته ڪامريڊ پارٽيءَ جو آهي. حيدر بخش جتوئيءَ جا سڀ دليل ختم ٿي ويا. کاٻي هٿ جي مٺ ڀڪوڙي مٿي ڪري لينن کي سلام ڪيائين ۽ بيان تي صحيح ڪري ڇڏيائين. هي هئو نفسيات جو جادو، جنهن لاءِ تاج محمد ابڙو پنهنجي ذهانت سان اڳواٽ اهتمام ڪري آيو هو. هي ٻه واقعا مون تفصيل سان بيان ڪيا آهن، جن جي تاريخي اهميت آهي. ٻيو به هڪ اهڙو واقعو ٿيو. منهنجو پٽ بدر، دائود پٺاڻ کان هڪ بس قسطن تي وٺي حيدرآباد کان ڪراچي هلائيندو هو. هيءَ ۷۰-۱۹۷۱ع جي ڳالهه آهي. اسين ناظم آباد ۴ ۾ رهندا هئاسين. بدر رڪشا مان ترقي ڪري بس جو مالڪ ٿي ويو هو. ويهه هزار روپيه وڏي پڦيءَ کان قرض طور ورتا هئائين. بدر جي ماءُ ڏاڍي خوش هئي، جو کيس روزانو سؤ روپيا روڪ ملندا هئا. اسين غريب پگهار تي گذر ڪرڻ وارا، تن لاءِ روڪ سؤ روپيا روز وڏي ڳالهه هئي. پر ٿيو ائين جو دائود پٺاڻ کي ڪجهه قسطون نه ڏئي سگهياسون ۽ هن بس ضبط ڪري پنهنجي اڏي تي گانڌي گارڊن راڻي باغ يا چڙيا گهر وٽ بيهاري ڇڏي. بدر پاڻ پنهنجي سر گاڏيءَ ۾ هلندو هو ۽ ڊرائيوري سندس ماسات ڪوٽڙيءَ جو آفتاب شاهه ڪندو هو. ٻئي هٿ مليندي رهجي ويا. ڀلا ڪير دائود پٺاڻ سان مهاڏو اٽڪائي؟ سڀني ٻڌو هوندو، هو اهڙو مڙس هو جو پوليس تي به گوليون هلائي نڪري ويندو هو. مون ساڻس فون تي ڳالهايو ۽ تکا مٺا به ٿياسون، پر هُو ڪونه مڙيو ۽ بس حيدرآباد جي مزدور يونين جي صدر کي هلائڻ لاءِ ڏئي ڇڏيائين. اسان جا بس تي چاليهه پنجاهه هزار خرچ ٿي چڪا هئا. مون مزدور ليڊرن سان به ڳالهايو ۽ دائود پٺاڻ سان به تيز پيس، پر حق جي ڳالهه ڪيائين ته جيسين کيس سڀ قسطون نه ملنديون، تيسين هو بس واپس نه ڪندو. مان چوان ته اول بس موٽاءِ ته پوءِ ڪمائي توکي پئسا ڏيندا وڃون، پر هن نه مڃيو. مون فيصلو ڪري ورتو ته بس اڏي تان کڻي پنهنجي قبضي ۾ ڪجي، پوءِ پاڻهي ڪا واٽ نڪري ايندي. هاڻي سوال هو ته دائود پٺاڻ جي اڏي تان بس ڪير کڻي اچي. نه بدر کي همٿ ٿئي، نه آفتاب شاهه کي. ائين اوچتو تاج محمد ابڙو اچي نڪتو. مٺ جيترو مڙس پر وڄ جا پاڻي هئس. ڏاڍو دل گڙدي ۽ جگر وارو مڙس هو، شينهن جي دل هيس. پاڻ مرادو چيائين ته چاٻي ڪنهن وٽ آهي؟ آفتاب شاهه چيو ته وٽس. چيائين ته: هلو، مان ٿو بس کڻي اچان. آفتاب شاه ۽ بدر ساڻس گڏ ويا ۽ هُو رات جو يارهين ٻارهين بجي بس اڏي تان کڻائي آيو. بدر سياڻپ ڪئي جو بس کڻائي ويو نارٿ ناظم آباد، جتي رئيس روشن علي خان اسراڻ گرمين ۾ بنگلو مسواڙ تي وٺي باقبائل اچي رهندو هو. ٻئي ڏينهن دائود پٺاڻ وٺ پڪڙ ڪئي، پر خبر ڪانه پيس. هفتو کن ڪراچي، حيدرآباد ۾ ڳولا ڦولها ڪيائين، پر بس کي ڄڻ ڪو راڪاس ڳهي ويو هو، سو خبر ڪانه پيس. نيٺ مون کي فون ڪيائين. مون ٺڪ چيومانس ته بس مون کڻائي آهي، مون وٽ آهي ۽ ڏيندس ڪونه. مڙس مٿير هو، چيائين: ”شير ڪا بچا هو، اب مين ڪيا ڪهون؟“ اهو به چيائين ته بس ۽ پئسا ته وصول ڪري ويندس، رڳو اهو ٻڌاءِ ته کنئي ڪنهن ۽ بيهاري ڪٿي اٿئي؟ چيم: اهو ڪونه ٻڌائيندس، باقي پئسا تنهنجا موٽائيندس. چيائين ته: پئسا وصول ڪرڻ پٺاڻ ڄاڻي ٿو، باقي پٺاڻ جي عزت جو مسئلو آهي. مون به چار چڱا اکر ڳالهايا ۽ چيو ته: لالا! تنهنجي عزت منهنجي عزت آهي، سڏ ۾ سڏ ڏيندس، پٺتي نه پوندس. سلام دعا تي فون بند ڪيم. مون هٿان جيڪي مرحوم تاج محمد ابڙي جا ڪم ڪاريون ٿيا ۽ مددگاريون ٿيون، سي مرحوم پاڻ سان قبر ۾ کڻي ويو. (”ڏسي ڏوهه اکين سين“، ”اونهي ڳالهه اسرار جي“، ”ٿوهر ۾ ڳاڙها گل“ ۽ ”ايندو نه وري هي وڻجارو“ تان ورتل) (روزانه سچ، هلچل) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جي ناليواري سياسي ۽ ادبي شخصيت رسول بخش پليجو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو تمام گهڻو پڙهيل لکيل ماڻهو هو ۽ مختلف تنظيمن ۽ ليڊرشپ جي ويجهو رهيو. سنڌ هاري ڪميٽي کان سواءِ ڪميونسٽ پارٽي، سنڌي ادبي سنگت، عوامي نيشنل پارٽي، جيئي سنڌ، پيپلز پارٽي، سڀني جي نقطه نظر سان ڪنهن نه ڪنهن حد تائين ويجهو رهيو. ان ڪري ئي سندس جڳ مشهور ڪچهريءَ ۾ هر قسم جي سياسي عقيدي، ذوق ۽ سطح جي ماڻهن کي انتهائي گهڻو مزو ايندو هو. سنڌ اندر سندس مقبوليت ۾ ان ڳالهه کي ڪافي وڏو دخل هو. ۵۲-۱۹۵۱ع ڌاري (سال پورو ياد ناهي) ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي قمبر، شهدادڪوٽ تڪ مان سنڌ اسيمبليءَ جو اميدوار بيٺو. تن ڏينهن ۾ ڪراچيءَ ۾ علم دوست، ادب دوست، روشن خيال ۽ ترقي پسند خيالن وارن دوستن جو هڪڙو وڏو حلقو هوندو هو. آءٌ انهن جو هم خيال هوندو هوس. صبح شام سرگرم ادبي، علمي ۽ نظرياتي بحث مباحثن ۾ گذرندو رهندو هو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي ۽ دوستن چيو ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ترقي پسند هاري اڳواڻ آهي، ان جي اليڪشن ۾ ڀرپور مدد ڪرڻ کپي. جيڪي هلن، سي نالا لکائين. ان اليڪشن ۾ ڇا ڇا نه ڏٺوسين، ٻڌوسين ۽ ڪيوسين! اسان اليڪشن هارائي پر کٽيوسون جهڙو ڪر! اسان سبق سکيو ته ڌانڌليءَ سان ته ڪنهن کي به کٽائي سگهجي ٿو! آءٌ سنڌ هاري ڪميٽيءَ ۾ شامل ٿيس ۽ ان جي ورڪنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر ٿيس. اتي ڪامريڊ تاج محمد ابڙي سان ملاقات ۽ ساٿ ٿيو ۽ توڙ تائين دوستي قائم رهي. چوندا آهن ته جيڪو سڀني جو دوست هوندو، اهو ڪنهن جو به دوست ڪونه هوندو. تاج محمد ابڙي جي روشن خياليءَ ۽ ترقي پسنديءَ ۾ مضبوطيءَ سان گڏ لچڪ جي ڪا حد ئي نه هئي. جي ايم سيد، ذوالفقار علي ڀٽي سميت هر طبقي جي ماڻهن سان سندس دعا سلام، رهائي سهائي ۽ گهري ويجهڙائي هئي. پر اسين جيڪي سندس شروعاتي دؤر وارو ڪامريڊي لڏو هئاسون، تن سان سندس هلت مجموعي طور سدائين ساڳي اصلوڪي رهي. يارن جهڙو يار رهيو. سيشن ججيءَ واري دؤر ۾ آءٌ ساڻس نوابشاهه ۽ سکر ۾ مليس. عوامي تحريڪ جي چندي جي باقاعدي وصولي ڪبي هئي. حيدرآباد ۽ ٺٽي ۾ پڻ ساڻس ملاقاتون ۽ ڪچهريون رهيون. هڪڙا ساٿي سندن گهڻي عوامي سرگرميءَ يا نظرياتي جدوجهد ڪري ياد رهندا آهن ته ٻيا وري ذاتي قرب ۽ ياري باشيءَ ڪري ياد رهندا آهن. منهنجي لاءِ تاج محمد ابڙي جي مکيه سڃاڻپ سندس ذاتي قرب ۽ دوستي هئي. (روزانه سنڌ،مهراڻ، مقدمو، سوڀ، هلال پاڪستان، عبرت، سچ، عوامي آواز، هلچل) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاف گو ۽ صاف دل انسان شيخ اياز تاج محمد ابڙو، جمال ابڙي جو گهرو دوست ۽ شايد مائٽ به هو. هُو ڪامريڊ ماڻهو هو ۽ ڪامريڊ نذير جتوئي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جو دوست هو. منهنجي به هن سان ڪافي گهرائپ هوندي هئي. هُو لاڙڪاڻي ۾ وڪالت ڪندو هو ۽ جڏهن به مان لاڙڪاڻي ويو هوس ته هن فراخدليءَ سان ٻه ٽي ڀيرا منهنجي ماني ڪئي هئي. مانيءَ تي جمال ابڙي جو وڏو ڀاءُ شمس الدين ابڙو به آيو هو، جو ڪجهه سال پوءِ گذاري جمال ابڙي کي ڏاڍي غم ۾ ڇڏي ويو. في الحال مون تاج محمد ابڙي جي ڳالهه ٿي ڪئي. جڏهن ڀٽو صاحب چيف مارشل لا ائڊمنسٽريٽر ٿي آيو، تڏهن تاج محمد ابڙي کي سيشن جج ڪيو هئائين ۽ تاج محمد جي پهرين تقرري سکر ۾ ٿي هئي. هو ته اڳي ئي مون سان گهايل مايل هوندو هو، تن ڏينهن ۾ مون وٽ ٻه موٽرون هونديون هيون، ٽويوٽا ڪارونا ۽ ٽويوٽا ڪرولا. تقرريءَ کان ڏهه پندرهن ڏينهن پوءِ تاج محمد لاڙڪاڻي وڃڻ لاءِ مون کان هڪ ڏينهن لاءِ ڪار گهري، جيتوڻيڪ مون کان ڪار گهرندي ڪنهن کي ورلي همٿ ٿيندي هئي. مون خوشيءَ سان تاج محمد ابڙي کي پنهنجي ٽويوٽا ڪرونا ڏني، فقط ان ڪري جو هُو مون لاءِ ”ڪامريڊ“ هيو ۽ ان ڪري نه ته هو سکر جو سيشن جج هو. تاج محمد ٽي چار ڏينهن لاڙڪاڻي بنا اطلاع جي ڪار روڪي ڇڏي ۽ جڏهن موٽي آيو ته ڪار کي وڏو چٻ هو. مون ڊرائيور کي چيو ته ڪار ڌوئاري ڪارخاني ۾ ٺهرائڻ لاءِ ڏئي اچي. پندرهن ڏينهن پوءِ تاج محمد مون کان وري لاڙڪاڻي لاءِ ڪار گهري. مون کيس چيو ته: ”ڪرولا ۾ ڪجهه خرابي آهي ۽ ان جي ٺيڪ ٿيڻ ۾ ٻه ٽي ڏينهن لڳندا، باقي ڪارونا تي آءٌ پاڻ ڪورٽن ۾ ويندس.“ تاج محمد سمجهيو ته مان کيس ڄاڻي واڻي انڪار ٿو ڪريان. بهر صورت جڏهن لاڙڪاڻي مان موٽي آيو ته مان هن جي چيمبر ۾ ويس ته هن تڙي ڏئي چيو: ”منهنجي چيمبر ۾ اچين ته اطلاع ڏئي ايندو ڪر!“ مون به غصي ۾ کيس چيو: ” تاج محمد صاحب! تون يقين ڪر ته مان نه رڳو تنهنجي چيمبر ۾ بنا اطلاع جي نه ايندس، پر اطلاع سان به نه ايندس ۽ تنهنجي ڪورٽ ۾ نئون ڪيس به نه کڻندس ۽ جيڪي تو وٽ پراڻا ڪيس آهن، اهي به ڪوشش ڪري منهنجو جونيئر تو وٽ هلائيندو يا ٻئي ڪنهن وڪيل کي سپرد ڪندس.“ ڪجهه مهينن کان پوءِ جمال ابڙي مون کي فون ڪيو ته هُو سکر آيو آهي. هُو غالباََ ان وقت سنڌ پراونشل اسيمبليءَ جو سيڪريٽري هو. مون هن کان پڇيو: ”ڪٿان ٿو ڳالهائين؟“ جواب ڏنائين ته: ”هتي تاج محمد جي بنگلي تي لٿل آهيان.“ مون کيس چيو ته: ”رات جي ماني تاج محمد سوڌو مون وٽ کائجانءِ.“ رات جو هُو مون وٽ تاج محمد سان گڏجي پراڻي سکر آيو. هن کي خبر نه هئي ته تاج محمد ۽ منهنجي وچ ۾ ڪائي به رنجش آهي. رات جو اٽڪل هڪ بجي هو مون وٽان کل خوشيءَ سان ويا. ڪجهه مهينن کان پوءِ مون ٻڌو ته تاج محمد جو ٽرانسفر ٿيو آهي. هن جي پٽيوالي مون کي اچي چيو ته: ” تاج محمد صاحب اوهان کي سڏي ٿو.“ مون کي دل ۾ آيو ته هن کي انڪار ڪيان، پر مان هن وٽ چيمبر ۾ هليو ويس. هو اٿي بيٺو ۽ مون سان هٿ ملائي چيائين: ”اياز! تون مون سان ناراض آهين؟“ مون کيس چيو ته: ”هائو!“ ان تي چيائين: ”معاف ڪجانءِ جو مان توسان ٽرڙائپ سان پيش آيو هوس.“ مون سندس ڪلهي تي هٿ رکي چيو: ”وڌيڪ ڪجهه نه چئجانءِ! اهو ڪافي آهي. تون منهنجي لاءِ ساڳيو ڪامريڊ تاجو آهين، مون کي ڪابه غلط فهمي نه آهي.“ تاج محمد پوءِ خيرپور ۾ سيشن جج مقرر ٿيو ۽ غالبًا ٺٽي ۾ سيشن جج هو ته هن رٽائر ڪيو ۽ پوءِ جلد ئي گذاري ويو. اِنَّا لِلہ وَ اِنَّا اِلَيْهِ رٰجِعُوْنَ تاج محمد ابڙي جهڙا صاف گو ۽ صاف دل انسان مون زندگيءَ ۾ ٿورا ڏٺا آهن. (”ڪٿي ته ڀڃبو ٿَڪُ مسافر“ تان ورتل) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو تنوير عباسي تاج محمد ابڙو کلڻو ملڻو، جڏهن ملوس ته ٽهڪ ڏيندو، دوست کي ڏسي خوش ٿيندو. پهريون دفعو مون سان هو ۱۹۵۶ع ۾ مليو. سنڌي ادبي سنگت سنڌ جون شاخون مختلف شهرن ۾ قائم ٿيل هيون، پر انهن جو رابطو نه هو. مون، مقبول ڀٽيءَ ۽ رشيد ڀٽيءَ فيصلو ڪيو ته سڀني سنگتين کي هڪ لڙيءَ ۾ پوئجي ۽ پوءِ سڄيءَ سنڌ ۾ وڌيڪ سنگتون قائم ڪجن، جيئن سنڌين جو پيغام ادب ذريعي سڄيءَ سنڌ ۾ ڦهلائي سگهجي. ون يونٽ جو اونداهو دؤر هو. ادب ذريعي انقلاب جي ان تحريڪ جي روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو لاڙڪاڻي ۾ تاج محمد ابڙي جي اوطاق مان اُسريو ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ ڦهلجي ويو. ٿيو ائين جو لاڙڪاڻي ۾ ان سال ۱۹۵۶ع ۾ جمعيت الشعرا جي سالياني ادبي ڪانفرنس ٿي هئي. ان ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ سڄيءَ سنڌ جي شاعرن ۽ اديبن کي سڏ هو (پر دعوت نامي ۾ موسم آهر بستري آڻڻ جي هدايت ڪيل هئي). ان ڪانفرنس ۾ اسان جي گهڻن هم خيال اديبن ۽ شاعرن کي دعوت مليل هئي. ان ڪري ”هڪ ڪم ٻه ڪاڄ.“ اسان سنڌي ادبي سنگتن کي هڪ مرڪز تي گڏ ٿيڻ جي تياريءَ لاءِ پهرين ميٽنگ به لاڙڪاڻي ۾، ان ڪانفرنس جي موقعي تي رکي ۽ تاج محمد ابڙي ميزبانيءَ جا فرائض انجام ڏنا. ائين لاڙڪاڻي مان اياز قادري ۽ جمال ابڙو، حيدرآباد مان مقبول ڀٽي، سکر مان رشيد ڀٽي، ڪراچيءَ مان عبدالغفور انصاري، دادوءَ مان تاج صحرائي، ٻيا ڪجهه دوست، جن جا نالا ياد نٿا اچن، سڀئي لاڙڪاڻي ۾ تاج محمد جي اوطاق تي گڏ ٿيا ۽ فيصلو ڪيو ويو ته ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت جو ڪنوينشن سڏائجي، جنهن ۾ سنڌ جي سڀني ادبي سنگتن کي گڏ ڪري، سنڌ سنگت کي زور وٺائجي ۽ ان جو دستور وغيره منظور ڪرائجي. اهو روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو هو، جيڪو ون يونٽ جي اونداهي دؤر ۾ تاج محمد ابڙي جي اوطاق مان ڦُٽو ۽ سڄيءَ سنڌ کي جرڪائي ڇڏيائين. تاج محمد ابڙو وڪيل هو، پر وڪيل کان وڌيڪ دانشور هو. ادب، تاريخ، فلسفو سڀ پڙهندو هو، دوستن سان بحث ڪندو هو. لکيائين هڪ لفظ به ڪونه، پر پڙهيو به گهڻو ته ڪڙهيو به گهڻو. هُو نه رڳو پڙهڻ وارو هو، پر ڪڙهڻ وارو به هو. هاري تحريڪ، نيشنل عوامي پارٽي، سنڌ عوامي محاذ ۽ بعد ۾ پي پي ۾، مطلب ته جيڪا به تحريڪ سنڌ جي پيڙهيل طبقن جي ڀلائيءَ ۽ آجپي جي لاءِ هئي، ان ۾ ڀرپور حصو ورتائين. اڳتي هلي وڪالت ڇڏي جج ٿيو، پر سنگت سان اها ئي محبت ٽائم رکيائين. جڏهن دوست آڏو آيو ته ڇا جي ججي ڇا جي وڏائي، ساڳيا ٽهڪ، ساڳيون ڪتابن جون ڳالهيون، ساڳيون هاري تحريڪ ۽ ترقي پسنديءَ جون صلاحون ۽ مشورا. ائين لڳندو هو ته ڄڻ نوڪريءَ ۾ آهي ئي ڪونه. ساڳيو آزاد منش، ترقي پسند ۽ انسان دوست تاج محمد ابڙو آهي، جيڪو نوڪريءَ ۾ اچڻ کان اڳ هئو. اهڙن دلبرن کي وساري نه ٿو سگهجي. هن جي ياد ۾ منهنجا هي ڪجهه جملا ڪافي نه آهن، پر تڏهن به هن جي ياد ته تازي ڪن ٿا. (روزانه عبرت، پڪار، آفتاب، بخت ور، جاڳو، هلال پاڪستان، خادم وطن، سنڌ نيوز، برسات ۽ سنڌو) تاج محمد ابڙو لاڙڪاڻي ۾ جديد ادب جي سجاڳي آڻيندڙ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ادب جي اوسر ۾ ڪي اهڙيون شخصيتون به اهم ڪردار ادا ڪنديون آهن، جيڪي پاڻ ته نه لکندڙ هونديون آهن، پر لکندڙ پيدا ڪنديون رهنديون آهن. هو ادب جي آبياري ڪنديون آهن ۽ اديبن ۽ شاعرن کي پنهنجيون صلاحيتون ظاهر ڪرڻ لاءِ ميدان مهيا ڪري ڏينديون آهن. اهڙيءَ طرح هو پسمنظر ۾ رهي اديبن جي صلاحيتن کي نکيرڻ ۽ اڀارڻ ۾ بنيادي خدمت سرانجام ڏينديون آهن. ادبي تنظيمون انهن جي ئي دم سان قائم هونديون آهن ۽ انهن جي ئي ڪوشش جو نتيجو هونديون آهن. اهڙين شخصيتن مان لاڙڪاڻي جو هڪ باصلاحيت ۽ وسيع مطالعي جو مالڪ تاج محمد ابڙو مرحوم به هو. تاج محمد ابڙي سان جنهن زماني ۾ منهنجي واقفيت ٿي، ان زماني ۾ هُو لاڙڪاڻي ۾ وڪيل هو ۽ سندس اوطاق شام جي وقت ۾ اديبن، سياستدانن ۽ سماجي ڪارڪنن جو خاص مرڪز هوندي هئي. ابڙو صاحب وڏي مطالعي جو مالڪ هو ۽ سندس لئبريريءَ ۾ قانون جي ڪتابن سان گڏ هر علم جي شاخ تي ڪتاب موجود هوندا هئا. هُو سياست، فلسفي، ادب ۽ ٻين لاڳاپو رکندڙ علمن تي ڪتاب پڙهندو رهندو هو. خاص طرح سان انگريزي ٻوليءَ ۾ ڪيترا ئي ڪتاب پڙهيا هئائين ۽ هميشه پڙهندو رهندو هو. لاڙڪاڻي جا شاعر ۽ اديب، خاص طرح سان اهي اديب جيڪي جديد لاڙن موجب ادب تخليق ڪري رهيا هئا، انهن سان سندس دوستي هئي. منهنجو اشارو جمال ابڙي ۽ اياز قادريءَ ڏانهن آهي. هن پاڻ ته سنڌي ادب جي سلسلي ۾ قلم کان ڪم ڪونه ورتو، پر پنهنجي تنظيمي صلاحيتن سان سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي جي ذريعي جديد سنڌي ادب جي لاڙن جي جاڳرتا پيدا ڪيائين. مطلب ته تاج محمد ابڙي مرحوم سنڌي ادب جي خدمت هڪ تحريڪ جي ذريعي ڪئي. اها تحريڪ آهي سنڌي ادبي سنگت، جنهن اڳتي هلي سنڌي زبان ۽ ادب جي سلسلي ۾ اهم خدمتون سرانجام ڏنيون. يعني سنڌي جديد ادب جي آبياري تاج محمد مرحوم ڪئي، جنهن جي سڳنڌ ۽ سرهاڻ هينئر سڄيءَ سنڌ کي واسي ڇڏيو آهي. تاج محمد مرحوم سان منهنجي ڄاڻ سڃاڻ اياز قادريءَ ۽ خادم حسين شاهه مرحوم جي ذريعي ٿي. محترم ڊاڪٽر اياز قادري صاحب جي تمام گهري دوستي تاج محمد ابڙي مرحوم سان هئي. ساڻس گڏجي آءٌ ڪيترا ڀيرا تاج محمد ابڙي مرحوم سان ملڻ ويس ۽ انهن ڪچهرين کي ٻڌندو رهيس، جيڪي تاج محمد مرحوم جي اوطاق تي ٿينديون هيون. انهن ڏينهن ۾ يعني ۱۹۵۰ع جي ڏهاڪي ۾ تاج محمد ابڙي مرحوم جي اوطاق علمي، ادبي ۽ سياسي شخصيتن جو مرڪز هئي. لاڙڪاڻي ضلعي جون شخصيتون جهڙوڪ مولوي نذير حسين، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ علي محمد عباسي ۽ ٻيون ڪيتريون شخصيتون اتي اوطاق تي اينديون هيون ۽ وڏيون ڪچهريون ٿينديون هيون. سياسي بحث ٿيندا هئا، ملڪ جي حالتن تي ويچار ٿيندو هو ۽ علمي ادبي مجلسون منعقد ٿينديون هيون. جمال ابڙي صاحب سان به اتي ئي ملاقات ٿي ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ کي به ابڙي صاحب جي اوطاق تي ئي گفتگو ڪندي مون ٻڌو. حيدر بخش جتوئي مرحوم مون کي ڏاڍو سچو، مخلص ۽ پنهنجي نظريي سان وفادار انسان نظر آيو. ڪڏهن ڪڏهن آءٌ اتي ويندو هيس ۽ انهن شخصيتن کي ٻڌندو هيس. اهڙيءَ طرح منهنجي ذهني اوسر ٿي ۽ سنڌي ادب ۽ سنڌي ادب جي لاڙن کان واقف ٿيس. جيئن ته محفل ۾ شرڪت ڪندڙ گهڻا دوست اشتراڪي فلسفي جي سياسي، تاريخي ۽ ادبي لاڙن تي گفتگو ڪندا هئا، انهيءَ ڪري مون کي به سياسي ڳالهين جي واقفيت حاصل ٿي ۽ ادب جي جديد لاڙن کان متعارف ٿيس. بهرحال، تاج محمد ابڙي مرحوم جي اوطاق هڪ اهم مرڪز هو، جنهن سياستدانن، اديبن ۽ سماجي ڪارڪنن کي هڪ ميدان مهيا ڪري ڏنو. مون ڏٺو ته هُو پاڻ جيتوڻيڪ اشتراڪي نظريي جو قائل هو، پر هن ڪڏهن به بحث ۾ سخت رويو اختيار نه ڪيو، بلڪه گهڻي قدر بحث ۾ الجهندو ئي نه هو. ذاتي شرافت، خلوص ۽ هر انسان لاءِ محبت جو جذبو سندس طبيعت مان نمايان هوندو هو. سندس ملڻ جي انداز ۽ ٻهڪندڙ چهري مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ چاهيندو هئس ته ابڙي صاحب جي محفل ۾ وڃجي ۽ ان سان ڪجهه گهڙيون گذارجن. لاڙڪاڻو علم، ادب جو مرڪز رهيو آهي. هتان ئي ادبي ڪانفرنسن ۽ شاعرن جي ابتدا ٿي. هتان ئي ”اديبِ سنڌ“ رسالو نڪرندو هو، جنهن سنڌي عروضي شاعريءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. انهيءَ تحريڪ جو باني ۽ جمعيت الشعراءَ جو هلائيندڙ حاجي محمود خادم هن ئي شهر ۾ رهندو هو. ان سان به منهنجيون ادبي ڪچهريون ٿيون. البت جنهن دؤر جو آءٌ ذڪر ڪري رهيو آهيان، يعني ۵۰ع جو ڏهاڪو، انهن ڏنهن ۾ حاجي محمود مرحوم وٽ ٿيندڙ ڪچهريون ماٺيون ٿي ويون هيون. اهو خال تاج محمد ابڙي جي جاءِ تي ٿيندڙ محفلن ڀري ورتو. انهيءَ ئي دؤر ۾ لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت جو بنياد پيو، جنهن جي بانين ۾ تاج محمد ابڙي مرحوم، جمال ابڙي ۽ اياز قادريءَ جا نالا اچي وڃن ٿا. پهريون محرڪ ان جو تاج محمد ابڙو مرحوم هو، ڇاڪاڻ ته اهو ئي لاڙڪاڻي ۾ رهندو هو. انهيءَ لحاظ کان صحيح معنيٰ ۾ سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي جو باني تاج محمد ابڙو هو. سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري به تاج محمد ابڙو ئي هو. هُو جيتوڻيڪ پاڻ اهلِ قلم يا سنڌي زبان جو ليکڪ نه هو، پر سنڌي ادب جو پرستار ۽ سٺو ادبي ذوق رکندڙ هو. هو ادب جي ترقي پسندانه لاڙن جو قائل هو ۽ انهن کي عام ڪرڻ لاءِ سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي جي ذريعي اهم خدمت سرانجام ڏنائين. کيس سنڌي ادب جو خاموش خدمتگار سڏجي ته صحيح ٿيندو. هن ڪڏهن به پنهنجي نالي ڪڍرائڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي، پر خاموشيءَ سان سنڌي جديد ادب کي رواج ڏيڻ لاءِ ڪم ڪندو رهيو. انهن ڏينهن ۾ سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي هر هفتي شام جو مدرسه هاءِ اسڪول واريءَ بلڊنگ ۾ ٿيندي هئي، جتي هينئر گورنمينٽ گرلس ڪاليج آهي. انهن گڏجاڻين ۾ آءٌ به شريڪ ٿيندو هيس. تاج محمد صاحب مرحوم باقاعدگيءَ سان انتظام ڪندو هو. سندس ذاتي دلچسپيءَ جي ڪري ئي لاڙڪاڻي جا ڪيترا ئي اديب ۽ شاعر انهن گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندا هئا. انهن ڏينهن ۾ جيتوڻيڪ آءٌ ملازمت ڪري لاڙڪاڻي کان ٻاهر هوندو هئس، پر گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ لاڙڪاڻي ايندو هئس. مون انهن ئي گڏجاڻين ۾ جمال ابڙي جا سنڌي افسانا زباني ٻڌا، جيڪي پوءِ سه ماهي ”مهراڻ“ ۾ ڇپيا. بعد ۾ اهي ڪتابي صورت ۾ ”پشو پاشا“ جي نالي سان ڇپيا. ٿيو ائين جو انهن ڏينهن ۾ جمال ابڙو موڪل تي هو ۽ لاڙڪاڻي ۾ رهندو هو. مون به پنهنجي ادبي سفر جي ابتدا انهن گڏجاڻين کان ڪئي. مون پنهنجا ڪجهه تحقيقي مقالا انهن گڏجاڻين ۾ پڙهيا، جيڪي پوءِ سه ماهي ”مهراڻ“ مان ڇپيا. خاص طرح سان سنڌ ۽ بلوچستان مقالو انهن محفلن ۾ پڙهيو هيم. سڀني دوستن جو انهيءَ ڪري به هن مقالي توجه ڇڪرايو، ڇاڪاڻ جو ان مقالي ۾ بلوچستان جي مشهور اهلِ قلم گُل خان نصير جي تاريخ کي بحث هيٺ آندو ويو هو. مطلب ته تاج محمد ابڙي مرحوم لاڙڪاڻي ۾ ادبي سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي ۽ لاڙڪاڻي جي اديبن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ بنيادي ڪم ڪيو. سندس شمار جيتوڻيڪ سنڌي اديبن ۾ نٿو ٿئي، پر سندس شمار اهڙن ماڻهن ۾ ڪري سگهجي ٿو، جن اديبن کي ميدان تي آندو ۽ جديد سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ بنيادي ڪم ڪيو. تاج محمد ابڙو مرحوم هڪ مخلص انسان هو ۽ انسانيت جو عملي نمونو هو. هن کي ڪنهن سان نفرت ڪندي نه ڏٺم، پر هرهڪ سان خلوص ۽ محبت سان ملندي ڏٺم. منهنجا عزيز ۽ دوست سندس دوست هئا، جيڪي سندس محبت، اخلاص ۽ شرافت جون ڳالهيون ٻڌائيندا هئا ۽ سندس بي داغ ڪردار جي تعريف ڪندا هئا. گهڻي وقت کان پوءِ ساڻس ملاقاتون ۱۹۷۲ع ۾ سکر ۾ ٿيون، جڏهن هو سکر ۾ سيشن جج هو. سندس بنگلو اسلامڪ ڪاليج جي استادن جي گهرن جي لڳ هوندو هو. مان به انهن گهرن مان هڪ گهر ۾ رهندو هئس. شام جو وٽس ويندو هئس ۽ ڪيترو وقت ويهي ڪچهريون ڪندا هئاسون، پر اهي ڪچهريون به گهڻو وقت نه هليون، ڇاڪاڻ جو ۱۹۷۲ع جي آخر ۾ منهنجي سکر مان بدلي ٿي وئي. دنيا ۾ هونءَ ته ڪيترن ئي ماڻهن سان انسان جو ملڻ ٿئي ٿو، پر انهن مان تمام ٿوريون شخصيتون هونديون آهن، جيڪي ٻين کي متاثر ڪنديون آهن ۽ ٻين کي پاڻ ڏانهن ڇڪينديون آهن. انهن جي گفتگو ۾ اهڙو ته تاثير ٿئي ٿو، جو ماڻهو ان ڏانهن ڇڪجي اچي ٿو. اهڙين ئي شخصيتن مان هڪ شخصيت تاج محمد ابڙو مرحوم به هو. جن شخصيتن مون کي متاثر ڪيو ۽ انهن کي وساري نه سگهيو آهيان، انهن مان تاج محمد ابڙو مرحوم به هو. جيتوڻيڪ ساڻس ملاقاتون وقفي کان پوءِ ٿينديون رهيون، تڏهن به کيس وساري نه سگهيو آهيان. شاهه صاحب جي لفظن ۾: ڪي اوڏا ئي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين، ڪي چڙهن نه چت تي، ڪي وسرن نه مور، جيئن مينهن ڪنڍيءَ پور، تيئن دوست وراڪو دل سين. تاج محمد مرحوم اهڙو ئي شخص هو، جيڪو وسري نه سگهندو آهي. اهو فقط منهنجو رايو نه آهي، پر انهن سڀني ماڻهن جو رايو آهي، جن جا تعلقات تاج محمد مرحوم سان هئا. تاج محمد ابڙي مرحوم جا تعلقات نه فقط آزاد خيال ۽ اشتراڪي نظريو رکندڙ ماڻهن سان هئا، پر هُو ڪن ٺيٺ مذهبي ماڻهن جو دوست به هو. انهن مان هڪ منهنجو عزيز، دوست، شاگرد ۽ سيڻ حاجي قادر بخش مرحوم به هو. هُو ٺيٺ مذهبي ماڻهو هو، پر تاج محمد مرحوم سان هن جي بي انتها محبت هئي. هو جڏهن به مون سان ملندو هو ته تاج محمد مرحوم جون ڳالهيون ٻڌائيندو هو ۽ ان جو ذڪر ڏاڍي سهڻي انداز ۾ ڪندو هو. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته تاج محمد مرحوم کي انسان ذات سان محبت هئي ۽ دوستن سان تمام گهڻو خلوص ۽ محبت جو رستو هو. ان مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته هو فراخ دل انسان هو ۽ وسيع قلب جو مالڪ هو. هُو انهن آزاد خيال ماڻهن مان نه هو، جيڪي مذهبي ڳالهيون ڇيڙي، مذهبي ماڻهن جي دل آزاري ڪندا آهن. مطلب ته هو هڪ سچو، کرو ۽ شريف النفس انسان هو، جنهن کي پنهنجي وطن سان، پنهنجي زبان ۽ ادب سان ، پنهنجي وطن جي مسڪين ۽ پيڙيل طبقي سان محبت هئي، جنهن جي پنهنجي دوستن سان بي انتها محبت هئي ۽ جنهن کي پنهنجي ٻارڙن سان مشفقانه پيار هو. هُو بحيثيت هڪ انسان جي به هڪ عظيم انسان هو ته وفادار دوست به هو. پنهنجي نظريي سان به سچو هو ته پنهنجي ثقافت ۽ قديم روايتن سان به مخلص هو. بحيثيت جج جي به ڏاڍو سخت قسم جو منصف هو. جڏهن هُو عدالت جي ڪرسيءَ تي ويهندو هو ته ان وقت ڪنهن جو به رياءُ نه رکندو هو. حق ۽ سچ جو فيصلو ڪندو هو. انهيءَ ڪري سندس ڪوبه دوست يا وڪيل کانئس ناجائز فائدي حاصل ڪرڻ جي سڌ به نه ڪري سگهندو هو. عدل جي سلسلي ۾ هُو نه ڪنهن جي سفارش ٻڌندو هو، نه ڪنهن لالچ ۾ اچي سگهندو هو. انهيءَ لحاظ کان به هو صحيح معنيٰ ۾ انصاف ڪندڙ منصف هو. اهڙيون شخصيتون سنڌ لاءِ فخر جو باعث آهن ۽ اسان سنڌ واسين لاءِ هڪ مثالي نمونو آهن. (هلال پاڪستان، ڪاوش، عوامي آواز، جاڳو، الوحيد، پڪار) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو هڪ عظيم انسان انيس انصاري منهنجي واقفيت ساڻس پهريائين ۱۹۳۹ع ۾ ٿي. مان مدرسي هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي جي والي بال ٽيم سان قمبر ۾ ٽورنامينٽ ۾ حصو وٺڻ ويو هيس. راند ڏسڻ لاءِ قمبر جا ماڻهو وڏي تعداد ۾ ايندا رهيا، جن جي ويهڻ لاءِ گرائونڊ تي ڪرسيون ۽ بينچون رکيون ويون هيون. راند جي پوري ٿيڻ بعد هڪ شرميلي مسڪرائيندڙ ڇوڪري اچي سڀني کي هٿ ڏنو ۽ پڇيائين: ”ٽيم سان محمد مقيم ڪونه آيو آهي ڇا؟“ ۽ جواب مليو ته پنهنجي والده جي بيماريءَ سبب هو اچي نه سگهيو! ان شرميلي ڇوڪري اکيون زمين ۾ کپائيندي اسان جي ٽيم جي ڪئپٽن کي چيو: ”اوهين محمد مقيم جي اسڪول ۾ پڙهندا آهيو. هو منهنجو دوست آهي، ان ڪري اوهان به منهنجا دوست آهيو. هلو ته گڏجي چانهه پيئون.“ پهرئين ڏينهن ئي واقفيت دوستيءَ ۾ تبديل ٿي وئي. اهو لڄاڙو، دل جو درياهه ۽ مُنهن جو ملوڪ ڇوڪرو تاج محمد ابڙو هو، جنهن اسڪول جي هاسٽل ۾ مٺائي سان گڏ پنهنجي ڳالهائڻ جي مٺاڻ سان دل کي موهي ڇڏيو. تاج محمد جا وڏا شهدادڪوٽ جا ويٺل هئا. ننڍپڻ ۾ ئي سندس والد قادر بخش خان گذاري ويو. باوجود پنهنجي زمين هوندي به کيس مهر ۽ شفقت جي ضرورت هئي، جا سندس وڏي ڀيڻويي محمد عثمان ميمڻ پوري ڪئي، جو پوليس کاتي ۾ هڪ آفيسر هو. محمد عثمان کي پنهنجي اولاد ڪانه هئي، ان ڪري سندس محبت ۽ توجه جو مرڪز تاج محمد ئي رهيو. تاج محمد پنهنجي تعليم جي ابتدا اهڙي مڪتب ۾ ڪئي، جتي ٻار جي صحيح يا غلط تربيت ڪري سندس ايندڙ زندگي اثر وٺندي آهي. اهو مڪتب هو سندس گهر، جتي سندس تعليم ۽ تربيت سندس عالم فاضل همشيره ڪئي، جا نه رڳو پڙهيل هئي، پر فارسيءَ تي به سٺو عبور هيس. گهرو مڪتب بعد پرائمري تعليم قمبر ۾ حاصل ڪيائين، جتي باوجود ميان محمد عثمان جي بدلين جي، هاسٽل ۾ رهي يڪسوئيءَ سان تعليم حاصل ڪندو رهيو ۽ سيڪنڊري تعليم مدرسه هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو ۾ پڙهيو. ان بعد هو ڪراچي ويو، جتي ڊي.جي سنڌ ڪاليج ۾ تعليم وٺڻ لڳو. اهو ٻڌڻ تي ته ڪراچي ريڊيو تي نيوز ڪاسٽر جي مقرريءَ لاءِ آڊيشن ٿي رهي آهي، هو ويو ۽ شامل ٿيو. سندس صاف ۽ گونجدار آواز جي ڪري هو چونڊيو ويو ۽ ڪافي وقت ڪراچي ريڊيو تي نيوز ڪاسٽر جي حيثيت ۾ ڪم ڪندو رهيو. سندس خبرن پڙهڻ جو انداز وڻندڙ ۽ اثر انگيز هوندو هو. خبرن جي مناسبت سان آواز ۾ لچڪ پيدا ڪري، هو ٻڌندڙ جي دلين تي خبر جي اهميت جي ڇاپ ڇاپي ڇڏيندو هو. باوجود ٻاهرين سرگرمين جي، هو پنهنجي پڙهڻ سان سچو رهيو. ڪراچيءَ ۾ رهڻ دوران سندس واقفيت هڪ اهڙي ڪٽنب سان ٿي، جنهن وٽ هو اچڻ وڃڻ لڳو. ان گهر جي هڪ ڇوڪريءَ تاج محمد سان محبت جو اظهار ڪيو، پر خانداني شرافت، گهرو تربيت ۽ وڏيءَ ڀيڻ جي مشورن هن کي سنڀالي ورتو ۽ هن باوجود ان گهراڻي سان ڪافي وقت تعلقات هوندي به پنهنجي قدم کي ٿڙڪڻ ڪونه ڏنو. تاج محمد جي اها خصوصيت هئي، جو باوجود موقعن ملڻ جي ۽ سٺين نوڪرين تي رهڻ جي، براين جي ويجهو ڪونه ويو. نه ڪڏهن سگريٽ پيتائين ۽ نه شراب، دڳ سير ڪنهن ڌاريءَ عورت کي ڏسندو هو ته اکيون زمين ۾ کُپائي ڇڏيندو هو. ايل.ايل.بي ڪرڻ بعد تاج محمد ڪراچيءَ کي خيرباد ڪيو. ڪجهه وقت اچي قمبر ۾ ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ انگلش ٽيچر ٿيو، پر سندس طبيعت کي اهو ميدان راس نه آيو. ايل.ايل.بي ڪري وڃي شمس الدين ابڙي وڪيل سان جونيئر پليڊر جي حيثيت سان ڪم سکڻ لڳو، جو ٿورڙي وقت ۾ حاصل ڪري ورتائين. ٻنهي جي هڪٻئي سان محبت ۽ لاڳاپي کي ڏسي ماڻهو کين ڀائر سمجهندا هيا. شمس الدين سان گڏ وڪالت جي دوران ئي سندس دوستي جمال ابڙي سان ٿي. ان وقت تائين هلندي رهي، جيسين تاج محمد جي ساهه جو سڳو پئي سُريو. تاج محمد جهڙو ڪرمنل ڪيسن (Criminal Cases) جي ڪاميابين ۾ مشهور هو، اهڙي ئي سول لا (Civil Law) جي کيس ڄاڻ هئي. گهڻو ڪري هو ڪرمنل ڪيسن کي ترجيح ڏيندو رهيو ۽ جرح ۾ شاهدن جون متيون منجهائي ڇڏيندو هو. ڪرمنل ۽ سول لا جي ڄاڻ ڪري کيس پهريائين اسسٽنٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر بنايو ويو ۽ بعد ۾ ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسڪيوٽر. ان نوڪريءَ دوران سنڌ جي اڪثر ۽ بلوچستان جي ڪن شهرن ۾ مقرر ڪيو ويو. جتي به مقرر ڪيو ويو، اتي پنهنجي قانون جي ڄاڻ جي ڌاڪ ڇڏيائين. ان قاعدي ۽ قانون جي ڄاڻ سبب قدر ڪري کيس سڌو سنئون ائڊيشنل ڊسٽرڪٽ جج بڻايو ويو ۽ بعد ۾ سيشن جج. سال ۱۹۷۲ع ۾ کيس سکر ۾ پهريون دفعو ائڊيشنل سيشن جج مقرر ڪيو ويو. بعد ۾ ڪراچي، نوابشاهه، حيدرآباد ۽ جيڪب آباد وغيره ۾ به ان پوسٽ تي رهيو. سال ۱۹۷۸ع ڌاري کيس ڊسٽرڪٽ سيشن جج بنايو ويو. ڊسٽرڪٽ سيشن جج جي نوڪريءَ دوران ابڙو صاحب خيرپور، نوابشاهه، حيدرآباد ۽ ٺٽي ۾ رهيو. ٺٽي جي آبهوا ۽ ماحول کان هو ايترو ته متاثر ٿيو، جو خواهش ڏيکاريائين ته پينشن تي وڃڻ بعد هو مستقل طور اتي رهندو. شروع کان وٺي تاج محمد غريبن جي پيڙا ۽ ڏک کي پنهنجو ڏک ڪري سمجهندو هو. ان سبب ڪري هن هڙئون ۽ وڙئون غريبن جي پئي مدد ڪئي. سندس همٿائڻ ۽ مالي مدد ڏيڻ تي ڪافي غريب پڙهي وڃي چڱين نوڪرين کي لڳا. ابڙي صاحب کي پنهنجن نوڪرن ۽ پٽيوالن جي گهرجن ۽ ضرورتن تي هميشه نظر هوندي هئي. ان ڪري هُو کين وقت بوقت مالي ۽ ٻي مدد پيو پهچائيندو هو. پنهنجي در تي ڪم ڪندڙن جي پيو پرگهور لهندو هو. کين سٺي کاڌي سان گڏ سٺا ڪپڙا وٺي ڏيندو هو. کين سواريءَ لاءِ سائيڪلون ۽ وقت ڏسڻ لاءِ واچون به وٺي ڏيندو هو. البت ڌنڌي طور پنندڙ فقيرن کي هُـو ڪونه ڀائيندو هو. چوندو هو ته اهڙيءَ طرح پني نه رڳو هُو معاشري تي بوجهه بڻجن ٿا، پر ساڳئي وقت هو حقدارن جو حق به مارين ٿا. ان غريبن جي همدرديءَ ڪري مسٽر تاج محمد هاري موومينٽ ۾ فعال حصو ورتو. هن جا ان سلسلي ۾ دوست ۽ همراهه هيا، ڪامريڊ نذير حسين جتوئي، حاجي محمد پيرزادو ۽ بعد ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي. ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ سان سندس صحبتون ۽ ملاقاتون به ان سلسلي جون ڪڙيون هيون. مرحوم تاج محمد ابڙو نيمن ۽ اصولن جو پابند هو. صبح سوير هُو پنهنجي جاءِ جي نم مان ۽ جي ٻئي هنڌ هوندو هيو ته ڀرواريءَ نم مان تازو ڏندڻ پٽائي ڏندن کي هڻندو هو. ان ڪري سندس ڏند موتين وانگر پيا جرڪندا هئا ۽ پڇاڙيءَ تائين سلامت رهيا. ان کان سواءِ صبح جو پنهنجي بدن جي صفائي، ڪپڙن جي صفائي ۽ بوٽ جي پالش جو خاص خيال رکندو هو. گهر ۾ سلوار قميص استعمال ڪندو هو ۽ آفيس ۾ ڪوٽ، پتلون ۽ ٽاءِ سان ويندو هو. تاج محمد پنهنجي شخصي ڊائري پڻ بنا ناغي لکندو رهندو هو. سندس ڊائريون سال ۱۹۴۶ع کان وٺي ۱۹۸۶ع تائين سندس ڪٽنب وٽ محفوظ آهن. سندس نيمن مان B.B.C ٻڌڻ به هوندو هو، جنهن لاءِ صبح جو پنجين وڳي جاڳڻو پوندو هيس. بي.بي.سي ٻڌڻ کان سواءِ هو صاحب شيوَ وقت پنهنجي گراموفون تي پراڻا گانا پڻ ٻڌندو هو. وٽس رڪارڊ ڪافي انداز ۾ موجود هئا. تاج محمد صاحب جي نيمن ۾ وقت تي دوا جو استعمال پڻ هوندو هو. وڪالت جي دوران مسلسل دماغي ڪم ڪرڻ سبب هو ڪن بيمارين جو شڪار ٿي پيو، جن مان هڪ هئي دم جي بيماري ۽ ٻي ذيابيطس (Diabetes). پوئين مرض جي سبب سندس خوراڪ تي خاص نظر هوندي هئي. باوجود ترغيبن ملڻ جي هن ڪڏهن پرهيز ڪانه ٽوڙي. انسولن (Insulin) جي انجيڪشن پڻ بنا ناغي پاڻ هڻندو هو. هڪ دفعي بيماريءَ دوران ڊاڪٽر حيران رهجي ويا، جڏهن کين ٽيهه سالن جي عرصي جا بيمارين جا نسخا هٿ ۾ ڏنا ويا. هڪ اهڙي مجلس جتي ڪافي معزز ماڻهو هڪ وڏي هستيءَ جي محفل ۾ اچي گڏ ٿيا هئا، کيس شراب پيئڻ جي آڇ ڪئي وئي، پر هن ان کي واپرائڻ کان بنهه انڪار ڪيو ۽ چيو ته هُو شراب استعمال ڪري پنهنجو اصول نه ٽوڙيندو. منجهند جي ننڊ مسٽر تاج محمد کي ڏاڍي عزيز هئي. ان جو سبب هو رات جو دير تائين مطالعو ڪرڻ، جو صبح جو ٻين ٽين وڳي تائين هلندو هو. منجهند جي ننڊ دوران ڪنهن به صورت ۾ کيس سجاڳ ڪونه ڪيو ويندو هو ۽ نه ڪنهن کي اهڙي همٿ ٿيندي هئي، سواءِ هڪ محترم هستيءَ جي، جا وٽس محترم به هئي ۽ پياري به. اها هئي سندس والده! جا به اهڙين حالتن ۾، جن ۾ سندس جاڳائڻ ضروري سمجهيو ويندو هو، کيس بيدار ڪندي هئي. دوستن سان بنا ناغي ڪچهري به سندس اصول هوندو هو. شام جو سندس دوست مقرر وقت تي اچي سندس اوطاق ۾ ڪٺا ٿيندا هئا، جتي ڪافي وقت چانهه جي پيالن تي ساڻن روح رهاڻ ڪندو رهندو هو. پنهنجن دوستن بابت جو خيال تاج محمد پنهنجي وصيت نامي ۾ ڪيو آهي، سو هيٺ ڏجي ٿو: ”منهنجا دوست ڪافي آهن، مگر هرڪنهن کي پنهنجا مسئلا درپيش آهن، تنهنڪري انهن کي ڪا تڪليف نه ڏيندا. البت پاڻ ۾ اختلاف يا ڪنهن منجهيل مسئلي تي سندن صلاح ضرور وٺندا. انهن جي هر وقت عزت ڪرڻ اوهان جو فرض آهي ۽ سندن اولاد سان پڻ تعلق رکڻ جي ڪوشش ڪندا. کانئن ڪڏهن به مالي مدد جي طلب نه ڪندا. ها البته ضرورت وقت اخلاقي مدد ضرور وٺندا ۽ مون کي يقين آهي ته ان ۾ هو پوئتي پير نه ڏيندا. مون تي منهنجا محسن ۽ دوست سدائين مهربان رهيا آهن، جنهن لاءِ آءٌ سندس شڪرگذار آهيان.“ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي لکڻ مطابق سندس ئي چوڻ تي تاج محمد علمي ۽ ادبي ڪتابن ڏانهن راغب ٿيو. بعد ۾ ان جو اهڙو چسڪو آيس، جو پنهنجي آفيس جي ڪم ۽ دوستن جي ڪچهريءَ بعد ٽين ترجيح سندس ادبي ڪتاب هوندا هئا. رات جو جيڪو ڪتابن جو مطالعو ڪندو هو، ان ۾ علمي ادبي ڪتابن جو به حصو هو. علم ۽ ادب جي ان شوق ڪري تاج محمد ئي لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت قائم ڪئي، جن جا سرگرم ڪارڪن جمال ابڙو، هري درياني دلگير، انيس انصاري ۽ وڏيرو علي محمد عباسي هئا. هيءَ سنگت ڪافي وقت فعال رهي. تنوير عباسيءَ لکيو آهي: ”تاج محمد ابڙو وڪيل هو، پر وڪيل کان وڌيڪ دانشور. ادب، تاريخ، فلسفو سڀ پڙهندو هو. دوستن سان بحث ڪندو هو. لکيائين هڪ لفظ به ڪونه، پر پڙهيو به گهڻو ته ڪڙهيو به گهڻو.“ تاج محمد ابڙي جي ڪمزوري دوست هئا، جن کان سواءِ پاڻ کي اڌورو سمجهندو هو. ياري باشيءَ ۾ سندس ڪچهري مشهور هوندي هئي، جتي علم ادب کان سواءِ سياست تي به وڏا بحث پيا ٿيندا هئا. وڪالت جي عرصي ۾ ته ٺهيو، خود جج هئڻ دوران به اهي ڪچهريون قائم رهيون. باوجود ايماندار ۽ سچي هئڻ جي، ڪن ماڻهن سندس نالي بد ڪرڻ ۾ به ڪين گهٽايو، پر سندس آئيني جهڙي صاف شخصيت اجري جي اجري رهي. تاج محمد دوستن کي ڪافي ڪم آيو. انهن کي هڙئون وڙئون گهرج وقت مدد ڏيندو رهيو. هڪ اهڙي دوست کي (جنهن جو نالو کڻڻ مناسب نٿو سمجهان) بيماريءَ جي حالت ۾ اسپتال ۾ داخل ٿيڻ بعد هڪ ئي وقت سندس علاج لاءِ ويهه هزار روپيا ڏنائين. تاج محمد عيالدار هو. کيس پنج پٽ ۽ چار نياڻيون آهن. نياڻين ۽ پٽن جي تعليم تي خاص ڌيان ڏيندو هو. انهن کي همٿائڻ لاءِ سٺن نمبرن کڻڻ تي انعام ڏيندو هو. پنهنجين نياڻين کي گربخشاڻيءَ جا شاهه جا رسالا سندن پوزيشن حاصل ڪرڻ تي ڏنائين ۽ انهن تي رسالي کي تحفي طور ڏيڻ جو سبب به لکي ڏيندو هو. هُو پٽن سان گڏ نياڻين کي اعليٰ تعليم ڏيڻ جي حق ۾ هو. ٻارن کي دنوي تعليم سان گڏ ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ همٿائيندو رهندو هو ۽ کين قرآن مجيد پڙهڻ لاءِ جتي جتي بدلي ٿيندي هيس، هڪ ملان رکي ڏيندو هو. پاڻ به مولانا تاج محمد امروٽيءَ جو قرآن مجيد جو ترجمو ۽ بائيبل مطالعي هيٺ رکندو ايندو هو. سندس هڪ پٽ سندس نئين ڪار جو ايڪسيڊنٽ (Accident) ڪيو. ڪار کي ڪافي نقصان پهتو، پر سندس پٽ کي ڪو زخم ڪونه آيو. تاج محمد پُٽ کي هڪ حرف به ڪونه چيو. هُو ان تي خوش هو ته سندس فرزند ايڪسيڊنٽ مان بنا ڌڪ لڳڻ جي بچي نڪتو. پنهنجي گهرواريءَ سان ڪافي پيار هوندو هئس. کيس ڏک سک جو ساٿي سمجهندو هو، پر پنهنجي والده ۽ وڏيءَ ڀيڻ سان سندس ڪافي عقيدت هوندي هئي. ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جو به گهڻو مداح هو. ساڻس سندس ڪافي ڪچهريون ٿيون. تاج محمد جي اکين ۾ پاڻي ٽن وقتن تي ڏٺو ويو. اهي وقت هئا: سندس والده، ڀيڻ ۽ ڀٽي صاحب جي فوت ٿيڻ جا ڏينهن. تاج محمد ابڙو سير شڪار جو شوقين هو. هُو ميلن جا ميل پنڌ گهمندو هو. ان کان سواءِ وٽس بيلجم (Belgium) جي ٺهيل دو نالي بندوق هئي، جنهن سان شڪار ڪندو هو. ان بندوق کي صاف به پاڻ ڪندو هو ۽ پاڻ ئي حفاظت سان رکندو هيس. ان بندوق جو ڪنداڪُ هڪ نانگ کي مارڻ دوران لٺ طور استعمال ڪرڻ سان ٽُٽي پيو. مرمت جي باوجود ان بندوق ۾ اها اڳين ڳالهه نه آئي. تاج محمد کي بندوق جي خراب ٿيڻ جو احساس ته هو ئي، پر ان کان وڌيڪ خوشي ان ڳالهه جي هيس ته ان بندوق سان ئي نانگ ماري سندس پٽ کي بچايو ويو هو. تاج محمد ڪڏهن ڪڏهن خيالن ۾ اهڙو ته گُم ٿي ويندو هو، جو پنهنجو پتو ڪونه پوندو هيس. هڪ دفعي پنهنجي فرزند سان گڏ ادبيات حيدرآباد ۾ ڪتاب وٺڻ ويو. ڪتاب وٺي ڪار تي چڙهڻ وقت پٽ جي بجاءِ هڪ ٻئي ڇوڪري کي ٻانهن کان وٺي گاڏيءَ ۾ چاڙهڻ لڳو. پُٽ جي آواز تي پنهنجي غلطي محسوس ڪيائين ۽ پنهنجي بي خياليءَ تي ڏاڍو کِليو. اهڙيءَ طرح ٻئي وقت هو ساڳئي نموني پنهنجي چپل جو هڪ پادر ڇڏي وڃي گاڏيءَ ۾ چڙهيو. ٿيو ائين جو سفر دوران هڪ هوٽل ڀرسان گاڏي بيهاري، ٻاهر ڪرسيءَ تي چانهه پيئڻ وقت هن چپل جي هڪ پادر مان پير ڪڍي ڇڏيو. وڃڻ وقت چپل جي ان پادر ڏي ڌيان ئي نه ويس ۽ اچي گاڏيءَ ۾ چڙهيو، پر ڪجهه وقت کان پوءِ هن محسوس ڪيو ته سندس هڪ پير ۾ چپل ڪانه آهي ۽ وري گاڏي واپس ورائي اچي چپل کنيائين. قانون جي ڪتابن کان سواءِ ٻيا ڪتابَ به شوق سان پڙهندو هو. وٽس ڪتابن جو وڏو ذخيرو موجود هو، جنهن مان ڪجهه ته سندس ٻاهر نوڪريءَ جي دوران گهر ۾ بند هئڻ سبب اڏوهيءَ جو شڪار ٿيا ۽ ڪافي ڪتاب سندس ڪٽنب سر شاهنواز ميموريل لئبرريءَ (Sir Shah Nawaz Memorial Library) کي عام ماڻهن جي فائدي لاءِ ڏنا ۽ ڪي ڪتاب سندس دوستن کي تحفي طور پڻ ڏنا ويا آهن. ڪجهه ڪتاب جن کي مصنفن پنهنجن دستخطن سان تحفي طور تاج محمد کي ڏنا هئا، سي ڪٽنب وٽ موجود آهن. اهي ڪتاب محترم جويي، شيخ اياز، رشيد ڀٽي، جمال ابڙي، رسول بخش پليجي ۽ ڪافي ٻين جا آهن. هن وقت به گهر ۾ ڪافي تعداد ۾ ڪتاب موجود آهن، جن مان ڪجهه قاعدي قانون جا آهن ۽ باقي علم ادب، تاريخ، مذهب ۽ ٻين علمن بابت ڪتاب آهن. انهن ڪتابن مان اڃا تائين گهرجائو پنهنجو ڪم حاصل ڪندا رهن ٿا. اهي ڪتاب يادگيريءَ طور گهر جي ڀاتين پاڻ وٽ رکيل آهن. تاج محمد جا پويان ڪتابن ڏيکارڻ ۽ مطالع ۾ ڏيڻ ۾ بخل ڪونه ڪندا آهن. سال ۱۹۸۵ع ۾ پينشن تي اچڻ بعد هن پنهنجي آئندي جي پروگرام تي عمل ڪرڻ لاءِ اچي ٺٽو وسايو، جتي پنهنجي رهڻ لاءِ بنگلو ۽ گذر سفر لاءِ هڪ سروس اسٽيشن ٺهرائي هئائين. ٺٽي جي آبهوا ۽ کليل فضا ته کيس راس آئي، پر اهي دوست جن سان دل جون ڳنڍيون هيس، سي ته هئا لاڙڪاڻي ۾. ان طرح هو هفتي ۾ ڪجهه ڏينهن لاڙڪاڻي پنهنجي دوستن سان ملڻ ايندو هو. اهڙيءَ طرح هڪ دفعي موٽندي ڌاڙيلن سندس گاڏي بيهاري ۽ ڦر ڪري ويا، پر هن اها ڳالهه پنهنجن گهروارن سان نه ڪئي. ڪجهه ڏينهن بعد جڏهن مسٽر غلام محمد راجپوت ڊسٽرڪٽ سيشن جج دادو چوري ٿيل سامان هٿ ڪري کيس پهچائڻ آيو ته گهر وارن کي ان ڳالهه جو پتو پيو. ڦر جو ذڪر نڪتو آهي ته هيءَ ڳالهه ٻڌائڻ مناسب ٿيندي ته سکر ۾ ابڙي صاحب جي گهر مان چوري ٿي وئي. چور سڄو گهر ٻهاري ويا. چوريءَ ۾ تاج محمد جي گهرواري، والده ۽ ڀيڻ جا سونا زيور به شامل هئا. اها چوري پڪڙجي نه سگهي، البته پوليس جڏهن ڪجهه پڪڙيل چورين جا زيور سڃاڻپ لاءِ سندس گهر آندا ته تاج محمد پنهنجي گهر تاڪيد سان چيو ته هُو صرف پنهنجا زيور پنهنجا ڪن، پراون تي هٿ نه رکن. انهن زيورن ۾ سندن ڪوبه زيور ڪونه هو، ان ڪري ڪوبه زيور پنهنجو نه ڪيائون. ڦر جي واقعي ۽ تاج محمد جي لاڙڪاڻي ۽ ٺٽي جي وچ ۾ اچڻ وڃڻ سبب سندس گهر جي ڀاتين اهو فيصلو ڪيو ته هُو سڀ لاڙڪاڻي وڃي رهندا، حالانڪه ٺٽو سندن طبيعت ۽ تندرستيءَ لاءِ بهتر هو. ان بعد سڀ گهر جا ڀاتي ابڙي صاحب جي خوشيءَ خاطر لاڙڪاڻي اچي رهيا. باوجود نيمن ۽ اصولن جي پالنا ۽ دوائن جي بلا ناغي استعمال ۽ پرهيزي کاڌي جي، ذيابيطس جي بيماري سندس اندر کوکلو ڪري ڇڏيو. کيس دل جو سور (Angina Pectoris) به ٿي پئي. فيبروريءَ ۱۹۸۶ع ۾ سندس بيماري وڌي وئي. پهريائين مقامي ڊاڪٽرن کان علاج ڪرايائين ۽ آخر جڏهن ڳالهه وڌي وئي ته جمال ابڙي ڪراچيءَ مان فون ڪري کيس اتي اچڻ لاءِ چيو. کيس جناح اسپتال جي Cardio Vascular ۾ داخل ڪيو ويو، جتي باوجود علاج جي هو تاريخ ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع تي الله کي پيارو ٿي ويو. سندس لاش لاڙڪاڻي آندو ويو، جتي ابوبڪر مقام ۾ پنهنجن عزيزن جي قبرن ڀرسان کيس دفنايو ويو. (هلال پاڪستان، عوامي آواز، عبرت، جاڳو، ڪاوش، سرواڻ، پڪار) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۽ مچ ڪچهريون مير نادر علي ابڙو لطيف سائين جي ڌرتي سنڌ جيڪا مختلف روايتن ڪهاوتن ڪارڻ هر وقت ڪنهن لاءِ ڪنهن حد تائين پر ڪشش رهي آهي. ان سر زمين تي هميشه محبت جا ميلا متل رهيا آهن، اهي ميلا مختلف روين ۾ سجندا رهندا آيا. ميلن ملاکڙن کان ويندي اوطاق ڪچهريون سنڌ جون پراڻيون روايتون ۽ هڪ ٻئي جا سور سٽڻ جو جتي مرڪز بڻيل رهيون آهن ته اتي وري سياري جي سرد هوائن ۾ سنڌ اندر ٿيندڙ مچ ڪچهريون مشهور آهن. توڙي جو اتي اڄوڪي دؤر ۾ اهو رواج گهٽ ٿيندو وڃي پر تنهن باوجود سنڌ ۾ اڃا تائين مچ ڪچهريون ٿيندو اچن. انهن ڪچهرين ۾ ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن کان ويندي دوستن تائين باهه جي چوطرف محبتن جا ميلا مچايا ويندا آهن. هڪ ٻئي سان جتي گلائو ۽ شڪوائون هجتن جا پل پسڻ لاءِ ملن ٿا. لاڙڪاڻو ضلعو انهيءَ حوالي سان تمام گهڻو زرخيز رهيو آهي. اتي مچ ڪچهرين جي روايت ۽ سلسلو تمام آڳاٽي زماني کان هلندو اچي ۽ اڃا تائين اهوئي مچ ڪچهرين جو جوڀن جاري آهي. هتي جڏهن به مچ ڪچهرين جو تذڪرو ٿيندو ته اتي ڀلا ڪيئن مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي لاڙڪاڻي واري اوطاق کي وساري ٿو سگهجي، جتي سموري سنڌ جا ڏاها اچي مچ تي محبتن جا ميلا مچائيندا هئا. اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀُٽو کان ويندي سوڀي گيانچنداڻي تائين هر مڪتبه فڪر جو ماڻهو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي مچ ڪچهريءَ جو روح روان هوندو هو. انهن ڪچهرين ۾ جتي باهه جي شعلن تي عظيم اراده سرجيا ويندا هئا ته هتي وري ايندڙ صبح جي ڀليڪار جا جتن ڪيا ويندا هئا ۽ هڪ ٻئي جا لڙڪ اگهي کين آٿت ڏني ويندي هئي. انهيءَ مچ ڪچهري ۾ جيڪو شرڪت ڪندو هو تنهن جي اٿڻ لاءِ دل نه ڪندي هئي. اهي مچ ڪچهريون ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سجائي انهن وسيلن علم ادب جو درس ڏيندو هو ۽ سموري سنڌ کان سواءِ بلوچستان، سرحد ۽ پنجاب جا سلجهيل اديب ۽ سماج سڌارڪ انهن مچ ڪچهرين ۾ اچي ڪجهه پرائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا ۽ اتي تمام وڏو سياسي سماجي ۽ادبي بحث ٿيندا هئا، پر اڄ سيٽلائيٽ دؤر جا ڪجهه آثار ضرور هن مچ ڪچهرين تي اثر انداز ٿيا آهن ۽ ماڻهن ۾ انهيءَ حوالي سان اڳيون چاهه ناهي رهيو ۽ سماجي قيد خاني ۾ بند ٿي رهجي ويا آهن پر تنهن پڄاڻا به ڪي آهن جيڪي انهن مچ ڪچهرين کي آباد رکيو اچن ۽ هر ڪنهن کي سڏي گڏ ڪري مچ مچائيندا اچن. انهن مچ ڪچهرين کي لاڙڪاڻي ۾ آباد رکڻ ۾ جتي ٻيا طبقا سرگرم آهن، اتي وري لاڙڪاڻي ضلعي ۾ مچ ڪچهرين جو رواج وجهندڙ مرحوم تاج محمد ابڙو جو فرزند ايڊووڪيٽ مظهر علي تاج ابڙو به ڪنهن کان پٺتي ڪونهي ساڳيو علم هٿ ۾ کڻي لاڙڪاڻي ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جو درس ڏيندو ۽ ادبي سماجي ميلا مچائيندو اچي. اهوئي ڪارڻ آهي جو اڄ لاڙڪاڻي جي عوام ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي لاڏاڻي کانپوءِ سندس جي سڪ مظهر علي تاج ابڙو مان لاهي ٿي جيڪو انهن مچ ڪچهرين ۾ پاڻ ملهائيندو اچي، جيڪا ڳالهه انتهائي ڀلوڙ آهي. سنڌ جي سمورن نوجوانن کي اهي مچ ڪچهريون ۽ پراڻن جي ڇڏيل روايتن کي پاڻي ڏئي اڳتي وڌائڻ گهرجي، ڇو جو پراڻن جون ڇڏيل انهن روايتن ۾ اسان جي سماج لاءِ هڪ محبتن جو سنديسو سمايل آهي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اڪثر اها ڳالهه ڪندو هو ته جن به قومن پنهنجن وڏن جو ڏنل درس ڇڏيو ته اهي تباهه برباد ۽ نقصان ۾ ويون آهن. انهي لاءِ اسان ماڻهن کي هن وقت تائين انهن مامرن کي ويجهائي کان وٺي ڪم ڪري پنهنجو پاڻ ۾ ڪنهن حد تائين متحرڪ ٿيڻ جي قوت پيدا ڪرڻ کپي ته جيئن اسان وڏن جي ڇڏيل روايتن کي قائم ۽ دائم رکي سگهون. اڪثر طور تي وقت نه هجڻ واري عام ۽ غيرذميواري ڪارڻ انهي جا اثرات اسان تي ڀاري نموني اثرانداز ٿيندا رهندا آهن. هاڻ جڏهن سياري جا پڇاڙڪا پل ماضي بڻجي گذري رهيا آهن، ته مچ ڪچهريون به پڄاڻي تي پهچي چڪيون آهن. (خبرون، سنڌو ڊائجسٽ، هلچل، سنڌ، مهراڻ، عوامي آواز، مقدمو، فيصلو، عبرت، سڪار، تعمير سنڌ، هلال پاڪستان، نوائي وقت، خبرين، وکٽوريه) ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جج، اديب، وڪيل، سياستدان ۽ سماجي شخصيت ڊاڪٽر اياز قادري هڪ پارسي زبان جي شاعر چيو آهي: ”تون اسان وٽان هليو وئين، مگر تنهنجي ياد اسان جي دلين ۾ سمايل آهي.“ تاج محمد ابڙي کي اسان کان جدا ٿئي ڏينهن، ڏينهن مان مهينا ۽ مهينن مان سالَ ٿي ويا آهن، پر هُو اسان کان جدا نه ٿيو آهي. هن جون يادگيريون، هن جون ڳالهيون، ائين تازيون آهن، جيئن بهار ۾ ٽڙندڙ تازا گل. تاج محمد ابڙو منهنجو هاءِ اسڪول کان وٺي ڪاليج تائين ڪلاس فيلو، هاسٽل ۾ روم ميٽ ۽ زندگيءَ ۾ پيارو دوست هو. اسين هڪٻئي جي ويجهو رهياسين. ڏک سک جا ساٿي، حال ڀائي ۽ همدرد، اسان ۾ ڪڏهن به هڪٻئي سان ڪاوڙ پيدا نه ٿي، نه جهيڙو ئي ٿيو. هڪ ڀيري مون کي هن جي ڪنهن ڳالهه جو ڏُک ٿيو ۽ مان ٽي چار ڏينهن ناراض رهيس. تڏهن مون ڏانهن چٺي لکيائين: Make new friends but keep the old ones; for one is silver another is gold. ناراضپو ختم ٿي ويو ۽ اسين کير کنڊ ٿي وياسين. تاج محمد ابڙي کي ننڍپڻ کان ئي سياست سان دلچسپي هئي. اسين جڏهن مدرسه هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ پڙهندا هئاسين ته ڪڏهن ڪڏهن سياست تي به ڳالهائيندا هئاسين. اهو ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جو دؤر هو، هندو مسلم ڇڪتاڻ جا ڏينهن هئا. هندن جو لاڙو ڪانگريس ڏانهن ۽ مسلمانن جو مسلم ليگ ڏانهن هو. ڪٽر هندو جماعت ”هندو مهاسڀا“ سنڌ جي صوفي ماحول کي بگاڙي، هندو مسلمانن ۾ وڏا ويڇا وجهي رهي هئي. هندن ۾ مسلمانن خلاف ان جماعت نفرت جو وڌيڪ زهر وڌو. مسلمان شاگردن جو لاڙو مسلم ليگ ڏانهن هو. اهو زمانو ۱۹۴۲ع وارو زمانو هو، مگر تاج محمد ابڙو ان وقت به هارين ۽ غريبن جي ڳالهه ڪندو هو. ننڍپڻ ۾ سندس گهرو تربيت اعليٰ نموني ٿي هئي. سمجهه ۾ ائين ٿو اچي ته سندس گهر جي ماحول جو هن تي گهرو اثر هو. انهن ڏينهن ۾ سنڌ جون مکيه روزانه اخبارون هيون : (۱) ”هندو“ جنهن جو پوءِ نالو مٽائي ”هندستان“ رکيو ويو. هيءَ ڪانگريس جي اخبار هئي. (۲) ”سنسار سماچار“ هيءَ مهاسڀاين (ڪٽر هندن) جي اخبار هئي ۽ (۳) ”الوحيد“ هيءَ مسلم ليگ جي خيالن جي اخبار هئي. انهن کان سواءِ ڪيتريون هفتيوار اخبارون نڪرنديون هيون. تاج محمد ابڙو ۽ مان اخبارون وڏي چاهه سان پڙهندا هئاسين. پوءِ سياسي حالتن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي هئي. ۱۹۴۳ع ۾ مئٽرڪ ۾ پاس ٿياسين. ان وقت مسلمانن جي تعليم جو هي حال هو، جو مان لاڙڪاڻي شهر جو واحد مسلمان شاگرد هوس، جو مئٽرڪ ۾ پاس ٿيو هوس. اسين گهڻو ڪري سڀ سنگتي پاس ٿياسين. انهيءَ زماني ۾ ۱۹۴۳ع ۾ پير الاهي بخش سنڌ جي تعليم جي وزير جي ڪوشش سان سنڌ مسلم ڪاليج کليو هو. مسلمان شاگردن لاءِ ان ڪاليج ۾ في، هاسٽل جي رهائش، کاڌي ۽ اسڪالرشپ جون وڏيون سهوليتون هيون. انهيءَ ڪري تاج محمد ابڙو ۽ مون به ايس.ايم ڪاليج ۾ داخلا ورتي ۽ گڏ هاسٽل جي روم ۾ رهڻ لڳاسين. تاج محمد ابڙي کي ڪراچيءَ ۾ پنهنجي سوشلسٽ خيالن وارن ماڻهن سان ملڻ ۽ سوشلزم کي سمجهڻ جو وڏو موقعو مليو. لائيٽ هائوس سئنيما سامهون (جا هينئر ڊهي وئي آهي) ڪچهري روڊ جي شروعات تي ٽريڊ يونين ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي آفيس هئي. تاج محمد ابڙي باقاعده اُتي وڃڻ شروع ڪيو. ڪميونسٽ پارٽي سنڌ جو سيڪريٽري ڪامريڊ جمال الدين بخاري هو ۽ سرگرم ڪارڪنن ۾ سوڀو گيانچنداڻي، پوهو، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي، قادر بخش نظاماڻي ۽ ٻيا هندو مسلمان جوشيلا جوان هئا. ڪميونسٽ پارٽيءَ طرفان سوشلزم ۽ ڪميونزم کي سمجهڻ لاءِ ڪلاس ٿيندا هئا. تاج محمد ابڙو انهن ڪلاسن ۾ باقاعدي ويندو رهندو هو. سياسي طرح هُو ڪامريڊ قادر بخش نظاماڻيءَ کي ئي پنهنجو استاد سمجهندو هو. قادر بخش نظاماڻيءَ پهريان سنڌين ۾، پوءِ بلوچن ۾ نئشنلزم ۽ سوشلزم جي تربيت جو ڪم شروع ڪيو. ڪجهه سالن کان هاڻي هو لنڊن ۾ مقيم آهي. اسين جڏهن ڪراچيءَ ۾ تعليم لاءِ پهتاسين ته ورلڊ وار سيڪنڊ (Scond World war) جي خاتمي جا ڏينهن هئا. ته به انگريز سپاهي ڪارين ڪرسچن ڇوڪرين کي ڀاڪر پايو صدر جي بازارين ۾ عام جام گهمندا ڏسڻ ۾ ايندا هئا. ايس.ايم ڪاليج، سنڌ مدرسه هاءِ اسڪول جي احاطي اندر قائم ڪيو ويو هو. مدرسه هاءِ اسڪول جي بورڊنگ هائوس جو هڪ حصو ڪلاسن لاءِ، باقي حصو ڪاليج جي شاگردن جي رهائش لاءِ مخصوص ڪيو ويو هو. ڪاليج ڇا هو؟ ان وقت ته ڪنهن ننڍي هاءِ اسڪول جي ئي برابر هو. مدرسه هاءِ اسڪول جي ٻاهرئين وڏي دروازي جي مٿان، جيڪو ڪاليج جو به دروازو هو، وڏن اکرن ۾ لکيل هو: Enter to learn, go forth to serve! تڏهن شاگرد نوڪريون به ڪندا هئا ۽ پڙهندا به هئا. ان زماني ۾ نوڪريون جام هيون. مسلمان ڇوڪرا تمام گهٽ پڙهيل هئا. سنڌ سرڪار نوڪرين ۾ هندن ۽ مسلمانن جي ڪوٽا مقرر ڪئي هئي: ۶۰ سيڪڙو مسلمان ۽ چاليهه سيڪڙو هندو. مسلمان ڇوڪرا هڪ نوڪري ڇڏي ٻي نوڪري ڪندا هئا. تاج محمد ابڙي به مختلف هنڌن تي نوڪري ڪئي. ڪجهه عرصو ان وقت جي مشهور اخبار ”الوحيد“ ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر ٿي ڪم ڪيائين. پوءِ ريڊيو پاڪستان ۾ سنڌي خبرن جو انائونسر (Announcer) ٿي رهيو. ڪاليج لائيف ۾ هن اسٽوڊنٽ تحريڪن ۾ پس پرده وڏو ۽ اهم حصو ورتو. محمود هارون (پوءِ جو اڳواڻ سنڌ جو گورنر)، سندس ڀاءُ سعيد هارون، قاضي عبدالمنان (پوءِ جو سنڌ جو روينيو منسٽر) علي گوهر کهڙو، سڀ مسلم ليگي ۽ مسلم شاگردن ۾ پنهنجي ليڊري قائم ڪرڻ گهرندا هئا. تاج محمد کي شاگرديءَ واري زماني ۾ اخبار ڪڍڻ جو ڏاڍو چاهه هو. ان بابت مون سان صلاح ڪندو هو. مان هميشه چوندو هومانس: ”تيل کان سواءِ ڏيئو نه ٻرندو.“ پاڻ تڪڙا ماڻهو آهيون، پيٽ ئي مشڪل ٿا پاليون، پوءِ اخبار جي عياشي ڪيئن ڪري سگهنداسين؟ ۽ هن ڪجهه پئسا پاڻ ۽ ڪجهه پئسا ٻين دوستن کان هٿ ڪري ”نوجوان“ نالي سان هفتيوار اخبار شروع ڪئي. ان جو ايڊيٽر مون کي مقرر ڪيائين. ان وقت نه سنڌي مسلمانن ۾ هو مڊل ڪلاس نه تعليم، نه وري اخبار پڙهڻ جو چاهه، تنهنڪري ”نوجوان“ جا فقط ڪجهه پرچا نڪتا، پوءِ اخبار مالي مشڪلاتن سبب بند ٿي وئي. تاج محمد ابڙو ۴۸-۱۹۴۷ع ڌاران وڪالت پاس ڪري لاڙڪاڻي هليو آيو. ان وقت قاضي فضل الله، حنيف صديقي، خانبهادر يار محمد جوڻيجو، شمس الدين ابڙو، عبدالوحيد ڪٽپر، عبدالفتاح ميمڻ ۽ ٻيا لاڙڪاڻي جا برک وڪيل هئا. هن پهريان عبدالفتاح ميمڻ سان گڏ وڪالت شروع ڪئي، پر طبيعت جي فرق سبب ان کي ڇڏي شمس الدين ابڙي جي چوڻ تي ان جو پارٽنر ٿي وڪالت ڪيائين. مان هر روز شام جو چانهه تاج محمد وٽ سندس اوطاق ۾ وڃي پيئندو هوس. شام جو تاج محمد ابڙو پنهنجي اوطاق تي ڪچهريءَ ۾ مست رهندو هو. مون هن کي بلڪل ويجهائيءَ کان ڏٺو. هن جو دامن دنيا جي آلودگين کان بلڪل صاف ۽ شفاف رهيو. لاڙڪاڻي جون ڪچهريون ايامن کان مشهور هيون. لاڙڪاڻو وڏيرن، وزيرن ۽ وڪيلن جو شهر هو. شهر ۾ ڪيتريون ڪچهريون قائم هيون: لاهورين ۾ نواب حاجي امير عليءَ جي ڪچهري، پوسٽ آفيس سامهون عبدالغفور ڀرڳڙيءَ جي ڪچهري، اسٽيشن جي ڦاٽڪ لڳ قاضي فضل الله جي ڪچهري، ٿورو هيٺ عبدالفتاح ميمڻ جي ڪچهري، ٽائون ٿاڻي (اڳيون) لڳ تاج محمد ابڙي جي ڪچهري، مارڪيٽ لڳ ميان غلام عباس قادري جي ڪچهري، قافله سراءِ ۾ خان صاحب فقير محمد انڙ جي ڪچهري، اهي ڪچهريون سڀ بلي بلي هيون. پر انهن سڀني مان تاج محمد ابڙي جي ڪچهريءَ جي ڪهڙي ڳالهه ڪري ڪهڙي ڪجي. هن جي ڪچهريءَ جو رنگ ئي پنهنجو هو. هن ڪچهريءَ ۾ مختلف قسمن، طبيعتن، سياسي پارٽين، ادبي گروهن، زميندارن ۽ هارين سان واسطو رکندڙ ۽ مذهبي طبقي سان واسطو رکندڙ ماڻهو ايندا هئا، جن ۾ ڪامريڊ علي محمد عباسي (بيگم اشرف عباسي جو وڏو ڀاءُ)، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، عبدالخالق آزاد (نوابشاهه)، ڪامريڊ عبدالقادر جوڻيجو، مولوي نذير حسين جتوئي، حاجي محمد پيرزادو، ڪامريڊ جمال الدين بخاري، جمال ابڙو، مان ۽ ٻيا ڪيترا حباب شريڪ ٿيندا هئا. هر ماڻهوءَ جو آڌرڀاءُ چانهه سان ٿيندو هو. چانهه جي ديڳڙي هميشه گرم رهندي هئي. تاج محمد ابڙي جو دسترخانو نهايت ئي ڪشادو هوندو هو. سنڌ توڙي پاڪستان جي مختلف حصن مان مختلف قسمن جا ماڻهو وٽس اچي مهمان ٿيندا هئا، جن ۾ وڏو تعداد سياسي ماڻهن جو هوندو هو. شيخ اياز سکر مان جڏهن به ڪنهن ڪيس جي سلسلي ۾ لاڙڪاڻي ايندو هو، ته وٽس اچي مهمان ٿيندو هو. ڀارت مان اتم ۽ سندري اتمچنداڻي جڏهن لاڙڪاڻي آيا، ته تاج محمد ابڙي انهن جي دعوت ۽ ميزباني ڪئي. سياست تاج محمد ابڙي جي رڳ رڳ ۾ سمايل هئي. هُو سوشلزم ۽ ڪميونزم سان ڪميٽڊ (Committed) هو. جيئن ته لاڙڪاڻي ۾ ڪوبه ڪارخانو ۽ فيڪٽري ڪانه هئي، تنهنڪري هتي مزدور طبقو ڪونه هو. هن سنڌ جي وڌ ۾ وڌ ڏتڙيل ۽ پٺتي پيل طبقي هارين لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. هارين جي بيداريءَ جي ڪم جي شروعات ڪجهه سال اڳ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ڪري چڪو هو. تاج محمد ابڙو، مولوي نذير حسين جتوئي، عبدالواحد سومرو (رتيديري وارو)، ڪامريڊ علي محمد عباسي، عبدالخالق آزاد (نوابشاهه)، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، قاضي فيض محمد، شمس الدين شاهه وڪيل (سکر)، ڪامريڊ عبدالقادر جوڻيجو (ڌامراه) ۽ ٻين ڪيترن دوستن ”هاري پارٽيءَ“ جي نالي تنظيم قائم ڪئي ۽ هارين جي بهبود لاءِ ڪم شروع ڪيو. لاڙڪاڻي ۾ تاج محمد ابڙي ان ڏس ۾ پاڻ چڱو موکيو. هڪ ڀيري مشهور ڪميونسٽ ليڊر ۽ شاعر ناصر زيدي، تاج محمد ابڙي وٽ لاڙڪاڻي اچي نڪتو. ايوب جو آمر شاهي دؤر هو. هن جي پٺيان سي.آءِ.ڊيءَ وارا لڳل هئا. تاج محمد ابڙي جي اوطاق عام ماڻهن لاءِ کليل هوندي هئي. خطرو اهو هو ته سي.آءِ.ڊيءَ وارن کي سندس لاڙڪاڻي ۾ آمد جو پتو نه پوي ۽ کيس گرفتار نه ڪري وڃن، ان ڪري هن کي تاج محمد ابڙي منهنجي اوطاق ۾ رهايو، جتي هڪ اڌ ڏينهن رهي، هو خير سلامتيءَ سان روانو ٿي ويو. ڪجهه وقت کان پوءِ کيس گرفتار ڪري لاهور جي قلعي ۾ بند ڪيو ويو، جتي مٿس گهڻيون سختيون ڪيون ويون ۽ هُو مري ويو. تاج محمد ابڙي کي ڪتابن پڙهڻ ۽ ڪٺي ڪرڻ جو بي انتها گهڻو چاهه هو. هو زياده تر سياسي، بايوگرافي (سوانح حيات) ۽ تاريخي ڪتاب پڙهندو هو. سواءِ ڪنهن اعتماد واري دوست جي، ٻئي کي ڪتاب نه ڏيندو هو. مون کانئس جو ڪتاب گهريو، سو ڏيندو هو. مون ”ڪنفيشنس آف روسو“، ”تاريخ بلوچستان (هوتورام)“، ”ٿنڪ اينڊ گرو رچ“، ٻيا ڪيترائي ڪتاب سندس لائبريريءَ مان وٺي پڙهيا. هن کي هفتيوار ”ٽائيم“ ۽ رسالي پڙهڻ جو نه صرف شوق هو، پر هو باقاعدگيءَ سان انهن کي سنڀالي رکندو هو ۽ جلدَ چاڙهائي ڇڏيندو هو. جيڪڏهن ڪو پرچو پوسٽ وارا گُم ڪري ڇڏيندا هئا ته پوءِ مان اهو پرچو کيس ڪراچيءَ جي اسٽالن يا فوٽ پاٿن تان هٿ ڪري ڏيندو هوس. تاج محمد ابڙي کي انگريزيءَ ۾ هڪ هفتيوار اخبار View and Review نالي ڪڍڻ جو ڏاڍو شوق هو. هو چوندو هو: ”جيستائين سنڌ جي ماڻهن ۾ سياسي حالتن تي تنقيدي جائزي وارو مواد نه پهچندو، انهن ۾ سياسي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ جي سمجهه نه پيدا ٿيندي.“ تاج محمد ابڙي جا سنڌ، بلوچستان، پنجاب ۽ سرحد جي ڪيترن ئي سياستدانن سان انتهائي گهرا تعلقات هئا، جن سان هن جون شخصي ۽ سياسي ملاقاتون ٿينديون هيون. سنڌ جي سياستدانن ۾ جي ايم سيد، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، محمد امين کوسو، شيخ عبدالمجيد سنڌي، قاضي فيض محمد، غلام محمد لغاري ۽ بي شمار ٻين سان هن جا گهرا تعلقات هئا. لاڙڪاڻي جي سياستدانن مان قاضي فضل الله ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سان نه فقط هن جا گهرا تعلقات هئا، پر اهي ٻئي هن جي سياست ۽ ضلعي جي ماڻهن جي نفسيات جي ڄاڻ سبب ضلعي جي ڪيترن مسئلن بابت هن کان هميشه مشورا وٺندا رهندا هئا. مون کي ياد آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو خاص طرح اليڪشن واري زماني ۾ هن وٽ ايندو هو يا هن کي پاڻ وٽ گهرائيندو هو ۽ ضلعي جي ماڻهن ۽ ضلعي جي وڏيرن بابت جن جو ماڻهن تي اثر هوندو هو، هن سان صلاح مصلحت ڪندو هو. ڀٽو صاحب تاج محمد ابڙي تي ايترو ته مهربان هو، جو هن کي بقا پور واري تڪ مان نه صرف بي ڊي ميمبر چونڊرايائين، پر اتي جو چيئرمين پڻ مقرر ڪيائين. تاج محمد ابڙي کي سنڌي ادب ۽ زبان سان بيحد گهڻي دلچسپي هئي. اسان جڏهن ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت قائم ڪئي ته ڏاڍو خوش ٿيو ۽ اسان سان پيش پيش رهيو. هُو چاهيندو هو ته سنڌي ادب کي پراڻي پيچري تان هٽائي نون ترقي پسند راهن ۽ رستن تي هلائجي. هو سنڌي ادبي سنگت جي ميڙن ۾ پيش ٿيندڙ نئين روشنيءَ واري ادب کان ايترو متاثر ٿيو، جو هن پاڻ لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي شاخ قائم ڪئي. سنگت جو سيڪريٽري پاڻ هو. سنگت جي ميڙن ۾ لاڙڪاڻي جا پراڻا ۽ نوان اديب سڀ شريڪ ٿيندا هئا، جن ۾ حاجي محمود خادم، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ، انيس انصاري، جمال الدين بخاري، جمال ابڙو ۽ مان گهري دلچسپي وٺندا هئاسين. تاج محمد ابڙي جي ڪوششن سان سال ۱۹۵۶ع ۾ لاڙڪاڻي جي تجر باغ ۾ شاهه عبداللطيف جي شاندار ورسي ملهائي وئي. ان وقت عبدالله چنو لاڙڪاڻي جو ڪليڪٽر هو. هن کي شاهه جي ڪلام سان گهڻي دلچسپي هئي. ان ڪري صدارت ان کان ڪرائي وئي. ورسيءَ جي خرچ جو بار سڄو تاج محمد ابڙي برداشت ڪيو. جيتوڻيڪ ورسيءَ جو سمورو بندوبست هُن پنهنجي هڙون توڙي وڙون ڪيو، پر جيڪي دعوت ناما جاري ڪيا ويا، اهي منهنجي نالي سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت جي حيثيت سان ويا. ورسي نهايت ڪامياب رهي. مان سمجهان ٿو ته لاڙڪاڻي جي تاريخ ۾ ڀٽائيءَ جي اهڙي شاندار ورسي اڳ ڪڏهن نه ٿي هئي. تاج محمد ابڙي کي ۱۹۷۰ع ڌاران نوڪري ڪرڻ جو خيال پيدا ٿيو. سڀني دوستن ان ڳالهه جي مخالفت ڪئي، مگر هُو پنهنجي ڳالهه تي قائم رهيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي زور ۽ اسرار تي هو ۱۹۷۲ع ۾ سيشن جج مقرر ٿيو. نوڪريءَ واري زماني ۾ به هو ساڳيو يار ويس ۽ مهمان نواز رهيو ۽ سندس اهي ئي ڪچهريون رهيون. سال ۱۹۸۵ع ۾ نوڪريءَ تان رٽائر ٿي لاڙڪاڻي آيو، ته بلڪل کيسين خالي آيو. اهڙي سادي، ايماندار ۽ هيري جهڙي ماڻهوءَ وٽ پئسي جو ڪٺو ٿيڻ ڏکيو هو. هُو جڏهن لاڙڪاڻي واپس آيو ته پاڻ سان دل جو مرض به کڻي آيو. ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع تي ڪارڊيو ويسڪيولر اسپتال ڪراچيءَ ۾ سندس انتقال ٿيو ۽ اسان کان هميشه هميشه لاءِ دور ٿي ويو ۽ اڪيلو ڪري ويو. هن جي وفات سان لاڙڪاڻي ۾ ڪچهرين جو دؤر ختم ٿي ويو، ڄڻ هي آخري ڏئيو هو، جو گُل ٿي ويو. ** (هلال پاڪستان، بختاور، برسات، عوامي آواز، عبرت، سنڌو، جاڳو، آفتاب، پُڪار، مهراڻ ۽ الوحيد) مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو منهنجو دوست ڪامريڊ روچي رام ڪامريڊ تاج محمد تاج محمد ابڙو سياست صحافت ۽ ادب جو هڪ جاکوڙي ڪردار هو پر زاتي طور جنهن کي تاج محمد جي محبت جي سِکِ لڳل هوندي سو کيس کيس ڪنهن به صورت ۾ وساري ڪين سگهندو. هو منهنجو پيارو دوست محسن ۽ استاد هو. اها شمع ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ تي اُجهامي ويئي پر منهنجي دل ۽ دماغ ۾ انجي جوت اڃان تائين روشن آهي. تاج محمد ابڙو جي قابليت مطالع عمل جي صلاحيت مهمانوازي ۽ پيار هر وقت هر دور ۾ مقدر رهندي آئي آهي. ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي چوندو هو ته تاج محمد ابڙو بذات خود هڪڙي انجمن هو ان وٽ سياسي، ليڊرن روپوش ڪارڪنن ۽ اديبن جي هميشه امدرفت رهندي هئي سنڌ جي چوٽي جي سياست دانن ورڪرن ۽ اديبن جو مرڪز ڪامريڊ تاج محمد جي اوطاق هوندي هئي جيڪا سندس آفيس ۽ ميل ميلاپ، سياسي عمل ۽ گفتگو جو مرڪز به هئي جنهن جو سمورو خرچ تاج محمد ابڙو زاتي طور ڀريندو هو. مون ۱۹۵۲ع ۾ ايل ايل بي پاس ڪئي هئي ۽ حيدرآباد ۾ ديوان ڌرمداس مولچند هيراننداڻي سينئر وڪيل جي فورم ۾ جونيئر وڪيل طور شامل ٿيو هوس. ان وقت وڪيلن جي پيشي ۾ هڪ نئون نمونو شروع ٿيو هو. رجسٽريشن ۽ ڪسٽوڊين جا کاتا کوليا ويا هئا جتي گهڻو ڪري هندوستان مان لڏي آيل مسلمان آفيسر رکيا هئا جيڪي هتان سنڌ مان نه لڏي ويندڙ هندوئن کي تنگ ڪندا هئا جيڪو هندو لڏي ويا هئا تن تي به هتي سنڌ ۾ ڪو ڪيس نه هلي سگهندو هو پر هتي ويٺلن پاڪستان جي شهري ٿيلن کي به تنگ ڪندا هئا ته توهان لڏي ويا هئا وري آيا آهيو انهن جا ڪيئي ڪيس ديوان ڌرمداس وڪيل وٽ هئا. اهڙن ڪيسن ۾ هو مونکي لاڙڪاڻي ڪسٽوڊين جي ڪورٽ ۾ موڪليندو هو اتي ان دور ۾ لاڙڪاڻي جو ڀلوڙ وڪيل ڪٽپر صاحب هو جو مونکي پنهنجي اوطاق ۾ رهائيندو هو اها اوطاق سندس آفيس به هئي ۽ مهمانوازي ڪرڻ جي جڳهه به. لاڙڪاڻي ۾ وڪيلن جي آفيس جي خاص خصوصيت هوندي هئي ته اها آفيس به هئي، اوطاق به ۽ مهمانوازي ڪرڻ جي جڳهه به ائين هڪ آفيس اوطاق تاج محمد ابڙي صاحب جي به هئي اهو وڪيل جي اوطاق جو رواج اسان وٽ حيدرآباد، ڪراچي ۽ ميرپورخاص ۾ ڪين هو. ۱۹۷۲ع ڌاري جڏهن تاج محمد ابڙو صاحب سيشن جج مقرر ٿيو ته شايد پهرين نوڪري حيدرآباد کان شروع ڪيائين اسان وٽ ميرپورخاص بار روم ۾ اها ڳالهه هلي ته تاج محمد ابڙو صاحب وڏي شخصيت آهي اها نوڪري نه وٺڻ کپيس ها. تاج محمد ابڙو صاحب جي آفيس جيڪا اوطاق وانگيان هئي جيڪا سندس سموري مشغولين جو مرڪز هئي اتي سنڌ دوست وڪيل ڪيسن وارا اسير سياستدان ۽ سياسي ورڪر ۽ ڪامورا ۽ سندس لاڳاپيل شخص گڏبا هئا ڪچهريون ٿينديون هيون جنهن جو زڪر مختلف دوستن پنهنجي لکڻين ۾ ڪيو آهي اهو ڏيکاري ٿو ته لاڙڪاڻي جو وڪيل ۽ سياستدان باقي سنڌ جي شهرن جي وڪيلن کان مختلف ۽ الگ هو. تاج محمد ابڙو کي سندس ڪرم فرمائن زور ڏئي جج ٿيڻ تي مجبور ڪيو ۽ هو سڌو سيشن جج ٿيو پنهنجي پهرين مقرري جي دور ۾ هو حيدرآباد مان پنهنجي موٽر ۾ چڙهي مون وٽ ميرپورخاص آيو جو عمل هڪ سيشن جج لاءِ عام نه هو هو ته وڪيل جي گهر وڃي تاج محمد ابڙو جي اها خصوصيت هئي ۽ ان جي ذهن ۾ اهو ڊپ بنجيو ڪين هو ته ان جي هن عمل تي ڪو اعتراض ٿيندو هو سنگت ۽ دوستي ۽ ذاتي تعلق کي پروٽوڪول کان مٿانهون سمجهندو هو. سيشن جج تاج محمد ابڙو ساڳيو ئي ڪامريڊ دوست ۽ سياسي ساٿي هو. ايئن هو پنهنجي سڀني لاڳاپن ۽ دوستن سان تعلق قائم رکندو آيو انهيءَ ڳالهه کان انڪار ڪونهي تنهن جي انهي عمل تي ڪنهن به ڪا ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ جي همت نه ٿيندي هئي. جڏهن ڪو دوست ڪنهن غلط فهمي سبب ناراض ٿيندو هو ته انهيءَ کي پاڻ لنگهي وڃي پرچائيندو هو. ايتري غير معمولي زندگي جي تجربن کان پوءِ به هو حياتي کي سونهن ۽ سوڀيا جو ويس سمجهندو هو ڪنهن ماڻهو سان شڪايت نه هوندي هئي هو هر ماڻهو کي سونهن ۽ ديا وارو سمجهي پيار ڪندو هو. هن ڪڏهن به ڪنهن سان شڪايت نه ڪئي هن زاتي طرح ايمانداري سان گڏ سچائي، سبتازي، سپتائي ۽ سٺائي سان پنهنجي جيئڻ جي ڍنگ سان شامل ڪري پاڻ کي مثالي بنايو. منهنجو ساٿ سدائين سندس مشغولين سان رهيو. تاج محمد ابڙو سچو سوشلسٽ ۽ سنڌ پرست هو. هن جو ڪردار هڪ مثالي ڪردار هو. هن جي هڪ جج طور حيثيت به Up to the Mark هئي هن جا فيصلا انصاف جي معيار تي پورا لهندا هئا. تاج محمد جي ڪيل فيصلن جي ايپيليٽ ڪورٽن به سدائين قبوليت ڪئي ۽ ڪي به ريمارڪ نه ڏنا هئا هن جي انصاف ۽ عدل ۾ يقينن ساراهه جوڳو آهي. اسانجو دوست تاج محمد ابڙو هڪ سخي مرد، وطن دوست اوطاق هلائيندڙ مهمانواز، پڙهڻ لکڻ ۽ ڪتابن جي شوقين، قلم جي اهميت سمجهڻ وارو، روشن خيال پڙهيو لکيو وڪيل ۽ هڪ انصاف پسند جج هو. (ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۰ مارچ ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)